• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪچهريءَ جا مور

جواب: ڪچهريءَ جا مور

ادا مست صاحب توهان جي مهرباني جو توهان هر تحرير تي نظر رکو ٿا، ۽ پنهنجي نئين چارج ( ايڊيٽر ) جي ذميواري خوب نڀايو ٿا، ۽ هر تحرير لاء مختصر ئي صحيح پر پنهنجا خيالات ظاهر ڪريو ٿا۔ جنهن لاء توهان جي نوازش ۔

ادا ممتاز سنڌ سلامت جي اڱڻ ۾ توهان جون تحريرون ايئن آهن جيئن سون جي منڊيءَ جي مٿان هيرا جڙيل هجن، مان ڪوشش ڪري اوهان جي هر تحرير پڙهندو آهيان۔۔
مٿئين تحرير ۾ توهان هڪ ڳالهه لکن جي برابر ڪئي ته اسان وٽ گهڻا سنڌي سڄو ڏينهن هوٽلن ۾ ڏينهن گذاري شام جو پوتڙا ڇنڊي گهر وڃن ٿا ۽ سندن مايون ٻني ٻارو ڪم ڪار ڪنديون وتن ٿيون، ادا اها ڳالهه توهان بلڪل صحيح ڪئي آهي، اسان وٽ ڄامشورو شهر ۾ به اهو آزار آهي، هتي به جبل جا ٻروچ يا ٻين ذاتين جا ماڻهو سڄو ڏينهن مٺ ۾ سگريٽ جهلي هوٽل تي ويهي ڊاڙ ٺڪاءُ ڪندا آهن ۽ سندن مايون گڏهه گاڏن ذريعي مال لاءِ‌گاهه ڪنديون وتن ٿيون، اصل ڏاڍو افسوس ٿيندو اٿم۔۔۔ توهان صحيح چيو ته اهڙي ڪجهه ماڻهن جي ڪري سنڌي قوم پوئتي پئجي وئي آه۔۔
سنڌ جي اوطاقن جو اصل ته توهان کي خبر هوندو ته شام يا رات جو سڀ ڪم ڪار کان واندا ٿي اچي اوطاق تي ڪٺي ٿيندا هئا، هڪ ٻئي سان حال احوال اوريندا هئا، ڏک سور، خوشيون هڪ ٻئي سان ونڊڻ جو بهترين ذريعو هئي اوطاق، ان سان گڏ سگهڙن جون ڪچهريون، ڳجهارتون، کل ڀوڳ۔۔۔ بس اهي ڳالهيون ياد ڪري اکين ۾‌پاڻي اچيو وڃي۔۔
 
جواب: ڪچهريءَ جا مور

چوندا آهي ته دوست کان اهو دشمن ڀلو جيڪو ٿڏي تي ڏي جباب۔۔۔ پاڻ کي ڪوڙي خوشامند ڪرڻ ڪونه ايندي آهي۔ مولائي ماڻهو آهيو جيڪو ايندو آهي اهو چئي ڏيندا آهيون۔ باقي پپنو وري ڪراچي ۾ ڪهڙا ڦاڙها ماريندو۔۔۔ ڳوٺ ۾ به ته ڪڙٻ ڏئي پڙهيو آهي۔ سڄي ڳوٺ کي خبر آهي۔ ڪهڙي ٿو ڳالهه ڪرين۔۔۔۔

مولائي فقير سڏرائڻ سولو آهي، نڀائڻ ڏاڍو ڏکيو اٿئي۔۔۔ باقي پپني سان ريس ڇڏ، لڳي ٿو پپنو توکي رپيو نه ٿو ڏئي، تڏهن ته سندس مٿان ڏمريو پيو آهين۔۔
 
جواب: ڪچهريءَ جا مور

مولائي فقير سڏرائڻ سولو آهي، نڀائڻ ڏاڍو ڏکيو اٿئي۔۔۔ باقي پپني سان ريس ڇڏ، لڳي ٿو پپنو توکي رپيو نه ٿو ڏئي، تڏهن ته سندس مٿان ڏمريو پيو آهين۔۔

نه ير اها ڳالهه ڪونهي، پر چوندا آهن ته اهو علم ئي ڪهڙو جنهن تي عمل نه هجي، ڇوڙو پاڻ کي ايئن ٿو سمجهي جو بس۔۔۔ مالڪ آ ڳوٺ جو۔۔۔ اسان ڄڻ پڙهيل ئي ڪونه آهيون۔ ڀيسان توکي خبر ڪونهي مان به ايم بي بي ايف آهيان۔۔۔۔۔ اها ڳالهه ٻي آهي ته هڏن جباب ڏئي وڌو ۽ ڪائي نوڪري ڪونه پئي ملي سو پنڻ کڻي شروع ڪيم۔۔۔۔ باقي اسان به ڪنهن کان گهٽ ڪونه آهيون۔۔۔۔ سمجهئي نه؟؟؟؟
 
هڏ گُڏ جواب ڏئي ويا اٿئي ته ڪاڪي آچار کان ڪو نسخو وٺينس، ڏسين ڪونه ٿو ڪاڪي آچار وارو پپنو ڪيڏو نه ٿلهو متارو لڳو پيو آهي۔۔
 
نه بابا نه! ڪاڪي اچار جي نخصي کان خدا بچائي، هو ياد اٿئي نه ڇوڙي کي وڻ تان ڪيئن لاٿو هئائين ۽ وري هو جنهن ٻڪر جي ڪنڌ ۾ مٽڪو اٽڪي پيو هو۔۔۔۔۔

اسان ايئن ئي سهي آهيون۔۔ سر وڌيڪ پيارو آهي جاني
 
هائو سائين ڪاڪي آچار جو نسخو يا ته 6 فٽ مٿي لڙڪائي يا وري 6 فٽ هيٺ دفنائي
 
جواب: ڪچهريءَ جا مور

چڱو سنگت۔ هاڻي موڪلاڻي ڪونهي۔ وڃا ٿو ٻاهر ڪو دوا درمل ڪرڻ۔۔۔۔ دعا ڪجان۔۔ خيئرن سان موٽي اچان، توکي ته هنن عطائي ڏاڪڍرن جي خبر آهي نه۔۔۔۔ اهڙي سئي هڻندو اها به سٿر ۾ جو ڇٺي وارو کير ياد اچي ويندو۔۔۔۔۔۔۔۔۔ دعا ڪجان۔۔۔ سنگت کي سلام چئجان۔۔۔۔ ٻيو ڪوئي اچي ته مُنهنجي لا ٻڌانجانس ته مولائي آيو هو۔۔
 
صحيح آهي ۔۔۔ ايئن مڙئي ڪاڪي آچار جي اوطاق تي قرب جي حاضري ڀريندا ڪريو۔۔۔
 
جواب: ڪچهريءَ جا مور

السلام عليڪم
ڪهڙا حال آهن توهان جا مونکي اچڻ ۾ دير ٿي وئي آهي
ڏينهن جو ڪم ۽ رات جو لائيٽ ڪون صفا بجلي وارن ڇتو ڪري ڇڏيو آهي
 
جواب: ڪچهريءَ جا مور

چڱو سنگت۔ هاڻي موڪلاڻي ڪونهي۔ وڃا ٿو ٻاهر ڪو دوا درمل ڪرڻ۔۔۔۔ دعا ڪجان۔۔ خيئرن سان موٽي اچان، توکي ته هنن عطائي ڏاڪڍرن جي خبر آهي نه۔۔۔۔ اهڙي سئي هڻندو اها به سٿر ۾ جو ڇٺي وارو کير ياد اچي ويندو۔۔۔۔۔۔۔۔۔ دعا ڪجان۔۔۔ سنگت کي سلام چئجان۔۔۔۔ ٻيو ڪوئي اچي ته مُنهنجي لا ٻڌانجانس ته مولائي آيو هو۔۔

ادا رنجيت توهان جو هم شڪل ماڻهو مان ڏٺو آهي ڏهرڪي ۾ ڦيرا ڏنيدو وتيو خبر ناهي تڪڙ هيس سني گهٽي ۾ گهري گم ٿي ويو
 
جواب: ڪچهريءَ جا مور

السلام عليڪم
ڪهڙا حال آهن توهان جا مونکي اچڻ ۾ دير ٿي وئي آهي
ڏينهن جو ڪم ۽ رات جو لائيٽ ڪون صفا بجلي وارن ڇتو ڪري ڇڏيو آهي

ها ادا صحيح پيو چوين..

ادا رنجيت توهان جو هم شڪل ماڻهو مان ڏٺو آهي ڏهرڪي ۾ ڦيرا ڏنيدو وتيو خبر ناهي تڪڙ هيس سني گهٽي ۾ گهري گم ٿي ويو

ير ڀليو آهين اصلي ڏهرڪي‌جو ديدار ڪري سال ٿي ويا آهن۔ ٻيو وري مان اڄ گهر کان ٻاهر نڪتو ئي ڪونه آهيان۔ تُهنجو ڪالهه وارو وضمڙو ڏاڍو مهنگو لڳي ويو۔ لڳي ٿو مال اصلي ڀريل هيس۔۔۔۔۔۔
خيئر ير اها ڳالهه بروبر ڪونهي جڏهن ميزبان ئي گم هجي ته مهمان وري ڌوڙ مان ايندا ڇا۔ ادو وڏو چانهه لا رڙيون ڪري ڪري هليو ويو۔ باقي صرف مست ۽ مولائي ويٺا هئاسين۔ اهو به مست جي مهرباني جو ڪاڪي آچار جي تعويذ واري چانهه کڻي آيو نه ته اسان ته ڪڏهوڪو علي علي ڪري هليا وڃون هان۔۔۔۔
توهان ڏيو حال احوال۔ مينهن کي ڏُهي آيا يا توهان وارو ڇوڪر ڏهندس۔۔۔۔ ير ٻيلي مينهن جي سنڀال ڪر نه ته اڄ اهڙيون مينهون ملڻ مشڪل ئي نه ناممڪن اٿئي۔۔۔۔
 
ادا۔۔۔ڪاڪي آچار واري اوطاق تي جيڪو ايندو مفت ۾ چانهه پيئندو۔۔ هاڻي اها ادي اڪبر جي ذميواري نه آهي پر ڪاڪو آچار پاڻهي بندوبست ڪندو۔۔
 
جواب: ڪچهريءَ جا مور

ادا ممتاز سنڌ سلامت جي اڱڻ ۾ توهان جون تحريرون ايئن آهن جيئن سون جي منڊيءَ جي مٿان هيرا جڙيل هجن، مان ڪوشش ڪري اوهان جي هر تحرير پڙهندو آهيان۔۔
مٿئين تحرير ۾ توهان هڪ ڳالهه لکن جي برابر ڪئي ته اسان وٽ گهڻا سنڌي سڄو ڏينهن هوٽلن ۾ ڏينهن گذاري شام جو پوتڙا ڇنڊي گهر وڃن ٿا ۽ سندن مايون ٻني ٻارو ڪم ڪار ڪنديون وتن ٿيون، ادا اها ڳالهه توهان بلڪل صحيح ڪئي آهي، اسان وٽ ڄامشورو شهر ۾ به اهو آزار آهي، هتي به جبل جا ٻروچ يا ٻين ذاتين جا ماڻهو سڄو ڏينهن مٺ ۾ سگريٽ جهلي هوٽل تي ويهي ڊاڙ ٺڪاءُ ڪندا آهن ۽ سندن مايون گڏهه گاڏن ذريعي مال لاءِ‌گاهه ڪنديون وتن ٿيون، اصل ڏاڍو افسوس ٿيندو اٿم۔۔۔ توهان صحيح چيو ته اهڙي ڪجهه ماڻهن جي ڪري سنڌي قوم پوئتي پئجي وئي آه۔۔
سنڌ جي اوطاقن جو اصل ته توهان کي خبر هوندو ته شام يا رات جو سڀ ڪم ڪار کان واندا ٿي اچي اوطاق تي ڪٺي ٿيندا هئا، هڪ ٻئي سان حال احوال اوريندا هئا، ڏک سور، خوشيون هڪ ٻئي سان ونڊڻ جو بهترين ذريعو هئي اوطاق، ان سان گڏ سگهڙن جون ڪچهريون، ڳجهارتون، کل ڀوڳ۔۔۔ بس اهي ڳالهيون ياد ڪري اکين ۾‌پاڻي اچيو وڃي۔۔
ڀاء مست اهي توهان جا وڏا وڙ چئبا ، باقي اسان جو حال ته پورو لڳو پيو آهي، ادا ڪچهريون ته مون کي به تمام گهڻيون پسند آهن، ۽ مون الحمدالله ڪچهرين مان پڻ گهڻو ڪجهه پرايو آهي، مگر ان جا به ڪجهه اصول هوندا آهن جيڪي اسان جي وڏڙن ۾ هوندا هئا، اهي اصول اهي هوندا هئا ته اهي پنهنجو سمورو ڪم ڪار لاهڻ کان پوء اچي ڪچهري لاء گڏ ٿيندا هئا، ( ۽ پاڻ لاء ۽ پنهنجن ٻچن لاء محتاجي پيدا نه ڪندا هئا ) مگر اڄوڪو حال ته توهان پاڻ ڏسو ٿا، وڌيڪ ڇا چئجي۔ مون کي صرف انهن ڳالهين جو ڏک ٿيندو آهي، ۽ اهو به ان ڪري ته اسان جي گهر ۾ يعني سنڌ ۾ ٻيا اچي ڪمائن ٿا ۽ محنت مزدوري ڪن ٿا مگر افسوس جو اسان جو پنهنجو ماڻهون اها محنت مزدوري ڪو نه ٿو ڪري، ( جڏهن ته انهن اسان جي پنهنجن ماڻهن مان ڪافي ته اهڙا ماڻهون به آهن جيڪي سنڌ کان ٻاهر سعوديه ۾ پڻ محنت مزدوري ڪندا آهن پر هت اها محنت مزدوري ناهن ڪندا، پر اهيو به بهتر آهي جو اهي محنت مزدوري ڪن ته ٿا، اهي ته انهن کان ته بهتر ٿيا جيڪي محنت مزدوري کان ڀڄن ٿا،
ڀاء ڪچهريون به ضروري آهن پر توهان ڏٺو هوندو ته سڌريل قومون پنهنجي ڊيوٽي ۽ پنهنجو ڪم پوري ايمانداري سان مڪمل ڪري پوء انجواء لاء ڪو وقت ڪڍي ڪري انجواء ڪندا آهن منهنجي خيال ۾ اسان کي به ائين ڪرڻ گهرجي ته بهتر آهي، باقي ڏسو ته ڪچهري لاء استاد بخاري صاحب ڇا ٿو چوي۔
http://www.youtube.com/watch?v=amPgF7CSdxk
 
بس ادا جيڪڏهن توهان واري اها ڳالهه جيڪڏهن سنڌين جي اڪثريت جي مٿي ۾ ويهي وڃي ته اصل سنڌ دبئي بڻجي وڃي ڇو ته سنڌ سموري رڳو سون نه‌آهي پر سنڌ ته پارس آهي، جيڪا پاڻ سان لاڳاپيل هر شئي کي سون وانگر قيمتي ڪري ڇڏي ٿي۔۔ هاڻ ڪراچي کي ته ڇڏيو باقي سنڌ جي اندر به ڌاريان هر ڪاروبار تي قبضو ڪندا پيا وڃن۔
 
جواب: ڪچهريءَ جا مور

هڪ يو ڪي جي سنڌي ڪچهري ڏسو۔ ۽ پوء مٿين ڳالهين تي سوچيو [/indent][/indent][/color]

http://www.youtube.com/watch?v=xtkt86xr1zw
http://www.youtube.com/watch?v=ow2kbcmwj8m&feature=related

ادا ممتاز جن دوستن يو ڪي وارن جي ڪچهري اوهان شيئر ڪئي آهي اهي اسان جي سنڌ جا هيروز آهن هڪ انهن مان اسان جي خانپور جو شاه صاحب آهي & اسان جي سنڌ يونيورسٽي جا پروفيسر آهن جيڪي پي ايڇ ڊي ڪرڻ يوڪي ويا آهن سو انهن ٿورڙو وقت ڪٺي پنهنجي ثقافت کي جيارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ادا
 
جواب: ڪچهريءَ جا مور

ڀاء مست اهي توهان جا وڏا وڙ چئبا ، باقي اسان جو حال ته پورو لڳو پيو آهي، ادا ڪچهريون ته مون کي به تمام گهڻيون پسند آهن، ۽ مون الحمدالله ڪچهرين مان پڻ گهڻو ڪجهه پرايو آهي، مگر ان جا به ڪجهه اصول هوندا آهن جيڪي اسان جي وڏڙن ۾ هوندا هئا، اهي اصول اهي هوندا هئا ته اهي پنهنجو سمورو ڪم ڪار لاهڻ کان پوء اچي ڪچهري لاء گڏ ٿيندا هئا، ( ۽ پاڻ لاء ۽ پنهنجن ٻچن لاء محتاجي پيدا نه ڪندا هئا ) مگر اڄوڪو حال ته توهان پاڻ ڏسو ٿا، وڌيڪ ڇا چئجي۔ مون کي صرف انهن ڳالهين جو ڏک ٿيندو آهي، ۽ اهو به ان ڪري ته اسان جي گهر ۾ يعني سنڌ ۾ ٻيا اچي ڪمائن ٿا ۽ محنت مزدوري ڪن ٿا مگر افسوس جو اسان جو پنهنجو ماڻهون اها محنت مزدوري ڪو نه ٿو ڪري، ( جڏهن ته انهن اسان جي پنهنجن ماڻهن مان ڪافي ته اهڙا ماڻهون به آهن جيڪي سنڌ کان ٻاهر سعوديه ۾ پڻ محنت مزدوري ڪندا آهن پر هت اها محنت مزدوري ناهن ڪندا، پر اهيو به بهتر آهي جو اهي محنت مزدوري ڪن ته ٿا، اهي ته انهن کان ته بهتر ٿيا جيڪي محنت مزدوري کان ڀڄن ٿا،
ڀاء ڪچهريون به ضروري آهن پر توهان ڏٺو هوندو ته سڌريل قومون پنهنجي ڊيوٽي ۽ پنهنجو ڪم پوري ايمانداري سان مڪمل ڪري پوء انجواء لاء ڪو وقت ڪڍي ڪري انجواء ڪندا آهن منهنجي خيال ۾ اسان کي به ائين ڪرڻ گهرجي ته بهتر آهي، باقي ڏسو ته ڪچهري لاء استاد بخاري صاحب ڇا ٿو چوي۔

اسان وٽ انگرو ڪميڪل پلانٽ جو ڊي اي پي پلانٽ لڳايو پيو وڃي مزدوري ۾ سنڌ جي انن ماڻهن کي نوڪريو مليو جيڪي وڏان ماڻهن جا جمجا هوئا ۽ ڪجهه نوڪريو غريب ماڻهن کي به ڏنيو ويو باقي ڪاريگر ۽ مستري پنجاپ جا گهرايا ويا انن پنهنجي هيٺيان پنهنجا ماڻهو ڀرتي ڪيا سنڌي ڏسندا رهجي ويا اسان جي پنهنجي ماڻهن کي مزدوري ڪرڻ جي جاءِ نه ملي هاڻ تائين اتي پنجاپ جا ماڻهو ڪم ڪري رهيا آهن
توهان جي اهيا ڳالهه غلت آهي ته سنڌي مزدوري ڪون ڪرن ٿا ادا جيڪڏهن ڪو ماڻهو غريب آهي ۽ کائيڻ لاءِ ڪجهه نه آهي ته مزدوري ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪو رستو ڪونهي انهي وٽ باقي جيڪي امير آهن ۽ ٻه ايڪڙ کن زمين اٿن ته پوءِ هو مزدوري نه ڪرن ته ٺيڪ آهي
 
شر صاحب۔۔۔ ادا ممتاز سڀني جي باري ۾ ايئن نه چيو آهي۔۔۔ باقي جيڪا حقيقت آهي سا ته آهي۔۔
پنجابي، مهاجر ۽ پٺاڻ سنڌ جي اندر هر قسم جي ڪاروبار ۽ وسيلي تي قابض ٿي چڪا آهن
 
جواب: ڪچهريءَ جا مور

مونکي نارضگي انن ماڻهن کان ڪونهي جيڪي محنت مزدوري ڪرن ٿا پر انن ماڻهن جو به خيال ڪيو وڃي جيڪي حقدار آهن اسان جا پنهنجا ماڻهن بک مري رهيا آهن اسٽوڊنٽ طبقو پڙائي مڪمل ڪري بيروزگاري جا ڌڪا کائي رهيو آهي انن جي آئندي جي لاءِ کو سوچڻ وارو ڪونهي آخر چو اهيو جواب مان پنهنجو پاڻ کان به ڪيان ٿو اسان غلامي جي زندگي ڪيتري تائين گذاريندا سين جيڪڏهن اسان ڪجهه نه ڪيو سين ته اسان جا ٻار به غلامي جي زندگي گذاريندا اسان سنڌي پاڻ ۾ جيترو وڙهو هڪ ٻئي جا جيترا دشمن ڇو نه هجو جڏهن به ڪا ٻاهرين طاقت اسان جي سنڌ ته گندي نظري وجهندي اسان سب هڪ ٿي وڃو ۽ سنڌ کي اهو مقام حاصل ڪرايون جنهن جي سنڌ حقدار آهي
اڃ تائين اسان صرف سوچيندا رهيا آهيو پر ڪيو ڪجهه ڪون آ نه ئي سنڌ جي لاءِ هڪ جاءِ ته گڏ ٿيا آهيو
 
ادا مان به انهيءَ‌صورت حال جو شڪار آهيان۔۔ پر هڪ ڳالهه ٻڌو، جيستائين اسان جا رهنما اسان سان سچا نه ٿيندا۔۔ ڪجهه ئي ڪونه ٿيندو۔۔ سنڌ جي صورتحال ڪڏهن ڪونه سڌرندي۔۔ پنجابين، پشتو ۽ مهاجرن جا اڳواڻن قوم سان سچا آهن، باقي پاڻ سنڌي ايئن ئي آهيون۔۔
 
Back
Top