جواب: ادريس راجپوت جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔
ارسا ۾ ”وڳوڙ“
خميس پهرين جولاءِ 2010ع
خبرن مطابق ارسا ۾ صوبي خيبر پختونخوا جي نمائندي امان گل خٽڪ، جنهن وٽ چيئرمين شپ جو به عهدو آهي، استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي ۽ في الحال چارج پنجاب جي ارسا ميمبر شفقت مسعود کي ڏني وئي آهي، جيڪو هينئر ارسا جي ڪارروائي هلائي ٿو. ياد رهي ته ارسا ۾ پنج ميمبر آهن، جن کي ووٽ ڏيڻ جو حق آهي، انهن مان هڪ ميمبر واري واري سان سال لاءِ چيئرمين ٿئي ٿو. آڪٽوبر 2010ع تائين خيبر پختونخوا جي ميمبر جو چيئرمين ٿيڻ جو حق آهي، تنهن کانپوءِ سال لاءِ پنجاب جي ميمبر جو حق آهي. ارسا ايڪٽ مطابق ڪنهن به صوبي جو ميمبر نه هجڻ جي صورت ۾ انهيءَ صوبي جو سيڪريٽري آبپاشي خودبخود انهيءَ صوبي جو ميمبر ٿي وڃي ٿو. هينئر چيئرمين خيبر پختونخوا جي سيڪريٽري کي ٿيڻ کپي، پر چون ٿا ته امان گل خٽڪ جي استعيفيٰ اڃان منظور نه ٿي آهي ۽ هو موڪل تي آهي ۽ لکي ڏئي ويو آهي ته سندس موڪل واري وقت ۾ پنجاب جو ميمبر چيئرمين شپ وارو ڪم هلائي، وري ارسا ايڪٽ ۾ به ائين آهي ته چيئرمين جي غير حاضري ۾ ٻيو ميمبر، جيڪو چيئرمين ٿيندو، اهو چيئرمين شپ هلائيندو. ارسا ايڪٽ مان ٻنهي شقن جو انگريزي متن هيٺ ڏجي ٿو.
(6). In absence of the chairman, the member next due for appointment as chairman, shall act as the chairman.
(7)In absence of a member representing a province, the secretary, irrigation department of the province shall represent the province.
جڏهن خيبر پختونخوا صوبي جي چيئرمين جي استعيفيٰ منظور ٿي ويندي ۽ اتان ٻيو ميمبر مقرر ٿي ويندو ته اهو آڪٽوبر مهيني تائين چيئرمين رهندو. تيستائين صوبي پنجاب جو ميمبر شفقت مسعود چيئرمين طور ڪم ڪندو رهندو.
سوال ٿو پيدا ٿئي ته ارسا جي چيئرمين ڇو استعيفيٰ ڏني ۽ انهيءَ ڇڪتاڻ جو سبب ڇا آهي؟ ڪنهن ٻهراڙيءَ ۾ غريب ۽ سادا ماڻهو رهندا هئا. اتي هڪ مسجد هئي، جنهن جي ڀرسان هڪ کوهه هو، ماڻهو کوهه مان پاڻي ڪڍي وضو ڪندا هئا، انهيءَ ۾ هڪ ڪتو ڪري مري ويو، ٻهراڙي وارن ماڻهن کي انهيءَ ڳڻتي ورايو ته انهن جي نماز جو ڇا ٿيندو؟ ڇو جو ناپاڪ پاڻيءَ سان وضو ته جائز نه هو. سڀئي گڏجي ڪنهن عالم سڳوري ڏانهن ويا ۽ پڇيائونس ته کوهه جو پاڻي ڪيئن پاڪ ٿيندو؟ عالم سڳوري فتويٰ ڏني ته کوهه مان چاليهه ٻوڪا پاڻي ڪڍي ڇڏيو ته کوهه جو پاڻي پاڪ ٿي ويندو. ماڻهن چاليهه ٻوڪا پاڻي جا ڪڍي ڇڏيا، پر پوءِ به کوهه جي پاڻيءَ مان ڌپ نه وئي. وري عالم سڳوري ڏانهن ويا ۽ سڄي صورتحال ٻڌايائون ته چاليهه ٻوڪا ڪڍڻ کانپوءِ به کوهه جي پاڻي مان ڌپ پئي اچي. عالم سڳوري رڙ ڪري پڇيو ته، ”ابا کوهه مان مئل ڪتو ڪڍيو اٿوَ؟“ هنن چيو ته، ”سائين اوهان مئل ڪتو ڪڍڻ جو چيو ئي ڪو نه هو“. عالم سڳوري چيو ته، ”ابا پهرين نجس ۽ ناپاڪ شيءِ کي کوهه مان ڪڍندئو، تنهن کانپوءِ چاليهه ٻوڪا پاڻي ڪڍندئو ته کوهه جو پاڻي پاڪ ٿيندو“.
جهڙي طرح کوهه جي پاڻيءَ جي ناپاڪائيءَ جو سبب مئل ڪتو هو، تهڙي طرح هن استعيفيٰ ۽ وڳوڙ جو سبب به آهي ۽ اهو آهي” چشما-جهلم لنڪ ڪئنال کي کولڻ“. اچو ته سڄي صورتحال جو جائزو وٺون.
پنجاب وارن جي اها سوچ آهي ته جهلم ۽ چناب درياهه ته آهن ئي انهن جا، پر سنڌو تي به انهن جو حق نه رڳو انهن جي سنڌو مان سڌو نڪرندڙ واهن لاءِ آهي، بلڪه معاون دريائن جي ايراضين لاءِ به آهي. جنهن لاءِ هو ٻن ڪينالن يعني تونسا-پنجند لنڪ ۽ چشما-جهلم لنڪ ڪينالن کي استعمال ڪن ٿا. انهيءَ سلسلي ۾ هو هر گهڙي چشما-جهلم لنڪ ڪينال کي کولرائڻ جي ڪوشش ڪندا رهن ٿا. اهڙي ئي ڪوشش فيبروري جي مهيني ۾ ڪئي وئي ۽ سنڌو تي پنجاب جو حصو ختم ٿيڻ کانپوءِ به ارسا ۾ انهيءَ لنڪ ڪئنال کولڻ جو فيصلو ارسا ۾ بلوچستان جي ميمبر محمد امين چوڌريءَ جي مدد سان ڪرايو ويو. سنڌو جو پاڻي انهيءَ کوٽ واري وقت ۾ معاون دريائن جي ايراضين ۾ کڻي وڃڻ ڪري ظاهر آهي ته سنڌ ۽ بلوچستان جو پاڻي گهٽيو، ڇو جو اهي ٻئي صوبا سنڌو جي پاڻي تي مدار رکن ٿا، جڏهن اها خبر بلوچستان حڪومت کي پئي ته انهن پنهنجي ميمبر جي هن غلط قدم تي وفاقي حڪومت کي لکيو ته، انهيءَ ميمبر کي ڪڍيو وڃي جو هو صوبي جي صلاح کانسواءِ اهڙا فيصلا پيو ڪرائي، جيڪي صوبي لاءِ نقصانڪار هئا. محمد امين چوڌري جي نوڪري ته ختم نه ٿي، پر هن پنهنجو رويو تبديل ڪري ڇڏيو. سال 1994ع کان وٺي سال 2002ع تائين پاڻيءَ جي ورهاست ٺاهه ۾ ڏنل ڏهاڪن بدران تاريخي فارمولي مطابق ٿي، تنهن کانپوءِ سال 2009ع جي ربيع تائين اها ٽه سطحي فارمولي مطابق ٿيندي رهي، انهيءَ ۾ ٻنهي صوبن يعني خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان جي ارسا جي ميمبرن پنجاب جي مدد ڪئي. انهيءَ ۾لالي پاپ اهو هو ته انهن کي کوٽ کڻڻ کان آجو ڪيو ويو هو. نوڪري ۾ ڪڍڻ واري سيکت کانپوءِ بلوچستان جو ميمبر محمد امين چوڌري سڌو ٿي ويو ۽ جڏهن سنڌ سرڪار ۽ آبپاشي سنڌ جي سيڪريٽري 31 مارچ 2010ع جي صلاحڪار ڪاميٽي ۾ ورهاست ٺاهه ۾ ڏنل ڏهاڪن مطابق ڪرڻ واري ڳالهه ڪئي ته بلوچستان جي ميمبر اها ڳالهه مڃي ۽ پهريون ڀيرو هن خريف جي مند ۾ ورهاست ٺاهه ۾ ڏنل ڏهاڪن مطابق ٿيڻ لڳي. هن خريف واري مند ۾ پنجاب وارن چشما-جهلم لنڪ ڪينال 12000 ڪيوسڪ ڊسچارج سان کولرائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ارسا انهن جي ڳالهه اهو چئي رد ڪئي ته منگلا ڪمانڊ ۾ ڪافي پاڻي آهي ۽ سنڌ ۾ تمام گهڻي کوٽ آهي، تنهن ڪري چشما-جهلم لنڪ نٿو کولي سگهجي. انهيءَ ۾ بلوچستان جي نمائندي سنڌ جي مدد ڪئي، تنهن کانپوءِ پنجاب وارن اهو معاملو اٿاريو ته هنن جي ڳالهه انهيءَ ڪري نٿي مڃي وڃي جو ارسا ۾ سنڌ صوبي جا 2 ميمبر آهن، هڪڙو صوبائي ۽ ٻيو وفاقي، جنهن جو سنڌ صوبي مان کڻڻ جو فيصلو جنرل پرويز مشرف ڪيو هو، تنهن ڪري ارسا جي نئين جوڙجڪ ڪئي وڃي ۽ وفاقي نمائندو آزاد ڪشمير مان کنيو وڃي. جڏهن اها ڳالهه به پوري نه ٿي ته هنن هڪ نئين ڳالهه ڇيڙي ۽ چيائون ته هنن کي 1000 ڪيوسڪ پاڻي گريٽر ٿل ڪينال ۾ ڏنو وڃي. ياد رهي ته گريٽر ٿل ڪينال چشما-جهلم لنڪ ڪينال جي 180 آر ڊي مان نڪري ٿو ۽ انهيءَ جو اڻ سڌي طرح اهو مطلب نڪتو ته چشما-جهلم ڪينال کوليو وڃي. اهو ٻڌائيندو هلان ته گريٽر ٿل ڪئنال جو اڃا پهريون فيز ٺهيو آهي ۽ اتي اڃا آباديون ڪرڻ لاءِ ماڻهو تيار ناهن. انهن جي ڳالهه اها به نه مڃي وئي ۽ بلوچستان جو ميمبر انهيءَ ۾ سنڌ سان گڏ رهيو، تنهن تي ارسا ۾ پنجاب واري ميمبر ارسا جي اجلاسن جو بائيڪاٽ ڪيو، پنجاب جي زور تي وفاقي وزير پاڻي ۽ بجلي راجا پرويز اشرف ارسا کي مجبور ڪيو ته هو ڏکن پنجاب جي پارليامينٽريٽرين کي چشما-جهلم لنڪ کولڻ بابت 6 جون تي بريفنگ ڏي. ارسا هڪ اٿارٽي آهي، اها پنهنجا فيصلا ارسا ايڪٽ مطابق ڪري ٿي ۽ اها ڪنهن به اداري آڏو جوابده ناهي. وفاقي وزير کي ائين نه ڪرڻ کپندو هو. ٻئي پاسي ارسا جي چيئرمين کي ڏکڻ پنجاب جي پارليامينٽيرين آڏو نه وڃڻ کپندو هو. جڏهن ارسا جي چيئرمين 6 جون تي بريفنگ ڏني ته پارليامينٽيرين انهيءَ جي ڏاڍي بي عزتي ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ هو موڪل تي هليو ويو. جڏهن ارسا جي پنجاب واري ميمبر، جنهن ارسا جي اجلاسن جو بائيڪاٽ پئي ڪيو، تنهن ڏٺو ته هاڻي چيئرمين ٿيڻ جو ان جو وارو آهي ته هو موٽي آيو ۽ چيئرمين طور ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڏنائين ۽ اهو معاملو اچي اٿاريائين ته منگلا ڊيم کي 30 جون تائين 80 سيڪڙو ڀرڻ لاءِ چشما-جهلم لنڪ ڪينال کولڻ ڏيو، نه ته منگلا ڊيم نه ڀرجي سگهبو. چون ٿا ته گذريل ويهن سالن ۾ 8 سال ائين ٿيو آهي ته 30 جون تائين منگلا ڊيم 80 سيڪڙو نه ڀرجي سگهيو آهي، تنهن هوندي به اهو باقي وقت ۾ فُل ڀرجي ويو هو، وري منگلا جي ليول وڌائڻ لاءِ ان کي 1230 فٽ جي ليول تائين آڻڻ جو معاملو اٿاريو ويو، پر چون ٿا ته منگلا جي وڌيل ليول جي ڪري انهيءَ جي ڍنڍ مان سڀني ماڻهن جي نه نڪرڻ ڪري اها 1230 ليول تائين نه چاڙهي سگهبي ۽ واپڊا وارن ارسا کي ائين ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي ۽ هاڻي اها رڳو 1210 تائين چاڙهبي، يعني اڃا تائين چاڙهيل 1202 فوٽ واري ليول کان 8 فوٽ مٿي.
پنجاب وارا پنهنجي سرٽوڙ ڪوشش ڪن پيا ته ڪنهن نه ڪنهن نموني چشما-جهلم لنڪ ڪئنال کلي. تازو 29 جون تي ارسا جي پنجاب واري ميمبر شفقت مسعود ارسا جو اجلاس ڪوٺايو ته جيئن چشما-جهلم لنڪ ڪئنال کي 15 هزار ڪيوسڪ پاڻي ڏئي کولايو وڃي، انهيءَ ۾ اهو به معاملو رکيو ويو ته سنڌ جو انڊينٽ ويهه هزار ڪيوسڪ مان وڌائي هڪ لک 90 هزار ڪيوسڪ ڪيو وڃي. ارسا ۾ بحث مباحثي کانپوءِ فيصلا اڪثريتي ووٽ سان ٿيندا آهن. ارسا جي هن ميٽنگ ۾ خيبر پختونخوا ۽ سنڌ جا نمائندا موڪل تي هجڻ ڪري موجود ڪو نه هئا، تنهن ڪري رڳو ٽي ميمبر، يعني بشير احمد ڏهر وفاقي ميمبر، محمد امين چوڌري بلوچستان جو ميمبر ۽ شفقت مسعود پنجاب جو ميمبر موجود هئا. وفاقي ۽ بلوچستان جي ميمبرن فيصلو ڪيو ته سنڌ جو انڊينٽ وڌائي هڪ لک نوي هزار ڪيوسڪ ڪيو وڃي، ته جيئن انهن جي کوٽ ختم ٿي وڃي ۽ جيستائين سنڌ جي کوٽ ختم نٿي ٿئي، چشما-جهلم لنڪ ڪينال نه کوليو وڃي. چون ٿا ته هن ميٽنگ جي ڪارروائي Voice recording ذريعي چيئرمين جي چوڻ تي رڪارڊ ڪئي وئي. اڳي ڪڏهن به ارسا جي ڪارروائي ائين رڪارڊ نه ڪئي وئي آهي. گڏجاڻي کانپوءِ منٽس جاري ڪيا ويندا آهن. منهنجي خيال ۾ اهو وفاقي ميمبر بشير احمد ڏهر کي ڊيڄارڻ لاءِ ڪيو ويو ته هن جون ڪيل ڳالهيون ٻين کي ٻڌايون وينديون. شابس هجي بشير احمد ڏهر کي، جيڪو پنجاب وارن جي منفي اٽڪلن جي پرواهه ڪرڻ بنا پنهنجي ڳالهه تي بيٺو آهي، ته سنڌ ۾ کوٽ هجي، منگلا ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ٿيندو هجي ۽ سنڌو مان پاڻي چشما-جهلم لنڪ وسيلي معاون دريائن جي ايراضين ۾ کڻي وڃبو آهي ڪا عقل واري ڳالهه؟
سنڌ وارا سمجهن ته ڇو هڪ پرائيوٽ ڪمپني چشما-جهلم لنڪ ڪينال جي ٽيل تي44 ميگاواٽ جو بجلي گهر هڻڻ چاهي ٿي ۽ ڇالاءِ ائين ڪيو ٿو وڃي؟ انهيءَ لاءِ ته چشما-جهلم لنڪ ڪينال کي هڪ سدا واهه ۾ مٽائي سگهجي. اسان به اها ڳالهه ڀلي ڀت سمجهون ٿا. هڪ فارسي شاعر چئي ويو آهي ته؛
هر رنگ ڪي خواهي جام مي پوش
من اندازِ قدت رامي شفا سم
ترجمو (منهنجا محبوب! جهڙا وڻي ئي ڪپڙا پائي اچ، مان تنهنجي قد مان توکي سڃاڻي وٺندس).
اسان سڀ اٽڪلون سمجهون ٿا، پر اها به حقيقت آهي ته اهي ٻئي لنڪ ڪينال سرزمين تي ٺهيل آهن ۽ پاڻي کڻڻ لاءِ ٺهيل آهن، پر ڪنهن حساب ڪتاب ۽ قاعدي قانون سان پاڻي کڻڻ، انهن کي ڪنٽرول ڪرڻ سان ئي سنڌ کي کوٽ ۾ پنهنجو صحيح پاڻي ملي سگهندو، ۽ اسان پنهنجي جياپي ۽ بقا لاءِ انهن کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهنداسين.
idrisrajput@hotmail.com