محترم محمود مغل جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

'سنڌي ادب' فورم ۾ عبدالوهاب طرفان آندل موضوعَ ‏6 آگسٽ 2010۔

  1. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم محمود مغل جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    پيار جي پارت هُجئي!



    آچر 4 فيبروري 2007ع

    الاءِ ڪيترا ڏينهن ٿيا هئا جو اندران ڪا جاءِ نه پئي ملي. پنهنجو پاڻ سان گفتگو ڪئي عرصو ٿي ويو هو. حياتيءَ جي هڻ هڻان ۾ وقت جو ”وقفو“ ناراض ٿي ويو هو. آئيني ۾ ڏٺي به ڄڻ ڏينهن ٿي ويا هئا. ماڻهو ته ماڻهو آهي، عزيزان من...پنهنجو پاڻ کي مڌو بالا ۽ اميتاڀ بچن کان گهٽ ڪٿي ٿو محسوس ڪري! پر وري به غمِ دوران جو وهڪرو ڪا اهڙي صورتحال اختيار ئي ڪري وٺي ٿو، جو اهو ”خوبصورت روپ“ به ڏٺي ڏينهن ٿي ويندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن ته پنهنجا ”ساروپا“ به وسري ويندا آهن.

    اهو سڀ هر ڪنهن سان ناهي ٿيندو، خواتين و حضرات...جن جي دوستي، ”پنهنجو پاڻ“ سان هجي، سي ئي بهتر سمجهي سگهن ٿا، جن کي پنهنجي اندر جي آواز جي خبر هُجي، انهن لاءِ اهو سڀ سولو بڻجي ويندو آهي. مسئلو وري انهن سان اهو ٿيندو آهي، جو ڪڏهن ڪڏهن بنا ڪنهن سبب جي، اندر جا ايوان بند ٿي ويندا آهن. رڙ، واڪو ته ڇا...ڪا سرگوشي ٻڌڻ ۾ ڪو نه ايندي آهي...من ملول ٿي ويندو آهي. دنيا ٻاهران ته سڀ هار سينگار ڪيو ٽلندي وتندي آهي...اندر ۾ عجيب ”ٻڙڌڪ“ هوندو آهي. وجود وسامي ويندو آهي...اسان جي کل بي رنگ، مُرڪ ڇسي ۽ ڀاڪر ٿڌو بڻجي ويندا آهن. زندگي، ويٺي ويٺي ”بليڪ اينڊ وائٽ“ بڻجي ويندي آهي.

    پاڻ ڳالهائڻ ۾ مصروف هئا...ڪنهن ڪُنڊ پاسي کان جاءِ ملي هئي. منهنجو مُنهن ته اڳ ۾ ئي مونن ۾ اچي ويو هو. بس ڪَنَ هئا، جيڪي ڄڻ اينٽينا بڻيل هئا...”مسي مساڳ...چپن لاءِ هوندي آهي ۽ چَپَ اظهار لاءِ...پنهنجي اندر جي هر اُڌمي کي، هر خواب کي لفظن جو روپ ڏيڻ لاءِ اوهان چپن جا محتاج آهيو. اظهار جي هڪ واٽ اک به هوندي آهي، پر ان جي زبان عام فهم ناهي هوندي. اکين جي ٻولي هر ڪو ناهي ڳالهائيندو ۽ نه ئي هر ڪنهن سان ڳالهائي ويندي آهي. جيڪي نگاهه جي ٻولي ڳالهائڻ گهرن، انهن کي چڱيءَ طرح خبر هوندي آهي ته سامهون واري جي نگاهه، اکين ۾ ڪَنَ رکي ٿي. مطلب...منهنجي اکين جا چپ جيڪو آڇين ٿا، سامهون واري جي اکين جا ڪن انهيءَ صدا کي ڪنائين ٿا ۽ سمجهن ٿا. جيڪڏهن انهن ٻنهين مان، ڪنهن به هڪ ۾ ڪا کوٽ آهي ته اها ٻولي ئي بيڪار آهي دانائو...ٻولي هوندي آهي سمجهڻ لاءِ...جيڪڏهن سمجهه ۾ ئي نه اچي ته صدا جو فائدو ڪهڙو رهي ٿو...!؟

    ڳالهائيندي ڳالهائيندي هنن مون ڏانهن نهار ڪئي هئي، مون کي اندازو تڏهن ٿيو، جڏهن ڪنڌ مٿي کنيو ته سندن نگاهه مون تي اٽڪيل هئي. اکين جي حجت اکين کي محسوس ٿي ته هلڪي مرڪ سندن مُک تي وکري وئي. کين احساس ٿي ويو هيو ته دانائن ۾ هڪ ڀُوڪ به ويٺل آهي. ”هاڻي، چپن جي اظهار جا به گوشا آهن...پوري ڳالهه، اڌ اکري، اڌو گابري ڪٿا...اشارو ڪنائيو، سڀ چپن جا محتاج...اشارو اک به ڪندي پر غير واضح، مبهم ۽ گهٽ...چَپَ ته کلي اظهار ڪندا...ماڻهوءَ جو الميو اهو به آهي ته هُو اظهار جي مرحلي ۾ پاڻ کي ڏسي ڪو نه ٿو سگهي...مطلب..ان لمحي ۾ هُو ڇا پيو لڳي. آئن اسٽائن يا ڪو ڀُوڪ بصر...جيڪڏهن آئن اسٽائن لڳو ته ڪمال ٿي ويو ٻچا...پر اهو به ٿئي گهٽ ٿو. ڇاڪاڻ ته گهڻو تناسب ”ڇسن“ وجودن جو هوندو آهي. ڳالهه محبت جي هُجي يا نفرت جي...احمق پڻو واضح نظر ايندو آهي...“ اتي ڪنهن ٻوليو ”ان جو مطلب اهو آهي مرشد سائين ته ماڻهو اظهار ئي نه ڪري...“ هنن آواز جي سِمت ۾ نهاريو، ”منهنجي ڳالهه پوري ناهي ٿي...نادان...اظهار ڪجي...ضرور ڪجي...بلڪه اظهار ئي ته ڪجي...پر ڪوشش اها هُجي ته ان مهل اندر جا چَپَ ٻاهرين چپن جو ساٿ ڏيندا هجن....ٻنهي ۾ ڪو مت ڀيد نه هجي. جيڪو اندر جي آواز سان آواز ملائي ڳالهائي، اهو ڪڏهن به ڇسو، بيوقوف يا احمق نه لڳندو آهي...ان جي ئي ڳالهه وزندار هوندي آهي.“

    سڀني جا وات پٽجي ويا هئا...اڳ ۾ ڪڏهن اهڙو ڪجهه ڪو نه ٻڌو هئوسين. چهرا، چهرا گهٽ...سواليه نشان وڌيڪ پئي لڳا...سندن مُرڪ ڪجهه گهري ٿي وئي. ”هزارين ڀيرا سمجهايو اٿمانوَ...هر ماڻهوءَ جي اندر هڪڙو ٻيو ماڻهو رهي ٿو...جيڪو سڀ رنگ ساڻ ٿو رکي، مرڪ، ڪاوڙ، گُهور، لمس، سڀ وٽس آهن. اوهان سندس هر احساس، محسوس ڪري سگهو ٿا، بشرطيڪه توهان کيس ٽائم ڏيندا هجو...حياتيءَ جي ابتدائي حصي ۾، سندس اثر گهڻو هجي ٿو، پر پوءِ وقت جي دز، اوهان جي اندر جي ايوانن ۾ گهڙي کيس لٽي ڇڏي ٿي...غَمِ دوران ايئن جڪڙي ٿو وٺي جو غمِ جانان ته پنهنجو موت پاڻ ئي مريو وڃي...مصروفيتن جو سبب ايترو مضبوط هوندو آهي جو اندر جي کڙڪيءَ جا انجيس زنگجي ويندا آهن...پنهنجو پاڻ سان فرصت جو تيل، طلب ۾ هوندو آهي، پر ذات جي بوتل ئي خالي هوندي آهي. زنگ گهرو ٿئي ته لازمن کولڻ ۾ تڪليف ٿيندي. چيڪاٽ وڌي ويندا. اسين شايد اهي چيڪاٽ ڪنائڻ نه گهرندا آهيون ۽ نه ئي اها دز هٽائڻ جي فرصت اسان کي نصيب ٿيندي آهي. نتيجو اهو ئي سادو هوندو آهي...اسان جواندر ناراض ٿي ويندو آهي. سندس چَپَ، جسم جي چپن سان نه ٺهڪندا آهن...نتيجي طور اظهار ڇسو لڳندو آهي...“

    حيرتن جا درياءَ پوري وهڪري ۾ هئا. سوال جون ٻيڙيون آهستي آهستي پاڻ سنڀالڻ جي چڪرن ۾ هُيون...”مطلب...عقل جو اظهار اندر سان آهي سائين...“ ڪنهن پڇيو....پاڻ وري مُشڪي پيا....”نه...سچ جو اظهار اندر سان آهي شهزادا...جنهن مهل به سچ زبان مان نڪري ٿو ته سڀ ڪجهه گڏيل ٿو هجي ڪوڙ مهل ٻئي الڳ الڳ ٿي ويندا آهن ۽ وري الاءِ ڇو ملي نه سگهندا آهن...سچ ڳالهائجي ته اندر جو آواز اڌما ڏيندو آهي...۽ اها اوهان سڀني کي خبر آهي ته سچ ڳالهائڻ کان پوءِ، اهو ياد رکڻ جي ضرورت ناهي هوندي ته توهان ڪهڙو بيان جاري ڪيو هو...ياد ته ڪوڙن کي رکڻو پوندو آهي، نادانو...“ هاڻي ماٺ ٿي وئي...پاڻ تڏي جي ڪانيءَ سان کيڏندا رهيا...ڪير ڳالهائي...۽ ڇا ڳالهائي؟ وري سندن آواز اڀريو، ”سچ جي ڪٿا مهل...اکيون، اندر بڻجي وينديون آهن بابلا...سويل چيو هئم نه...ته اک جي ٻوليءَ جو هُنر ڪجهه ٻيو هوندو آهي...هاڻي اهو هُنر سچ سان نروار ٿئي ٿو...سچار ماڻهوءَ جي اک ۽ چَپَ گڏجي مرڪندا ۽ گڏجي سُڏڪندا آهن...“

    ”۽ محبت سائين...ان جي اظهار ۾ ته اک ۽ چَپَ الڳ هوندا آهن...“ ڪنهن لقمو ڏنو...پاڻ پاسو ورايائون...“

    ”محبت به ته سچ ئي آهي نه پُٽ...هاڻي ان جو وري درجو ڌڻيءَ اهڙو رکيو آهي، جو هر ڪا ٻولي الڳ ٻولجي ٿي، پر سُر ساڳيو نڪري ٿو. اهو ڪڏهن نه وسارجو ته اهو صرف محبت سان ناهي. هر اهو جذبو، جيڪو اندر ۾ جڙ وٺي...مطلب...مٿاڇرو نه هُجي، ايئن ئي سلوڪ ڪندو آهي. اک ۽ چَپَ الڳ الڳ ڀلي هجن، پر انهن جو اهو وڇوڙو، شدت کي ظاهر ڪندو...يعني ڪنهن جذبي کي اکيون وڌيڪ شدت سان بيان ڪنديون ۽ انهن جي مقابلي ۾ ساڳي ڳالهه جي حمايت چَپَ به ڪندا، پر ٿورو گهٽ شدت سان ۽ اهو سڀ وري ابتڙ به ٿي سگهي ٿو ته چَپَ شدت سان لفظ اوڳاڇين ۽ اکيون ايترو ساٿ نه ڏين.“

    ڳالهه واضح ٿي وئي هئي، هر ڪنهن جو ڌيان مرڪز تي ئي هو. ”بس...اها ڳالهه پنهنجي اندر سان ڪري ڇڏيو، جيڪا چپن تي اچڻي هجيوَ ۽ اندر جو جواب ٻُڌي پوءِ ان جو اظهار ڪندا ڪيو...پنهنجي اندر سان ملاقات ضروري هوندي اٿوَ...ان ۾ دير ڪندئو ته حياتي ڪو ختم ڪو نه ٿي ويندي...ها...ان جو ساءُ لهسجي ويندو...“

    ڪلاس ختم ٿيو...سڀ هيڏي هوڏي ٿيا ته هنن پيار مان هٿ ڦيريو...مٿو ڄڻ ڇانءَ ۾ اچي ويو. اکين جا پيمانا تَر ٿيڻ لڳا...سندن مُرڪ وڌيڪ گهري ٿي وئي.

    ”ڄاڻو ماڻهو آهين تون...داناءُ آهين...پوءِ به...پاڻ سان نٿو ملين. وقت نٿو ڪڍين پاڻ لاءِ ڀُوڪ...هان....پنهنجو پاڻ کان رُسي ٻين سان پرچي سگهبو آهي ڇا....؟“

    الاءِ ڪيئن چپن تي اچي ويو.

    ”اهو سڀ توهان آڳاٽو پڙهايو هو قبلا...اهو سڀ پڙهي...لکي ئي ته اندر جي وارتا سامهون ڪئي هئي...سامهون واري جي فلڪَ ئي نه ٻُڏي...پنهنجي چيل سچ تي گمان ورائي ويا هئا سائين...پوءِ شايد اندر به رسي ويو آهي. بي اعتباري وڏو عذاب آهي مرشد...“

    هنن گهُور ڪئي. ”بي اعتباريءَ کان وڌ اعتبار وڏو عذاب ٿئي چريا...تو ڳالهه اعتبار سان ڪئي هوندي...بي اعتباري ته پوءِ ٿي هُوندي. هاڻي هڪڙي ڳالهه سمجهي ڇڏ...جي هو فَلَڪَ ٻوڙي ته محبوب چوائي!؟...ڳالهه ڪرڻ جي هئي ۽ تو پوري سچ سان ڪري ڇڏي...بس...تنهنجو ڪم پورو ٿيو. اڳيان هن جو راز آهي. جيڪڏهن مڃي ته وهواهه، جيڪڏهن نه مڃي ته به واهه...۽ ڀلا جي ڪم وهواهه ٿي به وڃي نه...ته ياد رکجانءِ عمل دخل تنهنجو نه ٿو هلي سگهي...بس...منٿ ميڙ ۽ پارت ئي ڪم اچي سگهي ٿي. جتي حق سمجهئي اتي سڀ ڪجهه رک ٿي ويندئي. ڦوٽو ٻڌو ٿئي نه....“ ڏاڏاهي صاحب کي جهونگاريندي...هنن جهونگارڻ شروع ڪيو.

    اي پرين پرديس وارا، پيار جي پارت هجئي

    عهد جي، انجام جي، اقرار جي پارت هجئي

    همعصري جي هام ڪهڙي، مان ذرو تون ماهتاب

    ناز پرور، نينهن جي نادار جي پارت هجئي

    جان من جلوو سندءِ آهي جيئاپو جان جو

    دلربا نامِ خدا ديدار جي پارت هجئي

    مرتضيٰ محبوب آ، تو در اچي جهولي جهلي

    سونهن جا سردار هن پينار جي پارت هجئي

    سندن جهونگار بيحد خوبصورت هئي. پَلَ، ميڙجي ويا، ڄڻ ڪا کڙڪي کُلي وئي ۽ پنهنجو اندر نظر اچڻ لڳو. اتي هنن فرمايو، ”سامهون وارو به، جيڪڏهن پنهنجي اندر سان اچي ته تنهنجو اٿئي، پر جي خالي ٻاهران ٻاهران آيو ته ڇسو، احمق ۽ نادان لڳندئي. محبت ڀلي چوٽ چڙهي پر ڪنهن ڪنهن مهل، هن جو روپ توکي پاسا ورائڻ تي مجبور ڪندو ۽ ان جي عملي نشاني اها ٿئي ته تنهنجو اندر، ڪڏهن به هن کي پارت نه ڪندو، کڻي تنهنجا چپ ڪيتريون ئي منٿون ڇو نه ڪندا هجن.

    mehmoodmughal@hotmail.com
     
  2. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم محمود مغل جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    سئو سيڪڙو



    آچر 11 فيبروري 2007ع

    سرد هوائن جي رخصتيءَ مهل ”ڀائر“ الاءِ ڇو ڏاڍا ياد ايندا آهن. گرمين جي آمد آمد آهي...موسمَ پنهنجي رُخَ تي، گرمائش جي ادا اوڙهڻ جي تيارين ۾ آهي. سيارو ويندي ويندي ڪنڌ ورائي نهاري ٿو، بهار کانئس چارج ورتي آهي...ويلنٽائن مٿان آهي، اداسيءَ جو بار وڌي ويو آهي...

    حياتي ٻئي بار نه ٿي کڻي سگهي عزيزان من.....نه سردي برداشت ٿئي ٿي نه گرمي. اها موسم هُجي يا سُلوڪ....تاثير جا اهي ٻئي رخ پريشان ڪن ٿا. اهي سڀ جيڪي سياري ۾ رڙيون ڪندا رهندا آهن ته ”غضب ٿي ويو، سيءُ هڏين ۾ گهڙي ويو آهي، اهڙو پارو ته اڳ ۾ ڪڏهن پيو ئي ڪو نه...“ سي صاحبان زمانه....اونهاري ۾ وري ڪهڙيون مرڪون ورهائيندا آهن؟ اها ئي ساڳئي ”پَٽَ کوهه“ اتي به جاري هوندي آهي....”عذاب آهي هيءَ ”موسم“ به پگهر پيو ٿو ڳڙي.....ڌَپ پئي ٿي ساڙي. مٿان وري بجليءَ جو آزار. نه هوا نه پکو...ٻُٽَ لڳي پئي آهي. سياري ۾ گهٽ ۾ گهٽ غريب غُربو ڪو اوڇڻ ڇڪيو، ڪنهن ڪُنڊ پاسي ۾ ستو ته پيو هوندو آهي. هتي ته ساهه کڻڻ به مصيبت ٿي ويو آهي.“ هاڻي انهن ٻنهي ڪردارن کان جيڪڏهن اسان سندن پسند جي موسم پڇنداسين ته لازمن ڪنهن هڪڙيءَ جو نالو ته کڻندا، پر ان ۾ به ناراضگي ڪٿان نه ڪٿان ”جهاتيون“ ضرور پئي پائيندي. انسان کي صبر ۽ شڪر اچي ته هو فرشتو نه بڻجي وڃي.

    اها ساڳي صورتحال سلوڪن ۽ رَوَئين ۾ به نظر ايندي آهي قبله سائين....نرم نگاهه منتظم هُجي ته ماحول ”پُرڪيف“ بڻجي ويندو آهي. سلوڪ جي ”سرد مهري“ ۽ ”گرم مزاجي“ ٻئي برداشت نه ٿيڻ جهڙيون ڪيفيتون هونديون آهن...انهن ٻنهي جي ڪري انسان مري ته نه ٿو...پر ”اڌ مئو...“ ضرور ٿو ٿي وڃي. زندگي، ختم ناهي ٿيندي، پر سلامتيءَ جي سفر ۾ رنگن جو هنر وڃائي ويهندي آهي. هاڻي اهڙين حالتن ۾، دوست، احباب ۽ عزيز ”ٻانهن ٻيلي“ بڻجندا آهن...هنن جو ساٿ، ماڻهوءَ کي همٿن جا دستانا پهرائيندو آهي ۽ جنهن جي مدد سان هُو نامساعد حالتن جي تار ۾، تڪليف جي ڪرنٽ کي جهٽڻ جي قوت رکندا آهن. دوست به وڏي نعمت هوندا آهن، پر بهرحال ڀاءُ جهڙي ته ڪا دولت ئي ناهي هوندي...پنهنجو ”ماءُ ڄڻيو“...پنهنجو رتُ سَتُ ڇا ته ڪمال رشتو رب مٺي جي تخليق آهي. وڏي ٻاجهه ۽ ڪرم ته ڀينرون به ڪنديون آهن، انهن جي سڪ ۽ قرب به بي مثل، بينظير هوندو آهي...پر هن معاشري ۾، جتي اسان سڀ حياتيءَ جي ساهن کي پورو ڪيون ٿا، هنن جو عمل دخل گهٽ هوندو آهي. ٻاهر جي حياتيءَ کي ڀائر ۽ پيءُ ئي گڏجي مُنهن ڏيندا آهن. اتي مطلب خدانخواسته اهو ناهي ته ڪو ڀينرون ڪمزور هونديون آهن. ڪٿي ڪٿي ته اهڙا مثال به ملن ٿا ته اهي ڀائرن کان وڌيڪ دلير، طاقتور ۽ مضبوط ٿي بيهن ٿيون، پر جيڪڏهن روزاني حياتيءَ ۾ سراسري طور ڏٺو وڃي ته ڀائرن جي مدد ٻيو رنگ رکي ٿي. ڪاوڙ، رنج ۽ رسامي جا الاءِ ڪيترا روپ اوڙهيو، هُنَ منهنجي سامهون ويٺي، چانهن جي ڪوپ سان راند رهي، چانهن ڪڏهوڪو ختم ٿي وئي هئي ۽ خالي ڪوپ، خالي ساسر تي رقص ڪري رهيو هو.

    ”نه ٿو سمجهي...بلڪل نه ٿو سمجهي مون کي منهنجو ڀاءُ...وڏو ٿي پيو آ...مان هاڻي ڇا چوانس؟...دنيا جي هن ماحول ۾، جنهن وَٽُ سَٽَ سان هلڻ گهرجي سو وٽس ناهي. ايڏي وڏي عُهدي تي رهندي به...بس...الائي ڇاهي. اسان جي ڀاڄائيءَ اکين تي اهڙا کپ چاڙهي ڇڏيا اٿس جو همراهه کي ڪجهه ڏسڻ ۾ ئي نه ٿو اچي...مان ته ڏاڍو سمجهايو مانس...نيٺ هٿ ڪڍيا مانس...“

    اسين ڪلاس فيلو هئاسين. ورهيه اڳ، جڏهن ميڊيڪل ڪاليج ۾ ”يامين جي ڪينٽين“ تان سئنڊوچ وٺڻ جيترا پئسا به نه هوندا هئا ۽ زندگي سفيد پوشيءَ جي ايپران ”Apron“ يعني ”اڇي ڪوٽ“ جي هيٺان الاءِ ڪيترا عيب ڍڪيندي هئي ته انهن ساعتن ۾، منهنجو هيءُ دوست ڊاڪٽر گهڻن کان سُکيو هوندو هو...اسان مان ڪيترن کي گهڻو ڪجهه ”آفر“ ڪري سگهندو هو...خوش لباس هو، ڪتابن جو خرچ ذاتي ڪندو هو ۽ لائبريري کي گهٽ استعمال ڪندو هو. هڪ گروپ ۾ رهندي، جڏهن ڄاڻ وڌي هئي ته سندس وڏي ڀاءُ سان ملاقات به ٿي هئي، جيڪو ڪراچيءَ ۾ ڪٿي سيڪشن آفيسر هو...اسان جي يار وٽ هو مهيني اڌ کان پوءِ وزٽ ڪندو هو ۽ کيسو ”گرم“ ڪري ويندو هوس. تنهن زماني ۾ ته هن کي اها شڪايت ڪونه هوندي هئي ته سندس ڀاءُ ”کيس“ نه ٿو سمجهي...هاڻي ڏهاڪو کن سالن ۾ اهو سڀ الاءِ ڪيئن ٿي ويو هو...”ادا وڏو اهو ساڳيو ئي آهي نه...؟“ مون ڳيت ڏني هئي. سوال جي حيثيت ڪمزور لڳم پئي. ڪڏهن ڪڏهن الاءِ ڪيترا سوال ڪندي، اسين پاڻ ئي پاڻ کي شرمسار محسوس ڪندا آهيون. ”ها يار...اسين آهيون ئي ٻه ڀائر...ڪهڙا پنجاهه آهيون؟ بابا جي وفات کان پوءِ، ادا ئي ته سڄو خرچ کنيو هو...“ شڪر ٿيو، حق جي ڳالهه هن جي واتان نڪتي پئي. ڀلا جيڪڏهن هو اها ڳالهه نه ڪري سگهي ها ته مان ڇا ڪيانس ها...

    ”پوءِ....؟....جڏهن ايترو خيال رکندڙ هو...ڪيئرنگ هو...پوءِ ڪيئن مَٽيو؟...“

    ”چيم نه...ڀاڄائي...اسان واري ڀاڄائيءَ اڇو منهن ڪري ڇڏيس...“

    ”شادي...اسان جي ڊگري وٺڻ کان پوءِ ٿي هئس ڇا؟“ وري سوال چپن تي آيو ته ”ڦڪت“ محسوس ٿي، پر اندر مان الاءِ ڪيترا آواز آهن، جيڪي اجايا سجايا نڪري ئي ايندا آهن.

    ”نه يار...شاديءَ کي ته سال ٿيا، جڏهن پاڻ پڙهندا هئاسين، تڏهن به ادا ته پرڻيل هو...“

    ”پوءِ ڀاڄائيءَ ڇا ڪيو...؟

    ”نه بس...منهنجي شادي ٿي نه...ڪمائڻ شروع ڪيم ته هنن کٽ پٽ شروع ڪئي...هي ناهي...هُو ناهي...هي ٺيڪ ناهي...هُو درست ناهي...مٿان وري مون واري زال کي به گوڙ گهمسان جي عادت پئي. نيٺ الڳ ٿي وياسين.“

    ”اڇا...“

    ”ها بس...اهو سڀ ايئن ئي ٿيو، اتفاق سان منهنجو ٽرانسفر ٻئي شهر ٿيو. اتي پرئڪٽس شروع ڪيم...صاحب اتي ڪراچيءَ ئي آهي...عيد براد...ملي وٺندا آهيون...پنهنجي وڏي ڀاءُ کي ”صاحب“ ڪوٺيندي، سندس وجود جو زهر، چپن جي ڪُنڊن تي پکڙجي ويو هو...“

    ”مٺا...“ مون غور سان هن ڏانهن نهاريو...“ اهو ته هونئن ئي صاحب آهي...ڇاڪاڻ ته هو ته شروع کان ئي صاحب هو...الحمد لله تون پاڻ چئي چڪو آهين ته تنهنجا خرچ کنيائين...ناز انداز سٺائين...بابا جي وفات کان پوءِ، سڀ ڪجهه ڪندي، توکي سُک سان رکي ڊاڪٽر بڻايائين...مون کي هڪڙي ڳالهه ٻڌاءِ تون...پنهنجي ڀاءُ کي ڪيترو سمجهي سگهيو آهين...؟“

    منهنجي سوال تي هن اُڇل کاڌي ”ڇا مطلب...؟“

    ”مطلب بلڪل سادو آهي، جيڪڏهن هو توکي سمجهي نه سگهيو آهي ته ٺيڪ آهي، اهو کڻي مڃون ٿا...اکين تي کپ چڙهيل اٿس...اهو به تسليم ٿا ڪريون...پر تون رڳو اهو ٻڌاءِ ته توکي هن جي ڪيتري سمجهه آهي؟ تو ڪيترو سمجهيو آهي هن کي...؟ ”هنڊريڊ پرسنٽ...سو سيڪڙو....سمجهيو اٿم....تڏهن ته هي سڀ توکي ٻڌايان پيو يار...“ هن مرڪيو...مرڪ ۾ ٽوڪ وڌيڪ هئي.

    ”هل ڀلا...اهو کڻي مڃون ٿا ته تون کين سئو سيڪڙو سمجهين ٿو، پر هڪ ڳالهه غور سان ٻڌي پوءِ جواب ڏي، ادي کي اها شڪايت ناهي ته تون کيس سمجهي ناهين سگهيو.“

    ”هڪڙي...“ هن ڳالهه ڪٽي...”اڙي هزارين يار...تون ڄامشوري ۾ ٿو رهين. پري آهين، جيڪڏهن هجين ها ڪراچيءَ ۾ ته روز مٿو کاوئي ها...هر ايري غيري کي دانهن ٿو ڏئي...چئي...مون کي سمجهي نه ٿو...رسيو ويٺو آهي. هاڻي ته عيد تي به نه ٿو اچي. يار محمود...وقت ملي ته وڃجي نه...روحُ ڪڍي ته ماڻهو وڃي نه...؟ تون سچ ٿو چوين. هن کي به شڪايتن جي لانڍ آهي...“

    ”ته پوءِ جانِ عزيز....ڪنهن جي شڪايت کي جائز سمجهجي؟ تنهنجي يا هُن جي؟“

    ”مان، توسان ڪوڙ ٿو هڻان ڇا..؟“ هن تارا ابتا ڪيا...مون کي کل اچي وئي ته ”ڏس ادا....ڪوڙ لاءِ مان ڪو نه ٿو چوان، پر هڪڙي ڳالهه تون به سمجهه ته اهي کپ رڳو هن جي اکين تي ناهن...تون به اهڙو ئي ٿي ويو آهين. بلڪه وڌيڪ ٿيو آهين، ڇاڪاڻ ته عهدو توکي پوءِ مليو، زال توکي پوءِ ملي، ترقي تو پوءِ ڪئي...هن وٽ ته سڀ ڪجهه پهرين ئي هو. هاڻي ڀلي منهنجي ڳالهه توکي ڳري لڳي، پر چوڻ ضروري ٿو سمجهان...مثال سدائين پنهنجو ڏجي...سو مان پنهنجي ڳالهه ٿو توسان ڪيان. مان...محمود...چئن ڀائرن ۾ ننڍي ۾ ننڍو ڀاءُ هئس...بابا ننڍپڻ ۾ گذاري ويو هو. اها توکي خبر آهي. ڀائرن پڙهايو، پاليو، وڏو ڪيو. ڊاڪٽري پڙهائي، شادي ڪرائي، گڏ رهيا، پر پوءِ الاءِ ڪيئن اهو سڄو واءُ وريو. قدرت جي مرضي...هو سڀ هڪ هڪ ٿي رخصت ٿي ويا. اجل جي ڀاڪر ۾ ڀرجڻ کان پوءِ...هنن پويان، پنهنجي پٽن جيان پاليل ننڍي ڀاءُ کي، زماني جي سرد ۽ گرم هوائن جي ور ڇڏي ڏنو...هاڻي...مان ڏسان ٿو ته هنن مان ڪو به ناهي، ڌڻيءَ مٺي جي مهر سان زندگي بهترين گذري ٿي، پر حياتيءَ ۾ ڪٿي به ڪا گرمي سردي نظر اچي ٿي ته هو سڀ ڏاڍا ياد ايندا آهن دوست...اڪيلائپ وڌي ويئي آهي. هزار دوست هجن...سوين ساٿي هجن...ڀائر، وري به ڀائر هوندا آهن...اهو عجيب موضوع آهي...شايد مان توکي سمجهائي نه به سگهان، پر ڳالهه اها آهي ته جيڪڏهن آهن ته انهن سان رُسُ نه...ڪوشش ڪري گڏ هُجُ...ملي وڃ...وقت ڪڍُ...کَپ، ٻَپَ ڪجهه ناهن...وري الاءِ وقت ملي الاءِ نه...وري اهو ڀاڪر نصيب ٿيئي الاءِ نه...جيستائين آهي...انهيءَ جو تاثر ڇو ٿو وڃائين...“

    هو الاءِ مون کان ڪهڙي فيور (Favour) گهرڻ آيو هو. منهنجي ڳالهه کيس اداس ڪري وڌو. مون کي پنهنجي دل جو ڌڙڪو شديد محسوس ٿيو...لڳم بيتابي وڌي پئي ٿي، نڙي ڀرجي پئي...چئي ڏنم.

    ”سڀ ملندئي، دوست...يار...رفيق، ساٿي، ڪُليگز، چمچا، خوشامدي، تعريفي وجود...ڀاءُ نه ملندئي يار...ڪَسو ئي سهي...ابو امان موٽي ڪو نه ايندا ۽ نه ئي ڀاءُ پيدا ٿيندو. دوست يار جيئندي مري سگهن ٿا. ڀاءُ مري به جيئرو رهي ٿو. تون جتي سئو سيڪڙو ٻيون ڳالهيون سمجهي سگهين ٿو...اتي اها به سمجهي ڇڏ...ته ڀلي موسمون گرم هجن يا سرد...ڀائرن جي موجودگي...انهن جي زهر لاءِ ترياق هوندي ٿئي.

    mehmoodmughal@hotmail.com
     
  3. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم محمود مغل جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    هڪ ڪَلي



    آچر 18 فيبروري 2007ع

    (محبتن جي عالمي ڏهاڙي تي، جتي سڄيءَ دنيا ۾ گلابن جي ورکا ٿي رهي هئي، اتي ڪجهه گُل نوشهري جي ان قبرستان ۾، آليءَ قبر مٿان نڇاور ٿيا، جنهن ۾ اسان جو مشفق استاد سر حمزه خان وڃي آرامي ٿيو، انا لله وانا اليه راجعون. پنهنجي عمر جي هر اهم ڏاڪي تي، اسان شاگردن سائينءَ جي مهربانين کي محسوس ڪيو آهي. اهو ذڪر خواب نگر ۾ به آيو هو. مٿان وري، عقيدت جي گلن جي ورکا لاءِ جڏهن ڪجهه سٽون ڪاغذن تي منتقل ٿيون ته خوشيءَ جي ڏهاڙي تي، انهن جي ڇپائي نامناسب لڳي رهي هئي. سائينءَ سدائين علم، عالمن ۽ شاگردن سان محبت ڪئي. محبت جي ئي عالمي ڏينهن تي، سندس شاگردن پاران مون کي اها سعادت نصيب ٿي رهي آهي ته هن لاءِ ڪجهه پنکڙيون نڇاور ڪري سگهان. اوهان سڀ عالم فاضل آهيو، ڏاها آهيو عزيزانِ من....هڪ استاد لاءِ مغفرت جي دعا جو عرض آهي...ڌڻي ڪندو، اوهان وٽ قبول پوندو.)

    گلرنگ گلابن مان ”هڪَ ڪَلي“ منهنجي طرفان به قبول ڪيو سَر... محبتن جو عالمي ڏينهن آهي سر... هر ڪنهن وٽ پنهنجي محبوب لاءِ ڪجهه نه ڪجهه موجود آهي، مرڪ، نگاهه، خوشبو، گلاب، تحفا ۽ ٻيو الاءِ ڇاڇا.....اتي منهنجيءَ دل ۾ هڪڙو خيال آيو آهي ته جتي محبوبن کي هيترا ”ڍڳ“ گلن جا موڪلي سگهجن ٿا، اتي پنهنجي”محبوب استاد“ کي به ته اهو ڪجهه ارپي سگهجي ٿو. محبوب رڳو ڪا ڇوڪري يا ڪو ڇوڪرو ٿيڻ ضروري ناهي سر، محبوب ته ڪير به ٿي سگهي ٿو، ماءُ، پيءُ، استاد، دوست، ڪو به جنهن جي ذات جي ٻاجهه جي دري، پنهنجي وجود تي ڪڏهن کلي هجي... جنهن محبت سيکاري هجي ۽ جنهن سان محبت زندگيءَ جو”فخر“ محسوس ٿيندي هُجي. هن عاشق ناشاد وٽ اوهان جي ٻاجهه جو، مَهر جو عڪس ڏاڍو گهاٽو پيل آهي. اجازت ڏيو ته اڄوڪو ڏينهن پنهنجين سمورين گل رنگين ۽ رعنائين سان اوهان جي نالي ڪجي، ويلنٽائين مبارڪ هجي، سر...

    توهان کي رخصتيءَ جو ڏينهن به عجيب نصيب ٿيو آهي سر... 24 ڪلاڪ جنهن کان پوءِ، دنيا محبتن جا ترانا ڳائيندي آهي... محبت جو ڳٽ ڳچيءَ ۾ وڌل جوانيون، ارڏائين جي آسمانن تائين ذات جي پينگهه جي اڏار ڪنديون آهن. اوهان حياتيءَ سان محبت ڪئي ۽ ان ۾ محبت ورهائي. ازل ابد جي خالق، اوهان کي ابدي حياتيءَ لاءِ محبتن جي عالمي ڏينهن جي رات نصيب ڪئي. اتي به اوهان جي ڀليڪار محبت سان ئي ٿي، ۽ ڇو نه ٿئي، توهان اسان جهڙن اٻالن، اڪيلن ۽ معاشي حوالي سان”مناسب“ ماڻهن سان جيڪو ”وي آءِ پي“ سلوڪ ڪيو، ان جي موٽ اوهان کي ڌڻيءَ وٽان ته ملڻي ئي هئي. خواب نگر جي صفحن ۾، سر حمزه، اوهان لاءِ مون نيازمنديون عرض رکيون هيون. ان ڪالم جي ڇپجڻ جي ڪجهه ڪلاڪن ۾ ئي، سالن کان پوءِ اوهان جا ديدار ٿي ويا هئا. مان ۽ فاطمه اوهان جي گهر تي حاضر ٿيا هئاسين ۽ شفقتون ميڙيون هيوسين. اهو سڀ ڪيڏو نه جلدي خواب ٿي ويو هو قبله سائين... وقت ته کن پل به نه ٿو ترسڻ چاهي سائين... رڳو يادن جا ”ٻورا“ ڀري، حياتين جي ڪلهن کي”بارگير“ ڪندو، اڳتي روانو ٿي وڃي ٿو. ڪيڏا نه بي فڪرا پل هوندا هئا سر... ٻاهر، گهٽيءَ ۾ گهمندڙ ”گهورڙئي“ جو سڏ ڪنائيندا هئاسين ته ڪَن ڄڻ اينٽينائون بڻجي ويندا هئا... هر ڪو پيو هڪ ٻئي ڏانهن نهاريندو هو ۽ نيٺ سڀ نگاهون اوهان تي اچي اٽڪنديون هيون. عجيب لمحا هوندا هئا سر... اوهان جي عجيب عادت هوندي هئي ته جڏهن نگاهون”يڪجا“ ٿي اوهان تي اچن ته اوهان ڳاڙهيٽڙا ٿي ويندا هُيئو. سانوري رنگ ۾ ڳاڙهاڻ گڏبي هئي ته چهرو عجيب لڳندو هو. اسين سڀ”تاڙُو“ هوندا هئاسين، سمجهي ويندا هئاسين ته”سرڪار“ شرمائجي وئي آهي. بس پوءِ”ننديءَ“ جون بدمعاشيون شروع هونديون هيون.

    ”سر...سر“

    اهو ڳاڙهو چهرو، پاڻ سنڀاليندو هو:”ڇاهي ڇورا؟“

    ”سر هو...پشم وارو آيو آهي.“

    ”روز پيو ايندو آهي...تون پڙهائي ڪر...“ اکيون ملائڻ کان منڪر، اسان جو استاد، ٻئي ڪنهن جي ڪاپي ويٺو جاچيندو هو.

    ”نه پر سر....روز ٿورئي وٺندا آهيون...“

    ”ته اڄ ڪهڙو پيا وٺون....“ لهجو سخت ٿي ويندو هو.

    ”سر....اڄ ته وٺون پيا....“ ڪٿان ڪو ٻيو سرٻاٽ ڪندو هو...رُخ جي ڪئمرا مڙي ويندي هئي. ”ڪهڙي خوشيءَ ۾ سرڪار...؟“

    ”سرڪار“ تڪيه ڪلام هوندو هو....۽ اسان به چونڊي ئي اوهان تي رکيو هو.

    ”سر... اڄ منهنجي سالگرهه آهي.“

    بس سائين...ڳالهه ختم....اشاري ملڻ سان دٻڪيءَ هيٺان پئسا کنيا ويندا هئا، سڀني لاءِ حساب آهر پشم ايندي هئي... پوءِ اهو سلسلو ڏڌڙيءَ، ڦوٽن ۽ پڪل گجرن جي موسمن سان مٽبو رهيو هو، پر هر سال هر موقعي تي ڪنهن جي نه ڪنهن جي سالگرهه ضرور نڪرندي هئي. پئسن ڏيڻ واري کي به بهانو وڻندو هو. تڏهن ته ڪڏهن ڪو نه پڇيائين ته”بابا روز روز سالگرهه ڪٿان ٿي اچي وڃي؟“ اسان جي ئي پئسن مان، جيڪي توهان کي”ٽيوشن فيس“ طور ملندا هئا، اسان جو ئي عيش ٿيندو هو. هر ڪو خوش هوندو هو، سر... ڪجهه ماڻهن جو خيال هو ته هو توهان کي بيوقوف ٺاهي ويندا هئا، پر توهان کي ياد آهي...اوهان، هڪ ڀيري مونکي فرمايو هو،”خوش ٿيڻ ڏي ابا....ڀلا خوش ئي ته ٿين ٿا نه....ڀلا جي منهنجي بيوقوفي ۽ سادگي، ڪنهن کي خوش ڪري سگهي ٿي ته مان ايئن ئي ٺيڪ آهيان. هل ڀلا... هنن جا ڏنل پئسا آهن. هنن تي ئي خرچ ٿا ٿين ته ڇا ٿيو. جنهن کي جيڪو رزق ملڻو آهي، ملندو. ڀلا جي مالڪ مٺو، حمزي جي معرفت ڏياري ته ير لک کٽيوسين“.

    جيئن اڳ ۾ لکيو هئو سر...اوهان ڪڏهن به اسان کان ٽيوشن جا پئسا، ڳڻي نه ورتا، بس هڪ ٽٻڻي پئي هوندي هئي ۽ هر ڪو پيو ان ۾ پئسا رکندو هو. مزي جي ڳالهه ته توهان وٽ ڪجهه فڪس ئي ڪو نه هوندو هو. ڪيترا ڏيڻا آهن، اهو پڇي به نه سگهبو هو ۽ توهان ٻڌائيندا به ڪو نه هيئو. ”نه بابا.... جيترو توکي مناسب لڳي يا توکان پڄي، ان ۾ رکي ڇڏجان“. ٽٻڻيءَ ڏانهن اشارو ڪندا هيئو.. ۽ پنجن سالن جي رفاقت ۾ سر، مون ڪڏهن به اهو ڪو نه ڏٺو ته توهان ان ٽٻڻيءَ ڏانهن ڪنهن کي اشارو ڪيو هجي، يا ڪنهن کي”ليٽ في“ يا فيءَ جي نه هجڻ لاءِ ڪجهه چيو هجي. سڀني کي ڄڻ لڳندو هو ته سڀ ڪجهه خيراتي هو. هاڻي خيرات به نه چوڻ گهرندا هئاسين. اهو وري هڪڙو ٻيو عذاب هو. ڇاڪاڻ ته اهو سڀ ذاتي به لڳندو هو، سڀ هڪجهڙا هئاسين، مالي حالتون سڀني جون تقريبن ساڳيون هونديون هيون. هاڻي وري به ڪير ٿو ايئن تسليم ڪرڻ گهري، سڀئي نواب ٿي پيا گهمندا هئاسين. تنهن زماني ۾ سر، زندگي اچي ختم ٿي هئي ٻن هنرن تي، يا ته ماڻهو ڊاڪٽر ٿئي يا انجينيئر...هي ٻيا سڀ”پيشا“ ته پوءِ نڪتا آهن. ڪيمسٽري ۽ فزڪس، مٿان وري مئٿميڪٽس لاهه ڪڍي ڇڏينديون هيون. قدرت خدا جي، اوهان کي ڪمال دسترس حاصل هئي انهن مضمونن تي. سڄيءَ حيدرآباد ۾ اوهان جي هاڪَ هئي. جتي ڪيترا ئي ٻيا استاد پنهنجا”سينٽر“ پيا هلائيندا هئا، اتي اوهان، اسان جهڙن سان، ان غربت ۾ ڪمال خوشي محسوس ڪندا هيُئو. ”ٺيڪ آهي، ٻچا پئسا ڏين ٿا.“ توهان هڪ واري مرڪيو هيو، ”پر يار محمود.. اهو ڊپ ڊاءَ لاءِ آهي، نه ته هرڪو پيو پنهنجي مرضي هلائيندو. ٿوري گهڻي ئي سهي، ٽيوشن في هوندي نه...ته پڙهڻ واري کي احساس ٿيندو. قدر ٿيندس، پنهنجي پئسن جو، ايندو به ضرور...۽ لڄئون لڄئون پڙهندو به لازمي، نه ته جي ايئن ڇوٽ ڇڏينداسين ته سڀ ڪجهه تباهه ٿي ويندو، سرڪار...“ هاڻي، اها نالي ماتر في، جيڪا به اسان مان گهڻا افورڊ ڪري نه سگهندا هئا، هوندي ضرور هئي. ان جي پڇا ڀلي نه ٿئي، پر اهو احساس ضرور هوندو هئو ته ڪيترن مهينن جي في ڊيو(DUE) ٿي وئي آهي. پوءِ هر ڪو پيو پنهنجا کنڌا جاچيندو هو، پيو حساب ڪندو،”چُڪتو“ ڪندو هو.

    پر هاڻي... عمرِ عزيز جي هن دور ۾ سر، اسين، اوهان جا سيکاريل اوهان جا پڙهايل، اوهان جي ڪهڙي حساب جي ادائگي ڪيون سر...اسان ته في ڪلاڪ ليڪچر جي حساب سان رقم وٺون ٿا. ان ۾ به پنجاهه منٽن جي ليڪچر ۾، ڏهه منٽ حاضري وٺڻ جي ۽ پنن ورائڻ جي نذر ٿين ٿا. باقي وڃي ڪو اڌ ڪلاڪ کن ڪلاس ٿئي ٿو. توهان جي علم ۽ حلم جي ڏور اسان کان ڇڏائجي وئي آهي سر....الاءِ اهو سڀ ايئن ڇو ٿي ويو آهي ۽ ڪيئن ٿي ويو آهي.

    اسين، اوهان جا سڀ شاگرد ڪمال نڪتاسين سر...جيڪو جتي ملي ٿو، اُتي ڌڻيءَ جي مهربانيءَ ۽ اوهان جي محنت جي طفيل ڪنهن نه ڪنهن ٽاپ بريڪيٽ ۾ موجود آهي. اسان جو سڄو گروپ ته خاص طور تي، وڏي ڄاڻ وارو لائق ۽”الاءِ ڇا ڇا“ طور مشهور آهي. اسان جهڙن بيوقوفن ۽ نالائقن کي جي دنيا ايئن ياد ڪري ٿي ته اهو سڀ اوهان جي محبتن جو اعجاز آهي سر....پنهنجي شاگردن ۾ علم سان ۽ علم جي ونڊ وکير سان اوهان جي محبت، اسان کي رنگ لائي ڇڏيا سر...

    اڄ، محبتن جي عالمي ڏينهن تي سر...اسين سڀ”مُفت خورا“ جن ايڏي ڄاڻ، لائقي ۽ پنهنجن پنهنجن مضمونن ۾ ڪمال، اوهان جي محنتن سان حاصل ڪيو، اوهان جي نئين سفر تي، دعائن جو هديو پيش ڪرڻ ٿا گهرون. ڌڻي مٺو، اوهان کي بهتر کان بهتر جاءِ ڏئي، اوهان تي مهر ڪري، ٻاجهه ڪري، اوهان کي بخش ڪري. بلڪل ايئن، جيئن اوهان پنهنجن شاگردن سان، ان پيغمبري پيشي ۾ سلوڪ ڪندا هُيئو. سندن ڪوتاهين کي درگذر ڪندا هيئو ۽ گهڻو ڪري في سبيل الله کين معاف ڪندا هُيئو. ڏاتار، توهان سان به اهو ئي سلوڪ ڪري، آمين. پنهنجي رهندي ساهه تائين سائين، محبتن جي هن عالمي ڏينهن تي، جڏهن دنيا گلاب ورهائيندي آهي ته هي خاڪسته وجود، پنهنجي نيازمنديءَ جي ڪلي، پيش ڪندو رهندو. حق نه اڳ ۾ ادا ڪري سگهيو هئس سر، نه هاڻي ٿي سگهي ٿو. ٿورا لاهي نه ٿا سگهجن، ڳائبا ضرور....توهان جهڙو هڪڙو استاد به هاڻي هُجي نه سر... ته الاءِ ڪيترا محمود جنم وٺي سگهن ٿا. مولاءِ ڪل جل شانه، اوهان جي مرقد کي آسودو ڪري، آمين.

    mehmoodmughal@hotmail.com
     
  4. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم محمود مغل جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    شهرِ فَنا



    آچر 25 فيبروري 2007ع

    قبرستان ۾ الاهي دير ٿي وئي هئي ۽ قبر اڃان نه لڌي هئي. موسم مٽجي چڪي هئي، سياري جي موڪلاڻيءَ ۽ بهار جي آمد جي سنگم تي، گرم ڪپڙا بيزار ڪري رهيا هئا. اسان ڪافي سوير نڪتا هئاسين، صبح جو سردي هئي، شايد ان ڪري گرم ڪپڙا اوڙهيا ويا هئا. هتي، ڳولا ڪندي ڳچ وقت گذري چڪو هو. مٿان وري گاڏي به ڪجهه پرڀرو بيٺل هئي...انهن سڀني ڳالهين کان وڌيڪ ”اهم“ اسان جي ”ڳولا“ هئي...جنهن جو ڪو به کڙ تيل بظاهر نه پئي نڪتو. قبرستان جي حالت به عجيب هئي عزيزان من...سندس حدن کي ”محدود“ ڪيو ويو هو...گهر اڏجي ويا هئا...شهرِ فَنا تي، پاڻ کي ”صاحب بقا“ سمجهندڙ وجودن...قبضو ڪري ڇڏيو هو...کانئن شايد اهو وسري ويو هو ته ساهه جي پکيءَ جي اڏامڻ کان پوءِ پنڃري کي نيٺ به اهڙيءَ جاءِ تي ئي پهچڻو آهي. ٺيڪ آهي...پنهنجو ”وارو“ اڃان ڪو نه آيو آهي. ٻيا سڀ رخصت ٿي رهيا آهن...پر بهرحال جيڪي وڃن پيا، انهن لاءِ ته جاءِ جو ”فڪر“ ڪجي...هتي ته معاملو ئي ڪجهه ٻيو هو.

    ”الاهي گهر ٺهي ويا آهن سائين...سون جي تعداد ۾، هُو ڏسو ٿا...اتي...سڀني هنڌن تي قبرون هيون.“ قبرستان جي سنڀاليندڙ اشارن جي مدد سان، پنهنجي زبان جي همٿ پئي وڌائي... ”ڏاڍا مڙس آهن سائين ماڻهو...ويندا قبضو ڪندا...ويا قبضو ڪندا...هاڻي وڃي هي ”ٽُڪر بچايو اٿن...“

    سندس فرزند ارجمند، جيڪو پاڻيءَ جي بالٽي ۽ ڪجهه سايون شاخون کنيو، اسان جي ڪڍ گهمي رهيو هيو، هاڻي ٿڪل ۽ بيزار پئي لڳو. هڪڙي قبر جي پليٽ فارم تي، پاسي کان سامان رکي، هو به ساهه پٽي رهيو هيو.

    ”مان ڀي سائين ٿورو وقت ٿيو آ ته آيو آن...پهريون فقير سائين پيالو پي ويو...اڪيلو هو...نه هُس اوهي نه واهي...مان مڙئي پيو خدمتڙي ڪندو هو مانس...هاڻي ڏٺوسين ته ڪوئي ناهي ته ترسي پياسين. ڪنهن کي ته خدمت ڪرڻي آهي نه بابا سائين...هونئن ڀي آخر ته هتي ئي اچڻو آهي.“

    اسان سڀني کي اها خبر هئي صاحبانِ زمانه ته هر ڪنهن کي آخر هتي ئي اچڻو آهي، پر پنهنجي ذات جي زعم ۾، اسين، الاءِ ڪيتري عرصي کان پوءِ ڪجهه ”بي نام قبرون“ ڳولڻ آيا هئاسين. هڪڙي ويجهي دوست کي، پنهنجي محترم ڏاڏي جي قبر جو ڪتبو ٺاهرائڻ جو جُنون ٿيو هيو. ويجهڙائيءَ ۾ والد صاحب به لاڏاڻو ڪري ويو هو. سو ان جي قبر جي مرمت ڪرايائين ته ا لاءِ ڪيئن ان ڏاڏي جو خيال به اچي ويس. جنهن ننڍپڻ ۾، پنهنجن ڪلهن تي کيس ويهاري، اسڪول پهچائڻ جي حامي ڀري هئي. جيڪو لائي ۽ بوڻينڊا ڪمال جا ٺاهيندو هيو ۽ جنهن کي ”ڦلن“ جا گول بال ٺاهڻ ۾ ازحد مهارت حاصل هئي ۽ جيڪي هو موسم آهر پنهنجي پوٽي جي ڪپڙي جي ٿيلهي ۾ رکندو هو. وقتِ رخصت تائين سندس مهر جاري هئي. تان جو پاڻ وڃي آرامي ٿيو، خاندان شهر جو رخ ڪيو، وڌيو، ويجهيو، اباڻي شهر ڏانهن ”نه موٽڻ“ جو پڪو پهه ڪندي، زندگي ترقيءَ جا ڏاڪا طئي ڪندي رهي...هر واري ڳوٺ ”چڪر لڳائڻ“ جو فيصلو ٿيندو هو، پر وقت شايد مهلت ڏيڻ جي موڊ ۾ نه هيو. تان جو قبله والد صاحب به راهه اجل ورتي. هاڻي جڏهن ڏک جا پاڇا گهرا ٿي ويا هئا ته اتي ڏاڏا سائين به ياد آيو...سنگت ۾ صلاح مشورو ڪري هتي آيا هئاسين، پر هتي ته هاڻي حالت ئي ٻي هئي. اڌ کان مٿي قبرستان تي گهر ٺهي ويا هئا. ڪو ڀرسان حال نه هو، عيد براد تي ايندڙن جي اچڻ ساڻ ڪهڙو فرق ٿو پئجي سگهي. ٽي سئو پنجهٺ ڏينهن مان ستن اٺن ڏينهن جي سار سنڀال سان ڇا ٿي سگهي ٿو، اهو هر ذي شعور وجود سمجهي سگهي ٿو. ماٺ ته هونئن به اتي حڪمراني ڪندي آهي، هاڻي ته رڃ به سندس هم رڪاب هئي.

    قبر جا پار پتا، سنگت کي ياد ڪو نه پئي آيا...گهڻو عرصو گذرڻ ڪري، ڳوٺ وارن به سڃاتو نه پئي...اندر جي اُڻ تُڻ جو ڪو ڇيڙو نه پئي مليو. قبضي کان پوءِ به وسيع ميدان تي موجود قبرون، اڻ سونهيون محسوس ٿي رهيون هيون. مٿان وري ”مجاور سائينءَ“ به گهمائي گهمائي لاهه ڪڍيا هئا. کيس ڪجهه ڏئي وٺي رخصت ڪيو ويو. ويندي ويندي، پٽيل ٽاريون ۽ پاڻي اتي ئي رکي ويا...متان ڪو وجهه ملي پوي...

    الاءِ هي سڀ ڇا هو صاحبانِ علم و هنر...هونئن لڳي ڪيڏي نه عام ڳالهه ٿي...اجل جي راهه تي هلندڙ کي اتي ته بهرحال اچڻو ئي آهي...هاڻي ان ۾ سوچڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟ هر ڪو پيو ايندو...پر خاص ڳالهه اها هئي ته هر ڪو ”ميل ملاقات“ لاءِ نه پئي آيو. جيڪي وڃي چُڪا آهن...انهن جي آخري آرامگاهه جي سار سنڀال نه ٿيڻ جهڙي هئي. اسين جن سان محبتن جا دعويدار هوندا آهيون، جن کان سواءِ هڪ گهڙي به نه سرندي آهي ۽ جن جي مرتئي تي اسين، هزار ”ناٽڪ“ ڪندا آهيون...انهن کي سندن ”آخري گهر“ ۾ ڇڏي اسين وري لڙي نه نهاريندا آهيون. اها ”خسته حالي“ اسان جي سوچ ۾ ئي نه ٿي اچي ۽ مٿان وري اهو به احساس نه ٿو ٿئي ته اهو ”نگر“ مسلسل آباد ٿيڻو آهي...هن جهان کي خالي ٿيڻو آهي...هاڻي اتي جي آبادي وڌي ٿي ته ويندڙن جي آخري ٺڪاڻي جو ڇا ”حال“ هوندو؟ وڏي ڳالهه ته اها آهي ته جي وَيلن لاءِ جاءِ جي تنگي ويندڙ ڪندا هجن ته به ٺيڪ آهي. هتي ته ”ترسندڙن“ باهه ٻاري ڇڏي آهي. ڪا جاءِ اهڙي ناهي ڇڏي جتي بيهي ٻه قُل پڙهي سگهجن...

    ايئن ڇو ٿو ٿئي عزيزانِ من...اسان جي ”ويسر“ ايڏي مضبوط ڇو ٿي وئي آهي؟ زماني جي هڻ وٺ، اسان کي ٻه قُل پڙهڻ جو موقعو به نه ٿي ڏئي. اسان کي وٽن وڃي سلام جي توفيق به نه ٿي ڏئي؟ اسان کي اها اجازت به نه ٿي ڏئي ته اسان وڃي سندن مرقد جا حال ڏسي اچون. حال ته ٺهيو، هتي ته پار پتا ئي گم ٿا ٿي وڃن، ان جو ڪهڙو علاج آهي؟

    اتي الاءِ ڪيترا مهربان اهو جملو به عنايت ڪري سگهن ٿا ته فاتحه ته ڪٿي به پڙهي سگهجي ٿي، دعا جا در هر هنڌ کلن ٿا...جيڪڏهن قبر تي نه وڃڻ ٿيو ته ڪهڙي قيامت اچي ويندي؟ ته هاڻي انهن سوالن جي موٽ ۾ ڪو به جواب ناهي. اهو ته تڏهن ئي محسوس ٿيندو، جڏهن ماڻهو پاڻ وڃي اُتي آرامي ٿيندو ته ملاقاتين جي ڪيتري اهميت آهي.

    مايوسي انتها تي هئي ۽ واپسيءَ جون وکون کڄي رهيون هيون. اتي الاءِ ڪيئن سامهون کان هڪ بزرگ نظر آيو. ويجهو اچي سلام ورايائين...دوست ڏانهن ڏٺائين ته بيهي رهيو...گهوريندي پڇيائينس ”فلاڻي جو پُٽ آهين نه؟“

    همراهه دهلجي ويو، هاڪار ۾ ڪنڌ لڏي ويس...بزرگ ڇڪي کڻي ڀاڪر پاتس...ٻين سڀني تي به عنايت ڪيائين...اچڻ جو احوال ٿيو ته پاڻ هڪدم چيائين ”مون سان گڏ اچ...پڻهين ۽ مان....چاچا سائينءَ جي تربت تي گڏ ويندا هئاسين...مان ته اڃا به ويندو آهيان ٻچا...اچ توکي ملايان...“



    ان کان پوءِ سُڏڪن جي ڪهاڻي هئي. ڏاڏا سائينءَ وٽ پوٽي جي حاضري قبول ٿي هئي. ڪجهه ڪلاڪن جي ناراضگي، راضپي جو ويس اوڙهي وئي هئي. اتان جنهن مهل واپس موٽياسين ته بزرگ سيني لائيندي چيو ”ابا...گهڻي دير نه ڪندا ڪيو...دير ٿي وڃي ته ماڻهو ئي گم ٿيو وڃي، هي ته مزار آهي.“ ماڻهوءَ جي ئي نشاني نه ٿي ملي ته قبر جي ڪٿان ملندي...؟ سو به هن اجگر دور ۾...شڪر ڪيو اهو ٽڪر بچيل آهي، پر نيٺ ڪيستائين بچندو...؟ ساهه وارن کي ساهه پئي ٿو، جڏهن مئلن جي جاءِ تي قبضو ڪن ٿا...“

    ڳالهائڻ لاءِ ڪجهه به نه هو معزز خواتين و حضرات...پنهنجي نااهلي، ناداني مٿان مُرڪي رهي هئي...زماني جي ”زمانه شناسي“ رنگ لائي ڇڏيا آهن. وقت ئي ڪونهي ته پوءِ اجايو ڳالهائڻ مان ڪهڙو فائدو نصيب ٿي سگهي ٿو...؟

    اچو ڪجهه گهڙيون، بهرحال گڏجي سوچيون ٿا...ڇا آهي عزيزانِ من....جو اهي سڀ اسان کان وسري ٿا وڃن؟ ڇا سندن محبت ۾ ڪٿي ڪا کوٽ، ڪا ڪمي رهجي وئي هئي، يا اسان جي چاهت ”ڪَسي“ هئي...جيستائين اهو ڌڙ ساهه وارو هيو ته اسان کي ڪيترو قبول هيو ۽ جڏهن نه رهيو ته اسان وٽ قبوليت جو ۽ ياد جو درجو ڪيترو باقي بچيو آهي؟ جيڪڏهن هن فقير جي حجت ناراض نه ڪري ته هٿ ٻڌي عرض ڪجن ته اسان مان گهڻن، پنهنجن عزيزن، اقاربن، دوستن يارن ۽ ساٿين کي ڪجهه بخشيو آهي! هنن لاءِ ڪجهه پڙهيو آهي؟ هلو ڀلا يارن دوستن کي ڇڏيون ٿا...پنهنجي مائٽن لاءِ اسان ڪهڙي سوغات موڪلي آهي، جن جا اسين ”پيٽ ڄاوا“ آهيون...حالت اها آهي جو رڳو هڪ پيڙهيءَ ۾ اسان کان قبر گم ٿي وڃي ٿي، اسان جو پنهنجو جٽاءُ ڪيترو آهي؟

    قبله برادرِ محترم کي، کنڊ هئي...ذيابيطس جي ڪري نگاهه جواب ڏئي وئي هئي...مٿان وري، هٿن پيرن ۾ احساس جي کوٽ ٿي وئي هئي. طبي حوالي سان ان کي ”ڊائبٽڪ نيورو پيٿي“ سڏبو آهي. يعني نسن ۾ احساس گهٽجي ويندو آهي. گهٽ سور، لمس، ڇهاءُ، محسوس نه ٿيندو آهي...ڪڏهن ڪڏهن ته مريض کي اهو احساس به ڪو نه ٿيندو آهي ته سندس ٻنهي پيرن مان هڪڙي ۾ جُتي ناهي...هنن گناهه گار اکين سان الاءِ ڪيترن مريضن کي هڪ جتيءَ سان هلندي ڏٺو آهي ۽ سو به ان بي خبريءَ جي حالت ۾ ته ٻي جُتي ڪانهي...۽ احساس به ناهي...ادا مرحوم...ڏاڪڻ لٿا پئي...ته جُتي ڪري پئي...کين احساس نه هو...مون اڳيان وڌي اها پيرن ۾ پارائي...منهنجي ان عمل سان هڪدم مرحوم ڀاءُ جا نيڻ ڇُلڪي پيا...ڀاڪر ۾ ڀريندي چيائين ”ٽيهه سال اڳ...مون پنهنجي والد صاحب کي يعني بابا سائينءَ کي ايئن جُتي پارائي هئي پُٽ...اڄ تو اهو مون سان ڪيو آهي ته سڀ ڪجهه ياد اچي ويو آهي...“

    قصو ذاتي آهي صاحبانِ زمانه...پر ڪرڻ ان ڪري ضروري آهي جو هڪ دفعو وري ياد ڏيارڻ تي دل چوي ٿي ته دنيا ”ڏيتي ليتي“ جو جهان آهي...جيڪي پوکبو سو ئي لُڻبو...هتي هرڪو پنهنجو پاڻ کي ياد رکائڻ جي جوش و جنون ۾ آهي...پاڻ به اهو چاهي ٿو ته مُئي کان پوءِ به ياد رکيو وڃي...پر ياد رکڻ جي حسرت واري وجود کي، اهو الاءِ ڇو ياد نه ٿو اچي ته هو پاڻ ئي ٻين کي ياد نه ٿو رکي، ته کيس ڪير ياد ڪندو رهندو؟

    جيڪي رخصت ٿي ويا آهن، انهن لاءِ دعا جي تحفي جي ياد رکندا ڪيو. جڏهن پنهنجو وارو ايندو ته پاڻ کي به ڪو ضرور ياد ڪندو. شهرِ فَنا کي شهرِ فنا رهڻ ڏيو سائين...جيڪو اصل ۾ شهرِ بقا آهي...فنا جي شهر ۾ ته پاڻ ٿا رهون.

    mehmoodmughal@hotmail.com
     
  5. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم محمود مغل جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    ڏُکن جي چادر



    آچر 4 مارچ 2007ع

    وڻ ويڙهيءَ جيان، ڏکن جي چادر ويڙهيندي ٿي وڃي. مالڪ مٺي جل شانه جا لکين احسان آهن. انسان کي پاڻ کان هيٺ نهارڻ گهرجي، الاءِ ڪيترا وجود، لکين بلڪه ڪروڙين انسان پاڻ کان هيٺين حالت ۾ نظر اچي سگهن ٿا. پنهنجي ”حال“ تي رب جو جيترو شڪر ادا ڪجي اوترو گهٽ آهي، پر انسان ته انسان آهي نه عزيزان من...ڪٿي نه ڪٿي ته کُٽي پوي ٿو. ٽُٽي پوي ٿو، ڀور ڀور ٿئي ٿو ۽ اهڙي نموني ٿو ٿئي، جو وري ڄڻ ”ٽُٽيءَ کي ٽاڪي“ جي ڪا صورت ئي نه ٿي ٺهي.

    حياتي، بي اعتباريءَ جي ”مسند“ تي ويهي ته رنگ هلڪا ٿي ويندا آهن. سڄي شوخي، جهيڻائپ بڻجي ويندي آهي. پنهنجو پاڻ ڪُلهن تي بار لڳندو آهي. اهو بار، هڪڙو ۽ آخري ڀيرو ته ”نصيبن سان“ ٻين جي ڪلهن ذريعي ئي منتقل ٿيندو...ان مهل ”اُنهن“ سان الاءِ ڪهڙي حالت هوندي، پر بهرحال انسان جيڪڏهن جيئرو آهي ته پنهنجو پاڻ سان اهو بار ٺيڪ ٺاڪ ”ويڌن“ ڪري ٿو. ڪڏهن ڪڏهن ته صفا نه ٿو کڄي...هار ۽ سا به اهڙي هار جنهن جو وهم و گمان به نه هجي، سامهون اچي ڏند ڪڍندي آهي...

    الاءِ ڪهڙو سمئو هو، ڪهڙي گهڙي هئي. ايئرپورٽ تي رخصت ٿيڻ مهل ”هٿن ۾ پاليل اولاد“ هر ايري غيري، نٿو خيري کي ڀاڪر پئي پاتو، پر جنهن مهل، هٿن ۾ سندس بيخبري جا گند ڪچرا کڻندڙ چاچي جو وارو آيو ته ڀاڪر ڀريندڙ ڀائيٽي خالي هٿ وڌائي ڇڏيو...رسمن هٿ ملائيندي به سندس ديد جي دري ڪنهن ٻئي لاءِ کليل هئي. مُنهن ٻئي طرف هُجي ۽ هٿ اوهان سان ملي ته اهو ملڻ به ڪهڙو ٿيو؟ پنهنجي لاغرضيءَ جو عظيم الشان مظاهرو ڪندڙ، ”مهان“ ۽ جديد اولاد چيرن ۾ اضافو ڪري روانو ٿي ويو...بي قدري، بي مائگيءَ جو احساس کڻي، ڪراڙي وجود جا ڪُلها جهڪي ويا آهن...اهو احساس هاڻي ڪُلهن جو بار بڻجي ويو آهي...حياتي، رنگن کي وڃائي ويٺي آهي.

    هن قصي ۾ ڪجهه به ناهي عزيزانِ علم و هنر ۽ صاحبانِ زمانه...نه ڪو گليمر آهي، نه ڪو رومانس...نه سونهن نه سوڀيا...هڪڙو ڦڪو منظر آهي، جيڪو اسان کي گهڻن هنڌن تي نظر اچي ٿو. سوچ اها به اچي ٿي ته اها ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي. تڙ تڪڙ ٿي سگهي ٿي. وداعَ جو وقت آهي...ڪسي پڪي ٿي ويندي آهي. هر ڪنهن سان هڪجهڙو ملڻ ممڪن ناهي...ڇا ٿي پيو جو هاڻي ”صاحبِ ثروت“ بڻجندڙ اولاد ايئن کڻي موڪلايو، ڪهڙي قيامت اچي وئي...ته قبله سائين...هٿ ٻڌي عرض ڪجي ٿو ته قيامت اچي ٿي مٺا...جيستائين اصلي قيامت اچي، اهي جهٽڪا ڪنهن ”مني قيامت“ کان گهٽ ڪونهن. ٻاهران ويهي انهن جو ڪاٿو ڪرڻ ممڪن ڪونهي، پاڻيءَ ۾ گهڙجي ته خبر پوي نه...

    هيءَ ڪهاڻي هر ان گهر جي آهي، جتي الاءِ ڪيترا وجود هوندا آهن، جيڪي ڄڻ ازل ابد کان مقيم هجن. مامو، چاچو، پُڦي، ماسي...خاص طور تي اهم نسبت رکندا آهن. انهن جو ماٽيجو هجڻ ضروري ناهي هوندو...ڪٿي ڪٿي سڳا به هوندا آهن، بلڪه گهڻو ڪري ”سڳا“ هوندا آهن...وقت جي وير الاءِ ڇو هنن کي مختلف پاسن ڏانهن کڻي ويندي آهي...نه انهن جون شاديون ٿينديون آهن نه ئي وري ڪو وڏو ماڳ مڪان، عهدو ۽ حيثيت هنن جي منتظر هوندي آهي. هو سڀ عام نسبت جا ”عام ماڻهو“ هوندا آهن. هڪ ئي گهر ۾ رهندي، سودو سلف، اٿڻ ويهڻ، رڌڻ پچائڻ، هنن جي حوالي هوندو آهي. اهي ٻارن کي اسڪول ڇڏڻ، وقت تي انهن کي واپس وٺي اچڻ ۽ ڪڏهن ڪڏهن رسيس ۾ کاڌي پهچائڻ تائين جي فن کان ازبر واقف هوندا آهن. هنن جي انهيءَ مدد سان نه رڳو مائٽن جو بار جهڪو ٿيندو آهي، بلڪه اولاد به بهتر نموني سان پلجي سگهندو آهي.

    اتي اهو خيال به اچي ٿو ته گهرن ۾ ناني، ڏاڏي ۽ نانو ڏاڏو به ته هوندا آهن...اهي ڪهڙي کاتي ۾ ٿا اچن...ته ان لاءِ عرض آهي ته اهو ڌيان ڌريو وڃي ته انهن رشتن به زندگيءَ جي ”سواد“ کي ته محسوس ڪيو آهي نه...هنن جي اولاد کي نپايو، اولاد جي اولاد کي پاليو ته اهو ڪنهن لحاظ کان هنن جي فرض جي ادائگي ۾ به اچي ٿو...پر هي سڀ رشتا، جيڪي اڪيلائين جي رڻ ۾، محبت جي اڃ سان عزت جي چشمي جي طلب ڪن ٿا، ڪهڙا قصوروار آهن؟ هنن جو ته ذمو ڪونهي جو ڪنهن به گهر لاءِ ايترو ڪجهه ڪن جو ڌڻي به بي فڪرا ٿيو، لت تي لت ڏئي آرام ڪندا رهن. هلو ڀلا...جيڪڏهن سڀ ايئن درست به آهي ته هنن جو ذمو آهي ته ايئن ”خدمتون“ ڪن، ڇاڪاڻ ته گهر ۾ رهن ٿا، کانئن پيئن ٿا...آرام وٺن ٿا...ته ڀلا...عزت ته گهٽ ۾ گهٽ هنن جو حق ٺهي ٿي؟

    اڄ الاءِ ڇا آهي صاحبان علم و هنر...هن فقير کي معاف ڪجو جيڪڏهن دل رنج ٿئي، پر اجازت ڏيو ته اهو پڇي وٺي ته حياتي جي درجي بندي ۾ جيڪڏهن اهو رشتو سُکيو ستابو آهي، صاحبِ ملڪيت ۽ صاحبِ جائداد آهي ته هن سان اسان جو ڪهڙو سلوڪ هجي ٿو...۽ جيڪڏهن گهٽ حيثيت آهي ته هن سان اسين ڇا ڇا ڪريون ٿا؟ اسين ته ڇا به کڻي ڪيون ڇاڪاڻ ته اسان جو ڀاءُ، ڀيڻ يا سئوٽ، ماسات آهي. اسان جو اولاد ڪهڙو ڪرم ٿو فرمائي؟ ان جي هلت هنن سان ڪيئن آهي؟ جيڪڏهن درست آهي ته وڏا وڙ...ڀلا جيڪڏهن ٺيڪ ناهي ته اسان ڇا ڪيو آهي؟ اسان هنن جي حيثيت، ايندڙ نسل کي سمجهائڻ ۾ ڪيترا ڪامياب ويا آهيون؟ پنهنجي اولاد کي اسان اهو منتقل ڪيو آهي ته هو به اسان وانگر ”معتبر“ آهن. اسان جا ”لخت جگر“ کين ڀت تي لڳل، ڪنهن سال جي ڪئلنڊر کان مٿي جڳهه ڏيڻ لاءِ تيار ناهن؟ هاڻي اتي هڪڙو نڪتو بنهه اهم آهي. جيڪڏهن اهڙي ”اجايو“ ۽ ”واندو“ وجود، پيءُ طرفان آهي ته قبله والده صاحبه لاءِ ”ناپسنديده ترين ماڻهن“ جي لسٽ ۾ ٽاپ تي هوندو آهي ۽ جي اهو والده طرفان آهي ته وري والد صاحب جن، اک کڻي ڏسڻ گوارا نه ڪندا آهن. جيڪڏهن اهي ٻئي ٺيڪ ٿي هلن ته اولاد جي مجال ناهي جو مان مرتبي ۾ ڪا ڪسي ڇڏي...

    پر بهرحال، زندگي ته هلندي رهي ٿي، نه هو ڪيڏانهن وڃي سگهن ٿا نه اسان کين ڪڍڻ گهرون ٿا. اسان ان ڪري نه ٿا ڪڍڻ گهرون جو سچ ته اهو آهي ته هنن جي وڃڻ ساڻ اسان جو گهر رُلي ويندو ۽ هو جيڪڏهن نه ٿا وڃي سگهن ته ان جي سچائي اها آهي ته هو اسان جي اولاد کي اسان کان وڌيڪ پيار ڪن ٿا. هٿن ۾ پالي، نپائي وڏو ڪن ٿا، سندن غلاظتون صاف ڪن ٿا. حياتيءَ جي ان اهم دور ۾ کين اسان جي اولاد جي اسان کان وڌيڪ ڄاڻ آهي، ان کان اسين ڪيترو انڪار ڪري سگهون ٿا.

    هاڻي اهو سڀ محبت طلبي ٿو، پر الاءِ ڇو گهڻن ماڳن تي، هاڻي اها محبت نه ٿي ملي، مائٽ هوشيار ٿي ويا آهن...جتي موبائيل جو ماڊل مٽائڻ ڏکي ڳالهه ڪانهي، اتي اهڙا غريب غربا عزيز اهڙا واندا ماڻهو لک هزار، هڪڙو ويو، ڏهه ايندا. اهو اسان پاڻ به سمجهيو آهي ۽ اولاد کي به سمجهائي ڇڏيو اٿائون. مالهي، باورچي ۽ نوڪر جي جاءِ ڪو ته ڀريندو...نه ته ڪيڏي نه تڪليف ٿيندي؟

    عمر جا اٺاويهه سال، ڀائٽين جي خدمت ڪندڙ چاچي جا ڳوڙها، سينو ”پروڻ“ ڪري ويا هئا، هيل تائين هن هر بي رخي ان حوالي سان برداشت پئي ڪئي ته ٺيڪ آهي، خير آهي. ايئن ٿي ويندو آهي...ٻچا هن...اولاد آ...پنهنجي هن ڀائٽي جي پرڏيهه روانگي مهل، هن جي کيسي ۾ ڪجهه نوٽ هئا...ڪا جمع پُونجي هئي، جيڪا ڊالرن يا پائونڊن ۾ ته نه هئي، پر بهرحال هئي ضرور ۽ جيڪا هن ڏيڻ پئي گهري، پر هٿ جي سختيءَ ۽ ڀاڪر جي جدائيءَ، بي رخيءَ جي لهر کيس پُسائي پرڀرو ڪري ڇڏيو...هن ڳالهائڻ گهريو هو، پر سندس ڳلو عقلمند هيو...وڌيڪ زمانه شناس هو، ماٺ ٿي ويو، نوٽ ايئن ئي رومال ۾ ٻڌل کيسي ۾ رهجي ويا...چاچي کي لڳو هيو ته ڄڻ هُو پاڻ رومال ۾ ٻڌجي ويو هو. سڀني ڀائٽن ڀائٽين کي پاليندي هن اهڙي گهڙي جي ته ڪٿ ئي ڪا نه ڪئي هئي...جدائي ڪيئن مقدر ٿيندي ۽ ڪٿي ٿيندي، ان جي خبر ڪنهن کي ٿي هجي عزيزان من...

    سيني سان لڳندي، هُڙڪندي، جڏهن هن اندر جو بار ڪڍيو پئي ته مون کيس ياد ڏياريو هڪڙو ٻيو اهڙو عزيز...جيڪو گهر ۾ رهندو هيو ۽ اهڙن ”واندن“ جي لسٽ ۾ شامل هيو. واندو هو ان ڪري ئي ته اولاد پالي وڏو ڪيو هئائين.جڏهن نياڻي جي پهرئين رشتي جي ڳالهه ٿي ته کيس ڪنهن ڪم سان زوريءَ ٻئي شهر موڪليو ويو، ڇاڪاڻ ته گهوٽيتن کي پنهنجا عظيم الشان، باحيثيت مٽ مائٽ ڏيکارڻا هئا. ڇا ٿي پيو جو هن نياڻي پالي هئي، هئي ته مائٽن جي نه...۽ رشتو ڪرڻ به ضروري هو...ماڳهين ان ”جاهل“ جي هجڻ سان، ايندڙ جيڪڏهن موٽي وڃن ها ته؟ ٽريو چڱو هو...رشتو طئي ٿيو ته پوءِ کيس گهرايو ويو. آخر گهر آهي، تياري ڪرڻي آهي، ڪم ڪار ڪير ڪندو!

    اڄ، ڏکن جي چادر ۾ الاءِ ڇا ويڙهيل آهي عزيزان مان...صرف دل، زبان تي شايد اچي ناهي سگهيو...ڳالهه ۾ وزن شامل ٿيو هُجي يا نه. مان، پنهنجي هن حقير وجود جي وزن سان، انهن سڀني رشتن کي خراجِ تحسين پيش ڪرڻ ٿو گهران، جن پتڪڙن پيرن کي هلڻ سيکاريو. هٿن ۾ طاقت ڏني ۽ پاڻ ويهجي ويا ۽ هيڻا ٿي ويا. ٺيڪ آهي...ناقدريءَ جي جهان ۾ ڪجهه به باقي بچيو ناهي، پر هڪڙي ڳالهه جي پڪ رکجو، جيڪو سڀني جو مالڪ آهي، اهو اوهان جو پنڌ ڄاڻي ٿو، هو مالڪ عقل و علم آهي. اوهان جي نيت جي سچائي ۽ سچي خدمت جا ڀاڙا، اوهان کي هو ڏيندو ۽ ضرور ڏيندو.

    ٿورو اوسي پاسي نهاريو، اوهان جو اندر آسودو آهي يا ڪٿي ڪا ڏکن جي چادر، اوهان جي ڪري ڪنهن وجود تي ويڙهيل آهي. ان جي کوجنا ڏاڍي ڏکي آهي، قبله...ڇاڪاڻ ته جيڪي انهيءَ ۾ ڍڪيل هوندا آهن، اهي ظاهر نه ڪندا آهن، هاڻي انهن کي ڳولڻ اوهانجو ڪم آهي...ڇاڪاڻ ته هڪ لحاظ کان، اڻ سڌيءَ طرح اها چادر، اهڙن واندن وجودن کي اسان ئي پارائيندا آهيون.

    mehmoodmughal@hotmail.com
     
  6. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم محمود مغل جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    جائز - ناجائز



    آچر 11 مارچ 2007ع

    سامهون ويٺل بيان جاري رکيو هو. ”الاءِ ڪيتري دير اها شيطان گيري ذهن تي سوار هئي. ٻڏتر هئي جيڪا جهڪي ئي نه پئي ٿئي. رقم ڪا گهڻي ڪا نه هئي، پر جنهن کي ڏيڻي هئي سو ان ”لائق“ سمجهه ۾ نه پئي آيو. دل کي انومان ورائي ويا هئا ته هو ”ايترن پئسن“ کي ڇا ڪندو؟ ڪجهه گهٽ ملي پيس ته به خير آهي...مون به محنت ڪئي آهي جيڪڏهن ڪو ”حصو...پتي“ منهنجو به نڪتو ته ڪا قيامت ڪو نه اچي ويندي...آخر کيس هيستائين مون ئي آندو آهي...منهنجي معرفت کيس اهو ”ايوان“ نصيب ٿيو آهي. سئو کن رپئي جي فون ته هونءَ به خرچ ڪئي هوندي. تنهن کان سواءِ ٻيا ڏهه ”بکيڙا“ آهن. هي سازيندڙ...هي ڍولڪي...ڇا ڪندا جيڪڏهن وڌيڪ ملي پوندن؟ لفافه ٺهيا رکيا هئا ۽ جنگ جاري هئي.“

    ڳالهه بنهه سادي هئي صاحبانِ زمانه...هڪ هنڌ هڪ محفل موسيقي منعقد ٿي هئي، جنهن ۾ ڪجهه راڳي، سازيندڙ ۽ آواز جي جوڙجڪ درست ڪندڙ شريڪ ٿيا هئا. محفل ڪرائڻ وارن کي ڌڻيءَ گهڻو ڪجهه ڏنو هيو. جتي عام سازيندڙ کي پندرنهن سئو ملندا آهن، اتي انهن لاءِ ٽي هزار طئي ٿيا هئا. جنهن پروگرام بُڪ ڪيو هو، تنهن ”ٺهي ٺُڪي“ ڳالهايو هو. سنگت ساٿ هئڻ ڪري، هن تڙ تڪڙ ۾ پنهنجو معاوضو وٺڻ کان انڪار ڪيو هو. جوش جذبي ۾ هن ٻين لاءِ سٺي رقم مخصوص ڪرائي هئي. پر جنهن مهل اهو فنڪشن ٿيو پئي ۽ ادائگيءَ لاءِ رقم جا لفافه سندس کيسي ۾ پهچي چڪا هئا ته ”هڻ وٺ“ جو هڪ جهان سرگردان ٿي ويو هو. کيس پنهنجي سڄي محنت، خرچ ۽ ڪوششون ياد آيون ۽ گڏو گڏ انهن ”پرفارمرز“ جي گهٽ حيثيت ۽ اضافي ادائيگي به ياد اچي وئي هئي...دل الاءِ ڪيترا ڀيرا اهو ”بُل“ ڏنو پئي ته لفافا کوليا وڃن ۽ پنهنجي حصي جي رقم الڳ ڪئي وڃي، پر هٿن کي الاءِ ڇو اها طاقت نه پئي اچي...اهو سڄو قصو اهو مهربان بيان ڪري رهيو هو.

    ”ڏاڍو ڪمزور ڀانئيم پاڻ کي سائين، ٿي سگهي ٿو، اهو ايئن ڪري به وٺان ها...پر هڪدم ڄڻ ڪا طاقت مون ۾ زوريءَ گهڙي آئي، هلندڙ محفل ۾ پاڻ کي ڄڻ ڇڪي کڻي ويس. هونئن اصول ته اهو هوندو آهي ته سڀ ادائيگيون آخر ۾ ڪبيون آهن...پر مون هڪدم کڻي سڀني کي پنهنجو پنهنجو لفافو ڏنو ۽ ڏيڻ کان پوءِ محسوس ڪيم ته ڄڻ هڪ وڏو ساهه ٻاهر نڪتو هجي...آجو...فري...مزيدار“ ڳالهه پوري ڪيائين ته هڪڙو ٻيو وڏو ساهه کنيائين...مون کي لڳو ڄڻ هو هاڻي هاڻي آجو ٿيو هجي...

    ايئن ٿئي ٿو عزيزان من...خيانتون اسان کي دل سان پسند هجن ٿيون...ڪوشش اها به هوندي آهي ته امانت، امانت رهي پر سچي ڳالهه ته اها به آهي ته اها ”بي مهر لذت“ جيڪا خيانت ۾ ملي ٿي، سا به وڏي ڳالهه آهي. زندگيءَ ۾ انسان ننڍيون ننڍيون خيانتون ڪري ٿو ۽ پنهنجو پاڻ کي ڪمال ”فاتح“ سمجهي ٿو، پر الاءِ ڇو ڪجهه عرصي کان پوءِ پنهنجو وجود، پاڻ کي ئي ڳرو ڳرو محسوس ٿيندو آهي. ايئن ڄڻ ڪير مڪمل لباس ساڻ، ٽٻي هڻي ٻاهر نڪري ۽ کيسن ۾ پاڻي ڀريل هجيس. هاڻي اهو سڀ وري تڏهن ممڪن آهي، جڏهن ضمير جي اک ۾ پاڻي هجي...۽ اها ترورا ڇڏيندي هُجي...جيڪڏهن اک بي جان آهي ۽ پاڻي سُڪي ويو آهي ته وڏيون خيانتون به ڪجهه بگاڙي نه ٿيون سگهن.

    اهو سڀ ڏاڍو عام آهي عزيزان من...۽ عذاب ته اهو آهي ته ان خيانت کي ”صحيح“ سمجهڻ لاءِ الاءِ ڪيترا حيلا بهانا ڳوليا وڃن ٿا...دليلن جي ڊوڙ ۽ منطق جي رسه ڪشي ٿئي ٿي. پوءِ پنهنجو پاڻ کي، پاڻ ئي صحيح، تسليم ڪرائي، مال ڦٻايو وڃي ٿو...ڪٿي ڪٿي ڪو گهنج پوندو ضرور آهي، پر ان لاءِ ضرورت جي استري هر ڪنهن وٽ گرم هوندي آهي. دنيا ۾ هڪڙو جملو ڏاڍو عام آهي صاحبان مهر و نظر ته ”پيٽ ڪنهن کي ناهي؟“ هلو ڀلا مڃون ٿا ته هر ڪنهن کي پيٽ آهي...پر ڀلا ان جي ڀرڻ جي به ڪا ته ليول رکڻ گهرجي؟ ويل ويلن ۾، ڪٿي ڪنهن جاءِ تي، هڪ ثقافتي پروگرام جي منتظمين ۾ منهنجو به نالو لکيو ويو هيو، پهرين ميٽنگ ۾ ئي ڪنوينر صاحب باهه ٻاري ڇڏي ”ڏسو ٿا...ڪيڏي نه مهانگائي آهي...باهه ٻري پئي آهي ۽ هتي پروگرام جي بجيٽ ملي آهي اڌ لک رپيا...هاڻي هيڏو وڏو ڪاليج...هيڏو ادارو...زور آهي ته زبردست فنڪشن ڪرائجي...هاڻي هيترڙن پئسن ۾ ڇا ٿيندو...؟“ ان زماني ۾ پنجاهه هزار به ٺيڪ ٺاڪ رقم هوندي هئي، پر بهرحال فنڪشن کي عظيم الشان ڪرائڻو هو ته پنجهتر هزار ته گهٽ ۾ گهٽ گهرج ۾ هئا. هڻي ڌُڻي هڪ لسٽ تيار ڪرائي وئي، جنهن ۾ سرموڙ فنڪارن جا نالا لکيا هئا. اتي مزيدار ڳالهه اها ٿي ته هڪڙي فنڪار کي ته پنجويهه هزار ڏيڻ لاءِ راضي هئا، باقي ٻين ڳائڻن، ڳائڻين کي هزار رپيا به نه ٿي ڏنائون...هاڻي اهي فنڪار به ڪهڙا هجن، اي ڪلاس...نالا ڇا لکان...بس ڌڻي ئي ڄاڻي ٿو...اتي محفل ۾ موجود هڪ سرموڙ ”نامور“ وجود رڙ واڪو مچايو ته ”اها زيادتي آهي...هي فنڪار به گهٽ ڪونهن. گهٽ ۾ گهٽ پنج هزار ته لهڻن ٿا...ڀلا جي پنج نٿا ڏيو ته گهٽ ۾ گهٽ ٻه هزار ته في فنڪار رکو...“ سندس تقرير پر اثر هئي...پنهنجن فنڪارن لاءِ ڳالهه هن اهڙي جذبي سان ڪئي جو سڀ متفق ٿي ويا ته گهٽ ۾ گهٽ ٻه هزار رپيا في پرفارمر ادا ڪيو ويندو. اتي اسان جي ان عظيم وجود جي مٿان اهو ”بار“ به رکيو ويو ته ڇاڪاڻ ته هو نامور وجود آهي، انهن فنڪارن سان سٺي ڏيٺ ويٺ اٿس، ان ڪري انهن فنڪارن کي ٻن هزار رپين جي معاوضي لاءِ هو ئي راضي ڪندو ۽ ايڊوانس ڏئي ڳالهه پڪي ڪندو. ”مهربان وجود“ پهرين ته پنهنجي مصروفيتن جو عذر سامهون رکيو پر پوءِ ”پبلڪ جي بي حد اصرار تي“ هن ها ڪئي ته وقت ڪڍندو ۽ فنڪار خيرن سان راضي ٿيندا...

    فنڪشن ۾ ڪجهه دير هئي، جو خبر پئي ته بجيٽ وڌائي هڪ لک رپيا ڪئي وئي آهي. ويل...ويلڊن...ايڊوانس به پهچايا ويا آهن...فنڪار بُڪ به ٿي ويا آهن...سڀ ڪجهه بهترين پيو هلي...ڪيا بات هي...اوچتو اسٽوڊيوز ۾ جيجيءَ سان ملاقات ٿي وئي هئي. حياتيءَ هاڻي وارن ۾ اڇيون چڳون آنديون آهن ته شايد اعتبار جي جُهڙي ڦُڙي وسي ٿي...تنهن زماني ۾ اڃا وٽي تي نالو لکيل ڪو نه هو، پر بهرحال جيجيءَ جي ذاتي شناسائي هئي...سو سلام ڪرڻ کان پوءِ الاءِ ڪيئن واتان نڪري ويو، ”جيجي اوهان اچو پيا نه...؟“

    ”ڪٿي ٻچا؟...“

    ”فلاڻي هنڌ...او...هن فلاڻي فنڪشن ۾...“

    ”ڇو نه ٻچا...بڪل اينديس...فلاڻو ٻچو به آيو آهي...پئسا پئي ڳالهايائين...مون چيو ڌوڙ وجهينس...پر ته به طئي ڪري ويو...ايڊوانس به زوريءَ پرس وٽ رکي ويو.“

    جيجيءَ کي ڌڻي جنت نصيب ڪندو...آمين...هن سان ڳالهائڻ لاءِ سدائين همٿون ڳوليندو هئس...پر الاءِ اهو ڏينهن ڪهڙو هو جو پُڇي ورتم ”جيجي، ڪيترو طئي ڪيو ٿن...؟“ عام حالتن ۾ جيجي ان حوالي سان ڳالهائڻ پسند نه ڪندي هئي، پر عرض ڪيم نه...اهو ڪو ڏينهن عجيب هو، هڪدم وراڻي ڏنائين ”اسان پنجن ڄڻن جا ٽي هزار رپيا...هزار ايڊوانس ڏئي ويو...مون ته چيومانس ته ان جي ڪهڙي ضرورت آهي، پر فهميدو ٻچو آهي ”مڙيو ئي ڪو نه...زوريءَ رکي ويو.“ ياد اچي ٿو ته ان مهل ئي زيب النساءِ صاحبه به اتي اچي نڪتي هئي. انهن پنجن ڄڻين ۾ جيجي، زيب النساءِ، امينه صاحبه ۽ ٻه ڄڻيون ٻيون شامل هيون. هاڻي انهن لاءِ جاري ته هن ڏهه هزار رپيا ڪرايا هئا کين ”ڊَن“ ٽن هزارن تي ڪري ويو هو...مطلب خيرن سان ست هزار بچي ويا هئا. اداري کي نه...پنهنجيءَ ذات کي...امانت، واهه جو باسلامت پهُتي هئي، مون ان ڪميٽيءَ مان استعيفيٰ ڏئي جان ڇڏائي هئي، ايترين امانتن جو بار، هر ڪنهن کان ڪٿان ٿو کڄي سگهي...اهڙا بار ته اهڙيون نامور شخصيتون ئي کڻي سگهن ٿيون.

    اسان ڏاڍي سولائيءَ سان، ٽين پرسينٽ ۽ نائينٽي پرسينٽ جا نعرا هڻندا آهيون، پر اسان جي پنهنجي اندر ۾ ايمان ۽ اطمينان جو ڪيترو پرسينٽ بچيو آهي، ان جي اسان کي ٽڪي جيتري به ڳڻتي ناهي هوندي. ٻين جي نالي تي ورتل فائدو ذاتي طور تي حاصل ڪندي لڄ نه ٿي اچي...پنهنجي حرفت تي فخر ٿئي ٿو. ڇا ٿو ٿئي ان عمل مان...ڪهڙا نوٽ مٽجن ٿا ۽ ترسن ٿا...مٽي آخر مٽي ٿيڻي آهي. جيڪو ملڻو آهي سو ته ملي ئي ٿو، ڇا نه ڪوشش ڪجي ته ڪنهن سنئين دڳ تان ملي...جائز کي جائز ۽ ناجائز کي ناجائز ڇو نه ٿو سمجهيو وڃي؟...انهن جي جنس مٽائڻ لاءِ لاڳيتي ڪوشش ڇو جاري آهي؟ سا به ان صورت ۾ ته جيڪڏهن جائز...ناجائز ٿئي ته گوڙ گهمسان شروع...پر جي ناجائز ”ڦٻي“ وڃي ته ڄڻ زبان کي ئي تالو لڳي وڃي ٿو.

    سماعتن جو آلو خراب ٿي ويو هيو ۽ گراهڪ دڪان تي کڻي آيو. ڀائرن جيان دوست سيد شکيل اهو قصو هينئن کنيو ”امپورٽيڊ آلو هو...فالٽ سمجهه ۾ هڪدم نه آيو...همراهه کي به تڪڙ هئي، مزدوريءَ جا پندرنهن سئو ٻڌائي، هڪ ڪلاڪ جي مدت گهري وئي. گراهڪ ويو هليو، قدرت خدا جي...اندر صفائي ڪري نوان سيل جو وڌم ته چالو ٿي ويو...اصل ۾ سيل ڳري ويا هئا، تن گند ڪيو هو...هاڻي ٽيهن رپين ۾ ڪم تيار هو. مٿان ڪلاڪ کان پوءِ، همراهه به موٽي آيو. اتي اندر ۾ وري گهمسان شروع ٿي ويو. پندرنهن سون جا نوٽ سامهون هئا. ٺيڪ ٿيل آلو، گراهڪ کي ڏنم ته ٻوليل رقم سامهون رکيائين. منهنجي اندر مان ڪنهن ڳالهايو...پنجاهه رپيا ڏيو...ٽيهن جا سيل...ويهه مزوري...مان سچي ٿو چوان سر...اهو منهنجو آواز نه هو...پر ادا مون ڪيو هو. همراهه وائڙو ٿي ويو...مان جي پندرنهن سئو وٺانس ها ته هو ته خوشيءَ خوشيءَ ڏئي ها...پر پوءِ منهنجو ڇا ٿئي ها...منهنجي خوشي ڌوڙ ٿي وڃي ها...پهرئين قصي واري جو هلڪو ساهه ۽ شڪيل جي خوشي...ڏاڍا ڳرا لڳن ٿا عزيزان من...حرفتن جي جهان ۾ اهو سڀ بيوقوفي لڳي ٿو...پر وقوف وارن جي چالاڪين ۽ زمانه شناسي کان، اها بيوقوفي چڱي آهي...ڇاڪاڻ ته اها جائز ناجائز جو فرق ته سمجهي ٿي.

    mehmoodmughal@hotmail.com
     
  7. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم محمود مغل جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    راضي بَه رضا



    آچر 18 مارچ 2007ع

    استاد رجب علي رضا به رب جي رضا تي راضي ٿي، جهانِ رنگ وبُو مان رخصتي ورتي. اناالله و انا اليه راجعون. وري ڪجهه دير لاءِ ڄڻ ماٺ جي حڪمراني ٿي وئي آهي. هارمونيم هڪ ڪنڊ ۾، مٿي تي ڪپڙو وجهي، ڪنڌ جهڪايو ويٺو آهي. هر موسيقار وانگر، استاد رجب وٽ به پنهنجي من جي مونجهه ۽ اندر جي آلاپن کي اظهار جي انگ ڏيڻ لاءِ، انهيءَ ساز جي ”چاٻين“ سان کيڏڻ جي عادت هئي. هاڻي اها ڇيڙخاني نه ٿي سگهندي. زماني جو دستور آهي، ڪاروهنوار آهي سو هلندو رهندو. سڄي عمر اهو ”هارمُونو“ به ڪو اتي ڪو نه پيو هوندو. ڪو ٻيو اچي انهيءَ سُر جي سنگت جي ساٿ کي محسوس ڪرڻ گهرندو، پر اهي بي جان ”ڪيز“ (Keys) به هاڻي ڄاڻن ٿيون ته استاد رجب علي رضا ناهي موٽڻو. اهو ڇهاءُ سدائين لاءِ غائب ٿي چڪو آهي. اها مرڪ ماند ٿي وئي آهي.

    هارمونيم جو ذڪر ان لاءِ به بنهه ضروري هو جو پنهنجي حياتيءَ ۾ استاد رجب...مرحوم استاد فيروز گل کان پوءِ اهو ٻيون ”گُني“ وجود هيو، جنهن سان ڄڻ هارمونيم گفتگو ڪندو هو. اسين عام حياتيءَ ۾ جنهن به ”لب و لهجي“ سان ڳالهائڻ گهرون....جنهن نسبت سان ڪا به ڳالهه چئون، اهي ٻئي ”همه جهت استاد“ بلڪل انهيءَ ”ٽون“ کي هارمونيم جي اظهار جي حوالي سان ڪندا هئا. هاڻي جڏهن گفتگو ئي سُرن جي ردا اوڙهي سگهي ٿي ته آلاپ ۽ نجا سُر ته ڳالهه ئي ٻي آهن.

    ڪهاڻي وري به اها ئي ساڳي ٿي عزيزان من...دنيا جا چار ”ٽوئر“ ڪندڙ، هنڌين ماڳهين پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندڙ وٽ، مظاهرو ڪندڙ مرض جي دوا دارون جي ادائگيءَ لاءِ رقم ڪا نه هئي. شوڪت خانم ميموريل کيس انهيءَ ”خالص“ سبب جي ڪري موٽايو هو، ڇاڪاڻ ته رجب استاد، هڪ عام ”مالي حيثيت“ وارو وجود هيو. حياتيءَ شايد ايتري مُهلت نه ڏني هئس جو هو ڪجهه ايترو ”پاڇي“ ڪري سگهي، جيڪو کيس ”مينهن وسندي“ ڪم اچي ها...فڪرِ معاش، فڪرِ جان کان ڏاڍو مٿانهون ٿي وڃي ٿو صاحبانِ زمانه...هتي به شايد اهڙي ئي ڪا ڪٿا هئي.

    اتي وري ساڳيو اهو سوال پيدا ٿو ٿئي...ڇا ٿو ٿئي انهن سڀني کي يا سڀني سان؟ لک ڪمائين ٿا...هر روز هڪ محفل مچي ٿي...هزارين پروگرام ڪن ٿا...بچائين ڇو ڪو نه ٿا؟ ڇو ٿو آخر ايئن ٿئي جو آخر ۾ اچي مٽي خراب ٿئي ٿي؟ ثقافت کاتي جا پير جهلڻا پون ٿا، منٿن ميڙن جو قافلو تيار ٿئي ٿو، جنهن جو نالو ڪنهن وٽي تي ناهي، سو به هڪ عدد بيان ”داغي“ ڇڏي ٿو...هر فنڪار نه سهي، پر انهن جي اڪثريت ڇو ايئن ”فاقه ڪشيءَ“ جو شڪار ٿي آخر ۾ تڪليفن کي مُنهن ڏيندي، جهان مان رخصت ٿئي ٿي؟ جسماني پيڙا ته پنهنجي جاءِ تي، پر اها ”مالي پيڙا“ ڇو سندن در نٿي ڇڏي؟ هاڻي انهيءَ جو جواب به ڪٿي ڪٿي ڏاڍو سادو آهي سائين...شهرتن جي ڏاڪڻ تي چڙهڻ کان پوءِ، جڳ جهان سان ڏيٺ ويٺ ٿئي ٿي. مطلب ماڻهو سڃاڻن ٿا، مطلب...اٿڻي ويهڻي الڳ رکڻي پوي ٿي...مطلب...لٽو ڪپڙو الڳ هجي...هار سينگار مختلف هُجي. ٻين جي نگاهن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ ڪجهه ته هجي. سڃاڻپ به ته هڪڙو عذاب آهي...ڀرم ان کان وڌيڪ...هاڻي انهن جو خيال ته رکڻو آهي...مطلب ته زندگيءَ ۾ ضرورتون 7 تقاضائون پنهنجو ڄار مڪمل نموني وڇائين ٿيون ۽ مطلب...مطلب...مطلب...انهيءَ مطلب جي هڪ لفط ۾ ڄڻ هڪ پوري ڪوڙڪي، حياتي کي ڳهڻ جي منتظر هجي ٿي...۽ مٿان وري هٿ ٻڌي اهو به عرض ڪجي ٿو ته ڪٿي ڪٿي انهن حياتين ۾ ڪجهه ٻيا رنگ به هجن ٿا...”لانگ ايوننگز“ (Long Evenings) طويل شامن جي بندوبست ۾ ڪجهه گهڻو ئي خرچ ٿي وڃي ٿو. مٿان وري ڪجهه ٻيا ”لوازمات“ به خرچ گهرن ٿا، جيڪي فنڪار برادري واپرائيندي آهي ۽ سڀ کان اهم ڳالهه ته اها به آهي ته هي روزي ئي ”هوائي“ آهي...ملي...ملي...نه ملي، نه ملي. ڪم ملندو ته آمدني ٿيندي. جيڪڏهن نه ٿو ملي ته ڪو فنڪار ڌاڙو هڻڻ کان ته رهيو...پر، هڪ ڊگهي ساٿ ۾ عزيزان من...مان نجي حوالي سان عرض ڪرڻ ٿو گهران ته استاد رجب علي رضا...انهن عادتن کان تمام پري هوندو هو. خوش لباس، خوش اطوار استاد سائين، سدائين هڪ مهذب ۽ پڙهيل ڳڙهيل استاد جو ڏيک ڏنو، جيڪو فنِ موسيقيءَ کان سواءِ، ٻين انيڪ علمن ۾ به ماهر هو. هو رڳو ڪمپوزيشن ڏيندو ڪو نه هو، بلڪه ڪمپوزيشن سيکاريندو به هو. اتي بنا ڪنهن هٻڪ جي اهو به لکڻ ضروري آهي ته قديم استادن مان شايد هو واحد موسيقار هو، جنهن کي انگريزي زبان جي به سٺي ڄاڻ هوندي هئي. جڏهن به ملاقات ٿيندي هئي ته سندس زبان تي، سلام دعا کان پوءِ ۽ خاص طور تي ڀاڪر پائڻ کان پوءِ هڪدم ايندو هو ”سلامت رهو...خوش هجو...“ سادي سودي وجود تي هڪ خالص مرڪ ساڻ انهن جملن جو توازن غضب جو هوندو هو. اڄ هنن سٽن ۾، سندس حوالي سان اهو سڀ لکندي لڳي پيو ٿو ته آهستي آهستي اهي جملا اسان ۾ به، هن جي معرفت ئي آيا. آڌر ڀاءُ جو اهو انداز بلاشڪ سندس مخصوص ملڪيت هو.

    اهم ڳالهه اها به هئي صاحبانِ زمانه...ته ڪڏهن به هن ”لڏي“ جي ڪا به شڪايت مون استاد کان نه ٻڌي. تقريبن ٽيهه سال گذريا آهن، موسيقيءَ جي ميدان ۾ شاهه ڪاريگرن سان ملندي....ڪٿي ملڻ جو شرف مليو آهي ته ڪٿي وري ڪنهن ڪُنڊ پاسي ۾ ويهي ٻڌڻ جو...حيرت انگيز تجربا، هن حياتيءَ ۾ حاصل ٿيا آهن. اسڪرين تي شرافت جو پيڪر نظر ايندڙ مهربان، نجي محفل ۾ گار کان سواءِ جملو مڪمل نه ڪري سگهي ته ڇا ٿو ڪري سگهجي ۽ تنهن کان سواءِ گلا جو گهانگهو ته پيو ئي پيو هوندو آهي. الاءِ ڇو، هڪ ٻئي جو ڪم پسند ايندي به ”ناپسند“ ٿي ويندو آهي. ان ”ڪال“ جي جهان ۾، جڏهن به ڪٺا ٿيا هونداسين ته استاد رڳو سُرن جي ڳالهه ڪئي هوندي يا وري پوءِ ڪنهن شاگرد جي ڪا خوبي ئي اڳيان وڌائي هوندائون. ايئن گهٽ ۾ گهٽ مون کي نٿو لڳي ته ڪٿي هنن ڪا دانهن ڪئي هجي ۽ دانهن ته عزيزان من هنن آخر تائين نه ڪئي. هڪڙي ئي اداري ۾، نوڪري ڪندي، انيڪ ڀيرا ملاقات ٿي هوندي. جڏهن به حال پڇبو هيو ته بس شڪر ادائگي هوندي هئي. استاد رجب، ڪڏهن به ڪا شڪايت نه ڪئي. ذاتي حوالي سان مان اهو به ڄاڻان ٿو ته آخر ۾ کيس شدت سان، هٿ جي تنگيءَ اچي ورايو هو...مٿي، اي سي ٽُو ۾، هن انيڪ چڪر لڳايا هئا...مهربان آفيسرن جيڪا به واهر ٿي سگهي سا ڪئي هئي، پر تڏهن به، انهيءَ ڪمزور، بيمار ۽ نٻل وجود سان ڊوڙ ڊڪ ڪندي، هن ڪو به شڪايتي انداز نه واپرايو. هر هنڌ سندس نياز نوڙت، هٿ جوڙ، ملڻ ملائڻ ۽ رک رکاءُ اهو ساڳيو ئي رهيو.

    هڪ باوضع، باتمير، گُني وجود، اسان وٽان رخصت ٿيو آهي. مغزز خواتين و حضرات....اڄ اڃا پهريون ڏينهن آهي. سڀاڻي پهريون سال به ٿي ويندو...وقت جون بريڪون ته خراب ٿيل آهن. بلڪه آهن ئي ڪو نه...سمئو اسان سڀني کي ان انجام کان باخبر ڪندو ٿو رهي ۽ احساس به ڏياري ٿو ته ڪيڏو وڏو نقصان ٿي چڪو آهي. ضروري صرف اها ڳالهه آهي ته ياد جي سهاري کي هٿان نه ڇڏجي. اها ڏور هٿن مان نڪري ته وري واپس گهٽ ئي ملندي آهي. هيڏا وڏا وجود رخصت ٿين ٿا ته گهٽ ۾ گهٽ، هنن جي ياد ته سلامت هُجي. باقي هرڪو پيو پنهنجي حياتي گذاريندو...ڪفالت رب مٺي جي حوالي آهي، ڪير ڪنهن کي ڪيترو کارائي يا پالي سگهي ٿو...؟

    عمرِ عزيز جي آخري ڏينهن ۾، سندس آواز، سندس ساٿ ڇڏي ڏنو هو. ڳائيندو ته هو پهرين به گهٽ هيو، پر بهرحال هڪ ڪمپوزر کي، پنهنجن راڳين کي سُر ته سمجهائڻا ئي هوندا آهن. پنهنجي آواز جي رُسي وڃڻ تي، استاد رجب علي رضا جي وجود ۾ عجيب اضطراب اچي ويو هو. گهٽ ڳالهائڻو ته هو شروع کان ئي هو، پر هاڻي ته اکر اکر ڄڻ ڳڻجي ٿي نڪتو. اهو غم کيس جهوري ويو هو. آخري ملاقات ۾ سندس اندر جو درد ڄڻ سندس اکين ۾ اوتجي آيو هو. اداس اکين واري، اسان جي هن سرموڙ موسيقار جي اداسي، سندس سڄي وجود کي وڪوڙي وئي هئي. پر سندس نگاهه جو هنر عجيب هيو. هٿ ٻڌي هن موڪلايو هو ۽ ايئن ئي ڄڻ سندس اکين به هٿ ٻڌا هئا ته دنيا دورنگيءَ جا سڀ رنگ ڏسي چڪا آهيون. هاڻي موڪلائڻ ۾ ئي عافيت آهي.

    جملا سڀ رسمي آهن، عزيزانِ من...اسين سڀ هن جي جدائيءَ تي سوڳوار آهيون. ڌڻي تعاليٰ سندس پونئيرن کي صبر جي توفيق عطا ڪري...آمين...اهو خلا ڀرجڻ ناممڪن آهي...سنڌي موسيقيءَ کي هيئن ٿي ويو ۽ هونئن ٿي ويو. وغيره وغيره...پر سچ اهو آهي ته اهڙا سدا بهار ۽ ڪمالِ فن وجود اسان وٽ هاڻي ڪي گهڻا ناهن رهيا. پنهنجين حالتن سان جهيڙيندڙ استاد رجب علي رضا، پنهنجي نالي جيان، سدائين راضي بَه رضا رهيو. سندس وڇوڙي تي اسان به اهڙي ئي ڪيفيت جو شڪار آهيون، پر اتي الاءِ ڪٿي، دل جي ڪنهن ڪنڊ ۾ ڪو هڪڙو آواز ٻري ٿو...سلامت رهو...خوش هجو...الاءِ ڇو لڳي ٿو، ان لهجي ۾ هاڻي شايد ڪو به مخاطب ڪو نه ٿيندو...نه اسان سان، نه سنڌي موسيقيءَ سان. ڌڻي جل شانه مٿس ڪرم ڪري ۽ کيس آسودو مرقد عطا ڪري...آمين...!

    mehmoodmughal@hotmail.com
     
  8. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم محمود مغل جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    ٻاهريون پَنون



    آچر 25 مارچ 2007ع

    ”علم جي اڪابر“ وجود لاهه ڪڍي ڇڏيا هئا...ڳالهه چوندي، سندس وجود ايئن ئي عام ڏيک ڏئي رهيو هيو. ندامت ته ڇا، سوچ جو هڪڙو ننڍڙو عڪس به سندس چهري تي لڙي نه آيو هو. فيض وٺندڙ نياڻيءَ جون ته واڇون ٽڙي ويون هيون ۽ فيض ڏيندڙ استاد صاحبه جي وري ”بي خطري“ حيران ڪندڙ هئي.

    ”مٿيون پنون ڦاڙي ڇڏ...يا هينئن ڪر جو مواد کي وري ري پرنٽ (Re-print) ڪرائي وٺ...جي فوٽو اسٽيٽ ڪرائيندي ته به هلي ويندو...بس رڳو نالي وارو پنون مٽيل هجي...پر شَڪُ ٿي سگهي ٿو...هينئن ڪر...وري ڪمپوز ڪرائي وٺ...ٿورا پئسا لڳي ويندئي پر هڻ هڻان کان جان ڇُٽي پوندي...ڪم کان به بچي پوندين...“

    الله اڪبر...ماتم ڪري به ڪهڙو پٽڪو ڪجي؟ هي اندازِ تخاطب استاد محترم جو هيو، جيڪو ”پيغمبري پيشي“ جي پوئواريءَ جو دعويدار آهي...تڙ تڪڙ ۾...شاگردياڻيءَ پنا ميڙيا...”مان ڪرائي ٿي وٺان ميڊم...مطلب...مان ڪري ٿي وٺان...“پنهنجي ٿيلهي ۾ مٽيريل رکي هوءَ تيزيءَ سان نڪتي ۽ استاد محترم مون ڏي نهاريو هيو...”ڇا ڪيون ادا...ڳوٺان اچن ٿيون...شهر جي سمجهه نه ٿي اچين...پوءِ هِتان هُتان ڪري مڙئي ڪم ڪڍڻو آهي. اهي سڀ ”ٽڪا پنجا“ ته ڪرڻا ئي ٿا پون...امتحان ۾ مڙئي آهي ڪاغذن جو پيٽ ڀرڻو...سو ڀرجي وڃي ٿو. ”ڏيو خبر....اوهان ڪيئن آيئو؟...“ مون کي ڪجهه به سمجهه ۾ نه پئي آيو. جنهن ڪم سان مان آيو هئس سو ته الاءِ ڪهڙيءَ ڪنڊ ۾ مُنهن لڪائي سُڏڪي رهيو هو. ايڏو وڏو ڪردار، علم و ادب جو نالو...مٿان وري علم جي ونڊ وکير جو شعبو...اکئين نه ڏسان ها ته اهو سڀ ڪڏهن به مون وٽ اعتبار جي لائق نه هو...الاءِ ڇا ڇا چوڻ تي دل ڪڍيو...پر خيال آيو، دنيا ۾ ”تهذيب“ به ڪا تعريف رکي ٿي...ايئن ”اُگرو“ ڳالهائڻ سان ڇا ورندو...تير ڪمان مان نڪتل آهي...حدف کي چيري ڦاڙي يا اجايو وڃي، ڪمان ته خالي ٿي چُڪي آهي...اظهار جي ڪا واٽ نه ملي ته ماٺ ڪري ايئن بي سبب اچڻ جو عذر ٺاهي، واپسي اختيار ڪئي...رستا عجيب پئي لڳا...روشنيون ڄڻ ڊم ٿي رهيون هيون.

    ”خواب نگر“ جي مسلسل لکڻ جو عمل، عجيب رنگ ڏيکاري رهيو آهي. محبتن جا سلسلا جتي طويل آهن، اتي وري ناراضگي، ناپسنديدگي ۽ تنقيد جو سلسلو به ڪو گهٽ ناهي هوندو...ڪٿي، ڪنهن محفل ۾ موجود هوندس ۽ ڪا به ڳالهه ٿي ويندي ته صاحبانِ محفل کل کل ۾ چئي ويهندا...”يار خيال ڪجو...مغل صاحب ويٺل آهي...وري خواب نگر ۾ ڇاپي ڇڏيندو...“ ڳالهه رڳو ٻين جي ناهي، پاڻ ئي پاڻ تي ”چيڪ اينڊ بئلنس“ رکڻو ٿو پوي. رازداري شرط آهي ۽ هر واقعو لکڻ لائق نه هوندو آهي. حڪايتِ زمانه ۾ جيڪڏهن ڪا شئي حوالي طور ڪتب به آندي هوندي ته اجازت ضرور ورتي هوندي. مقصد خالي ”لٽو لاهڻ“ ناهي هوندو...ايئن جي هر ”ڏٺل ٻڌل“ کي هر هفتي اوهان جي سامهون پيش ڪرڻو هجي ته پوءِ ته ڪا ڳالهه ئي نه ٿي قبلا...ڪجهه نظر اچي ٿو سائين، جيڪو ٻين کي ڏيکارڻ بنهه ضروري هوندو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته گهڻن جو اهو سڀ پهرين کان ئي ڏٺل هوندو آهي، بس ڌيان جي دريءَ جا ڪڙا زنگيل هوندا آهن، اها گهٽ کُلندي آهي. الاءِ ڪيترا منظر اسان کي پهرئين نظر ۾ سمجهه ۾ نه ايندا آهن، ٻي نظر وجهڻ لائق وري اسين انهن کي ڪو نه سمجهندا آهيون. ڪاروانِ حيات بس هلندو ئي رهندو آهي. پنهنجي اندر کان ته خائف رهڻو ئي ٿو پوي ته عزيزان من...پر هونئن به ان لاءِ ضروري آهي ته ”اندر“ هجي. جيڪڏهن نه هوندو ته به خير آهي، بلڪه حياتي ”سرس سونهاري“ آهي. جان ئي ڇُٽي پئي آهي...

    الاءِ ڪيتري دير اها ”گهُٽ ٻُوسٽ“ هلندي رهي جو اوچتو وري هڪ ٻئي ڪرم فرما، نجي مهرباني ڪندي روينيو ۾ اضافو ڪرڻ لاءِ ڪاپين جي چيڪ ڪرڻ جي خدمت آفر ڪئي...احساس اهو ٿيو ته اهو شعبو منهنجو ناهي...جن لکيو پڙهيو آهي انهن سان انصاف ٿي نه سگهندو ته هڪ معنيٰ خيز کل سان فرمايو ويو ”ڇڏ اهي.....جون ڳالهيون، عقل ڪر...هتي ڪير ٿو چيڪ ڪري؟...گهرن ۾ به رڳو پٽ ڌيئرون، ڀائر ڀائٽيا پيا چيڪ ڪن. ايترو وقت ماڻهو پاڻ ڪٿان ڪڍندو جو ايتريون هزارن ۾ ڪاپيون چيڪ ڪندو ۽ مٿان وري جناب محمود مغل صاحب جي حسين خيالن موجب انصاف ڪندو؟ ڇڏ ميان...ماٺڙي ڪري چيڪ ڪري ڏي...ڀلا ڪجهه ڏوڪڙ ٺهي پوندئي ته ڪا خرابي آهي ڇا؟ ماڻهوءَ جو ڀاڙيو هجڻ به عذاب کان گهٽ ناهي هوندو صاحبِ زمانه...انهن لمحن ۾ الاءِ ڇو، زبان ڄڻ ”منڊجي“ ويندي آهي. هڪ ڦِڪي، بي جان مرڪ يا وڌ ۾ وڌ کل ئي اسان جهڙن جو اظهار هوندو آهي، پنهنجو پاڻ تي رحم پيو ايندو آهي. ڪاغذي شينهن جي گجگوڙ ٻڌي، کل ئي ته اچي سگهي ٿي...اها کل، جيڪا ناشناس زماني جي مهر کي نه سڃاڻيندي، شرمساريءَ جي پرده داري ڪندي آهي...

    ”تون هڪڙو هوندين ڇا؟...مان...؟“ ڪرم فرما، ڳالهه جاري رکي ”يا وري پهريون ماڻهو هوندين جيڪو اهو ڪم ڪندو هوندو؟ اهي وڏا وڏا عالم فاضل ان ڌنڌي سان لڳل ٿئي، ٻاهران پنون هڪڙو...عنوان هڪڙو...اندر مضمون ٻيو...ٻيو به ڇا...تقريبن هڪ جهڙو...سڀ پيا نوٽ ڪمائين...توکي الاءِ ڪهڙي بيماري آهي...ايماندار ٿو پُٽ ٿئي. اي خبر اٿئي ماڻهو توکي ڪيترو بي ايمان سمجهن ٿا؟...اهو ته تون اسان کان پُڇ نه...اي ميان...جي ڪمائيندي ته به اهو ئي ٿيندئي، جي ايمانداري ڏيکاريندي ته به انجام اهو ئي ٿئي...عقل ڪر...عقل ....“ هاڻي اهو عقل ئي سمجهه ۾ نه ٿو اچي، عزيزانِ من...ميڊيڪل جو ماڻهو، جيڪڏهن انجنيئرنگ جون ڪاپيون چيڪ ڪري ته اهو ته بس ”اِنڊا“ ڀرڻا ٿيا...خبر ڇا ڌوڙ پوندس...؟ نه پر خبر رکڻ جي ضرورت به ڪهڙي آهي؟

    ڪٿي، ڪنهن خوشگوار لمحي ۾، قبله والده صاحبه، هٿ جهلي سمجهايو هيو، ”دنيا جا عام ماڻهو ٿئي اٽو...پوءِ ڇاڻيل هجن يا نه...هاڻي جي ان ۾ لوڻ چپٽي نه ملائجي ته تئي تان لٿل ڊگڙي مزو ڪو نه ڏيندي، سواد ته هوندس ڪو نه...هاڻي اها لوڻ چپٽي خاص ٿئي...ضروري ٿئي...زندگيءَ جي روٽيءَ لاءِ ايمان لوڻ جو ڪو ٿو ڏيئي پُٽ...جي هوندو ته سواد به حاصل ٿيندو...ياد رکجانءِ...اهي ماڻهو هوندا گهٽ...پر هوندا ضرور...جنهن مهل به ان ”روٽَ“ مان سواد نڪري، پَڪَ سمجهجان ته سڀ اٽو آهي...لوڻ ته رهيو ئي ڪو نه...نيمڪ ختم ٿي وڃي ته اک به حياءَ ڪرڻ ڇڏي ڏيندي آهي محمودَ...وفا به لوڻ هوندي ٿئي ٻچا...تڏهن ته حلال هوندي آهي...ڪنهن جي در جي نيمڪ جو مثال ڏيندا آهن پُٽ...اٽي جو نه...ڇاڪاڻ ته اهو لوڻ ڪمالآهي...نه ته ماڻهو ته اٽو وڌيڪ ڦڪي ٿو...“ اهو سڀ ياد آهي ۽ انشاالله ياد رهندو ۽ اهو ئي خاص سبب آهي معزز خواتين و حضرات، جو زندگي اڃان به لطف ڏئي ٿي...اهو ايئن ناهي ته هر هنڌ ڪا بي ايماني ٿيندي هُجي. مڃجي ٿو ته اها وڌي وئي آهي، پر ڪٿي ڪٿي ته ايمان به آهي، هر ماڻهو ته ٻئي کان ”چيڪنگ“ نه ڪرائيندو هوندو.

    اڄ ڪجهه موضوع عجيب ٿي ويو عزيزانِ من...حياتيءَ ۾ اهي سڀ سلسلا عام آهن، جيڪي دراصل خاص حيثيت رکن ٿا. هاڻي انهن جي خاصيت الاءِ ڇو اسان کي سمجهه ۾ نٿي اچي...هڪڙي جي لکيل ٿيسز کي ٻئي جو سرٽيفڪيٽ لڳي ۽ اها قبول ٿي، پاس به ڪرائي...هڪڙو غير واسطيدار وجود اوهان جي امتحان جي ڪارڪردگي ڏسي ۽ اوهان جي پاس فيل جو تعين ڪري...اهو سڀ ڇاهي؟ هلو ڀلا...هڪڙو اڻ پڙهيل جيڪڏهن ايئن ڪري ته به ٺيڪ آهي...هتي اهو سڀ هڪ پڙهيل ڳڙهيل وجود ٿو ڪري سائين...اتي ڪهڙو ماتم ڪجي؟

    وقت جي کوٽ هڪ اهم بهانو آهي، پر گهٽ اسان جي سوچ به ناهي قبلا سائين، صحيح ۽ غلط کي، اسان ”مدغم“ ڪري ڇڏيو آهي. ڪا خبر ئي نه ٿي پوي ته ڇا ٺيڪ آهي ڇا نه؟ بهاني بازيءَ سان غلط کي صحيح ڪرڻ جي ڪوشش جاري آهي...دليلن سان ”بُجڪو“ ڀريل آهي...اوهان کي گهڻا گهرجن ٿا؟ اسان جي علم ۽ عرفان جي حالت هاڻي اهڙي مٿي جهڙي ٿيندي ٿي وڃي، جنهن تان ڏاهپ جا وار ڇڻندا ٿا وڃن. خبر ئي نه ٿي پوي ته پيشانيءَ جي حد ڪهڙي آهي يا مٿو ڪٿان شروع ٿي، ڪٿي ختم ٿئي ٿو...؟ پياري علڻ کي شڪايت ٿي پئي آهي ته مان شڪايتون گهڻيون ٿو ڪيان...علي ذوالقرنين خواب نگر جي معرفت اوهان سان ملندو رهندو آهي، ملڪ جي ڪجهه ڳڻيل ماهرِ نفسيات ۾ سندس شمار ڪري سگهجي ٿو. اهو لائق فائق وجود، نفسياتي حوالي سان فرمائي ويو ”ڏاڍو شڪايتي ٿي ويو آهين...مان توکي ريگيولر پڙهان ٿو...ملڪ ۾ هجان يا ملڪ کان ٻاهر...هر ڳالهه ۾ رڙ ٿو ڪرين...مٿان وري آخر ۾، نصيحت جي پچڪاري ٿو هڻين. تو هي ڪهڙو ڌنڌو شروع ڪيو آهي...ڇڏ بابلا...ماڻهن کي پاڻ سوچڻ ڏي...توکي ڳالهه ڪرڻي آهي...ڪري ڇڏ...شڪايت نه ڪر...نه ئي تبليغ ڪر...سڀڪو ”چڱو مٺو...“سمجهي ٿو.“

    ڪجهه لمحن لاءِ مان ڄڻ وڄي ويو هئس...ڪهڙي شڪايت ۽ ڇاجي پچڪاري؟ جيڪي سمجهه ۾ اچي ٿو عرض ڪجي ٿو...اوندهه کي اوندهه چوڻ لازم آهي سائين...۽ روشنيءَ جي ڪوشش به ضروري آهي. خواب نگر، هاڻي ته شعوري ڪوشش بڻجندو ٿو وڃي ته ڪمين، ڪوتاهين جو اظهار ڪجي...حل ڳولجي...ڪجهه ڪجي...انسان ذات کي، پويان ڇڏيل پاڇن جي ڪا ڄاڻ ڏجي...جيڪڏهن اها شڪايت آهي ته مان ڪرڻ لاءِ تيار آهيان...ها...حل هن ناقص وجود وٽ ڪونهي...ايڏو علم ڪٿان ايندو، حل ته هر ڪنهن کي پاڻ ڳولڻو آهي.

    اڄ ڪو به”ٽڪو ...پنجو“ هٿ ناهي آيو. ٻاهرئين پنن جي منطق به سمجهه کان ٻاهر آهي، ڇاڪاڻ ته ٻئي جي پورهئي تي پنهنجو نالو ڏيڻ سان ڪهڙو سڪون ملندو هوندو...اندر ۾ اهو ايوان ته کلندو هوندو، جنهن ۾ رڳو ٻاهرئين پني تي پنهنجي نالي جي خبر هوندي ۽ دل دانهون ڪندي هوندي ته اندر جي ورقن ۾ ڪو هڪڙو ورق به تنهنجو ذاتي ناهي...سڀ پرايا آهن...سڀ ڪنهن ٻئي جا آهن...هتي ته تو ڪنهن ٻئي جي مدد سان پنهنجا ڪيا آهن...ٿورو سوچيون ٿا...حشر جي ميدان ۾، ڪنهن جي به ڪنهن حياتيءَ جي ٿيسز تي اسين پنهنجي نالي وارو ورق ڇنبڙائي سگهنداسين؟ پنهنجو ڪوبه هٿ آيل مسودو، وري ري ڪمپوز ڪرائي ڇاپي سگهنداسين؟ ڪنهن ڀاءُ ڀائيٽي کان اهو لاڀ وٺي سگهنداسين ته پنهنجي محنت جو معاوضو هو اسان کي وٺڻ ڏئي...؟ هتي ته ”وائيوا“ (viva) يعني زباني امتحان کان اڳ ئي ماڻهو پاس ٿي ٿو وڃي، اُتي ڇا ٿيندو.
    mehmoodmughal@hotmail.com
     
  9. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم محمود مغل جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    عميق مان ڪجهه موتي!



    آچر پهرين اپريل 2007ع

    عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم مبارڪ هُجيوَ...8 2 4 1 هجريءَ جي هن اڄوڪي اهم ڏهاڙي تي، خواب نگر کي اها سعادت حاصل ٿئي ٿي ته هُو حياتيءَ جي مختلف رنگن جي نسبت سان ڪجهه حڪمن کي اوهان تائين پيش ڪري...جيڪڏهن ڪا هڪڙي ڳالهه به سمجهه ۾ اچي وئي ته هن فقير جا ڀاڳ ڀلارا ٿي ويندا...اڳيان آسودگي ٿي ويندي. آمين.

    (1) حضرت ابوذر رضي الله تعاليٰ عنه کان روايت آهي ته رسول الله صلي الله عليه وسلم جن فرمايو ته ”تنهنجو مرڪڻ، پنهنجي مسلمان ڀاءُ لاءِ صدقو آهي، تنهنجو ڪنهن کي نيڪيءَ جو ڏس ڏيڻ ۽ برائيءَ کان روڪڻ صدقو آهي، ڪنهن ڀُليل شخص کي دڳ لائڻ صدقو آهي. گهٽ نظر واري کي رستو ڏيکارڻ صدقو آهي. پٿر ۽ ڪنڊي وغيره جو رستي تان پري ڪرڻ صدقو آهي. پنهنجي دِليءَ مان ٻئي جي دِليءَ ۾ پاڻي وجهڻ صدقو آهي.“

    (2) حضرت عبدالله بن عباس رضي الله تعاليٰ عنه کان روايت آهي ته نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن فرمايو ته، ”جيڪو شخص پنهنجي ڀاءُ جي ڪم خاطر هلي وڃي ٿو ته سندس اهو عمل ڏهن سالن جي اعتڪاف کان افضل آهي. جيڪو شخص هڪڙو ڏينهن الله جي رضا خاطر اعتڪاف ۾ ويهي ٿو، الله تعاليٰ ان جي ۽ جهنم جي وچ ۾ ٽن خندقن جيترو فاصلو ڪندو آهي. هي خندق، آسمان ۽ زمين جي وچ واري فاصلي کان به وڌيڪ ويڪري آهي.“

    (3 )حضرت عمران حصين رضي الله تعاليٰ عنه کان روايت آهي ته فرمايو الله جي رسول صلي الله عليه وسلم ته، ”جنهن شخص جو ڪنهن تي ڪو حق (قرض وغيره) هجي ۽ هو ان کي ادائگيءَ لاءِ ڍر ڏئي ته ان کي هر ڏينهن جي عيوض صدقي جو ثواب ملندو.“

    (4) حضرت جابر رضي الله تعاليٰ عنه کان روايت آهي ته پاڻ ڪريم صلي الله عليه وسلم جن فرمايو ”مومن محبت ڪندو آهي ۽ ساڻس به محبت ڪئي ويندي آهي. اهڙي شخص ۾ ڪا به چڱائي ڪانهي جيڪو نه محبت ڪري ٿو نه ڪو ساڻس محبت ڪئي وڃي ٿي. ماڻهن مان سڀ کان ڀلو اهو شخص آهي، جيڪو ماڻهن کي سڀ کان وڌيڪ نفعو پهچائي.“

    (5) حضرت ابو هريره رضي الله تعاليٰ عنه کان روايت آهي ته رسول الله صلي الله عليه وسلم جن فرمايو ”جنهن شخص کي الله ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان آهي، ان کي گهرجي ته پاڙيسريءَ جي عزت ۽ احترام ڪري.“ صحابن سڳورن عرض ڪيو، اي الله جا رسول صلي الله عليه وسلم، پاڙيسريءَ جو حق ڇا آهي؟ فرمايائون، ”جيڪڏهن اوهان کان ڪنهن شيءِ جو سوال ڪري ته کيس ڏيو، جيڪڏهن هو توهان کان مدد گهري ته سندس مدد ڪيو، جيڪڏهن هو پنهنجي ضرورت خاطر قرض گهري ته کيس قرض ڏيو، جيڪڏهن دعوت ڏئي ته قبول ڪريوس. جيڪڏهن بيمار ٿي وڃي ته کانئس پڇڻ وڃو، جيڪڏهن وفات ڪري وڃي ته ان جي جنازي سان وڃو. جيڪڏهن ان کي ڪا مصيبت پهچي ته کيس آٿت ڏيو. پنهنجيءَ ديڳڙيءَ ۾ گوشت پچڻ جي خوشبو سان کيس نه ايذايو، مگر ان مان ڪجهه سندس گهر موڪليو. پنهنجي جاءِ، هن جي جاءِ کان ايڏي مٿي نه ٺاهيو جو ان کي هوا پهچي نه سگهي، البت پاڻ اجازت ڏئي ته ٺيڪ آهي.“

    (6) حضرت ابو هريره رضي الله تعاليٰ عنه کان روايت آهي ته رسول الله عليه وسلم جن فرمايو ”آهي ڪو ماڻهو، جيڪو مون کان هي ڳالهيون سکي ۽ انهن تي عمل ڪري يا انهن ماڻهن کي سيکاري، جيڪي ان تي عمل ڪن؟“ حضرت ابو هريره رضي الله تعاليٰ عنه فرمائين ٿا ته مون عرض ڪيو ته ”اي الله جا رسول صلي الله عليه وسلم آئون تيار آهيان.“ پاڻ سڳورن صلي الله عليه وسلم جن منهنجو هٿ پنهنجي هٿ ۾ وٺي هي پنج ڳالهيون ڳڻي ٻڌايون. (1) حرام کان بچو، ته سڀ کان وڏو عبادتگذار ٿيندين. (2) رب جل شانه جي ڏني تي راضي رهه ته سڀ کان وڏو شاهوڪار ٿي ويندين. (3) پنهنجي پاڙيسريءَ سان سهڻو سلوڪ ڪر ته تون مومن بڻجي پوندين.(4) جيڪا شيءِ پنهنجي لاءِ پسند ڪرين ٿو، اها ئي ٻين لاءِ به پسند ڪر ته تون ڪامل مسلمان ٿي ويندين.(5) گهڻو کلندو نه ڪر، ڇاڪاڻ ته گهڻو کلڻ دل کي ماريندو آهي.“

    (7) حضرت ابو اسيد مالڪ بن ربيعه رضي الله تعاليٰ عنه فرمائين ٿا ته، اسان حضور اڪرم صلي الله عليه وسلم جن جي خدمت ۾ حاضر هئاسين ته بنو سلمه قبيلي جو هڪ شخص وٽن آيو ۽ عرض ڪيائين، ”اي الله جا رسول صلي الله عليه وسلم...ڇا مون لاءِ ماءُ پيءُ جي وڃڻ کان پوءِ، ساڻن نيڪي ڪرڻ جي ڪا صورت ممڪن آهي؟“ رسول الله صلي الله عليه وسلم جن فرمايو ته ”هائو...انهن لاءِ دعا گهرڻ، الله تعاليٰ کان انهن جي لاءِ بخشش جي طلب ڪرڻ، انهن جي وئي کان پوءِ انهن جي وصيت کي پورو ڪرڻ، جن ماڻهن سان انهن جي ڪري مائٽي هئي، تنهن سان سهڻو سلوڪ ڪرڻ ۽ انهن جي دوستن جو احترام ڪرڻ.“

    (8) حضرت ابو هريره رضي الله تعاليٰ عنه کان روايت آهي ته، رسول الله صلي الله عليه وسلم جن فرمايو ”خبر اٿوَ ته گلا ڇا کي چئبو آهي؟“ صحابه سڳورن عرض ڪيو ته، ”الله جل شانه ۽ سندن رسول صلي الله عليه وسلم جن وڌيڪ ڄاڻن ٿا...“ رسول الله صلي الله عليه وسلم فرمايو، ”پنهنجي ڀاءُ جي پرپُٺ ان بابت اهڙي ڳالهه ڪرڻ جيڪا ان کي نه وڻي...“ ڪنهن شخص عرض ڪيو، ”پنهنجي ڀاءُ جي اهڙي ڳالهه ڪيان، جيڪا منجهنس هُجي...؟“ پاڻ صلي الله عليه وسلم جن فرمايو، ”جيڪڏهن تون ان بابت اهڙي ڳالهه چوين، جيڪا منجهس هُجي، ته تو گلا ڪئي ۽ جيڪڏهن اها خامي منجهنس نه آهي ته پوءِ تو ان تي بُهتان مڙهيو.“

    (9) حضرت ابو سعد ۽ حضرت جابر بن عبدالله رضي الله تعاليٰ عنه کان روايت آهي ته رسول الله صلي الله عليه وسلم جن فرمايو، ”گلا ڪرڻ زنا کان وڌيڪ خراب آهي.“ صحابن سڳورن عرض ڪيو، ”سائين...گلا ڪرڻ زنا کان وڌيڪ خراب ڪيئن آهي؟“ رسول الله صلي الله عليه وسلم جن فرمايو، ”ماڻهو جيڪڏهن زنا ڪندو آهي، پوءِ توبهه ڪري وٺندو آهي ته الله تعاليٰ جل شانه سندس توبهه قبول ڪندو آهي، پر گلا ڪندڙ کي جيستائين اهو شخص معاف نٿو ڪري، جنهن جي گلا ڪئي اٿس، تيستائين الله تعاليٰ به ان کي معاف نه ٿو ڪري.

    (10) حضرت ابو عبشه انصاري رضي الله تعاليٰ عنه کان روايت آهي ته هن، نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن کي فرمائيندي ٻُڌو. فرمايائون، ”آئون قسم کڻي ٽي ڳالهيون ٻڌايان ٿو، ان کان پوءِ هڪ ڳالهه ٻڌائيندس، جنهن کي چڱيءَ طرح سانڍجو. هڪ هيءَ ته ڪنهن به ٻانهي جو مال صدقي ڪرڻ کان گهٽ نه هوندو آهي، ٻيو هي ته جنهن شخص تي ظلم ٿئي ٿو ۽ هو ان تي صبر ڪري ته الله تعاليٰ جل شانه ان جي عزت وڌائيندو. ٽين هيءَ ته جيڪو شخص ماڻهن کان سوال (پنڻ) جو دروازو کولي ٿو. الله تعاليٰ مٿس مسڪينيءَ جو دروازو کوليندو آهي.“

    پوءِ فرمايو الله جي رسول، صلي الله عليه وسلم ته ”هڪڙي ڳالهه اوهان کي ٻڌايان ٿو، ان کي محفوظ ڪجو، دنيا ۾ چئن قسمن جا ماڻهو هوندا آهن. هڪڙو اهو شخص جنهن کي الله تعاليٰ جل شانه مال ۽ علم عطا ڪيو ۽ هو (علم جي ڪري) پنهنجي مال بابت الله تعاليٰ کان ڊڄي ٿو، يعني ان جي مرضيءَ خلاف خرچ نٿو ڪري، بلڪه ان سان مائٽي ڳنڍي ٿو ۽ اهو به ڄاڻي ٿو ته هن ۾ الله تعاليٰ جو حق آهي. (تنهن ڪري سندس راهه ۾ خرچ ڪري ٿو) پوءِ هي شخص قيامت جي ڏينهن افضل درجن ۾ هوندو.“

    ٻيو اهو شخص آهي، جنهن کي الله تعاليٰ جل شانه علم عطا ڪيو، پر مال ڪو نه ڏنائينس، اهو سچي نيت وارو آهي ۽ سندس تمنا اها هوندي آهي ته جيڪڏهن مون وٽ مال هجي ها ته آئون به فلاڻي وانگر (چڱن ڪمن ۾) خرچ ڪيان ها. الله تعاليٰ ان جي نيت ڪري ان کي ساڳيو ئي ثواب ڏيندو، جيڪو پهرئين جو آهي. ٽيون اهو شخص آهي، جنهن کي الله تعاليٰ جل شانه مال ڏنو پر علم ڪو نه ڏنائين. هو پنهنجي مال ۽ علم نه هئڻ جي ڪري ڳڙ ٻڙ ڪري ٿو. (بي جا خرچ ڪري ٿو) ان مال ۾ نه الله تعاليٰ جو خوف اٿس، نه ڪو مائٽي ڳنڍي ٿو، نه ئي کيس خبر آهي ته هن مال ۾ الله تعاليٰ جو به حق آهي. هي شخص قيامت جي ڏينهن بدترين درجن ۾ هوندو.

    چوٿون اهو شخص آهي، جنهن کي الله تعاليٰ جل شانه نه مال ڏنو هجي، نه ڪو علم...سندس تمنا آهي ته جيڪڏهن مون وٽ مال هجي ها ته مان به فلاڻي يعني ٽئين نمبر ماڻهوءَ وانگر (اجايو خرچ) ڪيان ها ته ان کي سندس نيت جو گناهه ٿيندو، ۽ ان جا ۽ ٽئين نمبر جا گناهه برابر ٿي پوندا. مطلب ته چڱي يا بُري نيت ڪرڻ ساڻ، اهڙو ئي ثواب ۽ گناهه ملندو آهي، جيڪو انهن عملن تي ٿيندو آهي.

    (1 ) مديني منوره جو هڪ شخص روايت ڪري ٿو ته، حضرت معاويه رضي الله تعاليٰ عنه، حضرت عائشه رضي الله تعاليٰ عنه ڏانهن خط لکيو ته مون ڏي ڪا ننڍڙي نصيحت لکي موڪليو. حضرت عائشه صديقه رضي الله تعاليٰ عنه اسلام عليڪم کان پوءِ کيس لکيو ته، ”مون رسول الله صلي الله عليه وسلم جن کان فرمائيندي ٻڌو هو ته، جيڪو شخص الله جي رضامنديءَ جي طلب ۾ ماڻهن جي ناراضگيءَ کان بي فڪر ٿي لڳو رهيو ته الله تعاليٰ، ماڻهن جي ناراضگيءَ جي نقصان کان سندس حفاظت ڪندو ۽ جيڪو شخص الله تعاليٰ جي ناراضگيءَ کان بي فڪر ٿي ماڻهن جي خوشامند ۾ لڳو رهيو ته الله تعاليٰ ان کي ماڻهن جي حوالي ڪري ڇڏيندو...وسلام...“

    معزز خواتين و حضرات، علم و عرفان جي ”عميق“ مان هي يارنهن موتي، هنن صفحن تي جرڪن پيا...اسين، جيڪي علم و عقل جا ”ڀنڊار“ کڻي گهمندا ٿا وتون، هنن ڳالهين ۾ ئي ڪيترا ”اڳڀرا“ آهيون؟ ڪيتري سمجهه اٿئون ۽ ڪيترو عمل...؟ اهو اڄوڪي هن عظيم ڏينهن تي سوچڻ بنهه ضروري آهي.

    اوهان سڀني کي عيد ميلاد النبي صلي الله عليم وسلم مبارڪ هُجي. دعائن لاءِ هٿ کڻو ته هن غريب کي نه وسارجو. في الوقت خواب نگر ۾ گڏجي عرض ڪيون ٿا:

    منهنجا مٺڙا رب سائين...

    تنهنجي نالن ۾ ڪهڙو نالو آهي جيڪو مٺو ناهي؟ ڪهڙي صفت آهي، جيڪا ڪمال ناهي...بلند شاهه ۽ عظمتن وارا ڌڻي...اسان ڪوتاهه قامت وجود، شرمساريءَ جو دامن جهلي...تنهنجي حضور ۾ معافيءَ جا طلبگار آهيون. تنهنجي حڪمن جي نافرمانيءَ اسان کي ڪٿي جو به ناهي رکيو، نه دين جو، نه دنيا جو...منهنجا ڪريم رب جل شانه، اسان کي پنهنجيءَ ڏسيل راهه تي هلڻ جي توفيق عطا فرماءِ...اسان کي صبر ۽ شڪر جي نعمتن سان مالا مال ڪر...اسان تي ڪرم ڪر اي ڌڻي...جو توکان سواءِ ڪير آهي، جيڪو ڪرم ڪري سگهي...

    ۽ سچي ڳالهه ته اها آهي الله سائين...ته اسان تي جيڪي مهربانيون...تنهنجيءَ ذات بالا صفات ڪيون آهن، انهن مان هڪڙي اهم ترين مهرباني ان پاڪ هستيءَ جو هن جهان ۾ اچڻ هيو، جنهن کي سڀ پنهنجو امين ۽ صادق سمجهن ٿا. جنهن جي عملي حياتي، ڪلام پاڪ جي عملي صورت هئي ۽ هنن جهانِ فنا جي آخري لمحي تائين، هڪ مڪمل ضابطهءِ حيات جي سمجهاڻي ڏني. ان مهربانيءَ جا به اسين، ڪهڙا ٿورا ٿا ادا ڪري سگهون...حڪمن جي پيروي ڪيون ته ڪو رستو کلي نه...

    اسان تي ٻاجهه ڪر، رحم ڪر، ڪرم ڪر، سمجهه عطا ڪر منهنجا مٺا مالڪ...۽ ان سمجهه کي سمجهڻ جي حيثيت عطا ڪر...اسان کان ماڻهن جي ناراضگيءَ جو فڪر کسي ڇڏ مالڪ....۽ پنهنجي راضپي جو رنگ عطا ڪر...آمين...يارب العالمين.

    mehmoodmughal@hotmail.com
     
  10. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم محمود مغل جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    عقلمند، بيوقوف!



    آچر 8 اپريل 2007ع

    ڳالهه عجيب هئي، جنهن به ٻُڌو پئي حالي في الحال ته ”توائي“ ٿي پئي ويو. ”جيڪو گهڻو عقلمند هوندو آهي نه ٻچا...اهو ئي دراصل عظيم ترين بيوقوف بڻجندو آهي...پنهنجي عقل جو زعم سندس ٻيڙو ٻوڙيندو آهي...سندس وجود جي ٻيڙيءَ ۾ اجائي يقيني جو سوراخ آهستي آهستي شڪست جو پاڻي ڀريندو ويندو آهي...خبر تڏهن پوندي آهي، جڏهن يقين جا پير پُسڻ شروع ٿيندا آهن...عمل جي درياهه ۾ ڪنارا ڏاڍو پرڀرا محسوس ٿيندا آهن...واپسيءَ ۾ ڏاڍي دير ٿي ويندي آهي شهزادا...سڄو ”وزڊم“ ٻڏي ويندو آهي...“

    وات سڀني جا ڦاٽي ويا هئا...سائينءَ جو ليڪچر جاري هيو...اڄ هنن جي ڳالهين ۾ عجيب تُرشي هئي... ڪوڙاڻ ڏاڍو پري کان محسوس ٿي رهي هئي...

    ”انگريزيءَ ۾ پڙهندا آهيون... ته ايڪسيس آف ايوري ٿنگ از بئڊ... (Access of Every Thing Is Bad) هاڻي انگريزي جو فرمان سمجهه ۾ اچيوَ ٿو...سنڌي سمجهه ۾ نه ٿي اچيوَ؟...جڏهن به ڪنهن شئي ليڪو لتاڙيو...معنيٰ خرابي شروع ٿي...شديد محبت نفرت ۾ مٽجندي دير ئي ڪو نه ڪندي آهي مٺا...۽ ساڳي حالت وري شديد نفرت سان ٿيندي اٿوَ...ڪير...ڪنهن مهل...ڪٿي اڻوڻندڙ مان وڻجندڙ بڻجي وڃي؟...ڪا خبر ناهي پرين...ڪا به شئي...ڪا به سوچ، ڪو به عمل اضافي ٿيڻ شروع ٿيو، معنيٰ عملَ جي اصلي خزاني لڏو پٽڻ شروع ڪيو...“ ڳالهه سمجهائيندي، هنن جي نگاهه، ڪنهن هڪ مرڪز تي نه ٿي بيٺي...هڪ هڪ شاگرد ڏانهن نهاريندي، هنن پنهنجو گردان جاري رکيو هو...

    ”۽ جيڪي ٻين کي بيوقوف ٺاهيندا آهن، اهي دراصل پاڻ بيوقوف هوندا آهن...۽ پنهنجو پاڻ کي هڪ دفعو وري آزمائڻ گهرندا آهن...ٻئي بي وقوف جي چڪاس دراصل پنهنجي آزمائش جو دروازو کوليندي آهي...ٻئي جي علم و عقل جي ماپي سان، اوهان پنهنجي عقل جي پرک ڪندا آهيو ۽ شرمسار ٿيندا آهيو...“

    ”اهو ڪيئن سائين!...“ڪنهن ڪنڊ مان هڪ شاگرد جي سوال ڪَرُ کنيو، ”جيڪو ٻئي کي بيوقوف ٺاهي وڃي اهو ته خوش ٿيندو نه...ڪِنَ شرمسار ٿيندو؟...“سائينءَ ڏانهس نهاريو ۽ وڏو ساهه کنيو.

    ”منهنجي ڳالهه غور سان ٻُڌ ٻچا...جيڪو ٻئي کي بيوقوف ٺاهڻ ٿو گهري، سو دراصل ڪجهه ته داناءُ هوندو نه...ڪجهه ته ڪڻا هوندس، جيڪي هو سمجهندو هوندو ته سامهون واري ۾ ڪو نه آهن...ايئن آهي يا نه...؟“ سڀني هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو ته هنن ڳالهه جاري رکي ”هاڻي انهن ڪڻن کي مُٺ ۾جهلي، هو سامهون واري کي بيوقوف ٺاهي ٿو ۽ گَد گَد ٿئي ٿو...ڪاميابي سندس قدم چمي ته ڇاڪاڻ ته اهو هوشيار آهي ته اتي ئي سندس هوشيار ”اندر“ رڙ واڪو مچائيندو ته جنهن هٿيار سان تو سامهون واري کي ماريو آهي، اهڙو ته وٽس ڪجهه هو ئي ڪو نه...بلڪه هو ته جهڙو خالي هٿين هو...هاڻي هي فتح ڪهڙي ليکبي؟ هاڻي اتي اچي اهو سڄو ذائقو ڪسارو ٿي ٿو وڃي...جيت، هار بڻجي ٿي وڃي...پر انهن لاءِ ضروري آهي ته اندر ۾ ”اندر“ سلامت هجي...“

    ”مطلب...جي اندر سلامت نه هجي ته سائين اهو سڀ سمجهه ۾ نه ايندو؟...“ ڪنهن همٿ ڪئي، سوال داغي ڇڏيو.

    ”بلڪل... ٻئي جي اصلي حالت سمجهڻ لاءِ، اندر جي ڳڙکي جو کلڻ ضروري هوندو آهي بابلا...“

    ”جي اهڙي ڳڙڪو کليل هجي سائين...ته پوءِ ماڻهو، سامهون واري کي بيوقوف ٺاهيندو ئي ڇو؟...اهڙي حرڪت ئي ڇو ڪندو؟...“ ڪنهن پڇيو. ”ان ڪري جو اهو سڀ ”پوءِ ڍائپ“ جي ڪري ٿئي ٿو...ڍئو جهلڻ ڪا مذاق ڳالهه ناهي هوندي ٻچا...ڀلي پوءِ اهو ڇا جو به هجي. پئسو، صحت، ملڪيت، عقل، ڪجهه به اضافي هجي ته انهن جي واڌ کي هر ڪو هضم نه ڪري سگهندو آهي...“

    ”پر سائين...صحت، ملڪيت ۽ پئسو ته کڻي سمجهه ۾ اچي ٿو، هي عقل ايئن ڪيئن ڪندو؟...“

    ”عقل ئي ته ڪندو نادان...تنهنجي خيال ۾ ڇا دولت، صحت ۽ ملڪيت بيوقوف ٺاهيندي؟...اهو ڪم نجو پجو عقل جو آهي، اها حرڪت عقل کان سواءِ ڪير ڪري ئي نٿو سگهي؟...“

    ڳالهه اپريل فول تان شروع ٿي هئي...ڪنهن ڪٿي، ڪنهن سان ڪا مذاق مشڪريءَ ۾ حرڪت ڪئي هئي. اها حرڪت، ٿيندڙ کي ڏکي لڳي هئي...پنهنجو پاڻ کي بيوقوف ٿيندي محسوس ڪيو هئائين...ڏک جي لهر ويڙهيس ته سائينءَ وٽ اچي نڪتو هيو، اتي سڀ موجود هئاسين. ڳالهه ڪئي هئائين ته ڄڻ ماٺ اچي ورايو هو...ڳالهه وڏي ڪا نه هئي، ذلت جو احساس وڏو هيو...اتفاق سان ڪجهه گهڙين ۾، اها حرڪت ڪندڙ به اتي اچي نڪتو هيو. سائينءَ سڀني سان خنده پيشانيءَ سان ملاقات ڪئي هئي، پر اڄ ذڪر ۾ ڄڻ هنن واڄٽ وڄائي ڇڏيا هئا.

    ”دولت ۽ صحت لاءِ بيوقوف ٺاهيو آهي ٻچا...پر استعمال عقل ڪيو آهي.“ سائينءَ ڳالهه جاري رکي ”خير...اهو سڀ جڏهن سڀ سمجهي ويا آهيون ته هڪ ڳالهه اڳتي به سمجهڻ گهرجي...وچٿرو وجود، هر هنڌ فائدي ۾ رهي ٿو...ڪنهن به ڳالهه جي ڪا خاص شدت نه هئڻ جي ڪري، مٿس اضافي ٻوجهه نه ٿو هجي...توهان ڪڏهن ان ڳالهه تي غور ڪيو آهي ته مناسب ساز و سامان وارا وجود ئي ٽپي پار پوندا آهن...کٽل يا وڌيل، ڪنهن نه ڪنهن ڏچي ۾ رهندا آهن.“

    ”معنيٰ سائين...؟“

    ”معنيٰ... کٽل ته هونئن ئي خساري ۾ آهي، پر گهڻو فائدو ڪو وڌيل کي به ڪونهي...ڪڏهن ان ڳالهه تي ڪو نه سوچيو اٿوَ ته بي انتها حسين ۽ بي انتها ڪوجها وجود سدائين اڪيلا رهجي ويندا آهن...اضافي حسن ۽ بدصورتي هڪ ئي ماپي ۾ ترن ٿا...جيڪي وچٿرا آهن، سي الاءِ ڪٿان کان ڪٿي ٿا وڃي پڄن...“ هاڻي ڳالهه عجيب پئي لڳي...ميزان جي ان ڪٿا ۾ اسين سڀ الاءِ ڪٿان کان ڪٿي وڃي نڪتا هئاسين... ”ڪوجهي کي ٻچا پنهنجو احساسِ ڪمتري ماريندو آهي ۽ سهڻي کي وري احساسِ برتري...پهريون سمجهندو آهي ته اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي ۽ ٻئين جو خيال هوندو آهي ته اهو ٿي نه ٿو سگهي...قصو ايئن ئي هلندو رهندو آهي...وقت ٻنهي کي اڪيلو ڪري اڳتي روانو ٿي ويندو آهي...ان کي ئي اپريل فول سڏبو آهي شهزادا...معيار جي جهان ۾، هر تاريخ اپريل جي پهرين هوندي آهي...“

    ڳالهه جي مامَ عجيب هئي...سمجهه کي چڪريون اچي ويون هيون...ڪٿان شروع ٿيا هئاسين ۽ ڪٿي پُڳا هئاسين...”پر سائين... جنهن کي اوهان وچٿرو سڏيو ٿا، ان ۾ به ٿورو ٿورو ڪجهه ته هوندو آهي...ڪٿي ڪوجهائپ...ڪٿي سونهن...ان کي ڪٿي رکنداسين...؟“ مون همٿ ڪئي، الاءِ ڪيئن عرض ڪري ڇڏيم...”انهن وجودن ۾ ورلي عقل، اندر جي دري کولي، ديدار ڪرائيندو رهندو آهي...پنهنجي عام وهنوار واري سونهن سان گڏ...يا ڪوجهائپ سان گڏ...هو عام وهنوار وارو عقل رکندا آهن بابا...عقل جا گاڏا ڀري ناهن گهمندا...نه ئي پنهنجي عقل تي کين ڪا وڏائي يا ڪو زعم هوندو آهي...پنهنجي حال ۾ ئي مست مگن هوندا آهن، انهيءَ ڪري ٻيا سندن ڏنگاسين کان بچيل هوندا آهن...سامهون وارو بچيل هجي ته دراصل پنهنجي دل جي دنيا سلامت رهندي آهي محمودَ...“

    ”پر سائين...وجود جي ٻاهرين سونهن يا ڪوجهائپ به ڪو ٺاهي ته ڪو نه ٿو...اها ته ڌڻيءَ وٽان ملي ٿي... پوءِ ان ۾ ماڻهوءَ جو ڪهڙو ڏوهه آهي؟“ هڪڙي شاگرد سڏ ورايو...سائينءَ مرڪي ڏنو.

    ”ماڻهوءَ جي اصل سونهن، سندس اندر ٿئي شهزادا...جيڪي تو مون جهڙا گهٽ حيثيت وارا، ميرانجهڙا وجود هوندا آهن، يا وري ڪو پري پيڪر، ماهه رخ هجي...انهن ٻنهي جي ٻاهرئين رخ تي اندر جي آرسيءَ جو عڪس لازم هوندو ٿئي...جي عزت ڪرڻ جي سوچ هجي، سامهون واري جو مانُ، پاڻ کان مٿانهون رکڻ کي اوليت ڏجي ته چهري تي ڏيئا ٻري پوندا آهن...پر جي خيال پٽڪي لاهڻ جو هجي ته هنن تي، اونداهيءَ جو اچڻ ته لازم هوندو آهي ٻچا...ڳالهيون ٻئي خراب هونديون آهن...نه گهٽ ٿجي، نه وڌ...ڇا ڪاڻ ته گهٽ ٿيڻ بدلي وٺڻ واري پاسي کڻي ويندو آهي ۽ وڌ ٿيڻ وري اڪيلو ڪري ڇڏيندو آهي. ٻنهي صورتن ۾ ڀلي ڪير ڪيتري به انفراديت ڳولي، انت ۾ ٻئي اڪيلا نظر ايندا آهن.

    mehmoodmughal@hotmail.com
     
  11. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم محمود مغل جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    اڪيلائپ جو علاج



    آچر 15 اپريل 2007ع

    الاءِ ڇا ڇا وڃائجي ويو آهي.

    هٿ خالي لڳن ٿا، لڪيرن ۾ ڪجهه به نظر نٿو اچي...زندگي مسلسل شڪايتون ڪندي رهي ٿي. اسين ان منجهيل سُٽ جي ڇيڙي کي هٿ ڪرڻ جي چڪر ۾ هتان کان هُتي پريشان ٿيندا رهون ٿا. اڪيلائپ جو احساس کائيندو ٿو رهي.

    ”زاويه 3 “ محترم اشفاق احمد صاحب جي ڳالهين جو آخري سلسلو ڇپيو آهي. انهن مان هڪ مضمون”الله ميان ڪي لالٽين“ جو ڪجهه حصو، ترجمو ڪري پيش ڪرڻ جي سعادت حاصل پيو ڪريان. لڳي ٿو، پنهنجيءَ ذات کي جڪڙيندڙ اڪيلائپ جو علاج ضرور نظر ايندو:

    ”مان ايترو عرصو اوهان کان جدا رهيس، پر ان طويل عرصي ۾ منهنجو ڌيان ٽيليويزن تي گهڻو رهيو. ٽيليويزن ته مان پهرين به ڏسندو هئس، پر گذريل ڪجهه مهينن کان مان اها ڪجهه گهڻو ئي ڏسڻ لڳس. ٽيليويزن جي پروگرامن ۾ جڏهن ڪو اشتهار اچي پيو ته منهنجا پوٽا پوٽيون سڏيندا هئا ته”ڏاڏا....ڊوڙي اچو، اوهان وارو اشتهار اچي ويو آهي...“ اسان جي ٽيليويزن تي اسي سيڪڙو اشتهار واشنگ پائوڊر ۽ ڪپڙن بابت هلندا آهن. هڪڙي خاتون ايندي آهي ۽ چوندي آهي ته”منهنجن ڪپڙن تي ايڏو وڏو داغ لڳي ويو هو، مون کي ته فلاڻي جي دعوت تي وڃڻو آهي..“ ته اتي ٻي خاتون يا سندس ڪا ساهيڙي چوندي آهي، ”داغ لڳو ته ڪا ڳالهه ڪانهي، پنهنجن ڪپڙن کي فلاڻي پائوڊر جي پاڻيءَ ۾ ٽٻي ڏي، منٽن ۾ صاف ٿي ويندو. ٽٻي ڏيارڻ کان پوءِ هوءَ ڏيکاري ٿي ۽ چوي ٿي:”ڏسو...ڪيڏو نه اجرو ٿي ويو آهي...مون نه پئي چيو..“

    خواتين و حضرات، اهڙي قسم جا اشتهار ڏسي مان ڏاڍو خوش ٿيندو آهيان. ايئن ئي منهنجو هڪڙو دوست آهي، کيس ڏاڍي پياري نُنهن آهي، نالو جويريه اٿس. هنن هاڻي ڪوٺي ٺهرائي آهي... ته هاڻي جيئن ڇوڪرين جو شوق هوندو آهي ته گهر کي سنوارڻ سينگارڻ جو، ته هاڻي اتي بيڊروم به زبردست آهي ۽ ڊرائنگ روم ته ان کان وڌيڪ آهي. هاڻي مان اهو محسوس ڪندو آهيان ته اسان جو ڌيان زندگيءَ کان هٽي”رهڻي ڪهڻيءَ“ تي وڌيڪ آهي. زندگي ڀلي پويان پاڻ گهِليندي ڇو نه اچي. اهو ڏسي ڏاڍي خوشي ٿيندي آهي ته صفائي سٿرائيءَ ۽ صحت جي اصولن طرف اسان جو ڌيان وڌيڪ هوندو آهي. اسين جتي به ر هندا آهيون، اها اسان جي دلي خواهش هوندي آهي ته اها جاءِ ڏاڍي صاف سُٿري هُجي، پر ڇاڪاڻ ته مون اوهان سان واشنگ پائوڊرن ۽ صفائيءَ جي ڳالهه پئي ڪئي ته منهنجي به اها سڌ آهي ۽ اها سڌ ڪجهه مهينن کان شديد ترين ٿي وئي آهي ته جڏهن به نماز پڙهڻ جو موقعو ملي ٿو ۽ الله سائينءَ کي پنهنجي گهر سڏڻ جو موقعو ملي ٿو ۽ پوءِ جنهن دل سان مان کيس ياد ڪريان ٿو منهنجيءَ دل جو گوشو ڏاڍو اونداهو ۽ بدبودار ۽ سڙيل آهي. اتي هر قسم جي گندگي ۽ ڪثافت ڀريل آهي ۽ هر قسم جي غلاظت اتي موجود آهي. مان ڪنهن اهڙي Detergent(صفائيءَ جي پائوڊر) جي ڳولا ۾ آهيان، جيڪو منهنجيءَ دل ۾ بلڪل اهڙي صفائي پيدا ڪري ڇڏي، جهڙي مون کي انهن اشتهارن ۾ نظر ايندي آهي، پر مان ڄاڻان ٿو ته ڪيترائي اهڙا ماڻهو آهن، جن جون دليون ڏاڍيون صاف، ويڪريون، پاڪيزه ۽ خوشبودار هونديون آهن ۽ انهن ۾ الله پاڪ جي نالي کي گهر ڪرڻ ۾ واقعي به ڪا هٻڪ نه ٿيندي آهي- ۽ هونئن به الله پاڪ ته وڏو رحيم ۽ ڪريم آهي. جاءِ کڻي ڪهڙي به هُجي، ڪير به کيس سڏي ته هو هڪدم هليو ويندو آهي. هن ڪڏهن به، ڪو به اعتراض ناهي ڪيو. اسان ئي ڪڏهن ان ڳالهه جو نوٽيس ناهي ورتو ۽ نه ڪڏهن ڪو اهڙو پروگرام ٺاهيو اٿئون ته اها جاءِ به صاف ڪئي وڃي ۽ صفائيءَ تي عمل ڪيو وڃي. اسان کڻي ان جاءِ کي اهڙو صاف سٿرو يا خوبصورت نه ٿا ٺاهي سگهون، جهڙو جويريه جو گهر آهي، پر اهڙو ته ڪري سگهون ٿا، جهڙو منهنجو گهر آهي، اسان ڪڏهن اهڙي ڪوشش ئي ناهي ڪئي. ڀڳل ڏاڪڻين، وکريل ٿانون، ٽُٽل ۽ چٻن ڊٻن، اجڙيل کٽن، صندوقن، نفرتن، تڪليفن، ڪدورتن، گهمنڊ ۽ فخر سان ڀريل گهر کي، اسين محبت، پيار ۽ عاجزيءَ جي خوشبوءِ سان ڀري ڇڏيون، اهو اسان کان ايئن ٿئي نه ٿو.

    ٽي ويءَ تي اشتهار ڏسي، منهنجي دل جو ٻوجهه وڌي وڃي ٿو، طبيعت تي طاري ٿي وڃي ٿو ۽ ڏينهون ڏينهن وڌندو رهي ٿو. اسين جڏهن صبح جو فجر جي نماز پڙهي سير ڪرڻ لاءِ نڪرندا آهيون ته اسان کي پنهنجا بُوٽ پائڻا پوندا آهن ۽ جڏهن مسجد مان نڪرڻ کان پهرين اسين جُتيون پائيندا آهيون پيا، ته الله سائين جو خوف روز اسان وٽ ايندو آهي ۽ چوندو آهي ته”ڪيڏانهن ٿا وڃو...مون کي به پاڻ سان گڏ وٺي هلو“ ته اسان مان هڪڙو چوندو آهي ته مان ته واپڊا جي آفيس وڃان پيو...توهان کي ڪيئن وٺي وڃان؟ ٻيو شخص چوندو آهي ته جي منهنجو ٽيليفون کاتو آهي...مان توهان کي اتي وٺي وڃي نٿو سگهان... ۽ مون جهڙو رٽائرڊ ماڻهو چوندو آهي ته اوهان اسان جي گهر وڃي ڇا ڪندا؟ ۽ ان نموني سان اسان سڀ”يڪ زبان“ گڏجي چوندا آهيون: توهان هتي ئي رهو، اسين وري ڪڏهن اوهان سان ملي وٺنداسين ۽ اسان کي ٻن پهرن جي نماز تي ته اچڻو ئي آهي نه...ته پوءِ اوهان سان ملاقات ٿي ويندي. توهان ايئن نه ڪجو، جو اسان جي گهرن يا آفيسن ۾ اچي وڃو. ڇو ته اسان جو”ڀيد“ اوهان تي کلڻ نه گهرجي ته اسان سڀ پنهنجين پنهنجين آفيسن ۾ ڇا ڇا ٿا ڪندا وتون.

    مان سمجهان ٿو ته الله جي ساٿ کان سواءِ جيترا به ڪم ٿيندا آهن يا ٿين پيا ٿا، اهي اڻپورا رهن ٿا. الله کي پنهنجي پاڻ سان گڏ رکڻ ۽ کيس پنهنجي حياتيءَ جو حصو ٺاهڻ اسان جي ذاتي غرضن لاءِ به بنهه ضروري آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته ننڍي ڄمار وارا وڌيڪ همٿ، عزم ۽ اعتماد سان اهڙا ڪم ڪري ويندا آهن، جيڪي اسان وڏن کان به نه ٿا ٿي سگهن. ڪجهه عرصي جي ڳالهه آهي، اسين بهاولپور ويجهو هڪ جاءِ حاصل پور ۾ هئاسين. اتي منهنجو پٽ ۽ منهنجي نُنهن ته”لال سنارا“ باغ ڏسڻ هليا ويا ۽ مون کي ۽ منهنجي پوٽي کي هڪ اهڙي ڪمري يا ڪوٺيءَ ۾ ڇڏي ويا، جيڪا حاصل پور جي وستيءَ کان ڪجهه پرڀرو هئي ۽ اتفاق سان اسان کي رهڻو به هڪ اهڙيءَ جاءِ تي پيو، جتي ڪڏهن”مال“ ٻڌندا هئا يا وري اهڙي ڪا صورتحال هوندي. اسان اتي ان لاءِ ترسيا هئاسين جو اتان، اڳيان وڃڻ لاءِ سولائي هئي، نه ته اسان شهر ۾ ئي کڻي ترسون ها. اسين ڏاڏو پوٽو، جنهن ڪمري ۾ رهيا هئاسين، ان ۾ هڪ دري هئي جنهن ۾ شيخون هيون، پر”پَٽَ“ ڪو نه هئا. پراڻي زماني جي ڪا جاءِ هئي. اتي هڪ کٽ پيل هئي، اسين ٻئي ان تي ليٽي پياسين. منهنجو پوٽو، مون سان ڳالهيون ڪرڻ لڳو ۽ چيائين”ڏاڏا...ڏاڍي اوندهه آهي.“ مون چيو”ها...اوندهه ته ڏاڍي آهي..“ چوڻ لڳو”اوندهه ۾ ڪجهه بلائون وغيره به اينديون هونديون.“ مون چيو”ها...اوندهه ۾ ته بلائون اينديون ئي آهن.“ چيائين ”ڇا اسين انهن جو مقابلو ڪري ٿا سگهون؟“ مون چيو”انهن جو مقابلو ڪري به سگهون ٿا ۽ نه به ٿا ڪري سگهون.“ هو مون کي چوڻ لڳو”ڏاڏي چوندي آهي ته الله گڏ هوندو آهي.“ مون پنهنجي پوٽي کي چيو ته”تنهنجي ڏاڏي وڌيڪ سگهاري آهي، اها ٺيڪ سمجهي ٿي. هن جو الله ته واقعي هن سان گڏ و گڏ هوندو آهي، مان ۽ تون هڪ نئين تجربي تي نڪتا آهيون. شايد اسان کي ان جو ايترو پڪو يقين ڪونهي، جيترو تنهنجيءَ ڏاڏيءَ کي آهي.“

    اسان جي ڳالهين جي وچ ۾ چنڊ نڪري آيو هو، جنهن کي ڏسي هو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ چوڻ لڳو”ڏاڏا اها الله سائينءَ جي هٿ بتي آهي ۽ جيئن اسان جي ٽارچ ويهجي وئي آهي (ان جا سيل ختم ٿي ويا هئا) ايئن الله سائين جي اها لالٽين ته ڪو نه وسامندي نه؟“

    مون چيو”مان پڪ سان ڪجهه نٿو چئي سگهان. ڪڏهن ڪڏهن وسامجي به ويندي آهي.“ هن چيو”ڏاڏا، جيئن اسين بتيون وسائي سمهي پوندا آهيون، ڇا جڏهن اها چنڊ جي بتي وسامجي ويندي ته الله سائين به سمهي پوندو؟“ مون چيو”نه...الله کي نه ننڊ ايندي آهي، نه جهوٽو، هو سمُهندو ناهي“. حيرانيءَ سان مون کان پڇيائين،”ڇا هو هر وقت جاڳندو رهندو آهي؟“ اهو چوندي ئي هن، منهنجي پيٽ تي پنهنجي ٽنگ رکي ۽ کونگهرا هڻندو سمهي پيو. هن سوچيو هوندو ته جڏهن الله جاڳي پيو ٿو، ته پوءِ مون کي ڇا جي ڳڻتي آهي؟... ۽ مان سڄي رات، ان دريءَ ڏانهن نهاريندو، ڊپ ڊاءَ ۾ صبح جو انتظار ڪندو رهيس. ان گهڙيءَ ۾ اهو ننڍڙو ٻار”الله تي يقين“ ۾ مون کان گوءِ کڻي ويو هو.

    خواتين و حضرات، جنهن کي خدا جي قربت يا ساٿ نصيب ٿيندو آهي، اهو کڻي حياتيءَ جي ڪهڙي به معاملي ۾ هجي، صرف روحانيت يا عبادت ۾ زندگي ناهي، جڏهن هلندي ڦرندي اهو احساس ٿئي ته ڌڻي مون سان گڏ آهي، ته ان جا الاهي فائده آهن، مادي به، نفسياتي به، بدني به، روحاني به... منهنجو ذاتي تجربو آهي ته جيڪو خدا کان ٿورو غافل ٿئي ٿو ته پاڻ ڪمزور ٿي ٿو وڃي. اسين ننڍپڻ ۾ لڪ لڪوٽي کيڏندا هئاسين، ڳوٺ جا ويهه پنجويهه ڇوڪرا، هاڻي مان انهن سڀني ۾ بيڊولو ۽ ٿلهڙو هئس، ۽ ڦڙت نه هئس...هڪ ڏينهن منهنجو وارو آيو ته هو سڀ لڪن ۽ مان کين ڳوليان... هاڻي مان ڀت تي مٿو رکي، راند جي قانون موجب رڙ ڪئي، لڪي وڃو...ڇُپي وڃو...هاڻي کين مون کي سڏ ڪرڻو هيو ته”اچي ڳول.“ هاڻي مان ڀت سان مٿو لڳايو رڙيون پيو ڪيان ۽ جواب ملي ئي نه. ڪافي وقت ٿي ويو، مون جو مٿو کڻي ڏٺو ته هو سڀ ته مون کي بيوقوف ٺاهي، پنهنجي پنهنجي گهر ڀڄي ويا هئا. هاڻي مون کي اتي شرمساري ٿي ۽ مان وڏي آواز سان روئڻ لڳس. اتي منهنجي ماسي ڊوڙندي آئي ۽ پڇيائين”ڇو ٿو روئين؟“ مون ٻڌايو مانس ته مون سان”هينئن“ ٿيو آهي. هن منهنجا ڳوڙها اگهيا ۽ چوڻ لڳي ته”پٽ ڪائي ڳالهه ڪانهي، ايئن ٿيندو آهي...پُٽ... الله جي دل ۾ پنهنجي مخلوق لاءِ ايتري وسعت آهي جو هو انتظار ڪندو رهندو آهي ته منهنجو بندو ڪڏهن ته موٽندو....انسان جي دل ۾ خدا جي مهربانيءَ سان هڪ تار اهڙي به موجود هوندي آهي، جو هو پنهنجي رب ڏانهن موٽندو ضرور آهي. پوءِ ڀلي ڪهڙي روپ ۾ به موٽي. منهنجي به دلي خواهش آهي ته مون کي ڪا اهڙي شئي ملي، جيڪا مان پنهنجي دل ۾ وجهان ۽ جيئن اشتهارن ۾ ڇوڪريون ”اُجري پڻ“ جي دعوا ڪنديون آهن، ايئن منهنجي به دل صاف ٿي وڃي ۽ ان ۾ الله جي نه وسامجندڙ لالٽين وارو ماحول پيدا ٿي وڃي ۽ خدا کان منهنجو لڪ لڪوٽيءَ وارو اهو ماحول ختم ٿئي، جيڪو الاءِ ڪيترن ڏهاڪن کان پهرين صرف هڪ ڀيرو (گهڻا ڀيرا نه، ڇاڪاڻ ته مان لالچي ناهيان) الله کي بيحد مان شان سان، پنهنجيءَ دل ۾ جاءِ ڏيان، جيئن اسين پنهنجي گهر ايندڙ ڪنهن خاص مهمان کي ڪرسي پيش ڪندا آهيون. بلڪل ايئن جيئن بانو، منهنجي پٽ جي شاديءَ تي پنهنجي سيڻ لاءِ ڪرسي صاف ڪئي پئي ۽ اسان کين عزت سان ويهارڻ لاءِ اتاولا هئاسين.

    ڇا اهڙو ئي احترام، مان الله سائينءَ لاءِ پنهنجيءَ دل ۾ پيدا ڪري سگهندس؟ يا وري صبح جي وقت ايئن ٿئي جو هو چوي ته مان گڏ هلڻ ٿو گهران ته مان اهو چوان ته”سائين...ان کان وڌيڪ ڀلارن ڀاڳن جي ڳالهه مون لاءِ ڪهڙي ٿي سگهي ٿي؟ بسم الله گڏ هلو...ڇا هو سڀ شرمندگيون ۽ ڪرتوت، پوئتي ورائي، مان الله سائينءَ کي ساڻ ڪرڻ جو موقعو حاصل ڪري سگهان ٿو....“

    الله توهان کي آسانيون عطا فرمائي ۽ ان ڳالهه جو شرف عطا ڪري ته اسين خدا سان لڪ لڪوٽي کيڏندي، کيس سندس واري تي، اتي ئي بيهاري نه هليا وڃون، بلڪه کيس آواز ڏئي سڏ به ڪيون. ڌڻي توهان کي سولائيون ورهائڻ جو شرف به عطا ڪري، آمين. عزيزان من، معزز خواتين و حضرات، صاحبِ فڪر لاءِ خير جي دعا ضرور گهرجو. ڌڻي سندس درجات بلند ڪري، آمين. الاءِ ڇو، اهو سڀ پڙهڻ کان پوءِ، الاءِ ڪيترن سالن کان پوءِ مون کي پنهنجي اڪيلائپ ختم لڳي آهي، اوهان جو ڇا خيال آهي!؟.

    mehmoodmughal@hotmail.com
     
  12. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم محمود مغل جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    هڪ لمحي جي خوشي!



    آچر 22 اپريل 2007ع

    صاحب محفل وٽ ”وقت“ نه هو ۽ مون مٿان اشارن جي ”هڻ هڻان“ هئي. ڪو هڪڙو هجي ها ته کڻي ماڻهو ”مُنهن“ ڏئي ها...هتي ته سڀ سائينءَ جا ”خاص“ بندا هيا...هڪ کان هڪ ”بي چين“ وجود موجود هيو. سائين پاڻ بنهه اطمينان سان انعام ”تقسيم“ ڪري رهيو هيو، بس، ساٿين کي ڏاڍي جلدي هئي. ”ڇا پيا ٿا ڪيو مغل صاحب..“ ڪساري لهجي ۾ ”ديوانِ خاص“ جي هڪ نائب هلنديءَ محفل ۾ روسٽر جي ويجهو اچي، منهنجا ڪن کاڌا ”صاحب کي تڪڙ آهي...۽ هونئن به وڏا انعام ته ملي چڪا آهن نه...هاڻي هنن سرٽيفڪيٽن ۾ ايتري دير ڇا لاءِ ٿا لڳايو..؟ ڇڏايو جان...مِنٽَ ڪري وٺو...“ الاءِ ڇاهي هي سڀ معزز خواتين و حضرات...زندگيءَ جي هن ”پيشي“ ۾ الاءِ ڪيترا اهڙا اڻوڻندڙ حڪم مڃڻا پوندا آهن...جيڪڏهن ڪُوڙ نه لکان ته هاڻي ته اهو تعداد ”سون“ ۾ ٿي چڪو آهي، جڏهن ايئن هڪدم ”گيئر مٽايو“ هوندو...فٽافٽ نالن جي اُپٽار شروع ٿي هوندي ۽ سهڪندي سهڪندي انعام تقسيم ٿيا هوندا. هاڻي به ايئن ئي ٿيو. گهڻيون ”ڪرڙيون“ نگاهون برداشت نه پئي ٿيون...ماٺ ڪري ڪم کي ”تيز“ ڪري ڇڏيم.

    ڪهاڻي اها ئي ساڳي آهي عزيزان من...جتي ڪٿي، هر هنڌ، انعامن ورهائڻ جون تقريبون ٿينديون رهنديون آهن. اهي سيمينار هجن يا مقابلا، آخر ۾ اهڙين تقريبن جو ”انعقاد“ ضرور ڪيو ويندو آهي. معاشري جو ڪو معزز ۽ ”صاحبِ حشمت“ وجود خاص مهمان طور سڏرايو ويندو آهي...جن کي انعام، اڪرام ۽ سرٽيفڪيٽ ملڻا هوندا آهن، انهن کي به سڏ ڪيو ويندو آهي. منتظمين پنهنجن ڪُلهن کي ڀريل ڀريل محسوس ڪندا آهن ۽ فخر وچان پيا ”ٽلندا“ آهن. رنگ و نور جي برسات ۽ گليمر جي خوشبوءِ ۾ سڄو ڪاڄ پورو ٿيندو آهي. هر شئي جو احساس هوندو آهي، ماسواءِ ان ”هڪڙي پل“ جي اهميت جي، جيڪو هڪڙو پل، هڪ عام ماڻهوءَ لاءِ بي انتها اهم هوندو آهي...“

    ٿورو نگاهه وجهون ٿا، اهڙين تقريبن جي ”نظم و ضبط“ تي...جيئن پهرين عرض ڪيوسين، هر تقريب لاءِ هڪ خاص مهمان ضروري هوندو آهي، جيڪو سدائين ڪنهن سرڪاري يا غير سرڪاري ”مصروفيت“ جي ڪري، دير سان ايندو آهي. هتي عُذر سرڪاري ۽ غير سرڪاري آهي. ”ذاتي“ هرگز ناهي. هاڻي ايئن دير سان اچڻ جي ڪري، سڄي محفل جو شيڊول، تقريبن ”درهم برهم“ ٿي ويندو آهي. شابس هوندي آهي محفل سڏائيندڙ مهربانن تي...هنن جي نگاهه ۽ ناراضگيءَ جو ڪو به ترورو نه هوندو آهي. بلڪه هو وڌيڪ ”گد گد“ ٿيندا آهن. هاڻي سڀ رسمون شروع ٿينديون آهن...تحفن جي مٽا سٽا...ڊگهيون ڊگهيون تقريرون...آجياڻا...ڀليڪار...تان جو خاص مهمان جو تقرير ڪرڻ کان پهرين اهي لمحا اچي ئي ويندا آهن، جن جو هر ان وجود کي شدت سان انتظار هوندو آهي، جنهن کي سڏايو ويو آهي ۽ چيو ويو آهي ته اوهان کي، اوهان جو انعام فلاڻي معزز شخصيت هٿان ڏياريو ويندو...هاڻي قبلا سائين، انعام شروع ٿيندا آهن...پهريائين خاص خاص ٽرافيون ۽ انعام ۽ وڏن ماڻهن يا شخصيتن کي ڏيڻ لاءِ يادگار شيلڊون ورهائڻ مهل ڪنهن کي، ڪا به تڪڙ نه هوندي آهي. پر جنهن مهل به اتي ”عام“ جي داخلا ٿي، مطلب عام سرٽيفڪيٽ يا ننڍڙيون شيلڊون شروع ٿيون ته بس ”وٺ پڪڙ“ شروع ٿي ويندي. وقت جي تنگيءَ جي ڪري ڪمپيئر کي اشارا ڪيا ويندا ته ”ڇڏائي وٺ...ايڏي ڊيگهه ڇا جي آهي...“ هاڻي صورتحال عجيب ٿي ويندي. نالو هڪڙي جو هلي پيو...انعام اڃان ڪو ٻيو پيو وٺي ۽ مٿان وري ٻه ڄڻا ٻيا قطار ۾ بيٺل آهن. اهو اسين انعام پيا ڏيون يا مشڪري پيا ڪيون...”منهن“ لهندا ته ناهن، لهڻ جهڙا ضرور ٿي ويندا آهن...

    معزز خواتين و حضرات، اڄ خواب نگر، اوهان جو ٿورو ڌيان گهري ٿو...الاءِ ڇو اندر ۾ اهو آواز اچي پيو ٿو ته ڪيترائي وجود ان پيڙا مان گذري چُڪا آهن، جيڪا هوندي ته هڪ لمحي جي آهي، پر اثر پويان ايندڙ پوري حياتيءَ تي ڪندي آهي...هاڻي ٿيندو هينئن آهي ته انعام ته انعام آهي...ڀلي ٽرافي هُجي، شيلڊ هجي يا رڳو سرٽيفڪيٽ...جنهن کي ملڻو آهي، اهو الاءِ ڪيتريون تياريون ڪندو آهي. من ۾ خوشيءَ جي ڪلي ٽڙي ته آئيني ۾ عڪس مٽجي ويندا آهن. الاءِ ڪيترا ڀيرا ”نئين وڳي“ ۾ پاڻ کي جانچي ڏسبو آهي ته اسٽيج تي وڃي، انعام وٺڻ مهل ”ڪيئن لڳبو؟“ ڀلا جو نئون وڳو نه به ٺهرائجي ته به پراڻي لباس مان بهترين جي چونڊ ڪئي ويندي آهي. ان هڪ لمحي جي لاءِ هزارين ڀيرا سوچبو آهي...اهو هڪڙو لمحو، جيڪو ذرڙي به ”توقير“ کڻي ناهي ايندو...من ۾ خوشيون سانڍي اچ ته قطار لڳل هوندي آهي...سڀ ڪجهه ”واءُ وکر“ ٿي ويندو آهي. نتيجي ۾، جيڪڏهن اتفاق سان ايترو وقت ملي جو ”فوٽو“ نڪري سگهي ۽ خيرن سان جيڪڏهن اهو فوٽو ملي به وڃي ته سڄي عمر لاءِ اهو احساس گڏو گڏ هلندو آهي...اتي مهربان وجودن ۾ ڪو ايئن به فرمائي سگهي ٿو ته اسان کي ته اهڙو ڪو به ”احساس“ ناهي ته دل چوي ٿي ته لکجي ته انهن اهڙا انعام ”الاهي ڀيرا“ حاصل ڪيا هوندا. هڪڙو ڀيرو حاصل ڪندڙ جي ڪائنات ئي عجيب ٿي ويندي آهي.

    هاڻي ان سڄي عمل جو سبب ڪهڙو ٿي سگهي ٿو صاحبان علم و حڪمت...جيڪڏهن هڪڙو سبب خاص مهمان جي ”مصروفيت“ هوندي آهي ته اهو ساڳيو خاص مهمان، انعامن ورهائڻ کان پوءِ، هڪ عدد ”پُر مغز“ ڊگهي تقرير ڪٿان ڪندو آهي؟ ان مهل سندس تڪڙ ڪاڏي ويندي آهي؟ اصل ۾ سچ اهو آهي ته اسين حيثيتن تي مرندا آهيون، پوءِ اها ڀلي ڪنهن صاحبِ حيثيت لاءِ هجي يا پنهنجي پبلڪ رليشنز لاءِ...ڪنهن وڏي شخصيت کي اعزاز ڏياري اسين انهيءَ سان تعلقات جوڙڻ ۾ فخر محسوس ڪندا آهيون ۽ آيل خاص مهمان جي ”ليٽ سيٽ“ کي عام ماڻهوءَ جي کاتي مان ڪڍندا آهيون. عام ورڪر سان اسان جو ڇا...؟ ڍڳي ڍور وانگر بس هڪليندا وڃو...ٻيو مڙئي خير آهي. پنهنجي پاڻ کان چڙ اچي ٿي...عمر عزيز جي هن حصي ۾، جڏهن وارن جون باقي بچيل چڳون، سُفيدي سان پيار ڪن ٿيون. اها سمجهه شدت سان تنگ ڪندي ٿي رهي ته مان به ان سسٽم جو هڪ حصو رهيو آهيان. جڏهن به دٻ پئي هوندي ته مون به ايئن ئي ڪيو هوندو. ڪڏهن ڪٿي، ڪنهن به جاءِ تي، مون اهو ايئن نه ڪيو هوندو ته منتظمين کي اهو چيو هجي ته ”بابا...رحم ڪريو...اها هڪ گهڙيءَ جي خوشي هنن کي به عنايت ڪيو، جو هُو هڪ هڪ ٿي اچن...اطمينان سان صاحب محفل کان اعزاز وصول ڪن، هڪ عدد فليش چمڪي، اهو لمحو جڪڙ ۾ اچي وڃي، جيڪو اڳيان هلي، مُرڪن ۽ اکين جي چمڪ ۾ اضافو ڪندو. جڏهن پنهنجي ايندڙ نسل کي اها تصوير ڏيکاربي ۽ ٻڌائبو ته فلاڻي محترمه کان، هي فلاڻي جاءِ تي اعزاز مليو هو...مون اهو سڀ بلڪل ناهي چيو، مون ۾ همٿ ئي ڪا نه ٿي آهي. هاڻي پنهنجي ذاتي مرتبي پٽاندڙ هڪ ٻن جاين تي ”شايد“ مون ايئن ڪيو هُجي...۽ سڄي ڪساري ”لب و لهجي“ کي خاطر ۾ نه آندو هُجي، پر لڳيم ٿو ته ايئن ڪرڻ ۾ الاهي دير ٿي وئي آهي.

    عزيزان من...عزت، انسان جو وڏي ۾ وڏو سرمايو هوندي آهي ۽ خوشي هڪ اڻ لڀ خزانو...جيڪڏهن ڪنهن کي عزت ساڻ خوشي ملي ته اهو ته سون تي سهاڳو آهي. ڇا نه چڱو ٿئي جو اسين، انهيءَ فن کان واقف ٿي وڃون.

    ٽيليويزن تي ايوارڊز جي تقريب هئي، اطهر وقار عظيم صاحب ان مهل ڪراچي ٽيليويزن تي جنرل مئنيجر هو. نصيبن سان ميزباني منهنجي ذمي هئي...ايوارڊز جاري هئا جو وچ وچ ۾ ڪٿي ”لائف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ“ به ڏنا پئي ويا. تنهن کان سواءِ جيڪي عام ورڪر رٽائر ٿي چڪا هئا، انهن لاءِ به خاص ايوارڊز هئا. انهن عام ورڪرن ۾ ماڻهو ته تمام وڏا هئا، پر سندن ”پيشا“ ننڍا هئا، ڪو پٽيوالو هو ته ڪو سويئپر...۽ ڪو وري بوم آپريٽر ته ڪو چوڪيدار...ڪل اٺ ايوارڊ هئا. هاڻي هزارن جو مجموعو هو ۽ رٽائرڊ وجود پري پري ويٺل هئا. مون هڪڙو نالو ڪال ڪيو...مهربان آهستي آهستي اُٿيو، ويجهو اچي پيو ته ڪنهن عملدار، ويجهو اچي منهنجي ڪن ۾ سرٻاٽ ڪئي، ”ٻئي کي سڏي وٺ.“ مون ٻيو نالو کنيو، ان مهل پهريون اڃان پنڌ ۾ هو، هلندڙ رڪارڊنگ ۾ اطهر وقار عظيم صاحب، تير وانگر مون وٽ هليو آيو ۽ آهستڙي چيائين ”مغل...عزت سي بلائين...آرام سي بلائين...“ ۽ پوءِ ڏسڻ وارن ڏٺو ته ايوارڊ ڏيندڙ ايئن ئي ڪجهه گهڙيون انتظار ڪن پيا ۽ ايوارڊ وٺڻ وارو آهستي آهستي جيتري دير ۾ به اسٽيج تي پهتو پئي، يا جيترو به وقت اتي گذاريائين پئي ته ڪنهن کي به ڪا به تڪڙ نه هئي. ميزبان کي پاڻ سليقو آيو پئي ۽ عزتون صحيح نموني سان، صحيح جاءِ تي پُهچي رهيون هيون.

    ڳالهه جو مقصد ڪو اهو ناهي ته اسين ڪنهن کي گهرائي ڪو ”بيعزتو“ ٿا ڪيون، پر اصل مقصد اهو به آهي ته جنهن عزت جو هو حقدار آهي، اسين اها عزت سندس کاتي ۾ منتقل نه ٿا ڪيون. اتي اهو به سوچي سگهجي ٿو ته خاص ۽ وڏن انعامن جي حقدارن کي خاص موقعو ملڻ گهرجي ته اها سوچ به ٺيڪ آهي، پر عام ماڻهن کي عام موقعو ته ڏجي. انهن کان اها هڪ لمحي جي خوشي ته نه ڦرجي. الاءِ ڪيترن ڏينهن کان اها پيڙا، منهنجي وجود ۾ گردش ڪري رهي آهي. دل چوي ٿي ته انهن سڀني مهربانن کان هٿ ٻڌي معافي گهرجي، جن سان اڻڄاڻائيءَ يا مجبوريءَ ۾ زيادتي ٿي وئي آهي ۽ اهو پڪو عهد ڪجي ته آئندي، ڪنهن پروگرام ۾ ايئن ٿيڻ نه ڏبو، ان لمحي جي جوڙجڪ خراب نه ڪجي ۽ جيڪڏهن خرابيءَ جو ڊپ هوندو ته آئندي اهڙو پروگرام ئي نه ڪبو. عزيزانِ من ۽ صاحبان مان ته هڪڙو ننڍڙو عام ماڻهو آهيان، اوهان کي ڌڻي خاص مهمان جي شرف سان موڪلي ٿو، ڇا توهين، اهو قدم نه ٿا کڻي سگهو؟ جيڪڏهن توهان کڻو ته ڪمال ٿي سگهي ٿو، ڊگهي تقرير به ٿي سگهي ٿي ۽ آرام سان انعام به ڏئي سگهجي ٿو.

    mehmoodmughal@hotmail.com
     
  13. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم محمود مغل جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    هڪ لمحي جي خوشي!



    آچر 22 اپريل 2007ع

    صاحب محفل وٽ ”وقت“ نه هو ۽ مون مٿان اشارن جي ”هڻ هڻان“ هئي. ڪو هڪڙو هجي ها ته کڻي ماڻهو ”مُنهن“ ڏئي ها...هتي ته سڀ سائينءَ جا ”خاص“ بندا هيا...هڪ کان هڪ ”بي چين“ وجود موجود هيو. سائين پاڻ بنهه اطمينان سان انعام ”تقسيم“ ڪري رهيو هيو، بس، ساٿين کي ڏاڍي جلدي هئي. ”ڇا پيا ٿا ڪيو مغل صاحب..“ ڪساري لهجي ۾ ”ديوانِ خاص“ جي هڪ نائب هلنديءَ محفل ۾ روسٽر جي ويجهو اچي، منهنجا ڪن کاڌا ”صاحب کي تڪڙ آهي...۽ هونئن به وڏا انعام ته ملي چڪا آهن نه...هاڻي هنن سرٽيفڪيٽن ۾ ايتري دير ڇا لاءِ ٿا لڳايو..؟ ڇڏايو جان...مِنٽَ ڪري وٺو...“ الاءِ ڇاهي هي سڀ معزز خواتين و حضرات...زندگيءَ جي هن ”پيشي“ ۾ الاءِ ڪيترا اهڙا اڻوڻندڙ حڪم مڃڻا پوندا آهن...جيڪڏهن ڪُوڙ نه لکان ته هاڻي ته اهو تعداد ”سون“ ۾ ٿي چڪو آهي، جڏهن ايئن هڪدم ”گيئر مٽايو“ هوندو...فٽافٽ نالن جي اُپٽار شروع ٿي هوندي ۽ سهڪندي سهڪندي انعام تقسيم ٿيا هوندا. هاڻي به ايئن ئي ٿيو. گهڻيون ”ڪرڙيون“ نگاهون برداشت نه پئي ٿيون...ماٺ ڪري ڪم کي ”تيز“ ڪري ڇڏيم.

    ڪهاڻي اها ئي ساڳي آهي عزيزان من...جتي ڪٿي، هر هنڌ، انعامن ورهائڻ جون تقريبون ٿينديون رهنديون آهن. اهي سيمينار هجن يا مقابلا، آخر ۾ اهڙين تقريبن جو ”انعقاد“ ضرور ڪيو ويندو آهي. معاشري جو ڪو معزز ۽ ”صاحبِ حشمت“ وجود خاص مهمان طور سڏرايو ويندو آهي...جن کي انعام، اڪرام ۽ سرٽيفڪيٽ ملڻا هوندا آهن، انهن کي به سڏ ڪيو ويندو آهي. منتظمين پنهنجن ڪُلهن کي ڀريل ڀريل محسوس ڪندا آهن ۽ فخر وچان پيا ”ٽلندا“ آهن. رنگ و نور جي برسات ۽ گليمر جي خوشبوءِ ۾ سڄو ڪاڄ پورو ٿيندو آهي. هر شئي جو احساس هوندو آهي، ماسواءِ ان ”هڪڙي پل“ جي اهميت جي، جيڪو هڪڙو پل، هڪ عام ماڻهوءَ لاءِ بي انتها اهم هوندو آهي...“

    ٿورو نگاهه وجهون ٿا، اهڙين تقريبن جي ”نظم و ضبط“ تي...جيئن پهرين عرض ڪيوسين، هر تقريب لاءِ هڪ خاص مهمان ضروري هوندو آهي، جيڪو سدائين ڪنهن سرڪاري يا غير سرڪاري ”مصروفيت“ جي ڪري، دير سان ايندو آهي. هتي عُذر سرڪاري ۽ غير سرڪاري آهي. ”ذاتي“ هرگز ناهي. هاڻي ايئن دير سان اچڻ جي ڪري، سڄي محفل جو شيڊول، تقريبن ”درهم برهم“ ٿي ويندو آهي. شابس هوندي آهي محفل سڏائيندڙ مهربانن تي...هنن جي نگاهه ۽ ناراضگيءَ جو ڪو به ترورو نه هوندو آهي. بلڪه هو وڌيڪ ”گد گد“ ٿيندا آهن. هاڻي سڀ رسمون شروع ٿينديون آهن...تحفن جي مٽا سٽا...ڊگهيون ڊگهيون تقريرون...آجياڻا...ڀليڪار...تان جو خاص مهمان جو تقرير ڪرڻ کان پهرين اهي لمحا اچي ئي ويندا آهن، جن جو هر ان وجود کي شدت سان انتظار هوندو آهي، جنهن کي سڏايو ويو آهي ۽ چيو ويو آهي ته اوهان کي، اوهان جو انعام فلاڻي معزز شخصيت هٿان ڏياريو ويندو...هاڻي قبلا سائين، انعام شروع ٿيندا آهن...پهريائين خاص خاص ٽرافيون ۽ انعام ۽ وڏن ماڻهن يا شخصيتن کي ڏيڻ لاءِ يادگار شيلڊون ورهائڻ مهل ڪنهن کي، ڪا به تڪڙ نه هوندي آهي. پر جنهن مهل به اتي ”عام“ جي داخلا ٿي، مطلب عام سرٽيفڪيٽ يا ننڍڙيون شيلڊون شروع ٿيون ته بس ”وٺ پڪڙ“ شروع ٿي ويندي. وقت جي تنگيءَ جي ڪري ڪمپيئر کي اشارا ڪيا ويندا ته ”ڇڏائي وٺ...ايڏي ڊيگهه ڇا جي آهي...“ هاڻي صورتحال عجيب ٿي ويندي. نالو هڪڙي جو هلي پيو...انعام اڃان ڪو ٻيو پيو وٺي ۽ مٿان وري ٻه ڄڻا ٻيا قطار ۾ بيٺل آهن. اهو اسين انعام پيا ڏيون يا مشڪري پيا ڪيون...”منهن“ لهندا ته ناهن، لهڻ جهڙا ضرور ٿي ويندا آهن...

    معزز خواتين و حضرات، اڄ خواب نگر، اوهان جو ٿورو ڌيان گهري ٿو...الاءِ ڇو اندر ۾ اهو آواز اچي پيو ٿو ته ڪيترائي وجود ان پيڙا مان گذري چُڪا آهن، جيڪا هوندي ته هڪ لمحي جي آهي، پر اثر پويان ايندڙ پوري حياتيءَ تي ڪندي آهي...هاڻي ٿيندو هينئن آهي ته انعام ته انعام آهي...ڀلي ٽرافي هُجي، شيلڊ هجي يا رڳو سرٽيفڪيٽ...جنهن کي ملڻو آهي، اهو الاءِ ڪيتريون تياريون ڪندو آهي. من ۾ خوشيءَ جي ڪلي ٽڙي ته آئيني ۾ عڪس مٽجي ويندا آهن. الاءِ ڪيترا ڀيرا ”نئين وڳي“ ۾ پاڻ کي جانچي ڏسبو آهي ته اسٽيج تي وڃي، انعام وٺڻ مهل ”ڪيئن لڳبو؟“ ڀلا جو نئون وڳو نه به ٺهرائجي ته به پراڻي لباس مان بهترين جي چونڊ ڪئي ويندي آهي. ان هڪ لمحي جي لاءِ هزارين ڀيرا سوچبو آهي...اهو هڪڙو لمحو، جيڪو ذرڙي به ”توقير“ کڻي ناهي ايندو...من ۾ خوشيون سانڍي اچ ته قطار لڳل هوندي آهي...سڀ ڪجهه ”واءُ وکر“ ٿي ويندو آهي. نتيجي ۾، جيڪڏهن اتفاق سان ايترو وقت ملي جو ”فوٽو“ نڪري سگهي ۽ خيرن سان جيڪڏهن اهو فوٽو ملي به وڃي ته سڄي عمر لاءِ اهو احساس گڏو گڏ هلندو آهي...اتي مهربان وجودن ۾ ڪو ايئن به فرمائي سگهي ٿو ته اسان کي ته اهڙو ڪو به ”احساس“ ناهي ته دل چوي ٿي ته لکجي ته انهن اهڙا انعام ”الاهي ڀيرا“ حاصل ڪيا هوندا. هڪڙو ڀيرو حاصل ڪندڙ جي ڪائنات ئي عجيب ٿي ويندي آهي.

    هاڻي ان سڄي عمل جو سبب ڪهڙو ٿي سگهي ٿو صاحبان علم و حڪمت...جيڪڏهن هڪڙو سبب خاص مهمان جي ”مصروفيت“ هوندي آهي ته اهو ساڳيو خاص مهمان، انعامن ورهائڻ کان پوءِ، هڪ عدد ”پُر مغز“ ڊگهي تقرير ڪٿان ڪندو آهي؟ ان مهل سندس تڪڙ ڪاڏي ويندي آهي؟ اصل ۾ سچ اهو آهي ته اسين حيثيتن تي مرندا آهيون، پوءِ اها ڀلي ڪنهن صاحبِ حيثيت لاءِ هجي يا پنهنجي پبلڪ رليشنز لاءِ...ڪنهن وڏي شخصيت کي اعزاز ڏياري اسين انهيءَ سان تعلقات جوڙڻ ۾ فخر محسوس ڪندا آهيون ۽ آيل خاص مهمان جي ”ليٽ سيٽ“ کي عام ماڻهوءَ جي کاتي مان ڪڍندا آهيون. عام ورڪر سان اسان جو ڇا...؟ ڍڳي ڍور وانگر بس هڪليندا وڃو...ٻيو مڙئي خير آهي. پنهنجي پاڻ کان چڙ اچي ٿي...عمر عزيز جي هن حصي ۾، جڏهن وارن جون باقي بچيل چڳون، سُفيدي سان پيار ڪن ٿيون. اها سمجهه شدت سان تنگ ڪندي ٿي رهي ته مان به ان سسٽم جو هڪ حصو رهيو آهيان. جڏهن به دٻ پئي هوندي ته مون به ايئن ئي ڪيو هوندو. ڪڏهن ڪٿي، ڪنهن به جاءِ تي، مون اهو ايئن نه ڪيو هوندو ته منتظمين کي اهو چيو هجي ته ”بابا...رحم ڪريو...اها هڪ گهڙيءَ جي خوشي هنن کي به عنايت ڪيو، جو هُو هڪ هڪ ٿي اچن...اطمينان سان صاحب محفل کان اعزاز وصول ڪن، هڪ عدد فليش چمڪي، اهو لمحو جڪڙ ۾ اچي وڃي، جيڪو اڳيان هلي، مُرڪن ۽ اکين جي چمڪ ۾ اضافو ڪندو. جڏهن پنهنجي ايندڙ نسل کي اها تصوير ڏيکاربي ۽ ٻڌائبو ته فلاڻي محترمه کان، هي فلاڻي جاءِ تي اعزاز مليو هو...مون اهو سڀ بلڪل ناهي چيو، مون ۾ همٿ ئي ڪا نه ٿي آهي. هاڻي پنهنجي ذاتي مرتبي پٽاندڙ هڪ ٻن جاين تي ”شايد“ مون ايئن ڪيو هُجي...۽ سڄي ڪساري ”لب و لهجي“ کي خاطر ۾ نه آندو هُجي، پر لڳيم ٿو ته ايئن ڪرڻ ۾ الاهي دير ٿي وئي آهي.

    عزيزان من...عزت، انسان جو وڏي ۾ وڏو سرمايو هوندي آهي ۽ خوشي هڪ اڻ لڀ خزانو...جيڪڏهن ڪنهن کي عزت ساڻ خوشي ملي ته اهو ته سون تي سهاڳو آهي. ڇا نه چڱو ٿئي جو اسين، انهيءَ فن کان واقف ٿي وڃون.

    ٽيليويزن تي ايوارڊز جي تقريب هئي، اطهر وقار عظيم صاحب ان مهل ڪراچي ٽيليويزن تي جنرل مئنيجر هو. نصيبن سان ميزباني منهنجي ذمي هئي...ايوارڊز جاري هئا جو وچ وچ ۾ ڪٿي ”لائف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ“ به ڏنا پئي ويا. تنهن کان سواءِ جيڪي عام ورڪر رٽائر ٿي چڪا هئا، انهن لاءِ به خاص ايوارڊز هئا. انهن عام ورڪرن ۾ ماڻهو ته تمام وڏا هئا، پر سندن ”پيشا“ ننڍا هئا، ڪو پٽيوالو هو ته ڪو سويئپر...۽ ڪو وري بوم آپريٽر ته ڪو چوڪيدار...ڪل اٺ ايوارڊ هئا. هاڻي هزارن جو مجموعو هو ۽ رٽائرڊ وجود پري پري ويٺل هئا. مون هڪڙو نالو ڪال ڪيو...مهربان آهستي آهستي اُٿيو، ويجهو اچي پيو ته ڪنهن عملدار، ويجهو اچي منهنجي ڪن ۾ سرٻاٽ ڪئي، ”ٻئي کي سڏي وٺ.“ مون ٻيو نالو کنيو، ان مهل پهريون اڃان پنڌ ۾ هو، هلندڙ رڪارڊنگ ۾ اطهر وقار عظيم صاحب، تير وانگر مون وٽ هليو آيو ۽ آهستڙي چيائين ”مغل...عزت سي بلائين...آرام سي بلائين...“ ۽ پوءِ ڏسڻ وارن ڏٺو ته ايوارڊ ڏيندڙ ايئن ئي ڪجهه گهڙيون انتظار ڪن پيا ۽ ايوارڊ وٺڻ وارو آهستي آهستي جيتري دير ۾ به اسٽيج تي پهتو پئي، يا جيترو به وقت اتي گذاريائين پئي ته ڪنهن کي به ڪا به تڪڙ نه هئي. ميزبان کي پاڻ سليقو آيو پئي ۽ عزتون صحيح نموني سان، صحيح جاءِ تي پُهچي رهيون هيون.

    ڳالهه جو مقصد ڪو اهو ناهي ته اسين ڪنهن کي گهرائي ڪو ”بيعزتو“ ٿا ڪيون، پر اصل مقصد اهو به آهي ته جنهن عزت جو هو حقدار آهي، اسين اها عزت سندس کاتي ۾ منتقل نه ٿا ڪيون. اتي اهو به سوچي سگهجي ٿو ته خاص ۽ وڏن انعامن جي حقدارن کي خاص موقعو ملڻ گهرجي ته اها سوچ به ٺيڪ آهي، پر عام ماڻهن کي عام موقعو ته ڏجي. انهن کان اها هڪ لمحي جي خوشي ته نه ڦرجي. الاءِ ڪيترن ڏينهن کان اها پيڙا، منهنجي وجود ۾ گردش ڪري رهي آهي. دل چوي ٿي ته انهن سڀني مهربانن کان هٿ ٻڌي معافي گهرجي، جن سان اڻڄاڻائيءَ يا مجبوريءَ ۾ زيادتي ٿي وئي آهي ۽ اهو پڪو عهد ڪجي ته آئندي، ڪنهن پروگرام ۾ ايئن ٿيڻ نه ڏبو، ان لمحي جي جوڙجڪ خراب نه ڪجي ۽ جيڪڏهن خرابيءَ جو ڊپ هوندو ته آئندي اهڙو پروگرام ئي نه ڪبو. عزيزانِ من ۽ صاحبان مان ته هڪڙو ننڍڙو عام ماڻهو آهيان، اوهان کي ڌڻي خاص مهمان جي شرف سان موڪلي ٿو، ڇا توهين، اهو قدم نه ٿا کڻي سگهو؟ جيڪڏهن توهان کڻو ته ڪمال ٿي سگهي ٿو، ڊگهي تقرير به ٿي سگهي ٿي ۽ آرام سان انعام به ڏئي سگهجي ٿو.

    mehmoodmughal@hotmail.com
     
  14. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم محمود مغل جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    آزمايل نسخو



    سومر 0 30 اپريل 2007ع

    ڪالهوڪي غير حاضريءَ لاءِ ذاتي طور تي معذرت جو طلبگار آهيان.

    هنن ساهن ۾ ٻن پهرن جو سوا هڪ وڄي رهيو آهي ۽ ان وقت تائين اوهان مهربانن جون الائي ڪيتريون ڪالون، دل جو دروازو کڙڪائي چڪيون آهن... جيءَ ۾ شرمندگيءَ جون جهاتيون جاري آهن، ڪهڙو عذر ڳولهي، ڪهڙي ”بهاني“ جو سهارو وٺجي...؟ سچ ته اهو ئي آهي ته هن واري لکي ڪو نه سگهيو هئس. سڄو هفتو ڪم جي هڻ وٺ، ڪجهه اهڙي نموني جي هئي جو اک لڳڻ جي ساعت به مشڪل نصيب ٿي پئي... اڄ سُڀان ۾ ايڏو تيزيءَ سان مٽجي پئي، جو جمعو ڇنڇر به ان جي نذر ٿي ويا ۽ ڪاغذ، مَسُ جي لمس لاءِ منتطر رهيا. تقريبن پوئين ٽن سالن جي ساٿ ۾ اهو پهريون آچر، مون ذاتي طور تي ”مِس“ ڪيو... هونئن ڪو ”ٽيڪنيڪي فالٽ“ هوندو آهي، ڪالم نه ڇپبو آهي، اها ٻي ڳالهه آهي. هي قصو نجو پجو منهنجي کاتي ۾ اچي ٿو... ان لاءِ ڪو به قصور وار ناهي.

    وقت به ڪمال شئي آهي صاحبانِ علم و هنر... زماني جي ڪنهن ڪنڊ ۾، اهو وهم و گمان هوندو هيو ته هڪ ئي وقت ۾ انيڪ ڪم ڪري سگهجن ٿا... ۽ ٿي به ويا... پر هاڻي اوچتو اهو احساس ٿئي پيو ته زماني جون طنابون ايئن ئي ڇڪيل آهن، پر سندس تيزيءَ ۾ ڪا به گهٽتائي نه ٿي آهي. اسان جي ئي سگهه ساٿ ڇڏي پئي ٿي، تڏهن ته ايئن غير حاضري پلئه پئي... اتي هڪڙي ڳالهه لکڻ بنهه اهم آهي... اڄڪلهه جي دور ۾ سچ، ”کِل“ جو اهم ڪارڻ بڻجي ٿو. جتي به سچ ڳالهائجي ته ٻڌڻ وارو پهرين ته غور سان ڏسندو ۽ سندس ٻيون رد عمل کِلَ ئي هوندو... هاڻي جي صاحبِ گفتگو ڪنهن اهم حيثيت جو مالڪ آهي ۽ سندس ڳالهه تي يقين نه ڪندي به، ڪا به ”بدتميزي“ نٿي ڪري سگهجي، ته پوءِ اها کِل ”سُسي“ ويندي آهي ۽ مرڪ بڻجي ويندي آهي- ۽ ڀلا جي مرڪ به نه بڻجي سگهي ته پوءِ ”اکين جون ڪنڊون“ اشارا ڪنديون آهن ته ڳالهه اعتبار جوڳي ته ناهي، پر هاڻي ڪير چئي... عزيزانِ من، هلندڙ دور ۾، سچ جهڙي بي اعتماد شئي ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي؟.

    اهو ”قضيو“ هتي خواب نگر سان به ٿئي پيو... جي لکجي ٿو ته مهربانن ”مِس“ ڪيو آهي ته فتوا نازل ٿيندي ته سائين ”پبلڪ جي بيحد اصرار“ تي مغل صاحب، ڪاغذ ڪارا ڪرڻ ٿا فرمائين... هٿ ٺوڪيون ”فگرز“ ڏيڻ ۾ ڪهڙي فارسي آهي؟... ڀلا ڪنهن ويٺي ايترا فون اٽينڊ ڪيا هوندا، جيترا صاحبِ قلم فرمائين پيا...؟ ۽ اول ته ڪنهن کي پئي آهي جو هڪڙي ڪالم جي نه ڇپجڻ تي ويٺو پنهنجا سَت اٺ رپيا ڳاري... تنهن کان ”لائي“ وٺي نه کائجي... ڪوڙ... سو به ايڏو ڪوڙ... توبنهن... توبنهن... هاڻي اها راءِ به اهم آهي. واقعي اهو ايئن به ٿي سگهي ٿو، ڪا به فون نه آئي هجي. ڪنهن جي به ڪَنَ تي ڪا جونءِ نه چري هجي، سڀ ڪوڙ هجي... پر جي اهو واقعي به سچ آهي خواتين و حضرات، ته پوءِ مان پنهنجي ان سچ کي ڪهڙي خاني ۾ فٽ ڪيان؟... ڇا ڪيان ان مهر جو، جيڪا توهان جي پاران عطا ٿئي ٿي؟ ڪيڏانهن ڪيان اها ”ڪمٽمينٽ“ جنهن هيٺ مان اوهان آڏو، اهان جي تيز ترين نگاهن جي تپش ۾ حاضر ٿيان ٿو؟... ڏاڍو ڏکيو لڳي ٿو نالا لکڻ ... ۽ مان لکڻ به نٿو چاهيان، پر ڇا اهي سڀ نالا به فرضي هوندا... جن سارَ جي سهاري اهو ڪرم ڪيو آهي؟

    موضوعاتي لحاظ کان اڄ پاڻ عام گفتگو ڪيون پيا ٿا... غير حاضري ٿي وئي، جنهن لاءِ سچ ڳالهايو ويو ۽ پوءِ ان سچ جي ”اثرات“ ۾ مهر ۽ سوچ جي عڪس کي سامهون آڻڻ جي ڪوشش جاري آهي... پر اوهان پنهنجي دل تي هٿ رکي ڏسو ۽ ڳالهه ڪيو ته اوهان کي، پاڻ کي، نجي طور تي”سامهون واري“ جو سچ ڪيترو سچ لڳي ٿو؟... زماني جي شناس کي ڏسندي، اوهان ”مٺي منهن“ سان اقرار ۽ ڪنڌ لوڏي اڳيان روانه ٿي وڃو ٿا، پر ڇا اوهان جو ذهن، ان ڳالهه کي دل سان تسليم ڪري ٿو؟ اها ”کل“ جنهن جو ابتدا ۾ عرض ڪيوسين، نٿي اچي؟!

    هلندڙ دور ۾ ٻن ڳالهين جيءُ جهوري ڇڏيو آهي... هڪڙو ته سچ، سچ نٿو لڳي ۽ ٻيو ته ميل ملاقات ۾، قرب ”خالص“ نٿو لڳي. هر ڀاڪر ۾ ڪا مصلحت محسوس ٿئي ٿي، هر هٿ جي گرمجوشي فارمل لڳي ٿي... انهن ٻنهي نُڪتن هنيانءُ ڏاري وڌو آهي.

    زندگيءَ ۾ صاحبانِ زمانه، ميل ملاقات تمام اهم حيثيت رکي ٿي. حياتي جيڪڏهن ڪو موقعو عنايت ڪري ۽ ڌڻيءَ مٺي جل شانه جي مَهر سان ڪو ڪنهن مرتبي تي پهچي، ته ساڻس يقينن ٻين جا رابطا وڌي ويندا آهن. هاڻي ايئن به ٿئي ٿو، جو گهڻو ”ملاقاتي تعداد“ ڪنهن نه ڪنهن ڪم سان ايندو هوندو. صاحبِ حيثيت کي اندازو ته خوب هوندو آهي ته ڪنهن جو ڪم ٿي سگهي ٿو ۽ ڪنهن جو نه... هاڻي جي هو، آئي جو آڌر ڪندي عزت سان ملي ٿو، مسئلو ٻڌي ٿو، ڪوشش ڪرڻ لاءِ واعدو ڪري ٿو ۽ جي ڌڻيءَ جو فڪر اٿس ۽ ڪوشش به ڪري ٿو، پوءِ جي ڪم نٿو ٿئي ته هڪدم اهو فرمايو ويندو آهي ته ”ادا، ڀاڪرن جي کوٽ ڪونهي، باقي ڪم کان آڱوٺو آهي... اهڙن ڀاڪرن کي چَٽبو ڇا؟“ انهيءَ صورتحال کي هڪ ٻئي رخ ۾ ڏسون ٿا، جو ”صاحب“، سڌو سنئون جواب ڏئي ڇڏي ته اهو وري هڪ ٻيو مسئلو بڻجي وڃي.”سخيءَ ۽ شوم“ جو مثال ورجايو ويندو آهي. ”ڪمال ٿي ويو سائين... سڌو منهن ڏئي نه پيو ڳالهائي... همراهه تي ڪرسي واهه جو چڙهي وئي آهي“... اتي ڪن مهربانن جو اهو خيال هوندو آهي ته ”سخيءَ کان شوم ڀلو... ترت ڏئي جواب... چڱو ٿيو، فارغ ڪيائين، جلدي. گهٽ ۾ گهٽ آسري جو موت ته نٿو ماري“. هاڻي اها سوچ به ڪنهن قدر ٺيڪ آهي، پر سوچڻو اهو به ته آهي ته وڌيڪ ٺيڪ ڇاهي؟.

    عملي طور خواتين و حضرات، اسين ڪنهن به ڪم تي، ان جي ٿيڻ... نه ٿيڻ تي، ڪا به قدرت نٿا رکون. اسين صرف ڪوشش ڪري سگهون ٿا، ڪو حيلو وسيلو ٿي سگهون ٿا، ڪم ڪرڻ نه ڪرڻ ان رب مٺي جي امر جو حصو آهي، جيڪو سڀني شين تي قادر آهي. ان نڪتي جو اهم ترين مطلب ۽ مقصد اهو آهي ته انسان هٿ تي هٿ ڏئي نه ويهي بلڪه ڪي قدر ڪوششون به ڪري... ۽ تنهن کان سواءِ ڪجهه وقت جو انتظار ڪرڻ به سکي. ها... ڪي ڪم اهڙا هوندا آهن، جن جي انجام جي هڪدم خبر آهي ته ان جو جواب اتي ئي ڏيڻ گهرجي. مثال طور يونيورسٽي امتحان ۾ ويهڻ لاءِ پنجاهه سيڪڙو حاضري گهرجي ٿي، شاگرد وٽ آهي پندرنهن سيڪڙو... ته ان لاءِ ڇا ٿو ڪري سگهجي... اتي واعدو ڪجي ۽ ڪوشش ضرور ڪجي.

    هاڻي اتي هڪڙي اهم ڳالهه ٻي به آهي، جيڪا پهرين به خدمت ۾ عرض رکي هئي ۽ هاڻي به عرض ڪرڻ ٿو گهران ته واعدو ته دراصل پاڻ سان ڪبو آهي، ٻين سان ته صرف هٿ ملائبو آهي. جنهن واعدي جو احترام پنهنجيءَ ذات کي نه هجي، ان جي سچي به ڪٿي به ڪا جاءِ ڪانهي. اهو واعدو ته جهڙو ڪيوسين ئي ڪو نه... اتي اهو به وسارجي ته واعدو ٽوڙبو به پهريائين پاڻ سان آهي، پوءِ سامهون واري جو ”وارو“ ايندو آهي.

    هتي هن سڄيءَ ڳالهه کي سهيڙيون ٿا عزيزانِ من... حياتيءَ جي ڪنهن نسبت ۾ قدرت ڪا جاءِ عطا ڪئي آهي... هاڻي اتي ملاقاتي به مهر ڪن ٿا، سوال ڪندڙ به ملڻ اچن ٿا، مسئلا به سامهون اچن ٿا. اتي شعوري ڪوشش اها هوندي آهي ته سامهون واري کي عزت ڏجي، ڳالهه ڌيان سان ٻڌجي ۽ مسئلي جي حل جي لاءِ ڪوششن جي خاطري ڪرائجي. سندس رواني ٿيڻ کان پوءِ، سندس مسئلي جي حل لاءِ دل جي خلوص سان ڪوشش ڪجي ۽ ڌڻي ڪاميابي عطا ڪري ته کيس ڄاڻ ڏجي ۽ ڀلا جي ڪم نه به ٿئي ته به کيس آگاهي ضرور ڏجي. اتي ڌڻيءَ کي حاضر ناظر ڄاڻي، اهم عرض ضرور ڪرڻو آهي ته جي ڪنهن جو ڪم ٿي ويو هوندو ته اها به ڪوشش ڪئي هوندي ته اطلاع ڏئي کيس ”زير بار“ نه ڪجي... پر جي ڪم نه ٿيو هوندو ته اها ڄاڻ ضرور پهچائي هوندي ته ”ادا... مون کان نه ٿيو آهي. اوهان ٻي ڪا واٽ ڏسو...“ ۽ معزز خواتين و حضرات، هڪدم اهو ريسپانس ملندو ته ”ڏٺئي... ڀاڪر وڏو پاتائين، آسرو به ڏنائين... پر ڪوڙو، ڪم نه هئس ڪرڻو ... نه ڪيائين“. اهو سئو سيڪڙو تجربو آهي سائين... ”آزمايل نسخو“ آهي.

    ڳالهه بلڪل سادي آهي... سچ لڀي ڪو نه ٿو... اعتبار جڙي ڪو نه ٿو. چمچا گيري ۽ عزت ڪرڻ ۾ جيڪا سنهي لڪير آهي، اها نظر نه ٿي اچي. جيڪي چمچا گيريون ڪندا آهن، انهن لاءِ اسان مان الاءِ ڪيترن کي اها خوش گماني هوندي آهي ته ”ڇا ته عزت ڪندڙ مهربان آهن“... ۽ جيڪي دل سان عزت ڪندا آهن، انهن لاءِ وري اسان کي اها بدگماني ورائيندي آهي ته ”چمچو آهي... رڳو مطلب ڪڍڻ جي چڪر ۾ آهي“. معنيٰ ڳالهه وڃي اتي بيٺي... سچ، اعتبار ۽ فرق ناهي ته پوءِ کل ۽ مرڪ نه ايندي ته ٻيو ڇا ٿيندو؟

    اڳئين زماني ۾ حبيب، طبيب، جراح، جيڪي نسخا لکندا هئا، سي نج هوندا هئا. هاڻي وقت جي جراح جيڪي لکڻ شروع ڪيو آهي، ان ۾ شايد نج ڪجهه ناهي رهيو، پنهنجي ڀاڪر جي گرمي پاڻ کي اوپري ٿي لڳي. اهو احساس بار بار ڪَر کڻي ٿو ته ملاقاتيءَ کي الاءِ ڇا لڳندو هوندو...اعتبار وڃائڻ جو اعتبار به ڪيڏي نه وڏي آزمائش آهي.

    اوهان جو اعتبار، مون تي مهرباني آهي... اها جاري رهندي ته ساهه کڻڻ لاءِ ڄڻ آڪسيجن ملندي رهندي. دل جي حضور سان حاضري ڀريان پيو ٿو. جهڙو به حال آهي، حاضر آهيان... انهن سڀني کان معذرت، جن کي اها خوشي حاصل ٿي هوندي ته ”دفع ٿيو... جان ڇٽي...“ مان وري به حاضر آهيان ۽ ڪوشش ڪندس ته مون پاران شعوري طور تي ڪا غير حاضري نه ٿئي... اوهان کي پريشان ڪرڻ منهنجو مقصد قطعي به ڪونهي.

    ”اڄ جو مهمان“ ۾ پي ٽي وي لاءِ محترمه روبينه قريشيءَ کي رڪارڊ پئي ڪيو... سڄو انٽرويو عجيب ٿي ويو هو... ڪڏهن ڪڏهن ايئن ٿي ويندو آهي جو مهمان مزي ۾ نه هجي يا ميزبان کي پنهنجي ڪا ”توائي“ هجي... آخري هڪ جملي، سڄا ٺپ ٺاري ڇڏيا ۽ ڄڻ سڄو پروگرام هڪدم رنگين ٿي ويو. پڇيو هيو مانِ ”ڪو پيغام ڏيندئو؟“ بنان هٻڪ جي محترمه روبينه صاحبه هڪدم چيو هو”ڪنهن جي به سچ ۾ ڪوڙ نه ڳوليندا ڪيو...“ انهن گهڙين ۾ اهو آزمايل نسخو هٿ اچي ويو هو، اڄ اوهان تائين پهچايان ٿو... ڏسون ٿا، پاڻ سڀ ان ويلي پنهنجي بي اعتباريءَ جو ڪيترو علاج ڪري سگهون ٿا.

    mehmoodmughal@hotmail.com
     
  15. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم محمود مغل جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    حساب ڪتاب



    آچر 6 مئي 2007ع

    ڳالهه ڪا وڏي ڪو نه هئي، پر بهرحال ”حساب ڪتاب“ وڏو هو. نئين نڪور گاڏيءَ تي هڪڙي لڪير ڇا آئي هئي، ڄڻ قيامت اچي وئي هئي. سڄو ”شو“ ئي ڦٽي يو هو. صاحبِ ڪار کي بيقراري ورائي وئي هئي مٿان وري مڊ گارڊ تي ڌڪ لڳي ويو هيو ۽ اتي به هلڪو ڪٽ اچي ويو. عجيب مصيبت ٿي وئي هئي. شوروم معرفت مڪينڪ وٽ پهتاسين. ورڪشاپ پهچي خبر پئي ته ڪاغذ ٺهندا، فوٽو نڪرندا، ”انشورڊ“ گاڏي آهي، انشورنس ڪمپني سڄو خرچ برداشت ڪندي...هاڻي ڪاغذن جي کڙ کڙ شروع ٿي. پر پتو اهو پيو ته خيرن سان ڪراچيءَ مان سيڙجي، جيڪڏهن ٽيم ايندي ته ايترڙي ذرڙي لڪير ۽ انهيءَ پتڪڙي ”ڪٽَ“ جا ڪهڙا فوٽو نڪرندا؟...اک ڇنڀ ۾، هٿوڙو ۽ پلاس نڪري آيا. هٿوڙي سان، مڊ گارڊ کي ”ڪُٽَ“ ڪڍي وئي، پلاس سان ٿورو ”چِٻو شِٻو“ ڪيو ويو، ڪجهه منٽن ۾ ئي سندن صورت بگڙجي وئي...مٿان وري سنهي لڪير کي، لوهي سيخ جي مدد سان گهرو ڪيو ويو. آخرڪار انشورنس مان مال ڦٻائڻو هو...ڪجهه ئي گهڙين ۾ ”واردات“ تيار ٿي وئي هئي، هاڻي بس رڳو ”پروسيس“ ٿيڻ جي دير هئي، ڪاغذن جو پيٽ ڀرڻ لاءِ سڀ ڪجهه تيار ٿي ويو هو...

    ڪهڙي ڳالهه ڪري ڪهڙي ڳالهه ڪيون صاحبِ زمانه...ڪُپت جي هن زماني ۾، سچ جي مُنهن لڪائڻ لاءِ ڇا نه ٿو ڪيو وڃي...سڀ ڄاڻن ٿا ته سچ جي اصل حقيقت جي موٽ ڪجهه به ناهي...جيڪڏهن ٻڌايو ويو ته ڪجهه به ڪو نه ورندو...هن مٿئين قصي جو ئي کڻي مثال وٺو...جيڪڏهن انشورنس ڪمپنيءَ کي اهو عرض ڪيو وڃي ته قبلا، سچي پچي ايترو ڌڪ لڳو آهي...”بد زيبو“ لڳي ٿو، مهرباني ڪري مٽائي ڏيو ته ڇا هو مڃيندا؟ هو به ڪا نه ڪا هير ڦير ڪندا، ڪوڙ کي سهاري ڏيڻ لاءِ ڪوڙ کي اڳيان اچڻو آهي...ڌوڪو الاءِ ڪير ڪنهن کي ڏئي رهيو آهي...

    گذريل هفتي به ڪجهه اهڙو ئي ڳالهايو هيوسين. اڳ ۾، خواب نگر ۾ ايئن ناهي ٿيو ته ساڳيو موضوع، ٻه هفتا ساندهه هلي، پر بهرحال اڄ دل چو ي ٿي ته هن ماتم ڪدي ۾، ڪٿي وري سچ لاءِ ماتم ڪجي...کيس ڳولڻ جي ڪوشش ڪجي...سندس مُک تي ڏنل ڪوڙ جي پاڇن کان کيس نيٺ ته آجو ڪرائجي...ڏاڍي اطمينان سان مون آڏو هڪڙو همراهه قصو کڻي رهيو هو. ”گاڏي ورتي هئم سائين شوروم تان....هاڻي تنهن زماني ۾ اهڙي ڪا سختي ڪو نه هئي، ڪاغذ پورا هئا، سڀ اندران درست هئا...اسان به کڻي ”آءُ“ ڪئي...ڪجهه مهينا گاڏي هلايم، پوءِ ٻي وٺڻ جو خيال ٿيو، تيستائين ٽي او فارم تي پئي هلايم...جنهن گاڏي وڪي هئي، ان جي شناختي ڪارڊ جي فوٽو اسٽيٽ لڳل هئي. پنهنجي نالي گاڏي مون به ڪو نه ڪرائي...وري جڏهن وڪڻڻ جو خيال ٿيو ۽ پارٽيءَ سان ڳالهه ٻولهه ٿي ته اها مصيبت وري اچي ڪڙڪي ته وڪري واري ڪاغذ تي صحيح وري به ان جي ئي ٿيندي، جنهن جو شناختي ڪارڊ کنيو پئي گهميس...هاڻي وري مصيبت ٿي وئي. سوچيم ڇا ڪيان، ڇا نه ڪيان؟ نيٺ وڃي ساڳئي شوروم واري وٽ بيٺس. چيومانس، ”ادا، همراهه ڳولي ڏي، ڪاغذن تي صحيح ڪرائڻي آهي...گاڏي وڪڻان پيو.“ مرڪندي هڪ گهري نگاهه مون تي وجهي پڇيائين، ”ڪاغذ ڪٿي آهن؟...“ چيم، ”همراهه ڪٿي آهي؟“ هاڻي کلي ڏنائين ۽ چيائين ”همراهه به اتي ئي آهي سائين...ڪاغذ ته ڪڍو...“ ڪاغذ ڪڍيم...رات جو وقت هو...هن هڪ بيٺل ڪار جي پوئين شيشي تي ڪارڊ رکيو، اندران بتي ٻري پئي، شيشي تي ڪارڊ جو عڪس ظاهر ٿي ويو...هن مٿان ”وڪرو نامو“ رکيو ۽ جنهن جاءِ تي صحيح ڪرڻي هئي، اها جاءِ شناختي ڪارڊ ۾ ڪيل صحيح واريءَ جاءِ جي مٿان رکي...هاڻي هيٺان صحيح واضح ٿي وئي ته هن مٿان ڪري ڇڏي...پنهنجي ڀرپور مرڪ سان هن چيو ”بس سائين...هاڻي وڃي سودو ڪيو...اوهان جو ڪم ٿي ويو...“

    مون سان ڪچهري ڪندڙ دوست ته اهو قصو ٻڌائي روانو ٿي ويو، پر لڳو ته آيو ته هو اڪيلو هو، واپسيءَ ۾، اندر جي اطمينان سميت الاءِ ڇا ڇا پاڻ سان گهلي کڻي ويو...اهو سڀ اسين الاءِ ڇو ڪندا آهيون، معزز خواتين و حضرات...شايد ان ڪري جو سڌو رستو، اسان کي نٿو وڻي. عرض ڪيم ته پهرين ته سچ سان هاڻي نه ٿي پوي...اسين پوئين در کان، ننڍڙي رستي کان اچڻ کي ترجيح ڏيون ٿا، اهو رستو جنهن سان ڪوڙ ”ٻانهن ٻيلي“ هجي ٿو. پنهنجي عام حياتيءَ ۾، اهو سڀ اسان پنهنجو ”خاصو“ ٺاهي ڇڏيو آهي. قسم تي قسم کڻندي، اسان جي زبان نه ٿي ٿڪجي...ڪوڙ تي ڪوڙ هڻندي، الاءِ ڇو پيٽ ئي نه ٿو ڀرجي.

    حياتيءَ جو حساب ڪتاب وري عجيب آهي عزيزان من...اسين ته جهڙا آهيون تهڙا ناهيون...آهيون به ته ناهيون به...هاڻي اهو سڀ به عجيب آهي...ڪير ٿو چوي ته دنيا جي گولي تي هلندي اسين ناهيون موجود...! پر اتي وري اهو سوال به پيدا ٿو ٿئي ته جيڪڏهن موجود آهيون ته اسان جي موجوگي، حق جي موجودگيءَ لاءِ ڪيتري مددگار آهي؟ هڪڙو ننڍڙو مثال ٿا کڻون؟ مان رهان ٿو ڄامشوري ۾...اتي هلندي، هلندي مان نظر اچي سگهان ٿو...هاڻي ڄامشوري جو ٿورو هوائي جائزو ٿا وٺون...مطلب، جنهن جاءِ تي مان موجود آهيان، اتان آهستي آهستي مٿي ٿيڻ ٿا شروع ڪيون...پهرين مان ننڍڙو ٿيندس، پوءِ ڄامشورو ۽ ان جو ڀرپاسو، اسين ٻئي ٽٻڪن ۾ مٽباسين...ان کان پوءِ سڄو علائقو ننڍو ٿيندو ويندو، تان جو دنيا گولو بڻجي ويندي. هاڻي ان گولي ۾ محمود مغل ڪٿي آهي؟...جواب آهي في الوقت ڪٿي به نه...مطلب نظر نه ٿو اچي...هاڻي نظر نه ٿو اچي ته بهرحال آهي ته سهي...جيستائين جيئرو آهي ته پاڻ موجود آهي ان کان ڪير انڪار ٿو ڪري سگهي...پر هڪڙو سچ ته اهو به آهي ته بظاهر ته آهي ئي ڪو نه...اها ئي اصل حقيقت آهي، ماڻهو هوندي به نه ٿو هجي...نه هوندي به موجود هجي ٿو. هاڻي ان سنهي لڪير جي ڄاڻ جيڪڏهن هٿ اچي وڃي ته حياتي ڪمال آهي...سچ ۽ ڪوڙ جي ڪٿ ۾ ۽ اصل حقيقت جي اعجاز ۾ سڀ ”حساب ڪتاب“ درست ٿي وڃن ٿا...

    هاڻي معزز خواتين و حضرات...هئڻ ۽ نه هئڻ جي وچ واري ان ننڍڙي سفر دوران، اهو سڀ جيڪو اسين ڪيون ٿا، ڇا اسان کي سونهين ٿو...؟ هلو ڀلا جيڪڏهن فطرتن اهو سڀ ايئن ئي ڪيون ٿا جو انسان جي فطرت ”دوکي“ ۾ اعتبار رکي ٿي ته دوکي مان ڪمايل مال يا فائدو، اسان وٽ جٽاءُ ڪيترو ڪري ٿو؟ ان مال جو اثر ڌيڪ دير قائم ٿو رهي يا ان عمل جو؟...جيڪو ڪڏهن به نه ٿو وسري...ادا گل محمد مرحوم، هڪ ڀيرو لنڊن وڃي پهتو، اها به ڪمال هئيت هئي جو اهو معصوم وجود، جنهن ڪراچي به ڪو نه ڏٺي هئي، سڌو وڃي هيٿرو تي لٿو...هاڻي ٽن مهينن جي تربيت هئي ۽ سادگي ڪمال جي هئي، عرض ڪيم نه...ته ڪراچي ئي پوري ڪو نه ڏٺي هئائين ته لنڊن ۾ ڇا حال ٿيڻو هوس...بهرحال سمئو گذرندو ويو...پهچڻ ساڻ کيس سڪ لڳي...خاص طور تي قبله والده صاحبه سان ڳالهائڻ پئي گهريائين...تنهن زماني ۾ موبائيل فون ڪونه هونديون هيون، پبلڪ بوٿ تان ڳالهائبو هو ۽ هتان ڪال بُڪ ڪرائبي هئي. هاڻي ادي کي سمجهه ۾ نه اچي ته ڳالهائبو ڪيئن؟ اڻ تڻ شديد هئي، اتي هڪ پاڪستاني همراهه مليس ۽ درد جو درمان ڳوليندي، پنهنجيون خدمتون آڇيائين ”هم وطن آهيون...ايترو ننڍڙو ڪم مان نه ڪندس ته ڪير ڪندو يار...هل...مان ٿو فون ڪرايانءِ...“

    ادي کي بُوٿ تي وٺي آيو ۽ کانئس ڏهه پائونڊ ورتائين...ادا هڪدم ڏئي ڇڏيس...الاءِ ڪهڙو گرمٽ گهمائي فون ملائي ڏنائين، ادا جو ڳالهائڻ شروع ڪيو ته ڳالهه ئي نه کٽي...مشين بند ٿي ته ڏهه پائونڊ ٻيا ورتائين...اهي به کُٽا ته ٽيان ورتائين...بهرحال ڳالهه پوري ٿي...ادو به خوش ٿيو...مهرباني مڃيائينس...وري ٻه ڏينهن رکي، ساڳيو هم وطن همراهه اچي مهربان ٿيو...”فون ڪبي؟“ ادي هائو ڪئي. ساڳيو عمل ورجايو ويو ۽ ويهه پائونڊ خرچ ٿيا...عزيزان من...اها نوي جي ڳالهه آهي...سورنهن سترنهن سال ان قصي کي ٿيا آهن...قدرت خدا جي...اسان ڪو هتان فون ڪيوسين...ادا گل محمد کي واپسيءَ ۾ فون ڪرڻو هيو...مهربان هم وطن ملي نه سگهيو...اتي بوٿ وٽ هڪ انگريز ملي ويو. ادا مدد گهري، هن هڪ سيڪنڊ ۾ نمبر ملايو...۽ پاڻ ٻاهر بيهي رهيو...ادا گل محمد پيٽ ڀري ڳالهايو ۽ ڪل بل آيو اڍائي پائونڊ...ٻاهر نڪتو ته بيٺل انگريز چيس، ”مون کان سکي وٺ ۽ پاڻ فون ڪندو ڪر...تمام سولو طريقو آهي...“ ۽ هڪ سادي سودي شخص کي اهو حساب ڪتاب سمجهه ۾اچي ويو ته ڪل خرچ ٻه پائونڊ به ڪو نه هيو، جنهن جا ڏهه پائونڊ ورتا ٿي ويا. ان اضافي رقم مان، الاءِ ڇا ڇا ٿيو هوندو، پر هتي ته اندر کي لڳل گهاءُ سڄي عمر لاءِ گهرو ٿي ويو.

    اسين هاڻي هوشيار ٿي ويا آهيون صاحبان زمانه...هاڻي پير پختا ڪري ڪوڙ ڳالهائڻ اسان کي اچي ويو آهي...زندگيءَ جو حساب ڪتاب ۽ ليکو چوکو ڪندي، الاءِ ڇو اسين اهو وساري ويهون ٿا ته دوکي جي هن جهان ۾ اسان پاران ڪيل دوکو، پنهنجي رب کان اسان کي پري ڪندو ٿو وڃي. جهڙو هو چاهي ٿو، اهڙا اسان نه ٿا ٿيون...اتي غور ان ڳالهه تي به ڪيو ته جهڙو اسين پاڻ چاهيون ٿا، اهڙا به ته نه ٿا ٿي سگهون، ڇاڪاڻ جو ڪيتري به ڪپت ڪجي، آخر ته آخري ساهن سان ملڻو آهي. پوءِ ان شرمندگيءَ ۾ ته ڪجهه به پلئه نه ٿو پوي...

    الاءِ دل کلي سگهي آهي الاءِ نه...بس هن مهل هڪ عظيم الشان دعا ياد اچي ٿي...اها گهرون ٿا...من ڪو حساب ڪتاب ٺهي پوي...”اي منهنجا بلند شان ۽ عظمتن وارا رب، جل شانه منهنجي عزت لاءِ اهو ڪافي آهي ته مان تنهنجو بندو آهيان ۽ منهنجي فخر لاءِ اهو ڪافي آهي ته تون منهنجو پرور دگار آهين...تون اهڙو ئي آهين جهڙو مان چاهيان ٿو...بس، تون مون کي اهڙو ٺاهي ڇڏ، جهڙو تون مون کي چاهين ٿو...“
    mehmoodmughal@hotmail.com
     
  16. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم محمود مغل جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    يَڪُ ...... بَڪَٽ



    آچر 20 مئي 2007ع

    مبارڪ هجيوَ .... خيرن سان وحشتن جي هن جهان ۾، پاڻ اڳ اڳرا ٿي، ماضيءَ کان به ”ٻه هٿ“ اڳتي نڪري آيا آهيون ... چوڏنهن سئو سال ته گذريا ئي ناهن صاحب زمانه .... هلندڙ وقت روين ۽ سلوڪن جي نسبت سان، هزارين سالن جي ”آڳاٽي تهذيب“ ورجائي رهيو آهي.

    خوبصورت ترين شاپنگ مال جي مهانگي ڪاريڊور ۾ هزارين نه ته سوين ماڻهن جي سامهون ”اڳٺ واري“ جو ڪُٽڪو جاري هو. ماريندڙ دور جديد جو شاهڪار وجود هو. مهانگو ترين لباس، سيني ۽ ڳلي وٽ رنگين چشمو ڦاٿل، ڪنن ۾، موبائيل فون جا مهانگا ”ايرينگ“ وڌل.... شايد ان ڪري کيس مار کائيندڙ جي رڙ واڪي جي خبر نه پئي. کيس شايد سڀ ڪجهه ”ميُوٽ“ (Mute) لڳندو هوندو... بنان آواز جي فلم ۾، پنهنجي هيرو واري ڪردار کي هن خوب نڀايو پئي. زماني جي عظيم اصول مطابق، وڏي مالي حيثيت وارو وجود، گهٽ حيثيت واري جي کل لاهي رهيو هو. مرضيءَ مطابق ”ڦيهه“ ڪڍي محترم، پنهنجي وڏي گاڏيءَ ۾، نئين ماڊل جو مزو وٺندي روانو ٿي ويو. اسين سڀ انڌا، ٻوڙا، گونگا... چپ چاپ ڏسندا رهياسين، لنگهندا رهياسين... اسان هڪ ٻن ڄڻن هٿ وجهڻ چاهيو ته ٻين روڪيو، ”ڇڏيو يار... ڇو ٿا پرائي”پنگي“ ۾ هٿ وجهو... ڪئي هوندي هن به ڪا نموني گيري...“ هٿ نه وڌو هئوسين، پر بهرحال، هاڻي ذلت جي بار هيٺ آيل وجود، پنهنجا اڳٺن جا پيڪٽ ميڙي رهيو هو. منهنجو سڄو وجود، پنهنجي گيدي پڻي، نالائقيءَ ۽ فيصلي نه ڪرڻ جي قوت تي، پنهنجو پاڻ کي پاڻ ئي رڳڙي رهيو هو. هيٺ ڪيل ڪنڌ سان، هڪ ٻه پيڪٽ مون به کڻايا... ۽ ڄڻ ڀڻڪي ڏنم، ”ڇا ٿيو هو...؟“

    نگاهن ۾، هڪ عجيب شڪايت کڻي، هڪ جملو اچاريو، ”گاڏيءَ تي رهڙ اچي وئي هئي... ٻاهر نڪري چيائين انڌو آهين ڇا؟ ڏسي ڪو نه ٿو هلين..؟ مون به چيومانس ته توکي روڊ تي هلندڙ ماڻهو ڏسڻ ۾ نه ٿا اچن ڇا؟!... بس ليڊيز سامهون هيرو بڻجي ويو.“ سڄو اوٻر، هڪ ساهه ۾ ڪڍي، هو تڪڙو تڪڙو هليو ويو. ڪارِ جهان وري ساڳيو ٿي ويو،، نه ٿي سگهي ته دل جي حالت.... دل، وڌيڪ ذلت جو شڪار ٿي چڪي هئي.

    هي سڀ ٿئي ڇا پيو ٿو عزيزانِ من؟ اسان سڀني جي قوت برداشت ڪٿي وڃي آرامي ٿي آهي؟ ماڻهن جي پيهه ۾، ڇا اسان جي جذبن جي پيهه به وڌندي ٿي وڃي؟ ڇا اها ايستائين وڃي پهتي آهي جو ننڍڙين ننڍڙين ڳالهين تي به اسان کان سٺو نه ٿو ٿئي ۽ اسين ڦاٽي ٿا پئون؟ ٿورو ان سڄي صورتحال تي غور ٿا ڪريون.

    ڪٿي به، ڪنهن به جاءِ تي ڪا به اٽڪ سٽڪ ٿي ته شروع ٻن ماڻهن ۾ ٿيندي ۽ پنجاهه ٻڌڻ لاءِ اچي بيهندا. ڪٿي گاڏي لڳي، ڪٿي بحث ڇڙيو، ڪٿي ڪا ناگواري ٿي... اهي پنجاهه سئو سامعين معصوم الاءِ ڪٿان کان اچي پرگهٽ ٿيندا. ڇڏائڻ ته ماڳهين ڇُٽو، ويندا رش وڌائيندا... تان جو ٽريفڪ جئم ٿيندو، صورتحال کڙي ٿيندي. معاملو ڊگهو ٿيندو ويندو. هاڻي اتي هڪڙي ڳالهه ٻي به اهم آهي. جي صورتحال ماڳهين سنگين آهي ته ورلي ڪو به ڪو نه بيهندو. ڪٿي ڪو زخمي پيو هجي، ڪنهن کي ڪو مار ڪڍندو هجي، ڪنهن سان ڪا نجي زيادتي ٿيندي هجي ته اسين ائين ڪن لاٽار ڪندا آهيون، ڄڻ اسان ته اهو سڀ ڏٺو ئي ناهي. اسان کي ڪا خبر ئي ناهي. خبر هجي ته ڪجهه ڪريون نه... اوهان لاءِ آسمان جا تارا نه پٽي اچون.

    ڪراچيءَ جي هڪ مصروف ترين شاهراهه تي ٽريفڪ جئم هو. ان جئم ٽريفڪ ۾ اسان جي هڪ محترم دوست جي گاڏي به بيٺل هئي. اڳيان پويان انچ جي چرڻ جي به وٿي نه هئي ۽ مٿان وري ان ون وي روڊ تي چار چار لائنون گڏ هلي رهيون هيون. ٽريفڪ ۾ ڪو مسئلو هو، چار ئي لائنون بيٺل هيون. گاڏيءَ کان پاسي واري گاڏي ڪو فوٽ ڏيڍ پري هوندي. روشنين جي شهر ۾ اڃان سج نه لٿو هو ۽ منظر وڌيڪ واضح نظر اچي رهيا هئا.

    وچون جزيرو يا فٽ پاٿ ڪراس ڪري، پرئين پاسي، زور شور سان ٽريفڪ جاري هئي. ان وهڪري ۾ ٻه موٽر سائيڪلون بيٺيون، چار پنج نوجوان، فٽ پاٿ ٽپي آيا ۽ صاحبِ ڪار کي شيشو لاهڻ جو اشارو ڪيو ويو. هن اندران پڇيو ته، ”ڇو؟“ ته نوجوانن مان هڪڙي پستول ڪڍيو ۽ سڌو فائر ڪيو. ڌڻيءَ جل شانهُ جي قدرت، جو گولي نه هلي... هاڻي ته گاڏيءَ اندر ويٺل صاحب، سندس ٽن پٽن ۽ گهر واريءَ گهڻو ڪجهه سمجهي ورتو. صاحب هڪدم ايمرجنسي نمبر ملايا. پر ڪو به نه پيو کڻي، ٻاهر نوجوان ڦورن، جڏهن اهو ڏٺو ته گاڏيءَ جا شيشا نه ٿا هيٺ لهن، ته هنن پنجن ئي ڄڻن، گاڏيءَ کي لتن، مڪن ۽ پستول جي بٽن سان اچي ورايو. رب مِٺي جي قدرت، جو ڪو به شيشو نه ٽٽو. تيستائين ڪار واري مستقل هارن تي هٿ رکي ڇڏيو. بيٺل ٽريفڪ ۾ ڪٽجندڙ، بيٺل ڪار کي فوٽ ڏيڍ تان ٻيا مسافر ڏسندا رهيا. شايد امرُ نه هو، ان ڪري ڪو به شيشو نه ٽٽو. ٽي چار منٽ مستقل ڪوشش ڪرڻ کان پوءِ، چار ئي پاسا ڦريل نوجوان، نفرت وچان آخري ڌڪ هڻي، آرام ۽ اطمينان سان گاڏين جي لائنين مان لنگهندا، واپس پنهنجين موٽر سائيڪلن تي وڃي بيٺا ۽ اسٽارٽ ڪري روانا ٿي ويا. هنن جي وڃڻ کان پوءِ پاسي وارين گاڏين جا ماڻهو مڙي آيا، ”ڇا ٿيو؟ هان.... ڇا ٿيو هو؟ توهان جي ڪا دشمني وغيره هئي ڇا؟“

    هاڻي سائين ڪهڙو جواب ڏئي؟ هيترن ماڻهن ڏٺو ويٺي، ڪنهن به ڪو ايمرجنسي نمبر ڊائل نه ڪيو هو. هلو ڀلا جي خدانخواسته کڻي دشمني به هجي ها ته ڪنهن وڏي نقصان کان پوءِ آگاهي ڏني وڃي ها ڇا؟ ان مهل ڪنهن به ڪجهه ڪو نه ڪيو، سڀ تارا ڦاڙي رڳو ڏسندا رهجي ويا. پرائي ”پنگي“ ۾ ڪير هٿ وجهي..! اتي ڪا هلڪي ڦلڪي ”هُشي ٻُشي“ هجي ها ته سڀ اچي مڙن ها.

    ڪجهه ئي ورهيه پوئتي جو هڪ ذڪر ٿا ڪريون عزيزانِ من... اٽي ڏڪر جي راند ۾، ٻه ڌريون ٿينديون هيون، پوءِ جنهن ٽيم کي آڳ ملندي هئي، اها وارو وٺندي، اٽيءَ کي، ڏڪر سان ٽي دفعا ڌڪ هڻندي هئي. جي رانديگر زبرو هجي ته ٽن ڌڪن ۾ ڪافي فاصلي تائين اٽي وڃي پهچندي هئي. هاڻي راند جي شروعات پوائنٽ، يعني ”گِلِ“ تي ڏڪر اچي رکيو هو. پوءِ ڌام ڏيندڙ ٽيم جو ڪو هڪڙو رانديگر، جنهن جاءِ تي اِٽي ڪري هوندي، اتان کڻي واپس گِل ڏانهن اڇلائيندو هو. جي اها اٽي، گِل تي رکيل ڏڪر کي اچي ڌڪ هڻندي هئي، ته واري ٿي ختم ۽ ڌام ٿي شروع، پر جي فاصلو وڏو آهي ۽ پوريءَ طاقت سان اڇلائڻ کان پوءِ به اٽي، گِل تي رکيل ڏڪر کان پرڀرو ڪري آهي ته پوءِ ڏڪر جي ماپ سان، گِل کان وٺي، اڇلائي ڪريل اٽيءَ تائين فاصلو ماپيو ويندو هو. ستن ڏڪرن جي ماپ جو هڪ يونٽ هوندو هو، جنهن کي ”يڪ“ سڏبو هو. پوءِ ستن ڏڪرن جي ماپ، ڪجهه هينئن هلندي هئي: ”بڪٽ، لين ... مُون ...نار ...آر ...وهي ... يڪُ... بَڪٽ..“ هاڻي جتي يڪ لفظ آيو، معنيٰ هڪڙو يونٽ وڌيو. هاڻي وڌيل يونٽ جي اضافي ڌام ڏيڻي پوندي ۽ اهو وارو، ٽيم جي ڪنهن به ساٿيءَ کي ڏئي سگهبو هو. هاڻي جيترا يڪ ٿيندا هئا، اوترا دوستن ۾ ورهايا ويندا هئا. ڌام ڏيندڙ ٽيم جا لاهه نڪري ويندا هئا، يَڪ تي يڪُ چڙهندو ويندو هو. هاڻي اتي وري هڪڙو ٻيو قانون به هوندو هو. هر واري، جڏهن اٽيءَ کي گِل مان، ڏڪر سان اڇلائبو هو، ته ان کي جهٽڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي هئي. نه جهٽڻ جي صورت ۾، واپس گِل تي رکيل ڏڪر کي چٽبو هو. جي ڌڪ لڳو ته واري ختم... پر هڪڙي... جي ماڳهين اٽي ڪيچ ٿي وئي ته سڀ يڪ برباد ٿي ويندا هئا.

    دنيا، ترقيءَ جي ڊوڙ ۾ اڳ اڳري آهي صاحبان زمانه... هاڻي ڪمپيوٽر جي اسڪرين تي تيز ترين راند رهندڙ ٻار کي، بڪٽ، لين، مون، نار، .... ٻڌي کل ئي اچي سگهي ٿي، پر اسين جي پنهنجيءَ دل تي هٿ رکي ڏسون ته اسين ته اڃان به اتي ئي بيٺا آهيون.... نه ڄاڻندڙ شين ۾ ٽنگ اڙائي اسين يڪن تي يڪ وٺون ٿا ۽ ڄاڻندڙ شين مان جان ڇڏائيندي، اسين ڪيچ آئوٽ ٿيندا رهون ٿا. اسان جي انساني قدرن جو اٽي ڏڪر، اڃان به پوري شان مان سان جاري آهي. رڳو ان ۾، ڌام ڏيڻ ۽ واري وٺڻ جا اصول مٽجي ويا آهن. اڳي هر ٽيم وارو وٺندي هئي ۽ وارو ڏيندي هئي، هاڻي، پنهنجي مالي حيثيت، جسماني طاقت، پنهنجيءَ دهشت ۽ مٿي ۾ اضافي هوا جي مدد سان، اسان صرف وارو وٺون ٿا، ڌام ڏيڻ اسان جو ڪم ناهي. جي هجي ته انساني رشتن جو قدر ڪرڻ اسان کي نه اچي؟ ننڍين ڳالهين کي درگذر ڪرڻ اسان نه سکون؟ گاڏيءَ تي رهڙ ڏيندڙ، اڳٺ وارو الائي ڪٿي هوندو. سندس جسم جو سور ته شايد لهي ويو هجي، پنهنجي گيدي پڻي جو يڪ، منهنجي ذهن تان نه ٿو لهي.

    بلڪه مون کي ته هر هر لڳي ٿو ته سماجي حيثيت ۾ وڏي رتي پٽاندڙ، مون کي به يڪ تي يڪ ملي رهيا آهن.ڪنهن جي به زيادتي تي نه ڳالهائيندي، مان به خوش ٿي جهونگاري رهيو آهيان .... بڪٽ .... لين ... مون .. نار، آر .... وهي. يڪ .. بڪٽ ... يڪ .. بڪٽ .. يڪ .. بڪٽ. اهي سڀ يَڪ، منهنجي بي حسيءَ ۽ لاپرواهيءَ جي واريءَ کي وڌائي رهيا آهن. اها واري، جنهن لاءِ مون کي پڪ آهي ته ڪڏهن به ڪيچ نٿي ٿي سگهي. منهنجي ئي واري هلندي رهندي، گهٽ ۾ گهٽ هن دور جو اٽي- ڏڪر ته اهو ئي ٻڌائي ٿو.

    زمانو مٽجي ويو آهي صاحبِ زمانه... نيون نيون ايجادون اسان کي سندرو ٻڌائينديون رهن ٿيون. هاڻي اهو سڀ ناهي رهيو ته ڇا ٿيو؟ پنهنجيءَ ذات تي حاصل ٿيندڙ هر اضافي لاڀ، اسان لاءِ ”يڪ“ کان گهٽ حيثيت نه ٿو رکي. ان ميڙي چونڊيءَ ۾ الائي ڇو اسان کان وسري ٿو وڃي ته جنهن مهل رخصتيءَ جي گهڙي ايندي ۽ حياتي ڪيچ ٿي، انهن سڀني يڪن کي يڪ لخت ختم ڪندي، ته پوءِ مالڪ مهربان جل شانهُ آڏو اسين ڇا چئي سگهنداسين؟
    mehmoodmughal@hotmail.com
     
  17. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم محمود مغل جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    ڦُلان دَي رنگ ڪالَي



    آچر 3 جون 2007ع

    گلابن کي قدرت ڳاڙهو الاءِ ڇو خلقيو آهي؟...مرضي مالڪ مٺي ذوالجلال والاڪرام جي آهي، جيڪو بلند شان ۽ عظمتن وارو رب آهي، پر خوشين ۽ ڏُکن جي ٻنهي ڪيفيتن ۾ هڪ جهڙو استعمال ٿيندڙ ان گُلَ جو رنگ ۽ خوشبو هانءَ کي مُٺِ ۾ جهلڻ جي طاقت رکن ٿا...موقعو کڻي ڪهڙو به هجي، گلاب...گلاب آهي...مهل جي راڳ جيان سندس ”واسُ“ ڀرپور اثر ڪري ٿو. گهوٽ ڪنوار جي سيج تي هجي يا آلي مرقد ۾ موڪليل ڪنهن مهربان مٿان، رخصتيءَ جي ٻنهي تاثرن ۾، گلاب الڳ الڳ جاءِ والارڻ جي ڀرپور سُڌَ رکي ٿو. ڪنهن ساٿيءَ جي هٿ جهلڻ مهل سندس واسُ ٻيو هجي ٿو ۽ هٿ ڇڏائڻ مهل وري اهو ماڳهين ٻيو بڻجي ٿو وڃي. اهو ئي ته گلاب جو خاصو آهي. جيڪڏهن کڙي ٿو ته ڪمال ٿي ٿو وڃي ۽ جي ڪومائجي ٿو ته زوال جا سڀ رنگ سامهون اچن ٿا...توهان سڀئي گلن جي ڪومائجڻ کي ڪڏهن غور سان ڏسو، گلاب جي اُڻت الڳ نظر ايندوَ.

    ۽ شايد اهو ئي سبب آهي جو حياتين جي سونهن کي، گلاب حياتيءَ جو نالو ڏنو ويو...جتي جواني ٽڙي ٿي، جتي جسمَ ۾ طاقت، اڻ لکي سونهن ۽ اڻ پيتيءَ جا نشا سمائجن ٿا. آواز ڳرو ٿئي ٿو ۽ ڪلها ۽ سينو ويڪرو....اتي ئي حياتيءَ جو گلاب، گلاب بڻجي ٿو....عمرِ عزيز جي اڳيان وڌڻ ساڻ زوال ورائي ٿو ۽ نيٺ حياتيءَ جون پتيون يا ”پنکڙيون“ ڪاراٽجي، سڙي سُڪي ڀور ڀور ٿين ٿيون...انسان هن جهان کان موڪلائي ٿو.

    پر اهو سڀ ايئن به ناهي عزيزانِ مَن...موڪلائڻ جو سمئو رڳو، آخري گهڙين ۾ نه ٿو اچي....اجل جو ڀاڪر، گُلَ کي ڪنهن به گهڙيءَ ٽاريءَ کان ڇني ڌارَ ڪري سگهي ٿو...وڃڻ وارو ڪنهن به ڪارڻ رخصت ٿئي ٿو ته حياتي ان ڪارڻ تي ماتم ڪندي رهي ٿي...موت برحق آهي...روڪڻ ساڻ ڪير به رڪجي نه ٿو سگهي، پر انومانن جي هن جهان ۾، دل سوين دليل سامهان ڪري ٿي...جيڪڏهن هنئين ٿئي ها ته ڇا ٿئي ها...؟ جي هونئن ٿئي ها ته ڇا ٿي پوي ها...؟ جيتوڻيڪ ڄاڻون سڀ ڪجهه ٿا ته ڪجهه به ڪو نه ٿئي ها...سڀ ڪجهه مقرر آهي...نه ساعت هيڏي نه هوڏي....پر دل ديواني دليل ۽ منطقون ڊوڙائيندي رهندي آهي ته ڀلا جي رخصتي ٿي ئي هئي ته ڪنهن چڱيءَ نموني ته ٿئي ها...ائين بي سر و سامان، مسافر جي موڪلاڻي، ڇا تبديل ٿي نه پئي سگهي؟....ڇا هڪ ڀيرو....صرف هڪ ڀيرو، سمجهه ۽ عقل اهڙو ڪو سلسلو نه پيا ڪري سگهن ته اهو هٿ جهلي چئي سگهجي ها...”جانِ عزيز...حُڪم حاڪم آهي...قبول آهي...سڀ ڪوششون ٿي گذريون...اجازت ناهي...سو هاڻي وڃڻو ئي پوندو...“ ۽ ڪا آخري چُمي ان نراڙ تي آخري سلام ڦيري....سرد ٿيندڙ هٿن ۾، پنهنجن جيئرن هٿن جي گرميءَ کي منتقل ڪرڻ جي آخري ڪوشش به ٿيندي رهي...وسامندڙ ڏياٽين ۾ پنهنجو آخري عڪس ته ڏسڻ گهرجي.

    اهو سڀ تڏهن ٿي به سگهي ٿو، جڏهن معالج، مريض سان ۽ انهن جي مٽن مائٽن سان محبت ڪندو هجي...مرض جي باري ۾ ڄاڻ رکندو هجي...پاڻ کي عقلِ ڪُل نه سمجهي ۽ الله تبارڪ و تعاليٰ جي ذات کان ڊڄندو هجي ۽ پنهنجي پڇاڻي بابت پريشان هجي. هاڻي انهن مٿين شين مان، نه ٿي سمجهه اچي ته ڪهڙي شئي ڊاڪٽر صاحبان وٽ باقي بچي آهي. هلو ڀلا، جي مريض سان محبت نه ٿا ڪن ته گهٽ ۾ گهٽ پئسي سان محبت ڪندي، مرض جي باري ۾ ته ڄاڻ رکندا ڪن. پنهنجي پڇاڻي جي کڻي ڳڻتي نه هُجين، پر مرض بابت پڇاڻي تي ته ڪو جواب ڏئي سگهن...هاڻي اهو سڀ ته هنن جو احوال آهي، پر گهٽ عذاب اسان جا ”پڙهيل لکيل عوام“ به ناهن ڏنا...جو سڀ ڪجهه ڄاڻندي به ”عطائي ڊاڪٽرن“ يعني گهورڙين، ڪمپائونڊرن ۽ جعلي نالي ”ڊاڪٽر“ سڏائيندڙن کان ”سستو علاج“ ڪرائڻ جي چڪر ۾، هُو حياتيون وڃائن ٿا...”ڌڻيءَ جي رضا“ جي جملي کي ڪتب آڻيندي، هُو ان سستائپ جي ڳالهه ئي نه ٿا ڪرڻ چاهين، جنهن جو سهارو وٺندي، هنن ڄاڻي ٻُجهي ڪنهن جي حياتيءَ جي ڏئي مان تيل کٽايو هو. هٿ ٻڌي عرض ڪيان ٿو ته وڃڻ واري کي وڃڻو ته هونئن ئي هو...پر جيڪي گهڙيون، هن وٽ باقي بچيون هيون، ان ۾ ڪيتري پرواهه يا ڪيتري لاپرواهي هم رڪاب رهي هئي. ڪهڙو ”اصلي ڊاڪٽر“ تپاسڻ آيو هو....ڇا ٿيو هيو...ڇا ٿيڻ گهربو هو...عقل، هوش و خرد ۽ سوچ ان مهل ڪهڙو ڪم ڪري ٿي؟

    زمانو گيسٽرو ۾ وٺجي ويو آهي. ”عام“ سمجهي ويندڙ ان بيماريءَ لاءِ عوام جو خيال کڻي ڪهڙو به هجي، سچ ته ان جي ”خطرناڪي“ اڃان تائين اسان کي سمجهه ۾ نه ٿي اچي. عام کنگهه بخار جيان، اسين هن بيماريءَ کي به عام ئي وٺون ٿا، جڏهن ته اها خاص ڌيان گهري ٿي، ڊاڪٽرن جو، دوستن ۽ مٽن مائٽن جو...۽ انهن سڀني جو، جن کي ذرڙو به شڪ پئجي سگهي ٿو ته هيءَ خالي دستن ۽ اُلٽين جي ”ڪهاڻي“ ناهي...جسم مان پاڻياٺ جي ”کوٽ“ ٿئي پئي ٿي. اهو تمام تر ضروري آهي ته مريض اسپتال پُهچي...ڪا به ذري غير ذميواريءَ حياتيءَ جي ڏئي کي گُل ڪري سگهي ٿي...اهو به مڃجي ٿو ته ڪٿي ڪٿي اسپتالن ۾ بهرحال بروقت دوائون ناهن يا علاج نه ٿو ٿئي پر بهرحال، ڪوششن جو ”جهان“ آباد ڪرڻ گهُرجي ۽ ضرور ڪرڻ گهرجي...منٿ ڪيان ٿو، مهرباني ڪري، ڪنهن به لحاظ کان لاپرواهي يا بي احتياطي نه ڪرڻ گهرجي.

    منهنجي گهر جو ”گلاب“ هڪ شهرِ بي اَمان ۾ وڃڻ لاءِ جڏهن بس ۾ ويٺو هيو ته الاءِ ڇو رخصتيءَ جي ان گهڙيءَ ۾، هن ايئرڪنڊيشنڊ بس جي دريءَ مان، شيشي جي پار ويٺي هٿ لوڏيو هو...منهنجو اولاد هئو...ان ڳالهه کان واقف هئس ته هُو بيحد شرميلو آهي...لڄارو آهي...اک ملائي ناهي سگهندو ۽ ادب وچان وري ويجهو اچڻ جي جرئت ناهي ڪندو. سندس لڏندڙ هٿ جو عڪس الاءِ ڇو ڄڻ ”فريز“ ٿي ويو هو. الاءِ ڪيتريون ساعتون اها سوچ ذهن جڪڙيو ويٺي هئي ته هن ايئن ڇو ڪيو، پر پوءِ هڪڙو مضبوط خيال اهو به اُڀريو ته ارڙنهن سالن جو جوان پٽ آهي...جواني الاءِ ڪيترا گُرَ سيکاريندي آهي، ٿي سگهي ٿو، هن کي به نگاهه ملائڻ جو هُنر اچي ويو هجي...پنهنجي ناناڻي شهر ۾ وڃي، هن اهي ڏينهن بنهه تيزيءَ سان گذاريا، واپسيءَ جو پروگرام ٺهي ويو، پر ڪجهه برساتون هيون...ڪجهه ٻيو سبب هو. اتي ئي ترسيل شهزادي کي، رات کان وٺي ان حالت کي مُنهن ڏيڻو پئجي ويو. اوچتو کيس دست ۽ الٽيون ٿي پيا هئا. سڄي رات باٿ روم جا چڪر هڻندي هن ڪنهن سان به ڳالهه نه ڪئي هئي، پر سج اڀرڻ کان پوءِ سندس ساڻو وجود الاءِ ڪيتريون هڪايتون بيان ڪري ويو...ائين بلڪل ڪو نه هو، معزز صاحبانِ علم و نظر ته اتي ڪوبه پڙهيل لکيل نه هو...سڀئي هئا پر سندن معالج هڪ ”ڪمپائونڊر“ هيو، جنهن کي وات ٽڪاڻيءَ سان، سڀئي ”ڊاڪٽر“ سڏيندا هئا. هاڻي انهيءَ ڪمپائونڊر صاحب سان رجوع ڪيو ويو، جنهن پنهنجي دڪان جي گهٽيءَ ۾، هڪ نئين ٺهندڙ عمارت جي هڪ ڀت ۾ ڪِلي هڻي ”ڊرپ“ ڳنڍي ۽ لڳائي ڇڏي...صاحب کي قطعي اندازو نه هيو ته ”ڪيس“ ڇا جو آهي؟ ٻن ٽن ڪلاڪن ۾ ٻه ڊرپون خالي ڪيائين...لازمن، جسم ۾ ڪجهه سامت آئي هوندي پر اهو سڀ علاج نه هيو، ان عظيم ڊاڪٽر وٽان، نوجوان گهر پُهتو ته حالت اها ئي ساڳي هئي. گهر وارن کي ”ڊاڪٽر صاحب“ فرمائي ڇڏيو هو ته فڪر جي ڪا به ڳالهه ڪانهي، سڀ ٺيڪ آهي. توهان وهاڻو مٿي کان ڏئي سمُهي رهو...هوڏانهن هُن جي حالت بگڙجندي وئي...پر ڪنهن کي به ڪا به اسپتال ياد نه آئي. بس ان ڊاڪٽر جي ”ڳليءَ جا چڪر“ هيا ۽ ڊاڪٽر صاحب جا دلاسا ۽ دهمان هلندا رهيا...

    ڏينهن جو ٻارنهين وڳي ڌاري مون تائين اطلاع پُهتو هيو عزيزانِ من....عرض ڪري چڪو آهيان، بارشن جو زمانو هو...مٿان وري قدرت خدا جي، گاڏي خراب هئي ۽ پنڌ ڇهن ڪلاڪن جو هو، سو به تيز ترين رفتار سان...مون فونون کڙڪائڻ شروع ڪيون...منٿون...ميڙون...آزيون نيزاريون...”بابا...اها صورتحال ٺيڪ ناهي...جلد کان جلد اسپتال پهچو..“ جواب مليو ”ڊاڪٽر صاحب ڏسي ويو آهي...ڊاڪٽر صاحب هي چئي ويو آهي...هُو چئي ويو آهي...هاڻي نوجوان ڪجهه ٺيڪ آهي...“ هاڻي فون تي اها خبر ته نه پئجي سگهي هئي ته جنهن کي ڊاڪٽر صاحب سڏين پيا ٿا، سو مڪر ۽ فريب آهي...ڊاڪٽر ڌوڙ آهي...آخر هتان جي ايم ايس سان ڳالهايم، جنهن چيو ”ادا منٽ ڪر...دير نه ڪر...هي دوائون لکاءِ اهي ڏيارينس ۽ اسپتال پهچارائينس...“

    عذاب اهو به هو جو گهر ۾ فون ڪو نه هئي. اوڙي پاڙي ۽ دڪانن تي ڳالهائڻ ٿيو پئي، اڃا موبائيل به گهڻا عام ڪو نه ٿيا هئا. هڪ ”مهربان“ کي دوائون لکايم...منٿ ڪئي مانس ته پئسي جو فڪر نه ڪجو...بس هڪدم دوا ڏياريوس فون تي ڄڻ چپٽي وڄائيندو هجي ”هينئن ٿو وڃان دادا...بس سمجهو منٽن ۾ دوا ٿو پهچايان.“ پر پوءِ اهو پنون ئي گم ٿي ويو...لاغرضي، لاپرواهي ۽ انڌي اعتقاد، ڇهن ڪلاڪن ۾ هڪ بي انتها تندرست، خوبصورت، ڀرپور وجود کي رخصت ڪري ڇڏيو...مان هتي پنهنجي جل شانه کي حاضر ناضر ڄاڻي لکان ٿو ته جنهن گهڙيءَ اها پهرين فون مون کي ملي هئي ته الاءِ ڇو جنهن خيال پهرين ڌڪ هنيو هو، سو اهو هو ته ”اڄ هُو گذاري ويندو...“ هاڻي ٻارنهين وڳي کان وٺي چار لڳي پنجاهه منٽن تائين هن جي وفات ٿيڻ تائين هڪڙو پيءُ ڪيئن ڦٿڪيو هوندو...ان جو اندازو هر صاحبِ دل لڳائي سگهي ٿو...منٿ ميڙ ۾ ڪهڙي ليول تائين لٿو هوندس...ڪيئن نه هڪ هڪ کي ٻاڏايو هوندم، پر ڪنهن کي به اهو احساس نه ٿيو ته ڇا ٿيو آهي، يا ڇا ٿي سگهي ٿو. قصو اڃا به وڏو آهي، معزز خواتين و حضرات...پنهنجي آتم ڪٿا” اسين ڏاڍو ڪڏهن کلندا هئاسين“ ۾ مون هڪڙو پورو باب، ان المئي جي نذر ڪيو آهي...پر اڄ هتي، هن خواب نگر ۾ اهو سڀ لکڻ ان لاءِ به ضروري ٿي ويو آهي جو اها اڻ ڄاڻائي، اها لاغرضي، الاءِ ڪهڙي قيامت آڻي سگهي ٿي. اڻڄاڻائي ته کڻي درگذر ٿي سگهي ٿي، پر لاغرضي ته نسورو ظلم آهي.

    اوهان جيڪڏهن اڻڄاڻ آهيو ته اوهان لاءِ ڄاڻ اها آهي ته دستن کي ڪنهن به لحاظ کان شدت وٺڻ نه گهرجي...جي پاڻياٺ جو اخراج وڌي وڃي ته هڪدم اسپتال ڀڄجي ۽ ڊاڪٽر سان ملجي...هٿ ٻڌان ٿو ته، ”ڊاڪٽر“ سان ملجي...ڪنهن ڪمپائونڊر، ڪنهن سڌڙئي يا عطائيءَ وٽ هرگز نه وڃو...خالي گلوڪوز يا بوتلون لڳرائڻ ڪو علاج ڪونهي...ڪجهه به ٿي سگهي ٿو...اهو ذهن ۾ ضرور رکو...

    جولاءِ جي اڻٽيهينءَ تي، هُو رخصت ٿيو هو...الاءِ ڇو گرمين جي موسم ۾ جڏهن گيسٽرو زور وٺندو آهي ۽ حياتيون رخصت ٿينديون آهن ته منهنجي دل پنهنجو وڇايل تڏو ياد ڪندي آهي. خالي دل جي خالي ڪُنڊن ۾، قدرت سان ڪا به شڪايت ناهي، ڇاڪاڻ ته اجل ته برحق آهي. پر الاءِ ڪيترا سوال، سلوڪن جي نسبت سان تنگ ڪندا آهن، ڄاڻ جي اهميت کي وراڪا ڏيندا آهن...جي علاج جي اهميت نه هجي ته هر ڪو بيمار، هڪدم ”هنڌ بسترو“ ٻڌي وٺي. ڌڻيءَ جو ئي حڪم آهي ته هر مرض لاءِ شفا آهي...ڪوشش ته بهرحال ڪرڻي ئي آهي ۽ صحيح ڪرڻي آهي. گلاب کي قدرت شايد ان ڪري به ڳاڙهو خليقو آهي ته اسين جن جي سار ۾ رت روئيندا رهندا آهيون، اها سار به ڳاڙهي هوندي آهي. جڏهن به هوائن ۾ اسد امانت علي خان مرحوم جو آواز صدا هڻندو آهي ته، ”ڦلان دي رنگ ڪالي...سرخ گلابان دي موسم وچ...ڦلان دي رنگ ڪالي..“ ته بي مهر سماعتن ۾ اها ڳاڙهاڻ ڪاراٽجي ويندي آهي. انڌن اعتبارن، سُستين، ڪاهلين ۽ ”هاڻي ٿا ڪيون...اجهو منٽ ٿا ڪيون...فٽافٽ ٿا ڪيون ۽ سڀ ٺيڪ آهي...“ جا جملا ڊم ٿيندا رهندا آهن.

    مان اوهان جي محبتن جي ازل کان شڪر گذار آهيان...پر چوندا آهن ته جيڪا جاءِ سڙندي آهي، اتي ئي ”سيڪ“ به گهڻو هوندو آهي. اوهان پڙهيل لکيل آهيو، يا اوهان کي هي سٽون ڪير پڙهي پيو ٻڌائي...عرض رڳو اهو ڪرڻو آهي ته جنهن مهل به ڏسو ٿا ته مريض جي جسم مان پاڻياٺ تيزيءَ سان نڪري پئي ته هڪدم اسپتال کان گهٽ، ڪنهن به جاءِ تي نه وڃو...”پوءِ ٿا کڻايون...ٿورو ٺيڪ ٿي ويو آهي...ڀلي آرام ڪري وٺي...“ جهڙا جملا نه گهڙيو...ها...اصلي ڊاڪٽر اجازت ڏئي ته پوءِ ٺيڪ آهي، پوءِ ڀلي مريض گهر ۾ هجي ۽ اهو به نه وسارجو ته پاڻياٺ جي اخراج جي خبر چمڙيءَ جي ڇڪڻ سان به ٿيندي آهي، هٿ جي پٺ تي کل ڇڪي چپٽيءَ سان ڇڏي ڏيو، جيڪڏهن کل هڪدم واپس وڃي ته معنيٰ پاڻياٺ خطري جي حد کان ٻاهر ناهي نڪتي ۽ جيڪڏهن اها کل ”آهستي آهستي...“ واپس مڙي ته معنيٰ حالت ٺيڪ نه آهي. ايمرجنسي شروع ٿي چُڪي آهي.

    مولاءِ ڪل جل شانه اوهان جا ويڙها آباد رکي...اوهان آسودا هجو...گلاب رُت ۾، گلاب جي سونهن ڏسي مرڪندا رهو...ڌڻي توهان کي مرڪون بخشي...ڳاڙهن گلابن جي وچ ۾، ڪاراٽيل رنگ، سڄيءَ حياتيءَ کي ڪاراٽي ڇڏي ٿو...سڄو ويڙهو ويران ڪري ڇڏي ٿو ۽ ان جو سبب اسان مان ڪير هجي ته اندر ۾ به اوندهه ته ٿيندي آهي، پوءِ ٻاهران کڻي ڪيترا به اڇا اجرا ۽ ڳاڙها ڳٽول ڇو نه هجون. گلاب ته اسان جي اندر جو به سڙي ڪاراٽجي ئي ويندو آهي.

    mehmoodmughal@hotmail.com
     
  18. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم محمود مغل جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    گم ٿيندڙ مهربانيون



    آچر 10 جون 2007ع

    زمانو الائي ڪٿي وڃي پُهتو آهي.

    حڪايتِ دل، عذاب جان بڻجندي ٿي وڃي...اسان جي ثقافت، تهذيب، سوچ، همدردي، لوڇ ۽ ٻيا واڌو رنگ هاڻي ڌنڌلا ٿي رهيا آهن. زندگيءَ جي حقيقتن تي ٺهيل”ڪاشيءَ“ کي وقت جي”اُسَ“ جهيڻو ڪري ڇڏيو آهي، مٿان وري اسان جي سلوڪن ان ۾ ڏار وجهي ڇڏيا آهن. جهاز ”جهونا“ ٿي ويا آهن. صاحبانِ علم وحڪمت....هاڻي خلوص، قرب، محبت ۽ سچائيءَ جي”سُٽن“ کي برداشت نٿا ڪري سگهن. الاءِ ڇا ڇا ڏٺو آهي معزز خواتين و حضرات ۽ الاءِ ڇا ڇا رهندڙ وقت ۾، بچيل ساعتن ۾ ڏسڻو آهي. رب مٺي جل شانه کي عرض آهي ته پنهنجو ڪرم ڪري...شل”سهندا بار“ ڏئي،”آمين.“

    ”منهنجو دوست هو گهاٽو...ادا محمود... بلڪل ڄڻ پڳ مٽ هُجي..“ ڏکيل دل ۽ آلين اکين سان، ملاقات جو شرف بخشيندڙ هڪ مهربان ڪٿا ٻڌائي پئي. ”سڄي عمر گڏ رهياسين ۽ سڄي عمر ئي اهو زعم هيو ته اسين هڪ ٻئي کي سمجهون ٿا...کاڌي پيتي....ڪپڙي لٽي، گڏ رهياسين...گذريل مهيني هڪڙو عجيب واقعو ٿيو، جنهن ڄڻ منهنجا ”ڪپاٽ“ ئي کولي ڇڏيا. سڀ ڪجهه الائي ڪاڏي هليو ويو، سستي خوشبوءَ جيان، هوائن ۾ ٿوري دير لاءِ به جٽاءُ نه ڪري سگهيو...“

    پنهنجي هن معزز ”ملاقاتيءَ“ جي ڳالهه مون غور سان پئي ڪنائي. حياتي اوهان کي سماعتن جي دولت ڏئي ۽ ٻڌڻ جو حوصلو...ته لک شڪر ڪجن...اهي قصا، اهي حياتيءَ جا واقعا دراصل اکين کي کولڻ لاءِ ڪنهن جهٽڪي جو ڪم ڏيندا آهن، پر اهم ڳالهه اها به هوندي آهي ته اهو جهٽڪو محسوس به ته ٿي سگهي نه...بي احساس وجود تي ڪو به اثر نه ٿئي ته ننڊ وڌيڪ گهري ٿي ويندي آهي...ناڪامي سامهون اچي ته به ڪوششون جاري رکجن، عزيزانِ من... من ڪٿي، ڪنهن پٿر ۾ ڪو”پور“ ٺهي پوي...من ڪنهن هڪڙي کي ئي دل سان لڳي پوي. ”سو ڀاءُ...سڀ ڪجهه ٺيڪ پئي هليو، جو اڳئين مهيني مون واري دوست جو پرس ڪٿي ڪِري پيو...“ مهربان ڳالهه جاري رکي...ڌيان جا سڀ دروازا مون هن تي کولي ڇڏيا... ”پرس ۾ ڄڻ سڄو جهان هو...ڪريڊٽ ڪارڊ، شناختي ڪارڊ، ڊرائيونگ لائسنس، اي ٽي ايم ڪارڊ، مطلب ڀري ٻڌل هئي ۽ تقريبن اٺٽيهه هزار ۽ ڪجهه سئو روپين جي ڪيش به هئي...هاڻي پرس گم ٿيو ته مون واري يار کي ڪيش جو ايترو فڪر نه هيو، جيترو ڪارڊن جو هيو. ڳولي ڳولي ٿڪو، پر ڪٿي به ڪو به آسرو نه رهيس ته پاڻ رپورٽ لکائڻ لاءِ نڪتو. ان مهل ئي سندس گهر جي نمبر تي هڪ فون آئي. فون ڪندڙ ساڻس ڳالهائيندي، سندس نالي جي پڪ ڪئي ۽ پوءِ ٻڌايائينس ته کيس، رستي تان هلندي اهو پرس مليو هيو ۽ ان مان نڪتل ڪارڊ جي مليل نمبر تي هن فون ڪئي آهي. هاڻي رڳو اهو ٻڌايو وڃي ته هو ڪٿي ملي سگهي ٿو ته جيئن امانت پهچائي سگهجي. مون واري دوست کيس پنهنجي ايڊريس سمجهائي ۽ تقريبن اڌ ڪلاڪ کان پوءِ رڪشا ۾ اهو نوجوان اچي پهتو، سادو سودو... بظاهر سفيد پوش... اچڻ ساڻ هن ”صاحبِ پرس“ کي غور سان ڏٺو ۽ اندر ئي اندر ۾ ڄڻ پڪ ڪئي ته اهو ساڳيو ڪارڊ وارو چهرو آهي. ان کان پوءِ پرس ڏئي چيائين، ”سائين...کولي ڏسو...پڪ ڪيو ته سڀ ٺيڪ آهي..؟“ پرس جي مالڪ، جانچيو ته سڀ ٺيڪ هو...ڪيش به پوري هئي. هن آيل جا ٿينڪس مڃيا، پر هن ڳالهه ڪٽي ڇڏي:”انهن مان ستر رپيا کٽل ٿوَ سائين...اهي مون کنيا هئا... توهان کي هڪ ڪال پي سي او تان ڪيم... پنج رپيا ان ۾ لڳا ۽ پنجهٺ روپيا رڪشا واري ورتا آهن.“ ملڪيت جي صاحب جي اک نه ٻڏي...چيائين”ٺيڪ آهي“ اتي پرس کڻي ايندڙ نوجوان چيو ”سائين مون کي ڪجهه مهلت ڏجو...مان اوهان کي اهي ستر روپيا، هتي ئي موٽائي ڏيندس.“ اهو چئي هن اجازت ورتي ۽ روانو ٿي ويو.

    اها سڄي ڳالهه جڏهن منهنجي دوست مون سان ڪئي نه محمود صاحب....ته منهنجي هانءَ کي ڌڪ لڳي ويو. چيومانس، ”ان آيل نوجوان کان سندس ڏس پتو ورتئي؟“ چيائين، ”ان جي ضرورت ڪهڙي هئي؟ پرس آڻي ڏنائين...سڀ ڪجهه ٺيڪ هيو، وڌيڪ ڊيگهه ويڪر جي ڪهڙي ضرورت هئي؟“ چيومانس ”الله جا بنده... اهڙو نسل هاڻي رهيو ڪٿي آهي؟ ان جهڙي ماڻهوءَ سان ته تون دوستي ڪرين ها... کيس گهر ڇڏي اچين ها، ڪو انعام، ڪجهه ٻيو“...ته اتي منهنجي دوست ڳالهه ڪٽيندي چيو ”هن کي انعام ڏئي، مون سندس جذبي جي توهين نه پئي ڪرڻ گهري.“ ڳالهه ۾ وزن هو...مان چُپ ٿي ويس ۽ پنهنجي دوست کان الڳ ٿيڻ کان پوءِ، الاءِ ڪيترا ڏينهن مان ساندهه اها ڳالهه سوچيندو رهيس. گودڙيءَ ۾ لڪل لعل بابت سدائين ٻڌل هو. مون کي لڳو اهو سفيد پوش اهڙو ئي ڪو هيرو هو. جي وري ملي پوي ته ڪمال ٿي وڃي. پنهنجي دوست سان اها ڳالهه به ڪيم، جيڪا هن”هُون...هان“ ۾ ٽاري ڇڏي. دل ۾ آيم ته چوانس ته اهي ستر روپيا به ته هن تنهنجي ڪم ڪارڻ خرچ ڪيا هئا. اهي موٽائي ڏيڻ لاءِ وري اچي ته کيس روڪي وٺجانءِ... پر ان کان اڳ ئي کل کل ۾ هن منهنجو مذاق اڏايو ته”هاڻي ٿو هو اچي. اچي ڪندو به ڇا...؟ پئسا خرچ ٿيا هيا، منهنجي ڪم سان...سو هو به ڄاڻي ٿو...مان به ڄاڻان ٿو...“

    سڀ ڪجهه ٺيڪ هيو مغل صاحب، جو گذريل هفتي اوچتو منهنجي دوست اها ڳالهه ڪئي ته اهو نوجوان ارڙنهن ڏينهن کان پوءِ اوچتو وري اچي نڪتو هو ۽ ستر روپيا کڻي آيو هو.

    ”پوءِ تو ڇا ڪيو؟“. مون پڇيو مانس.

    ”ڇا وري ڇا ڪندس....وٺي رکيامانس...آخر ڏيڻ جو آيو هو، ايترو پنڌ ڪيو هئائين...“

    ”۽ تو هن کان وري به پار پتا نه ورتا...؟“

    ”اڙي ڀا....ڇا ڪرڻو هو پار پتا وٺي، ڪهڙو هن کي ميوزيم ۾ رکڻو هو. بس آيو...مليو ۽ روانو ٿي ويو. اهڙن ماڻهن سان وڌيڪ گهرائپ رکڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي..؟“

    ۽ اتي ڄڻ مان اڀامي پيس، محمود صاحب....چئي ڏنومانس...مون زندگيءَ ۾ بيحد ڪِريل انسان ڏٺا آهن، پر تنهنجو ته ڪو جواب ئي ڪونهي. تنهنجن لکن جي ماليت جو پرس موٽائيندڙ اهو ايماندار نوجوان، ارڙنهن ڏينهن رڳو ان ڪري ڪو نه آيو هيو صاحب... جو هن وٽ اهي ستر روپيا جيڪي به هن تنهنجي لاءِ خرچ ڪيا هئا، گڏ ڪو نه ٿي سگهندا هوندا. جڏهن گڏ ٿيا، ته هليو آيو. ستر روپئي وارو ايماندار امانت دار ڪروڙ پتي خيانت دار کي آئينو ڏيکاري ويو آهي ۽ اهو آئينو ٻڌائي ٿو ته هاڻي پاڻ گڏ نٿا هلي سگهون....پاڻ دوست نه رهنداسين هاڻي....رستا الڳ ٿي ويا آهن..“

    مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي محمود صاحب... ته هن سچ کي مان ڪهڙي خاني ۾ فٽ ڪيان...انسانيت جي تذليل، روين جي اها سردي، سوچ جي اها ڪريل ڪُنڊ اسان کي ڪيڏانهن کڻي ويندي...ايمان جي دولت سان اهڙن وجودن کي جيڪڏهن اسين ڀاڪر نه ٿا پائي سگهون ته گهٽ ۾ گهٽ هنن سان هٿ ته ملايون. اسان ته ڪنهن جي ايمانداري به پنهنجي ماتحتي سمجهون ٿا...پنهنجو حق سمجهون ٿا انهيءَ تي. هي اسين ڪيڏانهن پيا وڃون سائين....؟“

    جيڪو قصو هن کنيو هو، سو”من و عن“، جيئن جو تيئن اوهان جي خدمت ۾ پيش آهي، معزز خواتين و حضرات....اهو سڀ ڪجهه ٻُڌڻ کان پوءِ، الاءِ ڪيتري دير، مون کي به سمجهه ۾ نه پيو اچي ته ٿئي ڇا پيو... ۽ ڇو پيو ٿئي...سوال سمجهه ۾ نه اچي ته جواب خاڪ عرض رکجي...؟ مهينو کن اڳ ۾ ايئن مون سان به ٿيو هو. ميرپورخاص ويندي اسين سڀ گهر وارا هڪ ”ڍاٻي“ تي نيرن ڪرڻ لاءِ ترسيا هئاسين. فاطمه وٽ پرس هيو، جيڪو هن کٽ جي پائي ۾ ٽنگي ڇڏيو هو. اڌ ڪلاڪ کن ترسڻ کان پوءِ اتان روانه ٿي نڪري آياسين. تقريبن ڏهن منٽن جي ڊرائيوِ کان پوءِ اوچتو احساس ٿيو ته پرس ته آهي ئي ڪو نه. هڪدم خيال جا گهوڙا ڊوڙيا ۽ ياد آيو ته اهو ته اتي ئي رهجي ويو. هاڻي هوٽلون تقريبن سڀ هڪجهڙيون... پر بهرحال موٽياسين. مال ملڪيت کڻي گهڻو ڪو نه هو، پر بهرحال پرس ۾، ڪجهه روڪ رقم هئي، ڪاغذ هئا، ڪارڊ هئا... هاڻي سڄو رستو واپس موٽي چيڪ ڪرڻ لڳاسين. ان مهل اوچتو نگاهه پئي جو روڊ تي هڪڙو همراهه هر هر اشارا پيو ڪري. غور ڪيوسين ته پنهنجي هوٽل کان ٿورو ٻاهر بيٺل، هُو ساڳيو بورچي هيو، جنهن اسان لاءِ نيرن ٺاهي هئي. اسان کي ايندو ڏٺائين ته سيني سان لاتل پرس اڳيان وڌايائين.

    ”پڪ هئم ته خيرن سان موٽندئو... انتظار پئي ڪيم. اوهان پرس ڏسي وٺو، سڀ سامان چيڪ ڪيو.“

    فاطمه چيڪ ڪرڻ نه گهريو، پر بورچيءَ زور رکيو:”ڏسي وٺو ادي...امانت باسلامت آهي يا ڪجهه کُٽو آهي.؟“

    سندس زور تي، پرس جي زِپ ۾ هٿ وڌو ويو ته مون ڪساري لهجي ۾ چيو”ڀلي ڪجهه به چوي، ايئن نه ڪجانءِ، پرس چيڪ نه ڪر... جيڪو ماڻهو پرائي شئي کي سيني سان لائي، سندس حفاظت ڪري سگهي ٿو، سو ئي امانت سنڀالڻ جو هنر ڄاڻندو هوندو. هن جي بي عزتي نه ڪجانءِ...ڇاڪاڻ ته اها پنهنجي بي عزتي ٿيندي. ڪجهه کٽل نه هوندو، اها پڪ آهي...چيڪ ڪرڻ سان اسان کٽي پونداسين.“

    ڀاڪر پائي موڪلايومانس ته لڳو، الاءِ ڪيتري عرصي کان پوءِ ڪنهن”وڏي ماڻهوءَ“ سان مليو آهيان...حياتي رهي ته اهو وڙ ڪڏهن به نه وساربو. عزيزانِ من... ڪو وڏو ماڻهو مان به ڪو نه آهيان...۽ ننڍو ماڻهو ته اهو به نه هو، جنهن جو قصو ابتدا ۾ بيان ٿيل آهي. وڏو ننڍو...ان سلوڪ جو رنگ آهي، جيڪو زندگيءَ جي ڪاشيءَ تي چٽيل آهي ۽ جنهن کي وقت جي اُس جهيڻو ڪري ڇڏيو آهي. اچو، پاڻ سان ملون ٿا...۽ انهن رنگن بابت ڪجهه سوچيون ٿا. ڇا ٿي ويو آهي هاڻي اهو سڀ...؟ مهر و عنايت مشڪوڪ لڳن ٿا... ڪير جي پنهنجي فرض جي ادائگي ڪري ٿو ته ان کي”لازمي“ سمجهيو ٿو وڃي ۽ ٽڪي جي ”شُڪر ادائي“ به اسان کان نٿي ٿئي. اتي وري جي اهو فرض اسان جي مٿان آهي ته اسان ان کي ڪيترو ادا ڪيون ٿا؟ سرڪاري، دفتري صاحبن جا فرض ته پنهنجيءَ جاءِ تي...اهي ته ادا ڪرڻا ئي پون ٿا، پوءِ کڻي کلي ڪيون يا روئي... پر پنهنجي”اندر“ جا هي فرض جيڪي صرف ۽ صرف پنهنجي مٺڙي رب جي رضا ۽ سندس حڪمن پٽاندر ادا ڪيا وڃن ٿا، ڇا ٿورو به مانُ نٿا لهڻن...؟ ڀلا جي اهو پرس نه ملي ها ته...؟ ڀلا جي فاطمه جي پرس لاءِ هُو باورچي اتاولو نه ٿئي ها ته...؟ جواب ڏاڍو سادو آهي: پريشاني، پريشاني ۽ صرف پريشاني مقدر بڻجي ها... هلو ڀلا، ٻين سڀني ڳالهين کي ڇڏيون ٿا، رڳو ان پريشاني ڏور ڪرڻ جا به ”ٿينڪس“ نٿا ٿي سگهن؟ ڇا اهڙو مهربان به اسان کي ميوزيم ۾ ويهارڻ جهڙو ٿو لڳي...؟ تيزيءَ سان گذرندڙ ”سمئي“ ۾ اسين به تيز تر ٿي ويا آهيون، سائين...۽ ايڏي تيزي به چڱي ڪانهي. اهو لازم ناهي ته ڪو ماڻهو ”ڳاڙها غاليچا“ وڇائي استقبال ڪندو رهي، پر ايترو لازم ضرور آهي ته اهڙي مهربان جو آڌر دل ۾ هُجي... زبان ادا ڪري ۽ جسم محسوس ڪري. جي اهو هنر اسان ايئن وڃائي ڇڏيو نه خواتين و حضرات....ته آئندي شيون گم ٿينديون رهنديون، پر پوءِ شايد انهن جي موٽ جو تناسب اڃا به گهٽجي ويندو. اسان جو اهو سلوڪ مهربانين جي مَهر گم ڪري ڇڏيندو سائين....۽ ٿورو سوچيون ٿا ته بنان مهربانين جي اسان وٽ پنهنجي حساب ڪتاب موجب باقي ڇا وڃي بچندو؟!

    mehmoodmughal@hotmail.com
     
  19. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم محمود مغل جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    ڪجهه دقيانوسي ڳالهيون!



    آچر 17 جون 2007ع

    انبن جي موسم ۾ گهرن جا ڪشادا اڱڻ ڏاڍا ياد ايندا آهن. ڳالهه ڪا گهڻي پراڻي ڪانهي صاحبانِ زمانه...اهو ئي ڪوئي ”ٽيهارو“ سال کن اڳ جڏهن ريفريجريٽرز جو اگهه چوٽ چڙهيل هوندو هيو، جڏهن ڪار، ايئر ڪنڊيشنر ۽ ٽي وي ”عيش“ جي زمري ۾ ايندا هئا...۽ ”ضرورت“ ۾ نه مٽيا هئا...۽ جڏهن اڃان موٽر سائيڪل به ”ٺيڪ ٺاڪ“ سواري ليکبي هئي، تڏهن گهرن ۾ شام ساڻ ئي منظر عجيب ٿي ويندا هئا. سِرن واري فرش تي لهندڙ سج جي موڪلائيندڙ تپش کي، پاڻيءَ جي ڇنڪار سان رخصت ڪيو ويندو هو. کٽن کي اڱڻ ۾ ڀتين واري پاسي لڳائي، سڄو فرش ذري گهٽ ”ڌوتو“ ويندو هو. عجيب خوشبو در و ديوار کي ڀاڪرن ۾ ڀريندي هئي. هوائون آهستي آهستي ٿڌيون ٿيڻ شروع ٿينديون هيون، پوءِ کٽون سڌيون ٿينديون هيون ۽ گهڙا منجيءَ تي رکيل ”دلن ۽ مٽن“ مان ٿڌو پاڻي، مٽيءَ جي ”پاٽن“ ۾ اوتيو ويندو هو ۽ پوءِ ان ۾ انب ”پُسڻ“ لاءِ وڌا ويندا هئا. شام ۾ عجيب خنڪي اچي ويندي هئي. زمين جي خوشبوءِ سوادي ميوي سان ملي ماحول مهڪائيندي رهندي هئي...۽ مٿان وري سج لٿي کان پوءِ ديڳڙيءَ ۾ ”ڀت“ لاءِ چاڙهيل چانورن جي مهڪ، ماحول ۾ اضافي ڪردار ادا ڪندي هئي. سنڌ جي گهڻي ڀاڱي گهرن ۾ رات جي ماني ”انب چانور“ يا ”کير ڀت“ هوندي هئي. عجيب سواد هوندو هيو عزيزان من....موسمون مرڪنديون محسوس ٿينديون هيون. ڪا گهڻي مهانگائي ڪو نه هوندي هئي، نه ڪي انب چاليهين رپئي ڪلو تائين پهتا هئا ۽ نه ئي ڪو چانورن جو ملهه ايترو ٿيو هيو، جيڪو اڄ آهي.

    انهن ڏينهن ۾، صاحبانِ علم و حڪمت، جيڪا ڳالهه نوخيز وجودن کي تنگ ڪندي هئي سا هڪ ته اها غذا هوندي هئي، جنهن جو ذڪر، مٿي ڪري چڪا آهيون ۽ ٻيو اهو زمانو هوندو هو، جنهن لاءِ اسين سڀ منتظر هوندا هئاسين، يعني گرمين جي موڪلن گذرڻ کان پوءِ اسڪولن جو وري کلڻ ۽ خاص طور تي اسڪول جو پهريون ڏينهن، جڏهن ڪڙڪ خاڪي پتلون ۽ اڇي شرٽ سان گڏ نئون ٿيلهو، نوان ڪتاب ۽ نئون بوٽ ملندا هئا...بلڪه ”زيرِ استعمال“ ايندا هئا. اهو ڏينهن ذري گهٽ عيد جي ڏينهن جيان لڳندو هو، ڇاڪاڻ ته هڪ جيڏن ۽ هم جماعتين ۾ نئين نڪور شئي جو پنهنجو ”امپريشن“ هوندو هيو. زمانو الاءِ ڇو ”بي فڪرو“ گهڻو هوندو هيو، ڇاڪاڻ ته ”ٻئي جي ڳڻتي“ ۽ حسد اڃا پر کوڙي نه سگهيو هو. جيڪڏهن ڪنهن وٽ ڪار هئي ته پاڻ وٽ ”نه هجڻ“ جو ڏک ڪو نه پاليو ويندو هو. جيڪڏهن ڪنهن گهر ۾ ٽي وي هوندي هئي ته پاڙي وارا به واري وٽيءَ سان اچي ڏسي ويندا هئا، بلڪه ڪيترا ڊرامه ۽ پروگرام ته سڀني جا گڏجي ڏسڻ لاءِ رٿيل هوندا هئا. اڃان ترقيءَ جا خواب گهڻا گهرا ڪو نه ٿيا هئا. هڪ ٻئي جي ڏک سک جي خبر هوندي هئي. اهو به ميل ملاقات جو هڪ ذريعو هيو. اوڙي پاڙي ۾ عجيب قرار هوندو هيو. انبن جي خوشبوءِ، ڪنهن نئين شيءِ جو ”ساءُ“ هڪ گهر تائين محدود نه رهندو هو، خوب ٽڙندو پکڙجندو هو.

    ۽ اهي ئي زمانه هئا، جڏهن سفر تي نڪرندڙ وجودن لاءِ گهرن ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ چلهيون ٻرنديون هيون. ٽفن باڪسز ڀريا ويندا هئا ۽ مانيءَ جون ڄڻ ڀريون ٻڌبيون هيون. تنهن سان گڏ مٽيءَ جي ٺهيل ”گهُگهي“ يعني صُراحيءَ جي شرڪت لازم تصور ڪئي ويندي هئي. ريل جي هر سيٽ هيٺان، جيڪا ڪنهن خاندان والاري هجي، اوهان کي اها گُهگهي ضرور ملندي هئي. مناسب ٿڌي ۽ مٺي پاڻيءَ مان پنهنجو توڙي پرايو خوب فيضياب ٿيندو هو. هي اهو زمانو هو، جڏهن چئن مسافرن جي سيٽ تي جيڪڏهن ڪا اڪيلي خاتون ويهندي هئي ته ٻيون ٽئي سيٽون خالي پيون هونديون هيون، سفر ڪيترو به طويل ڇو نه هجي، سڀ بيهي طئه ڪندا هئا. ڪراڙيون، امڙيون، حڪم ڪنديون هيون ته به لڄ هم رڪاب هوندي هئي. زماني اڃان شلپا شيٽي ۽ ملڪه شراوت ڪو نه ڏٺي هئي.

    هاڻي اتي هڪڙي ڏکيائي اها به ٿيندي هئي جو بزرگ خواتين اڇي رنگ جو مڪمل برقعو استعمال ڪنديون هيون، جنهن جي ٽوپيءَ ۾ رڳو اکين جي جاءِ تي ڄاري لڳل هوندي هئي. دورِ جديد ان کي ”شٽل ڪاڪ“ جو نالو ڏنو آهي. پر بهرحال پنهنجي زماني ۾ اهو حياءُ ۽ شرم جو مڪمل عڪاس هوندو هيو. وزن ۾ ڏاڍو ڳرو هوندو هيو. خواتين ته کڻي استعمال ڪنديون هيون، پر وڏو عذاب انهن سان هوندو هيو، جيڪي گڏ سفر ڪندا هئا. اسان جهڙا ”ٽيڊي“ نوجوان مڙئي پيا ڀاڄ کي گهليندا هئاسين. ياد اچي ٿو ته قبله والده صاحبه، سدائين اهو اڇو برقعو استعمال ڪيو ۽ مون کي سدائين ”توائي“ چڙهندي هئي. يار دوست خوب کلندا هئا. اوڙي پاڙي ۾ امان کي ڇڏڻ يا وٺڻ مهل يا گڏ هلڻ مهل ڪنڌ ۾ ڄڻ ڪلي لڳي ويندي هئي. اوسي پاسي نهارڻ گناهه لڳندو هو. رڳو دل ۾ دعا اها هوندي هئي ته ”مولا منزل پوري ٿئي ۽ ڪو ڏسي نه وٺي.“ سمئي جي اها ئي ڌارا هئي عزيزان من...جو راتين جو اڱڻن ۾ کٽن جا هجوم هوندا هئا. کليءَ جڳهه تي سمهندي نه لائيٽ جو فڪر هوندو هيو ۽ نه وري گرميءَ جي ڪا ڳڻتي...”اي سين“ تي هريل نه هئاسين، ماڻهن جي انبوهه ۾ ڪچهري به ڇڪي ٿيندي هئي. وڏي ڳالهه ته قدرت جا سڀ آواز ڪنائبا هئا. صبح ساڻ پکي پکڻ جو ٻولڻ، ڪڪڙ جي ٻانگ، اُس جو ترورو، سڀ نصيب ٿيندا هئا. دل کڻي ماڪ ڀنل رلي لاهڻ لاءِ نه چوي، پر وقت جي سونهن ڪمال هوندي هئي.

    صاحبانِ فڪر و نظر ان سڄي زماني ۾، اسان کي وري ”خاص الخاص“ حڪم اهو به هوندو هو ته ڪتاب ڪاپيون خراب نه ڪيا وڃن، ڇاڪاڻ ته اهي ”اڳيان“ ڪم ايندا. هاڻي عجيب مونجهه ورائيندي هئي ”ڀلا اها به ڪا حياتي آهي...رڳو فيئر ڪم ڪجي. هر شئي صاف سٿري ۽ بهتر هجي. هر درجي ۾ گذارڻو آهي هڪڙو سال...پوءِ اڳيان انهن جو ڪهڙو ڪم؟“ پر پوءِ وقت پاڻ ئي ڏسيو ته ڪيئن اهي ڪتاب، درجي پاس ڪرڻ کان پوءِ بهترين نموني سان پيڪ ڪري، ڪنهن اهڙي گهر موڪليا ويندا هئا، جنهن جو ڪو ٻار ان ڪلاس ۾ آيو هجي. خاص طور تي معاشي حوالي سان ڪمزور ۽ سفيد پوش وجودن جي گهرن جي سوچ ڪئي ويندي هئي. هاڻي اها هڪ لحاظ کان مدد جي ”صورت“ هئي. ڪتاب کڻي گهڻا مهانگا ڪو نه هئا، پر بهرحال هوندا ته هئا نه ۽ جيڪڏهن هڪ ئي گهر ۾ ٽي ٽي چار چار ٻار پڙهندا هجن ته انهن جي ڊريسن، بوٽن ۽ ڪتابن جو خرچ ”اگهه پار“ پڇندو هو. اها مدد ڪمال درجو رکندي هئي.

    پر پوءِ زماني کي ”پَرَ“ لڳي ويا. عيش ضرورت بڻجي ويو ۽ ضرورت وري دامن جهلڻ شروع ڪيو. هر گهر ۾ جي ڪار ناهي ته ليزنگ لاءِ سوچ ضرور آهي. جيڪڏهن اها سوچ ناهي ته بهرحال موٽر سائيڪل ته آهي ئي آهي. پنڌ ڪير هلي؟ ”شٽل ڪاڪ“ هاڻي سنڌالاجيءَ جي وزيٽرس گيلريءَ ۾ نظر اچي ٿو. پاڻيءَ جي گُهگهين جي جاءِ تي خيرن سان ”واٽر ڪولر“ اچي ويو آهي. برف سان ”ٺنڊو ٺار“ پاڻي اڃ ماري ٿو، لاهي نه ٿو ۽ نه ئي سواد ڏئي ٿو. اڱڻ آهن ڪو نه، تنهن ڪري آرام ”بيڊ رومز“ ۾ نصيب ٿئي ٿو. ڪڪڙ جي ٻانگ ٻڌي سال ٿي ويا آهن ۽ سائين ٻڌون به ڀلاڇو؟ ”ٽائيمرز“ ڪهڙي ڪم ايندا. خالي سئو رپين ۾هڪڙو بهترين گهڙيال ملي ٿو...ڪير ٻانگون ٻڌندو وتي. دقيانوسيت جي به حد ٿيندي آهي.

    ...۽ ها...فرج خير سان انبن سان ڀريل آهي، در کول ته سڄو ڪچن خوشبوءِ سان واسجي ٿو وڃي. انب ڪٽ ته ڪمال ٿڌاڻ آهي. ٻيو ڇا گهرجي سائين...خاڪ آهي اڱڻ ۽ خاڪ ٿي ويون اهي پاٽيون...ڪير ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويٺو پُسائي رکي ۽ انتظار ڪندو رهي. مٿان وري اهو چلڊ (Chilled) به نه هوندو. هلو ڀلا جيڪڏهن اها روايت کڻي جاري به رکون ته ان لاءِ اڱڻ ڪٿان آڻيون؟ ۽ ها سفر ۾ وري اها ڀري ٻڌي کاڌي کڻڻ جي ڪهڙي بيوقوفي آهي، پاڻ ٿا هلون يا سڄو جڳ جهان ٿو هلي؟ ڪٿي به ڪجهه به وٺي کائي وٺبو..ڊائننگ ڪار ناهي ڇا...يا هوٽلون بند ٿي ويون آهن؟ اجايا پراڻا ”ٽڪساٽ“ ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟

    اڄڪلهه لائيٽ آزاريو آهي. جتي ڪٿي گم ٿئي ٿي. هاڻي ايئرڪنڊيشنڊ ماحول ۽ سمهڻ وارن جا ٻار ته رڙندا نه...خبر پئي ته ڪٿي عزيزن ۾ ايئن ڪو جهان ٺهيو، رات جو دير ٿي وئي، جنريٽر جو پٽرول کٽي پيو ۽ مُئي جنريٽر تي هلي به ته خالي پکو پيو. سو صاحبِ ثروت، پنهنجي گهر واري ۽ ٻن ٻارن کي وٺي، پنهنجي ڪار ۾ انجڻ آن ڪري، اي سي هلائي سڄي رات آرام ڪيو. آخر اهي شيون ڪهڙي ڪم اينديون؟ پيٽرول جو خرچ ٿيو ته خير آهي...سرڪاري آهي. لاگ بڪ تي ڪراچيءَ جي ”اوٽ موٽ“ درج ٿي ويندي.

    اسان جهڙا مجهول ۽ دقيانوسي ماڻهو اهڙيون ڳالهيون ڪندا رهندا آهن، معزز خواتين و حضرات...انهن جون سڀ ڳالهيون هڪ ڪن مان ٻڌي ٻئي ڪن مان ڪڍڻ جهڙيون هونديون آهن، پر هڪ لمحي لاءِ رڳو ڌيان ڏيو ۽ هڪڙو ڪن بند ڪري ٻڌو...زماني ترقي ڪئي آهي، قبله...اهي سڀ شيون ختم ٿيون، پر اڃا تائين اهو ڪتابن وارو معاملو ساڳيو پيو ٿو هلي سرڪار....ڪتاب ته بلڪه اڃان به مهانگا ٿي ويا آهن. ڇا ايئن ٿي سگهي ٿو ته اوهان وٽ ڪتاب سٺي حالت ۾ هجن...هلو ڀلا جي ٿورا گهڻا اُجڙيل آهن ته به هلي ويندا...ڇا ٿوري ڪوشش ڪري، اهي ڪنهن اهڙي جاءِ تي نٿا پهچائي سگهجن، جتي اهي وڌيڪ ڪم اچي سگهن؟ ڇا ڏئي مان ڏيئو نه ٿو ٻاري سگهجي؟ ڇا جوت جرڪائڻ اسان کان وسري ويو آهي؟

    ماضيءَ کي ياد رکبو آهي، ان ۾ موٽبو ناهي. پر جي اوهان اڱڻن ۽ ”پُسيل انبن“ ڀت ۽ آلي فرش جي خوشبوءِ محسوس ڪرڻ گهرو...جيڪڏهن چاهيو ته اها خبر پئي ته ان گُهگهيءَ ۽ پاڻيءَ جو ذائقو ڇا هوندو هو...۽ رات جو ستارن جي ساٿ ۾ قرار ڪيئن ملندو هو...ته اهو ڪم هڪدم ڪيو...هن سال جا استعمال ٿيل ڪتاب ڪنهن ضرورتمند وجود تائين پهچايو. صرف هڪ دقيانوسي ڳالهه ٿوري ٻڌي ڏسو...ڏسو، ڪهڙا نه باڪمال ذائقه اوهان کي هٿ لائي ٿا وڃن. اوهان جي وجود جو لمس ئي مٽائي ٿا وڃن.

    mehmoodmughal@hotmail.com
     
  20. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم محمود مغل جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    ايڪٽيهين جُون!



    آچر 24 جون 2007ع

    جون جي آخر ۾، هر سال، ترقياتي ڪمن کي سر سان اچي لڳندي آهي. خاص طور تي هر کاتي ۾ ”مليل سرڪاري بجيٽ“ جي انگن اکرن لاءِ باهه ٻري ويندي آهي. مليل مال ”کپائڻ“ لاءِ سوَ جتن ڪيا ويندا آهن ته اهو سڀ ڪيئن به ڪري ”اڪٽيهين جون“ کان پهرين نظر کان غائب ٿئي...جيڪڏهن ايئن نه ٿي سگهيو ته ”لئپس“ (LAPSE) ٿي ويندو، سڄي محنت اجائي ويندي. سرڪار جي پاران مليل مُوڙي سرڪار کي واپس ڪرڻ ڪيڏي نه وڏي ”زيادتي“ ٿي ويندي، پنهنجي نااهلي ۽ نالائقيءَ کي جيڪڏهن ايئن ظاهر ڪيو ويو ته اڳيان ڇا ٿيندو؟ ۽ هونئن به سرڪاري خزاني کان وڌيڪ اسان جي ذاتي ٽجوڙي ان ڳالهه جي وڌيڪ ”مستحق“ آهي ته بچيل مال انهيءَ ۾ منتقل ڪيو وڃي...سرڪار کي ڇاهي، اها ٻه ٽي رپيا ”عالمي قرض“ حاصل ڪري وٺندي...اسان کي ايتري مال جي صورت ۾ قرض ڪير ڏيندو؟ اهڙا سونهري موقعا ڪو هر ڀيري ايندا آهن ڇا؟ ڇڪي رکو ڪانٽو ۽ ايڪٽيهين جون نه اچڻ ڏيو.

    ”اڃا پورا ٻه ڏينهن به نه ٿيا آهن سائين...“ ماربل وڪڻندڙ پگهر اُگهندي چيو، لائيٽ ڄڻ وائيسر ڦيرائي ڇڏيا هئس...گرمي شديد هئي ۽ بجلي حسبِ دستور ناراض...ان دئونس ۾ سچ جو ڪڙو ذائقو اڃا به وڌيڪ ڪڙو ٿي رهيو هو. چون ٿا ته ويهن لکن ۾ روڊ جو اهو ٽڪرو تيار ٿيو آهي...هِتان کان هُتي...ڪو ٽي ڪلوميٽر...هاڻي ڪالهه اڃان روڊ ٺاهڻ وارا ٽين ٽپڙ ميڙي مس روانا ٿيا آهن ته شام جو ئي گيس وارن کي ڪا يادگيري اچي وئي ته ٻيلي اتان پائپ ته لنگهيو ڪونهي...سو هاڻي روڊ جا، سو به نئين ٺهيل روڊ جا ”ٺاٺا“ ئي ڦيرائي وڌائون. ڌُڙُ ڌُڙُ ڪري يڪو کوٽي ويا...چي..پائپ ضروري آهي. هاڻي انهيءَ اڳوڻي اجڙيل روڊ جي ٺهڻ کان اڳ ۾، انهن کي اهو سڀ ڌيان ۾ نه آيو هو...؟ وري اها ڳالهه ساڳئي مصيبت شروع ٿي وئي آهي...هتي کڏو...هُتي مٽي...هي ترقي ٿي ٿئي؟...“

    جذبات جي شدت کان، اسان جي سامهون ئي هن ٻن ٽن گراهڪن جي ٻانهن جهلي ۽ سامهون روڊ ڏيکارڻ وٺي ويو. پويان اسان هڪ ٻه همراهه ويٺل هئاسين...ويٺل ڇا هئاسين، ڄڻ دم ڪشيءَ اچي ورايو هو.

    هي سڀ ايئن الاءِ ڇو ٿيندو آيو آهي. صاحبانِ زمانه....حرص و حوس، لالچ، لوڀ، غرض، انڌپائي، اسان تي حاڪميت ڪن ٿا. عام ڪهاڻيءَ وانگر، پنهنجو درد محسوس ٿئي ٿو، ٻيو وڃي کڏ ۾ پئي....اهو به ٺيڪ....هلو سائين اهو به کڻي ڪجهه وقت لاءِ مثال طور ”جائز“ سمجهون ٿا، پر ان لاءِ به ڪا ترتيب نه هُجي...ڪو طور طريقو ڪا ڳالهه ته هجي...هي سڀ ڪهڙيون نمونه گيريون ٿي رهيون آهن...

    اچو پاڻ ۾، ٿورو ڪچهري ڪيون ٿا...ڏسو، ڪا جاءِ ٺهندي آهي نه...پوءِ اها کڻي ڪير به ٺهرائي، بادشاهه هجي يا فقير مسڪين...ته ان لاءِ باقائده هڪڙي منصوبه بندي ٿيندي آهي. وڏن ماڻهن وٽ نقشا ٺهندا آهن، اسان جهڙا عام ماڻهو مڙئي ”لٻي ٿٻي“ تي، هِتان هُتان پڇا ڪري، کڻي جاءِ ۾ هٿ وجهندا آهيون...پر ”عام“ هوندي به اڻڄاڻ هوندي به، اسان کي اها ڄاڻ هوندي آهي ته بنياد پهرين پوندو ۽ ڀت پوءِ کڄندي، ۽ مٿان آخر ۾ ڇت پوندي. جيڪڏهن باٿ روم ٺهندو ۽ ڪچن جي به تياري ٿيندي ته انهن لاءِ نيڪال ۽ سپلاءِ جا ذريعا سامهون رکڻا پوندا...پاڻي ڪٿان ايندو، گئس ڪٿان ايندي، انهن جو اخراج ڪٿان ٿيندو...گندگيءَ جي نيڪال جا ڪهڙا ذريعا هوندا...اهو سڀ پهرين سوچي عملي طرح سان تيار ڪيو ويندو آهي...ڪڏهن ڇا...اسان مان سادي ۾ سادي ماڻهوءَ به ايئن ڪيو آهي جو رڌڻو پوري نموني تيار ڪرائي، ٽائلز، ماربل لڳرائي، ڪٻٽ ٺهرائي، فرش ڀتيون ۽ ڇت مزين ڪرائڻ کان پوءِ اهو سوچيو هجي ته يار هتي گيس ڪٿان ايندي...۽ ها پاڻيءَ جو ڇا ٿيندو ۽ پوءِ هن وري اها ”ڀڃ ڊاهه“ ڪئي هجي، وري فرش ڀڳا هجن. ڀتين ۾ ”جِهريون“ ڪڍي پائپ وڌا هجن. توهان اهو ڪڏهن ڪٿي ڏٺو ٻڌو آهي...؟

    ۽ مٿان وري ان مثال کي ٿورو اڳتي ٿا وڌايون...سڄي باٿ روم ٺهڻ کان پوءِ خيال آيو هجي ته ابا، پاڻي ڪٿان ايندو؟ هاڻي وري ان لاءِ کوٽائي ڪري پائپ وجهي، وري ”ليپا پوتي“ ڪري سڀ ڪجهه ٺيڪ ڪرڻ کان پوءِ، هانءَ کي ڌڪ لڳو هجي ته ”ظلم ٿي ويو...هاڻي سيوريج يعني نيڪال جو ڪهڙو بندوبست ٿيندو...؟ ۽ پوءِ وري کوٽ کوٽان شروع ٿي هجي...اهو سڀ ناممڪن آهي. اهو پاڻ سڀ گڏجي چئون ٿا، ايئن ٿي ڪو نه ٿو سگهي. اسين ڪو حرام ٿا ڪمايون يا ايڏي انڌي ڪمائي آهي ڇا جو اهي چٽيون ڀريندا وتون؟ جهڙا جملا وات مان بي ساخته نڪرن ٿا....ته اتي جڏهن پنهنجي گهر لاءِ ڄَر نڪري ٿي، اتي وطن جو خيال ڇو نه ٿو اچي. ٿورو نگاهه وجهون ٿا، اوسي پاسي...ڇا اهو سڀ ايئن نه پيو ٿئي. روڊ جي ڪارپيٽنگ مس ٿيندي ته ٽيليفون وارن کي ڪجهه ياد ايندو...کوٽي ڪجهه پوري ويندا ۽ خوبصورت شاهراهه جي”بخمل“ کي ”ٽاٽ“ جي چتي هڻي ويندا ۽ اڃان انهن مان مس جند ڇٽندي ته گئس وارن کي ڪجهه ياد ايندو. اها ته مٺي مالڪ جي مهرباني آهي جو هتي بجليءَ جو نظام هوائن ۾ آهي ۽ سندن ”جهونا ٿنڀا“ اڃا ڪم ڏين پيا. پر جيڪڏهن اهي به انڊر گرائونڊ هجن ته ڏيو مُنهن...ڇا ٿو ڪري سگهجي قبلا....ترقياتي ڪم ته ٿيڻو ئي آهي.

    هاڻي اهي ادارا ته پنهنجيءَ جاءِ تي، گهٽ ته وري پاڻ به ناهيون. خيرن سان ڪا خوشي هجي ۽ ڌڻي معافي ڏي ڪا غمي...ته ٽينٽ يا شاميانو ”روڊ“ تي ئي لڳندو...هاڻي اُٿي ويٺي آهي، راهه رسم آهي...پبلڪ ته ايندي، انهن کي ڪٿي ويهاربو...لازمن جي شاميانو لڳندو ته”ڪِل“ به لڳندي...هاڻي جيڪڏهن اها ڪِلي لڳي ته کڏو به ٿيندو ۽ روڊ به خراب ٿيندو، پر ڇا ٿو ڪري سگهجي. اسين ڀلا ڪيڏانهن وڃون. دنيا داري ته ڪرڻيآهي...روڊ ۾ جي کڏا ٿي به ويا ته عام جام کي ڏسي لنگهڻ گهرجي سائين...قصو ڪوتاهه آهي قبله...اهو سڀ ايئن ئي ٿيڻو آهي ۽ ايئن ئي ٿيندو رهندو. جون جو مهينو هونئن ته ٽيهون هوندو آهي...مطلب ان ۾ ٽيهه تاريخون هونديون آهن، پر مالياتي حوالي سان ڪم ڪندڙن ۾ اهو ايڪٽيهون مشهور هوندو آهي. اهڙن وجودن لاءِ، جولاءِ جي پهرين تاريخ، جيڪا نئين مالياتي سال جو پهريون ڏينهن هوندي آهي، پنهنجي مهيني جي ”انت“ جيان لڳندي آهي، تنهن ڪري الاءِ ڪيترا مهربان، جون کي ايڪٽيهون سڏيندا آهن ۽ جيئن مٿي عرض ڪري آياسين، انهن آخري تاريخن ۾ اهو عمل زور وٺندو آهي ته جيڪي ڪجهه ترقيءَ جي”مَد“ ۾ ملي ٿو، سو ضرور خرچ ٿئي، نه ته جي بچي پيو ته واپس ٿي ويندو...دل تي هٿ رکي ڏسجي ته اهو خيال باهه ٻاري ڇڏيندو آهي ته واپس ڇو ڪجي، کپائجي ڇو نه...پوءِ اهو سڀ ايئن ٿيندو آهي عزيزانِ من...ٺهيل ٺڪيل روڊ وري کوٽجندا آهن، ڪاغذن تي ”خانه پُري“ شدت وٺندي آهي. هر کاتي کي پنهنجي ڪارڪردگيءَ جو خيال اچي ورائيندو آهي...ترقي ڌڙا ڌڙ ٿيندي آهي...جون، آخر به ته سال ۾ هڪڙو ڀيرو ئي ايندو آهي.

    ڊاڪٽر وجئه جو چاچو، انڪل جان، لنڊن مان حيدرآباد آيو هو...اها ڳالهه 1982ع کن جي آهي. وجئه ۽ مان، لياقت ميڊيڪل ڪاليج جي ٻئين سال ۾ گڏ پڙهندا هئاسين. دوست جو چاچو آيو ته اسين به خدمت ۾ پيش پيش هئاسين. چاچي سائينءَ ٻن ڳالهين ۾ واڄٽ وڄائي ڇڏيا. پهرين ڳالهه ته ملاقات جي پهرئين ڪلاڪ ۾ پڇيائين ته ”اوهان جو شيڊول ڇاهي؟“

    هاڻي سائين، وجئه، مان ۽ هڪ ٻيو نوجوان هڪٻئي جا مُنهن پيا ڏسون ته ڪهڙو شيڊول ۽ ڇا جو شيڊول...! عرض ڪيوسين، ”سائين اوهان جي ڇا مراد آهي؟“ فرمايائون ”هن هفتي ڇا پيا ڪيو...؟“

    اسان عرض ڪيو، ”سائين ڪاليج پيو هلي...“ پڇيائين، ”پوءِ سڀ هتي ڇو آهيو، مون وٽ؟“ چيوسين، ”سائين ڪمپني ڪرڻ لاءِ حاضر ٿيا آهيون، گهمائڻ ڦيرائڻ لاءِ.“ چيائين، ”اهو ته هڪڙو به ڪري سگهي ٿو، هي ٽي ٽي چار چار ماڻهو ڇا ڪندا؟...“ هاڻي اسان جو ته مُنهن ئي لهي ويو، مٿان وري هن زخمن تي لوڻ ٻرڪندي چيو، ”اوهان کي جيڪڏهن منهنجي ڪمپنيءَ جو ايڏو فڪر هيو ته ان لاءِ ڪو ٽائيم ٽيبل ته ٺاهيو ها، ڪاليج به اٽينڊ ڪيو ها ۽ مون کي به وقت ڏيو ها...“

    هاڻ اسان سڄي زندگي ڪنهن ٽائيم ٽيبل جو ڪو نه سوچيو هيو، سو هاڻي هنن ٻن ٽن ڏينهن ۾ ڇا ٿئي ها...جيسين ڪُڇون ڪڇون ته هن ڄڻ ٻي چماٽ وهائي ڪڍي، بيگ مان هڪڙي ”ڪاپڙي“ ڪڍي اسان کي ڏيکاريندي چيائين، ”اوهان فڪر ڪيو ان لاءِ مهرباني...هونئن مون کي انهيءَ جي ڪا خاص ضرورت نه هئي...مون وٽ هي سڀ ڊيٽيلز (Details) موجود آهن، جيڪي جايون گهمڻيون آهن، انهن جي لاءِ رستن جو نقشو، سفر جو وقت ۽ کاڌي پيتي ۽ رهائش جو هر تفصيل مون وٽ موجود آهي، ان کان گهٽ ته خرچ ٿي سگهي ٿو....وڌ نه...“

    ...۽ عزيزانِ من، ڪاپي جو ڏٺيسين ته ڄڻ وايون بتال ٿي ويون...ٻيو سڀ ڪجهه لکڻ سان گڏ اهو به لکيل هو ته ”حيدرآباد شهر کان المنظر جي تفريح گاهه هن رخ تي آهي، جيڪڏهن اُتي پلو کائڻو آهي ته هيتري دير جو سفر ٿيندو ۽ جيڪڏهن ڪوٽڙي وڃي کائڻو آهي ته هي وقت خرچ ٿيندو. ٻنهي جاين تي پلو کائڻ ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڪلاڪ لڳندا، ڇو ته ڪلاڪ ۾ پڄندئو ۽ ڪلاڪ ۾ ئي کائبو، ڇاڪاڻ ته خطرناڪ ڪنڊن واري غذا آهي...اهو ياد رکڻ بنهه اهم آهي.“ تقريبن 5 2 سالن جي گذرڻ کان پوءِ، جڏهن به هي ڏينهن ايندا آهن ۽ ڀرجندڙ پيٽن ۾، پلن جي کائڻ لاءِ ايڪٽيهين جون ويجهو ايندي ويندي آهي ته دل چوندي آهي، انڪل جان جي ڪاپيءَ ۾ ڪٿي لکجي ها، ”ايڏي منصوبه بندي ڪري ڇا ڪبو سر...۽ خطرناڪ ڪنڊن کان ڊڄڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي، هتي ته سڀ ڪبو ۽ ڳيت به ڪو نه ڏبي...اوهان سڀ شيڊول پاڻ وٽ رکو...رڳو اسان کي اهو ياد ڪرائڻ بنهه اهمآهي ته ايڪٽيهين جون ڪا گهڻو پري ناهي.“
    mehmoodmughal@hotmail.com
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو