جواب: ڪچهريءَ جا مور السلام عليڪم ڪاڪا اچار ۽ باقي ٻيا دستو ڇا حال احوال آهن سنگت جا ٻار ٻچا ، ڍور ڍڳا ٻيو سڀ خيئر يارو هاڻي موڪلاڻي ناهي هاڻي اوطاق تي چيو چڪر لڳائبو سدائينگڏ
جواب: ڪچهريءَ جا مور فقير بابلا! پهچي وئين خيئر سان۔،،،،، ڀلي آئين مٺا۔۔۔۔۔ خوش ته آهين نه۔ اچ وضمڙو ڇڪه۔۔۔ پر ٿوڙو کڻجان۔ اصلي ٻه ڏينهن مونسان وڙهي پيو هو۔۔۔ بخار، زڪام ۽ کنگهه جو اصلي لهڻجو نالو ئي نه وٺي۔۔۔۔ احتياط ڪجان سائين
جواب: ڪچهريءَ جا مور وعليڪم سلام سائين ڍور ڍڳا سب ٺيڪ آهن اميد آهي ته توهان به خيريت سان هوندا اسان وٽ ته بجلي جو صفا آزار لڳو پيو آهي هاڻ بجلي جي وڃڻ جو ٽائيم به اچي پهتو آهي
جواب: ڪچهريءَ جا مور سنگت مڙئي ڪاڪي آچار جا ڪالهه بجلي لاهه ڪڍي ڇڏيا هئا، ٽائيم جي لوڊشيڊنگ سان گڏ بونس ۾ 4 ڪلاڪ ، اصل وهنجاري ڇڏين پگهر ۾۔۔۔ اڄ وري منجهند کان شام تائين انٽرنيٽ صفا ايئن پئي هلي جيئن مون وارو گڏهه هلندو آهي ۔۔۔ هُر هُر ۔۔۔ ڇڪ۔۔ ڇڪ۔۔۔
جواب: ڪچهريءَ جا مور مست مٺا آهين ڪٿي ير۔۔۔۔۔ اصلي ڀيسان گُم لڳو پيو آن۔ مون سوچيو ته اهو تو وارو گابو لڳي ٿو پيالو ڪري ويو آهي۔ جنهن جي غم ۾ تون اڄ اصلي ظاهر ئي ڪونه ٿيو آهي۔۔ پر ير تو ته اصلي وڄائي ڇڏيو۔ ٻيو ير مبارڪون هجني۔۔۔ مون وارو ننڍو ٽيپ رڪارڊر ملي ويو ٿئي مونکي۔۔۔۔ هاڻي ته اصلي ريل ۾ به علڻ فقير وارا ڪلام هلندا، اصلي واهه واهه ٿي وئي سڄڻ۔۔۔۔۔
جواب: ڪچهريءَ جا مور بابا کير گابو ٿوڙئي ڏيندو آهي، مينهن ڏيندي آهي، مالڪ جا ٿورا آهن، مينهن صحيح سلامت اٿئي، خبر اٿئي بابلا ، ڪاڪي آچار وارو پپنو به ويل آهي ڪراچي ، سو ڪاڪو آچار کي اڪيلو سمجهي چريا چور مان جي واڙي مان مينهن ڪاهي ويا، پر انهن عقل جي انڌن جو ڪو چشمو ٻه نمبري هو، خبر ئي ڪانه پين ته گابو ڪاهي ويا يا مينهن۔۔۔! اهي پڪ رئيس ڪانڀو خان جا بڇيل ماڻهو هوندا، ڪالهه ڪانڀو خان چيو ته ڪاڪا آچار !۔۔۔تنهنجي واڙي جي مينهن جو کير ڀلو آهي، اڌ ڪلو وڌائي ڏي۔۔ مان چيومانس، ڀوتار! ٻيلي تون اڃان پراڻو کاتو چڪتو نه ڪيو آهي وري اڌ ڪلو وڌائڻ جي ڳالهه ٿو ڪرين، پوءِ ته اصل لڳي وئي همراهه کي باهه، ڏاڍيون اُونايون ڏنئين پر تو وارو ڪاڪو آچار به ڪاٿي ٿو ڊڄيس۔۔ خير سان ماسي ڦاڦل کان فال ڪڍرائي آهي، انهي ڏس ڏنو آهي ته او فلاڻي هنڌ تنهنجو گابو پهتو اٿئي، جلدي وڃينس ، متان انجڻ جو نمبر مٽائي نه ڇڏينس، سو مان به مڙئي وهنجي سهنجي اوڏانهن جي لاءِ پيو نڪران۔۔ اوطاق جي پارت اٿئي ٻيلي، مان نه هجان ته اوطاق تي همراهن جي خاطر مدارت ڪندو ڪر۔۔۔ ٻيو ٻيلي واهه جي ڳالهه ڪئي اٿئي، اوطاق تي هاڻي ٽيپڙو به پيو وڄندو، جلال، عمراڻي ۽ عرس جا ڪلام ٻڌي پيا اصل جهومنداسين۔۔
جواب: ڪچهريءَ جا مور يارو حق موجود؛ الله جا شڪر ته سنگت مڙئي ڪچهرو لايو ويٺي آهي، مون سمجهيو ته موالي فقيرن جي سوٽن تي سنگت کي به گش وٺي ويو هوندو ۔۔۔۔ خئير ۔۔۔ يارو اڄڪلهه موسم به ڀلي آهي راتڙي به ٺري ٿي، ٽيپڙي به آهي راڳ به پيو ٻڌبو پر يار پنهنجي سنگت ۾ ڪو ڳالهن ٻڌائڻ واري يار هجي ها ته اصل واهه جو مزو اچي وڃي ها ۔۔۔ ڪا جنن ديون ۽ پرين جي ڳالهه، ڪا ممتاز دمساز جي ڳالهه ، سندباد سيلاني جو ڪو قصو ۔۔۔ اصل ڏاڍا ڏينهن ٿي ويا آهن ڪو قصو ٻڌندي ۔۔۔ خئير من ڪو اچي ڳالهير دوست نڪري ته رات جو قصا ٻڌجن ۔۔۔ في الحال پنهنجي يارو ياري اٿوَ ۔۔۔ سڀاڻي ملنداسون ۔۔۔ الله واهي ۔۔۔
جواب: ڪچهريءَ جا مور ابا اهو ته خيئر آهي۔ پر اهو ته ٻڌا اها مائي ڦاڦل توکي ملي ڪٿي۔۔ مونکي ته ڳولهيو ئي نٿي لڀي۔۔۔ مونکي به هڪ فال ڪڍرائڻي آهي۔ ير مُنهنجي کيسي ۾ هڪ پاڪستاني پنج روپين جو نوٽ پيو هوندو هو۔ اهو خبر ڪونهي ته الائي جي ڪيڏانهن هليو ويو۔۔۔ روز ان نوٽ تي قائدو جو ديدار ڪندو هوس ۽ اهو سوچيندو هوس ته اهو ڏينهن الائي جي ڪڏهن ايندو جو ان نوٽجي جڳهه تي مون واري کيسي ۾ سنڌوديش جا سُنهري سڪا پيا کڙڪندا۔۔۔۔۔۔ابهول۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ير وارو ڪر مونکي مائي جو ڏس ڏي۔۔۔۔۔ ادا وڏا! جي توهان کي اها خبر هجي ته توهان ئي کڻي ٻڌايو ته اهو ڏينهن مستقبل قريب ۾ ايندو يا وري۔۔۔۔۔ ٻيو ڪو بلو ڪرڻو پوندو۔۔۔ باقي ته اسان جو سنڌ سان جنمن جنمن جو ناتو آهي ها۔۔۔ ڳالهه آهي سڌي پو ڪوڙي لڳيوَ يا مٺي۔۔۔
جواب: ڪچهريءَ جا مور ابا ادا وڏا۔۔۔۔۔۔ ير قصا به کوڙ آهن ويهه ته سهي۔ توهان به اصلي اچو ٿا ۽ گُم ٿا ٿي وڃو۔ ڪن اورتي ڪري ٻڌو۔۔۔ صليماني صلفي هٿ ڪئي اٿوَ ڇا۔۔۔ هان ن ن ۔۔۔ سڀ خبر آ۔۔۔۔۔ مڙئي پارت اٿوَ ۔ يا وري ڀاڄائي جي ٻهاري جو ڊپ اٿوَ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
جواب: ڪچهريءَ جا مور يار مولائي فقير، جيڏو انجو نان آسرو به اوڏو ئي آهي ۔۔۔ الله مالڪ آهي ۔۔۔ جنهنجو رب تنهنجو سڀ، رات جڏهن گهڻي گهاٽي ٿي وڃي ته سمجهبو ته صبح ٿيڻ وارو آهي ۔۔۔ سو دل نه لاهه ۔۔۔ نيٺ ته ڊهندي ڪيسين رهندي ڌوڪي جي ديوار ۔۔۔ بس يار ڪجهه آ به اڳڀري ٿيان جي قول تي عمل ڪرڻو پوندو ۔۔۔ ڪجهه پاڻ ۾ به داڻا پئدا ڪرڻا پوندا ته جيئن دشمن سان مهاڏو اٽڪائجي ۔۔۔ اوهان نوجوانن تي سنڌ امڙ کي مان آهي ۽ سنڌ جو نوجوان پنهنجي رت ست سان سنڌ امڙ جي آبياري ڪندو ته ابا ظلم آخر ته ختم ٿيندو ۔۔۔ باقي مولائي تو واري انهي چلم جي هڪ سوٽي ئي وڃي مغز ورتو آهي ۔۔۔ سو هاڻ باقي احوال سڀاڻي ۔۔۔ الله واهي ۔۔۔
جواب: ڪچهريءَ جا مور چڱو ابا۔۔۔ توهانجي مرضي۔۔۔ گهوڙا پير گڏيا پيا آهن۔۔۔۔ مولا آباد ڪندوَ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ خوش هجو پنهنجي خرچ تي۔۔۔۔ باقي اوڌر ته پو ڪاڪو آچار زنده باد۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
جواب: ڪچهريءَ جا مور مست سائين؛ ڪاڪي آچار کي تون ڪا پارت ڪر ته الله جي ڏني مان ڪجهه ٻڌائي ڪو قصو کڻي ته سنگت کي صلاحجي ۔۔۔ وقت وٺيس ته گوڏو ڀنڃي اچي ويهجي ۔۔۔ پر اڄ پنهنجي چيلهه ورتل آهي ۔۔۔ سڀاڻي ويهڻ جهڙا ٿينداسون ته احوال به ڪبا ۽ قصي ٻڌڻ جا منصوبا به ٺاهبا ۔۔۔ تيستائين الله واهي ۔۔۔ رات گهڻي ٿيندو وڃي ۔۔ ميهونڳيءَ جي مند آهي ۔۔۔ جهڙالو به آهي ۔۔۔ يارو ياري ۔۔۔
جواب: ڪچهريءَ جا مور ير اهو پاسي کان هموُ (همانگير سولنگي اميد ته دل ۾ نه ڪندا) اهو به لڪيو ويٺو اٿوَ۔۔۔۔ ايئر ڪولر جي هيٺان۔۔۔۔۔۔ اهو ڇا ٿو ڪري يقو ٿو ڏسانس۔۔۔۔۔
جواب: ڪچهريءَ جا مور ادڙا تون ڪڏوڪو هتان لڏي ويو آهين توکي خبر نه آهي ته مائي ڦاڦل هاڻي فقير اُڀن شاهه جي مزار تي ويهندي اٿئي۔۔ پير مِٺو جي درگاهه کي ڇڏي آئي اٿئي۔۔
جواب: ڪچهريءَ جا مور سائين ڪاڪو آچار چوي ٿو ته اوهان به وڃو ته ڪونه ٿا باقي رڳو يارو ياري ڪندا پيا وتو۔۔ ها ها ها۔۔ :-ss
جواب: ڪچهريءَ جا مور ادو ڪاڪي آچار جو خاص خدمتگار اٿئي۔۔۔ نالو نه وٺينس، نه ته اوطاق تي ماني پڄائڻ ۽ ورهائڻ انهيءَ جي هٿ ۾ اٿئي، پوءِ ويٺو رڳو تارا ڳڻجان، ماني ته هڪ به ملندئي۔۔
جواب: ڪچهريءَ جا مور چڱو سنگت! هاڻي پنهنجي به علي علي اٿو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ دير ٿي وئي اهي۔۔۔ صبح جو روزگار تي به وڃڻو آهي۔۔۔۔ بس دعا ڪجان ته روزي سٺي ٿئي۔۔۔ پو باقي بوسڪي پائي گهمبي۔۔۔۔ ڳڻتي نه ڪر۔۔۔۔۔۔ چڱو ابا۔۔۔۔۔۔۔۔۔ الله واهي۔۔۔۔۔ مولا آباد ڪندوَ
جواب: ڪچهريءَ جا مور ها ادا توهان سچ چيو آهي مان جڏهن سنڌ يونيورسٽي پڙهندو هئس ته اتي به جڏهن اسان ڪچهري ۾ اگر ويهندا هئاسين ته پوءَ ادا سڄي رات گذري ويندي هئي اسان سنڌ ماڻهو ڪچهري جا مور آهيون ادا ڌسو نه هتي به هڪ تحرير تي ڪيڏي ڪچهري ٿي وئي آهي اميد ته سدائين اهڙيون ڪچهريون ٿينديون رهنديون انشالله۔