جواب: ادريس راجپوت جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔
پرديس ۾ رهندڙ سنڌي سنڌ لاءِ ڪهڙو درد رکن ٿا؟
جمع 18 مئي 2007ع
سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ امريڪا، يعني SANA جي چيئرمين عزيز ناريجي فون تي اطلاع ڏنو آهي ته سانا جي ٽيويهين ساليانه گڏجاڻي آمريڪي رياست فلوريڊا جي گادي واري شهر آرلينڊ ۾ 29 جون کان پهرين جولاءِ 2007ع تي رکي وئي آهي. هن صاحب مونکي انهيءَ گڏجاڻي ۾ شريڪ ٿيڻ ۽ پيپر پڙهڻ جي دعوت ڏني آهي. گڏجاڻيءَ جو موضوع آهي Rivers for life: Save Indus Riwer يعني ”درياهه جياپي لاءِ، سنڌو نديءَ کي بچايو“ امريڪا کي Land of opportunities يعني موقعن واري ڌرتي چوندا آهن، جتي تعليم، واپار ۽ نوڪرين جو وڏو اسڪوپ آهي. منهنجو به امريڪا سان پراڻو واسطو رهيو آهي. 1969ع ۾ مان فلبرائٽ هيز ميرٽ اسڪالر شپ تي ايم ايس ڪرڻ لاءِ امريڪا جي مني سوٽا يونيورسٽي ويو هوس. اها مني سوٽا رياست جي جاڙي گاديءَ واري هنڌ منيا پولس سينٽ پال ۾ مسسپي درياهه جي ٻنهي پاسي آهي. انهيءَ زماني ۾ ايم ايس 9 مهينن جو ڪورس هو، ۽ ٽن ڪوارٽرن جا امتحان ٿيندا هئا. پهرين ڪوراٽر ۾ ڪاميابي ماڻي مان ٻئي ڪواٽر ۾ پڙهي رهيو هوس ته اولهه پاڪستان جي آبپاشي کاتي پاران اسسٽنٽ ايگزيڪيوٽو انجنيئر ڪلاس ون جي آڇ آئي، جنهن جو چٽا ڀيٽيءَ وارو امتحان مان امريڪا اچڻ کان اڳ ڏئي آيو هوس. مون درخواست ڪئي ته منهنجي جوائن ڪرڻ جو مدو ساڍا چار مهينا وڌايو وڃي ته جيئن مان ايم ايس ڪري جوائن ڪريان، پر هنن نه مڃيو ۽ لاچار مان ايم ايس اڌ ۾ ڇڏي موٽي آيس ۽ 1970ع جي جنوري مهيني ۾ آبپاشي کاتي کي جوائن ڪيم. اهو ٻڌائيندو هلان ته اريگيشن جي ڪلاس ون نوڪري جي انٽرويو ۾ ڪيترا ايم ايس ۽ پي ايڇ ڊي وارا انجنيئر به اپير ٿيا هئا، جيڪي ڪامياب نه ٿيا. مون سان گڏ سنڌ مان چونڊيل محمد عالم بلوچ ۽ سيد علي گوهر شاهه هئا. ڪلاس ون ملڻ ڪري مان ٻن سالن ۾ انجنيئر، 7 سالن ۾ ايس اي ۽ 17 سالن ۾ چيف انجنيئر ٿي ويس ۽ 21 سالن ۾ سيڪريٽري تي ويس.1991ع ۾ جڏهن مان سيڪريٽري ٿيس ته منهنجي هيٺان ڪم ڪندڙ 6 چيف انجنيئرن مان رڳو هڪڙو منهنجو ڪلاس فيلو هو، جڏهن ته باقي پنج مون کان ڪاليج ۾ سينيئر هئا.
امريڪا وڃڻ وقت مان قلات (بلوچستان) ۾ روڊس کاتي ۾ اسسٽنٽ انجنيئر هوس. قلات کان جڏهن مان امريڪا پهتس ته مٿو پيو ڦري. ڇا قلات جهڙو بيڪ ورڊ شهر ۽ ڇا امريڪا جو منيا پولس سينٽ پال شهر ۽ مني سوٽا يونيورسٽي هڪ دنيا ئي ٻي هئي. وري ڇا امريڪا وارن جو اخلاق، ڪنهن کي مُنجهندي ڏسندا ته چوندا May I help you? (ڇا مان اوهانجي مدد ڪري سگهان ٿو؟) ۽ جڏهن موڪلائيندا ته چوندا Have a nice day يعني ڏينهن بخير. امريڪا وارن کي مون تمام ڀلو ڏٺو. جيتوڻيڪ امريڪن حڪومت جون پاليسيون ۽ رويا تمام جابرانا ۽ ظلم وارا آهن، پر امريڪا جا ماڻهو انهيءَ جي ڀيٽ ۾ تمام سٺا ۽ اخلاق وارا آهن. يونيورسٽي آف مني سوٽا مسيسپي درياهه جي ٻنهي پاسي ٺهيل آهي.
مسيسپي درياهه دنيا جي وڏن درياهن مان هڪ آهي، جيڪو ڍنڍ اٽاسڪا اتر امريڪا مان نڪري نيو اورلينس جي شهر ويجهو گلف ميڪسيڪو ۾ ڪري ٿو. نيو اورلينس اهو شهر آهي، جتي تازو ڪيٽرينا طوفان آيو هو ۽ شهر پاڻيءَ ۾ ٻڏي ويو هو. مني سوٽا امريڪا جو ٿڌو علائقو آهي، اتي سياري ۾ ايتري برف پوي ٿي، جو روڊ جي ٻنهي پاسي 5 کان 6 فوٽ برف جا دڙا ٿي وڃن ٿا، پر روڊ کي برف پري ڪري هر وقت هلڻ جهڙو رکن ٿا. يونيورسٽي ڪيمپس مسيسپي درياهه جي ٻنهي پاسي هجڻ ڪري اچ وڃ جي سهولت لاءِ هڪ پل ٺهيل آهي. سياري ۾ ٽيمپريچر ڪري مائنس 0 3 به ٿي وڃي ٿو. شاگردن جي اچ و ڃ جي سهولت کي نظر ۾ رکي انهيءَ پل کي پنڌ هلڻ وارن لاءِ رستو ٺاهي گرم رکيو وڃي ٿو. نه ته تمام گهڻي ٿڌ ۽ هوا جي ڪري Chilling index منفي 50جي ٽيمپريچر وارو اثر ڏئي ٿي، جنهن ۾ هلڻ شاگردن لاءِ خطرناڪ ٿي سگهي ٿو.
امريڪا جي 50 رياستن مان فلوريڊا رياست ڏکڻ اوڀر ۾ آهي، اتي موسم خوشگوار هجڻ ڪري انهيءَ رياست کي Sunny state چئجي ٿو، يعني روشني واري رياست. ٻين رياستن جي ڀيٽ ۾ اتي ملڪيتون سستيون آهن ۽ مند به وڻندڙ آهي، تنهن ڪري ڪيترائي امريڪي ريٽائر ٿيڻ کانپوءِ اتي اچي رهن ٿا. فلوريڊا جي گادي وارو شهر آرلينڊو آهي، جيڪو ڊزني ورلڊ ۽ ايپڪاٽ سينٽر جي ڪري مشهور آهي. ننڍي هوندي مڪي مائوس وارا ڪارٽون سڀني ڏٺا هوندا، هينئر به اهي ٽي وي تي هلن ٿا. ڊزني لينڊ جتي پهرين اهي شروع ٿيا، لاس اينجلس ۾ آهي، پر اهو پراڻو ٿيڻ کانپوءِ هنن نئون آرلينڊو ۾ ٺاهيو، جنهن جو نالو ڊزني ورلڊ رکيو ويو آهي. اها ٻارن لاءِ خاص تفريح گاهه آهي، جنهن کي وڏا به ڏاڍا انجوائي ڪن ٿا. مان به 1986ع ۾ ٻارن سان اتي ويو هوس، اهو ايڏو وڏو آهي جو مان چار ڏينهن رهي به سڄو نه ڏسي سگهيس.
ماڻهو جڏهن پنهنجي ديس کان ٻاهر وڃي ٿو ته ٻئي ملڪ ۾ پنهنجو ديس ۽ ديس وارا ڏاڍو ياد اچن ٿا. پوءِ ڀلي پنهنجو ديس ڪيترو به پوتئي پيل ڇو نه هجي، بنيادي سهولتون نه هجن، روزگار تنگ هجي ۽ ڀلي ڌارئي ملڪ ۾ ماڻهو ڪيترو به سُکيو ۽ خوشحال ڇو نه هجي. توهان ڏسو ته وطن جي محبت ئي مارئي کي امر ڪري ڇڏيو، جنهن کي پنهنجي ديس جا ڪکاوان گهر، وڻن جا سنڱر، ڦاٽل ڪپڙن وارا ماروئڙا عمر بادشاهه جي ماڙي، لذيذ طعامن، اعليٰ پوشاڪن کان وڌيڪ عزيز هئا ۽ هوءَ چاهيندي هئي ته ماڳ موٽي وڃان ۽ اتي وڃي دم ڏيان. شاهه جي ٻوليءَ ۾ مارئي چوي ٿي ته،
اَلا اِيءَ مَ هَوءِ، جيئن آءُ مَران بند ۾،
جسو زنجيرن ۾، راتو ڏينهان روءِ،
پهرين وڃان لوءِ، پوءِ مر پُڄنم ڏينهڙا!
جديد شاعراڻي ادب ۾ اڙدو جي شاعر اختر شيرانيءَ جو نظم ”او ديس سي آني والي بتا“ به مثالي آهي. جڏهن گهڻي عرصي پرديس ۾ رهڻ کانپوءِ هن کي هڪ ننڍي هوندي جو يار ملي وڃي ٿو ۽ اهو ان کان پڇي ٿو ته،
مٿيون ته هيون شاعراڻيون ڳالهيون، اچو ته زميني حقيقتون ڏسون. سنڌ جو مشهور سفرنامه ليکڪ الطاف شيخ پنهنجي تازي ڪتاب ”نيو هالا کان نيويارڪ“ ۾ ڏهن سالن کان واشنگٽن ۾ رهندڙ جون ساروڻيون هيٺين ريت ساري ٿو:
”ڪڏهن ڪڏهن ڳوٺ ۽ ڏاڏ مرحوم ڏاڍو ياد ايندو اٿم. اهي ننڍپڻ جا ڏينهن جڏهن آئون ڳوٺ ۾ وڻن مان ڪاٺيون وڍيندو هوس، جهار هڪليندو هوس، ڳڙ ڪڍندو هوس. آئون هڪ هاري جو پُٽ آهيان، جنهن هاري کي سڄو شاهه جو رسالو ياد هو. جيڪو هن مون کي پڙهايو. امان ۽ چاچيءَ واريون ڦٽيون چونڊڻ وينديون هيون.“
سنڌ کان ٻاهر رهندڙ ماڻهو ٻن طريقن سان سنڌ سان ڳانڍاپو رکن ٿا. هڪڙو سنڌ بابت واءُ سواءُ ۽ حال احوال ۽ ٻيو ساڳي علائقي يا ملڪ ۾ رهندڙ سنڌين سان ميل ملاپ. دنيا اڄ ڪلهه هڪ گلوبل وليج ٺهي پئي آهي، اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا ايترو طاقتور ۽ سولائيءَ سان دستياب ٿي وئي آهي، جو پل پل جي خبر هر هنڌ، هر وقت ملي ٿي. اهڙيون ڪيمرائون به اچن ٿيون، جو اوهان ٻاهر رهندڙن جي چرپر مووي وانگر هر وقت ڏسي سگهو ٿا. منهنجي هڪڙي مائٽياڻي پنهنجي ڏهٽي سان جيڪو امريڪا ۾ رهي ٿو، ڏاڍو اٽيچ آهي. هن هڪ مووي ڪيمرا وٺي ڇڏي آهي، جنهن ذريعي هوءَ هُن کي جڏهن وڻي ڏسي سگهي ٿي. پر جيستائين ون ٽو ون ملاقات نٿي ٿئي، حال احوال جو مزو ڪونهي. مثال طور اخبارن ذريعي جيڪي ڌاڙي، ڦر، اغوا جون خبرون اچن ٿيون. سي رڳو آئس برگ جو ٽپ ٿيون ڏيکارين، تفصيل واريون خبرون ڪجهه ٻيون ئي ٿين ٿيون، ۽ اهي جيستائين ڪو واقف ماڻهو نه ٻڌائيندو، صحيح خبر نه پوندي. انهيءَ لاءِ پرديس ۾ رهندڙ ديسي ماڻهن جو ملڻ ضروري آهي. ٻاهر رهندڙن جا ڪيترائي مسئلا آهن، جيڪي هو هڪ ٻئي جي مدد سان حل ڪري سگهن ٿا. جيستائين پاڻ ۾ ملندا نه ۽ هڪ ٻئي کان پڇندا نه ته مسئلا ڪيئن حل ٿيندا. مٿين ٻن مکين ڳالهين کي نظر ۾ رکي ملڪ کان ٻاهر رهندڙ سنڌين وقت بوقت يورپ ۽ امريڪا ۾ ڪيتريون تنظيمون ٺاهيون آهن. انهن مان ڪجهه ريجنل يا مقامي سطح جون آهن ۽ ڪي تمام وڏي سطح جون آهن. امريڪا ۾ مقامي سطح جون تنظيمون رياستي يا شهري سطح تي آهن، جيئن سنڌي ايسوسيئيشن آف فلوريڊا، سنڌي سرڪل آف نيويارڪ وغيره. وڏيون تنظيمون ٽي آهن، ورلڊ سنڌي ڪانگريس، سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ امريڪا ۽ ورلڊ سنڌي انسٽيٽيوٽ. سنڌ سان ڳانڍاپي جي ڏس ۾ اهي تنظيمون سنڌ جا مسئلا کڻڻ، انهن جو حل ڳولهڻ ۾ مدد ڪرڻ، پرديس ۾ آيل سنڌين جي رهنمائي ڪرڻ ۽ اخلاقي مدد ڪرڻ وارا ڪم ڪن ٿيون. اهي هر سال هڪ يا ٻه سوشل گڏجاڻيون به ڪن ٿيون ۽ ميمبرن جو شوق قائم رکڻ لاءِ ميلا وغيره به لڳائن ٿيون. انهن ذريعي هڪ ٻئي سان ڄاڻ سڃاڻ به ٿئي ٿي، جنهن ڪري ٻارن جي پنهنجي سنڌي ڪلچر سان واقفيت به ٿئي ٿي، ۽ سڱابندين ۾ به مدد ملي ٿي. پرديس ۾ رهندڙن لاءِ وڏو مسئلو ٻارن لاءِ مناسب رشتا ڳولهڻ آهي، خاص طرح نياڻين لاءِ.
سالياني گڏجاڻي ۽ ميلن جي سلسلي ۾ سانا ڏاڍو ڪم ڪري رهي آهي. هنن ڊسمبر 2005ع ۾ اها گڏجاڻي ڪراچيءَ ۾ ڪئي ۽ پوءِ سڄي سنڌ جو دورو ڪيو. هنن کي سنڌ بابت ذاتي ڄاڻ ٿي ۽ اسان کي به سنڌ ۾ خبر پئي ته اسان جا همدرد ۽ خير خواهه ٻاهر به ويٺا آهن. هن سال هنن پنهنجي گڏجاڻي آرلينڊو ۾ رکي آهي، جتي تفريح به ٿيندي ۽ ڪم به. سنڌ وارن جي مدد لاءِ جيڪو موضوع رکيو آهي، يعني ”درياهه جياپي لاءِ: سنڌو نديءَ کي بچايو“ سو به اسان لاءِ تمام اهم آهي. انهيءَ ڏس ۾ خيالن جي ڏي وٺ سانا وارن لاءِ به مفيد ٿيندي ۽ جيڪي سنڌ مان ويندا، انهن جي به ڄاڻ ۾ به اضافو ٿيندو. انهيءَ ڏس ۾ سانا وارن مون کي به دعوت ڏني آهي. مون امريڪا ڪيترا ڀيرا ڏٺو آهي. آرلينڊو شهر به گهميل آهي، ڏسڻ واريون جايون ۽ شيون گهڻي ڀاڱي ڏسي چڪو آهيان. ڏسڻ ۽ گهمڻ هينئر منهنجو شوق ڪونهي. سيپٽمبر 11واري واقعي کانپوءِ مسلمان ۽ پاڪستاني آمريڪا ۾ سٺي پوزيشن ۾ ناهن، پر موضوع اهڙو اهم آهي، جو انڪار ڪرڻ ڏکيو آهي. پنهنجي مڪمل ڪوشش ڪندس ته سانا وارن کي انهيءَ موضوع تي ڄاڻ ڏيان. موٽ تي سنڌ واسين کي به باخبر رکندس.