سنڌ سلامت کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ تعاون جي اپيل

'فورم جا قانون، قاعدا ۽ ضروري اعلان' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏3 مارچ 2015۔

موضوع جو اسٽيٽس:
وڌيڪ جواب نه ٿا موڪلي سگهجن.
  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]
    گذريل سال واري دستور مطابق هڪ دفعو وري اهڙو موقعو آيو آهي جڏهن سنڌ سلامت طرفان سنڌي ٻوليءَ جي خدمتن کي جاري رکڻ لاءِ ۽ وڌيڪ سنڌي پروجيڪٽس کي عام ڪرڻ لاءِ تمام سنڌين کي عام طرح ۽ خاص طور سنڌ سلامت جي رڪنن کي دعوت ٿي ڏجي ته سنڌ سلامت جي سالانه خرچ ۾ پنهنجو حصو شامل ڪندي سنڌي ٻوليءَ لاءِ اسان جي جاکوڙ ۾ ٻانهن ٻيلي ٿين..
    اندازي مطابق بهتر سرور جو سالانو خرچ لڳ ڀڳ 60 هزار روپيه پر گذريل سال جي تجربي اهو ثابت ڪيو ته سنڌ سلامت کي بجاءِ الڳ سرور تي رکڻ جي وڌيڪ هڪ سال لاءِ ڊيڊيڪيٽڊ آئي پي تي رکي سگهجي ٿو جيڪو نسبتن سستو آهي.. گذريل سال دوستن کي اهو به ٻڌايو ويو هيو ته هر سال خرچ ۾ 10 کان 20 سيڪڙو اضافو ٿيندو پر هن سال ڊالر جي قيمت معقول رهڻ ڪري خرچ گذريل سال وارو ئي يعني لڳ ڀڳ 24000 روپيا سالانو آهي ۽ ان کانسواءِ اسڪرپٽ جي اپڊيٽ جي قيمت 6000 هزار روپيه سالانه آهي..ان طرح سنڌ سلامت کي جديد فيچرس سان وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ 30 هزار روپيه گهربل آهن..
    گذريل سال دوستن جي موٽ کي ڏسي خوشي ٿي هئي ته دوست سنڌيت ۽ سنڌي ڪمپيوٽنگ جي پرچارڪ ۾ سنڌ سلامت جي ڪردار کي بهتر انداز سان ڏسي رهيا آهن.. ۽ ان کي جاري رکڻ چاهين ٿا.. سندن ان چاهت جو دل سان قدر ڪجي ٿو.. ۽ اميد ڪجي ٿي ته هن سال به ساٿي پنهنجي طرفان ڪجهه نه ڪجهه حصو ڳنڍيندي سنڌ سلامت کي موڪلڻ جو واعدو ڪندا ان طرح روپيو روپيو گڏجندو ته رقم پوري ٿي ويندي.
    ياد رهي ته گڏ ٿيل رقم رڳو سنڌ سلامت جي هوسٽنگ، ڊومين ۽ اسڪرپٽ اپگريڊنگ تي خرچ ڪئي ويندي.. ۽ رضاڪارانه تعاون سنڌي ٻوليءَ جي خدمت جي نالي تي گهريو پيو وڃي .. ان جي عيوض رڪنن کي سنڌ سلامت تي ڪا برتري يا امتياز جي سهولت حاصل نه هوندي بلڪل ان طرح تعاون نه ڪندڙ ساٿين جي حيثيت ۾ به ڪو فرق نه رکيو ويندو...
    دوست پنهنجي رقم موڪلڻ لاءِ هوئن ته ڪنهن به انتظامي رڪن کي ذاتي ڪچهري موڪلي سگهن ٿا۔ پر مهمانن ۽ پاڪستان کان ٻاهر ملڪ رهندڙ سنڌين لاءِ رقم موڪلڻ جا تفصيل هن صفحي تي موجود آهن۔

    [​IMG]
     
    23 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. محمد اسلم عباسي

    محمد اسلم عباسي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    585
    ورتل پسنديدگيون:
    1,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    سائين، اِن قومي ڪم ۾ حصو ڳنڍڻ پنهنجو فرض ٿو سمجهان، طريقو ٻڌايو.....
    ساٿ هـلـندو رهي، لاٽ ٻرندي رهي،
    نـــوجـــوان ســاٿـيو، ســـنڌ جـا وارثو!
     
  3. شعيب محمد وسڻ

    شعيب محمد وسڻ
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2014
    تحريرون:
    35
    ورتل پسنديدگيون:
    61
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    68
    ڌنڌو:
    وفاقي اداري ۾ اسٽينو
    ماڳ:
    ماروئڙا ويجهو ڊائو يونيورسٽي
    ڇو نه ادا ڇونه.
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    سائين منهنجا لک لائق...
    تفصيل لاءِ توهان سان نئين ڪچهري جي شروعات ڪئي وئي آهي..
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    لک لائق پيارا..
    تفصيل لاءِ توهان سان نئين ڪچهري جي شروعات ڪئي وئي آهي...
     
  7. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    سائين تفصيل ڪجهه هن طرح آهن..
    ڊيڊيڪيٽڊ آئي پي جي ختم ٿيڻ جي تاريخ : 20 مارچ 2015
    ڊومين ختم ٿيڻ جي تاريخ : 12 اپريل 2015
    هوسٽنگ ختم ٿيڻ جي تاريخ: 20 مئي 2015
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. محمد اسلم عباسي

    محمد اسلم عباسي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    585
    ورتل پسنديدگيون:
    1,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    محترم سائين،
    سنڌ سلامت طرفان، سنڌي ٻوليءَ جي خدمتن کي جاري رکڻ ۽ وڌيڪ سنڌي پروڊڪٽس کي عام ڪرڻ لاءِ سنڌ سلامت جي سالانه خرچ ۾ پنهنجو حصو شامل ڪريان ٿو. مون اڄ هيٺ ڏنل بئنڪ اڪاونٽ ۾/2000 روپيا، اکرين ٻه هزار روپيا (آن لائِن ڪيا آهن) موڪليا آهن.

    مسلم ڪمرشل بينڪ
    ABDUL RASHEED SAMO
    0519920601003888
    Muslim Commercial Bank Limited

    PIDC House Branch Karachi, Sindh.

    پنهنجو اڪاونٽ چڪاسي، پَڪَ ڏياريندا، مهرباني.

    ساٿ هـلـندو رهي، لاٽ ٻرندي رهي،
    نـــوجـــوان ســاٿـيو، ســـنڌ جـا وارثو!


    ڊاڪٽر محمد اسلم عباسي.
    جيڪب آباد، ســنـڌ
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    مهربانيون سائين... توهان جي رقم پهتي ٿي...
    سنڌي ٻولي جي خدمتن کي جاري رکڻ لاءِ توهان جي تعاون جو قدرڪندي توهان کي ٽارگيٽ پورو ٿيڻ تائين ٻانهن ٻيلي جو ليبل لڳائجي ٿو... لک لائق
     
  10. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ان سلسلي ۾ هن دفعي الائي ڇو دوست خاموش آهن يا ڪيٻائي رهيا آهن. ڦڙيءَ ڦڙيءَ تلاءُ آهي، دوست جيڪڏهن 500 کان هزار روپيا به موڪليندا ته دوستن جي تعاون سان فورم آساني سان هلندو.
    اسان چاهيون پيا ته دوستن جي گڏيل سهڪار سان فورم کي هلايون. ان سلسلي ۾ مان پنهنجي پاران 1500 روپيا موڪليان پيو. گهاٽي واڌي ۾ ٻڌل آهيون.
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    سائين چوندا آهن ته ٿورو لکيو گهڻو سمجندا

    هر سال جيان هن سال به پنهنجي وس آهر ڪوشش ڪبي

    انشاالله

    فقير
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    فقير سائين اوهان جا قرب .... وس آهر جيڪو به هجي .... هتي اعلان ڪيو جيئن اسان منصوبابندي ڪري سگهون.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    ان سلسلي ۾ رقم سليمان وساڻ تائين پهچائبي ، سنڌ سلامت ساٿ سلامت ، ساٿ هلندو رهي لاٽ ٻرندي رهي
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  14. اياز احمد سومرو

    اياز احمد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 جولائي 2012
    تحريرون:
    92
    ورتل پسنديدگيون:
    172
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    گورنمنٽ ملازم، ماهر علم جفر، حڪيم
    ماڳ:
    اسلام آباد
    محترم سائين،
    سنڌ سلامت طرفان، سنڌي ٻوليءَ جي خدمتن کي جاري رکڻ ۽ وڌيڪ سنڌي پروڊڪٽس کي عام ڪرڻ لاءِ سنڌ سلامت جي سالانه خرچ ۾ پنهنجو حصو شامل ڪريان ٿو. مون اربع ڏينهن محترم ڏاهري صاحب جن جي موبائل نمبر تي/1000 روپيا، اکرين هڪ هزار روپيا (ايزي پئسا ڪيا آهن) موڪليا آهن. .

    اياز احمد سومرو
    اسلام آباد
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  15. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    پيارا سليمان... هر دفعي وانگر هن دفعي به ساٿين کي حوصلو ۽ همت ڏيڻ لاءِ لک لائق.. سنڌ سلامت طرفان ڪجهه پاوليون ۽ اضافي ليبل آهي ته سج اڳيان ڏيئو.. پر ياداشت نامي طور قبول پون.. :)
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  16. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    سائين منهنجا لک لائق...
    توهان جي تعاون يقينن اسان جا حوصلا وڌايا آهن.. اسان توهان کي يقين ٿا ڏياريون ته توهان جي مالي امداد کي سنڌيت جي اعلى مقصد تحت ئي خرچ ڪيو ويندو.. مهربانيون
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  17. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    مست پنهنجي گودڙيءَ کي ڌوڻيندو پوءِ جيڪو نڪتو اهو هن اڱڻ ۽ اوطاق جي نالي ڪبو
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  18. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    سنڌسلامت کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لا مون مسڪين طرفان هڪ هزار روپيه پنهنجو حصو شامل ڪرڻ جو پڪو پھ ڪيو آهي. سنڌسلامت کي جنهن وقت به ضرورت محسوس ٿئي ته وس آهر جيڪو ٿيو سو حاضر هوندو.
    انشا الله ڏَهِين مارچ تائين توهان کي ايزي پئسا ڪري موڪليندس. ڏَهِين مارچ تائين تنخواه ملي ويندي. :)
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  19. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    مان اڄ شام يا ٿي سگهي سڀاڻي شام سچل ڳوٺ چڪر هڻڻدس سائين سليمان وٽ پنهنجي وس آهر پئسا ونڊ ڪندس..مان هن وقت تازو ئي ڪجهه پئسا قرض ۾ ڏنا نه ته الله جو شڪر هيو پئسا گنج هيا وڌي چڙهي ونڊ ڪجن ها پر دوستن جو ساٿ نه ڇڏبو. انشا الله..
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏7 مارچ 2015
    14 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  20. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    سنڌ سلامت جي دوستن کي مون مسڪين جي طرف کان السلام عليڪم.....
    دوستو تمام طويل موڪل پوري ٿيڻ تي هڪ دفعو ٻيهر ڪراچي اچڻ ٿيو آهي.... ڪراچي اچڻ شرط مون روايتي طور سنڌ سلامت جو ڀيرو ڀريو، جيئن جو هن تحرير تي نظر پئي ته اسان جي دل خوش ٿيڻ لڳي ته مون مسڪين کي به سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ سنڌيت جي خدمت ڪرڻ لاءِ هڪ سونهري موقعو مليو آهي.... انهي موقعي کي هٿ سان ناهي وڃائڻو.... مان انهي ڪم جي لاءِ 1000 هزار پياڏيڻ جو اعلان ڪيان ٿو.... سنڌ سلامت ساٿ سلامت...
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
موضوع جو اسٽيٽس:
وڌيڪ جواب نه ٿا موڪلي سگهجن.

هن صفحي کي مشهور ڪريو