• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪچهريءَ جا مور

جواب: ڪچهريءَ جا مور

سائين سب دوستن کي هن اوطاق ته ڀلي ڪار

سڄي سنگت کي ٻانهون ٻڌي سلام؛ يار لک ٿورا اڪبر ڀائو ۔۔۔ اوطاق سجائڻ تي اوهانکي مبارڪ ڏجي ٿي ۔۔۔ باقي يار! اڪبر ڪير ٿو چوي ته اوطاقون ختم ٿي ويون آهن، اڙي ڀائو اڄ به ويچارا سنڌي واندا ويچارا، ڪم ڪار ٺپ هجڻ سبب سڄو ڏينهن اوطاقن ۾ ڪچهريون لايون ويٺا آهن ۔۔۔

آءُ ته جڏهن تازو لاڙڪاڻي ويس ته اصل هر گهر ۾ دوستن جون ڪچهريون جاري ۽ ساري هيون ۔۔۔ خئير ڏيو خبر چار، تندرست توانا، مال متاءُ ، ڍور ڍڳا ۽ فصل فڙا سڀ خئير آهي نه ۔۔۔؟

وعليڪم سلام نثار ابڙو صاحب توهان جا لک لائيق جو توهان هن اوطاق تي پير ڀري آيا باقي مبارک ته سنڌسلامت وارن کي هجي جنهن هن اوطاق لاءِ پلاٽ ڏنو آهي
ادا مان ته چوان ٿو ڪهچاريون سنڌ مان ختم نه ٿيو آهن مان پاڻ هاڻ دوستن کان اٿيو اچان پيو مهرباني ادا توهان هن تهرڊ کي پسند ڪيو

ابا مولائي فقير جا تازا تازا سلام! اجهو ئي موٽيو آهيان ممبئي جي تاج هوٽل جي ٻاهران پني ڪري موٽيو آهيان۔ هتان گذري رهيو هوس ته اوطاق تي فانوس جي روشني ڏٺي۔ سو ابا مون سوچيو ته سنگت سان دعا سلام به ڪريان ۽ کين اهو به چوان ته ابا فانوس جي لاٽ مان ڪارا دونها ٿا نڪرن مهرباني ڪري وٽ کي ٿوڙي صحيح نموني سان رکندا۔ جيئن سنگت جا ڦڦڙ بچي وڃن۔۔۔ باقي چلم ته اصلي واهه جو ٺاهيو اٿوَ۔۔۔ لڳي ٿو ادو علي علي وضمِڙو ڏئي ويو آهي يا ٻيو ڪو سنگت وارو کڻي آيو آهي۔ اگر ايئن آهي ته ۔۔۔۔۔ پرائو ٻار کري۔۔۔۔ اسانجو اندر ٺري۔۔۔۔۔

مهرباني فقير سائين توهان سان ٺيڪ ٺاڪ ڪهچاري ڪبي توهان وڏا هوشيار نظر اچو ٿا پر توهانجي جواب ڏيڻ جو انداز تمام سٺو آهي مهرباني

بس يار رنجيت چوين سچ پيو۔۔۔ پر يار ڏئي خبر اهو گُلو وارو ڇورو اسان واري ٻني تان چوري گاهه ڪري ويو۔۔۔ اوهان جو پاڙيسري به ادا انهي گُلو کي سمجهائيس جي ٻيهر اسان جي ٻني تان چوري گاهه ڪرڻ آيو ته پوءِ اصل سٺو ڪونه ٿيندو۔۔۔

يار تون ته اوطاقي مڙس آهين چار چڱا دوست تو وٽ لڙي ايندا آهي جي اسانجو فيصلو نه ڪيئي ته پوءِ توسان به ڀَتُ برادري ختم۔۔۔

يار هاڻي هلون ٿا وري به پارت اٿئي۔۔۔۔ منهنجي ڪم جي

سائين نراض نه ٿيو فصل ۾ ته گاهه تمام گهڻو آهي جنهن سان فصل کي نقصان ايندو ۽ جيت جو به خترو رهندو فصل ۾ گند گاهه ڪڌڻ سان فصل تمام سٺو ٿيندو ۽ ڀاڻ جو به اثر دير تائين رهندو
 
جواب: ڪچهريءَ جا مور

ادا علي اڪبر هاڻي ته اوهانکي يقين ٿيو ته سنڌي ماڻهون ڪچهري جا مور آهن، اوهان صرف اوطاق کوليو باقي ڪچهرين جا مور دوست پاڻ ئي پهچي ويندا ۔۔۔ ڏسو نه دوستن ڪئين ڪچهري به ڪئي ۽ اوطاق تي هل هنگامو، ڀوڳ ٽڪا به ٿيو ۔۔۔

بس هاڻ اوهان وارو ڪيو پهريان لسي پاڻي ۽ انکانپو او هو پريان بيٺل ڪڪڙ ڪهي وٺو ۔۔۔ ته وڌيڪ ڪچهريون ٿين ۔۔۔ وارو ڪيو بک لڳي آهي ۔۔۔

%-( ادا مون ٻڌو ڪون
مهرباني ادا ڪڪڙ به قربان ٿيندا لسي ۽ پاڻي به جام ٿيندو بس توهان اسان کي آزمائي ڏسو
فقير کي ڏيو ٿا بڇ ڪٿان نه ڪٿان هٿ هڻي ايندو ائين نه فقير سائين

ٻيو ٻڌايو توهان وٽ پاڻي جي ڪلت ڪيتري آهي
 
جواب: ڪچهريءَ جا مور

سائين سب دوستن کي هن اوطاق ته ڀلي ڪار

مهرباني فقير سائين توهان سان ٺيڪ ٺاڪ ڪهچاري ڪبي توهان وڏا هوشيار نظر اچو ٿا پر توهانجي جواب ڏيڻ جو انداز تمام سٺو آهي مهرباني

ابا فقرائي ماڻهو آهيون هوشيار وري ڌوڙ جا۔۔۔ مڙئي سنگت جي سڪ ستائيندي آهي ته ڳوٺ‌ هليا ايندا آهيون۔ اوطاق تي رونق ڏٺيسين سو سوچيو سي ته اتان به ٻه چار پئسا ملي پوندا، پر هتي ته اصلي محبت جي ايل ڪولر جي ٿڌي ٿڌي هوا لڳي پئي هئي۔ سو سائين اسان به اچي مڙئي ٻه چار وڏائيون ڪري ويهي رهياسي۔۔۔۔ ير دل ۾‌ نه ڪجو اصلي لسي ۽‌ ڪڪڙ‌ جو ڇا ٿيو۔۔۔۔؟ بک تي مارڻ‌ جو موڊ اٿئي ڇا۔۔۔۔۔ ايئن ٿوڙئي ٿيندو آهي۔ مڃآن ٿو بيحيائي بادشاهي آهي پر اصلي ايئن وري ڪيئن۔۔۔۔ ٻيلي سنگت جو نڪ نه ڪٽرا

۽‌ ها ادي علي علي واري ڀوري مينهن به ويامي آهي سو انکي به چئه ته پِسِ‌ جو ٿالهه ڀري کڻي اچي۔۔۔ موبائل ڪريس۔۔۔۔ نه ته پنهنجي يارو ياري۔۔۔۔۔۔

سائين نراض نه ٿيو فصل ۾ ته گاهه تمام گهڻو آهي جنهن سان فصل کي نقصان ايندو ۽ جيت جو به خترو رهندو فصل ۾ گند گاهه ڪڌڻ سان فصل تمام سٺو ٿيندو ۽ ڀاڻ جو به اثر دير تائين رهندو
ادا ڳالهه اها ڪونهي اهو ڇوڙو نڀاڳو۔۔۔۔ ير پڇبو ته آهي نه گهٽ‌ ۾‌ گهٽ‌ پاسي ۾‌ ٻج ڇٽيل هو۔۔۔ بند به ڀڃي ويو آهي۔۔۔۔ ير اصلي سڄو ملڪ پاڻِي پاڻي ٿي ويو آهي۔۔۔۔۔۔۔۔
 
جواب: ڪچهريءَ جا مور

%-( ادا مون ٻڌو ڪون
مهرباني ادا ڪڪڙ به قربان ٿيندا لسي ۽ پاڻي به جام ٿيندو بس توهان اسان کي آزمائي ڏسو
فقير کي ڏيو ٿا بڇ ڪٿان نه ڪٿان هٿ هڻي ايندو ائين نه فقير سائين

ٻيو ٻڌايو توهان وٽ پاڻي جي ڪلت ڪيتري آهي

ادا ٻڌڻ‌ وري ڪٿان ايندئي سڄو ڏينهن اهو جلال ۽‌ شيدي هلائي ويٺو آن،،،، انهن مان ته جان ڇڏا

هو ڪالهه ڪهڙو پيو ڪلام ٻڌين۔۔۔۔۔ ههڙي دور ۾‌ توسان ٿو پيار ڪيان پو‌به شابس نه ٿو ڏين۔۔۔۔ (پوليس کي سب خبر آ ادا)

جيستائين ادو وڏو جواب ڏي تيستائين مان ٿو ٻڌايان سهڻل سائين۔۔۔۔۔۔۔

اسان ته هتي مينيرل واٽرڙو(ير جيڪو پاڻي بوتل ۾‌ قيد ) ٿيندو آهي نه اهو پيئندا آهيون۔ باقي جڏهن ٽرين ۾‌ هوندو آهيان ته اصلي هڪ بوتل مان 20 ڄڻا پاڻي ڇڪيندا آهيون۔۔۔۔ مڙئي نڙي آلي ڪندا آهيون
 
جواب: ڪچهريءَ جا مور

ادا توهان اڄ به وڃي ڏسو سنڌ جي ڳوٺن ۾ ڪچهري جا مور ماڻهو موجود آهن انهن سان گڏ توهان پوري رات ڪچهري ڪيو توهان بور ڪونه ٿيندا سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
جواب: ڪچهريءَ جا مور

ابا فقرائي ماڻهو آهيون هوشيار وري ڌوڙ جا۔۔۔ مڙئي سنگت جي سڪ ستائيندي آهي ته ڳوٺ‌ هليا ايندا آهيون۔ اوطاق تي رونق ڏٺيسين سو سوچيو سي ته اتان به ٻه چار پئسا ملي پوندا، پر هتي ته اصلي محبت جي ايل ڪولر جي ٿڌي ٿڌي هوا لڳي پئي هئي۔ سو سائين اسان به اچي مڙئي ٻه چار وڏائيون ڪري ويهي رهياسي۔۔۔۔ ير دل ۾‌ نه ڪجو اصلي لسي ۽‌ ڪڪڙ‌ جو ڇا ٿيو۔۔۔۔؟ بک تي مارڻ‌ جو موڊ اٿئي ڇا۔۔۔۔۔ ايئن ٿوڙئي ٿيندو آهي۔ مڃآن ٿو بيحيائي بادشاهي آهي پر اصلي ايئن وري ڪيئن۔۔۔۔ ٻيلي سنگت جو نڪ نه ڪٽرا

۽‌ ها ادي علي علي واري ڀوري مينهن به ويامي آهي سو انکي به چئه ته پِسِ‌ جو ٿالهه ڀري کڻي اچي۔۔۔ موبائل ڪريس۔۔۔۔ نه ته پنهنجي يارو ياري۔۔۔۔۔۔
واه ادا واه وڻ وڄائي ڇڏيا ٿي بس ٿوري انظار ڪر صبح ٿيڻ واري آهي پيا

ادا ڳالهه اها ڪونهي اهو ڇوڙو نڀاڳو۔۔۔۔ ير پڇبو ته آهي نه گهٽ‌ ۾‌ گهٽ‌ پاسي ۾‌ ٻج ڇٽيل هو۔۔۔ بند به ڀڃي ويو آهي۔۔۔۔ ير اصلي سڄو ملڪ پاڻِي پاڻي ٿي ويو آهي۔۔۔۔۔۔۔۔

واه ادا واه وڻ وڄائي ڇڏيا ٿي ٿورو انتظار ڪر ٻوڙ تيار ٿي رهيو آهي صفا تو به ڇتو ٿي پيو آهين
 
جواب: ڪچهريءَ جا مور

واه ادا واه وڻ وڄائي ڇڏيا ٿي ٿورو انتظار ڪر ٻوڙ تيار ٿي رهيو آهي صفا تو به ڇتو ٿي پيو آهين

نه ادا اڪبر! هاڻي پنهنجي موڪلاڻي اٿي۔۔۔۔ صبح جو سوير پنڻ‌به وڃڻو آهي۔‌ ٻيو ته وري اصلي نيڪ بابا نيڪ مائي جون صدائون هڻي هڻي مٿي ۾ سور پئجي ويو آهي جنهن جو گواه ادو مست اٿوَ۔۔۔ پنهنجي علي علي اٿوَ۔۔۔۔ اسان هلون ٿا۔۔۔ چوندا آهن ته ميلو متو ڇڏجي۔ سو اسان صلفي کي ڇڪي رکجو اصلي دير نه ڪجو۔۔۔۔

چڱو ابا سنگت۔ موڪلاڻي ڪونهي، گڏيا پيا آهيون، جيڏانهن پير، تيڏانهن ڄنگهون،،، يارو يارو ظفر لغاري۔۔۔۔

سدائين گڏ
 
جواب: ڪچهريءَ جا مور

ادا علي اڪبر هاڻي ته اوهانکي يقين ٿيو ته سنڌي ماڻهون ڪچهري جا مور آهن، اوهان صرف اوطاق کوليو باقي ڪچهرين جا مور دوست پاڻ ئي پهچي ويندا ۔۔۔ ڏسو نه دوستن ڪئين ڪچهري به ڪئي ۽ اوطاق تي هل هنگامو، ڀوڳ ٽڪا به ٿيو ۔۔۔

بس هاڻ اوهان وارو ڪيو پهريان لسي پاڻي ۽ انکانپو او هو پريان بيٺل ڪڪڙ ڪهي وٺو ۔۔۔ ته وڌيڪ ڪچهريون ٿين ۔۔۔ وارو ڪيو بک لڳي آهي ۔۔۔

ادا اسان وارو همراهه چوي ٿو ته ڳوٺ اچو ته پوءِ اهي شيون کوڙ۔۔۔ هاڻي ڪير سوين رپيا ڪرايو ڪري وڃي وري سائين اتي همراهه جو در کڙڪائجي پر وري به اتي وڃي خبر پوي ته ادي جي ايڊريس به صحيح هئي يا نه ۔۔۔۔
 
جواب: ڪچهريءَ جا مور

نه ادا اڪبر! هاڻي پنهنجي موڪلاڻي اٿي۔۔۔۔ صبح جو سوير پنڻ‌به وڃڻو آهي۔‌ ٻيو ته وري اصلي نيڪ بابا نيڪ مائي جون صدائون هڻي هڻي مٿي ۾ سور پئجي ويو آهي جنهن جو گواه ادو مست اٿوَ۔۔۔ پنهنجي علي علي اٿوَ۔۔۔۔ اسان هلون ٿا۔۔۔ چوندا آهن ته ميلو متو ڇڏجي۔ سو اسان صلفي کي ڇڪي رکجو اصلي دير نه ڪجو۔۔۔۔

چڱو ابا سنگت۔ موڪلاڻي ڪونهي، گڏيا پيا آهيون، جيڏانهن پير، تيڏانهن ڄنگهون،،، يارو يارو ظفر لغاري۔۔۔۔

سدائين گڏ
ها ادا پهرين روزي روٽي پوءِ سڀ ڪجهه، جان آهي ته جهان آهي۔۔ رات جو دير تائين جاڳندين ته صبح جو وات پٽي پيو هوندين۔۔۔ يا وري پوءِ ننڊ جي نشن ۾ نيڪ بابا جي جڳهه تي نيڪ ماما جي صدا پيو هڻندين
 
جواب: ڪچهريءَ جا مور

توهان جي ڪچهري ڏسي واقعي دل چيو ته سمورن دوستن جي نوڪ جهوڪ ٻڌجي ۽ ڪچهري ۾ حصو اٽڪائجي۔۔۔
ادا توهان اڄ به وڃي ڏسو سنڌ جي ڳوٺن ۾ ڪچهري جا مور ماڻهو موجود آهن انهن سان گڏ توهان پوري رات ڪچهري ڪيو توهان بور ڪونه ٿيندا سنڌ سلامت ساٿ سلامت
ادا همانگير درست چيو ۔۔۔ مان اڪثر ڳوٺ ۾ هڪ اهڙي هوٽل تي ٽن پهر واري ٽائيم تي ضرور ويندو آهيان جتي اسان جا جهونا جيڪي پنهنجي عمر پوري ڪري ذميداريون اولاد کي ڏئي ۔۔۔ پنهنجا ٽينشن گهٽائڻ ايندا آهن ۔۔۔ اهڙين ڪچهرين ۾ کوڙ لالو ءَ ۽ سندس دوستن وارا ڪردار به هوندا۔۔۔ ڪجهه چرچا ڀوڳ ڪچهري کي نمڪين بڻايو ڇڏين ۔۔۔۔ اهڙين ڪچهرين ۾ وري جيڪڏهن ڪو وڏيري جي ڪردار ادا ڪندي شامل ٿيندو ته سمجهو بس هڙ وئي ۔۔۔ ڪچهري ختم۔۔۔ پاڻ به پوءِ پوتڙو ڇنڊي اٿي پوندا آهيون۔۔۔۔

[fv]184508958206[/fv]​
 
جواب: ڪچهريءَ جا مور

ابو سڄي سنگت کي سلام، اسان به مڙئي پاڻي جي واري تي رات سڄي گذاريسون، پاڻي ته ڪونه آيو جو چون ٿا مٿي پنجاب وارن ڪا گهوٻي هنئي آهي ۔۔۔ الائي اها نڀاڳي چشمه چشمه ٿا ڪن ڪو وڏو واهه کوٽايو اٿن جنهن سان اسانجو پاڻي ٿا چوري ڪن ۔۔۔ ابا ! هن ملڪ ۾ چورن جي پيٽ ڀرجي ته اسان مسڪينن جو وارو اچي ۔۔۔۔

خئير ڏيو حال احوال ڪو چانهن چڪو تيار ٿيو آهي يا ادو علي اڪبر شر اوطاق کولي وڃي سمهي پيو آهي ۔۔۔

ادا رشيد اصل واهه جي فلم کڻي آيو آهين يار ۔۔۔

همراه ٻي همراه کي چرچو هنيو ته يار پنهنجو وات ته ڏس ڄڻ انگريزي فلم جي پوسٽر کي ڀينڊ لڳو آهي ۔۔۔ اصل کلي کلي پيٽ ۾ سور پئجي ويو آهي ۔۔۔ بروبر ادا بروبر ادا ۔۔۔

وڌيڪ سنگت جا ڪهڙا حال آهن ۔۔۔؟
 
جواب: ڪچهريءَ جا مور

ڪچهريون ۽ ڪچهري جا مور اڄ به توهان کي سنڌ جي هر شهر ۾ هر ڳوٺ ۾ آساني سان ملي ويندا، پر جيڪي ڪچهريون اڳي ڳوٺن ۾ ٿينديون هيون شايد اهي گهٽبيون ٿيون وڃن، جن ڪچهرين ۾ زماني جا سياڻا ، عام ماڻهون نوجوان، پيرسن پنهنجو تمام ڪم ڪار ڪرڻ کانپوء اچي گڏ ٿيندا هئا ۽ هڪ ٻئي جي ڏک سور جي خبر چار لهندا هئا، ۽ هڪٻئي سان گفتگو ڪري هڪ ٻئي کي معلومات سان مالا مال ڪرڻ سان گڏ هڪٻئي ۾ محبت ۽ پيار ورهائيندا هئا، پر اڄڪلهه اها محبت ۽ پيار ڪاٿي رهيو آهي، اڪثر ماڻهن لالچ ۾ ڪاهجي پيا آهن ۽ ، ( پيار وارو الفاظ هاڻي الٽو ٿئي پيو آهي، پيار واري ( ر ) آخر مان ڦري پيار جي اڳيان ٿئي پئي آهي ۽ اهو پيار رپيا ٿئي پيو آهي )، جنهن جو جيترو افسوس ڪجي اهو گهٽ آهي، ، ( پر اڃان به ڪٿي ڪٿي اها محبت ۽ خلوص وارو ماحول موجود آهي، ۽ فلوص کان وڌيڪ خلوص کي اهميت آهي، بقول شاه صاحب ته( اڃان ڪي آهين ڪل جڳ ۾ ڪاپڙي،) ادا سنڌ ۾ ڪو وقت هو ته ڳوٺن ۾ روبرو ڪچهري کان علاوه ريڊيو تي ( فتح خان جي ڪچهري) پڻ ٻڌي ويندي هئي ۽ ان کان پوء ٽي وي تي پڻ مرحوم جناب سيد صالح محمد شاه صاحب انهيء ڪچهري کي پيش ڪري ان ڪچهريء کي خوب نڀائيندو هو۔۽ ڪچهريون ڪرڻ به تمام سٺي ڳالهه آهي مگر ڀائرو اڄ جو دور ڊڪ ڊوڙ جو، ۽ مقابلي جو دور آهي، هن ۾ ڪچهرين کان وڌيڪ اسان کي پنهنجي لاء ۽ پنهنجي قوم لاء سخت محنت ۽ جدو جهد ڪرڻ جي ضرورت آهي، ، ڪچهرين کي به ٽائيم ڏجي پر اوليت محنت ۽ جدو جهد کي ڏجي، مون کي سڀ کان وڌيڪ افسوس تڏهن ٿيندو آهي جڏهن مان پنهنجي شهر دادو ويندو آهيان ۽ پنهنجن ماڻهن کي ڏسندو آهيان ته اهي پنهنجو قيمتي وقت ڪيئن پيا هوٽلن تي ويهي ضايع ڪندا آهن،( مان سمجهان ٿو ته دنيا ۾ تمام شين مان سڀ کان وڌيڪ قيمتي شيء وقت آهي، جنهن کي جيترو جنهن شيء تي لڳائبو اوترو اها شيء حاصل ڪري سگهبي، ) ۽ مون پاڻ ڏٺو آهي ته ڪيترائي اهڙا ماڻهون آهن جيڪي صبح جو اچي ٿا هوٽل تي ويهن ۽ شام جو ٿا پنهنجي گهرن ڏانهن، ڳوٺن ڏانهن واپس وڃن، ۽ افسوس ته ان ڳالهه تي آهي ته وري اهڙن مردن جون زالون ٻنين ٻارن ۾ محنت مزدوري ٿيون ڪن ۽ هي اسان جا جوڌا جوان وري سڄو ڏينهن پنهنجو قيمتي وقت هوٽل تي ڪچهرين ۽ ٽي وي ڏسڻ ۾ گذارڻ کان پوء جڏهن گهرن ڏانهن واپس ورن ٿا ته اهي وڃي پنهنجن انهن محنت مزدوري ڪندڙن عورتن تي روب تاب ٿا ڪن، ( اهڙي مرد هجڻ کان ته ٻڏي مرڻ بهتر آهي )
خدارا ڪجهه سوچيو، انهن ڳالهين جي ڪري اسان ڪيترا پوئتي ٿيندا پيا وڃون ۽ انهن ڪمزورين جي ڪري ٻيون قومون اسان تي ٽوڪون پيون ڪن، ، ڀاء اسان محنت مزدوري کان پيا نٽايون ۽ وري مٿان اهي پيا حوال ڪندا آهيون ته سنڌ کي فلاڻه کائي ويا، ۽ سنڌ سان هي ظلم آهي، وغيره وغيره۔
سنڌ جا ساٿيو توهان ڪڏهن اهيو به سوچيو آهي ته اسان جي ڪراچي اسان جي سنڌين جي هٿن مان نڪرندي ٿي وڃي ۽ اتي پهرين صرف اردو ڳالهائيندڙن جي اڪثريت هوندي هئي پر هاڻي ته اتي ( ڪراچي ) ۾ نه صرف اردو ڳالهائيندڙن جي اڪثريت ۽ ڪنٽرول آهي پر ان کان پوء هاڻي پٺاڻن جي اڪثريت ٿئي وئي آهي، ۽ هيئر ڪراچي ۾ پٺاڻن جو هر شيء تي قبضو آهي، ڪراچي مارڪيٽن کان وٺي سبزي منڊي، ٽرانسپورٽ، وغيره۔ ڪراچي ۾ ته هر لوڪل بس هلائيندڙ به پٺاڻ آهي، ڪراچي جي هر علائقي ۾ (چاهي اڃان آباد به نه ٿيو آهي، ) هوٽل به توهان کي پٺاڻ جو ملندو، ڪراچي جي سبزي منڊي ۾ توهان ڳالهائي به ڪو نه ٿا سگهو اتي به پٺاڻن جو ڦل قبضو آهي، ڪراچي جي هر بنگلي هر بيئڪ، هر فليٽ، هر آفيس ۾ توهان کي چوڪيدار به پٺاڻ ملندو، ڪراچي جي هر روڊ رستي تي محنت مزدوري ڪندي توهان کي پٺاڻ ملندو، مطلب ته اهي قومون جنهن کي اسان ڄٽ ۽ بيوقوف سمجهندا آهيون ۽ انهن تي ڪيترائي لطيفه ٺاهيندا آهيون، جڏهن ته حقيقت ته اهيا آهي، ته اهو پٺاڻ به اسان کي پوئتي ڇڏي ويو آهي، ۽ اسان اڃان تائين انهن ڪچهرين ۾ خوش آهيون
ادا اسان محنت ڪيون ڪونه اسان پنهنجي ماء پيء کان پري ٿيون ڪونه ، اسان پنهنجون ننڍون ڦٽايون ڪونه پوء گُهر اهيا ٿا ڪريون ته اسان کي پنهنجي منزل به ملي سو ادا قومون ڪچهري ڪرڻ سان يا حوال ڪٽڻ سان ترقي ڪو نه ڪنديون آهن پر محنت ۽ جدو جهد ڪرڻ سان ترقي ڪنديون آهين، ان لاء پنهنجون ننڍون ختم ڪرڻيون هونديون آهن۔ ۽ ائين ڀائرو پنهون، حاصل ڪونه ٿيندو آ۔ شايد شاه صاحب اهڙن ماڻهن لاء ئي ته هي بيت چيو هو

اِيُ ڪَمُ ڪَمِيڻِيَنِ، جِئن سُمَهَنِ پيرَ ڊِگھا ڪَري؛​
لوچِين ڇو نه، لَطِيفُ چئي، هارِي! لَءِ هوتَنِ؛​
نِنڊان نِڀاڳِينِ کي، اوڀالا اَچَنِ؛​
سي پُنهُون ڪوه پُڇَنَ؟ جي سَنجھي رَهَنِ سُمهِي​
.

هڪ يو ڪي جي سنڌي ڪچهري ڏسو۔ ۽ پوء مٿين ڳالهين تي سوچيو​
http://www.youtube.com/watch?v=xTkt86XR1zw
http://www.youtube.com/watch?v=ow2KBcMWj8M&feature=related
 
جواب: ڪچهريءَ جا مور

ابو سڄي سنگت کي سلام، اسان به مڙئي پاڻي جي واري تي رات سڄي گذاريسون، پاڻي ته ڪونه آيو جو چون ٿا مٿي پنجاب وارن ڪا گهوٻي هنئي آهي ۔۔۔ الائي اها نڀاڳي چشمه چشمه ٿا ڪن ڪو وڏو واهه کوٽايو اٿن جنهن سان اسانجو پاڻي ٿا چوري ڪن ۔۔۔ ابا ! هن ملڪ ۾ چورن جي پيٽ ڀرجي ته اسان مسڪينن جو وارو اچي ۔۔۔۔

خئير ڏيو حال احوال ڪو چانهن چڪو تيار ٿيو آهي يا ادو علي اڪبر شر اوطاق کولي وڃي سمهي پيو آهي ۔۔۔

ادا رشيد اصل واهه جي فلم کڻي آيو آهين يار ۔۔۔

همراه ٻي همراه کي چرچو هنيو ته يار پنهنجو وات ته ڏس ڄڻ انگريزي فلم جي پوسٽر کي ڀينڊ لڳو آهي ۔۔۔ اصل کلي کلي پيٽ ۾ سور پئجي ويو آهي ۔۔۔ بروبر ادا بروبر ادا ۔۔۔

وڌيڪ سنگت جا ڪهڙا حال آهن ۔۔۔؟

ادا وڏا واعليڪم اسلام! اسان جي سڄي رات بس سورن ۾‌ گذري آهي نيڪ بابا نيڪ مائي‌جون صدائون هڻندين ڪالهه وارو ڏينهن ته ٽپي ويو، پر اڄ‌ روضي تي ڪونه ويو آهيان ۔ جنهن جو سبب شايد ادي اڪبر وارو چلم ٿي ٿو سگهي۔ اهڙو ته مٿي ۾‌ سور پيو آهي جو اصلي پڇو ئي نه!‌ هاڻي هاڻي ننڊ مان اٿيس گهر ۾‌ چيو ته مونکي چانهه سان گڏ پٽاٽن واري ماني پچائي ڏيو جيستائين مان اوطاق تان چڪر ڏئي اچان۔۔۔۔ بس اهو نڀاڳو نڪُ‌به نيسارا ٿو وهائي ٻيو وري تپُ‌ به ٿي پيو آهي۔ پاڻ‌ وارو ڏاڪڍر صاحب به ڪونهي ۽‌ حڪيم به ڪونهي، هاڻي ٻڌايو ته مان ڇا ڪريان۔ هڪ ڏينهن روضي‌ تي نه ويو آهيان، ڪٿي شڪارپوري فقير کي خبر پئجي وئي ته هو هليو ويندو۔ ۽‌ منهنجا گراهڪ خراب ڪري ايندو۔۔۔
ٻيو ڏيو حآل احوال، مونکي ڪنهن دوست ٻڌايو ته توهان ٽيوبويل پيا هڻآيو۔۔۔ نڀاڳي پنجابستان هڻي سنڌ جا لاهه ڪڍي رکيا آهن۔۔۔۔۔۔؟‌ لڳي ٿو مونکي انٽرنيشنل فقير فيڊريشن جي ميٽنگ ڪوٺائڻي پوندي ۽‌ سڀ فقير پنجاب موڪلڻا پوندا۔ ڇو جو محبت ۽‌ جنگ ۾‌ هڪ شي‌ جائز آهي۔ هي‌ته مهاڀاري لڙآئي آهي۔۔۔۔
 
جواب: ڪچهريءَ جا مور

توهان جي ڪچهري ڏسي واقعي دل چيو ته سمورن دوستن جي نوڪ جهوڪ ٻڌجي ۽ ڪچهري ۾ حصو اٽڪائجي۔۔۔

ادا همانگير درست چيو ۔۔۔ مان اڪثر ڳوٺ ۾ هڪ اهڙي هوٽل تي ٽن پهر واري ٽائيم تي ضرور ويندو آهيان جتي اسان جا جهونا جيڪي پنهنجي عمر پوري ڪري ذميداريون اولاد کي ڏئي ۔۔۔ پنهنجا ٽينشن گهٽائڻ ايندا آهن ۔۔۔ اهڙين ڪچهرين ۾ کوڙ لالو ءَ ۽ سندس دوستن وارا ڪردار به هوندا۔۔۔ ڪجهه چرچا ڀوڳ ڪچهري کي نمڪين بڻايو ڇڏين ۔۔۔۔ اهڙين ڪچهرين ۾ وري جيڪڏهن ڪو وڏيري جي ڪردار ادا ڪندي شامل ٿيندو ته سمجهو بس هڙ وئي ۔۔۔ ڪچهري ختم۔۔۔ پاڻ به پوءِ پوتڙو ڇنڊي اٿي پوندا آهيون۔۔۔۔

[fv]184508958206[/fv]​

زوري کلڻ ته اسان کي به ڪونه اچي سائين، شڪر جو انهيءَ اوطاق ۾ پاڻ وياسين ئي ڪونه
 
جواب: ڪچهريءَ جا مور

ابو سڄي سنگت کي سلام، اسان به مڙئي پاڻي جي واري تي رات سڄي گذاريسون، پاڻي ته ڪونه آيو جو چون ٿا مٿي پنجاب وارن ڪا گهوٻي هنئي آهي ۔۔۔ الائي اها نڀاڳي چشمه چشمه ٿا ڪن ڪو وڏو واهه کوٽايو اٿن جنهن سان اسانجو پاڻي ٿا چوري ڪن ۔۔۔ ابا ! هن ملڪ ۾ چورن جي پيٽ ڀرجي ته اسان مسڪينن جو وارو اچي ۔۔۔۔

خئير ڏيو حال احوال ڪو چانهن چڪو تيار ٿيو آهي يا ادو علي اڪبر شر اوطاق کولي وڃي سمهي پيو آهي ۔۔۔

ادا رشيد اصل واهه جي فلم کڻي آيو آهين يار ۔۔۔

همراه ٻي همراه کي چرچو هنيو ته يار پنهنجو وات ته ڏس ڄڻ انگريزي فلم جي پوسٽر کي ڀينڊ لڳو آهي ۔۔۔ اصل کلي کلي پيٽ ۾ سور پئجي ويو آهي ۔۔۔ بروبر ادا بروبر ادا ۔۔۔

وڌيڪ سنگت جا ڪهڙا حال آهن ۔۔۔؟

سائين ادو علي اڪبر جيسي اٿي تيسين ڪاڪي آچار جي طرف کان چانهه پيو۔۔
mh0001.jpg

image-tea-cup.jpg
 
جواب: ڪچهريءَ جا مور

ڪچهريون ۽ ڪچهري جا مور اڄ به توهان کي سنڌ جي هر شهر ۾ هر ڳوٺ ۾ آساني سان ملي ويندا، پر جيڪي ڪچهريون اڳي ڳوٺن ۾ ٿينديون هيون شايد اهي گهٽبيون ٿيون وڃن، جن ڪچهرين ۾ زماني جا سياڻا ، عام ماڻهون نوجوان، پيرسن پنهنجو تمام ڪم ڪار ڪرڻ کانپوء اچي گڏ ٿيندا هئا ۽ هڪ ٻئي جي ڏک سور جي خبر چار لهندا هئا، ۽ هڪٻئي سان گفتگو ڪري هڪ ٻئي کي معلومات سان مالا مال ڪرڻ سان گڏ هڪٻئي ۾ محبت ۽ پيار ورهائيندا هئا، پر اڄڪلهه اها محبت ۽ پيار ڪاٿي رهيو آهي، اڪثر ماڻهن لالچ ۾ ڪاهجي پيا آهن ۽ ، ( پيار وارو الفاظ هاڻي الٽو ٿئي پيو آهي، پيار واري ( ر ) آخر مان ڦري پيار جي اڳيان ٿئي پئي آهي ۽ اهو پيار رپيا ٿئي پيو آهي )، جنهن جو جيترو افسوس ڪجي اهو گهٽ آهي، ، ( پر اڃان به ڪٿي ڪٿي اها محبت ۽ خلوص وارو ماحول موجود آهي، ۽ فلوص کان وڌيڪ خلوص کي اهميت آهي، بقول شاه صاحب ته( اڃان ڪي آهين ڪل جڳ ۾ ڪاپڙي،) ادا سنڌ ۾ ڪو وقت هو ته ڳوٺن ۾ روبرو ڪچهري کان علاوه ريڊيو تي ( فتح خان جي ڪچهري) پڻ ٻڌي ويندي هئي ۽ ان کان پوء ٽي وي تي پڻ مرحوم جناب سيد صالح محمد شاه صاحب انهيء ڪچهري کي پيش ڪري ان ڪچهريء کي خوب نڀائيندو هو۔۽ ڪچهريون ڪرڻ به تمام سٺي ڳالهه آهي مگر ڀائرو اڄ جو دور ڊڪ ڊوڙ جو، ۽ مقابلي جو دور آهي، هن ۾ ڪچهرين کان وڌيڪ اسان کي پنهنجي لاء ۽ پنهنجي قوم لاء سخت محنت ۽ جدو جهد ڪرڻ جي ضرورت آهي، ، ڪچهرين کي به ٽائيم ڏجي پر اوليت محنت ۽ جدو جهد کي ڏجي، مون کي سڀ کان وڌيڪ افسوس تڏهن ٿيندو آهي جڏهن مان پنهنجي شهر دادو ويندو آهيان ۽ پنهنجن ماڻهن کي ڏسندو آهيان ته اهي پنهنجو قيمتي وقت ڪيئن پيا هوٽلن تي ويهي ضايع ڪندا آهن،( مان سمجهان ٿو ته دنيا ۾ تمام شين مان سڀ کان وڌيڪ قيمتي شيء وقت آهي، جنهن کي جيترو جنهن شيء تي لڳائبو اوترو اها شيء حاصل ڪري سگهبي، ) ۽ مون پاڻ ڏٺو آهي ته ڪيترائي اهڙا ماڻهون آهن جيڪي صبح جو اچي ٿا هوٽل تي ويهن ۽ شام جو ٿا پنهنجي گهرن ڏانهن، ڳوٺن ڏانهن واپس وڃن، ۽ افسوس ته ان ڳالهه تي آهي ته وري اهڙن مردن جون زالون ٻنين ٻارن ۾ محنت مزدوري ٿيون ڪن ۽ هي اسان جا جوڌا جوان وري سڄو ڏينهن پنهنجو قيمتي وقت هوٽل تي ڪچهرين ۽ ٽي وي ڏسڻ ۾ گذارڻ کان پوء جڏهن گهرن ڏانهن واپس ورن ٿا ته اهي وڃي پنهنجن انهن محنت مزدوري ڪندڙن عورتن تي روب تاب ٿا ڪن، ( اهڙي مرد هجڻ کان ته ٻڏي مرڻ بهتر آهي )
خدارا ڪجهه سوچيو، انهن ڳالهين جي ڪري اسان ڪيترا پوئتي ٿيندا پيا وڃون ۽ انهن ڪمزورين جي ڪري ٻيون قومون اسان تي ٽوڪون پيون ڪن، ، ڀاء اسان محنت مزدوري کان پيا نٽايون ۽ وري مٿان اهي پيا حوال ڪندا آهيون ته سنڌ کي فلاڻه کائي ويا، ۽ سنڌ سان هي ظلم آهي، وغيره وغيره۔
سنڌ جا ساٿيو توهان ڪڏهن اهيو به سوچيو آهي ته اسان جي ڪراچي اسان جي سنڌين جي هٿن مان نڪرندي ٿي وڃي ۽ اتي پهرين صرف اردو ڳالهائيندڙن جي اڪثريت هوندي هئي پر هاڻي ته اتي ( ڪراچي ) ۾ نه صرف اردو ڳالهائيندڙن جي اڪثريت ۽ ڪنٽرول آهي پر ان کان پوء هاڻي پٺاڻن جي اڪثريت ٿئي وئي آهي، ۽ هيئر ڪراچي ۾ پٺاڻن جو هر شيء تي قبضو آهي، ڪراچي مارڪيٽن کان وٺي سبزي منڊي، ٽرانسپورٽ، وغيره۔ ڪراچي ۾ ته هر لوڪل بس هلائيندڙ به پٺاڻ آهي، ڪراچي جي هر علائقي ۾ (چاهي اڃان آباد به نه ٿيو آهي، ) هوٽل به توهان کي پٺاڻ جو ملندو، ڪراچي جي سبزي منڊي ۾ توهان ڳالهائي به ڪو نه ٿا سگهو اتي به پٺاڻن جو ڦل قبضو آهي، ڪراچي جي هر بنگلي هر بيئڪ، هر فليٽ، هر آفيس ۾ توهان کي چوڪيدار به پٺاڻ ملندو، ڪراچي جي هر روڊ رستي تي محنت مزدوري ڪندي توهان کي پٺاڻ ملندو، مطلب ته اهي قومون جنهن کي اسان ڄٽ ۽ بيوقوف سمجهندا آهيون ۽ انهن تي ڪيترائي لطيفه ٺاهيندا آهيون، جڏهن ته حقيقت ته اهيا آهي، ته اهو پٺاڻ به اسان کي پوئتي ڇڏي ويو آهي، ۽ اسان اڃان تائين انهن ڪچهرين ۾ خوش آهيون
ادا اسان محنت ڪيون ڪونه اسان پنهنجي ماء پيء کان پري ٿيون ڪونه ، اسان پنهنجون ننڍون ڦٽايون ڪونه پوء گُهر اهيا ٿا ڪريون ته اسان کي پنهنجي منزل به ملي سو ادا قومون ڪچهري ڪرڻ سان يا حوال ڪٽڻ سان ترقي ڪو نه ڪنديون آهن پر محنت ۽ جدو جهد ڪرڻ سان ترقي ڪنديون آهين، ان لاء پنهنجون ننڍون ختم ڪرڻيون هونديون آهن۔ ۽ ائين ڀائرو پنهون، حاصل ڪونه ٿيندو آ۔ شايد شاه صاحب اهڙن ماڻهن لاء ئي ته هي بيت چيو هو

اِيُ ڪَمُ ڪَمِيڻِيَنِ، جِئن سُمَهَنِ پيرَ ڊِگھا ڪَري؛​
لوچِين ڇو نه، لَطِيفُ چئي، هارِي! لَءِ هوتَنِ؛​
نِنڊان نِڀاڳِينِ کي، اوڀالا اَچَنِ؛​
سي پُنهُون ڪوه پُڇَنَ؟ جي سَنجھي رَهَنِ سُمهِي​
.

هڪ يو ڪي جي سنڌي ڪچهري ڏسو۔ ۽ پوء مٿين ڳالهين تي سوچيو​
http://www.youtube.com/watch?v=xtkt86xr1zw
http://www.youtube.com/watch?v=ow2kbcmwj8m&feature=related

سائين ڪوشش ڪبي ته هن اوطاق ۾ سنڌ جي ڪچهرين ۾ پراڻن رنگن (سگهڙن، ڳجهارتن ۽ ٽهڪڙن) سان گڏ نئين دور جون ڳالهيون به ونڊ ڪبيون۔ هي ته سنڌ سلامت جو هڪ سيڪشن آهي، هر حصي جي پنهنجي حيثيت آهي۔
 
جواب: ڪچهريءَ جا مور

سائين ادو علي اڪبر جيسي اٿي تيسين ڪاڪي آچار جي طرف کان چانهه پيو۔۔

ير مست! چانهه ته تو جهڙي مست ٿي لڳي پر پٺاڻ‌ چواڻي اها تعويذ واري چانهه اسان کي وڻي ئي ڪين، اسان کي کپي نازوُ‌ جي هوٽل واري چانهه، اها چانهه ڪاڪي آچار کي واپس ڏينس ۽‌ چئينس ته تنهنجو پٽ‌ پپنو ڀل پڙهيل ڳڙهيل هجي۔ پر اها ڊب ڊب واري چانهه اسان کي ڪونه کپي، توهان ڀل ڳوٺاڻن مان شهر وارا ٿي ويا هجو، پر اسان ڳوٺ‌ جا ئي ڀلا آهيون۔ ماڻهو شهر ۾‌ وڃين مٽجيو وڃن۔۔۔ ياد ڪونه اٿئي ته هو رمضو‌ جو پٽ‌ سکر‌ ويو هو، موٽيو ته ايئن پيو ڀانئين ڄڻ‌ سکر جو ڊي آئي جي هجي۔۔۔نه ڄاڻ‌ته اتي جمعدار هو، اهو به ڪنهن پوليس ٿاڻي تي نه مهراڻ‌ مرڪز وارن باٿرومن جو۔۔۔۔۔۔۔

وڃين نازو‌وٽآن چانهه وٺي اچ پئسا پاڻ‌ ئي ادو اڪبر ڏيندس۔۔۔۔
 
يار رام رکيا۔۔۔ اصل ڌاڻا ڪڍي ڇڏيئي۔۔ اهڙي اسپيشل چانهه جيڪا ڪاڪي آچار پنهنجي هٿن سان ٺاهي آهي سابه اسپيشل سنڌي پيالي ۾ توکي نه ٿي وڻي۔۔ اهي مٿيان ڪوپ ته مڙئي شوڪيش ۾‌پيل آهن۔۔ تنهنجي لاءِ الڳ اسپيشل پيالو آندم، اصل ميٽ جهڙي گهاٽي چانهه۔ ڪاڪو آچار چڙي نه پوئي۔۔ باقي پپنو جي توکي خبر ڪانهي، اهو ويو ٿئي ڪراچي پڙهڻ،
 
چوندا آهي ته دوست کان اهو دشمن ڀلو جيڪو ٿڏي تي ڏي جباب۔۔۔ پاڻ کي ڪوڙي خوشامند ڪرڻ ڪونه ايندي آهي۔ مولائي ماڻهو آهيو جيڪو ايندو آهي اهو چئي ڏيندا آهيون۔ باقي پپنو وري ڪراچي ۾ ڪهڙا ڦاڙها ماريندو۔۔۔ ڳوٺ ۾ به ته ڪڙٻ ڏئي پڙهيو آهي۔ سڄي ڳوٺ کي خبر آهي۔ ڪهڙي ٿو ڳالهه ڪرين۔۔۔۔
 
جواب: ڪچهريءَ جا مور

سائين ڪوشش ڪبي ته هن اوطاق ۾ سنڌ جي ڪچهرين ۾ پراڻن رنگن (سگهڙن، ڳجهارتن ۽ ٽهڪڙن) سان گڏ نئين دور جون ڳالهيون به ونڊ ڪبيون۔ هي ته سنڌ سلامت جو هڪ سيڪشن آهي، هر حصي جي پنهنجي حيثيت آهي۔

ادا مست صاحب توهان جي مهرباني جو توهان هر تحرير تي نظر رکو ٿا، ۽ پنهنجي نئين چارج ( ايڊيٽر ) جي ذميواري خوب نڀايو ٿا، ۽ هر تحرير لاء مختصر ئي صحيح پر پنهنجا خيالات ظاهر ڪريو ٿا۔ جنهن لاء توهان جي نوازش ۔
 
Back
Top