Sindhi Media
سينيئر رڪن
دُنيا جي سڀني بابڙن کي، سنڌي ميڊيا ساليوُوڊ ۽ ساليوُوڊ آرٽسٽس ويلفيئر ايسوسيئيشن (ساوا) جي مڙنئي فنڪارن طرفان بابا ڏهاڙو (فادرس ڊي) مُبارڪ هُجي. اچو ته هن ڏهاڙي تي ملي هڪ سچو عهد ڪريون ته اڄ کان پنهنجي سنڌي ڪلچر، تهذيب ۽ تمدن کي بچائڻ لاءِ پنهنجن اولادن کي زور ڀري سنڌي لکائي، سکائي ۽ پڙهائيءَ جي آگاهي ڏيون. خاص طور اُهي جيڪي شهرن ۾ رهائش پذير آهن ۽ نه ته صحيح سنڌي اُچاري سگھن ٿا، نه ڳالهائي سگھن ٿا. نه لکي سگھن ٿا ۽ نه سنڌي پوشاڪ پائين ٿا پر آهن سنڌي تهذيب ۽ ڪلچر ۽ ليکڪن اديبن جي گھرانن جا ۽ جن جي رهائش ٻاهر آهي.