• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

دُنيا جي سڀني بابڙن کي بابا ڏهاڙو (فادرس ڊي) مُبارڪ هُجي.

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ Sindhi Media
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

Sindhi Media

سينيئر رڪن
دُنيا جي سڀني بابڙن کي، سنڌي ميڊيا ساليوُوڊ ۽ ساليوُوڊ آرٽسٽس ويلفيئر ايسوسيئيشن (ساوا) جي مڙنئي فنڪارن طرفان بابا ڏهاڙو (فادرس ڊي) مُبارڪ هُجي. اچو ته هن ڏهاڙي تي ملي هڪ سچو عهد ڪريون ته اڄ کان پنهنجي سنڌي ڪلچر، تهذيب ۽ تمدن کي بچائڻ لاءِ پنهنجن اولادن کي زور ڀري سنڌي لکائي، سکائي ۽ پڙهائيءَ جي آگاهي ڏيون. خاص طور اُهي جيڪي شهرن ۾ رهائش پذير آهن ۽ نه ته صحيح سنڌي اُچاري سگھن ٿا، نه ڳالهائي سگھن ٿا. نه لکي سگھن ٿا ۽ نه سنڌي پوشاڪ پائين ٿا پر آهن سنڌي تهذيب ۽ ڪلچر ۽ ليکڪن اديبن جي گھرانن جا ۽ جن جي رهائش ٻاهر آهي.
 
جواب: دُنيا جي سڀني بابڙن کي بابا ڏهاڙو (فادرس ڊي) مُبارڪ هُجي.

ڀائو سنڌي ميڊيا وارا عبدالرزاق ميمڻ خوش نصيب آهي اهو اولاد جنهن جو ابو ۽ امڙ الله پاڪ جي احسانن عيوض اڃان زنده آهن، ائين سمجهو ته انهن واسطي جنت جا درواز کُليا پيا آهن ، اولاد جيترو به پنهنجي امان بابا جي خدمت ڪندو اوترو انهن کي دُعائون ملنديون۔ اسان ته يار انهن بدنصيب ماڻهن مان آهيون جو نڪو امڙ ۽ نڪو ابو آهي ٻئي الله سائين کي پيارا ٿي ويا۔۔۔۔۔۔بس ٿورو اُس لهي ۽ گرمي جو زور گهٽ ٿئي شام جو ٿڌل ۾ ٻنهي جي قبرن تي وڃي چار قل پڙهي ٿا اچون ۔ مهرباني ادا جو توهان اهڙو زبردست ڏينهڙو اسان سان ونڊ ڪيو۔۔۔
 
جواب: دُنيا جي سڀني بابڙن کي بابا ڏهاڙو (فادرس ڊي) مُبارڪ هُجي.

سائين عبدالرزاق ميمڻ صاحب، لک ٿورا جو اوهين سنڌي بابن کي مان ڏنو ۽ ڏهاڙي جي نسبت سان مبارڪون ۽ دعائون، گذريل سال ابڙن جي ڏهاڙي ته مون به هڪ ليک موڪليو هو، دوستن کي پسند ايندو ۔۔۔ هيٺ لنڪ ڏيانٿو ۔۔۔
http://www.sindhsalamat.com/showthread.php?t=843
 
Back
Top