لک مهربانيون ...
پتو اٿم ته اوهان سنڌ سلامت جي بانين مان آهيو ۽ ان وقت جڏهن سلامت ڄمي هئي ته پهريان ڏکيا سال ان جي پرورش اوهان جهڙن دوستن ڪئي هئي ..... پوء وري ان سٿ ۾ اسان به اچي شامل ٿياسين ۽ پرورش وارو ڪم اوهان کان زوريء کسيوسين.
گذريل سال دوستن جي سهڪار سان ڪم ٿي ويو .... سنڌ سلامت جهڙي سنڌين جي محبوب ۽ مقبول فورم کي هلائڻ لاء گهربل رقم ڪا ايڏي وڏي به ناهي ... اسان هلائي پي سگهياسين، پر ڪيترن ئي دوستن جو اهو اسرار هو ته اسان کي به ڀاڱي ڀائيوار ڪيو ۽ اها ڳالهه وڻي به ..... ڇو ته ان بهاني سڀ سنڌ سلامت جي مالڪي ۾ ڀائيوار هوندي خوشي ۽ فخر محسوس ڪندا آهيون.
اوهان ڪجهه عرصي کان فورم کان پري هيا (اسان جي دلين کان پري ناهيو) تنهنڪري سوچيم ته اوهان کي به هن دفعي هن ساٿ ۾ شامل رکجي.
سنڌ سلامت ساٿ سلامت