• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اسلام جي پکيڙ، مُحمد بن قاسم جي آمد ۽سنڌ جو باب الاسلام بڻجڻ ۽ اڄ تاريخ جي روشنيءَ ۾.

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ Sindhi Media
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

Sindhi Media

سينيئر رڪن
اسلام جي پکيڙ، مُحمد بن قاسم جي آمد ۽سنڌ جو باب الاسلام بڻجڻ ۽ اڄ تاريخ جي روشنيءَ ۾.
تحرير ۽ تحقيق: عبدالرزاق ميمڻ

10478165_10203971928159362_4279589201679810011_n.jpg

مُحمد صلعم جن جي زندگي جو پورو نمونون (569ع کان 632ع) تائين هن دُنيا ۾ انسانن ۽ جنن لا عملي زندگي جو هڪ کُليو ڪتاب آهي۔ جنهن جا حوالا حديثن ۾ ملن ٿا۔

610ع ۾ قرآن جو پڙاڏو هڪ کان گهٽ صدي جي وقت ۾ (بحر اوقيانوس) کان (وچ ايشيا) تائين پُهتو۔ ۽ مُحمد صلي الله عليه وسلم جن جي وفات (632ع )کان محض هڪ سئو سال پو ۽ (732ع ڌاري) اسلام فرانس جي شهر(تُوري) جي حدن تائين پُهچي چُڪو هو۔

سال 632ع ۾ حضرت ابوبڪر رضه سان خلافت راشديه جي شروعات ٿي۔ پاڻ (حروب الرده) کان پو (سلطنت ساسانيه) ۽ (سلطنت بازنطيني) طرف پيشقدميون جاري رکيون.

۽ سال 634ع ۾حضرت ابوبڪر صديق رضه جي وفات کان پو حضرت عمر رضي جن کي خلافت راشديه جو ٻيو خليفو چونڊيو ويو۔ حضرت عمر رضيه (ساسانين) کان عراق (بين النهرين)، ايران جي علائقن ۽ (روميو کان مصر)، فلسطين، سوريا ۽ آرمينا جا علائقا فتح ڪري اسلامي خلافت ۾ داخل ڪيا ۽ عملي طور تي انهن ٻنهين وڏين سلطنتن جو خاتمون آندو۔ ۽ پوءِ 638ع ۾ ۾مسلمان (بيت المقدس) ۾ داخل ٿي چُڪا هُئا۔ 644ع ۾ (ابولولو فيروز) جي خنجر سان حضرت عمر رضيه جي شهادت کان پو حضرت عثمان رضيه مُسلمانن جو ٽيون خليفو چُونڊيا ويا۔

حضرت عثمان رضيه (644ع کان 656ع) جي قيادت ۾ مُسلمانن سال 652ع تائين اسلامي خلافت مغرب جي حدن (جزيره الاندلس) ۾ پُهچي چُڪيون هُيون ۽ سال 656ع ۾ حضرت عثمان رضيه جن کي به شهيد ڪيو ويو.

۽ پو حضرت علي رضيه (656ع کان 661ع)جن کي مُسلمانن جو چوٿون خليفو چونڊيو ويو۔

حضرت عثمان رضه جي شهادت تي اسلامي خلافت جا ماڻهو سخت ناراض ٿي پيا ۽ انهُن خلافت راشديه جي چوٿين ۽ آخري خليفي حضرت علي رضيه جن تي گهڻو زور بار وڌو ته حضرت عثمان غني رضه جي قاتلن کي هڪدم پڪڙي سزا ڏني وڃي۔ جنهن ۾ ناڪامي سبب اُمت مُسلم کي هڪ وڏو ڌچڪو سال 656ع جي آخر ۾ (جنگ جمل) جي صورت ۾ پيو۔ پو دمشق جي حاڪم (امير معاويه) حضرت علي جي بيعت جو انڪار ڪندي حضرت عثمان جي قصاص جو مطالبو ڪيو ۽ نتيجي ۾ سال 657ع ۾ (جنگ صفين) جو واقعو پيش آيو۔ جنهن ۾ حضرت علي رضه جن کي فتح حاصل نه ٿي سگهي.

۽ سال 660ع ۾ معاويه جي حاڪميت مصر، حجاز ۽ يمن جي علائقن تي قائم رهي۔ پو سال 661ع ۾ عبدالرحمان بن ملجم جي هڪ تلواري حملي سان حضرت علي رضيه جي شهادت ٿي وئي۔

بل آخر سال 661ع ۾ (خلافت بنو اُميه) جو وجود پيو ۽ ان جي وفات کان پو سال 679ع ۾ سندس پُٽ (يزيد) حڪومت ۾ ويٺو۔
حُسين رضه جن کي 680ع ۾ ڪربلا جي ميدان تي شهيد ڪيو ويو۔

سال 710ع ۾ بنو اُميه کي ٻه فتحيون حاصل ٿيون۔
1. هڪ فتح سنڌ (مُحمد بن قاسم) ۽
2. ٻي 711ع ۾ اُندلس جي (طارق بن زياد) جي وسيلي۔

سال 699ع ۾ فقهي امام حضرت ابو حنيفه رحه جن جي پئدائش ٿي هُئي ۽ فقهي امام (حضرت امام مالڪ رحه) جن 711ع ۾ پئدا ٿيا هُئا۔ حالانڪه اندلس جي فتح کان پو سال 650ع تائين (عباسي خلافت ) جي قيام دوران (بنو اُميه خلافت) تقريبن ختم ٿي چُڪي هئي پر بنو اُميه جو هڪ شهزادو (عبدالرحمان الداخل) فرار ٿي 756ع ۾ اُندلس وڃي پُهتو ۽ هُن اُتي (خلافت قرطبه) جو بُنياد وڌو۔ ائين بنو اُميه جي خلافت 1031ع تائين قائم رهي۔

هڪ طرف (عباسي خلافت) ۾ ڪاغذي صنعت ۽ 762ع ۾ بغداد جي (بيت الحڪمه) جهڙا شاهڪار ڏسڻ ۾آيا ته ٻي طرف بچيل (خلافت اُميه) ۾ (جامع مسجد قرطبه) جهڙيون عمارتون تعمير ٿيون۔

سال 767ع ۾ فقهي امام حضرت امام شافعي رحه جن جي ولادت ٿي ته سال 780ع ۾ فقهي امام حضرت حنبل رضيه جن جي ولادت ٿي۔

حضرت عثمان رضيه جي شهادت وقت مُسلمانن ۾ هڪ پهريون فرقو پئدا ٿيو هو۔ جيڪو حضرت علي رضيه جي حامي هو جيڪو پو هلي (شيعان علي) نالي سان سڃاتو ويو۔ سن 1285ع ۾ انهن ئي شيعا فرقي جي حمايت سان ۽ هلاڪو خان جي بغداد تي حملي ڪرڻ سان (خلافت عباسيه) جو آخري خليفو (معتصم با الله) کي غاليچي ۾ ويڙهي مٿان گهوڙا ڊوڙائي ماريو ويو ۽ خليفتُ المسلمين ۽ امير المومنين جي ڌيئرن کي منگوليا ۽ چنگيز خان جي پوٽن مونڪو خان جي حرم ۾ موڪليو ويو۔ مصلحت کان ڪم وٺندي پو هلاڪو خان اهم شيعا عبادت خانن تي پنهنجي سپاهين کان نقصان پُهچڻ جي انديشن ڪري پهريدار مقرر ڪري ڇڏيا هُئا ۽ ائين خلافت عباسي جو به خاتمو ٿيو۔

اهو عباسي عهد ئي هو اسلامي تاريخ جيڪا سال 700ع کان شروع ٿي (اسلامي عهد زرين) سمجهيو وڃي ٿو ۽ مُسلمان سائنسدانن جا عظيم ڪتاب انهي زماني ۾ تخليق ٿيا هُوا ۽ انهي زماني ۾ ان مقسُ کي (دجلا) جو پاڻي ڪاري ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويو۔

چوڻ لا ته 1924ع تائين گهلجي ايندڙ خلافت لغوي معنائن ۾ (632ع کان 1258ع) تائين قائم سمجهي سگهجي ٿي۔ جڏنهن ته حقيقت ۾ ان جو عملي طور خاتمون 945ع ۾ (بنون بويا) جي هٿان ٿي چڪو هو۔

هوڏانهن ايران ۾ سامانيا (819ع کان 999ع تائين) وارن ۽ ايران جي گهڻن ئي حصن سميت (ماروا النهر) ۽ هاڻوڪي هندستان جي علائقن تي ڦهليل غزنوي سلطنت ( 963ع کان 1187ع تائين) وارا، عباسي خلافت کي ڏيک طور نالي ماتر ئي نمائندگي ڏيندا هُئا۔

فاطمين (909ع کان 1171ع تائين)، تيونس ۾ عباسي خلافت کي غاصب قرار ڏئي پنهنجي هڪ جُدا خلافت (920ع) جي دعوى ڪري چُڪا هُئا۔ ۽ اسپين ۾ عبدالرحمان سوم(928ع) پاڻ لاِ خليفي جو لقب استعمال ڪري رهيو هو۔ هي اهڙو وقت هو جو هڪ ئي وقت ۾ دُنيا ۾ ٽي وڏيون خلافتون موجود هُيون۔ هر طرف کان خلافا بازي پنهنجي زورن تي هُئي، هي هڪ ئي وقت موجود خلافتون
1. (خلافت عباسيه)،
2. (خلافت فاطميه)،
3. (خلافته قرطبه ( اندلس اُميه) جون هُيون۔

سال 1169ع ۾، (نورالدين زنگي) شير ڪوهه جي ذريعي مصر پنهنجي تسلط ۾ وٺي خلافت فاطميه جو خاتمو آندو.

۽ پو صلاح الدين ايوبي (1138ع کان 1193ع) سال 1174ع ۾ (ايوبي سلطنت) جو بُنياد وڌو۔ ۽ 1878ع ۾عيسائين جي قائم ڪيل (مملڪت بيت المقدس) کان بيت المقدس کي آزاد ڪرايو۔ پو 1342ع ۾ ايوبي سلطنت جي خاتمي ۽ مُلڪن (1250ع کان 1517ع تائين) حڪومت جي قيامن کان پهرئين ان سلطنت م هڪ عورت سُلطانه شجر الدار (1249ع کان 1250ع) به ستين صليبي جنگن جي دوران قيادت ڪئي۔

سال 1258ع ۾چنگيز خان جي پوٽي کان پاڻ بچائيندڙ عباسين، مصر ۾ مملوڪن جي سلطنت (1250ع کان 1517ع) ۾ خليفي جو لقب اختيار ڪري عباسي (فرار ٿيڻ وارا) خلافت کي مملوڪين جي عثمانين جي سليم اول (پهريون) جي هٿان شڪست کاڻ تائين (1517ع) نالي ۽ ڏيک تحت قائم رکيو ۽ پو سليم اول آخري مصري عباسي خليفي (محمد المتوڪل ثاني) (1509ع کان 1517ع تائين، کان پو خليفي جو لقب پاڻ لاِ حاصل ڪري ورتو۔

هاشم ثاني کان پو خلافت قرطبه (756ع کان 1031ع) ختم ٿي وئي ۽ الاندلس، ننڍين ننڍين رياستن ۾ ورهائجي ويو۔ دولت مرابطين جي يوسف بن تاشفين 1094ع ۾ ان کي وري مُتحد ڪيو پر اُن کان پو دولت موحدون آئي ۽ معرڪه العقاب (1212ع) ۾ انهن جي شڪست کان پو ٻيهر اندلس جو شيرازو بکرجي ويو۔ ۽ 1492ع ۾ ابو عبدالله ، اندلس کي عيسائين جي حوالي ڪري مراڪش اچي ويو۔

هوڏانهن مشرق طرف مملوڪن کان سلطنت غزنويه (986ع 1186ع) ۽ سلطنت غوريه (1148ع کان 1215ع) خلافت کي طوائف بنائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو ان کان پو خلجي خاندان ۽ تغلق خاندان آيا ۽ 1526ع ۾ سلطنت دهلي سلطنت مغليه بڻجي وئي۔

جاگرافي اعتبار سان عيسايت ۽ يهوديت وانگر اسلام به انهن ئي علائقن مان دُنيا ۾ آيو جنهن کي اسان مشرقي وسطى جي نالي سان سُڃاڻون ٿا۔
 
10478165_10203971928159362_4279589201679810011_n.jpg

۽ پو صلاح الدين ايوبي (1138ع کان 1193ع) سال 1174ع ۾ (ايوبي سلطنت) جو بُنياد وڌو۔ ۽ 1878ع ۾عيسائين جي قائم ڪيل (مملڪت بيت المقدس) کان بيت المقدس کي آزاد ڪرايو۔ پو 1342ع ۾ ايوبي سلطنت جي خاتمي ۽ مُلڪن (1250ع کان 1517ع تائين) حڪومت جي قيامن کان پهرئين ان سلطنت م هڪ عورت سُلطانه شجر الدار (1249ع کان 1250ع) به ستين صليبي جنگن جي دوران قيادت ڪئي۔
هن جملن ۾ سن ۽ تاريخ جو تضاد آهي ، درست ڪرڻ فرمائيندا
 
The 27th Historical Travel of Sindh
(Research Leaf by: Engr. Abdul Razzaque Memon)
سنڌ جا تاريخي دئورتحرير ۽ تحقيق : عبدالرزاق ميمڻ

وادي مهراڻ يا انڊس ويلي جو نالو سنڌ ڇو پيو هتي اسان ان جي اڀياس ڪنداسون. سولي سمجهاڻي هن ريت آهي ته جهڙي طرح گيتن جي صفت کي وڌائڻ لا اسان گرامر جو استعمال ڪري اُن ۾ (س) لفظ جو اظافو ڪندا آهيون يعني ان لحاظ سان اُن ۾ صفت (س) جو واڌا ڪري سنگيت (يعني ڀلوڙ گيت) چئجڻ لڳو ساڳي ريت دُنيا جي بهترين هنڌ (رهڻ جي جا) سنڌ ۾ (ه) کي سالينٽ ڪري (س) جي صفت ڏئي اسان هنڌ (رهڻ جي ڀلوڙ جا) ڪرڻ لاِ سنڌ چيو. مطلب ته سنڌ رهڻ جو اُهو ڀلوڙ ماڳ آهي جتي دُنيا جون قومون اچي آرام پسند ٿينديون آهن جيئن دُنيا جا پکي موسمن جي تبديلي ڪري طويل سفر ڪري سنڌ جي جهيلن ۾ اچي پناهه و:ندا آهن.اسان اڳتي هلي پو سنڌ جي هر دئور تي ريسرچ ڪري اُن جي اڀياس ڪنداسون ۽ ان کان پهرئي هتي صرف اهو سمجهائڻ لا آهي ته سنڌ سڳوري ڪيترن دئورن مان گُذري باب الاسلام بڻي هُئي.

ا. تاريخ سنڌ جو ظاهر (پهريون دئور) عيسى عليه الصلوات وسلام جي ڄم کان پهرئين (بفور ڪرائيسٽ) جي نالي سان جُڙي ٿو ۽ سنڌ جي بُنيادي دئور جي نشاندهي هي وقت ڪري ٿو، جيڪو حضرت عيسي عليه صلوات و سلام کان پهرئين جو هو يعني 3500 بي. سي (بفور دي ڪرائيسٽ) کان 7000 بي سي تائين. (دي اوريجنل انهيبيٽيٽس آف سنڌ)

2. تاريخ جو (ٻيو دئور) انڊس سولائيزيشن جو دئور سڏجي ٿو جيڪو 1000 بي. سي کان 3500 بي. سي جو آهي.

3. تاريخ سنڌ جو (ٽيون دئور) 850 بي سي کان 1050 بي سي جو آهي ۽ هي دئور (ايڊوينٽس آف آريانس جو دئور سڏبو آهي.

4. سنڌ تاريخ جو (چوٿون دئور) (ايپڪ ايجس آف رامائين مهابهارتيا) جو هو.

5. سنڌ تاريخ جو (پنجون دئور) فارين ۽ ٻين قومن جون سنڌ تي ڪاهون جو هو جيڪو شروع ٿيو هو 519 بي سي کان.

6. سنڌ تاريخ جو (ڇهون دئور) هو (جين ۽ بُدهسٽ پيريڊ) جو.

7. سنڌ تاريخ جو (ستون دئور) هو جڏنهن اليگزينڊر سنڌ تي ڪاهه ڪئي هُئي ۽ اهو دئور شروع ٿيو هو 324 بي سي کان 329 بي سي تائين.

8. تاريخ سنڌ جو (اٺون دئور) شروع ٿيو هو 187 بي سي کان 324 بي سي تائين ۽ هي دئور سڏجي ٿو (موريا ڊائنسٽي ۽ سنڌ) جي حوالي سان

9. تاريخ سنڌ جو (نائون دئور) ۽ عيسى عليه الصلوات وسلام جي وفات کان پو جو هي پهريون دئور اي ڊي ( آفٽر ڊيٿ آف دي ڪرائيسٽ) سڏجي ٿو ۽ اهو دئور هو جڏنهن دُنيا جي مُختلف قبيلن جي سنڌ (بلوڙ رهڻ جي جڳه) ۾ آمد شروع ٿي وئي هُئي ۽ هن دئور جي شروعات حضرت عيسى عليه الصلوات وسلام جي وفات (عيسوي سن) سال کان پو ٿي ۽ هي دئور شروع ٿيو هو 127 اي ڊي کان 283 اي ڊي تائين.

10. سنڌ جي تاريخ جو (ڏهون دئور) 641 اي ڊي کان 712 اي ڊي جو هو جنهن کي (برهمڻ ڊائنسٽي) سڏيو وڃي ٿو.

11. ان کان پو جو (يارهون دئور )، (ڪنگ ڏاهر جو دئور) مشهور ٿيو هو.

12. عربن جي آمد سنڌ ۾ جو (ٻارهون دئور) آهي (ڪنگ ڏاهر جي (يارهين دئور) کان پو شروع ٿي هُئي ۽ هي دئور شروع ٿيو هو 711ع کان 714ع ۾ جنهن کان پو سنڌ باب الاسلام بڻي هُئي ۽ اها آمد عرب مُسلمانن جي سنڌ ۾ ڪيئن ٿي اهو اسان پنهنجي آرٽيڪل ۽ ريسرچ پيپر ۾ هن سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام ۽ فيس بوڪ تي ٻُڌائي چُڪا آهيون (وڌيڪ تفصيل ميمن ڊاٽ ڪام تان پڙهي سگهجن ٿا) ته هندن جو مُسلمان ٿي ميمڻ ۽ شيخ بڻجڻ ۽ سنڌ جو باب الاسلام غير فرقي ۽ سچي تاريخي ۽ وقت جي ثبوتن تحت هتان ئي باب الاسلام بڻجي اسلام کي پوري دُنيا ۾ وڌيڪ ڦهلائڻ جو هو ۽ اتان ئي سنڌ جي ماڻهن جي مڪي شريف ۽ مديني شريف ڏانهن مرڪزيت رهي ۽ سنڌ مان لڏ پلاڻ ٿي مڪي ۽ مديني ۾ رهائش رهي.

13. ان کان پو جو(تيرهون دئور) ٻُڌائي ٿو ته سنڌ ۾ ڪهڙيون ۽ ڇو تبديليون آيون هيون ۽ اهو دئور (رزلٽ آف عرب انويشن آن سنڌ) جي نالي سان مشهور آهي.

14. ان کان پو سنڌ جو اهو اهم تاريخي سفر (چوڏهين دئور ) ۾ شروع ٿئي ٿو ۽ ان دئور کي (عرب گورنرس ان سنڌ) جي دئور سان سڏيو وڃي ٿو جيڪو 715ع کان 845ع تائين رهيو هو.

15. عيسوي سالن ۾ سنڌ جو تارخي سفر (پنڌرهين دئور ) ۾ داخل ٿي سنڌ ۾ آزاد رياستن جي قيام جي نالي سان (ان ڊپينڊنٽس اسٽيٽس ان سنڌ) جي نالي سان شروع ٿيو ۽ هي دئور پنهنجي تارخي وقت موجب 835ع کان شروع ٿي 845ع تائين پُڄي ٿو.

16. سنڌ جي تاريخ جو سفر رُڪجي نٿو پر اڃا اڳتي وڌي ٿو (سورهين دئور) ۾ داخل ٿئي ٿو۽ اهو دئور محمود غزنوي جو دئور دهلي ايمائرس جو دئور هو.
نوٽ : هتي هڪ ڳالهه ياد ڪرائيندو هلان ته سنڌ صرف اُها ناهي جيڪا اڄ جي تاريخي نقشي تي سڪڙجيل ڏيکاري وڃي ٿي جنهن کي اسان جا ڪي دوست ڪراچي کان ڪارونجهر تائين وغيره سڏين پيا .
جيئن ته چيل آهي ته سنڌ جنهنجي لغوي معنى آهي (ڀلوڙ رهڻ جي جڳهه) جيڪا اوريجنل پراڻي يوناني زباني لفظ ۾ (انڊوس) ۽ جديد يوناني زبان ۾ (انڊس) جنهن مان (انڊيا) نڪتو ۽ سنسڪرت زبان ۾ هندس (جنهن مان هندستان بڻيو به آهي. اهو سمورو هنڌ پو تبت هُجي، ڪشمير هُجي سموري سنڌ هُئي يعني دريا سنڌ (انڊس رور) جي ٻنهين ڪنارن تي ايگريڪلچر ڪري گُزر سفر ڪرڻ واريون رهندڙ قومون با اوريجن سنڌي (يعني انڊش سولائيزيشن جا باشندا) ۽ اُهي ماڳ مهراڻ يا سنڌ (ڀلوڙ رهڻ جي جا) هُيون.

17. سنڌ جو هي تاريخي سفر اڃا گهٽ ناهي ٿيو ۽ ان کان پو جيڪو (سترهون دئو)ر آيو هو تاريخ اُن کي (سومرا ڊينسٽي) جي نالي سان ياد ڪري ٿي ۽ هي دئور 1010ع کان 1440ع تائين جو هو.

18. سنڌ جي تاريخ جو سفر هاڻ (ارڙهين دئور) ۾ داخل ٿي(سمان ڊئنسٽي )جي نالي سان مشهور آهي ۽ هن دئور جي تاريخ 1351ع کان 1519ع جي آهي.

19. سنڌ تهذيب ۽ تاريخ جو اوڻيهون دئور (ارگون ڊائنسٽي) سڏيو ۽ هي وقت هو 1524ع کان 1554ع تائين جو.

19. سنڌ پنهنجي سفر جي اوڻيئن دئور ۾ جڏنهن داخل ٿي هُئي ته اهو دئور (تُرخان ڊائنسٽي) سڏيو ۽ هن جو وقت هو 1554ع کان 1591ع تائين جو.

20. سنڌ جڏنهن پنهنجي تاريخي سفر ۾ (ويهين دئور) ۾ داخل ٿي هُئي ته اهو دئور مغل گورنرس جو دئور هو (پيريڊ آف مُغل گورنرس ان سنڌ) ۽ هي تاريخ وقت هو 1591ع کان 1738ع تائين جو.

21. هن دئور کان پو سنڌ وري پنهنجي تاريخي سفر سان (ايڪيهين دئور) ۾ داخل ٿي وئي هُئي ۽ هن دئور کي (ڪلهوڙا ڊائنسٽي) سڏجي ۽ هن دئور جو وقت هو 1700ع کان 1784ع جو.

22. جنهن کان پو سنڌ جي (ٻاويهون دئور) جو تاريخي سفر شروع ٿيو هو جيڪو (ٽالپر ڊائنسٽي) ۽ وقت سفر هو 1783ع کان 1843ع تائين جو.

23. سنڌ ان کان پو پنهنجي تاريخي سفر جي (ٽيويهين دئور) ۾ داخل ٿي هُئ، (هن دئور کي ڪلهوڙا ۽ ٽالپور دئور جي ميلاپ تحت عام ماڻهن جو دئور يعني (لائيف آف ڪامن پيپل ڊيورنگ ڪلهوڙا ۽ ٽالپور) سڏيو وڃي ٿو .

24. انهن ٽيويهن دئورن مان گُذري تاريخي سفر ڪندي سنڌ (ڀلوڙ رهڻ جي جڳهه) پنهنجي (چوويهين دئور) ۾ داخل ٿي ته هن دئور کي اڄ ڪلهه شاهه سچل ۽ سامي دئور ۾ داخل ٿيڻ چئجي ٿو.

25. هن سفر کان پو ئي سنڌي هُندن ۽ مُسلمانن جو دئور (تاريخي پنجويهين سفر) شروع ٿيو هو جنهن کي (سنڌي هندوز) جي دئور سان ياد ڪجي ٿو.

26. پنجويهه تاريخي سفر ڪري ۽ هندوز دئور کان پو سنڌ پنهنجو تاريخي سفر شروع (ڇويهين دئور ) ڪندي برٽش تسلط هيٺ اچي پنهنجي ڇويهين سفر ۾ داخل ٿي جيڪو (برٽش پيريڊ ان سنڌ) جي نالي سان سڏجي ۽ وقت هو 1843ع کان 1947ع جو.

27. هن وقت سنڌ پنهنجي ستاويهين تاريخي سفر ۾ آهي ۽ خبر ناهي ته سنڌ جو ايندڙ نسل اڃا ڪيترا سنڌ جا تاريخي سفر ڪندو ۽ هن وقت جنهن سفر ۾ سنڌ آهي پنجابي تسلط جو دئور سڏجي جنهن کي (پنجابي اسٽيبلشمينٽ ۽ بيوروڪريسي) جو دئور چئجي ٿو.

نوٽ: ته اُهي دوست جيڪي پنهنجون ٻُڌل ۽ غير تاريخي مذهبي رُجهان ۽ وقت جو ڪٿائون پنهنجي ماحول تحت بيان پيا ڪن ۽ زبردستي بغير حوالن سان سنڌ تي ٿوپڻ چاهين ٿا ۽ ڪوڙي تاريخون ۽ وقت ، مقام ۽ مذهبي عقيدا ٺاهڻ وارن ۽ ٻُڌائڻ وارن تي لازم آهي ته هو ان جو تاريخي سفرن سان لاڳاپو ڪري پيش ڪن ۽ مڪمل تفصيل ۽ حوالا بيان ڪن ته هڪ سچي ۽ بهترين۽ مڪمل سنڌ جي تاريخ جوڙي ايندڙ نسل جي حوالي ڪري ڪجي.
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:

هن جي جواب ۾ اسان سمجهون ٿا:
ڪنهن به مُسلمان طرفان مُسلم ٿي ڪري ڪنهن مُسلمان حاڪم تي ايڏيون تُهمتون بغير ڪنهن ثبوت ۽ حوالن سان لڳائڻ بيواجبي آهي. ڪو هندو چوي ته سندس پيڙه سمجهي سگهي ٿي. هي دئور ته هو جو سنڌ جو هندو مُسلمان ٿيو ۽ سنڌ باب الاسلام بڻي ۽ توهان ۽ اسانجا جا ابا ڏاڏا مُسلمان ٿيا ۽ ان ڪري به ان ڪري ئي پاڻ به مُسلمان اهيون. ته پهرئين اهو سوچيو ته ڇا اسانکي مُسلمان ٿيڻ تي افسوس اهي؟ هنيڳالهه جيڪا لکي اٿو ان جا حوالا ڏيو يا ائين بس هڻي ڇڏڻ کان پرهيز ڪريو. باقي رهي سپهه سالار ابن قاسم جي ته پاڻ ئي وقت ماپيو ته هن سنڌ تي ڪڏنهن ڪاهه ڪئي ڪٿان شروع ٿيو ۽ ڪيستائين پُهتو ۽ ان ۾ ڪيترو وقت ڪٿي ڪٿي لڳو هو ۽ ڪيستائين مسلسل جنگ ۾ رهيو جڏنهن مس مُلتان تائين پُهچي کيس گهرايو ويو ۽ پوءِ قتل ڪيو ويو. ان وچ ۾ ڪهڙيون مايون بغداد پُهچايون ويون هُيون ۽ ڪيئن. جڏنهن دڙا ڌڙ ۽ ونگار ۾ ڪم ڪندڙ راجا ڏاهر جي ظلم جي چڪين ۾ پيڙهيل هندن اسلام پئي قبول ڪيو. جنهن ۾ ميمڻ ۽ شيخ سر فهرست آهن ۽ اهي ئي واڻين سان اصل سنڌ جا مُسلم باشندا به آهن. باقي ته سنڌ تي ٿي حملي ڪندڙن سان گڏ آيا هُئا ۽ سنڌ ۾ پناهگير ٿي رهيا ۽ مرج ٿي ويا. سيال صاحب سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي وڃو، ميمبر شپ حاصل ڪريو ۽ الاهي بهترين آرٽيڪل بشمول توهانجي سوچ ۽ اسانجي سوچ جا ملندا پڙهو، ڇيد ڪريو ۽ جيڪو سچ هُجي پاڻ سمجهو ۽ پرکو، ڇو جو هاڻ دُنيا پاڻ هڪ کُليل ميڊيم اهي. ۽ اڄ ڪلهه اهي غريب ڪاروباري واڻيا، ميمڻ ۽شيخ ، ظلم ۽ ستم سبب لڏ پلاڻ ۾ به.
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
Back
Top