جواب: ڪچهريءَ جا مور چڱو سنگت۔۔۔ پهرين نوڪري پوءِ ڪچهري۔۔ واندو ٿي اچجان ته پوءِ گهڻي ڪچهري ڪبي ۔ بسم الله۔۔
جواب: ڪچهريءَ جا مور ابا سنگت کي ٻانهون ٻڌي سلام! اميد ته بابا سڀ مزي ۾ هوندا۔ سنگت اسان جي طبيعت ڍري لڳي پئي آ۔۔ جڏهن کان اهو پاڻ واري اڪبر جي چلم مان ڀڻڪا ڪڍيا آهن۔ اصلي ڏينهن جو تارا ٿا نظر اچن۔ باقي سنگت کي هڪ صلاح مفت ۾ آهي ته ٻيلي پرائو مال ڏسي هروڀرو هش ۾ خوش نه ٿيو۔۔۔ ڀيسان سرير ته پنهنجو آهي نه۔ اول ئي الله جي رحمت اهڙي آهي جو وزن کي پورو رکڻ جي لا کيسي ۾ سڪا کڻي گهمندو آهيان۔۔۔ باقي الله شل خيئر ڪريوَ۔۔۔۔ هائو ادا ابڙا صاحب! توکي ڪلام به ٻڌرايان ٿو۔۔۔ سِرُ ٿو وڃئي۔۔۔ هتي اسان جي مٿي ۾ ايئن ٿو لڳي۔ اصلي ڄڻ راضوُ ويٺو ڀينڊ هڻي۔۔۔۔۔۔۔۔ [mp3]http://www.fileden.com/files/2010/7/16/2916492//O Mehbooba.mp3[/mp3] ڪالهه اها مون واري ٽيپ مونکي واپس ملي آهي ته اصلي ڳوٺ ۾ هنگامو ڪري ڇڏيو اٿوَ۔۔۔۔ اها ننڍڙي ٽيپ (ايم پي ٿري پليئر) اصلي ڄڻ ڏٺو ئي ڪونه اٿوَ۔۔۔۔ ڪالهه اهو رات جو مست وارو پٽ به آيو هو۔۔۔ چئي پيو چاچا اها مونکي ڏي۔۔۔ امان ۽ بابا جڏهن وڙهندا آهن ته مان اها هلائي ويهي رهندس، ڀل پاڻ ۾ ڪجهه به ڳالهائن منهنجو ڇا۔۔۔ زال مڙس آهن۔۔۔۔۔۔۔۔ مان چيومانس ڇوڙا۔۔۔ اڃا سال جو مس ٿيو آهي اهي انگل اٿي۔۔ وڏو ٿيندين ته الائي جي ڇا ڪندين۔۔۔۔۔خيئر سنگت اڄ ڌنڌو مندو لڳو پيو آ... ڇونه اڄ وڃي... ڪو نازوءَ واري هوٽل ۾ چانهه پي اچجي... ڪيئن سنگت کي صلاح وڻي نه....... چڱو هاڻي ڪلام ٻڌو گهڻو مٿو نه کائو....
جواب: ڪچهريءَ جا مور ادا عبدوُ اسلم آبادي خيئرن سان پهچي وئين ڳوٺ ۾، ير آهين ڪٿين۔ نه چلم نه سوٽو۔۔۔۔۔ صفا اصلي ايئن۔۔۔۔ وڏو ماڻهو آهي ير۔۔۔ اسان مولائن کي لفٽ ئي ڪونهي۔۔۔ تنهنجي مرضي ادا۔۔۔ ماڻهو ايندو آ ڪو ويهندو ڪو زماني جو حال احوال ڪو ملڪي حالتن تي تبصرو،،، ايئن نه ڪر ٻيلي۔ توکي اها چڱي مڙس واري پڳ ان ڪري ٿوڙي ٻڌرائي هئي ته تون اصلي گُم ٿي وڃ۔۔۔۔ ٻيلي ڏاهو ٿي ير۔۔۔۔۔ اچ ويهه ڪلام ٻڌ۔۔۔ ڪن ۾ اهو هيڊوفونو وجهه ته ٻڌڻ ايندئي نه۔۔۔۔ [MP3]http://www.fileden.com/files/2010/7/16/2916492//He Naz He Ada.mp3[/MP3] ادا ممتاز تون به وات ۾ مڱ وجهي ويٺو آن۔۔۔ ٻيلي ڪجهه ته ڳالها ناراضگي آهي ڇا۔۔۔۔۔
جواب: ڪچهريءَ جا مور ادا سڄي سنگت کي السلام عليڪم، معاف ڪجو سڄڻئو، ٿورو ڪم ۾ مصروف هيس، اوطاق تي انهي ڪري اچڻ ڪونه ٿيو، اڄ جيئن ئي گذر ٿيو ته، مستن، درويشن ۽ فقيرن جو ميڙاڪو ڏسي، سوچيم ته سنگت سان حال احوال اوريون وڃان ۔ " حال احوال خير جا قادر ڪريم جا ڪروڙين قرب، بس اسلام آباد کي وسايون ويٺا آهيون، وڏو شهر وڏا ڪم، ادا هي اهڙو شهر جتي ڀاءُڀاءُ جي به ناهي، بس هر ڪوئي پنهنجي من مانيءَ ۾ گم آهي، مهنگو وري ايترو جو اصل غريب ته هتي رهڻ لاءِسوڇي ئي نه، ڪجهه ڏينهن پهريان آءُ دال وٺڻ ويس ته 80 روپئي ڪلو، وري ڪلهه جو ورتم ته رقم ٻڌي ڪري منهنجا ڪن ئي ٺري ويا، 120 روپيا ڪلو، دوڪاندار کي ڪاوڙ ۾ چيم " يار ڪڇ تو خدا ڪا خوف ڪرو" چيائين، " هم خود مجبور هين رمضان شريف ڪا بابرڪت مهينا آ رها هي اس وجهه سي سب ڪڇ مهنگا هوتا جا رها هي" بس ادا، کيسو خالي ڪري ڀاڄي وٺي ڪري پهتس، سوچيم ته سائين نثار ناز سان رابطو ڪريان " سو سائين کي فون کڙڪايم، حال احوال تي خبر پئي ته سائين جن تمام مصروف آهن، پنهنجي وڏي پٽ جي شاديءَ جي ڪري، اصل ڏاڍي خوشي ٿي، ڇو جو پورن 8 سالن کان بعد سائين جن جي گهر ۾ ڪو خوشي جو موقعو اچي رهيو آهي" منهنجا لوڪل فقيرئو، ڀلا توهان ته حال ٻڌايو اهو اسان وارو انٽرنيشنل فقير ڪٿي آهي، ڪو اتو پتو، ڪا سار سنڀال به لهوس يا نه۔ فقير ڦلپوٽه، اهو پاڻ وارو عظيم به اڄڪلهه ظاهر نه آهي، ڏي خبر ڪٿي ٿو اڄڪلهه لامارون هڻي۔ سنگت حوال پورا ٿيا۔۔۔۔۔ٻيو مڙئي خير جيءُ فقير، مست ۽درويش برادري توهان پنهنجاحوال ڏيو۔ جيءُ
جواب: ڪچهريءَ جا مور ابا عبدو ڪهڙا ٿو سور پچين۔۔۔ انٽرنيشنل گُم لڳو پيو آهي۔ باقي نيشنل فقير ۽ مُنهنجي وچ ۾ معاهدو ٿيو آهي۔ سو بس مڙئي ان ڌنڌي تي مان لڳو پيو آهيان۔ سنگت جي دعا سان پيٽي واري ڪمپيوٽر وٺي ان ۾ ڄاري به لڳرائي اٿم۔۔۔ سو مڙئي سنگت سان سورن جي پچار ڪندا آهيون۔ ادو طاهر به آيو اٿئي۔۔۔۔۔۔! ادا طاهر موجن ۾ آهين نه۔۔۔ آهين ڪٿي بابلا۔ ڪالهه واري چلم مان سوٽو هڻي ڀلا جدائي جي جهاز ۾ چڙهي پرڏيهي پرواز ڪري گُم ته نه ٿي وئين نه۔۔۔ باقي سنگت سڄي توکي سنڀاري پئي۔۔۔۔ ڪالهه سائين ابڙي صاحب۔ مانجهاندو ڏنو هو۔ پر اهو پاڻ وارو عبدو هڻي سائين جا لاه ئي ڪڍي رکيائينس۔۔۔ سو سائين وري صلاح مشڪل هڻي۔۔۔ ڪجهه ئي ڏينهن ۾ اسان واري هيڊماستر جي به شادي آهي سو اتي به هلڻو آهي۔ لٽا ڪپڙا به ورتا اٿوَ يا مڙئي پرويز ڌوٻي کان ڪرائي تي وٺندين۔۔۔ ممبئي ۾ ته فلمن جي لا هر قسم جا ڪپڙا ملي ويندا آهن۔۔۔۔ مڙئي اهي ئي کڻي شادي تي پائي اچبو نه۔۔۔۔ آخر شادي ڪنهن جي آهي۔۔۔ هيڊ ماستر جي پٽ جي۔۔۔۔ ٻيو وري ڪاڪو ڪانڊيرو به اتي رهيو پيو آهي۔۔ الله خيئر ڪريس۔۔ باقي ڳالهه اسان کان چڙهيل آهي۔۔۔ سائين نثارابڙو به ڀوتارن جي وانگار تي ويل آهي۔ مست به گُم آهي۔۔۔ اهو لڳي ٿو اها يونورستي (يونيورسٽي) ها اها ئي جتااهي ڇوڙا ڇوڙيون گهران علم پرائڻ ويندا آهن۔ پر اتي وڃي پيار جي پيچ اڙائيندا آهن۔ سو اوڏانهن ويو ٿئي۔۔۔۔ مان به اچان ٿو ٻيلي اوطاق جي پارت اٿئي۔۔۔
جواب: ڪچهريءَ جا مور آخر اسا نجي وڏي جي، وڏي پٽ جي شادي آهي، ڪپڙا نه هوندا پوءِ به خالي گوڏ ٻڌي به وڃڻو پوندو، ڇو جو پوري سنڌ سلامت جو ڳوٺ گهڻي وقتن کان ٻوٽا کائڻ لاءِ سڪيو آهي، اصل هرروز هڪ دٻي ڏندن واري ملم (ٽوٿ پيسٽ) جي ختم ڪيون ٿا۔۔۔۔ رڳو شادي اچي بوءِ ڏس " ٽوٽ پڙو فقيرو ميدان ۾"
جواب: ڪچهريءَ جا مور ها ادا بس ائين ئي ٿيندو مان ته اصلي چار پنج ڏينهن ماني ئي نه کائيندس، سائين وڏي جي وڏي جي شادي آهي۔۔ ها ها ها ۔۔۔۔ ٻيو اهو ٻوڙ کاڌي به ٽائيم ٿي ويو آهي۔۔۔ ادا طاهر ڪجهه ته ڳالها جاني۔۔۔۔
جواب: ڪچهريءَ جا مور لڳي ٿو ادو طاهر چلي(40 ڏينهن واري عبادت) تي آهي جو ڳالهائي ڪونه ٿو، پر رنجيتڻ چار ۽پنج ڏينهن ماني نه کائيندين، انهي جو مطلب ته وڏي کي چوان ته 200 ماڻهن جو لنگر وڌيڪ تيار ڪري۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔؟
جواب: ڪچهريءَ جا مور يارو اڄ بٽئيءَ تان موٽ ڪري گهر کان ٿيندو وري ٻنين تي ٿي ويس ته اوطاق ۾ مولائي فقير واري ٽيپڙيءَ جي آواز سان عبدوءَ جو آواز ٻڌم سو خيال ٿيو ته سلام دعا ڪندو وڃان ۔۔۔ اڙي يار عبدو! چيو مانءِ ته اسلام آباد مهانگي آهي پر تون جو اصل پٽڪو ٻڌي بيهي رهين ۔۔۔ خئير الله ڀلي ڪندو اسان به هت فقيرن کي چيو آهي ته يار پرديس ۾ آهي مڙئي ڪجهه ونڊ ڪرائيندا ڪيوس، سو مولائيءَ ته انڪار ڪيو ته وضم پاڻيءَ ۾ پئسا کپايو ڇڏي باقي ٻين فقيرن اڃان ڪو جواب نه ڏنو آهي ۔۔۔ خئير الله مالڪ آ ۔۔ تون ڳڻتي نه ڪر ۔۔۔ ڀلا مان ماني کائي اچان ته ڪچهري ڪيون ٿا ۔۔۔ وڃجانءِ نه ناشتو پاڻي ڪري وڃجانءِ ۔۔۔
جواب: ڪچهريءَ جا مور ادا وڏا! ناشتو پاڻي مري وياسي۔۔۔۔ ڪاڪو به ڪونهي۔ مطلب مونکي ڳچي ۾ پوندو اول ئي اڄ بارش جي ڪري ڌنڌو مندو لڳو آهي۔۔۔۔۔۔ ادو ممتاز آيو آهي نه اهو ٻاهران پڪوڙا وٺي ايندو
جواب: ڪچهريءَ جا مور سائين منهنجا جيءُآئين ڀلي آئين، بس اصل اوهان جي ديدار جو انتظار هو، بس وقت کي ڌڪو ته ڏيڻو آهي نه، فقيرن وانگر ٻئي جي اڳيان هٿ ڦهلائڻ کان بهتر آهي ته انسان ڏکيو سُکيو ٿي ڪري پنهنجي محنت ڪري جنهن ۾ اُن جي عزت به آهي ته شهرت به، واهه سائين واهه مونکي وري هنن فقيرن جي آسري ڇڏيو اٿئو، نيڪ مائي نيڪ بابا کانپوءِته سڃاڻن ئي ڪونه، جوڳي نه ڪنهن جا مٽ۔ سائين چوندا آهن ته " جنين آسرو الله ٻيڙي نه ٻڏي تن جي" سائين مانيءَتي ياد آيو ته في الحال مان پنهنجي اچار وٺي آيو آهيان، روز چاچو اچار ٻڌي ٻڌي اصل اڄ اُن کي دل چيو ته وٺي ڪري کائيجيس، سو وات کي چهرو ڪيو آهي، ڪجهه اوطاق وارن لاءِبه آندو آهي، اچو توهان به ٿورو چکيو۔ آءُاجهو ئي آيس۔
جواب: ڪچهريءَ جا مور رڙيون نه ڪر فقير مونکي پڪ آهي ته ضرور واڪون ڪندين، اڙي بک اڙي ماني، اسپيشل برياني تيار ڪرائي آهي، اچار اڳ ۾ آيو آهي ان سان گڏ ڊبل مزا وٺ۔ ادا هاشم پاڻي ته کڻي اچ نه،۔ مان هينئر وري واپس گهر ٿو وڃان، پوءِ موٽي ڪچهريون ٿا ڪريون، اگر ڪوئي مهمان اچي ته رڙ ڪجانءِ ته ان جي لاءِبه ننگر پاڻي بندوبست ڪيون اچان۔
جواب: ڪچهريءَ جا مور يار وهاب چڱو ڪيو اٿئي جو ماني وٺي آيو آهين ۔۔۔ اوطاق تي دوستن جي اچ وڃ لڳي پئي آهي ۔۔۔ پر اهو پاڻ وارو علي اڪبر شر اوطاق تي دوست گهرائي پاڻ وري گم ٿي ويو آهي ۔۔۔۔ يار شر! اسين ماني پاڻ ئي پوري ڪنداسون دوست کوڙ آهن کارائڻ پيئارڻ وارا ۔۔۔ اوهان ته چڪر هڻندا ڪريو ته ڪي حال احوال ٿين ۔۔۔ باقي ڪچهريءَ جا مور دوست ته پاڻ ڏسين ٿو ۔۔۔ مولائي فقير، مست، ڦلپوٽو فقير۔ عبد الوهاب ۔۔۔ همانگير ، عاشق سولنگي مطلب ته گهڻا ئي يار موجود آهن ۔۔۔ بس يار شر ڪو ڳالهير دوست هٿ ڪري اچجانءِ ته رات جو ٽڪايونس ۽ ڪي قصا ٻڌجن ۔۔۔ ڀلا ڏيو خبر چار پاڻيءَ جا ۔۔۔ واهه وهي آيا آهن يا اڃان سوڪهڙو لڳو پيو آهي ۔۔۔ ٻي ڳالهه ته اڳي ڏاندن سان هر ڪاهبا هئا ۔۔۔ اڄڪلهه اهو ٽريڪٽرن ڪم ته آسان ڪيو آهي پر يار ڊيزل مهانگي ٿيڻ سبب فصل مهانگا ٿي ويا آهن ۔۔۔ لڳي ٿو ته وري ڏاند وٺڻا پوندا ۔۔۔ اڙي يار هن ملڪ جا سور ڇا ڇا ٻڌائجن ۔۔۔ هڪ نه ٻيو آزار آهي ئي آهي ۔۔۔ الائي ڪڏهن جان ڇٽندي ۔۔ بس ڙي يار هٿ مٿي آهن ۔۔۔
جواب: ڪچهريءَ جا مور ادا جڏهن فقيرن، مستن، درويشن ۽ دادلن جي محبت ڀري اوطاق جي هوندي به توهان ٻاهر جا چڪر هڻندا ته پوءِ حيف تني جي هوءِ جن وطن وساريو۔ اوطاق پاڻ ٺاهي ڪري وڃي بر جو منهن ڪيو اٿئو، آخر ايئن ته ناهي ٿيندو۔ اوطاق ٺاهڻ آسان ۽ ان کي هلائڻ ڏکيو هوندو آهي،۔
جواب: ڪچهريءَ جا مور ابا۔۔۔۔ تو وارو مست ٻه ٽنگو اڙيو ٿئي يونيورسٽيًءَ ۾، نه پاڻ ٽيچر، نه پاڻ شاگرد، اصل وچ جا ويچارا آهيون، اصل يونيورسٽيءَ وارا اهڙو ٿا ڪم ڪار وٺن جو پڇ ئي نه۔۔۔ دانهن ڏجي ته ڪنهن کي۔۔