محترم محمود مغل جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

'سنڌي ادب' فورم ۾ عبدالوهاب طرفان آندل موضوعَ ‏6 آگسٽ 2010۔

  1. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم محمود مغل جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    دوست ڪنهن کان جدا خدا نه ڪري...




    آچر 27 جون 2010ع



    ڇنڇر 26 جون بمطابق 13 رجب المرجب 1431هجريءَ تي ڏينهن جو هڪ لڳي ٽيهن منٽن تي، سنڌ جي عوامي رنگ جي عوامي شاعر محترم احمد خان ”مدهوش“، هوش جي دنيا ۾ پير رکي ڇڏيو. انا لله و انا اِليه راجعون. هڪ دور پنهنجي پڄاڻي کي پهتو، هڪ ڪتاب جا ورق وري ويا، مرڪندڙ، ڀلائي ڪندڙ محبتي چهرو ماٺ ٿي ويو.

    اها ماٺ گذريل ڪيترن ڏينهن کان سندس وجود تي حاوي هئي، SIUT ۾ علاج دوران، حياتيءَ جي جنگ ۾ هار جو احساس ته کيس ڪيترن ئي ڏينهن کان هيو، ”مدهوش جي مري وڃي ته هوش کي سنڀالجو“، چوندڙ احمد خان سومرو، سڀ سمجهندو هيو آخر ايڏو وڏو عوامي شاعر هو ”ٺلهي“ ۾ ته ڪو نه ٿيو هو نه... احساس، سوچ، لوچ، سندس رڳ رڳ ۾ سمايل هئي، جيڪو ٻئي جي پيڙا کي قلم وسيلي ڪاغذ تي لاهي سگهيو پئي، ان کي ڇا پاڻ ڪنهن شيءِ جو اندازو نه هوندو...؟

    ”ادا بس... ڏيڍ وڳي لاڏاڻو ٿيو آهي بابا جو“ فون تي خليل عارف سڏڪي ٿو.”هاڻي ايمبولينس جي انتظار ۾ هون... ادو ويو آهي ڪَرڻ... شام ڌاري گهر پهچنداسين...جوهيءَ ۾... اتي اباڻو قبرستان آهي.. واصل شاهه جو... اتي دفنائبس... ڇورو ڇنو ڪري ويو يار... اسان کي“... آواز ۾ پاڻياٺ جون لهرون بلند ٿين ٿيون ۽ فون جي لائين به ڄڻ ان ۾ ٻڏي وڃي ٿي. ساهه ڀرجي آيو آهي، معزز خواتين و حضرات... عجيب ماٺ محسوس ٿئي پئي ٿي... محبتن ۽ سڪ جي لهجي جي ماٺ، روح رولي وئي آهي... اهو مرڪندڙ، مهڪندڙ چهرو ياد اچي ٿو، جيڪو سنڌي ساروپن جو ڪمال هوندو هو... سادو سودو، نرم خُو، ڪشاده دل، حياتي ۾ جتي به ڪي گهڙيون ملاقات ٿي، پهريون تاثر ئي ”پنهنجائپ“ جو ڏيندو هو، ائين ٿيندو آهي عزيزانِ مَن... الاءِ ڪيترا وجود اوهان کي هر هر ملندا آهن... گهڙيءَ گهڙيءَ جي ميلي ۾ به، روح رلجي نه سگهندو آهي ۽ الاءِ ڪيترا روح اهڙا هوندا آهن، جن سان ڀلي ڪيترو به عرصو ترسي ڇو نه ملاقات ڪجي... سڪَ سدائين ساڳي ملندي آهي...

    ”اسان تي ڀي ڪڏهن قلم کڻو...“ هُجَ سان هنن گلستانِ سجاد ۾ زيب ۽ تاج جي ادارت هيٺ نڪرندڙ رسالي ۾، منهنجي پروفائيلز لکڻ تي چيو هو...” اسان ڀي اوهان جا هون...“ منهنجي ڪم ڪرڻ جو انداز سادو هوندو هيو... مهمانِ محترم وٽ پاڻ حاضر ٿيندو هئس ۽ ڳالهه ٻولهه قلم بند ڪندو هئس... هنن سان اتي ئي ويهي رهيس... ٿوري ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ ٻئي واري هنن پاڻ، سڀ ڪجهه پوسٽ ذريعي موڪلي ڇڏيو. اتفاق ڪجهه اهڙو ٿي ويو جو اوچتو اهو رسالو بند ٿي ويو، مان مٿن لکي نه سگهيس... پر سندن وجود جي مَهِر ڏسو... ان کان پوءِ به جڏهن به ڪٿي ملاقات ٿي، ته هنن ڪڏهن به ڪم نه ورجايو ته انهن ڪاغذن جو ڇاٿيو...! بس هڪ مرڪ هوندي هئي جيڪا پاڻ ئي سوال ڪندي هئي ۽ پاڻ وٽ ئي سندس جواب به هوندو هو. 1965ع ۾ اديب فاضل جو امتحان پاس ڪندڙ، حاجي فقير شغلي سومرو جي فرزند احمد خان کي قدرت خوب نوازيو... هڪ استاد جي حيثيت سان هن پنهنجي عملي زندگي گذاري ۽ وقت اهو به اسان کي ڏيکاريو آهي ته ”ڪيفِ عشق“ نالي ڳٽڪي جي شاعر، عام حياتيءَ ۾ عام لفظن، تشبيهن، استعارن ۽ بيهڪن کي ڪيئن استعمال ڪيو آهي...

    دلاور، دادلا، دلدار، دلبر، دلربا، دلڪش

    سٽ ته ڏسو، تجنيس حرفيءَ ۽ پراڻن شاعرن جي سِڪُن کي لاهيندڙ مدهوش، ڪهڙي نه ڪيف سان، جهومندو جهومائيندو وڃي ٿو...

    دلِ دل گير کان هر نام تنهنجي کي وٿي ناهي...

    يا وري:

    ڪرين ٿو وار کولي وار، سئو سئو وار او سهڻا...

    لڳاٿم ڏنگ، انگ انگ ونگَ، جنهن جو دنگ ئي ناهي...

    هي لب و لهجو، ڪو خاص ناهي.. اندر جي سرڪشي، روح جي رولاڪي، درد جو آلاپ ۽ محبت جي رمز، مدهوش جي عام حالت ۾ ساڻس گڏ هوندي هئي، هن پنهنجو تخلص چونڊي رکيو هيو، کيس عشق و محبت ۾ مدهوش رهڻ ۾ ئي سدا عافيت محسوس ٿي هئي.

    وڏا احسان مولا جا او شڪرانا او شڪرانا

    پسائِي پاڪ پيشاني، پرين پڳدار بسم الله

    اڱڻ منهنجي تي اڄ آيو مٺو منٺار بسم الله

    ڪريان کيڪار، بسم الله، چوان صد بار بسم الله

    پنهنجي دور جي هن سدا رنگ شاعر کي جهڙوڪر، ٽڪساٽن جي جهان جي ڪا ڪَلَ ڪا نه هئي... هو پنهنجي سادگيءَ ۾ خوش هيو ۽ يقينن اها ئي سندس وڏ ماڻپائي هئي، هو سادو هو، تڏهن ته برملا، ٻارڙن وانگر فرمائش ڪندو هو ته ”جهان مان رخصت ٿيڻ کان پهرين، هن سان ملڻو ٿو گهران، هن کي ڏسڻ ٿو گهران...“ ڄاڻندو به هيو ته هتي ڪنهن وٽ وقت ناهي... وٽس پاڻ وٽ ئي وقت نه هيو... هتي ته صاحبِ ثروت ازل ابد کان مصروف آهن...

    اجگر جيڏي شهر ۾، هن حياتيءَ جو آخري مهينو گذاريو، اسڪرين تي جڏهن سندس ميت جا فليشز پيا اچن ته الائي ڇو پهريون خيال اڪيلائپ جو اچي پيو... اڪيلو ته ماڻهوءَ کي ٿيڻو ئي آهي.. هيٺ ماٺار ۾ اڪيلائي ئي ته ملڻي آهي... هونئن، هنن سٽن لکڻ مهل سندس جسدِ خاڪي يقينن اڪيلو نه هوندو، روڊن رستن تي ڊوڙندڙ ايمبولينسن ۾ موجود سندس فرزند خليل ۽ شڪيل سان، ماڻهن جا ميل هوندا، هڪ عوامي شاعر رخصت ٿيو آهي، سندس گهر تي به رش ٿي وئي هوندي، پر الاءِ ڇو پاڻ کان پاڻ ئي سوال ڪرڻ تي دل چوي ٿي... اسان هن کي اڪيلو ڇڏيو نه...؟

    ٽِڪر هلي پيو ٿو ته سڄي مهيني، ڪو بالا عملدار لڙي نه آيو، چڱو ٿيو ته ڪو نه آيو... نه ته ازل اجل جي راهه تي هلندڙ، عوامي رنگ جي عوامي شاعر کي وڃڻو ته هونئن ئي هو... جي ڪنهن، گلدستي، ڪنهن لفافي جي بار هيٺ هليو وڃي ها... ته شايد سندس قدآور شخصيت، پنهنجي قد ۾ اضافي کي ڏسي نه سگهي ها... ۽ هونئن به احمد خان مدهوش، عام شاعر هيو، ڪو خواص جو دوست ته نه هيو، جو کين سندس وڇوڙي يا حالت جي خبر هجي ها.

    دوست ڪنهن کان جدا خدا نه ڪري، ڪنهن کي هي غم عطا خدا نه ڪري

    منهنجو سينو ڳڀا ڳڀا ٿي پئي، تير تنهنجو خطا خدا نه ڪري

    روزِ محشر سواءِ تنهنجي ٻي، ڪاڀي مون کان پڇا خدا نه ڪري

    توکي سامهون ويهاري مدهوش، ڇا ڪري جي خدا خدا نه ڪري

    بهرحال، سانحو ته ٿيو آهي... سنڌي شاعريءَ ۾ عام لب و لهجي جو دوست جدا ٿي ويو آهي.. وڇوڙي جو غم عطا ٿي ويو آهي... اجل جو تير خطا نه ٿيو آهي... دعا اها آهي ته احمد خان مدهوش پنهنجي پڇاڻي ۾ به سرخرو ٿئي...آمين

    mehmoodmughal@hotmail.com
     
  2. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم محمود مغل جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    ذات جي شناخت




    آچر 4 جولاءِ 2010ع



    دل جي ڳالهه زبان تي اچي ئي وئي هئي، چئي ڏنم، ”عجيب حالت ٿئي ٿي سائين اهو سڀ ڏسندي... جي ڪنهن وٽ ڪجهه نه هجي ۽ اهو ان جو ڳولائو هجي ته ڳالهه ٺهي به ٿي... هي گهڻو ڪجهه هوندي به ڇا جي ڳولا آهي...هلو ڀلا...دولت ۽ زر و جواهر لاءِ ته کڻي اها اڻ تڻ هجي...هي ذات جي شناخت جو سلسلو ايترو حرص ۾ ورتل ڇو آهي قبلا...!“ هو محبت سان مون ڏانهن نهاري رهيا هئا، مرڪندي چيائون ”پنهنجي ذات جي شناخت ايڏي سولي آهي، ڇا ڀُوڪ؟... ۽ هونئن به... ڇا پنهنجو پاڻ هر ڪنهن کي ملي ويندو آهي...؟“ ”سائين... پنهنجو پاڻ ڀلي پاڻ وٽان نه ملي... پر ٻين وٽان ته ملي ٿو نه... ماڻهو جڏهن شهرت جي ڏاڪڻ چڙهي ٿو ته ڀلي پاڻ، پنهنجو پاڻ نه سڃاڻي، پر ٻيا ته سڃاڻن ٿا نه... ان ۾ ايترو اتاولو ٿيڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟...“هنن، هڪ گهري نگاهه وڌي مون تي ۽ چيائون... ”تون ڀُوڪ آهين محمودَ.. ڀُوڪ ئي رهندين...“ سڄي ڪلاس ۾ عجيب ماٺار هئي.. ذڪر ڪجهه اهڙو ڇڙيو هو، جو موضوع جي انفراديت، ڳالهائڻ گهٽ ۽ وڌيڪ سوچڻ جي تقاضا ڪري رهي هئي... درس و تدريس شروع ٿيندي ئي هڪ همراهه چيو هو ”سائين... ڪجهه ڏينهن پهرين ايوارڊن جي هڪ تقريب ۾ ويا هئاسين... اسين ته کڻي عام ماڻهو هئاسين ۽ قرار سان هڪ جاءِ ويٺل هئاسين، پر ڄاتل سڃاتل چهرن کي الاءِ ڇو عجيب بي قراري هئي... سُک نه هئن... هر هر، هڪ سيٽ کان ٻي سيٽ تائين پئي ڦريا... هر هر اجايو اٿي پئي بيٺا... سامهون کان لنگهي پئي ويا. عجيب انداز هئا هنن جا... حالانڪه هنن کي سوچڻ گهرجي ها ته ”ڄاتل سڃاتل“ هو آهن... اسان ناهيون... سندن هڪ هڪ ڳالهه نوٽ ٿئي پئي...“ ۽ اتي ئي سائين جملو ڪٽي چيو هو ”اهو ئي ته اهو عذاب هو جوهنن کي ايترو ”ڦٿڪو“ هئو بابلا... جي ڄاتل سڃاتل چهرا نه هجن ها ته هڪ هنڌ ماٺڪا ٿي نه ويهن ها...“

    ڳالهه جي مامَ الاءِ ڪهڙي هئي، پر جهڙي به هئي، هاڻي ڌاڳي جو هڪ ڇيڙو اسان جي هٿن ۾ اچي ويو هو. سائينءَ جي جملي، الاءِ ڪيترا سُٽ سلجهائي ڇڏيا هئا... ”سڃاڻپ جو عذاب، ڪجهه گهٽ ناهي هوندو ابا..“ هنن ڳالهه وڌائي هئي...”جي سچ پڇو ته ماڻهو سڄي حياتي ان ئي چڪر ۾ ڪاٽي ويندو آهي... ڪي گهٽ ماڻهو هوندا آهن، جيڪي گوشه نشينيءَ کي ترجيح ڏين... نه ته هر ڪو ڪنهن نه ڪنهن لحاظ کان، چاهيندو آهي ته سندس نالو چپن تي اچي... نگاهن ۾ سندس شناسائي اچي... سندس تعريف ٿئي... ۽ حد ته اها آهي ته ڪيترا ته اهو به چاهيندا آهن ته ڀلي گلا ئي ٿئي... پر ٿئي ته سهي... ماڻهن ۾ منهنجو نالو هجي... پوءِ ڀلي چڱو هجي يا مَٺو... حياتيءَ ۾ الاءِ ڪيترا وجود، پنهنجي ذاتي مال کي خرچ ڪري پنهنجي ذات جي شهرت وڌرائيندا آهن بابلا... جن کي خبرن ۾ رهڻ جو هنر اچي... اهي، اهو سڀ مفت ۾ حاصل ڪندا آهن ڇا؟...“

    ”نه پر سائين.. هي اداڪار، صداڪار... مسڪين ماڻهو هوندا آهن...“ پريان ڪنهن ڀڻ ڀڻ ڪئي ”سدائين پيا ڳيتون ڏيندا آهن...روز ڪنهن جي نه ڪنهن جي رڙ ۽ ڪنهن جو نه ڪنهن جو واڪو ٻڌڻ ۾ ئي پيو ايندو آهي... اهي پنهنجي شهرت لاءِ ڇا خرچ ڪندا هوندا...؟“ ”نه ته باقي پوءِ هي ڇا ڏسي آيو ايوارڊن ۾...“ سائينءَ ملوڪ ڏانهن اشارو ڪيو، جنهن ڳالهه ڇيڙي هئي... ”اهو ئي ڏٺائين نه... ته بي سبب افرا تفريءَ ۾ مبتلا مهربانن، پاڻ کي به پريشان پئي ڪيو ۽ ٻين کي به... اتي هنن ڪي لک ته نه پئي لٽايا نه، هنن وٽ جيڪي ڪجهه هو سو پئي خرچ ڪيائون نه... خرچ ڪرڻ لاءِ رڳو مال هوندو آهي ڇا...؟ جي ائين هجي ته دنيا ۾ ادائن جي ڪا قيمت ئي نه هجي ها ابا... دنيا ۾ جيترو نازو انداز وڪامي ٿو... اوترو ٻي ڪا پروڊڪٽ ڪٿي ٿي وڪامي...“

    سڀ وري چپ ٿي ويا هئا... سائينءَ هڪ هڪ تي نگاهه وڌي هئي ۽ پوءِ سمجهائڻ شروع ڪيو هئائين...“ ماڻهوءَ جي اندر ۾ هڪڙو بند ڪمرو هوندو آهي ابا... جنهن ۾ هو الاءِ ڇا ڇا ڀري رکندو آهي... خواب، خيال، سوچون... خواهشون... ان ئي ڪمري ۾ هو پنهنجي شناخت به رکندو آهي، مطلب... پنهنجي جسماني شناخت... نالي سان سڃاڻپ جو عمل.... اها شناخت، گهڻن خيالن، خوابن، سوچن ۽ خواهشن جو ”مجموعو“ هوندي آهي... هاڻي جڏهن اهو سڀ ان ۾ اچي وڃي ته سندس طاقت جو اندازو توهان لڳائي سگهو ٿا... پوءِ جڏهن اها شناخت، ڪجهه ڏاڪا لتاڙيندي آهي ته شهرت مهربان ٿيڻ شروع ٿيندي آهي... ماڻهو، پنهنجو پاڻ ٻين ۾ ڳولڻ شروع ڪندو آهي... پنهنجو قصو کيس پاڻ ڪندي مزو ناهي ايندو... هو چاهيندو آهي ته سندس ”ڪهات“ ٻين واتن ۾ هجي... ڪلاس ۾ پهريون نمبر ايندڙ کان وٺي، هڪ نامي گرامي اداڪار تائين هر ڪنهن جو مسئلو صرف ۽ صرف اهو ئي آهي... پوءِ جڏهن، هڪ ڀيرو سندس نالو ٻين جي زبان تي چڙهي وڃي ته يا عمر اهو ”سوداءُ“ کيس ڇڏيندو ناهي... هاڻي دنيا ته دم گذر آهي نه... هتي ڪهڙو ”وَٽي تي نالو“ سلامت ٿو رهي... پوءِ جي اهو سڀ جهيڻو ٿيڻ شروع ٿو ٿئي ته انيڪ وجودن کان اهو هضم ناهي ٿيندو... شهرتون غائب ٿيڻ شروع ٿين ته ماڻهو چريا ٿي پوندا آهن مٺا...“ سڀ ماٺ هئا ۽ سائين جو آواز وڌيڪ بلند هو...”مٿان وري شهرتن جي بلند ٿيڻ جي ته خبر پوندي آهي... زوال جي خبر ناهي پوندي... اهو ته اوچتو اچي ٺڪاءُ ڪندو آهي... گهڻن کي ته خبر ئي ناهي پوندي ته وقت سندن نالو ڪڏهوڪو ميسارڻ شروع ڪيو هو... هاڻي ان عمل جي ڄاڻ هر ڪنهن کي آهي ۽ صرف ان خوف جي ڪري ئي، اهي اداڪار، صداڪار، معروف ماڻهو، وڏا ماڻهو... اهو سڄو ڦٿڪو ڪندا آهن... ته جيئن... گم ٿيڻ جو اهو عمل، ڪجهه وقت ٻيو ٽري سگهي... ان اداڪار کي توهان هر هر اٿي بيٺل پئي ڏٺو نه... اجايو سجايو فون تي زور سان ڳالهايائين پئي نه ۽ مٿان وري وڏا وڏا ٽهڪ به پئي ڏنائين ته اهو سڀ ڇاهي؟... اهو ”ڌيان طلب“ آهي نه ٻچا... ته مون ڏي ڌيان ڏيو... اڙي مان به هتي ئي آهيان...“

    ” پر سائين هو ته اتي هو، اها ته اسان کي خبر هئي... اسين ته هن کي سڃاڻون پيا“ ملوڪ وچ ۾ ٽپڪو هنيو... ”نه پر هن کي پاڻ کي خبر نه هئي نه ٻچا... ته ڪو هو هتي هو يا نه هو. چيم نه توکي پهرين ته هن پنهنجو پاڻ کي نه پئي سڃاتو... جي سڃاڻي ها ته ائين نه ڪري ها... وڃائجڻ جو خوف... سڃاتلن کي وڌيڪ هوندو اٿوَ... ان ڪري وڌيڪ بي قرار هوندا اٿوَ مٺا... جيڪي گوشه نشين هوندا آهن... ڪڏهن انهن تي غور ڪيو اٿوَ... قرار وٽن مڻن ۾ هوندو آهي... ماڻهو پاڻ کي سڃاڻي وٺي ته کيس ڪنڊ به ملندي آهي راڻا... نه سڃاڻي سگهي ته ائين هجومن ۾ وائڙو ٿي پيو هلندو آهي... دنيا ۾ وڌ کان وڌ ماڻهو، هجوم ۾ ايندي نڪ مهٽيندا آهن... ڪي ٿورا، ڇنڊ ڦوڪ ڪندا آهن... ۽ ڪن کي کنگهه اچي ويندي آهي... اهي عام عادتون اٿوَ... جيڪو وڻائڻ جي مرحلي ٽپڻ مهلَ، امتحان مان لنگهڻ جي نشاني هوندي آهي... مشهور ماڻهن کي غور سان ڏسبو... انهن مان ڪجهه به وٽن نه هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته هو سمجهندا آهن ته هو اڳ ۾ ئي وَڻيل آهن... کين اهو خوف ئي ختم ڪندو رهندو آهي ته جي اهو وڻڻ کسجي ويو ته ڇا ٿيندو... اهو سڄو ڌيان طلب... ان وڻڻ کي ورجائڻ هوندو آهي ابا... اها ٻي ڳالهه هوندي آهي ته ذات جي اها سڃاڻپ... کانئن بنا ٻڌائي رخصت ٿي ويندي آهي...“

    mehmoodmughal@hotmail.com
     
  3. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم محمود مغل جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    ڏيتي ليتي




    آچر 11 جولاءِ 2010ع



    ڪڏهن ڪڏهن وڻ ويڙهيءَ جيان انيڪ ڏُک ورائي ويندا آهن.

    پنهنجي سوچَ پاڻ کي ئي سمجهه ۾ نه ايندي آهي، حياتي هڪدم ”مشڪل“ محسوس ٿيڻ لڳندي آهي، ائين محسوس ٿيندو آهي ته ”جيئڻ جو فن“ ڪمال فن آهي، جنهن کي اَچي....جنهن کي مِلي... جيڪو ايڏو ”زيرڪ“ هجي، چالاڪ هجي... باقي پاڻ ته ڄڻ ڀاڄي ۽ کاڄا هڪ ئي اگهه ۾ وڪڻي آيا هجون...

    ڪالهه معراج جي رات هئي ۽ حسبِ ”جديد روايت“ ۽ حسب ”جديد دستور“، سڄي ملڪ ۾ ايس ايم ايس يعني ننڍڙن نياپن جي وٺ وٺان ٿي وئي هئي... اهي، جيڪي اڳي ”خط لکڻ“ کي مسئلو سمجهندا هئا، هاڻي ڌڙا ڌڙ، مليل نياپا، اڳيان موڪلين ٿا، مٿان وري وڏي مهرو عنايت انهن موبائيل ڪمپنين جي به آهي، جيڪي ”پيڪيجز“ آفر ڪن ٿيون. نامه بري، سستي کان سستي ٿيندي ٿي وڃي ۽ عقل، علم ۽ شعور، بس ”فارورڊ“ ٿيندا، پنهنجا وار پٽيندا رهن ٿا... ڪيترن کي ته خبر ئي نه ٿي پوي ته هو ڪن ڇا پيا... بس، هڪ وهڪرو آهي، جنهن ۾ وهڻ لاءِ هرڪو تيار آهي.

    عنايتن جي جهان ۾، جيڪي نياپا موصول ٿيا انهن ۾، اسي سيڪڙو تقريباً، اهڙا هئا، جن جي موڪليندڙن کي ئي خبر نه هئي ته هو ڪن ڇا پيا... بس نياپو هيو، جيڪو هنن موڪلي ڇڏيو هيو... عام نياپو هو ”اڄ رات معراج جي ڀلاري رات آهي... اوهان کي مبارڪون هجن... هن رات ۾ حساب ڪتاب طئي ٿيندا آهن... مون جي اوهان کي رنجايو هجي... يا مون کان ڪا غلطي ٿي هجي ته مون کي معاف ڪندا ۽ دعائن ۾ ياد رکندا...“ هاڻي ڌڙا ڌڙ اهو نياپو شروع ٿيو ۽ مٿي تي هٿ، بس ايندا ئي رهيا، عقل جي موڙهن مان ڪنهن به اهو ڄاڻڻ جي ڪوشش نه ڪئي ته خدا جا بندا... هي شبِ معراج آهي... شب برات ناهي... 27 رجب المرجب آهي... 15 شعبان المڪرم ناهي... هن رات مٺڙي رب جل شانه جو مٺڙو محبوب صلي الله عليه وسلم، معراج جي معجزي سان سرفراز ٿيو هيو... حساب ڪتاب ۽ حياتي، رزق، موت ۽ ٻئي سڀ نقش جو انگ، 15 شعبان تي چٽجندو آهي... جيڪا اڃا اچڻي آهي... اتي اهم ترين ڳالهه اها ته جن به هي نياپو فارورڊ ڪيو هوندو، تن پڙهيو ته ضرور هوندو نه... ڇا انهن سڀني کي، ان ايڏي ضروري ۽ اهم نڪتي جي خبر ناهي..!؟ جي آهي ته هنن ڇو فارورڊ ڪيو ۽ جي ناهي ته ڇا اها اسان جي ديني ڄاڻ جي ”پستي“ ناهي؟...

    مٿان وري، هڪڙي ٻئي مهربان پڇيو ”سائين... هيءَ ساڳي شب قدر آهي نه... ستاويهين رجبي...؟“ بس... عزيزانِ مَن... ٺپ ئي ٺري ويا.. ڇا ڳالهائجي ۽ ڇا عرض ڪجي... ۽ جي ڀلا ماٺ به رهجي... ته ڪيئن رهجي...

    ڳالهه ڪا ديني ماهر ٿيڻ جي ناهي، اهو لازم ناهي ته هرڪو، هر ڪا ڄاڻ رکندو هجي، پر بهرحال، بنيادي ڄاڻ ته بنهه لازم آهي... ڇا اسين اهو ڄاڻون نه ٿا، يا ڄاڻڻ جي پرواهه نٿا ڪرڻ گهرون...؟

    رمضان المبارڪ جي خاص رڪارڊنگ هئي... سوال هيو ته پهرئين ڪلمي کي ڇا چئبو آهي...؟ جواب مليو... ”الاءِ“... وڏي اطمينان ۽ اعتماد سان، نوجوان جوڙي جواب ڏنو هو... سندن اطمينان ڏسي، مائيڪ جي پويان مان پگهرجي ويو هئس، صاحبانِ علم و هنر... اها ته خير رڪارڊنگ هئي ۽ سوال ڪينسل ڪري، ٻيو سوال پڇيو ويو... پر ان حد تائين اسان جي لاعلمي...ڇا ٿي ظاهر ڪري...! ڪهڙي پاسي وڃون پيا ٿا صاحبانِ زمانه... ڪهڙي کاهيءَ ۾ ڪرون پيا ٿا؟

    عام حالتن جيان، هڪ حالت ۾، هلندڙ نماز ۾، ”تم سي ملني ڪو دل ڪرتا هي رَي بابا... تم هي هو جس په دل مرتا هي...“ جي رنگ ٽون، موبائيل جي فل آواز ۾ وڄڻ لڳي...هڪ طرف مولوي صاحب تلاوت ڪري رهيو هيو ۽ ساڄي پاسي صف مان ڪمار سانو ۽ الڪا ياگنڪ جو آواز اچي رهيو هو، وري سون ته سهاڳو اهو جو عبادت ڪندڙ، پنهنجي فون کي هٿ هڻي بند به نه ٿي ڪرڻ گهريو... تقريبن پوري اسٿائي، رنگ ٽون ۾ شامل هئي ۽ خوب وڳي... هلو ڀلا... غلطي ٿي وئي.. پر پوءِ اها هڪڙي ڇا.. گهٽ ۾ گهٽ ٽي دفعا وري فون وڳي هوندي، جنهن ۾ هڪ رڪوع، ٻه سجدا ۽ قيام اچي ويا... مڃجي ٿو ته ٿي سگهي ٿو پريان ڪا ايمرجنسي هجي... مڃجي ٿو ته غلطيءَ سان موبائيل ”ماٺ“ ڪرائڻ رهجي ويو هجي... پر ڇا اهو، ائين به نه ٿو مڃي سگهجي ته، جنهن فون ڪئي آهي، ان کي اها خبر به ناهي ته ڪو اوهان ڌڻيءَ در حاضر ٿيو ٿا... ۽ جي ڀلا خبر به اٿس، ته شايد حاضريءَ جي وقتن جي ”ڄاڻ“ نه اٿس... هن لاعلميءَ کي ڪهڙو نانءُ ڏئي سگهجي ٿو!

    اسين الاءِ ڪهڙي رخ سفر پيا ٿا ڪيون عزيزانِ مَن... الاءِ سفر ڪيون به پيا... الاءِ بس... وقت پيا ٿا ڪاٽيون... پنهنجي اعمالن جو فڪر ڪرڻ هاڻي اسان تقريبن ڇڏي ئي چڪا آهيون...

    ديني حوالي سان، صاحب ڏاڍو مضبوط هيو، سندس عبادت ڏسي رشڪ ايندو هو... خضوع ۽ خشوع ڏسڻ وٽان هيو ۽ حسرت هوندي هئي ته اهڙو سليقو شل نصيب ٿئي... اتفاق سان، اخبار ۾ هڪ سرڪاري ملازمت جي اشتهار جي نسبت سان ملاقات ٿي... ٻڌايائون ته هر لحاظ کان هن پوسٽ لاءِ ڪواليفاءِ ڪن ٿا... ڏاڍي خوشي ٿي ته هڪ لائق، صاحب علم، ڪنهن صحيح مستند تي اچي براجمان ٿيندو... جو ويندي ويندي پڇا ڪيائون ”ان کاتي ۾ اوهان جو اثر رسوخ ڪيترو آهي مغل صاحب...!؟“ حيرت سان ڏٺو مان ته مرڪندي فرمايائون...”ڏسو... جي ڪو جهان ٺهي ٿو ته ٺاهي وٺجو... مڙئي ڪم ٿي وڃي... باقي ٻيو ڏسي وٺنداسين...“

    ازل ابد کان ”وات پَٽيل مغل صاحب“..وائڙن وانگر پڇيو ”سائين مطلب....“ ڳالهه ڪٽيندي چيائين ”سڀ سمجهو ٿا اوهان ته جهان ڪيئن هلي ٿو... جي ڪجهه گهرن ٿا ته ڳالهه صاف ڪجو... اهو به ڏينداسين، پر اها جاءِ هٿان نه وڃي... سائين جهان ۾ جيڪو هلي ٿو ته اسين ان جهان ۾ ئي ته رهون ٿا... جيترو گهرن ٻڌائجو... ارينج ڪري وٺبو... مٿان وري اوهان به جي زور ڏيندو ته مڙئي ٿوري ۾ جان ڇٽي ويندي...“

    سڀ ڪجهه ڌنڌلو ٿي ويو آهي عزيزانِ مَن... هنن غلط نياپن... هنن عجيب سلوڪن روح تي ڏکن جي وڻ ويڙهي چاڙهي ڇڏي آهي، ڏيتي ليتي جي جهان ۾، اسان کي سڪي جي خبر ته پئي ٿي... گناهه ثواب جي ڏيتي ليتيءَ جو ڪو فڪر ئي ناهي... اسين رڳو جملن جا ٺهيل آهيون ۽ بس... ڇا ان کان وڌيڪ هاڻي اسان وٽ ڪجهه به ناهي بچيو... ڇا هاڻي اسان وٽ پنهنجي پاڻ پروردگار وٽان وٺڻ لاءِ صرف ”ليتي... ليتي“ ئي آهي... سندس حضور ۾ حاضر ڪرڻ لاءِ ڇا اسان جا هٿ خالي ٿيندا ٿا وڃن...؟ ڇا اسين، سندس حضور ۾ به، بنان ڪجهه سوچڻ جي، ائين غلط فارورڊ ڪيل نياپي وانگر روانه ٿي وينداسين...

    mehmoodmughal@hotmail.com
     
  4. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم محمود مغل جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    حرفِ اضافَت




    آچر 18 جولاءِ 2010ع



    چماٽ جي آواز سان، گهٽي گونجي وئي هئي ۽ کل جا ”ڪوڪرا“ وڌيڪ بلند ٿي ويا هئا.

    ڌڪَ جي شدت زور هئي ۽ اهو عمل، ائين ڪافي دير کان جاري هيو.جنهن کي جتان وس لڳو پئي، ”ڪو پريءَ“ تي ڌڪ هڻي پئي ڪڍيائين، هيل تائين لڳندڙ چماٽن ۾ هيءَ چماٽ ”سوائي“ هئي... اصل ۾ڌڪ هڻندڙ به ”پورو مزو“ وٺڻ پئي گهريو. ڇاڪاڻ ته جيتري شدت سان، هنيو پئي ويو، اوترو ئي گهڻو ”گهُچ“ ٿئي پيو... ۽ فٽبال جي بال جيان، واپس ڦوڪجي، سڀ ٺيڪ ٿي پيو وڃي، ڌڪ کائيندڙ، پاڻ به ان ”مذاق مستيءَ“ کان واقف هئو. سندس واتان، گٿن لفظن جي ”ڌم“ جاري هئي، جيڪي کِلَ جي ۽ هوڪرن جي آواز ۾ دٻجندي ٿي ويا. هر لڳندڙ ڌڪ سان، هو ڌڪ جي ”ڊائريڪشن“ ۾ گهمي رهيو هيو ۽ ان ”طوفانِ بدتميزي“ جو زور وڌي رهيو هيو.

    سڀ کان عجيب سندس هيئت هئي، ڊگهي قد ۽ ڀريل بت تي، سندس چهرو ۽ مٿو، بنهه ننڍا هئا ۽ پويان ”اڙي چُو هو، اڙي چُوهو“ جا آواز به بلند ٿي رهيا هئا. ڪجهه به هيو اها ان وقت جي سچائي هئي جو سندس چهري ۽ جسم جي نسبت برابر نه هئي هو. ”کل ۽ مسخري“ جو سبب بڻيل هيو... مڪمل جسمن ۽ آسودگيءَ وارن وجودن وٽ، ”معذور“ بڻيل هيو... جنهن جي عذر کان هنن ڀرپور لطف وٺڻ پئي گهريو... دنيا ائين ئي آهي عزيزانِ مَن... جنهن کي، جيڪي ڪجهه ”عطا“ ٿئي ٿو، سو ان کي پنهنجي ”ذاتي ملڪيت“ سمجهي ٿو. ”مان“ جي صيغي جي استعمال، حياتيءَ کي الاءِ ڇا بڻائي ڇڏيو آهي... پروردگار جي مهر سان، هٿ پير سلامت ملن ٿا، انهن جي نسبت برابر هجي ٿي، خدانخواسته ڪو نقص نه ٿو هجي ته خالي کيسي تي به، ”بي عيب“ هجڻ جو خيال ئي عجيب هوندو آهي... ”بي عيب“... جيڪا صرف رب مٺڙي جي ذات ٿي سگهي ٿي... انسان پنهنجي جسماني برتريءَ کي هٿ ٺوڪئي زعم ۾ الاءِ ڇا سمجهي ٿو ويهي... ۽ ان ئي زعم ۾ هو رانڀوٽا ٿو هڻي، چنبا هڻي ٿو لفظن جا... ٻين کي گهائل ڪندي، لولو... لنگڙو... انڌو... ٻوڙو... اپاهج..معذور... ۽ الاءِ ڪهڙا ڪهڙا لفظ استعمال ٿو ڪري. لفظ ڇا پنهنجي هٿ جي کڄڻ جي استعمال کان به نٿو مڙي... وڏي مَڳي ۽ وڏو هَٺ کڻي ٿو گهمي... هر ان دولت تي اختيار جي دعويٰ ٿو ڪري جيڪا سندس ازل ابد کان آهي ئي ڪانه...

    اچو ٿورو غور ڪيون ٿا....ڪهڙي شيءَ اسان جي پنهنجي آهي...جسم جو ڪهڙو حصو آهي، جيڪو اسان جو ذاتي آهي ۽ اسان پاڻ ٺاهيو آهي... نه اسان کي پنهنجي ڄمڻ تي اختيار آهي نه پنهنجي مرڻ تي... نه پنهنجي جسم ۾سوڄ کي روڪي سگهون ٿا نه ڪنهن به عضوي جي ننڍڙي ٿيڻ يا سيلن جي ”سُسڻ“ کي روڪڻ جي قدرت اسان وٽ آهي... جي ڪو سسٽم خراب ٿو ٿئي ته رڙ پئي ٿي پوي... عمر جا بهانا ڏئي نظر جي خراب ٿيڻ جا عذر ”تراشيون“ ٿا... جي ٿين ٿا ڪن خراب، ته به ذڪر ان ئي پيريءَ جو ئي ٿئي ٿو... هٿن ۾ ڏڪڻي، جسم جي ڪمزوري ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه ڇا صرف عمر وڌڻ ساڻ ٿئي ٿو؟ ڇا، ڪڏهن به، ڪنهن به وقت، ڪٿي به خدانخواسته اهو سڀ نه ٿو ٿئي سگهي!، ڇا هر شيءِ هميشه سلامت رهڻ لاءِ ٺهي آهي؟

    اسين سڀ ڄاڻون ٿا صاحبانِ زمانه، پر ته به اسان جي زبان ۽ عمل جو ”نشتر“ پنهنجو چڀڪو نه ٿو وڃائي... ڪنهن به عيبدار وجود کي، اسين هيٺ ڪرڻ ۾ دير ئي نه ٿا ڪيون... اسان مان ڪيترا ته کين سڏيندا ئي ان عيب ساڻ آهن... ۽ مٿان وري ”اڙي“ جو لفظ، حرفِ اضافت هوندو آهي... اڙي ٻوڙا، اڙي انڌا... ته اسان وٽ عام آهي.

    درد جي هن صورتحال کي صرف اهي سمجهي سگهن ٿا، صاحبانِ عقل و علم... جن وٽ پاڻ وٽ گهر ۾ اهڙو فرد موجود آهي... يا وري خدانخواسته هو پاڻ ڪنهن نقص جو شڪار هجن ٿا، دنيا ۾ اهو سڀ گهٽ آهي، تنهن ڪري ”ڪر وفر“ جو جهان وڌيڪ آهي ۽ شايد اهو به هڪڙو اهم سبب آهي جو سلوڪ جو زهر، اڃا تائين پنهنجي لاءِ ”ترياق“ پيدا ڪري ناهي سگهيو...

    جسم ۾ جي خدانخواسته ڪو نقص هجي نه عزيزانِ من... ته وجود اعتماد وڃائي ويهندو آهي، اهو اعتماد، جيڪو عام حياتيءَ ۾ اساسي حيثيت رکي ٿو، جنهن جي هجڻ ساڻ، ماڻهو ناممڪن کي ممڪن ڪري ڏيکارڻ جي طاقت ساڻ رکندو آهي. اهو اعتماد ئي هوندو آهي، جو اک ...اک ۾ وجهي جواب ڏبو آهي... ڪنڌ کڄيل هوندو آهي ۽ ارادا پختا هوندا آهن... هاڻي جي اهو اعتماد نه هجي ته حياتيءَ جو ڪاروهنوار ۽ حيثيت ته سمجهي سگهو ٿا نه...

    اهو سڀ ائين هوندي به، الاءِ ڪيترا وجود، دورنگي دنيا ۾ گهڙي پوندا آهن... کين ڄاڻ هوندي آهي ته، جهان ۾ ٺٺول، کل ۽ رئونشي جو رنگ چوکو آهي... پنهنجو دامن سنڀالي ۽ همٿون ميڙي ۽ پنهنجي عيب کي لڪائيندي، هڪ طويل سفر سندن منتظر آهي، اتي اهو سمجهڻ به ضروري آهي ته انهن حالتن ۾ اهي، پنهنجي اعتماد کي ٻيڻو... ٽيڻو ڪري، ٽپي پوندا آهن... پر ڪڏهن ڪڏهن، ڪو هڪڙو، هلڪڙو جملو، ڪا ننڍڙي ڳالهه، سندن ذات جي ”آبگيني“ کي ڦيهي وجهندي آهي... سڀ ڪجهه ڀور ڀور ٿي ويندو آهي، جوڙڻ وارا ته وري جوڙي وٺندا آهن پر اڳوڻي جوڙجڪ ورلي ملي سگهندي آهي.

    مٿان وري هستيءَ جي هڪڙي ٻي هيٺانهين به ڏسي ٿا وٺون... اسين جڏهن، پنهنجي پورين ڪوششن کانپوءِ به، انهن سان پڄي ناهيون سگهندا ته کين هڪدم پنهنجي عذر جو طعنو هڻندا آهيون، عرض ڪيم نه... اهو حرفِ اضافت... هڪدم وات مان نڪري ايندو آهي، جيڪو دراصل ته اسان جي معذوري ظاهر ڪندو آهي...پنهنجو وزن وڌائڻ لاءِ، اسين هنن کي بي وزنو ڪرڻ گهرندا آهيون ۽ نتيجي ۾ اسان جو قد ڪري پوندو آهي... اسان جي ”نه پڄڻ“ جي معذوري ظاهر ٿي پوندي آهي...

    ابتدا ۾ عرض ڪيوسين ته معزز خواتين و حضرات... ته ڪجهه به پنهنجو ناهي... نه سماعت نه بصارت... نه حرڪت...نه طاقت... بس... اها اجائي هوڏ ئي پنهنجي آهي... جنهن جو انت بظاهر ڪو چڱو ناهي... پر جي اها هوڏ، مدد ۾ منتقل ٿئي ته ڪمال ٿي سگهي ٿو.

    امتحان ۾ ڪجهه ڏينهن هئا، فائنل هيو... چئن سالن جي ”مٿا ڪُٽ“ جو آخري حساب ڪتاب سامهون هيو... منهنجي هڪ بي انتها ذهين شاگرد نياڻي، باٿ روم ۾ سلپ ٿي وئي ۽ هڪ لحظي ۾ سندس ٻئي هٿ ڪَراين وٽان ٽٽي پيا... الله اڪبر... هڪ لمحو ۽ بس... ٻئي هٿ جهڙا هئا ئي ڪو نه... ڪجهه ڪلاڪن ۾ ٻنهي ڪرائين تي پلاسٽر چڙهي ويا... ۽ هلاکي سامهون اچي وئي... سڀ ڪجهه جهڙو پنڊ پهڻ ٿي ويو، پر سندس حوصلو، هڪ جاءِ تي نه بيٺو. هن همٿ جهلي... خاص اجازت ورتي ۽ ان حالت ۾ امتحان ڏيندي، جواب لکرائڻ جي اجازت وٺي، بهترين نتيجا حاصل ڪيا، ڪجهه مهينن جي ان سفر ۾، هن ساٿ جي قيمت سمجهي ورتي هئي، حوصلي ڏيڻ ۽ ڏيارڻ جا نڪتا کيس سمجهه آيا هئا ۽ ماڻهن جو سلوڪ بابت به کيس گهڻو ڪجهه ڄاڻ ۾ اچي ويو هو...

    اڄ، خواب نگر ۾ لفظن سان کيڏندي، احساس جا ڇيڙا ملائيندي، روح ملول آهي، ان چماٽ جي بازگشت گونجي پئي ٿي، پنهنجو مٿو به ائين ئي ٿو لڳي ڄڻ، زور پوڻ تي اندر ٻاهر ٿيندو هجي... پر اتي، اهي پلاسٽر ۾ جڪڙيل اهي ڪرايون به ياد اچن ٿيون، جن ڏڍَ ۽ ساٿ جي سهاري معرڪا سر ڪيا هئا...

    حرفِ اضافت، جي استعمال کي گهٽ ڪري، اسين دل جو درد گهٽائي سگهون ٿا، عزيزانِ مَن... جي ڏئي نٿا سگهون ته ڏکوئڻ کان به پاسو ته ڪري سگهون ٿا نه..بيوسيءَ جي هن جهان ۾ جڏهن ڪا به ”قدرت“ پنهنجي هٿ ناهي ته اهو سڀ ته اسان سان به ٿي سگهي ٿو... جي ”هُو“ اسان کي ان جاءِ تي رکي ها...ته ڇا محسوس ٿئي ها... ڇا اهو ڪڏهن اسان سوچيو آهي، ڇا ان ساعت ۾ اسان کي اهو لب و لهجو... اهو انداز، ايترو وڻي ها، جيڪو هاڻي وڻي ٿو...؟

    mehmoodmughal@hotmail.com
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو