جواب: ڪچهريءَ جا مور ڀاء توهان ڪافي ڳالهيون صحيح لکيون آهن مون کي ان تي ڪو به عتراض ڪونهي، پر ادا ڪجهه ڳالهيون منهنجون به صحيح آهن، ادا اگر اسان کي حق نه ٿو ملي ته ان جا به ڪجهه حد تائين اسان ڏوهاري آهيون، توهان ڏسو ٿا ته اگر سنڌ ۾ ڪنهن ڪمپني ۾ سنڌ جا لوڪل ماڻهون نه ٿا رکيا وڃن ته توهان انهن خلاف ڌرڻا ڏيو، هڙتالون ڪيون ، انهيء ڪمپني اڳيان ويهي وڃون، شايد ڪجهه نه ڪجهه فائدو حاصل ٿيندو، توهان خيرپورميرس يونيورسٽي جي شاگردن کي بجلي خلاف هڙتال ڪندي ڏٺو هوندو اگر ڏٺو نه هوندو ته ٻڌو ضرور هوندو، ته انهن حڪومت+ انتظاميه خلاف جلوس ۽ هڙتالن جو سهارو ورتو پوليس جون مارون به کاڍيون پر نيٺ انهن کي به ڪجهه نه ڪجهه فائدو ضرور ٿيو هو، ادا واڪا ته ڪريو باقي ٻڌڻ جو ڪم ته انهن جو آهي، http://www.youtube.com/watch?v=VYd158fvCGs
جواب: ڪچهريءَ جا مور اهو انهي ڪري جو سنڌ جا ليڊر وڏيرا آهن انهن کي ڪنهن به چيز جي خبر ڪونهي ته ڇا ڪرڻو آهي سنڌ ۾ جيڪي روڊ ٺاهن ٿا مڪمل ٿيڻ کان پهرين پويان پٽجڻ شروع ٿين ٿا ۽ ڳوٺن لاءِ جيڪي پيڪيج اچن ٿا انن جي ته خبر ڪون آهي ڳوٺن جي اسڪولن ۾ ته ٻار سرن ته ويهن ٿا صرف هٿ ۾ هڪ ڪتاب ۽ سليٽ سائنس جي شروعات ڇهين درجي کان ڪن ٿا ڪمپيوٽر جي ته ڪا خبر ڪون آهي
جواب: ڪچهريءَ جا مور پنجابين، پشتو ۽ مهاجرن جا اڳواڻن قوم سان سچا آهن، باقي پاڻ سنڌي ايئن ئي آهيون۔۔ ير ان ڳالهه تي مونکي هڪ لطيفو ٿو ياد اچي جيڪو مون اڳ ۾ ئي سنگت سان شيئر ڪيو هو۔۔۔۔ دوزخ ۾ سڀني قومن جي مٿان ٻه ٻه فرشتا مقرر ٿيل هئا ته جيئن ڪوئي جنت ۽ دوزخ واري ڀت ٽپي جنت ۾ نه هليو وڃي، سنڌين جي مٿان ڪوبه فرشتو ڪونه هيو۔۔۔۔ ان تي سڀني قومن روڊ بلاڪ ڪيا،،، فرشتن جي اڳواڻ وٽ ويا ۽ پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرايو ته سڀني قومن جي مٿان فرشتا آهن باقي سنڌين جي مٿان ڪوبه فرشتو ڪونهي ان جو ڇا سبب آهي۔ ان تي فرشتن جي اڳواڻ جباب ڏنو ته جڏهن هڪ سنڌي ڀت ٽپڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ته ٻيو ان کي ڄنگهه کان وٺي هيٺ ڇڪيندو آهي ته پهرين مان چڙهان پو هو پاڻ ۾ ئي وڙهي پوندا آهن۔ پر ٻيون قومون ان جي ابتڙ ڪنديون آهن اگر ڪو ڀت چڙهندو آهي ٻيو ان کي هٿ ڏيندو آهي ته مٿي چڙهه پو مونکي به هٿ ڏجان۔۔۔۔ اميد ته ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي هوندوَ۔۔۔۔۔۔۔ ٻيو اهو ته سنگت جي دعا سان مُنهنجي طبيعت ۾ سڌار آهي۔ نڪ مان نيسارا وهڻ بند ٿي ويا آهن۔ مٿي مان سور به جهڪو ٿي ويو آهي ۽ ٻيو وري تپ به گهٽجي ويو آهي۔۔۔۔۔۔۔لڳي ٿو حڪيم جي ڦڪين تڪڙو اثر شروع ڪيو آهي۔
جواب: ڪچهريءَ جا مور يارو حق موجود؛ صبح ٻني ٻاري جو ڪم لاهي ڀوتار جي بيگار تي وڃڻ ٿيو ۔۔۔ مون وارا ڀوتار به آهن عرب نسل جا سو اصل نه پڇو بيگار ۾ به گڏهه جهڙو ڪم وٺن ۔۔۔ خئير ٿڪ ڏاڍو ٿيو آهي، گهر نياپو ڪيو آهي ته تيل ميٽ تيار رکن ته ڪو جسم کي ملي کوهه جي ٿڌي پاڻي سان وهنجي جان جسو آرامي ڪجي ۔۔۔ يارو! خبر ڪيو اڳ پنهنجي اوطاق تي ٽنڊي آدم کان حڪيم کتري ايندو هو ۔۔۔ الله خئير ڪري اڄڪلهه اچي ئي نٿو ۔۔۔ مشڪل ۾ هو ته دوستن سان ملڻ ايندو هو ڪي ڦڪيون ٻڌائيندو هو ۽ مرضن کان خبردار ڪندو هو پر اڄڪلهه اچي ئي نٿو ۔۔۔؟ خبر ته ڪيوس خئيرن سان ته آهي ۔۔۔!!! پنهنجي طبيعت به لهڪاريل آهي ۔۔۔ ۽ هن پينو مولائي فقير جو نڪ هاڻ ته بند ٿيو آهي پر صبح جو وتندو ڇڪون ڏيندو ۽ ڦهلائيندو موضي مرض ۔۔۔ بس يار ڪو حڪيم کتري اچي نڪري ته اصل واه واه ٿي وڃي ۔۔۔ چڱو يارو ياري صبح جيڪي حال حيات ۔۔۔ الله واهي ۔۔۔
جواب: ڪچهريءَ جا مور ابا هائو واقعي اهو حڪيم گُم لڳو آهي سائين نثار ناز جو پاڙيسڙي آهي۔ سائينجن کي عرض آهي ته ٻيلي انهن کي اوطاق تي اچڻ لا چون۔ پر سائين پاڻ اوطاق تي گُم آهي لڳي ٿو ڪاڪي ڪانڊيري هڻي سائين جا لاهه ڪڍي ڇڏيا اٿئي۔۔۔ جو اوطاق تي اچن ئي ڪونه ٿا۔۔۔
جواب: ڪچهريءَ جا مور ادا ناراض نه ٿيو ته هڪ عرض ڪيان، ادا اسان شڪايتون ته تمام گهڻيون ڪندا آهيون، پر ڪڏهن پنهنجون ڪمزوريون ۽ غلطيون ڪونه ڏسندا آهيون، ادا معاف ڪجو ناراض نه ٿجو، ڏسو حقيقت ته اهيا آهي ته توهان کي انگريزي يا ٻئي ٻولي جو اچڻ يا انهن تي عبور هجڻ جو مان تصور ڪيئن ڪيان، مان ته اهيو پيو ٿو ڏسان ته اسان جي سنڌي ڀائرن کي اسان جي پنهنجي سنڌي ٻولي ( اها به روز مره جي استعمال واري نه ڪي شاه، سچل سامي واري ) به لکڻ ڪونه ٿي اچي، وڃجي ته ڪيڏانهن وڃجي، ڪجي ته ڇا ڪجي ؟ جنهن جي نشاندهي مان هيٺ ڪيان ٿو، ادا ٻيو عرض ته مون کي هت ڪراچي ۾ تقريبن 12 سال ٿئي ويا آهن ۽ مون اهيو پاڻ ڏٺو آهي ته اسان جا سنڌي هت ڪراچي ۾ اچي ڪري مهينو ٻه به نوڪري ڪونه ٿا ڪن ۽ ڀڄي ٿا وڃن، اهيو چئي ڪري ته هتي ته هي ڪم ڏکيو آهي، پگهار گهٽ آهي، رهڻ جي تڪليف آهي، پرديس ۾ رهيا پيا آهيون وغيره وغيره، ادا اسان جو ماڻهون پنهنجي سنڌ کي به پرديس ٿو چوي، جڏهن ته پٺاڻ پنجابي ۽ ڪشميري پنهنجا صوبا، پنهنجا شهر ڇڏي اچي ٿا هت ڪراچي ۾ محنت مزدوري ڪن، ادا ٻيو ته ٺهيو، پر مون پاڻ ٻه ٽي سنڌي ڇوڪرا هت ڪراچي جي مختلف ڪمپنين ۾ نوڪري سان لڳرايا هئا مگر، اسان جي سنڌين انهن نوڪرين لاء به نخرا ڪرڻ شروع ڪري ڏنا ته هتي ته هي نه آهي، هي ته هي آهي وغيره وغيره جڏهن ته مون پاڻ ڏٺو آهي ته محنتي ۽ ڪابل سنڌي ماڻهون ڪراچي جي وڏين وڏين ڪمپنين ۾ اهم عهدن تي ڪم ڪري رهيا آهن۔ ڀاء هاڻي ٿا اچون توهان جي انهن ڪيل غلطين ڏانهن جيڪي توهان پنهنجي سنڌي جي سنڌ سلامت تي آندل تحرير ۾ ڪيون آهن توهان جا غلط لکيل الفاظ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔صحيح يا درست لکيل الفاظ نوڪريو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ نوڪريون وڏان ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ وڏا جمجا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ چمچا هوئا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ هئا انگرو ڪميڪل ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اينگرو ڪيميڪل ڏنيو ويو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڏنيون ويون انن۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ انهن غلت۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ غلط ڪرن ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڪن ادا جيڪڏهن مان مٿين ڳالهين ۾ غلط آهيان ته منهنجي رهنمائي ڪندا، ۽ توهان کي اهيو به ٻڌائيندو هلان ته ڪو اسان جا سڀ سنڌي ماڻهون ائين ڪونهن پر افسوس جو اهڙا ماڻهون ڪافي آهن جنهن جو جيترو ڏک ڪجي اهو گهٽ آهي، ٻيو عرض ڪندو هلان ته پاڻ ۾ پهرين اها قابليت پيدا ڪريو ۽ تنهن کان پوء پنهنجو حق وٺڻ لاء وڙهو، ۽ سخت مان سخت ڪوشش ڪريو، آسرو ۽ اميد نه ڇڏيو،قرآن به اسان کي اهيو ٿو سبق ڏئي ته ( الله به انهن جي مدد ڪندو آهي جيڪي پنهنجي مدد پاڻ ڪندا آهن ) شاه صاحب ته اسان کي ويهڻ جو سوچڻ لاء به موقعو نه ٿو ڏئي پر هميشه هلڻ لاء پنڌ ڪرڻ لاء ۽ ڪوشش ڪرڻ لاء پيون چونڊڙيون پائي ۽ شاه صاحب ته اهيو به چوي ٿو ته توهان ڪنهن هڪ رستي تي ويهي نه رهو پر توهان کي اگر پنهنجي منزل لاء هڪ رستو ڪم نه ٿو اچي ته توهان ٻيو رستو اختيار ڪريو۔ ۽ سنڌ جو ٻيو وڏو شاعر شيخ اياز صاحب ته هينئن ٿو چوي۔ ( اياز اڄ ڇو؟ وري ڇانو ڳولين پيو ، پنڌ ڏاڍو پري آ پانڌيئڙا ) هلندي هوت پنهون ڏي پيرين پنڌ ڪندياس پيرن پنڌڪرڻ ڇڏيو، ته هٿن سان هلندياس هٿن هلڻ ڇڏيو ته مان چيلهه ڀر چرندياس چيلهه چرڻ ڇڏيو ته سيني ڀر سرندياس سيني سرڻ ڇڏيو ته اکين سان ايندياس ملي ته ملندياس، نه ته گهوري جان جتن تان۔
جواب: ڪچهريءَ جا مور يار هي انتهائي اهم ترين موضع آهي هن موضع کي کل ڀوڳ واري شعبي ۾ آڻي هن موضع سان نا انصافي ڪئي وئي آهي هن ڀرپور موضع مان ايترو ته لاڀ حاصل ڪري سگهجي ٿو جو وڃي ٿيندا ست خير، خبرن چارن ، لاهوارين اوڀارين، اوسي پاسي کان وٺي غم خوشي جي ڳالهين تائين ايتري قدر جو هو انگريز ۾ ڇا چوندا آهن اجتمائي چيٽنگ به هن موضع ۾ ڪري سگهجي ٿي، جيڪي به سنڌ سلامت جا سائن ان ميمبر هوندا اهي خوشي سان شريڪ ٿي سگهن ٿا۔ هن موضع سان هر هرڪو ميمبر ڪوشش ڪندو ته هو سنڌي لکي ۔ جس هجُي توهان سڀني دوستن کي جو اهڙي تخليقي ۽ خوبصورت موضع کي آڻي سلامت جي اڱڻ کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا۔
جواب: ڪچهريءَ جا مور ادا ممتاز توهان جي ڳالهه لکن جي آهي پر سائين شايد توهان واري ڪي بورڊ ۾ اهو لفظ برابر ڪونه لکجندو آهي۔ شايد مان غلط هجان۔ سائين مان واڻيو ماڻهو مونکي ر ۽ ڙ جي خبر ڪونه پوندي آهي۔ ڇ ۽ ش جي به خبر ڪونه اٿم۔ ٻيلي مڙئي ٿوڙو گهڻو رحم ڪريو۔۔۔ مڃان ٿو ادي اڪبر غلطيون ڪيون آهن پر۔۔۔۔۔۔۔۔۔ چوندا آهن ته جيڪڏهن توهان ڪنهن تي هڪ آڱر ٿا کڻو ته اهو ياد رکو ته ٽي آڱريون توهان ڏانهن به اشارو ڪري رهيون آهن۔ مطلب ڪنهن تي آڱر کڻڻ کان پهرين ٽي ڀيرا سوچيو ته اهو نقص توهان ۾ ته ڪونهي۔ اميد ته دل ۾ ڪندا باقي سنگت اڄ خيئرن سان روزي سان لڳو پيو آهيان، ريجس به گهٽ آهي۔ ڇا آهي ته انڊيا ڏينهن به ڏينهن ترقي ٿو ڪري سو مون به پنهنجي اڏي (پنڻ واري جا) تي هڪ پيٽي وارو ڪمپوٽر ورتو آهي۔ وري مٿان اهو جيڪا ڄاري ٿيندي آهي اها به هڻائي آهي۔۔۔۔ الله مالڪ آ باقي ممبئي جي الٽامائونٽ روڊ تي هڪ بنگلو تاڙي آيو آهيان۔ مڪيش امباني جو اهو وٺڻ جو سوچي رهيو آهيان۔۔۔۔ ان علائقي ۾ هڪ فٽ 309,910 پاڪستاني روپين ۾ آهي سوچيان ٿو چار پنج هزار فٽن جو هڪ بنگلو وٺان۔۔۔۔ سنگت جي صلاح گهرجي۔۔۔
جواب: ڪچهريءَ جا مور ادا رنجيت صاحب توهان منهنجي لفظ (اهيو ) ( اهيا ) ۽ ( ڀاء )کي نشان لڳايو آهي مون کي خبر نه آهي توهان انهن تي نشان ڇو لڳايا آهن جڏهن ته اهي الفاظ اسان جي دادو ۾ عام آهن، ۽ اهي الفاظ ڪي غلط ته نه آهن شايد توهان جي هڪ آڱر مون ڏانهن وئي آهي پر ٽي آڱريون توهان ڏانهن به وڃن ٿيون ته توهان ڪا منهنجي غلطي ته ناهيو پڪڙي سگهيا ۽ توهان هرو ڀرو جا نشان لڳائي پنهنجو نالو ڳڻايو آهي۔ ، باقي ادا الفاظ( ڪابل) جو مان مڃان ٿو ته اهو الفاظ غلط لکيل آهي ۽ اهو لفظ (قابل) آهي ۽ مون کي ان جي خبر به آهي، ۽ مون ڪيترن ئي لکڻين ۾ قابل ۽ قابليت وارو الفاظ لکيو پڻ آهي، مگر اهو الفاظ ايڏي وڏي تحرير ۾ تڙ تڪڙ ۾ لکجي ويو آهي، ( جنهن لاء مان شرمندو آهيان ۽ غلطي جي معافي ٿو گهران ) ۽ ٻيو عرض ته مون ڪو پنهنجي دوست تي آڱر ڪونه کنئين هئي مگر مون لفظن جي درستگي لاء اهي نشاندهيون ڪيون هيون ۽ اگر توهان جي اهيا سوچ آهي ته پوء توهان وري ڪهڙو منهنجن لکيل الفاظن کي درگذر ڪيو آهي، توهان به ته اهوئي ڪيو آهي جيڪي مون ڪيو آهي، منهنجي خيال ۾ ڳالهه ته ساڳي ٿئي وئي آهي، (بقول توهان جي ته پهرين پاڻ کي ڏسو ته ڪٿي اها ساڳي غلطي توهان به ته نه ڪري رهيا آهيو ) باقي توهان لکيو آهي ته ( سائين مان واڻيو ماڻهو مونکي ر ۽ ڙ جي خبر ڪونه پوندي آهي۔ ڇ ۽ ش جي به خبر ڪونه اٿم۔ ٻيلي مڙئي ٿوڙو گهڻو رحم ڪريو۔۔۔ ) ادا اسان مڃيو ته توهان واڻيا آهيو ان ڳالهه کان انڪار ڪونهي پر ادا منهنجي ڀاء جيڪي لکڻ ۾ غلطيون ڪيون آهن انهيء ۾ واڻيائپ جو ته سوال ئي ڪونهي۔ ( ڀاء رنجيت مون ڪو توهان جو مقابلو ناهي ڪيو مون ته صرف توهان جي سوال جو جواب ڏنو آهي) ادا دعا آهي ته رب پاڪ توهان کي هميشه خوش رکي ۽ پنهنجو ساٿ سلامت رکي آمين۔ اميد ته ناراض نه ٿيندا، ۽ دل ۾ به نه ڪندا ادا وري به توهان جون نوازشون ۽ مهربانيون
جواب: ڪچهريءَ جا مور مٺا ممتاز! ير توهان کي ته ڪاوڙ لڳي وئي هاڻي جڏهن ڪاڪو آچار ايندو ته اصلي ٺهندو ئي ڪونه۔۔ سندس اوطاق تي اصلي اهڙيون ڳالهيون۔ منهنجا پيارا ڀا مان ننڍڙو ٻار، جنهن صحيح نموني سان سنڌ به ڪونه گهمي هئي۔ سو انڊيا ۾ اچي شايد پاڻ کي سنڌي ٻولي جو وڏو ڄاڻو پيو سمجهان۔ شايد هن مثال جيان ته برپٽن ۾ ڪانڊيرو به وڻ هوندو آهي۔ سو سائين مُنهنجا معاف ڪجو۔ جو مون توهان ڏانهن آڱر کنئي۔ ٻيو اهو ته شايد توهان واري دادو ۾ جيڪو جادو آهي ان جي ڪري اتي اهو کي اهيو ڪري لکندا هوندا، باقي اسان واري خيرپور ۾ ته شايد ايئن ڪونه هو۔ يا وري ايئن به ٿي سگهي ٿو ته مونکي سنڌ کان جلاوطن ٿي ڏيڍ سال ٿي چڪو آهي ان وچ ۾ ٻولي ۾ اها ڦيڙڦار ٿي هجي۔ پو به ادا توهان مونکان ڪافي وڏا آهيو۔ توهان صحيح ئي هوندا۔ ۽ ڀا کي ڀاء ڪري لکندا هوندا۔۔۔۔ معاف ڪجو سائين ۽ ها سنگت کي اهو به عرض آهي ته ٻيلي ڪاڪي آچار کي اها ڳالهه نه ٻڌائين۔ اجايو وري اوطاق تي تالو لڳي ويندو۔ الائي ڪيئن ته سائين اڪبر جي چوڻ تي ڪاڪي آچار هي اوطاق سجائي آهي۔
جواب: ڪچهريءَ جا مور ادا رنجيت مان ڪاوڙيو ته ڪونه آهيان، ۽ ڪاوڙ جو ته الفاظ ئي منهنجي ڊائري+ ڊڪشنري ۾ ڪونهي۔ باقي ادا ڀاء اتفاق سان ڀاء واري الفاظ جي مٿان منهنجي ڪي بورد تي پيش نه ٿو لکجي سگهجي۔ باقي ادا علائقي جي حساب سان لفظن جو فرق ضرور هوندو آهي ، جيئن اسان دادو وارا چوندا آهيو ڇا ٿيو، پر شايد لاڙڪاڻي وارا ڇا ٿيو جي بدران شا ٿيو جو الفاظ ڪڍندا آهن خير ، ادا پوء به اگر مون کان ڪا غلطي ٿي وئي آهي ته ان لاء معذرت۔
جواب: ڪچهريءَ جا مور خئير اهي ته ٿي ويون، لفظن جون غلطيون ۽ انهن جو سڌار ۔۔۔ اميد ته دوست سمجهي ويا هوندا ته ڪچهري ۾ لفظن جو استعمال صحيح هوندو ته مزو ايندو ۽ نياپو واضح هوندو ۔۔۔ لکت کي هڪ دفعو لکي نظرن مان ڪڍي پو پوسٽ ڪجي ته بهتر ٿيندو ۔۔۔ پر هت هڪ ڳالهه واضح ڪندو هلان ته؛ 1۔ هر هڪ ماڻهون تمام گهڻو پڙهيو لکيو يا وري ٻولي جي اکرن جو ماهر نه هوندو آهي۔ 2۔ هرٻولي ۾ ڪجهه ماڻهون ڪتابي نه هوندا آهن، هو صرف لکڻ سکي وٺندا آهن ۽ پو جا زبان تي سائي اکري لکي وٺندا آهن ۔۔۔ هاڻ جي مونکي سنڌي لکڻ سٺي نه ٿي اچي ته ڇا آ سنڌ سلامت جي دوستن سان ڪچهريون ڪرڻ ڇڏي ڏيان ۔۔؟ يا وري ڪچهريون ڪندو رهان ۽ پنهنجي سنڌي به درست ڪندو رهان ۔۔؟ انڪري جيڪي دوست سنڌ سلامت تي اچن ٿا سي پنهنجي لکڻي آهستي آهستي درست ڪندا وڃن پر ان جو مطلب اهو ناهي ته هو ڪچهري ختم ڪري پهريان عالم فاضل ٿي پو هت اچن ۔۔۔ نه دوستو نه ۔۔ ڪچهريون قائم رکو ۔۔۔ ۽ پنهنجي ٻولي کي درست ڪندا رهو ۔۔۔ هاڻ اڳتي ڏيو حال احوال ؛ ڀلا اڄڪلهه ملڪي حالتون ڪهڙي پاسي پيون وڃن ۔۔۔؟
جواب: ڪچهريءَ جا مور ڀاء اوطاق تي ته هرڪو اچي سگهي ٿو ۽ هر ٽاپڪ تي ڳالهائي سگهي ٿو ۽ ڪچهري ڪري سگهي ٿو۔ ان لاء ڪنهن کي به منع ڪونهي، ۽ ابڙي صاحب صحيح لکيو آهي ته اهيو ضروري نه آهي ته ڪو عالم فاضل ئي ڪچهري ۾ شامل ٿئي، پر ڪچهري ۾ هر ڪو ماڻهون شامل ٿئي سگهي ٿو۔ ۽ ان ڳالهه کان ڪنهن انڪار به ناهي ڪيو۔
جواب: ڪچهريءَ جا مور نثار صاحب توهان تمام سٺي ونڊ ڪئي آهي هي پيغام مون جهڙن سنڌي ۾ ڪمزور شاگردن لاءِ آهي جيڪي ڪجهه لفظن کي غلط لکن ٿا جيڪڏهن اسان بار بار سنڌي لکندا رهون ته اسانجي سنڌي تمام سٺي ۽ صحيح ٿي ويندي توهان ان جو مثال موبائل ته ايس ايم ايس چيٽ کان وٺو جنهن تي اسان جا پنهنجا چوڪرا جنهن کي انگريزي جي اي به ڪون ايندي هوئي ۽ هاڻ هو رومن اردو آرام سان لکي سگهن ٿا اهيو سب ڪجهه لکڻ ۽ پڙهڻ سان ٿيو آهي ته پوءِ اسان جيڪڏهن سنڌي لکندا سين ته اسان جي سنڌي به بهتر .کان بهتر ٿيندي
جواب: ڪچهريءَ جا مور رنجيت ڀاءُ، ممتاز ڀاءُ، يار توهان جي اڳيان مون مست جو مثال آهي، جڏهن سنڌ سلامت تي آيو هئس ته ڌ ۽ ڍ جي ۽ ڄ ۽ ڃ جي فرق جي خبر نه هئي، ننڍي کي ننڌو ۽ ۽ ڄڃ کي ڄڄ ڪري به لکي ويندو هئس، هن سنڌ سلامت جي محفل مون کي ايترو سيکاريو آهي جو هاڻي اهي غلطيون الله جي ڪرم سان پاڻکان ٿين ئي ڪون،، سو ادا دوستو،، غلطيون سڀني کان ٿين ٿيون ۽ سکڻجو عمل ساري عمر جاري رهي ٿو ، ڀلو ماڻهو اهو آهي جيڪو جلدي سکي وٺي۔۔۔
جواب: ڪچهريءَ جا مور ابا سنگت کي سلام! ير اميد ته ديريءَ کي دل ۾ نه ڪندا. ٻيو ڏيو حال احوال ابا اڄ خيئرن سان مون واري ڏک جي ساٿڻ ويچاري اها ننڍڙي ٽيپرڙي ڪونه ٿيندو آهي جيڪا ڪن ۾ سيٽيون وڃائي ڪلام ٻڌرائيندا آهي ۽ ها هوندي به تعويذ جيتري اٿوَ (ايم پي ٿري پليئر)....هلات ٿوَ... واهه جي ڳوٽ ڀڳي اٿوَ.....الله شل ٻارن ٻچن واري زال ڏيوَ (ابا وڙهو ڇو ٿا پهريون ٿورڙئي هوندس بعد ۾ ٿيندس)... اها مون واري ساٿڻ اڄ خيئرن سان بارنيٽي (وارنٽي) مان ٺهي آئي آهي. اصلي ساڳيا ئي پراڻا ڪلام اڃا تائين ڀريل اٿس. اهو جيڪو ڪلام آهي نه جاني ملي ته مان جيئان جيئان... هائو اهو ئي... سو سنگت کي ٻڌرايان ٿا.... ابا ڳالهه ڇا هئي ته اهو مون وارو ٽپڙ (ايم پي ٿري پليئر) مون هڪ وڪيل وٽ ڪم ڪري 1000 روپيا جمع ڪري ورتي هئي سو مڙئي چار پنج مهينا اڳ خراب ٿي وئي هئي... مان به سست ماڻهو وڃڻ پڄي ئي ڪونه.. مڙئي 2 ڏينهن ان روڊ تان پنندي پنندي ياد آيو ته ابهول اهو دڪان آهي جنهن تان مون اها ورتي هئي.... مان به جلدي ۾ ڏئي ڇڏينمانس.... خيئرن سان ٺهي وئي... ويچاري مستريءَ کي مُنهنجي هيڻي حال تي رحم اچي ويو مُفَتَ ۾ ٺاهي ڏنائين. سو سنگت مان هاڻي اڏي تي ويهي ڪن ۾ اهو اوزار لڳائي ٻوڙو ٿي پنندس ماڻهو ايئن سمجهندا ته ڪنن ۾ ٻڌڻ واري مشين لڳل اٿس هنن کي ڪهڙي خبر ته مان ڪو سنڌي ڪلام ٿو ٻڌان... مست ڏي تاڙو.................... ابا هاڻي مان اڏو بند ٿو ڪيان رات به ٿي وئي آهي ڪٿي لوڪل ٽرين جي رش ۾ مولائي سَرُ نه وڃائي ويهه... سو سنگت هي ڪلام اٿوَ ٻڌي وٺو.... ۽ ها ادو وڏو سائين نثار ابڙو اچيوَ ته مُنهنجا سلام ڏجوس... اگر واٽ تي مونسان گڏيو ته مان پاڻ ئي ڏئي ڇڏيندومانس.... ابا اهو اٿو ڪلام جاني ملي ته جيئان جيئان ڀل ملڪ ۾ مشهور ٿيان ٿيان...... [MP3]http://www.fileden.com/files/2010/7/16/2916492//JAni Mime Ta Maan Jeaan.mp3[/MP3] چڱو سنگت وري ملون ٿا ڏيڍ ڪلاڪ جي بريڪ کان پوءِ
جواب: ڪچهريءَ جا مور ادا سائين نثار جن مونسان اوطاق تي مليا ته اوهان جا اسلام ضرور چوندو مانس خوش رهو