Sindhi Media
سينيئر رڪن
سائين مُنهنجا (محترم طاهر سنڌي صاحب!) پهرئين ڳالهه ته هي پروجيڪٽ انهن ڇوڪرن جي مدد لا آهن جيڪي ڪنهن ووڪيشنل، ٽيڪنيڪل اسڪول، پوليٽيڪنڪ ڪاليج يا انجنيئرنگ يونيرسٽي جا شاگرد آهن . ٻي ڳالهه ته ٽيڪنيڪل شين جا نالا ٽيڪنيڪل ۽ انگريزي ۾ ئي هوندا آهن تنهنڪري اُهي ئي وٺڻ گهرجن ته خريد وفروخت ۾ آساني رهندي آهي. ٽين ڳالهه ته اسانجا شاگرد ناڪام انهي ڪري اهن جو ڪاپي ڪلچ جي ڪري انگريزي پڙهڻ ۽ سمجهڻ جو رُجهان گهٽ ٿي ويو آهي ته هو هي انتهائي آسان ۽ ٽيڪنيڪي اعتبار واري انگريزي لازمي پڙهن ۽ سمجهڻ تي زور ڏين ۽ اسانجي ڪوشش به اهائي آهي. چوٿين ڳالهه ته اليڪٽرانڪ سان دلچسپي رکندڙ پو ڀلي دُڪاندار ئي هُجن اُهي ڊرائنگ (سرڪٽ) ۽ اُن جو نشانيون ئي سمجهندا آهن ۽ انهن لا ٿيوري جي ضرورت به نه آهي جو هو ان ڪم جا اڳ ئي ڄاڻو هوندا آهن، هر پوڙزي جي ڪم کي سمجهندا آهن، اُنهن کي صرف سرڪٽ ٺاهي ڏيڻو هوندو اهي ۽ اُهي اها معمولي لکيل انگريزي يعني نالا ۽ ويليوز سمجهندا آهن مُنهنجو اهو تجربو ۽ پريڪٽيڪل مشاهدوبه آهي. ته هي سکيا هر پاسي ۽ ذهن کي مد نظر رکي ، زميني حقيقت سان ئي ترتيب ڏنل آهي. جتي جتي سنڌي ۾ سمجهاڻي جي ضرورت هوندي اُها به ڪبي پر ٽيڪنالاجي (خاص ڪري اليڪٽرانڪس) جيڪا اصل سائنس آهي ان ۾ هن ترتيب واري ۽ مفهوم واري انگريزي لازمي آهي. هي سڀ ڪوششون نئي ٽهي لا آهن ته جيئن هو دلچسپي وٺن ۽ ڪنهن موالي وغيره جي ور نه چڙهي وڃن ۽ نئين ٽهي جا ڇوڪرا جيڪي سکڻ چاهين ٿا اُهي انهن کي ايتري انگريزي ۽ ٽرمنالاجي اچڻ گهرجي يا سکڻ گهرجي. انگريزي ٽرمنالاجي آهي ڇا ؟ اهو ته اهي لڳل پُرزا سرڪٽ ۾ ڪم ڪيئن ٿا ڪن ۽ انهن مان ڪرنٽ ۽ وولٽيج ڪيئن ٿا وهن ۽ ڪنٽرول ٿين. ريڊيو ۽ ٽي وي يا اليڪٽرانڪ رپيئنگ ڪرڻ وارو دڪاندار اهي سڀ ڳالهيون ڄاڻي ٿو.
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: