12 اپريل 1973ع دستور پاڪستان جو سيڪشن 251 جو (3) سنڌي ٻولي ايڪٽ 1972 جي روشنيءَ ۾

'سنڌي منهنجي ٻولي' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏13 اپريل 2016۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    تواريخ جا ورق اُٿلائي پُٿلائي جانچڻ کان پوءِ خبر پوي ٿي ته (سنڌي زبان) سنڌو ماٿريءَ جي هڪ قديم ترين زبان آهي جيڪا (سنسڪرت) جي وُجود ۾ اچڻ کان به 5 هزار سال اڳ، ڳالهائي، لکي، پڙهي ويندي هُئي. اُن زبان کي پنهنجو (رسم الخط) هو پر پوءِ اڳتي هلي اُن تي مختلف دئورن دوران (سنسڪرت، پراڪرت، پالي، يوناني، فارسي، انگريزي، تُرڪي، پورچوگيزي، ۽ ٻين زبانن جو اثر به رهندو آيو.
    [​IMG]
    17 فبروري 1843ع تي، انگريزن جي سنڌ تي قبضي کان 8 سئو وره اڳ، سنڌي زبان (مختلف رسم الخط) ۾ لکي ۽ پڙهي ويندي هُئي.اڀياس ۽ تحقيق مان اها به خبر پوي ٿي ته (جيئن عرب سياحن کان سواءِ محقق (البيرونيءَ) به پنهنجي ڪتاب (ڪتان الهند) ۾ لکيو آهي ته، سنڌي زبان کي ، قديم سنڌ ۾ ۽ اسلام جي اچڻ (93هجري بمطابق 712ع) کان به 500 وره اڳ، ادبي حيثيت حاصل هُئي. تواريخ جا وڌيڪ ورق ڦهلائڻ سان به خبر پوي ٿي ته سنڌي ٻولي، سنڌ ۾ قديم زماني ۾، (سٿين قوم) جي حڪومت واري زماني(70 ق.م کان 46ع) تائين، ۽ اُن کان پوءِ (ڪشان گهراڻي) واري زماني (46ع کان 70ع) تائين به رائج هُئي.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏16 اپريل 2016
  2. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    انگريزن جي قبضي ۾، (سنڌي ٻولي سنڌ جي سرڪاري زبان) هُئي ۽ بمبئي ۽ ڪراچيءَ ۾ به سنڌي ٻولي تعليم ۽ تدريس ۽ ذريعه امتحان هو. پوءِ انگريزن جي قبضي جي 104 سالن جي ڊگهي عرصي رهڻ کان پوءِ يعني 14 آگسٽ 1947ع تي جڏنهن هندستان جو ورهاڱو ٿيو هو ۽ هڪ جاءِ تي ننڍي کنڊ جي مُسلمانن کي پاڪستان حاصل ٿيو هو جنهن کي سنڌ جي ليڊرن پنهنجي اسيمبليءَ ۾ سڀ کان پهرئين منظور ڪرايو هو، ته سنڌي عوام لاءِ اها آزادي، انگريزن جي غلاميءَ واري دئور کان به وڌيل ذلت آميز ثابت ٿي، ڇو جو پاڪستان جي قائم ٿيڻ کان فقط 4 سال پوءِ يعني سال 1951ع ۾ اُن وقت جي حڪمرانن ۽ بيوروڪريسيءَ، سنڌي زبان تي پهريون وار ڪيو ۽ اُنهيءَ سال (ڪراچيءَ جو شهر ۽ اُن جي آس پاس وارا علائقا) سنڌ صوبي کان الڳ ڪري وفاقي حڪومت جو مرڪز بڻايا ويا، 1947ع ۾ ئي ڪراچيءَ ۾ قائم (سنڌ يونيورسٽيءَ) کي ڄامشورو منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏئي، (ڪراچي شهر لاءِ الڳ يونيورسٽي) قائم ڪرڻ جا حوڪم جاري ٿيا، ۽ پوءِ، (ڪراچيءَ ۽ اُن جي آس پاس وارن علائقن) مان سنڌي ٻوليءَ جي تعليم ۽ تدريس، ۽ (سنڌي ذريعه تعليم، توڙي امتحان واريءَ حيثيت کي به ختم ڪيو ويو هو)۽ اُن جي جاءِ تي رُڳو، (اڙدو زبان کي) ذريعه تعليم ۽ ذريعه امتحان) طور رائج ڪيو ويو هو.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏31 مئي 2016
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    پاڪستان جي قائم ٿيڻ کان پوءِ ڪن تنگ نظر بيوروڪريٽس جي ناعقبيت انديش ۽ سنڌ دشمن رويي سبب سنڌ جي عوام کي پنهنجي مادري زبان (سنڌي ٻولي) ۽ سنڌي ادب جي تحفظ لاءِ (ون يونٽ) جي هردئور ۾ آمر حڪومتن سان مقابلو ڪرڻو پيو ۽ انهن آمرن سان مقابلو ڪري جام شهادت به پئڻو پيو هو شهيد ذوالفقار علي ڀُٽو به اُنهن مدبر ۽ مفڪرن مان هڪ هوجيڪو سرزمين سنڌ جو فرزند هو، تنهن سنڌيت جي حقيقي جذبي تحت، 7 جولاءِ 1972ع تي سنڌ اسيمبليءَ کان س(سنڌي لينگئيج ايڪٽ 1972ع) پاس ڪرائڻ واري عملي قدم کڻڻ سان، سنڌي زبان لاءِ انهيءَ ايڪٽ سان، سنڌ صوبي ۾ ، سنڌي ٻوليءَ جي اُها پُراڻي حيثيت وري بحال ڪرائي ورتي جيڪان 29 آگسٽ 1857ع واري حڪم نامي تحت انگريزن جي حڪومت ۾ ڏني وئي هُئي. هن ايڪٽ جي منظوريءَ کان پوءِ 1973ع وارو اسلامي جهموريه پاڪستان جو آئين به پاڪستان جي قومي اسيمبليءَ يڪراءِ بحال ڪيو هو. پاڪسان جيانهيءَ آئين ۾، قومي ۽ صوبائي ٻولين جي باري ۾ شق نمبر 251 جي (3) ۾ اهو واضح ڄاڻايو ويو.
    سنڌي ٻوليءَ جي قديم هُئڻ جي تواريخي تصديق، اڀياس ۽ تحقيق ڪرڻ کان پوءِ جڏنهن تواريخ جا پُراڻا ورق، اُٿلائڻ پُٿلائڻ پون ٿا ته خبر پوي ٿي ته سنڌ ۾ هباري خاندان جي حڪومت (855ع کان 1010ع) تائين جي دئور جي خاطمي کان پوءِ به، ۽ سومرن جي حڪومت جي ٻئي دئور (1051ع کان1351ع) ۾ ، اسماعيلي دائي پير ستنگر نور(وفات 462هجري بمطابق 1079ع) کان سواءِ ايران ۽ بغداد مان سنڌ ۾ صوفي زم جي داخلي وقت ۽ ٻين فرقن جي صوفي بزرگن به پنهنجي صوفي ازم واري اسلام جنهن ۾ (سُر، سوز ، سنگيت۽ سنگت) جو سهارو وٺي صوفي مذهب اسلام جي پرچار ڪئي ويندي هُئي اُنهن به ٻين علاقائي زبانن سان گڏ، سنڌي مادري زباب کي به پنهنجي تبليغي پرچار لاءِ استعمال ڪيو هو.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏1 جون 2016
  4. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    سومرن جي ئي حڪومت جي ٻئي دئور ۾، ۽ پير ستگر نور کان 122 سال پوءِ، پير شمس سبزواري ملتاني (560 هجري بمطابق 1165ع) کان 675 هجري بمطابق 1276ع) ۾۽ پير شمس جي وفات کان 14 سال پوءِ، سندس پڙ پوٽي، پير صدرالدين (689هجري بمطابق 1290ع) کان 808 هجري بمطابق 1409ع)، سنڌو ماٿريءَ ۾ عام ماڻهن کي سندن مادري زبانن ۾ جيڪي فرنديون، ڪڇي، گجراتي، پنجابي، سرائڪي، هندي، مارواڙي ۽ پوربي ٻوليون بڻجي چُڪيون هُيون، صوفي ازم مذهب اسلام يعني (سُر، سوز، سنگيت ۽ سنگت) طريقن سان راڳ ۽ ڪافي چئي تبليغ ڏني وئي.

    ايران ۽ بغداد مان سنڌ ۾ امورٽ ٿندڙ انهيءَ صوفي ازم مذهب اسلام جي تعليم اڳتي هلي، ارغونن، ترخانن، مغلن ۽ ڪلهوڙن جي زماني (1521ع کان 1782ع) ۾ به اسماعيلي داعين ۽ سيدن، پنهنجي ڪلام، ڪافي ۽ راڳ ڳائي صوفي مذهب اسلام طريقي جي تعليم سنڌي ٻوليءَ ۾ عام ڪئي.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏1 جون 2016
  5. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    ڪلهوڙن جي حڪومت واري زماني ۾ سن 1700ع ۾ سنڌ ۾ ديني مدرسن ۾، خانگاهن ۾، صوفين جي مقبرن ۾ به سنڌي ٻوليءَ ۾ تدريس جي شروعات ڪئي وئي ۽ سن 1700ع ۾ ئي ٺٽي شهر جي هڪ وڏي ديني عالم (مخدوم ابوالحسن، سنڌي ٻوليءَ لاءِ، فارسي ۽ ٻين رسم الخط کي ڇڏي عربي زبان جي نسخ رسم الخط جي نموني تي (عربي، سنڏي رسم الخط) ٺاهي، انهيءَ ئي رسم الخط ۾ هن (مقدمه الصلوات) جي نالي سان پنهنجو ڪتاب لکيو ۽ پوءِ جيڪو سنڌ جي ٻين تعليمي ادارن ۾ به نصاب ۾ شامل ڪيو ويو. جنهن کان پوءِمخدوم ضياءَالدين ٺٽوي ۽ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جي جوڙيل (عربي، سنڌي) سنڌي رسم الخط جو حصو بڻيون.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏5 جون 2016
  6. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    سن 1848ع ۾ بمبئي پريزيڊنسيءَ جي گورنر(سر جارج ڪلارڪ) جي فرمان تحت سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري ۽ دفتري زبان جي حيثيت ڏني وئي ۽ سنڌي صورتختي جوڙائي. انهيءَ حڪمنامي کان پوءِ سنڌ جي ڪمشنر(سر بارٽل فريئر) 29 آگسٽ 1857ع تي، سڄي سنڌ ۾ سنڌي ٻوليءَ کي( دفتري ۽ تعليمي ٻوليءَ) جو درجو ڏنو هو. جنهن کي پوءِ فيڊريشن ختم ڪري ڇڏيو پر وري ءُٽي صاحب بحال ڪرائي ڇڏيو ۽ آئين پاڪسان جو حصو بڻائي ڇڏيو.
     
  7. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    انگريزن به پنهنجي دئور ۾ سنڌي ٻوليءَ کي ترقي ڏيارڻ لاءِ وڏيون ڪوششون ڪيون ۽ پنهنجي حڪومت جي 4 سالن کان پوءِ يعني سن 1847ع ۾، جڏنهن انگريزن سنڌ کي (بمبئي پريزنڊسيءَ) سان ملائي ڇڏيو هو ۽ حڪومت جي انتظام لاءِ سنڌ مٿان ڪمشنر مقرر ڪيو هو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو