سنڌ سلامت جي ڪلائوڊ هوسٽنگ تي ڀليڪار

'فورم جا قانون، قاعدا ۽ ضروري اعلان' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏15 آگسٽ 2016۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جيئن ته ڪجهه وقت اڳ اطلاع ڏنو ويو هيو ته سنڌ سلامت کي جلد ڪلائوڊ هوسٽنگ تي منتقل ڪيو ويندو.. ۽ مون کي اهو ٻڌائيندي سرهائي ٿي رهي آهي ته اهو عمل ڪجهه اضافي نقصان کان بغير ڪاميابي سان ٿي چڪو.. گذريل هوسٽنگ گوڊيڊي جي محدود سپورٽ سروس ۽ شيئرڊ هوسٽنگ جي مقابلي ۾ لائنوڊ جي ڪلائوڊ هوسٽنگ ۽ سپورٽ جو تجربو ڪيئن رهيو اهو ته وقت ٻڌائيندو.. في الحال سنڌ سلامت جي مسقتبل جا هر وقت رهندڙ خدشا ختم ٿي چڪا آهن..
    نئين هوسٽنگ تي منتقل ٿيندڙ سنڌ سلامت فورم، سنڌ سلامت فونٽ سرور ۽ سنڌ سلامت ڪتاب گهر جي رفتار ۾ واضح فرق ته محسوس ڪندو ئي پر ان کان علاوه ڪو وڏو فرق توهان کي هن وقت نظر انه ايندو جو پهرين مرحلي ۾ فورم کي جهڙي تهڙي بنياد تي رڳو منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو..
    موجوده جامع هوسٽنگ تي منتقلي کان پوءِ ترت سنڌ سلامت تي مرحلي وار اضافي سهولتون رکيون وينديون جن بابت ضروري آڳهيون به ڏبيون.. پر ان کان اڳ منتقلي جي هن مرحلي کان پوءِ ڪجهه ڏينهن تائين فورم جي بنيادي ڍانچي کي گهرائي سان نظر ۾ رکبو.. گڏ سموري سٿ کي غلطين يا توجه ڏيندڙ شين کي ٻڌائڻ جي درخواست پڻ ڪجي ٿي..
    نئين هوسٽ تي منتقلي جي عمل کي هوئن ته 24 ڪلاڪ گذري ويا آهن پر ڊي اين ايس بدلڻ جي اصولن مطابق مڪمل تبديلي 48 ڪلاڪن تائين وٺي ويندي آهي... ان دوران انديشو رهي ٿو ته سسٽم استعمال ڪندي ڪي ايرر سامهون اچن اهڙن ايررز کي ونڊيندا رهو ته جيئن مسئلن کي جلد فڪس ڪندو رهجي...
    نئين هوسٽ تي منتقلي جو تجربو ڪيئن رهيو.. ؟ ان سوال جي جواب ۾ ڪاٿي سنجيدگي، ڪاٿي مٿي تي هٿ ته ڪاٿي وري “هُري” جا نعرا تصور ۾ پيا اڀرن ... پر ان باوجود ايترو ضرور ٻڌائبو ته ڪلائوڊ هوسٽنگ کي بنائيڻ دوران اصل پگهر نڪري ويا.. مان ان مرحلي تي پنهنجي دوست ساٿي محترم سجاد علي چنا جن جو پڻ شڪر گذار آهيان جيڪي گڏ نه رڳو موجود رهيا پر منهنجي طبيعت جي ناسازگي ڪري ڏنل ٽاسڪس کي به تڪڙو تڪڙو اڪلائيندا رهيا آهن.. ان کان علاوه محترم عبدالحفيظ لغاري ۽ سليمان وساڻ جن جي پڻ مهرباني جن بار بار فون ذريعي رابطو ڪيو ۽ نه رڳو اپڊيٽ بابت تفصيل معلوم ڪيا پر ڏکيائون سامهون اچڻ تي همت پڻ وڌائيندا رهيا...
    هتي هڪ دفعو وري ساٿين کي ٻڌائيندو هلجي ته ٿي سگهي ٿو ته فورم تي موجود اڳ جي سهولتن مان ٿي سگهي ٿو ڪجهه عارضي طور نه ملنديون هجن ... پر توهان طرفان نشاندهي ڪرڻ تي اهي سهولتون ٻيهر پڻ لڳايون وينديون...
    ته دوستو.. سنڌ سلامت جي ڪلائوڊ هوسٽنگ واري سفر جي ابتداء وٺجي ٿي.. شل ساٿ سلامت رهي...!!
     
  2. محمد بخش لغاري

    محمد بخش لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏23 فيبروري 2010
    تحريرون:
    106
    ورتل پسنديدگيون:
    283
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    مير پور ماٿيلو
    ڪجه ڏينهن جي انتظار کان بعد نيٺ اڄ سنڌ سلامت فورم آنلائن ٿيو آهي... خوشي جي ڳاله آهي ته فورم جي ڪاميابي سان ڪلائوڊ هوسٽنگ تي منتقلي ٿي آهي. جيڪڏهن ڪجه تفصيل ٻڌايا وڄن ته بهتر رهندو ته ڪيئن نئين ڪلائوڊ تي منتقل ٿيڻ سان ڪهڙا فائدا ٿيندا.. باقي فورم جي سائيڊ پينل تي نظر ايندڙ فعال موضوع نظر ڪون پيا اچن.....
    سنڌ سلامت سٿ کي هن سنگ ميل تي مبارڪون.....
     
  3. عمران فقيرسنجراڻي پاٽويون

    عمران فقيرسنجراڻي پاٽويون
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 سيپٽمبر 2013
    تحريرون:
    176
    ورتل پسنديدگيون:
    334
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    گاه پٺو
    ماڳ:
    پاٽويون
    نئين ڪلائوڊ تي منتقل ٿيڻ کانپوءِ مونکي ته ايوارڊ ئي ايوارڊ مليا.
    [​IMG]
     
    مير ٽالپر، ذيشان رشيد ۽ خدابخش مشاخ هيء پسند ڪيو آهي.
  4. محمد نويد جمالي

    محمد نويد جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    213
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    نواب شاھ
    سڄي سنگت کي ڪامياب منتقلي تي مبارڪباد...
    فيس بڪ ذريعي لاگ اِن ڪم نه پيو ڪري. ايرر ميسيج هي آهي:
    Can't Load URL: The domain of this URL isn't included in the app's domains. To be able to load this URL, add all domains and subdomains of your app to the App Domains field in your app settings.

    يوزرنيم ۽ پاسورڊ سان لاگ اِن ڪري سگهيس.
     
    ذيشان رشيد ۽ عبيد ٿھيم هيء پسند ڪيو آهي
  5. محمد نويد جمالي

    محمد نويد جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    213
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    نواب شاھ
    هوم پيج ۾ کاٻي پاسي ”نوان موضوع“ ۽ ”فعال موضوغ“ جا سيڪشن شامل ڪونهي...
     
    ذيشان رشيد ۽ عبيد ٿھيم هيء پسند ڪيو آهي
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    دوستو اهو ڪم به ٿيندو رهندو ...

    سڀ کان اڳ پراڻي ڊيٽا ۽ پراڻا ليک منتقل ڪرڻا هيا. اهو ڪم ٿي ويو. باقي فورم کي سجائڻ ۽ سنوارڻ وارو ڪم به هلندو رهندو.

    اوهان دوستن جا قرب
     
    ذيشان رشيد ۽ ممتاز قريشي هيء پسند ڪيو آهي
  7. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    مان بيحد شڪر گذار آهيان سنڌ سلامت سٿ جو ،جن هر ممڪن ڪوشش ڪري فورم کي هڪ نئين پليٽ فارم ڪلائوڊ هوسٽنگ تي منتقل ڪيو ، سنڌ سلامت سٿ جون اهي ڪوششون واقعي ساراھ جوڳيون آهن ،سدا سلامت هجو مرڪندا رهو ،سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
    ذيشان رشيد هيء پسند ڪيو آهي.
  8. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    انتطاميا ۽ ساٿ ڏيڻ وارن جو اڻ ٿڪ محنتون، سچون نيتون ڏسڻ ۾ پيون اچن ته ڪهڙو تبصرو ٿي سگهي ٿو ما سوا ان جي ته جُڳ جُڳ جيئو! ڪلائوڊ تي منتقلي لا مُبارڪون قبول پون.
     
    ذيشان رشيد هيء پسند ڪيو آهي.
  9. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    معاف ڪجو دوست ڪجهه ڏينهن طبيعت جي ناسازي جي ڪري ڪم اڳتي اڪلائي نه سگهيم..
    ڪلائوڊ تي منتقلي جا سبب ڪئي آهي.. جن جو ذڪر اڳ ئي هن موضوع ۾ ٿي چڪو آهي.. ان جو مقصد ته هاڻي اهي خدشا ختم ٿي چڪا آهن.. ها البته ڪلائوڊ جي اضافي خوبين کي وقت سر آگاهي ڏبي رهبي.. في الحال بس ايترو عرض ته سنڌ سلامت تي هاڻي آهستي آهستي ڪافي تبديليون آنديون وينديون جنهن کان پوءِ سائيٽ وڌيڪ فائيديمند ثابت ٿيندي..
    سائيڊ بار ۾ نظر نه ايندڙ ويجٽز کي ٻيهر بحال ڪيو ويو آهي... لک لائق
     
    آخري ترميم: ‏29 آگسٽ 2016
  10. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ايوارڊ ملڻ تي مبارڪون... :)
    ها البته جيئن ته ايوارڊ ملڻ جي عمل کي نئين سر ترتيب ڏنو ويو ان ڪري ساڳيا ايوارڊ ٻيهر رڪنن تائين پهچايا ويا جيڪي اهي اڳ حاصل ڪري چڪا هئا.. :)
     
  11. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    فيس بوڪ لاگ ان لاءِ فيس بوڪ وارن هڪ دفعو وري تبديليون آنديون آهن جيڪي 10 آگسٽ کان اڳ اپلائي ڪرڻيون هيون.. طبيعت جي ناسازگي ڪري ان طرف ڌيان نه وڃي سگهيو... ايررز کي فڪس ڪرڻ لاءِ فيس بوڪ کي لکيو ويو آهي .. جلد ان کي درست ڪيو ويندو.. نشاندهي لاءِ لک قرب..
     
  12. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    اهي هاڻي شامل ڪيا ويا آهن... نشاندهي لاءِ مهرباني
     
  13. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    دوستن جي پسنديدگي جي مهرباني .. هاڻي جلد فورم ۾ اضافي تبديليون عمل ۾ آنديون وينديون..
     
    Sindhi Media ۽ عبدالغني لوهار هيء پسند ڪيو آهي
  14. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    لک قرب انتظار رهندو ادا ، سدا سلامت هجو
     
  15. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    فيس بوڪ انٽيگريشن کي درست ڪيو ويو آهي... هاڻي ساٿي فيس بوڪ ذريعي لاگ ان ٿي سگهن ٿا... :)
     
    عبيد ٿھيم هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو