جواب: ادريس راجپوت جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔
ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ لاءِ عالمي بينڪ جي نئين چرپر
جمع 9 مارچ 2007ع
واشنگٽن مان منهنجي هڪ همدرد ۽ سنڌ دوست جي اي ميل آئي آهي، جنهن جو انگريزي متن هيٺ ڏجي ٿو:
Subject:Kalabagh being repackagedIt has come to my attention that Kalabagh is being repackaged.The idea will be that sindh will be given part onwership of Kalabagh-say 40%. As an owner, Sindh will supposedly have share in royalty and operations of Kalabagh. In practice how will sindh exercise its operation control over a long period of time, is not clear. I understand that certain people and agencies are very excited about this approach and are pushing it. A donor delegation scheduled to visit Pakistan in early March will push for this solution.
I also understand that certain objections to Basha dam by india, may also be used as an argument for supporting repackaged kalabagh. What should be done? your input and help towards development of Sindh is always welcome.
(منهنجي ڌيان ۾ اها ڳالهه آئي آهي ته ڪالاباغ ڊيم جو نئون پيڪيج ٺاهيو پيو وڃي. انهيءَ مطابق سنڌ کي ڪالاباغ ڊيم جي جُزوي مالڪي ڏني ويندي. سمجهو ته 0 4 سيڪڙو. مالڪ هئڻ جي حيثيت ۾ سمجهيو وڃي ٿو ته سنڌ انهيءَ جي رائلٽي ۽ هلائڻ ۾ ڀائيوار هوندي. عملي طور اها ڳالهه واضح نه آهي ته سنڌ گهڻي وقت تائين اهو ڪنٽرول پاڻ وٽ رکندي. مان سمجهان ٿو ته ڪجهه ماڻهو ۽ ادارا انهيءَ پيڪيج ٺاهڻ بابت تمام جذباتي آهن ۽ انهيءَ کي اڳتي پيا وڌائن. پئسا ڏيندڙن جو هڪ وفد مارچ جي شروع ۾ پاڪستان ايندو ته جيئن انهيءَ معاملي کي اڳتي وڌائي. مان اهو پڻ سمجهان ٿو ته هندستان پاران ڀاشا ڊيم تي ڪجهه اعتراضن کي دليل بڻائي ڪالاباغ ڊيم کي نئين پيڪيج مطابق ٺاهڻ واري ڳالهه کي هٿي وٺائي ويندي. پوءِ ڇا ڪرڻ کپي؟ سنڌ جي ترقي لاءِ اوهان جي مدد ۽ سهڪار جو هميشه وانگر آڌر ڀاءُ ڪندس.)
مون کي پنهنجي همدرد ۽ سنڌ دوست جي ڳڻتي جو احساس آهي. مان چاهيندس ته ان جي ڳڻتي لاهيان ۽ سنڌ وارن کي به آگاهه ڪريان ته ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ لاءِ پردي پٺيان ڇا پيو ٿئي ۽ اسان کي پنهنجي جياپي لاءِ ڪيئن هوشيار رهڻ گهرجي. اچو ته پهريون اهو ڏسون ته اسان جا اعتراض ڇا آهن ۽ ڇا اهي اعتراض عالمي بينڪ جي ڏنل پيڪيج ڪري دور ٿي سگهندا.
سنڌ جا ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ تي اعتراض:
(1) درياهه جا وهڪرا ڦرندڙ گهرندڙ ۽ سال به سال گهٽجندڙ آهن. ماضيءَ جو ريڪارڊ به ٻڌائي ٿو ته هر سال ڊيم ڀرڻ لاءِ واڌو پاڻي ڪونهي.
(2) جيڪڏهن ڪالاباغ ڊيم، جنهن جي قيمت اٽڪل 5 1 ارب ڊالر هوندي، سو ٺاهيو ويو ته انهيءَ کي هر سال ڀرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. جن سالن ۾ پاڻي گهٽ هوندو ۽ ڊيم ڀرڻ لاءِ واڌو پاڻي نه هوندو ته به ڊيم ڀريو ويندو. انهيءَ ڪري خريف جي مند ۾ سنڌ جي آبپاشيءَ جون ضرورتون پوريون نه ٿينديون ۽ سنڌ جي زراعت تي اثر پوندو.
(3) ڊيم جي پاڻي گڏ ڪرڻ جي گنجائش 6.1 ملين ايڪڙ فوٽ رکي وئي آهي، پر ان مٿان چار چار ملين ايڪڙ فوٽ جا واهه ڪڍڻ جو پروگرام آهي. انهن واهن ۾ پاڻي کڻڻ سبب سنڌ جو پاڻي گهٽبو.
(4) ڊيم ۾ 6.1 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي گڏ ڪرڻ سان سنڌ ۾ ايندڙ وهڪرا گهٽبا، جنهن ڪري هيٺان اثر پوندا.
(i) درياهه جي ڪچي ۾ اُٿل کي آباد ٿيندڙ ايراضي، جيڪا اڳ ئي گهٽجي وئي آهي، سا وڌيڪ گهٽبي.
(ii) انڊس ڊيلٽا ۾ تمر جا ٻيلا سُڪي ويندا.
(iii) مڇيون، جهينگا ۽ گهانگهٽ گهٽجي ويندا. پلو جيڪو هينئر ئي صفا گهٽجي ويو آهي، سو ناپيد ٿي ويندو.
(iv) انڊس ڊيلٽا ۾ چوپايو مال صفا ختم ٿي ويندو.
(v) جيت، پکي پکڻ ۽ ٻين آبي جانورن جو نسل ناپيد ٿيڻ جو خطرو آهي.
(vi) ماڻهن کي پيئڻ جو پاڻي ملڻ ڏکيو ٿي ويندو.
(vii) درياهه ۾ اُٿل تي آباد ٿيندڙ ٻيلا ختم ٿي ويندا.
(viii) سمنڊ چڙهي ايندو، جنهن ڪري آباد ٿيندڙ ايراضيون ختم ٿي وينديون.
(ix) درياهه جو پيٽ سوڙهو ٿي ويندو، جنهن ڪري ٻوڏ وارن سالن ۾ پاڻي اُٿلڻ ڪري کنڊ پوندا.
(x)درياهه جي پاڻي تي هلندڙ ڪچي جا ٽيوب ويل کارا ٿي ويندا.
(xi) ماڻهن جي روزگار جا ذريعا ختم ٿيڻ ڪري غربت وڌندي ۽ ڏوهه وڌندا.
مٿين اي ميل مان ٻه ڳالهيون سامهون اچن ٿيون. هڪ رائلٽي ۽ ٻي ڪالاباغ ڊيم کي هلائڻ جو ڪنٽرول. آئين مطابق رائلٽي انهيءَ صوبي کي ملندي، جتي بجلي گهر ٺاهيو ويندو. ڪالاباغ ڊيم جو بجلي گهر پنجاب صوبي ۾ ٺهندو، تنهن ڪري ته آئين مطابق رائلٽي پنجاب جو حق آهي. جيڪڏهن رائلٽيءَ جو 0 4 سيڪڙو سنڌ کي ڏنو ويندو ته آئين ۾ ترميم ڪرڻي پوندي، پر انهيءَ تي ٻيا صوبا اعتراض ڪندا. وري سوال ٿو اڀري ته ڇا سنڌ رائلٽي وٺڻ کان پوءِ ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ تي راضي ٿي ويندي؟ منهنجي خيال ۾ اهو ايئن آهي، جيئن ڪو ماڻهو مون کي چوي ته، ”مان توکي مارڻ ٿوچاهيان ٻڌاءِ گهڻا پئسا کپن؟“ سنڌو جو پاڻي سنڌ لاءِ جيئڻ ۽ مرڻ جو مسئلو آهي. مان سمجهان ٿو ته سنڌ وارا رائلٽي وٺي ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ تي ڪڏهن به راضي نه ٿيندا. هاڻي اچو ڊيم هلائڻ جو ڪنٽرول سنڌ کي ڏيڻ واري ڳالهه تي.
پهريون ته اهو ٻڌايان ته ڊيم مان واهه نڪرندا يا نه. جيڪڏهن واهه نڪرندا ته سنڌ کي هلائڻ جو ڪنٽرول ڏيڻ سان ڇا ٿيندو. واهه نڪرندا ته پاڻي به کڻندا. پاڻي کڻندا، معنيٰ ڊيم ڀريو ويندو ۽ انهن سالن ۾ به ڀريو ويندو، جن ۾ درياهه ۾ وهڪرا گهٽ هوندا. يعني ڊيم ڀرڻ وقت سنڌ جو پاڻي خريف ۾ گهٽ ٿيندو. جيڪڏهن ڊيم نه ڀريندا ته بجلي به پيدا نه ٿيندي. جيڪڏهن ايئن ٿئي ٿو ته پوءِ بجليءَ تي ٺهندڙ ڪارخانا ڇا تي هلندا؟ وري ڪنٽرول ڏيڻ تي ڪهڙو اعتبار، ڊيم ٺاهڻ لاءِ ڪنٽرول ڏيڻ تي راضپي کان پوءِ جيڪڏهن ڊيم ٺهڻ کان پوءِ ڪنٽرول ڏيڻ واري ڳالهه تان ڦري ويندا ته ڇا ڪنداسين. ٿي سگهي ٿو ته عالمي بينڪ انهيءَ جي گارنٽي ڏي، پر عالمي بينڪ به پنهنجن مفادن خاطر ڪم ڪري ٿي ۽ ڏٺو ويو آهي ته هو به گهڻو ڪري طاقتور ڌر جو پاسو کڻي ٿي. انڊس بيسن معاهدو ڪرائڻ ۾ عالمي بينڪ ٽياڪڙيءَ وارو ڪردار ادا ڪيو هو، پر هو ثالث طور غير جانبدار نه هئا. واپڊا جي هڪ ريٽائرڊ ٿيل ملازم جناب بي اي ملڪ، جيڪو سنڌ طاس منصوبي جي ڳالهين ۾ شامل هو، تنهن پنهنجي ڪتاب Indus Waters Treaty in Retrospect ۾ عالمي بينڪ جي جانبدار ڪردار تي هيٺين ريت روشني وڌي آهي:
”7 4 9 1 ع ۾ چين جي ڪميونسٽ ٿيڻ کان پوءِ آمريڪا اها پاليسي ٺاهي ته هندستان سان دوستي وڌائجي ته جيئن چين کي به ڦهلاءَ کان روڪيو وڃي ۽ هندستان کي به چين جي اثر کان بچائجي. انهيءَ زماني ۾ هندستان جو جهيڙو پاڪستان سان درياهن جي پاڻيءَ بابت هيو. انهيءَ ڏس ۾ پهريون مسٽر Lilienthal کي موڪليو ويو، جنهن انڊس نظام کي هڪ يونٽ طور ترقي وٺرائڻ جي سفارش ڪئي. انهيءَ کان پوءِ عالمي بينڪ اچي وئي، جنهن اوڀر وارا ٽي درياهه هندستان کي ڏيڻ جو چيو ۽ دليل اهو ڏنائون ته درياهن جي پاڻيءَ جي ورهاست ۾ جهيڙن کي ختم ڪرڻ لاءِ پاڻي ورهائڻ بدران درياهه ورهايا وڃن، پر اهو دليل اولهه وارن درياهن تي به لڳڻ کپندو هو ۽ انهن تي پاڪستان جو مڪمل حق هئڻ کپندو هو. پر چيائون ته هندستان کي انهن درياهن تي والاريل ڪشمير ۾ آبپاشي ۽ پن بجلي گهر ٺاهڻ جو حق هيو. پاڪستان اها ڳالهه نه پيو مڃي ته عالمي بينڪ ڳالهيون فيل ٿيڻ جو خوف ڏياري زوري اها ڳالهه معاهدي ۾ شامل ڪرائي. نتيجي ۾ پاڪستان ۽ هندستان جو پاڻيءَ واري معاملي تي تڪرار اڃا پيو هلي. ڪڏهن وولر بيراج جو تڪرار آهي ته ڪڏهن وري بگليار ڊيم جو مامرو پيو هلي. هاڻي جڏهن پس منظر ۾ ڏسجي ٿو ته اها ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي ته عالمي بينڪ جهڙي غير سياسي اداري اهڙي سختيءَ سان مهم ڇو هلائي ته پاڪستان الهندي درياهن تي هندستان جي ڊيم ٺاهڻ واري غير منصفانه ڳالهه مڃي؟ انهيءَ مان اها ڳالهه ظاهر هئي ته عالمي بينڪ هر طريقي سان هندستان کي ريجهائڻ پيو چاهي ۽ انهيءَ ۾ ان کي پنهنجي ڪردار مشڪوڪ ٿيڻ جي به پرواهه نه هئي. عالمي بينڪ ڏيتي ليتي، وهنوار ۽ شرافت جون سڀ حدون لنگهي وئي. اها ڳالهه اخلاقي، ادارياتي، اصولي ۽ عملي طرح غلط هئي.“
مٿين حوالي مان صاف ظاهر آهي ته عالمي بينڪ جي گارنٽي تي اعتبار نٿو ڪري سگهجي، تنهن ڪري هينئر چوڻ سان ته ڪنٽرول پاڪستان کي ڏينداسين، مستقبل ۾ انهيءَ تي عمل ڏکيو ٿيندو. ماضي ۽ حال جو ڪردار مستقبل جي لاڙي جي خبر ڏئي ٿو. لکت ۾ انجام ڪيا وڃن ٿا، پر انهن کي پاڙيو نٿو وڃي. مان ڪجهه مثال ڏيندس.
(1) 1945ع واري سنڌ-پنجاب معاهدي تي صحيحون ڪيائون، پر مالي معاملن جي نه طئي ٿيڻ جو بهانو ڪري ڦري ويا.
(2) 1973ع ۾ چشما-جهلم ڪوٽڙي کان هيٺ وڃڻ جي حالت ۾ هلائڻ جو معاهدو ڪيو ويو، پر جڏهن ڪوٽڙيءَ کان هيٺ پاڻي نه ويو، تڏهن به چشما-جهلم لنڪ هلايو ويو.
(3) 1991ع ۾ پاڻي ٺاهه ٿيو، پر انهيءَ تي صحيح نموني ۾ عمل نٿو ڪيو وڃي، جنهن جون خاص ڳالهيون هي آهن.
(i) ٺاهه ۾ ڏنل ڏهاڪن مطابق ورهاست نٿي ٿئي.
(ii) سرحد ۽ بلوچستان صوبن کي کوٽ واري وقت ۾ کوٽ کان آجو ڪيو ٿو وڃي.
(iii) منگلا ڊيم سنڌ ۾ کوٽ واري وقت ۾ ڀريو ٿو وڃي.
(iv) سنڌ ۾ کوٽ واري وقت ۾ لنڪ ڪينال هلايا ٿا وڃن.
(v ) ڪڏهن ڪڏهن ڊيم آبپاشيءَ جي ضرورتن کي پوري ڪرڻ بجاءِ بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ هلايا وڃن ٿا.
وري اچو هندستان پاران ڀاشا ڊيم ٺاهڻ تي اعتراض واري ڳالهه تي، ته انهن اعتراضن جي بنياد تي ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ تي زور ڏنو ويندو. هندستان جي اعتراضن جي ڪا حيثيت ناهي، نه پاڪستان کي آزاد ڪشمير ۾ ڪنهن ترقياتيءَ عمل کان روڪيو ويو آهي، نه هندستان کي والاريل ڪشمير ۾ ڪنهن ترقياتي عمل کان روڪيو ويو آهي، بلڪه هندستان کي ته اسان کي ڏنل ٽن درياهن تي پن بجلي وارا ڊيم ٺاهڻ جي اجازت سنڌ طاس معاهدي ۾ ڏنل آهي. الهندا درياهه پاڪستان کي مليل آهن ۽ اسان انهن تي جيڪا ترقي چاهيون ڪري سگهون ٿا.
منهنجي خيال ۾ ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ لاءِ عالمي بينڪ جي تازي چُرپر، جنهن ۾ مالي آڇون ۽ ڊيم هلائڻ جو ڪنٽرول سنڌ کي ڏيڻ وارو آسرو شامل آهن. سي ڳالهيون سنڌ وارن کي لُڀائي نه سگهنديون، ۽ نه ئي وري هو ڪالا باغ ڊيم بابت پنهنجي موقف ۾ ڪا تبديلي آڻيندا، ڇاڪاڻ جو ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ سان سنڌ جو پاڻي گهٽبو ۽ سنڌ جو جياپو سنڌو جي پاڻيءَ سان آهي. ڪو به سياڻو ماڻهو پنهنجي حياتي مالي آڇ ۽ مستقبل جي آسري تي داءَ تي لڳائڻ لاءِ تيار نه ٿيندو.
idrisrajput@hotmail.com