ابا سنگت کي سلام! خوش آهيو سڀ۔۔۔ ير اسان ته اصلي ورتا پيا آهيون۔ ڪالهه سڄو ڏينهن بارشجي رم جهم لڳي پئي هئي روزي به ڪونه ٿي۔۔۔ وري اهو رات جو نڀاڳي ٽرين به 2 منٽ اڳ ۾ ڀڃي وئي پو ته اصلي بس۔۔۔ 2منٽن جي ڪري 30منٽ دير ٿي وئي۔ وري جيئن ئي گهر پهتس ته اصلي مٿو اهڙو پيو ڦاٽي جو اصلي۔۔۔۔۔ پو ير مان ڪالهه رات دير سان اوطاق تي آيو هوس۔ ادي مست ٻڌايو هوته اوطاق کي بند پيا ڪن۔۔۔ اڙي ابا ايئن ته نه ڪر۔۔۔ ٻيلي مولائن کي چلم ڪير ڏيندو۔۔۔۔ خيئر وري اوطاق ته چالو ئي هئي مُنهنجي مٿي ۾ به ڏاڍو سور هو۔۔ قسم سان ادي اڪبر واري صلفي ڏاڍي مهنگي پئجي وئي آهي۔ هاڻي بس اڏي کي بند ڪري اکين جي ڏاڪڍر کي به ڏيکارڻو اٿم۔۔۔ اکيون ته اکين جهڙيون آهن پر ديد لهه ئي نه۔۔۔ ساڳيو ئي مثال آهي اسان جو به۔۔۔ سو ابا۔ اهو رمو وارو پٽ آهي نه اهو پئي چئي ته فقير مٿي ۾ سور اکين جي ديد گهٽ ٿيڻ سان به ٿيندو آهي۔ سو مڙئي ان جي ڳالهه تي اعتبار ڪيو آهي مڙئي 200 کن ان ديد واري ڏاڪڍر کي به ڏيڻا آهن۔۔۔ ٻيو وري ته ڪجهه ئي ڏينهن ۾ آل انڊيا فقير ڪانفرنس به ٿي رهي آهي فقيرپور ۾ سو اتي به وڃڻو اٿم۔۔۔۔ فقيرائپ ۾ ڏاڪڍر جي اعزازي سند ٿا ڏين۔۔۔ شڪارپوري فقير ته ڏاڍي محنت ڪئي پر هاڻي مان ان جو شاگرد ٿي ان جي ان کي پورو ڪندس۔ سو ابا۔۔۔ مڙئي دعا ڪجو۔۔۔ اڃان ته مان اوطاق تي آهيان۔۔۔ ڪو ڪم ڪار هجي ته ٻڌائجو۔۔۔۔۔
مان پاسي ۾ چيلهه ڊگهي ڪري وٺان،۔۔۔۔