• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پشاور ۾ دهشتگردن جو آرمي پبلڪ اسڪول تي حملو 142 شاگرد شهيد

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
jblXQC95xretNo.png

پشاور ۾ وارسڪ روڊ تي واقع آرمي پبلڪ اسڪول تي دهشتگردن حملو ڪيو آهي جنهن ۾ 134 شاگردن سميت 142 ماڻهو شهيد ٿي ويا آهن. 6 دهشتگرد به ماريا ويا آهن. 150 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي آهن جنهن ۾ وڏو تعداد شاگردن جو آهي.

تحريڪ طالبان فضل الله گروپ هن حملي جي ذميواري قبولي آهي.
 
هي سين نه ڏيندي چين ..... ۽ اڄوڪي واقعي جنهن ۾ 100 کان وڌيڪ مکڙين جهڙا ٻار مرجهائجي ويا آهن ۽ اتان جي ڏيکاريل سين سچ ته چين کسي ورتو آهي. ڏک ته اڳ ئي هيو جو سنڌ ۾ نوجوانن جا تشدد ڪيل چچريل لاش ملي رهيا هيا ... پر جڏهن 100 کان وڌيڪ گلڙن جهڙن معصوم ٻارن جون لاشون ڏسجن ته هنيانءَ ڦاٽي ٿو پوي ....

ڪٿي آهي انسانيت ... ڇا هي به انسان آهن جن اهو عمل ڪيو آهي؟ .... هاء ڙي انسان تون ايترو ظالم ۽ سفاڪ به آهين ... !!!! اهڙي عمل تي توکي اشرف المخلوقات سڏيندي شرمساري پيو محسوس ڪيان.
 
ان حملي جي ذميواري طالبان قبول ڪري ورتي آهي ،هي طالبان سمجهن ٿا ته معصوم ٻار ماري جنت خريد ڪندا پر بيوقوف اهو نه ٿا ڄاڻين ته اهي جنت جا گل ڪٽي خدا سان وير ڪري رهيا آهن ، وڏي افسوس جي ڳاله ، جيتري روئجي ، جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي ، الله جي ڪا لعنت پوين انهن طالبانن تي........
 
دوستو اڄ منهنجا لفظ منهنجو ساٿ ڇڏي ويا آهن الائي ڇو اڄ صرف دل غمگين آهي پر زبان ان غم جي بيان کان قاصر آهي اڄ جڏهن مان ٽيليويزن جي اسڪرين تي پشاور ۾ گلن جهڙن معصوم ٻارن جا گولين ۾ پروڙ لاش ڏسي رهيو آهيان ته مون کي يزيد ۽ ابن زياد جو ظلم ياد اچي رهيو آهي گلن جهڙا معصوم ٻار ۽ انهن جي مٿان هنجون هاريندڙ مائون پيئر الله اڪبر جوان اولاد جي مٿان پوڙهيون مائرون اڄ روئي رهيون آهن پشاور ۾ اڄ ڪربلا برپا ڪئي وئي آهي
۽ ٻئي طرف وڏي فخر سان تحريڪ طالبان وارا ان واقعي جي ذميواري قبول ڪري رهيا آهن وڏيون ڏاڙهيون رکيل اهي درندا پنهنجو پاڻ کي اسلام جو ٺيڪيدار سڏائي رهيا آهن توهان اسلام جا ٺيڪيدار ته ڪو نه آهيو پر توهان مسلمان ڇا انسان چورائڻ جي لائق به ڪو نه آهيو توهان فرعون آهيو بلڪه ان کان به بدتر آهيو
توهان هن ملڪ جي تعليم جا دشمن آهيو توهان هن ملڪ جي معصوم ماڻهن جا قاتل آهيو شايد اسان دنيا جا سڀ کان وڌيڪ بدنصيب ماڻهون آهيون جو اسان جي ملڪ ۾ اهڙا ويڌن پيا ٿين
 
الائجي اِھي ڪھڙو اسلام آڻڻ ٿا چاھين؟ اسلام ته انسانيت جو سبق ڏنو آھي ھي ته رھزن آھن جو معصوم انسانن جو بيدردي سان قتلام ڪري رھيا آھن.
 
(سورة القصص آيت نمبر 41)


28_41.png

ترجمو: ۽ اسان هنن (ظالمن) کي اهڙو ليڊر بنايو جو (ماڻهن کي) دوزخ جي طرف سڏيندا هئا (يعني ماڻهن کي غلط طريقي تي هلائي دوزخ لاءِ تيار ڪندا هئا) پر قيامت جي ڏينهن (سخت عذاب ۾ پوندا ۽) هنن کي ڪابه مدد ڪانه ملندي.
(ترجمو: علامه علي خان ابڙو)​

jbcOkGuYormyWZ.jpg
 
عوامي آواز جي خبر

پشاور (م ڊ) دهشت گردن آرمي پبلڪ اسڪول تي حملو ڪري 132 شاگردن سميت 141 ڄڻن کي موت جي ننڊ سمهاري ڇڏيو. 245 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي پڻ ٿي پيا. سڄي ملڪ ۾ 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو ويو آهي. دهشت گردن جي تحريڪ طالبان حملي جي ذميواري قبول ڪري ورتي. خيبر پختون خواهه ۾ اسڪول ٽن ڏينهن لاءِ بند ڪيا ويا آهن. حملو ڪندڙن الله اڪبر جا نعرا هڻي معصوم ٻارڙن کان حياتيون کسي ورتيون. مليل اطلاعن مطابق ڪالهه خيبر پختون خواهه صوبي جي گادي واري شهر پشاور ۾ فوجي ڇانوڻي جي حدن ۾ واقع آرمي پبلڪ اسڪول ويجهو روڊ تي پنهنجي گاڏي کي باهه ڏئي 6 دهشت گرد ستن ڪمانڊوز کي فائرنگ ڪري زخمي ڪرڻ کانپوءِ اسڪول اندر داخل ٿي ويا. حملو ڪندڙن اسڪول ۾ داخل ٿيندي ئي بم اڇلائي ڌماڪا ڪيا، هو ڪلاسن ۾ داخل ٿي ويا ۽ فائرنگ شروع ڪري ڏني. هڪ هال ۾ ميٽرڪ جي شاگردن جي فرسٽ ايڊ جي ٽريننگ تقريب جاري هئي، جنهن جو خاص مهمان جي او سي هو. جڏهن ته ان مٿان ڪلاس ۾ انٽر وارن جو پرچو هلي رهيو هو. دهشت گردن هال ۾ داخل ٿيندي ئي شاگردن تي سڌيون گوليون هلايون. جنهن ۾ ڪيترا ئي شاگرد ٿڏي تي شهيد ٿي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. دهشت گردن جي ٻي ٽولي مٿي انٽر جي امتحاني هال ۾ داخل ٿي فائرنگ ڪئي، جڏهن ته دهشت گردن ڪلاسن ۾ گهڙي شاگردن کي گولين جو شڪار ڪيو ۽ بئنچن هيٺان لڪل شاگردن کي پڻ گوليون هنيون. اطلاع ملڻ تي فوج جا ڪمانڊوز ۽ سوين اهلڪار پهچي ويا. جن آڊيٽوريم هال ۽ ڪلاسن جو گهيرو ڪري 9 سئو کان وڌيڪ شاگردن کي ٻاهر ڪڍيو. ايمبولينسن ذريعي لاش ۽ زخمي سي ايم ايڇ ۽ ليڊي ريڊنگ اسپتال پهچايا ويا. اسپتالون لاشن ۽ زخمين سان ڀرجي ويون. فورسز ۽ دهشت گردن ۾ صبح جو ساڍي 10 وڳي شروع ٿيل مقابلو شام تائين جاري رهيو ۽ رات جو اٺين وڳي فوج علائقي کي ڪليئر قرار ڏنو ۽ سمورن دهشت گردن کي مارڻ بابت آگاهي ڏني. اطلاع ملڻ تي شاگردن جا وارث اسڪول ٻاهران پهچي ويا ۽ پنهنجن پيارن کي ڳوليندا رهيا. سيڪيورٽي فورسز علائقي جو گهيرو ڪري ورتو، جڏهن ته ميڊيا جا نمائندا پڻ پهتا. جن لائيو ڪوريج ڏني. ليڊي ريڊنگ اسپتال ۾ وارث ٻارڙن کي ڳوليندا رهيا. خيبر پختون خواهه حڪومت جا وزير ۽ وڏو وزير اسپتال پهتا. جن امدادي ڪمن جي نگراني ڪئي. ليڊي ريڊنگ اسپتال ۾ 24 لاش ۽ 125 زخمي آندا ويا، جڏهن ته 117 کان وڌيڪ لاش سي ايم ايڇ اماڻيا ويا. شهيد ٿيلن ۾ پبلڪ اسڪول جي پرنسيپال، استاد ۽ سيڪيورٽي اهلڪار شامل آهن، جڏهن ته 245 زخمين ۾ وڏو انگ ٻارن جو آهي. فرانسيسي خابرو اداري اي ايف پي جو چوڻ آهي ته 16 سالن جي زخمي شاگرد شاهه رخ خان ٻڌايو ته آڊيٽوريم ۾ ويٺا هئاسين ته 4 هٿياربند، جن کي پيرا ملٽري فورسز جون ورديون پهريل هيون، اندر داخل ٿيا، جنهن تي ڪنهن دانهن ڪئي ته ڊيسڪن هيٺان لڪي وڃون، جنهن کانپوءِ الله اڪبر جو نعرو هڻي فائرنگ ڪئي وئي. هڪ شخص رَڙ ڪئي ته بئنچن هيٺان ڪيترائي ٻار لڪل آهن. وڃي انهن کي مار، مون کي ٻه وڏا ڪارا بوٽ نظر آيا، مون پنهنجي ٽاءِ وات ۾ وڌي ته جيئن رڙ روڪي سگهان. همراهه فائرنگ ڪري شاگردن کي قتل ڪندو رهيو. ڪجهه شاگرد منهنجي مٿان اچي ويا، جنهن ڪري بچي ويس. ٻئي طرف خيبر پختون خواهه جي حڪومت شهيد ٻارن جي وارثن لاءِ 5-5 لک رپيا امداد جو اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته صوبي ۾ ٽي ڏينهن سوڳ پڻ ملهايو ويندو. اسپتال ۾ هر طرف رڙيون ۽ دانهون هيون. ماڻهو پنهنجي ٻارن کي ڳوليندا ۽ روئيندا رهيا. ٻئي طرف تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) پشاور سانحي ۾ 132 معصوم ٻارڙن کي رت ۾ وهنجارڻ جي ذميواري قبول ڪندي چيو آهي ته طالبان خلاف آپريشن ڪندڙ پاڪستاني فوجين جي ٻارن کي ماري بدلو ورتوسين، جيستائين طالبان خلاف آپريشن جاري رهندو ڪارروايون ڪندا رهنداسين، تحريڪ طالبان جي ترجمان محمد خراساني چيو ته حملا بند ڪرائڻ لاءِ وزيرستان ۾ آپريشن روڪيو وڃي. هوڏانهن آمريڪي نيوز ويب سائينت ”ڊيلي بيسٽ“ تي ڇپجندڙ صحافي سميع يوسفزئي جي رپورٽ موجب ٽي ٽي پي سان تعلق رکندڙ ڪمانڊر جهاديا روزير کيس ٻڌايو ته ٻارڙن کي ان ڪري نشانو بڻايو ويو جو سندن والدين آمريڪا سان ملي طالبان خلاف آپريشن ڪري رهيا آهن ۽ حملو ٻارڙن جي لاءِ به پيغام آهي ته هو پنهنجي والدين کي وزيرستان ۾ ڪارروائين کان روڪين. ٽي ٽي پي ڪمانڊر جو چوڻ هو ته انهن ٻارن جي والدين فوج ۾ آفيسر يا سپاهي آهن، ڇو ته وزيرستان تي گولا باري ڪري رهيا آهن ان ڪري سندن ٻارن تي حملو ڪري بدلو ورتو ويو، ڪمانڊر جو اهو به چوڻ هو ته ٽي ٽي پي پنهنجي جڳهه ڇڏڻ تي مجبور ضرور ٿي آهي پر اڃا به ان پوزيشن ۾ آهي ته جتي چاهي حملو ڪري ڪري سگھي ٿي، وڌيڪ اهو ته طالبان وٽ پاڪستان ۾ حملن جي هڪ ڊگھي فهرست موجود آهي جنهن تي مرحليوار عمل ڪيو ويندو. ٻئي پاسي تعليم کاتي خيبرپختون خواهه پشاور سانهي جي سوڳ ۾ سڀني سرڪاري اسڪول 3 ڏينهن بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، ڊائريڪٽر ايجوڪيشن رفيق خٽڪ فيصلي بابت آگاهه ڪندي ٻڌايو ته پشاور سانحي جي سوڳ ۾ خيبرپختون خواهه جا سڀ سرڪاري اسڪول 3 ڏينهن بند رهندا. اڄ وڪيلن عدالتن جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو آهي جڏهن ته عيسائي برادري هن واقعي جي سوڳ ۾ ڪرسمس جون تقريبون ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
 
jqBiouX3kdB8t.jpg

طالبان ترجمان خالد خراساني جو چوڻ آهي ته “مجاهدن کي هدايت ڏني وئي هئي ته هو صرف وڏن ٻارن کي قتل ڪن. پشاور جي ڪاروائي سنتِ نبوي جي عين مطابق آهي.. ڇو ته نبي ڪريم صلي الله عليه والسلم جن پڻ بنو قريظه وارن کي قتل ڪرڻ وقت اهڙي شرط رکي هئي ته صرف انهن ٻارن کي قتل ڪيو وڃي جن جي دن هيٺان وار اچڻ شروع ٿيا هجن.. ٻارن ۽ عورتن جو قتل عين رسول پاڪ صلي الله عليه والسلم جي تعليم مطابق آهي.. اعتراض ڪرڻ صحيح بخاري جلد پنج، حديث نمبر 148 جو مطالعو ڪن..”

دوستن خاص طور محترم ممتاز قريشي جن کي درخواست ڪجي ٿي ته معلومات جي اضافي خاطر بنو قريظه جي قتل جي واقعي جا تفصيل مٿي ٻڌايل حديث جي روشني ۾ پيش ڪن ته جيئن عام مسلمانن جي منجهائيندڙ صورتحال کي ختم ڪري سگهجي...
 
نهايت ڏکوئيندڙ ۽ افسوسناڪ واقعو...!!

جنهن کي ٻڌي ڪنهن به قوم، ڪنهن به مذهب جو انسان مذمت ڪرڻ کانسوا رهي نه سگهندو...!!

وڏي عجب جي ڳالهه اها آهي ته هي سڀ اسلام جي جهنڊي هيٺان ٿي رهيو آهي...!!

مسلمانن کي مسلمانن سان جهاد ڪري جنت جي بشارت ڏيڻ....!!!

سندن سمجهه ۾ نه ايندڙ دليلون...!!!

معصوم مسلمانن کي جن ۾ عورتون ، ٻار، مرد ، جوان، پوڙها بنا ڪنهن فرق جي ناحق شهيد ٿي رهيا آهن، ڇا ڪو انهن جو جواز به ڏئي سگهي ٿو..!!

حد آهي.....انهن جون فضول ڳالهيون ٻڌي دل مان بس اهي ئي لفظ نڪرن ٿا.... انا الله وانا اليه راجعون....

غزوه بنو قريظه
۽
پشاور ۾ معصوم ٻارن جي قتل جو جواز...!!!!

محترم دوستو....مديني پاڪ ۾ هڪ يهودي قبيلو بنو قريظه رهندو هو، جن سان مسلمانن جو امن جو معاهدو ڪيل هو. سن پنجين هجري ۾ غزوه خندق ۾ انهن بنو قريظه جي يهودين مسلمانن سان دغا ڪئي ۽ عين پنهنجي فطرت مطابق ڪافرن جي حمايت ڪري مسلمانن خلاف سازشون ڪيائون.

الله پاڪ جي فضل سان دشمن اسلام جون اهي سڀ سازشون ناڪام ٿيون ۽ جڏهن غزوه خندق مڪمل ٿيو ته الله پاڪ محبوبن ڪريمن کي حضرت جبرائيل وسيلي پيغام پهچايو ته بنو قريظه وارن سان جنگ ڪئي وڃي. هي واقعو ذوالقعد 5 هجري جو آهي.

مڪمل واقعو پڙهي معلوم ٿئي ٿو ته يهودين سان ٿيل جنگ ۾ به مسلمانن انسانيت جي اصولن مطابق يهودي هوندي به، دشمن هوندي به انهن جي باندي بڻيل معصوم عورتن ۽ معصوم ٻارن کي قتل نه ڪيو هو...!!!

جيتوڻيڪ صحيح بخاري واري حديث بابت مڪمل تحقيق ڪري جواب تحرير ڪندس، هن وقت دوستن جي ڄاڻ لا مذڪوره واقعي جو پس منظر ۽ ٻي تفصيل اردو ۾ لکيل هيٺين مضمون ۾ پڙهي سگهجي ٿي.

i_1.gif

i_2.gif

i_3.gif

i_4.gif

i_5.gif

i_6.gif
 
رات هيءَ دردناڪ خبر ٻُڌي دل روئي رهي هُئي ، هن واقعي جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي ، خدا پاڪ ظالمن کي تباھ برباد ڪري ، ڪٿي ڏوڏِي ۽ آفيم جو ڪاروبار ڪري انهن پئسن مان هٿيار خريد ڪري جهاد ٿو ڪيو وڃي ته ڪٿي بيگناھ مسلمانن جو رتُ وهائي جهاد ڪيو ٿو وڃي ، اها نه مسلماني آ نه ئي وري انسانيت !
ڪنهن گهر جو مور پيو ڪُسجي ، ڪنهن گهر جي ڪونج پئي لُٽجي ، جلادن ۽ سياحن کان ڪٿي هيءَ ڀونءِ پئي لٽجي ..........
 
رات هيءَ دردناڪ خبر ٻُڌي دل روئي رهي هُئي ، هن واقعي جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي ، خدا پاڪ ظالمن کي تباھ برباد ڪري ، ڪٿي ڏوڏِي ۽ آفيم جو ڪاروبار ڪري انهن پئسن مان هٿيار خريد ڪري جهاد ٿو ڪيو وڃي ته ڪٿي بيگناھ مسلمانن جو رتُ وهائي جهاد ڪيو ٿو وڃي ، اها نه مسلماني آ نه ئي وري انسانيت !
ڪنهن گهر جو مور پيو ڪُسجي ، ڪنهن گهر جي ڪونج پئي لُٽجي ، جلادن ۽ سياحن کان ڪٿي هيءَ ڀونءِ پئي لٽجي ..........
 
اهڙي قسم جي قتلِ عام جي نه ئي اسلام اجازت ڏئي ٿو ۽ نه وري انسانيت ۾ ان جي لاءِ ڪا جڳهه آهي..
 
پشاور ۾ ٿيل دهشت گردي جي مذمت ڪندي تُرڪي جي حڪومت طرفان سرڪاري طور تي هڪ ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو ويو. انهي موقعي تي پاڪستان، تُرڪي ۽ ٻين ملڪن جي شاگردن پاڪستاني قوم سان يڪجهتي خاطر گادي واري شهر انقره ۾ گڏ ٿيا ۽ پشاور ۾ مارجي ويلن کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو ۽ فاتح خواني ڪئي وئي.

انهي موقعي پاڪستان جي سفير محمد هارون شوڪت، ترڪي جي حڪومت طرفان پارليامينٽ جي ميمبر بُرهان ڪاياتُرڪ، ترڪش ٽي وي جي پروڊيوسر فرقان حميد ۽ شاگردن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.

10869305_10153445166857796_1802302372924486156_o.jpg

10862632_10153445165922796_160310531701239527_o.jpg

10494956_10153445166862796_6431021710647511709_o.jpg

10869786_10153445165962796_5370051221673911047_o.jpg

10750345_10153445166907796_133502718226750928_o.jpg
 
Back
Top