جواب: ادريس راجپوت جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔
سنڌ کي گهربل پاڻي ڪڏهن ملندو؟
آچر 18 مئي 2008ع
پاڻي جي کوٽ سنڌ جي آبادگارن جون وايون بتال ڪري ڇڏيون آهن. جنهن صوبي جي ٻهراڙي ۾ رهندڙ ستر سيڪڙو ماڻهن جو دارومدار زراعت ۽ زراعت سان واسطو رکندڙ صنعتن ۽ فيڪٽرين سان هجي ۽ جتي جي 50 سيڪڙو ايراضين ۾ کارو پاڻي هجي اتي روزگار سان گڏ ڪن ايراضين ۾ پيئڻ جي پاڻي جو به مسئلو آهي. پاڻي کوٽ جي ڪري اپريل سڄو مهينو بند رهيل گڊو بئراج جا سڀ واهه ۽ سکر بئراج جي ساڄي ڪپ وارا واهه يعني NWC، رائس ۽ دادو ڪينال پهرين مئي تي به کلي نه سگهيا، نيٺ بلوچستان جي کير ٿر ڪينال، پٽ ڪئنال، ۽ اچ ۽ مانوٽي کي پاڻي ڏيڻ لاءِ NWC، پٽ ڪئنال ۽ ڊيزرٽ ڪئنال 10 مئي يا انهيءَ کان ڏينهن ٻه پوءِ کوليا ويا. سنڌ جو گهوٽڪي فيڊر 10 مئي کان رڳو 390 ڪيوسڪ ڏئي کوليو ويو ۽ 16 مئي تائين وڌائي هزار ڪيوسڪ ڪيو ويو آهي. هينئر به مندائتا واهه يعني بي ايس فيڊر ۽ رائس ڪينال اڃان بند آهن. 16 مئي تي سنڌ جي واهن ۾ پاڻي جي صورتحال هيٺين ريت آهي.
گڊو بئراج:
ان مان نڪرندڙ واهه آهن ڊيزرٽ، پٽ فيڊر، بي ايس فيڊر ۽ گهوٽڪي فيڊر. ڊيزرٽ پٽ فيڊر اٽڪل 7 ميل هيٺ ٻن ڪينالن ۾ ورهائجي وڃي ٿو، هڪ پٽ ڪينال ۽ ٻيو ڊيزٽ ڪينال. ڊيزٽ پٽ فيڊر 12 مئي تي 510 ڪيوسڪ ڏئي کوليو ويو ۽ 16 مئي تي وڌائي هزار ڪيوسڪ ڪيو ويو. اهو سڄو پاڻي بلوچستان صوبي کي پٽ ڪينال ۽ ڊيزٽ ڪئنال ۾ ڏنو پيو وڃي. ياد رهي ته ڊيزرٽ پٽ فيڊر جي گنجائش 13،275 ڪيوسڪ آهي. بي ايس فيڊر اڃا نه کوليو ويو آهي، انهيءَ جي ڊيزائين ٿيل گنجائش 14،764ڪيوسڪ آهي، جڏهن ته شديد گهرج وقت اهو 20،000 ڪيوسڪ کان مٿي پاڻي کڻي ٿو.
سکر بئراج:
انهيءَ مان ساڄي پاسي نڪرن ٿا، NWC رائس، دادو ڪئنال ۽ کاٻي پاسي نڪرن ٿا، نارا، خيرپور فيڊر ايسٽ، روهڙي ۽ خيرپور فيڊر ويسٽ. NWC بلوچستان کي پاڻي ڏيڻ لاءِ 10 مئي تي 1550 ڪيوسڪ ڏئي کوليو ويو، جيڪو 16 مئي تي وڌائي 1930 ڪيوسڪ ڪيو ويو. انهيءَ جي ڊيزائن گنجائش 5،152 ڪيوسڪ آهي، جڏهن چوٽ (شديد) گهرجن مهل 10 هزار کان مٿي پاڻي کڻي ٿو. رائس ڪئنال اڃا نه کوليو ويو آهي، انهيءَ جي ڊيزائن گنجائش 10،658ڪيوسڪ آهي، پر چوٽ گهرج مهل 17 هزار کان مٿي پاڻي کڻي ٿو. دادو ڪئنال 10 مئي تي 660 ڪيوسڪ ڊسچارج ڏئي کوليو ويو ۽ 16 مئي تي اهو وڌائي 1100 ڪيوسڪ ڪيو ويو. انهيءَ جي ڊيزائن گنجائش 3150 ڪيوسڪ آهي، پر چوٽ گهرج سهل 5 هزار کان مٿي پاڻي کڻي ٿو. کاٻي پاسي وارا چارئي واهه سدا واهه آهن، جيڪي سکر بيراج جي جنوري واري بندي کانپوءِ يڪو پيا هلن. 16 مئي تي نارا ڪئنال ۾ 12010 ڪيوسڪ پاڻي هلي پيو. انهيءَ جي ڊيزائن گنجائش 13،649 ڪيوسڪ آهي، جيڪا ماڊل ڪرڻ کان پوءِ 20 هزار ڪيوسڪ ڪئي وئي آهي. هينئر تائين وڌ ۾ وڌ پاڻي 17،100ڪيوسڪ کنيو آهي. خيرپور فيڊر ايسٽ ۾ 1900ڪيوسڪ هلي پيو، جڏهن ته ڊيزائن گنجائش 2094 ڪيوسڪ آهي ۽ چوٽ گهرج مهل ساڍا ٽي هزار پاڻي کڻي ٿو. روهڙي ڪئنال ۾ 11،050ڪيوسڪ پاڻي هلي پيو، انهيءَ جي ڊيزائن گنجائش 10،887 ڪيوسڪ آهي ۽ وڌ ۾ وڌ 18،680 ڪيوسڪ پاڻي کنيو اٿس. خيرپور فيڊر ويسٽ ۾ 1510 ڪيوسڪ هلي پيو، ڊيزائن گنجائش 1940 ڪيوسڪ آهي، وڌ ۾ وڌ 2885 ڪيوسڪ پاڻي کنيو اٿس.
ڪوٽڙي بئراج:
انهيءَ مان ساڄي پاسي رڳو ڪي بي فيڊر نڪري ٿو، جڏهن ته کاٻي پاسي ٽي واهه نڪرن ٿا، يعني اڪرم واهه ۽ ڪي بي فيڊر سدا واهه آهن ۽ ڦليلي ۽ پنڃاري مندائتا واهه آهن. اڪرم واهه ۾ هزار ڪيوسڪ پاڻي هلي ٿو، جڏهن ته گنجائش 4100 ڪيوسڪ اٿس، پر ڊيزائن وارو پاڻي نٿو کڻي. ان وڌ ۾ وڌ 3640 ڪيوسڪ پاڻي کنيو،کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ ڦليلي مان علي پور وٽ امدادي پاڻي ڏنو وڃي ٿو. ڦليلي ۾ 1670 ڪيوسڪ پاڻي هلي ٿو، جڏهن ته ڊيزائن گنجائش اٿس 14859 ڪيوسڪ. چوٽ گهرج وقت 17925 ڪيوسڪ پاڻي کنيو اٿس. پنڃاري ۾ 460 ڪيوسڪ پاڻي هلي ٿو، جڏهن ته ڊيزائن گنجائش 13636 ڪيوسڪ آهي. اهو ڪئنال پورو پاڻي نٿو کڻي ۽ وڌ ۾ وڌ 11170 ڪيوسڪ پاڻي کنيو اٿس. ڪلري بگهار ۾ 1470 ڪيوسڪ پاڻي هلي ٿو، جيڪو گهڻي ڀاڱي ڪراچي کي پيئڻ جو پاڻي ڏئي ٿو، انهيءَ جي پاڻي کڻڻ جي گنجائش 9075 ڪيوسڪ آهي ۽ ايترو ئي پاڻي کڻي سگهي ٿو.
ٺاهه ۾ ڏنل ڏهاڪن جي ڀيٽ ۾ کوٽ:
واهن ۾ پاڻي سڄو وقت هڪ ڪرو نه کپي، پوکي جي ٽائيم تي گهٽ ۽ پوءِ فصل پچڻ وقت وڌيڪ ۽ پچڻ کان پوءِ لابارن تائين وري گهٽ کپي ٿو. انهيءَ مطابق سڄي خريف يا ربيع جي مند ۾ پاڻي جو مقدار هر مهيني جي ٽن ڏهن ڏينهن لاءِ سراسري ڪڍيو ويو آهي، يعني مهيني جي ٽن ڏهاڪن لاءِ ڪڍيو ويو آهي. هينئر مئي مهيني جو ٻيو ڏهاڪو هلي پيو، انهيءَ ڏهاڪي ۾ گڊو بيراج تي سنڌ جو پاڻي رکيل آهي 6500 ڪيوسڪ ۽ بلوچستان جو رکيل آهي، 1240 ڪيوسڪ. گڊو تي 16 مئي تي ڪل پاڻي کنيو ويو 1818 ڪيوسڪ. معنيٰ ٺاهه ۾ ڏنل ڏهاڪن مطابق گڊو بئراج تي کوٽ آهي 76 سيڪڙو. سکر بيراج تي ٺاهه مطابق سنڌ لاءِ کپن 39500 ۽ بلوچستان لاءِ کپن 600 ڪيوسڪ. سکر تي 16 مئي تي کنيل پاڻي هيو 29565 ڪيوسڪ، يعني سکر بيراج تي ٺاهه ۾ ڏنل پاڻي جي ڀيٽ ۾ کوٽ آهي 26 سيڪڙو. ڪوٽڙي تي پاڻي کڻون ٿا 4565 ڪيوسڪ، جڏهن ته ٺاهه مطابق اسان جو حصو ٿئي ٿو 15700 ڪيوسڪ، معنيٰ کوٽ آهي 71 سيڪڙو. سنڌ جي ٽنهي بيراجن تي کنيل پاڻي آهي 35948 ڪيوسڪ، جڏهن ته ٺاهه ۾ اسان جو حق آهي (سنڌ ۽ بلوچستان ٻنهي جو) 63540 ڪيوسڪ، معنيٰ کوٽ آهي 43 سيڪڙو.
سوال ٿو اٿي ته سکر بيراج جي مقابلي ۾ گڊو ۽ ڪوٽڙي بيراجن تي تمام گهڻي کوٽ آهي، ائين ڇو آهي؟ انهيءَ جا ٻه مکيه سبب آهن. پهريون اهو ته سکر بيراج مان نڪرندڙ وڏا ٻه واهه نارا ۽ روهڙي سدا واهه آهن، سدا واهن کي مندائتي واهن تي اوليت حاصل آهي. ٻيو ته اهي ٻئي واهه 200 ميلن کان وڌيڪ ڊگها آهن، انهن ۾ پاڻي جي لاٿ ۽ چاڙهه ۾ تمام گهڻو وقت لڳي ٿو.
پاڻي جي سڌرندڙ صورتحال:
سنڌ جي پاڻي جي صورتحال سنڌو ۽ ڪابل درياهن جي وهڪرن تي مدار رکي ٿي، جنهن جا ٻه مکيه ڪارڻ آهن. هڪڙو جبلن تي پيل برف ۽ گليشئرن جو رجڻ ۽ ٻيو مينهن هن مند ۾ مينهن گهڻو ڪري نٿا پون ۽ جيڪڏهن پون ٿا ته به ٿورا. جبلن تي برف ۽ گليشر تڏهن رجن ٿا، جڏهن گرمي پد وڌي ٿو. برف ۽ گليشئر رجڻ ڪري وهڪرا وڌن ٿا ۽ نتيجي ۾ سنڌ ۾ پاڻي جي صورتحال سڌري ٿي. سنڌو درياءَ ۾ پهرين مئي تي تربيلا وٽ پاڻي جو وهڪرو هو 34100 ڪيوسڪ. اهو هوريان هوريان وڌندو ويو آهي ۽ 16 مئي تي 70500 ڪيوسڪ ٿي ويو. ساڳي نموني ڪابل درياءَ ۾ پهرين مئي تي وهڪرو هو 28200 ڪيوسڪ. اهو وڌي 16 مئي تي 37400 ڪيوسڪ ٿي ويو، نتيجي ۾ ڪالا باغ بيراج وٽ وهڪرو 105398 ڪيوسڪ 16 مئي تي ٿي ويو. جڏهن ڪالا باغ بيراج تي وهڪرو 160000 ڪيوسڪ ٿي ويندو ته سنڌ جي واهن کي گهرج مطابق پاڻي ملندو.
ڪالا باغ بيراج تي گهربل پاڻي ڪڏهن جمع ٿيندو؟:
ڪالا باغ بيراج تي پهرين مئي تي وهڪرو اٽڪل 65 هزار ڪيوسڪ هيو، جيڪو 16 مئي تي هڪ لک پنج هزار ڪيوسڪ ٿي ويو. منهنجي اندازي مطابق ايندڙ ڏهن يا پندرهن ڏينهن ۾ اهو وڌي اٽڪل هڪ لک سٺ هزار ڪيوسڪ ٿي ويندو. ڪالا باغ بيراج کان گڊو بيراج تائين واڌ پهچڻ جو وقت 6 ڏينهن آهي. گڊو کان سکر پهچڻ ۾ ٻه ڏينهن ۽ سکر کان ڪوٽڙي بيراج پهچڻ ۾ 4 ڏينهن لڳن ٿا، يعني واڌو پاڻي کي ڪالاباغ کان گڊو پهچڻ ۾ 6 ڏينهن سکر پهچڻ ۾ 8 ڏينهن، ۽ ڪوٽڙي بيراج پهچڻ ۾ 12 ڏينهن لڳن ٿا.
سنڌ جي بيراجن تي گهربل پاڻي ڪڏهن پهچندو؟:
ڪالا باغ بيراج تي 160000 ڪيوسڪ پاڻي جمع ٿيڻ جي اميد 25 کان 30 مئي تي آهي. اهو پاڻي گڊو بيراج تي اٽڪل پهرين جون تي، سکر بيراج تي 3 جون تي ۽ ڪوٽڙي بيراج تي 7 جون تائين پهچندو.
سڀئي واهه ڪڏهن کلي سگهندا:
هيئر رڳو ٻه مندائتا واهه بند آهن، يعني گڊو بيراج وارو بي ايس فيڊر ۽ سکر بيراج وارو رائس ڪينال. 16 مئي تي ڪالا باغ بيراج جي وڌيل پاڻي جو اثر گڊو بيراج تي 21 مئي ۽ سکر بيراج تي 23 مئي تي پهچي ويندو ۽ مٿيان ٻئي واهه 21 کان 23 مئي تائين کلي سگهن ٿا.
سنڌ جي واهن کي فل پاڻي ڪڏهن ملي سگهندو؟:
جيڪڏهن ڪالا باغ بيراج تي وهڪرو منهنجي ڪاٿي مطابق 25 مئي تي 160000 ڪيوسڪ ٿي وڃي ٿو ته گڊو بيراج جا واهه پهرين جون تي، سکر بيراج جا واهه 3 جون تي ۽ ڪوٽڙي بيراج جا واهه 10 جون تي فل ٿي ويندا معنيٰ انهن کي گهربل پاڻي ملي سگهندو.
مٿيون ڪاٿو پاڻيءَ جي وهڪرن جي موجوده رجحانن يا لاڙن تي ڪيل آهي. انهن لاڙن جو برقرار رکڻ يا ڦيرائڻ قادر جي هٿ ۾ آهي. جيڪڏهن هو چاهي ته تڪڙو به پاڻي وڌائي سگهي ٿو، جو سنڌ وارن جي روزي جو سوال آهي ۽ چون ٿا ته جيترو پيار ماءُ پنهنجي ٻارن سان ڪري ٿي، انهيءَ کان 70 ڀيرن کان به مٿي خدا تعاليٰ پنهنجن ٻانهن تي مهربان آهي. پاڻيءَ کان سواءِ سنڌ وارن جي حالت بري آهي، اچو ته کيس دل ۾ ياد ڪري شاهه صاحب جي لفظ ۾ هيٺين دعا گهرون.
جيڏو تنهنجو نانءُ، ٻاجهه به اوڏا ئي منڱيان،
ري ٿنڀي، ري ٿوڻي، تون ڇپر تون ڇانءَ،
ڪڄاڙو ڪهان، توکي معلوم سڀڪا!
idrisrajput@hotmail.com