تواريخ جا ورق اُٿلائي پُٿلائي جانچڻ کان پوءِ خبر پوي ٿي ته (سنڌي زبان) سنڌو ماٿريءَ جي هڪ قديم ترين زبان آهي جيڪا (سنسڪرت) جي وُجود ۾ اچڻ کان به 5 هزار سال اڳ، ڳالهائي، لکي، پڙهي ويندي هُئي. اُن زبان کي پنهنجو (رسم الخط) هو پر پوءِ اڳتي هلي اُن تي مختلف دئورن دوران (سنسڪرت، پراڪرت، پالي، يوناني، فارسي، انگريزي، تُرڪي، پورچوگيزي، ۽ ٻين زبانن جو اثر به رهندو آيو.
17 فبروري 1843ع تي، انگريزن جي سنڌ تي قبضي کان 8 سئو وره اڳ، سنڌي زبان (مختلف رسم الخط) ۾ لکي ۽ پڙهي ويندي هُئي.اڀياس ۽ تحقيق مان اها به خبر پوي ٿي ته (جيئن عرب سياحن کان سواءِ محقق (البيرونيءَ) به پنهنجي ڪتاب (ڪتان الهند) ۾ لکيو آهي ته، سنڌي زبان کي ، قديم سنڌ ۾ ۽ اسلام جي اچڻ (93هجري بمطابق 712ع) کان به 500 وره اڳ، ادبي حيثيت حاصل هُئي. تواريخ جا وڌيڪ ورق ڦهلائڻ سان به خبر پوي ٿي ته سنڌي ٻولي، سنڌ ۾ قديم زماني ۾، (سٿين قوم) جي حڪومت واري زماني(70 ق.م کان 46ع) تائين، ۽ اُن کان پوءِ (ڪشان گهراڻي) واري زماني (46ع کان 70ع) تائين به رائج هُئي.
انگريزن جي قبضي ۾، (سنڌي ٻولي سنڌ جي سرڪاري زبان) هُئي ۽ بمبئي ۽ ڪراچيءَ ۾ به سنڌي ٻولي تعليم ۽ تدريس ۽ ذريعه امتحان هو. پوءِ انگريزن جي قبضي جي 104 سالن جي ڊگهي عرصي رهڻ کان پوءِ يعني 14 آگسٽ 1947ع تي جڏنهن هندستان جو ورهاڱو ٿيو هو ۽ هڪ جاءِ تي ننڍي کنڊ جي مُسلمانن کي پاڪستان حاصل ٿيو هو جنهن کي سنڌ جي ليڊرن پنهنجي اسيمبليءَ ۾ سڀ کان پهرئين منظور ڪرايو هو، ته سنڌي عوام لاءِ اها آزادي، انگريزن جي غلاميءَ واري دئور کان به وڌيل ذلت آميز ثابت ٿي، ڇو جو پاڪستان جي قائم ٿيڻ کان فقط 4 سال پوءِ يعني سال 1951ع ۾ اُن وقت جي حڪمرانن ۽ بيوروڪريسيءَ، سنڌي زبان تي پهريون وار ڪيو ۽ اُنهيءَ سال (ڪراچيءَ جو شهر ۽ اُن جي آس پاس وارا علائقا) سنڌ صوبي کان الڳ ڪري وفاقي حڪومت جو مرڪز بڻايا ويا، 1947ع ۾ ئي ڪراچيءَ ۾ قائم (سنڌ يونيورسٽيءَ) کي ڄامشورو منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏئي، (ڪراچي شهر لاءِ الڳ يونيورسٽي) قائم ڪرڻ جا حوڪم جاري ٿيا، ۽ پوءِ، (ڪراچيءَ ۽ اُن جي آس پاس وارن علائقن) مان سنڌي ٻوليءَ جي تعليم ۽ تدريس، ۽ (سنڌي ذريعه تعليم، توڙي امتحان واريءَ حيثيت کي به ختم ڪيو ويو هو)۽ اُن جي جاءِ تي رُڳو، (اڙدو زبان کي) ذريعه تعليم ۽ ذريعه امتحان) طور رائج ڪيو ويو هو.
سومرن جي ئي حڪومت جي ٻئي دئور ۾، ۽ پير ستگر نور کان 122 سال پوءِ، پير شمس سبزواري ملتاني (560 هجري بمطابق 1165ع) کان 675 هجري بمطابق 1276ع) ۾۽ پير شمس جي وفات کان 14 سال پوءِ، سندس پڙ پوٽي، پير صدرالدين (689هجري بمطابق 1290ع) کان 808 هجري بمطابق 1409ع)، سنڌو ماٿريءَ ۾ عام ماڻهن کي سندن مادري زبانن ۾ جيڪي فرنديون، ڪڇي، گجراتي، پنجابي، سرائڪي، هندي، مارواڙي ۽ پوربي ٻوليون بڻجي چُڪيون هُيون، صوفي ازم مذهب اسلام يعني (سُر، سوز، سنگيت ۽ سنگت) طريقن سان راڳ ۽ ڪافي چئي تبليغ ڏني وئي.
ايران ۽ بغداد مان سنڌ ۾ امورٽ ٿندڙ انهيءَ صوفي ازم مذهب اسلام جي تعليم اڳتي هلي، ارغونن، ترخانن، مغلن ۽ ڪلهوڙن جي زماني (1521ع کان 1782ع) ۾ به اسماعيلي داعين ۽ سيدن، پنهنجي ڪلام، ڪافي ۽ راڳ ڳائي صوفي مذهب اسلام طريقي جي تعليم سنڌي ٻوليءَ ۾ عام ڪئي.
ڪلهوڙن جي حڪومت واري زماني ۾ سن 1700ع ۾ سنڌ ۾ ديني مدرسن ۾، خانگاهن ۾، صوفين جي مقبرن ۾ به سنڌي ٻوليءَ ۾ تدريس جي شروعات ڪئي وئي ۽ سن 1700ع ۾ ئي ٺٽي شهر جي هڪ وڏي ديني عالم (مخدوم ابوالحسن، سنڌي ٻوليءَ لاءِ، فارسي ۽ ٻين رسم الخط کي ڇڏي عربي زبان جي نسخ رسم الخط جي نموني تي (عربي، سنڏي رسم الخط) ٺاهي، انهيءَ ئي رسم الخط ۾ هن (مقدمه الصلوات) جي نالي سان پنهنجو ڪتاب لکيو ۽ پوءِ جيڪو سنڌ جي ٻين تعليمي ادارن ۾ به نصاب ۾ شامل ڪيو ويو. جنهن کان پوءِمخدوم ضياءَالدين ٺٽوي ۽ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جي جوڙيل (عربي، سنڌي) سنڌي رسم الخط جو حصو بڻيون.