• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ سلامت کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ تعاون جي اپيل

اسٽيٽس
وڌيڪ جواب نه ٿا موڪلي سگهجن.
پهريون ڀيرو سنڌ سلامت تي اچڻ ٿيو ته پڳ تي ئي امدادي اعلان پڙهيم. وري جڏهن ويب سائيٽ گهميم ته حيران ٿي ويس ته اهڙي ويب سائيٽ جنهن جو وجود اڳ مليو ئي نه هو مٿان وري خوف ٿيو ته هن سائيٽ کي به جي امداد نه ملي ته هلي نه سگهندو. تڪڙو کيسي کي هٿ هنيم ته 500 نڪري آيا . سوچيم ان 500 کي سنڌ سلامت حوالي ڪندي پهرين تحرير جي ئي کڻي شروعات ڪجي.
دوستو گهڻا نه ئي سهي پر مون کي يقين ضرور آهي ته سنڌيت جي پرچارڪ ڪندڙ هن سائيٽ کي وڌيڪ هلائڻ ۾ حصو ضرور نڀائيندا
سنڌ سلامت ساٿ سلامت
ساٿ هـلـندو رهي، لاٽ ٻــرندي رهي،
نـــوجـــوان ســاٿـيو، ســـنڌ جـا وارثو!
 
wp-donation-plugin.jpg
گذريل سال واري دستور مطابق هڪ دفعو وري اهڙو موقعو آيو آهي جڏهن سنڌ سلامت طرفان سنڌي ٻوليءَ جي خدمتن کي جاري رکڻ لاءِ ۽ وڌيڪ سنڌي پروجيڪٽس کي عام ڪرڻ لاءِ تمام سنڌين کي عام طرح ۽ خاص طور سنڌ سلامت جي رڪنن کي دعوت ٿي ڏجي ته سنڌ سلامت جي سالانه خرچ ۾ پنهنجو حصو شامل ڪندي سنڌي ٻوليءَ لاءِ اسان جي جاکوڙ ۾ ٻانهن ٻيلي ٿين..
اندازي مطابق بهتر سرور جو سالانو خرچ لڳ ڀڳ 60 هزار روپيه پر گذريل سال جي تجربي اهو ثابت ڪيو ته سنڌ سلامت کي بجاءِ الڳ سرور تي رکڻ جي وڌيڪ هڪ سال لاءِ ڊيڊيڪيٽڊ آئي پي تي رکي سگهجي ٿو جيڪو نسبتن سستو آهي.. گذريل سال دوستن کي اهو به ٻڌايو ويو هيو ته هر سال خرچ ۾ 10 کان 20 سيڪڙو اضافو ٿيندو پر هن سال ڊالر جي قيمت معقول رهڻ ڪري خرچ گذريل سال وارو ئي يعني لڳ ڀڳ 24000 روپيا سالانو آهي ۽ ان کانسواءِ اسڪرپٽ جي اپڊيٽ جي قيمت 6000 هزار روپيه سالانه آهي..ان طرح سنڌ سلامت کي جديد فيچرس سان وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ 30 هزار روپيه گهربل آهن..
گذريل سال دوستن جي موٽ کي ڏسي خوشي ٿي هئي ته دوست سنڌيت ۽ سنڌي ڪمپيوٽنگ جي پرچارڪ ۾ سنڌ سلامت جي ڪردار کي بهتر انداز سان ڏسي رهيا آهن.. ۽ ان کي جاري رکڻ چاهين ٿا.. سندن ان چاهت جو دل سان قدر ڪجي ٿو.. ۽ اميد ڪجي ٿي ته هن سال به ساٿي پنهنجي طرفان ڪجهه نه ڪجهه حصو ڳنڍيندي سنڌ سلامت کي موڪلڻ جو واعدو ڪندا ان طرح روپيو روپيو گڏجندو ته رقم پوري ٿي ويندي.
ياد رهي ته گڏ ٿيل رقم رڳو سنڌ سلامت جي هوسٽنگ، ڊومين ۽ اسڪرپٽ اپگريڊنگ تي خرچ ڪئي ويندي.. ۽ رضاڪارانه تعاون سنڌي ٻوليءَ جي خدمت جي نالي تي گهريو پيو وڃي .. ان جي عيوض رڪنن کي سنڌ سلامت تي ڪا برتري يا امتياز جي سهولت حاصل نه هوندي بلڪل ان طرح تعاون نه ڪندڙ ساٿين جي حيثيت ۾ به ڪو فرق نه رکيو ويندو...
دوست پنهنجي رقم موڪلڻ لاءِ هوئن ته ڪنهن به انتظامي رڪن کي ذاتي ڪچهري موڪلي سگهن ٿا۔ پر مهمانن ۽ پاڪستان کان ٻاهر ملڪ رهندڙ سنڌين لاءِ رقم موڪلڻ جا تفصيل هن صفحي تي موجود آهن۔

images
1000 رپ توهان
 
ادا سليمان وساڻ ويسٽرن يونين جي ذريعي موڪليان ؟

مشيگن، آمريڪا ۾ رهندڙ پير تاج محمد قريشي صاحب جا لک قرب ، سندن موڪليل رقم 6 هزار روپيا مونکي پهتي آهي. تاج محمد صاحب سنڌ ملڪ کان ڪوهين ڏور رهي به سنڌ ۽ سنڌيت لاء سوچيندو رهندو آهي، رهنمائي ڪندو رهندو آهي،
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
دبئي ۾ رهندڙ اسان جي مانواري دوست ۽ سنڌ سلامت جي محسن محترم عمر مهر صاحب ساڍا پنج هزار موڪليا آهن جيڪي ملي ويا آهن. سندن ٿورا جو ٻاهر رهندي به پنهنجي ٻولي جي فورم جي ساٿ ۾ اسان سان شامل آهن.
 
مشيگن، آمريڪا ۾ رهندڙ پير تاج محمد قريشي صاحب جا لک قرب ، سندن موڪليل رقم 6 هزار روپيا مونکي پهتي آهي. تاج محمد صاحب سنڌ ملڪ کان ڪوهين ڏور رهي به سنڌ ۽ سنڌيت لاء سوچيندو رهندو آهي، رهنمائي ڪندو رهندو آهي،
ساٿ هـلـندو رهي، لاٽ ٻــرندي رهي،
نـــوجـــوان ســاٿـيو، ســـنڌ جـا وارثو!
 
دبئي ۾ رهندڙ اسان جي مانواري دوست ۽ سنڌ سلامت جي محسن محترم عمر مهر صاحب ساڍا پنج هزار موڪليا آهن جيڪي ملي ويا آهن. سندن ٿورا جو ٻاهر رهندي به پنهنجي ٻولي جي فورم جي ساٿ ۾ اسان سان شامل آهن.
ساٿ هـلـندو رهي، لاٽ ٻــرندي رهي،
نـــوجـــوان ســاٿـيو، ســـنڌ جـا وارثو!
 
سموري دنيا ۾ رهندڙ سنڌين جا لک ٿورا جن گذريل سال وانگر هن سال به رکيل ٽارگيٽ کان وڌيڪ رقم پهتي ڪئي...
ٽارگيٽڊ رقم... 30000
وصول ٿيندڙ رقم ... 40000

دوستن جي آگاهي لاءِ ٻڌائيندو هلجي ته گڏ ڪيل رقم کي درست مقصدن لاءِ خرچ ڪرڻ لاءِ سنڌ سلامت جي هڪ ڪميٽي مقرر ٿيل آهي جنهن جي اڳواڻي محترم غلام مصطفي ميمڻ جن وٽ آهي.. ان طرح سهائتا ڪندڙ دوستن کي يقين ڏيارجي ٿو ته سندن سهائتا طور موڪليل رقم .. سنڌيت جي درست مقصد تي خرچ ڪئي ويندي.. ۽ خرچ ڪرڻ جي سلسلي ۾ جيڪڏهن مناسب سمجهيو ويو ته تفصيل پڻ پيش ڪيا ويندا...
دوستن جي اهڙي ڀرپور موٽ هن دفعي به ڪجهه وڌيڪ ڪرڻ تي اڪسائي رهي آهي ... جنهن جو نماء پڻ جلد سنڌ سلامت تي ايندڙ تبديلين سان پيش ڪيو ويندو... في الحال سمورن ساٿين جي ٿورن سان هن موضوع کي هتي بند ڪجي ٿو..
 
اسٽيٽس
وڌيڪ جواب نه ٿا موڪلي سگهجن.
Back
Top