جواب: ادريس راجپوت جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔
سنڌ کي سيراب ڪندڙ سسٽم کي تباهه ٿيڻ کان اڳ ڪيئن بچائجي؟
جمع 3 اپريل 2009ع
سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سٺ سيڪڙو آبپاشي ذريعي آباد ٿيندڙ ايراضي کي پاڻي ڏيندڙ شهه رڳ يعني سکر بيراج هينئر وري خطرن جي ور چڙهيل آهي ۽ جيڪڏهن انهيءَ جي سار سنڀال جي حالت اها ئي رهي ته اهو هڪ ڏينهن ڪرڻ جي خطري کان محفوظ رهي نه سگهندو. انهيءَ ڳالهه جي تفصيل ۾ وڃڻ کان اڳ اچو ته ڪجهه حال احوال انهيءَ جي ٺهڻ جو، سنڌ ۽ سنڌ وارن تي انهيءَ جي ٺهڻ کانپوءِ اثر جو ۽ هيل تائين ان کي پهتل نقصانن جو ڪريون.
سکر بيراج جو ٺهڻ:
سال 1843ع ۾ سنڌ تي انگريزن جي اچڻ کان اڳ هتي جي آبپاشي درياهه جي ڦاٽن ۽ اٿل واهن تي ٿيندي هئي. انهن ڦاٽن ۽ اٿل واهن ۾ پاڻي درياهه جي چاڙهه واري وقت ۾ ايندو هو. جيڪڏهن پاڻي لهي ويندو هو ته انهن ۾ يا ته پاڻي گهٽجي ويندو هو، يا صفا بند ٿي ويندو هو. انهيءَ ڪري پاڻي جي سطح هڪ ڪري نه هوندي هئي. نتيجي ۾ خاطري وارو پاڻي نه ملڻ ڪري فصل سٺا ڪو نه ٿيندا هئا ۽ ماڻهن جي مالي حالت سٺي نه هئي. انگريزن جي حڪومت پنجاب تي 1847ع ۾ قائم ٿي، اتي به آبادي اٿل واهن تي ٿيندي هئي. انگريزن پهرين پنجاب ۾ مددي درياهن تي بيراج ٺاهيا، ڇاڪاڻ جو سنڌو جي ڀيٽ ۾ ننڍا هجڻ ڪري اتي بيراج ٺاهڻ ايترا ڏکيا نه هئا. مددي درياهن تي بيراج ٺهڻ ڪري اتي واهن ۾ خاطري وارو پاڻي کنيو ويو، جنهن ڪري سنڌ جي اٿل واهن تي پاڻيءَ جي ليول ڪرڻ لڳي، جنهن سبب زراعت تي خراب اثر پيا. سنڌ جي زراعت کي بچائڻ لاءِ ۽ پڻ انگلينڊ ۾ صنعتن لاءِ خام زرعي مال مهيا ڪرڻ لاءِ انگريزن سنڌ ۾ بيراج ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو. انهيءَ وقت جي هڪ نالي واري ايگزيڪيوٽو انجنيئر جناب اي اي مسٽو 1920ع ۾ سکر بيراج ڊيزائن ڪئي. انهيءَ وقت ان جو نالو ان وقت جي صوبي بمبئي جي گورنر سر جارج لائيڊ جي نالي تي ”لائيڊ بيراج“ رکيو ويو، جنهن 24 آڪٽوبر 1923ع تي سکر اچي ان جي پيڙهه جو پٿر رکيو. انهيءَ تي ڪم ساڍن اٺن سالن جي رڪارڊ وقت ۾ مڪمل ڪيو ويو. 31 ڊسمبر 1931ع تي انهيءَ وقت جي وائسراءِ انهيءَ جي مڪمل ٿيڻ جو افتتاح ڪيو ۽ واهن ۾ پاڻي جون 1932ع ۾ ڇڏيو ويو.
سکر بيراج ٺهڻ جو سنڌ تي اثر:
سکر بيراج ٺهڻ ڪري ماڻهن کي فصل پوکڻ ۽ بچائڻ لاءِ مهلائتو پاڻي ملڻ لڳو. مهلائتي ۽ خاطري واري پاڻي ملڻ ڪري گهڻ فصلي زراعت ٿيڻ لڳي، جنهن ڪري زميندارن ۽ هارين جي ڪمائي ۾ اضافو ٿيو. بيراج ٺهڻ کان زرعي طريقو غير مشيني هيو، جيئن زمين کيڙڻ ڏاندن وسيلي هو ۽ پيداوار موئن جي دڙي وارين بيل گاڏين ذريعي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ پهچائي ويندي هئي. فصل لڻڻ ۾ دير جي ڪري انهيءَ زمين ۾ ٻيو فصل پوکڻ ڏکيو ٿي ويندو هو. اهي رنڊڪون مشينن اچڻ سان دور ٿي ويون. ٽريڪٽر، ٿريشر ۽ ٻيون مشينون اچي ويون، جن جي ڪري فصلن مان اپت بهتر ٿيڻ لڳي ۽ ان ۾ اضافو به ٿيو. جنهن ڪري ٻهراڙين ۾ خوشحالي آئي ۽ اتي ماڻهن جو معيارِ زندگي وڌيو، في ايڪڙ زرعي پيداوار وڌائڻ لاءِ ريسرچ ٿيڻ لڳي، جنهن جي ڪري پيداوار وڌي، ريسرچ ذريعي نيون زرعي جنسون ايجاد ڪيون ويون، جن ۾ جيتن ۽ نقصان ڏيندڙ ڪيڙن جو اثر ختم ٿي ويو. اها ترقي بيراج ٺهڻ سبب خاطري وارو پاڻي ملڻ ڪري ٿي.
سکر بيراج تي هينئر تائين پهتل نقصان:
سکر بيراج تي هينئر تائين جيڪي مسئلا اٿيا آهن، يا نقصان ٿيا آهن، سي پنج آهن، جن جو تفصيل هيٺين ريت آهي.
ساڄي پاسي وارن واهن جو لٽجڻ:
جون 1932ع ۾ واهن ۾ پاڻي ڇڏيو ويو. واهه هلڻ کانپوءِ خبر پئي ته ساڄي ڪناري وارن واهن ۾ تمام گهڻي لٽ وڃڻ ڪري واهن جو ترو مٿي پيو ٿئي، جنهن ڪري انهن جي پاڻي کڻڻ جي گنجائش گهٽجي پئي. انهيءَ جو تدارڪ ڪرڻ لاءِ پونا جي هيڊرالڪ ليبارٽري ۾ تجربا ڪيا ويا. انهن تجربن جي بنياد تي شفارش ڪئي وئي ته بيراج جا ڏهه در بند ڪري هڪ هٿرادو ٻيٽ ٺاهيو وڃي. ٻيٽ جي ڪنڊ تي هڪڙي شاخ جنهن کي انگريزي ۾ tail channel چئجي ٿو، ٺاهي وڃي ته جيئن گهڻي لٽ وارو پاڻي انهيءَ ۾ هليو وڃي ۽ گهٽ لٽ وارو پاڻي ساڄي پاڪيٽ ۾ اچي. اهي ڪم ڪرايا ويا، ۽ ساڄي ڪپ وارن واهن ۾ لٽ وڃڻ گهٽجي وئي ۽ اهي پنهنجو ڊيزائن وارو پاڻي کڻڻ لڳا، پر انگريزي دوائن جي side effect وانگر ڏهه در بند ٿيڻ سان بيراج جي ٻوڏ وارو پاڻي لنگهائڻ جي گنجائش 15 لک ڪيوسڪ مان گهٽجي 9 لک ڪيوسڪ رهجي وئي، جنهن ڪري سال 1976ع ۾ جڏهن اتي 12 لک ڪيوسڪ پاڻي آيو ته انهيءَ کي لنگهائڻ ۾ تمام گهڻي ڏکيائي ٿي، بيراج لڏي پيو ۽ ڪافي نقصان ٿيو.
بيراج جي پلرن ۾ ڏارن جو پوڻ:
سال 1949ع ۾ بيراج جي ڪن پلرن ۾ ڏار ظاهر ٿيا، انهن کي ڏسڻ لاءِ بيراج ڊيزائن ڪرڻ وارو انجنيئر اي اي مسٽو به سکر آيو، انهن ڏارن کي Under Pressure Grouting ذريعي ڀريو ويو ۽ پلرن جي مٿي ڀر وارا ڪن يعني noses سيمينٽ ڪنڪريٽ سان مضبوط ڪيا ويا.
بيراج جي آرچن ۾ ڏارن جو ظاهر ٿيڻ:
سال 1950ع ۾ بيراج جي ڪمانين (arches) ۾ به ڏار ظاهر ٿيا، اهي به Under Pressure Grouting ذريعي ڀريا ويا. پر اهي ڏار سال 1956ع ۾ وري ظاهر ٿي پيا. انهن کي نظر ۾ رکيو ويو ۽ 1964ع ۾ هڪ مٿي سطح واري فني ڪميٽي جوڙي وئي، جنهن جي سفارش تي اهو ڪم سال 1984ع کان سال 1986ع واري وقت ۾ مڪمل ڪيو ويو. هينئر انهن مان ڪجهه وري ظاهر ٿيا آهن، جن کي وري ٺيڪ ڪرڻ جي ضرورت آهي.
سکر بيراج جي 31 نمبر در جو ڪرڻ:
سال 1982ع ۾ سکر بيراج جي50 سال واري گولڊن جوبلي ملهائي وئي، جنهن ۾ انهيءَ سان تعلق رکندڙ ڪيترا انگريز ٻاهر کان سکر آيا. انهيءَ موقعي تي اي اي مسٽو جون ٻه ڌيئرون، جن مان هڪ آسٽريليا ۾ هئي ۽ ٻي آمريڪا ۾ سکر ۾ اچي ويون. انهيءَ سال بيراج جو 31 نمبر در گولڊن جوبلي ملهائڻ کانپوءِ ڪري پيو. انهيءَ زماني ۾ آبپاشي جو سيڪريٽري حاجي محمد ڏهر هو، جيڪو بحرانن کي منهن ڏيڻ جو ماهر هو. انهيءَ صاحب هنگامي بنياد تي ڏهه بند ٿيل درن مان هڪڙو در ٽڪرن ٽڪرن ۾ کولائي نقصان ٿيل در جي جاءِ تي وري جوڙايو. اهو ڪمال جو ڪم هو، جو جيڪڏهن در صحيح نموني ۾ نه کلي ها، وري نه جڙي ها ته سکر بيراج تي آباد ٿيل فصل سڪي وڃن ها ۽ وڏو نقصان ٿئي ها. انهيءَ نقصان کانپوءِ محسوس ڪيو ويو ته ٻين درن جي حالت به خراب هئي ۽ اهي سڀ ۽ ڪينالن جا در به سڀ او ڊي اي جي مدد سان مٽايا ويا. اهو ڪم سال 1995ع ۾ پورو ڪيو ويو.
ساڄي پاڪٽ ۾ کڏو:
سال 2004ع واري بندي ۾ جيڪا جنوري مهيني ۾ ٿي، بيراج جي سڄي پاڪٽ ۾ مٿين پر پڪي فرش ۾ کڏو معلوم ٿيو. اهو 60 فوٽ ڊگهو، 40 فوٽ ويڪرو ۽ 9 فوٽ اونهو هو، انهيءَ کي ان وقت پٿرن سان ڀري بيراج جي بندي ختم ٿيڻ تي واهه کوليا ويا، انهيءَ کانپوءِ هڪ رٿا ٺاهي وئي جيڪا 87 ڪروڙ رپين جي هئي. انهيءَ لاءِ 15 ڪروڙ رپيا سنڌ سرڪار ۽ 74 ڪروڙ وفاقي حڪومت ڏنا. اهو نقصان تمام خطرناڪ هو، جو مٿين لوهي ڀت (sheet pile) ٽٽي وئي هئي ۽ پلرن ۾ خطرناڪ ڪريڪ هئا. ڪم تمام ڏکيو هو ۽ هنگامي نموني ۾ ڪرڻو هو، تنهن ڪري ڊيزائن ۽ سپر وين لاءِ نيشنل ڊولپمينٽ ڪنسلٽنٽ جون خدمتون حاصل ڪيون ويون ۽ ڪم کي تڪڙي نموني اڪلائڻ لاءِ فوجي اداري F.W.O کي ٺيڪو ڏنو ويو. جيڪي ڪم ڪيا ويا، سي هيٺيان هئا:
پاڪٽن مان لٽ ڪڍڻ، مٿين ڀر واري ٽٽل شيٽ پائل جي جاءِ تي 45 فوٽ مٿي نئين شيٽ پائل هڻڻ، انهن ٻنهي شيٽ پائلن جي وچ ۾ پڪو فرش وجهڻ، نئين شيٽ کان مٿي 40 فوٽ ويڪر ۾ ڪنڪريٽ جا بلاڪ وجهڻ، بلاڪن کان مٿي پٿر وجهڻ، پراڻي شيٽ پائل کان پلرن تائين پڪو فرش وجهڻ، دادو ڪئنال جي سامهون نئين شيٽ پائل هڻڻ، انهيءَ جي فرش هيٺان خالي جاءِ ڀرڻ ۽ ڪريڪ ٿيل فرش کي ڊاهي نئون وجهڻ. پهرين نمبر پلر جي ڏار کي اپاڪسي سان ڀرڻ ۽ شيخون وجهي مضبوط ڪرڻ، هيٺ نئين شيٽ پائل هڻي، انهيءَ کان هيٺ فلٽر بلاڪ ۽ پٿر وجهڻ.
مٿيان سڀ ڪم 30 اپريل 2005ع ۾ پورا ڪيا ويا.
ڇا ڪرڻ کپي؟
پنجاهه سال سنڌ وارن کي فائدو ڏيندڙ سکر بيراج جي گولڊن جوبلي سال 1982ع ۾ ملهائي وئي. ٻه سال اڳ هن جي پلاٽينم جوبلي وارا 75 سال ٿي ويا. هينئر هن جي عمر 77 سال ٿي وئي آهي. عمر سان هر ڪنهن شيءِ ۾ زوال اچي ٿو، ڪيتريون ڪمزوريون پيدا ٿين ٿيون، وقت چڱن ڀلن ماڻهن کي ڊاهي ٿو وجهي، جيئن هڪ شاعر چيو آهي:
چورن وانگر آئون چران، سمجهو ڪي سمجهن،
پوڙهن جي پيشاني ۾، پيرا مون پسجن،
ڪارن منجهان مون ڪيا، اڇا سر سندن،
کنيو لٺ ڌڏن، پاڻهي پوندا پيش مون!
جڏهن وقت سان جوڌا جوان به جهور پوڙها ٿي وڃن ٿا ۽ لٺ جي مدد سان هلن ٿا ته وقت جو بيراج تي به اثر اڻٽر آهي ۽ انهيءَ جي خاص سار سنڀال ڪرڻ کپي ته جيئن اهو سنڌ وارن کي اڃا فائدو ڏيندو رهي. مان ڳالهه سمجهائڻ لاءِ هڪ اهڙي ماڻهو جو مثال ڏيندس، جنهن جي عمر 77 سال آهي ۽ جيڪو تازو دل جو دورو پوڻ کانپوءِ اسپتال ۾ ٿي گهر پهتو هجي. ماهر ڊاڪٽرن جن هن جو علاج ڪيو کيس ٻڌائن ٿا ته هن کي دوائون کائڻيون آهن، کاڌو پرهيز وارو کائڻو آهي ۽ روز صبح جو پنڌ ڪرڻو آهي. جيڪڏهن هو ماهر ڊاڪٽرن جي مشوري تي عمل ڪري ٿو ته پوءِ دل جي تڪليف هوندي به ڪافي وقت هلي سگهي ٿو، پر جيڪڏهن ڊاڪٽرن جي مشوري تي عمل نٿو ڪري ته تڪڙو ئي مالڪ سان وڃي ملندو. ساڳي حالت سکر بيراج جي آهي، جنهن جي عمر 77 سال ٿي وئي آهي ۽ جنهن کي سال 2004ع ۾ دل جو دورو پئجي چڪو آهي. جن ماهر ڪنسلٽنٽن انهيءَ کي درست ڪرڻ ۾ مدد ڪئي، انهن ان لاءِ علاج به تجويز ڪيو آهي، جنهن جو نسخو هنن لکي ڏنو آهي، يعني هنن هن بيراج کي مستقبل جي دل جي دورن کان بچڻ لاءِ ٽن ارب رپين جو PC–I ٺاهي ڏنو آهي، جيڪو سنڌ آبپاشي وارن ضروري جاچ کانپوءِ وفاقي سرڪار کي موڪلي ڏنو آهي. هنن هن سال جي سالياني ترقياتي پروگرام ۾ انهيءَ لاءِ ٽوڪن طور هڪ ڪروڙ رپيا رکيا آهن، پر اڃا نه اسڪيم منظور ٿي آهي، نه پئسا مليا آهن. ائين نه ٿئي جو وري ڪو دورو پئجي وڃي ۽ پوءِ ڪم شروع ٿئي ۽ جيئن هڪ شاعر چئي ويو آهي.
آخرِ شب ديد کي قابل تهي بسمل کي تڙپ
صبحدم کوئي اگر بالائي بام آيا تو کيا؟
يعني محبوب جي ديدار ۾ سڄي رات تڙپندڙ عاشق جي حالت صبح دم ڏيڻ وقت ڏسڻ وٽان هئي. سندس محبوب مرڻ کانپوءِ ديدار ڪرائڻ لاءِ ڇت تي آيو، پر انهيءَ وقت ديدار جو ڪهڙو فائدو؟ ٻيو مسئلو سالياني سار سنڀال جو آهي، جيڪا صحيح نٿي ٿئي. مان خاص طرح ذڪر ڪندس، پاڪٽ لٽجڻ جو. ٻنهي پاڪٽن ۾ divide walls سان لڳ تمام گهڻي لٽ بيهجي وئي آهي، جنهن ڪري اپروچ چينل جو ٽيون حصو بند ٿي ويو آهي، جنهن ڪري پاڻي لنگهڻ جو رستو سوڙهو ٿي ويو آهي. ياد رهي ته سال 2004ع ۾ ساڄي پاڪٽ ۾ به نقصان کان اڳ اها ئي صورتحال هئي. انهيءَ لٽ کي ريگيوليشن يعني گيٽ کولڻ يا گهٽ وڌ ڪرڻ سان ڪڍڻ کپي، پر جيڪڏهن پوءِ به نٿي نڪري ته ڊريجر مشين هڻي انهيءَ کي ڪڍندو رهجي. منهنجي ناقص راءِ ۾ بيراج کي وڌيڪ حياتي ڏيڻ لاءِ هيٺيان ٽي ڪم ضروري آهن:
· ٽن ارب رپين واري اسڪيم تي ترت عمل ڪرڻ.
· ٻنهي پاڪٽن مان لٽ ڪڍڻ لاءِ ڊريجر مشينون هڻڻ.
· بيراج جي صحيح سالياني سار سنڀال ڪرڻ ۽ انهيءَ جي آزاد ذريعي وسيلي مانيٽرنگ ڪرائڻ.
جيڪڏهن مٿين ڳالهين تي عمل ڪيو ويو ته بيراج سنڌ وارن کي سون سالن تائين فائدو ڏيندو رهندو، يعني انشاءَ الله اسان ان جي سئو سالا جوبلي ملهائينداسين. ٻي صورت ۾ جيڪڏهن ائين نه ڪيوسين ته انگريزن طرفان سونا آنا ڏيندڙ هن بدڪ جي ختم ٿيڻ جو وڏو خطرو آهي.
idrisrajput@hotmail.com