اي سنڌي ! جي تون موالي آهين ته سنڌ سُڪار ڪيئن ٿي سگهندي.موالين کان نفرت ڪريو سنڌ بچايو

'مختلف موضوع' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏16 مئي 2015۔

  1. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    سائين لڳي ٿو هي مڪمل ڪو ڪتاب آهي جيڪو آهستي آهستي شيئر پيا ڪريو.
    جيڪڏهن شيئر ڪرڻو ئي آهي ته پو اي بڪس م اپلوڊ ڪريو يا ادا وساڻ جي ذمي لڳايو.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    طاهر صاحب ! جي صدين کا سنڌي رت ۾ جيڪا فترتن ۽ رت جي نسن ۾ سنڌي قوم ۾ بلا لاجواز تنقيد گهُليل آهي ۽ روايتي سنڌي سلوڪ آهي(نه ڪنداسون نه ڪرڻ ڏيندسون نه سهنداسون) ته پوءِ هي سلسلو ختم ٿا ڪريون.
    ٻي ڳالهه ته هي ڪو مڪمل ڪتاب ڪونهين پر ٽريننگ ۽ پڙهائيءَ دوران(1971ع) تمام پُراڻا نوٽس آهن جيڪي اڃان پاڪستان ۾ ٽيڪنالاجي ڪانه آئي هُئي ته آءِ ايل او(اٽرنيشنل ليبر آرگنائزيشن امريڪا) سان لاڳاپيل انگريز سرڪار سنڌ ۾ اچي ٽيڪنيڪل مين پاور تيار ڪرڻ لاءِ سکيا ڏني هُئي. ڪنهن به اڄ جي نصاب ۾ اهو مواد نه مليوا ته سوچيم ته شيئر سنڌي ماڻهن سان ڪريان، اها ٻي ڳاله آهي ته غير سنڌي 100 سال اڳتي وڌي ويا آهن ۽ اسان ڀلي ڪم ۾ جيسي رُڪاوٽون نه وجهون ته سنڌي ڪيئن چوارايون جو ايگو ۽ انا جو مسئلو آهي ، ڇو جو اڄ جي سنڌي ماڻهن جي سوچ به توهان جهڙي ئي هوندي (نه ڪنداسون، نه سهنداسون، نه ڪرڻ ڏينداسون) .
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    سائين جاري رکو.
     
  4. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    ادا طاهر جذبو ۽ فلو ٽوڙي ڇڏيُوَ هاڻ مُمڪن ڪونهين ! بس الله کان دُعا گهرو ته سنڌي ماڻهن مان اها بي سمجهي، اڻ سهپ ،( نه پاڻ ڪرڻ نه ٻئي کي ڪرڻ ڏيڻ) واري نفسياتي بيماري (سُپيارٽي ڪمپليڪس جو حصو) ختم ٿئي ته سنڌي ماڻهون به ڪو دڳ وٺن. نه ته اونده ئي اونده!
     
  5. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    سنڌي قوم ۾ هڪ پِٽ ! خبر ناهي ڪنهنجي پٽيل قوم آهي. الائي ڪڏنهن عقل واري ٿيندي! اها آهي پنهنجي ٽيلنٽ سان اڻ سهپ ! ۽ ان جي راه ۾ رڪاوٽون وجهڻ ! پنهنجي ساٿي دوست سان حسد ۽ ساڙ ! ۽ ان ڪري راه ۾ رڪاوٽون وجهندڙ ! الائي اهي مورثي بيماريون ڪڏنهن ختم ٿينديون ! ڇو جو هاڻ سوال آهي سنڌ جي بقاءَ جو ! نه تُنهنجو ! نه مُنهنجو !
    1. 7000 ق.م سال کان سنڌ جي ليگسي کڻي هلندڙ سنڌي سڏجندڙ قوم تي هميشه ڌاريان حاڪميت ڪندا آيا آهن، اهي اوهان سنڌين مٿان 27 زوال (مُنهنجي ريسرچ آرٽيڪل) سنڌ جا 27 دئور) يعني 7000 ق. م کان 2015ع تائين پڙهي سگهو ٿا.
    2. جي دوست ٿئي ته به حدون ورهانگيو وڃي ۽ جي دشمن ٿي پوي ته به حدون اورانگهيو وڃي (جيئن آصف زداري ۽ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي دوستي) ۽ سوچي نٿو ته هو پنهنجي ان ذاتي دشمنيءَ سان سنڌ کي نقصان پيو پُهچائي يا سڀني سنڌي ڳالهائيندڙن ۽ سنڌ کي ۽ فائدو ڪنهنجي حق ۾ سنڌي ماڻهن جي يا سنڌ جي شمنن جي.
    3.سنڌ لاءِ گهڻيو دانهون ، ڪوڪون ۽ واويلا، تقريرون ڪري ، مچائي پاڻ کي ڏهيسر سڏرائڻ وارو ۽ ثابت ڪرڻ وارو سنڌي پوءِ لمحن ۾ دُنيا جي هر قوم کان پهرئين جابر ۽ ڊڪتيٽرن جي پيرن ۾ ڪريو پوي ۽ سنڌ ۽ سنڌي دشمن ڊڪٽيٽر مشرف سان مُلاقات ڪري سنڌ کي ٻن صوبن ۾ ورهائڻ جي سازش ڪرڻ ۾ به تيار ٿيو وڃي ۽ سنڌ جو ڊڪٽيٽرن سان سودو ڪريو ڇڏي ۽ پوءِ جڏنهن اشارو ٿئي انهن جي ڇڙيءَ تي باندر وانگر ناچ شروع ڪريو ڏي ۽ سنڌ جا سمورا سيڪريٽ ٻاهر ڪڍي سنڌ ۽ ٻين سنڌين کي پوءِ مصيبت ۾ وجهيو ڇڏي ۽ سڏجي سنڌي. (ٻچاپڙي)
    4. اهوئي سبب آهي جو جڏنهن سنڌ مٿان 7000 ق. م کان ڪاهون ٿيون ۽ سنڌ مشڪل دئورن مان گُذري ته حاڪم ۽ فائدو حاصل ڪندڙ رُڳو غير مُلڪي هُئا ۽ دنيا جو انٽرنيشنل پناه گاه (سنڌ) انهن ڊڪٽيٽرس ۽ جابرن جي پيرن تي ڪرندڙ سنڌي ڀوتار پنهنجي ذاتي بقاءَ لاءِ پوري سنڌ جو سودو ڪريو ڇڏي.
    5. جي خوشقسمتي (سفارشي ڪلچر ،ا ڪاپي ڪلچر يا موالي ڪلچر) ڪري ڪنهن به وفاقي يا صوبائي ، گورنمينٽ يا سيمي گورنمينٽ اداري جو سربراه ، انچارج يا ڊيسڪ آفيسر بڻائيو وڃي ٿو ته هر ڌارئين قوم لاءِ اکيون پوري، پاليسي ۽ پروسيجرس کي اورانگهي بغير سوچ سمجه (جي حضور، جي سائين ۽ گهٽي نوڙت) ڪري سڀ ڪوڌا ڪم ته دل و جان سان ۽ مُسلسل ڪري ٿو ،پر اتفاق سان جي ان جاءِ تي ڀُلجي به پنهنجو سنڌي ٽيلنٽ لاءِ پنهنجي ٽيلنٽيڊ ۽ ميرٽ سنڌيءَ جي ترقيءَ جو مسئلو اچي ته راه ۾ خومخواه رڪاوٽ بڻجيو وڃي ۽ قانون جي غلط ڊيفينشنون هڻي پاڻ پڏائڻ ۾ شروع ٿيو وڃي ۽ پوءِ ماحول تبديل ٿيڻ سان انهن جا ئي موچڙا کائي دربدر ۽ خوار ٿئي ٿو جنهنکي خوش ڪرڻ لاءِ هو ڪوڌا ڪم ڪنو رهيو آهي. واه ڙي سنڌي تُنهنجي ڪهڙي ڳالهه ڪجي.
    6. ڪنهن به اداري يا ڪنهن به اداري جي ڪنهن به سيڪشن ۾ ٽيلنٽ نه هُئڻ جي باوجود ، درباري ۽ خدمت گُذاريءَ جي عيوض جي آندو به وڃي ٿو الله هو شڪر ادا ڪرڻ بجاءِ ۽ ٻي ٽيلنٽ لاِ راه هموار ڪرڻ بجاءِ اڪيلو مالڪ ٿيو پوي ته اُتي به ٻئي سنڌي ٽيلنٽس لاءِ رڪاوٽ بڻجيو وڃي ۽ راهون روڪيو ڇڏي پر ها حتيٰ کي کيس رشوت ۾ ڪا به شيءِ آفر ٿئي يا ڪنهن ٻنپهرن جي ماني يا چانهه ڪپ تي هرکجي وڃي ته پوءِ اندڙ ڀلي ڪهڙو به سنڌ ناسور هُجي، ڀاڪر ۾ کنيو گهمي. سستو به ايترو جو چانه ڪپ يا موٽر سائيڪل جي ٻيله سواريءَ جي لالچ ۽ ڀاڙي جا پئسا بچائڻ جي لالچ تي سستو وڪجو وڃي ۽ پوءِ سمورا ڪوڙ ۽ سنڌ ي مُفاد خلاف لکيل ڊراما اسڪرپٽ به منظور ڪري ، نا مناسب سين پري ويو ۽ اپروو ڪري، سنڌ ۾ ڌاڙيل ، موالي، چور پوليس، وڏيرو ۽ ڪمدار جهڙيون سنڌ جي تعليمي نظام خلاف لکتون به ميڊيا ۾ نشر ڪرائي سنڌي قوم جي بدناميءَ جو سبب بڻيو وڃي.
    7. پئسن جو لالچي ٿي ، رشوت جي بازار گرم ڪندڙ، ڌارين لاءِ ڪوڙا ڊوميسائل، ڪوڙا شناختي ڪارڊ، ڪوڙا ريوينيو ڊاڪمينٽ، زمينن جا قبضا ڪري پئسن تي غير قوم کي حوالي ڪرڻ وارو به سنڌي ئي سڏجي ۽ چوي ٿو ته سنڌ جو درد ٿو رکي.
    8. گهوسٽ استاد، گهوسٽ اسڪولن جو رکوالو، سنڌ ۾ تعليمي نظام جي تباهيءَ جو ڪارڻ ، سنڌي نسل ۽ نئين ٽهيءَ کي شراب، شباب ۾ غرق ڪندڙ موالي سنڌي وڏيرو ۽ ان جو موالي ڇاڙتو، بغير سماج جي خوف ، سنڌي قوم کي جاهل رکڻ وارو سنڌي ، گهوسٽ اسپتالون هلائيندڙ ڊاڪٽر، اسپتالن جو اسٽورن تي دوائون کپائيندڙ ،گهوسٽ آفيسر ۽ تعليمي ادارن ۽ فيڊرل ۽ گورنمينٽ ادارن جو نوڪريون وڪڻندڙ ،ميرٽ سنڌيءَ جي نوڪري ۽ خدمت ۾ رڪاوٽ وجهندڙ گهوسٽ بيوروڪريسي ۽ راشي آفيسر به سنڌي. چئجي ته ڪنهنکي چئجي. ڇو جو پورو سنڌي سماج ۽ سنڌي سوسائٽي ان مواليءَ سنڌيءَ تباه و برباد ڪري ڇڏي آهي. نه پاڻ ڪري نه ٻئي کي ڪرڻ ڏي ۽ ڪرڻ سهي اهو به سنڌي . پوءِ اچو ته ملي هر موالي سنڌيءَ جي راه ۾ رڪاوٽون بڻجون، ۽ سنڌ بچايون ! ڇو جو سوال آهي سنڌ جو! نه تُنهنجو ! نه منهنجو!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو