محترم محمود مغل جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

'سنڌي ادب' فورم ۾ عبدالوهاب طرفان آندل موضوعَ ‏6 آگسٽ 2010۔

  1. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم محمود مغل جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    چڙهيل پاڻي...لٿل پاڻي!



    آچر پهرين جولاءِ 2007ع

    عجيب خوف وڪوڙي ويو آهي. لڳي پيو ٿو ته هو ناراض ٿي ويو آهي. سندس ناراضگيءَ جون ”نُون“ به اسين سهڻ جهڙا ناهيون پر جيڪي ڪجهه به ٿئي پيو ٿو، اهو ظاهر ڪري ٿو ته مولاءِ ڪُل جل شانه کي، اسان جي عملن جا رنگ، ڀانئين نه ٿا...جيڏانهن نهارجي ٿو ته اخبارن ۾ رڳو موت جون خبرون آهن، نقصان جا اطلاع آهن، لکين ماڻهو بي گهر ٿيا آهن. الاءِ ڪيترن کي اجل پنهنجيءَ مُٺِ ۾ جڪڙي چڪو آهي ۽ الاءِ ڪيترا وري گم ٿي چڪا آهن. اکين جو پاڻي، چوڦير پکڙيل پاڻيءَ سان ڪٿان ٿو مقابلو ڪري سگهي. الاءِ ڪيترين جاين تي اکيون خشڪ ٿي چڪيون آهن، پر اڃا پاڻيءَ کي لهڻ ۾ الاءِ ڪيترو عرصو لڳي ويندو. ٽيليويزن جي اسڪرين تي جنهن وقت به آيل ٻوڏ جو منظر سامهون اچي ٿو ته ڏيکاريندڙ جهلڪين ۾، اها مسجد شريف بار بار ڏيکاري ٿي وڃي، جيڪا ڇت تائين ٻڏل آهي. بس ڇت جو ٽڪر رهيل آهي، جنهن تائين ڪجهه ٻڪريون ۽ ماڻهو الائي ڪيئن پُهچي سگهيا آهن. جمعي جي ڏينهن جي اخبارن ۾ فرنٽ پيجز تي ان ٻڏل مسجد شريف جي رهيل ڇت ۽ اتي موجود ڪجهه ساهوارن ماڻهن ۽ جانورن جي فوٽو اهم جاءِ والاري آهي. اسان وٽ عام رواجي طرح سان، ڇتين جي اونچائي يارنهن فٽ هوندي آهي. مسجدن جون ڇتيون مٿانهيون ٺهنديون آهن. هلو ڀلا، جي انهن ٻنهي نڪتن کي نه مڃيندي، جيڪڏهن رڳو اهو تسليم ڪريون ته اها ڇت ڏهن فٽن جي اونچائيءَ تي هئي ته سڌو سڌو مطلب اهو نڪتو ته گهٽ ۾ گهٽ نو فٽ پاڻي ان جاءِ تي موجود آهي. هڪ مناسب قد جو اڻ تَارو پنجن فٽن تائين يا ڇڪي ڇڪي ساڍن پنجن فٽن تائين بيٺل پاڻيءَ ۾ هٿ پير هڻي، پيرن کي اٽڪائي سٽڪائي، جان ڇڏائڻ جا جتن ڪري سگهي ٿو. هاڻي مطلب اهو ٿيو ته ايڏي گهري پاڻيءَ ۾ بچڻ جو اهو امڪان به خارج ٿي ويو. اتي اهو ياد رکڻ بنهه اهم آهي، صاحب زمانه ته سڀ هُن جو اختيار آهي، جيڪڏهن چاهي ته اجگر سمنڊ ۾ ڪک به نه ٻُڏي ۽ جيڪڏهن نه چاهي ته فوت ٿيڻ لاءِ ڦڦڙن ۾ پنج سي سي پاڻي ئي ڪافي آهي. اهو ضروري ناهي ته اتي سڀ ٻڏي ويا هجن، پر ان سطح تائين پاڻيءَ جي پهچڻ جي نشاني گهڻين نگاهن کي کولڻ لاءِ ڪافي آهي.

    الاءِ ڇا ٿي پيو ٿو سائين....دليون پٿر ٿين پيون ٿيون ۽ شايد انهن جو پٿرائجڻ، انهن ڪُمَهرين کي سڏ ڪندو رهي ٿو. ڏسو پيا ٿا، ٻڌو پيا ٿا، اڄ هتي باهه لڳي؟ اڄ فلاڻي جاءِ تي هن بلڊنگ ۾ ٽانڊو دُکي ويو آهي. اڄ هيترا ”هورڊنگز“ ڪريا آهن، اڄ هيترين وائرين هيٺ ڪري اجل جي راهه آسان ڪئي آهي. برسات ۾ هيترا فوت ٿيا آهن. ٻوڏ ۾ هيترو امڪان آهي. ڇا اهي سڀ خبرون اسانجين سماعتن تائين نه ٿيون پهچن. ڇا ”گلوبل ميڊيا“ هئڻ جي ڪري ڳوٺن جي هوٽلن تي رڳو ”نيها ڌوپيا“ جون فلمون ٿيون هلن، عمران هاشميءَ جا سينز ٿا هلن، يا ڪا خبر چار به پهچي پئي ٿئي...هر ڪنهن کي اندازو آهي...هر ڪنهن کي ڄاڻ آهي، بس، ان ڄاڻ جو ڪو اثر ڪو نه پيو ٿو ٿئي.

    هاڻي ان ڳالهه جو ڇا مطلب وٺجي؟....ڀلا جيڪڏهن ڪٿي ٻوڏ آهي ته اسين پنهنجي گهر ۾ به پاڻيءَ جي ٽينڪر لاهرائي، پاڻ سامان ڇت تي ڪڍي رکون ڇا؟...ڇا مطلب آهي اثر جو....؟جيڪڏهن ڪٿي برسات گهڻي ٿي آهي ته اها به مالڪ مٺي جي مرضي آهي...اسان جي هٿ ۾ ڇاهي؟ ڄاڻ آهي ته ڇا ڪيون؟ دعا ڪرڻي آهي، سا ڪيون پيا ٿا ٻيو ڇا؟...دامي، درمي، سُخني جيڪا مدد پُڄي سگهي ته خيرن سان ڪنداسين، هونءَ به حڪومت هيڏو ڪجهه ڪري پئي. اسان جو به وارو آيو ته خيرن سان پوئتي ڪو نه ڏسڻ ۾ اينداسين. ٻيو وري ڇا...؟

    عرض ڪيم ته قبلا، جيڪا جاءِ سڙي، اتي سيڪ اچي وانگر، اسان الاءِ ڇو هاڻي ڪنهن تڪليف کي صرف ان مهل محسوس ڪيون ٿا، جنهن مهل خدانخواسته اها اسان تي، ذاتي نجي حوالي سان اچي ڪڙڪي ٿي. ٻئي جي تڪليف تي دل کولي ڳالهائي ته سگهون ٿا، بهترين ”تاثرات“ به ڏئي سگهون ٿا، پر الاءِ ڇو دل چوي ٿي ته لکجي ته هاڻي دل جو اهو گوشو الائي ڇو خالي ٿي ويو آهي، جنهن ۾ ٻئي جو درد سمائبو هو...خالي خالي نگاهن سان ٽيليويزن جي اسڪرين تي اهي منظر ڏسندا رهون ٿا...اخبارن ۾ اهي ”فوٽا“ ايندا رهن ٿا...اهي به روز نظر مان گذرن ٿا. ڪارِ جهان هلندو ٿو رهي...وڌ ۾ وڌ هڪ ٻه دفعو بڙ بڙ ڪنداسين ”توبنهن...توبنهن...توبنهن سائين“ ۽ وري انب جي ڦار وات ۾ وجهي کل اڇلائڻ جي چڪر ۾ هونداسين...لڳي ٿو واسطيداريءَ جو جهان، هاڻي مختصر ترين ٿيندو ٿو وڃي...

    خواب نگر جي اڄوڪي موضوع جي دليلن ۾ مان ڇا عرض ڪيان...ڪهڙي ڏينهن جي اخبار يا ڪهڙي ”نيوز فٽيج“ جي ذڪر کي ورجايو وڃي...هن مهيني جي 7 1 تاريخ تي ”ڪاوش“ ۾ ڇپيل مسجد شريف جو اهو فوٽو هر هر اکين ۾ لڙي اچي ٿو، جنهن ۾ ظُهر جي نماز کان پهرين، هڪ نوجوان ڦاهو کائي پنهنجو انت آندو آهي...لاش رسيءَ جي مدد سان پکي ۾ ٽنگيل آهي...نڪتل فوٽوءَ مان لڳي ٿو ته اهو مسجد شريف جو اندريون ”هال“ آهي، ڇاڪاڻ ته لاش جي پسمنظر ۾ سائي رنگ جو ”محراب“ نظر اچي رهيو آهي. خبر تفصيل سان جاري ٿيل آهي ته نوجوان، پنهنجي اجل جي چونڊ پاڻ ئي اتي اچي ڪئي هئي...۽ معزز خواتين و حضرات، ان تصوير ۾ سڀ کان اهم ڳالهه اها هئي جو لاش پکي ۾ ٽنگيل هيو ۽ پريان نمازي نماز پڙهي رهيا هئا. جيڪڏهن منهنجو حافظو غلط نه هجي ته انهن ٻن نمازين مان هڪڙو سجدي ۾ هيو ۽ ٻيو سئين ”رڪعت“ شروع ڪرڻ لاءِ اقامت جوٽي رهيو هو.

    اها تصوير، جنهن به ڪڍي هئي، تنهن کي ساهه نپوڙڻ آيو پئي، ڇاڪاڻ ته ايترا ڏينهن گذرڻ جي باوجود به اهو سڀ وسري نه ٿو. اها بي حسي، اهو اڻواقفيت وارو سلوڪ، اها لاغرضي، سڀ ڪجهه ته ان هڪ تصوير ۾ سمايل هو. مڃجي ٿو ته اهو نماز جو وقت هوندو...پر اتي ڪا جماعت به ڪا نه هئي، مطلب ”فرض باجماعت“ جو وقت يا ته نڪري چڪو هو، يا ٿيڻ وارو هو.. ٿي سگهي ٿو اهي نمازي سنتون يا نوافل پڙهندا هجن...پر ڪجهه لمحن لاءِ ڌڻيءَ جي واسطي اهو ته سوچيو ته انهن صفن جي بلڪل پويان، پکي ۾ هڪ لاش ٽنگيل آهي. هڪڙو نوجوان مري چڪو آهي، جنهن جي ميت، اڃان هيٺ به لاٿي ڪو نه ٿن...هاڻي ٿي سگهي ٿو اهو ”پوليس ڪيس“ هجڻ جي ڪري ٿيو هجي...ڇاڪاڻ ته شاهديون ”ڇيڙبيون“ ناهن...جيسين پوليس اچي پوءِ لاش لهي...هلو ڀلا...اهو سڀ ايئن ئي کڻي مڃجي ته پوءِ پنهنجي اها نماز جي ادائيگي ڪهڙي خاني ۾ فٽ ٿئي پئي. ان رب کي سجدي ڪرڻ کان پهرين سندس هڪ مخلوق جي ”ميت“ کي جنهن لاءِ چيو ويندو آهي ته ”ڪک به نه سهي سگهندي آهي..“ بندوبست جي نسبت نه پئي عطا ٿي سگهي؟

    جڏهن شيون ان حد تائين پهچي وڃن نه، صاحبانِ زمانه، ته ”نفسا نفسيءَ“ جو مثال ڪا حيثيت نه ٿو رکي. تڪليف رڳو ان ڳالهه جي آهي ته پنهنجي رب جي حضور ۾ حاضري ڀريندڙ جو قلب ته ڪمال هوندو آهي. هو ڄاڻندو آهي ته سندس رب مٺو، انسان ذات سان سندس محبت ۽ قدر کي ڪيترو پسند ٿو ڪري...هاڻي ان قلب وارو وجود اهڙو سلوڪ ڪري ته باقي ڇا ٿو بچيل نظر اچي؟ ٽيليويزن جي جهان ۾ جڏهن ڪنهن ”واردات“ کي اندازي سان رڪارڊ ڪندا آهن ته ان لاءِ ”Reconstruction“ جو اکر ڪتب ايندو آهي. مطلب مليل شاهدين مطابق سيٽ لڳايو ويندو آهي...ڪردارن جي بندوبست ڪيو ويندو آهي...جملا ادا ڪرائي، پورو منظر، ناظرين جي سامهون پيش ڪبو آهي. الاءِ ڪيئن دل ۾ اهو خيال آيو ته ٿي سگهي ٿو ته فوٽو گرافر، ان منظر کي وڌيڪ ”پُر اثر“ بڻائڻ لاءِ ڪنهن نمازي کي منٿ ڪئي هجي ته ”ادا لاش اڳيان توهان نماز پڙهو ته مان ڪجهه فوٽو ڪڍي وٺان...منهنجي روزي روٽيءَ جو سوال آهي...“ ٿي سگهي ٿو ته هنن ان ڪري ايئن ڪيو هجي...اتي منهنجي دل شدت سان رڙ ٿي ڪري ته اهو نيڪ نمازي ماڻهو ڪري ئي نٿو سگهي...ته پوءِ جيڪڏهن ايئن نه ٿو ڪري سگهي ته اها تصوير ڇا ٿي ڏيکاري...ڇا اها، خداترسيءَ، همدرديءَ، وارثيءَ، خيال ۽ سوچ جي تابوت کي آخري ڪِلي آهي...؟ اهو سڀ ڇا ٿو ڏيکاري عزيزانِ من...اهو ئي نه...ته اسين هاڻي ڳنڍڻ جي جاءِ تي ڇنڻ سکون پيا...ٻين جي تڪليف هاڻي اسان کي اثر ۾ نه ٿي آڻي...سڀ ٺيڪ آهي...سڀ هلي ٿو...اهڙا منظر ڏينهن ۾ ڏهه ڏسون ٿا...گهڻن تي روئي گهڻن تي روئون...؟

    جڏهن دنيا پٿر دل ٿئي ته پوءِ ڇا جي اميد رکجي؟...اهو ته هن جو ڪرم آهي ته هو رحيم ۽ ڪريم آهي، بخشيندو رهي ٿو ۽ مستقل بخشيندو ٿو رهي...پر اسان جا هي طور طريقا، اسان جا فعل، کيس پسند اچڻ جهڙا آهن؟ اسان جي دل جو اهو گوشو، جيڪو سندس حڪمن جي خوف کان، سندس مخلوق جي سڪ سانڍيندو هو...جڏهن خالي ٿيندو ٿو وڃي ته اسان اها خوشبوءِ ڪٿان آڻينداسين، جيڪا اسان جي وجود جي پاران بي حسيءَ جي بدبوءِ کي ختم ڪرائي سگهي ۽ جڏهن اهو سڀ ٿئي پيو ته نتيجو اسان ۽ اوهان جي سامهون آهي. اڃان به وقت ويل ناهي صاحبانِ زمانه...موٽ ٿي سگهي ٿي...مسجد جي ڇت وٽ پهتل پاڻي نيٺ به لهڻو آهي...حياتيءَ کي وري ڌڻيءَ جي ڪرم سان رنگن کي محسوس ڪرڻو آهي، پر ان لاءِ صدقِ دل ۽ آزي نيازي کپي...کيس ٻاڏائجي ۽ دل سان ٻاڏائجي...بس اهو ئي هڪڙو عمل، اسان تي رحمتن جا دروازا کولي سگهي ٿو.

    ترمذي شريف ۾ آهي ته حضرت سلمان فارسي رضي الله تعاليٰ عنه کان روايت آهي ته نبي ڪريم صلي الله عيله وسلم جن فرمايو، ”بيشڪ الله جي ذات تمام گهڻو رحم واري آهي. هو بغير گهرڻ جي ئي گهڻو ڪجهه ڏيندو آهي، جڏهن ماڻهو الله تعاليٰ جي آڏو هٿڙا کڻندو آهي ته کيس انهن هٿڙن کي خالي موٽائڻ ۾ ناهي ايندو...تنهن ڪري ان کي ضرور ڏيندو آهي.“ کانئس محبت، سڪ، قدر ۽ احساس جي موٽ گهرون ٿا...ضرو رڏيندو سائين...۽ ڏسجو اهي ملندا ته ڪُمهرين لاءِ انهن سببن جي حد به گهٽجي ويندي. آب کي اکين ۾ لهڻو ئي پوندو، ان ۾ ئي انسانيت جي ضمانت آهي.

    mehmoodmughal@hotmail.com
     
  2. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم محمود مغل جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    هڪ ”چادر“ جو سوال آهي!



    آچر 8 جولاءِ 2007ع

    ميت کي، اسپتا ل وارن جي مَهِرَ سان، صرف مُنهن ۽ هٿن پيرن کي ٻڌڻ جي لاءِ ”پٽيءَ ٽڪر“ ملي سگهيو هو...باقي سڀ ”روزِ روشن“ جيان عيان هو...منظر عجيب هو معزز صاحبانِ زمانه...مريضن سان سٿيل وارڊ ۾، تيرنهن نمبر بيڊ تي، حياتيءَ جي جنگ وڙهندڙ ڪو چاليهه منٽ پهرين اها ويڙهه هارائي ويو هو. موت کيس پنهنجي آغوش ۾ ڀري ورتو هو ۽ پويان بيٺلن جا سڏڪا ۽ آهون ”ماٺڪي وجود“ کي موٽائي نه پيون سگهن...اهو ته ائين ٿيندو ئي آهي ان ۾ ڪهڙي ”فارسي“ آهي؟...ڪهڙي نئين ڳالهه آهي؟...ساهه جو پکي پرواز ڪري ته جسم جون حرڪتون رسي وينديون آهن ۽ وري پرچي نه سگهنديون آهن...پوءِ سڀ ڪجهه پونئيرن جي حوالي هوندو آهي...اوسيئڙي ۾ ڦاٿل اکيون بند ڪن، هٿن پيرن کي سڌو ڪن، ڪجهه آخري لفظ اچاريندڙ، مک کي برابر ڪندي ٻَڌو وڃي...اهي سڀ رسومات ائين ئي ادا ٿينديون آهن. انهن سڀني ۾ اهم ترين ڳالهه ”موڪلائيل“ جي حرمت هوندي آهي. جدائيءَ جي پهرئين واءَ جي جهوٽي ساڻ کيس ڍڪيو ويندو آهي. اهو پنهنجن جي ”پرائين“ ٿيڻ جو پهريون دليل هوندو آهي...پر ميت جو حق به هوندو آهي...هتي به اهو سڀ ٿيو پئي، پر گذريل چاليهن منٽن کان اهو ”مڙهه“ ائين ئي پيو هو...حيدرآباد شهر جي سڀ کان وڏي سرڪاري اسپتال ۾، ”وفات ڪيل“ کي ڍڪڻ لاءِ ”چادر“ ڪا نه هئي...هر ڪنهن جي نگاهه مٿس پئجي رهي هئي، پريان بسترن تي عورتون هيون، ٻار هئا، ڪجهه خاندان هئا...ايندڙن ويندڙن جو گشت جاري هو ۽ ”ميت“ ائين ئي ”پڌري پٽ“ پيل هئي.

    وارثن تقريبن هڪ ڪلاڪ اڳ مون سان رابطو ڪيو هو. مهربانن کي شايد مان اڃان تائين اهو ڊاڪٽر لڳندو آهيان، جيڪو بي انتها پهچ وارو هُجي...ڪنهن جي معرفت هنن مون کي منٿ ڪئي هئي ته اسين فلاڻي وارڊ ۾ آهيون، قبله والد صاحب جي طبيعت ڪجهه ٺيڪ ناهي، بلڊ پريشر وڌيل آهي ۽ دل بي قابو...جيڪڏهن اوهان کان ٿي سگهي ٿو ته ڪا مدد ڪيو. رابطي جو نمبر وٺي، مون منٿ ميڙ ڪئي هئي. شهر کان ٻاهر هئس ۽ اتفاق سان ان مهل واپسيءَ جي رستي تي ئي هئس، اتي موجود ڊاڪٽرياڻيءَ سان فون تي ڳالهايو، جنهن ٻڌايو ته ”وڏي ڊاڪٽر صاحب“ جو انتظار آهي. مريض اسٽيبل (Stable) آهي. ڳڻتي نه ڪيو. ”سائين جن“ اچن ته مان ڏيکاري ڇڏيان ٿي. مون مريض جي وارثن کي عرض ڪيو ته ”ڌڻي چڱائي ڪندو“ پروفيسر صاحب ڏسي وڃن ته مون کي ٻڌائجو...اڌ مُني ڪلاڪ ۾ انشان الله مان به پهچي ويندس...

    تقريبن ويهن منٽن کان پوءِ مريض جي وڏي پُٽ فون ڪري ٻڌايو ته ”بابا جن، جهان ڇڏي ويا...“ اناالله وانااليه راجعون“ مان ته ائين واپس، هنن ڏانهن ئي وڃي رهيو هوس. اسپيڊ ٿوري وڌي، پر وري به چاليهه منٽ کن لڳي ويا. اتي پهتس ته هي سڀ ڏسي ”وائيسر“ ئي ڦري ويا...تقريبن مُني ڪلاڪ کان اهو مڙهه ائين ئي پيو هو...سامهون...کُليل...سڀني جي ديدار لاءِ موجوده...مُک تي هڪ ٻه مک آئي پئي جنهن کي روئندڙ اولاد بار بار هٽايو پئي. هرڪو ڏسندڙ تاصف وچان مختلف ”اظهار“ ڏئي رهيو هو ۽ بس...اهو سڀ ائين ئي جاري هو...

    وارڊ ۾ پهچڻ سان ئي چادر لاءِ ڊوڙ ڊڪ ڪيم...وارڊ بوائز، سيمپلنگ ڪري رهيا هئا...نرسون کل کل ۾ پوريون هيون...هائوس آفيسر ”نازنين“ هاڻي رخصتيءَ جي مرحلي ۾ هيون ۽ ميڪ اپ درست ڪري، ڪبائون پهري رهيون هيون...ميل ڊاڪٽر ڪو هئو ڪو نه...جنهن کان پڇ ته چوي ”مون کي ته خبر ناهي...ڪير گذاري ويو آهي.“ الله اڪبر....وارڊ ۾ هڪڙو موت ٿي چڪو آهي...بيڊ نمبر 3 1 تي مريض ايڪسپائر ڪري ويو آهي...اهي سڀ، جن جي ڊيوٽي هاڻي ختم ٿي رهي هئي، لازمن پهرين ڊيوٽيءَ تي هوندا ۽ سندن وقت ۾ ئي اهو موت ٿيو هوندو ۽ انهن مان ڪنهن کي به خبر ناهي...ستم بالاءِ ستم...ٻئي وارڊ مان چادر گهرڻ ويس ته اتي ڪو به ڪو ڪو نه هيو...مولا...هي ٿئي ڇا پيو؟ واپس موٽي آيس ته هڪ ڪمري ۾ ڪلارڪ صاحب ويٺل هو. ان کي چيم...”بابا...تيرنهون نمبر مئو آهي يا سڀ مري ويا آهن...يار هڪڙي چادر کپي...لاش کي ڍڪڻو آهي...اوهان وٽ چادر ناهي؟“

    شايد چهري مان، مون کي سڃاڻي ويو هو. هڪدم ٽيبل تان سامان هٽائي ٽيبل ڪور لاهي ڏنائين، هي کڻو سائين...چادر ناهي ته کڻي هن سان ڍڪيوس...

    منهنجو به ميٽر گهميل هو...رڙ ڪندي چيم ”ميت کي ٽيبل ڪور سان ڍڪيندس ڇا مان...؟ توهان جي هيڏي وڏي وارڊ ۾ جيئرن لاءِ ته کڻي ڪجهه نه هجي...پر فوتيءَ لاءِ، جهان ڇڏي ويندڙ لاءِ هڪ ٽڪي جي چادر ناهي..؟“ آواز بلند ٿيو ته ڪنهن ڪنڊ مان، هڪ ڊاڪٽر صاحب به نڪري آيو...تيستائين مون مسلسل ڊائل ڪندڙ نمبرن مان، هڪ تائين رسائي ڪري ورتي هئي...اهو مهرباني ڄامشوري ۾ هو...تنهن کي منٿ ڪيم، هن چيو ”مان ارينج ڪرائي ٿو ڏيانءِ“. هتان هي ڊاڪٽر صاحب اچي ويو، بس هڻ وٺ لڳي وئي...وارڊ جي ڪرتا ڌرتا ”رجسٽرار سائينءَ“ کي به خبر ڪا نه هئي ته ميت ائين پيل آهي...بيڊ تي وڃي بيٺاسين ۽ وري به ڪو تقريبن ويهن منٽن کان پوءِ ڪو اهڙو ڪپڙو مليو، جنهن کي چادر چئي سگهجي پيو...۽ جنهن سان لاش کي ڍڪيو ويو. وارڊ جي سربراهيءَ لاءِ لکيل نالو، منهنجي هم جماعتيءَ جو آهي...سڀني کان ڏاڍو پڇيم، پر ڪنهن ۾ به همٿ نه هئي جو سندس سيل نمبر مون کي ڏئي...بحث جو وقت ڪو نه هو. گذريل چاليهن منٽن کان وارث ڪاغذن جي مڪمل ٿيڻ ۽ ايمبولينس جي اچڻ جي انتظار ۾ هئا...چادر ٽڪر مليو، وٺ وٺ ٿي ته ڪاغذ به مڪمل ٿيا، ايمبولينس به آئي ۽ ڍڪيل ميت ”الوداع“ ٿي.

    ان کان پهرين جي ڪهاڻي به عجيب هئي. وڏي پٽ ٻڌايو ته ”بابا جي حالت اوچتو خراب ٿي...اوهان سان ڊاڪٽرياڻيءَ صاحبه ڳالهه ٻولهه ڪئي ته ان مهل حالت ڪجهه بهتر ٿي هئي...وري هڪدم بگڙي ته مون پروفيسر صاحب کي فون ڪئي. سائين ان مهل فائنل جو ڪلاس وٺي رهيا هئا. مان ڀڳس...ٻاهران ڪلاس جو در ٺڙڪايم...اتي ڳاڙهي بتي ٻري پئي...ڪنهن در نه کوليو، موبائيل تي رنگز ڪندو رهيس...هن موبائيل به بند ڪري ڇڏيو...ڪنهن به ڪجهه به نه ٻڌو...ننڍن ڊاڪٽرن کان معاملو زور هو...بابا وفات ڪري ويو...مٿان وري ٻيو ظلم ڏسو...هن ڪلاس پورو ڪيو...ٻاهر نڪتو ۽ سڌو هليو ويو...لڙي نه پڇيائين ته مريض بچيو يا هلي چُريو...“

    ڀاڪرن ۾ سينا آلا ٿي رهيا هئا...بي حسي، بي دردي، وحشت ۽ ظلم جي ان رنگين ڪهاڻيءَ کي وري مهربان ڊاڪٽر جا جملا وڌيڪ خوبصورت بڻائي رهيا هئا. گيٽ پاس ٺاهيندي، ايئرڪنڊيشينڊ ڪمري ۾ هنن فرمايو پئي ”هڪڙي چادر ڇا سائين...هتي ته ڪجهه ڪونهي...توهان چادر جي ڳالهه ٿا ڪيو، انهن گدن کي ڏٺو اٿوَ جن تي مريض ليٽن ٿا...انهن گدن ۾ اندر، ٽي ٽي چار چار انچن جا ڪيڙا آهن...صفائي ٿئي ڪو نه ٿئي...توهان رڳو گدو اُٿلائي پُٿلائي ڏسندو نه...ته ائين پيا ڪرندا، جيئن خراب وارن ۾ جوئون هونديون آهن...“

    ياد آيو...ٻاهر واقعي به ڳاڙهيٽن گدن جي حالت عجيب هئي. ڪيترن تي ته ائين ئي بنا چادر وڇائڻ جي مريض سُتل هئا...انهن سان اهي ڪينئان ڪهڙي حالت ڪندا هوندا؟

    ”هي ڏسو ٿا سائين...“ هن سرٽيفڪيٽ ٺاهيندي، ٽري ۾ رکيل انجيڪشن کي هٿ ۾ وٺي مهٽو ڏئي، واپس رکيو ”هنن ۾ ڪا خبر ناهي پوندي، ڪهڙي ڊيڪاڊران آهي...ڪهڙي ڪورٽيزون...ڪهڙي سوليوڪارٽيز...سڀ هڪجهڙيون آهن...سڀ سرڪاري دوائون آهن...الاءِ ارڙنهن ڪروڙن جي بجيٽ ڪيڏانهن ٿي وڃي...“

    سڀني کي خبر آهي ته اها ڪيڏانهن ٿي وڃي عزيزانِ من...ڪنهن کي ڇا چئون...سڀني کي خبر آهي...پنهنجيءَ دل تي هٿ هڻي، پاڻ کان پڇو، ڇا اوهان کي خبر ناهي؟

    وارڊ جي مهاڙيءَ تي پنهنجي ڪلاس فيلو جو نالو ڏسي، منهنجو ساهه مُٺ ۾ اچي ويو هو...ڇاڪاڻ ته منهنجي خيال ۾ اسان جي بئچ، اها بئچ هوندي هئي، جيڪا ”سدا بهار خواب“ ڏسندي هئي...”اسين هينئن ڪنداسين...اسين هونءَ ڪنداسين...“ تنهن زماني ۾، اسپتال جي حالت اها هوندي هئي ته هر داخل ٿيندڙ پاڻ سان پهرين ڪاغذن جو هڪ ”دستو“ وٺي ايندو هو...دستو پهرين ايندو هو، داخلا پوءِ ٿيندي هئي، ڇاڪاڻ ته هسٽري ۽ مرض جون علامتون ڇا تي لکبيون؟ اهو سڀ سمجهه ۾ نه ايندو هو. دوائون ته ويون کڏ ۾، ڪاغذ به ڪو نه هوندو هو...اسين عام شاگرد، جنهن جو ڪنهن به لڏي سان ڪو به واسطو ڪو نه هوندو هو ۽ ڪم سان ڪم رکندا هئاسين. سدائين پريشانين جو شڪار هوندا هئاسين. مريضن سان جُٺ ئي اهڙي ٿيندي هئي، پوءِ خوش گمانين، خوابن ۽ سوچن وسيلي ايندڙ مستقبل جي تياري ڪندا هئاسين...ياد اچيم ٿو ته انهن رنگين خوابن جون ڳالهيون ڪندڙ اهو به مهربان وجود هيو، جيڪو هاڻي حاڪمن منجهان آهي...پر قصو مختصر آهي...اڳي ڪاغذ نه هوندو هو...هاڻي ميت ڍڪڻ لاءِ چادر ناهي...اسان وڌيڪ ترقي ڪري ويا آهيون، قبلا....

    سڀ ڄاڻون ٿا عزيزانِ من...سڀ خبر آهي...پڇا ڳاڇا جا سڀ سلسلا معلوم آهن...ڪو هڪڙو ماتحت اٿوَ ته ان جي به پڇا ٿيندوَ. هڪڙي زيردست جو سوال به اوهان کان ٿيندو...هاڻي هتي ته اوهان جي نظر هيٺ ”ساهه ڏيندڙ“ جو معاملو آهي...

    خواب نگر ۾ جڏهن به اسپتالن جي ڳالهه ٿيندي آهي ۽ ڪاعذن تي زهر اوتبو آهي ته منهنجا جيڏا، منهنجا ”پٽي ڀائي“ مون کي شرمسار ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن....”لٽو ٿو لاهين اجايو سڀني جو، حالتن کان تون واقف ناهين، ڇا تون ڊاڪٽر ناهين؟...ڇا چڱا ڊاڪٽر ڪونهن...جن جي ڪڏهن تون کڻي تعريف ڪرين...رڳو ٿو گلائون لکين...“

    اڄ دل چوي ٿي ته لکجي ته ڊاڪٽر کي ته ٿيڻو ئي چڱو آهي...هو ماڻهوءَ جي ساهه جي تند سان کيڏي ٿو، اهو سڀ ڄاڻي ٿو ته چڱائيءَ ۾ ئي سندس ڪمال آهي. سندس ڪم اهڙو آهي ته پوءِ تعريف لاءِ ڇو ٿو واجهائي؟ هلو ڀلا تعريف به ڪجي ۽ ضرور ڪجي، پر هنن حالتن ۾، جڏهن ڀريل وارڊن ۾ ائين ميتون پيل هجن ڪهڙيون تعريفون ڪري ڪهڙيون ڪيون...؟

    سيني جي ڏُکڻ جي ڪري ڪو به ربط موجود ناهي عزيزانِ من...الاءِ ڇا ڇا لکڻ گهريو هئم....پر لفظن جو مربوط هجڻ نظر نٿو اچي. ڏک جي هن شدت ۾ ڇا لکجي ۽ ڇا عرض ڪجي؟ وقت جي وير، اسان کي به اتي ئي اچي بيهاريو آهي، جتي اسان جا ”وڏڙا عاقل“ هئا، بلڪه اسان ته ڪجهه ٻه هٿ اڳتي نڪري ويا آهيون...اڳي ڪاغذن لاءِ منٿون ٿينديون هيون، ڇاڪاڻ ته ”جيئرن“ لاءِ ڪجهه هوندو هو...هاڻي چادرن لاءِ واجهائڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته ”فوتين“ جي لاءِ ڪجهه ڪرڻو آهي.

    صحت کاتي کي ۽ خاص طور تي سرڪاري اسپتالن کي اها ترقي مبارڪ هُجي. ميت لاءِ چادر ڍَڪ آهي...جيڪو هنن وٽ ڪونهي ته ڌڻي ڪندو، جڏهن هو پنهنجي افعالن ساڻ، پنهنجي رب جي آڏو حاضر ٿيندا، ته وٽن به ڪا چادر ڪو نه هوندي، حشر جي ميدان ۾ سڄو جڳ، سندن ميت ڏسندو...جنهن مٿان مکيون هڪلڻ وارو به ڪو ڪونه هوندو.

    mehmoodmughal@hotmail.com
     
  3. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم محمود مغل جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    صدا



    سومر 16 جولاءِ 2007ع

    ڌڻيءَ در، واعدي جي پورائي لاءِ مان ٿورائتو آهيان.

    خواب نگر ۾ ئي ڪٿي عرض ڪيو هئم، قبلا ته واعدو ته دراصل پنهنجو پاڻ سان ڪبو آهي، ٻين سان ته خالي لفظ اُچاربا آهن. سڀ هوندو دل جو حضور آهي. جي قلب ۾ ڪا جوت ٻري ٿي ۽ واعدي جو به فڪر ٿئي ٿو، اها ڪانڍٰ ڪَر کڻندي رهي ٿي ته ڪنڌ کي ڪڏهن ته مٿي به کڻڻو آهي. جي ڀلا پنهنجيءَ مرضيءَ سان نه کنيو ته خير آهي، پر ”سندن“ حڪم سان ته نگاهه مٿي ڪرڻي ئي پوندي. نظر ملائڻ لاءِ، اکين جو کڄڻ ضروري هوندو آهي. نظر جو ٽڪراءُ تڏهن به ٿي سگهندو آهي، جڏهن سامهون وارو پاڻ هيٺ لهي اچي ۽ اک ملائي... پر هو ته حاڪم آهي. حاڪمن جو هيٺ لهڻ ڪٿان جڳائي ٿو. ان ڪري ڳالهه سنئين سڌي آهي ته ڪنڌ پاڻ کي ئي کڻڻو پوندو... هاڻي ان لاءِ اهو سڄو ”قضيو“ ضروري آهي... ڪنڌ به هجي، اک به هجي ۽ اک ۾ ديد به هجي، مٿان وري ديد ۾ ديدار جو حوصلو به هجي ۽ اهو سڀ تڏهن ئي ممڪن هوندو آهي عزيزانِ من، جڏهن واعدي جي ٻج کي ياد جو پاڻي مستقل ايندو رهي ته جيئن عمل جو سلسلو ڦٽي سگهي.

    ڳالهه ڪجهه ڊگهي ٿي وئي... الائي ڇو، ڪڏهن ڪڏهن اوهان سان ڳالهائيندي زبان اٿلون کائيندي آهي. رٺل لفظ پرچي پوندا آهن، ذهن ۾ ڪا ڳڙکي کلي پوندي آهي... هونئن ايترو ڳالهائڻ ڪجهه چڱو ناهي هوندو، پر تالابه هوندا ته کلڻ لاءِ ئي آهن.

    سڄو سارو هڪ سال ٿي ويو، اوهان سان اهو واعدو ڪَئي... پوئين جون ۾ عرض ڪيو هئم ته اوهان جي خدمت ۾ خواب نگر جو ڇاپو پيش ڪرڻ لاءِ ڪوشش وٺي رهيو آهيان. ڪيترن مهربانن مهر جو دامن وسيع ڪيو. هر هر پڇندا رهيا. اوهان جون ميلز، خط، فونون... هن نالائق تي اوهان جي محبت جي لائقي ڪمال جي آهي... هاڻي ڇا عرض ڪجي. هتان هتان جي ڳالهه هلندي رهي هئي، بهانن جي هڪ ڊگهي قطار هئي... ۽ هونئن به دنيا جي ڪجهه اهم قطارن جيان، ”بهانن جي قطار“ به جيترو چاهيو، ”طويل“ ٿي سگهي ٿي.

    بهانو به عجيب هيلو وسيلو آهي صاحبانِ زمانه... جتي ڪرڻ چاهيو، ٺڪ سان ڪري ڇڏيو ٿا. اهو ڄاڻو به ٿا ته عذر پڪڙجي به سگهي ٿو، سامهون وارو وڌيڪ هوشيار، زمانه شناس ۽ ڄاڻو نڪري سگهي ٿو. اوهان جي لڄ رکڻ لاءِ هو اوهان سامهون ”ها“ کڻي ڪري به ڇڏي، پر اوهان جي لفظن جي ”وزن“ جي کيس ڄاڻ آهي. مٿان وري اوهان جو انداز سونَ تي سهاڳو ٿي سگهي ٿو- ۽ ايئن به ته ٿي سگهي ٿو ته هو اوهان جو ”مانُ“ رکڻ لاءِ اوهان جي ڳالهه کي مٿي ڪري... پنهنجي بهاني جي وزن جي اوهان کي به ڀليءَ ڀت پروڙ هوندي آهي. نڪ کي کڻي ڪيترو به پڪو ڇو نه ڪجي، آئينو ته ڪڏهن نه ڪڏهن سامهون اچي ئي وڃي ٿو... بهانو، بهانو ئي لڳي ٿو.

    سو سڀ بهانا پنهنجيءَ جاءِ تي، پر خميس ڏهاڙي خواب نگر جا پهريان هڪ سئو ڪالم، ڪتابي شڪل ۾ ڇپجڻ لاءِ خير سان پريس ۾ پهچي ويا. بشرطِ حيات، خيرن سان آگسٽ يا سيپٽمبر ۾ اهو ڪتاب اوهان جي هٿن ۾ هوندو. اڄ، پاڻ هڪ سئو اٺيتاليهين ملاقات ڪري رهيا آهيون. خواب نگر ۾ زندگيءَ جي شرط ساڻ، هڪ سئو پنجاهه جي انگ ۾ باقي ٻه هفتا بچيا آهن... اوهان جي حڪم جي پوئواريءَ جو اڄوڪو اظهار، جي هڪ سئو پنجاهين ڪالم ۾ ٿئي ها ته وڌيڪ خوبصورت لڳي ها... پر بس... دل چيو، اهو سڀ هاڻي ئي ٿيڻ گهرجي، هينئر ئي ٿيڻ گهرجي. هونئن به هڪ ڏينهن جي حياتيءَ ۾ ڪهڙيون ”ديريون“ سونهن ٿيون.

    ديرين جي نسبت ۾ وري ياد آيا آهن اوهان جا محبت نامه. ڪافي دير ٿي وئي آهي، جو خواب نگر جي هنن صفحن ۾ اوهانجن ”نامن“ جو ذڪر ناهي. توهان جي فون ڪالن، اِي ميلز ۽ خطن جي خوشبوءَ جو ڪو عطر ناهي آيو... واعدي جي پورائي ۾ اڄ اهو واعدو به پاڙيان ٿو، ڪجهه عرض ڪري ئي ڇڏيان ٿو.

    هڪ محترمه لکيو آهي ته ”توهان نالا ڇو ڪو نه ڏيندا آهيو... جي واقعي به اوهان کي ”ڪو“ خط لکي ٿو، ڪا ميل اچي ٿي ته اها گمنام يا بي نام هوندي آهي ڇا؟ نالي جو ڪو ته صيغو استعمال ٿيل هوندو... اوهان بس حوالا ڏيندا آهيو، يا ”حوال“ ڪٽيندا آهيو... جي ڪو خط آهي ته جواب ڏيو ۽ نالن سان ڏيو... ڪجهه ته مڙسي ڪيو....“

    هڪ ٻئي محبت نامي ۾ لکيل آهي”اوهان جي لفظن جي چاشني کٽي پئي... لڳي ٿو ته هاڻي خواب نگر جي ”ڊش“ رڌڻ ۾ اوهان کي سواد نٿو اچي... رڳو قسط لاهيو ٿا ۽ جند ڇڏايو ٿا... گذريل هفتي چادر جو ڪالم ڪمال هيو... اهڙيون شيون هر هر ڇو نه ٿا لکو...“

    مٿان وري هڪڙو ٻيو رايو مليو آهي، ”موت جي ڳالهه ايڏي ٿا ڪيو جو الامان... هانءُ ڦاڙڻ جي چڪر ۾ آهيو اوهان... ماستر ته هونئن ئي آهيو... ڀلا هتي به اسڪول هلايو پيا ڇا؟... اڄڪلهه هونءَ به پرائيويٽ اسڪولن جي ٻيگهي متل آهي... لڳي ٿو اوهان جي رٽائرمينٽ به ويجهو آهي، هاڻي کان ئي پيا پريڪٽس ڪيو...“

    اهي ڪجهه ننڍڙا مثال آهن صاحبانِ زر و جواهر... هڪ خالي هٿن واري وجود کي، اوهان جي محبت از حد ڀري ڇڏيو آهي. انهن لاتعداد ڪرم نوازين لاءِ مان وري به مشڪور آهيان... انهن سڀني خطن لاءِ عنايتون ڀاسندي، مان هنن خطن جو جواب عرض ڪرڻ ٿو گهران.

    ڳالهه اها آهي عزيزان: ته فون تي ته سنئون سڌو اوهان جو آواز نصيب ٿيندو آهي ۽ هي ”ڳلو“ به ڪجهه نه ڪجهه اوڳاڇي ئي وٺندو آهي... جيڪي اِي ميلز، دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان نيٽ وسيلي نصيب ٿين ٿيون، انهن جو جواب ڌڻيءَ جي ٻاجهه سان، پهرين پنجن منٽن ۾ ئي روانو ٿي ويندو آهي... باقي رهيا خط... ته انهن ۾ مان واقعي ڪورو آهيان، ڪاهل آهيان، سست آهيان. جواب لکڻ ۾ دير ڪندو هوندس... جي لکي ورتو ته وري لفافو بند ڪرڻ ۾ سال لڳندا هوندا ۽ هلو ڀلا... جي لفافو بند به ٿيو هوندو، ته ايئن به ٿيو آهي ته اهو ايئن ئي بند بند، گهر ۾ اسٽڊي ٽيبل تي يا آفيس ۾ ٽيبل جي خاني ۾ ويٺو راهه تڪيندو آهي... ”اڄ سڀاڻ“ ۽ موڪلڻ وسري ويندو آهي ۽ نتيجو اهو ئي ته دير ٿيڻ جي شرمندگي، اهو آخر موڪلڻ نه ڏيندي آهي... اهو سڀ سچ آهي، انهن سڀني ڪوتاهين جو ذميوار نجي طرح سان مان پاڻ آهيان...

    جيستائين نالن ڇپڻ جي يا وٺڻ جي ڳالهه آهي ته الاءِ ڇو، اهو سڀ عجيب لڳندو آهي... ڪهڙا نالا لکي، ڪهڙا لکجن؟... دل تي لکيل نالو ٺيڪ ناهي ڇا؟... ۽ هنن صفحن ۾ ان جو ڇپجڻ ڇا ايترو ئي ضروري آهي...! ۽ هونئن به، اهو اوهان سڀني مهربانن کي محسوس ٿيو هوندو ته خواب نگر ۾ ”مثالاتي مشاهدو“ ذاتي حوالن سان ڏنو ويندو آهي، ڇاڪاڻ ته عملي زندگيءَ جا مثال گهڻا ”زهر آلود“ هوندا آهن.“ ٿي سگهي ٿو، ڪو مثال ڪنهن کي پسند نه اچي، تنهن ڪري گهڻو ڪري پنهنجو مثال عرض ڪيو ويندو آهي. ٻين نالن کان لنوائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي.

    اڳ ۾ به عرض ڪيو هئم، وري به هٿ ٻڌي عرض ڪيان ٿو ته موت جو ذڪر، مڃان ٿو ته ڪجهه گهڻو ٿئي ٿو، پر ڇا اها سچائي ناهي؟... ڇا ان جي سوچ ڪو غلط وهنوار آهي؟... ڇا ان کي وساري ئي اسان اتي ناهيون پهتا... جيترو زندگي ياد رهي ٿي... زندگيءَ جي ”ارهه زورائي“ ياد رهي ٿي، ٻين کي چيڀاٽڻ، چٻاڙڻ ۽ لتاڙڻ جو زعم رهي ٿو، اوترو پنهنجي مٿان مٽيءَ جو لتاڙجڻ ياد رهي ٿو؟... جي خواب نگر، ان خواب جهڙي زندگيءَ ۾ ڪو ذڪر ڪرڻ گهري ٿو ته ناراض نه ٿيو... ۽ هڪڙو ٻيو به عرض ته، ڇا ڊڄڻ سان يا ڊيڄارڻ سان اها گهڙي ڪو نه ايندي، جنهن ۾ اسان مان هرهڪ کي هي جهان ڇڏڻو آهي؟ جي اهو سڀ سمجهون ٿا ته پوءِ هي ”شڪوو“ ڇا جو آهي؟ باقي هڪڙو عرض ٻيو به ڪرڻ جي امان ڏيو... هي فقير ته ازل ابد کان ”رٽائرڊ“ آهي، توهان کي ڪهڙي رٽائرمينٽ جو خيال ٿو اچي... رڳو اسڪولن ۾ پڙهائبو آهي ڇا عزيزانِ من... هيترو سارو جيڪو وقت پيو ٿو سيکاري، سو ڪيڏانهن ٿو وڃي...؟

    خواب نگر ۾ چاشني گهٽ آهي، ان لاءِ ڇا عرض ڪيان. چوڌاري ڪيترو ”مٺو“ پيو ٿو پچي صاحبانِ زمانه، جو هڪ خادم وٽ مٺاڻ گهڻو بچيل هجي... جيڏانهن نهاريو، سڀ ڪڙو آهي... حياتيءَ جون تلخيون اوهان سامهون آهن. اخبار کان وٺي ٽيليويزن جي اسڪرين تائين، سڄي دنيا ۾ گهڻا منظر آهن، جن ۾ چهرن تي ”سرخوشي“ هجي... ڪا مرڪ، ڪو ڀاڪر، ڪا نِوڙت... ڪجهه به نظر نه ٿو اچي سائين... پنهنجو پاڻ کي هزار دلاسا ڏيڻا پون ٿا... پاڻ سمجهائڻو پوي ٿو... پوءِ اتي، اهو ”مٺو“ ڪٿان اچي؟... هونئن سچ ته اهو آهي ته خواب نگر ڪو بار ناهي، بوجهه ناهي... ۽ نه ئي ڪو ”ٻوٻو“ آهي، جو پيو کائجي ۽ دل وندرائجي. هتي دل جي حضور جو سودو آهي سائين، ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي ته ڪجي ٿي... گهڻن جو اهو خيال آهي ته واپسيءَ کان پوءِ رڳو ”قرض ادائي“ ٿي ٿئي ته وري منٿ ٿو ڪيان، ٻانهون ٿو ٻڌان ته ٻيو سڀ ڀلي سوچيو، اهو نه سوچيو... ڇا جون قسطون لاهينداسين، قبله... جڏهن هڙ ۾ ئي ڪجهه چڱو چوکو ناهي. هتي حڪم جي پوئواري ضرور آهي، پر ان ۾ به هڪ پاس خاطري ضرور آهي ته رڳو اِنڊا ناهن ڀرڻا، ڪجهه ڏيڻو وٺڻو به آهي... اها خاطر رکجو ته اوهان کان وڌيڪ هتي ”ذاتي نظر“ آهي... جنهن مهل ”ساءُ“ نڪتو، فقير بُجڪو کڻڻ ۾ دير نه ڪندو... ۽ ها، هن واري موڪلاڻي ٻڌايل نه هوندي... هر واري ساڳي ڪٿا، سدائين اڻ سونهين هوندي آهي. ٽيليفون تي هڪ مهربان فرمايو ”اوهان عالمي اشوز تي ڇو نه ٿا لکو... اي پي سي، لال مسجد، اهو سڀ توهان کي ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي ڇا... يا اوهان ۾ دل ناهي، جو انهن اشوز تي قلم کڻو...“

    کين عرض ڪيو هئم ”دنيا ۾ سڀئي دلير نه هوندا آهن، سائين... ڪجهه اسان جهڙا ڀاڙيا ڀتا به هوندا آهن... جي اهي نه هجن، ته اوهان جي دليريءَ جي خبر ڪيئن پوندي“ ۽ هونئن به عزيزانِ من... جيستائين سمجهه جو دامن ويڪرو نٿو ٿئي، اوستائين قلم جو وهڪرو سرور نه ٿو آڻي... سياست جي مهرباني سمجهه ۾ نٿي اچي، بحث ڪرڻ ۾ سڄي عمر ڀڄي جان ڇڏائي آهي، پوءِ انهن اهم اشوز تي ڪهڙي حيثيت ۾ ڪجهه عرض ڪيان.

    هن خادم جي غلطيءَ کي در گذر ڪندا ڪيو. اوهان کليءَ نظر ۽ وڏيءَ دل وارا آهيو، جي هڪڙي ”اضافي“ فقير جي صدا کي، پنهنجي سخا جي وڙان ڪجهه عنايت ڪندئو ته انشاءَ الله العظيم، کٽي ڪو نه پوندئو... اوهان جي مهر لاءِ مان ۽ خواب نگر مشڪور رهنداسين.
    mehmoodmughal@hotmail.com
     
  4. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم محمود مغل جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    پڪي پڪائي تازه روٽي



    آچر 22 جولاءِ 2007ع

    منهنجا ننڍڙا ڀاءُ، جُڙيو هجين، سکيو هجين، شل ڪوسو واءُ نه لڳئي...آمين. مون کي پڪ آهي ته منهنجيون هي سِٽون توکي بلڪل به پسند ڪو نه اينديون. ٿي سگهي ٿو اهي تون پڙهڻ به گوارا نه ڪرين. هن ڪاغذ کي رديءَ لائق به نه سمجهين، ان ۾ اڇلائيندي به تنهنجو هٿ خراب ڇو ٿئي، سو چڱائي انهيءَ ۾ ئي آهي، جو تون ان کي هٿ به نه لائين...هاڻي جڏهن مان توکي ايترو سمجهان ٿو، سڃاڻان ٿو ته پوءِ هي سڀ ته ڪنهن ”ديواني جي بڙ“ ڪنهن مجذوب جو واڪو ئي سمجهيو ويندو...اجائي، واهيات، فضول پٽاڙ...جنهن جي ڪا به ضرورت ناهي...پر مان سمجهان ٿو ته مون کي پنهنجي حصي جو ڪم ادا ڪرڻ گهرجي...”پس منظر ۽ پيش منظر“ ۾ نهاريندي جيڪڏهن منهنجي ڄمار ۽ منهنجو تجربو توکي سمجهائڻ ۾ ڪو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو ته مون کي ضرور ڪرڻ گهرجي. وڌ ۾ وڌ ڇا ٿيندو؟ تون مون کان به ناراض ٿي ويندين نه...؟ته اهو ڀي ٺيڪ آهي...هونئن الاءِ ڇو مون کي لڳي ٿو ته راضي ته تون پاڻ مان به ڪجهه ”گهٽ...گهٽ“ ئي رهين ٿو. تڏهن ته ڪاوڙجين ٿو...ايتري ٻاڦ نڪري ٿي تو مان... ”منهنجو ڙي منهنجو“ ڪندي تون سڳي ڀاءُ کي الائي ڪهڙي ”گدار“ ۾ اڇلائي رڳو آئينن ۾ پنهنجو پاڻ کي ئي ڏسڻ گهرين ٿو. پوءِ الاءِ ڇو توکي اهو اڪيلو ”فاتح“ مک به هاڻي ڪو ايترو گهڻو ڪو نه ٿو پسند اچي. ها نه...تون چوندي...نه نه...اهو وري ڪير ٿو چوي؟ مون کي پنهنجو پاڻ ڇو نه وڻندو....۽ اهو چوندي، تون يقينن ڪا ”زبردست مرڪ“ ڏئي، ڏسندين ته ڪيئن ٿو لڳين...ها نه...تنهنجي مرڪ ”ڪاراٽجي“ وئي آهي مٺا، تنهنجي اندر مان اهو رنگ هاڻي اتي به اچي پهتو ٿئي...

    ۽ ڪاراٽجي ته يار، تنهنجو وڏو ڀاءُ به ويو آهي. اهو ئي...جنهن جو مان دوست آهيان ۽ جنهن جي ناطي سان ئي، هن ڏور جو هڪ ڇيڙو جهلي، منجهيل سُٽ کي سڌو ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آهيان. ان ڏينهن اوچتو مليو ته مان سڃاڻي ڪونه سگهيو مانس...سڄو لهسجي ويو آهي. سنهون...نٻل...ضعيف...خدا جي قدرت ڏس جو ملاقات به اوچتي ٿي وئي. الائي ڪهڙي ڪم سان ان گهٽيءَ ۾ گهڙيا هئاسين...دوستن يارن کي ڏاڍي گرمي لڳي هئي...سو سامهون هڪڙو ڪول ڪارنر نظر اچي ويو...سٽ ڏئي جو اندر گهڙون ته ڄڻ ڇرڪ نڪري ويو...تو وارو ”ادا وڏو“ هڪ ڪنڊ ۾ بيٺل هو. سندس نگاهه مون تي نه پئي هئي ۽ هن منهنجن دوستن کي بوتلون، فريزر مان ڪڍي کولي پئي ڏنيون. مون تي جو نظر پئجي ويس ته ڄڻ ٻئي پنڊ پهڻ ٿي وياسين...ڀاڪرن خوش خير عافيت ڪئي. پڇيومانس ”هتي ڪيئن؟“ چيائين هاڻي هي کوليو آهي. مون سمجهيو ڪاروبار ۾ واڌ ٿي آهي...هي ٻيون دڪان به کوليو اٿن...پر دڪان جي حالت زار ڪا چڱي ڪا نه هئي. ننڍڙو هڪڙو دخل هيو، جتي ڪجهه بسڪوٽ جا دٻا پيا هئا...ڪجهه ٽافيون هيون ۽ ڪجهه ”ٽڪي پيڪس“ (Ticky Packs) هيا، پريان هڪ ڊيپ فريزر هيو ۽ ٻيو مڙئي ٿيو ڪل خير...شهر جي هڪ تمام وڏي بيڪري جو مالڪ، هن حال ۾...؟ مون کي اها ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي. تڪڙ ۾ وات مان ”مبارڪ“ نڪري وئي هئي، ڇاڪاڻ ته مون سمجهيو هيو ته ڪاروبار ۾ واڌارو ٿيو آهي، پر پنهنجين ٻين انيڪ خراب عادتن جيان ان ”تڪڙ“ کي مان ڪيڏانهن ڪيان؟ ”ادي وڏي“ مرڪي مبارڪ قبولي، گهڻي احوال ڪڍڻ جو موقعو نه هو، ٻيو وري ملاقات اوچتي هئي، مون هن کان تنهنجو پڇيو ته ڪنڌ جهڪائيندي چيائين ”بيڪريءَ تي هوندو...“ مون کي ڪجهه سمجهه ۾ نه آيو. سمجهڻ لاءِ نهاريومانس ته دوستن جي موجودگي محسوس ڪندي، هن اکين جو آب، اکين کي پياريندي چيو ”هن جي حوالي آهي هاڻي بيڪري...هن جي هئي...مان هاڻي بيدخل آهيان...ڪڍي ڇڏيو ٿئين اُتان...هتي اچي هي سيٽ اپ ڪيو اٿم...“

    مون کي ڄڻ ڀنواٽيون اچي ويون...وڌيڪ ڳالهائڻ کان به ويس...۽ بوتل جو ڍڪ به نه پيو لاهي سگهان...کانئس تڪڙو موڪلائي دوستن کي ڊراپ ڪيم ۽ وري موٽي ويومانس...ان سڄي ڊرائيوِ جي وقت ۾ مون کي هر اهو ويجهي ماضي جو لمحو ياد آيو، جڏهن مان هر واري بيڪريءَ تي اچي ادا جو پڇندو هوس ۽ تون ڪمال نموني گيريءَ سان، ڪوڙ جي ميڪ اپ جي سونهن سنواري سندس ”ڳوٺ وڃڻ“ جو ذڪر ڪندو هئين...هڻ وٺ جي هن جهان ۾ شايد هاڻي ڪنهن وٽ به ”گهڻي سوچڻ“ جو وقت ناهي، جيڪو سامهون ڏسڻ ۾ اچي ٿو، اهو ئي سڀ ڪجهه هجي ٿو ۽ هونئن به ايترو سوچي ڪرڻو به ڇا آهي...مون به اهو ڪو نه سوچيو ته هر واري ادو ”ڳوٺ“ ڇو ويل آهي؟ بيڪري ڪجهه ”ٿڪل ٿڪل“ ڇو آهي، سامان ۾ اهو مزو ناهي...ادا اڃان ڇو ڪونهي موٽيو؟ سامان وٺي مان به کسڪي ويندو هوس...مون کي ته اهو اندازو به ڪو نه هو مِٺا ته هو ويو ناهي، کيس تو موڪليو آهي. موٽي ادي سان مليس، ته ڪهاڻي اها ئي ساڳي هئي ”دانگيءَ تي ورندڙ“ رت جو رنگ اڇو ٿي وڃي ته ڇا ٿو چئي سگهجي...توکي پالي، نپائي وڏو ڪري، ڪاروبار سيکاريندڙ شادي ڪرائي معاشري ۾ هڪ سٺو ماڻهو بڻائيندڙ ۽ هر ڪنهن سان فخر وچان توکي ملائيندڙ اهو ڀاءُ، هڪدم خراب ٿي ويو هو، جنهن سان تنهنجو ۽ تنهنجيءَ زال جو گذر هاڻي ”ڏُکيو“ ٿيندو ٿي ويو...ننڍڙيون ڳالهيون وڏيون ٿي ويون...نيٺ جدائيءَ جو دروازو کليو ۽ اتي تو ”رنگ جو پتو“ اڇلائيندي ملڪيت جا پنهنجي نالي ڪيل ڪاغذ سامهان ڪيا...ادي وٽ ”تُرپ“ نه هيو کيس ”تڙپ“ ورايو پر هاڻي سندس تڙپڻ جو توتي ڪهڙو اثر ٿيڻو هو...محبتن جو لغڙ ڪاٽا ٿي چڪو هو ۽ نفرتن جي مانجهي ڪروڌ جو نعرو بلند ڪيو هو...تنهنجي ”پتنگ“ اونچي ٿي وئي، ادو وڃي ڪنهن کامي ۾ ڪريو هو...

    هي محبتون به عجيب هونديون ٿئي يار...توکي ان لاءِ پيو ٻڌايان جو مون کي لڳي ٿو ته تو اڃان ڪئي ناهي...تنهنجي دل کي اها ”لوچ“ ئي ناهي...توکي سدائين نالي ٿيل شيون مليون آهن، تو ڪڏهن ڪنهن نالي ڪجهه ڪيو هجي ته توکي اندازو به هجي نه...

    ٽن سالن جو هئين تون جو قبله والد صاحب رخصت ٿيو هو، ان مهل تو وارو ”ادا وڏو“ ڪو گهڻو وڏو ڪو نه هو، هئو اهو ئي ڪوئي سترنهن ارڙنهن سالن جو، پر کيس حالتن جو اندازو هو، هن هڪدم توکي پنهنجين ٻانهن ۾ ڀري ورتو...تعليم ڇڏي ننڍا ننڍا ڪم ڪيائين...محنت مزدوري، سيلز مين، بيراگيري...قدرت سان هڪ بيڪري تي ڪائونٽر تي ڪم مليس، اتي هن جند جان هڻي ڇڏي ۽ قدرت خدا جي جو ڇا ته هنر ۽ ميٺاج هن جي هٿن ۾ لهي آيو...محنت ته هُو شروع کان ئي ڪندو هو، هاڻي، پوکيل ٻوٽو وڌڻ لڳو هو...مالڪن جو هن جي محنت ڏٺي ته پورو ڪارخانو ئي سندس حوالي ٿي ويو...جنهن کي هن ڪجهه سالن ۾ اهڙو زبردست ڪري ڇڏيو جو جنهن مهل هنن اها بيڪري وڪڻي ڪنهن ٻئي شهر وڃڻ جو ارادو ڪيو ته پنهنجي سيلز مين، يعني تنهنجي ڀاءُ کي قسطن تي ڏئي ويا...هن به ڏينهن رات ڪري اهو سڄو قرض لاٿو ۽ اهو ڏينهن به آيو جو اهو سڀ ڪجهه هن جو ”پنهنجو“ ٿي ويو...اهو ڪيڏو نه وڏو ڏينهن هيو، ادا جي زندگيءَ جو...اهو وڏو ته هيو، پر بيوقوفين جي حوالي سان به هڪ عظيم ترين ڏينهن هيو ڇاڪاڻ ته ان ڏينهن هن اها بيڪري تنهنجي نالي ڪئي هئي...

    هاڻي جي پاڻ غور سان ڏسون ته اها هن جي ڪا ”پهرين“ بيوقوفي ڪا نه هئي...هن عظيم الشان بيوقوف ته توکي شهزادن وانگر اسڪول موڪليو، گهر ۾ ٽيليويزن آئي ته ان جا ڪاغذ تنهن نالي تي ٺهيا، مٿان ٺهيو لائسنس، ته اهو به تنهنجي نالي تي ٿيو...ان کان اڳ ريڊئي جو لائسنس به تنهنجي ئي نالي هو، جي آيو اسڪوٽر ته اهو به هن توکي ئي وٺي ڏنو...دڪان تي تنهنجي اچڻ جي ”ٽائمنگ“ تنهنجي مرضي تي هوندي هئي. پروپرائيٽر طور نالو به تنهنجو هو...مطلب تون ”بابو“ هئين...هاڻي تنهنجي خيال ۾ هن اهو سڀ ان ڪري ڪيو پئي جو تنهنجو نالو ڏاڍو ”لڪي“ آهي، هر هنڌ ڪاميابي ٿيندي هئي...اها ڳالهه مڃي سگهجي ٿي، واقعي تو لاءِ ڏاڍو ”لڪ“ آهي...

    جڏهن ادا سيلز مين هوندو هيو نه شهزادا...ته روز شام جو بچيل ڀور کڻندو هو...تنهنجو ايماندار ڀاءُ، سيٺ جي اجازت سان اها کڻندو هو...تنهن زماني ۾ شاپرز نه هوندا هئا، بلڪه ڪاغذ جا لفافه هوندا هئا، توکي خبر آهي جاني، هو هڪڙي لفافي ۾ تولاءِ بسڪوٽن جا وڏا وڏا ٽڪر رکندو هو ۽ سڄي ڀور پاڻ کڻندو هو. ايستائين جو پنهنجن ٻارن کي به اها ئي ڀور کارائيندو هو...صاف ۽ ”سڄيٽڙا“ بسڪيٽ ”صاحب لوڪ“ لاءِ ايندا هئا.

    خير، اهي سڀ ٿيون ماضيءَ جون ڳالهيون...بيوقوفي جا قصه...هاڻي شاديءَ کان پوءِ، جڏهن گڏ رهڻ ۾ مزو نه آيو ته ان ۾ تنهنجو ڪهڙو ڏوهه...آخر توکي به آرام گهرجي ٿو...اها کٽ پٽ تون ڪيستائين سهندين؟ هاڻي ته ڀاڄائيءَ جو آواز به ڪجهه”چيس“ ٿي ويو آهي...الڳ ٿيڻ ۾ ئي عافيت هئي. مٿان وري جائداد جو ڇا هو...اها ته شروع کان ئي تنهنجي هئي...چڱو ٿيو، تو کيس لت هڻي ٻاهر ڪيو.

    هاڻي هن سڄي خط ۾، ڪا به نواڻ ناهي، دنيا ۾ ان کان وڏا وڏا قصه ٿين ٿا. هيءَ ته هڪ عام رواجي ڳالهه آهي...توکي اهو به چوڻ جو حق آهي ته ڇاڪاڻ ته مان ”وڏي ڀاءُ“ جو دوست آهيان ۽ هڪ رخي ڪهاڻي ٻڌي آيو آهيان، ان ڪري اهو ”ڀاشڻ“ پيوڏيان، پر منهنجا ننڍڙا، هڪڙي ڳالهه چوڻ لازم سمجهان ٿو، پنهنجي وات جو گرهه ڪڍي کارائڻ وارا، هاڻي تمام گهٽ وڃي رهيا آهن، انهن مان هڪڙو تو وارو ڀاءُ به آهي...ائين ناهي ته اهو نسل هاڻي ڪونهي...آهي، پر تمام گهٽ آهي ۽ انهن جي ڪري ئي هي جهان هلئي پيو...ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن انهن کي رب مٺو توفيق نه ڏئي ته توهان جهڙن جو ڇا ٿئي، جن کي ”پڪي پڪائي تازا روٽيءَ“ جي عادت هوندي آهي.

    ڪاغذن لاءِ ڪيس ٿي سگهيو پئي، پر جيڪو دل هارائي ويهي، ان لاءِ رقم ڇاهي...هو، هاڻي ان ننڍڙي مانڊڻيءَ کي به مچائي ويندو...ڇاڪاڻ ته دل هارايل ئي دنيا فتح ڪندو آهي، پر تولاءِ يار مان ڇا لکان...دل ته تو وٽ آهي ڪو نه...مُوڙي تو وٽ رهندي ڪو نه. اها هارائڻ الاءِ تون سهسائي سگهندين الاءِ نه...اهو سڀ ايندڙ وقت ئي ٻڌائيندئي، پر هن مسڪين جي به هڪ ڳالهه ٻڌي وٺ...ڀائر وري ڪو نه ملندا آهن...دوست الاهي ٿي پوندا آهن...جيڪڏهن ٿي سگهئي ته موٽي اچ...هو تو وٽان ناهي ويو...تون هن وٽان هليو ويو آهين...دنيا جي انڌ ۾ ڀاءُ کي ڌار نه ڪر...ڇاڪاڻ ته جنهن مهل منظر صاف ٿيو ۽ اهو انڌ لٿو، ته تون بلڪل اڪيلو نظر ايندين، اهي سڀ رشتا اڪيلا ۽ الڳ نظر ايندئي، جيڪي هينئر توکي چنبڙيل آهن...جڏهن تون پنهنجي سڳي ڀاءُ جو نه ٿو ٿي سگهين...ته تو وٽ ٿيڻ لاءِ ۽ تنهنجو ٿيڻ لاءِ ڪنهن کي کُٽيءَ کنيو آهي. منهنجي ڳالهه ۾ وزن ٿئي مِٺا، جنهن جي شاهدي، تنهنجي بيڪريءَ جو تندور به ڏئي سگهي ٿو، جنهن هاڻي ڪوالٽيءَ جو ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي. اها خوشبو جيڪا ڀاءُ کي ڳوليندي هئي، هاڻي پاڻ گم ٿي وئي آهي. خانن ۾ سامان ٿڪجي پيو آهي...هاڻي احساس ٿئي ٿو ته اهو سڀ ڇو ٿيو آهي.

    راهه هلندي هڪ واري گڏ ڀور کائيندي، هن اوچتو بريڪ هنئين هئي، نڙي ۾ ڄڻ ڪجهه اٽڪي پيو هوس...پاڻ ئي ڳالهه ڪيائين ”سڄو بسڪوٽ اچي ويو هو...اهو ڪيئن کاوان ها...اهو ته مَن لاءِ هوندو آهي نه...“

    توکي من سڏيندڙ اهو ڀاءُ، هاڻي ڀور ڀور ٿي رهيو آهي...توکي ته هونئن به سڄن بسڪوٽن جي عادت آهي، پر ڪڏهن اها ڀور به ٽيسٽ ضرور ڪر...دنيا، جڏهن تنهنجا سڀ ڏند ڀڃي ڇڏيندي، تڏهن اها تنهنجي وڏي ڪم ايندي...

    مرحوم ڀُٽي صاحب جي زماني ۾ ماني پچائڻ جو آٽوميٽڪ پلانٽ لڳو هو، رڌڻي ۾ ڪم ڪندڙ انيڪ مردن جو سُک ٿي پيو هو. پوءِ الاءِ ڇو ان پلانٽ موڪلايو ته ڄڻ وڻ وڄي ويا. هريل ماڻهو پريشان ٿي ويا هئا. هاڻي ماني پاڻ پچائڻي پوندي هئي. تون به ٿورو ان مثال تي غور ڪر...پڪي پڪائيءَ روٽيءَ جا هريل منهنجا ننڍڙا ڀائيڙا...جنهن مهل، تنهنجا رشتا مٽيا ۽ جائداد جو پلانٽ بند ٿيو ته تون ڇا کائيندين؟

    mehmoodmughal@hotmail.com
     
  5. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم محمود مغل جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    سفر در سفر



    آچر 29 جولاءِ 2007ع

    ڌڻي جل شانه جي مَهر ساڻ، پنهنجي اڄ هڪ سئو پنجاهين ملاقات به ٿي وئي.

    حياتي به عجيب شرط آهي، معزز خواتين و حضرات... هُجي ٿي ته ڪٿي نه ڪٿي، ڪڏهن نه ڪڏهن ته”ديدار“ نصيب ٿي ئي وڃي ٿو. سماعتون آواز جهٽين ٿيون. اکين ۾ ديد جو دامن جهُولي ته من جي مونجهه الائي ڪيڏانهن اڏري ويندي آهي. حياتيءَ جي ڏارن تي نوان گونچ ٽڙي پوندا آهن. زندگي... نامهربان زندگي... هڪ دم مهربان ٿي ويندي آهي.

    سئو ڪالمن جي پڄاڻيءَ تي هن فقير موڪلايو هو. وڏي”طمطراق“ سان رخصتيءَ جا لوازمات پورا ڪيا ويا هئا. پنجن هفتن جي غير حاضري نصيب ٿي هئي ۽ وري موٽ جي ڪِليءَ ۾ دل جو دامن اٽڪي پيو. الاءِ ڪيترا ڀيرا پنهنجو آواز پاڻ ٻڌڻو پيو، جيڪو هر گهڙيءَ هر پل روڪي رهيو هيو ته واپسي”مهڻي هاب“ ڪندءِ... متل ميڙي ۾ موٽ گهڻن کي راس نه ايندي آهي. جڏهن ڇڏيو، ته بس ڇڏيو نه....ڪهڙي حيل حُجت آهي، اهو سڀ ضروري آهي ڇا؟ لکين ڪروڙين ماڻهو پڙهن ٿا. ڪن کي پسند اچي ٿو، ڪن لاءِ آچر جي اخبار ۾ اندريون صفحو عذاب بڻجيو وڃي. جتي ڪمال آهي، اتي ئي ته زوال جو به بسيرو هوندو آهي. هر اوندهه جي پٺيان روشني ۽ هر ڏيئي جي هيٺان اوندهه لازم آهي. جڏهن موڪلايو ته موڪلايو نه، بابا... هاڻي وري ڪهڙو راڳ ڇيڙڻو آهي. پنهنجي اندر سان ڳالهائڻ، دنيا جي مشڪل ترين عملن مان هڪ اٿوَ عزيزانِ من... جيڪو دليل سامهون واري جو مڃڻو ئي ناهي، اهو دليل دل ڏنو ته سمجهو ”ماڻهو ويو...“ پنهنجو پاڻ کان هارائڻ ۾ جيڪو مزو آهي، سو کٽڻ ۾ ڪٿي آهي. اندر اهو ئي پر زور فيصلو ڪيو هو ته سڀ ختم ٿيو، ڏيڍي ٽپي نڪتاسين، در بند ٿيو ۽ بس... هاڻي ڇا جو موٽڻ...ته اتي ئي حڪم ٿي ويو، اهو ڪم ٿيڻو آهي ۽ بس... خواب نگر کي لکڻو آهي بابا... قلم ۾ مَس هجي ۽ هٿن ۾ ساهه، آڱريون مدد ڪندي مرڪنئي ته بس... سمجهه ڪم تيار آهي. باقي هاڻي ذلت ۽ ٺٺول جو ڇاهي؟ دوست هر ڳالهه ۾ خوش هوندو آهي. جي دشمن اڳيان سڄو سونو ٿي پئين ته به کيس پِتل جو لڳندين. دوست آڏو ته پٿر به”عاج“ هوندو آهي ۽ تو ڪڏهن کان ماڻهن جي ٺٺول جي پرواهه ڪئي آهي. اهي زمانه وسري ويا ڇا، جڏهن لنڊي بازار جا ڪپڙا وٺي ڪٽنگ ڪري، نيون نيون ڊزائنون ٺاهي پائيندو هئين. نه فقط پاڻ پائيندو هئين بلڪه پنهنجي دوستن سان اهي شيئر به ڪندو هئين. ان مهل ته ٺٺول جو فڪر ڪو نه هُيئي. هڪڙو ڪپڙو ڇڏيندو هئين، ٻيو وٺندو هئين. روز روز ساڳئي گاڏيءَ تي وڃڻ ۾ شرمساري ڪا نه ٿيندي هئي، باقي چڱي ڪم جي گاڏي تي واپسيءَ ۾، زماني جي ٺٺول جي لڄ ٿو ڪرين؟.“

    سائين سان مون خواب نگر مان موڪلائڻ جي ڳالهه ڪا نه ڪئي هئي. حياتيءَ جون مهلتون به عجيب هونديون آهن. ماڻهو ملي ته هر گهڙيءَ گمان گڏ رهي ٿو ته ڪٿي به ملاقات ٿي سگهي ٿي. جي نه ملي ته ساڳئي گهٽيءَ ۾ رهڻ سان به ڪو فرق نه ٿو پوي. بلڪه سچي ڳالهه ته اها آهي ته هڪڙي گهر ۾ رهندي به، الائي ڪيترا وجود، الائي ڪيترا ڏينهن هڪ ٻئي سان ملي نه سگهندا آهن... سڀ نصيب جو کيل آهي، پر سچ ته اهو به آهي ته من ۾ تانگهه جي تارَ تي آس جا پکي هئڻ گهرجن. انهن جو چوٻول نه مرڻ گهرجي. ڪالم جي خاتمي کان پوءِ سائينءَ سان مليس ته حاضريءَ ۾، دل جو ڌڙڪو عجيب هو... نيڪي ته بهرحال نيڪي هوندي آهي، جي ساندهه ٿيندي رهي ته چهري جو عڪس بدلجي ويندو آهي ۽ جي ان ۾ ڪا رڪاوٽ اچي وڃي ته اهو به ڏسڻ ۾ اچي ئي ويندو آهي. سٺو ڪم خوشبوءِ جيان هوندو آهي، جنهن کي پنهنجي تعارف جي ضرورت ناهي هوندي. تعارف ته بدبو به ناهي ڪرائيندي، ها چهري جا نقش عجيب ٿي ويندا آهن.

    ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ ويهڻ نصيب ٿيو هيو. نشست گاهه جي وچ تي ويهڻ کان سدائين پاسو ڪرڻ گهرجي. هر سير مٿان سوا سير هوندو آهي ۽ اها ڳالهه هر”آني...رتيءَ ۽ تولي“ کي سمجهڻ گهرجي. سائينءَ جو واعظ جاري هو. هنن هڪڙي اڇاتري نگاهه وجهي”تسلي ڏيڻ“ کان پوءِ ويهڻ جو اشارو ڪيو هو. خبر نه هئي ته موضوع ڇا ڇڙيل آهي، پر جتان به ڳالهه هلي هئي، ڪمال هلي هئي. ”هاڻي روشني الاءِ ڇو نه ٿي ملي، بابا سائين..“ هنن وٽي مان پاڻي ڍڪ ڀري، مون ڏي نهار ڪئي هئي. ”شايد لائيٽ مهانگي ٿي وئي آهي، بل گهڻو ٿو اچي، تنهن ڪري ائين ٿئي ٿو. ٻاهر گهٽيون ڪاراٽجي ويون آهن. اوندهه آهي ته وڌندي ٿي وڃي، رات اچي ٿي ته الاءِ ڪيترا”هول“ کڻي اچي ٿي.“

    ”اڳي به ته رات ايندي هئي سائين...اڳي ڇا راتين ۾ اوندهه نه هوندي هئي؟“ ڪنهن ڀڻڪيو. سائينءَ مرڪي ڏنو.”اڳي نور گهڻو هو ٻچا...ٻاهريون به، ته اندريون به...ٻاهر، هر گهر پنهنجي ڪنڊ وٽ هٿ بتي ٻاري رکندو هو. باقائدي اتي هڪ ڪِل لڳل هوندي هئي، جنهن ۾ لالٽين ٽنگي ويندي هئي ته جيئن ٻنهي پاسن کان لنگهندڙ ”سونهان“ ٿين. ڪنهن لاءِ ڪا ڏکيائي نه ٿئي. بتيءَ ۾ تيل جو انتظام اهڙي نموني جو هوندو هيو، جو پرهه ڦٽيءَ تائين اها ڪم ڏئي ويندي هئي ۽ مٿان وري مزي جي ڳالهه اها ته اهو ڪم به ڪو سولو ڪو نه هوندو هو. جي مغرب کان پوءِ روشنيءَ جو انتظام ڪرڻو هوندو هو ته ان جي تياري وچينءَ کان ئي ٿي ويندي هئي، بابلا... بتيءَ کي کولبو هو، شيشو صاف ڪبو هو، وَٽ ٺيڪ ٿيندي هئي ۽ تيل جو ماپو درست ڪبو هو ۽ اهڙيون ڪي ٻه ٽي نه... الاهي بتيون هونديون هيون. هر گهر جو ڪو نه ڪو ڀاتي ان ڊيوٽيءَ سان هوندو هو ته کيس ڪيئن به ڪري، روشنيءَ جي ان بندوبست جو انتظام درست رکڻو آهي. هنن وري پاڻي پيتو، سڀني کي واري واري سان ڏسندا رهيا.

    ”۽ هاڻي... هاڻي رڳو هڪڙو بٽڻ هيٺ ڪرڻو هوندو آهي. اهو به هيٺ نه ٿو ٿئي...بلب ئي لڳل ناهي هوندو.. ته بٽڻ ڪهڙو ڪم ڪندو؟ پنهنجي گيٽ وٽ روشني هوندي...گهر جي ڪنڊ وٽ نه هوندي...اهو لقاءُ، هن دور جو تحفو اٿوَ ٻچا...“ ”نه پر...جي اوندهه آهي سائين... ۽ اتان لنگهڻ به ضروري آهي ته پوءِ ماڻهو ٽارچ ڇو نه وٺي...اها کڻي هلي...“ پريان ٻئي لاڏلي ڳالهايو. سائينءَ جي مرڪ گهري ٿي وئي. ”گهڻن ماڻهن کي ٽارچن سان گڏ تو ڏٺو آهي پُٽَ... پنهنجيءَ عمر جي گيان ڌيان ۾ گم ٿي... اکيون پور ۽ آڱرين جي پُورن تي ڳڻي وٺ ته هيل تائين تو گهڻن کي پنهنجي مختصر يا طويل سفر دوران ٽارچ کڻي هلندي ڏٺو آهي... پڪ اٿم...انگ کٽي پوندو...آڱرين جا پورَ بچي پوندا...“

    سڀ لاجواب ٿي ويا هئا. اکيون بند ڪري، ڪجهه لمحن لاءِ مون به ڳڻيو ته خيال ۾ چئن کان مٿي نالا نه آيا. اتي سندن آواز تاڪ کولي ڇڏيا.”روشنيءَ لاءِ، گائيڊ لائين لاءِ، ماڻهو، ماڻهوءَ جو محتاج هوندو آهي، بابا... جي محتاج نه به هجي ته به مدد ضرور طلبيندو آهي، کيس اهو سڀ پنهنجي کڻڻ لاءِ اضافي لڳندو آهي، جيڪو کيس ٻئي وٽان ملڻو هجي. جيڪو رستي تي نڪري ٿو، سو گهڻو تڻو اهو سمجهي ٿو ته روشني ته هوندي، ٻئي وٽ ان جو انتظام هوندو. ڇاڪاڻ ته اهو به ته نڪرندو هوندو نه... مون وٽ ناهي ته خير آهي ۽ هونئن به... الاءِ ڇو هاڻي ته ٽارچون به مزو نه ٿيون ڪن پُٽَ...انهن ۾ به اها روشنائي ناهي، جيڪا اڳين ٽارچن ۾ هوندي هئي.“ جملو مڪمل ڪري، هنن مون ڏانهن گُهور ڪئي هئي، الاءِ ڇو مان سڄو پگهرجي ويو هئس.

    ”دنيا ۾ رُونگ ختم ٿي وئي آهي، لاڏلا...“ هنن نڙي صاف ڪئي. ”جنهن جيترو ڏنو، سمجهه ڏنو...بس...اڳيان ٿيو الهه واهي. ماڳيان ٺپ جواب...شين ۾ برڪت ختم؟ هينئڙو ڪورو ٿي ويو آهي... اڳي کير وٺبو هو ته پاءُ اڌ پاءُ رُونگ ملندي هئي، ڀاڄي وٺبي هئي ته ساوا ڌاڻا، مرچ، ڦودنو مٺيون ڀري ڏيندا هئا. هاڻي”سائو مصالحو“ به وڪجي ٿو، اٺاويهه رپين جي ڪِلي وارو کير جي رُونگ ۾ ملايو ويو ته ناگوري ته پنڻ لڳندو. سڀ مٽجي ويو آهي. اتي لڳي ٿو ته روشني جيءَ رُونگ به ختم ٿئي پئي...“

    ڳالهه جي شروعات سمجهه ۾ نه آئي هئي. وچون موضوع به اهم هو. ڪوشش ڪيم پئي ته ڌاڳو هٿ ڪري وٺان ۽ منهنجي اڻ تڻ هنن سمجهي ورتي هئي. ”حادثن تي ڳالهايون پيا...محمود... روڊن جا حادثا ته پنهنجيءَ جاءِ تي، هاڻي گهٽيون به محفوظ ناهن. چور چڪار، بڙو بدمعاش، ڪٿي به ڦري ته حالي فلحالي ته نڪتو ويندو، ڇاڪاڻ ته اوندهه انڌوڪار گهڻو آهي. ماڻهن، روشنين کي الاءِ ڇو گهٽائي ڇڏيو آهي.“

    ايڏي عام ڳالهه تي سائينءَ جو اظهار مون کي عجيب لڳو هو. اُتي هنن منهنجي نهار کي ڄڻ پروڙي ورتو. نگاهه ملائيندي فرمايائون،”اندر ۾ اوندهه اچي وئي آهي پُٽ... پنهنجو پاڻ ئي پورو ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي ته ٻئي کي ڏسڻ لاءِ روشني ڪٿان آڻيون...؟“

    ”پر سائين الاءِ ڪيترا گهر، ڪيتريون گهٽيون ته جرڪنديون رهنديون آهن...لش پش لڳو پيو هوندو آهي... انهن کي ڪٿي فٽ ڪنداسين؟“ هڪ ٻئي شاگرد پڇيو. سائينءَ بنان ڪنڌ ورائڻ جي ورندي ڏني، ”جيڪي لش پش نظر ايندا آهن نه، اهي پنهنجو پاڻ ۾ گم هوندا آهن ابا... روشنيون هنن پاران جام هونديون آهن، پر انهن ۾ هو پنهنجو پاڻ کي ڏسڻ گهرندا آهن.“

    ”پر قبله... انهن جي ان عمل جي ڪري، اڻ سڌيءَ طرح سان، ٻين لاءِ به ته روشنيءَ جو سامان ٿي ويو نه...“ مون همٿ ڪئي. بس لفظ مهربان ٿيا، جو ادا ٿي ويا. ”اتي ئي ته ڀُلجو ٿا نه ابا... روشني هجي نه هجي، جنهن کي سفر ڪرڻو آهي، سو ته ڪندو... پر ڳالهه اها آهي ته ٻين لاءِ سوچي انتظام ڪيترو ٿو ڪجي... جي پنهنجي لاءِ سوچي ڪيوَ، ته ڇا ٿيو؟ اڻ سڌي مدد کان سڌي مدد ڇو نه ٿا ڪيو. اڻ سڌي ته ٿي وڃي ٿي... پاڻ کي خاني ۾ فٽ ڪري، ٻئي لاءِ ساڳي ماپ جو بوٽ وٺڻ ڪهڙو ڪمال آهي؟ مزو ته تڏهن آهن، جڏهن ٻئي جي ماپ جي خبر هجي ۽ ان لاءِ دل جو حضور گهرجي ٿو. اها رُونگ به دل ڪڍندي هئي ابا... جي هاڻي ناهي ته ڇا شين جو وڪرو بند ٿي ويو آهي؟ ڇا ڀاڄيون، کير، گوشت ماڻهن وٺڻ ڇڏي ڏنو آهي؟ شين ۾ برڪت ناهي، پوءِ به اهي استعمال نه ٿيون ٿين ڇا؟ سمجهه رڳو اها ڳالهه ته اجاين روشنين کان، هڪڙو ڏيئو ڪمال حيثيت رکي ٿو، جيڪو مستقل ٻري ۽ اوندهه سان ويڙهه ڪري... ۽ اهو ڏيئو، سوچي سمجهي ٻاريو وڃي. تو الاءِ ڪڏهن کان پنهنجا فيصلا ڪرڻ شروع ڪيا آهن ابا... مرضيءَ سان ٽلندو ٿو وتين. شروع به مرضيءَ سان ڪيئي، ختم به وڏي لاڏ سان ٿو ڪرين... توکي مان هڪڙي ڏيئي واري، رُونگ چُڪيءَ واري سمجهاڻي نه ڏئي سگهيو هوس. جي سمجهايان ها ته تون ائين نه ڪرين ها... پنهنجي خواب نگر ۾ موٽي وڃ...ڪوشش ڪر...دل جو شيشو صاف ڪري، محبت جو تيل ڀريس...۽ ان ۾ سوچ جي وَٽِ کي جرڪاءِ...عقل جي عمارت جي ڪنڊ تي اها بتي ٻرندي رهي... ٿي سگهي ٿو، ڪنهن مسافر جي ڪا مدد ٿي وڃي. حياتي مهلت ڏيئي ته ملاقات جو بندوبست ضرور ڪر...ائين دامن نه ڇڏاءِ.“ منهنجي اندر ۾ الاءِ ڇا ڇا اُڀري آيو. سوال جواب شروع ٿي ويا ۽ اتي ئي هنن فرمايو”پنهنجو ميزان مقرر نه ڪر...تورَ ڪرڻ جو ڪم تنهنجو ناهي. لفظن جو هنر هو عطا ڪري ٿو...موضوع به هو ڏيندو. جي روشنيءَ جو هڪڙو ترورو به ڪنهن کي نظر آيو ته تنهنجي لاءِ وڏو جهان ٺهي پوندو. واپسيءَ جي سفر ۾ ٺٺول جو فڪر نه ڪجانءِ، ڇاڪاڻ ته دوستن کي دليل ناهي کپندو ۽ دشمن ان تي اعتبار نه ڪندو آهي... ٿورو لکيو گهڻو سمجهه، جيڪي چيو وڃي ٿو، سو ڪر...“

    پوئواريءَ ۾، حاضريءَ جا اڄ پنجاهه هفتا پورا ٿيا. خواب نگر، جاري آهي. محبتن جو معيار اوهان جي سامهون آهي. جي ڪير کلي ٿو ته به ٺيڪ آهي، جي ٺٺول ڪري ته به اکين تي آهي. عقل جي”نعمت ڪدي“ تي اسين هر هفتي محبتن جي بتي ٻاريون ٿا. دعا ڪجو ته ان جو تيل ساٿ ڏيندو رهي.

    mehmoodmughal@hotmail.com
     
  6. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم محمود مغل جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    رِورس گيئر



    آچر 5 آگسٽ 2007ع

    وقت جون بريڪون، ڪڏهن ڪڏهن خراب لڳنديون آهن. لڳندو آهي ته اهو ڄڻ گذري ئي نه ٿو...اتي ئي رهجي ويو آهي. بلڪه ڪڏهن ڪڏهن ته ائين محسوس ٿيندو آهي ڄڻ ان کي رِورس گيئر (Reverse Gear) لڳي ويو آهي. تيزيءَ سان پوتئي ورڻ جا مرحلا طئي ڪري رهيو آهي. زماني کڻي ڪيڏي به ترقي ڇو نه ڪئي هجي، تار واري فون جي جاءِ تي موبائيل فونز ۽ گوڙ شور ڪندڙ جنريٽرز جي جاءِ تي ”بي آواز“ مشينون اچي ويون آهن. کن پل ۾ ميلن جا فاصله طئي ٿين ٿا، هڪ لحظي ۾ ديدار نصيب ٿي وڃي ٿو، پر انهن سڀني ”لطافتن“ هوندي به، سڀ ڪجهه پوئتي رهجي ويو آهي...اسين شايد انچ به نه چُري سگهيا آهيون.

    ڳالهه ڪندڙ صاحب ثروت هيو، وڏو عالم هيو. نالو کڻبو ته وات ۾ آڱريون اچي وينديون ۽ انسان عجب جي نشاني بڻجي ويندو. اسين سڀ کين عالم، اڪابر ۽ الاءِ ڇا ڇا سمجهندا آهيون. انهن عالمن جي ”آن اسڪرين“ اپيئرنس به عجيب هوندي آهي. تيز لائٽن ۽ ڪيمرا جي ڳاڙهي بتيءَ سامهون سندن شخصيت ڪجهه ٻيو ”آکندي“ آهي ۽ بتين جي روشني جهيڻي ٿيڻ کان پوءِ وري بيان ۾ ٻيو رنگ اچي ويندو آهي. ڪهاڻيءَ ۾ ”ٽوِسٽ“ اچي ويندو آهي. عجب عجب موڙ سامهان ٿيندا آهن. رڪارڊنگ کان واندا ٿيا هئاسين ۽ مان نياز مندين وچان سندس ٿيلهو کنيو، پويان هلي رهيو هوس. ڪاريڊور مان لنگهندي هنن هڪدم فرمايو، ”توکي اولاد ڪيترو ٿيو آهي؟“

    عرض ڪيم، ”هڪ نياڻي آهي.“

    چهري تي تاسف پکڙجي وين. ڏک وچان پهرين ”چُه چُه“ نڪتو...ڄڻ مان ڪنهن عظيم رنج و آلم جو شڪار هجان. ”ڌڻي پٽ به ڏيندو“ هنن دعا ڪئي. اهڙين د عائن جا الائي ڇو مون وٽ ڪي به جواب نه هوندا آهن...ڳالهه جاري هئي ۽ الاءِ ڇو منهنجي وات مان به نڪري ويو، ”اوهان جا ٻار خير سان ڇا پيا ڪن؟“ فخر وچان ڪنڌ مٿي ڪندي ۽ هڪ لحظي لاءِ ڪاريڊور ۾ بيهندي هن چيو، ”پنج پٽ آهن...خير سان...هڪ ڇوڪري آهي. پٽ هاڻي قد ۾ مون کان به نڪري ويا آهن. جوان آهن سائين...هي پهاڙ بيٺا آهن. اسين هاڻي ”ڏاڍا آهيون بابا.“ ”ڏاڍا“ تي ڏاڍو زور لڳائيندي، هنن چمڪدار نگاهن سان نهاريو ۽ ڪاريڊور ۾ وک اڳتي وڌايائون. مون کي لڳو هو ته مان ته اتي ئي رهجي ويو هوس. هي سڀ عجيب ناهي صاحبانِ زمانه...اسين سڀ اهو ڄاڻون ٿا ۽ خوب ڄاڻون ٿا اها ڪا نئين ڳالهه نٿي لڳي...ڇا خيال آهي اوهان جو...سڀ ڪجهه اهو ”پراڻو...پراڻو“ ئي آهي نه....اسين ته هڪ وک به اڳيان ڪو نه وڌيا آهيون. ترقيءَ جو ڪو ذرو به اسان ۾ سمايو ناهي...جيڪڏهن اڳيان وڌيا هجون ته اسان جا ”ڄاڻو ماڻهو“ اهڙي ڳالهه ڪن...

    اهو تازيانو ڪو پهريون ڀيرو ناهي لڳو...ان کان پهرين به پنهنجي جوانيءَ ۾ ڪيل هڪ ”غلطي“ ياد اچي ٿي. تنهن زماني ۾ اهو وهم ۽ گمان شديد هيو ته اسين به سنڌي ادب جي ”پيِل پاون“ مان هڪ ٿينداسين، وڏو نالو ٿيندو، ادب جي ميدان ۾ شهسواري ڪنداسين. ان ڪري ”شهه سوارن“ جي خدمت ڪرڻ جو وڏو جذبو هوندو هو. ان زماني ۾ ”چمچه گيري“ لفظ نه وڻندو هو، بس سکڻ جو شوق هوندو هيو ۽ رفاقتن جا ”ڌڪا“ کائڻ وڻندا هئا.

    اهڙو ئي هڪڙو ”پيل پائو“ هڪڙي ڏينهن عجيب موڊ ۾ هيو. گهڻو تڻو گڏ هوندا هئاسين، وڌيڪ ڳالهائڻ جي جرئت نه هوندي هئي. سائين وڏن ناليوارن وجودن ۾ شامل ٿيندو هو، سو ماٺ ڀلي هوندي هئي. الاءِ ڪيئن بهرحال پاڻ ئي پنهنجي ”ٿڪاوٽ“ جو ذڪر ڪندي چيائين ته ”اوجاڳا آهن...گهر واري هاسپٽل ۾ هئي، ڪالهه ڇوڪري ڄائي آهي...“

    ”ڇوڪري“ لفظ تنهن زماني ۾ سمجهه ۾ نه ايندو هو. ڦوهه جوانيءَ کان وٺي، ڪراڙپ جي آخري ڏاڪي تائين، انسان سمجهه ۾ اچڻ جهڙو وجود ئي ناهي، پر بهرحال سندس لاءِ استعمال ٿيندڙ اهي لفظ عجيب لڳندا هئا...نياڻي ڄائي هئي، هن خبر ٻڌائي ته وات مان بي اختيار نڪري ويو، ”سائين...مبارڪ هُجي.“ ۽ ازخود ڄڻ ڀاڪر پائي ورتم. اها گهڙي نه ٿي وسري عزيزان من...گوشت پوشت جو ماڻهو ڄڻ پٿرائجي ويو هو. اڇاترو ڀاڪر پائيندي، ۽ ذري گهٽ پنهنجو پاڻ مون کان ڇڏائيندي هن چيو هو، ”ٺيڪ آهي...پر هڪڙي ڳالهه سمجهي ڇڏيو...ڌيءُ جي مبارڪ ٿورئي ڏبي آهي...“

    هڪدم الاءِ ڪيترا فاصله اسان جي وچ ۾ اچي ويا هئا...عجب جهڙي ڳالهه ٿي هئي...اهڙو پڙهيل ڳڙهيل ”اُٺ ڪتابن“ جا سمجهائيندڙ، پنهنجيءَ ذات ۾ الاءِ ڪٿي اچي بيٺو هيو...کيس نياڻيءَ جي ڄمڻ تي مبارڪ ڏيڻ زهر لڳي رهي هئي.

    ائين ٿيندو رهي ٿو صاحبانِ زمانه...هن معاشري ۾ ڌيئرن جي پيئرن جا ڪلها جهڪيل رهن ٿا...هڪڙو عجيب احساسِ بيوسي کين وڪوڙي رکي ٿو...مٿان وري ستم اهو به آهي ته جن کي وري پٽن جو اولاد گهڻو هجي ٿو، اهي سينو سيٽي ٿا هلن...الاءِ ڇو امانتن جو خيال کين اچي ئي نه ٿو. کين ڪهڙي خبر آهي ته جنهن ”ڏاڍ“ تي هو ناز ٿا ڪن سو ته ڪک به نه ٿو سهي سگهي.

    اسان وٽ اهو سڀ الاءِ ڇو آهي عزيزانِ من...ڌيءُ جي پيءُ کي سدائين هيڻو، ڪمزور ۽ جهڪايل ڏيکاريو ويندو آهي ۽ پُٽن جا پيئر ڪمال درجا ماڻيندا آهن. اهو ئي اهم سبب آهي جو، جڏهن به حياتيءَ ۾ تعلق جي ڪا ڏور ڪٿي جُڙندي آهي ته گهوٽيتا ڪنواريتن کان پاڻ کي سدائين ”سرس“ ڀائيندا آهن. ”فرمائشي پروگرام“ ته ڪٿي ڪٿي ڪنواريتن وٽان به ٿيندو رهي ٿو، پر گهڻو ڪري ان جو ”حق“ گهوٽيتن کي حاصل هوندو آهي. ڇوڪري وارا جو هوندا آهن.

    هاڻي هي سڀ ڇاهي؟ جڏهن سئو سال پهرين، رب مٺي جو محبوب نبي پاڪ صه اسان کي جيڪي ڪجهه سمجهائي ويو، اهو اسان کي سمجهه ۾ ڇو ڪو نه ٿو اچي. جيڪڏهن سمجهه ۾ اچي ٿو ته ياد ڇو ڪو نه ٿو رهي ۽ جيڪڏهن ياد رهي ٿو ته اهو اسان پاڻ تي ”لاڳو“ ڇو ڪو نه ٿا ڪيون؟ جيڪڏهن ٻن هزار ستن جي سال ۾ ڌيءُ جو پيءُ ”ڪمزور“ ۽ پُٽ جو پيءُ ”ڏاڍو“ ٿي سگهن ٿا ۽ سو به هڪ پڙهيل لکيل، عالم، اڪابر جي ڪلاس ۾، ته اڻ پڙهيل شهرين، حياتيءَ کان ڏور رهندڙن ۽ گهٽ ڄاڻ وارن جو ڪهڙو ڏوهه ٿي سگهي ٿو.

    ۽ هونئن به عزيزانِ من...ڌيءُ...پُٽَ جي هِن چڪر ۾ هٿ ڇا ٿو اچي؟ مال ملڪيت جي وراثت يا پنهنجي نانءَ جو گهمنڊ...يا مٿان وري پنهنجي حسب نسب جو اجراءُ!...ٿورو سوچيون ٿا...اڳ ۾ به عرض ڪيو هئم، اسان جو نسل، جيڪو پُٽن ذريعي اڳتي وڌي ٿو، اسان کي ڪيترو ياد ٿو رکي. ماڻهو جو هڪ نسل جيئرو رهي ٿو، صاحبانِ زمانه...صرف هڪ نسل، جنهن جو نالو سرٽيفڪيٽ ۾ لکجي ٿو ۽ بس...نوڪريءَ ملڻ کان پوءِ اهو نالو به ڪير ٿو پڇي؟ گهڻا پُٽ، پُوٽا اهڙا آهن جيڪي درود، ختمو موڪليندا هجن، ٿورو دل تي هٿ رکي اهو سوال پڇون ٿا ته اسان مان گهڻن کي پنهنجي پڙ ڏاڏي يا تڙ ڏاڏي جو نالو اچي ٿو؟ اهو ڪٿي ليٽيل آهي، ڪٿي آرامي آهي، مرقد ڪٿي اٿس، اها ڪا خبر اٿئون؟...هلو ڀلا جيڪڏهن اسان مان ڪيترائي صالح وجود پنهنجي ماءُ پيءُ کي ختمو بخشين ٿا ته انهن پنهنجي پيءُ جي ڏاڏي، ماءُ جي نانيءَ يا ڪنهن ٻئي اهڙي ”پرئين وجود“ کي ياد ڪيو آهي، جنهن ڪو سئو سال کن اڳ، هن زمين تي پنهنجا مضبوط قدم رکي هڪڙو نالو ڪمايو هو...سڀ خاڪ آهي، مٽي آهي، ڌوڙ آهي...ڪهڙو نسل ۽ ڇا جو نسل...ها...جيڪڏهن پاڻ رب جي ذات چاهي ٿي ته ڌيئرن مان به نالو اڳتي وڌي ٿو...انهن جو اولاد به نالي جي زرخيزيءَ ۾ رنگ ڀري ٿو، خالي پُٽن بابت سوچڻ ۾ ڪهڙو ڪمال آهي...ها، اهو آهي ته پُٽ جي حيثيت ۾ مال ”پاڻ وٽ“ رهي ٿو ۽ ڌيءُ هجڻ جي صورت ۾ اهو ڏيڻو پوي ٿو...۽ هٿ ٻڌي اهو به عرض ڪري ڇڏيان ته الاءِ ڪيترين جاين تي، مٿي ۾ اڇيون تارون ان ڪري به جرڪڻ شروع ڪنديون آهن، جو ڪٿي ”ڏيڻو“ ئي ناهي. نه هٿ ڏبو، نه مال مان هٿ ڪڍبو، بلڪل ائين، جيئن پاڳل خانن ۾، الاءِ ڪيترا ”سنوان“ پاڳل ڄاڻائي ان لاءِ ڀرتي ڪرايا ويندا آهن ته جيئن مال مان ”حصو“ نه گهرن.

    هي سڀ سچ آهي عزيزانِ زمانه، جيڪو اسين سڀ سمجهون ٿا، پر هڪ جاءِ تي اچي الاءِ ڇو اسين بيهجي ٿا وڃون...سوچ ان کان وڌيڪ ڪم ئي نه ٿي ڪر...نياڻي ڇا ڪندي ۽ پُٽ ڇا نه ٿو ڪري سگهي جي سوچ، اسان جي سماعتن جا سڀ دروازا بند ڪري ٿي ڇڏي. بس...پوءِ اهو سڀ ٿئي ٿو...جيڪڏهن دل گهري ته نڇ نڪري، جي نه گهري ته پاڳل خانه ۽ اجايا سجايا سن۾ ته هوندا ئي آهن.

    هائوس جاب دوران، هڪ بيڊ تي ڪيس ڊيل ڪندي، مان باهه ٿي ويو هئس. گلابن جهڙي نياڻي ڪنڊا ٿي وئي هئي...ڪمزوري، خراب حالت، بي ڌياني...وري سندس مٿان موجود ڪراڙي جو مٺ تي سگريٽ نه پيو کُٽي...مون کي به توائي چڙهي وئي هئي. باهه ٿيندي چيو مانس...”خيال ڇو ڪو نه رکيو ٿئيس...حالت ڏٺي ٿئي مريض جي...ڌيئرن سان اهڙو سلوڪ ڪبو آهي ڇا؟“ ذري گهٽ ماريو هئائين...تتو آيو، باهه ٿيندي چيائين، ”ڌيءُ هوندي تنهنجي، منهنجي ته زال آهي.“ الله ر ستر کان مٿي جي عمر واري جي اها چوڏنهن سالن جي زال هئي، اهو منظر اهڙو فريز ٿيو آهي جو وقت جي اُس به کيس رجائي ناهي سگهي...

    لفظن ۾ ڪو به موهه ڪونهي، ڪا به جوڙجڪ ناهي، ڇاڪاڻ ته ان ڪراڙي جي چوڏنهن سالن جي ڄمار جي زال هئي، ان نوجوان ڏاهي، جنهن کي ٽئين ڌيءُ بلڪه ڌيئرن جي ڄمڻ تي مبارڪ سخت ناپسند هئي ۽ ان عالم، جنهن جي تحرير، آواز ۽ انداز سان اسين عشق ڪندا آهيون ۽ جنهن کي پٽن جي جوان ٿيڻ تي ڏاڍي هجڻ جو احساس هيو، مون کي ڪو به فرق نظر نه ٿو اچي...

    فرق وقت سان ٿيندو آهي ۽ هي وقت جيڪڏهن هليو به آهي ته ابتو...جي اهو رورس گيئر ۾ نه هلي ها، ته اهي ٽئي وجود ائين برابري ڪن ها...مان ۽ مون جهڙا الاءِ ڪيترا ڪمزور، نٻل، هيڻا وجود خوش آهيون...نياڻي جيڪڏهن ميت کي ڪلهو نه ٿي ڏئي سگهي ته پٽن وري ڪهڙا ڪلها ڏنا آهن...وڌيڪ ڇا عرض ڪجي...ڇا اوهان کي اهو سڀ معلوم ناهي.

    mehmoodmughal@hotmail.com
     
  7. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم محمود مغل جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    وڏو ماڻهو...ننڍو ماڻهو



    آچر 12 آگسٽ 2007ع

    وڏي ماڻهو ٿيڻ جي منهنجي حسرت الاءِ ڇو پوري نه ٿي ٿئي. الاءِ ڪيترو عرصو ٿي ويو آهي عزيزان من...جو مَنَ ۾ اهو شعلو ٻرندو رهي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن جڏهن تاءُ تکو ٿيندو آهي ته دل الاءِ ڪيترا تڪڙا فيصلا ڪندي آهي. هر واري اهو پڪو پهه ڪيو ويندو آهي ته هن واري حالت ڪجهه بهتر ٿيندي. نمونو مٽنبو ۽ وڏي ماڻهو ٿيڻ جو موقعو هٿان نه وڃائبو...پر پوءِ الاءِ ڇو اهو موقعو وري هٿان نڪري ويندو آهي. زندگي هٿ مهٽيندي رهجي ويندي آهي.

    ثروت و جاهه جي حيثيت سان، مال ملڪيت جي حوالي سان، سندس ڪرم آهي، جو هن گهڻن کان مون کي بهتر رکيو آهي، جيڪا شئي گهري هوندم، هن مون کي ڏني هوندي ۽ الحمد الله ”وافر“ مقدار ۾ ملي هوندي، ذري گهٽ جيڪا به حسرت ڪئي آهي، اها پوري ٿي آهي. علم، مال، سوچ، ڄاڻ، عزت، عهدو...ڇا ناهي مليو. پر اهو سڀ هوندي به الاءِ ڇو مان وڏو ماڻهو بڻجي نه سگهيو آهيان. الاءِ ڪهڙو زمانو هو...سمئي جي ڪهڙي ڌارا هئي جو قبله والده محترمه هٿ جهلي سمجهايو هو ”ابا...ڪم ننڍا وڏا هوندا آهن...ماڻهو اُتم هوندو آهي. ان جو درجو ڪڏهن به هيٺ ناهي ٿيڻو...هاڻي درجو ته ڏس نه...جنهن کي ملائڪ به سجدو ٿا ڪن...پر ان اتم ماڻهوءَ ۾ به وري درجا ٿا ٿينئي...انهن ۾ وري ڪو ننڍو ماڻهو وڏو ماڻهو هوندو ٿئي...جي سچ پڇين ته انهن ۾ موجود وڏو ماڻهو ئي دراصل ”وڏو ماڻهو“ ٿئي. هاڻي ان جي حيثيت به مون کان سمجهي ڇڏ...اُها اها ٿئي ته هو مالڪ جو مرتبو سڃاڻندو؟ سندس عزت، تڪريم ۽ تعظيم ۾، پنهنجيءَ وت آهر ڪا ڪسر ناهي ڇڏيندو...بلڪه، جيڪڏهن وس پُڄيس ته پاڻ ختم ڪري ڇڏي. مالڪ به ڪهڙو؟...اهو جيڪو هر شئي بنان گهرڻ جي عطا ڪري ٿو...جيڪو مالڪن جو مالڪ آهي...هاڻي جيڪڏهن دل جي حضور سان، اهو خيال سامهون رکي ته سمجهه پنئون ئي ٻارنهن ٿي وينديس...“

    تنهن زماني ۾ اهو سڀ سمجهڻ اسان جي وس کان ٻاهر هوندو هو...ڪنڌ هوندو هو جيڪو اجايو سجايو پيو لڏندو هو. ڪنهن ڪنهن مهل، جڏهن اهي سڀ ڳالهيون ياد اينديون هيون ته جهڙو ”ڦڙڪڻي“ وٺي ويندي هئي، پر وري ڪجهه لمحن ۾ وري ”حالات“ ساڳيا ٿي ويندا هئا.

    لفظ لکڻ يا اچارڻ ڪا وڏي ڳالهه ڪانهي معزز خواتين و حضرات...هي جيڪو ”لفاظ“ اوهان سان لفظن جي جاودگري جي اڻت ڪري ٿو، سو دراصل پنهنجي حيثيت سڃاڻي ٿو...آئينه اڃان ڀڳا ناهن...عڪس اڃان به ڏسڻ ۾ اچي ٿو ۽ پنهنجي ”ڪوتاهه قامت“ سمجهه ۾ اچي ٿي...رڳو ڀاشڻن ڏيڻ، خوش ڪلامي ڪرڻ ۽ دلداريون ڏيڻ سان ڇا ٿو ٿئي...جيڪڏهن درمان بڻجي ته خبر پوي نه...اها ته خبر پوي ته دارو...دوا نه ٿو ٿي سگهجي، ڇاڪاڻ ته دل جو حضور، سچو ناهي، اهو درجو مليو ئي ناهي جو خوشبوئون واسُ ڪن ۽ جيڪڏهن مليو به آهي ته شايد سنڀالجي نه سگهيو آهي...

    ڪنڌ کڻڻ جي لاءِ ڏسجي ته چڱا ڪم به الاهي ڪيا آهن...واهه واهه...سبحان الله...پر جيڪڏهن انهن چڱن ڪمن جي ڪٿ ڪجي ته ڪجهه به نظر نه ٿو اچي...ڪجهه اها واردات به عرض ٿي وڃي...

    عيد براد تي، جيڪڏهن ڪجهه چڱو چوکو ڏنو هوندو ۽ هُن جي نالي تي ڏنو هوندو ته به عجيب هوندو...هر واري اهو احساس ته غربت وڌي وئي آهي. سو ڪپڙن جا ٿان وٺجن ۽ وڳا ورهائجن...پوءِ ٿانَ جيڪڏهن وٺبا ته ڪپڙو وڃي ٽيهين رپئي ميٽر پوندو...ڳالهه ٻئي جي غربت جي ناهي، ڳالهه پنهنجي خيال جي غربت جي آهي، ڇاڪاڻ ته اهو سڀ سوچي سمجهي ڪيو وڃي ٿو، ڇاڪاڻ ته اهو ئي ساڳيو ”مان“، جڏهن ڪنهن صاحبِ ثروت، ڪنهن صاحبِ حيثيت کي ڪو وڳو ڏيڻ ٿو گهران ته ان لاءِ وڏي ۾ وڏو عذاب ته اها مونجهه هوندي آهي ته ”ڪرونڊيءَ جو ڪپڙو“ هالن وارو وٺجي يا فيصل آباد جي امام دين جو...ساڍا ٽي سئو رپيا وال واري ڪپڙي، جنهن جو وڳو تقريبن اڍائي هزارن ۾ وڃي پوندو، جي حياتي بهتر هوندي يا ڊبل گهوڙي بوسڪيءَ جي، جيڪو تقريبن 6 سئو رپيا وال به ملي ٿو...هاڻي اتي ساڍن چئن هزارن ۾ ستن ميٽرن جو هڪ وڳو نڪري ٿو ته به هر هر خيال ٿو اچي ته ”صاحب“ کي الاءِ وڻندو الاءِ نه...۽ جيڪڏهن هوڏانهن نهارجي ته تقريبن ان ساڳي رقم ۾ ست ٿانَ نڪرن ٿا. هر ٿَانَ مان جي ستن ميٽرن جو مردانو وڳو ڪڍجي ته معنيٰ ٽي وڳا هڪ ٿان مان نڪرندا، مطلب ايڪيهن ماڻهن جو انگ ڍڪبو...هاڻي، اهو ته سڀ ٺيڪ آهي، پر ان معمولي موڙيءَ جي تحفي ڏيڻ مهل ڇا اها سوچ اچي ٿي ته وٺڻ واري ”صاحبن جي صاحب“ کي الاءِ پسند اچي الاءِ نه...پر هڪدم اهوخيال جهڻڪي ڇڏبو آهي. دل ۾ اهو تخاطر ڪر کڻندو آهي ته ڇو ڪو نه وڻندس...سندس نانءَ تي، سندس مخلوق کي ٿا ڏيون.

    مٿان وري جيڪڏهن ڪو ايندو در تي، ته زندگي عذاب بڻجي ويندي...صبح مردان سان هاڻي ماڻهو وتي گهنٽين جا جواب ڏيندو ۽ ”راتوڪا بچيل کاڌا“ ڏيندو...ڇڏ بابا...سج نڪري ته پاڻهي اڇلائي ڇڏبا...ائين ننڊ ڦٽائي، پاڻ سيڙائي ڪير گهنٽيون ٻڌندو وتي. پنهنجن يارن، دوستن جي عام رواجي دعوت ۾ ٻه اڍائي هزار ڦوڪيندڙ محمود کي ايتري فرصت آهي ڇا جو دعوت جو بچيل کاڌو به ”ڪنهن“ کي ڏئي...۽ جيڪڏهن ڏنو هوندائين ته به هڪ منحوس شڪل سان، ڪنجهندي ڪُرڪندي...اکيون ڪڍندي ته ڀلا گهنٽي وڄائي، سُک ڦٽائي ماني گهرڻ به ڪا فضيلت آهي...؟

    مٿان وري ذاتي استعمال جي ڪپڙن مان، جيڪڏهن ڪنهن کي ڪجهه ڪڍي ڏنو هوندو نه...ته به حد کان وڏيڪ چُڙيل....استعمال ٿيل، چوسيل چٻاڙيل...جڏهن دل ڀرجي وئي هوندي تڏهن اهو خيال آيو هوندو ته يار هاڻي اهو ”مالڪ جي نالي“ تي ڪنهن مستحق کي ڏنو وڃي. مان جيڪڏهن هن مهل فوت ٿي وڃان ته منهنجي وارڊروب مان سون جي تعداد ۾ ڪپڙا ۽ ڊزنن جي حساب سان بوٽ ۽ چپل نڪري سگهن ٿا. ها ٽي وي سيليبريٽي هئڻ جي ناتي، مون کي انهن سڀني شين جي ضرورت پوندي رهي ٿي، پر سچ ته اهو آهي ته اهي سڀ سٺيون شيون مون پنهنجيءَ ذات لاءِ رکيون آهن...جيڪا ٿوري گهڻي ”ڪسي“ لڳي هوندي، اها ڪڍي ٻاهر ڪئي هوندي...

    هاڻي اوهان پاڻ ئي اهو فيصلو ڪيو عزيزانِ من...ته اهو سڀ ائين هوندي، منهنجي وڏي ماڻهو بڻجڻ جا چانس ڪيترا آهن...؟ ڪنهن غريب غربي کي، سٺي ٿانءَ ۾ کاڌو مان ڪو نه پيش ڪيان...ڇاڪاڻ ته اهو ٿانءُ، مون کي هن جي حيثيت کان مٿي جو لڳندو آهي...پنهنجي ذات لاءِ پسند ڪرڻ مهل، مان اها شئي ڪنهن ٻئي لاءِ سوچي ڪو نه ٿو سگهان...مان ڪيئن سوچيان...مون لاءِ پوءِ ڇا باقي رهندو...وڏو ماڻهو جيستائين ٿجي ٿجي، تيستائين ننڍي ماڻهوءَ جو ته ڀرپور لطف وٺجي. پر، عزيزانِ من ۽ معزز خواتين و حضرات، زندگيءَ هڪڙو ڀيرو، هڪڙو موقعو ڏئي ئي ڇڏيو، جيڪو مون کي ڪيش ڪرائڻ نه آيو...

    رمضان المبارڪ جا ڏينهن هئا، تراويهون جاري هيون، الاءِ ڇا ٿيو جو امام صاحب جن، ارڙنهن رڪعتن کان پوءِ آخري ٻن رڪعتن لاءِ هڪ نوجوان حافظ کي سڏيو، جيڪو مقتدين ۾ بيٺل هو...هن نماز شروع ڪئي ۽ ڇا ته مالڪ هن کي”الحان ۽ سوز“ عنايت ڪيو هيو. اندر کي ڄڻ ڌڪ لڳي ويو...هن جي قرائت بلند ٿيندي وئي ۽ الاءِ ڇو اکيون ڀرجنديون رهيون. اهي ساعتون عجيب هيون صاحبانِ زمانه...مٺي مالڪ جل شانه جو جاهه و جلال ۽ بلند مرتبو محسوس ٿي رهيو هو ۽ ان مهل ئي اندر مان اها صدا نڪتي ته ”مٺا مالڪ...تون سڀ ڄاڻين ٿو...توکي منهنجن ڪُڌن ڪرتوتن، گناهن، ڏوهن جي خبر آهي ۽ مون سڄي حياتي صرف پنهنجي لاءِ سوچيو آهي...توکي بهتر ڄاڻ آهي ته مان ڪڏهن به تنهنجي خدمت ۾ پيش ڪرڻ لاءِ ڪجهه چڱو نه سوچيو آهيان، بلڪه مان ته تنهنجي حضور ۾ ڪجهه ڏئي ئي ڪو نه سگهيو آهيان...اي الله، تون منهنجي حال کان واقف آهين، پر منهنجو هڪڙو عرض ٻڌ...هنن ساعتن ۾، منهنجا هي ٻه ڳوڙها قبول ڪر...جيڪي صرف ۽ صرف تنهنجيءَ ذات جي هيبت، تنهنجي عزت و عظمت ۽ تنهنجي محبت ۾ پيش ڪري رهيو آهيان...هي صرف تنهنجي لاءِ آهن منهنجا رب جل شانه، اهي قبول فرماءِ...“

    نماز ٿي وئي...جنهن مهل فارغ ٿي مسجد شريف مان نڪتاسين ته ملڻ وارن جي مُک تي عجيب مُرڪ هئي...ڳالهه ڪجهه سمجهه ۾ نه آئي...گهر آيس...در کليو، هاڻي جيڪو ملي سو حيران ٿئي، اديءَ فرمايو ته، ”هن رمضان شريف ۾ تو چڱي عبادت ڪئي آهي“...ڪنهن چيو ”توهان بزرگ پيا ٿيو...“ ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي جو اوچتو فاطمه، پيشانيءَ ڏي اشارو ڪندي چيو، ”هتي ڇا لڳو آهي؟“ اندر وڃي ڊريسنگ ۾ ڏٺم ته سبحان الله، هڪ عظيم ا لشان ”محراب“ يعني سجدي جو نشان نرڙ تي ٺهي چڪو هو. مان هڪڙو عام نمازي، جيڪو سجدو به ٺونگي جيان ڪري، ايڏي وڏي نماز جي ”چِٽي“ سان گهمي رهيو هوس...پنجن منٽن ۾ ڪايا پلٽ ٿي وئي هئي، هر هر اها جاءِ کوٽيان، مهٽيان، ته متان ڪجهه لڳو هجي، پر سائين ڇا عرض ڪجي...اهو ته واقعي محراب هيو، اها ٻي ڳالهه ٿي جو دنيا جي ڌنڌن ۾ اچي اهو نشان ڪجهه عرصي کان پوءِ غائب ٿي ويو...وڏو ماڻهپائي هر ڪنهن کي راس ڪٿان ايندي آهي.

    پر هاڻي وري اهو سڀ سوچ ۾ اچي ٿو...هن جي حضور ۾، دل جي حضور سان ڪجهه پيش ڪجي ۽ ڪوشش ڪجي ته اهو چڱو چوکو هجي. سندس نالي تي سٺي شئي ڏيڻ جو حوصلو اندر ۾ لهي اچي...مان به ڪڏهن ڪا ”ڪَرنڊي“ هن جي نالي تي ڪنهن کي ڏيان...پنهنجي لاءِ ورتل عظيم الشان لباس، پاڻ نه کڻان، پر ڪنهن ٻئي کي ڏيان ۽ ڪڏهن، ڪنهن بي انتها مهانگي ٿانوَ ۾ پنهنجي مسڪين مهمانن کي به ٻه گرهه ڪنهن سٺي طعام جا کارايان...جڏهن هن مون کي بنا گهرئي هيترو ڏنو آهي ته مان هن جي نالي تي گهرڻ وارن کي ڇا اهو سڀ نه ٿو ڏ ئي سگهان...

    منهنجي لاءِ دعا گهرجو...منهنجي وڏي ماڻهو ٿيڻ جي حسرت پوري ٿئي...توهان ته سڀ وڏا ماڻهو آهيو...جيڪڏهن هي خاڪسار به ٿي پوي ته حياتيءَ جو مزو اچي وڃي.

    mehmoodmughal@hotmail.com
     
  8. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم محمود مغل جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    غمِ دوران...غمِ جانان



    آچر 19 آگسٽ 2007ع

    سيني تي بار جو اضافو ٿي ويو آهي. حياتي به عجيب ”رسه ڪشي“ آهي صاحبانِ زمانه....”غمِ جانان“ جو فڪر ڪر ته ”غمِ دوران“ ڳهي ٿو وڃي. جيڪڏهن زماني جي غم کي ڏس ته وري ”عاشقي“ صبر طلبڻ کان انڪار ڪري ٿي. ماڻهو ته ڪنهن به طرف جو نه ٿو رهي...نه گهر جو...نه گهاٽ جو. پوءِ به جستجو کُٽي ڪو نه ٿي. هر وقت ڪنهن نه ڪنهن کي راضي ڪرڻ جو ”ڊرامو“ هلندو رهي ٿو. پنهنجيءَ ذات تي ان مهل الاءِ ڪيترو پيار محسوس ٿيڻ لڳندو آهي، جڏهن زمانو ۽ محبوب، هڪ ئي وقت ”مُٺِ“ ۾ هجن. هاڻي اهو به ڪمال سودو آهي...صاحبانِ علم و حرفت اهو فرمائي سگهن ٿا ته اهو ڪيئن ممڪن ٿو ٿي سگهي ته اهي ٻئي هڪ ئي وقت قبضي ۾ هجن....ته قبله سائين...صاحبِ ثروت ٿي ڏسو، سڀ سمجهه ۾ اچي ويندو. زماني جو غم اوهان جي ثروت برداشت ڪندي، جانان جي غم کي اوهان پاڻ منهن ڏجو. انهن مان هڪڙي غم کي، هڪ ئي وقت منهن ڏيڻ ته اسان جهڙي ”عام“ ماڻهن جو ڪم آهي.

    الاءِ ڪيترا ورهيه گڏ رهيا هئاسين...زندگيءَ جڏهن هوش جي چادر مٿي تي وجهي زماني جو حياءُ ڪرڻ شروع ڪيو، اسان ٻنهي گڏجي اهي منظر ڏٺا....هڪ وچولي درجي جي زندگي گذاريندي اسان سدائين ”سُک جي وستيءَ“ ۾ پلاٽ وٺڻ جي سوچ رکي...منهنجو هي ننڍپڻ جو رفيق، ازل ابد کان خدمتن ۾ پنهنجو مٽ پاڻ رهيو. پنهنجي والدين جي ڀرپور خدمت ڪرڻ کان پوءِ، هن تمام ننڍي عمر ۾ ئي ذميدارين جو بار پنهنجن ڪلهن تي کڻي ورتو...ڇاڪاڻ ته اڃان اسان پروفيشينل ادارن ۾ داخل ئي ٿيا هئاسين، جو سندس والد کي دل جي تڪليف ٿي پئي. والده به شديد بيمار ٿي وئي. ميڙي پونجي تيزيءَ سان خرچ ٿي ته هٿ پير هڻڻ لاءِ زندگيءَ ۾ مختلف ڇيڙا هٿ ڪيا ويا...نتيجو اهو ئي نڪتو ته والد کٽ ڀيڙو ٿيو، والده ڪجهه ٺيڪ ٿي، پر زماني جون سوچون اجگر جيان وات ڦاڙيو بيٺيون هيون. پڙهائيءَ دوران ئي کيس نوڪري به ڪرڻي پئي...اها ته خدا جي قدرت جو پڙهائي مڪمل ٿيڻ ساڻ کيس هڪ سُٺي نوڪري ملي وئي...هن پنهنجن ننڍن ڀائرن کي پڙهايو، ڀينرن جون شاديون ڪيون ۽ آخر ۾ وڃي سندس پنهنجا هٿ پيلا ٿيا...عمر جو چوٿون ڏهاڪو ويجهو اچي رهيو هيو، جنهن مهل هن لانئون لڌيون....مالڪ مٺي جي ٻاجهه اها ٿي جو جيون ساٿي سٺو مليو...جيڪا آئي ان کي ”گهر“ کي گهر ڪرڻ آيو...زندگيءَ ڪجهه ٿورا ڏينهن سُک جو ساهه مس کنيو هوندو ته وري ”ڦشريون“ شروع ٿي ويون.

    هاڻي ڏکيا ڏينهن جيئن ته گذري چڪا هئا، ان ڪري سُکن جي ان ”دور“ ۾ سوالن جوابن جو سلسلو ڪنهن ٻئي رُخ تي طئي ٿيڻ لڳو. ننڍن ڀائرن پنهنجيون پنهنجيون ڊگريون حاصل ڪيون...پنهنجي هن ڀاءُ کان ”چئه چوان“ ڪرائي، اثر رسوخ لڳرائي ”نوڪريون“ ورتائون ۽ ماڳهين ”پڙ“ ڪڍي بيٺا، ڪهڙو ڀاءُ ۽ ڇا جو ڀاءُ...گهر ۾ بجلي، گئس، پاڻيءَ جا بل مُنڍيون ڪڍيو، مهانگائيءَ جي درين مان ديوار ڪرائڻ لڳا...پر اهو منظر ڪنهن کي به ڏسڻ ۾ نه پئي آيو. پيءُ جي اها ئي حالت....يار سوچيو هئو ته ڀائر ”دوست و بازو“ ٿيندا، پر انهن به وڃي پنهنجا پنهنجا ٿاڪ آباد ڪيا...جملو هڪڙو ئي ٻڌڻ ۾ اچڻ لڳو ته ”ادا...هن دور ۾ پنهنجي ئي پوري نه ٿي پوي ته توهان کي ڪٿان ڏيون؟...“ اها ٻي ڳالهه هئي جو ٻين شهرن ۾ نوڪرين ڪندڙ ڀائرن مان هڪڙي، قسطن تي ڪار ورتي ۽ هڪڙي ”ڪيش“ تي موٽر سائيڪل...بچت ٿئي ته ڀاءُ کي به ڏين نه ويچارا...مٿان وري شادي شده ڀينرن کان ڀاءُ جا اهي وڙ وسري ويا، جيڪي هٿن جي محنت يعني پڙهائيءَ کان وٺي، هٿن جي مينديءَ تائين ۽ هڪ مڪمل ”ڏاج“ ڏيڻ تائين رهيا. خالي اتي به سلسلو نه ٽُٽو هو پر عيد براد ۽ چڱي موچاري ڏينهن تي اڃان به سوکڙي پاکڙي موڪلبي هئي...ڀينرن کي ”ڀاڄائيءَ“ جي گهر ۾ اچڻ تي هاڻي شرمندگي ٿي رهي هئي ۽ هنن جو پرزور ”اسرار“ هيو ته ”امان بابا“ کي الڳ جاءِ وٺي ڏيو، جتي اونهاري جي گرمين ۾ سياري جي سردين وارين موڪلن ۾ ”اجتماع“ ڪري سگهجي...ڀاءُ جي گهر ۾ ته ساهه منجهي ٿو....هاڻي اهو هڪڙو ٻيو ”نمونو“ هيو...اهو گهر، جيڪو سندن رخصتيءَ جي شاهدين منجهان هڪڙو هيو، جنهن ۾ حياتيءَ جا الاءِ ڪيترا سال گذريا هئا، هڪدم سوڙهو ۽ اجنبي ٿي ويو هو...مٿان وري هڪڙي ٻي فرمائش ٿي وئي. حياتيءَ ۾ هڪڙي تلخي اها به هئي جو منهنجي ان يار کان وڏو به هڪڙو ڀاءُ آهي، جنهن والد محترم جي ”دل جي تڪليف“ ۽ والده جي ”جوڙن جي سور“ کي ڏسندي، پهرين ئي ”پريان نگاهه“ ڪندي، ٽپڙ ويڙهيا هئا. هن مهربان، ٻاهر ئي ٻاهر تعليم ورتي هئي، ٻاهران شادي ڪيائين، ڀينرن جي شادين ۾ مهمانن وانگر ڪجهه ڪلاڪن لاءِ آيو ۽ اهو ئي روئڻو روئندو رهيو ته، ”پورت نه ٿي پوي“ مطلب اڻ سڌيءَ طرح سان اهو ٻڌائڻ ته مان اوهان لاءِ ڇا ٿو ڪري سگهان؟ هاڻي ان ڀاءُ به پَرَ ڪڍڻ شروع ڪيا ۽ آمريڪا ۾ ڊالر ڪمائيندي نياپا موڪلڻ لڳو ته ”يار....ڪجهه حياءُ شرم ڪر امان بابا وارن جي حياتي آخري دور ۾ د اخل ٿي رهي آهي، جيڪڏهن حج ڪرڻ جهڙا ناهن ته گهٽ ۾ گهٽ عمرو ئي ڪرائي وٺين.“ جيڪو پاڻ اهو سڀ ڪري پيو، اهو به لت رکڻ لڳو. ڪيا بات هي...زندگي ڇا ته ڪمال مهربان ٿئي ٿي.

    ائين ڇو ٿو ٿئي عزيزان من، ته سنئين سڌي ڪاٺيءَ تي ئي بار وڌندو ويندو آهي. اهو کڻي مڃجي ٿو ته اها کڻي سگهي ٿي، پر ان جو مطلب ڇا اهو ئي ٿئي ٿو ته ان سان اهڙي حالت ڪئي وڃي جو ماڳهين کيس ان ڏار تان ئي ٽُٽڻ ۾ عافيت محسوس ٿئي...اسان جي معاشري ۾ الاءِ ڪيترن گهرن ۾ ائين ٿئي ٿو ته ڪو هڪڙو وجود پنهنجو پاڻ کي گهليندو رهي ٿو ۽ ٻيا سڀ ”کائڻ وارا“ حڪم هلائيندا رهن ٿا. حڪم هلائڻ مهل ڪا به لڄ، شرم يا حياءُ هٿ نه ٿو جهلي، بلڪه اهو پنهنجو حق سمجهي ”جتايو“ ٿو وڃي...۽ حڪم جي ادائگي ڪندڙ، ڳهندڙ وجود، جيڪڏهن ڪنهن سببان حڪم پورو نه ڪري سگهي ته مسلسل پاڻ مرادو ئي شرمسار ٿيندو ٿو رهي...لعنتاڻو الڳ هجي ٿو. پنهنجي ئي ”ڦٽ...لعنت“ گهڻي هجي ٿي.

    هاڻي اهو وري الڳ قصو آهي...سڄي عمر توهان چڱايون ڪندا وتو...خدمتن ۾ ڪا به ڪس نه ڇڏيو، هميشه ڪسر ئي ڪئي هوندي، پر جڏهن به خدانخواسته ڪا هڪڙي ننڍڙي ئي سهي، پر جيڪڏهن غلطي ٿي وئي نه...ته...بس اهو راڳ شروع ٿيندو...پراڻي مهر و عنايت ڇُٽي...رڳو ان غلطيءَ جي رڪارڊ کي گلا جي گراموفون تي وڄائڻ شروع ڪجو. لک معافيون وٺجن، پر سائين ڪٿان ٿو اهو راڳ بند ٿئي...

    مٿان وري معافي وٺڻ جو سين به عجيب آهي صاحبانِ زمانه...جيڪو سڄي عمر، خدمت ۾ ”جُٽيو“ رهيو، تنهن جو ڏٺو ته ”صاحبُ“ ناراض ٿي ويا آهن ته هڪدم جهڪي پوندو...هاڻي اتي هڪ ڳالهه سمجهڻ بيحد ضروري آهي...جيڪڏهن هو توهان کان معذرت چاهي ٿو نه...ته دراصل اهو سندس ”وََڙُ“ آهي...غرض ناهي بابلا...اهو ڪڏهن به نه وسارجي ته هن ۾ سدائين ڪم اسان جو پوندو رهيو آهي...هن ڪڏهن ورلي ڪجهه چيو هجي ۽ شايد نه به چيو هجي. هاڻي جيڪڏهن هٿ ٺوڪي وڏائي ڏيکاري، اسين هن سان نه پرچياسين ته، نقصان به پنهنجو ئي ڪنداسين...اهڙو ”خدائي خدمتگار“ اهڙو بيوقوف اسان کي وري ڪٿي ملندو...؟ اسان سان بنا غرض جي اهڙيون چڱايون ڪير ڪندو...

    اهي سڀ عام رواجي منظر آهن...سڀ چڱايون وسارڻ، هڪ غلطي تي پڪڙ ڪرڻ، خدمت ڪندڙ جي ڳچيءَ ۾ ڦاهيءَ کي وڌيڪ سوڙهو ڪرڻ ۾ ئي اسان کي عافيت نظر ايندي آهي، نتيجو اهو نڪرندو آهي جو هڪ ڏينهن اهو ڏار، ڦهڪو ڪري ڪري پوندو آهي...اسان جي ذات جو وڻ لڏي ويندو آهي...

    اتي سوال اهو به پيدا ٿئي ٿو ته جتي ايترا سارا فرد موجود آهن، اتي ٻيا ڇو نه ٿا ”هٿ...هٿ“ ڪري ڪم کڻي وٺن...هڪڙي کي رجندو ڏسي، ٻين کي ”قهقاءُ“ ڇو ڪو نه ٿو اچي يا جيڪو بيوقوفي ڪندو ٿو رهي، اهو ڪم بند ڇو ڪو نه ٿو ڪري. ڇو ڪو نه ٿو اهو سوچي ته ”وڃي کڏ ۾ پيا...مون ڪو ٺيڪو کنيو اٿمان ڇا؟“ ته ان سوال جو جواب به بنهه سولو آهي...عرض پهرين به ڪيو هئم ته احساس ته محسوس ڪرڻ سان تعلق ٿو رکي...جيڪڏهن محسوس ڪيو ته آهي جيڪڏهن نه ڪيو ته خير آهي...ان ڪري ئي ته الاءِ ڪيترا، پراين تڏن تي به روئي پوندا آهن ۽ الائي ڪيترا پنهنجي جي مرتئي تي به، غاليچي تي ويهي، موبائيل تي ٽهڪ ڏيڻ پسندا ڪندا آهن. دنيا دورنگي آهي صاحبان زمانه...ٻئي جي ٽيجهي کائڻ واري کي، پنهنجي ٽيجهي جي سوچ ڇو اچي؟ جتي چاليهن ۽ ٽيجهن جا ڪارڊ ڇپجن ٿا، لکت ۾ ”شڪر ادائيون“ ٿين ٿيون...اُتي ڪهڙي سوچ اچي سگهي ٿي...ڳالهه رڳو ڪارڊ ڇپجڻ جي ناهي، ان تي ڊزائين به جيڪڏهن ”سينگار“ جي هُجي ته ماڻهو ڪيڏانهن وڃي.

    دوست جو والد به پڙ ڪڍي بيٺو...پراڻو بنگلو وڪڻائي، الڳ جاءِ جا پئسا ورتائينس...هاڻي ڀيڻن کي به سک آهي، بي فڪرا ڀائر به مزي سان اچن ٿا، جنهن هيستائين پهچايو، ان سان ملاقات جو سلسلو جيڪڏهن رستي ويندي ٿي وڃي ته واهه واهه...نه ته هر ڪنهن کي واپسيءَ جي ”تڪڙ“ هوندي آهي...رستا ته هونئن به گهڻو ڪري ساڳيا هوندا آهن، رڳو مسافرن جي چهرن جا گلاب ڪومائجي ويندا آهن.

    الميو اهو به رهيو ته انهن سڀني ”حدفن“ کي هٿ ڪرڻ لاءِ ”جائز ناجائز جو فلٽر“ هٿان اڇلايو ويو...سنگت، پاڻ تي بار ڪجهه اهڙو طاري ڪري ڇڏيو جو بس ”آڻڻ ۽ نيئڻ“ جو فڪر، سر چڙهي ٻوليندو رهيو. عبادتون ڪندڙ مٽ مائٽ به اهو سڀ ڄاڻندي ته حرام جي آمد رفت تيز تر آهي، اکيون ٻوٽي ”ميڙ ميڙان“ ڪندا رهيا. اکين جو آب ايترو ته سُڪي ويو جو ڪڏهن ڪجهه گهٽ مليو پئي ته تارا ڦوٽارجي ويندا هئا...ڪو عذر قبول نه هوندو هو.

    حياتيءَ جي هن آخري مرحلي ۾ جڏهن عمرِ عزيز، پنجاهيءَ جي پيٽي ڏانهن ويندي، آخري جهٽڪن جا اشارا ڏئي ٿي ته يار کي سڀ ڪجهه ياد اچي ويو...غمِ جانان ۽ غمِ دوران جا سڀ تازيانه ورجائيندي صرف هڪ جملو چيائين ”اهو سڀ نه به پئي ڪري سگهيس، پر الاءِ ڇو ڪيم ۽ جن لاءِ ڪيم، تن وٽ قبول به ڪو نه پيس...“ چوڻ لاءِ ڪجهه به ڪو نه هو. دل جي ڪنهن ڪنڊ مان آواز آيو پئي ته ”حرام حلال ۾ اهو ئي فرق هوندو آهي مٺا، جيڪي حلال جي ڏور جهليندا آهن، اهي قبوليت جي سوچ کان آجا هوندا آهن...احساس پنهنجي جاءِ تي، تو ان مهل هنن جو احساس ڪيو پئي، ڇا پنهنجي لاءِ اها محسوسات رکيئي پيئي ته سڀاڻي، هيٺ ان ”ڪال ڪوٺڙيءَ“ ۾ ڪير هنن مان مدد ڪرڻ ايندو...جن جو وات ڀريان پيو ٿو، اهي ته قبر جي پيٽ ڀرڻ لاءِ مون کي ڇڏي ايندا، پوءِ ڇا ٿيندو...؟ پر سچي ڳالهه اها آهي ته ڪجهه به چئي نه سگهيس، وڏي ڀاڪر سان موڪلايم ۽ سينو ڄڻ ڀرجي ويو.

    ٿورو سوچيون ٿا، ته ڪيون ڇا پيا؟ ڇا ان اظهار ۾ خوش آهيون ته ذميواريون سمجهون ٿا ۽ ان سمجهه جي دائري ۾ حرام حلال کان فارغ آهيون...ان زعم ۾ ڀريل آهيون ته ڄاڻ قبول پياسين...مٽ مائٽ اسان جي ڪنهن هڪ غلطيءَ تي ناراضگيءَ کي درگذر ڪندا...يا ان کان به اهو وڌيل گمان آهي ته اڳيان به اهي ڇڏائيندا...اڃان وقت ناهي ويو...اچو ته سوچيون...
    mehmoodmughal@hotmail.com
     
  9. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم محمود مغل جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    اک، بُڪ ۽ ٻُڪ....




    آچر 6 جنوري 2008ع



    ڄامشوري ۾ گهرن ۾ رک گهڙي وئي آهي. مستقل صفائين جو عمل جاري رهي ٿو، پر وري به اها ”خاڪ“ ڪٿان نه ڪٿان اچي ”اڳ“ جهلي ٿي. حالت اها آهي جو هاڻي هاڻي ٻهاري ڏجي...”ٻوهر“ کڻجي...وري ڪجهه ڪلاڪن ۾، اها ”ڪارنهن“ ڪنهن نه ڪنهن ڪنڊ پاسي کي ڀاڪر ۾ڀري وٺي ٿي، جنهن جاءِ تي حياتي گذري ٿي عزيزانِ من....۽ جنهن کي ڄامشورو چون ٿا، اتي جيڪڏهن لهندڙ سج ڏانهن منهن ڪجي، ته تعليمي عمارتون آهن...آرٽس فئڪلٽي جي بلڊنگ، سينٽرل لائبريري جي بلڊنگ، ٻيا شعبه علامه آءِ آءِ قاضي جي مزار ۽ پويلين آهن....ساڄي هٿ تي ادبي بورڊ، ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، ڪريڪيولم ۽ پريان لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل ۽ هيلٿ سائنسز ڪر کنيو بيٺيون آهن. ان ئي هٿ تي عظيم الشان ”ڦاٽڪ“ واقع آهي...اها جاءِ، جيڪا بيچلرز جي حياتيءَ ۾ هڪ خاص مقام رکي ٿي. اهي بيچلرز جيڪي ”هاسٽلرز“ هوندا آهن ۽ گهڻو تڻو اتي کاڌ خوراڪ پسند ڪندا آهن. کاٻي هٿ تي مهراڻ يونيورسٽي آهي ۽ هاءِ وي يا المعروف ”باءِ پاس“ واقع آهن...

    28 ڊسمبر جي صبح کان وٺي ان سڄي علائقي ۾ ڄر ئي ڄر هئي. الم به الم هيو، سينا دکي رهيا هئا ۽ ٻرندڙ سينن، پنهنجي آڳ ظاهر ڪرڻ پئي گهري...ڦاٽڪ تان اهو سلسلو شروع ٿيو...پهرين سنڌ يونيورسٽيءَ جو پيٽروليم سروس اسٽيشن کي باهه ڏني وئي...ان کان پوءِ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جو رخ ڪيو ويو...ان کان پهرين ريلوي اسٽيشن ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي بس ڊپو جو وارو اچي چڪو هو...هن طرف وري ٽيڪسٽ بڪ بورڊ کان پوءِ، سنڌ يونيورسٽيءَ جي رهائشي ڪالونيءَ ۾ نيشنل بينڪ کي ساڙڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. اتان وري سنڌ يونيورسٽي جي تدريسي عمارتن جو رخ ڪيو ويو ۽ بالآخر سينٽرل لائبريري جي سينڌ اجاڙي وئي. فرنيچر برباد ڪرڻ کان پوءِ ڪتابن جو وارو آيو. ڪوتاهه ڪش نگاهن، لکين رپين جا ڪتاب شعلن جي ”نذر“ ڪري ڇڏيا...تنهن کان پوءِ آرٽس فيڪلٽي ۾ انگريزي شعبي جي ”ريفرنس“ لائبريري کي تاراج ڪري ٽانڊن جي حوالي ڪيو ويو ۽ گڏو گڏ اسٽيٽسٽڪس جي شعبي جي به ”خبر چار“ ورتي وئي. ڪجهه ڪلاڪ علم جو بغداد ائين ٻرندو رهيو...باهه ته چئن ئي پاسن کان پهرين ئي لڳل هئي، روڊن تي نوي فٽن وارا ”ٽرالرز“ سڙي رک ٿي رهيا هئا. ذاتي گاڏيون، ساز و سامان، برباد ٿي رهيو هيو ۽ جيڪو برباد ٿيڻ کان رهجي ويو هو، سو ڦرجي رهيو هو...يوريا ڀاڻ، ان جا ڪٽا، مصالحن جا ڪارٽن، موٽر سائيڪلن جا ٽرالا، مطلب ته ”مالِ غنيمت“ ۾ ڇا ڇا نه شامل هو.

    جذبن جي شدتن ۾ اکين جي بينائي کٽي ويندي آهي عزيزانِ من...جي کُٽي نه...ته به جهيڻي ته ضرور ٿيندي آهي. اهو به سڀ ڄاڻن ٿا ته حادثو ايترو ته شديد ۽ اوچتو هئو جو ڪنهن کي ڪجهه سمجهه ۾ نه پئي آيو...پر پنهنجي درد ۾ ڪنهن ٻئي جي ڪائنات لٽڻ ڪهڙي ”ڏک“ جي شاهدي ٿا ڏين؟...هلو...ستاويهين تاريخ ته هڪدم درد جا درياهه وهي ويا هئا، اٺاويهين تاريخ جو اهو حملو ڪهڙي حساب سان هيو، جنهن ۾ مادرِ علمي کي نشاني تي رکيو ويو؟

    مان، محمود مغل، هتان جي پيرن جي خاڪ آهيان...هتي جي علم و ادب ۽ منهنجي يونيورسٽيءَ ئي مون کي انسان بڻايو آهي. هن امڙ ئي مون کي ان لائق ٺاهيو آهي جو مان ڪٿي ڪنڌ کڻي ڳالهائڻ جهڙو آهيان ۽ اهو خالي مان اڪيلو ناهيان...اهڙا لکين شاگرد آهن، جن هتان فيض پرايو آهي ۽ ڪمال حيثيتون حاصل ڪيون آهن. پر هنن سٽن لکڻ مهل اهي سڀ حيثيتون ڌوڙ لڳن ٿيون. اسان جهڙن پٽن جي هوندي به ڇا ٿيو؟ هڪ تعليمي اداري جو اولاد هوندو آهي ان جو علم....ان جا ڪتاب...ان جون لائبريريون...جڏهن اولاد کي ئي ڪير زوري کسي، ڦري، باهه ڏئي يا ڪنهن به طرح سان ماءُ کان ڌار ڪري ته امڙ جي حالت ڪهڙي ٿي سگهي ٿي؟

    مان هڪڙو ڀيرو وري ورجائڻ ٿو گهران...پيٽرول پمپ ساڙڻ ته سمجهه ۾ اچي ٿو. هلو ڀلا...اسٽيشن تي حملو ٿيو، هاءِ وي بلاڪ ٿيو، درد، الم، رنج ۽ ڪاوڙ ۾ اهي سڀ شيون پي در پي ٿينديون رهيون. پر لائبريرين تي ”جُلهه“ ڇو ٿي؟ تعليمي مرڪز کي حدف ڇو بڻايو ويو؟ مان اهو سڀ مڃان ٿو ته سيڪيورٽيءَ جا انتظام اڻ پورا هئا...اهو به مڃان ٿو ته تڪليف ۽ درد بي انتها هو، پر ان ۾ به ڇا ”شناس“ جا سڀ پردا جلي خاڪ ٿي ويا هئا...؟ ڇا اهڙو نقصان ڪنهن ٻيءَ جاءِ تي، ان نوعيت ۾ ٿيو؟ ڇا اها عوامي ليڊر، جيڪا ڳڙهي خدا بخش جي خاڪ ۾ آسودگي آهي، ائين ڪتابن سان سلوڪ ۽ تعليمي اداري سان هلت برداشت ڪري ها؟ ڇا اهو سڀ ائين، ان حال تائين سياسي ورڪرن جو ڪمال آهي يا ان ۾ باقائدي مجرمانه سرگرميون ڪندڙ به شريڪ هئا؟ دل نه ٿي مڃي...معزز خواتين و حضرات...بربادي جي نظاري کي ڏسندي دل نه ٿي مڃي ته اهو ڪم ڪي سياسي ورڪر ڪري سگهن ٿا.

    مطلب ۽ مقصد اهو ناهي ته ڪنهن جي هنج ۾ پناهه وٺجي...ڪنهن جو پاسو کڻجي ۽ ”اک ٽيٽ“ ڪجي...مطلب صرف هڪڙو آهي ته سنڌ يونيورسٽي ائين ڇو نظرن ۾ آئي؟ اهي سڀ جيڪي هتي رهن ٿا، هتي ساهه کڻن ٿا، جن جا ٻچا هتي پڙهن ٿا ۽ اولاد روزگار حاصل ڪري ٿو...اهي سڀ جو پاڻ شريڪ ناهن ٿيا ته گهٽ ۾ گهٽ انهن کي ته سڃاڻن ٿا، جن اهو سڀ ڪيو، ڇاڪاڻ ته ٻاهريون ته ڪو به ڪو نه هو، سڀ هتان جا هئا، انهن کي اهو سڀ ڪندي ڪا ”لڄ“ نه آئي؟

    رهجي صرف ماتم ۽ ڳالهيون ويون آهن سائين...ڀڳل شيشا ته وري لڳي ويندا سڙيل درن درين جي جاءِ تي ٻيو ڪاٺ اچي ويندو...پراڻن شيلفن جي جاءِ تي نوان خوبصورت خانا فٽ ٿي ويندا...نه موٽندا ته اهي ڪتاب...اهي نسخا، اهي نوادرات، جيڪي پنهنجو مٽ پاڻ هئا. جن گذريل اڌ صديءَ کان اسان جي هن سينٽرل لائبريريءَ جي سيني تي زيور بڻجي جهرمر لاتي هئي...جن انگريزي زبان جي عاشقن کي علم جو الاءِ ڪيترو ترياق نصيب ڪيو هو. انهن مان ڪيترا ته هاڻي اڻ لڀ آهن...انهن جا ڇاپا ختم ٿي چڪا آهن...۽ جيڪڏهن اهي آهن به سهي، ته هٿ ٻڌي عرض ڪجي ٿو ته گهٽ ۾ گهٽ ”هزارين ڊالرز“ ۾ وڃي ڪو هڪڙو ڪتاب پوي ٿو...سو به يا نصيب...ماتم ته اچو ته گڏجي اهو به ڪريون ته ٽڪي جي گاڏي ”انشورڊ“ ٿي ويندي آهي، املهه ڪتاب جي ته ڪا به انشورنس ناهي ٿيندي. جن سوارين کي ساڙيو ويو هو، ان جي بچيل سامان جي وري ڦر شروع ٿي هئي، جيڪو سامان صاف صفا هو يا اڌو گابرو سڙيل هو، سو سائيڪلن، ڪلهن، گڏهه گاڏين ۽ هٿ گاڏين تي ”محفوظ جاءِ“ ڏانهن روانو ٿي رهيو هو. هي ڪتاب ئي اهڙي ”جنس“ هئا، جن جي ساڙڻ کان پوءِ اهو فڪر ئي ڪو نه ڪيو ويو ته ڪٿي ڪجهه اڌو گابرو ته ناهي؟ ۽ عظيم ترين عمل اهو به ٿيو ته ڪتاب ته ڪنهن ڦريا به ڪو نه...برياني مصالحي ۽ تڪن مصالحي جو کوکو، ٻوڙ مانيءَ ۾ ڪم ته اچي ٿو...ڪتاب جي ضرورت ئي ڪهڙي آهي جو اهو کڻجي.

    سنڌي صورتخطي ۾ سمجهه ۾ نه آيو پئي ته اڳ جا اچار ڇو مٽايا ويا هئا...پهرين الف انب، بي بلا، ٻي ٻڪري پڙهائيندا هئا...پوءِ وري الف اک، بي بدڪ، ٻي ٻڪ بڻجي ويا. هيلتائين مٿو هڻندا هئاسين ته اهو سڀ الاءِ ڇو ٿيو...پر ٽيڪسٽ بڪ بورڊ کي لڳل باهه ۽ مادرِ علمي سان اهو سلوڪ سليبس ٺاهيندڙن جي ”دور انديشيءَ“ کي سلام ڪرڻ تي مجبور ٿو ڪري...ڇاڪاڻ ته هنن پهرين ئي اهو ڄاڻي ورتو هو ته ڪو زمانو هوندو، جڏهن الف اک ۾ ڪا نظر ڪا نه رهندي، بي بڪ يعني ڪتاب اجايو لڳندو ۽ ٻي ٻڪ ۾ اهو پاڻي ڪو نه ماپندو، جيڪو بي باهه کي وسائي سگهي.

    ڄامشوري ۾ گهرن ۾ ”رک“ گهڙي وئي آهي...ڪتابن جي رک، جيڪا اڃان به ڪُنڊن پاسن ۾ پاڻ لڪائڻ ٿي چاهي...جيڪا اڃان تائين به ڄامشوري جي مٽيءَ سان ايتري محبت ٿي ڪري جو اتان وڃڻ نه ٿي چاهي...ڪتابن کي ساڙڻ کان پوءِ اها رک به اسان ئي ڪڍي اڇلائي رهيا آهيون.

    mehmoodmughal@hotmail.com
     
  10. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم محمود مغل جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    ماڪ




    آچر 13 جنوري 2008ع



    الاءِ ڪهڙي ”ماڪ“ مٿان وسندي رهي ٿي....روح ڀڳل ڀڳل لڳي ٿو....تر...آلو...ڪجهه وڃائجي ويو آهي ۽ اها خبر نه ٿي پوي ته الائجي ڇا وڃائجي ويو آهي. ڪنهن ڌنڌ ۾ ڪنهن اڻ ڄاتل منزل جي سفر ۾ پنهنجو پاڻ مدغم ٿو لڳي....گذريل ٽن هفتن کان، خواب نگر ۾ عجيب اداسي آهي. حياتيءَ جي سلوڪن تي اعتبار اڳ ۾ ئي کڄيل هو، ويتر هنن ”هاڃن“ ته جهڙو نه ڏسڻ جهڙو ڪري ڇڏيو آهي. ڪهڙي آئيني ۾ نهاريون ۽ ڇا نهاريون...؟ اهو ساڳيو چهرو نظر اچي ٿو....ڏنگو...ڦڏو....تال ڪڍندڙ...الاءِ چهري کان پاڻ سنڀاليو نه ٿو ٿئي. الاءِ آئينه ڀور ڀور ٿي ويا آهن...الاءِ ڇا ٿي ويو آهي سائين....دل ته ڄڻ مخاطب ئي نه ٿي ٿيڻ گهري ۽ هونئن به رکي رکي ته اهو خيال اچي ٿو ته ڪنهن سان ڳالهائجي ۽ ڇا ڳالهائجي...! انسانيت کي شايد ”شديد سرديءَ“ اچي ورايو آهي...ڏڪندي ڪنبندي هن غفلت جون انيڪ سوڙيون ڍڪي ڇڏيون آهن...انهن سوڙن اندر هڪڙو ”ٺلهه“ ته ٺهي ويو آهي، پر ماڻهپو الاءِ ڪٿي وڃي لڪو آهي...

    ”خواب نگر“ ۾ اسين معزز خواتين و حضرات، حياتيءَ جي خوبصورت ”رُخن“ جي ڳالهه ڪندا آهيون...بهارون...گل گلزار...لامن تي جهومندڙ ۽ ٻين کي موهيندڙ رواجن ۽ سلوڪن جا ”ٻيجارا“ اسان جو مول متا هوندا آهن...پنهنجين روايتن کي اسين ڪيئن واپس آڻي سگهون ٿا ۽ واپس آڻي، ڪيئن سيني سان سانڍي سگهون ٿا، اهو سڀ خيال جي ڪئنواس تي منتقل ٿيندو آهي ۽ اها شعوري ڪوشش هوندي آهي ته اهو ذڪر ضرور شامل ٿئي ۽ شايد اداسيءَ جو هڪڙو سبب اهو به هو ته هنن واقعن ۾ هن ڀڃ ڊاهه ۽ ڦرلٽ ۾، ايترو ڪجهه اڳتي اچي ويو هو جو ڄڻ ريتن رسمن، روايتن ۽ سلوڪن جي چڱائيءَ تان اعتبار ئي کڄي ويو هو، پر ڪجهه ”ذڪر“ اهڙا ٿيا، جن اهو سهارو ڏنو آهي ته اڃان ڪجهه ساهه پساهه باقي آهن...ڪجهه آهن، جن جي ڪري جهان هلي ٿو. ڌڻي مٺو شل معاف ڪري ۽ اسان سڀني کي اهڙا ڏينهن وري نه ڏيکاري. باقي الاءِ ڇو، انهن موقعن تي، سڀ ڪجهه ”اُلٽ پُلٽ“ لڳندو آهي. ”شناس“ جي روشنيءَ جو ترورو به جهاتي پائيندي نظر نه ايندو آهي. قبر جهڙي اوندهه، اندر ۾ گهڙي ويندي آهي. انسان جي خود پرستي ۽ خود مطلبي هڪدم ديدار ڪرائيندي آهي. دنيا جي مدد جا سڄا دعويٰ ڌوڙ ٿي ويندا آهن. ٻيو ته ڇڏيو، هڪڙو ننڍڙو مثال ئي کڻي وٺو، رنج و الم جي انهن ٽن چئن ڏينهن ۾ رڳو ”خصيص“ ٽيليفون ڪارڊ به پنجاهه سيڪڙو مهانگائيءَ تي وڃي پهتو. هن دور ۾ ۽ اهڙين حالتن ۾ جن ۾ رابطو ازحد ضروري هو، ماڻهن ڪارڊ لڪائي ڇڏيا ۽ جي ڏنا به ته سئو وارو ڪارڊ ڏيڍ سئو رپئي ۾عنايت ڪيو ويو ۽ مٿان ٿورا پڻ ٿڦيا ويا...ننڍن ڊيلرن چيو ته اسان کي اڳيان ئي مهانگو مليو آهي ته اسين کپائينداسين به ته ائين ئي نه. سندن ڳالهه ۾ وزن هيو...پر مٺا سائين ڪهڙي ڳالهه ۾ وزن ڪو نه هيو؟

    کاڌ خوراڪ، عام واهپو، فون شون، سڀ عجيب ٿي ويو هيو...پر اهو سڀ ائين نه هو، ڪجهه ”غريب“به هيو...ڪي فرشتا صفت وجود به هئا، جن کي خبر هئي ته ”اصل ڪمائيءَ“ جا ته ڏينهن ئي هي آهن. ان اسٽور جي ٻاهران مان به قطار ۾ موجود هئس...صاحبِ اسٽور ناراض ٿي ويندا، ان ڪري نالو لکڻ کان معذرت ڪيان ٿو. عجب صورتحال هئي جو شايد هن وٽ مال آيو ئي ڪو ٻه ڏينهن پهرين هيو...جيئن دڪان کي پهرين مليل مال سان هنن سٿيو هو، ائين ئي، هڙتال کان پوءِ هنن دڪان کوليو هو. مطلب هر شئي وافر مقدار ۾ موجود هئي. دڪان جو مالڪ پاڻ دخل تي موجود هو ۽ اکين اهو عجيب منظر ڏٺو جو هن جي سوال ڪرڻ جا انداز عجيب هئا...”گهڻو اٽو کپي؟“

    گراهڪ جي وڏائي به ڪا گهٽ ڪا نه هئي...”پنجاهه ڪلو...“

    ”نه...پنجاهه ته ڪونهن...“ مالڪ انڪار ڪيو.

    ”هي جو پيو آهي؟...“ گراهڪ اشارو ڪيو.

    ”اهو ڏيڻ جو آهي؟....“ پر هڪڙي کي نه...سڀني کي..“ اڇي ڪاري سونهاري

    واري دڪاندار مرڪندي چيو.

    ”مطلب...؟“ گراهڪ جا ابرو ڇڪجي ويا.

    ”مطلب اهو ته هي جيڪي سڀ قطار ۾ بيٺل آهن، انهن کي وڌ ۾ وڌ في ماڻهو ڏهه ڪلو جو ٿيلهو ملندو، ان کان مٿي نه...“

    ”۽ جي طلب گهڻي هجي ته....؟“ هاڻي گراهڪ وڙهڻ جهڙو ٿي ويو...دڪاندار وري به مرڪيو...”ڏهه ڪلو...هڪ ئي وقت کائيندئو ڇا سائين؟ سنئين سڌي ڳالهه آهي...سڀني وٽ ڪونهي...هر ڪنهن وٽ ٿورو ٿورو هئڻ گهرجي. توهان ضد بحث نه ڪيو...هڪڙو ٿيلهو کپيو َته حاضر آهي ۽ ها هن لسٽ ۾ جيڪي جيڪي شيون به لکيل آهن، اهي هڪ هڪ ملنديون...هڪڙو چانهن جو پڙو...ڪلو کنڊ...ٽي ڪلو چانور...انهن کان مٿي مان نه ڏيندم...۽ ها دال به وڌ ۾ وڌ ڪلو ملندي...“

    گراهڪ سڄو ڳاڙهو ٿي ويو هو...پر سخت مجبور هو...ماٺ ڪري دڪان جي مالڪ جا ”ٽرمز“ مڃيندي سامان وٺي راهي ٿيو ۽ حيرت ان ڳالهه جي به ورائي وئي جو ڪنهن به شئي جو اگهه وڌيل نه هو. هر شئي پراڻي اگهه ۾ ڏني وئي هئي. ڪنهن هڪ ائٽم تي ٽڪو به اضافي نه هو. اهو ئي سچ آهي ۽ يقينن پروردگار ڄاڻي ٿو...

    قطار ۾ منهنجو نمبر پرڀرو هيو، پنهنجي واري تي جڏهن مون پنهنجي حصي جو سامان ورتو ته لسٽ لڪائي ڇڏيم...”اول فول“ ڳالهائيندي، جيڪي ڪجهه سمجهه ۾ آيم ۽ سندس ڏنل ”حد“ مطابق سمجهيم سو خريد ڪيم ۽ ڪنڌ جهڪائي ورڻ جي ڪيم....هن دڪان تي پهريون دفعو آيو هوس. هن سڃاتو ته مرڪندي چيائين، ”پري کان آيا آهيو، هتي جا ته ناهيو.“ عرض ڪيم، ”هتان لنگهي رهيو هئس، دڪان کليل ڏٺم ته قطار ۾ اچي بيٺس...“

    غور سان ڏسندي چيائين، ”مان پنهنجي ذاتي سامان مان اوهان جي مدد ڪري سگهان ٿو...“ هٿ ٻڌندي چيم، ”جڙيا هجو...سکيا هجو...اوهان ايڏي مدد ڪئي آهي...ان لاءِ مون وٽ لفظ ناهن.“ وري کلندي چيائين”ان جا پئسا ڏنا اٿوَ....ڪو مفت ۾ ورتو اٿوَ ڇا...؟“ وڌيڪ ڳالهائڻ جو موقعو نه هو. سينو الاءِ ڇو ڀرجي آيو هو...اشاري سان سلام ڪري مان اتان نڪري آيس...

    ان ڏينهن جي صبح جو به ڪجهه ائين ئي ٿيو هو. گهر ۾ حالتن کي ڊسڪس ڪندي، مون چيو هو، ”سامان وٺي رکجي، گهٽ ۾ گهٽ مهيني ٻن جو ته اسٽاڪ هجي.“ ته اتي ڇوٽ تي فاطمه چيو هو...”سڀ سامان جي توهان وٺو ته ٻيا ڇا وٺندا...؟ سامان اهو ئي وٺو، جيڪو نارمل ضرورت ۾ هجي....ان کان وڌيڪ جو پليز نه سوچيو...“

    الاءِ ڪيترا دليل تري آيا هئا، پر زبان تي ڄڻ قلف لڳي ويو هو...هڪڙي جملي ۾ ئي، ڄڻ سڄي زندگيءَ کي نواڻ ملي وئي هئي...مون هيلتائين، ايڏو خوبصورت ته ڪڏهن ڪو نه سوچيو هو...ٻين جي مدد جي ”دعويداري“ ڪندي مان هن ميدان ۾ ڪيترو ڪمزورآهيان، اها خبر ته ان ڏينهن پئي هئي. بلڪل صحيح ڳالهه هئي اها، جي پنهنجي حيثيت ۽ اثر رسوخ جي زور تي مان دڪان ئي ٻهاري اچان ها...پنهنجو گهر ڀري وٺان ها ته ٻين کي ڇا ملي ها؟ جهڪيل ڪنڌ ۽ آلين اکين سان مون پنهنجو پاڻ سان ڏاڍو ڳالهايو آهي عزيزانِ من....اڳئين زمانن ۾، جڏهن ڪنهن کي ”سيئو تپ“ يعني سيءَ سان بخار چڙهندو هو ته کيس سوڙين ۾ ڍڪي ”دَٻُ“ ڪرايو ويندو هو...ڪجهه گهڙين کان پوءِ، جڏهن سڄو جسم پگهرجي ويندو هو ته بخار به لازمن لهي ويندو هو ۽ تنهن کان پوءِ جسم اگهي ڪپڙا لٽا پارائي، علاج جاري ڪيو ويندو هو...پنهنجي سوچ سمجهه کي ۽ انسانيت جي لاهن چاڙهن کي غفلتن جي سوڙين اندر دَٻُ ڪرائڻ کان پوءِ، جڏهن اهي سوڙيون هٽايون اٿم ته انهيءَ دڪاندار ۽ فاطمه جي سيکاريل سبق سان آلو اهو وجود، مون کي سچ جي ٽوال سان صاف ڪرڻو آهي ۽ ماڻهپي جي لباس کي ڍڪائي ايندڙ وقت لاءِ علاج جاري رکڻو آهي. مان اڪيلو ٿورائتو ٿيڻ نه ٿو گهران، ڇاڪاڻ ته هي ”دَٻُ“ وارو قصو گهڻن کي مشڪور ڪري سگهي ٿو.

    mehmoodmughal@hotmail.com
     
  11. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم محمود مغل جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    ”ٽيون ڪَن“




    آچر 27 جنوري 2008ع



    ڪلڪيوليٽر وري کڻي ورتو اٿم...جڏهن به ڪنهن موڙ تي، سفر جي ڪنهن خوشگوار”ڪنڊ“ تي رفتار ڪجهه جهيڻي ٿيندي آهي ته مون کي پنهنجو ڪالم نگار دوست امتياز ابڙو ياد ايندو آهي. خواب نگر تي الاءِ ڪيترا”رايا“ سماعتن جي ورچڙهندا آهن. الاءِ ڪيتريون تيز ڪٽار ابُرو نشانه هڻنديون آهن ۽ الاءِ ڪيترا مرڪندڙ چپ تعريف جو احسان ڪندا آهن، پر امتياز جا لفظ مون کان وسرندا ناهن. ڀوڳن ڀوڳن ۾ سندس اهو ڀوڳ ساڀيان لڳندو آهي. وڏڙن چيو آهي ته ”لڳو ته چرچو نه لڳو نه ساڀيان“ سو اها ڪلڪيوليٽر واري ڪٿا، ان ئي زمري ۾ اچي ٿي. جيئن ٻيا سڀ اهي ڪالم پڙهي کلندا آهن، ائين ئي ذاتي حوالي سان مون کي به ”جام“ کل اچي ٿي.

    اهو سڀ پنهنجيءَ جاءِ تي عزيزان من....پر الاءِ ڇو، سڄي حياتي بس ان”ماپ تور“ ۾ ئي گذري آهي. جي چپن، کليو هوندو ته به هڪ حد تائين...جو هڪدم اهو احساس ڀاڪر ۾ ڀري ويوهوندو ته هر روشنيءَ کان پوءِ جيئن اونداهه اچڻي آهي ۽ ضرور اچڻي آهي ته يقينن هر خوشيءَ کان پوءِ، ڪنهن غم جو ته”وارو“ اچي ئي سگهي ٿو ۽ ائين ئي وري آلين اکين جي موسمن ۾ دل ۾ اهو گمان، ڪر کڻندو آهي ته بهرحال اوندهه کان پوءِ روشني ته اچڻي ئي آهي. اها به مٺي مالڪ جل شانه جي مهر آهي جو اهو گمان هڪدم”يقين“ ۾ مٽجي ويندو آهي. ڏکن جو ساعتون گذري ئي وينديون آهن. گهڙيءَ گهڙيءَ جو ڌڪ، ماپ تور ئي محسوس ڪري ٿي قبلا....جي وقت جو حساب نه به رکجي ته بهرحال وقت پنهنجو حساب ڪتاب ته درست ئي رکي ٿو...ڪلڪيوليٽر کي ته هٿ ۾ کڻڻو ٿو پوي.

    اڄ هن ساٿ کي هڪ سو پنجهتر ملاقاتون نصيب ٿيون، پوڻا ٻه سو دفعا، اوهان سان ملڻ جي”سعادت“ حاصل ٿي آهي. جنهن لاءِ پروردگار جو جيترو به ٿورو ادا ڪجي، اوترو گهٽ آهي. حياتي، علم،عقل، تدبر، سوچ، سڀ هن وٽان اچي ٿو. قلم کي طاقت به سندس ئي ذات ڏئي ٿي.

    صاحبِ علم وٽ حاضر هئاسين...ڳالهه”طلب“ جي هلي رهي هئي. زندگيءَ جي”گهرجن“ جو ذڪر ڪندي، اهو به زير بحث هيو ته سوال ڪيترو ڪري سگهجي ٿو ۽ ڪيئن ڪري سگهجي ٿو. هنن فرمايو”سوال دراصل پاڻ جواب هوندو آهي بابا سائين...جي جواب نه هجي ته سوال جي ڪا به حيثيت نه هوندي آهي...بلڪل ائين جيئن هر جواب، سوال کي ساڻ کڻي ايندو آهي، عقلمند ته اهو آهي جيڪو ٻنهين جي”رمز“ پروڙي وٺي...اهو ئي سبب آهي ته جن کي جوابن جي خبر هوندي آهي اهي سوال ڪرڻ نه گهرندا آهن. هاڻي اهو سڀ ته”عام“ آهي، خواتين و حضرات...جي جواب جي خبر هجي ته سوال ڪير ڪندو؟ اها ئي مام ڪنهن ويٺل پروڙي ته پڇي ورتائين ”سائين جي جواب جي خبر هجي ته سوال ڪير ڪندو؟..“ مرڪ سندن مُکَ تي پکڙجي وئي. سوال ڪندڙ ڏانهن گهري نگاهه سان ڏسندي فرمايائون ”پنهنجي انهيءَ سوال جو جواب تون ڄاڻين ٿو نه...؟ توکي خبر هئي ته ورنديءَ ۾ اهو ئي چئي سگهجي ٿو ته ڪو بيوقوف ئي ڄاتل جواب لاءِ سوال ڪري سگهي ٿو. هاڻي اتي ئي مثال وٺ....جڏنهن تو کي خبر هئي ته پوءِ تو سوال ڇو ڪيو؟“

    پڇندڙ ککو وکو ٿي ويو هو....ماٺ جو دروازو کلي ويو. پاڻ هڪ هڪ ڏي نهاريندا رهيا ۽ پوءِ سندن آواز بلند ٿيو.”ڳالهه بيحد سادي آهي مٺا...ماڻهو ته هلي ئي سوال جواب تي ٿو. جي اهو سلسلو ختم ٿئي ته سڀ خاڪ....سڀ مٽي...هر کڄيل ساهه سوال هوندو اٿو ۽ هر واپس نڪرندڙ هوا ان جو جواب...جي اهي سوال جواب جاري نه هجن ته زندگي بيهجي وڃي منهنجا ٻچا....هاڻي اهو ته ٿيو هڪڙو مثال...پر اهم ڳالهه اها سمجهه ته داناءَ، پنهنجي نادانيءَ کان واقف هوندو آهي ۽ بس، ٻيا هن ۾ ڪي به سرخاب جا پر لڳل ناهن هوندا ۽ نه ئي وري کيس ٽي ڪن هوندا آهن، ٻن اکين، ٻن ڪنن ۽ هڪ نڪ وارو اهو به ساڳيو ئي انسان هوندو آهي. بس فرق صرف اهو ئي هوندو اٿو ته کيس لفظن جي حرمت جي خبر هوندي آهي. هو ڄاڻندو آهي ته ”بيوقوف، جيستائين ماٺ رهي، عقلمندن ۾ شمار ٿيندو آهي.“ ۽ اهو ئي سبب اٿو ته سندس سوال جو”ڪاسو“ تڏنهن دراز ٿيندو آهي، جڏهن کيس واقعي به جواب جي طلب هوندي آهي.“ سڀ وري ماٺ ٿي ويا هئا. حياتيءَ جي ڪاروهنوار ۾ ماڻهو ته بس”ڦٿڪو“ ئي آهي. ماٺ ته شايد هڪ واري ئي اچڻي آهي. منهنجي اندر ۾ به بس”بُل“ ئي هئا. الاءِ ڪيترا سوال ڪر کنيا هئا، پر سندن ڳالهه جاري هئي ۽ ڄڻ ته هر سوال جو جواب، خود بخود ملي رهيو هو.

    ”جيڪو زبان کي، سوال جي زحمت ڏئي ٿو نه شهزادا...“ هنن مون ڏي نهاري ڳالهايو. ”اهو دراصل پنهنجي اندر کي صحيح نموني ٻڌي نه ٿو سگهي ۽ جي ڀلا ٻڌي به ٿو ته شايد سمجهي نه ٿو سگهي. اسان جي اندر ۾ به الاءِ ڪيترا ترجمان ويٺل هوندا آهن. هر احساس جي محسوسات لاءِ الڳ الڳ ”انٽر پريٽر“ تيار ويٺل هوندو آهي. بس....ڪجهه محسوس ٿيو ناهي ۽ ٺڪ سوال آيو ناهي. هاڻي جي اسان پنهنجو پاڻ کي ڪجهه وقت ڏيون نه....۽ پنهنجي اندر جي سوال کي غور سان ڪنايون ته شايد اسان کي جواب جي به سمجهه اچي وڃي. پر ڇاڪاڻ ته پنهنجو پاڻ لاءِ اسان وٽ وقت ناهي هوندو. رڳو هڻ وٺ هوندي آهي ان ڪري اهو موقعو به اسان وڃائڻ ۾ ئي خوشي محسوس ڪندا آهيون...“

    ”ائين ڪيئن هوندو سائين“ ڪنهن هجت ڪئي...”جي پنهنجو پاڻ کي نه ٻڌون ته پوءِ سوال ڪٿان ٺهي ٿو اچي؟ سائينءَ هڪ نگاهه ۾ ڄڻ سڀني کي ميڙي ورتو....۽ پوءِ الاءِ ڪيترا لمحا هڪ هڪ ڏانهن واري واري سان نهاريندا رهيا، سڀني کي ڏسي، نظر کي ڄڻ مڪمل ڪندي فرمايائون”منهنجي نظر ۾ اوهان جي سوال جوجواب ناهي ڇا؟“

    سڀ ڪجهه عجيب ٿي ويو هو....اها نگاهه....چمڪدار، روشن نگاهه، سياري جي داٻ ۾ عجيب گرميءَ کي ساڻ کنيو پئي ورتي. وري ڄڻ مونجهه ٿي وئي. هر ڪنهن کي پنهنجي پنهنجي انومان اچي ورايو. هاڻي هنن ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيو ۽ ان ئي حالت ۾ مخاطب ٿيندا رهيا. ”اصل جواب اسان جي نگاهه ۾ هوندو آهي بابا...ڪڏنهن ڪڏنهن غور ڪندا ڪيو ته ڪنهن تي به کلون ته سڀ کان پهرين اسان جون اکيون کلنديون آهن. چپن جو وارو ته پوءِ ايندو آهي. جيڪو نگاهه پڙهي سگهي ٻچا....اهو ئي سوال جي بنياد کي سمجهندو ۽ نگاهه اها نگاهه آهي، جيڪا پنهنجو پاڻ ۾ به پيهي سگهي بابا...تڏهن ته سائينءَ فرمايو ته، ”پيهي جا پاڻ ۾....ڪيم روح رهاڻ“ نگاهه اها ناهي نادان، جيڪا ٻئي ۾ سوراخ ڪري، ديد ته اها آهي جيڪا پاڻ ۾ ڇيد ڪرڻ لاءِ”برما“ کڻي گهمندي رهي. جڏهن پاڻ کي ڏسي وٺندين ته سوال سمجهه ۾ ايندئي. جڏهن سوال سمجهه ۾ ايندئي ته جواب هڪڙي صورت وٺندو ۽ جڏهن جواب جي صورت نظر اچي وڃي ته پوءِ سوال پڇڻ...ناداني ناهي ته ٻيو ڇاهي؟ اهو ته ائين آهي، جيئن اسين ڪنهن سان ملڻ مهل چئون ”توهان اچي ويا آهيو؟“ اڙي بابا سائين، آيو ناهي ته سامهون ڪيئن بيٺو آهي؟ ۽ هڪڙي ٻي ڳالهه...سوالن جي بي وزنيءَ ۾ جملي جي آخر ۾ ”نه“ ضرور ايندو اٿو. اهو ”نه“ جو استعمال ڳالهه کي شرڙ ورڙ ڪري ڇڏيندو آهي...جيڪو به، پنهنجي سوال جي انت ۾”نه“ کي ڳنڍي...معنيٰ بي وزن آهي. جواب جو ”اڌ“ ڄاڻي ٿو. ”اڌ سوال“ کي پڇي، سوال جي قد کي ڪيرائي ٿو.“ الاءِ ڇا پئي ٿيو. ان جي خبر نه پئي پي. بس، سڄاڻ جي دروازي مان، يقين جو اندازو ٿي رهيو هو.

    ”جڏهن مان به اوهان وانگر، ڪنهن جاکوڙ ۾ هوندو هئس نه ابا...ته ائين سوالن جي ڀري ٻڌي هلندو هوس، هڪ واري مون کي مرشد سمجهايو ته ڌڻي مهربان ٿئي ته سوال جو دروازو گهٽ کلندو آهي...هنن ٻڌايو هو ته جي ڀلا ڪنهن شئي جي کوٽ هجي ۽ دست سوال دراز ڪرڻو هجي ته مالڪ کوٽ محسوس ئي نه ڪرڻ ڏئي ته سوال ڪٿان ٿيندو؟ مثال طور...جي بک ئي نه لڳي ته مانيءَ لاءِ لٺ هڻبي ڇا؟ اتي مون سوال ڪيو هو ته ”سائين....ان ۾ ته نقصان ٿي ويندو، جي مانيءَ لاءِ بک ختم ٿي وڃي، ته ماڻهو ته ڪمزورٿي ويندو...ته ٺهه پهه هنن وراڻيو هو ته باقي طاقت ڪٿان ٿي اچي؟ تون ڇا ٿو سمجهين ته توکي طاقت اهو کاڌو ٿوڏئي؟ يا شفا اها دوا ٿي ڏئي، يا اهو عقل ڪا معجون ٿي ڏئي؟ سڀ”هن“ وٽان اچي ٿو ڀوڪ...ها....اهو به چئي سگهجي ٿو ته هو توکي علم جي اڪير ڏئي ۽ تون ڪجهه اڻ ڄاتل ڄاڻين يا ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪرين پوءِ سوال ڪمال آهي، ڄڻ سوني زنجيريءَ ۾ ويڙهيل هجي...“ سائينءَ جي ڳالهه ٺپ ٺاري ڇڏيا عزيزانِ من...پڇ پڇان جي هن جهان ۾ لڳو ته الاءِ ڪيترا تهه آهن، جيڪي تهه در تهه آهن. اسين ته ٿورو ڪجهه ڄاڻون ٿا ته کڳيون هڻڻ ٿا شروع ڪيون، اسان جي ته”بساط“ به ڪجهه ناهي. ”پوڙئي“ کي پنهنجي خبر پئي ئي ڪٿي ٿي.

    ”خواب نگر“ جي هن موڙ تي، اوهان جي ٿورن مڃڻ لاءِ، ڪهڙو اظهار ڪتب آڻجي، پهرين هڪ سو ڪالمن جي مجموعي کي اوهان جيڪا پزيرائي عنايت ڪئي آهي، ان لاءِ هي فقير، اوهان جو ازحد ٿورائتو آهي، توهان جو قرب ۽ احسان، حسين آهن، باقي پنهنجي ڪرت ۽هنر بابت ته اندازو ٿئي ئي ٿو...بس...جتي جواب جي خبر آهي اتي پنهنجو پاڻ کان ڪهڙو سوال ڪجي؟ هڪ ڏاهي ڪتاب تي راءِ ڏيندي فرمايو”ٻڌين گهڻو ٿو تون...ڳالهائين گهٽ ٿو....شايد ان ڪري تنهنجو مشاهدو وسيع ٿيندو ٿو وڃي...“ اتي، مرشد سائينءَ جي هڪ سٽ ڏاڍي ناز مان نهاريندي چئي ”ٻه ڪن ته هوندا ئي آهن ابا...پر هوندا آهن جڳ کي سڻڻ لاءِ، پنهنجو پاڻ کي ڪنائڻ لاءِ ته ٽيون ڪن گهرجي ٿو...جيڪو سدائين بند هوندو آهي، جي اهو کلي پوي ته سمجهه ته پنئون به ڇڪو ٿئي...“

    ٽئين ڪن جي د عويٰ نه ٿي ڪري سگهجي...معزز خواتين و حضرات...رڳو هي ٻه ڪن به ٺيڪ ٻڌن، ته سوال جواب جو ميدان درست ٿي سگهي ٿو. ڪهڙا سوال ڪجن ۽ ڪنهن کان جواب ٻڌجي جڏهن پنهنجو پاڻ ئي ڪا ورندي نٿو ڏئي...پنهنجي اصلي سماعت کي ئي اسين ميڻ سان ڀري ٿا ڇڏيون...آواز جي اچڻ جي جاءِ ئي نٿا ڇڏيون ته باقي ڪهڙا اڪ ڪارا ڪجن...

    وري ڪلڪيوليٽر هٿن ۾ آهي...گهٽ ۾ گهٽ خواب نگر لاءِ ته هيءُ هڪ اهم موڙ آهي...حياتيءَ ساٿ ڏنو ته اهو ڪلڪيوليٽر گهٽ ۾ گهٽ مان ته هٿان نٿو ڇڏي سگهان...گهڻو ڪجهه وڃايون پيا، جي اها ڳڻپ به وڃائجي وئي ته ڪيڏانهن وينداسين؟ اڄوڪي هن موڙ تي اشفاق صاحب واري دعا وري ورجائڻ گهران ٿو...”الله پاڪ اوهان سڀني کي سولائيون ورهائڻ جي توفيق عطا ڪري...آمين“

    mehmoodmughal@hotmail.com
     
  12. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم محمود مغل جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    جيب خرچي!




    آچر 3 فيبرور ي 2008ع



    ننڍيون ننڍيون ڳالهيون به ڪمال هونديون آهن. عام زندگيءَ ۾ عزيزانِ من، اسين انهن کي ”ننڍيون“ سڏيندا آهيون، ڇاڪاڻ ته اسان جي اک انهن تي ”ٻُڏندي“ ناهي اسين، انهن کي ڪنهن به”خاطر“ ۾ نه آڻيندا آهيون انهن جو ڪو لحاظ نه هوندو آهي...هلو ڀلا ائين کڻي چئجي ته انهن ۾ اسان کي ڪو احساس ئي ڪو نه ٿيندو آهي.

    احساس جي ”محتاجيءَ“ لاءِ وري معزز خواتين و حضرات اسين وري ڪنهن ”وڏي ڳالهه“ جا منتظر هوندا آهيون. مطلب ڪجهه وڏو ٿئي...ڇا وڏو ٿئي؟...جيڪو وڏو ٿيندو، سو دراصل انهن ننڍڙين ننڍڙين ڳالهين جو مجموعو ئي ته هوندو...ٻيو وري ڇا هوندو...؟ جي اسان کي پسند اچي ويو ته اسين ان کي ”خوشي“ سڏينداسين ۽ جي نه پسند آيو ته ان کي ”ڏک“ جو نالو ڏنو ويندو...ها...ڪڏهن ڪڏهن حياتيءَ ۾ ائين به ٿيندو آهي، جو هڪڙي جو غم، ٻئي لاءِ وري خوشيءَ جو درجو رکندو آهي. مثال طور ٿي سگهي ٿو ڪو اهڙو وجود هجي، جنهن جو ساٿ اوهان کي ناگوار لڳندو هجي ۽ اوهان لاءِ هو يا هوءَ ”ٽريا“ ڀلا آهن...پر ائين به ته ٿي سگهي ٿو ته هنن جو نه هجڻ، ڪنهن ٻئي لاءِ ڏک جي لهر بڻيل هجي. بهرحال غم ۽ خوشيءَ جي انهن ”جهٽڪن“ کي اسين وڏي ڳالهه سمجهندا آهيون ۽ موقعي جي مناسبت سان، انهن جي رد عمل جي تياري ڪندا آهيون...هاڻي ان سڄي ”پس منظر“ ۾ ننڍڙي ڳالهه، الاءِ ڪٿي رهجي ويندي آهي. ڪڏنهن ڪڏنهن اوچتو ياد اچي وڃي ته به ”خير“ آهي، نه ته گهڻو ڪري ته وساريل ئي هوندي آهي. عرض ڪيم نه....اسان جو ”ڌيان“ ئي نه هوندو آهي.

    زندگي به عجيب آهي عزيزانِ من....پنهنجي ٽنهي حصن ۾ هو عجيب محتاجيون ساڻ رکي ٿي...جي ڏسجي ”ننڍپڻ“ ته ان ۾ مائٽن جي محتاجي...مطلب اهي ڪجهه ڪندا ته اولاد جي ايندڙ ڏينهن جي سرخوشيءَ جو بندوبست ٿي سگهندو. ڌرتي تي ڌريل پهرين ”پٻن“ کان وٺي، نوجوانيءَ جي مضبوط وکن تائين، ڇا ناهي، جنهن لاءِ مائٽ جي ضرورت ناهي...علم، اسڪول، دوست، لٽو ڪپڙو، پاڪٽ مني، يعني مهيني جو هڪڙو مستقل ”امائونٽ“ يا رقم...هر شئي لاءِ انهن ڏي نهارڻو ته پوندو ئي پوندو...هتي هٿ ٻڌي معذرت ڪرڻ ٿو گهران ته متان ”محتاجي“ لفظ پسند نه اچي...سکيا ستابا مائٽ متان ان ڳالهه کي دل ۾ ڪن، ته اسان جو اولاد آهي...اسان تي حق اٿس...اها محتاجي ته ڪانهي...ته اهو به سچ آهي پر جي ٿورو رڪارڊ جو ٻيو پاسو وڄائي ڏسجي ته ضرورت مطابق يا وري ا جايو سجايو به ”گهرڻ“ کي ڇا ٿو چئي سگهجي؟

    مٿان وري جي خيرن سان اچي ٿي جواني، ته ان ۾ وري مسئلا ئي ٻيا آهن...عمر، نازنخرا ڪري ٿي، گلن ۾ ٻور اچي ٿو، اٿڻ ويهڻ، لٽو ڪپڙو، ويلنٽائينز...هاڻي اتي يقينن ”جيب خرچ“ يعني پاڪٽ مني به وڌي ملندي آهي...اها ئي عمر هوندي آهي، جڏهن عشق جو آسيب سر چڙهي سگهي ٿو...جذبن جي طلب وري ٻيو رنگ کڻائي ٿي...جذبا، جيڪي ڪڏهن ڪڏهن ”مايا“ به گهرندا آهن. ٿورو مال هجي ته هن دنيا جو ”محبوب“ به راضي ٿي سگهي ٿو، هر هنڌ نه ته ڪٿي ڪٿي ته ضرور ٿئي ٿو قبلا...۽ مٿان وري جي خيرن سان اچي ٿي ”نه ويندڙ پيري“...ته ”نه ترسندڙ جوانيءَ“ جي ڪئي ڪمائي سامهون هوندي آهي...پهرين اڌڙوٽ...پوءِ پيرسن، هاڻي جي رٽائرمينٽ ٿي وئي ته الا الا خير سلا...اهو ئي گهر...اهي ئي پوٽا پوٽيون، ڏهٽا ڏهٽيون، اها ئي اخبار يا ڪو پراڻو رسالو...ٻارن جو اسڪول ڇڏڻ وٺڻ، ڀاڄيءَ جي ڇٻي هٿ ۾...۽ دنيا کي ڏيکارڻ لاءِ اهو مضبوط جملو ”اسين روز تازي ڀاڄي کائڻ گهرندا آهيون...واڪ جو واڪ به ٿي وڃي ٿو ۽ شئي به تازي ۽ سٺي ملي وڃي ٿي...“ هلو سائين...ٿي ويا ست خير...گهر جي گاڏي هلائڻ ۾، هاڻي نوجوان اولاد مدد ڪري ٿو، هڪڙو مخصوص مقدار پئسي جو هن وٽان به اچي ٿو. گهر جو چرخو حياتين لاءِ ڏينهن رات ”ڪتڻ“ شروع ڪري ٿو. ٻيو سڀ خير آهي...عرض ڪيوسين جيئن پهرين...اهي سڀ وڏيون ڳالهيون آهن...ڇاڪاڻ ته اهي حياتيءَ ۾ نظر اچن ٿيون. سڀ حياتيون ائين به نه هونديون...ائين ئي جيئن پنج ئي آڱريون هڪجهڙيون نه هونديون آهن، پر بهرحال ”عام رواجي“ حياتي ته ائين ئي آهي عزيزانِ من...

    هاڻي، انهن ٽنهي ”دورن“ ۾ پورت ڪيئن ٿئي ٿي، اهو ته بس مٺڙو مالڪ ئي ڄاڻي سگهي ٿو، ننڍپڻ جي ”ٽڪي ٽڪي“ يا هاڻي ”ٽين روپيز“ جي خرچيءَ کان وٺي، ڪاليج جي زماني جي يا يونيورسٽي جي زماني جي گهٽ ۾ گهٽ پنج سئو روپيا مهينو جي حد...ڪيئن مڪمل ٿئي ٿي اهو ته رب ڄاڻي....مائٽ مٺڙا، ”ڪوئي ڪسوئي“ اولاد جي پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن...تان جو اولاد صاحبِ حيثيت ٿيڻ جي ڊوڙ ۾ شامل ٿي ويندو آهي...هاڻي اهو سڀ اتي به ختم ناهي ٿيندو. مضبوط سوچ، ارادي ۽ جسم وارا مائٽ، پنهنجي حياتيءَ جي آخري سرحد تائين، اولاد کي ڏيڻ ئي چاهيندا آهن...”وٺڻ“ ناهن گهرندا. پر بهرحال ائين به ته ٿئي ٿو ته اولاد سرنديءَ وارو ٿئي ته ڪمائي مائٽن جي پيرن ۾ اچي رکي ته ”سائين...هيءُ حال آهي، اوهان جي حوالي آهي..“

    اهو سڀ ائين به ٿئي ٿو عزيزانِ من....الله پاڪ جا شڪر آهن ته اسان وٽ اڃان اهڙو اولاد آهي، جيڪو مائٽ وٽ پنهنجي ميڙي پونجي آڻي پيش ڪري ٿو ته جيئن وڻين تيئن خرچ ڪن. هاڻي اولاد جو اهو ”صالح پڻ“ هن دور ۾ تمام ”وڏي ڳالهه“ آهي، پر وري به موٽي اچون ٿا، هڪ تمام ننڍڙيءَ ڳالهه تي، ته اهو سڄو حساب ڪتاب هنن جي جهوليءَ ۾ وجهندي، اوهان کين پنهنجي ذات لاءِ ڪيترو ڏنو؟ مثال طور ڏهه هزار پگهار آهي...ٻه توهان پاڻ لاءِ رکيا، اٺ سندن خدمتن ۾ پيش ڪيا...پر انهن اٺن مان ڇا هڪڙو سئو رپين جو، خصيص هڪ سئو رپيا به ڇا هنن جا ذاتي آهن؟ ڇا اهي وجود، جن سڄي عمر ان گهر کي ٺاهڻ ۾ صرف ڪئي، جن پنهنجو پاڻ لاءِ ڪجهه نه سوچيو، هاڻي اوهان جي ڏنل رقم مان پنهنجي لاءِ ڪجهه کڻندا؟ هلو ڀلا...اهو کڻي مڃجي ٿو ته هو پنهنجيءَ ذات لاءِ نه ٿا سوچين، پر ڇا اوهان هنن لاءِ ”جيب خرچ“ جي سوچ ڪئي...؟ کين الڳ ڪجهه ڏنو، جيڪو سندن ذاتي هجي، نجو پجو...کرو ۽ اصلي؟

    ان ننڍي ڳالهه جو هڪڙو ”رُخ“ ٻيو به آهي...ڪٿي ڪٿي ائين به ٿئي ٿو ته مائٽ، اولاد جي ڪمائيءَ ۾ اک وجهي ٿو ويهي...جيڪو آيو سو قبضي ۾ ڪري ٿو، جيڪو پڻ هڪ خطرناڪ عمل آهي...ان کان جيترو پاسو ڪجي اوترو بهتر آهي...۽ پئسن جو ڏيتي ليتي ۾ هڪڙو فعل ٻيو به ”هاڃيڪار“ آهي، جيڪو ننڍپڻ کان وٺي، جوانيءَ تائين، پنهنجي اولاد کي گهٽ يا ”اجائي وڌيڪ“ خرچي ڏيڻ آهي...بنهه گهٽ ڏيڻ سان، جنهن سان سندس پورت نه پئي ۽ تمام وڌيڪ ڏيڻ سان، جنهن سان سندس حياتي ان دور ۾ ئي ”عيش عشرت“ بڻجي، زندگيءَ جي ايندڙ دور کي عذابناڪ بڻائي سگهن ٿا. گهٽ خرچي ملندڙ ٻار، سدائين منفي سوچي ٿو، ٻين ڏانهن نهاريندو رهي ٿو ۽ حسد جي لهر سندس اندر ۾ جنم وٺي ٿي. مٿان وري وڌيڪ رقم ملندڙ ”صاحب“ لاءِ ته دنيا ته ڄڻ ”ٿُڏن“ ۾ هوندي آهي. تان جو هڪڙي ڏينهن، وقت کيس پاڻ ٿڏو هڻندو آهي. معنيٰ ڳالهه اها ئي وڃي بيٺي ته توازن بنهه ضرور آهي، اهو توازن، جيڪو احساس سان حاصل ٿئي ٿو، اهو احساس جيڪو دراصل ننڍڙيءَ ڳالهه کي به محسوس ڪري وٺي ٿو.

    چاچا عبدالڪريم مرحوم الله پاڪ کين جنت نصيب ڪري آمين...حيدرآباد جي ڪورٽ ۾ اوٿ ڪمشنر هوندا هئا، عريضي نويس...مختلف ڪاغذ ٽائيپ ڪندا هئا...حياتي هڪڙو عجيب معمول ساڻ رکندي هئي. صبح جو ستين بجي، ڪلهي تي ڪپڙي جو ٿيلهو لٽڪايل چاچا سائين، بس جو منتظر نظر ايندو هو. اهو ٿيلهو، جنهن ۾ سندس ننڍڙي آفيس جون چاٻيون، ٽفن باڪس هوندا هئا. علي الصبح اٺين بجي، پاڻ پنهنجي ”چيمبر“ ۾ پهچي ويندو هو. سڄو ڏينهن ڪم کان پوءِ، شام جو واپسيءَ جي هڪ مخصوص گهڙي، سڀني جي واچن تي منتظر هوندي هئي. ان عظيم والد جو اهو سلسلو، سندس وفات جي هڪ هفتي اڳ تائين هليو. هاڻي اهو سڀ هو ڪنهن بنهه مجبوري ۾ ڪو نه ڪندو هو. دنيا جي حوالي سان سندس اولاد اهم مسندن تي ويٺو، هڪڙو ڊائريڪٽر، ٻيو انڪم ٽيڪس ۾ ونگ آفيسر، ٽيون علم و ادب جو ماهر...ڪا به کوٽ حياتيءَ ۾ ڪا نه هئي، پر سندن هڪڙو جملو، ساهه سيباڻو لڳندو آهي...چيائون ”خرچي ڏيڻ جو پنهنجو مزو آهي ابا...دعا ڪجو ڏيندڙ هجان...بس ڏيندو ئي رهان.“ اهڙن املهه وجودن جي پيرن تي هن خاڪسار جا هٿ به رهيا آهن...جن کي ڏيڻ جي خبر آهي ۽ وٺڻ جو به پتو رکن ٿا...حياتيءَ جي ڪار وهنوار ۾ اهو سڀ سمجهه ۾ اچي وڃي ته ڪمال آهي خواتين و حضرات...

    خواب نگر جي هن موڙ تي وڏين ڳالهين مان، هڪڙي ننڍڙي ڳالهه، تمام تر هُجتن سان اوهان کي عرض آهي...مڃجي ٿو ته اوهان پنهنجي والدين لاءِ سڀ ڪجهه ٿا ڪيو. مڃجي ٿو ته هنن جي هر ضرورت جي اوهان کي خبر آهي...اهو به مڃون ٿا ته اوهان جي ٻارن ان ڳالهه جو شدتن سان خيال رکجي ٿو ته هنن جي هر ڪا ضرورت، سندن چوڻ آکڻ کان پهرين پوري ٿي وڃي ۽ مائناتا سائين/ سانئڻ اهو به سچ ته اوهان ته سڀ ڪجهه هنن کي ڏئي، هنن کان پنهنجي لاءِ خرچ وٺو ٿا ته اچو ته ان اسٽائل کي ٿورو تبديل ٿا ڪريون...فيبروري ٻه هزار اٺ اچي وئي آهي...جيڪي نوڪريون ڪن ٿا، انهن ته پگهار کائي کپائي به ڇڏي هوندي، هلو، هڪ مهيني جو خير آهي. ايندڙ مهيني، اها سڄي رقم، جيڪا اوهان هنن جي خدمتن ۾ پيش ڪندا آهيو، ان رقم مان، هنن جي ”جيب خرچي“...کيسي جو خرچ الڳ ڪڍو، سندن گوڏن ڀر ويهي عرض ڪيو، ”قبلا...هن ڀيري پئسن ۾ ڪجهه گهٽتائي آهي، اڳي اٺ هزار ڏيندو هوم هاڻي ست آهن...الله ڪندو ته جلد ئي اهي وري اٺ ٿي ويندا. هي پنج سئو رپيا اوهان جا ذاتي آهن...اهي قبول ڪيو...هاڻي لک انڪار ٿيندا خواتين و حضرات...سئو سوال ٿيندا...”مان ڇا ڪندم؟“ جهڙا پنجويهه جملا ٻڌندئو...پر اهي سڀ درگذر ڪرڻا آهن ۽ ها، جي والد والده ٻئي خيرن سان موجود آهن ته هر ڪنهن کي الڳ الڳ رقم پيش ڪبي ۽ الڳ الڳ عرض ڪبو...ڇاڪاڻ ته هڪڙي کي ئي ٻنهي لاءِ چوندئو ته به ڪو کڙتيل ڪو نه نڪرندو...لڳائيندا ڏسجو، وري به اهو سڀ هو گهر ۾، پر اها موڙي هنن جي آهي...نجي...ذاتي...اها انهن جو حق آهي، انهن کي ضرور ملڻ گهرجي. الاءِ ڇاڇا سوچيو هو عزيزانِ من...۽ الاءِ ڇا ڪاغذ تي لٿو آهي...پر شدت سان احساس ٿئي ٿو ته هٿين خالي هجڻ به ڇا ته ڪيفيت آهي...امان بابا آهن ڪو نه...اهو مزو مان نه ٿو ماڻي سگهان. اوهان وٽ آهن ته دير نه ڪيو ۽ پنهنجو کيسو ڀري وٺو. هنن جي کيسي جو ماهوار خرچ جاري ڪندئو نه....ته پروردگار اوهان جي خرچي به وڌائي ڇڏيندو.

    mehmoodmughal@hotmail.com
     
  13. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم محمود مغل جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    ڀيٽا




    آچر 10 فيبرور ي 2008ع



    معزز خواتين و حضرات....خواب نگر تي اوهان جي عنايت ڪمال رهي آهي. ڪوشش هاڻ اها به آهي ته ڪاروهنوار مٽيل هجي. پر ڪجهه ڏهاڙا اهڙا ايندا آهن، جو ڪنڌ ڪڍائڻ لاءِ دل نه چوندي آهي. ڪجهه هستيون اهڙيون هونديون آهن، جن کي ڀيٽا ڏيڻ لازم هوندو آهي. هي ”وارتا“ ذاتي آهي سو لفظ اڄ ترتيب ۾ نه هوندا....ايترو بهرحال دل سمجهي ٿي ته، ”ماءُ“ ذاتي نه هوندي آهي. ماءُ ته بس ماءُ هوندي آهي. آتم ڪٿا جو هڪ باب اوهان تائين پهچايان پيو ٿو. ذاتي هجت لاءِ، جي قبول نه پوي ته درگذر جو دامن کليو رکجو. اوهان جو ڪرم ٿيندو.

    جدائيءَ کي تيرنهن سال به ٿي ويا امان...

    وقت بي مهر ٿئي ٿو، مهر جي ڪا به مهر هن وٽ ناهي. ڪنهن به گهڙيءَ ڪا به خبر نه ٿي پوي ته ڪهڙو پل جٽاءُ ڪندو ۽ ڪهڙو وگهري ويندو. جٽاءُ ته وقت کي خير آهي ڪو نه، پر اهي لمحا، جيڪي ”فريز“ ٿي ويندا آهن، ڪنهن ٽيپ تي، ڪنهن ڪاغذ تي، ڪو عڪس، ڪو پاڇي، ڪو حرڪت ڪندڙ پر روڪيل لمحو. ته اسين ان کي ياد جي دريءَ جي فريم ۾ جڪڙي ڇڏيندا آهيون. گهرن ۾ ”فوٽو آلبمز“ (Photo Albums) جا ڍڳ هوندا آهن. سرنديءَ وارن وٽ وري ٽيپس تي رڪارڊ رکيل هوندو آهي...ويل ويل روائينڊ ٿيندي آهي، کسڪيل وقت جي ڪا مرڪ وري موٽي ايندي آهي.

    ڪيڏو نه خوف ٿيندو منهنجي جدائيءَ جو ”جيڪڏهن خدانخواسته وڇڙي وڃي امان...ته منهنجو ڇا ٿيندو؟“ اهو سوال ڏينهن ۾ الاءِ ڪيترا ڀيرا هٿ جهليندو هو. وري جوانيءَ جي چيڳرائپ ۾ ڪنڌ جو ”ڌڻڪو“ هوندو هو ته خير آهي. ”الله پاڪ وڏي ڄمار ڏيندس، رب اهڙو ڏينهن نه ڏيکاريندو.“ ۽ انهن ڏينهن ۾ امان سچ به ته اهو هوندو هو ته زندگيءَ ۽ موت جي ڪا گهڻي خبر ڪو نه هوندي هئي. حياتي، ڪيترو بار مٿان وجهي سگهي ٿي ۽ ڪيترو ماڻهو سهي سگهي ٿو، ان جو ڪو به اندازو ڪو نه هوندو هو. بي فڪرا لمحا، سيٽيون وڄائيندا، دل جي ڳلين ۾ روان دوان هوندا هئا. اک اٽڪندي هئي ته خبر پوندي هئي ته ڪو ”فل اسٽاپ“ به آيو آهي.

    ”ڪارو ٿئي منهن کوٻلا...تون ڪو نه سڌرندي...هونئن اهو ڪانئون نمبر عشق آهي تنهنجو؟“ هٿ ۾ جتيءَ جو پادر کڻي، هڻڻ کان پهرين تون هڪ وارو وري پڇا ڪندي هئين. تنهن زماني ۾، نڪ جي پڪائي ڪمال هوندي هئي...ڏاڍو لاڏ ڪوڏ سان نمبر ٻڌايو ويندو هو ۽ ڪجهه دير لاءِ، اهي ڪمزور هٿ پٺيءَ تي هلڪو ”ڪٽڪو“ ڪندا هئا. منهنجي جهڪيل ڪنڌ ۾ تنهنجي وجود جي عجيب خوشبوءِ اچي ويندي هئي، امان...ٻه ٽي ڌڪ کائي، ڪنڌ کڻي پڇندو هوس ”پوءِ؟“

    ”پوءِ ڇا؟“ مرڪ کي ڪمال ڪنٽرول ڪندي هئينءَ تون...

    ”پوءِ آهي ڪو آسرو...يا موالي وڃن؟“

    ”نڀاڳا...تو لاءِ گهڻن ماڻهن وٽ وينديس مان...؟ ڪنهن هڪ تي ته ٽڪي تون به نه ٿو بيهين...“ وري اهو موچڙو هوندو هو...ياد ٿو اچي ٻه ٽي ڌڪ کائي چوندس هوس ”مشڪري ٿو ڪيان يار....واندو آهيان، ڇا جو ايترا عشق ڪندو وتان..“ ۽ انهن ئي گهڙين ۾ تون هٿ مضبوطيءَ سان جهلي چوندي هئين، ”مشڪري ڀلي ڪري ابا...ڪوڙ نه ڪر...۽ ها پرائي عزت جو خيال پنهنجيءَ عزت کان سدائين مٿانهون رکجانءِ.“

    مرڪندڙ مهڪندڙ لمحا سڀ خواب ٿي ويا امڙ...اها مشڪري، کل ڀوڳ، ڪوڙ پچاڻيون....سڀ هوائن ۾ الاءِ ڪيڏانهن هليا ويا...اجگر جيڏيءَ جدائيءَ کي نيٺ به ته در جي ڏيڍي ٽپڻي هئي...

    گامون سچار جي دعويٰ مون وٽ ناهي جيجل...پر لڳيم ٿو ته هاڻي ڪوڙ جي سرحد ڏاڍي ڪمزور آهي مون وٽ....مٿان وري ان ليول جو مذاق سمجهڻ وارو به هاڻي شايد ڪوئي ناهي. اکين ۾ عڪس به نه ٿا ٺهن. تو ڪو اهڙو عڪس ڇڏيو جو جاءِ خالي ئي نه ٿي لڳي. لڳيم ٿو، جيڪو عشق توسان ٿيو، اهڙو ته ڪڏهن ٿي ڪو نه سگهيو...هاڻي جڏهن تون ناهين ته الاءِ ڪيترا سوال آهن، جيڪي بار بار ڄڻ سيني کي ڇلڪائين ٿا. هاڻي اکين ۾ آب نه ٿو اچي آئي...هاڻي سنئون سڌو سينو ڀرجي ٿو. اندر ئي اندر ۾ الاءِ ڪيترا ڳوڙها هوندا آهن، جيڪي دل جو دامن ”تر“ ڪندا رهندا آهن. عمر وڌي ٿي ته اڪيلائپ به هٿ جهلي ٿي. جيڏا، هڪ جيڏا به رخصت ٿين ٿا، پنهنجي ”بر“ ميچڻ لاءِ ڪو نه ملي ته ڳوڙهن ۾ ۽ فضول پاڻيءَ ۾ ڪو خاص فرق نه ٿو رهي. اهو ئي سبب آهي شايد جو سيني ۾ ”گُهٽ ٻُوسٽ“ وڌندي رهي ٿي. سوال، جواب طلبين ٿا، پر اهو ڪير ڏئي؟ ماءُ جهڙن ذهين وجود ڪٿان اچي؟

    الاءِ ڇا ڇا پڇڻو آهي، الاءِ ڇا ٻڌائڻو آهي امڙ...پڇڻو ته اهو به آهي ته اهو سڄو هنر مائرن کي ڪٿان ٿو اچي وڃي، جو هو سڀ ڏک سور، هڪ لحظي ۾ ميڙي وٺنديون آهن. اولاد جو نگاهه جي ”تروري“ جيتري به خبر کين ڪٿان ٿي پئجي وڃي؟ پنهنجي اندر ۾ ايتري آسيس ۽ گرمي، هنن ۾ ڪير منتقل ڪندو آهي جو سڄي جهان جي سردي، ان هلڪي لوئي اوڙهيل، سنهي نٻل وجود جي ڀاڪر کان لهرائي ٿي؟ ماڻهن جا مهڻا، حياتيءَ جون ناڪاميون، ڪاميابين جي سرخوشي، اهي سڀ تنهنجي ”ڪڇ“ ۾ اڇلائڻ کان پوءِ ايڏي فراغت جو احساس ائين ڪيئن ٿو جڪڙي وٺي؟ ڪمال آهي...نج پج ڪمال آهي امان...ڇيڻا ميڙيندڙ ”جهونيءَ“ کان وٺي، هاءِ فاءِ ”مام“ جي ڇهاءَ ۾ اهو هنر ڌڻي ڪهڙي نه ڪمال سان منتقل ٿو ڪري جيجان...هاڻي اتي ئي جيڪڏهن انهن سوالن جو جواب ملي ويو ته وري به هڪڙو سوال اهم آهي...ماءُ...ڪير سڏائي؟

    جڏهن پئسا گهٽ هوندا هئا نه امان...۽ حياتيءَ جي ورقن کي آهستي آهستي ورڻو هوندو هو ته تنهنجي پرورش ڪمال هوندي هئي. ڪڏهن به زندگيءَ ۾ اهو احساس ڪو نه ٿيو ته ”ڪو گهڻو“ پاڻ وٽ ناهي. ٻين ٻارن جي ڀيٽ ۾ ڪنهن به ”ڪامپليڪس“ کان بچائڻ جي لاءِ تون هر حيلو وسيلو ڪتب آڻيندي هئين. وي سي رکڻ...پئسا پاسيرا ڪرڻ، خرچيءَ جو وقت مقرر ڪرڻ ۽ ٻين جي مال کي نه ”تاڙڻ“ جا سبق سيکارڻ...اهو سڀ توکي ازبر هوندو هو. تنهن زماني ۾، يعني ستر جي ڏهاڪي ۾، هڪڙو پيٽيس ويهن پئسن ۾ ملندو هو ۽ سموسو ٻارنهن پيسن ۾...ٻارنهن پئسا يعني ٻه آنا...سڪا تنهن زماني ۾ پنج پئسا، ڏهه پئسا، چار آني ۽ آڌي هوندا هئا ۽ تنهن کان سواءِ پايون به هونديون هيون. چلڪڻا خوبصورت سڪا، تون الاءِ ڪٿان هٿ ڪندي هئينءَ....رسيس جي گهنٽي وڳي ناهي ۽ مان ڪينٽين ڏانهن ڀڳو ناهيان. رڙ پئي پوندي هئم، ”ايڪ سموسا، دو پيٽيز“ مون کي ڏسڻ ساڻ ئي ڪينٽين تي ڪم ڪندڙ سينئر ڇوڪرا مرڪي پوندا هئا. پوءِ وقت گذرڻ ساڻ خبر پئي ته هنن منهجو نالو ئي ”ايڪ سموسا دو پيٽيز“ رکي ڇڏيو هو. ڏکايل دل سان تو وٽ آيو هوس ۽ چيو هئم، ”اهو سڀ مٽاءِ امان....يا ته خرچي مٽاءِ يا وري مان ان ڪينٽين تي نه ويندس.“ ۽ ياد اچي ٿو، تو هٿ جهلي ڀر ۾ ويهاريندي چيو هو، ”اهڙيون گهڻيون خرچيون مٽائيندين ۽ اهڙا گهڻا طعنا تنهنجيءَ راهه ۾ روڪ ڪندا رهندا...؟

    گمان ٿئي ٿو ته اها حياتيءَ جي پهرين ڀرپور سمجهاڻي هئي، جنهن اهي سڀ دڳ ڏيکاري ڇڏيا ته حياتيءَ جي ايندڙ ”گهاون“ ۾ ڇا ڇا پلئه پئجي سگهي ٿو. مون کي نه ٿو لڳي ته ان سمجهاڻيءَ کان پوءِ، مان ڪڏهن ڪنهن اهڙي ڳالهه تي پريشان ٿيو هجان. زماني جي ٽوڪن، چٿرن ۽ کل کي، تنهنجن ڪجهه لمحن عجيب ڍال ڏئي ڇڏي. اڄ ايڏو عرصو گذرڻ کان پوءِ جڏهن اهو سڀ سوچيان ٿو ته حيرت ٿئي ٿي. هڪڙي ننڍڙي ڳالهه، ڪيئن حياتي مٽائي ٿي. اهڙيون الائي ڪيتريون ڳالهيون، زندگيءَ ۾ هم رڪاب رهيون امان...چئي نه ٿو سگهان ته هن دور جي امڙ به اهڙي آهي الاءِ نه...پر بهرحال ان دور ۾ جيڪي ڪجهه هوندو هو سو ته عجيب ئي هوندو هو...تن ڏينهن ۾، اسان ڪو خاص ڏينهن ڪنهن به نسبت سان نه ملهائيندا هئاسين. ياد اچي ٿو ته خالي مزدورن جو عالمي ڏينهن، پهرين مئي تي ملهايو ويندو ۽ ٻيو ٿيو خير...هي مٽن مائٽن، دوستن دشمنن جا ڏينهن ته اسان هاڻي ملهائڻ شروع ڪيا آهن. اهو ويلنٽائن پهرين الاءِ ڪٿي لڪل هو. تنهن زماني ۾ دل چوندي هئي ته ڪو ڏينهن ضرور ملهائجي. اهو سوچي هڪ واري توکي عرض ڪيو هئم، ”سال جو پهريون ڏينهن تنهنجي نالي ڪريان؟“

    تون کل ۾ ٻٽجي وئي هئينءَ. ننڍڙي هوندي، منهنجي عادت هوندي هئي، مان ڪپڙا ڏاڍا ”ماڊرن“ پائيندو هوس. پوءِ جيڪڏهن سلايون ڪڙهايون خرچ کان چڙهي وينديون هيون ته لنڊي بازار مان ڪپڙا وٺي، پنهنجي مرضي سان ڪٽنگ ڪندو هوس ۽ ڀاڄايون ويچاريون سبي ڏينديون هيون. منهنجي ان ”ماڊرن ازم“ جي توکي وڏي خبر هئي. منهنجي هن جملي تي به تو کل پوري ڪري چيو هو، ”وري ڪو ماڊرن ريچڪ“ چڙهيو ٿئي ڇا؟ ”نه نه...جهوني بس ائين ئي، تنهنجي جنم جي ڏينهن جي خبر ناهي. سالگره تون ملهائين ڪو نه. هي فقير سوچي پيو ته پنهنجيءَ مرضيءَ سان، ڪو هڪڙو ڏينهن مقرر ڪري، توکي ”آنر“ پيش ڪجي.“ الاءِ ڪهڙي ساعت هئي، تو چيو هو...”ڄمڻ جي تاريخ جي خبر نه ٿئي ته وڇوڙي جي ته پئجي ئي ويندي نه ابا...“

    جملو تنهنجي واتان نڪري ويو هو ۽ مان سڏڪن ۾ پئجي ويو هوس. الاءِ ڪيتريون منٿون ڪري، معافيون وٺي مون کي مڃايو هو...پر اهو آواز ۽ اهو جملو ته بس اندر ۾ کپي ويو هو. الاءِ ڪيترن ڏينهن کان پوءِ توسان پرچيو ته هئس، پر الاءِ ڇو اکين ۾ آلاڻ رهڻ لڳي هئي. جيتوڻيڪ تنهنجو وڇوڙو ان جملي جي ادائگي کان تقريبن ارڙنهن سال کن پوءِ ٿيو پر اهي ارڙنهن ئي سال الاءِ ڇا ڇا توکي چوڻ لاءِ مان سوچيندو رهيس. الاءِ چئي سگهيو به هئس الاءِ نه. دل ۾ اچيم ٿو ته شايد نه چئي سگهيو هوس...۽ شايد اهو ئي احساس هو جو عامر خان جي ”تاري زمين پر“ ڏسندي پرسن جوشيءَ جي سٽن رت روئاري ڇڏيو آهي...تنهنجي وڇوڙي جي تيرنهين سال تي، انهن سٽن جو ترجمو پيش ڪرڻ ٿو گهران.

    مان ڪڏهن ٻڌايان نه ٿو، پر اوندهه کان ڊڄندو آن مان...ماءُ...

    هونئن ته مان ڏيکاريان نه ٿو، تنهنجي پرواهه ڪندو آن مان..ماءُ..

    توکي سڀ آ خبر...ها نه ماءُ...

    توکي سڀ آ خبر ....منهنجي ماءُ...

    ڀيڙ ۾، ائين نه ڇڏ تون مون کي، گهر موٽي به نه اچي سگهان...ماءُ

    ڏور ايترو، مون کي موڪل نه تون، ياد به توکي نه اچي سگهان...ماءُ

    ڇا ايڏو برو آن مان...ماءُ

    ڇا ايڏي برو...منهنجي ماءُ...

    جڏهن ڪٿي بابا مون کي جي زور سان پينگهي ۾ لوڏي ٿو...ماءُ

    منهنجي نظر ڳولي توکي سوچان اهو، تون اچي جهليندينءَ...ماءُ

    هن کي، مان اهو چوندو نه آن....پر سمجهي ويندو آن مان...ماءُ

    مک تي اچڻ ڏيندو نه آن....دل ۾ ئي وٺجي ويندو آن مان...ماءُ

    توکي سڀ آ خبر...منهنجي ماءُ!

    جدائيءَ جي تيرنهن سالن جو اهو نظم تو نالي آ آئي. حياتيءَ جي ڀيڙ ۾، تون ڇڏي وئي آهين ۽ مان گم ٿي ويو آ هيان. پر پڪ اٿم توکان وسريو ناهيان. وقت جو پينگهو، جڏهن به ڪو وڏو لوڏو ڏئي ٿو ته دل تو لاءِ ڪڍي ٿي...اهو ئي سچ ٿئي آئي....ڪوڙ ڳالهايان ڪو نه...سو اها مشڪري به ڪا نه ٿئي...توکي سڀ خبر آهي نه...امان...

    مولا ڪل جل شانه توکي، تنهنجي مرقد ۾ آسودو رکي...آمين...

    mehmoodmughal@hotmail.com
     
  14. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم محمود مغل جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    چِپڪُو




    خميس 14 فيبروري 2008ع



    منظور جو آواز، بيڪ ڊراپ ۾ اندر ۾ وڍ وجهي رهيو هيو. هوا ساڪت هئي... پنن جي نه لڏڻ جي شاهدي ئي ڪافي هئي. ان هوندي به، آواز جون لهرون الائي ڇو وڌيڪ ويجهو اچي رهيون هيون.

    ”او سانولڙا، هيل ته آءُ...توبن مُند ۾ ناهي ساءُ...

    باغ ۾ ڀنورا موٽي آيا... پاڻ به آءُ ته ڪريون سرچاءُ...

    دل کي ورائن وهم هزارين...تنهنجو ڪري سپرين سوداءُ...

    او سانولڙا هيل ته آءُ....

    بهار اچي وئي هئي ۽ پرينءَ جي ڏورانهين ڏيهه هجڻ جو ”شاخسانو“ ساڻ هيو. اسان جي اندر ۾ اها بهار الائي ڇو نه اچي سگهندي آهي... شايد، نيڻن جي پاڻيءَ ۾ اها طاقت نه هوندي آهي جو هو وصل جي ٻوٽي کي رت جو ريج ڏئي سگهن. وصل ته رت گهري ٿو، سَت گهري ٿو... ائين ته ان جي پنکڙي به نٿي ٺهي. اسان جي اندر ۾ الائي ڪيترا وڻ سڪي، ٺوٺ ٿي مرڪن ۽ خوشين جا سڀ پَن ڇاڻي، رڳو غمن جي ٿڙن کي وجود جي ڌرتيءَ ۾ جڪڙيو بيٺا هوندا آهن. عشق جي پاڙ ئي ته ڪمبخت نٿي نڪري. الائي نڪري به ٿي ته شايد اسين ئي ڪڍڻ ناهيون گهرندا.

    ان ئي جاءِ تي بيٺل هئس، جتي هوءَ ڇڏي وئي هئي. ايئن الائي ڇو ٿيندو آهي ته اسان جهڙا عاشق ناشاد دل مراد، اتي ئي پنڊ پهڻ ٿي رهجي ويندا آهن، جتي وڇوڙي پنهنجي جهنڊي جو بانس کوڙيو هو. دنيا ۾ هلندي، گهمندي ڦرندي، وقت جو چوڳو چُڳندي، ٻاهريون ماڻهو ته”ٺاشا ماشا“ ڪري وٺندو آهي، اندر اتي ئي رهجي ويندو آهي. کيس ڪيترو به ڇڪڻ چاهيون، گِهلڻ گهرون، سندس نابري، نابري ئي هوندي آهي. دنيا جي تختي تي ڪامياب ترين انسان، اندر ۾ ناڪاميءَ جا ”ڍڳ“ کڻي، پنهنجو پاڻ تي پاڻ ئي کلندو رهندو آهي، کلندو ڇاهي، رت روئيندو آهي.

    ڌرتيءَ جي گولي تي اها جاءِ، عجيب حيثيت رکندي آهي، جتي هٿ، هٿ کان جدا ٿيندو آهي، اکيون اهو ديدار آخري ڀيرو ڪنديون آهن ۽ اهو به عجيب الميو هوندو آهي ته اهو ديدار، سدائين ڌنڌلو رهجي ويندو آهي. نيڻن جي دٻليءَ مان، الائي ڪيترا لڙڪ، ٽپ ڏيندا رهندا آهن، ڇلانگون هڻندا ٻاهر نڪرندا آهن ۽ شيشو ڌنڌلو ٿي ويندو آهي.

    اهڙي ئي ڪا موسم هئي... نظر تي ڌنڌ ڄميل هيو، سڄيل اکين ۽ گهٽيل نڙيءَ جي ساٿ ۾ کيس منٿ ڪئي هئم:”مون کي نه ڇڏ... ائين دربدر نه ڪر... توکي خبر آهي، تنهنجو نه ٿي سگهيس ته ڪنهن جو به نه ٿي سگهندس.“

    الائي ائين ڇو هوندو آهي ته عاشق کان معشوق وڌيڪ هوشيار هوندو آهي. محور جي حيثيت ۾ شايد اهو کيس چڱيءَ ريت معلوم هوندو آهي ته ناز و ادا ۽ ڪُج ادائيون ڪهڙا ڪم ڪري سگهن ٿيون. جيڪو محبت ڪري، اهو وائڙو وڌيڪ هوندو آهي ۽ جنهن سان محبت ڪئي وڃي، ان وٽ عقل جي ڀنڊارن جي ڪا کوٽ ناهي هوندي... ڦرجندو گهڻو ڪري عشق ڪندڙ آهي، جنهن سان ڪيو وڃي، ان جي لٽجڻ جا چانسز تمام گهٽ هوندا آهن ۽ شايد اهو هڪڙو اهو نقطو هوندو آهي، جو عاشق جي ڳالهه بي ربط، ڇسي، وائڙي ۽ منڌل هوندي آهي. هو صرف عرض ڪرڻ ڄاڻندو آهي، ڇاڪاڻ ته کيس حڪم هلائڻ جو هُنر ايندو ئي ناهي. جن سان محبت ڪئي وڃي، اهي ته حاڪم هوندا آهن، عرضن سان هنن جو ڇا... ۽ شايد اهو ئي سبب هوندو آهي ته کين حڪم پسند هوندو آهي... پر ڪرڻ... ۽ وٽن لفظ به ٺهيل ٺڪيل ۽ سوچيل هوندا آهن. ”تون چِپڪُو آهين... چنبڙين ڏاڍو ٿو... تنهنجي محبت ساهُه گهٽي ٿي... لڳي ٿو ڪو آزاد ساهه نڪري ئي نه ٿو. ايڏو خيال رکبو آهي ڇا؟“

    عشق جي آويءَ ۾ پچندي، جنهن لاءِ حياتيءَ جي هڪ هڪ گهڙي وقف ڪئي هئم، تنهن وٽ محبت لاءِ اها ”ذلت“ هئي، کيس گهڻو خيال رکڻ به ککڻ لڳو هو.

    ”تون چوندينءَ ته مان کڻي خيال ڪو نه رکندم... مطلب...ايترو گهڻو خيال نه رکندم... اينڊلي“ زهر مک تي وري پکڙجي ويو هئس. مرڪ جو سهارو وٺندي، چيو هئائين”گڏ هلڻ ڀلا لازم هوندو آهي ڇا؟... هلياسين... هلياسين...بس ٺيڪ آهي... وڌيڪ گڏ نٿا هلڻ گهرون... اهو به ٺيڪ آهي... ڀلا ڪو لازم آهي ڇا؟ ٽنگ ٽنگ سان ٻڌل ته ناهي نه...“ جملي جي نيزي جي اِڻيءَ تي، ڪروڌ جو زهر ٻرڪيل هو. ننڍڙي هوندي، اسڪول ۾ منڊڪ منڊڪ کيڏندا هئاسين. يا ته ٻوريءَ ۾ ٽنگون وجهي، ڊوڙ پڄائڻي هوندي هئي يا ٻن ٽنگن کي گڏ رسي ۾ ٻڌي، ڊوڙائبو هو...ائين ڪٿي، ڪنهن ڊوڙ ۾، اسان به گڏيا هئاسين. عمر ته تمام ننڍي هئي، دماغ الائي ڇو شروع کان ئي وڏو هو، جو تصوير ۾ رنگ ڀرڻ ابتدا کان ئي اچي ويا هئا. ان ڊوڙ ۾ مان ڪري پيو هئم ۽ هن مون کي کڻي گِهليو هو. رَيس بهرحال هارائي ئي ويا هئاسين. جدائيءَ جي ان لمحي ۾ ائين ئي لڳو پئي ته مان وري ڪري پيو هئس ۽ هن واري هن مون کي گِهلڻ کان انڪار ڪيو هو ۽ محبت جي ٽنگ مان رسو کولڻ لڳي هئي.

    ”تون ڪو نه مڙندين... تنهنجي طبيعت کي مان سڃاڻان... ايترا سال گڏ هليا آهيون. اهو ئي بهتر آهي ته پاڻ الڳ ٿي وڃون.“ ڪمال هو، طبيعت کي سڃاڻڻ وارو... طبيعت کي سڃاڻي اهڙا حڪم صادر ڪري رهيو هو. ذلت ته ذلت هوندي آهي، ان جو ڪو ڪاٿو ٿي سگهي ٿو ڇا؟ الائي ڇا ٿيو هو... ماٺ ڄڻ رئو وجهي ڇڏيو هو ۽ ايندڙ وقت جي پڌريءَ جي تياري ڪري رهي هئي. ”هڪ سٺي زندگي گذارجانءِ، پاڻ کي بهتر نموني رکجان ۽ ها...اهو ڪڏهن به نه وسارجانءِ ته ماڻهو رڳو ملڻ لاءِ نه هوندا آهن، اهي وڇڙندا به آهن. زندگي رڳو گڏ ناهي هوندي، الڳ به گذرندي آهي.“

    اڳيان الائي ڇا هو... هن الائي ڇا ڇا پئي چيو. ٻڌڻ ۾ ڪجهه به نه پئي آيو. اکين ۽ ڪَنن جو”ڌنڌ“ ختم ٿيو هو ته بي سبب وڇوڙو ٻانهون موڪريون ڪيو بيٺو هو. حياتيءَ جي ڌٻڻ ۾ ڪِرڻ جو عجيب خيال آيو. موت جي ڪشمڪش به حسين لڳڻ لڳي، پر الائي ڪنهن اهو خيال ڏياريو ته زندگي، موت کان هڪ ڏاڪو مٿي بيٺل آهي. ساهه نڪتو ڪو نه، پر دل خالي ٿي وئي. الائي ڪيترا ورهيه ڪيئن گذري ويا هئا. ماڻهو، مرڻ واري سان مري ته نه ٿو... حياتي هجي ته سڀ سلسلا ٿيندا رهن ٿا ۽ جي زندگي مهلت ڏئي ته اهي ويران کنڊر وري نگاهه ۾ اچي ئي وڃن ٿا، جن جو ڪڏهن حياتيءَ جوڀن ۾ سير ڪيو هو.

    فون جي گهنٽي وڳي هئي، کڻڻ سان آواز ٻڌل ٻڌل لڳو هو.

    ”ڪيئن آهين...“

    هڪ طويل عرصي کان پوءِ، شايد آواز به شناس وڃائي ٿو ويهي. آواز ڀلي بدلبو به هجي، لهجو سدائين ساڳيو هوندو آهي، حاڪم حاڪم ئي رهندا آهن، عرض ڪندا آهن ته به اهو عرض، حڪم جي چادر پائي ايندو آهي.

    ”ٺيڪ آهيان...توهان ڪيئن آهيو؟“

    ”فس ڪلاس، اي ون...“ آواز ۾ اهو ئي ٺڙڪو هو. دل چيو، چوانس... اوهان جهڙن لاءِ ئي ته فرسٽ ڪلاس ٺهيو آهي. باقي ٻيا سڀ ڪلاس ته اسان جهڙن لاءِ هوندا آهن.

    ”ڇا پيو ڪرين؟...“

    وري اندر چيو، چوانس...ڌوڙ پيو پايان... پر آواز ته الائي ڪٿان ٺهيو پئي ۽ الائي ڪهڙي اظهار جو جامو ورتائين پئي: ”آفيس ۾ آهيان...ڪم پيو ڪيان..“

    ”مون سان ملي سگهين ٿو؟“

    ايڏي ويجهڙائپ سان هن ڳالهايو پئي، جو اهو اندازو ئي نه پيو ٿئي ته ڪا جدائيءَ جي موسم، وڻن ٽڻن کي اجاڙي به وئي هئي. ڄڻ ڪو عرصو گذريو ئي نه هو.

    ”ڪٿي؟...ڪڏهن...“

    ”جتي تون چوين...“ کِل، کَل لاهي رهي هئي.

    ”ڪو ڪم آهي ڇا؟“. لهجو اگرو ٿي ويو هو.

    ”ڇو...ڪم کان سواءِ پاڻ نٿا ملي سگهون ڇا؟... مائٽ آهيون... ملي ته سگهون ٿا.. اصل ۾ ، توسان ڪجهه ڳالهائڻو آهي، ڪجهه مسئلا شيئر ڪرڻا آهن، جي ٿورو وقت هجئي ته پاڻ ڳالهائي وٺون.“

    وري ڪنهن ڪٿي ڪنهن جملي سان سرٻاٽ ڪيو، ”منهنجي حياتي تنهنجي لاءِ هئي، ان مان ٿورو وقت گهرندينءَ...اهو ته مون سوچيو ئي ڪو نه هو.“

    لفظ چپن تي نه آيا، اهڙا الائي ڪيترا جملا ٻڌي، اسان درگذر ڪندا آهيون.

    ”ڪٿي؟“

    ”جتي تون چوين..“

    ۽ الائي ڪيئن سيني مان تير هٿ سان ڪڍندي چيو هئم”ان ئي جاءِ تي ملڻ ٿو گهران، جتي جدائيءَ جو ٻج ڇٽيو هُيئي.“

    سامهون آئي ته ڄڻ سامهون نه هئي. الائي ڪير آيو هو. دل جي سرخوشي موٽي نه آئي هئي. لڳو ڄڻ ڪا سرڪاري ملاقات ٿيڻ واري هجي.

    جذبا به ڪمال هوندا آهن. هجن ته ولوڙي ڇڏيندا آهن...اڻ ڏٺل، ڏٺل لڳندو آهي ۽ جي اهي ئي جذبا هٿ ڇڏائين ته، ڏٺل وائٺل به اوپرو محسوس ٿيندو آهي. ڪَنن ۾ سرٻاٽ ٿيو: عشق ته ٿيو هو نه؟ يا خالي وقت گذريو هو؟

    سندس وجود جو وڻ ڪجهه نمي ويو هو. ماڻهو ته ظالم هوندو آهي، ٺٺ ٺانگر سان رکڻ گهرندو آهي. وقت ”مها ظالم“ هوندو آهي، پنهنجون مهرون هڻندو ئي ويندو آهي. سندس سونهن ائين ئي ڪمال جي هئي، پر ڪٿي ڪٿي لڳو پئي ته سج لهڻ لڳو آهي.

    ”مان ڪٿي بيٺي آهيان؟“

    هن نگاهه ۾ رس ڀريو، لڳم، هٿيار تکا ٿي رهيا آهن.

    ڪمري جي ڪنڊ ڏانهن اشارو ڪندي چيم”اتي...ان جاري تي، مٿانهين مقام تي...اتان هيٺ ته تون لهي نٿي سگهين.“

    جملي جي آخر ۾ شايد ڪا ٻرندڙ وَٽ هئي. سندس وجود ۾ ڄڻ ڀنڀٽ ڀڙڪي اٿيو.

    اکين مان آب هاريندي چيائين..”سڀ ڪجهه آهي، گاڏيون... گهر...سٺي نوڪري...پئسو...تون ناهين.“

    منهنجو ڪنڌ جهڪي ويو. پهريون ڀيرو ڪنهن چپڪُوءَ اندر ۾ ڪَر کنيو.

    ”ڏاڍو غلط فيصلو ڪيو هو مون... هن سڄي عرصي ۾، سڀ ڪجهه مليو، پر خبر پئي، تون... تون آهين... تو کان سواءِ اهو سڀ بيڪار آهي...“

    ”هاڻي ڇا ٿي گهرين؟“

    ”مون سان شادي ڪر... مون کي پنهنجو نالو ڏي. مون کي ٻيو ڪجهه به نه ٿو گهرجي.“

    وڏو ساهه کنيائين ۽ ڄڻ ڇلڪي پئي. ڳوڙهن جي قطار، لاڳيتو سفر ڪندي رهي. هاڻي اهي اگهڻ جو اختيار مون وٽ نه هو.

    ”تون ته پهريون نمبر آهين نه اينڊلي...ٻيو نمبر ڇو ٿي ٿيڻ گهرين، تون پهريون نمبر ئي رهه.“

    ”مطلب...“ هن ٽشوءَ جي ڪنڊ سان، اکين جا پاسا اگهيا.

    ”مطلب اهو ته جنهن هيترا سال سنڀاليو، منهنجا ٽڪرا ميڙي ڪٺي ڪيا، ڄاڻي واڻي ٻيو نمبر بڻي، تنهن کي تنهنجي فرمائشي پروگرام تي ٽڪرا ٽڪرا ڪيان، ائين نه....؟“

    ”مون سمجهيو هو...تو مون سان پيار ڪيو آهي..“

    ”ڪيو هو... بلڪل ڪيو هو. بلڪه جي مان پاڻ کان هاڻي به پڇان ته ڪندو هوندس. بقول تنهنجي، مان چِپڪو هئس نه... تو وٽ ته رسي ٻڌل هئي. ٻڌل رسي، ڇوڙجي ته نشان بهرحال ختم ٿي ئي ويندا آهن، پر چنبڙي ڪجهه لاهجي ته کَل جو حصو به گڏ لهندو يا لاهڻ وارو محلول تيز هجي ته ڪو نشان نه ٺهي... وقت ۾ اها طاقت ناهي جو محبت جو اسٽيڪر، دل جي ڀت تان لاهي سگهي. تو ڇِڪي لاٿو ته سڀ اجڙي ويو. ان ڀڳل ڀت تي وقت پلستر ته ڪيو، پر اڃان رنگ نه ٿم ڪرايو، اها چَتي اتي نظر اچي ٿي. پيار مون ڪيو هو، سودو شايد تو... جيڪو وري ڪرڻ آئي آهين. پر ڪي ڪي وکر، اڳ ۾ ئي وِڪيل هوندا آهن. ماڻهو رڳو وڇڙڻ لاءِ نه هوندا آهن... اهي وري ملڻ لاءِ به هوندا آهن... اهو تو وساري ڇڏيوهو جانِ عزيز... هاڻي، ڪو چِپڪو هجي يا نه... وري ڪنهن نه ڪنهن مند تي ٽڪرائي سگهي ٿو ۽ ان جي ضرورت، ساهه سوڙهو ڪري سگهي ٿي. اهو ڪڏهن به نه وسارجانءِ.“

    mehmoodmughal@hotmail.com
     
  15. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم محمود مغل جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    ميگنيفائنگ گلاس




    آچر 24 فيبروري 2008ع



    ڪردار جي کوٽ شدت اختيار ڪندي ٿي وڃي. ساڃاهه وندن لاءِ اڄڪلهه جون حالتون عجيب ٿي ويون آهن. جتي به، ڪنهن سان ويهه، ڪجهه گهڙيون گذار ته اهو احساس شدت سان ڪر کڻي ٿو ته اسان کي الاءِ ڇا ٿي ويو آهي..؟ الاءِ ڪيڏانهن پيا ٿا وڃون...! هر ڪنهن کي ڄڻ ته ڪو بليڪ آئوٽ ڏسڻ ۾ ٿو اچي. نااميديءَ جو ذڪر، عوام جي حوالي سان وڌندو ٿو وڃي...عذاب اهو به شديد آهي معزز خواتين و حضرات ته اسين سڀ ڪجهه سامهون ڏسڻ ٿا گهرون، پاڻ کي ڏسڻ لاءِ ته اسان وٽ ڪو محدب عدسو ڪونهي...ڪو به ميگنيفائينگ گلاس اسان پاڻ لاءِ رکيو ئي ناهي...پنهنجو پتڪڙو وجود به اسان کي ڪمال لڳي ٿو...ان کي وڏو ڪري ڏسڻ جي ضرورت ئي اسين محسوس نه ٿا ڪيون.

    سچ، سچ آهي مانائتا مهربانو...ڪردار جي تنزلي اسان جا لاهه ڪڍي ڇڏيا آهن...اسين، هٿ ٺوڪيا عالم، فاضل، اديب، دانشور ۽ ڏاها ته پيدا ڪيون ٿا جيڪي ٻه ٻه ٽي ٽي پي ايڇ ڊيون آهن، ڪتابن جا ڍير ڪلهن تي کڻي سهڪي پيا آهن، پر الاءِ ڇو دل چوي ٿي ته لکجي ته انهن ڍير ڪتابن مان ڪو هڪڙو باب به هنن هنئين سان ناهي هنڊايو...ڪتاب پڙهڻ سان ڇا ٿو ٿئي...ڳالهه ڪتاب کي سمجهڻ جي آهي عزيزانِ من...هاڻي اهو ڪير سمجهي؟ هر ڪو وري به سامهون نهاري اهو جملو اوڳاڇي ٿو ته اسين ڇا ڪيون؟ سڄي معاشري جو اهو حال آهي. ڳالهه پڙهيل يا اڻ پڙهيل جي ناهي قبله...ڳالهه ان جهالت جي آهي، جيڪا هاڻي اسان وٽ پر کولي، آسودي ٿي وئي آهي...پنهنجي سڄي بدبودار سامان جي ڳنڍ کولي، هن ذهن واسڻ شروع ڪيا آهن. بي انتها ادب سان اوهان کي هڪ دفعو وري عرض ڪري وڃجي ته اهي جيڪي ڪتابي علم نه ٿا رکن، ”جاهل“ سڏائڻ جا حقدار ناهن...کين اڻ پڙهيل سڏيو وڃي، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن انهن کي ئي جاهل سڏينداسين ته الاءِ ڪيترائي ڊاڪٽريٽ ۽ پوسٽ ڊاڪٽريٽ ڪندڙ مهربان ناراض ٿي ويندا...”جَهل“ کي ڪتاب کان پاسيرو رکندئو ته نوازش ٿيندي.

    گهڻي علم جي دعويٰ هن فقير وٽ به ناهي عزيزانِ من...پر ٻه اهم ترين محور، جيڪي سمجهه ۾ اچن ٿا ته اسان جي هن تباهيءَ جا ڪارڻ ٿي سگهن ٿا، اهي مائٽ ۽ استاد آهن. هڪڙا اهي جيڪي ڄڻين ٿا ۽ جسماني پرورش ڪن ٿا ۽ ٻيا اهي جيڪي ذهني وارث هجڻ جي دعويٰ ڪن ٿا، علم جي سُتي گهوٽي پيارڻ جا نعرا هڻن ٿا...

    هاڻي مائٽ رڳو، جسماني پرورش نه ٿا ڪن...اهي ذهني پرورش ۾ به حصو وٺن ٿا ۽ گڏو گڏ کين جي استاد جو رابطو به ملي وڃي ۽ ڪا ذهني هم آهنگي ٺهي وڃي ته ٻار جي تعليم ۽ تربيت ڪمال ٿي سگهي ٿي...جيڪڏهن اسين هٿ ۾ جهليل ڏور کي ”وٽن“ کان بچايون ته سنئين سڌي زندگي اڳين لاهن چاڙهن لاءِ تيار ٿي سگهي ٿي. هاڻي زور عجيب ڳالهين تي وڃي رهيو آهي سائين....ٻار کي سٺي تعليم ڏيارڻي آهي. هاڻي ان لاءِ ڪنهن عظيم الشان امپورٽيڊ اسڪول جي ڳولا ڪئي ويندي آهي. پنهنجو پاڻ کي ڪپي سپي، ڪوئي ڪسوئي، مهيني جي فيءَ جو بندوبست ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي...اتي اهو به ٿئي ٿو ته جيڪڏهن ٻار جي اسڪول فيس وڌيڪ آهي ته ڊبل شفٽ ۾ نوڪري ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪئي ويندي آهي. ائين ٿيندو به آهي ۽ زندگي ايتري مصروف ٿي ويندي آهي جو ڪمائڻ جي هڻ هڻان ۾، اولاد سان رفاقت جو وقت گم ٿي ويندو آهي. ڪن ڪن گهرن ۾ ته ائين به ٿيندو آهي جو زال مڙس، ٻئي نوڪريون ڪندا آهن، ڇاڪاڻ ته خيرن سان ٻار الاهي هوندا آهن. هلو ڀلا ٽي کن ئي هجن، پر جيڪڏهن هڪڙي کي ڪنهن هاءِ فاءِ اسڪول ۾ داخلا ڏياري ته ٻين ڪهڙو ڏوهه ڪيو. معنيٰ جيڪڏهن هڪڙي جي في چار هزار ٿي ته ٽن لاءِ ٻارنهن هزار ته کپن ئي کپن...معنيٰ ڪم جو وزن وڌي ويو...هاڻي جيڪڏهن اهو وڌيو ته وقت تقسيم ٿيو...۽ جيڪڏهن ڌڻيءَ مٺي کي حاضر ناظر ڄاڻي، ڀت سان ٽيڪ لڳائي پنهنجو پاڻ کي وقت ڏجي ۽ پاڻ سان سچي گفتگو ڪجي ته اهو سڀ سامهون اچي ويندو ته اولاد وٽ ٿرماس به سٺو آهي، ٿيلهو به ڪمال جو، ڪتاب به سڀ آهن...”پڪ ڊراپ“ ڪندڙ ويگن به وقت تي اچي ٿي...شام جو ٽيوشن به وقت تي ٿئي ٿي، سمهي به وقت تي ٿو ۽ ٽي وي به حڪم موجب ٿو ڏسي، پر چوويهن ڪلاڪن ۾ اوهان جو ڇهاءُ ڪو ڪلاڪ کن به نصيب نه ٿو ٿئيس...

    ڏسو...صبح جو هو به اٿيو ۽ اوهان به...توهان کي آفيس جي ڀڄ ڊڪ...هن جي اسڪول جي تياري...اتي جيڪڏهن گهر واري نوڪري نه ٿي ڪري ته اولاد کي اڃان به وقت جي ڪا عنايت ٿي سگهي ٿي. پر جيڪڏهن ٻئي نوڪري ڪندا هجن ته خيرن سان ساٿ جا ڏهه منٽ به وڏا آهن...اسڪول مان موٽيو ته، آيو سائين قرآن پڙهائڻ وارو...ان کان پوءِ ٽيوشن ۽ هوم ورڪ، رات ڌاري اوهان موٽندئو ته هو سمهڻ جي لاءِ ريڊي هوندو...”صبح هوتي هي شام هوتي هي، عمر يونهي تمام هوتي هي“ ۽ جيڪڏهن کلي ڪڏي ذڪر ڪجي آچر جو ته ان تي هفتي جون ننڊون ئي پوريون نه ٿيون ٿين ته ٻيو ڇا ڪجي. آخر پنهنجي آرام جي به ته سوچ ڪرڻي آهي نه قبله...ڪهاڻي ٿي پوري...يعني اوهان ۽ اسان خوش ته ٻار بهترين تعليم حاصل ڪري رهيو آهي...خيرن سان ستون سيپارو پڄايو اٿس...اسيسمنٽس ۾ ٽاپ ٿو ڪري جا جملا ڪنن ۾ رس اوتيندا رهندا آهن.

    جيڪڏهن ان سڄي پس منظر کي نظر ۾ رکجي ته سمجهه ۾ اهو ايندو ته ”ٻار“ جو گهڻو حصو، هاڻي ”استاد صاحب“ جي ڪلهن تي آهي...خيرن سان استاد وري ڪهڙو آهي؟ ڪمال شئي آهي سائين...جنهن لاءِ دورِ جديد ۾ هڪڙو ئي جملو ڪافي آهي ته جنهن کي ٻي ڪا نوڪري نه ملي، سو ڀلا پرائمري ماستري ته وٺي...بااثر عملدارن جي سفارش تي، وقت گذاري ڪندڙ ماستر، وقت ئي ته گذاري ٿو...جي ليئو پائجي وڏن اسڪولن ۾ ته اتي به خيرن سان، ماستر صاحبان، انگريزي ته پاش ڳالهائين ٿا...ڪردار انهن جو به ڪمال هوندو آهي...سونهاريءَ سان، خوبصورت شخصيت رکندڙ مهربان، فرمائي رهيو هو...”ننڍڙو ”ٽڪ شاپ“ تان شئي وٺڻ ويو هو ۽ سندس اُن جي ٽوپي منهنجي منهن تي هئي...اس تي، ان بئنچ تي ويٺي مون کي کاشو وقت ٿي ويو هو...هڪ بي انتها جديد ۽ امير اسڪول ۾ منهنجا ٻار به پڙهن ٿا...هڪڙو اچي، شئي وٺڻ ويو هو ۽ ٻئي لاءِ اڃا موڪل جو انتظار هو. بئنچون هڪ ٻئي جي ويجهو هيون، سو منهنجي پاسي ۾ جيڪا بئنچ هئي، اتي چار خوبصورت، جديد نوجوان، امير ذهن ويٺل هئا. منهنجو اندازو هو ته ٻه ڄڻا نائين ڪلاس جا هئا ۽ ٻه ڏهين جا...هنن جي گفتگو ۾ جنهن ڳالهه منهنجا ڪن کڙا ڪيا هئا، اها سندن ٻولي هئي. انگريزي زبان جي اها ڪهڙي ”ڪچي گار“ نه هئي، جنهن سان هنن هر ايندڙ ويندڙ کي نه پئي نوازيو...منهنجي منهن تي ٽوپي رکيل هئي، جنهن جي ڄاريءَ مان، مون هر ڪنهن جي ”کل کل“ جو جائزو پئي ورتو...پريان نظر ايندڙ نياڻين، پنهنجين استادياڻين، استادن ۽ ڪلاس فيلوز جي جيڪا هو چارئي عزت ڪري رهيا هئا، اها ڏسڻ وٽان هئي...مٿان وري جيڪڏهن ڪو اڙيو ٿڙيو لنگهيو پئي ته ان به وهندڙ غلاظتن مان هٿ ٻوڙي پئي ورتو...جيڪڏهن ڪجهه ڪچا جملا نه به ٿي چيائين ته به بهرحال ڪجهه پڪو ته اڇلائي پئي ويو. اتي ئي هنن سڙٻاٽ ڪيو...ٺڪ ٺڪ ٺڪ...ڌيان اها دري کولي ته هڪڙي پنهنجي موبائيل کي وچ ۾ رکيو هو ۽ هو سڀ ان تي نه ڏسڻ جهڙي ڏسي رهيا هئا...سڀ ڪجهه تڪڙو ٿي رهيو هو...مون کي ڪجهه سمجهه ۾ نه آيو ته ٿئي ڇا پيو ته ان مهل سندن استاد محترم به اتي اچي بيٺو...ڇوڪرن موبائيل اطمينان سان کيسي ۾ وڌو...استاد سمجهي ويو ته ڇا پيو ٿو ٿئي. پر ڪمال خوبيءَ سان هن پڇيو واٽس آپ؟ ۽ هر ڪنهن ٻڌايو ته هو فري پيرڊ انجواءِ ڪري رهيا آهن...۽ مون لاءِ اهو عذاب تڏهن وڌي ويو سائين جڏهن استاد فرمايو ”ڪيو...ڪيو...پر وقت تي ڪلاس ۾ وڃجو.“ مان قسم سان چوان ٿو ته ان وات ڳاڙهي استاد کي اها سڀ خبر هئي ته اتي ڇا پيو ٿو ٿئي...گهر موٽي، مون گهر وارن سان ٻارن کي اسڪول مان ڪڍرائڻ جي ڳالهه ڪئي ته سڀ چڙي پيا...چون پيا ته ايڏين منٿن ميڙن ۽ ڊونيشن کان پوءِ داخلا ملي آهي ۽ جيڪڏهن ڀلا ٻئي ڪنهن اسڪول ۾ داخل ڪنداسين ته اتي وري ڪهڙي گارنٽي هوندي...پنهنجو منهن کڻي رهجي ويس سائين...ها باقي هاڻي ٻارن کي وٺڻ ناهيان ويندو...“ ڪنڌ هيٺ ڪيائين ۽ وري کڻڻ ۾ الاءِ ڪيتري دير لڳس. هر هنڌ ائين نه به هوندو عزيزانِ من...پر جيڪڏهن اوهان نگاهه جو دامن وسيع ڪيو ته پاڻ ئي مڃيندئو ته اسان وٽ اڳ وارا نه استاد رهيا آهن نه مائٽ...زماني جو اجگر ٻنهي کي ڳهي ويو آهي. هاڻي ڪردار ڌوڙ ڊيولپ ٿئي...

    دنيا ڪميونيڪيشن ۾ وٺجي وئي آهي...هتان جي خبر هُتي فٽا فٽ پهچي ٿي. اڳي اهو سڀ ائين نه هوندو هو...مطلب...وسيلا گهٽ هوندا هئا پوءِ به سڄي شهر کي عالم جي، استاد جي خبر هوندي هئي...ٽريننگ ڪاليج جو سائين صديق صاحب يا سائين غلام رسول ٽالپر، نور محمد هاءِ اسڪول جو بالادي صاحب هجي يا ماڊل اسڪول جو سائين حاجي موٽيل صاحب...خميسو خان صاحب...حافظ خير محمد صاحب...سائين عبدالفتاح مغل صاحب، باهه وانگي هنن جي تربيت پکڙيل هوندي هئي. ٽاٽ تي ويٺل هيرا جڙندا هئا...گورنمينٽ ڪاليج ڪڏهن زندگي ۾ ناهي ڏٺو، پر سر ادريس صاحب جي تعليم و تربيت جو ڪمال ٻڌو آهي. هاڻي ڇا اهڙو ڪو پڙاڏو ڪٿي گونجي ٿو...؟ ڇا وڻ هيٺان ويٺل ڪنهن صاحبِ علم جي جادوئي لٺ، حياتيءَ جي لاهن چاڙهن لاءِ املهه ماڻڪ تيار ڪري ٿي؟ ڇا ڪو خواجه صاحب هاڻي پيدا ٿئي ٿو؟ اڄوڪي عرض تي غور جي درخواست آهي قبلا سائين....اسان کي ماڻهو کپن ٿا. ماڻهو ٺاهيو، رڳو ڄڻيندا نه وڃو...مڃجي ٿو ته سڀ ائين ناهن، اهي سلا ڪٿي نه ڪٿي ته اڀرن ٿا، پر هاڻي وقت اچي ويو آهي ته باڪردار ماڻهن جا ”فصل“ کپن...اڄ به جيڪڏهن هرڪو ماڻهو، رڳو هڪ ماڻهوءَ جي تربيت جو ذمو کڻي ته به حيرت انگيز نتيجه نڪري سگهن ٿا ۽ معاشرو ان زوال کان بچي سگهي ٿو.

    هڪڙي غريب ڪلارڪ جو والد صاحب، اسپتال ۾ داخل هيو. اسين ڪجهه دوست مالي مدد ساڻ پهتاسين. هن منهنجو هٿ جهليندي چيو هو ”سر...قرض طور وٺان ٿو، پر مون کي اهو ٻڌايو ته هي رقم، زڪوات جي مد ۾ ته ناهي نه...ڇاڪاڻ ته مان زڪوات جو حقدار ناهيان...“ اهو جملو، منهنجي سڄي حياتيءَ جي تربيت ڪري ويو هو...شايد اها پهرين گهڙي هئي، جنهن ۾ مون کي پنهنجي ۽ ٻئي جي تفريق واضح سمجهه ۾ آئي هئي. سندس اهو هڪڙو جملو اهو ميگنيفائينگ گلاس هو، جنهن ۾ سڀ ڪجهه چٽو ٿي ويو هو...ڇا اوهين اهڙو ڪو شيشو نه ٿا وٺڻ چاهيو، يا اوهان هاڻي، هن پلاسٽڪ جي پراڊڪٽ ۾ ئي خوش آهيو، جنهن مان سڀ منظر غير واضح ۽ خراب نظر اچڻ لڳا آهن...

    mehmoodmughal@hotmail.com
     
  16. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم محمود مغل جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    بيوفائين جي موسم




    آچر 2 مارچ 2008ع



    بَڙ جي گهاٽي وڻ هيٺان، بڙ جيان ئي گهاٽو ”محمد انور هڪڙو“ سدائين لاءِ سمهي رهيو آهي، انا لله و انا اليه راجعون...

    نشريات جو هڪڙو خوبصورت دور پنهنجيءَ پڄاڻيءَ کي پهتو... اهي سڀ جيڪي سندس رفيق رهيا، ماتحت رهيا، چڱيءَ طرح ڄاڻندا هئا ته هڪڙو صاحب ڇا هيو... زماني جي سردي گرميءَ کي سهندي، هڪ بي انتهائي لائق، ايماندار، سچو ۽ محنتي ۽ سڀ کان وڌيڪ ته هڪڙو بهادر ماڻهو رخصت ٿيو آهي... ڪار جهان دراز آهي... زندگي پنهنجي پوري وحشتن ساڻ روان دوان آهي... هڪڙو مڪمل هفتو ٿيڻ کان پوءِ ته سندس قبر جي مٽي به سڪي وئي آهي ۽ گلن جي حالت به ”سوخته“ ٿي وئي آهي... ائين ئي ٿيندو آهي عزيزانِ مَن... ائين ئي ته ٿيندو آهي... جهان رنگ و بو ۾ اچڻ وڃڻ ته عام هوندو آهي... هڪڙن کي اچڻو آهي ۽ ٻين کي رخصت ٿيڻو آهي... نه جشن سلامت رهڻا آهن ۽ نه ئي وري ماتمن جون موسمون برقرار رهڻيون آهن... سڀ فنا آهي... آخر فنا...

    پنهنجي فقير سان، اوهان مڙني جون نسبتون ڪجهه عجيب آهن... خواب نگر جي مسلسل اشاعت، ان جي پهرئين ڳٽڪي جي ڪامياب ”سيل“، مٿان وري وقت سر اوهان جي حضور جي حاضري، اسان جي ڪيترن ”محترمن ۽ عزيزن“ کي شايد ناگوار لڳي ٿي. مختلف الزامن جا ”ٺُل“ ٺاهي، سماعتن کي مجروح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي. خاص طور تي ڪنهن به جاءِ تي حاضري ڀرجي يا سامهون ڪنهن به ”واقعي“ جو ظهور ٿئي ته هڪدم سنگتي ساٿي چوندا آهن، ”احتياط ڪيو... محمود مغل ويٺو آهي... ڪالم ۾ ضرور لکندو...“ الاءِ ڪيترا ان مهل کُلي پوندا آهن ۽ کلڻ لڳندا آهن... ”جادو ئي شيشي“ جيان، هر آئيني جي کل روح ڇليندي آهي... آيو سائين آيو... ڄاڻ ان تي هڪ ڪالم آيو... جا الاءِ ڪيترا نعرا، ٽوڪن، تضحيڪن، هٿ ٺوڪين تعريفن ۽ داد و تحسين جي ڀري ٻڌي ايندا آهن... اتي ائين ناهي ته ڪو، دل جي حضور سان ڪير ڪرم نوازي نٿو ڪري.... الاءِ ڪيترا مهربان آهن، جيڪي هن ”نالائق“ کي نوازيندا رهن ٿا، پر انهن خاص موقعن تي خاص صلاحون، جيءُ جهوري ڇڏينديون آهن.... ٻين سان گڏ پنهنجو پاڻ تي کلندي، الاءِ ڪيترو رت روئڻو پوندو آهي.

    هاڻي جي حقيقت ڏسجي ته ، اها ائين آهي به ... ساڍن ٽن سالن جي هن ساٿ ۾ الاءِ ڪيترا تعزيت نامه هن خادم لکيا هوندا... فنون لطيفه جي ڪا هستي رخصت ٿي هوندي ته وقت سر ان تي ڪجهه نه ڪجهه هن فقير ضرور لکيو هوندو... جي ڀلا ائين آهي ته ان ۾ ”قباحت“ ڪهڙي آهي؟... هن دو رنگي دنيا ۾، جنهن ۾ ٺوڪرون، ڀاڪرن کان وڌيڪ آهن، ڇا اسان جي رخصت ٿيندڙ دوستن، يا رخصت ٿي ويل ڪرم فرمائن تي چار پنا لکي، ڀيٽا به وقت سر نه ڏجي؟... ڇا ان لاءِ به انتظار ڪجي ته ڪير لکندو ۽ ڪڏهن لکندو...؟ هن بيوفا دنيا ۾ هر ماڻهو ڄاڻي ٿو ته صرف ڪجهه ڪلاڪ ۾ ئي سڀ رسمون ٿين ٿيون... صبح جو جيئرو هئو، شام جو دفن به ٿي ويو ۽ رات جو ”سُڄيل اکين“ وارا به برياني کائڻ ۾ مشغول آهن... ايترو وقت نه سائين... خالي ايترا ڪلاڪ بک ڪٽجي سگهي نه؟ ڪاڏي ويو اهو عشق؟ ڪيڏانهن وئي اها ”پڇاڙ“، جيڪي کائيندي، هر هر بيهوشيءَ کي ڀاڪر ۾ ڀربو آهي... ”صبر“ جو لفظ ئي اهڙو آهي، جنهن کي ڀرپور نموني سان انهن ئي لمحن ۾ استعمال ڪبو آهي... ورلي ڪو اهڙو روح بچندو آهي، جيڪو ويندڙ سان گڏ پنهنجو الهه تلهه به موڪلي ڇڏي ۽ رڳو جسم کي هتي رکي... هاڻي ائين ته ٿيڻو آهي مٺا... پر وري به... هلو، لڄئون ڪڄئون به... دنيا کي کڻي ڏيکارڻ لاءِ ئي سهي... ڇا اسين پنهنجن ناليوارن دوستن کي عقيدت آڇي نٿا سگهون؟... هنن ساعتن ۾ جڏهن مرحوم محمد انور هڪڙي تي ڪجهه لکڻ لاءِ روح ۾ هڪ ”ڪانڍ“ آهي، ته ڇا اهو به سچ ناهي ته اهو سڀ لکڻ ۾ دير ٿي وئي آهي... هڪڙو هفتو به وڏو هوندو آهي سائين... اهو سڀ اسان کي ڪڏهن سمجهه ۾ ايندو...؟ ۽ اتي هڪڙي ڳالهه پوءِ به اهم آهي... اسين ائين انهن سڀني رخصت ٿيل وجودن جي ”ياد“ کان، جلد از جلد جان ڇڏائڻ ڇو گهرندا آهيون...؟ اهو ڪيڏو نه وڏو الميو آهي جو ٽيليڪاسٽنگ ۽ براڊ ڪاسٽنگ جي دنيا ۾ سڄي عمر ”رت ست“ ڏيندڙن جو ذڪر، صرف ان ڏينهن لاءِ محدود هجي، جنهن ڏينهن ان هن جهان مان موڪلايو هجي... اتي اسين اهو نٿا عرض ڪيون ته ڪو اوهان هنن جو چاليهو ملهايو... يا ورسيون منعقد ڪيو... اهي ڪم ته نه اسين ڪڏهن ڪري سگهيا آهيون، نه ئي فضيلت سان ڪري سگهنداسين... پر ڇا، پهريان ئي ڏينهن به اسين ”ويندڙ“ جو ذڪر نه ٿا ڪري سگهون؟

    آچر جي رات وفات ڪئي هئي، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي پروگرام مئنيجر... آچر جي ڏينهن اها خبر نشر ٿي هئي... آچر تي ئي سندس تدفين ٿي هئي ۽ سومر ڏهاڙي ٽيجهو ٿيو هو... جيڪو دراصل اڱاري تي ٿيڻ گهربو هو... بهرحال اهو سڀ سندس خاندان جي فيصلي جي حساب سان هو، پر اڱاري ڏينهن سڳنڌ ۾ سندس خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪندي، مون کي احساس ٿيو ته اها ڳالهه ”باور“ پئي ٿي ته هڪڙو صاحب، هاڻي صرف ”ياد ماضي“ آهي... ۽ بس... ان موضوع کي ڪجهه وڌيڪ ”ڇيڙڻو“ ناهي... بس گهڻو ٿي ويو... پنهنجي هانءَ جي سچائيءَ تي پاڻ کي مليل ويهه منٽ بهرحال مون سندن ”نذر“ ڪيا... جيڪو منهنجو فرض هو... لاڳيتن ٽيويهن سالن جي ساٿ کي مان ٽيويهه منٽ به نه ڏئي سگهيس، جنهن لاءِ شرمسار آهيان.

    ان کان اڳ اهو سڀ پهرين به ڪيترا ئي ڀيرا ٿي چڪو آهي، پر ”ماضي قريب“ ۾ مرحوم سيد صالح محمد شاهه جي وفات، وڏي ۾ وڏو مثال هئي... اها ئي ڪچهري، جنهن کي هن پنهنجي حياتي ڏني، جنهن جهنگ جهر ۾ سنڌ کي متعارف ڪرايو... جنهن لطيف سائينءَ جي ڪلام کي آواز ۽ اچار جي سونهن بخشي، تنهن ساڳي ڪچهريءَ ۾ ٻن ڏينهن کان پوءِ ئي سندس ذڪر، متروڪ بڻجي ويو... هڪڙي بالا عملدار، سڀني آواز جي مسافرن کي ٻڌايو ته بس ڪافي ٿي ويو... هاڻي شام جو ذڪر ڇڏيو... ُمئي سان ڪيترو مربو... دل چوي ٿي ته اتي ضرور لکجي ته اڃا ته اسٽوڊيوز جي ديوارن به ”گريو“ ڪو نه ڇڏيو هو... اهي اسان جا ئي آواز هئا، جن مان ٽهڪ ٻُري رهيا هئا... الله اڪبر... اها آهي خدمت ۽ اهو آهي ان خدمت جو مان... اُتي ڪنهن ڪنن ۾ سرٻاٽ ڪيو هو... ”پر سائين ائين ٿيو ڪو نه... ڇاڪاڻ ته نذير لغاريءَ جهڙا کرا ماڻهو به مائڪ تي اچن ٿا... هن به سائين صالح محمد شاهه تي بلڪل ائين ئي ڳالهايو هو، جيئن توهان هڪڙو صاحب تي ڳالهايو هو“... اتي ازل ابد جي ڪتاب جي هڪڙي ٻي حمايت به سامهون آئي، خواتين و حضرات... هي سچ لکيو ۽ سچ لکڻ به گهرجي... سيد صالح محمد شاهه جي اضافي ذڪر کي، پروگرام مئنيجر جي حيثيت سان هڪڙو صاحب ئي روڪيو هو... ۽ هاڻي سندس واري تي وري ٻيو ڪير، سندس جاءِ تي هو... اتي اهو به ته سچ ڏسو ته ايترين ”منعذ“ کان پوءِ به نذير، پنهنجو حصو ادا ڪيو ۽ مون وري پنهنجو... پروردگار کي جنهن کي جيڪو مرتبو ڏيارڻو آهي، ان کي اسين ۽ اوهين روڪي نٿا سگهون.

    الاءِ ڪيتريون ”تاويلون“ سامهون اچي سگهن ٿيون، معزز خواتين و حضرات... اداري جا عملدار، ويهه سبب بيان ڪري سگهن ٿا... اهو به ٿي سگهي ته وفات ڪيل هنن لاءِ بس هڪ ورڪر ئي هجي... پر اتي اهو به ته سوچيو ته اهي سڀ وجود نشريات جي ادارن سان لاڳاپيل آهن... انهن جا لکين مداح آهن... انهن جون ذاتي طور تي الاءِ ڪيتريون خدمتون آهن... ڇا انهن کي اسين اهي ڪجهه اضافي ڪلاڪ به عنايت نٿا ڪري سگهون؟

    هن رڻ جي سفر ۾ اڳ ۾ به عرض ڪري چڪو آهيان ته هاڻي هڪ صديءَ جو ”چوٿو“ مان به خرچ ڪري چڪو آهيان... ريڊيو ۽ ٽيليويزن تي الاءِ ڪيتريون موسمون مٽجندي نظر آيون آهن... جيڪڏهن انهن پنجويهن سالن کي چئن سان ضرب ڪجي ته به گهٽ ۾ گهٽ هڪ سئو مختلف موسمون ته هن فقير به انهن ادارن ۾ گذاريون آهن... هاڻي اها ٻي ڳالهه آهي جو اهي موسمون مستقل ناهن رهنديون... هڪ کان پوءِ ٻيءَ کي اچڻو ئي آهي... جو اتي مستقل رهي ٿي ته بيوفائيءَ ۽ ناقدريءَ جي موسم... تمام گهٽ ائين ٿيو آهي جو اسان ڪنهن کي بهترين نموني خراج عقيدت پيش ڪيو هجي... جيئري تحسين پيش ڪرڻ ته اسان جي روايت ئي ڪانهي... مرڻ کان پوءِ به اجهو اهو ئي حال آهي. جيڪو مٿي عرض ڪري چڪا آهيون...

    هن دم گذر دنيا ۾ هاڻي ڪمال ٿي رهيو آهي. پاڻ کي جي هڪڙي ٻوليءَ ۾ ئي محدود ڪيون ته به غور ڪندئو ته الاءِ ڪيترا اداڪار، صداڪار، پرفارمر سامهون اچي چڪا آهن... ڪي ٽي اين جي اچڻ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين مختلف چئنلز جي ڊوڙ ۾ فنون لطيفه سان لاڳاپيل وجودن جو انگ مسلسل وڌي رهيو آهي... ڇا فنڪارن جو اهو انگ ائين نٿو ڪري سگهي ته پنهنجي ”پٽي ڀائين“ جي جوڳي رخصتيءَ جو بندوبست ڪري... گهٽ ۾ گهٽ هنن جي ياد کي ئي ڪجهه ڪلاڪ سلامت رکي...

    مرحوم هڪڙو صاحب تي هڪدم هڪ ”تعزيت نامو“ مون منظور ميراڻيءَ وٽ پهچايو هو... اتفاق سان اهو بر وقت نه ڇپيو ته مون ئي کيس روڪي ڇڏيو... ۽ اها به ڌڻيءَ مٺي جي مهر ٿي ته محترم ڪوثر ٻرڙو صاحب، اهو سڀ لکي ورتو... جيڪو لکين ماڻهن تائين پهچائڻ ضروري هو.

    اوهان جو هي نوڪر... هي خادم، اوهان کي هٿ ٻڌي عرض ٿو ڪري... پنهنجي محسنن کي ياد ڪرڻ جي موسم کي واپس آڻيو... مقصد رڳو ڳوڙها ڳاڙڻ ناهي... مقصد ان احساس کي ڪر کڻائڻ آهي ته رڻ ۾ اڃا رڙ جو موجود آهي... سڀني بي مهر ساعتن ۽ الزام تراشين جي باوجود، جيڪو فرض ادا ڪرڻو آهي، مان ان کان غافل نٿو رهي سگهان... پر اوهان سڀني کي انهن بيوفائيءَ جي موسمن جا لاهه ڪڍڻا پوندا... ۽ اهو سڀني کي ٻڌائڻو پوندو ته اجل جي ٽريڪ تي ته هر ڪو چڙهيل آهي... اڄ جيڪي ويندڙن جو ذڪر نٿا ڪرڻ ڏين، سي سڀاڻي پاڻ به ته رخصت ٿيندا... پوءِ جي انهن جي نالي سان ائين ٿئي ته سندن روح کي ڪهڙي راحت ملندي؟.

    بيوفائين جي ان موسم ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڪي چريا، وفائن جو گلاب پوکڻ جي ڪوشش ڪندا آهن... اهو گلاب... جنهن جو قلم ”ڪيل خدمتون“ هوندو آهي. اوهان لکين ڪوششون ڪيو، اهو ”قلم“ لڳايو ئي ويندو آهي... ها، اها ٻي ڳالهه آهي جو بيوفائيءَ جي موسم ان کي ساڙڻ ۾ ڪامياب ويندي آهي.

    توهان ان موسم کي ڪيترو تڙي ٿا سگهو؟... اهو سوچڻ جي سخت ضرور آهي.

    سائينءَ جي لاءِ دعا آهي... ڌڻي کيس سندس مرقد ۾ آسودو رکي ۽ بلند درجات عطا فرمائي، آمين. بڙ جي گهاٽي وڻ هيٺان، بڙ جيان ئي گهاٽو ”هڪڙو“ صاحب آرامي آهي... دعا کان پوءِ راجيش ريڊيءَ جو هڪ ”قطعو“ سندس نذر ڪرڻو جي خواهش آهي:

    جيسي غلط پتي په چلا آئي ڪوئي شخص

    سکهه ايسي ميري در په رُڪا اور گذر گيا

    يون ديکهيئي تو آندهي مين بس اڪ شجر گيا

    ليڪن نه جاني ڪتني پرندون ڪا گهر گيا.

    mehmoodmughal@hotmail.com
     
  17. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم محمود مغل جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    شڪ جو فائدو




    آچر 9 مارچ 2008ع



    ڪجهه سيڪنڊن لاءِ ئي ”بيهڻ“ عذاب ٿي ويو هو. چين...پان...پون... جا الاءِ ڪيترا آواز ڪن کائي ويا هئا...مون مستقل شيشي مان به نهاريو پئي ۽ پويان جو منظر ڏٺم ويٺي، ۽ گڏوگڏ انهن ڪجهه ”مائڪرو سڪينڊن“ لاءِ منهنجي نظر مٽجندڙ رنگ واري سگنل تي لڳل هئي...پيلي بتي، ڪجهه لمحن لاءِ ٻري ۽ جڏهن سائيءَ پنهنجو ديدار ڪرايو ته مون به گاڏي اڳتي وڌائي...ان کان اڳ ۾ منهنجي اڳيان بيٺل گاڏيون ”هوا“ ٿي چڪيون هيون...هنن ته ڳاڙهي بتي جو لحاظ به نه ڪيو هو ۽ ”زوڪاٽ“ ڪندا نڪري ويا هئا. پيلي بتي ته هنن جي ”خاطر“ ۾ ئي ڪو نه هئي...اتي منهنجي بيٺل گاڏي جنهن جي سامهون رستو خالي هو يقيناً پونئين لاءِ راهه جي ”رنڊڪ“ هئي...رستو ڪشادو هو، پر سگنل موڙ تي هو، ان ڪري اهو سڄو منظر پاڻ پسائي رهيو هو...

    گاڏي اڳتي وڌائيم ته پويان ڄڻ ٻوڏ اچي وئي. ڌڙا ڌڙ سڀ اوور ٽيڪ ڪرڻ لڳا...۽ انهن ئي ماڻهن ۾ هڪ عجيب منظر پلئه پيو...ڪافي دير کان منهنجي پويان بيٺل گاڏيءَ واري ڏند ڪرٽيا پئي...جنهن مهل مون کي اوور ٽيڪ ڪيائين ته ڏند ڇڪي، ڪجهه بڙ بڙ ڪندي، پنجن آنڱري جو اشارو ڪندو ويو. اهو سڄو سين بلڪل واضح هو...۽ مٿان قيامت اها به هئي جو هن جنهن تڪڙ ۾ اهو سڀ ڪجهه ڪيو هو، اها تڪڙ شايد کيس اهو سمجهائي نه سگهي هئي ته هو ۽ مان هڪٻئي جا واقف آهيون...جنهن هُنر سان مان لاڳاپيل آهيان، اهو ڌنڌو هو به ڪري ٿو...اکڙ جي جهان جا ٻئي سودائي آهيون...علم جو وکر ورهايون ٿا...ٻئي ”ماستر“ آهيون...

    خواب نگر ۾، معزز خواتين و حضرات، اسان جو مطلب ڪا مونجهه يا ڪو ڌنڌلو عڪس چٽڻ ناهي...توهان روز سياست، ڊپريشن، ڪاروڪاري، ڦرلٽ ۽ ٻين انيڪ ”هڪجهڙن“ موضوعن تي ڪمال خبرون پڙهيون ٿا...صاحبانِ نڪته نواز اوهان کي ايڊيٽوريل جي هن صفحي تي الاءِ ڪيترن حوالن سان گهڻو ڪجهه سمجهائين ٿا...اتي پنهنجي هن دڪان تي هڪ سوداگر کي به ڪجهه وڪڻڻ جي خواهش ٿئي ٿي...ڪجهه ٽول، ڪجهه کيڏوڻا، هتي به پٿاريل آهن... وقت جي راند ۾ هارائڻ يا کٽڻ نصيب جي بازي هوندو آهي پر بهرحال، ان بازيءَ ۾ تياريءَ لاءِ ته ڪوشش ڪري سگهجي ٿي. زمانو جديد کان جديد تر ٿيندو ٿو وڃي پر بهرحال ماڻهو ته سيني ۾ اها ئي دل سانڍي ٿو، اکين ۾ ساڳيا ئي خواب وراڪا ڏين ٿا...الاءِ ڇو ايندڙ زماني کان، ويل وقت، ڪجهه وڌيڪ ويجهو لڳي ٿو...اهي قدر، اهي سوچون، اهي خيال، جنهن تي اسان جا وڏا فخر ڪندا هئا، سنهين چادر پويان، منهن مونن ۾ ڏئي سڏڪندا رهن ٿا...سڏڪن ٿا ته من ڪير پرچائي سگهي...

    انهن سڏڪندڙ سوچن ۾ اهو عمل به شامل هو، جيڪو مون سان ٿي چڪو هو...الاءِ ڪيترا خيال هڪ دفعو وري ڪر کڻي اڀري آيا...اهو سڀ جيڪو اسان ٻين ملڪن ۾ وڏي ترتيب سان ڪيون ٿا، ان سڄي عمل جو ڪو ”چوٿائي حصو به اسان کان هتي نه ٿو ٿئي...مٿان وري پنهنجن عملن جي ”رونگ“ ڪڍڻ به اسان ڄڻ پنهنجو فرض سمجهون ٿا...هلو ڀلا... جيڪڏهن مون دير ڪئي هئي ته ان جي معاوضي ۾ اها ”بڙ بڙ“ ڪافي نه هئي، ڇا جو آنڱرين جو اشارو به ڪيو ويو ۽ سو به هڪڙي استاد وٽان...ڇا قانون جي ڪجهه لمحن لاءِ پاسداري به اسان کي ايتري ”بڇڙي“ لڳي ٿي؟...ڇا اهو اسڪالر...جيڪو ٻاهران هڪ وڏي ڊگري وٺي آيو هو، ٻاهر به ڪنهن انگريز کي ائين ئي نوازي آيو هو؟...مڃان ٿو...ته مون سان شناسائيءَ جي جهلڪ رکندي ئي هن ايڪسيليٽر تي زور ڏنو هو پر جيڪي ڪجهه ٿيڻو هو، سو ته ٿي چڪو هو...بظاهر هڪ ننڍڙو واقعو، اسان جي ”پت“ وائکي ڪري ويو هو...”زاويه“ ۾ اشفاق احمد صاحب ڪجهه هيئن فرمائين ٿا...”جنهن زماني ۾ مان روم يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرر هئس ۽ سڀني کان ڄمار ۾ ننڍو هئس ته هڪ دفعي يونيورسٽيءَ ۾ موڪلون هيون...گرمين جو زمانو هو...ٻنپهرن جو مون کي ريڊيو اسٽيشن تي اردو براڊ ڪاسٽنگ ڪرڻي هوندي هئي... جنهن مهل موٽندو هئم ته سڀ ان مهل آرامي هوندا هئا...ٻنپهرن جو آرام اتي هڪڙو معمول هيو...چئين بجي تائين سڀ سمهندا هئا... ۽ روم جا رستا خالي هوندا هئا ۽ مٿان وري ڪارپوريشن اهو انتظام ڪندي هئي ته اتي حوض لڳل هوندا هئا...ان وقت روڊ ڌوپجندا هئا ۽ شام تائين ماحول ۾ ٿڌڪار اچي ويندي هئي...صفائي الڳ ٿي ويندي هئي...سو هنن رستا ڌوتا پئي...ڪا ايڪڙ ٻيڪڙ گاڏي رستي تي آئي پئي...مان پنهنجي گاڏيءَ ۾ ويس پئي...هاڻي ڏسو نه...هر ماڻهو سان گڏ سندس ”ديسي مزاج“ ته هوندو ئي آهي نه...پوءِ هو کڻي دنيا ۾ ڪٿي به هليو وڃي...سو گاڏي هلائيندي مون ڏٺو ته ”گول چڪرو“ اچي ويو آهي ۽ مون کي مٿان ڦري اچڻو پوندو...هاڻي سوچيم ته جي ايڏو چڪر ڪاٽيم ته مزو ڪو نه ايندو...وچان ٿو هلان...هن مهل، ٻن پهرن جو ڪير ڏسندو...مان جو رستي کي غلط نموني ڪراس ڪندي وچان لنگهنديم ته ڏٺم ته اتي هڪڙو سپاهي بيٺو هو. هن مون ڏي نهاريو ۽ ڄڻ ڪا پرواهه ئي ڪو نه ڪيائين...ٺيڪ آهي، وڃي پيو ته ٿو وڃڻ ڏينس...هاڻي مون کي ياد اچي ٿو ته پنهنجي ڪاميابيءَ تي جو مون رستي جو قانون ٽوڙيو هو، مون خوشي ملهائڻ لاءِ هن ڏانهن مرڪ جو گل اڇلايو...جڏهن هن اهو ڏٺو ته هن همراهه منهنجي اها ”عزت“ ڪئي آهي ته هن سيٽي وڄائي مون کي روڪي ڇڏيو...هاڻي انهن ملڪن ۾ سيٽي وڄائڻ معنيٰ موت...بيهڻ لازمي ٿي ويو. هو ويجهو آيو پهرين سليوٽ ڪيائين... هاڻي مان اندر ۾ ڏسان پيو...شيشو هيٺ ڪيم ته چيائين ”اوهان جو لائسنس؟“ مون چيو، ”مون کي اوهان جي زبان نه ٿي اچي“...هن چيو ”سٺي ته ڳالهائين ٿو...لائسنس اورتي ڪر...“ مون چيو ”فرض ڪيو ڪنهن وٽ پنهنجو لائسنس نه هجي ته هو ڇا ڪري؟...“ ته هن چيو ته ”ڪا ڳالهه ڪانهي...مان اوهان جو چالان ٿو ڪري ڇڏيان...پرچو ڦاڙيان ٿو...اوهان ڏنڊ جمع ڪرائي ڇڏيو... مون ته ائين ئي لائسنس گهريو پئي...“ مون چيو، ”مون کان غلطي ٿي وئي...“ هن چيو ”ٿي وئي هئي ته هليو وڃي ها...“ هاڻي هن مون کان بنا ڪجهه پڇڻ آکڻ جي ڪاپي ڪڍي پرچو ڦاڙيو ۽ چالان ڪري ڇڏيائين...چالان به سخت...ٻارنهن آنا... مون پرچي وٺي پڇيو ”هن جو ڇا ڪيان؟“ هن چيو ”پنهنجي ڪنهن به ويجهي ٽپال گهر جي دٻي تي اها رقم جمع ڪرائي ڇڏيو ۽ بس...“ هتي ڌڪا کائڻا ناهن هوندا... سڀ ڪجهه سولو هوندو آهي. گهر اچي مون پنهنجي گهر جي مالڪياڻي کي ٻڌايو ته ”منهنجو چالان ٿي ويو آهي، مان ڇا ڪيان؟“ هاڻي هن جو سلوڪ اهڙو ٿي ويو، ڄڻ گهر ۾ ڪو ڌاڙيل اچي ويو هجي...هن پنهنجي ڌيءَ کي ٻڌايو ته، ”پروفيسر جو چالان ٿي ويو آهي.“ پنهنجي سس کي به ٻڌايائين...سڀ روئندا پٽيندا مون وٽ آيا ۽ چيائون ته، ”تون ته شريف لڳندو هئين...ڪنهن چڱي گهر جو...سٺي خاندان جو...اسان توکي ڪمرو مسواڙ تي به ڏنو هو...پر تون اهڙو نه نڪتين...خير... هنن گهران ته نه ڪڍيو پر ايترو چيائون ته پاڙي ۾ اها خبر نه پوڻ گهرجي ته پروفيسر جو ڪو چالان ٿيو آهي...“ مون چيومان ته فڪر ئي نه ڪيو...ڪنهن کي به خبر نه پوندي...هاڻي مان هئس ڇويهن سالن جو تنهن وقت...پرچي وڌم کيسي ۾ ۽ سنگت سان نڪري ويس. ٻئين ڏينهن مون کي ڏنڊ جمع ڪرائڻو هو...سو وسري ويو...ٽئين ڏينهن اهو ڪوٽ گهر رهجي ويو، جنهن جي کيسي ۾ اها پرچي هئي. شام جو مون کي هڪڙي تار ملي ته ”سائين“ پروفيسر صاحب...فلاڻي جاءِ تي فلاڻي ڏينهن فلاڻي سپاهي نمبر اوهان جو چالان ڪيو هو...هي پرچي نمبر آهي...توهان هن وقت تائين ڪٿي به پئسا جمع ناهن ڪرايا...اها قانون جي انحرافي آهي...مهرباني ڪري اهي جمع ڪرايو، توهان جي مهرباني ٿيندي...“ هاڻي ان تار جي قيمت ايڪيهه رپيا کن هئي. مون کان وري ويسر ٿي وئي...وري هنن جي تار آئي ”جيڪڏهن اوهان هاڻي به ڏنڊ جمع نه ڪرايو ته پوءِ اسان کي افسوس سان معاملو عدالت ۾ پيش ڪرڻو پوندو...“ مون کان وري لاغرضي ٿي وئي...تان جو عدالت مان پيشيءَ جو سمن اچي ويو ته فلاڻي تاريخ تي عدالت ۾ پيش ٿيو. اوهان جيڪو قانون ٽوڙيو آهي...ان جي لاءِ پورو پورو انصاف ڪيو ويندو...هاڻي اچي منهنجي حالت خراب ٿي...اتي مون وڪيل ڪرڻ لاءِ سوچيو ته ڪنهن صلاح ڏني ته پروفيسر صاحب پاڻ سنئون سڌو عدالت ۾ وڃ...وڃي عرض ڪر ته مان هتي پرڏيهي آهيان...زبان ٺيڪ ڄاڻان نه ٿو...معافي ملي...آئيندي ائين ڪو نه ڪندس...“ هاڻي مان ڊڄندو ڊڄندو ڪورٽ ويس...مون کي ترتيب سان سڏ ٿيو. اندر ڪٽهڙي ۾ بيهاريائون...عدالت مون کان پڇيو ته ”توهان تي ٻارنهن آنا ڏنڊ لڳو هو، توهان جمع ڇو نه ڪرايو؟“ مون چيو، مون کان ڪوتاهي ٿي. هنن چيو ”عملي جو ڪيترو نه وقت ضايع ٿيو؟...پوليس جو وقت خرچ ٿيو...هاڻي عدالت جو ٿئي پيو...اوهان کي ان ڳالهه جو احساس آهي؟ اسان اوهان کي ڪڙي سزا ڏينداسين.“ مون چيو، مان پرڏيهي آهيان...گهڻو قانون نه ٿو اچيم...مون تي مهرباني ڪيو...عدالت چيو ”توهان زبان ته ٺيڪ ٿا ڳالهايو...وضاحت ڪيو پيا ٿا...اهو ٻڌايو اوهان ڪندا ڇا آهيو؟“ مان چپ هئم...عدالت وري چيو ”عدالت اوهان کان پڇي ٿي ته توهان ڪير آهيو ۽ اوهان جو ڌنڌو ڪهڙو آهي؟...مون چيو، ”مان هڪ ٽيچر آهيان...پروفيسر آهيان روم يونيورسٽي ۾...“ بس منهنجو اهو چوڻ ۽ جج صاحب ڪرسي پاسي تي ڪري هڪدم اٿي بيٺو ۽ اعلان ڪيائين ته ”استاد، عدالت ۾ آهي...استاد عدالت ۾ آهي...“ هاڻي سڀ اٿي بيٺا...منشي، ٿاڻيدار، عملدار...جج صاحب حڪم ڏنو ته ”ڪٽهڙي ۾ ڪرسي آندي وڃي...هڪ استاد عدالت ۾ آيو آهي...“ هاڻي، هن ننڍڙي ڪٽهڙي ۾ مان بيٺو آهيان...ڪرسي اچي وئي...حڪم ٿيو، ”اوهان استاد آهيو، اوهان لاءِ بيهڻ مناسب ناهي...“ هاڻي جج ڳالهائڻ شروع ڪيو، ”اي معزز استاد، اي دنيا کي علم عطا ڪندڙ استاد، اي محترم ترين انسان...توهان ئي اسان کي عدالت ۽ عدل جو حڪم ڏنو آهي...توهان ئي اسان کي اهو علم پڙهايو آهي ۽ اوهان جي ڪري ئي انهي هنن عهدن تي پهتل آهيون...تنهن ڪري اسين اوهان جي حڪمن جي ڪري ئي مجبور آهيون...ته عدالت جيڪو ضابطو قائم ڪيو آهي، ان مطابق اوهان کي چيڪ ڪيون...ان جي باوجود، جو اسان کي سخت شرمندگي آهي ۽ اسين بيحد ڏکارا آهيون ته اسين هڪ استاد، جنهن کان محترم ڪو به نه هوندو آهي، کي پنهنجي آڏي پڇا حوالي ڪيون...۽ اهو ڪنهن جج لاءِ به ڏاڍو تڪليف ڏيندڙ لمحو آهي جو هن عدالت ۾ ڪو استاد جواب ڏيڻ لاءِ موجود هجي...“ هاڻي مان سخت شرمندو هجان...مون چيو ”سائين...اوهان جو جيڪو قانون آهي، توهان ان مطابق سلوڪ ڪيو...“ جج چيو ”اسين بيحد شرمندگيءَ، ڏک ۽ الم سان، توهان تي ٻيڻو ڏنڊ وجهون ٿا...هاڻي اوهان ڏيڍ رپيو ڀريندئو...“ هاڻي جڏهن مان اتان ٻاهر نڪتس ته جج صاحب ۽ سندس سڄو عملو منهنجي ڪڍ اچي پيو ته جيئن پوري احترام سان رخصت ڪري سگهي...مان چوان منهنجي جان ڇٽي...هو سڀ مون کي موٽر سائيڪل تي ڇڏڻ آيا ۽ جيستائين گاڏي اسٽارٽ نه ٿي، سڀ اتي باادب بيٺا رهيا...

    ڳالهه بنهه سادي آهي معزز خواتين و حضرات...الاءِ ڇو، اسان کي ڪا به حد بندي سمجهه ۾ نه ٿي اچي...نه پنهنجي نه ڪنهن ٻئي جي...اسين ان زعم ۾ ئي خوش آهيون ته جيڪڏهن اسين هال مان بيحال ڪرڻ جو هنر ڄاڻون ته ڪمال ٿي ويندو...ڪنهن جو ڪهڙو ۽ ڪيترو مقام آهي... ان کي اسين ڄاڻڻ ناهيون گهرندا...البته پنهنجي مقام جو تعين ڪرڻ اسان کي خوب ايندو آهي...پر اتي انهن پنهنجن مثالن کي غور سان پڙهندي، اچو ته سوچيون ٿا...ڇا اسان کي پنهنجي مقام جو تعين به ٺيڪ نموني سان ڪرڻ اچي ٿو...جيستائين ٻيا سمجهائين، ڇا اسين پنهنجو پاڻ کي سمجهائي سگهون ٿا...هڪ استاد ائين ڪري ته ڪهڙي ”قيام“ نه ٿيندي؟ شديد پريشاني ٿي وئي آهي...هڪ اعليٰ ارفع درجي جو صاحب جيڪڏهن ائين ڪري سگهي ٿو ته عام ماڻهو ته ڪجهه به ڪري سگهي ٿو...ڇا ان وسيع علم واري ماڻهوءَ کي، جنهن جو هنر ڄاڻ سان لاڳاپيل آهي، پنهنجي درجي جي خبر نه ٿي پوي يا هو اها خبر رکڻ نه ٿو گهري. جيڪڏهن اسين کيس ”شڪ جو فائدو“ ڏيندي، اهو به سوچيون ته ٿي سگهي ٿو ته هن تڪڙ ۾ ائين ڪيو هجي ته ڇا اهو شڪ جو فائدو...هن لاءِ جائز ٿي سگهي ٿو؟

    mehmoodmughal@hotmail.com
     
  18. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم محمود مغل جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    ٻه ڀائر....ٻه ڀينرون





    آچر 16 مارچ 2008ع



    بظاهر ته سڀ کليا هوندا پر اندر ۾ ڄڻ ”ماتم“ ٿي رهيو هو. خوشبودار، سدا بهار ماحول ۾ سڀ موجود هئا، ڪارڊنگ جاري هئي، ٽيپ رول تي هئي ۽ سڀ مرحلا خير سان مڪمل ٿي رهيا هئا. گذريل ڏهن سالن کان ”پرک“ جي هن ساٿ ۾ اندر کي ايتري خبر ته پئي ٿي ته ”پيڪنگ“ ڪهڙي مهل ڪري سگهجي ٿي، اندازو هيو ته سڀ ٺيڪ ٿي رهيو آهي، ڪُئيز مهمانن سان ملاقاتون....رانديون....ان مهل راندين جو ئي سيگمينٽ هيو، ٻه گيمز مڪمل ٿي چڪيون هيون ۽ ٽئين جاري هئي...هتي اسان وٽ هن ڪُئيز شو ۾ رنگ رنگ جو عڪس اچي ٿو، وڻ وڻ جي ڪاٺي گڏ ٿئي ٿي، ذهانتن ۽ تفريح جي ساٿ کي گڏ کڻي هلڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون...ان سوچ کي سامهون رکندي اهو خيال به ذهن ۾ هوندو آهي ته مقابلا سولا هجن، عام هجن ۽ سليندڙ کي يا جواب ڏيندڙ کي ڪا ڏکيائي پيش نه اچي...ڏسندڙن کي اها شڪايت عام هوندي آهي ته اسان جا سوال به ڪي خاص ڏکيا نه هوندا آهن ۽ اسان جون رانديون به بنهه سوليون هونديون آهن ته ان جي جواب جي به اسان کي ئي خبر آهي، اتي ڇا وهي واپري ٿو، ان لاءِ ڪهڙو عرض ڪري ڪهڙو عرض ڪريان..

    هاڻي مقابلو پهاڪن مڪمل ڪرڻ جو هو، پهرين ته ”پهاڪا“ لفظ سمجهه ۾ نه پئي آيو...خير ان کي چوڻين ۾ تبديل ڪيوسين ۽ معزز مهمانن کي عرض ڪيو ويو ته سائين...اڌ چوڻي ميزبان عرض ڪندو، اڌ اوهان کي مڪمل ڪرڻي آهي...هر مهمان جي سماعتن تائين چار چار چوڻيون پهچايون وينديون، پوءِ جيڪو به مهمان وڌ کان وڌ چوڻيون مڪمل ڪندو، سو ئي انعام جو حقدار ٿيندو...ڪل ٽي مهمان شريڪ ٿيا هئا ۽ کانئن ٿيندڙ امتحان جو سيمپل ڪجهه هينئن هو. ميزبان چيو ”هڻ ڌيءَ کي....“ ته مهمان ان کي مڪمل ڪيو ته ”سکي ننهن....“ ميزبان چيو ته ”آئي ٽانڊو کڻڻ....“ مهمان مڪمل ڪندي چيو ”ٿي وئي بورچاڻي....“ هاڻي ڌڻي مٺو ڄاڻي ٿو ته اهي نمونا ئي دراصل امتحان هئا ۽ امتحان وري ڪيترو ڏکيو هو، اهو اوهان به ڏسي وٺو؛

    . تون به راڻي...آئون به راڻي....(مڪمل ٿيندو) پوءِ ڪير ڀريندو پاڻي.

    . سکڻي ڪُني....(مڪمل ٿيندو) گهڻو اڀامي.

    . ٻه ڀائر....(مڪمل ٿيندو) ٽيون ليکو.

    هاڻي ائين ڪل ٻارنهن پهاڪا هئا...راند شروع ٿي ته عجيب و غريب جواب ملڻ لڳا. بهرحال ”سکڻي ڪني“ تائين ته پهتا، پر جنهن مهل مون معزز مهمانن جي خدمت ۾ اڌ چوڻي عرض ڪئي ته ”ٻه ڀائر...“ ته بيحد اطمينان سان اها مڪمل ڪندي هن فرمايو ”ٻه ڀينرون ...“ سڀ کل ۾ ٻُٽ ٿي ويا هئا، مهربان مهمان کي سمجهه ۾ نه آيو ته ڇو کِل جو ”ڪُوڪرو“ گونجيو هو، پهرين ته پاڻ به کل ۾ ٻڏي ويو پر ان کانپوءِ محسوس ڪيائين ته ٻيلي جواب ”غلط“ ٿي ويو آهي...“ انهن ڪجهه ساعتن ۾ ئي الائي ڪيتريون دريون اندر ۾ کليون هيون، پنهنجي ٻولي، پنهنجي تهذيب، پنهنجي ماضي جا الاءَ ڪيترا جهروڪا نظر آيا...اها تهذيب، جنهن تي اسين فخر ڪندا آهيون...جنهن تي پاڻ ”پڏائيندا“ آهيون ۽ جنهن لاءِ هاڻي ته رتيءَ برابر به ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ناهيون...ان تهذيب جو، تمدن جو ۽ ثقافت جو جيڪو هاڻي ”حشر“ ٿئي پيو ٿو، اهو عالم اشڪار حقيقت بڻجند ٿو وڃي...ڪنهن به قوم لاءِ اهم ترين هوندي آهي سندس تهذيب ۽ ان کان وڌيڪ اهم هوندي آهي سندس ٻولي...وطن عزيز جي مختلف گوشن ۾ مختلف ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون، اسان جي قومي زبان هر هنڌ موجود آهي پر اسان جي ”مادري زبانن“ ۾ اسان جي جيڪا ڄاڻ باقي رهجي پئي ٿي، ان جي سوچ هنن ساعتن ۾ ڪرڻ بنهه اهم آهي...هيءُ ٿئي ڇا پيو قبلا...؟ اسين سڀ ڪهڙي ”غار“ ۾ غرق ٿي رهيا آهيون...؟

    نگاهه وجهجي ٿي درسي ڪتاب تي ته انهن ۾ هاڻي ”الفابيٽ“ ئي بدلجي وئي آهي ۽ سبقن ۽ بيتن جو ذڪر وري ڪهڙو ڪيون...؟ غمِ دوران ۽ غمِ جانان، اسان کي ائين ڳهي ويو آهي جو ڪجهه سمجهه ۾ نه ٿو اچي، لڳي ٿو ته هاڻ اهڙا ڪي ڪردار ئي پيدا نٿا ٿين، جن تي سبق لکجي، ڪيڏانهن ويو سائين ”الهندو شاهه صاحب“ ۽ امان ”مائي خيري“ يا وري جناب نور محمد ميمڻ صاحب. هاڻي نٿا روڊ ٺهن، نه ڪو ئي ڪٿي ڪو کوهه ٿو کوٽجي، نه وري ڪنهن آسيس جو ذڪر ٿو ٿئي...ته بس پوءِ ڇا لکجي...سليبس ٺاهيندڙن کي به ڪو ڳولئي نه ٿو لڀي ته جيڪڏهن لکن ته ڇا تي لکن...لکرائين ته ڪنهن کان لکرائين...هلو سائين اهو باب به بند ٿيو...جيڪڏهن ڀلا نثر ۾ ائين ڪال آهي ته ڇا نظم ۾ ڪجهه نه ٿو ٿي سگهي؟ ڇا ”واهه ڙي تارا گول تارا...“ ”پنڌ ڪندي جي ڌڪو کاڌم...“ منهنجي امڙ...“ ”مٺڙا گهوڙا اوري آءُ...“ ”چڱي ڳالهه...ٻارو هيءَ مون کان ٻڌو...“ جهڙا نظم سرجي نٿا سگهن...؟ ڇا هاڻي خيال جو گهاڙيٽو موڪلائي ويو آهي...؟ يا اسان ائين سوچڻ ڇڏي ڏنو آهي...مڃجي ٿو ته دور جديد آهي جو سڀ ”دقيانوسي“ لڳي ٿو...پر هلو ڀلا جديد دور کي ڏسندي، پنهنجي تهذيب ۽ ورثي بابت ڪجهه ته سوچيو...”ٽو ٽوزا فور“ چوندڙ ٻار کي خدا جي واسطي اهو به ته ٻڌايو ته اڳي اهو ”ٻه ڏون چار“ چوائيندو هو...تنهن کانسواءِ ثقافتي سوچ، پنهنجي وڏڙن پاران منتقل ڪيل جملا، انهن جا اچار پنهنجي جاءِ تي اهم ترين حيثيت رکن ٿا...اهي سڀ اسان ڇو وساري ويٺا آهيون...اتي ڪجهه وڏي ڄمار وارا فرمائي سگهن ٿا ته اسان ته وساريو ناهي...قبله جي وساريو نه ٿئون ته نئين نسل جو هي حال ڇو آهي؟ لڳي ٿو ته هاڻي اها سوچ اسان وٽ ناهي، معزز خواتين و حضرات... دنيا ”اٽي ڏڪر“ ۾ دلچسپي نه ٿي رکي، ڇاڪاڻ ته هاڻي ڪرڪيٽ جو زمانو آهي...هاڻي ڪنهن کي پئي آهي جو ماضيءَ جو فڪر ڪري ۽ پراڻا ”ڀانڊا“ کڻي گهمائيندو وتي...ٻولي به جديد ٿي وئي آهي، اصطلاح مٽجي ويا آهن، هاڻي ”مهذب پڻو“ وڌيڪ اچي ويو آهي، ڇڏيو سائين...ڪير ٿو هاڻي ”هڻ ڌيءُ کي ته سکي ننهن“ چوي...اهي ماڻهو ئي مري ويا.

    نجي ايف ايم اسٽيشن تي عظيم الشان ”وي جي“ صاحبه ميزباني ڪري رهي هئي...پروگرام انگريزي ۾ هو...پاڻ وڏي ”انداز تخاطب“ سان نالا وٺي رهي هئي...نالا وٺندي فرمايائين ”اياز گيڊ...اينڊ ياسر ويگن...الله اڪبر...امان...بابا...اهو گيڊ ڪونهي، اهو ”گاد“ آهي ڌيءَ... ۽ هو ويگن ناهي...”وڳڻ“ آهي...مڃجي ٿو، انگريزي ۾ نالا مليا هوندا، پر هڪ ئي وقت تي هڪ ئي جملي ۾ ٻه غلطيون...سو به نشرياتي اداري ۾...هاڻي ڇا ڪجي...ڪنهن کي چئجي ۽ ڇا چئجي...؟ اڳئين زماني ۾ عزيزان من...اهو ڪم رڳو درسي ڪتابن جو ڪو نه هوندو هو، مٽ مائٽ، عزيز سڀ اهڙا موتي پروئيندا هئا، جو شائستگي ڪمال درجي جي هوندي هئي. ان جو مطلب اهو ناهي ته هاڻي خدانخواسته ڪو اسين ڪا غلط زبان استعمال پيا ڪيون پر اها ڳالهه بهرحال خاص اهميت رکندي هئي ته ٻوليءَ جي سونهن ۽ سوڀيا برقرار رهي، پروليون، پهاڪا، چوڻيون...جام ڪتب ٿيندا هئا...اسڪول ۾ سيکاريا ويندا هئا، زماني شناسي جي هڪ باقاعدي ”رمز“ هوندي هئي، جيڪا سوچن ۾ منتقل ڪئي ويندي هئي...ٺڪا ٺڪ مثال ياد هوندا هئا...ائين ياد ڏيارڻا نه پوندا هئا...پر هاڻي واءُ وري ويو آهي...سڀ ڪجهه ان هڪ چوڻي ياد ڏياري ڇڏيو...جيڪا ان مهربان ان رڪارڊنگ ۾ پوري ڪئي هئي...تابوت ۾ وري آخري ڪلي، رڪارڊنگ کان پوءِ هڪ پڙهيل لکيل همراهه ٽوڪي...کلندي چيائين...”يار ڪمال ٿي ويو...هاڻي ايڏا سولا سولا پهاڪا نه پيا اچن...هاڻي ان ۾ به ڪا فارسي هئي...کڻي چوي ها...ٻه ڀائر...ٽيون حساب ڪتاب...يا وري جيڪو هُو هو...ڇا چئجيس...چور جي ماءُ ڪنڊ ۾ روئي...اتي کڻي پورو ڪري ها ته چور جي ماءُ پاسي کان بيهي سڏڪي...ڪمال آهي سائين...ڪمال آهي...“ معنيٰ جواب ڏيندڙ ته کڻي گهٽ پڙهيل هو، سائين پڙهي لکي، ٻوليءَ جي بخين کي لاغرضيءَ جي ڪئنچي جي چهنب سان گهمائي رهيو هو...عجيب حالت ٿي وئي آهي، مانائتا مهربانو...ڪجهه سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته ڇا چئجي...جو اهو سلوڪ جاري رهيو ته الاءِ ڪٿي وڃي بيهنداسين، اتي چوڻ وارا اهو به چون ٿا ته هاڻي ڀلا اهو سڀ اسان جي سوچڻ لاءِ وڃي بچيو آهي ڇا...؟ ته اتي عرض ڪري سگهجي ٿو ته سائين اها سوچ به اسان کي ئي ڪرڻي آهي ۽ ضرور بالخصوص ڪرڻي آهي. ڪجهه ڏينهن پهرين هڪ نشست ۾ ڪجهه ٻڌڻ جو اتفاق ٿيو...ذڪر هليو ته جنهن زماني ۾ انگ ۽ کوڙا ياد ڪرڻ ڏکيا هوندا هئا، تڏهن استاد محترم ۽ والدين اولاد کي ٻوليءَ جي سوڀيا بابت مختلف وڻندڙ طريقن سان آگاهه ڪندا هئا...سرن سان جهونگار سيکاري ويندي هئي...روز ورجائبو هو...لفظ زبان تي بيهي رهندا هئا...ان محفل ۾ ڪجهه بزرگ وجود موجود هئا...هنن پهرين ويهن انگن لاءِ ڪمال تمثيل ٻڌائي... اڄوڪي نشست جي آخر ۾ اهي سٽون پيش آهن...

    پهريون سڄڻ سونهارو، ٻيو ٻوليءَ موچارو

    ٽيون ٽيٽ کِلن ڏندَ، چوٿون چست فڪر بند

    پنجون پختين پريت، ڇهين نيڻن سندي نيت

    سستين سونهاري سريت، اٺون اونچو سندن ڳاٽ

    نائون نيڻن سندو ناٽ، ڏهون ڏندن خاصو گهاٽ

    يارنهون ڪارا سندن وار، ٻارنهون ٻنهون پيچيدار

    تيرهون طوطي جي لنوار، چوڏهون چانڊوڪي چمڪار

    پندرهون پريت مون کان لڪي، سورنهن سدائين بهار

    سترهن کڙيا کٽڻهار، ارڙهون اونچي کي اولاءِ

    اوڻويهون بهاريون بالاءِ، لام ليج، منهنجا پورا ٿيا ويهه..

    جديد دور جي جديد انسان لاءِ اهو سڀ بنهه ڏکيو لڳي سگهي ٿو، پر جنهن اطمينان سان هاڻي ”ٻه ڀائر...ٻه ڀيڻيون“ اچارجي ٿو...اهو تهذيب ۽ تمدن کي ڏکئي لڳڻ لاءِ بنهه ڪافي آهي...بظاهر ته سڀ کِليا هئاسين پر مقام معزز خواتين و حضرات روئڻ جو اچي ويو آهي.

    mehmoodmughal@hotmail.com
     
  19. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم محمود مغل جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    چئج صبا سڄڻن کي...!




    آچر 23 مارچ 2008ع



    زمانو به عجيب آهي، نامهربان ساعتون ڪڏهن مهربان ٿين، ان جو ڪو به ”اندازو“ ڪنهن کي به نه ٿو ٿي سگهي ۽ اهي ساڳيون ”نامهربانيون“ ڪڏهن مهربانيءَ ۾ مٽجي وڃن، ان جي به ڪا خبر نه ٿي پئجي سگهي....ڪير ڪنهن سان ڪيترو ”سچو“ آهي اها خبر به رب مٺي جل شانه کي ئي هوندي آهي، اندر جا ”ڳجهه“ اهو ئي ڄاڻي ٿو...ها اهو البت هر ڪنهن جي شعور ۾ شامل هوندو آهي ته، ”بابا...جهڙي نيت، تهڙي مراد.“ انسان سوچيندو ڇاهي ٿي ڇا ويندو آهي، ۽ جيڪي ڪجهه ٿي ويندو آهي، ان مان وري سبق وٺڻ جو ”گُڻ“ شايد هو رکڻ نه ٿو گهري.

    وقت جي نسبت وري ڪمال هوندي آهي عزيزانِ من....ننڍڙن ماڻهن کي وڏن جو ڇهاءُ ياد رهجي ويندو آهي....دل جي دروازي تي ڪجهه سيڪنڊن لاءِ ئي رکيل اهو هٿ، پنهنجو ”لمس“ ازبر ياد ڪرائي ڇڏيندو آهي....وڏي ماڻهوءَ يعني جاهه و حشمت ۽ مال و نسبت رکندڙ وجود ۽ هڪ ”فُقري“ يعني اسان جهڙن گهٽ حيثيت ماڻهن ۾ اهو ئي فرق ته اهم حيثيت رکي ٿو...اسين سڄي عمر کڙڪائيندا رهندا آهيون ته به هٿ جو عڪس جُڙي ناهي سگهندو...هاڻي اتي اهو به سمجهڻ گهرجي ته ڪجهه وجود ايترا ”گهاٽا“ هوندا آهن، جو انهن جو ڇهاءُ ياد رکڻ به چهرن کي مرڪ جي آسودگي بخشيندو رهندو آهي، ڪجهه گهڙيون حياتيءَ جي تازگي ياد ڏيارينديون رهنديون آهن...1993ع جو سال هو...هن خادم کي پاڪستان ٽيليويزن تي ميزبان جي حيثيت سان ڪجهه مهينا ئي ٿيا هئا...اڃان وات ڳاڙهن ۾ شمار ٿيندو هو...پهرين ”سنڌ مئگ“ جا تقريبن چوونجاهه پروگرام ڪيا هئا، پوءِ ”مهراڻ ميگ“...سوا سال کن جي ان سفر جي اڃان ڪا حيثيت ئي ڪانه ٺهي هئي، جو ”اڄ جو مهمان“ نصيب ۾ آيو. اهو اعزاز، هن فقير کي حاصل ٿيو ته سنڌ جو برک، املهه ماڻڪ (93) ٽيانوي شخصيتن جا پروفائيل انٽرويوز، منهنجي نصيب ۾ آيا...هڪ ٽيڪ جو پروگرام هوندو هيو...ساڍن ٽيويهن چوويهن منٽن جو پروگرام معزز مهمانن جي پيغام وٺڻ سان پورو ٿيندو هو. محترم نواب مهدي لغاري صاحب، جڏهن پروڊيوسر ٿي آيا ته نياپو مليو ته هن واري مهمان جي حيثيت سان مخدوم محمد امين فهيم صاحب جن شرڪت ڪندا. حڪم ٿيو ته مان ڏيڍ وڳي تائين ٽي وي اسٽيشن پهچان، ٻين وڳي سائين پهچندا، اڍائي وڳي رڪارڊنگ شروع ٿيندي، سوائين ٽين تائين معزز مهمان فارغ ٿيندا ۽ روانه ٿيندا، ڇاڪاڻ ته کين ساڍي چئين وڳي جي فلائيٽ پڪڙڻي آهي. هن ڪارهاءِ حيات ۾ معزز خواتين و حضرات مٺڙي مالڪ جل شانه اهو ڪرم ڪيو آهي جو اڄ ڏينهن تائين هي خادم، ڪئميرا جي پويان، هزارين رڪارڊنگز ڪرائي چڪو آهي، مائڪرو فون ۽ اسٽيج تي سوين حاضريون نصيب ۾ آيون آهن، پر اهو مون تي منهنجي مٺڙي رب جل شانه جو ڪرم آهي ۽ مهربان استادن جي دعا ۽ حڪم آهي ته نه ڪڏهن ڪو اهڙو موقعو آيو آهي جو مان بنا ”هوم ورڪ“ جي سيٽ تي پهتو هجان ۽ نه ئي ائين ٿيو آهي جو مون پنهنجي پهچڻ واري وقت تي ڪنهن کي انتظار ڪرايو هجي...ڪرم رب مٺڙي جو ٿيندو آهي، عزت رهجي ويندي آهي.

    ڏيڍ وڳي پهچڻ جو چيو هئائون ته مان تقريبن هڪ لڳي ڏهن منٽن تي پهتو هوس. پاس وٺڻ لاءِ دريءَ وٽ قطار ۾ بيٺس ته ڏسان ته پريان محترم جنرل مئنيجر صاحب جي رڙ تي رڙ پئي پَئي...عجيب پريشاني هجيس...اسان جي ڪا ايڏي گهرائپ ته ڪانه هئي، سمجهيم انتظار ڪنهن ٻئي جو ڪندو هوندو، پر سائين ته منهنجي ”انٽري“ لاءِ بيتاب هو...اندر گهڙيس ته هڪدم چيائين، ”ڪمال آهي مغل صاحب...ايتري دير ڪبي آهي؟“ هاڻي مٺڙي مغل صاحب کي ته هونئن ئي وات ۾ منڱ هوندا آهن، اتان جند ڇڏائي جو اڳتي ڏسان ته سبحان الله...صفائي ڪمال ٿي وئي هئي، ڪونڊين کي به رنگ لڳي ويا هئا...اندر اسٽوڊيوز ۾ پهريون ڀيرو چيف ڪئميرامين صاحب جي شڪل نظر آئي، جيڪو ”به نفسِ نفيس“ ۽ ”به قلم خود“ ڪئميرا جي لينسز کي چيڪ ڪري رهيو هو. اسٽوڊيو ”ڊي“ جي سيٽ تي سامهون پنجاهه کن ڪرسيون به لڳل هيون، اڃان منهنجي پفنگ جو مرحلو هليو ئي پئي ته خبر پئي ته سائين جن اچي ويا آهن. سڌو جي ايم صاحب جي آفيس ۾ پهتا...اتي چانهه جو بندوبست هو...مون کي گهرايو ويو...سلام عرض ڪيم...ٻڌايو ويو ته ”هي اوهان جا ميزبان آهن...“ هڪ گهري نگاهه سان ڏسندي، اٿي بيهي هٿ ڏيندي هنن پڇيو ”توهان ڇا ڪندا آهيو!...“ عرض ڪيم ”ليڪچرر آهيان...سنڌ يونيورسٽيءَ ۾....“ وڌيڪ ڳالهائڻ لاءِ سمون ئي ڪونه هو. اهو ياد نه ٿو اچي ته انهن ڏينهن ۾ پاڻ ڪهڙي محڪمي جا وزير هئا پر اهو بهرحال ياد اچي ٿو ته ڪاغذن جا ڍڳ هئا...پوري ٽي وي اچي ڪٺي ٿي هئي...پاڻ چانهن به پيتائون پئي ۽ ڪاغذن تي تڪڙا نوٽ به لڳا پئي...

    اهو سلسلو اسٽوڊيوز ۾ به هليو...مهمان واري ڪرسيءَ تي ويٺا ته ميڪ اپ جو شعبو اسٽوڊيو ۾ اچي ويو...هاڻي کين هلڪي هلڪي پفنگ به ٿئي پئي، ڪاغذ به صحيح ڪن پيا ۽ مون سان به مخاطب هئا...”مغل صاحب...سوال ٿورا ڏيکارجو...“ پفنگ جي ڪري سندن عينڪ لٿل هئي...مان سوال پڙهندو پيو وڃان ۽ پاڻ ٻڌندا پيا وڃن...ياد اچي ٿو ته تقريباً اسي کن سوالن مان، ڪي ٻن يا ٽن لاءِ منع فرمائي هئن...خير....انٽرويو شروع ٿي ويو...

    هاڻي ميزبان کي ته ڦٿڪو هوندو آهي نه...هن دنيا ۾ سورنهن سال ٽي وي جي ميزبان جي حيثيت ۾ ٿيڻ وارا آهن. اهو اندازو ته خوب هوندو آهي ته ڪٿي ڪهڙو سوال فٽ ڪرڻو هوندو آهي...ياد اچي ٿو ته اسڪرپٽ کان هٽندي ڪجهه سوال مون سنوان سڌا ڪري ورتا هئا، جن تي مخدوم صاحب اها مرڪ ڏني هئي ته اهي ”پهرين“ ته شامل نه هئا...پر پاڻ جواب ڏيندا رهيا...هڪڙو سوال اڄ تائين ياد آهي.... ”اوهان کي حياتيءَ ۾ ڪا شڪايت آهي سائين؟....“ ۽ پنهنجي مخصوص مرڪ سان مخدوم محمد امين فهيم صديقيءَ وراڻيو هو، ”جيڪو ماڻهو پاڻيءَ جا ٻه ڍڪ پاڻ پي سگهي ٿو ۽ مانيءَ جو گرهه پاڻ ٽوڙي سگهي ٿو، تنهن کي زندگيءَ کان ڪابه شڪايت نه ڪرڻ گهرجي....“

    اهو في البديع جواب، سڄيءَ عمر لاءِ ڄڻ سيني تي چڙهي ويٺو آهي...انٽرويو پورو ٿيو ته ”مبارڪ-سلامت“ ٿي ويئي...ڇاڪاڻ ته سامهون ويٺل ڪرسي ڀريل هئي ۽ الائي ڪيترا اهلِ علم، اهل دانش اتي ويٺل هئا. گلن جي ورکا ٿي، مٺائي تقسيم ٿي، هجوم ٻاهر نڪري ويو ۽ هڪ ننڍڙي حيثيت وارو ميزبان، پنهنجا ڪاغذ ميڙيندو رهيو جو اوچتو ڦوڪيل ساهه سان هڪ همراهه اچي ٻانهن ۾ هٿ وڌو... ”ٻاهر هلو...سائين ياد فرمائين ٿا....“

    حيرت مان پڇيم، ”ڪنهن کي...! مون کي....؟“

    ڪنڌ سان هائوڪار ڪيائين، ”پر ڇو؟؟“ ڳالهه سمجهه ۾ نه پئي اچيم...مخدوم صاحب مون کي ياد ڇو ڪندا...سڏڻ واري جو ساهه پيو وڃي...”هلو....هُو اوهان جا منتظر آهن...“ تيز تيز ٻاهر پهتاسين...اهو ئي هجوم....اهي ئي وي آءِ پيز، اهي ئي ڪاغذ....مون تي نگاهه پيس ته اڳتي سرڪي آيا....”مغل صاحب...پنهنجو تعارف مڪمل نه ٿيو هو...“

    ”عرض ڪري چڪو هئس سائين...ڄامشوري ۾ پڙهائيندو آهيان....“ هڪڙو ننڍڙو ماڻهو ڇا عرض ڪري...هڪدم گهور ڪندي چيائون...“ مغل صاحب ڪو ڪم ڪار؟...“

    عرض ڪيم ”سلامت هجو...ڪم ڪار ڪوبه ناهي....“

    ۽ معزز خواتين و حضرات...عجب جهڙي ڳالهه اها ٿي جو ان مهل، اهي سڀ ڪاغذ ڇڏي پاڻ ٻانهون ڊگهيريائون....”جيڪڏهن ڪم ڪار ڪونهي ته پوءِ پاڻ ڀاڪر پائي سگهون ٿا....“ ڪمال ٿي ويو...ڌڻي ڄاڻي ٿو...اها ڪيڏي نه وڏي سچائي هئي ته ان مهل، انهيءَ هجوم ۾، مان اڪيلو ماڻهو هئس، جنهن کي منجهن ڪو به ڪم ڪونه هو...هاڻي ڀاڪر پائي، پاڻ منهنجي ڪلهي تي هٿ رکي بيهي رهيا...سائين جميل به بيٺل هئا، پر اهو محض ”حسنِ اتفاق“ هو جو پهريان ست اٺ منٽ، پاڻ ائين ئي بيٺل رهيا، رخصت ٿيا ته وري ملي پوءِ ويا...هاڻي سائين ”جئه جئه ڪار“ ٿي وئي، هڪڙو ننڍڙو ميزبان، ان هڪ ڀاڪر جي ڪري، بيٺل هجوم ۾ ”الاءِ ڇا“ ٿي ويو، جيڪي پُڇن نه پيا، سي به هر هر سلام پيا ڪن ۽ مخدوم صاحب ۾ انهن جو جيڪو ڪم هو، ان جي پورائي لاءِ رکي رکي پارتون پيا ڪن. اهو ڏينهن، اها هڪ ملاقات، اڄ 15 سالن ۾ به ڌنڌلي ناهي ٿي سگهي...رب مٺڙو، وڏن ماڻهن جي وڏي حيثيتن کي سلامت رکي، اسان جهڙن لاءِ اهي پل....اَپل هوندا آهن....

    گذريل هڪ مهيني کان مخدوم صاحب مستقل ”خبرن“ ۾ آهن، خبرون ته سڄي ڄمار هنن سان تعلق ۾ ئي رهيون آهن، اقتدار جي ”هُما“ کي سندن سِر تي لامارن ڏيڻ جو شوق رهيو آهي...”خواب نگر“ ۾، اسان وٽ سياست، ”چانهن جو ڪوپ“ ناهي رهي...اهو گورک ڌنڌو پلئه نه ٿو پوي...اهي اسرار، اهي رموز، اهلِ علم و دانش ئي ڄاڻن...پر الاءِ ڇو، هر دفعي اسڪرين تي نگاهه وجهندي، احساس ٿئي ٿو ته هڪڙو شاعر، جيڪو شڪايتن ۾ اعتبار نه ٿو رکي، هاڻي ”مستقل ماٺ“ کان به نابري واري ويٺو آهي. پنهنجي ابتدائي شاعريءَ کان وٺي ”امين“ کان ”فهيم“ تائين جي سفر ۾ ۽ اڄ تائين مخدوم صاحب کي ”صبا“ سان گفتگو ڪرڻ جو شوق رهيو آهي.

    صبا! چئج سڄڻ کي، تنهنجي لڳي تار....

    لالڻ ڏينهن لڙيو وڃي، پچائيندي پار،

    سڄڻ سونهين ڪونه ٿو، ڌڻ ڌناران ڌار،

    قرب ڪري ڪو يار، واڳون وار وصال جون....

    يا وري....

    صبا! چئج سڄڻ کي ساري سَوَ سلام...

    دل جي دلبر يار کي پهچائج پيغام،

    آهيان آئون ”امين“ چئي، سڄڻ اوهان جي سام،

    محبت واري مام، سانڍي رکيم ساهه سان...

    ۽ مٿان وري ٽنڊي آدم ۾ حياتي گذاريندڙ دين محمد شيخ صاحب ڳايو....

    چئج صبا سڄڻن کي، ڪا هاڻي ته لهجو سار...

    سنجهه صبوح بس آهي ”فهيم“ کي پيارا اوهان جي پچار...

    چئج صبا سڄڻن کي ڪا منهنجي ته لهجو سار...

    هاڻي هوائن ساڻ ”لاڳيتي گفتگو“ ۾ مخدوم محمد امين فهيم جن کي ڇا پلئه پيو آهي، اها ته کين خبر آهي يا ”هوا“ کي...

    ”نهج البلاغه“ ۾ حضرت علي ڪرم الله وجهه فرمائين ٿا...

    (1) ”جڏهن دنيا (پنهنجي نعمتن کي کڻي) ڪنهن تي لڙندي آهي ته ٻئي جون خوبيون به کيس ڏئي ڇڏيندي آهي ۽ جڏهن کانئس رخ موڙي وٺندي آهي ته خود سندس خوبيون به ڦُري وٺندي آهي...“

    (2) ”ماڻهن ۾ کُٽل اهو آهي، جيڪو پنهنجيءَ ڄمار ۾ پاڻ لاءِ ڀائر هٿ نه ڪري سگهي ۽ انهيءَ کان وڌيڪ کُٽل اهو آهي، جيڪو کين هٿ ڪرڻ کانپوءِ وڃائي ڇڏي...“

    (3) ”جنهن کي پنهنجا ڇڏي ڏين، تنهن کي پراوا ملي ويندا...“

    انهن ٽنهي قولن ۾ الاءِ ڇو هن فقير کي مخدوم صاحب جي ساٿين جا عڪس نظر آيا آهن...الاءِ ڇو دل جي ڪنهن ڪنڊ ۾ هڪڙي سِٽ مستقل هُري ٿي.خيال اچي ٿو ته جيڪڏهن سائين محمد امين ”فهيم“ پنهنجي شاعريءَ تي نظرثاني ڪن ته شايد هاڻي اها سِٽ هينئن لکن...

    ”چئج صبا سڄڻن کي ڪا هاڻي نه لهجو سار....

    ڪا منهنجي نه لهجو سار....“

    زمانو عجيب آهي... ”اندازو“ ته ٿي ئي نه ٿو سگهي.

    mehmoodmughal@hotmail.com
     
  20. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم محمود مغل جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    تعظيم جو وڻ ۽ اڏوهي




    آچر 30 مارچ 2008ع



    عجيب وڏائي اچي وئي هئي مون ۾...

    واءُ ڪو اهڙو وريو، جو دماغ ڄڻ ڦونڊجي ويو... هيءَ تعريف... هوءَ ساراهه... پنهنجو وجود، پنهنجي اهميت محسوس ڪرائڻ لڳو... لڳم ته سج هاڻي مون تي ئي لهڻ چڙهڻ لڳو آهي. پنهنجي رويي ۾ تبديليءَ جو احساس مون کي ذرو به ڪو نه ٿيو هيو... پنهنجي مٿان چاڙهيل خول ۾ مان ڪجهه اهڙو ڍڪجي چڪو هئس، جو شايد اهي احساس مون کان ڪٿي پري رهڻ لڳا هئا.

    جنهن ”ٺيئي“ تي مان ويهندو آهيان خواتين و حضرات، اتي رب جو خاص ڪرم هوندو آهي. نوجوان... ننڍڙا ننڍڙا، پتڪڙا، پر جوش سان ڀريل ذهن، وڻ وڻ جي ڪاٺيءَ جي حيثيت سان، مون وٽ اچي ڪٺي ٿيندا آهن... علم جي خوشبو وکيرڻ منهنجي نصيب ۾ آئي آهي، جنهن لاءِ مان پنهنجي مٺڙي رب جو جيترو به شڪر ادا ڪيان، اهو گهٽ آهي... انهن سڀني سان هڪ خاص محبت منهنجي حياتيءَ جو ”مرڪ“ رهي آهي... پنهنجو مدو پورو ڪري، هو مون وٽان رخصت ٿيندا آهن... پنهنجي گاڏڙيءَ تي مان تقريباً سورنهن سالن کان ساندهه حاضري ڀريندو رهيو آهيان. ان وچ ۾ ڪجهه هزار شاگردن جو استاد ٿيڻ، منهنجي سرخوشيءَ جو سبب بڻيو آهي. هاڻي ان سڄي دور ۾ هڪڙي ڳالهه جي مون سدائين شعوري ڪوشش ڪئي آهي ته جي شاگرد اولاد جيان آهي ته کيس کارائجي سونو گراهه ۽ ڏسجي شينهن جي اک سان. منهنجي لاءِ اهو قطعي فرق ڪو نه ٿو پوي ته منهنجو شاگرد، ”يونيورسٽيءَ“ جو شاگرد آهي... مون لاءِ بس هو منهنجو ٻچو آهي... منهنجو ”شکشڪ“ آهي...

    هاڻي ائين به ٿيو هوندو ته اسان ڪڏهن گڏجي کليا هونداسين ته ڪڏهن اکين مان آب به ضرور وهي نڪتو هوندو... سندن رنج و الم، محبتون، ننڍڙيون ننڍڙيون بي وفائيون ۽ ازلي ابدي وفائون، شايد منهنجي سماعتن جي پلئه ۾ گهڻيون پيون هونديون. عرض ڪري چڪو آهيان ته جي پاڻ کي مائٽ سمجهان ٿو ته اها ته سنئين سڌي ڳالهه آهي ته اولاد جي اک جو ڦير ۽ پير جي حرڪت مائٽ کي سمجهه ۾ نه ايندي، ته ڪنهن کي ايندي... سو هو منهنجي ويجهو هوندا آهن ۽ مان هنن جي... اهو سڀ هوندي به اها به شعوري ڪوشش هوندي آهي ته استاد ۽ شاگرد جي وچ ۾ جيڪا توازن جي لڪير ضروري آهي، اها ”ڊهڻ“ جي ور نه چڙهي... اها سلامت رهي، ان ۾ ئي ٻنهي ڌرين جي بقا آهي. ۽ شيون ته هونئن به پنهنجي حدن ۾ ئي ٺهنديون آهن.

    ڪارڊ منهنجي هٿ ۾ ڏئي، هو ڪنڌ جهڪايو بيٺو هو... مون نگاهه نه کنئي هئي، بس ڪارڊ جي ”لوازمات“جي پڪ ڪندي، صحيح ڪرڻ لاءِ مارڪر جو ڍڪ لاٿو هو... اڃا صحيح ڪرڻ وارو ئي هئس، جو هن چئي ڇڏيو... ”سر... فوٽو“ مان ڄڻ ڇرڪي پيو هئس. ڪارڊ تي لڳل فوٽوءَ ڏانهن نهاريم ۽ وات مان جملو نڪري ويو ”ڇا ٿيو آهي فوٽوءَ کي؟... هان... ٺيڪ ته آهي..“

    هن ڪجهه نه ڪڇيو. وري به ڪنڌ جهڪائي ڇڏيائين. مون وري به غور سان فوٽوءَ ڏي نهاريو ۽ مون کي پوءِ محسوس ٿيو ته هن مٿي وٽان، فوٽوءَ کي موڙي هنيو هو. ڪارڊ ۾ فوٽوءَ چنبڙائڻ لاءِ ڏنل جاءِ محدود هئي، تصوير وڏي سائيز جي هئي. ۽ .... سائيز ۾ ”فڪس“ ڪرڻ لاءِ هن ڪنڊون پاسا ورائي، فوٽو اسٽيپل ڪيو هو... مون گهڙيءَ پل ۾ اهو سڀ ڏٺو ۽ فوٽوءَ تي صحيح ڪري ڇڏي... ۽ ان ئي لمحي ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ جو هڪڙو فلئش بيڪ من تي تري آيو. ائين ئي هڪڙو شاگرد ڪارڊ تي صحيح ڪرائڻ آيو هو ۽ سندس فوٽو، ڪارڊ تي چنبڙيل نه هو... کيس فوٽو چنبڙائڻ لاءِ چيو هئو. اهو ڄاتم پئي ته کيس کئونر ڪٿان به ڪو نه ملندو ۽ فوٽو کيس اسٽئپل ئي ڪرڻو پوندو... هن به منهنجي نگاهه ڄڻ پڙهي ورتي هئي... منهنجي ٽيبل تي رکيل اسٽيپلر ڏي نهاريائين ته مون هڪدم چئي ڏنو ”اهو ڪم نٿو ڪري... پن ڦاسي ٿي... تون ڪٿان ٻئي هنڌان فوٽو هڻائي اچ...“ ان گهڙيءَ الائي ڪيترا آواز اندر ۾ اڀري آيا هئا، جن رڙيون ڪري ڪري پئي ٻڌايو ته ”اسٽئپلر ٺيڪ آهي... اڃا پنج منٽ پهرين ته تو اهو استعمال ڪيو آهي... ۽ ان ۾ پنون به جام آهي...“ پر الائي ڇو، جيستائين مان ان آواز جي نسبت سان ڪجهه چوان، منهنجو شاگرد وڃي چڪو هو.

    فلئش بيڪ هڪدم ختم ٿي ويو. ڇاڪاڻ ته هن مهل هي وڏي فوٽوءَ وارو، پنهنجو ڪارڊ واپس وٺي رهيو هيو. پنهنجي ماضيءَ جا چيل الائي ڪيترا جملا اوسي پاسي ڊوڙڻ لڳا. ”گڏهه... ائين ڪبو آ... اهو فوٽو آندو ٿئي!! ... هان!“ سدائين بدزيب يا وڏي فوٽوءَ تي اهو پٽڪو هوندو هئم. پوءِ سامهون پينن واري باڪس مان ڪئنچي ڪڍندو هوس... فوٽو کي سائيز مطابق ”زيبائتو“ ڪٽي، اسٽئپل ڪري، طريقي سان هڻي صحيح ڪري ڏيندو هوس. منهنجي هن شاگرد کي به مون مان اها ئي اميد هئي، پر عرض ڪري چڪو آهيان ته ڪا ته تبديلي آيل هئي. ”ٽون... ٽان“ ڪا اهڙي ڀرجي وئي هئي، جو رويو مٽيل هو... رويو مٽيل هو، تڏهن ته مون ڌيان ئي ڪو نه ڏنو هو نه... هاڻي هن جو ڌيان ڇڪيو، ته نيڻ ڀرجي آيا... هٿ جهليندي چيومانس...“ ترس... هيڏي ڪر بيوقوف... ائين ڪارڊ تي فوٽو هڻبو آ...!“

    پروردگار کي حاضر ناظر ڄاڻي لکان ٿو ته سندس مُک به ٽڙي پيو...ڏند ٿورا وڏڙا هئس، جيڪي ڪجهه گهڙيون اڳ هن ڀڪوڙي بند ڪري رکيا هئا... منهنجي آواز جي ”کهرائيءَ “ سندس ٻٽيهي کولي ڇڏي... چيائين... ”نو سر... غلطي ٿي وئي...“ سندس پٺيان بيٺل ڪنهن پاڇي چيو ”غلطي ٿي وئي ته ٺيڪ ته تون ڪندين نه منهنجا ابا...“

    فوٽو کوليم، ڪٽنگ لاءِ ڪئنچي ڳوليم ته احساس ٿيو ته مون ته هاڻي اها به ٽيبل جي خاني ۾ لڪائي ڇڏي آهي ته متان ڪير گهري ۽ ڏيڻي پئي... هَلُ... اهو به ڪيڏو نه عجيب فڪر ته ڪيستائين پيو ڏيندس؟... هاڻي ته ٿڪجي پيو آهيان... ماڻهن به سر کائي ڇڏيو آهي... فوٽو ڪٽي، سهڻو سبيتو ڪارڊ ٺاهي سندس حوالي ڪيم... هن ٿينڪ يو چيو ۽ منهنجي دل چيو، مان چوانس... منهنجا ٻچا... ٿينڪ يو ته تنهنجي... جو تو مون کي پنهنجو پاڻ ته موٽائي ڏنو... مان جيڪو ننڍين ننڍين خدمتن کان وانجهيل بڻجي رهيو هوس... تنهنجي ڪري ان نيڪيءَ ڏي موٽي آيس... مان پهرين اهڙو ”آئوٽ اسپوڪن“ هوندو هوس... پر هنن گهڙين ۾ مون کان ڪجهه نه اڪيلو ٿيو، هڪ مرڪ ضرور آئي ۽ سندس وڃڻ کان پوءِ منهنجي سڏڪن، منهنجي مرڪ کي ڀاڪرن ۾ ڀري ورتو...

    اهو سڀ اسين ائين ڇو ڪندا آهيون عزيزانِ مَن...؟ وڏين وڏين خدمتن ۽ محنتن جو ذڪر ته اسين دل کولي ڪندا آهيون، ننڍڙي محنت ۽ ننڍڙي خدمت ڪندي، اسان کي ”تپ“ ڇو چڙهندو آهي؟ پاڻيءَ جي گلاس پيئارڻ کان وٺي، ڪنهن لاءِ ڪنهن مدد جي بندوبست ڪرڻ ۾ اهو لنوائڻ اسان الائي ڪٿان سکيو آهي... ڪو واجهائيندو پيو ته اسين دڳ نه ڏسينداسين، پاڻ وٽ ڪا اضافي شئي هوندي ته اها ڏيڻ ۾ هزار دفعا پيا ڪيٻائينداسين... آفيسن ۾ اهو منظر خاص نظر ايندو آهي... جڏهن عملو بيزار پيو ٿيندو آهي... اتي اهو به چئي سگهجي ٿو ته سوالين جو هجوم پريشان ڪري سگهي ٿو. ڪم جي رواني متاثر ٿي سگهي ٿي... پر جي اتي ئي اها به سوچ ڪجي ته اصل حدف ”خدمت“ ڪرڻي آهي... ته پوءِ ته سڀ ختم آهي نه سائين... انهن ننڍين ننڍين خدمتن جو وري عجيب مزو اٿوَ صاحبان عقل و زمانه... محترمه بانو قدسيه صاحبه، هڪ واري ٽيليويزن تي پنهنجي انٽرويوءَ ۾ چيو هو ته ”جنهن زماني ۾ گيزر نه هوندا هئا ته باهه تي شين جي دٻن ۾ پاڻي گرم ڪيو ويندو هو. پوءِ گرم ٿيڻ کان پوءِ اهو پاڻي بالٽيءَ وغيره ۾ نائي، وهنجڻ جاءِ تائين پهچائبو هو، جتي ٽوال، انگوڇو، صابڻ ۽ ميٽ، تيل وغيره اڳ ۾ ئي موجود هوندا هئا... ان پاڻي گرم ڪرڻ جو ۽ ان کي وهنجڻ جاءِ تائين پهچائڻ جو پنهنجو مزو هوندو هو... جيستائين اهو گرم ٿئي، ڪچهري هلندي هئي پئي. ان کان پوءِ خدمت جو اهو هنر ميسر ٿيندو هو... هاڻي ته جتي ڪٿي گيزر آهي... نلڪو کوليو، گرم پاڻي حاضر... ڪاڏي ويون اهي ڪچهريون، ڪيڏانهن ويون اهي خدمتون...“

    هتي هن مثال ڪوڊ ڪرڻ جو مطلب ڪو اهو ناهي ته ماڻهو گهران گيزر جي لائين ئي پٽرائي ڇڏي، پر معزز خواتين و حضرت، عرض ڪرڻ جو مقصد، صرف ۽ صرف اهو آهي ته رفاقتن جي گهڙين ۾ خدمتن جي پنهنجي ڀرپور جاءِ هجي ٿي... جي انهن ننڍين ننڍين ڳالهين ڏانهن ڌيان ڏنو وڃي ته ڪمال ٿي سگهي ٿو.

    ان هنر جي عطا به ڌڻيءَ جي ئي مَهِرَ آهي... قبله والده صاحبه جن فرمائينديون هيون ”جنهن وڻ ۾ ٻور هجي، ان ۾ عجيب وقار هوندو ٿئي محمود... ٻور ته دراصل تعظيم سيکاريندو آهي... ڪرڻ به... ڪرائڻ به... ۽ جتي تعظيم جو سڪو هلندو هجي نه... اتي سنئون سڌو وقار اچي ويهندو آهي... اهو وقار جيڪو خدمتن جي ثمر سان ٽنڊريل هوندو آهي... ان وڻ کي اڏوهيَ کائيندي آهي ”مان“ جي... جنهن وٽ به، پنهنجيءَ ذات بابت ٿورڙو به شڪ جاڳي نه ته... سائين ڪمال ٿي ويو آهيان مان... سمجهه اڏوهيءَ ان ۾ گهر ٺاهي ڇڏيو... ائين کائي وينديس، جو کيس خبر به ڪا نه پوندي... ۽ هڪ ڏينهن وڃي پٽ پوندو...“

    ياد اٿم، پڇيو هئم ”ڀلا جي ائين ٿئي ته اوچتو خبر پئجي وڃي ته تعظيم جي ٻور واري وڻ ۾ اڏوهي لڳي وئي آهي ته ان جو ڪو علاج ٿي سگهي ٿو... مطلب... سمجهه کڻي ته اڃا پهرين اسٽيج هجي...؟“

    خوبصورت مرڪ سان نهاريندي وراڻيو هئائين ”ڪنهن به اسٽيج تي... ٻچا... جي خبر پئجي وڃي نه... ته ڪمال ٿي سگهي ٿو... معافي ۽ منٿ ميڙ، آزي نيزاري ان اڏوهيءَ جو علاج ٿئي... اصلي وڻ ڪرڻ وارو هجي نه... ته به جي شرمساريءَ جو پاڻي پئجي وڃي ته وري بچي پوندو...“

    مان ڏاڍو لڄي ٿيو آهيان... بيحد شرمسار آهيان... معافيءَ جو طلبار آهيان... ان تعظيم ۽ خدمت جي وڻ کان سواءِ مان ڪجهه به ناهيان... مان پنهنجي دل جي حضور سان شرمساريءَ جو پاڻي وهايان پيو ٿو... دعا فرمائيندا، خدمتن جو اهو وڻ بچي پوي... آمين.

    مون ڪئنچي ٻاهر ڪڍي رکي آهي ۽ اسٽئپلر ۾ نيون پنون وڌيون آهن... هاڻي وري، ڏنگن ڦڏن ڪارڊن کي سينگارڻ سنوارڻ جي ڪوشش ڪندم... مَنَ ڪرم ٿي وڃي... اهو سڀ قبول ٿي وڃي ۽ ”مان“ جي ٽانءِ جيڪي ڏنگا ڦڏا وَڪَڙ مون ۾ وڌا آهن، اهي سڌا ٿي وڃن.

    mehmoodmughal@hotmail.com
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو