محترم محمود مغل جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

'سنڌي ادب' فورم ۾ عبدالوهاب طرفان آندل موضوعَ ‏6 آگسٽ 2010۔

  1. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم محمود مغل جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    هڪڙو هيو انور سولنگي!




    آچر 6 اپريل 2008ع



    محترم انور سولنگي صاحب جن به، جمعي جي ڏينهن سخي حسن جي قبرستان ۾ پنهنجي جاءِ وڃي ورتي. ٻن والن جي پلاٽ تي نيٺ هنن پنهنجي سڄي ڄمار جي ڪئي ڪمائي وڃي ڪٺي ڪئي.

    انا الله و انا اليه راجعون...

    هڪ دفعو ٻيهر، اخبارن ۾ سرخي جو هڪڙو جهان آباد ٿيندو... سندن وفات کي ”ناقابل تلافي“ نقصان ڄاڻايو ويندو، اهو به ٻڌايو ويندو ته هنن جي جاءِ ڀرڻ هڪڙو ڏکيو عمل آهي... ڪجهه ڏينهن قصا ڪهاڻيون هلندا ۽ نيٺ وري ڪارِ جهان دراز ٿي ويندو... وقت جي لَٽَ هن قضئي کي به ڍڪي ڇڏيندي...

    ائين ئي ٿيندو عزيزانِ من ۽ ائين ئي ته ٿيڻو آهي... ان ۾ ڪهڙي فارسي آهي...؟ انسان آهي، ان کي دنيا جي گولي تان به گُم ٿيڻو آهي ۽ دل جي ڦرهي تان به مٽجڻو آهي... ان ۾ ڪو سنئون فسانو ته ڪونهي... پر سولنگي صاحب جهڙا ماڻهو ايڏي سولائيءَ سان وقت جي ”رٻڙ“ هٿان نه ٿا ڊهن...

    گذريل ڏهن سالن دوران، مون چار دفعا هنن کي ”پرک“ ۾ رڪارڊ ڪيو، پهريون دفعو هو بنان ”اسٽڪ“ جي آيا هئا، تڏهن اڃان اهو رڪشا وارو حادثو سندن حياتيءَ ۾ ڪو نه ٿيو هو... ۽ پويان ٽئي موقعا، سهاري سان هلندي، هن سلڇڻي اداڪار سان ”آن ڪئيمرا“ طويل ملاقاتون رهيون... هر واري سندس ذات جو ڪو نه ڪو سنئون عڪس ضرور کلندو هيو پر هڪڙي ڳالهه جيڪا سدائين اندر ۾ هُرندي رهي ته انور صاحب گهڻو ڪري، گهڻن ماڻهن کان ناراض رهندو هيو. سندس ذاتي چواڻي ته ”مان ڪمپرو مائيز نه ٿو ڪري سگهان... ڪم جي وٺڻ لاءِ ڪم جي هلڻ لاءِ ٺاهه ڪرڻ منهنجي طبيعت ۾ ناهي. الله سڀني کي خوش رکي... جي ڪم ڏين ٿا ته سندن مهرباني... ڀلا جي نه ٿا ڏين ته ڀائو... در ته مان به وڃي ڪو نه جهليندو مان...“

    هاڻي هن دنيا ۾ جنهن ۾ تيز ”ڪوڙيون“ رو شنيون، چهري تي لڳل ”پفنگ“ جي مدد سان، حسين و جميل عڪس چٽين ٿيون، اهي ناراضگيون، اهو خود دار رويو ۽ اها ائپروچ گهڻن کان ڪٿي ٿي برداشت ٿئي؟...

    محترم محمد بخش سميجي جي وڃڻ کانپوءِ ته ”راڪاس“ اڃان به وڌيڪ وراڪا ڏيڻ لڳو هو... ائين ڪو ناهي ته پروڊيوسر رڳو خوشامدون پسند ٿا ڪن، يا منٿ ميڙ ۽ اعتقاد ۽ اعتماد ٿا رکن... الاءِ ڪيترا مهربان اهڙا به آهن، جيڪي ڪا به ”ڪاسٽنگ“ ميرٽ کان سواءِ نه ڪري سگهندا آهن... ۽ هونئن به هر اها ”پراڊڪٽ“ جيڪا عوام تائين پهچي ٿي. ان ۾ جي ميرٽ جو خيال نه رکيو ويندو ته لازمن پنهنجو نالو به ٻين نالن سان گڏ ٻڌندو... پر اهو سڀ هوندي به ڪٿي ڪٿي ”ڪن لاٽار“ ٿي به ويندي آهي... ۽ هونئن به هر ڊرامي ۾ هر ماڻهو ڪاسٽ ٿيڻ ته تقريباً نا ممڪن به هوندو آهي.

    انور سولنگي صاحب کي ٻي وڏي شڪايت پنهنجي اعزاز و احترام کان به هوندي هئي. ”پرائيڊ آف پرفارمنس“ ملڻ کانپوءِ ڇا ڪاڻ ته هڪدم سندن ڪيٽيگري ”پي پي“ ٿي وئي هئي ته کين ڪم ملڻ گهٽجي ويو هو... پروڊيوسرن جو خيال هو ته بڪنگ ۾ ڇا ڪاڻ ته هڪڙو وڏو امائونٽ، مرڪزي اداڪار جو حيثيت ۽ پي پي ڪيٽيگيريءَ واري کي ڏيڻو پوندو ته لازمن ”بجيٽ“ جو ڪجهه ڪرڻو پوندو... ۽ شايد اهو ئي اهم سبب هيو جو انور سولنگي صاحب ڪرسيءَ تي ويٺي، پنهنجي مخصوص انداز سان اسٽڪ لوڏيندي اظهارِ خيال ڪندو هو... ”اعزاز به ڪمال آهي هتي سائين... تنهن کان ته ڏين نه ته چڱو... شل نه ڪيٽيگري وڌي... ڪم ملڻ جهڪو ٿي ويندو... ماڳين ڪٿي ڪٿي بند به ٿي ويندو... هاڻي هنن کي ڪير سمجهائي ته بابا... رڌڻو اهو ئي ساڳيو آهي... گهر جون ضرورتون وڌن ٿيون، گهٽجن ڪو نه ٿيون... اسان جهڙن جو آسرو به بس ڪم تي ئي آهي. ڪجهه ملندو ته چلهو به ٻرندو... پر سائين... هاڻي ڪنهن ڪنهن کي سمجهايون ۽ ڪيترو سمجهايون...؟“

    هو بيحد خود دار انسان هيو... الاءِ ڪيتريون ڳالهيون ”پي“ وڃڻ ته ڄڻ سندس فطرت ۾ شامل هوندو هيو، پر وري به جي ڀڙڪو آيو ته سولنگي صاحب کي ليکا چوکا ڪرڻ ايندا هئا. ...

    سندس جونيئر جي حيثيت سان هن سان ملاقاتن جو سلسلو، تقريباً ٽي ڏهاڪا هليو... ٽي وي تي ”سميجو ڪئمپ“ ۾ جتي ٻيا سڀ موجود هوندا هئا، اتي اسين به ڪنهن نه ڪنهن ڪنڊ پاسي کان موجود هوندا هئاسين... منهنجي ڪجهه سولو ڊرامن ۾ ته هنن ڪم ڪيو ۽ صلاح سنئين سڌي سميجو صاحب کان ورتي، پر جڏهن منهنجي سيريل ”نوري ڄام تماچيءَ“ ۾ هنن نوريءَ جي والد جي ڪردار ۾ انگ ڀرڻ لاءِ حامي ڀري ته وڌ کان وڌ سوال هنن مون کان ئي ڪيا... ڪردار، ڪردار جو گيٽ اپ... سندس لب و لهجو... اٿڻي ويهڻي... انهن سڀني جي نسبتن سان، الاءِ ڪيتريون ڳالهيون سندن هنئين ۾ هرنديون هيون... ياد اچيم ٿو ته ڪردار جي مٿي تي پائڻ واري ٽوپيءَ، ڪپڙي لٽي، بوڇڻ وغيره جا الاءِ ڪيترا سئمپل، هن پائي ڏيکاريا... گهٽ ۾ گهٽ مون لاءِ اهو پهريون تجربو هيو ته ڪو به اداڪار، پنهنجي ڪردار لاءِ ايتري مٿا ڪُٽ ڪري... ۽ ياد جي دري کلي ٿي ته هڪڙو لمحو اهو به ياد اچي ٿو، جڏهن هڪ جڳ مشهور اردو چئنل لاءِ هن خادم جي تحرير ڪيل سيريل ”عشق آتش“ ۾ سندس ڪجهه رڪارڊنگس ڏسڻ مان به ويو هئس. اسان جي هڪ ”وڏي اداڪاره“ ان سيريل جي پروڊيوسر ۽ ڊائريڪٽر هئي... سيٽ تي ڪم تيزيءَ سان هلي رهيو هيو ۽ پريان ورانڊي ۾ هڪ صوفا تي ويٺي، سولنگي صاحب پنهنجي اندر جو درد اوتي رهيو هيو ”هي ڪم آهي... هان... هي ڪم جو ڪئليبر آهي؟... جي مجبوري نه هجي ته مان ته هتان ئي هٿ ڪڍان... نه ڊي آر آهي نه سي آر... بس وٺ وٺان آهي... هڪڙي سين جي موڊ مان اڃان نڪرون ئي ڪو نه ٿا ته ٽي ٻيا سينز منتظر آهن... لائنون ڪنهن کي ياد ناهن... لوازمات لاءِ ڪير سوچي نه ٿو... توهان ڊائريڪٽر کي سمجهايو... توهان رائٽر آهيو... ائين ڪم ٿيندو آهي ڇا؟...“ مٿان وري ڊائريڪٽر ۽ پروڊيوسر صاحبه جا پنهنجا مسئلا هئا... مون هن سان خد بحث نه ڪيو پر بهرحال جنهن جا پئسا هوندا آهن، شايد ان وٽ ”اثر رسوخ“ به وڏو هوندو آهي... ان مهل، انهن گهڙين ۾ مان اتان روانو ٿي ويو هئس ۽ ڪجهه عرصي کان پوءِ جڏهن سولنگي صاحب سان ملاقات ٿي هئي ته سندن نگاهه شڪايتن سان ڀريل هئي پر سندن چپن شايد هاڻي ”اظهار نه ڪرڻ“ جي قوت سمجهي ڇڏي هئي.

    پنهنجي اسٽائل ۾ هڪڙو ڪمال هوندا هئا سولنگي صاحب... ڌيمو لهجو... جيڪو پائدار ٿيڻ ۾ دير نه ڪندو هو... منهن تي ايڪسپريشنز جا اظهار جا هزارين شيڊز موجود هوندا هئا... هو واقعي ورسٽائل فنڪار هيو، جنهن کي ڪاميڊي ۽ ٽرئجڊي ٻنهين اسلوبن تي ڪمال دسترس حاصل هوندي هئي... ”بلوچ صاحب ۽ پوءِ هارون صاحب نه... مون کي ۽ مشتاق جسڪاڻيءَ کي، مزاح جي ٽائمنگ سمجهائي...“ هڪ واري هنن انٽرويو ۾ چيو هو... ”اسان جي جوڙي پوءِ ڪمال ٿي نڪتي... مکڻ خان، ڍولڻ خان جي ڪردار ۽ راڻيءَ جي ڪهاڻي ماڻهن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو ۽ اهو ٽيليويزن جي تاريخ ۾ اسان لاءِ تمام وڏو بريڪ هو... مشتاق مون کي چڱيءَ طرح سمجهندو هو... گهڻي عرصي کان ٻئي گڏ هئاسين ۽ ان کانپوءِ ته اسان کي الاءِ ڪيترا موقعا گڏ پرفارم ڪرڻ جا مليا.. دنيا ۾ اسان سان وري نور محمد لاشاري به گڏ هيو... بس پوءِ ته مزو اچي ويو...“

    سنڌي ناٽڪ جي جهان مان، هاڻي اهو مزو آهستي آهستي ختم ٿيندو ٿو وڃي... نور محمد لاشاري، مشتاق جسڪاڻي ۽ انور سولنگي جو ٽڪنڊو، هاڻي ”مرحومي“ جي صف ۾ وڃي بيٺو آهي... اها ڪيڏي نه عجيب ڳالهه آهي ته جنهن زماني ۾ سڄي عالم ۾ سنڌي ڪم جي پهچ نه هوندي هئي، مطلب... اسين صرف وطن عزيز تائين محدود هوندا هئاسين ته الاءِ ڪيترا ۽ ڪهڙا ڪهڙا اعليٰ ماڻڪ اسان وٽ موجود هوندا هئا... ڪم هوندو هو جيڪو چڙهي ٻوليندو هيو... ۽ ان کان پوءِ دورِ جديد ۾، جتي ڪي ٽي اين جي آمد کانپوءِ هاڻي سنڌي چئنلز انگن ۾ وڌي رهيا آهن ته اسان جا پرفارمر هاڻي ان ڪلاس جا نه پيا اڀرن، جهڙي اسان کي ضرورت آهي... ان جو مطلب اهو ناهي ته ڪو سڄو جهان خالي ٿي ويو آهي، پر جي سچ ڄاڻجي ته لاشاري صاحب، جسڪاڻي صاحب ۽ سولنگي صاحب جا ”ڪشر ڪشير“ به اسان وٽ هن وقت ته موجود ناهن. ايندڙ وقت لاءِ ڌڻيءَ کي پارت آهي. شهدادپور مان کنيل مٽي، ڪراچيءَ ۾ ملي وئي آهي... هڪ سدا بهار، مڪمل پرفارمر، پنهنجي زندگيءَ جي مڙني ڪاميابين ۽ ناڪامين کي ساڻ ڪري رخصت ٿي چڪو آهي... هاڻي ته بس سڀ جملا، رسمي جملا ئي لڳن ٿا... ”وٿيون، وه گاڏڙيون“ ۽ مختلف تحريرن سان گڏ، سولنگي صاحب، پنهنجي آتم ڪٿا مان به ڪيترا حوالا اتي ڪو نه ڪيا آهن... سندس تحرير ۾ اها ئي تلخي آهي، جيڪا هڪ خود دار انسان ۾ هئڻ گهرجي... ذهانتن سان ٿيل هن پرفارمر جي لهجي ۾ هڪڙي جملي جو اضافو ڪرڻ بيحد ضروري آهي. آخري ڀيرو انٽرويو ڏيندي هن چيو هو... ”وقت جي خبر ڪانهي... ڏسو ٿا نه سڀ هليا ويا. هارون صاحب... سميجو صاحب... ساقي صاحب... اسان جو به وارو اڄ يا سڀاڻي ته آهي ئي آهي... بس رڳو اها خواهش آهي ته اهو ياد رهي ته ڪو انور سولنگي به هوندو هو... دنيا دم گذر آهي سائين ڪير ٿو ڪنهن کي ياد رکي...“

    هن بي مهر جهان ۾ سولنگي صاحب به هاڻي هڪ ياد ٿي رهجي ويندو... جيڪا به شايد ڪنهن وٽ باقي بچي، باقي فن جي دنيا ۾ هڪڙو ڪتبو لڳي چڪو آهي... ”هتي انور سولنگي رهي ٿو... جنهن کي ڪم ڪرڻ يقيناً ايندو هو...“

    mehmoodmughal@hotmail.com
     
  2. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم محمود مغل جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    ”ابتي ڳڻپ“




    آچر 13 اپريل 2008ع



    محترمه سائين!

    پروردگار اوهان تي رحمتن ۽ ڪرم جي بارش اڃان به تيز ڪري، اوهان جي سربخت جو خير هجي، ڪاميابيون ۽ ڪامرانيون اوهان جا قدم چمن، اسان جهڙا مسڪين اوهان جي آل لاءِ ائين ئي دعاڳو هجن...آمين. اسان جهڙا مسڪين به ڪمال آهن قبلا، وطنِ عزيز جي ڪنڊ ڪڙڇ کي ڇاڇولي ڏسندئو ته اسان جهڙا وجود هر هنڌ ”ڍيرن“ جي صورت ۾ نظر ايندوَ...چوندا ڪونهن ته ڪڏهن ڪڏهن ته اهڙي حالت ٿيندي آهي جو ”هٿ لاءِ ته هٿ ڪارو...جي پير لاءِ ته پير ڪارو...“ مطلب جيڏانهن نگاهه ڪندؤ اسان تي ئي نگاهه پوندوَ...هاڻي رڳو ائين به ناهي ته اسان ئي اسان هجون...خيرن سان اوهان جي اوسي پاسي جيڪي به موجود آهن، سي اسان جهڙا ناهن، قدرت انهن تي مهربان آهي، سرڪاري خرچ تي ڪارِ جهان دراز آهي ۽ جيڪڏهن نه به آهي ته ذاتي مال ملڪيتون ئي هنن وٽ گهٽ آهن ڇا...؟ پوءِ به اهو وڏو الميو آهي ته اسان جهڙن جو ”تعداد“ وري به وڌيڪ آهي...بک ۽ افلاس ۽ بڇڙا حال هوندي به اسان الاءِ ڇو پنهنجي انگ وڌائڻ جو شوق رهيو آهي...عقل ۽ هوش جو ڪو نڪتو اسان الاءِ ڇو ڪو نه سوچي سگهيا آهيون...پنهنجي ”ههڙي حالن“ جا ڪجهه ته ذميوار اسين به آهيون پر جيڪڏهن ٿورو غور ڪجي ته ڇا اهي سڀ ذميوار ناهن يا ڀاڱي ڀائيوار ناهن، جيڪي اسان جي ”معاشي حالت“ تي دسترس رکن ٿا...؟

    ڳالهه کي اڳتي وڌائڻ کان اڳ محترم سائين پنهنجو پاڻ کي ٿورو واضح ڪرڻ ٿو گهران...”ڊيلي ويجز“ يا ڏهاڙين تي مان ڪم ڪندو آهيان، مزدوري، خدمت مطلب ڪجهه به...جنهن سان منهنجي هڪ سئو ستر کان وٺي ٻه سئو رپين تائين ڏهاڙي ٿي وڃي...تنهن کانسواءِ مان انهن آفيسن ۾ به نظر ايندو آهيان، جتي ڏهاڙين تي ملازمت ملندي آهي يا وري ڪنهن ننڍڙي گريڊ جي ڪا ”پڪي“ ملازمت ملندي آهي، جنهن جي ماهوار پگهار کي جيڪڏهن ڏهاڙين سان ونڊ ڪيو وڃي، ته خيرن سان ٻه سئو به مشڪل ٺهندا آهن...هلو ڀلا...کڻي ٻه سئو رپين جي ڏهاڙي مڃي وٺون ٿا، معنيٰ ڇهه هزار رپيه گهر کڻي اچون ٿا...مان ويلڊر آهيان، رازو آهيان، مستري آهيان، ڪڙمي آهيان، واڍو آهيان، ڌوٻي آهيان...مان جيڪو ڪجهه به آهيان، سڄي ڏينهن جي ”مٿي پٽ“ کانپوءِ تقريبن ڇهن کان اٺ هزار گهر ماهوار آڻيان ٿو...الله اڪبر، ٻه هزار ٻيا به وڌي ويا...؟ ها...پر انهن جا جيڪي هنن ڪمن ۾ ٿورا ”اپر ڪلاس“ آهن...اسان جهڙا ته ڇهن کان به گهٽ آڻين ٿا...جمعو سمجهو ٿا نه...جمعو معنيٰ موڪل...هلو ڀلا جيڪڏهن اها جمعي تي نٿي ٿئي ته...آچر تي ٿيندي آهي...مطلب...سرڪاري ننڍن ملازمن کي ان موڪل سان فرق نه ٿو پوي، انهن جا ڇهه هزار، ڇهه هزار ئي رهندا...اسان جهڙن مسڪينن جي ان ڏهاڙي به ”ڪٽ“ ٿيندي، معنيٰ چئن جمعن جي صورت ۾، پنج هزار، ٻه سئو رپيا ۽ پنجن جمعن جي صورت ۾ خيرن سان پنج هزار رپيا کڻي گهر جي در جو ديدار ڪندا آهيون...الا الا...خير صلا...

    هاڻي اهو سڀ رڳو ائين ناهي مٺا سائين...اسان سان ته وري ويڌن به اها هوندي آهي جو اسان جون شاديون به ننڍڙي ڄمار ۾ ئي ٿي وينديون آهن...هاڻي هڪ هڪ گهر ۾ ”لوڌ“ ٻارن جي هوندي آهي...“ تنهن کانسواءِ ”مان مريادا“ اسان کي اڃا تائين ته اهو به درس ڏنو آهي ته پوڙهن مائٽن کي ساڻ رکبو آهي...گهڻو ڪري ساڻ مڙس جا مائٽ رهندا آهن..ڪٿي ڪٿي ڪن گهرن ۾، گهرواريءَ جا مائٽ به ساڻ رهي سگهن ٿا، پر اهو گهٽ ٿيندو آهي...خير، مائٽ ڪنهن جا به هجن...اسين انهن کي اڪيلي ڇڏڻ جا قائل ناهيون هوندا...هنن کي ساڻ رکڻ، پنهنجو ڀاڳ ڀائيندا آهيون...هاڻي جي حساب لڳائجي ته اسين ٿياسين ٻه زال مڙس...اولاد جي لوڌ کي جي”مختصر“ ڪيون ته هلو ڀلا ٻه ٻار..هڪ ڌيءَ...هڪ پٽ...۽ ٻه منهنجا مائٽ...مطلب امان بابا...منهنجي گهر واريءَ جا نه سائين...منهنجا...اهي ڪل ٿيا وڃي ڇهه ڀاتي...اسان کي ته اها به پٽ پيل هوندي آهي ته ڪٿي ڪٿي، اسان جا ڀائر ڀينرون به اسان ساڻ رهندا آهن...پر بهرحال ڳالهه کي کٽائڻ لاءِ هن مهل کڻي اهو ٿا سمجهون ته اسان آهيون ئي اڪيلا....مطلب ان يونٽ ۾ ڪل ڇهه ڀاتي آهن...

    هاڻي ماڻهو آهن سائين ته اٽو، لٽو ۽ اجهو ته کپي نه...ٻاهر کُليل آسمان هيٺ ته نه ويهبو نه...هاڻي جيڪڏهن هڪڙي ڪمري وارو گهر به هجي ته ڀاڙو ته گهٽ ۾ گهٽ هڪ هزار رپين جو ته مالڪ وٺندو نه...مٿان وري محترم، پياري، عظيم الشان ”واپڊا“ لکين ڪاغذ هر مهيني موڪليندي، جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ ته ”چار انگ“ هوندا، پر جيڪڏهن هنن بنا ڪنهن ”مُڪ مڪا“ جي مهرباني ڪئي ته به گهٽ ۾ گهٽ ”ٽي انگ“ ته هوندا...مطلب...پنج سئو رپيا انهن کنيا...گئس اسان ٻاريون ڪونه...پر مسئلو ته اهو به آهي ته بنا باهه ٻارڻ جي کاڌو ڪو نه ٿو پچي سگهي، هتان هتان ”پٽَ سٽَ“ ڪري ڪاٺيون هٿ ڪيون ته به مهيني ۾ ٽن سون جون ته وٺڻيون ئي پونديون...معنيٰ ٻاونجاهه سون مان...خيرن سان ارڙهن سئو ته اتي ئي ويا...باقي بچيا رپيا ٽي هزار چار سئو...هاڻي اهي لوڏي جي اچجي ”هٽ واري“ وٽ ته ان وٽ وري ڪمال ڪهاڻي آهي...اٽو اهي ٻو سئو رپين جا ڏهه ڪلو...کنڊ پنجويهه رپيا ڪلو...چانهن جي پڙي...عام...ڇڪي ڇڪي هڪ مهيني هلڻ لاءِ سا آهي ٽيهن رپين جي...گيهه جو اڍائي ڪلو جو عام دٻو...گهٽ معيار وارو اهو ٽي سئو ٽيهن رپين جو ۽ اعليٰ معيارر وارو ٽي سئو ستر رپين جو...چانور...جيڪڏهن ٽوٽا به مهرباني سان ملن ته گهٽ ۾ گهٽ پنجويهه رپيا ڪلو ته آهن نه...داليون به گهٽ ۾ گهٽ چوويهه رپيا ڪلو ملن ٿيون...الله اڪبر...

    هاڻي هينئن ٿا ڪيون ته سائين...”وڏي خاندان“ کي ٿورو گهٽايون ٿا...ڇهه ڀاتي هئاسين نه...الاهي هئاسين...ان کي چار ٿا ڪيون...معنيٰ ٻارن ۾ به هڪڙو ٿا رکون ۽ ڪراڙن مائٽن ۾ به هڪڙو...هاڻي چئن ڀاتين وارو اهو ”عظيم الشان“ ڪٽنب ٽي ويلا ته ماني کائيندو؟ هلو ڀلا...جيڪڏهن ٽي ويلا ”عياشي“ آهي ته به ان کي ٻه ويلا ٿا ڪيون...روز جيڪڏهن هڪ ڪلو اٽو پچي...ته اهي ٿيا ٽيهه ڪلو...معنيٰ رپيا ڇهه سئو...هڪڙو دٻو گيهه جو سادو ورتوسين، ٽي سئو ٽيهه اوڏانهن لڳي ويا...چانهن جو پڙو ۽ کنڊ جا ٻه ڪلو، هڪ سئو تيرهن جو ”ڊز“ هڻي ويا...مٿان وري مصيبت اها آهي جو اها نئين چانهه به کير کان سواءِ نه ٿي ٺهي، سو کير به خيرن سان اٺاويهن رپين جو ڪلو تائين وڃي پهتو آهي...جيڪڏهن چئن ڀاتين لاءِ اڌ ڪلو به روز وٺجي ته ٿيا پندرنهن ڪلو...معنيٰ چار سئو ويهه رپيا انهيءَ ۾ لڳا...ترسو ترسو...ٿورو عرض ته ٻڌو...ڀلا جيڪڏهن وٺون ٿا ڪا ڀاڄي ته ٽماٽو آهي، پنجويهه رپيا ڪلو...هلو ٽماٽي جي ضرورت ناهي...ائين ئي سمجهنداسين ته کٽاڻ وات ۾ آهي، پر پٽاٽا، بصر، گجرون...جيڪڏهن هڪ ويلي لاءِ به وٺون ته اڌ ڪلو اڌ ڪلو ئي سهي، چاليهه رپيا ويلي تي چٽ...يا جيڪڏهن ان ڀاڄي...سڄو ڏينهن ۽ رات هلايون ته به ٻارنهن سئو رپيا مهيني ۾ اهي ويا...معنيٰ تقريبن ٻه هزار ڇهه سئو ٽيهٺ رپيا اوڏانهن هليا ويا...انهيءَ ”ڪوئڻ ڪسوئڻ“ کان پوءِ هٿ ۾ بچن ٿا ست سئو ٽيٽيهه رپيا...هاڻي سرخي پائوڊر ته ڇٽو...پر تيل صابڻ ته گهرجي نه...اتي جيڪڏهن ڪڏهن ڪڏهن چانورن ۽ دال کائڻ جو به ”جنون“ هجي ته ٽي چار سئو ٻيا ويا...جيڪڏهن بابو بيمار آهي ۽ خالي ”کنگهه کڙڪي“ جي دوا ورتي يا وري ٻار جو ڪو سرڪاري اسڪول ۾ نالو آهي ته ڪتاب ڪڙن ۾ سڀ ختم....ماڳهين جهڙوڪر بينڪن جيان مهربانن جي ”او ڊي“ چڙهي ويندي...اهو سڀ سچ اٿوَ قبلا...نه وٽ کائڻ جو اسان کي شوق ناهي...ان ڪري انهيءَ جو ذڪر عرض نه ڪيو ويو...هڏ سڏ اسان جو سلامت آهي، بيمار اسين ٿيون ڪو نه...ان ڪري دوائن لاءِ به ڪجهه ناهي چيو ويو...اسين ته بيماري جي حالت ۾ سڌو سڌو مرڻ کي ترجيح ڏيندا آهيون...ڪير پيو علاج ڪرائي، قرض کڻي...نيٺ مري به وڃجي ۽ پونئيرن جي حياتي قرض ۾ جڪڙي عذاب ڪري وڃجي...

    اها سڄي ڪٿا ان ڪري اوهان جي خدمت ۾ پيش ڪئي وئي آهي، سائين جو اسان جي اکين ۾ ڪجهه رنگ لٿل آهن...ڪجهه سٺي کائڻ جا...ڪجهه سٺي پائڻ جا...توهان ڏٺو هوندو ته مون اوهان جو هيترو مٿو کاڌو آهي پر ڪٿي به مون ڪپڙي لٽي جو ذڪر ناهي ڪيو، نه ئي گوشت کائڻ جي سڌ ڪئي آهي، ڪٿان ڪيان...بس مڙئي تن ڍڪيل آهي، الاءِ ڪيئن ٿو ڍڪجي، سو ته بس پروردگار ئي ڄاڻي...۽ هونئن به قبلا...پورت پئي ڪيئن ٿي، اهو ته سڀني جي پورت ڪرڻ وارو ٿو ڄاڻي...سڄي جڳ جهان کي مٺو رب هلائي ٿو...حياتي ڪٽجي وڃي ٿي، گوشت ۽ مرغي ويا کڏ ۾...باقي ليکا چوکا ته اوهان جي سامهون عرض ڪيا ويا آهن، اسان جي حالت ته هر روز راجيش بيديءَ جي سٽن جيان هوندي آهي:

    شام کو جس وقت، خالي هاتهه گهر جاتا هون مين،

    مسکرا ديتي هين بچي اور مرجاتا هون مين...

    هاڻي، هي سڄو عرض اوهان جي بلند اقبال لاءِ ان ڪري ڪيو ويو آهي جو اسين کوڙ آهيون، جيڪي ان عذاب مان گذري رهيا آهيون....يقين ڄاڻو اوهان جا دوست احباب ۽ ساٿي اسان کي سمجهڻ جي ڪوشش ته ڪن ٿا پر الاءِ ڇو ڪو نه ٿا سمجهي سگهن، تڏهن ته اسان جي حالت ڏينهون ڏينهن ”وگر گون“ آهي. اڄڪلهه جتي ڪٿي ”الٽي گنتيءَ“ (ابتي ڳڻپ) جو ذڪر آهي...اسان جي قوم ڏاڍي سادي آهي، سائين...هر سنئون لفظ ٻڌي، سندس وات پٽجي ويندو آهي ۽ هر دور ۾ اها جوش خروش سان ان لفظ جي پٽاڙ شروع ڪندي آهي...ڪنهن زماني ۾ هر ٻيو ماڻهو واسڪٽ پهري ”صوابديد“ لفظ ضرور استعمال ڪندو هو...آهني هٿ...ڪچلڻ...حڪومتي رٽ جهڙا لفظ شروع ٿيا آهن ته جن کي انهن جي معنيٰ به ناهي ايندي، اهي به اهي استعمال ڪندا آهن...هاڻي هلندڙ دور ۾ وري ابتي ڳڻپ کي اسين به ”الٽي گنتي“ چئي رهيا آهيون ۽ اها حالت اسان اڻ پڙهيلن جي ناهي بلڪه وڏا وڏا عالم فاضل ان ۾ شامل آهن...هر هر ٽيهن ڏينهن جو ذڪر پيو ٿو هلي...اتي خيال آيو ته هڪڙا ٽيهه ڏينهن اسان به گذاريندا آهيون...جنهن جي ”الٽي گنتي“ هر پهرين تاريخ کان هڪدم شروع ٿي ويندي آهي...سوچ آئي ته ڇو نه اوهان کي به عرض ڪجي ته سائين هڪڙو مهينو اسان جي به حوالي ڪيو ۽ اسان جي ”ابتي ڳڻپ“ ۾ اسان جو ساٿ ڏيو...“ ڏسو ته ڏينهن ڪيئن ڳڻي پورا ڪبا آهن...

    انسان پنهنجي سالگرهه تي خوش ٿيندو آهي، جيتوڻيڪ سندس کڄيل پهرين ساهه کان وٺي اها ابتي ڳڻپ شروع ٿي ويندي آهي...اسين سڀ جيڪي في الوقت زمين جي گولي تي موجود آهيون، تن جي اها ڳڻپ جاري آهي، اوهان صاحبِ مسند آهيو...ڌڻيءَ مٺي اوهان کي خوابن جا رنگ موٽائڻ جي مهلت ورائي ڏني آهي...ڪجهه اهڙو ڪيو جو اسان شعوري طور تي هر مهيني جي ان ابتي ڳڻپ مان جند ڇڏائي سگهون...محترم سائين! ڪجهه اهڙو ڪيو، جو مان بابا سائين جن کي ڪڏهن ڪڏهن ڪو ميرو کارائي سگهان...سندن دوا وقت تي وٺي سگهان...ننڍڙي اسڪول وڃي ته پنهنجي يونيفارم تي ”چٽا“ لڪائڻ تي مجبور نه هجي...۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪو هڪ ڀيرو مان به ڪو سٺو وڳو ۽ سٺو بوٽ وٺي سگهان، اهڙو بوٽ جيڪو ڪڏهن پنهنجي معاشي حالتن کي به ڏيکاري سگهجي.

    mehmoodmughal@hotmail.com
     
  3. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم محمود مغل جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    لوڏي مٺي ماءُ




    آچر 20 اپريل 2008ع



    قصو ڪجهه هيئن بيان ٿيو هو؛ ”ٻاهر کل جو ڪوڪرو هيو ۽ اندران آواز هاڻي جهيڻو ٿي رهيو هو.

    شاديءَ وارو گهر هو... رات ڪافي گهري ٿي وئي هئي...ورانڊي ۾ ڇوڪريون ڇڙيون ڪمن ڪارين ۾ مصروف هيون...ڪجهه وڳا رهيل هئا، جن تي ”ڪناريءَ“ جو ڪم ٿي رهيو هو. موسم مناسب هئي ۽ ورانڊي ۾ وري پکا به لڳل هئا... گرميءَ ۾ احساس گهٽ هيو، پر ته به الائي ڇو ننڊ به پئي آئي.

    وڏيءَ عمر جو اهو به هڪ”سڃاپو“ هوندو آهي... اهڙن موقعن تي جنهن تي سڄي”آڪهه“ اچي گڏ ٿئي، بزرگ وجود گهڻو ڪري ويڳاڻا پيا ڦرندا آهن... جي پنهنجي عمر جو ”هڪ جيڏو“ مليو ته واهه واهه... نه ته وقت کي ڄڻ بريڪون لڳي وينديون آهن...ڪرڻ لاءِ ڪو به ڪم نه هوندو آهي. جي وجهبو ڪنهن ڪرسيءَ ۾ هٿ ته ڪو نه ڪو نوجوان وجود هڪدم اها کڻي ڏيندو... ”توهان تڪليف نه ڪيو چاچا...ٻڌايو، ڪٿي رکي ڏيان...“ جي ڪو ٿانءُ ٿپو کڻبو ۽ رڌڻي تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪبي ته ڏهه هٿ اڳتي وڌي اهو وٺي ڇڏيندا. مطلب اهو وقت جو خرچ به کٽو. هاڻي اتي رڳو ننڊ ڪرڻي هوندي آهي يا ڪچهري...اتي جي ڪنهن مٽ مائٽ کي وقت مليو ته ڪچهري به ٿيندي، ڀلا جي ڪو گهوٽيتو يا ڪنواريتو ڪم کي لڳل هوندو ته بس پوءِ يا ته اخبار هوندي يا ڪو رسالو... يا وري ڪو پلنگ ۽ ان تي ورائجندڙ پاسا هوندا...هن مهل به اهڙي ئي حالت هئي...پر جيڪي ڪجهه به هو، بي لطف نه هيو. اندران لوريءَ جو آواز آيو پئي... جنهن به پنهنجي ٻار کي سمهاريو پئي، تنهن وٽ لفظن جو ڪو ذخيرو هو. هر سٽ کان پوءِ وراڻي الله، الله هو... جي عجيب لئه ڪاريءَ تي ختم ٿي رهي هئي. سندس اهو ورجاءُ عجيب هيو.. ورانڊي ۾ هڪ طرف ڇوڪرين جو گوڙ هيو ۽ ٻئي طرفان اهو آواز پنهنجو عڪس جرڪائي رهيو هو...حيرت ڪدي ۾ حيرتن جي جوت تڏهن جرڪي هئي، جڏهن ٻاهر ويٺل ڇوڪري اندارن ايندڙ لوريءَ تي کل مسخري شروع ڪئي هئي... هڪڙيءَ تال ڪڍيا هئا، پوءِ ٻي شروع ٿي هئي، تان جو هنن ڪم به ڪيو پئي ۽ جنهن مهل لوريءَ جو وراڪو آيو پئي ته هنن به گڏجي، ٻاهر اهو سڀ ڳايو پئي...قصي جي تان تڏهن ٽٽي هئي، جڏهن اندران لوري ڏيندڙ نينگري ٻاهر نڪتي هئي... کل ڪوڪري جي جهان ۾ سڀني اچي هن کي ورايو هو... مان به ڪنن تي رلي رکيو، ماٺ ڪيو پيو هئس. جملا هئا، جيڪي اوتجي رهيا هئا... ڪنهن چيو، ”راڳ پورو ڪري آئينءَ...؟“ ڪنهن جو جملو هيو، ”پٽ کي تانسين ٺاهيندينءَ ڇا...؟“ ۽ هڪڙيءَ جي آواز ۾ بيزاري هئي، ”توبهن مائي، ائين ڪير پيو ڪلاڪن جا ڪلاڪ راڳ ڳائي... الائي ڪڏهن ننڊ اچيس، توکي ته شابس آهي...“

    ٻڌڻ لاءِ ٻيو به گهڻو ڪجهه هيو سائين... پر اهو به لڳو ته ڪافي هو.... منهنجو ته ڄڻ اندر ئي سڙي ويو، پر ڪجهه ڪڇي ڪو نه سگهيس، اڄ باهه اوهان سامهون پيو ڪڍان...“

    ڳالهائيندڙ بزرگ جي ڳالهه ۾ اڀ ساهي هئي. موضوع شايد پسند وٽان نه هو، يا وري ڏک جي لهر ڪجهه وڌيڪ بلند هئي. اتي صاحبان علم و هنر اهو به فرمائي سگهن ٿا ته اتي وري ڏک ڪٿان اچي نڪتو...ته اهڙي سوچ جي جواب ۾ هن فقير وٽ عرض ڪرڻ لاءِ ڇا ٿو بچي... سوچڻ وارا ته اهو به سوچي سگهن ٿا ته سڄي دنيا اٽي لاءِ رڙيون پئي ٿي ڪري ۽ خواب نگر”لولين“ جي ڳالهه ٿو ڪري... جسم لاءِ کاڌي جي طلب به برحق آهي ته باقي روح جي کاڌي لاءِ سوچ بابت ڇا خيال آهي...؟

    جنهن مهربان اها ڳالهه ڪئي هئي، اٽي لاءِ ته اهو به پريشان هيو، پر ”حالات حاضره“ ۾ جيڪي ڪجهه وهي واپري ٿو، ان جو ادراڪ به کيس ڀليءَ ڀت هيو. سندس اهو اصرار هيو ته خواب نگر، اهڙن موضوعن جي ديوار کي به هٿ ضرور لائي. جيتوڻيڪ فرمائشي پروگرام جو پورائو ڪڏهن ڪڏهن ممڪن ٿي نه سگهندو آهي، پر پاڻ کي سمجهائڻ ڏاڍو ڏکيو لڳندو آهي، پر ڪٿي ڪٿي خيال جو رنگ ايڏو ته گهرو هوندو آهي، جو چوڻ واري جي سوچ ڪمال اثر ڪري ويندي آهي... دور جديد جي ماءُ جي ڏک اسان ٻنهي جي اندر ۾ الائي ڪيترا ”ايوان“ کولي ڇڏيا. نه ٿيندو هوندو هر جاءِ تي ائين عزيزان من...هر ڪا ماءُ بلڪل اهڙي ڪو نه هوندي، پر اچو پنهنجي اوسي پاسي نهاريون ٿا... ڇا اڄ جو ٻار پنهنجيءَ ننڊ جي آغوش ۾ ايڏي اطمينان سان وڃي ٿو، جيڪو اطمينان اسان ۽ اوهان کي نصيب هوندو هو...! جڏهن محترم مائرن وٽ به وقت هوندو هو... وارن جي تهن ۾ آڱرين جو ڇهاءُ به نصيب ٿيندو هو ۽ هڪ ”سدا بهار جهونگار“، جيڪا بلند شان ۽ عظمتن واري رب مٺڙي جو شان بيان ڪندي هئي...يا وري مٺڙي مرسل (صلي الله عليه و سلم) جي ڪا نعت جهونگاريندي هئي، يا ڪنهن بزرگ جو قصو بيان ٿيندو هو، يا هلو ڀلا...ڪي ”لوڪ ٻول“ ئي هوندا هئا، جيڪي سينه به سينه منتقل ٿيندا هئا... پر انهن جو ”لب و لهجو“ ڪمال جو هوندو هو. ڪجهه نرمي هوندي هئي، ڪجهه راحت...عجيب موسمن ۾ من جو گلاب هر رات کڙندو هو... ڇا هاڻي اهو سڀ ائين ٿئي ٿو...؟ اتي سوال پيدا ٿو ٿئي ته ڇا جي نٿو ٿئي ته ڪو لازمي ته ڪونهي... ڪهڙو فرق پوي ٿو! ته ان جو جواب بلڪل سولو آهي...فرق پوي ٿو، بلڪل پئي ٿو...اسان کي اهو سمجهه ۾ نٿو اچي... ۽ جي اچي ٿو ته شايد اسان اهو سمجهڻ نٿا گهرون...

    ننڊ به عزيزان من...قدرت جو هڪڙو ڪمال تحفو آهي، راحتن جو اهو سامان اسين پاڻ مهيا نٿا ڪري سگهون. ڀلا جي ننڊ جي گوري کائجي يا ڪا اهڙي دوا واپرائجي جيڪا آرام ڏانهن وٺي وڃي، ته اهو آرام ان آرام سان به برمئچي نٿو سگهي، جيڪو قدرتي هوندو آهي. ماڻهو ڪهڙيون ئي کڻي دوائون کائي، ڪيترو به کڻي آرام ڇو نه ڪري، پنهنجي آرام تي ڪيترو ئي خرچ ڇو نه ڪري، ”مصنوعي آرام“ اهو اطمينان نٿو پهچائي سگهي، جيڪو پنهنجيءَ ”اک لڳڻ“ جي عمل ۾ هوندو آهي.

    طبي نقطئه نگاهه کان اهو وري هڪڙو مختلف عمل آهي. اهو ضروري ناهي هوندو ته ماڻهو هڪدم پلنگ تي ليٽي ۽ کيس ننڊ اچي وڃي. اتي اهو سمجهڻ به ضروري آهي ته ائين به ٿيندو آهي، جو پلنگ تي ڪرڻ ساڻ ئي ننڊ اچي وڃي... اهي ٻه مختلف حالتون هونديون آهن. ڳالهه کي ٿورو اڳتي وڌايون ٿا... ننڊ ڪرڻ لاءِ اکيون ٻوٽڻ لازمي ناهي هوندو...ڪڏهن ڪڏهن کليل اکين سان به ننڊ اچي ويندي آهي، جنهن جي ڪري روڊ تي حادثا وڌندا آهن. ڇاڪاڻ ته هر ڏسندڙ جو خيال هوندو آهي ته ڊرائيور صاحب جاڳي پيو. جيتوڻيڪ سندس دماغ ستل هوندو آهي ۽ ان ڪري ئي اهو چيو ويندو آهي ته پئسينجر سيٽ تي ويٺل، مسلسل ڊرائيور سان ڳالهائيندو رهي ته حادثي جو خطرو ٽري سگهي ٿو.

    موٽون ٿا پنهنجي مرڪزي نڪتي ڏانهن...ننڊ جي انتظار ڪرڻ جي عمل کي يا اهي گهڙيون جنهن ۾ انسان شعور جي دنيا مان پاڻ ڇڏائي لاشعور ڏي وڃي ٿو، ان کيSleep latency Period چئبو آهي. هڪ منٽ کان وٺي هڪ ڪلاڪ تائين جي ان وقفي ۾، مالڪ مٺو جنهن مهل به مهربان ٿئي ته ننڊ جو آغوش نصيب ٿيندو آهي ۽ آرام جي راحت پلئه پوندي آهي. پهرين ان جاڳ واري ننڊ جو هڪ ڪلاڪ ملندو آهي ۽ وري گهريءَ ننڊ جاويهه منٽ... اها گهري ننڊ جنهن ۾ خواب ايندا آهن...پوءِ وري جاڳ واري ننڊ موٽندي آهي ۽ نوي منٽ وٺندي آهي...جنهن کان پوءِ وري گهريءَ ننڊ جا ويهه منٽ ملندا آهن... هڪ مڪمل ننڊ ۾، جنهن ۾ اسان ڇهن کان ست ڪلاڪ ننڊ ڪندا آهيون، اهڙا ٽي چڪر مڪمل ٿيندا آهن... اتي اها به سوچ اچي ٿي ته جي ائين وقفن سان ننڊ ٿئي ٿي ته پوءِ خواب ڊگها ڪيئن هلن ٿا؟ ته ڇاڪاڻ ته ننڊ تسلسل ۾ هجي ٿي، سو اهو سڀ ممڪن ٿي سگهي ٿو.

    هاڻي صاحبان علم و فڪر... اهم ترين ڳالهه آهي ننڊ جي آغوش ۾ وڃڻ... جي اهو عمل راحت سان طئي ٿئي ته پويان ڇهه ڪلاڪ به لطف اچي ويندو...هاڻي ننڍڙي ٻار جو ذهن ڇاڪاڻ ته ڪچو هوندو آهي ۽ اڃا نوان نوان خيال ايندا رهندا آهن ته اهڙا خوبصورت سر اهي چڱيون ڳالهيون، سدا بهار اثر ڏيکارينديون آهن...مٿان وري مائٽ جي رفاقت ته سون تي سهاڳو هوندي آهي...

    هاڻي اهو سڀ ايئن الائي ڇو نٿو ٿئي...ٻار سمهي ٿو ته ٽي وي ڏسي، ڪو نه ڪو ڀوائتو چئنل، ڀوائتا منظر سمهڻ کان پهرين سندس آڌر ڀاءُ ڪن ٿا...هلو، ڀلا جي هو کڻي ڪو ڪارٽون ڏسندو هجي، پر ته به ان ۾ ڪي نه ڪي واقعا ته هوندا نه، ڪوئي جي پويان جي ٻلي ڊوڙي ٿي ته ڇو...؟ ان جو محرڪ ٻار جي ذهن ۾ جڙ وٺي ٿو...مٿان وري انگريزي فلمون ڏسي ڏسي، پنهنجي اولاد کي بهادر بڻائڻ، سندس ٿورڙيءَ عمر وڌڻ تي اسين کيس الڳ ڪمري جي حوالي ڪيون ٿا... اڪيلائپ، خوف ۽ سوچ سندس ٺاٺا ڦيرائي ٿي... اسين کڻي ڪيترو به هن ۾ اعتماد ڀريون، پر اهو مٿان خالي ٿيندو رهي ٿو، ڪاميابيءَ ڏانهن جاري سوچ جو سفر الائي ڪيترا جهاڪا پيدا ڪندو رهي ٿو.

    هاڻ ٿيڻ ڇا گهرجي...؟ ماءُ کي موٽڻ گهرجي ۽ کل مسخري... اها ”ٽوڪ ڌناسري“ختم ٿيڻ گهرجي، جيڪا قديم اندازن تي جاري آهي. جديد ماءُ کي جي لوري نٿي اچي ۽ اهي سر کيس نٿا پسند اچن ته بهرحال هوءَ ٻار جي سمهڻ وقت هن جي ڀر ۾ ويهي ته سگهي ٿي، کيس ڪجهه ٻڌائي ته سگهي ٿي... هلو ڀلا جي قسمت سان ۽ مصروفيت جي ڪري کيس فلمي ڪهاڻين کان هٽي ڪا چڱي ڳالهه ٻڌائڻ لاءِ ياد ناهي ته هو ماٺ ميٺ‎ ۾ پنهنجو وجود محسوس ته ڪرائي سگهي ٿي. ماءُ جو ڇهاءُ ته ڪمال هوندو آهي، ننڊ پاڻ ان ۾ ننڊ ڪندي آهي...

    پنهنجي معزز مهمان جي ڳالهه الائي ڇا ڪري ڇڏيو... اهي سڀ زمانه موٽي آيا، جڏهن ”الا هو“ جو ورد عجيب انداز سان ننڊ جي ڀاڪر جي حوالي ڪندو هو. هن عمر تائين جڏهن ڇرڪن اچي پاسو ورايو آهي، ننڊ جي آغوش ۾ وڃڻ ۾ ڪا پريشاني نٿي ٿئي. ها پوءِ خواب جا ڇرڪ ورائن ته اها ٻي ڳالهه آهي... پر اسان جي نسل ۾ جي اها اطمينان جي”ٽرانسيمشن“ آهي، ته اها نشريات، اسان جي اهڙي ادي، پڦي، ماسي، ڏاڏي، ناني ۽ چاچي مامي جي ڪري آهي، جن کي لوريءَ جو هنر ايندو هو. محترم زيب عاقلي صاحب جي شايد شاعري آهي، جنهن کي محترمه روبينه قريشي ڪمال ڳايوآهي. تحت اللفظ جهونگاريندي ۽ هن ڪاغذ تي منتقل ڪندي، مڙني نيازمندين سان اهو عرض آهي ته اسان تي کلو نه...ڇاڪاڻ ته هن مهل ته اها کل ٺيڪ آهي...پر سڀاڻي اها بي خوابي ۽ بي چيني جي اولاد کي خدانخواسته ورائي وئي، ته پوءِ ڪا لوري به هن جي درد جو درمان نٿي ڪري سگهي.

    ٻچڙن جا پينگها، پٽڙن جا پينگها

    لوڏي مٺي ماءُ

    دم دم دعائون آيل اچاري، جهولا جهلائي، جيجل سمهاري

    ڏيندا سي ئي ساءُ، ٻچڙن جا پينگها، لوڏي مٺي ماءُ

    ترندا سدائين، دوکو نه ڏسندا، سير و ُسڪاري هن پار رسندا

    پختي پڪي ناءُ، ٻچڙن جا پينگها، لوڏي مٺي ماءُ!

    اڄڪلهه گهرن ۾ پينگها به ڪونهن، رکڻ جي جاءِ ئي ڪانهي، پر ٻار لاءِ اوهان جي ڪڇ کان، هنج کان، وڌيڪ ڪو به ٻيو پينگهو نٿو ٿي سگهي. جي اوهان جي هنج هجي ۽ ڀڳونتي ناواڻيءَ جي ڳايل هيءَ لوري... ته ڪمال ڪمال ”اولاد جو آرام“ اوهان جي وجود جو پينگهو به لوڏي سگهي ٿو؛

    جڏهن اسر ٿيندو ٿيندو، تڏهن صبح به ايندو ايندو، مکڻ، کير تولاءِ کڻي

    مٺو لات جيئن جيئن لنوندا، تنهنجي جهول ۾ تيئن پوندا، الا هي انار ڇڻي

    ملايون مال کاءُ، مکڻ جا ٿالهه کاءُ، گهوري ڙي گهوري تو تان ماءُ

    تڪي تڪي توکي تارا، ڪندا جڏهن مست اشارا، لڪي لڪي پائي ليئا

    تڏهن رات لوليون ڳائي، ٿڪل چنڊ کي ليٽائي، وسائي ڇڏيندي ڏيئا

    ننڊ جو نرم ڇهاءُ، کسيندي سرت سماءُ، گهوري ڙي گهوري، تو تان ماءُ!

    mehmoodmughal@hotmail.com
     
  4. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم محمود مغل جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    عيد!




    اربع پهرين آڪٽوبر 2008ع



    عيد جي ڏينهن گهڻا دڪان بند هوندا آهن. نظر ڊوڙائبي آهي ته الاءِ ڪيترا مارڪيٽ ويران نظر ايندا آهن. رڳو گهورڙيا...کاڌي پيتي وڪڻڻ وارا دوست ۽ ٻارڙن جي ٽولن، شين شڪلين وڪڻڻ وارا نظر ايندا آهن. سيڌي ڪرياني جا دڪان به ڪو ٿورو وقت ئي کلندا آهن ۽ باقي مڙئي خير لڳو پيو هوندو آهي. ان جو مطلب اهو هرگز ناهي هوندو ته اهي دڪان وري کُلڻا ناهن. عيد، باسي عيد ۽ تَباسي عيد کانپوءِ ڪارِ جهان کي نيٺ به ته دراز ٿيڻو هوندو آهي نه عزيزانِ مَن...بس نه کُلي سگهندو آهي ته اسان جي دل جو دڪان...جيڪو اسان شايد هاڻي کولڻ ئي نٿا گهرون. ائين لڳي ٿو ته بي دردي، بي حسي ۽ لاغرضيءَ جي لڳايل قُلف هاڻي زنگجي ڪروڌ کي ڀاڪر ۾ ڀريو آهي...هاڻي اهو تالو ايڏو سولو ناهي کُلڻو...الاءِ ڪهڙا ڪهڙا ڪيميڪلز کپندا ان زنگ کي رجائڻ لاءِ، ان تالي جي چاٻيءَ کي کولڻ لاءِ، جنهن چاٻيءَ کي خلوص جي ”مَٺَ“ مان تيار ڪيو ويندو آهي ۽ جنهن کي ڳولڻ ۾ به اسان کي الاءِ ڪيترا سال لڳندا...

    تقريباً پندرنهن سورنهن ورهين جي نياڻي هئي، جيڪا حادثي کان پوءِ گاڏيءَ ۾ ڦاٿل هئي. اڳئين سيٽ حادثي جي ڪري پوئتي مُڙي هئي ۽ عيد لاءِ ڳوٺ ويندڙ ان خاندان جي هن ننڍڙيءَ جون ٻئي ٽنگون سيٽ هيٺ ڦاٿل هيون...ٻين مسافرن کي هيٺ لاٿو ويو هيو...وڏو ڀاءُ هئن الاءِ والد صاحب...جيڪو به هيو ”شاڪ“ جي ڪيفيت ۾ هيو...ٻيون نياڻيون ۽ هڪ خاتون پنهنجي رت ڳاڙيندڙ وجودن کي سنڀالي رهيون هيون...پر بهرحال سامت ۾ هيون. هوش و حواس ۾ ته اها نياڻي به هئي، جنهن جون ٽنگون گاڏيءَ ۾ ڦاٿل هيون...هن خاموشيءَ ۽ بيوسيءَ سان هر هڪ ڏي نهاريو پئي. ماڻهن جا انبوهه ڪٺي ٿي چڪا هئا ۽ هر ڪنهن جي ڪوشش هئي ته جيڪا مدد ممڪن هجي، اها ڪئي وڃي.

    حيدرآباد جي ڀٽائي نگر مٿان گذرندڙ باءِ پاس تي اهو منظر جاري هو. حادثو شديد هيو، جنهن ۾ ٻه وڏيون گاڏيون آمهون سامهون ٽڪرايون هيون. ٻي گاڏيءَ ۾ به اتفاق سان فيملي ئي هئي ۽ اهي به شايد عيد ملهائڻ لاءِ ڳوٺ طرف وڃي رهيا هئا. گاڏيءَ جي حالت ته اتي به خراب هئي پر مسافرن جو بچاءُ ٿي ويو هيو...لڳو پئي ته ان ۾ ويٺل ننڍڙي ۽ ٻارڙا پاڻ کي سنڀالڻ ۾ جتن ڪري رهيا هئا. اسين ڪجهه ڊاڪٽر هڪدم ڀڳاسين. مان ڀڳل ٽٽل ڊاڪٽر جيڪو حيلو وسيلو ڪري سگهيس پئي سو سوچيم پئي. ڊاڪٽر نياز ابڙو مريضن لاءِ اڳتي وڌيل هيو ۽ روڊ تان لنگهندڙ ڊاڪٽر اياز ميمڻ صاحب به هڪدم گاڏي بيهاري ڊُڪَ پاتي هئي. ڏهن پندرنهن منٽن ۾ موٽر وي وارا به اچي ويا ۽ بهرحال ويهن منٽن کن کان پوءِ ننڍڙيءَ کي سيٽ ٽوڙي ڪڍيو ويو ۽ کيس اسپتال لاءِ نيو ويو. ان سڄي حادثي ۾ ڏوهه ڪنهن جو هيو. ان جو ڪو به اندازو نه پئي ٿيو، ڇاڪاڻ ته ٻئي گاڏيون هڪ ئي روڊ تي آمهون سامهون (Head-on) ٽڪرايون هيون ۽ ڌڪ ايترو شديد هيو جو ٻنهي روڊ جو وچ ورتو هيو ۽ آمهون سامهون بيٺيون هيون. ٿي سگهي ٿو انهن مان ڪنهن هڪ ان ون وي کي ڊبل وي ڪيو هجي...ٿي سگهي ٿو ته انهن مان ڪو هڪڙو ”ڪچو ڊرائيور“ هجي...ٿي سگهي ٿو ته ٻنهي جي غلطي هجي پر ڇا اهو نه ٿو ٿي سگهي ته اها سڄي مصيبت ڪجهه ڏينهن لاءِ ٽري سگهي، جنهن کي ”مرمت“ جو نالو ڏنو ٿو وڃي!

    ان حادثي جو سڀ کان اهم سبب اهو آهي ته روڊ اٿارٽيز مهرباني ڪندي، ڦليلي واهه تي ٺهندڙ پُل ”مرمت سببان“ بند ڪئي آهي. ڊبل وي کي ون وي ڪندي هرڪو جان ڇڏائڻ جي چڪر ۾ آهي. وڏن ٽرالرز تي پابندي لڳائي وئي آهي ۽ عام سواريءَ جي رستن تي واريءَ جا ڊمپر ۽ وڏن وڏن ”اڇن پٿرن واري ڪريش“ ڪيرائي انهن کي روڪيو ويو آهي ۽ ان مهربانيءَ جي ”عنايت“ تڏهن ٿي آهي، جڏهن عيد ۾ صرف ٻه يا ٽي ڏينهن بچيل آهن. اها هڪ اهم سڌي شاهراهه آهي معزز خواتين و حضرات...اهو سڀ جيڪي پنهنجن پنهنجن گهرن ڏانهن عيد ڪرڻ لاءِ موٽي رهيا آهن، انهن جي حالت ته ڏسو، طويل سڌي قطارن ۾ ”روزائتا“ پريشان آهن. مسافرن کي الاءِ ڪيترو طويل سفر طئه ڪرڻو پوندو؟...ٽرالرز آهن ته روڊ روڪي ٿا بيهن...ڪجهه سمجهه ۾ نٿو اچي ته ڇا ڪجي ۽ ڪيئن ڪجي...هن مسڪين کي اها خبر ناهي ته اهو سڀ ڪهڙي اداري جي ”ڪارستاني“ آهي، جو هنن ڏينهن ۾ اهو سڀ ڪيو ويو آهي...پر ڇا ان سڄي عمل کي خالي ڪجهه ڏينهن لاءِ موخر نه پيو ڪري سگهجي...! ڇا اها پُل اوچتي ڪرڻي هئي يا هاڻي وري ڪنهن ٻئي زماني ۾ ان لاءِ مٽيريل نه ملي سگهي ها؟ اندر ۾ عجيب ڄر آهي مانائتا مهربانو...رت هاڻن ٻارڙن کي ۽ پريشان گهر وارن کي ڏسي پنهنجي بيوسيءَ تي روح کي الاءِ ڇا ٿو ٿئي...بيوسي به ڪا بيوسي هجي نه...الاءِ ان احساس کي ڪهڙو نالو ڏئي سگهجي ٿو...!

    مسجد شريف ۾ ”ختم“ جي تقريب هئي، گرڊ اسٽيشن تي فون ڪري عرض ڪيو ويو ته ”قبلا“ اڄ رات تقريب آهي...ڪلام پاڪ جو ختم ٿيندو...فلاڻو فيڊر آهي...جيڪڏهن ڪرم فرمايو ته نماز واري وقت رات جو ساڍي نائين کان ڏهين وڳي واري ”لوڊشيڊنگ“ نه ڪجو، اهو عرض خالي اڄوڪي رات لاءِ آهي. سڀاڻي کڻي ڪلاڪ ڪجو...پر اڄوڪو اڌ ڪلاڪ ٽاريو...سڄي تقريب درهم برهم ٿي ويندي.“ صبح جي وقت عرض ڪيو هئم. ڪو نيڪ روح ويٺل هيو، چيائين، ”سائين رات وارا صاحب ٻيا آهن...انهن کي عرض ڪجو ۽ ياد سان ڪلاڪ کن پهرين چئجو...انشاءَ الله بتي جاري هوندي...“ رات جو اٺين وڳي عرض ڪيم، جيڪو صاحب ڊيوٽيءَ تي موجود هيو، ان پڇيو ”اوهان جو فيڊر ڪهڙو آهي؟“ ٻڌايومانس ته، چيائين ترسو مان چيڪ ڪيان...مان فون هولڊ ڪيو بيٺو هئس، هن بجلي بند ڪئي ته مون عرض ڪيو، قبلا...بلڪل صحيح سڃاتو اٿوَ...اهو ئي فيڊر آهي. ”چيائين“ ڳڻتي نه ڪيو...لائين ڪو نه ويندي...“ خوشيءَ ۾ جهومندي، عبادت جي شروع ٿيڻ مهل وڏي سرهائي محسوس ٿي پر ٺڪ ته ساڍي نائين وڳي اونداهه ٿي وئي. هلندڙ تراويح ۾ فونون گهمايم، مشڪل سان نمبر مليو ته جنهن صاحب کنيو، تنهن دٻ ئي هڪڙي ڏني ”بابا لوڊشيڊنگ به ته سرڪاري ڪم آ...اسان کان به ته پڇا ٿيڻي آهي نه...ائين ڪيئن ڏيون. آپريشن وارا چيڪ نه ٿا ڪن ڇا؟...وري منٿ ميڙ جو سلسلو شروع ڪيم، پر لهجو سخت کان سخت تر ٿيندو ويو...۽ آخر گفتگو منقطع ٿي وئي...لائيٽ جي آسري تي سڄو انتظام اندر ٿيل هيو، رش به گهڻي هئي ۽ اونداهه گهگهه...چارجر تي ڪم هلائي اڌ ڪلاڪ ڪاٽيوسين...وري فون گهمايم، عرض ڪيم سائين ڏهه ٿي ويا آهن...هاڻي ڀلا ڪو چمڪاٽ ڪيو...هن ڀيري آواز ڪنهن خزان خزان وجود جو هو، شايد درد جي لذت کان واقف هيو...هڪدم مسجد ۾ نور پکڙجي ويو...

    ڳالهه قانون کان انحرافيءَ جي ڪونهي...پر اڃان ڏيڍ مهينو کن اڳ ٻه ڏينهن ساندهه لائيٽ جي ”شيڊ لوڊنگ“ ڪو نه ٿي. حيرت جي جهان ۾ علم اهو ٿيو هيو ته شايد ڪو بالا عملدار ۽ ڪو وزير صاحب، هن علائقي ۾ دوري تي هيو...تنهن ڪري لائيٽ هر هنڌ موجود هئي ته جيئن ”عوام“ جو چهرو چڱي طرح ڏسي ڇڏجي.

    خوشين جي هن تهوار تي. جتي سڀني جو اندر ۾ هڪ خوشبوءِ اوتجي ويندي آهي ۽ هر سلام سان ”عيد مبارڪ“ جو لفظ واتان نڪري ويندو آهي، اوهان سان هي سڄو تذڪرو ڪندي هن فقير کي ڪا به شرمندگي ڪانهي. جيڪڏهن ڪا شرمندگي آهي به ته پنهنجي دل جي دڪان جي بند هجڻ جي...جتي اسين ”ٻٽي معيار“ مختلف پاليسي ۽ فضول منصوبه بنديءَ ۾ اعتبار رکون، اتي ڪهڙو عرض ڪري ڪهڙو عرض ڪجي...

    مٺو ڌڻي ڪري، سڀني جا ٻچا سلامت هجن، سڀني جون عيدون ”عيدون“ هجن پر ڇا اسين اهو سوچي نٿا سگهون ته ڪنهن جي عيد کي اسين ڪيئن ٿا ”عيد“ بڻائي سگهون...؟

    دل جي دڪان کي بند رکڻ ۾ ئي عافيت محسوس ٿئي ٿي، ڇاڪاڻ ته اتي ڪو رکيل وکر ته اسان کي نظر ئي ڪو نه ٿو اچي...سمجهه ۾ ئي ڪو نه ٿو اچي ته، جيڪڏهن دڪان کوليوسين به ته ڇا وڪڻنداسين! سوچ، سج، همدردي، مرم، شناس، ڪهل...اهي سڀ دل جا وکر آهن...ڇا اهي، محبتن جي ”پاچڪن“ ۾ محفوظ، وقت جي ”سينور“ کان بچي ويا آهن؟

    اچو...هڪڙي ڪوشش ٿا ڪيون...شناس جي ڏڪندڙ هٿن سان، دعائن جي ڦوڪَ ڏئي اها دزَ هٽايون ٿا ۽ ذميداريءَ جي احساس سان ان بند تالي کي ٽوڙيون ٿا...هڪڙو ڀيرو ٻيهر ڪاروبارِ حيات جو سوچيون ٿا...ٿي سگهي ٿو...هاڻي اهو هلي پوي.

    عيد اچي وئي آهي...پنهنجي اندر جي ”هٽ“ تي ڪجهه کڻي نڪرو...۽ عيد مبارڪ جا هوڪا ڏيو...اوهان کي پنهنجو آواز ئي عجيب لڳندو...جيڪڏهن اعتبار نه ٿو اچيوَ ته آزمائي ڏسو.

    mehmoodmughal@hotmail.com
     
  5. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم محمود مغل جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    الله تو آهر




    آچر 23 آگسٽ 2009ع



    فقير موٽي آيو آهي ۽ حاضريءَ جي قبوليت جو ”خواستگار“ آهي. حياتيءَ ۾ اهڙا انيڪ پل ايندا آهن، معزز خواتين و حضرات جڏهن درو ديوار اوهان جي ٺڙڪي جا منتظر ٿي ويندا آهن، پٽن تي ڄميل ڌوڙ ڦوڪ جي منتظر هوندي آهي، زنگ لڳل ”قفل“ نگاهه جي تيل جو طلبگار هوندو آهي، ٻه ڦڙا ڪرن ۽ چاٻي لڳي وڃي...اها چاٻي جيڪا هڻي هڻي بيهي پر قفل جو انڪار اقرار ۾ نه مٽجي...ان چاٻيءَ کي محبت جو تيل درڪار هوندو آهي، ملي وڃي ته هزار تالا کليو کيڪاريو ڇڏي. تقريبن اٺاويهه مهينن کانپوءِ ”خواب نگر“ وري موٽي پيو، غير حاضريءَ جي موسمن لاءِ ڪهڙيون ”تاويلون پيش ڪري ڪهڙيون ڪجن، ”بهانه سازي“ به هڪڙو فن ئي آهي، اهڙو فن، جيڪو هر ڪنهن جي ڪشڪول ۾ ناهي هوندو. ڪهڙو سبب ڄاڻائجي ۽ ڇا عرض ڪجي...ماڻهو ته پاڻ ئي ”عذر“ آهي، پاڻ ئي ”تاويل“. پنهنجي لاءِ بهانه گهڙڻ کان پهرين پاڻ ئي جواب جون پاڙون پختيون ڪندو آهي ته متان حاضريءَ جي وڻ تي سوال جي هيءَ لام اڀري پئي ته پوءِ کيس ڪيئن ڪٽجي...! ٻين وٽ سرخرو ٿيڻ لاءِ ڪهڙو دروازو کولجي؟ اڃا به ٿورو پرتي ٿي وڃي...سرخرو ئي ڪمال ناهي، ڪمال ان جو برقرار رکڻ آهي...اهو ڌنڌو ڪيئن ٿئي؟ نگاهه ۾ رهڻ جو فن شيشه گريءَ کان گهٽ ناهي هوندو...جڏهن اک شيشو آهي ته نگاهه کي ڪهڙو ٻيو نالو ڏينداسين...

    حاضريءَ جي هنر ۾ هوائن جي روا اوڙهڻ وري هڪڙي ٻي ڪٿا آهي. سفر تان موٽندي، جڏهن دروازا کلندا آهن ته منتظر نگاهن ۾ انيڪ سوال حاضريون ڳڻائيندا آهن. ائين ئي جيئن ننڍڙا ٻارڙا پڇندا آهن، ”منهنجي لاءِ ڇا آندو اٿوَ“؟ جيستائين زادِ راهه جو ”بجڪو“ کلي، تيستائين هڪ بي چيني، هڪ بي تابي، مستقل تال پيئي ڪڍندي آهي...هر ڪو پنهنجو پنهنجو ٽول وٺي، راضي به رضا ٿي، پنهنجي پنهنجي ڪم کي وڃي لڳندو آهي. وري به، جي نه پرچندو آهي ته پنهنجو پاڻ...الاءِ اهو سڀ وڻيو الاءِ نه...الاءِ قبول پيو الائي نه...ساهه ۾ ساهه تڏهن پوندو آهي، جڏهن سامهون مرڪ گهري ٿيندي آهي ۽ اکين جا عڪس مرڪڻ شروع ڪندا آهن.

    دنيا بي ثبات آهي، بي چين آهي، هڪ پل ۽ ٻيو پل فراموش ٿيندو رهي ٿو. اڄ، ڪالهه ۾ مٽجڻ ۾ خالي چوويهه ڪلاڪ ئي ته ٿين ٿا، جنهن مان به ڇهن کان اٺ ڪلاڪ ته ننڊ جي ”بي خبري“ ۾ ڪٽجن ٿا. هاڻي سورنهن ڪلاڪن ۾ هڪ سڄي ساري ”تاريخ“ مٽجي وڃي ٿي، جيڪا ياد به نٿي رهي. اڄ جو ”سپر اسٽار“ سڀاڻي پنهنجي نالي ”وٺرائڻ“ لاءِ ڪاغذ لکي ڏئي ته ڏئي، باقي کيس اسٽيج تي گهرائڻ لاءِ ميزبان کي هتان هتان لڪي پڇڻو پوندو آهي ته ”سائين جي مختصر بايو ڊيٽا ته ٻڌايو!“ الله اڪبر...اهو ئي سچ اٿوَ عزيزانِ من...اها دنيا جنهن جي لاءِ هيترو ڪجهه ڪجي ٿو، فراموش ڪرڻ ۾ گهڻي دير ٿي وٺي؟ جيڪڏهن وري يادگيريءَ جي ڪا ”رمڪ“ باقي بچي ٿي ته ڪيڏي نه حسين انداز سان چيو ويندو آهي ته ”ماضيءَ جو سپر اسٽار“.. هلو سائين.. لعل به لڀجي ويو ۽ پريت به رهجي وئي...مون سان ملندي ته من واهه واهه..،جي نه ملندي ته به واهه واهه...هاڻي ان ترقيءَ جي جنون ۾ ورتل دنيا کي ڇا ياد ڏيارجي ته ڪهڙا قصا ڪٽيندا هئاسين ۽ خواب نگر، ڪهڙي ڳڙکين کان ديدار ڪرائيندو هو...سفر جي شروع ڪرڻو آهي ته وري نئين سر ابتدا ڪرڻي پوندي...ائين به ته ٿيندو آهي نه ته طويل ترين غير حاضرين ۾ پويان گهر ڀاتين ۾ اضافي ٿيندو آهي...پوءِ اهي هوش سنڀالين ته فوٽو ڏسي ڏسي پيا گذران ڪندا آهن، اوچتو جي موٽ ٿي وڃي ته ماڻهو تعارف ۾ ئي پيو ”ککو وکو“ ٿيندو آهي. ”تنهنجو چاچا اٿئي...اهو فلاڻو...هو فوٽو ياد نه ٿئي...! جيڪو پاڻ روز پيا ڏسندا آهيون...؟ هاڻي اڻڄاڻ وجود اجايو پيو ها ها ڪندو آهي...مٿان وري تعارف ڪرائيندڙ اجائي نگاهه ۽ احساس جو ”داٻو“ پيو ڏيندو آهي...”اڙي چريا...وائڙو ڇو ٿي ويو آهين...چاچو ٿئي...ڀاڪر پائينس...کلي کيڪارينس...“ هڪ ٿڌو ڀاڪر، پاڻ محسوس ڪرائيندو آهي ۽ تعلق جڙجي ويندو آهي...واپسيءَ جي هن مند ۾ دعا آهي ته ڀاڪر جي گرمي گهٽ نه ٿي هجي...اهو جي ”احسان“ ٿي وڃي ته ڄڻ سڄا ڪاڄ سجايا ٿي ويندا...

    وري شروعات جي هنن گهڙين ۾ ڪجهه احساس شامل ڪرڻ بنهه ضروري آهي. وڇوڙي جي شروعات واري ڏينهن يعني گذريل مند جي آخري ڪالم ڇپجڻ کانپوءِ واري رات...آچر جي سانجهه ٿيڻ سان ئي هڪ لفافو مون کي وصول ٿيو هو. در تي بيٺل مهربان اهو فرمايو ته لفافو ڏيڻ وارو هڪدم هليو ويو هو...کولي جو ڏسان ته ادا امداد حسينيءَ جو خط لکيل هو، جنهن ۾ هن ڏوراپي جي انداز جيان سرزنش ڪئي هئي. سندس راءِ هئي ته ان انداز ۾ موڪلاڻي مناسب ناهي. هن بلڪل کليل لفظن ۾ پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو هو. اها راءِ، جيڪا ”خواب نگر“ جي ٻئين حصي لاءِ ”مهاڳ“ جي حيثيت ۽ ڇپائيءَ هيٺ آهي، ان ڪري ئي هتي ان مان ٽڪرا ڏيڻ مناسب ناهي. اهڙي حڪم کانپوءِ ۽ اوهان جي ان انيڪ صلاحن کانپوءِ به الاءِ ڇو جدائيءَ جو اهو سفر جاري ئي رهيو. نوجوان، بزرگ، دوست، صلاحو....سڀ ڪجهه نه ڪجهه ٻڌائيندا ئي رهيا. خاص طور تي نوجوان نسل جو سوال ته بس هلندو ئي رهيو...”وري ڪڏهن ٿو خواب نگر اچي...!“ هاڻي ماٺ کان سواءِ ڪهڙو جواب پلئه پئجي سگهي ٿو. هونئن به حياتيءَ ۾ جي عذر ڪجي ته الاءِ ڪيترا سوال، ماٺ جي جواب سان مطمئن ٿي ويندا آهن. هاڻي جي واپسي ٿي آهي عزيزان من.. ته اهو به ڄڻ ته نصيب جو ئي هڪ حصو آهي. ماڻهو لک مٿا ڦاڙي، رڙيون واڪا ڪري، آسمان کڻي مٿي تي کڻي، جيڪي ٿيڻو آهي...جڏهن ٿيڻو آهي...سو اوس به ٿيندو...رمضان المبارڪ جي مهيني ۾ پنهنجي ”ٺئي“ تي اچڻو هيو...ته قبول آهي، حڪم کي ٽارڻ ممڪن ناهي. منظور ميراڻي جا ٿورا، جو هن دروازو کليل رکيو آهي. هن گهر جنهن جو نالو ”ڪاوش“ آهي، الاءِ ڇو سدائين، پنهنجائپ ۽ گرميءَ جو ڀاڪر عنايت ڪيو آهي. ڪيڏي نه عجيب ڳالهه آهي ته پنهنجي هن اداري جڏهن شروعات ۾ 1992ع ۾ وکون کنيو پئي ته جون، جولاءِ جي مهيني ۾ نين ڀرتين ۾ مان به مٺي يعقوب سومري سان گڏ ڀرتي ٿيو هئس، نياز سائين اخبار واري پاسي هيو ۽ مون کي وري ڊائجسٽ ڪڍڻ لاءِ رکيو ويو هيو. نياز صاحب وارا علي قاضي صاحب وٽ ڪم ڪندا هئا ۽ مان ايوب قاضي صاحب وٽ...نئون نئون سيٽ اپ هو ۽ هڪ شماري ڪڍڻ کانپوءِ، ايوب صاحب مون کي ڪاوش ۾ علي صاحب وٽ شفٽ ڪيو هو، جتي علي صاحب پاڻ ذاتي ڪاوش وٺي، هڪ هڪ اسٽاف ميمبر کي تربيت ڏيندا هئا. مون تي به هنن نظر ڪئي، پر کين اندازو ٿي ويو ته هنن ”ترن ۾ تيل“ ناهي...اهو اندازو شايد مغل صاحب کي به ٿي ويو ۽ هن ڪاوش جي ٻئين مهيني ۽ يعني سيپٽمبر 92ع تي واپسيءَ جي راهه ۾ ئي عافيت ڀانئين. اوڻيهن سالن جي هن سفر ۾ سڌي يا اڻسڌي نموني ڪاوش سان ئي سلهاڙيل رهيو آهيان. عمرِ عزيز جي هن آخري دور ۾ ”ٺيو“ ڇڏڻ نٿو گهران...خوشي ان امر تي ٿئي ٿي ته دروازا بند نٿا ملن. علي صاحب ۽ منظور جي ٿورن کي ڳڻائڻ هن فقير لاءِ لازم آهي، جيڪي ان کي چمچاگيري سمجهن اهي ڀلي ان خاني ۾ فٽ ڪن مون کي ڪو به اعتراض نه ٿيندو.

    موضوع پنهنجا اهي ئي هوندا عزيزانِ مَن...نه ڪا سياست پاڻ کي سمجهه ۾ اچي، نه ئي ڪو ”عظيم الشان ڪردار“... مدهه سرائيءَ جي ڍڪن کان پهرين به وانجهيل هئاسين، هاڻ به صورتحال ڪجهه اهڙي ئي آهي، ها...ڪجهه ذڪر ڪرڻ گهرجي اندر جو...اندر جي وارتائن جو...ڪجهه اوڙي پاڙي جو احوال...ڪجهه حياتيءَ جي قدرن جي گفتگو...مڃجي ٿو ته مخلوق اٽي ۽ کنڊ لاءِ پريشان آهي، مڃجي ٿو ته بيروزگاريءَ جي حد اورانگهجي چڪي آهي، پر اچو...اهو به ته مڃون ته، اسان وٽ اندر جا ايوان به تيزيءَ سان خالي ٿي رهيا آهن. سڏ ورنائڻ لاءِ پنهنجي اندر ۾ ئي ڪو موجود ناهي ته ٻين کي ميار ڇو ٿي ڏجي. رستا پاڻ ئي ٻين جا کوٽي ڪرڻ ۾ اعتبار ٿا رکون ته پوءِ زماني جي شڪايتن جي ڏور ۽ ڳنڍين تي ڇو ٿا پريشان ٿيون! رڳو ”جيئڻ“ سکيو اٿئون، ”جيارڻ“ ڇو ڪو نه ٿا سکون؟ ٻاهر جي جهان جي سوچن ۾ غلطان آهيون عزيزانِ مَن...پنهنجي لاءِ ڇو ڪو نه ٿا سوچيون...پنهنجي لاءِ ڇڏي، پنهنجي باري ۾ ڇو نه ٿا سوچون...اتي اهو واضح ڪرڻ به بنهه ضروري آهي ته ”پنهنجي“ جو مطلب...”ذاتي مفاد“ ناهي، Selfishness ناهي. پنهنجي باري ۾ ان ڳالهه تي زور ڏيڻو آهي ته اسان جو پنهنجو پاڻ ”ٻئي“ لاءِ ڇا ٿو ڪري سگهي...ڪڏهن ڪنهن جي لاءِ ”ڀاڪر“ بڻيا آهيون...ڪڏهن ڪنهن جي مٿي تي جيڪڏهن هٿ رکيو اٿئون ته ڇا کيس ”ڇانءَ“ جو احساس نصيب ٿيو آهي؟ ڪڏهن جي ڪنهن سان گڏجي ٻه ٽهڪ ڏنا اٿئون ته ڇا اها کل، اها خوشي ”هٿرادو“ ته نالي لڳي...ڪٿي ڪو واعدي جو دامن تار تار ته ناهي ٿيو ۽ اسان جي ڪري ڪو ”آسري“ جو موت ته نه پيو مري نه صاحبانِ عقل و هنر...

    ياد جي دري کلي ٿي ته ڪٿي هڪ حڪايت لکيل هئي ”بغداد جي بازار ۾ برف وڪڻندي هڪ شخص هوڪو ڏئي رهيو هو...اوهان جي سر بخت جو خير هجي، ڪجهه ڌيان ڏيو، انهيءَ شخص جي موڙيءَ ڏانهن...سيڙپ ڏانهن، جيڪا تيزيءَ سان وگهري رهي آهي...“ وقت ڏانهن نگاهه وجهون ٿا ته سڀ ڪجهه تيز کان ”تيز تر“ ٿيندو ٿو وڃي. اڳي هٿ ۾ واري ترڪندي محسوس ته ٿيندي هئي عزيزانِ من...هاڻ ته ڪجهه به ڪو نه ٿو لڳي...سچ ته اهو آهي ته الائي ڪيترين گهڙين تي پنهنجا هٿ خالي ٿا محسوس ٿين، ڪجهه ڏيڻ لاءِ ئي نٿو هجي ته آڇيندي ضمير وارو ته لڄ مري ٿو وڃي.

    1430هجريءَ جو رمضان المبارڪ اچي پهتو آهي. پهرئين روزي کان وٺي عيد اچڻ تائين سرنديءَ وارا مهانگائيءَ جون رڙيون ڪندي به روز شام جو دسترخوان سجائيندا...بازار مان پاڻ موٽن يا سندن نوڪر...ٿيلها ۽ شاپرز ته ڀريل ئي ملندا...هر ايندڙ روزي جي افطاريءَ لاءِ ”توبهه“ ڪئي ويندي ته ”ابا...ڪير خريد ڪري...بازار ۾ ته باهه ٻري پئي آهي“... ۽ وري به شام جو بازار جي ان باهه جا ٽانڊا، پنهنجي دسترخواهه تي ميون جيان جرڪندا رهندا...اهو سڀ ائين ئي ٿيڻو آهي سائين...مهربان ۽ مقدس مهيني جي ابتدا ۾ اچو ته سوچيون ته ڇا ڪو ”حصو پتي“ اسان وٽان به نڪري سگهي ٿو...؟ ڇا ڪنهن جي خبر لهي سگهون ٿا ته وٽس افطاريءَ لاءِ ڇاهي؟ ڇا اهو اندازو ٿي سگهي ٿو ته سحريءَ لاءِ اٽو آهي به يا نه؟ يا وري ڪو الله جو بندو، جيڪو ازحد مستحق آهي، پر خوددار آهي، اسان جي ويجهو آهي، بلڪه اسان مان ئي آهي، ڪٿي پاڻيءَ ڍڪ سان يا ”سر روزي“سان ته پنهنجي عبادتن جي سونهن نٿو ماڻي...سندس عبادتون پروردگار قبولي، پر ڇا اسين، ڪنهن لاءِ پنج ڪلو، ڏهه ڪلو، اٽي لپ جي ڪا واهه کولي سگهون ٿا؟ ڇا اسان عزيزان منِ هن مهانگائيءَ ۾ ڪنهن ٻئي لاءِ ڪا اهڙي ”مهانگي شيءِ“ نٿا وٺي سگهون، جيڪا اسان وٽ هر ويلي تي هجي ٿي؟

    برڪت، رحمت ۽ جهنم کان ڇوٽڪاري واري هن مهيني ۾ جتي پنهنجي لاءِ گهڻو ڪجهه ڪيون ٿا، جيڪڏهن اتي ٿورو ڪجهه ٻئي لاءِ به ٿي وڃي ته روزا ڪمال ٿي سگهن ٿا ۽ عيدون، واقعي عيدون...هلو ڀلا جي ڪجهه به نه ڪري ٿا سگهون ته اچو، خالي ان جو خيال ئي سوچيون ٿا. من ڪو وڃايل ڇيڙو ملي پوي. توهان لاءِ دعائن ساڻ هي فقير حاضر ٿيو آهي. پروردگار اوهان جو ”ڏنل“ قبول ڪري ۽ اوهان تي مهر ۽ ڪرم جي بارش ڪري...مٺو رب جل شانه اها استقامت عطا ڪري ته سندس مخلوق جي خدمت ۾ اسان جو به حصو هجي آهي. آمين. واپسيءَ جي هن سفر ۾ انومانن کي ڌڪي حاضر ٿيو آهيان، الائي ڪيتريون ”مضحڪه خيز“ نگاهون دامن جهلينديون...الائي ڪيترا جملا ڪنن ۾ شيهو اوتيندا، پنهنجي بي سبب ”وڃڻ...اچڻ“ جي ڳالهه کي جواز بڻايو ويندو. پر فقير ٿورو هوش سلامت ٿو رکي. سڀ وسري ته وسري، اهو ڄاڻي ٿو ته ”الله تو آهر“ ڪري معاملات شروع ڪيا وڃن ته جيڪي عزتن جو مالڪ آهي، اهو عزتون سلامت رکندو آهي...۽ هونئن به ”مالڪيءَ“ جا سڀ حق هن کانسواءِ ٻيو ڪنهن وٽ آهن. اڳي زماني ۾، سفر تي وڃبو هو ته ڀاڪرن کانپوءِ الوداعي جملو هوندو هو ”ادا الهه توهار...“ جيڪي دراصل ڳالهائيندي ڳالهائيندي عام زبان –مروج ٿي ويو هو. وڏڙا ٻڌائن ٿا ته اهو دراصل پنهنجي رب مٺڙي تي آسري جي نشاني آهي ۽ صحيح جملو ”الله تو آهر“ آهي...خواب نگر پنهنجي سفر تي وري نڪتو آهي ۽ ڌڻيءَ جي مهر رهي ۽ نصيب ٿيو ته اهو سفر بخير ئي رهندو.

    mehmoodmughal@hotmail.com
     
  6. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم محمود مغل جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    آب ۽ اٽو




    آچر 30 آگسٽ 2009ع



    اکين جو ”آب“ نه هن جو بيهڻو هيو ۽ نه ئي مان ئي پاڻ تي ضابطو آڻي پئي سگهيس. درد جي ڪٿاهئي، جا جاري هئي عزيزان مَن...مون وٽ ڪو به درمان نه هو، درد لاءِ دارون جو بندوبست بظاهر مون وٽ نه هئو، ٽيليفون جي ٻنهي ڇيڙن تي آواز ۾ ربط نه هئو، ها ڳوڙها هڪ ”نظام“ سان مستقل وهي رهيا هئا...”صفا حالت خراب ٿي وئي هئي ان ڪراڙيءَ جي سائين.“ منهنجي مهربان ڳالهه جاري رکي هئي. ”مٿي تي هٿ ڏئي، هوءَ ٽاڪ منجهند جو ڀت جي ڇانوءَ ۾ ويٺل هئي. مون پاڻي گلاس ڏنو مانس ته ان مان به ٻه ٽي ڍڪ کڻي ڀريائين، روزو ڪو نه هئس...پر حالت روزيدارن جهڙي هئس. گهر اندر هلڻ لاءِ چيومانس ته اوڏانهن نه هلي...آخر...ائين سجهيم ته اٽي جو هڪڙو ٿيلهو اضافي پيل رهي پنجن ڪلن جو...اهو ڏيانس ٿو...ڪا واهر ٿي پوندس...اهو کڻي آيو مانس...ته خبر ٿوَ هن ڇا چيو...؟“

    ”ڇا چيائين سائين؟“ سوال ڪيم، پر الاءِ ڇو اندر کي ايندڙ جواب جي پڪ هئي، ”هن مس مس ڳالهايو ۽ چيائين هي سئو رپين وارو اٽو آهي؟...مون چيومانس...هائو...سئو رپين وارو آهي ته هڪ عجيب طرح جي مرڪ مک تي آڻي چيائين...اهو جي سو وارو به آهي ته تون پاڻ وٽ رک ٻچا...مان سڀاڻي ٻيو وڃي وٺنديس...مون ڏاڍو زور بار رکيومانس...پر ڏاڍي خوددار هئي، هوءَ سائين...چيومانس ڀلا هن جا پنجاهه رپيا ئي کڻي ڏئي وڃ...اٽو ته کڻ...ته پيار مان، ڏاڍي سڪ مان سائين هن منهنجو ڪلهو ٺپريو ۽ هلي وئي...هي ڪراڙيون...هي امڙيون اهڙيون ڇو هونديون آهن سائين...؟“ وڌيڪ ڳالهائڻ لاءِ اسان وٽ ڇا هيو؟ لفظ هئا جيڪي هيڏانهن هوڏانهن گهمندا، ”شودن“ وانگر سيٽيون وڄائيندا وڃي رهيا هئا. ڪنن ۾ الاءِ ڪيتريون آوازن جون لهرون گشت ڪري رهيون هيون. ڪجهه ٻڌو هئم ته اهو ته جنهن مهربان فون ڪئي هئي، تنهن سکر شهر مان ڳالهايو پئي. واقعو اهو ٿيو هيو ته سندس پاڙي ۾ ”ڏهه رپيا ڪلو اٽو“ وڪڻڻ وارو ”لوڊر“ آيو هو، سئو سئو رپئي ۾ مٿان کان هيٺ اٽي جا ٿيلها اڇلايا پئي ويا، ٻين ماڻهن جيان هن ڪراڙيءَ به مشڪلن ۽ مصيبتن سان ٻه ٿيلها اٽي جا ورتا ۽ اڃا ڪجهه وکون اڳيان مس وئي هئي ته ٻن موٽر سائيڪل تي، ٻه ٻه شاهينگ کيس ڦري ويا ۽ کن پل ۽ کائنس اٽو ڦري روانا ٿي ويا هئا. مون کي فون ڪندڙ همراهه جي گهر جي اڳيان گهٽيءَ ۾ ”کلئي عام“ اهو تماشو ٿيو هيو ۽ تنهن کانپوءِ جي ڪهاڻي، ڳوڙهن ۽ سڏڪن ۾ بيان ٿي هئي. قصو ڪوتاهه اهو به هئو ته اٽي جي طلب ڪندڙ ڪراڙي، وچولي مالي حيثيت جي ان مهربان کان پنج ڪلو اٽي جي ٿيلهي نه ورتي ۽ خالي هٿين رواني ٿي وئي. ڪهاڻيءَ جو انت اهو به هئو ته جڏهن هوءَ وري ”لوڊر“ واري قطار ۾ شامل ٿيڻ لاءِ وئي ته لوڊر اٽو کپائي وڃي چڪو هو. هن قصي ۾ ڪو به ”لوڻ مرچ“ ڪونهي...بس رڳو اٽو ئي اٽو آهي، هڪ عام ڪهاڻي، جيڪا ڇپجي نه سگهي، ڇاڪاڻ ته رپورٽ ڪو نه ٿي...۽ هونئن به اهڙن واقعن تي هاڻي ڪنهن جي پاپڙين کي ڇهندڙ هٿ به خالي مرڪندا رهن ٿا...آخر ڪيترا ڪنَ مهٽي ڪيترا مهٽين...ڪنهن جي ڪهاڻي ٻڌائي، ڪنهن جي ٻڌائجي ۽ ڪيتري ٻڌائجي...خواب نگر جي هنن صفحن لاءِ اوهان مهرباني ڪيو ٿا...ياد ڪيو ٿا ۽ يادگيريءَ جي حوالي سان شريڪ ٿيو ٿا...ڳالهه شڪ ڪرڻ جي ناهي...پر گمان ته اهو به ٿيندو آهي ته ڪٿي ڪو قصو جڙتو نه هجي...شهرتن لاءِ، نانءَ حاصل ڪرڻ لاءِ، ڪهڙا به ڏاڪا چڙهڻا پون ته الاءِ ڪيترا وجود ٻه ٻه ڪري چڙهندا آهن...فون تي معزز مهربان اها سڄي ڳالهه ڪئي ته ڄڻ هانءَ کي ڌڪ لڳي ويو. امڙ...ڪراڙي امڙ...ڪيئن هوندي...ڪهڙي حال ۾ هوندي. ڪيڏو نه خوددار وجود هيو...ايڏي گرميءَ ۾ ايڏي جاکوڙ سان، اهو سڀ حاصل ڪرڻ کانپوءِ وڃائي به هن پنهنجي خودداريءَ جو دامن نه ڇڏيو هو. اڃا اها سڀ سوچ ئي هئي ته هڪڙو نياپو فون تي آيو ”سائين، اڄ سکر ۾ اٽو وٺڻ ويل پوڙهي، ستر سالن جي عورت کان، اٽو گهر ڇڏائي اچڻ جي بهاني سان همراهه ويهه ڪلو اٽو کڻي ڀڄي ويو. عورت روئيندي واپس پهتي ته اٽي واري مزدا به وڃي چڪي هئي...“ ڪڙي سان ڪڙو ملي ٿو، زنجير ٺهي ٿي، صاحبان عقل و علم...ٿيو سڀ ائين ئي هو، جيئن پهرين عرض ڪري آيا آهيون. بهانو ڪهڙو به هجي، جوانيءَ هڪڙو ڀيرو وري ڪراڙپ کي ”دوکو“ ڏنو هو.

    هي سڀ ڇا پيو ٿو ٿئي؟ ٿورو ان جي تصوير ڪشي ته ڪجو...سرڪار مددي پيڪيج تحت اٽو موڪلي ٿي، جيڪو ڏهه رپيا في ڪلو جي حساب سان آهي ۽ ڏهن ڪلو جي ٿيلهي جي پيڪنگ ۾ اچي ٿي، جنهن جي قيمت سئو رپيا آهن...هاڻي پهرين ڳالهه ته اها آهي ته اٽي جي دستيابي جو مقدار گهٽ آهي، عوام وڌيڪ آهي، سامان گهٽ...مٿان وري جتي ورهايو وڃي ٿو. اتي نظم و ضبط جي صورتحال عوام جي گهڻي انگ هجڻ جي ڪري ”ناخوشگوار“ بڻجي ٿي وڃي. اسين هونئن به قطار ٺاهڻ ۾ دلچسپي ناهيون رکندا، ترتيب سان بيهندي اسان کي ڄڻ جسمن ۾ ”خارش“ ورائي ويندي آهي، پنهنجي واري جو انتظار ڪرڻ اسان مان تمام گهٽ ماڻهو سکي سگهيا آهن. هر ڪنهن کي سواءِ اجل سان ملڻ جي، ٻئي هر ڪم ۾ هڪ اجائي تڪڙ ۽ بي ترتيبي سدائين وڻي ٿي. هتي ته پيٽ جو مسئلو آهي، سو ترتيب ۽ تنظيم ڪٿان ايندي. هڪ طرف جي عوام ۾ بي ترتيبي آهي ته مٿان وري تقسيم ڪندڙ به ڪمال هنر کڻي ٿا اچن، نه وقت جي پابندي آهي نه ماڳن جي تعين جي درست حد...هاڻي اهو سڀ ته ائين ئي ٿيڻو آهي. ان سڄي قصي ۾، هڪ ڳالهه ڏاڍي اهم آهي ته جيڪي به وٺڻ ٿا اچن، اهي ”خريد“ ڪرڻ چاهين ٿا، ڪو ”خيرات“ نٿا وٺڻ اچن. سئو رپين جو نوٽ، هٿن ۾ جهليو پي لوڏيندا آهن، هن دور ۾ جتي ڏهه ڪلو جي بيگ، عام طور تي، ٽي سئو پنجهٺ رپين ۾ دڪانن تي ملي ٿي، اتي في ڪلو ”ساڍا ڇويهه رپين“ جي بچت، ڪا مشڪري ناهي. ٻڌي ليکي هڪ ٿيلهي تي ”ٻه سئو پنجهٺ رپين“ جو هڪ خاندان کي بچاءُ اڄڪلهه جي هن غربت واري زماني ۾ سمجهي سگهجي ٿو ته ڪيڏي وڏي سک جي ساهه مان اهو ڪٽنب گذرندو هوندو. جي اسان خالي اٽو ”ڦڪڻ“ جي ئي ڳالهه ڪيون ته هڪ مناسب گهر ۽ جتي ٽي ٻارڙا ۽ زال مڙس، ابو امڙ جي گڏ رهندا هجن، ته ستن ماڻهن جي ان ڪٽنب لاءِ گهٽ ۾ گهٽ پنجاهه ڪلو اٽو ته کپي ئي کپي ٿو. اهو به تڏهين جڏهن رمضان شريف جي بابرڪت مهيني جي پوئواري ڪندي رڳو ٻه ويلا ماني پچندي هجي. هاڻي جيڪڏهن حساب ڪجي ته في خاندان کي تيرنهن سئو پنجويهه رپيا، (Rs:1325) رڳو اٽي جي خرچ مان بچي سگهن ٿا ۽ ساڳئي ڪٽنب کي، ڪنهن ٻئي حساب ۾ ڪم اچي سگهن ٿا. گهڻو ڪري اهو سڀ غربت واري حصي ۾ ئي ٿئي ٿو، اهي جيڪي ڏهاڙي ڪمائين ٿا، ٺيلهو لڳائين ٿا، مزدوري ڪن ٿا، ڦيرو هڻن ٿا. هاڻي وري جيڪڏهن ان حساب ڪتاب کي ڏسجي ته اهو ته اڃا به عجيب آهي. شهرن ۾ مزدورن جي ڏهاڙي آهي ساڍا ٽي سئو رپيا ۽ ڳوٺن ۾ اڍائي سئو...مطلب شهرن ۾ 2100 هفتو ۽ ڳوٺن ۾ 1500 هفتو...جيڪڏهن مهيني ۾ پنج هفتا هجن ته مزدور شهر ۾ ڏهه هزار پنج سئو ۽ ڳوٺن ۾ ست هزار پنج سئو ڪمائي سگهي ٿو. سو به ان شرط تي ته کيس ڪو ڪم ملي. ساڳي ڏهاڙي تقريبن گاڏي واري، ڦيري واري، ٻئي عام لوڪ جي ٿئي ٿي. عام زندگي ۾ وري به جي پنجاهه ڪلو اٽو في خاندان، في مهينو سوچيون ته ساڍا ڇٽيهه رپيا في ڪلو جي حساب سان ته خالي اٽو گهر لاءِ آندو وڃي ٿو. اتي اهو به نه وسارڻ گهرجي ته عام طور مهيني ۾ چار هفتا هوندا آهن ۽ ان سچائيءَ موجب شهرن ۾ اٺ هزار چار سئو ۽ ڳوٺن ۾ ڇهه هزار رپيا گهر آڻيندو. جڏهن انهن مان اوڻيهه سئو رپيا خالي اٽي لاءِ ڪڍندا هوندا ته بالترتيب ڇهه هزار پنج سئو جي ڪمائي اجگر شهر ۾ ۽ چار هزار رپيا ڳوٺن ۾ هڪ خاندان جي اٿي ويٺي، ڀاڄي ڀتي، بيماري بڙي، ڪرائي ۽ ٻين ڪمن ۾ ڪهڙو ساٿ ڏيندا هوندا...!!

    هاڻي اها سڄي سچائي پنهنجي جاءِ تي، ڇاڪاڻ ته پورت ته رڳو منهنجو مٺڙو رب جل شانه ئي ڪري سگهي ٿو، پر سوچ ۾ اهو به اچي ٿو ته اهي سڀ محنت ڪش آهن، اڇي ڪالر وارا پورهيت آهن، ڪي ”پينون“ ناهن...پنهنجي مالي حالت تي سوچي ئي هو هٿن ۾ نوٽ کڻي گاڏي وٽ ”ڌڪن“ ۾ ڦاسن ٿا. اها هڻ وٺ اجائي سببن لاءِ نٿي ڪئي وڃي معزز خواتين و حضرات...اهو سڀ اسان سڀني معززين کي چڱي طرح سمجهڻ گهرجي. محترم رفيق قريشي صاحب جن کي پروردگار بي حد نوازيو آهي، ٺيڪيداري جو ڪم ڪن ٿا. پاڻ ٻڌايائون هڪ مزدور ڏاڍو تنگ ڪيو...روز منجهند جو ماني کائڻ گم ٿيو وڃي...ٻيا سڀ اتي ئي مان کائين...هي نواب صاحب وڃي ته گم...ٻه ڪلاڪ لڳيو وڃنس...گهر به ڪافي پري هئس سائيٽ کان...مون کي روز پئي ڪاوڙ ايندي هئي...آخر ميسن مستري سان صلاح ڪيم ته يا ته هن کي ڪڍون يا وارننگ ڏيونس...خبر ٿوَ مستريءَ ڇا چيو...مستريءَ چيو ته، سائين هي ڏاڍو غريب ماڻهو آهي، مون به سندس اها عادت نوٽ ڪئي آهي...هڪ ٻه دفعو چيومانس ته ماني ٻڌي کڻي ايندو ڪر...پر پوءِ سائين هن سان مسئلو اهو آهي ته ماني کڻي اچي ٿو نه...ته رکي...هڪ ٻه دفعو ڳنڍ کوليائين ...ڀاڄي هر ڪنهن وٽان مڙئي ڪا نه ڪا نڪري اچي پئي...ڪا ڀنڊي...ڪا توري...ڪا بصر جي ڳنڍ...هن وٽ ته ڪاريءَ وارا ڪک هجن...پڇيومانس ته بصر به ڪو نه ٿئي ڇا...چيائين...اهو به ڪونهين ادا...گهر ۾ پاڻيءَ سان ماني کائيندا آهن...پنهنجي حال کي لڪائڻ ٿو گهران...سو گهر ويندو آهي ته نلڪي مان پاڻي ڀري ويندو آهي...ان سان ماني کائي موٽ اچي ڪم تي بيهندو آهي...هتي جي رکي ماني کڻي ٿو اچي ته سڀ ٺٺوليون ٿا ڪن...هلو جي نه به ٿا ڪن...ته حالت ته پڌري ٿي پوي ٿي نه بابا سائين...ڳالهه رفيق صاحب جي اکين ۾ آب آڻي ڇڏيو...اهڙو آب، جنهن سان الاءِ ڪيترا عزت وارا وجود، اٽو ڳوهيندا آهن، اهڙو اٽو، جنهن جي ماني عجيب پچي ٿي. پنهنجي انهن ڀلي بک ڀرم جي رکندڙ عظيم ڪردارن جي خوددار حيثيت کي سلام ڪندي خواب نگر اختيارين جي صاحبن کي عرض ٿو ڪري ته ڪجهه ڪيو...ڪجهه اهڙو جو عزت و نفس جو دامن تار تار نه ٿئي...اهي جيڪي نٽهڻ اس ۾ ڏهن ڪلن جي هڪ ٿيلهي لاءِ ڌڪا، پيهه ۽ زور برداشت ڪن ٿا ۽ مٿان وري کين پنهنجي عزت به داءَ تي لڳائڻي پوي ٿي. صاحبِ حيثيت ته آهن ڪو نه جو معاشرو هنن جي دڙڪي کان ڊڄي، پر بهرحال هنن جي سڏ کي هڪڙي ذات ته ورنائي سگهي ٿي، جنهن وٽ ٿي سگهي ٿو ته هنن جي حيثيت ٻين کان به مٿانهين هجي ۽ ڇا نه حيثيت هوندي ان امڙ جي...ڌڻي در..جيڪا خودداريءَ جا سڀ درجا، ستر سالن جي عمر ۾ به ساڻ رکي ٿي، جنهن هجوم، پيهه ۽ زور باري هوندي به پنهنجي ڀرم رکڻ لاءِ اٽو ورتو ۽ جنهن کي مدد جي بهاني سان ”هٽن ڪٽن“ اسڪوٽر سوارن ڦريندي لطف ماڻيو. مان لڄ ۽ شرم کان هن آڏو ڪنڌ کڻڻ جهڙو ناهيان، سندس هٿ پنهنجي ڪلهي تي محسوس ڪندي مان سندس پير ڇهان ٿو ۽ معافي طلبيان ٿو...مائرن وٽ سڀ ڪمال هوندا آهن...اسان جا ڀڏا ۽ ارڏا ڪم به هو هڪ ”فلط“ سان ختم ڪري ڇڏينديون آهن...دل چوي ٿي عرض ڪيان ”امڙ...ارهي ته ضرور ٿي هوندينءَ، پر بددعا نه ڏجانءِ...دعا ڪر...ته اسان ٺيڪ ٿي وڃون...اسان جون معذرتون قبول ڪندي، پنهنجي دعا جي هٿن سان اسان جي پٺي ٺپرڻ نه وسارجانءِ...اسان جي ضمير ۾ اهڙي ملاوٽ اڳي ڪا نه هئي امڙ...پر هاڻي شايد اسين به، اهڙو اٽو کائي اهڙا ٿي ويا آهيون“.

    چوندا آهن ته پاڻيءَ کانسواءِ اٽو ناهي ڳوهي سگهبو...اندر جي آب سان، چاڻو ٺاهيون ٿا، من ڪا سٺي ماني پچي پوي ۽ حياتيءَ کي ذائقو نصيب ٿي وڃي.

    mehmoodmughal@hotmail.com
     
  7. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم محمود مغل جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    عبادتن جو حسن!




    آچر 6 سپيٽمبر 2009ع



    عبادتن جو حسن الاءِ ڪهڙي طرف ويو آهي. عجيب حالات آهي، صاحب زمانه....نه ڪنهن سان سور سلي سگهجي ٿو ۽ نه ئي ڪا ڳالهه اندر ۾ رکي سگهجي ٿي، ڀرجي ڀرجي به نيٺ ته ڇلڪڻو ئي آهي نه. اهو سڀ ته عام طرح سان سمجهه ۾ اچي ٿو، پر ڇلڪڻ سان ڇا ڪو سدِ باب ٿيندو...الاءِ ڪيترا خدشا گهيري ٿا وٺن....الاءِ ڪيترا پل، اپل بڻجندا هٿ ڇڏائيندا ٿا رهن. نگاهه کي منظرن جو يقين نه ٿئي ته ان کان وڌيڪ بي اعتمادي ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي. رڃ ۾ مسافر به آخري گهڙيءَ تائين ”سراب جي ڌوکي“ ۾ اعتبار تي ئي جيئندو رهندو آهي.

    ”تراويح“ جو سفر جاري هئو ۽ گڏوگڏ ”ڦٿڪي“ جو عمل به جاري هو. هر ٻن رڪعتن کانپوءِ وري نماز جي جوٽجي وڃڻ کانپوءِ جيستائين امام صاحب سورتِ فاتحه ۽ ڪلام پاڪ جو حصو پڙهي، تيستائين کيسن مان موبائيل نڪري ٿي آيا، ڌڙا ڌڙ آنڱريون، سيل فون جي ”چاٻين“ تي رقصان هيون....فٽافٽ نياپن جو سفر طئه ٿي رهيو هو ۽ جنهن مهل امام صاحب رڪوع جي لاءِ الله اڪبر جي صدا بلند ٿي ڪئي ته هڪ پل ۾ موبائيل کيسي ۾ وجهي نماز ۾ شموليت جو فرض، رڪوع ۾ هلي ادا پئي ڪيو ويو. ان سڄي ڪم ۾ بيحد مهارت حاصل ڪيل نوجوانن جو انگ ڪافي هو، مٿان وري جيئن عبادت جي هڪ حسناڪي اها به آهي ته هر ٻن نفلن کانپوءِ ”تسبيح تراويح“ پڙهڻ لاءِ ڪجهه ساعتون ملنديون رهن ته انهن ۾ به هٿن جي پاران انهن پيغامن جي تسبيح جاري هئي.شديد ترين الميو ته اهو هيو ته اهي نوجوان ته صفن مان نڪري، پويان وڃي اهو ڪارنامو ڪري رهيا هئا، پر منهنجي کاٻي هٿ تي، جيڪو نوجوان وجود، نماز ۾ شريڪ هو، اهو بنهه بي ڊپائيءَ سان هر ٻن رڪعتن کانپوءِ اتي ويٺي ويٺي ئي اهو سڀ ڪري رهيو هو. تقريبن ”صف“ جي وچ ۾ موجود هيو ۽ سڄي صف سندس ان عمل جي ڪري متاثر ٿي رهي هئي. ”طرف تماشه“ اهو به هئو ته هر نفل کانپوءِ هن اهو عمل ڪيو ۽ خوب ڪيو. نماز ختم ٿيڻ کانپوءِ مون کانئس بيحد احترام سان پڇيو ”اوهان کي ڪا ايمرجنسي هي ڇا؟ ته تضحيڪانه انداز ۾ مرڪندي چيائين ”گهر وارا پريشان هئا ته مان ڪٿي آهيان، هر هر کين پڪ ڪري پئي ٻڌايم ته تراويح ۾ ئي آهيان، ٻيو سڀ مڙئي خير آهي. هن جي پاران، ٻيو سڀ مڙئي خير هيو خواتين و حضرات، پر هر رات جو اهو تماشو ڏسندي روح کي هرگز اهو يقين نه ٿو اچي ته سڀ مڙئي خير آهي. گڙ ٻڙ آهي قبله ۽ ٺيڪ ٺاڪ گڙٻڙ آهي. انسان کي پنهنجي آئيندي مان نااميد قطعي نه ٿيڻ کپي، پر جيڪي ڪجهه نظر اچي ٿو، ان لاءِ ڇا عرض ڪجي....جڏهن مقدس ترين جاين تي اسان جو طرزِ عمل اهڙو آهي ته پوءِ عام رواجي جاين تي اسان ڇا هونداسين؟ اسان جي هن نسل ۾ جيڪڏهن ڪا ڪوتاهي اچي وئي آهي خواتين و حضرات ته ان ۾ جيترا هو ”قصور وار“ آهن، ايترا ڏوهي ته اسان به آهيون. اڳي ڪنهن وڏي ڏينهن تي، ڪنهن اهم موقعي تي ٻار جڏهن ڪا فرمائش ڪندو هو ته اها يا ته هوندي هئي گهمڻ ڦرڻ جي...يا وري ڪنهن شيءِ شڪل وٺي ڏيڻ جي...ڇيهه کان ڇيهه ٿيو ته ٻه ڦيٿي سائيڪل فرمائش جي زمري ۾ اچي ويندي هئي، جنهن جي به هلائڻ لاءِ وقت مقرر ڪيو ويندو هو. رانديڪا وٺڻ جي لازم به هوندو هو ته هڪ حد تائين...ان کانپوءِ سختيءَ سان انڪار ڪيو ويندو هو. ان انڪار جي فيصلي ۾ پيءُ ۽ ماءُ ٻئي شريڪ هوندا هئا. هاڻي ٻنهي مان ڪنهن هڪ کي خصوصن ۽ گهڻو ڪري ٻنهي کي عمومن اها خبر نه ٿي پوي ته اسان جي ٻار جي هٿن ۾ هي موبائيل فون ڪٿان آيو آهي. ماءُ پنهنجي رکيل ”وي سي“ مان وٺي ڏي ٿي...بابو امتحان ۾ سٺي پوزيشن کڻڻ تي تحفتن پيش ڪري ٿو. جيڪڏهن اهو سڀ ائين نه به هجي ته به زوريءَ به هر ٻئين ٽئين هٿ ۾ اها ”شبيهه“ مرڪندي رهي ٿي. عجيب حالت ٿي وئي آهي، خواتين و حضرات...الاءِ ڪيترا مائٽ وري اهو بهانو ڏين ٿا ته، ”سائين ڇا ڪيون!...اسڪول ۾ هر ڪنهن وٽ آهي...ٻار ٻئي وٽ ڏسي ٿو ته لازمن طلب ڪري ٿو، وٺي ته ڏيڻو ٿو پوي....ڀلا ويٺا سڪايونس ڇا؟....“ ڪجهه وري فرمايندا ”وقت ڏسو ٿا سائين...ڪيڏي نه بدامني لڳي پئي آهي....ٻارن سان رابطي ۾ رهڻ، بنهه ضروري آهي سهڻا سائين....وڏي سهولت آهي، اها...هڪدم خبر پوي ٿي ته هو ڪٿي آهي...“ بلڪل ٺيڪ آهي، هر جواز، هر دليل بلڪل ٺيڪ آهي، هونئن به بهانه ته سڀ ٺيڪ هوندا آهن...اهو عذر ئي ڪهڙو جيڪو ڪمزور ”تراشيو“ وڃي.

    هاڻي جتي ڪٿي کيسي ۾ اها معجون پيل ئي آهي، جنهن ڄڻ هڪ لحاظ کان هر ڪنهن کي تقريبن پنهنجو عادي ڪري وڌو آهي. سگريٽ ڇڪڻ وارو، سگريٽ ايترا نٿو ڇڪي، جيترا نياپا ٿو ڪري. چانهن جو عادي ڏينهن ۾ گهڻا ڪوپ ٿو پيئي ۽ گهڻا ”ايس ايم ايسز“ سندس، چانهه جي پياليءَ کي نزاڪت سان جهلڻ واري آڱرين جي ڇهاءُ سان سرجن ٿا؟ مٿان وري هزارين نياپن جي ”ڦري هجڻ جي پيڪيج“ دماغ خراب ڪري ڇڏيو آهي، پنهنجي ئي خبر نه ٿي پوي ته ٻئي جي خبر وري ڌوڙ پوندي.

    هلو، ڪجهه گهڙين لاءِ کڻي اهو سڀ درست ٿا مڃون. تسليم ٿا ڪريون ته اهو سڀ وقت جو ”تقاضو“ آهي، پر ڇا، هتي پروردگار جي گهر ۾ عبادتن جي مسلسل سفر ۾ اهو سڀ ائين جائز آهي؟ اها غير سنجيدگي، اهو هڪ قسم جو ”اندازِ مذاق“ ڇا اسان جي نئين، نوجوان نسل کي سونهين ٿو؟...اتي اهو سڀ لکڻ به ضروري آهي ته ڪيڏي ڪيڏي مهل بزرگ وجود به فون کان سواءِ نه ٿا رهي سگهن. پر پروردگار کي حاضر ناظر ڄاڻي لکجي ته اهو ”تماشو“ ته گهڻو ڪري نوجوان ئي جاري رکن ٿا. عبادتن جي قبوليت جي دعويٰ ڪو به نٿو ڪري سگهي عزيزان مَن....پنهنجا ڳجهه هو پاڻ ڄاڻي پر ڇا، ايترو سمجهه ۾ نٿو اچي ته جڏهن سندس در تي حاضر ٿجي ٿو ته ان جا آداب ڪهڙا هوندا آهن؟ پنهنجي ڪلاس ٽيچر وٽ وڃڻ لاءِ تياري سمجهائي سگهجي ٿي، شام جو ٽيوشن واري ٽيچر ڏانهن ”تيل ڦليل“ ڪري سنواري سينگاري موڪلي سگهجي ٿو ۽ پوءِ وري واپسيءَ ۾ ڪڏهن ڪڏهن اها پڇا به ڪبي آهي ته ڇا وهيو ڇا واپرايو...؟ ته ڇا، اسان ڪڏهن انهن کان حال احوال ورتو آهي ته اڄ ”تراويح“ يا ڪا ٻي عبادت ڪيئن ڪئي وئي؟

    لاعلميءَ جو هڪ ”قصو“ آهي، جيڪي اسان مختلف حيلن سان پنهنجي لاءِ سوچي ڇڏيو آهي، صاحبان زمانه. قصو ڪوتاهه...نگاهه کي انهن منظرن تي رکائڻ به اسان جو ئي فرض ٺهي ٿو...ڇا ڪنهن وزير باتدبير جي سامهون به اسان جو ٻار ائين موبائيل سان کيڏندو رهندو؟ ملاقات جاري هجي...صاحب جو ڌيان سڄو هن تي هجي ۽ هو موبائيل سان کيڏندو رهي ۽ اشارو ڪئين ته ”ترس...مان هي نياپو پورو ڪري وٺان ته پوءِ ٿو تنهنجي ڳالهه ٻڌان.“ ته ڇا ٿي سگهي ٿو، اهو سڀ پاڻ ڀليءَ ڀت پروڙي سگهون ٿا.

    شڪر آهي ته هو بادشاهن جو بادشاهه آهي...شهنشاهن جي شهنشاهي کيس سونهين ٿي، معاف ڪرڻ جو هنر جيڪو هن وٽ آهي، سو ٻئي ڪنهن وٽ به ڪونهي. شڪر آهي ته انهن ڳالهين تي هو اسان جي ”پڪڙ پڇاڙ“ نٿو ڪري، پر ڇا بندي جي حيثيت سان اهو سڀ سکڻ ۽ سيکارڻ اسان جو ڪم ناهي. اڳئين زماني ۾ ڪنهن کي لڱائي چڱائي چئبي هئي ته پنهنجو پرايو، ان فڪر ۾ آزاد هوندا هئا. مثال طور جيڪڏهن پاڙي جو ڪو بزرگ، ڪنهن کي دڙڪو ڏئي، ڪا چڱائي چوي، تان جو ڌڪ به هڻي ڪڍي ته ڪو ناراض نه ٿيندو هو. ماڻهوءَ پاران ماڻهوءَ کي سمجهائڻ جو حق حاصل هوندو هو. هاڻي اهو حق ڄڻ ته رهيو ناهي. ڪنهن کي چئبو ته سوال دراز ٿيندو ”تنهنجو ڇا؟“ ڀلا جيڪڏهن ڳالهه ڪا بنهه سنجيده هوندي ته صاحب اولاد ابرو ڇڪي فرمائيندو ته، ”مان ناهيان ڇا؟....مان پنهنجي ٻار کي نٿو سمجهائي سگهان، ڇا جو تون هليو آهين؟ تون ڪو اسان جو وڏڙو آهين ڇا؟...“ هلو سائين قصو ئي ڪوتاهه ٿي ويو. اڃا تقريبن چوڏهن راتيون يا پندرنهن راتيون اسان وٽ آهن....هڪ سئو چاليهه نوافل اڃا به ادا ٿيڻا آهن. اقامتون اڃا به جڙڻيون آهن، اچو، هن طرف به نگاهه جو اعتماد ٿا واريون...هي جيڪو منظر نظر اچي ٿو، ان مان ڌنڌ کي غائب ٿا ڪيون، اچو پنهنجي اولاد کي سمجهائڻ جي ڪوشش ٿا ڪريون، لڱائي چڱائي جي موسم کي ورايون ٿا....ڌڻي مٺو ڪندو ته ڳالهه سمجهه ۾ اچي ويندي ۽ عبادتن جو حسن جرڪي پوندو....انشاءَ الله العظيم.

    mehmoodmughal@hotmail.com
     
  8. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم محمود مغل جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    چوٿون ڪٿي آهي!




    آچر 13 سيپٽمبر 2009ع



    مٺڙو مالڪ ڪرم ڪندو ۽ جيڪي ڪجهه به لکڻ لاءِ خواهش آهي، اهو سچ ئي لکرائيندو. آمين.

    نشريات جي دنيا ۾ هاڻي تقريبن اوڻٽيهه سال پورا ٿيڻ وارا آهن، هن خاڪسار کي معزز خواتين و حضرات....اسان کي اسان جي ”وڏڙن“ جيڪو سبق سيکاريو آهي، پوءِ چاهي اهو ريڊئي جو سائين نصير مرزا صاحب هجي، يا ٽيليويزن جو سائين هارون رند مرحوم ۽ سائين محمد بخش سميجو مرحوم، ڪاوش جا سائين ايوب قاضي هجن يا اسيءَ جي ڏهاڪي ۾ مهراڻ اخبار ۾ ڪم ڪندي ليڊ ڪندڙ نياز پنهور.... سڀني اهو ئي سيکاريو ته هنن جاين تي ”ادارو“ سڀ ڪجهه هوندو آهي ۽ سڄي ”مان“ مري ويندي آهي، ڪٿي به گفتگوءَ ۾ جي ڪو صيغو استعمال ٿيندو آهي ته اهو ”اسان“ جو هوندو آهي...منهنجي/منهنجو....مان....مون سان .... جيترا گهٽ استعمال ٿين اوترو چڱو آهي، بلڪه ”نه ئي“ استعمال ٿين ته وڌيڪ بهتر آهي. ڌڻي مٺو ڄاڻي ٿو ته تقريبن هنن ٽن ڏهاڪن ۾ ائين ئي ٿيو آهي، سڀني اصولن جي پوئواري ڪرڻ جي سختيءَ سان ڪوشش ڪئي هوندي....خواب نگر جي به مڙني ملاقاتن ۾ ”وٽامن آءِ“ جي استعمال جي گهٽ کان گهٽ ڪوشش ڪئي وئي هوندي ....پر ڪڏهن ڪڏهن ڪي ڪي تجربا اهڙا ٿيندا آهن، جن جي ڳالهه ”مان“ کان سواءِ نٿي ٿي سگهي. تذڪرو ائين ئي ڪرڻو ٿو پوي....۽ هونئن به ڪن اهم مثالن ۾ جي پنهنجي نسبت ڏبي ته ڳالهه جي ”اڳيان پويان“ ڦرڻ جا مرحلا گهٽجي ويندا آهن.

    ارڙنهن ڏينهن پهرين آگسٽ جي ڇويهين تاريخ هئي، ڏينهن اربع جو هو ۽ مان، پنهنجي شيڊيول مطابق ڪراچيءَ ڏانهن ”روان دوان“ هئس. رمضان المبارڪ 1430هجريءَ جو چوٿون روزو هو ۽ شام جو تقريبن ڇهه لڳي ڏهه منٽ ٿيا هئا، سڀ ڪجهه ٺيڪ هلي رهيو هو. گاڏيءَ ۾ اندر ماحول خوشگوار هئو، ٿڌاڻ مناسب هئي ۽ ماٺ هئي، منهنجي ڏائي پاسي کان فاطمه پئسينجرز سيٽ تي ويٺل هئي ۽ قرآن شريف پڙهي رهي هئي، پويان سامان جو هڪ وڏو ”ٿهو“ رکيل هو. کاٻي در جي مٿان ڪڙي ۾ ٽي کن ”سوٽ“ هينگرز ۾ ٽنگيل هئا. پوئين سيٽ تي ڪشف ويٺل هئي ۽ سيپارو پڙهي پورو ڪري رهي هئي. هونئن اسان انهن مهينن ۾ ڊرائيو ڪندا آهيون ته ڪا نه ڪا ڪيسٽ هلندي رهندي آهي، جنهن ۾ نعت يا قراَت شامل هوندي آهي، پر ڇاڪاڻ ته هو ٻئي روزي سان هيون ۽ ڪلام پاڪ پڙهي رهيون هيون، ان ڪري ”سائونڊ سسٽم“ به ماٺ هو.

    رمضان المبارڪ جي شروعات سان ئي منهنجي ڪم جو شيڊيول به ڪافي سخت هو، رزق جي ”آمد“ جي سلسلي ۾، مون کي پاڪستان ٽيليويزن جي رات جي سنئين سڌي نشريات ”رحمتون ڪي رات“ جي ميزبانيءَ جو موقعو مليو آهي، وقت”اڻانگو“ ضرور آهي، يعني رات جي ساڍي ٻارهين کان وٺي اڍائي وڳي تائين... پر بهرحال ڪم ڪرڻو آهي ته ڪرڻو آهي...سو مسلسل راتين جو ڪم جي ڪري ۽ آفيس جي مختلف معمولات جي ڪري شايد ننڊ مڪمل نه هئي، يا ذهن کي اهو ”قرار“ ميسر نه هو، جيڪو هڪ خاص مقدار ۾ هئڻ گهرجي. ڪڏهن ڪڏهن ائين ٿيندو آهي عزيزان من ....ته کليل اکين ۾ ننڊ اچي ويندي آهي، خاص طور تي ڊرائيور حضرات سان ته اهو اڪثر ئي ٿيندو آهي. ڀرسان ويٺل سمجهندا آهن پيا ته ”همراهه“ جاڳي ٿو ۽ صحيح ڊرائيو پيو ٿو ڪري، پر دراصل سندس ”دماغ“ جي خدانخواسته سمهي رهي ته کليل اکين جي باوجود به ننڊ ئي ”گهيرو“ ڪندي آهي .... بلڪه هتي اهو لکڻ بنهه ضروري آهي ته ”ننڊ“ ته دراصل دماغ جي ئي هوندي آهي، اکيون ته رڳو ”درين“ وانگر ”کل .... بند“ ٿينديون آهن.

    مون کي لڳي ٿو ته مون سان به ڪي اٺن ڏهن سيڪنڊن لاءِ ائين ئي ٿيو هو. عرض ڪيم نه گاڏيءَ ۾ بلڪل ماٺ هئي. فاطمه پنهنجي سيپاري پڙهڻ ۾ گم هئي ۽ سندس ڌيان به مون تي نه هو . ڪشف تي ويٺي ئي پويان هئي. اهم ترين ڳالهه اها به هئي جو ٻنهي کي ”حفاظتي بيلٽ“ ڪو نه پاتل هو. پوئتين سيٽ تي بيلٽ ڪو نه هو ۽ منهنجي بيگم صاحبه وري اهو استعمال ڪرڻ ۾ بي چين ٿي ويندي آهي.

    اهو سڀ ”ٺيڪ“ هلندي، ڄڻ مون ڪو آواز ٻڌو ....”محمود....محمود“ ۽ آواز سان ئي مون کي احساس ٿيو ته گاڏيءَ روڊ ڇڏي ڏنو آهي ۽ اها ٻنهي روڊن جي وچ ۾ ٺهيل ”آءِ لينڊ“ (Iland) ڏانهن تيزي سان وڃي پئي.... روڊ جي ”ڌڌڙ“ تيزيءَ سان لڳي پئي ٿي ۽ منهنجا حواس موٽن پيا ٿا. مون هڪدم کاٻي هٿ تي موڙي گاڏي روڊ تي چاڙهڻ جي ڪوشش ڪئي. گاڏي چڙهي ۽ چڙهڻ سان پهرين سندس کاٻو اڳيون ٽائر برسٽ ٿيو ۽ پوءِ هڪدم کاٻو پويون .... هڪ رانديڪي جيان هوءَ ”ڦري“ ۽ ڦرڻيءَ جيان ڦرندي آءِ لينڊ ڏانهن وئي، ڪلٽي ٿي ۽ سامهون واري يعني حيدآباد ڏانهن ويندڙ ٽريفڪ جي روڊ تي چڙهي وئي. وري پنهنجيءَ ”ڇت“ جي سهاري تي ئي اها گهمي ۽ ڦيرو کائي آءِ لينڊ طرف وري مڙي ۽ تيزيءَ سان انهيءَ ۾ اونڌي هلندي، ڪو چاليهارو کن فوٽ پريان بيهي رهي.

    مون کي سيٽ بيلٽ پاتل هئو ۽ هاڻي مان پوري ”هوش و حواس“ سان گاڏيءَ جي اسٽيئرنگ کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هئس پر ڪجهه به ضابطي ۾ نه هئو. جيئن ماڻهو ”وڊيو گيم“ کيڏندو آهي، اهڙي ئي تيزيءَ سان منظر مٽجي رهيا هئا ۽ بالآخر هڪ جاءِ تي بيهي رهيا. احساس اهو ٿيو ته گاڏي اونڌي هئي ۽ ٻنهي روڊن جي وچ تي گاهه ۽ ٻوڙن ۾ اچي بيٺي هئي. ماٺ ٿيڻ سان ئي مون فاطمه کان ”پڇيو“ تون ٺيڪ آهين....؟“ پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀريل، قرآن پاڪ جي پاري کي جڪڙي هن وراڻيو .... ”ها....ها، بلڪل ٺيڪ آهيان....“ منهنجي مٿان دريءَ ۾ ٽنگيل ڪپڙن جو ڍير اچي ڪريو هو، ٻيا سامان هئا، اصل سامان سان سٿيل هئس ۽ پويان جي ڪا به خبر نه پئي پيم.... جيجي نظر نه پئي آيم، سڏ ڪري پڇيم: ”امان تون ٺيڪ آهين؟“ ڪشف جي ورندي هڪدم نه آئي. وري پڇيم ته چيائين: ”پپا مان بلڪل ٺيڪ آهيان.... ٻاهر نڪتي آهيان ۽ امان جو در پئي کوليان....“

    هيڏي وڏي حادثي ۾ منٽن ۾ ماڻهن جو هجوم ڪٺو ٿي ويو، ٻنهي روڊن تي گاڏين جون قطارون لڳي ويون .... منهنجي سائيڊ جو در کولي، هڪ همراهه اندر ليئو پائيندي چيو: ”توهان ٺيڪ آهيو....؟“ مون وراڻيومانس: ”الله جو شڪر ....بلڪل ٺيڪ آهيان....“ هن منهنجو جواب ٻڌو ....هاڻي مان اونڌي گاڏيءَ ۾ سامان ۾ سٿيل، عجيب انداز سان پيو وراڻيان. چيائين: ”هتان ٻاهر نڪري اچو....“ وري جو ڏسي ته مون واري سائيڊ جو در ايترو نه پيو کلي سگهي. اشارو ڪيائين، ”ڀلا هن طرف کان نڪرو....“ جنهن طرف کان فاطمه نڪتي هئي، منهنجي سيني تي به قرآن پاڪ جو هڪ پارو اچي ڪريو هو. ٿيو ڪجهه ائين ئي هو جو جنهن مهل اهو حادثو ٿيو پئي ته ڪشف، سيپارو پورو ڪري پارا، باڪس ۾ ترتيب سان سيٽ پئي ڪيا. حادثي جي ڪري اهي سڀ وکري ويا هئا. مون سيپارو چمي گاڏيءَ جو بيلٽ کوليو ۽ ٻاهر مرڪندو نڪري آيس. هاڻي ماڻهن جي انبوهه ۾ حيرت انگيز ڳالهه اها هئي جو گاڏي ”چرڙ مرڙ“ ٿي وئي هئي، ونڊ اسڪرين ۽ پاسي وارو پويون شيشو ڀڄي پيا هئا، در مڙيل هئا، ڇت ۾ وڏو ڊينٽ هو ۽ اها اونڌي پيل هئي ۽ اسين بنا ڪنهن هڪ ”ليڪي“ جي ٻاهر نڪتا هئاسين....سبحان الله.

    الاءِ ڪيترن مهربانن اچي وراڻيو....ڪي مبارڪون پيا ڏين، ڪي حيران پيا ٿين.... ڪي ڪلما پيا پڙهن. ڪشف وري به ڪلام پاڪ کي ترتيب ڏئي بند پئي ڪيو، جي ان حادثي ۾ ڪو ٻيو نقصان ٿيو هو ته اهو منهنجي چشمي جو ڀڄڻ ۽ ڪجهه لمحن لاءِ هنن جي جتين جو گم ٿيڻ هو. الا الا خير صلا. مون هنن کي جتيون ڪڍي ڏنيون ۽ پنهنجي عينڪ مٽائي ورتم. عجيب کل پئي آئي ته هڪ منٽ جي اندر اندر هي ڇا ٿي ويو هو....!

    مسافرن جا احسان وڌي رهيا هئا، ڪنهن گاڏي پئي آفر ڪئي ته ڪنهن ماني ۽ پاڻي. سج تيزيءَ سان لٿو پئي ۽ روزي کولڻ جو وقت ويجهي کان ويجهو هو. مائل اسٽون تي نظر ڪيم ته مان حيدرآباد کان 82 ڪلوميٽر پري هئس. انهن سڀني ۾ جيڪو سڀ کان باشعور ”صاحب“ هو، تنهن خيرو عافيت پڇڻ جي بهاني سان منهنجي ذهني ڪيفيت ڏسڻ پئي گهري، ڇاڪاڻ ته مان بلڪل ماٺڪو هئس ۽ منهنجي ”مرڪ“ بند ئي نه پئي ٿئي. هن مون کان پڇيو: ”گاڏي ڪنهن پئي هلائي....؟ مون چيومانس: ”مون....“ ... ”۽ مسافر ڪهڙا هئا....؟“ سامهون، هڪ وڏي پٿر تي هو ٻئي ڄڻيون ويٺل هيون، اشارو ڪري چيومانس: ”اهي هيون....“ هن ڇوٽ ۾ پڇيو: ”... ۽ چوٿون ڪٿي آهي؟ هاڻي مان حيران ٿيو هئس.... چيم: ”چوٿون ڪير؟ .... هن مون کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته چوٿون.... جنهن ڊرائيو پئي ڪيو ۽ جيڪو يقينن زخمي ٿي ويو هوندو. مون عرض ڪيومانس: ”...اسان ٽي ئي مسافر آهيون. مون هلائي پيئي ۽ هي ٻئي مون ساڻ هيون....“ پر وري به ”بي يقينيءَ“ جا تاثر سندن چهري تي واضح هئا....هڪ همراهه مون کان اک بچائيندي ٻئي کي لوندڙي تي آڱر ڦيريندي اشارو ڪيو ته ”همراهه شاڪ ۾ آهي....وڦلي پيو ٿو.... ڇڏيوس جيستائين ٺيڪ ٿئي ....اچو ته هلي گاڏي سڌي ڪريون....“

    اهو سڀ هن پاڻ ڏٺو ۽ ڪوشش ڪيم ته پنهنجي مرڪندڙ مک کي سنجيدو ڪريان، الاءِ ڪهڙو تاثر پيو ٿو اڀري....الاءِ ڇا ڇا پيا ٿا هي سئو سوا ماڻهو محسوس ڪن. تيستائين موٽر وي پوليس به اچي وئي ۽ هرڪو پنهنجي پنهنجي رخ ڏانهن روانو ٿي ويو. هن سڄي قصي ۾ هڪ ”اعجاز “ آهي، اعجاز پروردگار جي ڪمال جو، سندس پاڪ ڪتاب جو. ٽن مسافرن مان ڪنهن هڪ کي به جسم تي هڪ ليڪو به نه اچي، اها مَهر ته صرف رب مٺڙو ئي عنايت ڪري سگهي ٿو، پنهنجي خطادار خاڪي گناهگار حيثيت کي مان ڄاڻان ٿو. هنن جي عبادتن ۽ ڪلام پاڪ سان سندن عقيدتن ۽ محبتن، اسان لاءِ ڇا ”اهتمام“ ڪري ڇڏيو هو، هنن جي صدقي منهنجي به بچت ٿي وئي هئي، مون تي به عنايت ڪرم ٿي ويو هو.

    هو ڪريم آهي، هو رحيم آهي....هو ساهه جي رڳ کان به ويجهو آهي. فرمائي ٿو : ”اوهان جيترا به آهيو.... مان اوهان کان هڪ مٿي آهيان....“ مطلب جي اوهان انگ ۾ يارنهن آهيو ته ٻارنهون اوهان سان مان آهيان....جي ايڪٽيهه آهيو ته ٻٽيهون مان آهيان....مطلب هڪ مٿي آهيان ۽ اوهان سان هر جاءِ، هر هنڌ موجود آهيان. جنهن مهل هن همراهه مون کان اهو پڇيو هو ته، ”چوٿون ڪٿي آهي؟“ ته هڪدم منهنجي دماغ ۾ جواب آيو هئو ته، ”چوٿون ته هر هنڌ آهي .... اهو ڪٿي ناهي!؟ “ پر مان کيس اهو جواب ڏئي نه سگهيو هئس، وقت ان مهل اهڙي لهجي جو نه هئو ۽ هونئن به اسين ناشڪرا، بي صبرا.... اهڙيون سٽون ڪٿي ٿا سمجهي سگهون .... جي سمجهون به ٿا ته اهي ڪيتريون هينئين سان هنڊايون ٿا.

    پنهنجي مثال کي پاڻ مون اوهان آڏو پيش ڪيو آهي. گذريل ٻن هفتن کان مان ان ”ٻڏتر“ ۾ هئس ته اهو قصو ڪرڻ گهرجي يا نه، خدا نخواسته ان ۾ پاڻ پڏائڻ جو ڪو جهان ڪو نه ٿو اچي.... پنهنجي لائقي، نيڪي، علم و فهم يا ٻيو ڪو ادراڪ ته سمجهه ۾ نٿو اچي....پر مستقل سوچڻ کان پوءِ، آخر اهو ئي نتيجو نڪتو آهي ته ڳالهه ڪرڻ گهرجي، معجزا زندگي ۾ ٿين ٿا ۽ ڪنهن وسيلي سان ٿين ٿا، اهو وسيلو ظاهر ڪرڻ گهرجي....مان وري عرض ڪري وڃان، مون کي ته حفاظتي بيلٽ به پاتل هئي ته به منهنجو چشمو ٽٽو .... هنن ٻنهي وٽ ته اهڙي ڪا به شيءِ ڪا نه پهريل هئي، پر هنن جون ته عينڪون به سلامت رهيون....کين ڪجهه بظاهر پهريل نه هئو ته ڇا ٿيو، اڻ ڏٺل رب جي ڪلام جو خمار ته کين جڪڙيو ويٺو هو. ڳالهيون الائي آهن صاحبان عقل و علم....پنهنجي بيوقوفي ۽ ناداني تي شرمسار به آهيان ته ”ٿڪَ“ جي حالت ۾ ننڊاکڙي صورتحال ۾ گاڏي ڇو پئي ڊرائيو ڪيم. ڊنو ناهيان، پر غلط ڳالهه، غلط آهي، انشاءَ الله العظيم، پاڻ کي ضرور سڌاريندس.ارڙهن ڏينهن گذرڻ کانپوءِ به حيران ضرور آهيان ته هو ڪيئن پنهنجو پاڻ محسوس ڪرائي ٿو. ڪيئن پنهنجي موجودگيءَ جو ڀرپور احساس ڏياري ٿو. ڪيئن اوهان تي سڀ ڪجهه واضح ڪري ٿو ته، ”اي غافل....اک پٽ....مکڻ مان وار ڪڍڻ وانگر تنهنجي حفاظت ڪريان ٿو.... ڇا توکي اڃان به احساس نٿو ٿئي!“ تقريبن ڏيڍ ڪلاڪ کانپوءِ اها ساڳي گاڏي کڻي مان ڪراچيءَ آهستي آهستي وڃي رهيو هئس، ڀڳل اسڪرين اڃان هيٺ نه ڪريو هو ۽ شيشن جا ”ڀوَر“ داڻن جيان، منهنجي ڪڇ ۾ ڪري رهيا هئا.... رات جي گهري ٿيڻ ۾ اوندهه جو حسن وڌي رهيو هو، ڪجهه ڪلاڪ پهرين جو اهو جملو منهنجي ڪنن ۾ بار بار گونجي پيو ۽ منهنجي پاران نه ڏنل جواب هر هر چپن تي اچي رهيو هو. اڄ خواب نگر جي هن اشاعت ۾ پنهنجي اندر جو بوجهه لاهيندي بيحد شرمساريءَ سان کيس عرض ڪريان ٿو ته، ”تون سڀ ڄاڻين ٿو....سڀ سمجهين ٿو....ڪرم جون مهر جون سڀ حدون تو وٽ آهن....تون لامحدود آهين....پر ائين سڀني حدن کي ڪنٽرول ڪرين ٿو....اسان تي مهر ڪر....اسان کي پنهنجو پاڻ ۾ اعتبار جي شدت فراهم ڪر منهنجا رب مٺا.... ۽ اي الله ....تون ڄاڻين ٿو ته مان توکي پڪاري، ڪڏهن به محروم ناهيان رهيو....بس تون مهرباني ڪري مون کان اهو پڪارڻ جو هنر ڪڏهن نه کسجانءِ“.

    هن جو ڪو به نمبر ناهي عزيزان من ۽ سڀ نمبر هن جا آهن، هو هڪڙو به آهي ۽ سڀ ڪجهه به آهي. هن مهربان ڀلاري مهيني ۾ سندس وحدت ۽ هيڪڙائي بيان ڪرڻ جا جيترا به ذريعا ملي سگهن، ضرور ڪتب آڻجن. معجزا ان لاءِ ئي ته ٿيندا آهن ته اک پٽجي ۽ شعور جي نگاهه گهري ڪجي، سندس ڪروڙين ڪرم، جو هن اها عنايت ڪئي، اڳيان به مٿس ئي ننگ آهي.

    mehmoodmughal@hotmail.com
     
  9. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم محمود مغل جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    بليڪ اينڊ وائيٽ چنڊ رات




    آچر 20 سيپٽمبر 2009ع





    خوشين جو هجوم، اوهان جي دروازن تي ”ٺڪ ٺڪ“ ڪرڻ جو منتظر آهي، عيدالفطر 1430هه، چوويهه يا وڌ ۾ وڌ اٺيتاليهه ڪلاڪ پري آهي ۽ اها دوري به ڪهڙي دوري سڏبي، ڇو ته مانيءَ کائڻ کان پهرين ان جي خوشبو ته الاءِ ڪهڙيون ڪنڊون ڪهڙا پاسا ”معطر“ ڪندي آهي، هڳاءُ هر هنڌ آهي، بس ڍڪڻ، لهڻ جي دير آهي، عزيزانِ من. هر ڪنهن پنهنجي حساب آهر، پنهنجي ”وتَ“ آهر انهيءَ سونهن مان ڍڪ ڀرڻ جي ڪوشش ڪئي هوندي....ڪٿي شاپنگون ٿي چڪيون هونديون ۽ ڪٿي آخري مرحلن ۾ هونديون. چنڊ رات ته هٿن ۾ مهنديءَ جا گل چٽ چٽرائڻ ۽ بازارن گهمڻ جو پنهنجي ”رخ ....رنگ“ هوندو آهي. ائين به ممڪن آهي ته سڀ خريداريون مڪمل ڪرڻ کانپوءِ هاڻي رڳو اها خواهش هجي ته چنڊ رات ڇا ڪبو؟ پروردگار مڙني کي خوش رکي، سڀ ستابا هجن ۽ خوشين جي ”گهور“ مٿانئن گهورجندي رهي، پر زندگي ايڏي حسين، هم رنگ، هم صفت ته ناهي نه صاحبان علم و خرد!... ائين به ته ٿيو هوندو نه ته ڪٿي ڪٿي اهو سڄو رنگ ”جهيڻو“ هوندو ....۽ ها.... ڪٿي ڪٿي ته سڀ ڪجهه ”بليڪ اينڊ وائيٽ“ به ته ٿي سگهي ٿو. بليڪ اينڊ وائيٽ سمجهو ٿا نه. جتي ڪا به تياري نه ٿي هجي..چنڊ رات به هڪ عام رات هجي ....عام ڇا هجي، تڪليف ده وڌيڪ هجي، ڇاڪاڻ ته جهان رنگ و بو ۾ ٻين کي گهڻو ڪجهه ماڻيندو ڏسي، اندر ۾ وڍ پوڻ ته فطري هوندا آهن. ماڻهو پاڻ کي ته سمجهائي سگهي ٿو، پاڻ سان لاڳاپيل وجودن کي سمجهائڻ بنهه مشڪل ٿيو پوي. پنهنجي لاءِ عيد تي ڪجهه به نه وٺندڙ ماءُ ۽ پيءُ پنهنجي حال تي ته خوش رهي سگهن ٿا پر پنهنجي اولاد لاءِ ڪجهه نه هجڻ جي صورت، کين رت روئاڙي سگهي ٿي. اهو سڀ هوندي، چنڊ رات، ڪهڙي خاص حيثيت رکي سگهي ٿي؟

    زندگيءَ جي سائي پاسي کي ڏسڻ گهرجي، ڏائي کي نه. مطلب بااميدي هئڻ گهرجي، نا اميدي نه. پر اها به ته تلخ حقيقت ئي آهي نه، ته تياري ناهي ٿي سگهي.... ان کان ڪهڙو انڪار آهي. هاڻي ناهي ٿي ته ناهي ٿي، پر جنهن مهل اها گهڙي مٿان اچي ٿي ته سڄي دنيا جو اعتماد هٿن ۾ جهليل وجود به ”ٽڙڪي“ پوي ٿو. پوءِ ان مهل ڪهڙي بااميدي ۽ ڪهڙو سائو پاسو .... سڀ ڪجهه ”خس و خاشاڪ“ وانگر وهي وڃي ٿو.حياتي ازل ابد کان ائين ئي آهي. جتي اميري آهي اتي ئي غريبي به آهي. روشنيءَ جي خبر اوندهه مان پوي ٿي ۽ ثواب جو فرق، گناهه جي حوالي سان روشن ٿئي ٿو. سادي ڳالهه آهي ته ”ثواب ڇا آهي....؟ اهو جيڪو گناهه ناهي. ”اوندهه چا آهي....؟ اها جيڪاروشني ناهي....“ هڪ ئي وقت تي، هڪ ئي عمل مان گناهه ثواب نه ٿا ملي سگهن. ائين اميريءَ جي خبر به غريبيءَ مان پوي ٿي ۽ اها معلومات شروع کان ئي آهي. هاڻي ڇا ٿي ويو آهي اهڙو؟ اهڙي ڪهڙي هوا هلي آهي، جو اهو سڀ ڌنڌلائجي ويوآهي ته ان فرق جي پنهنجي جاءِ آهي، هئي ۽ رهندي. ڳالهه صرف ۽ صرف اها آهي جو اسان خيال جي دامن کي صاف ڪري ڇڏيو آهي. دور جديد جي فيشن وارين شرٽن وانگر، اسان جي چولن ۾ دامن ئي ڪونهن ته انهن ۾ رکي ڇا ٿا سگهون؟ جهولي ئي ڪانهي ته ڀري ڇا ڏيون.

    ڪو گهڻو زمانو ناهي گذريو، جڏهن اوڙي پاڙي ۾ گهر گڏيل هوندا هئا. پاڙي جو مطلب گهر جو اهو ”ٽولو“ هوندو هو، جنهن ۾ رهندڙ مختلف قومن، نسلن، ذاتين ۽ مذهبن جا ماڻهو هڪٻئي کان، هڪٻئي جي حال کان واقف هوندا هئا. جڏهن ڀاڄيءَ ۾ لوڻ کٽي يا چانهن جي پتيءَ جو ڪو ”پڙيڪو“ طلب ۾ هجي ته دڪانن کان پهرين پاڙي ۾ ٻار کي ڊوڙايو ويندو هو ۽ ڀلا جي ٻار اسڪول ويل هوندا هئا ته ڀت تي چڙهي، سڏ ڪري ”مدعا“ بيان ڪرڻ ڪا وڏي ڳالهه ڪانه هوندي هئي. ٻن پهرن جي ماني هجي يا رات جو کاڌو، هڪٻئي جي آڳر جي خوشبو، دستر خوانن تي مهڪندي رهندي هئي. مڃجي ٿو ته دورِ جديد جي عنايت ڪيل اڪيلائي، جنهن کي هاڻي پرائيويسي (Privacy) سڏيو وڃي ٿو، ٿوري گهٽ نصيب هوندي هئي، پر ائين اندر ۾ دورين جي ديوار ته کڄيل ڪا نه هوندي هئي نه....گهر وڏا نه هوندا هئا ۽ ”ڪمپائونڊ وال“ جي ڀاڪرن ۾ لڪل نه هوندا هئا، ۽ نه ئي وري ائين ننڍڙن گهرن يا ”فليٽس“ جو جهان آباد ٿيو هو، جنهن ۾ جيتوڻيڪ هڪ ئي ڪاريڊور ۾ الاءِ ڪيترا در هوندا آهن، پر هر ”در“ ٻئي در کان اجنبي ۽ اوپرو هوندو آهي.

    عرض ڪيوسين نه.... اڳي گهر، هڪٻئي سان ڳنڍيل هوندا هئا، ائين الڳ الڳ ٿيڻ واري ”ڪار“ اسان سان اڃا نه ٿي هئي، اک ڇنڀ ۾ سڀ گڏجي ويندا هئا ۽ ڏک سور ۽ کل خوشيءَ جو ڪو به موقعو گڏجڻ کانسواءِ مڪمل نه هوندو هو. ان حال ۾ ”حال“ جي خبر هوندي هئي، ”عمدو....مٺو....ڪچو....پڪو....“ سڀ گڏ هلندا هئا. ان دور ۾ اهي بليڪ اينڊ وائيٽ چنڊ راتيون، نظر ئي نه اينديون هيون. هوندو هو ڪو ٽن رپين جو چوڙين جو سيٽ ته ماڻهو پنهنجي ڌيءَ کي به پئسا ڏيندو هو ته سندس سکيءَ جا پئسا به پنهنجي نياڻيءَ سمجهي ئي ڀري ڇڏبا هئا. سيڌي سامان جي خاطري ڪبي هئي ۽ ڇاڪاڻ ته حال ڀائي هوندا هئاسين ته اهي سڀ مرحلا، ڪمال خوبيءَ سان طئي ٿيندا هئا.الاءِ ڪيئن اهو دور اچي ويو آهي عزيزانِ من.... جايون الڳ ٿيون آهن ته گهرن جي وچ واري ڀت آهي ئي ڪا نه. هاڻي ڪمپائونڊ وال تي ڪير چڙهي ڳالهائي ۽ سابه هر گهر جي الڳ الڳ. وڏو گهر آهي ته لازمن گارڊ، چوڪيدار به هوندا. جي اوهان رڳو ڀت تي هٿ رکندو ته چڙهڻ ته ”ماڳهين“ ڇٽو، وٺڻ جو ڏيڻ پئجي ويندو. امن امان جي صورتحال خراب ٿي سگهي ٿي ۽ ڏسو نه.... اهو سڀ ڪيڏي نه ”بدتهذيبي“ لڳي ٿو. ڀلا ائين ڀتين تي منڍيون ڪڍي ڳالهائڻ ڪو ٺهي ٿو ڇا؟ مٿان وري جي اوڙي پاڙي ۾ هاڻي سلام ڪريون ته ٻيا شڪ جي نگاهه سان ڏسندا ته ڇو ٿو راهه و سم وڌائي.... ڪم ڪهڙو اٿس....؟ اسين پنهنجيءَ ۾ ئي خوش آهيون ته هيءَ ڪير آهي، اسان کي ڊسٽرپ ڪرڻ وارو. علي بختيار شاهه، هڪ بي انتها روشن وجود آهي، هڪ وڏي خانگي تعليمي اداري ۾ استاد جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏئي ٿو ۽ قدرت کيس خوب ذهانتن سان نوازيو آهي. ننڍڙيءَ ڄمار جو هڪ وڏو حصو، ٻاهرين دنيا ۾ گذاري آيو آهي. چئي پيو: ”سر، دبئي جي هاءِ رائز بلڊنگ ۾ ٽي هزار فليٽ هئا.... هڪڙو منهنجو به هو .... هڪ رات مون کي هڪ خيال آيو ته هتي هر فلور ۾ چاليهه گهر آهن، ڇا مان انهن مان ڪنهن کي سڃاڻان ٿو. جواب مليو، ڪنهن کي به نه.... پڇيم پاڻ کان، ته ڀلا ٻي فلور ته ڇا، رڳو پنهنجي فلور تي ئي ڪو واقف اٿم....؟ ۽ سر....سچي ڳالهه اها هئي ته ارڙهن سال گذارڻ کانپوءِ به سامهون واري در واري جي خبر نه هئي ته ڪير آهي؟ ڪيئن آهي؟ ڇا آهي؟“.علي بختيار، دبئي جي ڳالهه ڪئي، ٿي سگهي ٿو اتي حياتي اهڙي ئي هجي، پر ڪراچي، حيدرآباد ۽ هاڻي سکر جهڙن شهرن ۾ به، حياتيءَ اهڙا ڪر کنيا آهن. لاتعلقي، دوري، اڻ سونهون رويو اسان وٽ عام ٿيندو ٿو وڃي. ”منهنجو ڇا؟“ جا ٻه لفظ اسان وٽ جهڙا ٽريڊ مارڪ آهن. هاڻي ان جملي کي ٿورو پورو ٿا ڪريون.... ”ڀلا جي ڪنهن عيد نه ملهائي آهي، يا چنڊ رات، رنگين نه اٿس ته منهنجو ڇا؟....“

    پاڻ کي سمجهائڻو آهي صاحب فڪر و نظر....پاڻ سان ڳالهائڻو آهي ته اڃا ”منهنجو“ ڪجهه وڃي ٿو.. سامهون واري جي ”اک جي آب“ بابت منهنجو به وڃي.. مان ئي ته پڇندو مانس ”سائين....ڪهڙي ڳالهه آهي....؟ الحمد الله، اسان مان ڪيترائي مهربان اڃا اهڙا ”کٽا“ ناهن جو مدد نه ڪري سگهن. جتي پنهنجي کي وٺي ڏين، اتي اوڙي پاڙي جي خيال رکڻ جا ”متحمل“ نه ٿي سگهن، هاڻي ائين به ڪونهي....رڳو لاتعلقي جي ان سوچ کي ”ٻنجو“ ڏيڻو آهي. اچو، تعلق جوڙيون ٿا انهن سڀني سان، جيڪي بظاهر اسان جا ناهن....پر اسان جا آهن، اسان لاءِ آهن، اسان وٽ آهن.گاڏيون پارڪ ڪندي، ٽڪيٽ ڏيندڙ، نوجوان يا بزرگ سان ملي سگهون ٿا.پورهيو ٿو ڪري قدآور آهي، خوددار آهي، پر ڇا کيس مدد ڏئي سگهجي ٿي؟ چوراهن تي گاڏي لاءِ ڪپڙا وڪڻندڙ ٻار ۽ ٻيا وجود پنن ته ڪونه ٿا نه....جتي پينن کي ڪڙڪڙندڙ نوٽ ڏيون ٿا، اتي انهن کان ڪپڙو وٺي، انهن جي مدد ڇو ڪو نه ٿا ڪري سگهون. ڄاڻان ٿو ته خيرات جي پنهنجي حيثيت هوندي آهي ۽ مدد جي پنهنجي ۽ اهو به سمجهان ٿو ته في الحال ڪپڙي جي ضرورت ناهي، گاڏي ۾ اڳي ئي الاهي پيل آهن، پر ڇاڪنهن نه ڪنهن بهاني سان، ڪو اهڙو سلوڪ نٿو ٿي سگهي؟ ڇا گلاب جي ڪا ڪلي اجائي نه ٿي خريد ٿي سگهي؟ ۽ ڇا، ائين ئي انهن لاءِ به ننڍڙا ننڍڙا تحفا نه ٿا وٺي سگهجن؟ ڇا تحفن ڏيڻ لاءِ شناسائي ضروري آهي ۽ ڇا تحفي ڏيڻ لاءِ ئي سامهون واري جو اهل ثروت، اهلِ حشمت و جاهه هجڻ ئي لازم آهي؟

    عيد جي ڏينهن تي پنهنجي صاحبن ڏانهن، مهانگن ڪيڪن مٺائين ۽ ٻين لوازمات کڻي ويندڙن، ڪڏهن ڪنهن ٽول تي بيٺل، عيد جي ڏينهن ڊيوٽي ڪندڙ مڇن جو ساوڪ واري نوجوان کي ڪو هڪڙو ”پيس ڪيڪ“ ئي ڏنو آهي؟ ڪيئن ڏبو! ....ڪيڏو نه Stupid ۽ عجيب لڳندو اهو سڀ....۽ ڏئي ڪبو به ڇا....؟ ڇا خوشين ڏيڻ جو ٺيڪو به اسان ئي کنيو آهي ڇا....؟ هلو ڀلا....تحفو ڏيڻ ته ڇڏيو....ڇا اسان ڪڏهن انهن سان عيد مليا آهيون؟ ڪنهن پوليس واري کي، جيڪو ان ڏينهن به ڊيوٽي تي هجي، ڇا اسان ڪا ”خرچي“ ڏني آهي. اها خرچي، جيڪا بغير مطلب جي هجي.ڪنهن ننڍڙي حيثيت واري سان پنهنجي حيثيت برابر سلوڪ ڪيو اٿئون....؟ اسان جي سلوڪ ڪريون به ٿا ته حيثيت مطابق ....برابر نه، رڳو اهو ئي هڪڙو فرق سمجهه ۾ اچي وڃي ته ڄڻ عيد ”عيد مشالو“ بڻجي وڃي.

    ٿي سگهي ٿو، اڄ چنڊ رات هجي، خواتين و حضرات ۽ اها ته پڪ آهي ته جي اڄ نه ٿي ته سڀاڻي ته خيرن سان ٿيندي ئي ٿيندي. اچو.... هٿن تي مينديءَ جي چٽن مان ڪو چٽ بڻجون ٿا. اچو.... ڪنهن جي ڪا پوتي، ڪنهن جو ڪو شرٽ پيس ٿا بڻجون. اچو ته ڪنهن ڪرائيءَ ۾ شيشي جيان ٿا جرڪون. اچو ڇو نه ٿا. اچو نه..پڇون ٿا پنهنجي اوسي پاسي ۾ ڪنهن کي ڪا ضرورت ته ناهي. ڪو کنڊ جو ڪلو...ڪو سين جو دٻو ...ڪا جتي...ڪو وڳو. اچو...بليڪ اينڊ وائيٽ چنڊ راتين کي رنگين ڪريون ٿا.... ۽ اچو مٺي پروردگار جو اهو ٿورو ٿا مڃيون ته هن اسان کي ان لائق ٺاهيو ته اسان کي رنگ ڏنائين ته جيئن حياتيءَ جي سونهن اسان جي هٿان به ٿوري جرڪي پوي.

    mehmoodmughal@hotmail.com
     
  10. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم محمود مغل جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    ”هو واز مومل؟“




    آچر 27 سيپٽمبر 2009ع



    ان مهل اهو نه پيو ڄاڻان ته اهو سڀ ٻڌي مومل....يا راڻي سان ڇا ٿئي ها....اهو سو سمجهان پيو ته اسين جيڪي به گاڏيءَ ۾ ويٺل هئاسين، تن جا ته ”ٺَپَ“ ئي ٺري ويا هئا...سوال ڪندڙ جي نگاهه اڃان به پنهنجي والد گراميءَ تي تاڻيل هئي، جيڪو ٿورڙو ” ککو وکو“ هيو، پر هڪدم پاڻ سنڀالي ورتو هئائين....سوال ڪندڙ نياڻيءَ وري انگريزي زبان جي خوبصورت لهجي ۾ سوال پڇيو ”هو واز مومل ڊيڊ....؟“ ۽ هاڻ پاڻ ”سنڀاليل“ والد محترم وراڻيو ”شي واز اي بيوٽي ڪوئين بيٽا...جسٽ لائيڪ ديٽ...“ ڳالهه کي وزن وٺائڻ لاءِ هن سائونڊ سسٽم جو آواز وڌائي ڇڏيو هيو ۽ اجايو، اسٽيئرنگ تي آڱريون وڄائڻ لڳو هو. سڄو ”خلم“ دراصل ان سهري مچايو هو، زيب النساءِ ۽ ثمينه ڪنول جي توازن ۽ سنڌي ڳيچ سڄو ماحول جرڪائي ڇڏيو ”گهوٽ راجا توکي مان پرڻايان...مومل سان ملايان، الهه ڪندئي اولادي...گهوٽ راجا...“ حسين سرن جي حسين تالن تي جهومندي اوچتو ميٽرڪ ۾ پڙهندڙ نياڻيءَ پنهنجي پيءَ کان اهو سڀ پڇي ورتو هيو. سولي سنڌيءَ ۾ جيڪڏهن انهن ٻن جملن جو ترجمو ڪجي ته اولاد پڇيو هو ته، ”بابا...مومل ڪير هئي؟“ ۽ قبلا والد صاحب وراڻيو هو....”سمجهه کڻي ته ڪا سونهن جي راڻي هئي.“ ڳيچ جي وڌندڙ آواز ۾ گهڻو ڪجهه گم ٿي ويو هو....ائين لڳو ڄڻ اسين به الائي ڪٿي گم ٿي ويا آهيون. پنهنجي تهذيب ۽ ثقافت جا اسين الاءِ ڪيترا نغارا وڄائيندا آهيون، عزيزانِ مَن....اها وڄت، هاڻي لڳي ٿو ته پنهنجي تال مان نڪرندي ٿي وڃي، ڇاڪاڻ ته رڳو ”ڌڌڪو“ باقي بچيو آهي، سماعتن جو حسن ته الاءِ ڪٿي وڃائجي ويو آهي. اسين هاڻي شايد پنهنجي ثقافت جي ”هِجي“ کان واقف رهون ٿا، وڌيڪ لڳي پيو ٿو ته ”مڙئي ست خير“ ٿيندا ٿا وڃن.

    خواب نگر ۾، رڳو ”ناسٽيلجڪ“ ٿيڻ جي ضرورت ناهي، رڳو ماضي پرست هجڻ ڪو چڱو ”سنوڻ“ ناهي...ٺيڪ آهي، ماضي به هوندو آهي، پر گهڻي ڳالهه مستقبل جي هوندي آهي. ان کانپوءِ ان حال جي، جنهن ۾ سڄو عمل دخل رهي ٿو...هاڻي جيڪڏهن انهيءَ جي به ڪٿ ڪيون ته وري حال، مستقبل کان وڌيڪ اهم آهي، ڇاڪاڻ ته ان ”حال“ ۾ حياتي گذري ٿي. هاڻي انهن ٽنهي ”زمانن“ کي جيڪڏهن نظر ۾ رکجي ته خاص ڳالهه اها به آهي ته تجربو رڳو ماضيءَ ساڻ ئي هجي ٿو، حال ۾ اهو ٿيندو رهي ٿو...مستقبل جي خبر نٿي هجي....حضرت علي ڪرم الله وجهه کان ڪنهن پڇيو ”عقل ڇا آهي؟“ پاڻ وراڻيائون ”پنهنجي ماضي ۽ تجربي کي ياد رکڻ عقل آهي...“ هاڻي علم جي شهر جي دروازي کي جو اسين سمجهون ٿا ته پوءِ ماضي ڏانهن کنيل ”ياد جي وک“ تي اسان کي ڪو اعتراض نه هئڻ گهرجي...دور جديد جي جديد ترين تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اسان مان سرنديءَ وارن پنهنجي ٻارڙن کي ”اعليٰ درجي“ جي اسڪولن ۾ داخل ڪرايو آهي، جتي آمريڪن يا برٽش ”اچار“ جي حاصلات ته ٿئي ٿي، پنهنجي ٻوليءَ جو پڙهڻ ۽ سمجهڻ ”نابري“ واري ٿو...جيئن جيئن ٻارن جا تعليمي درجا مٿي ٿيندا ٿا رهن، تيئن تيئن هو جدت پسند ماحول ۾ داخل ته ٿيندا ٿا رهن، پر پنهنجي ٻولي، ثقافت ۽ تهذيب کان سندن دامن خالي ٿيندو ٿو رهي. جيڪڏهن ”حجت“ خراب نه لڳي ته عرض ڪري ڇڏجي ته اوهان ”تازو“ پنهنجي ٻارڙن سان ڪڏهن ”گپ شپ“ هڻڻ لاءِ ويٺا آهيو...انهن کان حال احوال ورتو اٿوَ ته جتي ”هيري پوٽر“ ۽ ”ڊينيئل ڊوگري“ جي فلمن جي کين خبر آهي، اتي ئي سندن ئي ڌرتيءَ تي ڏياچ، سورٺ، ٻيجل، راڻو، مومل، پنهون، سسئي، ڄام تماچي، نوري، چنيسر، ليلا، ڪونئرو، دودو، عمر، مارئي ۽ ٻيا انيڪ ڪردار رهيا آهن، جيڪي ”سينا به سينا“ منتقل ٿيا آهن....ڇا کين انهن جي ڄاڻ آهي؟...هتي ڪردارن کي ٿورو تضاد سان لکي عرض ڪيو اٿئون....ائين ئي پڇي ڏسو....پنهون....سسئي....ڏسو، اوهان جا پونئير ان جي تصحيح ڪن ٿا ته ”نه قبلا...پنهون سسئي نه....سسئي پنهون سڏبو آهي....“ دل جو ڌڙڪو شديد ٿئي پيو ٿو، ڇاڪاڻ ته اسان مان الاءِ ڪيترا ته هاڻي انهن جوڙين جي ”تصحيح“ کان به اڻ واقف آهن....سيني در سيني منتقل ٿيندڙ اهو ”هنر“ الاءِ ڇو اسان جي نسل جي سيني ۾ ئي محفوظ رهجي ويو آهي....پنهنجي نئين نسل کي زماني جي حوالي ڪري، اسان پاڻ منهن موڙي ويٺا آهيون. ان سڄي قصي ۾ ڏوهه ڪجهه اسان جي رهڻ ڪهڻ جو به آهي. هاڻي گهڻو ڪري هرڪو ڏندين ڏاند آهي...الڳ الڳ گهر آهن....مائٽ الڳ ٿا رهن ته سندن بالغ جوان شادي شدهه اولاد الڳ...ٻارڙن کي جديد ترين تعليم ڏيارڻ سان گڏ هڪڙو ”اضافي“ ظلم اهو به ڪيو ويو آهي ته کين پنهنجي وڏڙن کان جدائي نصيب ٿي رهي آهي. هاڻي رات جو ننڊ جي آغوش ۾ وڃڻ لاءِ نرڙ مٿان لڙندڙ اهو نوراني چهرو ناهي نظر ايندو، جنهن جا ”گهنج“ ڄڻ ننڊ کي پنهنجي پرن ۾ ويڙهي ايندا آهن ۽ جنهن کي ”ڏاڏي“ يا ”ناني“ چيو ويندو آهي. هاڻي پيغمبرن، نبين، چڱن ماڻهن ۽ دين جي قصن سان سڄي ڏينهن جي هل هلان جي پڄاڻي نٿي ٿئي...ڪو ڀاڪر، ڪا چمي، ڪو ٻاجهه وارو هٿ، جنهن ۾ چاهتن جو عجيب ڪرنٽ هجي، نرڙ نٿو ڇهي...جيڪڏهن هجي ٿو پيءُ ته ان کي پنهنجا خفا هوندا آهن ۽ اهو ٻئي ڏينهن لاءِ ئي سخت پريشان هوندو آهي، جيڪڏهن هوندي آهي ماءُ ته ان کي وري پنهنجي ڪا ”کاڌي جي ترڪيب“ ڪنهن مصالحي جي چئنل تان ڏسڻي هوندي آهي، هوءَ ان هڻ وٺ ۾ پوري هوندي آهي ته ٻار سمهي ته جند ڇٽي ۽ هوءَ ويهي ڏينهن وارو ”رپيٽ“ پروگرام ڏسي. اڃان به جيڪڏهن پيءُ ماءُ ٻنهي وٽ وقت آهي ته هاڻي اهو هنر ناهي رهيو...سينه عرض ڪيم نه....ته سينور لڳل سانڌاڻو بڻجي ويا آهن. انهن مٿان وري سون تي سهاڳو آهن اسان جا ڪتاب...خاص طور تي اسڪول، جو هتي سنڌي درسي ڪتابن مان ئي پنهنجي علائقي جا، پنهنجي تر جا چڱا چڱا ماڻهو، عالم، اڪابر، سماجي ورڪر ۽ ڏاها ”تڙيل“ آهن ته انگريزي ڪتابن ۾ وري ڪهڙو ذڪر ٿيندو. هلو کڻي مڃون ٿا ته هر ٻوليءَ جو پنهنجو اسلوب هوندو آهي. مائي خيريءَ يا سائين الهندي شاهه يا ميان نور محمد جو ذڪر انگريزيءَ ۾ ڏکيو ٿي ٿو پوي، پر پنهنجي حساب ڪتاب ۾ اسان ڪٿي بيٺل آهيون؟ اتي اسان اهو سڄو بدرنگ....رنگ جو پکيڙيو آهي. اعتراض هڪڙو اهو به ٿئي ٿو ته اهي ته عاشقيءَ جا قصا آهن، انهن جو ياد رکڻ، نه رکڻ سان ڪهڙو فرق پوي ٿو....ته عرض ته اهو به ڪري سگهجي ٿو ته انهن ۾ رڳو عشق محبت ناهي، معنويت جي حوالي سان، ڪمال ڪم ٿيل آهي. ڀٽ ڌڻي بادشاهه رحمته الله عليه انهن کي ائين ته ناهي ياد ڪيو. اهي سڀ علامتون آهن، اسان جي ڀرپور تهذيب جي مختلف دورن جون....جيڪي اسان کي جيڪڏهن ”ازبر“ نه به هجن ته به گهٽ ۾ گهٽ اسان کان وساريل ته نه هجن.

    جرمنيءَ مان ڪوچ ”شنائيڊر“ هتي مهمان ٿي آيو هو، تقريبن پندرهن ڏينهن جي سرڪاري دوري ۾ واقفيت، شناسائيءَ جي مرحلن کان اڳتي وڌي ته وڃڻ مهل هن ٻين مختلف جديد تحفن ڏيڻ سان گڏ، چانديءَ جي هڪ ”چڙي“ کي خاص طور تي تحفتن پيش ڪيو. هاڻي جديد تحفن ۾ هڪ اليڪٽرانڪ واچ هئي، جيڪا جسم جي ڪنهن به حصي تي بيلٽ سان ٻڌجي ته هڪدم دل جي ڌڙڪڻ جي رفتار ۽ رت جو دورو ٻڌائي پئي...هڪ ”جاگر“ هيو، جيڪو ويڙهجي سيڙهجي مٺ جيترو ٿي پئي ويو. ”ڊاڪٽر مغل....اسان جي ثقافت ۾ هڪ ڪردار آهي، ”اميليا“ انهيءَ وٽ الاهي ڍڳيون هونديون هيون....ڍڳيون چاريندي، سندس نينهن ڪنهن سان ٿي ويو. سو به ائين جو هڪ واري سندس هڪ ڍڳي ”ماڊيلا“ ٻئي هنڌ چرڻ وڃي نڪتي ۽ ان زمين جو مالڪ سندس نيڻن ۾ لهي آيو. ٻنهي جي محبت وڌي، اوچتو هڪ ڏينهن اميليا کي نانگ ڪکي وڌو....سندس پاران ماڊيلا وقتي مقرر ٿي وڃي پهتي ۽ اطلاع ڪيائين ته سانئڻ جهان ڇڏي وئي آهي. هي چڙو ان آواز جي نشاني آهي، جيڪو اميليا جي پاران ماڊيلا ڏنو هو....۽ اسين ڳوٺ وارا ان چڙي کي ساهه سان سانڍيندا ٿا رهون...“ هڪڙو اهڙو ملڪ، جتي ارڙهن سالن کانپوءِ اولاد، ماءُ پيءُ کي ڇڏي ويندو آهي، ان ملڪ جو رهواسي به پنهنجي تهذيب لاءِ ائين فڪرمند هو...”چڙي جي اها ڪهاڻي اسان جي هر نسل کي خبر آهي....۽ خبر هئڻ گهرجي....ڇاڪاڻ ته اهو وقت جو آواز آهي.“

    اسان هاڻي انهن شين تي سوچڻ ڇڏي ڏنو آهي عزيزانِ مَن...جيڪڏهن ڇڏيو نه به آهي ته به گهٽ ۾ گهٽ ”گهٽائي“ ضرور ڇڏيو آهي. پاڻ کي ئي خبر ناهي ته ٻين کي ڇا ٻڌايون....۽ هڪڙي سوچ ته اها به آهي ته هاڻي سڀ اهو ياد رکي ڪبو به ڇا؟ دنيا مريخ تي پهچڻ جي چڪر ۾ آهي ۽ اسين پيا ”مومل-راڻي“ جا قصا ڪٽيون. سڀ ٺيڪ....سڀ درست...پر زندگي رڳو هنرمندي ناهي هوندي، حياتي رڳو ترقي ناهي سڏرائيندي، جيڪڏهن سڏرائيندي آهي به ته ان رخ سان، جيڪو پهرين عرض ڪيوسين ته ”تجربو“ سڏائيندو آهي، تجربي جي وصف وري پڙهي ڏسو، گهڻو ڪجهه سمجهه ۾ اچي ويندو. اڄڪلهه سونهن راڻيءَ جا معيار الاءِ ڪهڙا آهن...جيڪڏهن مومل هاڻي هجي ها ته انهن سونهن راڻين جا ”ميڪ اپ جا سامان“ سنڀالڻ ۾ ئي پوري هجي ها....۽ جيڪڏهن راڻو هاڻي ساهه کڻي ها....ته ڪٿان کڻي ها....اهڙا سوال اڀرن ۽ اهڙا جواب ملن ته راڻا، خودبخود مري ويندا آهن.

    mehmoodmughal@hotmail.com
     
  11. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم محمود مغل جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    طلوع آفتاب...غروبِ آفتاب!




    آچر 04 آڪٽوبر 2009ع



    ايڪٽيهه ڏينهن ٻيا، هڪ ڪلاڪ واري اڳتي ڪرڻ واري مَهر وڌائي وئي آهي. وقت جو ڪم گذرڻ آهي، صاحبانِ زمان ۽ اهو گذرندو ئي رهندو، خاڪ خاڪ وجودَ، پنهنجو پاڻ کي ”پٿر“ سمجهن ٿا ۽ پنهنجي سختيءَ کي پاڻ محسوس ڪندي، جاهه و حشمت جو لطف وٺن ٿا، پر ان پٿر کي مٿي ڪرڻ ۾ ۽ پوءِ هٿن ۾ ”ڀر....ڀر“ ٿيڻ ۾ گهڻي دير لڳي ٿي، فنا جو پتلو ”اشرف المخلوقات“ ڪيترو رهي سگهيو آهي؟ ڪلاڪ اڳتي ٿيا هجن يا پوئتي، ڪنهن جي حياتيءَ جو ڪلاڪ گهٽ وڌ ٿي سگهيو آهي؟ ڪلاڪ ته ڇڏيو رب مٺڙي جل شانه پنهنجي پاڪ ڪتاب ۾ ”نه ساعت هيٺ نه ساعت مٿي“ جو ذڪر ڪيو آهي. اها ساعت، جنهن لاءِ مفسر پريشان آهن ته اها، هڪ سيڪنڊ جي ڪائين هزارين پتي آهي. پروردگار جو گهڙيال عجيب آهي، وٽس سيڪنڊن، مائڪرو سيڪنڊن، انهن جو مائڪرو ۽ الاءِ ڇا ڇا جو عجيب نظام آهي. جيڪو وقت جو مالڪ آهي، اهو ئي وقت جي ”مالڪي“ ڪري سگهي ٿو.

    فيصلي ڪرڻ جي قوت به عجيب هوندي آهي. فيصلو ڪندڙ اهي هوندا آهن، جيڪي پنهنجي ڳالهه مڃائڻ جو هنر ڄاڻندا هجن، ”نوڪ پلڪ“ کان واقف هجن ۽ کين اندازو هجي ته سندن فيصلو، وقت جي واڳ ورائيندي، اڳيان ڪهڙا خيما کوڙيندو! مٿان وري اهو سڀ به سوچيو ويندو آهي ته ان فيصلي جي قبوليت کان پوءِ قبول ڪندڙن تي ڇا گذرندو...ائين به آهي ته سڀيئي ڌريون، ڪنهن فيصلي کي هڪ جهڙو قبول ناهن ڪنديون، ڪجهه اهڙا به هوندا آهن، جيڪي ”آمنا صدقنا“ ڪندا آهن، ڪي اختلاف ڪندا آهن ۽ آواز اٿاريندا آهن ۽ ڪي ماٺ ميٺ جي اختلاف ۾ اعتبار رکندا آهن. بهرحال فيصلا ٿي ويندا آهن، ”چڱا مڙس“ انهن کي پاڻي ڏيڻ جا پابندا هوندا آهن. ڳالهه جيڪڏهن ڊگهي نه ٿئي ته اهو به عرض ڪجي ته زيرڪ وجود، پنهنجي فيصلي جو نتيجو ڏسي وقت جي نبض جهليندا آهن. خدا نه خواسته ڪي غلط فيصلا ٿي وڃن ته موٽ جو رستو ڄاڻندا آهن....۽ خوش دليءَ جو دامن جهلي واپسيءَ جي واٽ ۾ ئي عافيت ڀائيندي پنهنجو ڳاٽ اوچو ڪرائيندا آهن. جيڪڏهن اهو سڀ ”پلئه“ نه پيل هجي ته پوءِ فيصلن جي مسند تي ويهڻ حياتيءَ جي رستن تي ڪنڊن پوکڻ کان سواءِ ٻيو ڇا ٿي سگهي ٿو. سيپٽمبر جي آخري هفتي ۾ الاءِ ڪيترن مکن تي مرڪون اچي ويون هيون، جن ڏينهن ڳڻي ڳڻي پئي ٻڌايا ته هاڻي ڪلاڪ جي هير ڦير ۾، ۽ وقت جي واپسيءَ ۾ باقي هيترا ڏينهن بچيا آهن. آڪٽوبر جي پهرين آئي ڪه آئي وري پهر پيارا موٽي ايندا ۽ ڪو سک جو ساهه نصيب ٿيندو....سک جو ساهه لفظ ڪيڏو نه عجيب آهي....ڇا ان ڪلاڪ وڌائڻ سان ڏک پلئه پيا آهن، يا سکن جي پالوٽ ئي آهي...اچو ٿورو ان تي سوچيون ٿا. ڏينهن جي طوالت ۽ سج جي روشنيءَ مان گهڻو فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ اهو فيصلو ڪيو ويو ۽ گهڙيون اڳتي ڪيون ويون. اهو سڀ ان وقت ٿئي ٿو، جڏهن ”طلوءِ آفتاب“ ۽ ”غروبِ آفتاب“ يعني سج اڀرڻ ۽ لهڻ جو وقت، يعني هڪ ڏينهن رات کان قد ۾ وڏو ٿو هجي....سڌي سنئين ڳالهه ڪجي ته صبح جو 5 لڳي 10 منٽن تائين سج اڀري وڃي ٿو ۽ شام جو ست لڳي 6 منٽن تي غروب ٿئي ٿو. معنيٰ تقريبن چوڏهن ڪلاڪن جو ڏينهن ۽ ڏهن ڪلاڪن جي رات ٿئي ٿي. جيڪڏهن غور سان ڪاٿو ڪيو وڃي ته سج جي سونهن، پندرهن ڪلاڪ به وٺي سگهي ٿي، يعني رات جو مدو سانجهيءَ کان پرهه ڦٽي تائين نون ڪلاڪن جي اندر به ٿي سگهي ٿو. هاڻي ان حالت ۾ گهڙيءَ جي ڪانٽن کي ”سٺ منٽ“ اڳتي ڪرڻ جو منطق ڪجهه پلئه پوي ٿو...هلو...ٺيڪ ٿيو...ڪلهن کي ڪجهه وڌيڪ گسايون ٿا، ڪارخانن جون چمنيون وڌيڪ ٻرنديون، اسڪولن ۾ علم جي جوت وڌندي، واپڊا جي بلب کي گهڻو ڀرڻو ڪو نه پوندو، کين لوڊشيڊنگ جي ڪري مليل آرام ۾ ڪجهه وڌيڪ ”اضافو“ ملي پوندو. اهو ”اوور ٽائيم“ ڪندا ته انهن جي حياتين جو روزگار به ڪجهه چڱو ٿي ويندو. سئي جي عجيب هيئت آهي عزيزانِ من....اهو ڏينهن جيڪو جاهه و حشمت ۾ رات کان وڏو هجي ٿو، زمين جي ڦيري، سج جي چڪرن ۽ روشنائيءَ جي مختلف وهڪري جي ڪري، هر روز تقريبن هڪ منٽ وڃائي ٿو، سڌي سنئين ڳالهه آهي ۽ ان ۾ ڪا خاص ”رياضي“ شامل ناهي ته هر مهيني ڏينهن جي حيثيت ۾ ٽيهن منٽن جي کوٽ ايندي رهندي آهي. چئن مهينن کان پوءِ، اهو صبح جا ٻه ڪلاڪ وڃائي ٿو. شام جي به ٻن ڪلاڪن جو ”اوور ٽائيم“ سندس هٿن مان نڪري وڃي ٿو. سيارو ڪر کڻي ته رات پنهنجي حيثيت مڃائيندي آهي. اها پندرهن ڪلاڪن جي حد کي ڇهندي، ڏينهن کي ڏهن ڪلاڪن جو ڪري ڇڏيندي آهي. اها سڄي ”پٽاڙ“ ان لاءِ درج ڪئي وئي آهي صاحبان جاهه و حشمت ته ٻه ۽ ٻه چار ئي ٿيندا آهن، ڪو ايڪٽيهه ڪو نه ٿا ٿي سگهن. جيڪڏهن اوهان وٽ هٿن ۾ رمضان المبارڪ 1430هه جي وقت جو چارٽ هجي ته ان تي نگاهه وجهي ڏسو....23 آگسٽ 2009ع کان 29 سيپٽمبر 2009ع تائين انهن ٽيهن ڏينهن ۾ فجر، پنج لڳي 38 منٽن کان، پنج لڳي 52 منٽن تائين وڌي آهي....۽ مغرب ست لڳي 58 منٽن کان ست لڳي 27 منٽن تائين گهٽي آهي. يعني فجر ۾ چوڏهن منٽ وڌيا، يعني اوندهه ۾ دائرو چوڏهن منٽ طويل ٿيو ۽ سج لٿي ۾ ايڪٽيهه منٽن جي تيزي آئي. معنيٰ اتي به اوندهه، پهرين اچي ٿي....رڳو هڪ مهيني ۾ ”منون ڪلاڪ“ وقت مختصر ٿي ويو. اتي اهو به نه وسارڻ گهرجي ته جيئن جيئن سيارو ويجهو اچي پيو ٿو، اهو اختصار وڌيڪ تيز ٿيندو ٿو وڃي. هاڻي ڪجهه حالت ڏسي وٺون، وقت جي ان وهڪري جي....جن کي ٻارن کي اسڪول لاءِ تيار ڪرڻو آهي، اهي اڌ رات ڏئي اٿن ٿيون ۽ ٿانون جي کٽ پٽ شروع ٿئي ٿي. اکيون مهٽيندي ٻار جيڪڏهن تيل ڦليل ڪري تيار به ٿئي ٿو ته اسڪول جي گاڏي ان مهل کڻڻ ايندي آهي، جنهن مهل نمازي فجر تي ويندا نظر ايندا آهن. ڀلا جيڪڏهن اهي پنهنجي اسڪول کان ڪجهه فاصلي تي هجن ته جهڙوڪر اڌ رات ڏئي اچن ٿا ۽ فجر مهل اوندهه ۾ اسڪولن جا در دريون کولرائين ٿا. اتي جي اوندهه جي لڙاٽ ۽، ڪنهن نياڻيءَ کي اسڪول موڪلڻو هجي ته هر ذي شعور سڀ ڪجهه چڱي طرح سمجهي سگهي ٿو ته خوف جي چادر ٻار کي ڪيترو ويڙهي سيڙهي رکي ٿي! مٿان وري آفيسون، سفر، پيشه وريون...هر هنڌ وقت جي ڀاڄ ماڻهن کي ماريندي رهي ٿي. اسان جهڙا وجود جيڪي ان فيصلي جي شروعات ۾ ته ڏاڍا خوش ٿيا هئا، هاڻي حيرتن جي ٻڙڌڪ ۾ اها ته پوري ڪجي ته ڪيئن ڪجي! ....جتي رات جي ٻارهين وڳي تائين رڳو تراويحون پڙهي موٽبو آهي، اتي ٻيا سڀ ڪاڄ ڪيئن سرندا هئا، اهو ته رب ٿو ڄاڻي، پر موڪلائيندڙ سج جي هنن لمحن ۾ ان ڪلاڪ جي هڪ مهينو اضافي واڌ عقل ۽ شعور کي الاءِ ڪهڙا درد ڏئي وئي آهي.

    پنهنجي قوم کي ڳالهائڻ نه گهرجي عزيزانِ من....اچو ٿورو غور ته ڪريون ته ان وڌندڙ ڪلاڪ ۾ اسان ڇا ڪيو....! جيڪڏهن ٿيو نائين وڳي جي بجاءِ ڏهين وڳي جو وقت ته به صاحب ته اهو ئي يارهين وڳي آيو....بلڪه هن ٻارهين وڳي اچڻ شروع ڪيو....”ڪلاڪ جو وڌيو آهي....ننڊ ئي پوري نٿي ٿئي....“ جيڪڏهن دفترن ۾ مڃون ته حالت سڌري وئي آهي ته خبر پئي ته عزت وارا دڪان به ٻن پهرن جي هڪ بجي کان پهرين نٿا کلن...ٻيو ته ٺهيو، جنهن توانائي بچائڻ لاءِ اسان وقت جا ونجهه ورايا، اها توانائي روڊن رستن تي ئي ان ڪري به ضايع پئي ٿئي جو اسٽريٽ لائيٽس وسائڻ وارن جي اک نه پئي کلي....وقت جو وڌي ويو هو. ”صاحبان ڪرشمات“ وٽ وري به ٻيا ڪي انگ اکر هوندا، جن سڳوري ڪابينا کي عظيم الشان ڪاميابي جي ”نويد“ ڏني هوندي ته اسان ڪانٽن کي ڦيرائڻ جي ڪمال سان، هي ”ڪمال“ ڪيا آهن...پر سچ ته اهو به اٿوَ ته ٻن ڪلاڪن جي ان اضافي سان جيڪو هڪ ڪلاڪ صبح ۽ هڪ ڪلاڪ شام آهي، هڪ منٽ ۾ ٻاهتر ڀيرا ڌڙڪندڙ دل اٺ هزار ڇهه سئو چاليهه ڀيرا ڌڙڪي ٿي....ٻارنهن کان چوڏهن کنيل نارمل ساهه، پندرهن سئو سٺ ڀيرا ڏکيائي سان کڄن ٿا...هر پل ساهه مونجهه ۾ هجي ٿو، ڇاڪاڻ ته وقت پنهنجو نٿو لڳي.حياتيءَ تي هونئن ئي گهڻا دٻاءَ آهن صاحبانِ زر ۽ طاقت...خبر نه ٿي پوي ته اهي سڀ، جيڪي انهن فيصلن ۾ صلاحون ڏين ٿا، پاڻ ڇا ٿا ڪن. الاءِ ڇو دل چوندي آهي ته انهن کان هٿ ٻڌي پڇجي ”قبلا....اوهان کي خبر آهي ته فجر ڪيڏي مهل ٿيندي آهي....۽ غروبِ آفتاب ڇا کي چئبو آهي....۽ ان جي ڪهڙي گهڙي آهي....؟ اوهان ڇا پنهنجن ٻارن کي اسڪول پاڻ تيار ڪري موڪليندا آهيو يا انهن لاءِ ”آيائون ۽ خادمائون“ بلڪه گورننسز پنهنجو آرءِ تيل ڪنديون آهن....اوهان جي ٻار کي اوهان جي چمي ۽ ڀاڪر نصيب ٿيندو آهي يا اهي به انهن جي بنا هليا ويندا آهن! ڪڏهن ڪنهن آفيس ۾ خيرن سان اوهان جو ڪم پيو آهي، يا لڙي ڪٿي ويا آهيو؟ ڪڏهن ڏيهه ۾ خريداري ڪري، ڪانٽن جي ان ڦير جو لطف ورتو اٿوَ؟...ڪڏهن ڪنهن فيصلي ڪرڻ کان پوءِ عملي طرح سان ان جو جائزو به ورتو اٿوَ ته ٿئي ڇا پيو، يا رڳو ٻڌل رپورٽن تي ”سڀ ٺيڪ آهي“ جو درم وڄي پيو ٿو؟...“ عقل و خرد، علم و شعور جو ڪلاڪ اڳتي ڪيو قبلا....ان جي ڪوشش ڪيو، باقي ڪلاڪ وڌائڻ سان ڪو به فرق ڪو نه ٿو پوي، بلڪه اسين اهو ڪلاڪ به پوئتي وڃي رهيا آهيون. لهندڙ سج جي وڌندڙ پاڇن ۽ اڀرندڙ سج جي تاخير تي نگاهه رکو سائين...پروردگار اوهان جي مرتبن ۾ اضافو ڪري ٿورو زمين تي هلندڙن تي نگاهه وجهو، جنهن کي هڪ ڪلاڪ جي هن اضافي پريشان ڪري ڇڏيو آهي. وقت جي ڦيري کي، وڌندڙ ۽ گهٽجندڙ ڪلاڪ کي ڀلي جاري رکو، پر پنهنجي حالتن ۽ سماج کي ڏسندي....انگريزن کي اڄ تائين نه فجر جي خبر پئجي سگهي آهي، نه مغرب جي....اهي اسان ئي آهيون، جن کي اهي سڀ خبرون پون ٿيون ۽ اسان جا ئي وقت آهن، جيڪي منتشر ٿين ٿا.

    mehmoodmughal@hotmail.com
     
  12. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم محمود مغل جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    رزلٽ آئوٽ!




    آچر 11 آڪٽوبر 2009ع



    توهان سڀني کي مبارڪون هجن...استاد بخاري ”ٻيون نمبر“ اچي ويو آهي. سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد جي شاخ نائين آڪٽوبر تي سنڌ ايجوڪيشن ٽرسٽ ۾ ٿيل پنهنجي گڏجاڻيءَ ۾ جيڪا استاد بخاريءَ جي سترهين ورسيءَ جي حوالي سان رٿي وئي هئي، حيدرآباد جي تعليمي بورڊ جي ”جڏن نتيجن“ جيان، اهو نتيجو به پڌرو ڪري ڇڏيو. اسان جي اديبن، استاد کي اها ”مسند“ عطا ڪندي کيس حضرت شاهه ڀٽائي رحمت الله عليه کان پوءِ ٻيون نمبر وڏو شاعر قرار ڏنو آهي. ڪاوش ۾ صفحي نمبر 2 تي ڊبل ڪالم ان خبر ۾ اديبن جا نالا ڇپيل آهن...۽ بيان جي زلزلي سان، اهي ٻئي ڪالم لڏي رهيا آهن. رڻ جي هن سفر ۾ هي فقير تقريبن چوٽيهن سالن کان نمبرن جي ان نخلستان جو دوکو ڏسندو آيو آهي. جيئن رڃ ۾ سفر ڪندي، اکين کي ترورا ايندا آهن ۽ مسافر ڪنهن ڇانوري، پاڻيءَ ۽ آسائش جي اميد ۾ ويجهو ايندو آهي، سراب جي چڪر ۾ پريشانيون ماڻيندو آهي ۽ حوصلو هاري ويهندو آهي...ائين ئي الاءِ ڪيترن هم عصرن کي مون ساٿ ڇڏيندي ڏٺو آهي...ڪٿي ڪٿي ائين به ٿيندو آهي ته هڪ سراب کي محسوس ڪرڻ کانپوءِ به مسافر حوصلو ناهن هاريندا ۽ ڪنهن ٻئي ٿاڪ، ڪنهن ٻي منزل لاءِ نڪري پوندا آهن. ائين ئي هن ادبي سفر ۾ اسان ڪجهه ساٿين، خاص طور تي نياز پنهور ۽ مون، انهن ساڍن ٽن ڏهاڪن جا ڌڪ سٺا آهن. الاءِ ڪيترا عروج ۽ زوال اسان جي سامهون آيا آهن، پر هڪڙو ”زوال“ اکيون پهريون ڀيرو ڏسي رهيون آهن، خدا ڪري، اهو زوال به ڪو سراب هجي ...۽ جلد ئي سندس سچائي اسان سامهون ظاهر ٿي پوي.

    عجيب جهان آهي هي علم و ادب جو به عزيزانِ زمانه...جيڪي لکن ٿا، انهن وٽ لفظن جي ”حرمت“ جو حساب ڪتاب آهي. پنهنجي علم و ادب جي گلا ڪرڻ ڪنهن به لحاظ کان مناسب ناهي پر سچ ته اهو آهي ته مسلسل ڌڙابندين، لابين ۽ ساٿ سهارن اسان جو الاءِ ته ڪهڙو حشر ڪيو آهي...هڪٻئي کان وڏي ثابت ٿيڻ جي چڪر ۾ اسان کي پنهنجي قد جو ڪو به احساس نه پيو ٿئي، جيڪو تيزيءَ سان گهٽجي رهيو آهي. ڇا سمجهي علم و ادب جي ”ماهرن“ اهو سڀ ائين ڪيو...استاد جي يقينن پنهنجي حيثيت آهي، پنهنجي رنگ، پنهنجو اسلوب آهي، پر ائين هڪدم، کيس اهو سڀ ارپڻ سان، اسان درازن جي دولهي سچل سائينءَ سان ڇا ڪيو...! ڪافيءَ جي امام سائين مصري شاهه کي ڪٿي رکيو، ٻيو ته ٺهيو ويهين صديءَ جي وڏي شاعر ۽ نثرنگار شيخ اياز کي اسان ڪهڙي ”گڦا“ ۾ گم ڪيو؟ اياز جو شعر هجي يا نثر، اهو اياز جي نشاندهي ڪندو آهي...تنهن ڪري ئي کيس نثرنگار به لکيو اٿم...سندس ڪم هر اهلِ علم، اهل دانش جي سامهون رهي...هاڻي اهو سڀ ائين سونهين ٿو! سچ ته اهو آهي ته الاءِ ڪيتري عرصي کان علم و ادب ۾ ٺهيل اهي ”چئوخانا“ اسان جي سوچن کي تقسيم ڪندا رهن ٿا. ڪن کي ”سائين اياز“ جو ڪم سگهارو ٿو لڳي ته ڪن کي ”سائين استاد“ جو...يقينن ٻنهي جي الڳ الڳ حيثيت آهي. يقينن هر ڪنهن جا الڳ الڳ مداح آهن...پر شربت کي پاڻيءَ سان ڀيٽڻ، هڪ فضول ڪوشش آهي. يا ته کيس شربت سان ڀيٽيو يا وري پاڻيءَ کي پاڻيءَ سان. اوهان ته رنگين پاڻيءَ کي پاڻيءَ سان به ڀيٽي نه ٿا سگهو، هتي ادبي کيتر ۽ اهو سڀ ڪيئن ڪيو ٿا؟ اها ڪهاڻي مسلسل جاري رهي ٿي. هڪ عوامي شاعر، استاد بخاريءَ جا مداح، هڪ مضبوط شاعر، شيخ اياز کان گوءِ کڻڻ جي چڪر ۾ ٿا هجن...ڪمزور ته استاد به ناهي ...۽ اهو ئي سبب آهي جو ”اياز ڪيمپس“ جا ورڪر وري استاد جي ڪم کي ٿورو گهٽ ڪري ڏيکارڻ گهرندا آهن. اهو سلسلو هاڻي عالمِ آشڪار ٿي چڪو آهي. ادبي لڏي جي اها ”سرد جنگ“ خواص مان نڪري عوام تائين وڃي پهتي آهي. پنهنجي اخبار جي ڪالمن ۾ ۽ خاص طور تي وري ”هائيڊ پارڪ“ واري ڀاڱي ۾ ادبي نشستن، ادبي ڪانفرنسن ۽ ٻين گڏجاڻين جي ڪارروائي جا ڪارناما پڙهي، ڪنڌ هيٺ ٿيندو رهي ٿو. معاوضي جي سلپ کان وٺي مشاعري ۾ شرڪت تائين جا مڙئي ”ڪارِ خير“ هڪٻئي کي جواب جي صورت ۾ رڪارڊ ٿيندا رهن ٿا. پياري ثقافتي کاتي جي ڪرتائن ڌرتائن کي اها خبر نٿي پوي ته زمانو ڪيترو تبديل ٿي ويو آهي، ادبي نشستن ۾ هو جيڪي ڪجهه ڪن پيا ٿا، ان جي وک وک نوٽ ٿئي ٿي. درازن ۾ ٿيل هاڻوڪي ڪانفرنس ان جو خاص ثبوت آهي، جو ڊائريڪٽر صاحب هڪڙو بيان پيو ٿو ڏي ۽ اهو به ڪاوش جهڙي اخبار ۽ رڪارڊ تي رکڻ لاءِ ڇپائي پيو ٿو ۽ مٿان ”ٺڪ“ سان ڪو ليک لکي موڪلي ٿو ته ”قبلا، غلط ٿا فرمايو...ان جي رڪارڊنگ ته اسان وٽ محفوظ آهي...“ هاڻي ڏيو منهن...اختلاف در اختلاف...بيان در بيان. اسان جا صاحبِ علم ۽ صاحبِ حيثيت ڪيڏانهن وڃي رهيا آهن؟ اهو سڀ ڪا اڄ ڪلهه جي ڪهاڻي ناهي...الاءِ ڪيتري عرصي کان اهو جنگ و جدل جاري آهي ۽ الاءِ ڪيترو عرصو هلندو...! اها سڄي صورتحال اسان تي ”ماڻهن کلائڻ“ کانسواءِ ڪجهه نٿي ڪري. هرڪو ڄاڻي ٿو ته هتي ”ادبي ڄنڊا پٽ“ جاري آهي. سچل سائين ستن ٻولين ۾ لکيو يا ايڪهين ۾...ڪهاڻيءَ کي گولي لڳي يا ڪارتوس...ادبي سنگت ۾ ماستر ٿا ووٽ وجهن يا پوليس وارا...الامان والحفيظ...ڪهڙو دور گذريو آهي، جنهن ۾ اسان پيار محبت سان اهو ادبي سفر طئي ڪيو هجي...! ڄاڻان ٿو ته هي ”اگرو لهجو“ منهنجي برادريءَ جي گهڻن ئي تخليقڪارن کي خراب لڳندو، پر سچ جي سماعت ڪندي، اوهان ٻيو ڇا ٿا ٻڌڻ چاهيو؟...توهان وٽ اها ته شڪر گذاري آهي ڪونه ته ڪو هتي اياز هو...استاد هو...تنوير هو ۽ بيدل، بيڪس، مرزا قليچ بيگ...ڪير ڪير نه هئا...جن اوهان جي ادبي زمين جي زرخيزي ڪئي آهي...انهن سڀني جو پورهيو هاڻي اوهان نمبرن ۾ تقسيم ڪندئو...ڇا هاڻي امداد، شمشير، تبسم به نمبرن جي ڊوڙ ۾ ايندا...ڇا اهي اسان جا دانشور، ڏاها، تخليقڪار هوندا يا ”هالي ووڊ“ جي ڪنهن هيروئن جيان ٻي ريمپ تي واڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا! هڪ اديب معاشري جي سونهن هجي ٿو، سندس قلم جيڪي ڪجهه اوڳاڇي ٿو ۽ سندس زبان جيڪي ڪجهه ادا ڪري ٿي، اهو ماڻهن لاءِ جنون جي حيثيت رکي ٿو...سندس قد ماپڻو اٿوَ ته عوام کان ماپرايو...پاڻ بيهي انگن اکرن جي راند نه کيڏو...ادبي ميدان ۾ جواهرن کي نمبرن ۾ ڌڪي پري نه ڪيو...هو جيترو پري ٿيندا ويندا، اسان ۽ اوهان جي ان کيل جي ڪري سندن قد ننڍو ٿيندو رهندو.

    روس جي سربراهه اسٽالن کي ڪنهن مداح سوٽ جو ڪپڙو تحفي طور پيش ڪيو. اسٽالن اهو ڪپڙو پنهنجي درزيءَ کي ڏنو ۽ پڇيائينس ته ”ان مان ڇا ٺهندو؟“ درزيءَ وراڻيس ”ڪپڙي جي ان ٽڪر مان اوهان جي نيڪر ٺهي سگهي ٿي...“ اسٽالن هن کان ڪپڙو واپس کنيو ۽ ساڳيو ڪپڙو چيڪو سلواڪيه جي درزيءَ کي ڏئي پڇيائينس ته ”هن مان منهنجي لاءِ ڇا ٺهي سگهي ٿو...“ درزيءَ ڪپڙي کي ڏسي وراڻيو ”اوهان جو هن مان هڪڙو ٽرائوزر ٺهي سگهي ٿو...“ اسٽالن هن کان به ڪپڙو واپس ورتو ۽ پوءِ پولينڊ جي هڪڙي درزيءَ کي ڪپڙو ڏئي، ساڳيو سوال پڇيائين. جنهن چيس ته ”سرڪار، هن ڪپڙي ٽڪر مان اوهان جو هڪ ڪمپليٽ سوٽ ٺهي سگهي ٿو...“ هلندي هلندي، آخرڪار اسٽالن اهو ڪپڙو لنڊن جي ريجينٽ اسٽريٽ ۾ هڪ درزي کي ڏئي پڇيو ”هن مان ڇا ٿو تيار ڪرائي سگهان؟...“ درزيءَ ڪپڙو ڏسي چيو ”جيترا سوٽ چئو مان ٺاهي ڏيان...“ اسٽالن حيراني سان پڇيو ”روس ۾ ته ان مان منهنجي نيڪر پئي ٺهي سگهي، لنڊن ۾ ان مان ايترا سوٽ ڪيئن ٿا ٺهن!؟“ مرڪندي درزيءَ وراڻيو ته ”ڪامريڊ...اوهان جيترو پنهنجي وطن کان پري پيا ٿا وڃو، اوهان جو قد ننڍڙو ٿيندو پيو ٿو وڃي...“ اهو اياز هجي يا استاد، امداد هجي يا مجروح، رشيد احمد لاشاري هجي يا بردو سنڌي، يا منظور نقوي...يا ٻيو ڪو ماهرِ علم ۽ ماهرِ رموزِ شاعري...اسين ان حيثيت ۾ ناهيون اڃا قبلا، جو انهن جي فهرست ٺاهي، انهن جا نمبر شمار ڪندا وتون. ڪنهن کي ٻيون نمبر ڏيون ۽ ڪنهن کي ٽيون...کين پنهنجي محبت کان پري ڪري عوام وٽ سندن قد گهٽائڻ جو اسان کي ڪو به اختيار ناهي. اهو سڀ اسان کي الاءِ ڇو سمجهه ۾ نٿو اچي. شاعري، نثر، علم و ادب جي افق تي چمڪندڙ انهن ستارن جي جوت اسان جي لائبريرين، ڪتب خانن ۽ خود ڪتابن جي سونهن وڌائي ٿي. انهن لاءِ تارازيون ۽ پيمانا کڻڻ اسان کي نٿا سونهن. اهو ته شڪر آهي ته اسين شاهه سائين رحمت الله عليه کي پهريون نمبر سمجهون ٿا ۽ سندس ”تقابل“ نٿا ڪيون...پر جيڪڏهن اها روش رهي ۽ غفلت سان ڀرپور اسان جو ايندڙ نسل، علم و ادب ۾ گهڙيو ته هڪ ڏينهن شيڪسپيئر پهريون نمبر ۽ شاهه سائين ٻيون نمبر شاعر ٻڌا ويندا. توهان عالم آهيو، اديب آهيو، ڏاها آهيو، جتي اوهان استاد کي نمبر ڏيو ٿا ته هن دورِ جديد ۾ شاهه سائين کي نمبر ڏنوَ ته ڪهڙي قيامت ٽٽي پوندي. اهڙين رزلٽن جي آئوٽ ٿيڻ تي هاڻي ڪا به پريشاني نه ٿيڻ گهرجي.

    mehmoodmughal@hotmail.com
     
  13. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم محمود مغل جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    آهه و بلا




    آچر 18 آڪٽوبر 2009ع



    رت ۾ ٻڏل ڪراڙي جي ”آهه و بلا“ کان وڌيڪ مٿس بيٺل ڊاڪٽرن جي پاڻ ۾ جهيڙي جو منظر ڏکائيندڙ هو. جيڪو سينئر هيو، سو جونيئر تي شد مد سان ڪڙڪي رهيو هيو. ڪراڙي جو هيٺيون ڌڙ رت ۾ ٻڏل هو ۽ سندس حالت بظاهر ڪا بهتر نه هئي، پندرنهن سورنهن ماڻهن جي موجودگيءَ ۾ ڊاڪٽرن جو مريض مٿان بيهي، اهو ”ڪڙڪو“ ڪرڻ ڪنهن به فضيلت واري ماڻهوءَ جي سمجهه کان مٿان هيو. ڊيوٽيءَ تي موجود ”ننڍو ڊاڪٽر“ وارڊ مان گهرايل ”آن ڪال ڊاڪٽر“ کي سمجهائڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪري رهيو هيو ته ”هيلتائين مريض جي حالت بهتر ڪرڻ لاءِ، ايمرجنسيءَ جي هن صورت ۾ ڇا ڇا نه ڪيو ويو آهي....“ پر وڏي جو گوڙ وڏو هو. هو باقائده منهن مٿو پٽي رهيو هو ۽ ڄڻ سڄي هال ۾ ڪو ٻڙڌڪ مچي ويو هو. ڪجهه ننڍا ڊاڪٽر ٻيا به موجود هئا، جيڪي صورتحال سنڀالڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. ڪجهه گهڙي کان پوءِ اهو ”طوفانِ بدتميزي“ بيٺو ته سائين ”چيف ميڊيڪل آفيسر“ جي ڪمري ڏانهن راهي ٿيو ۽ هڪ ننڍڙي ڊاڪٽر منهنجي ڪنن ۾ سرٻاٽ ڪندي چيو ”هي ڊرامو هر دفعي ٿيندو آهي....ٺلهي او پي ڊي يا ايمرجنسي وارڊ ۾ مريض موت جي منهن ۾ هجي ۽ سامان نه هجي ته پنهنجا وار نه پٽجن ته ٻيو ڇا ڪجي....؟“

    اجل جي هن سفر تي هلندي، هن ئي اسپتال ۾ اسان 1989ع ۾ هائوس جاب ڪيو هو. لياقت ميڊيڪل يونيورسٽيءَ جي ڀاڪر ۾ ڀريل هيءَ اسپتال جيڪا سرڪاري آهي ۽ جنهن کي ايل ايم سي چيو ويندو آهي، سڄي سنڌ جي ماڻهن لاءِ، علاج جا الائي ڪيترا خواب سانڍي ايندي آهي. ڪنڊ ڪڙڇ مان ايندڙ اٻوجهه، غريب ۽ اڪيلا مريض، اهو سمجهي ايندا آهن ته هتي ته علاج لاءِ الاءِ ڇا ڇا نه هوندو....۽ هونديون دٻي ۾ ٺڪريون آهن، ڇاڪاڻ ته يونيورسٽي ۽ اسپتال ٻه الڳ الڳ وجود آهن. هڪ عظيم الشان خوبصورت شاهراهه جي مدد سان ”ورهايل“ اهي ٻئي عمارتون 1988ع کانپوءِ ئي وجود ۾ آيون آهن، پر سچ ته اهو ئي آهي ته جتي هائوس جاب ڪندي ”حال“ ڇڏيا هئاسين...اڄ معاملو ان کان به بدتر آهي....”پاڻي ڪونهي سائين....“ هڪ جونيئر ڊاڪٽر دانهيو...”وارڊ ۾ ڊاڪٽرن لاءِ پاڻي ڪونهي ته مريضن لاءِ خاڪ ايندو!...“ سندس ڳالهه کي هڪ مريض جو اٽينڊنٽ ڪٽي ٿو. ”حالت آهي سائين....هلو...هلي ڏسو ته هتي ڌپ ڪيتري آهي، مٿان وري پاڻيءَ جو آزار....مرد ته کڻي ٻاهر ڪٿي جهنگ ڏي هليا ويندا....مايون مڙيون آهن....انهن جي ڪنهن کي سوچ ئي نه ٿي اچي...“ مان سڀني ڏانهن ڏسندو رهان ٿو...صدائون آهن، جيڪي بلند ٿينديون رهن ٿيون. ”روڊ جي پريان يونيورسٽي آهي سائين....جنهن جا باغ بستان، ساوا، لش پش ٿا رهن....سندن لانون ته وڃي ڏسو....ڏهه مالي ٿا ڪم ڪن....پاڻيءَ جون لائنون هر هنڌ لڳل آهن....جيڪڏهن اسپتال جي ڳالهه ڪيو ته يونيورسٽي چئي ٿي ته اسان جو ڇا....اسپتال جو سسٽم الڳ آهي، ان جو کاتو الڳ آهي....کاتي وارن سان ڳالهايو....“ هڪ ڊاڪٽر ڪهاڻي کنئين ۽ ڳالهه جاري رکي....”رڳو اهو ناهي سائين، سڄيءَ اسپتال ۾ دل جي تڪليف لاءِ بنيادي ٽيسٽ اِي سي جي (ECG) لاءِ مشين ناهي...جيڪڏهن خدانه خواسته ڪو دل جي دوري جو مريض اچي وڃي ته سور لاهڻ جي سئي هڻڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي، جنهن مان دل جي حالت جي خبر پئجي سگهي...مٿان وري جيڪڏهن ايم آءِ (M.I) جو مريض اچي ويو ته ٻن منٽن ۾ ڪهاڻي پوري ٿي ويندي آهي، سائين رب جو حڪم سمجهي سڀ ماٺ ٿي ويندا آهن....“ مايو ڪارڊيل انفارڪشن، ايم آءِ سڏائيندو آهي. دل جي ان تڪليف جو موت، دنيا جو ”آسان ترين موت“ سڏرائيندو آهي، جنهن ۾ مريض ٻن کان پنجن منٽن ۾ ماٺ ميٺ ۾ اجل جي راهه وٺندو آهي. جيڪڏهن سربستو علاج نه ٿيس ته موت سئو سيڪڙو ”يقيني“ اٿس....هاڻي ان جي مريض کي به جيڪڏهن خالي ”سور جي سئي“ لڳي ته ماڻهو ڪيڏانهن وڃي....؟

    لفظن ۾ ربط ناهي عزيزان مَن ۽ هجي به ڇو....! ڪهڙي رومانٽڪ يا حسين ڪهاڻي بيان پيو ٿو ڪيان، جنهن ۾ لفظن جي سونهن سندرتا ڇلڪندي هجي....هتي درد، پيڙا، غفلت ۽ هٺ ڌرميءَ جو ”ڪاڄ“ خوب سرجي ٿو، جتي وڏا وڏا عهدا ته هجن ٿا، وڏي دل نٿي هجي. جتي وڏا وڏا ڊاڪٽر ته هجن ٿا، پر وڏو علاج ٿي نٿو سگهي. ”ڪجهه سال پهرين، هسٽري لکڻ لاءِ، مريض جو احوال ڪٺي ڪرڻ لاءِ ڪاغذ ڪو نه هوندو هو، سائين....هاڻي ڪاغذ هجي ٿو ته اجهو اهو پاڻيءَ جو عذاب آهي....دوائن جي کوٽ آهي....ڌيان جي کوٽ آهي...“ ايڪيهه سال پهرين...جڏهن اسين هائوس جاب تي هئاسين ته اسان هڪ مريض جي آخري پساهن جي مئنجمينٽ پئي ڏٺي، اسان جا سينيئر کيس بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا پر هن بهرحال اکيون پوري ئي ورتيون هيون. جنهن ڳالهه اسان جا لڱ ڪانڊاري ڇڏيا هئا، سو اسان جي وڏي ڊاڪٽر جو ”رويو“ هو. مريض جي آخري ساهه کڻڻ کان پوءِ هن بنا سندس اکيون بند ڪرڻ جي هن جي منهن تي تفصيلي چارٽ رکيو هو. سندس منهن ڍڪيو هئائين ۽ لاوارثيءَ جي ان ”آبجيڪٽ ڪيس“ کي ڇڏي تيزيءَ سان روانو ٿي ويو هو. اسان مان الاءِ ڪيترن کي ان مهل خبط آيا هئا، نوجوان هئاسين، موت جي حرمت جي خبرهئي ۽ ان ڪري ئي اسان هڪدم چارٽ پري ڪري ميت کي چادر ڍڪائي هئي....طب جي پيشي ۾ ”مسيحائن“ پاران روين جو اهو پهريون ڇرڪ هئو، جنهن اڄ ڏينهن تائين اکين ۾ آکيرا ٺاهي ڇڏيا آهن. مڃجي ٿو ته سڀ ڊاڪٽر ائين ناهن...پر وري به جيڪڏهن غور ڪجي ته سندن سراسري اهڙي ئي نڪري ٿي...بي مروت...بي لحاظ...هنن سٽن لکندي مان اهو اقرار ڪرڻ ٿو گهران ته مان به انهن ڊاڪٽرن منجهان ئي آهيان، انهن جي قبيلي مان آهيان، ساڳي برادري ۾ ساهه کڻان ٿو، رڳو پريڪٽس نٿو ڪريان. منهنجا هم عمر، سنگي ساٿي، هن مهل وڏن وڏن عهدن تي آهن. ڪڏهن ڪڏهن اسين انهن عهدن تي پهچي حالتن مٽائڻ جي سوچ ڪندا هئاسين، اڄ انهن عهدن تي پهچي چڪا آهيون...ته ڇا اسان به وقت جي وهڪري ۾ وهندي اهڙا ئي ٿي ويا آهيون!

    ڇا ٿيو آهي صاحبانِ زمانه...ڇا بجيٽون گهٽ ٿي ويون آهن...ڇا سرڪار مدد بند ڪري ڇڏي آهي! ڇا ڊاڪٽرن جي نوڪرين ۾ گهٽتائي اچي وئي آهي. ڇا سندن مان شان ۽ سلاميءَ ۾ ڪو ڪوتاهه نظريءَ جو سامان ٿيو آهي...ٺٺ ٺانگر اهي ئي آهن، پگهارون اڃا به وڌن ئي ٿيون، شام جو ڪلينڪ تي پورو نٿو پئجي سگهجي...آپريشن آهن جيڪي کٽن نٿا..پوءِ هتي هن سرڪاري اسپتال ۾ اهو سڀ ائين ڇو آهي؟ اسرائيل ويل ڪنهن همراهه ٻڌايو هو....”سائين اتي يهودين ڇا ته پنهنجي ماڻهن لاءِ ڪم ڪيو آهي، ڏسي ماڻهوءَ جو وات پٽجي ٿو وڃي ...هر گهر جهڙو محل...سائين هر گهر...پوءِ اهو فليٽ هجي يا بنگلو....مٿان وري قضا ڏسو....وچ ۾ هوندي لوهه جي تار...يعني تار واري ڀت ۽ پريان اجڙيل عمارتون سڙيل گاهه....۽ ڀڳل ٽٽل اسٽرڪچرز...اهو آهي فلسطين...گل ۽ ڪنڊو....گڏ نظر ايندا آهن....“

    هن واري ايل ايم سيءَ تي نگاهه وجهو، ان ڳالهه کي وري وري اندر ورجايو...هتي به بلڪل اهو ئي ته منظر آهي، جيڪڏهن اوهان ڄامشوري ڦاٽڪ کان اچو ته ويڪري خوبصورت روڊ جي ساڄي هٿ تي يونيورسٽيءَ جون عمارتون آهن ۽ کاٻي پاسي تي اسپتال جي عمارت...جيڪڏهن ٻاهران فلسطين ۽ اسرائيل جو احساس نه به ٿئي، ته به اندر وڃي ته گلن ۽ ڪنڊن جي خبر پئجي ئي وڃي ٿي. هڪڙي ملندي آهي زندگي معزز خواتين و حضرات....جيڪا هڪڙو ڀيرو ئي موڪلائيندي آهي، اها هڪ عام حڪايت آهي...ڇا ان کان اسان جي صحت کاتي وارا اڻڄاڻ آهن....؟ ڇا کين خبر ناهي ته ساهه جي آمدرفت جڏهن بند ٿي ته وري نه کلندي....ڇا نٿا ڄاڻن ته سرجري هلندي، جيڪڏهن لائيٽ نه هجي ته ڇا ٿيندو!...جيڪڏهن اسپتال ۾ صفائي نه هجي ته ڪهڙو عذاب ٿي سگهي ٿو....۽ جيڪڏهن پاڻي غير موجود هجي ته حياتي ڪيئن ٿي ويندي آهي!

    ”هفتي ۾ هڪ اڌ ٽينڪر يونيورسٽي وارا موڪليندا آهن سائين...“ هڪ عملدار ٻڌايو...”ڪم مڙئي پيو هلندو رهي، هو به سچا آهن...کاتا الڳ الڳ آهن...هنن تي ڀلا اسان جو زور ته ڪونهي، اسان پنهنجي حالت پاڻ سڌاريون نه...“ بي وسيءَ جي هن ڪٿا ۾ هٿ ٻڌڻ تي دل چوي ٿي هٿ ٻڌجن، پنهنجي انهن ڪلاس فيلوز کي جيڪي هاڻي پروفيسرز ٿي ويا آهن....ذري گهٽ وارڊن جا هيڊ ٿي ويا آهن. جيڪڏهن وٽن پورو حساب نه به آهي ته اسي سيڪڙو کان وڌيڪ وٽن حساب ڪتاب رهي ٿو، ڇاڪاڻ ته ”فل پروفيسرز“ جي حالن کان سڀ واقف آهن. ڇا اوهين پنهنجي هن اسپتال لاءِ ڪجهه نٿا ڪري سگهو...! ڇا اهي ننڍا ننڍا مسئلا به اوهان کان حل نه ٿا ٿي سگهن، ڇا اوهان به ميت جي چهري کي چادر سان ڍڪڻ ٿا گهرو يا مٿس ائين ئي پيل چارٽ ٺيڪ آهي؟ صاحبِ ادراڪ آهيو، صاحب حيثيت آهيو...ڪجهه اهڙو ڪيو جو لاغرضيءَ جي هيءَ روش ڪٿي غائب ٿئي...جنهن ”قسم“ کي کڻي پاڻ ڊاڪٽر ٿيڻ جو سوچيو هئوسين، ان قسم جو ئي کڻي ٿورو گهڻو لحاظ ڪيو. ايل ايم سي اسپتال لاغرضي ۽ بي حسيءَ جي حادثن جي ڪري زخمي ڪراڙيءَ جيان رت ۾ ٻڏل آهي، جنهن مٿان بيٺل مسيحا خالي گوڙ ڪرڻ ۾ ”اعتبار“ رکن ٿا. کين پنهنجي مادرِ علميءَ جي ”آهه و بلا “ ٻڌڻ ۾ نه ٿي اچي. الاءِ ٻڌڻ ۾ نه ٿي اچي، الاءِ اهي ٻڌڻ ئي نٿا گهرن.

    mehmoodmughal@hotmail.com
     
  14. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم محمود مغل جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    ڳليان پريم نگر ديان!




    آچر 25 آڪٽوبر 2009ع



    ڏيا ڀريل چهرو، سڀني نرمين ساڻ آسوده خاڪ ٿي چڪو آهي. ٽالپر وڏا مان کنيل مٽيءَ جو ”پنوڙو“ 1934ع کان 2009ع تائين جو سفر پورو ڪري، اتي ئي وڃي ستو آهي، سهراب فقير موڪلائي چڪو آهي، انا الله و انا اليه راجعون. هاڻي هن آواز جي ڪا به گونج ڪنهن درگاهه تي ڪو نه گونجندي، ڪنهن اسٽوڊيوز جي ڪا ”بي آواز ديوار“ ان ارتعاش کي ڀاڪر ۾ ميڙي نه سگهندي، جيڪو سهراب فقير خاصخيليءَ جي آواز جو ”خاصو“ هو. گيڙو، وڌيڪ اداسيءَ ۾ رڱجي ويو آهي. انهن سرمي ڀريل اکين جي نگاهه هاڻي پوڻي ناهي، اهي ”ڪيسَ“ هاڻي نظر نه ايندا، ”بابو“ چوڻ وارو نهٺو، سدا رنگي، سدا ملوڪ، سدا بهار، عالمي حيثيت جو ”فقير“ هاڻي آواز جي صدا بلند نه ڪندو...سڀ خاڪ آهي...خاڪ، خاڪ سان وڃي گڏي آهي. حياتي هڪڙو ڀيرو ئي ملندي آهي، عزيزانِ من. سچ ته اهو آهي ته هڪ دفعو ئي اک کلي ٿي ۽ هڪ دفعو ئي بند ٿئي ٿي، انهيءَ وچ واري وقفي کي ”حياتي“ سڏجي ٿو. اسين الاءِ ڪهڙا ڪهڙا سانگ رچايون ٿا، فنا جي غلاف ۾ ويڙهيل اسين بقا جي سفر ڏانهن وکون کڻون ٿا. ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿئي ٿو ته فنا جي ان چادر ۾ بقا جا ڪجهه گل ٽوپجي وڃن ٿا. اها ڪڙهائي ڪنهن ڪنهن کي ئي نصيب ٿئي ٿي، وقت جي ويرَ انهن گلن جي رنگن کي ”جهڻيو“ به ڪري ٿي، انهن جي سرمستي به وڃائي ٿي، پر جيڪڏهن پورهيو شديد آهي ۽ نيتون صاف آهن ته اهي رنگ، جٽاءُ ڪن ٿا. ”درگاهي رنگ“ ۾ سهراب فقير جو پورهيو به ڪجهه اهڙو ئي معاملو آهي.

    ”سُنگ جي آسمان تي ستارن جيان مرڪندا هئا، سندس ساٿي...“ صبح مهراڻ ۾ جڳ مشهور براڊ ڪاسٽر، ميزبان، ليکڪ ۽ استاد محترم نصير مرزا ڳالهائي ٿو ” ۽ بلاشڪ ته انهن ستارن ۾ سڀ کان روشن ستارو اهو پنهنجو سهراب فقير هيو...آواز جي سڀ کان وڏي گونج ۽ خاص طور تي آخري حد تائين، آواز جي هڪجهڙائي ننڍي کنڊ ۾ تمام گهٽ ماڻهن کي نصيب ٿي آهي ۽ فقير سائين انهن مان هڪ هيو، سندس نالو به ڪمال هيو....”سهراب“ جنهن نالي ۾ خود وڏي طاقت آهي. مان کيس سدائين چوندو هئس ته توهان جي نالي ۾ جيڪي دم آهي سو ئي توهان ۾ به آهي....“ عالمي شهرت جو حامل فنڪار هيو سهراب سائين....ذاتي زندگيءَ ۾ هڪ پرڏيهي دوست جڏهن پاڪستان آيو ۽ مون سان ملڻ لاءِ ڄامشوري ڪهي آيو ته حيرت جي ڳالهه اها هئي ته هن پيرس مان مون لاءِ جيڪو تحفو آندو هو، سا ”سهراب فقير جي سي ڊي“ هئي. فرانس جي ڪنهن آواز جي سرموڙ اداري کيس رڪارڊ ڪيو هو ۽ منهنجي مهمان کي ان کان وڌيڪ ڪو تحفو سمجهه ۾ نه آيو هو...”حيرت انگيز آهي هن جو آواز...سوهراب...حيرت آهي....اهڙو آواز ڪٿي نه ٿو ملي...توهان جي آوازن جي دنيا ڪيڏي نه امير آهي جو اهڙا آواز منجهس موجود آهن....“ ۽ خالي اهو منهنجو پرڏيهي مهمان ئي نه هئو، جنهن جي اها سوچ هئي، سهراب فقير جي لاڏاڻي تي سائين حميد آخوند ڪي ٽي اين تي چيو پئي ”جرمنيءَ ۾ سندس پرفارمنس حيرت انگيز هئي، اتي هڪ خاتون جيڪا ”الرچ“ ۾ عالمي ميلو منعقد ڪرائيندي آهي، سندس آواز لاءِ چيو ته سهراب جو آواز اوهان کي جنت جو دروازو کولي ڏئي ٿو.“ اها ڳالهه مڃڻ جي آهي ۽ فيڪٽ آهي ته سهراب فقير، ننڍي کنڊ جو ۽ عالمي حيثيت جو هڪ وڏو ڳائڻو هو...سڄي دنيا ۾ سندس فني حيثيت تسليم ڪئي ويندي هئي. مان نٿو ڄاڻان ته سهراب فقير، پنهنجي حياتيءَ جي ڪهڙي ورهيه ۾ لطيف سائين رحمته الله جي درگاهه تي پهريون سلام ڪيو هوندو....سندس شعور جي ڪهڙي ڪيفيت هوندي ۽ سندس اندر ۾ درد جو درياءُ ڪيتري موج ۾ هوندو، پر جمعي ڏهاڙي پنهنجي حاضريءَ کي هن يقينن آخري حاضري سمجهيو هوندو. الاءِ ڇو دل چوي ٿي ته لکجي ته کيس اهي ”سنئوڻ“ پئجي ويا هئا ته هاڻي هن جاءِ تي وري نه اچبو...هاڻي هي در و ديوار ڌنڌ جي پار هليا ويندا. مستقل هفتي کان جو هن پنهنجي ڳوٺ موٽڻ لاءِ ”ٻاراڻو ضد“ پئي ڪيو سو اجايو نه هيو....موڪلائڻ جي مامَ سمجهه ۾ نه ايندي آهي، جيڪڏهن اچي وڃي ته الاءِ ڪيترا دروازا کلي ويندا آهن، ”پريم نگر جون ڳليون“ ڪڏهن ڪڏهن سامهون نظر اينديون آهن....نظر اينديون آهن تڏهن ته سهراب سائين زور لاتو هو ته بس گهر موٽي هلو. هڪ وڏي سفر کان پوءِ فقيري رنگ جو هي نماڻو سر موڙ آرام لاءِ موٽيو آهي، سندس گهر، سندس لانڍي، سندس اوطاق، سڀني جو ڪنڌ جهڪيل آهي.

    ”ڪمال ماڻهو هو سائين سهراب فقير...عجيب...عجيب و غريب.“ پاڪستان ٽيليوزن جي هڪ ڪئمرامين ٻڌايو اسين هڪ واري سندس رڪارڊنگ ڪرڻ لاءِ هن جي ڳوٺ وياسين...سائين....مهمان نوازيءَ جي ته هن حد ڪري ڇڏي....اهو سڀ ته ٺهيو، پاڻ پنهنجي هٿن سان هڪ هڪ ماڻهوءَ کي مانيءَ جا گرهه ٺاهي پيو کارائي....اسين چئونس پيا توهان به کائو نه...چئي نه...اوهان سڀ پهرين...آئون سڀ کان آخر ۾...“ ۽ اهو ئي ذڪر عرفانه ملاح سان پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۾ هن بار بار پئي ڪيو...فالج جي ڪري ڳالهه جي واضح نه پئي ٿئي ته سندس فرزند رجب فقير جملا چٽا ڪري پيو ڏئي...”اسان کي مرشد کارائي...هڪ هڪ کي....پهرين اسين، آخر ۾ پاڻ....بابَو....واهه....ڀلا ڀلا....پهرين ٻيا پوءِ پاڻ....اهو ئي سکيوسين....اهو ئي سيکاريوسين....“ پنجهتر سالن جي هن پير مرد تقريبن اٺهٺ سال هن فن کي ارپيا، اهو به عجيب سلسلو ٿيو جو شهرتن جي ديوي حياتيءَ جي ڏاڪي ۾ مٿس ان وقت مهربان ٿي هئي، جڏهن هو تقريبن اڌ صدي پرفام ڪري چڪو هو، پوءِ به ارڙهن سالن جي هن سفر ۾ هن سچل ايوارڊ، شاهه لطيف ايوارڊ، شهباز قلندر ايوارڊ، تمغهءِ حسنِ ڪارڪردگي يعني صدارتي ايوارڊ ۽ عالمي ميوزڪ ايوارڊ حاصل ڪيا هئا. نه صرف حاصل ڪيا هئا، بلڪه حاصلات جي دنيا کي انيڪ دفعا ورجايو به هو. عالمي حيثيت جي قد ڪاٺ سان هن سورنهن ملڪن ۾ ڀرپور پرفارمنس ڏني هئي. برلن، بون، الرچ، پيرس ۽ ٻيا ڪيترائي شهر سندس آواز جي ”سونهن-ڌاڳي“ ۾ اهڙا جڪڙيا جو ڄڻ اتي سهراب فقير جو ڄار اڻجي ويو هو.

    اداس مک وارو اداس فقير، هاڻي جوڳ وٺي چڪو آهي. جناح اسپتال جي ايوانن ۾ سندس گهمندڙ اسٽريچر الاءِ ڪيترا چڪر ڪاٽيا هوندا، الاءِ ڪنهن ڪنهن لاءِ هن نهاريو هوندو ۽ الاءِ ڪيترا ڀيرا سندس دل کائنس سوين سوال ڪيا هوندا، جن جا جواب، سندس ڀرپور مرڪ، ڀرپور اداسيءَ سان ڏنا هوندا. رڳو راڳي نه هو سهراب فقير مرحوم....هو هڪڙو زيرڪ وجود به هيو، جنهن کي زماني جي لاهن چاڙهن جي ڄاڻ به هئي، کيس ڀليءَ ڀت اها پروڙ هئي ته ڏکن لمحن ۾ دوستن کي لڄي نه ڪبو آهي، فقير ته ڀرم رکڻ ڄاڻندا آهن...کيس ڄاڻ هئي ته هي جهان ستت ڇڏڻو آهي ۽ کيس اها به خبر هئي ته اها خبر، هر ڪنهن کي پئجي چڪي آهي ته ”اڄڪلهه“ جي مهماني باقي بچي آهي جو ڪنهن وفا ڪئي ته سندس لک ٿورا....۽ جيڪڏهن هن جي پاران بي وفائي پلئه پئي ته به فقير دعا ڏئي رخصت ٿيندو...ايڏي وڏي ماڻهوءَ جي مک تي شڪايت ڪا سونهين ٿي؟ سهراب فقير ماٺ ميٺ ۾ رخصت ٿيو آهي، پر جناح اسپتال جي ڀتين جي شڪايت کٽي ئي ڪا نه ٿي...هو ڪاريڊورز ۾، وارڊ ۾، دروازي وٽ هڪٻئي سان سرٻاٽ ڪنديون رهن ٿيون. اهو هو سهراب فقير...ايڏو وڏو فنڪار...ايڏو وڏو نالو...جنهن سان اهڙي حالت ٿي هئي!! مٿان وري واپس آيل ايمبولينس، جنهن ڪالهه کيس سندس گهر تائين پهچايو هو، ڀتين تي نگاهه وجهندي چئي ٿي ”پريم نگر جي ڳلين جو پريمي، اهو وڻجارو هتان وڃڻ مهل ڏاڍو نا آسوده هيو، پر جيئن ئي پنهنجي گهر تي هن جي نظر پئي هئي ۽ کيس لطيف سرڪار جي در تان رخصتيءَ واري نگاهه ياد آئي ته سندس نيڻن جا ڏيئا شدتن سان ٻري پيا هئا. بي مهر جهان مان پريم نگر ڏي، هو ڏاڍو پريم سان ويو آهي...“

    mehmoodmughal@hotmail.com
     
  15. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم محمود مغل جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    ڇنڻ مُور نه سکيا




    آچر پهرين نومبر 2009ع



    نياز منديءَ سان حاضر آهيان. محبت جي ڪهڙي موٽ ٿي سگهي ٿي عزيزانِ مَن...چاهت جو گلاب ٽڙي ته خوشبو ڪو نه ايندي آهي. محبت جي اڻ ڏٺل ڏور جا وَرَ ڏاڍا عجيب هوندا آهن، وٽيل سٽيل....جيڪڏهن اوهان کي ويڙهي وڃن ته اکين مان منظرن جو تسلسل ختم ٿيڻ جو نالو ئي نه وٺندو. مسلسل حاضريءَ جي هن جهان ۾ اوهان جا الاءِ ڪيترا اي ميلز، محبت نامه، حجت نامه ۽ فونون ملنديون رهن ٿيون، صلاح مشوري جي عنايت ڪيو ٿا. موضوعن بابت اشارا ڪناين کان وٺي سنئون سڌو جملن جي بارش ڪيو ٿا. فقير جو ڪم صرف صدا بلند ڪرڻ نه هوندو آهي، جيڪي ڪجهه پلئه پوي ٿو، جيڪي ڪشڪول ۾ ڪري ٿو، ان تي نظر ته پوي ئي پوي ٿي. صلاحن جا در کلن ٿا ته الاءِ ڪيترا خيال اندر گهڙي مرڪڻ ۽ تال ڪڍڻ شروع ڪن ٿا، جن جو اندازو هوندو آهي ته اهي قبول ٿي ويندا، اهي ”مرڪندا“ رهندا آهن ۽ جن خيالن کي اهو ”خيال“ ايندو آهي ته انهن جو قبولجڻ، هن غريب جي حيثيت کان مٿي آهي، اهي ”تال“ ڪڍڻ شروع ڪندا آهن.

    عبدالواحد سمي لکي موڪليو ”خواب نگر زبردست هلي پيو ٿو...پر هن واري اوهان جي لکڻين ۾ رنج ۽ اداسي گهڻي آهي...“ ڳالهه جو مطلب اهو هيو ته جڏهن کان خواب نگر موٽيو آهي ته ڪالمن ۾ اداسيءَ جو الميو گهڻو آهي...ٺيڪ آهي، سچ آهي...مان پاڻ ان سان سهمت آهيان، معزز خواتين و حضرات، خوشيون خريد ۾ ”گهٽ“ اچن ٿيون....۽ سچي ڳالهه ته اها آهي ته هاڻي ته اهو ملهه به ڪونهي، جيڪو ادا ڪري ڪٿان ڪا ”اصلي...نج....سچي..“ مرڪ ماڻجي...هٿ تي هٿ هڻي، تاڙي هڻي ڪو ”کچڪو“ هٿ ڪجي...مرڪندي يا کلندي اکين ۾ لڙڪ اچن...جن جا کيسا پئسن سان ڀريل آهن، انهن کان ئي قسم ڀرائي کڻي پڇيو ته ”دل جي کِلَ جو آواز“ هنن آخري ڀيرو ڪڏهن ڪنايو هو. ماڻهو ته حالتن جو ٺهيل هوندو آهي صاحبانِ زمانه...حالتن ۾ کلڻ ۽ روئڻ هوندو آهي. جنهن ڪيفيت مان لنگهون پيا ٿا ۽ جن حالتن مان وطنِ عزيز گذري پيو ٿو، انهن ۾ مرڪن جا گلاب ڪٿان ٽڙندا عبدالواحد...دعا ڪر...بلڪه سڀ دعا ٿا ڪيون ته وري ڪي موسمون موٽن ۽ خريدارن جي فهرست ۾ اسان به اچي سگهون.

    محترمه ڪلثوم عنايت صاحبه لکيو ”پنهنجو پاڻ مان نٿا نڪرو اوهان...ٿورو ٻاهر نڪرو، دنيا کي ڏسو، زندگي رڳو ائين به ناهي جيئن اوهان کي ڏسڻ ۾ اچي ٿي. ڪجهه رنگ...ڪجهه مثبت پهلو ڪجهه ٻيو...ڇا اهو سڀ ائين آهي، جيئن اوهان ڏسو ٿا يا ڏيکارڻ ٿا گهرو....!“ نامه ته نامه هوندا آهن...ڪاغذن تي تحرير اوتيل هوندي آهي. هن اديءَ به اهڙو ڪجهه ئي محسوس ڪيو هوندو، جيڪي ڪجهه هن لکيو آهي، پر ڳالهه اها آهي ته ڇا خواب نگر ”منفي“ آهي؟ ”ڪاٽو“ آهي؟ ڇا بي رنگ آهي؟ جيڪڏهن هيانءَ تي هٿ رکي عرض ڪجي ته سچ ته اهو آهي ته هن نگارخاني ۾ ئي اوهان کي رنگ نظر ايندا...هتي ئي اوهان کي اندر جي درد، رشتن جي سچائيءَ، ننڍ وڏائي، احترام عزت ۽ احساس جي دولت جا مثبت پهلو ملندا....پنهنجي منهن سان پنهنجي تعريف ڪرڻ ڏاڍو عجيب لڳندو آهي، پر ڳالهه اها آهي ته هن فقير جو چهرو ته سانورو ٿي سگهي ٿو، پر خواب نگر اهو ئي ”اڇو...اجرو“ ۽ گلابي گلابي آهي. دورِ جديد ۾ هڪڙو جملو هليو آهي ته ”داغ...ته سٺا هوندا آهن...“ پر اهڙو ڪو به سٺو داغ، هن گلاب مک تي اچي نه سگهيو آهي. مان بحيثيت خوابن جي راويءَ جي ڪميءَ جو شڪار ٿي سگهان ٿو، ”خواب نگر“ ڪمتريءَ جو سوچي به نٿو سگهي ادي...هي دڪان ڪو عام دڪان ڪونهي...هتي جو وکر جيڪڏهن هر هنڌ ملڻ شروع ٿئي ته پوءِ اسين ائين روح کي ڇو روليون؟ ڇو ايتريون رولاڪيون ڪري، سوچ جي انڊلٺ مان ڪو رنگ چورائي، ڪو ”پيرهن“ اوهان لاءِ آڻيون؟ جيڪڏهن ڳالهه وڌيڪ نه لڳي ته هٿ ٻڌي اهو به عرض ڪجي ته خواب نگر ته ”عاشقي“ آهي ۽ عشق ۾ ”ڪاٽو“ ته ٿي ڪو نه ٿو سگهجي...جيڪو ڪاٽو ٿيو، تنهن پاڻ کي ڪاٽا ڪيو، باقي جيستائين ڏسڻ جو تعلق آهي ته اهو ائين بلڪل ٿي سگهي ٿو ته هر نگاهه پنهنجي حساب سان منظر ڏسندي آهي، اکين تي جنهن رنگ جي عينڪ چڙهيل هجي، منظر انهن رنگن جا ئي منظر هوندا آهن....عڪس ته اهو ئي نظر اچڻو آهي، جيڪو اکين جي شيشي جي پار نهاربو. هونئن وري اهو ورجاءُ ٿو ٿئي ته منظرن جا رنگ کڻي ڪهڙا به هجن، نظرن جو تاثر ته وري به الڳ هوندو آهي. مهربانين جي عجيب موسم آهي، جيڪا اوهان پاران نازل ٿيندي رهي ٿي. هن فقير جي ڪمپيوٽر جو اسڪرين اوهان جي نالن سان جرڪي ٿو ته عجيب ”ڀراءُ“ محسوس ٿيندو آهي، سرن جو، رنگن جو....پٺيءَ تي ڪا ”ٿڦڪي“ محسوس ٿيندي آهي، اکين ۾ آب لهي ايندو آهي. ڳالهه مسند تي ويهڻ جي ناهي عزيزانِ من...ڳالهه مسند جي ”حيثيت“ جي آهي، پنهنجو پاڻ کان ڪيترو ڀڄي سگهجي ٿو...آئيني کان ڪنهن کي انڪار ٿي سگهي ٿو، خوشين ۽ مرڪ ۽ اداسين ۾ ڳوڙهن جي ساٿ کان ڪير ”منڪر“ ٿي سگهي ٿو. اڻ ڄاتل هڪ نمبر تان نياپو آيو ”ڀاڙيا آهيو اوهان...ڊڄو ڏاڍو ٿا...ڊڄي ڊڄي ٿا لکو...هلو...سياست کان ته کڻي شروع کان منحرف آهيو، هتي ڇا ٿي ويوَ جو سهراب فقير تي خوبصورت ڪالم ۾ ڪلچر ڊپارٽمينٽ ڏانهن....سندس بي راهه رويءَ ڏانهن اشارو به ڪو نه ڪيوَ....پنهنجي ”سيٽ“ پڪي ڪرڻ ٿا گهرو ڇا؟...ڇا ثقافت ۽ سياحت کاتي ۾ ڪا سڻڀي جاءِ خالي آهي؟...ڇا ٿئي ها...جيڪڏهن اوهان جهڙو ليکڪ، سچ جو ذڪر ته ڪري ٿو، پر ان سچائيءَ ڏانهن به ڌيان ڌري ها....“ عرض ڪري چڪوآهيان نه، اکين ۾ ايوان کلن ته الاءِ ڪيترا خيال جهومندا، ڳائيندا ايندا آهن، اهو وهڪرو وهندو رهندو آهي. منهنجي هن محترم به شايد اهڙي ئي ڪا دري کولي هوندي...مڃان ٿو...شروع کان ئي عرض ڪري آيو آهيان ته قبلا، ”شينهن مڙس“ مان ناهيان، هنن اشارن ڪناين جي جنهن کي ”سياست“ چيو وڃي ٿو، پاڻ کي ذري خبر نٿي پوي....ڪو ”ڌپو“ ئي نٿو پوي ته ڳالهائبو ۽ لکبو ڇا!؟ باقي ڪڏهن ڪاغذ ائين هوندو آهي جو پسمنظر ۽ پيش نظر ۾ الاهي فرق هوندو آهي، اهو سڀ ائين نه هوندو آهي، جيئن نظر ايندو آهي. جنهن رات سهراب فقير دنيا ڇڏي هئي، ان رات ڪي ٽي اين تي خبر اچڻ کان هڪدم پوءِ رات جو اڍائي وڳي تائين سڀني چينلن تي نگاهه ڊوڙي هئي. خبر اها به پئي هئي ته سهراب سائين جو سکر مان ڪراچي تائين سفر ڪلچر وارن ئي ڪرايو هو...علاج ۾ مدد ڪئي هئائون، ها...وزير صاحبه نه پهتي...پر هن به پنهنجو ذاتي عذر ڪلاڪ اندر سنئون سڌو ڳالهائيندي واضح ڪيو هو. ڳالهه چمچه گيريءَ ۾ شامل نه ٿئي ته عرض ڪجي ته ڀيڻ سسئي پنهنجو پاڻ کي ثقافت جي ڀنڀور ۾ ”سسئي“ پيش ڪرڻ جي مڪمل شعوري ڪوشش ڪئي آهي، سندس پورهيو اوهان ۽ اسان جي سامهون آهي. جيڪڏهن هڪ واري ڪٿي ڪا ڪوتاهي ٿئي ٿي ته پنهنجي رب مٺڙي کي حاضر ناظر ڄاڻو...ائين سڀ ڪجهه ”تلٻٽ“ ته نه ڪيو...باقي ذڪر رهيو ڪنهن سڻڀي جاءِ جو...ته سائين هاضمو ته ازل کان خراب آهي، سڻڀ کائي ڇا ڪرڻو آهي. هڪڙي ملي ٿي حياتي...۽ ان ۾ به جهڙو نافرمانيءَ جو جهيڙو هلندو رهي ٿو.

    هن فقير وٽ حاضر ڪرڻ لاءِ جيڪي ڪجهه آهي، سو پيش ڪجي ٿو. سندس گاڏي تي جيڪو وکر رکيل آهي، اهو شل قبول پوي...موڙي ۽ بها ته اوهان ڪٿيندئو...جيڪڏهن وکر جي قيمت رکجي ته پوءِ ڪٿان وڪامجي سگهندو؟ سليم ڪوثر لکيو هو....”محبت ڊائري هرگز نهين هي، جس مين تم لکهو...که کل کس رنگ کا کپڙي پهنني، کون سي خوشبو لگاني هي...“ بلڪل ائين ئي...اسان ۽ اوهان جون محبتون به بس ڊائريءَ ۾ لکڻ کان ”سوا“ آهن....اهي ته ياد جا دروازا آهن...کُلن ٿا ۽ کِلن ٿا. اها ياد، اوهان جي مهر آهي، هن دل تي اوهان جي مهر آهي. ان ياد جو دامن شل سلامت هجي...فقير کي خبر آهي ته سندس ڪشڪول ڪڏهن به خالي ڪو نه ٿيندو. سائينءَ سان ملاقات جي لاءِ اوهان اتاولا آهيو...اها ٿي ته احوال ضرور گوش گذار ڪندس. مولاءِ ڪل جل شانه اوهان کي سکيو رکي، جڙيا هجو...۽ جوڙڻ جو هنر ڄاڻندا رهو، جيڪو الاءِ ڇو اسان کان وسرندو ٿو وڃي.

    mehmoodmughal@hotmail.com
     
  16. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم محمود مغل جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    خواب نگر



    وڏو ماڻهو ... ننڍو ماڻهو!





    آچر 8 نومبر 2009ع



    سندس نگاهه جا گلاب مهڪن پيا، اکين جي جوت تيز کان تيز تر هئي، اندر ۾ ڄڻ باهه ڀري آيو هو...لهجو تيز تر هئس، ڳالهه کٽڻ جو نالو نه پئي وٺي، ۽ منهنجي ”گهٽ ظرف“ جو پيمانو ڄڻ ڀرجي آيو هو. ”هن ڊيل جي سر هيئن ٿيندو ته اوهان هي ڪوپن کڻي ويندا. ان تي اوهان جي وزٽ فري هوندي. مٿان وري هن پيزا تي ٻه اضافي...اهو بونس اٿوَ ۽ ها، هي جيڪي ڪارڊس آهن ميمبرشپ جا، اهي محدود آهن ۽...“ ”پئسا گهڻا ڏيڻا آهن نوجوان، ميمبر شپ جا...!“ مون سندس ڳالهه ڪٽي هئي. عرض ڪري چڪو آهيان نه ته منهنجو ظرف منهنجي بظاهر ”قد“ جيترو ڪو نه هئو. ڳالهه کي جلد کان جلد ختم ڪرڻ پئي گهريم. شايد مون وٽ وٽس لاءِ ”وقت“ ڪو نه هئو. ”پنج سئو رپيا سائين....بس توهان هي ڪوپن ڀريندئو ۽ توهان کي هي نمبر الاٽ ٿي ويندو. بس پوءِ سلسلو شروع ٿي ويندو.“ سندس ڳالهائڻ مون کي الاهي پئي لڳو. مون تڪڙ ۾ ڪوپن ڀريو ۽ کيسي مان پرس ڪڍندي پنهنجي ذهني ڏيوالپڻي جي توب جو هڪ ٻيو گولو داغي ڇڏيو، ”گهڻي ڪميشن ملندي آهي تو کي هڪ ڪلائينٽ تي!...“ هن ڪٽيل ڪوپن ۽ پئسا وٺندي چيو، ”پگهار تي آهيان سائين، الله جو شڪر آهي، ٺيڪ ٺاڪ ملندو آهي...“ انهن ساعتن ۾ مون وٽ هڪ مهمان ويٺل هو، جنهن جي گفتگو هن نوجوان جي اچڻ کان پهرين خاص اهميت جي هئي. مون ان معزز مهمان کي وڌيڪ وقت ڏيڻ پئي گهريو ۽ شايد ان ڪري ئي هن نوجوان کي جلدي فارغ ڪيو هو. هن به حالتن کي سمجهي ورتو هو. جلدي روانو ٿي ويو. منهنجي مهمان جي مکَ تي مرڪ جو دائرو گهرو ٿي ويو هو. ڪجهه گهڙيون ترسي، ملاقات مڪمل ڪري هُو به روانو ٿي ويو هو. ان گهڙيءَ کان وٺي، مون تي منهنجو وجود کلندو ٿو رهي ۽ ڄڻ منهنجي ڪردار جي ڪا ڪُنڊ به رخصت ٿي چڪي آهي.

    ائين ٿيندو آهي عزيزانِ من...نوجوانيءَ جي اوائلي ڏينهن ۾ داخل ٿيندڙ اهي نوجوان وجود پنهنجي ڪلهن تي بار جي ڀري کڻي، حياتيءَ جي ڊوڙ ۾ گهڙي پوندا آهن. در در، گهٽي گهٽي گهمڻ سندن نصيب هوندو آهي. دروازا ۽ گهٽيون شايد هنن جي عزت ڪندا هوندا پر ماڻهن وٽ معيار ٻيا آهن. سندن سوال ئي ناهن کٽندا، حاصلات جي جهان ۾ ڪجهه ڏيڻ کان پهرين ”پنجاهي کن“ سوال پُڇڻ، ابرو ڇڪڻ ۽ وڏون ڪڍڻ کان سواءِ جيڪڏهن آئي جو آڌار ڪجي ته مزو ڪٿان ايندو! مون ڇا ڪيو هو...! مون به ته اهڙو ئي ڪجهه ڪيو هو نه معزز خواتين و حضرات...تقريباً پنجويهه سال اڳ ڏينهن جو ٻارهين سوا ٻارنهين ڌاري اکين جي ڪُونڊين ۾ اميد جا گلاب کڻي، مون استاد محترم نصير مرزا صاحب جي آفيس ۾ پير ڌريو هو. هڪ گهٽ شناسا، صرف هٿ ملايل ماڻهوءَ ڏانهن هنن هڪ گهري نگاهه ڪئي هئي، ڇاڪاڻ ته منهنجي صدا عجيب هئي...”ڪم گهرجي ٿو سائين، ريڊئي تي ڪم ڪرڻ ٿو گهران...ميڊيڪل جو ٻيون سال آهي، پنهنجي لاءِ ڪجهه ڪرڻ ٿو گهران.“ ائين به نه هئو ته ڪو حالتون شديد مشڪل هيون، الله کين جنت نصيب ڪري منهنجي ٽنهي ڀائرن منهنجي هر ضرورت جو سدائين خيال رکيو هيو، پر ته به مٿي ۾ اها ”ڀنئوري“ هوندي هئي ته پنهنجي پيرن تي بيهجي. پنهنجو ڪمائجي، ننڍا ننڍا خرچ پاڻ پورا ڪجن، ٻين تي اضافي بار گهٽ وجهجي. لکڻ پڙهڻ سان ٿورو واسطو هو، اڃان شهرت جي وڏي ديوي مهربان نه ٿي هئي. مرزا صاحب جو خيال الاءِ ڪيئن آيو هئم ۽ بس اچي ٺڪاءُ ڪيو هئم. ان گهڙيءَ جو ”لقاءُ“ عجيب هو. هنن هڪ ڳوڙهي نظر مون تي وڌي هئي ۽ کن پل لاءِ ڪجهه سوچي، هڪدم اُٿي ڪٻٺ مان هڪ خالي اسپرل ۽ ٽئپ ڪڍي هئي. ڪجهه بي ترتيب ڪاغذ رکيل هئا. انهن مان هن ڪاغذ ڪڍيا ۽ چيائون ”هليا اچو...“ انهن ڪاغذن ۾ هڪ ڪهاڻي هئي، جيڪا هنن ادبي سنگت لاءِ منهنجي آواز ۾ رڪارڊ ڪئي. 1983ع ۾ پنجٽيهه رپيا ان جو معاوضو ملي هئا. سائينءَ اهو انتظام ڪيو هو جو منهنجون بڪنگز چار ٿي ويون. منهنجي هڪ سئو چاليهه رپين مان منهنجو تمام سٺو گذارو ٿيندو هو. ان ڏينهن هٿ جهلي مائڪرو فون تي ڇا وٺي ويا، منهنجي ته سڄي حياتي ان حوالي ٿي وئي.

    زندگيءَ ۾ مون اهو ئي ڄاتو هو ته اهي سڀ، جيڪي مون جيان ڪنهن جي درَ تي ايندا، انهن جو آڌار ڪندس، کين عزت، مان ۽ مرتبو ڏيندس. محترم مرزا صاحب جيان بنا ڪو سوال پُڇئي، سندن ٻانهن ٻيلي ٿيندس. مان وڏن وانگر ڪا جاءِ ماڻيندس ته اهڙو ضرور ٿيندس. هڪ وڏو ماڻهو...پر اڄ وري به اهو ئي احساس ڀاڪر ۾ ڀري ويو آهي ته مان ته اڃان تائين ننڍي جو ننڍڙو آهيان. منهنجو قد وڌي ناهي سگهيو. سوالن جي اجائي ڏور مان منهنجيون آڱريون پاڻ ڇڏائي ناهن سگهيون. ڪهڙي ضرورت هئي اهو سڀ ڪرڻ جي! اهو سڀ پڇڻ جي. پنهنجي مهمان آڏو مون هي ”جاچ“ ڇو پئي ڪئي...جيڪڏهن مون کي اهو سڀ ائين ئي ڪرڻو هو، جنهن جي مون سڄي عمر سوچ ڪئي آهي ته پوءِ اهي سڀ فضول سوال اڃان تائين منهنجيءَ هڙَ ۾ ٻڌل ڇو آهن! حياتيءَ ۾ اهو سڀ ائين ٿيندو آهي عزيزانِ زمانه...ڪي مان مرتبي جا صاحب هوندا آهن، جن وٽ سوالي سوال کڻي ايندا آهن. پنهنجو عرض اگهائڻ گهرندا آهن. ان عمل لاءِ لازمي خيالن جي ڏي وٺ ٿئي ٿي. اوهان بلڪل صحيح ٿا فرمايو ته ”ائين ڪيئن ڪنهن کي ڳنڍ ڇوڙي ڏيون....! ڪا پَڪَ ته ڪجي، ڪو قارون جو خزانو آهي ڇا اسان وٽ جو ائين لٽائيندا رهون...! اهي ۽ اهڙا الاءِ ڪيترا سوال مَنَ ۾ ڪرَ کڻندا آهن. بلڪل ٺيڪ آهي، کڻڻ به گهرجي پر اتي اهو به ته سوچڻ گهرجي ته جيڪو سامهون آيو آهي. اهو ڇو ان حال ۾ حاضر ٿيو آهي! وقت تيز کان تيز تر ۽ فڪرِ معاش ڏکئي کان ڏکيو ٿيندو ٿو وڃي. اهو سڀ ڄاڻون ٿا ۽ خوب ڄاڻون ٿا. هاڻي ان حالت ۾، اهڙا محنت ڪش وجود عام جام نظر اچن ٿا. ڳالهه انهن جي مان مرتبي جي آهي، انهن سان ورتاءَ جي آهي. ان جو مطلب اهو نالي ته اسين انهن لاءِ ”ريڊ ڪارپيٽ“ وڇائي، درن تي بيٺا هجون، يا هيلي وسيلي جي جهان ۾ ڪا ٻي دري کوليون. ڪرڻو صرف اهو آهي ته جيڪو به وقت هنن کي ڏيون ٿورو عزت وارو ڏيون.

    بينڪن جا مختلف ڪارڊس ۽ اسڪيمون وڪڻندڙ، پيٽرول پمپ ۽ سي اين جي اسٽيشنس جي تعارفي اسڪيمن کي هٿ ۾ کڻي اوهان جي آفيس ۾ اچڻ جا منتظر، درن تي واشنگ پائوڊر جون ٿيلهيون کڻي ايندڙ نوجوان ۽ چوڪريون، ٽيليفون جون ”سمون“ آفر ڪندي گاڏي پويان ڊوڙندڙ نوجوان...هي سڀ باعزت رزق هٿ ڪرڻ جي چڪر ۾ آهن سائين...رزق کي پروردگار ڏسندو، عزتن جو مالڪ به اهو ئي آهي. پر ڇا جيڪڏهن اسين مالي مدد نٿا ڪري سگهون ته عزتن ۾ به اسان وٽ کوٽ آهي ڇا؟ الاءِ ڪهڙي گهڙي ڪٿي منتظر آهي، الاءِ ڪهڙو هَٿ، ڪنهن کي جهلي ڪا راهه ڏسيندو، الاءِ ڪٿي، ڪيئن، ڪير، ڪنهن لاءِ ڪجهه ڪندو. اهو سڀ ڪيڏو نه عجيب کيل آهي جيڪڏهن اسين سڀ پنهنجي مانائتين جاين تي ويهي سوچيون ۽ جيڪڏهن اهي گهڙيون اسان جي حياتيءَ ۾ نه اچن ها ته اسين ڪٿي هجون ها...مان پنهنجو پاڻ کان پاڻ ئي سوال ٿو ڪيان ته جيڪڏهن مرزا صاحب ان مهل هڪدم اهو اسپرل ڪڍي، مون کي ”اچو“ نه چوي ها ته مان ڪٿي هجان ها! ۽ اهو سڀ يقيناً اوهان سان به ٿيل آهي، ڪو نه ڪو در ضرور کُليو هوندو. ڪا نه ڪا لام ضرور مهڪي هوندي، اوهان جي اکين جي گلاب جي خوشبو، ڪنهن ذهن کي معطر ضرور ڪيو هوندو، جنهن وڌي اوهان جي وجود جي آبياري ڪئي هوندي. پوءِ اڄ، اهو ڀريل گلاب جو ٻُوٽو، ڇا ٻئي گلاب کي پنهنجي حيثيت نٿو ڏياري سگهي. ننڍو ماڻهو ئي رهيس آئون سائين... ڏيڻ جو فن نه آيو سو نه آيو، پنهنجي هٿن سان بس سدائين ميڙيو ئي اٿم، ۽ ان ڳالهه جو احساس، پيزا لاءِ ميمبر شپ ڪندڙ هن محنتي نوجوان منهنجي اندر ۾ اوتي ڇڏيو آهي. اڃان وقت لڳندو پاڻ کي وڏو ڪرڻ لاءِ. پنهنجي ظرف کي بلند ڪرڻ لاءِ...اوهان صاحبِ ادراڪ آهيو، صاحبِ حيثيت آهيو، ٿورو ان رخ ۾ ڏسجو. پروردگار مٺڙي اوهان کي وڏو ماڻهو ٺاهيو آهي، پنهنجي درجي جو مان رکجو. ڀلي انهن جو ڪم نه به ڪيو، پر کين عزتن سان ضرور نوازجو. پنهنجي اندر ۾ عزت ۽ ايمان جي صحيح راهه ۽ حق حلال ڪمائڻ جا جتن ڪندڙ اهي بادشاهه جڏهن اوهان جي سامهون اچن ته انهن سان اهو سلوڪ ڪجو، جهڙو بادشاهه بادشاهه سان ڪندا آهن. رڳو جواب ڏيندڙ ئي وڏا ماڻهو نه هوندا آهن، ڪٿي ڪٿي سوال ڪندڙن جو مرتبو به وڏو هوندو آهي.

    mehmoodmughal@hotmail.com
     
  17. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم محمود مغل جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    چڱو ٿيو اوهان کان به وسري وياسين




    آچر 15 نومبر 2009ع



    تقريباً پنجيتاليهه سال گذرڻ کانپوءِ مهراڻ ”شاد“ ٿي ويو آهي. پنهنجي پورهئي جي اڌ صديءَ کان پنج سال پهرين، سنڌي ادبي بورڊ جي ٽماهي ”مهراڻ“ ۾، عمر عزيز جون ڇائيتاليهه ستيتاليهه بهارون خزائون گذاريندڙ، نفيس احمد شيخ کي ”ايڊيٽر مهراڻ“ جي عهدي تان هٽائي ”گهر ڀيڙو“ ڪيو ويو آهي. ”يڪ جنبش قلم“ سان، سندس ڪانٽريڪٽ کي، جنهن ۾ اڃان به هڪ سال هو، منسوخ ڪيو ويو ۽ نومبر جي ٻي تاريخ تي صبح جو سندس آفيس ۾ اوڀر طرف کلندڙ دريءَ مان ايندڙ هوا پيپر ويٽ جي وزن هيٺ رکيل ڪاغذ جي معرفت کيس ڇرڪائي وڌو. سڀ ناتا، تعلق، پورهيا، بارِ خاطر ٿي ويا. جدائيءَ جي گهڙي اچي ئي وئي.

    زندگي جي مَهِرُ و بي عنايت آهي خواتين و حضرات ... جيڪي آهي، ان کي ختم ٿيڻو آهي. جيڪو اچي ٿو، تنهن کي واپس ورڻو آهي. اهو سڀ ڪير نه ٿو ڄاڻي. سڀني مهربانين کان پوءِ، آخر ۾ موت جي عنايت ٿيڻي آهي، ان کان منڪر ڪير آهي. پر ائين حياتي ۾ نڙي گهٽي اسان ڇا ٿا ڪريون! سلوڪن جي بازار ۾ ايڏي ”مندي“ ڇو آهي! نگاهه جي نرمي، سختيءَ ۾ ڇو مٽجي وئي آهي.

    سنڌي ادبي بورڊ جو ته ”معامرو“ ”ئي اور آهي، هتي جي هوائن ۾ شايد سک جي ساهن کڻڻ جي روايت ڪڏهوڪو ختم ٿي چڪي آهي. قبله مخدوم صاحب جن جي لهڻ کان پوءِ شايد هن اداري کي ڪو اهڙو ”پاراتو“ لڳو آهي، جو اڃان تائين اهو پنهنجو ”قد بت“ پورو ناهي سنڀالي سگهيو. ڪا نه ڪا ڪانٽروورسي، ڪو نه ڪو تضاد، ڪو نه ڪو اجايو سبب ٿيندو ئي رهيو آهي. ڪڏهن ملازمن جي هڙتالن جا حوالا هوندا آهن ته ڪڏهن پگهار جي کوٽ. ڪڏهن ته وري ماڳهين سيڪريٽري صاحبان جا تنازعا هلندا رهندا آهن. ”آف دي رڪارڊ“ الاءِ ڪيترا اهل علم اهل دانش اهو ڄاڻندا آهن ته اهو ڪاڄ الاءِ ڪيئن پيو ٿو سري. سرتيون، گل ڦل ۽ مهراڻ جي اندر ۾ ڪيترا ”دُودَ“ دکن ٿا، اهي اتي ويٺل ئي ڄاڻن، پر ”سينه به سينه“ جيڪو منتقل ٿيئي ٿو، ان کي ڀلا ڪا روڪ ٽوڪ آهي ڇا!

    ”ٽه ماهي مهراڻ“ اسان جي سنڌي ادب لاءِ جهڙو ”قلب“ جي حيثيت رکندو آيو آهي، پير حسام الدين راشدي، شمس العلماءُ عمر بن محمد دائود پوٽو، مولانا غلام محمد گرامي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ محمد ابراهيم جويو جهڙيون شخصيتون، هن تخليقي ڳٽڪي جي سنوارڻ سينگارڻ جي اهم مسند يعني ”ايڊيٽر شپ“ تي براجمان رهيون آهن. انهن مان گهڻي عرصي لاءِ جي معاونت جي لائقي ملي ته اها وري نفيس ناشاد جي نصيب ۾ آئي، جنهن اپريل 1964ع ۾ ٽائپيسٽ ڪم ڪلارڪ جي حيثيت سان ادبي بورڊ ۾ ڪم شروع ڪيو، ۽ سندس نالو نائب/سهڪاريءَ جي حيثيت سان لکجڻ لڳو. 1976ع ۾ مولانا غلام محمد گراميءَ جي وفات کان پوءِ، سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ مان، امداد حسيني کي ايڊيٽر شپ لاءِ ڊيپوٽيشن تي آندو ويو، جنهن جي معاونت به نفيس احمد شيخ ئي ڪئي. 1979ع کان اها نشست، نفيس صاحب کي ملي، جنهن تان هن سٺ سالن جي ڄمار ۾ 2007-10-28 تي رٽائر ڪيو هو. تقريباً اٺاويهه سال سانده ”ايڊيٽر شپ“ ڪرڻ دوران هن صاحب جتي مهراڻ جي لاءِ ”وضع قطع“ جي صورت اختيار ڪئي، اتي ادبي حلقن ۾ هڪ وڏي رسالي جي سرواڻ جي حيثيت سان به پاڻ مڃايو. سنڌي ادب جي اوسر ۾ مهراڻ جيڪي ڪوششون ڪيون، اهي سڀني جي سامهون آهن. تنهن کان سواءِ وقتاََ فوقتاَ مختلف نمبرن جو اهياءُ، رسالي جي قد بت کي وڌائيندو رهيو. مولانا گرامي نمبر، سيرت نمبر، علامه اقبال نمبر، رني ڪوٽ نمبر، تحريڪ آزادي نمبر، سنڌي ادب نمبر، فهرست نمبر، مقالا نمبر، شيخ اياز نمبر، حسام الدين راشدي نمبر، تنوير عباسي نمبر، مرزا قليچ بيگ نمبر ۽ گولڊن جوبلي نمبر، وڏي شان مان سان سندس دور ۾ نڪتا. سندس اهي ئي محنتون هيون، جو گڏيل قومن جي اداري پاران کيس ”ايڊيٽنگ اينڊ لٽريچر“ جي اضافي ڄاڻ ڏيڻ لاءِ 1986ع، 1987ع ۽ 1988ع ۾ هڪ هڪ مهيني لاءِ جاپان، فلپائين ۽ ڪوالالمپور جي مطالعاتي دورن تي موڪليو ويو ۽ شايد اهو سڀ ڏسي ئي، کيس 2007-10-28 تي ٽن سالن جي ”ڪانٽريڪٽ“ تي رکيو ويو هو ۽ جنهن ۾ اڃان هڪ سال باقي هو جو کيس ”فارغ“ ڪيو ويو.

    ڳالهه هتي ناشاد صاحب جي ڪارنامن ۽ ”حسب حال“ جي ناهي، لازمن، انهيءَ نشست تي هُو ايترا سال ويٺو ۽ اهي سڀ خوبصورتيون عنايت ڪيائين ته اهو سندس فرض هو. ڳالهه اها به ناهي ته کيس ڇو فارغ ڪيو ويو! حڪومتِ وقت ”ڪانٽريڪٽ“ تي رکيل ملازمن کي فارغ ڪري پيئي ٿي، ۽ جي هڪ ناشاد، نفيس وجود تي اهو ”ڪات“ ڪيرايو ويو ۽ اتان ئي شروعات ڪئي وئي ته ائين ته ٿيڻو ئي هو. جي سندس به ڪا سگهاري ”پُٺِ“ هجي ها ته، شايد اڄ به هو اتي ئي ويٺل هجي ها. هلو.... ان عمل کي به درست ٿا سمجهون، پر جنهن به سال 2009ع جي ٻيئ شماري تي نظر وڌي آهي ۽ ڄاڻ رکي ٿو، ان لاءِ هي ”اشو“ جهڙو درد کڻي آيو آهي. ادارت تان سندس نالو هٽائي طارق عالم ابڙو جو نالو ڏنو ويو آهي. جيتوڻيڪ سڀ ڄاڻن ٿا ته اهو سڄو پورهيو ناشاد صاحب جو آهي. هڪ هڪ ڪاغذ ۽ سٽاءَ، پنهنجو هنر پاڻ بيان ڪن ٿا. مٿان وري هڪڙي ”ننڍڙي “ حرڪت اها به ڪئي وئي آهي جو ايڊيٽوريل جي صفحي تي، جنهن جو سرو ”سوچ لوچ“ آهي، آخر ۾ لکجندڙ ن. ا. ش يعني نفيس احمد شيخ جي جاءِ تي هڪ ننڍڙي ”چُٽڪڙي“ هڻي ”ادارو“ لفظ چنبڙايو ويو آهي، يعني ناشاد صاحب کي مڪمل طور ”بي دخل“ ڪيو ويو آهي.

    طارق، سدائين منهنجن ڀائرن جيان رهيو آهي. تقريباً چار ڏهاڪن جي هن ساٿ ۾، اسان جون امڙيون ڀينرون رهيون ۽ اسين ڀائر رهيا آهيون. سنڌي ادب ۾ سندس قد بت ڪمال رهيو آهي. جتي هن ”سنڌي ادب جو روميو“ جو لقب ماڻيو آهي، اتي هن پنهنجي ”واضح ڪلامي“ ۽ سڌي سڀاءَ سان، سدائين رڪارڊ صاف رکيو آهي. نه ٿو ڄاڻان ته هن اهو سڀ ڪيئن ”گوارا“ ڪيو هوندو جو ”پڪي پڪائي“ تي اچي ويهي. طارق ته ٻين لاءِ پچائيندو رهيو آهي. هاڻي جڏهن سنئين سڌي اها ”ڪرسي“ کيس ئي ملڻي هئي ته ڇا هن هڪ شماري جو انتظار ڪرڻ به مناسب نه سمجهيو؟ ... مٿان وري ادبي بورڊ ۾، شيخ عزيز صاحب جهڙا ”آئڪون“ ويٺل آهن. حق سچ جو پرچار ڪندڙ سيد زوار نقوي آهي، ڇا انهن کي ان ڳالهه جي خبر نه هئي ته هي شمارو ڪنهن ڪڍيو آهي! يا کين به بس ناشاد کي ناشاد ئي رکڻو هو؟

    اهم ادارن جون مسندون، فردن کان بالاتر هونديون آهن پر ڪٿي ڪٿي فرد به ڪرسي جي سونهن وڌائي ويندا آهن. تخليقي ادارن ۾ اهي سڀ جيڪي دل سان ”ايڊيٽر شپ“ ڪن ٿا، اهو درد سمجهي سگهن ٿا. اخبارون، رسالا، مئگزين، فلمز، انهن سڀني ۾ جيڪي اهو پورهيو ٿئي ٿو ۽ جيڪي ”آخري نگاهه“ جي اطمينان جي لهر، پنهنجي رسالي، اخبار، فلم کي ڏسي ايڊيٽر جي من ۾ اٿي ٿي، ان جو اندازو گهٽ ماڻهو ئي لڳائي سگهن ٿا. نه ٿو ڄاڻان ته پنهنجي ايڊٽ ڪيل هن آخري شماري تي پنهنجو نالو نه ڏسي، ناشاد صاحب تي ڇا گذري هوندي، پر ايترو ضرور ڄاڻان ٿو ته هن ناپائدار جهان ۾، وفائون ”ڪم ياب“ آهن. جنهن کي جتي جيترو وارو ملي ٿو، گهٽ نه ٿو ڪري. اجل جي ڪتاب ۾ لکيل نالو، پنهنجي اجل کان نه ٿو ڊڄي. ٻين لاءِ بندوبست ڪرڻ ۾ دير ئي نه ٿو ڪري.

    اديب ڪو وزير سفير ناهي، جو عهدن جي ”لائقين ۽ نالائقين“ جي چڪر ۾ ڊوڙندو رهي ۽ اها ئي سچائي آهي جو هڪ اهم ايڊيٽر سان، زندگيءَ جو اهو سلوڪ، جيءُ جهوري ويو آهي. مڃيون ٿا، نفيس احمد شيخ ۾ ڪا ڪوتاهي هوندي، ڪجهه گهڙين لاءِ اهو به تسليم ڪجي ٿو ته سندس ڪم، وڌندڙ عمر ساڻ برمئچي نه سگهندو هوندو. تسليم ٿو کڻي ڪجي ته اوهان جا عذر اهم هوندا، پر ڇا ائين ڪنهن کي فارغ ڪرڻ ۽ مٿان وري سندس پورهئي تي پاڻي ڦيرڻ، صاحبِ علم و دانش کي ٺهي پيو؟

    دل چوي ٿي ته نفيس احمد ناشاد کي عرض ڪجي ته، ”قبلا، گهڻي ٿي وئي، هاڻي جي اوهان کي اهو ”عظيم“ ادارو واپس به گهرائي ته به نه وڃجو. پنهنجي گهر جي باغ ۾ ڪرسي وجهي ڪجهه علم و ادب جا موتي چونڊيو. بالڪنيءَ ۾ ويهي سياري جي اُسَ جو تڙڪو وٺو ۽ پنهنجي مخصوص وضع ۾ ڀاڄيءَ جي ٽوڪري جي کڻي سگهو ته ٿورو صبح ساڻ، بازار جو چڪر هڻي وٺو. هنن جي آفر تي وري ڀروسو نه ڪريو. ٿي سگهي ٿو اوهان کي وري گهرائي، وري ائين تڙي ڪڍن.“

    نه ٿو ڄاڻان ته پنهنجي ماضيءَ ۾، ناشاد صاحب به ايئن حقن تي ڌاڙو هنيو الاءِ نه، پر ايترو ضرور سمجهان ٿو ته ڪڻڪ پوکي، جَوَ نه ٿا لڻي سگهجن... ۽ اهو سڀ ادبي بورڊ جي مالڪن کي به ته سمجهڻ گهرجي. ڏاڏاهي صاحب فرمايو آهي:

    گذارياسين گڏجي ڪي ڏينهڙا پيارا، سي ثابت مگر ٿي ويا خواب سارا

    سکن کان وري پوءِ ڏکڙا ڏٺاسين، چڱو ٿيو اوهان کان به وسري وياسين

    دنيا کي نه دلبر اسين ياد هئاسين، چڱو ٿيو اوهان کان به وسري وياسين

    وقت جي ڦرهي تان، ناشاد صاحب به مٽجي ويو ۽ رهندا ٻيا به ڪونه. سندس ڪرسي جي اوڀر طرف کلندڙ دري سنڌ يونيورسٽيءَ جي قبرستان جو ديدار ڪرائيندي آهي. جتي الاءِ ڪيتريون قبرون بنان ڪُتبن جي آهن پر وقت جڏهن به مهراڻ لاءِ ”ڪتبو“ لکيو، ته اتي ”حسنِ خط“ ناشاد صاحب جو ئي هوندو، جنهن مٿان ”اداري“ جي ڪابه چٽڪي لڳي نه سگهندي. جيڪا پوئين پاسي ن. ا. ش ڏيکاريندي ٿي رهي.

    mehmoodmughal@hotmail.com
     
  18. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم محمود مغل جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    حاصل ...لا حاصل!



    آچر 22 نومبر 2009ع



    جسم ۾ ضعف اچي ويو هئن، پر آواز جي پاٽ ۾ ڪا به ڪمي ڪا نه هئي. هنن ايئن ئي پوري ”شد مد“ سان بيان جاري رکيو پئي ۽ ٻڌڻ وارا سدائين جيان حيرتِ محو هئا. ”پراڻي ڪٿا آهي اها ٻچا ته جيڪي لاحاصل آهي، اهو ئي دراصل هٿ اچي ٿو. جيڪي هٿ اچي ٿو، سو دراصل وڃائڻ جي مام آهي. جيڪي مليو سو ڪٿي بچيو؟ سڀ خرچ ٿي ويو...بهانو کڻي ڪهڙو به گهڙيون، شرط شروط ڪهڙا به کڻي رکون...قصو مختصر ته اهو آهي ته هٿ ته بس حاصل ڪرڻ کان پوءِ خالي ئي رهن ٿا...ڪو اهڙو آهي، جيڪو چوي ته ”ها ٻيلي جيڪو هٿ ڪرڻ چاهين، سو هٿ اچي ويو آهي، ۽ مون وٽ محفوظ رهجي ويو آهي...“ ڳالهه کي اتي ئي ڇڏي هنن پاڻيءَ جي وٽي مان ٻه ٽي ڍڪ ڀريا...پاڻي پيئڻ دوران هنن اسان سڀني تي نگاهه وڌي هئي...۽ پوءِ الائي ڇو هڪ ئي ساهه ۾ پاڻي اندر ۾ اوتي ورتو هئائون. الائي ڪيتري عرصي کان پوءِ ”حاضري“ پلئه پئي هئي. ملاقاتون به نصيب جو کيل هونديون آهن. جن لاءِ ساهه جي ڏور ”شرط“ هوندي آهي. حياتي آهي ته ملاقات به ٿيندي رهي ٿي ۽ جيڪڏهن نٿي ٿئي ته ان جي ٿيڻ جو انومان من ۾ هورا کورا ڪندو رهي ٿو. سوچ جي ڀت ۾ هڪ دري هوندي آهي، جنهن جي ”پٽن“ کلڻ ۽ ديدار جي دوا ۽ درمان ملڻ جو يقين پيو تڳائيندو آهي. پنهنجي غير حاضريءَ لاءِ اسين الائي ڪيترا عذر، ڪيترا حيلا ڳوليندا رهندا آهيون. هر هر اهو سبق رٽي اڳيان وڃبو آهي ته ”هي ٿي ويو ۽ هو ٿي ويو...“ اهي حيلا بهانا گهڻي قدر اسان کي ڪم به ايندا آهن، پر ڪٿي ڪٿي انهن جو گهڙجڻ اجايو هوندو آهي. صاحبِ سوال، سوال حاصل ڪرڻ ئي ناهي گهرندو. سڀ عذر، جواب، گهڙتون، شرمساريءَ جي رئي ۾ منهن لڪائي ”گهونگهٽ“ ۾ خوار ٿينديون رهنديون آهن. سائينءَ به اها ئي ڪار ڪئي هئي. هنن اسان کان ڪجهه به نه پڇيو هو، ڪو سوال نه ڪيو هئائون ته حياتيءَ جي ڪارِ زار ۾ ايترا ڏينهن ڪٿي خرچ ٿيا هئا...! مسافر جو سفر تي نڪتا به هئا ته ”زادِ راهه“ ڪيترو ڪم آيو هو! جيڪو اڳ ۾ پلئه پيو هو، سو ڪٿي ڪم به آيو يا بس...بنديون ايئن ئي بند رهيون هيون ۽ ڪنهن به ”ڪاڳر “ اک نه پٽي هئي، يا سندن سيکاريل ”لکت پڙهت“ اسان ڪٿي ڪنهن ڪم ۾ به آندي هئي! پر ايئن به ٿيندو آهي، جنهن وٽ ڏيڻ لاءِ گهڻو هجي، سو ئي ڏئي گهڻو سوال نه ڪندو آهي...گهٽ ڏيندڙ ته هر هر پڇندا آهن ته ”هن جو ڇا ڪندين...ڪهڙي ڪم ايندئي يا ڪهڙي ڪم آيئي؟“

    ”سو ڳالهه پئي ڪيم حاصلات جي سهڻا...“ هنن وري سلسلو جاري رکيو...”ڪا به شيءِ جڏهن ملندي آهي نه...ته اصل ۾ وڃائجي ويندي آهي. ڳولا جي جستجو ختم ٿي وڃي ته وزن ڪري پوندو آهي ٻچا...اسان جن لاءِ راهه تڪيندا آهيون، اهي اچن ته جيءَ کي قرارن جا ڪوٽ ورائي ويندا آهن. پر انهن سان گهڻو ”جالڻ“ انهن ڪوٽن کي ڪاغذ ڪاغذ ڪيرائي به وجهندو آهي.“ ”ته ان جو مطلب آهي ته ملڻ گهرجي ئي نه سائين...!“ ڪنهن سوال جو ڪشڪول دراز ڪيو...سائينءَ جي مرڪ جو سڪو، ڇڻ ڇڻ ڪندو ان ۾ ڪرندو رهيو...”اهو منهنجي ڳالهه جو مقصد آهي ڇا نادان! ملڻ ته معراج آهي...ملڻ ته اکين جو ٺار آهي، جي نه ملبو ته حياتي ساهه ڪيئن کڻندي؟...مطلب اهو ناهي ته نه ملجي...مطلب اهو آهي ته طلب جي سڪي کي کوٽو نه ڪجي...“ ”سائين...“ هڪ سنجيده نگاهه واري سوال ڪيو ته، ”هي جو هيڏا امير ڪبير ماڻهو...حيثيتن ۽ مرتبن وارا ماڻهو آهن...اهي به ته حاصلات جي ئي ڪهاڻي آهي...ڪجهه حاصل ٿئين ٿو ته اهي مرتبا ماڻين ٿا نه.. ۽ پوءِ ڏٺو وڃي ته اهي مستقل حاصل ئي ڪندا رهن ٿا، وڃائين ڇا ٿا؟...“ سائينءَ جي مک تان مرڪ غائب ٿي وئي هئي، ننڍڙي گهگهي کي هيٺ ڪيو، ان مان پاڻي وٽي ۾ اوتيو ۽ وٽي کي ڪجهه پل تڪيندا رهيا..”جيڪي ٺار...هن صراحيءَ ۾ پاڻي کي حاصل هيو شهزادا...اهو هاڻي هن وٽي ۾ آهستي آهستي گم ٿي ويندو. چانهن ڪوپ جي ڪنارن ۾ لهي ته ٺرڻ شروع ٿيندي آهي...پاڻي پنهنجو ڪوزو ڇڏي ته سندس ٿڌڪار موڪلائڻ لڳندي آهي...حاصلات جي جهان ۾ اوتجڻ لازم هوندو آهي...۽ پوءِ...اصلوڪو اثر موڪلائڻ لڳندو آهي...“ هاڻي ڪنڌ جهڪائي ڳالهائڻ لڳا هئا...”اسين سڀ ڄاڻندا هئاسين ته سندن جهڪيل ڪنڌ، ڪنهن جهاز جي ”ٽيڪ آف“ ڪرڻ کان پهرين ”ٽيڪسي“ ڪرڻ جيان هوندو آهي، ڳالهه جو ٿلهه ٻڌي پوءِ ڪندا ته ڪنڌ کڻندا ۽ ڳالهه جي ”اڏام“ شروع ٿيندي... ”حاصلات رڳو جاهه و حشم ۽ مال و دولت جي نه هوندي آهي پرين...دل جي دل سان ملاقات، حجت، حلم، عقل، علم...سڀ ملندا آهن ۽ قدر جي طلب رکندا آهن، پر اسين الاءِ ڇو اهو قدر سينن ۾ سانڍي نه سگهندا آهيون. جن سانڍيو سي سون ٿي ويا. شين جي قدر ڪرڻ جو هنر اچي ته انهن جي حياتي وڌي ويندي آهي، شو ڪيسن ۾ رکيل ٿانوَ محبت ۽ پاٻوهه سان ڇنڊبا آهن، انهن جو ڌيان ڌربو آهي. ڌيان جي مٽي، ذهنن کي زرخيز فصل ڏيندي آهي بابلا...“ ڳالهه اڃا به ڳتيل هئي، ڪجهه سمجهه ۾ نه پئي آيو ته اسين ڪهڙي رخ ۾ وڃي رهيا آهيون. ايئن تمام گهٽ ٿيندو آهي جو سائينءَ جي ڳالهه اسان جي سمجهه ۾ نه اچي...موضوع سادا هوندا آهن، پر انهن ۾ لڪل عڪس...هٿن ۾ جهٽجي ويندو آهي. ”ته ان جو مطلب اهو سمجهون سائين ته ڪجهه به هٿ ڪرڻ کانپوءِ قدر گم ٿي وڃي ٿو...خيال رکڻ جي دولت کسجي ٿي وڃي...“ منهنجي واتان نڪري ويو...هنن ڪنڌ کڻي ورتو...”بظاهر ته اهو سڀ آهي محدود...پر جيڪي مان سمجهائڻ ٿو گهران، اهو ڪجهه ”اور“ آهي ٻچا...قدر ته گم ٿئي ئي ٿئي ٿو...مٿان وٺڻ جا ڏيئڻا پئجي وڃن ٿا...ڇا صاحبِ حيثيت، پنهنجي حيثيت جو مان رکي ٿو، يا اڳيون نور به چٽ ٿي ٿو وڃيس..! ڇا صاحبِ زر...پنهنجي سخا جا دروازا ائين ئي کليل ٿو رکي يا هاڻي وٽس ماڻهن کي ڏيندي شرم ٿو اچي...؟ ڇا پرينءَ جا ناز ائين ئي دل تي حڪمراني ٿا ڪن يا هاڻي اهي ٻوجهه ٿا لڳن ۽ کيسي تي بار ٿا محسوس ٿين؟...جيڪڏهن حيثيت ملڻ کانپوءِ عزت وڃائي، جي مال و زر ملڻ کانپوءِ دعا وڃائي ۽ جي پيارن جو هٿ جهلي، اوسيئڙي، خيال ۽ سوچ جي لمس کي وڃائي ڇڏيو ته بچيو ڇا؟...ڪهڙي حاصلات ۽ ڪٿان جو حاصلات...!“

    ”نه ته پوءِ قبلا...ماڻهو اهي سڀ هٿ نه ڪري؟ نه مال ۽ نه پرين...!“ ڪنڊ مان سوال آيو سائينءَ جي مرڪ موٽي آئي...”هٿ ڪير ٿو ڪري ۽ ڪٿان ٿو ڪري نادان...هٿ ته شيون اچي وينديون آهن، اسين ڪير ٿيندا آهيون، اهو سڀ سوچڻ سمجهڻ وارا ته اسان هيءُ هٿ ڪيو آهي يا اسان لاءِ هُو وڃائجي ويو آهي...سڀ ڪجهه ڀاڳ جي ڪتاب ۾ لکيل آهي. جيڪي ملڻو آهي، اهو اوس به ملي ٿو...هِتان هُتان...گهمي ڦري، اوهان جو وري اچي دڳ جهلي ٿو...جيڪي ڪجهه خواب خيال ۾ نٿو هجي، اهو ٿي ٿو وڃي ۽ جيڪي ڪجهه سوچجي ٿو، ان جو ذرڙو به نٿو ٿئي. اختيار اندر بي اختياري ۽ بي اختياريءَ ۽ اختيار جي حيثيت ۽ زندگي گذاريون ٿا اسين راڻا...هاڻي اتي اهو به چئي سگهجي ٿو ته جيڪڏهن حاصلات هٿ ۾ ناهي ته پوءِ وڃائڻ تي وري ڪهڙو اختيار آهي...ته صحيح...بلڪل صحيح...پر هڪڙي سوچ سدا هاڻ رکو...نه ملڻ ۾ خبر نه هوندي آهي ته ملندو ته ڇا ٿيندو...ان ۾ رڳو اها سوچ هوندي آهي ته جيڪڏهن ملبو ته هيئن ڪنداسين، هونئن ڪنداسين...پيرين ڌريان پنبڻيون، هنڌ وڇايان وار..هاڻي ان موقعي جي ڳولا هوندي آهي، جيڪو ملندو ناهي ۽ پوءِ جيڪڏهن سر بخت جو خير هجي ۽ اهو سڀ حاصلات ۾ اچي وڃي ته اسان کان الاءِ ڇو اهي پنبڻيون ۽ اهي وار گم ٿي ويندا آهن...اسان اهڙي خاطر ڪري ئي ڪو نه سگهندا آهيون ۽ حاصلات جو لطف زائل ٿي ويندو آهي. ٺيڪ آهي...ازل جي ڪتاب ۾ وڃائڻ جو قصو به ڪٿي لکيل ئي هوندو...پر ڇا...ان کان اڳ ۾ اسان اهو سڀ ڪري ورتو آهي، جنهن جي اسان وڇوڙي ۾ سوچ ڪئي هئي!...پنهنجي سوچ کي نامڪمل ڇڏڻ ئي دراصل لاحاصلات آهي ٻچا...جيڪڏهن ديدار ٿيو، پيرن تي هٿن جي سعادت ملي ته فقير کي ته خير مليو نه...باقي وڌيڪ ڇا ڪرڻو آهي...حاصلات جي کيل ۾ جيڪڏهن ٻين جو ٿيڻ ٻين لاءِ هجي ۽ صرف پنهنجو ٿيڻ پاڻ لاءِ ته راند جو لطف اچي ويندو آهي...اها راند، جنهن ۾ عدل ۽ ظلم جي تصوير چٽي هوندي آهي. حضرت علي ڪرم الله وجهه فرمايو...شين کي مناسب جاءِ تي رکڻ ”عدل“ آهي، يعني ٽوپي مٿي تي هجي ۽ جتي پيرن ۾...۽ شين کي سندن مناسب جاءِ تان هٽائڻ ”ظلم آهي...يعني جتي مٿي تي هجي ۽ ٽوپي پيرن ۾...جي اهو توازن سمجهه ۾ اچي وڃي ته وصل، وصل چورائي سگهي ٿو... نه ته....سڀ ڪجهه وڃايل ئي لڳي ٿو...ٿورو اوسي پاسي نهاريو، ڇا اوهان کي اهو سڀ ڪجهه ائين نه ٿو لڳي!“

    mehmoodmughal@hotmail.com
     
  19. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم محمود مغل جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    منهنجا سائين سنڌي ٽوپيءَ وارا




    آچر 6 ڊسمبر 2009ع



    ”ان سان گڊ اسان جو اڄوڪو پروگرام ختم ٿو ٿئي، ڪامران خان کي اجازت...سدائين گَڊ.“ اسڪرين تي اسڪرول دل هلڻ شروع ٿيو هيو ۽ جيو ٽي ويءَ جي حالات حاضره جي مقبول ترين پروگرام ”آج ڪامران خان ڪي ساٿ“ جو ميزبان سنڌي ٽوپي، اجرڪ ۽ ثقافت جي حوالي سان ملهائجندڙ ڏينهن جي نسبت سان هڪ ننڍڙي رپورٽ شامل ڪري رخصت ٿي چڪو آهي....منهنجي جسم ۾ هڪ ”سياٽو“ اچي ويو آهي. سرديءَ جي موسم ۾ منهنجي پيشانيءَ تي پگهر جا قطرا آهن....اها پيشاني...۽ اهڙيون ڪروڙين پيشانيون، جيڪي جڏهن سنڌي ٽوپيءَ سان ڍڪجي، پروردگار جي حضور سجده ريز ٿين ٿيون ته نرڙ کي پيشانيءَ کي مٺڙي مالڪ جي حضور ۽ ڌرتيءَ يا سجده گاهه کي ”ڇهڻ“ جي نعمت عنايت ٿئي ٿي. سڄي دنيا جي ”ڊريس ڪوڊ“ ۾ ڀلي اهو فارمل هجي يا انفارمل...رسمي هجي يا غير رسمي، مٿي ڍڪڻ مهلَ اها واحد ٽوپي آهي، جيڪا ڌڻيءَ در حاضريءَ جي حوالي سان سجدي جي ملاقات جي خصوصيت ساڻ رکي ٿي ۽ ان جي اها تعريف ۽ مٿان پنهنجي ٻولي جي اچار منهنجي اندر ۾ الاءِ ڪيترا ايوانَ کولي وڌا آهن.

    علي صاحب جي پنهنجي طبيعت آهي، اسان مان جيڪي به وٽن ڪم ڪري چڪا آهن، اهي ٿورو ٿورو اندازو لڳائي سگهندا آهن....گهڻو گهڻو اندازو لڳائڻ شايد اسان سڀني جي وس کان ٻاهر هوندو آهي. هو جيڪڏهن وقت جي عنايت ڪندا به آهن ته ان مهل به کين ڳالهائڻ کان وڌيڪ ”ٻڌڻ“ جو شوق هوندو آهي ۽ اهو هڪڙو اهو سبب آهي جو اندازو ٿي نه سگهندو آهي ته فائنلي آخر هنن جي دل ۾ ڪهڙي دري کلي....اها منهنجي ذاتي راءِ آهي....هن فقير کي مختصر ملاقات جو وقت به مليو آهي ۽ ڪجهه ڪلاڪن جي طويل ترين ڪچهريءَ جو به....اها گهڙي به ياد آهي جڏهن سترنهن سال پهرين هڪ هيڊنگ سيکارڻ مهل نادانسته هنن منهنجو هٿ جهلي لکرايو هو....مون کان سِٽَ صحيح نه پئي لکجي....ڪاوش جي اوائلي ٽماهي هئي ۽ هڪ ”وات ڳاڙهي“ کي سڌارڻ جي هنن ”سر ٽوڙ“ ڪوشش ڪئي پئي. موڊ سخت خراب ٿيو هئن، پر کين مون کي سڌارڻ جو جنون هيو ۽ اها ان لمحي جي ئي ڪهاڻي آهي، جيڪا هنن جي شخصيت جي چوڌاري گهمي ٿي. هنن جو جنون ئي سيٽلائيٽ جي دنيا ۽ سنڌي چينلز جي دنيا آهي، هنن جو جنون ئي ته اڄوڪو ڏينهن به آهي. هنن جو جنون ئي هڪ اهم پروگرام جي پڄاڻيءَ جا اهي لفظ آهن.

    خواب نگر ۾ اسان جو ڪشڪول ۾ اهي ڪڻا ناهن هوندا...فقير ويندو ئي انهن درن تي آهي، جتي خيرات ۾ سياست، منافقت ۽ هيٺ مٿانهين نه ملندي هجي...اهي ٽئي شيون هن جهول ۾ اچي ڪو نه سگهنديون، ان ڪري ئي هڪ صاحبِ وجود جي نائب کي خادم عرض ڪيو ته ”قبلا مدح سرائيءَ لاءِ انيڪ فرد موجود آهن، مون کي ڇو ٿا صاحبِ زر جي ”ڪارنامن“ لکڻ تي آماده ڪيو؟ توهان کي ڪيئن خيال آيو ته تعريفن جي ”پل“ جو ڪو ٺيڪو هن خادم به کنيو آهي!؟“ ۽ اهو ئي سڀ آهي عزيزانِ مَن، جو اها سوچ آئي هئي ته هن تاريخ تي جڏهن خواب نگر جي حاضري پلئه پوي ٿي ته خيال جي اڻت ڪا ٻي ڪبي...روايتن جو ڏينهن ملهائڻ هڪ سٺو سنوڻ آهي، پر انهيءَ تي لکڻ لازم ناهي، پر اڄ هن هڪ ننڍڙي عمل ئي ڄڻ درد جي رڳ تي هٿ رکيو آهي. سڀ نگاهون هڪ ئي منظر تي ڄڻ مرڪوز ٿي ويون آهن. جنهن ڏينهن کان ان ڏهاڙي ملهائڻ جو سڏ ٿيو آهي ”ها ۽ نه“ جي عجيب انڊلٺ آسمان تي جهلڪ ڏيندي ٿي رهي. ”موبائيل دور“ ۾ هر ٻي گهڙي ڪو نه ڪو ايس ايم ايس اچي ٺڪاءُ ڪري ٿو، جنهن ۾ موضوع جي ”موافقت يا مخالفت“ ۾ ڪجهه نه ڪجهه چيل ئي هجي ٿو. اهو زندگيءَ جو ڪاروهنوار آهي، لازمن ڪنهن کي پسند ايندو ڪنهن کي نه....ڪن جو خيال آهي ته اهڙا ڏهاڙا هڪ ڏينهن جي حيثيت سان ڪهڙو ڪمال ڪري ٿا سگهن؟....ڪن جو خيال آهي ته صرف هڪ ڏينهن ملهائڻ سان ڇا پنجاهه کان مٿي صدين جي تهذيب جو قد ”بلند“ ٿي ويندو...جيترا وات آهن، اوتريون ئي ڳالهيون آهن، پر اتي نماڻپ سان هڪڙو عرض ته ڪري سگهجي ٿو نه ته ”قبلا...عيد جو به هڪ ڏينهن هوندو آهي ۽ ويلنٽائن جو به هڪڙو....محبتن جي عالمي ڏينهن کان وٺي جيڪڏهن بيمارين کان ڇوٽڪاري جو عالمي ڏينهن ملهائي سگهجي ٿو....۽ پنهنجي وسيع و عريض تهذيب، ثقافت جي سوڀيا ۽ سونهن لاءِ ڪجهه ڪلاڪ نٿا نڪري سگهن؟ هڪڙو اعتراض اهو به اٿي پيو ٿو ته تهذيب تمدن جو ڪهڙو منطق انهن چينلز تي نظر اچي ٿو...اهي سڀ ڇا ڇا ٿا ڏيکارين ته اهو به اعتراض اکين تي....هلو ڀلا...ان کي به ٺيڪ ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ اهو ٺيڪ ٿيڻ گهرجي...پر ڇا وري به جيڪڏهن ذهن ۾ هي ”تازو“ خيال لٿو آهي ته ان کي رد ڪرڻ ئي لازم ٿيو آهي ڇا؟

    الاءِ ڇو دل نٿي مڃي ته هي ڪو سياسي ”انسٽنٽ“ آهي...جي ڀلا هوندو به ته رب مٺڙو ڄاڻي ۽ اهي سياستدان ڄاڻن...هتي ته دل ۾ الاءِ ڪهڙيون ڪهڙيون سٽون گونجن ٿيون، جڏهن ٽوپيءَ ۽ اجرڪ جي ڳالهه هلي ٿي. پروقار، بردبار، نماڻن، معصوم چهرن جا فليشز ۽ ڪلوز اپس نگاهن کي خيرا ڪندا ٿا رهن. ڪانڀ ڪڍيل ڪڙميءَ کان وٺي، پٽڪي جي ورَ ڏيندڙ وڻجاري تائين، عزتن جي اعزاز ۾ مٿي ڍڪائڻ کان وٺي موسمن جي مهر تائين مدد ڏيندڙ اسان جي انهن ٻنهي ”اوڇڻن“ جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي...اها عالم آشڪار ڳالهه رهي ته ڪنهن به هنڌ ٽيليوزن جي ”ڪروما“ کان وٺي ڪنهن محفل جي اسٽيج جي بيڪ ڊراپ تائين جيڪڏهن اجرڪ جو ڇڙو ”عڪس“ ئي اچي ويو ته...سمجهو سنڌ اچي وئي. جيڪڏهن سنڌي ٽوپيءَ بابت عالم ۾ گهڻي خبر نه به هجي، ته به اجرڪ جو ڇاپو نٿو سمجهان ته دنيا ۾ ڪنهن کي زمين جو هي خطو ياد نه ڏياريندو هجي...ڪڏهن ڪڏهن پنهنجيون ئي عادتون وڻنديون آهن....انهن مان انيڪ موقعن تي انيڪ ”لاڀ“ حاصل ٿيندا آهن. ننڍڙي هوندي کان مشاعرن نوٽ ڪرڻ جي منهنجي عادت رهي آهي. آل انڊيا جو ”ڪلام شاعر، بر زبان شاعر“ هجي يا ”هڪ شاعر“ جي ڪا صدا...مون راهه ويندي به مهربانن کان قلم ڪاغذ وٺي سٽون نوٽ ضرور ڪيون هونديون ۽ پوءِ وقت ملڻ تي فيئر ڪيون هونديون. ائين ئي هڪ واري حيدرآباد ۾ ٽيليوزن وڪرو ڪندڙن جي دڪان تي موجود هئاسين وٺڻي فرج هئي، پر اتي ٽي وي سيٽس به رکيل هئا ۽ آن هئا....مشاعرو هلي پيو ۽ شاعر جي ڪلامَ جيءُ جهوري وڌو. ڪچهريءَ جي ڪا رڪارڊنگ هئي. عام مهربانن سان گڏ سگهڙ به موجود هئا، جن پنهنجي پنهنجي خيال جي خوشبوءِ هر ڪنهن تائين پهچائي پئي. مون تڙ تڪڙ ۾ محترم ”خانڻ ڪيريو“ جو ڪلام نوٽ ڪري ورتو، جيڪو مون کي لڳي ٿو ته ڄڻ مون نوٽ ئي ڇهين ڊسمبر، ٻه هزار نوَ لاءِ ڪيو هو.

    سڄي دنيا ۾ بهتر ۽ ڀلاري سنڌ جي اجرڪ،

    وڻي ڏاڍي منهنجي دل کي ٿي پياري سنڌ جي اجرڪ،

    ٻڌن ٿا پيار مان پٽڪو، رکن ڪونڌر ٿا ڪلهن تي،

    وڏي سڪ، شان واري، مان واري، سنڌ جي اجرڪ،

    سچيءَ سڪ مان سياري ۾ ٿا اوڍن، جان پنهنجيءَ تي،

    وڏيرا، پير ۽ هاري موچاري سنڌ جي اجرڪ،

    پنهنجي پردي لاءِ پائي ٿي، اسان جي سنڌ جي نياڻي،

    پڪي پوڙهي توڻي پرڻيل، ڪنواري سنڌ جي اجرڪ،

    اچي اڱڻين اسان جي ٿو، جڏهن ڪو شان وارو آ،

    ڏيون تنهن کي ڪري تحفو سونهاري سنڌ جي اجرڪ،

    عزت هن منهنجي اجرڪ جي خدا خانڻ وڌائي،

    سڄيءَ دنيا ۾ سهڻي ٿي، سوڀاري سنڌ جي اجرڪ!

    هاڻ هن حسناڪيءَ لاءِ اڃان وڌيڪ ڇا ٿو لکي سگهجي....لفظ ته خانڻ سائينءَ پوئي ڇڏيا آهن. هي هڪ ڏهاڙو به نيٺ ته گذري ويندو، وري ڏينهن ڏينهن جهڙا ٿي ويندا. پر هن هڪ ڏهاڙي جو اثر سمجهي سگهون ٿا ته ڇا ٿيندو!....اهي سڀ جن خاص تياريون ڪيون آهن، انهن وٽ اهي لمحا يادگار جي صورت ۾ سدائين لاءِ محفوظ ٿي ويندا...سدا بهار سونهن رکندڙن تائين الاءِ ڪيترا خوشگوار چهرا ذهن جي فريمن ۾ فٽ ٿي ويندا. جيڪي ياد جي ڀت تي لڳي به ويندا. الاءِ ڪيترن کي هاڻي خبر پوي ٿي ته اجرڪ ڇا آهي ۽ سنڌي ٽوپيءَ ۾ اڳيان جاءِ ڇڏڻ جو خاص محرڪ ڇا آهي! سمجهه ۾ ايترو به اچي ٿو عزيزانِ مَن ته جيڪڏهن هڪڙي ماڻهو کي به اها ڄاڻ نئين ”نڪور“ حاصل ٿي ۽ هن اهو اوڇڻ پهريون ڀيرو اوڙهيو ته علي قاضيءَ ۽ سندس خيال ڄڻ پنهنجو ملهه ماڻي ورتو.

    جن کي چمچه گيري سمجهڻي آهي، اهي هزار ڀيرا نه لکين ڀيرا اهو سمجهن....پر دل چوي ٿي ته لکجي ته ”سَر....اهو جنون مبارڪ هجيوَ...هيڊنگ لکڻ لاءِ اوهان جي هٿ جي ڇڪ جو جنون، هن فقير کي ياد آهي...هي سڀ به جيڪي ڪيو اٿوَ، اسان جهڙن الاءِ ڪيترن وجودن کي دم آخر تائين ياد رهندو. پنهنجي ثقافت، تهذيب ۽ اوڇڻ جي حوالي سان هي ڏينهن اسان پاران اوهان کي مبارڪ هجي.“ تقريبن چاليهه سال کن اڳ محترم گرداس هنس مک داس گرناڻيءَ جڳ مشهور هدايتڪار اي ڪيو پيرزاده جي هدايتن ۾ قاضي احمد، پڊ عيدن، سيوهڻ ۾ هڪ سنڌي فلم شوٽ ڪئي هئ....”محبوب مٺا“....فلم جي ڪهاڻي لکي هئي آغا سليم صاحب....اداڪاري ڪئي هئي مشتاق چنگيزيءَ، چڪوريءَ، عبدالحق ابڙي، شيخ سنڌي، احمد عليءَ، ملڪ انوکي، منصور بلوچ، پرواني ڀٽيءَ ۽ نئين هيروئن انيلا نياز....گيت لکيا هئا موسيٰ عليم صاحب ۽ موسيقار هئو غلام علي صاحب....گلوڪاري نصيب ۾ آئي هئي محمد يوسف ۽ رونا ليليٰ جي....۽ رومن سنڌيءَ ۾ لکيل موسيٰ ڪليم جي سٽن کي رونا ليلا جي آواز ڌاڳي ڄڻ شيشي جيان وقت جي ٽوپيءَ ۾ جڙي ڇڏيو. ڪٿي به وڃو، اهو گيت چاليهن سالن جي جوانيءَ ۾ اهو ياد ڏياريندو ٿو رهي ته اها صدا، اها سوچ جي گونج وقت جي آهنگ کي سدائين گڏ کڻي هلي ٿي.

    گيت تنهنجي وفا جا ٿي ڳايان، توتي پل پل مان قربان آهيان،

    ناز مون کي رهي ٿو سدائين، تنهنجا ويس ڏسي اهي نيارا،

    منهنجا سائين سنڌي ٽوپيءَ وارا....او....منهنجا سائين سنڌيءَ ٽوپيءَ وارا،

    ڌرتيءَ جي ڪنهن به ڪنڊ تي هجو، اوهان کي وطنِ عزيز، پاڪستان جي نمائندگي ڪندڙ سنڌ جي هيءَ تهذيب مبارڪ هجي. مالڪ مٺڙو اوهان جي سرن تي وقار جو اهو ڍڪ يعني سنڌي ٽوپي ۽ اونهاري ۾ ٿڌڪار ۽ سياري ۾ گرميءَ جو ڀاڪر پائيندڙ اجرڪ مبارڪ ڪري.

    mehmoodmughal@hotmail.com
     
  20. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم محمود مغل جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    هڪ ساهه جي ڪهاڻي!




    آچر 13 ڊسمبر 2009ع



    هڪڙي ساهه جي ڪهاڻي کڻي حاضر ٿيو آهيان. عمرِ عزيز، مولا پاڪ مشڪل ڪُشا جي نعمت آهي. هڪ مخصوص وقت آهي، جيڪو هر وجود هن ڌرتيءَ جي مٿاڇري تي گذاري ٿو ۽ رخصت ٿي وڃي ٿو. اها ”عمر“ هر ڪنهن کي نصيب نٿي ٿئي. ڪيترا ته امڙ مٺڙيءَ جي اندر ۾ ئي ”الوداع“ چوندا آهن، ڪيترن کي وري مختصر ترين گهڙيون عنايت ٿينديون آهن. اسان مان الاءِ ڪيترا اهڙا به هوندا آهن جن جي ”خضري ڄمار“ لاءِ دعا ڪئي ويندي آهي ۽ حياتيءَ جي ڊگهي مدت کين ملندي به آهي. حياتيءَ جو هي ”کيل“ بهرحال ختم ٿيڻو ئي آهي، اهو هرڪو ڄاڻي ٿو، نه هئڻ جي دوران هجي ٿو ۽ هجڻ جي مَهل وري ”غير حاضر“ ٿو رهي....حياتيءَ جي اها فلاسافي عجيب آهي، پر بهرحال اهو سڀ ائين ئي آهي. هڪڙي ساهه جي ”اميد“ تي زندگي هر لمحي اڳتي سفر ڪري ٿي، هر ايندڙ ساهه جي پَڪَ رکندي اسين ايندڙ الاءِ ڪيترن سالن لاءِ سوچيندا آهيون، سمجهندا به آهيون ته واريءَ تي نالو لکي رهيا آهيون، پر بهرحال لکندا ضرور آهيون. هاڻي ان هڪڙي ساهه جي ڪٿا به عجيب آهي...ٻار جيستائين امڙ جي پيٽ ۾ رهي ٿو، ته سندس ساهه جو نظام، نڪَ وسيلي نه ٿو هلي...ڦڦڙ به اندر بند صورت ۾ موجود هوندا آهن.

    ان کان پهرين جو اڳتي جو سفر ڪيون، ڪجهه ڳالهيون ٿورو سمجهي وٺون. هڪ عام حياتيءَ ۾ اسين هڪ منٽ ۾ سراسر چوڏهن ساهه کڻندا آهيون. اهو تعداد مردن لاءِ ٻارنهن کان چوڏهن ساهه في منٽ هوندو آهي ۽ خواتين لاءِ وري ٻارنهن کان سورنهن ساهه هوندو آهي. تعداد ۾ اها واڌ چيو وڃي ٿو ته سندن وڌيڪ ”جذباتي“ هجڻ جي ڪري به هوندي آهي. بهرحال اهو تعداد ورزش ڪرڻ جي حالت ۽ ڪنهن جسماني حرڪت ڪرڻ جي حالت ۾ وڌي به سگهندو آهي ۽ گهري ننڊ ڪرڻ جي حالت ۾ گهٽجي به سگهندو آهي، خاص ڳالهه اها آهي ته ان هڪ ”اطمينان جي ساهه“ جو مقدار ”پنج سئو سي سي“ يا پنج سئو ملي ليٽرز هوندو آهي ۽ ان کي انگريزيءَ ۾ ٽائڊل واليوم (Tidal volume) سڏيو ويندو آهي. عرض ڪيم نه، ٻار اندر هوندو آهي ته سندس ڦڦڙ ڦوڪبا ناهن...جنهن مهل، هو جهان ۾ آيو ته سندس ڦڦڙن کي دنيا ۾ موجودگيءَ جو احساس ڏيارڻ لاءِ دايون، نرسون، مڊوائيفون يا ڊاڪٽرياڻيون وڄائي چماٽ هڻي ڪڍنديون آهن. هاڻي ڪٿي ڪٿي هٿن جي ٻٽ تي چهنڊڙي به هنئي ويندي آهي. مطلب ۽ مقصد ان عمل جو اهو هوندو آهي ته ٻار جي جسم ۾ درد جي صدا بلند ٿئي، هو شدت سان روئي ۽ وڌ کان وڌ گهرو ساهه کڻي. مٿي عرض ڪري چڪو آهيان ته گهٽ ۽ گهرو ساهه ٽي هزار ملي ليٽرز جو ٿي سگهي ٿو. هاڻي ڦڦڙن اندر ”ڪورا“ هوندا آهن، پر ڌڻيءَ جو نظام به عجيب آهي، انهن ڪورن ڦڦڙن جي اندر هڪ هلڪڙو پائوڊر رکيل هوندو آهي. پهريان ڇهه ساهه جيئن ئي اندر ويا ۽ ٻار کي هڏڪي آئي ته هڪ ساهه اندر ان پائوڊر ۾ اٽڪي پوندو آهي. ڦڦڙ کلي پوندا آهن. پنج ساهه واپس موٽي ايندا آهن، هڪڙو اندر رهجي ويندو آهي، جيڪو ان مهل نڪرندو آهي، جڏهن حياتيءَ لاءِ خاتمي جو پروانو ”اجل“ کڻي اچي....ڪاروبارِ حيات هڪ ساهه جي آمدرفت تي طئي ٿيندو رهي ٿو. هاڻي انهن پنج سئو ملي ليٽرن لاءِ اسين ڇا ڇا ٿا ڪيون عزيزانِ منِ؟...ڪنڌ کي موڙڻ کان وٺي، چڙهي چيڀاٽڻ تائين ”عزت افزائي“ کان وٺي، ذلت جي تهن تائين...موجودگيءَ جي احساس کان وٺي، نه هجڻ جي ”مامري“ تائين ڇا ناهي جو اسان نٿا ڪيون. حق ڦٻائڻ، زيادتيون ڪرڻ، ظلم ڪرڻ، ڇا اهو سڀ ان هڪ ساهه جو ڪارنامو ناهي؟ اتي اها سوچ به ضروري آهي ته چڱايون به ٿين ٿيون، حق به ڏنا وڃن ٿا، محبتون به ملن ٿيون، پر ڪنهن جو تعداد وڌيڪ آهي، هوا جي ان خصيص مقدار لاءِ جنهن تي اسان کي وڏو ناز آهي ۽ جنهن لاءِ اسين بار بار چوندا آهيون ته ”دنيا دم گذر آهي ڀائو....ساهه تي ڪهڙو ڀروسو....هينئر آهي هينئر ناهي....“ ان هڪڙي ساهه جي سوچ اسان کان ڇو ڇڏائجي وئي آهي؟

    گاڏيءَ جي پوئين شيشي تي ”گڏهه“ جي منهن گسائڻ تي شاندار گاڏيءَ جو مالڪ شديد ناراض ٿي ويو هئو. ٿيو ائين هيو جو تلڪ چاڙهيءَ تي ٽريفڪ جام هئي، گاڏيءَ ۾ گاڏي لڳل هئي ۽ ائين ئي هڪ ڪاري ڪلر جي سهڻي من موهڻي ڪار جي پويان هڪ گڏهه گاڏي اچي بيٺي هئي. ٽريفڪ جو زور وڌيڪ هيو...هاڻي گڏهه پنهنجو ڪنڌ پاسي تي ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي، پر سوڙهه ڏاڍي هئي. اهو سڀ ائين ڪندي سندس منهن هر هر گاڏيءَ جي شيشي کي لڳي پيو وڃي. صاحب جي نظر ڪا پئجي وئي، هو گاڏيءَ مان لٿو ۽ گڏهه گاڏي واري جي عزت افزائي ڪرڻ لڳو. ٽريفڪ هلڻ شروع ٿي هئي، پر سائينءَ جي ”اظهار جي آزادي“ ۾ ڪا کوٽ نه پئي ٿي. گڏهه گاڏي جي سوار پوري شدت سان رينون ڇڪيون پئي، پر جاءِ هجي ها ته ملي ها نه، نتيجي ۾ اسان جهڙن چرين مان ڪو هيٺ لٿو ۽ صاحب کي عرض ڪيائين ته ”قبلا...گڏهه گڏهه آهي...هن کي ڪهڙي خبر ته ماڊل ٻه هزار نوَ جي ڪار کي منهن ناهي لڳائبو. پر توهان به کڻي گاڏي اڳتي ڪيو ته اهو ”قبيح“ عمل ختم ٿئي.“ بس صاحبانِ زمانه، ڳالهه ڪرڻ عذاب ٿي وئي، ٺيڪ ٺاڪ حالت ٿي وئي. اهو باور ڪرايو ويو ته اوهان ڪير آهيو جو هڪ گڏهه جي ايتري طرفداري ٿا ڪريو. آخر قصو ڪوتاهه ڪيو ويو، پر جنهن ”بدنظريءَ“ سان اسان کي ڏسندي وات ۾ بڙبڙ ڪندي صاحب روانو ٿيو، اهو منظر به ڏسڻ وٽان هو. ڇو ايتري بي احساسي ٿي وئي آهي...ڇو نٿا منظر سمجهه ۾ اچن؟...ڇو نٿي برداشت جي قوت واپس وري...اسين انهن ننڍڙين ننڍڙين ڳالهين تي، ڪنهن جي ”پٽڪي ڌوڙ“ ڪرڻ ۾ ڇو ٿا ايتري دلچسپي رکون! ڇا اسان انهن پنج سئو ملي ليٽرن جي مستقل موجودگيءَ جي پڪ سانڍي ورتي آهي ڇا؟

    سياري جي تهه رات هئي، هڪ مريض جي گهران ڪال آئي هئي. هڪ ننڍڙو ڪمرو هو، جيڪو هڪ کٽ کان وڏي سائيز جو نه هو. ان ۾ رکيل به کٽ هئي، جنهن تي ليٽيل پنهنجا پساهه پورا ڪري چڪو هو. ٻاهر سندس اڪيلي نياڻي پٽ تي ويٺل هئي، مون ساڻ سندس نياڻو هو....اڱڻ مان جهاتي پائيندي ان ڪمري ۾ چادر سان ڍڪيل ميت هڪ تمام وڏي عملدار جي هئي. اها ڏسندي مون مستقل اهو سوچيو پئي ته ڇا هن سوچيو هوندو ته منهنجو انت ڪٿي ٿيندو ۽ ڪيئن ٿيندو....اها ملازمن، ماتحتن، خادمن جي لوڌ ڪاڏي وئي؟ اهو سڀ هن پنهنجي ساهه جي اچ وڃ ۾ ڪڏهن تصور به ڪيو هوندو!

    اڄ خواب نگر ۾ ان بيوفا ساهه جو ذڪر ڪرڻ ٿا گهرون، جيڪو دراصل رب جي پاران مليل نعمتن مان هڪ هوندو آهي، جيڪو هوندو ته خالي پنج سئو ملي ليٽرن جو آهي، پر پنهنجن ڪلهن تي الاءِ ڪيترا بار کڻي ايندو آهي...روين جا، سلوڪ جا، انساني قدرن جا، اميدن ۽ آسرن جا...ڪنهن نرم نگاهه جي انتظار ۽ ڪنهن آسوند ڀاڪر جي پناهه جا...ڇا اهو سڀ اسان وٽ ان هڪ ساهه ۾ موجود هوندو آهي؟ ٿورو سوچيو، اسان جي دوستين، دشمنين کي ورهيه لڳي ويندا آهن ۽ ڪن کي ته هڪ ورهيه ڇا، هڪ ڏينهن به حياتيءَ جي مهلت نه ملندي آهي. هاڻي اها نعمت جيتري گهڻي آهي، ان جو پڇاڻو به اوترو ئي ته ٿيندو. جيڪڏهن هڪ ڪلاڪ ۾ اٺ سئو چاليهه، چوويهن ڪلاڪن ۾ ويهه هزار هڪ سئو سٺ ۽ پنجاهه سالن جي سراسر ڄمار ۾ ڏهه لک، اٺ هزار ڀيرا اهو ساهه کڄيو آهي ته انهيءَ جي پڇاڻي لاءِ ڇا اسان وٽ ڪو جواب آهي! هڪ ساهه جي ڪهاڻي اتان ئي شروع ٿئي ٿي ۽ اتي ئي ختم ٿئي ٿي.

    mehmoodmughal@hotmail.com
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو