هي سين نه ڏيندي چين ..... ۽ اڄوڪي واقعي جنهن ۾ 100 کان وڌيڪ مکڙين جهڙا ٻار مرجهائجي ويا آهن ۽ اتان جي ڏيکاريل سين سچ ته چين کسي ورتو آهي. ڏک ته اڳ ئي هيو جو سنڌ ۾ نوجوانن جا تشدد ڪيل چچريل لاش ملي رهيا هيا ... پر جڏهن 100 کان وڌيڪ گلڙن جهڙن معصوم ٻارن جون لاشون ڏسجن ته هنيانءَ ڦاٽي ٿو پوي ....
ڪٿي آهي انسانيت ... ڇا هي به انسان آهن جن اهو عمل ڪيو آهي؟ .... هاء ڙي انسان تون ايترو ظالم ۽ سفاڪ به آهين ... !!!! اهڙي عمل تي توکي اشرف المخلوقات سڏيندي شرمساري پيو محسوس ڪيان.
دوستو اڄ منهنجا لفظ منهنجو ساٿ ڇڏي ويا آهن الائي ڇو اڄ صرف دل غمگين آهي پر زبان ان غم جي بيان کان قاصر آهي اڄ جڏهن مان ٽيليويزن جي اسڪرين تي پشاور ۾ گلن جهڙن معصوم ٻارن جا گولين ۾ پروڙ لاش ڏسي رهيو آهيان ته مون کي يزيد ۽ ابن زياد جو ظلم ياد اچي رهيو آهي گلن جهڙا معصوم ٻار ۽ انهن جي مٿان هنجون هاريندڙ مائون پيئر الله اڪبر جوان اولاد جي مٿان پوڙهيون مائرون اڄ روئي رهيون آهن پشاور ۾ اڄ ڪربلا برپا ڪئي وئي آهي
۽ ٻئي طرف وڏي فخر سان تحريڪ طالبان وارا ان واقعي جي ذميواري قبول ڪري رهيا آهن وڏيون ڏاڙهيون رکيل اهي درندا پنهنجو پاڻ کي اسلام جو ٺيڪيدار سڏائي رهيا آهن توهان اسلام جا ٺيڪيدار ته ڪو نه آهيو پر توهان مسلمان ڇا انسان چورائڻ جي لائق به ڪو نه آهيو توهان فرعون آهيو بلڪه ان کان به بدتر آهيو
توهان هن ملڪ جي تعليم جا دشمن آهيو توهان هن ملڪ جي معصوم ماڻهن جا قاتل آهيو شايد اسان دنيا جا سڀ کان وڌيڪ بدنصيب ماڻهون آهيون جو اسان جي ملڪ ۾ اهڙا ويڌن پيا ٿين
ترجمو: ۽ اسان هنن (ظالمن) کي اهڙو ليڊر بنايو جو (ماڻهن کي) دوزخ جي طرف سڏيندا هئا (يعني ماڻهن کي غلط طريقي تي هلائي دوزخ لاءِ تيار ڪندا هئا) پر قيامت جي ڏينهن (سخت عذاب ۾ پوندا ۽) هنن کي ڪابه مدد ڪانه ملندي.
(ترجمو: علامه علي خان ابڙو)
طالبان ترجمان خالد خراساني جو چوڻ آهي ته “مجاهدن کي هدايت ڏني وئي هئي ته هو صرف وڏن ٻارن کي قتل ڪن. پشاور جي ڪاروائي سنتِ نبوي جي عين مطابق آهي.. ڇو ته نبي ڪريم صلي الله عليه والسلم جن پڻ بنو قريظه وارن کي قتل ڪرڻ وقت اهڙي شرط رکي هئي ته صرف انهن ٻارن کي قتل ڪيو وڃي جن جي دن هيٺان وار اچڻ شروع ٿيا هجن.. ٻارن ۽ عورتن جو قتل عين رسول پاڪ صلي الله عليه والسلم جي تعليم مطابق آهي.. اعتراض ڪرڻ صحيح بخاري جلد پنج، حديث نمبر 148 جو مطالعو ڪن..”
دوستن خاص طور محترم ممتاز قريشي جن کي درخواست ڪجي ٿي ته معلومات جي اضافي خاطر بنو قريظه جي قتل جي واقعي جا تفصيل مٿي ٻڌايل حديث جي روشني ۾ پيش ڪن ته جيئن عام مسلمانن جي منجهائيندڙ صورتحال کي ختم ڪري سگهجي...
جنهن کي ٻڌي ڪنهن به قوم، ڪنهن به مذهب جو انسان مذمت ڪرڻ کانسوا رهي نه سگهندو...!!
وڏي عجب جي ڳالهه اها آهي ته هي سڀ اسلام جي جهنڊي هيٺان ٿي رهيو آهي...!!
مسلمانن کي مسلمانن سان جهاد ڪري جنت جي بشارت ڏيڻ....!!!
سندن سمجهه ۾ نه ايندڙ دليلون...!!!
معصوم مسلمانن کي جن ۾ عورتون ، ٻار، مرد ، جوان، پوڙها بنا ڪنهن فرق جي ناحق شهيد ٿي رهيا آهن، ڇا ڪو انهن جو جواز به ڏئي سگهي ٿو..!!
حد آهي.....انهن جون فضول ڳالهيون ٻڌي دل مان بس اهي ئي لفظ نڪرن ٿا.... انا الله وانا اليه راجعون....
غزوه بنو قريظه ۽ پشاور ۾ معصوم ٻارن جي قتل جو جواز...!!!!
محترم دوستو....مديني پاڪ ۾ هڪ يهودي قبيلو بنو قريظه رهندو هو، جن سان مسلمانن جو امن جو معاهدو ڪيل هو. سن پنجين هجري ۾ غزوه خندق ۾ انهن بنو قريظه جي يهودين مسلمانن سان دغا ڪئي ۽ عين پنهنجي فطرت مطابق ڪافرن جي حمايت ڪري مسلمانن خلاف سازشون ڪيائون.
الله پاڪ جي فضل سان دشمن اسلام جون اهي سڀ سازشون ناڪام ٿيون ۽ جڏهن غزوه خندق مڪمل ٿيو ته الله پاڪ محبوبن ڪريمن کي حضرت جبرائيل وسيلي پيغام پهچايو ته بنو قريظه وارن سان جنگ ڪئي وڃي. هي واقعو ذوالقعد 5 هجري جو آهي.
مڪمل واقعو پڙهي معلوم ٿئي ٿو ته يهودين سان ٿيل جنگ ۾ به مسلمانن انسانيت جي اصولن مطابق يهودي هوندي به، دشمن هوندي به انهن جي باندي بڻيل معصوم عورتن ۽ معصوم ٻارن کي قتل نه ڪيو هو...!!!
جيتوڻيڪ صحيح بخاري واري حديث بابت مڪمل تحقيق ڪري جواب تحرير ڪندس، هن وقت دوستن جي ڄاڻ لا مذڪوره واقعي جو پس منظر ۽ ٻي تفصيل اردو ۾ لکيل هيٺين مضمون ۾ پڙهي سگهجي ٿي.
پشاور ۾ ٿيل دهشت گردي جي مذمت ڪندي تُرڪي جي حڪومت طرفان سرڪاري طور تي هڪ ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو ويو. انهي موقعي تي پاڪستان، تُرڪي ۽ ٻين ملڪن جي شاگردن پاڪستاني قوم سان يڪجهتي خاطر گادي واري شهر انقره ۾ گڏ ٿيا ۽ پشاور ۾ مارجي ويلن کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو ۽ فاتح خواني ڪئي وئي.
انهي موقعي پاڪستان جي سفير محمد هارون شوڪت، ترڪي جي حڪومت طرفان پارليامينٽ جي ميمبر بُرهان ڪاياتُرڪ، ترڪش ٽي وي جي پروڊيوسر فرقان حميد ۽ شاگردن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.