Sindhi Media
سينيئر رڪن
ڀلي تون اعليٰ تعليم يافته آهين ! ڀلي تون وڏن يا ننڍن ادارن جو سربراه آهين، ڀلي تون ڪنهن ميڊيا چئنل جو مالڪ يا پروگرام مئنيجر ، ڪنهن اخبار جو چيف ايڊيٽر يا جرنلسٽ آهين يا ڪو وڏو ڪلاڪار ! ڀلي تون ڪنهن اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽي جو سربراه آهين ! ڀلي تون ڪنهن ادبي تنظيم ۾ نالي وارو نثر نگار، ليکڪ، شاعر يا تنقيد نگار! ڀلي ڪنهن سماجي تنظيم ! ڪنهن اين جي اوز جو ٽيم ليڊر، يا ڪنهن سياسي، سماجي، لساني تنظيم جو هيڊ ! پر جي تون موالي آهين ! ته سنڌي قوم جي هڙ وئي ! ڇو جو اڄ سنڌي قوم جيڪو به ڀُڳي رهي ، علم حاصل ڪرڻ کان قاصر، عياش، چور، ڌاڙيل، پاٿاريدار، بد اخلاق، بد لحاظ ته اهو سڀ ڪُجه تُنهنجي ڪري ئي آهي، تو ئي ڪيو اهي جو توکان انصاف هرگز نه ٿيندو هو! توکان بهتريءَ جي اُميد هرگز ڪانه ٿيندي هُئي ! تون جتي به هوندو آهين ميرٽ جو دشمن هوندو آهين ! تون ئي راشي! تون ئي چور ! ڇو جو توکي نشي جي ٻاڙ آهي ۽ اها ٻاڙ پوري ڪرڻ لاءِ تون سڀ حرڪتون ڪندي ! تون پنهنجي گرد به موالين جو ٽولو رکي هلندي ته تون پاڻ بچائي سگهين ! ته سنڌ جو اصل دشمن ته تو ئي اهين ! هن نئين ٽهيءَ جي بُرائن ۾ وڪوڙجڻ جو سبب به تون ئي آهين ! توکان نفرت ٿيڻ گهرجي ! ڇو جو سوال آهي سنڌ جو ! نه تُنهنجو ! نه مُنهنجو ! علم پرايو ! سنڌ سنواريو !
دوستو ! جيئن ته (ايجيوڪيٽ سنڌ) پاليسي تحت اسان هي ٽائيم لائين ۽ فيسبوڪ آءِ ڊي صرف نئين ٽهيءَ (نوجوان شاگردن) ۽ اُنهن شاگردن لاءِ ايڪسڪليوسولي رکي آهي جنهن کي سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ سان مُحبت آهي ۽ هو سنڌ جي تمام ووڪيشنل اسڪولس، ٽيڪنيڪل اسڪولس ، پولي ٽيڪنڪ ڪاليج، انجنيئرنگ يونيورسٽي وغيره ۾ يا اُنهن جي ليب ۾ آسانيءَ سان اليڪٽرانڪ پروجيڪٽ نه ٿا سمجهي سگهن يا نٿا تياري ڪري سگهن ته انهن جي مدد خاطر اسان هي ڪوششون وٺي رهيا آهيون ته سنڌي شاگرد به دُنيا جي ٻين شاگردن وانگر ٺلهو رٽي يا ڪاپي ڪلچر ڪري (پوزيشنون يا اي ون گريڊ ) حاصل نه ڪن پر بيسڪ سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ انهن جو مفهوم سمجهن ۽ پوءِ ڪريئٽر ٿي سنڌ سماج جي خدمت ڪن. اسانجا هي پروجيڪٽ اهڙن اليڪٽرانڪ يعني (ريڊيو يا ٽي. وي وغيره) جي دڪانن تي ڪم ڪندڙن ٽيڪنيشنس لاءِ به آهن جيڪي ٿوڙي گهڻي انگريزي پڙهڻ يا سمجهڻ جي قابليت به رکن ٿا. اسان تصويري انداز ۾ ه سمجهائڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا ته جيڪي دوست اليڪٽرانڪ دُڪانن وغيره تي ڪم ڪن ٿا پر انگريزي پڙهڻ لکڻ ۾ ڪمزور آهن پر پريڪٽيڪل ۽ جڳاڙ جا ماهر آهن ته اُهي به فائدو حاصل ڪري سگهن ٿا. اسان هر اهڙي ٽاپڪ کي ٽچ ڪنداسون جنهن جي سمجهڻ ، سکڻ ۽ ڪرڻ کان پوءِ سنڌ جو تعليمي ميدان ۾ بدحال فرد، ڊڪٽيٽرن، سنڌ دشمنن ۽ سنڌ جي وڏيرن جي سازشن تحت جن سنڌي ماڻهن کي مفلسي، غربت ۽ لاچاري ۾ وڪوڙائي وڌو آهي ته هو ڪو ڪم سکي گُزران بهڪري سگهن. جي جيئي سنڌ جا نعرا هڻي اڳتي وڌندڙ ۽ حقيقي سنڌ گهريا آهيو ته هن (ايجيوڪيٽ سنڌ مشن) ۾ اسانجو ساٿ ڏيو، هي مشن هر جڳهه تي پُهچايو ۽ ياد هي ته جيسين پنهنجي صفن مان موالي ڪلچر ختم نه ڪندو سنڌ ۽ سنڌ جو ماڻهون خوشحال نه بڻبو. ته جتي به آهيو، ڇا به آهيو ، سلوار قميص وارا آهيو ا پينٽ سوٽ وارا، آفيسر آهيو يا مزدور، سڀ کان پهرئين پنهنجي گرد پکڙيل موالين کي حقارت جي نظر ۽ سنڌ دشن ڄاڻي کين ڪُرڙين نگاهن سان ڏسي کين شرمندو ڪري احساس ڏيارو ته هيءَ سنڌ انهن جي ڪري ئي اپاهج بڻجي چُڪي آهي ته متان سندن ضمير به کين لعن تعن ڪري ۽ کين به غيرت اچي ۽ اسانجو تيزيءَ سان بگڙندڙ ۽ موالي ڪلچر طرف وڌندڙ نسل ، جنهن هاڻ ننڍ وڏ جي سڃاڻپ ناهي ري بچي وڃي. ڇو جو سوال اهي سنڌ جو! نه تُنهنجو ! نه مُنهنجو !

انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: