جواب: محترم محمود مغل جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔ هِنَ ته غريب جو حال.... آچر 20 ڊسمبر 2009ع الاءِ ڪهڙا زمانه ياد اچي ويا آهن. حياتيءَ ۾ ڪي ڪي راتيون ڏاڍيون عجيب ۽ اهم هونديون آهن. معزز صاحبانِ زمانه....انهن لمحن ۾ حياتيءَ جا اهي پل هٿ ۾ اچي ويندا آهن، جيڪي شعور گم ٿيڻ تائين خاڪ ٿي نه سگهندا آهن ۽ جن جو ”ڇهاءُ“ تائين هٿن ۾ رهجي ويندو آهي. انهن راتين ۾ عيد جون راتيون، خوشين جون راتيون، خدا نه خواسته غمن ۽ وڇوڙن جون راتيون اچي وينديون آهن، ۽ جيڪڏهن ذڪر اڃا به خاص الخاص ڪيون ته حياتيءَ ۾ اها رات به ڏاڍي اهم هوندي آهي، جنهن رات جي صبح جو اسڪول وڃڻ جو ”پهريون ڏينهن“ اچڻو هوندو آهي. مَن ۾ عجيب ”هورا کورا“ هوندي آهي. نئون بوٽ، نئون يونيفارم، نئون ساٿ، الاءِ ڪيترا خيال من ۾ ور وڪڙ ڏيندا آهن. ٻار کي جو ساٿ جي خبر نه به پئي ته به نئين بوٽ ۽ نئين يونيفارم جو خيال گهڻو ڪري سڄي رات سمهڻ ڪو نه ڏيندو آهي. زمانه مٽجي ويا آهن عزيزانِ من....هاڻي ٻار وڌيڪ هوشيار ٿي ويا آهن، خوشين جا پئمانا مٽجي ويا آهن. هاڻي ٿي سگهي ٿو ته ”رات جو اهو اوجاڳو“ گهڻي جاءِ نه والاريندو هجي، پر بهرحال ڪيترين دلين کي اها سرخوشي ۽ اهو ڌڙڪو ته حاصل ٿيندو ئي هوندو، جنهن خوشين کي ۽ ان سان لاڳاپيل الاءِ ڪيترن اهم نڪتن کي اربع 16 ڊسمبر 2009ع جي ڇپيل خبر ڌنڌلو ڪري ڇڏيو آهي. ”سنڌ صوبي جي تعليم کاتي جي اسٽيئرنگ ڪميٽيءَ جي اجلاس بعد ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته سنڌ جي سرڪاري اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ ”يونيفارم لازمي“ هجڻ جو شرط ختم ڪندي، اجرڪ اسڪارف طور (آپشنل) پهرڻ جي اجازت ڏني وئي آهي.“ اها خبر سنڌ جي سينيئر وزير محترم پير مظهرالحق ميڊيا کي ٻڌائي. اها ان اجلاس کانپوءِ جي ”نويد“ آهي، جنهن ۾ سيڪريٽري ايجوڪيشن، ڊائريڪٽر جنرل ڪاليجز ۽ سنڌ جي سمورن اي ڊي اوز شرڪت ڪئي. اها ميٽنگ، جنهن ۾ تمام اهم ۽ گهڻا فيصلا ڪيا ويا، جيڪي وقتائتا ۽ لاڀ ڏيندڙ آهن، پر اتي اهو هڪڙو فيصلو الاءِ ڪيترو ڪوڙو ذائقو ڏئي ويو. سمجهه ۾ قطعي نٿو اچي صاحبانِ علم و خرد ته اهو سڀ ائين ڇو سوچيو ويو آهي. لازمي يونيفارم جي پابندي لاهڻ لاءِ يقينن کاتي وٽ پنهنجا دليل هوندا، پر ڇا ان جي پابنديءَ جا فائدا به هنن سامهون رکيا؟...اسان وٽ تعليم الاءِ ڇو اهم خانن ۾ ورهايل آهي. خانگي تعليم ڳاٽي ڀڳي، مهانگي ۽ ”لش پش“ آهي. سڀ سمجهن ٿا ته هڪ عام خانگي اسڪول ۽ ڪاليج ۾ جيڪو چڱو نالو رکي ٿو، في ٻار پڙهائڻ جو مهيني جو سراسر خرچ ٽي کان چار هزار رپيا اچي ٿو. ڪتاب ۽ يونيفارم ان کان الڳ هجن ٿا. اها رقم ته رڳو ”فيس“ جي مدي ۾ اچي ٿي، جيڪا ٻن مهينن جي موڪلن جي به ورتي ويندي آهي. سرڪاري اسڪولن ۾ اهو سڀ ائين ناهي، خرچ مناسب هجي ٿو ۽ سرڪار جي پاران مدد پڻ ملي ٿي، تنهن هوندي به اوهان ڏٺو هوندو ته جنهن جي به کيسي ۾ ڪجهه ڏوڪڙ آهن، اهو خانگي اسڪول ۽ ڪاليج ۾ ٻارن کي ”مهانگي تعليم“ ڏياريندي پنهنجو ڳاٽ اوچو ڪندو آهي. هتي هڪ اهم عرض ٻيو به ڪرڻو آهي. عمر جي جنهن حصي ۾ ٻار اسڪول وڃي ٿو، اهو خواب جي ”معراج“ جو ڀاڱو هوندو آهي. ٻار زندگيءَ جي حقيقتن کان ”باخبر“ ناهي هوندو...کيس اهي سڀ رنگ وڻندا آهن، جيڪي سامهان هوندا آهن. وٽس اها به سوچ نه هوندي آهي ته ”بابو...ڪٿان آڻيندو! امان ڪٿان پوري ڪندي....!“ هو ته بس پنهنجي دنيا ۾ خوش ٿيندو آهي. اها دنيا، جنهن ۾ سندس ڪلاس فيلوز هوندا آهن، استاد هوندا آهن ۽ سندس نئون دوست، سندس ”اسڪول“ هوندا آهن. هاڻي ان عمر ۾ وري هڪ ٻيو ”خفت“ به جاءِ والاريندو آهي، جنهن کي ”ساڙ يا حسد“ چيو ويندو آهي. اهو عمل آهي ته خراب، پر فطري آهي. ٻار جيستائين سمجهه ڀريو ٿئي، تيستائين ٻين کي ڏسي شڪايتن جو شڪار رهندو آهي. الاءِ ڪيترا ٻارڙا گهر اچي مائٽن جي حوالي فرمائشن جون ڀريون ڪندا آهن ته ”اسان کي هي کپي...هو کپي....هن وٽ هي آهي....مون وٽ ڇو ڪونهي؟....“ اهو سڀ عام رواجي آهي معزز خواتين و حضرات...ائين ٿيندو آهي...ائين ٿيڻو به آهي. شايد اها ئي اهم سوچ هوندي آهي، جنهن کي سامهون رکي ”هڪ جهڙائي“ جي بنياد تي يونيفارم جو تصور آندو ويو آهي. سڀ هڪ جهڙا هجن، ڪير به ڪنهن کان مٿانهون يا گهٽ نه هجي...ٻار جي تصورات جو محل هڪجهڙو تعمير ٿئي ۽ عمر جي ان خطرناڪ حصي ۾، جنهن ۾ خواهشون ”لاتعداد“ ۽ ”ضد“ پنهنجي چوٽ تي چڙهيل هوندو آهي. سڀ ڪجهه ”خير و عافيت“ سان گذري وڃي. يونيفارم لازم هجڻ جي حيثيت ۾ نظم و ضبط ۽ ڪارڪردگي نمايان حيثيت اختيار ڪن ٿا، تنهن کانسواءِ برابريءَ جو احساس اندر ۾ کڻي، غريب غربو به ڌوتل پوتل صورت ۾ هڪجهڙو بڻجي ٿو. ٿي سگهي ٿو ته محترم وزير ۽ سندس تعليمي ماهر ساٿين، ماڻهن جي غربت جو خيال ڪندي اهو فيصلو ڪيو هجي ته مهانگائيءَ جو دور آهي، يونيفارم به مهانگو آهي ۽ شايد اهو خريد نه ڪرڻ جي ڪري عوام ٻارن کي اسڪول نٿو موڪلي ته اتي اهو به عرض ڪري سگهجي ٿو ته هن ئي ميٽنگ ۾ اوهان ايترا عوامي فيصلا ڪيا آهن، جن موجب انٽر سائنس جي في 950 رپين مان گهٽائي 550 رپيا ۽ انٽر ڪامرس ۽ آرٽس جي في 770 رپين مان گهٽائي 500 ڪئي وئي. سنڌ جي سموري پرائمري ۽ مڊل اسڪولن ۾ ”اسڪائوٽس بڪ ڪارنر“ قائم ڪيو ويندو، جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ سئو ڪتاب ابتدائي طور رکيا ويندا ۽ اهم ڳالهه ته پرائمري اسڪولن جي شاگردن کي هڪ وقت جو کاڌو پڻ کارايو ويندو...هاڻي انهن تي يقينن رقم خرچ ٿيندي ته ڇا يونيفارم لازم رکندي ئي، انهن شاگردن کي ٻه ٻه جوڙا يونيفارم نٿو ڏئي سگهجي؟ هڪ جهڙي لباس ”نه“ هجڻ سان اندر ۾ وري اڌما پيدا ٿيندا. جن وٽ چڱو چوکو هوندو، اهي سٺو لباس پائي ايندا ۽ جن جو حال هيڻو هوندو، اهي لازمن پنهنجي حال سارو ايندا....هاڻي اوهين سڀ صاحبِ علم و عقل آهيو، ننڍڙي عمر جي ٻار ۾ تفاوت جو اهو خيال پيدا ٿئي ته ان کي ڪير ڪڍي سگهي ٿو. حسرتن جو دروازو کلي ته ڏاڍو ڏکيو بند ٿيندو آهي معزز مهربانو...ڇا اسين ان دروازي کي کليل ئي رکڻ ٿا گهرون، جنهن مان ايندڙ هوا ۽ نظر ايندڙ منظر ڪجهه چڱو ناهي. اسين سڀ سرڪاري اسڪولن جا پڙهيل آهيون...خاڪي پينٽ ۽ اڇي شرٽ، ڪارو بوٽ اسان لاءِ الاءِ ڇا هوندو هو. اسان مان الاءِ ڪيترن لاءِ اهو ”ڍڪ“ هوندو هيو، جنهن ۾ الاءِ ڪيترا مالي حالات ڍڪجي ويندا هئا. يونيفارم هڪڙو آهي يا ٻه آهن....ڪپڙن جا وڳا ڪيترا آهن...گهر جا مالي حالات ڪيئن آهن، اهو سڀ ان هڪ ڇاپري هيٺ اچي ڪٿي غائبسرا ٿي ويندو هو...ڇا هاڻي اهو سڀ ائين ٿي سگهندو؟ اسڪولن جو يونيفارم ته پري جي ڳالهه آهي معزز خواتين و حضرات...ڪاليجن ۾ به جيڪڏهن يونيفارم آهي ته الاءِ ڪيتريون ”خود داريون“ ڪر کڻن ٿيون حد ته اها آهي جو ميڊيڪل ڪاليج ۾ ڪتب ايندڙ ”ايپران“ يا اڇو ڪوٽ الاءِ ڪيترن جي دردن جو درمان بڻجي ٿو. ان اندر پهريل ”هلڪو هلڪو“ لباس، ڊاڪٽر صاحب جي مشڪلاتن کي دور ٿو ڪري، ان کان وڌيڪ ڪهڙي چڱائي ٿي سگهي ٿي؟ پنهنجي حياتي ۾ سخت شرمندو ٿيندو آهيان ان عمل تي ته فائنل ييئر ۾ اسان جي گروپ سوچيو هو ته ٽيچرز جي دعوت ڪئي وڃي. ان لاءِ في ڇوڪرو پنج پنج سئو رپيا وٺڻا هئا ۽ جن جي وٺڻ ۽ گڏ ڪرڻ جو بار مون تي رکيو ويو هو. سڀني پئسا ڏنا هئا، منهنجو هڪ ساٿي مستقل لنوائي پيو. آخر مان به گهري گهري ٿڪس، مٿس سختي ڪيم، ته هن شرمندگي سان وراڻيو ”هن ڪوٽ اندر هڪ غريب ڇولن وارو لڪل آهي دوست....صبح جو ميڊيڪل پڙهندو آهيان، شام جو فلاڻي اسٽاپ تي ڇولا وڪڻندو آهيان. هتي ته هن ڪوٽ ۾ خبر نٿي پوي، باقي حال پنهنجو اهو اٿئي...“ هن سان منهنجو سخت لهجو، مون کي سڄي عمر لاءِ ”بي لباس“ ڪري ويو. مون محمود مغل جڏهن 1993ع ۾ سنڌ ميگ ذريعي ٽي وي تي ڪمپيئرنگ شروع ڪئي هئي ته ڪجهه مالي مسئلن جي ڪري ”اڄ جو مهمان“ جي 79 پروگرامن جي رڪارڊنگ ۾ ان پروگرامن ۾ مون وٽ هڪڙو ئي ”ڪارو ٽرائوزر“ هو، شرٽ هميشه مٽيل هوندي هئي. ”هڪ لباسي“ منهنجو ڀرم رکي ويندي هئي. سائين اوهان کي رب مٺڙي گهڻو ڪجهه ڏنو آهي، جتي عوام لاءِ تعليم لاءِ ايترو ڪجهه ڪيو ٿا، اتي ان فيصلي تي وري سوچي وٺو. اکين مان راتين جي اها سرخوشي نه کسيو ۽ نه ئي وري هڪجهڙائي جي ان پئماني ۾ ڪا ”ڪس“ ڀريو. جيڪڏهن ڪنهن وٽ يونيفارم ناهي ته کيس وٺي ڏيو، پر مهرباني ڪري ”لازمي يونيفارم“ واري اها شرط ختم نه ڪريو، سڀني کي هڪجهڙو رهڻ ڏيو، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن اهو يونيفارم لٿو ته اسان مان الاءِ ڪيترن جا حال ”بي لباس“ ٿي ويندا...جيڪو ڪنڌ اطمينان جي احساس سان ته ڪنهن کي اندرئين حال جي خبر نه ٿي پوي، کڄيل آهي، اهو جهڪي ويندو...اوهان فخر مند ڪلهن جا وارث آهيو، ائين جهڪيل ڪنڌ ڪيئن ڏسي سگهندئو. mehmoodmughal@hotmail.com
جواب: محترم محمود مغل جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔ دادوءَ جو جادو! آچر 3 جنوري 2010ع ڪئمپس تي اداسيءَ جا ڪڪر گهرا ٿي ويا آهن، سيارو، سرءُ جي ڏيک مان اڃا ضد ناهي ڇڏائي سگهيو، هڪڙو مهڪندڙ مرڪندڙ وجود رخصت ٿيو آهي ته سرءُ اڃا ڪٿي ويل محسوس ٿيندي. سال جي پهرئين ڏينهن تي ئي اهو ڄاڻ مليو ته سائين پروفيسر محمد ايوب شيخ صاحب، دل ناتوان جي هٿان، حياتيءَ جي بازي هارائي ويو آهي. انا الله و انا اليه راجعون. سنڌ يونيورسٽيءَ جي انسٽيٽيوٽ آف ڪامرس جو ڊائريڪٽر، دادوءَ لڳ دڙي جي قبرستان ۾ آسوده خاڪ وڃي ٿيو آهي. ڪي ڪي ادارا اهڙا هوندا آهن، عزيزانِ مَن جن جي ڪاروهنوار هلائڻ جو پنهنجو هڪ نظام هوندو آهي. عام طور تي جيڪي طريقا مروج هوندا آهن، انهن کان وري اهو نظام هٽيل هوندو آهي، يونيورسٽيون به انهن مان ئي هڪ هونديون آهن. هتي جيڪو هڪ واري اچي ٿو، اهو جي پاڻ نه چاهي ته تبادلي، يعني بدليءَ جي حڪم کان آجو هوندو آهي. يعني سڄي سڄي ڄمار هڪ اداري کي ئي ارپي سگهجي ٿي ۽ ائين ٿيو به آهي. انيڪ وجود هتان رٽائر ٿيا آهن، جن ڀري جوانيءَ ۾ هتي قدم رکيو ۽ اڇين چڳن جي ”ڍڪ“ ۾ هتان موڪلايو. يا وري جي ڪيڏانهن ويو به ته پنهنجي مرضيءَ سان اجازت وٺي. مدو رکرائي، ڪٿي ٻئي هنڌ جيڪڏهن نوڪري به ڪئي هوندائين ته هڪ مخصوص وقت تائين يونيورسٽيءَ سان سندس تعلق ضرور رهيو هوندو ۽ ان ئي سلسلي جي آخري ڪڙي اها به ٿي سگهي ٿي ته پاڻ هتي ملازم هوندي، جهان ڇڏي ويو هجي...سائين ايوب صاحب، ان آخري ڇيڙي جي هٿ کي جهلي ورتو ۽ ڊائريڪٽر جي عهدي تي ئي، هي جهان ڇڏي ويو. عجيب مرتبو هوندو آهي استاد جو به...پيغمبري پيشي سان تعلق رکندڙ وجود کي، جيڪڏهن پنهنجي ”هنر“ جي خبر پئجي وڃي ته جهڙوڪر لک کٽي ورتائين. علم جي فيض ۾ سندس ذات جي خوشبوءِ جيڪڏهن وکري وڃي ته هاءِ هاءِ...جهڙو ”ڦول ڳليءَ“ جو سير ٿي ويو. استاد ته گلاب آهي، موتيو آهي، مگرو آهي ۽ اسان وارو سائين ايوب صاحب به اهڙو ئي هڪڙو گل هيو. ”سکيا ڏيڻ گهرجي ڊاڪٽر صاحب...نئين نسل تي ڌيان ڏيڻ گهرجي....“ حيدرآباد جئم خاني ۾ هڪ دعوت ۾ هڪ ئي نشست تي ويهڻ جو اتفاق ٿيو هيو، اسرا يونيورسٽي حيدرآباد جي ڪجهه نوجوان شاگردن ان محفل جو انعقاد ڪيو هو. سائينءَ پنهنجي حياتيءَ جو ڪجهه حصو اتي به خرچ ڪيو هو، اتي جا به انيڪ شاگرد، سندس مضمون جي عمارت مان فيضياب ٿيا هئا. ”ڏسون ٿا ته....هي سڀ اليٽ ڪلاس جا شاگرد آهن....منهنجا شاگرد آهن....مان سڀني کي سڃاڻان....سڀني جي مالي حالت کي سڃاڻان....اهو سڀ ڪيڏو نه سهڻو آهي...پر اها سهولت انهن کي به ملڻ گهرجي، جيڪي افورڊ نٿا ڪري سگهن....غريب جي ٻار کي اهڙي جاءِ تي ڏسڻ منهنجو خواب اٿوَ سائين.“ اسين گهڻا گهرا ڪو نه هئاسين، پر ان رات الاءِ ڪيئن اهو بهانو ٺهي آيو هيو ۽ وٽس ڳالهائڻ لاءِ گهڻو ڪجهه هيو ۽ مون وٽ ٻڌڻ لاءِ....”مان ته ڪامرس جو ماڻهو آهيان....پي ايڇ ڊي آهيان ان ۾....مئنجمينٽ آف پبلڪ انٽرپرائيز ۽ آرگنائيزيشنل جي بِهيويئرز منهنجا خاص مضمون رهيا آهن. مون انهن سڀني شين کي ڏاڍو ويجهو کان ڏٺو آهي سائين....چاهيان ٿو ته اسان جا شاگرد به سڄي دنيا لاءِ مثال ٿين....“ ۽ الاءِ ڇو ڪنن ۾ سرٻاٽ ڪندي چيو هئائين، ”ڏسو ٿا نه...جيئن هي طبقو خوش ٿئي ٿو، ائين اهي جيڪڏهن خوش ٿين ته ڪمال نه ٿي وڃي....“ عرض ڪيم نه معزز خواتين و حضرات، جتان رزق ڪمايون ٿا، جتان عزت جو سامان ٺهي ٿو ۽ جتي حياتي شعور جا ڪَر کڻي ٿي، ان يونيورسٽي جي حالت هڪ ننڍڙي ڳوٺ جهڙي هوندي آهي، تقريبن هر ڪنهن کي ”هر ڪنهن“ جي ڪا نه ڪا خبر پوندي ئي رهندي آهي، ميل ملاقات جو ڪو نه ڪو ذريعو نڪرندو ئي رهندو آهي. منهنجي نصيب ۾ شايد روسٽرم جي پويان رهڻ گهڻو لکيل آهي. مائڪرو فون سان ساٿ جي ڪري مختلف محفلن ۾ ميزبانيءَ جو شرف عنايت ٿئي ٿو ۽ ان ڪري ئي هر ڪنهن سان ”هٿ...جوڙ“ جو سلسلو هلي ٿو. محترم ايوب صاحب سان ائين ملاقات ته ٿيندي رهندي هئي، پر هن واري اها ڪچهري الاءِ ڇو ڊگهي ٿي وئي هئي ۽ سندس حياتيءَ جا الاءِ ڪيترا رخ سامهون اچي ويا هئا. ”ڪمال جو استاد هيو سائين.“ ڪامرس جي شعبي جو ئي هڪ ٻيو پي ايڇ ڊي ۽ خوش کلو وجود ڊاڪٽر حاڪم علي ڪناسرو چوي ٿو ”سندس مرڪندڙ سڀاءُ هر هڪ سان هڪ جهڙو هوندو هو. پنهنجي شاگردن تي ڄڻ ساهه پيو ڇڏيندو هو. مون الاءِ ڪيترا ڀيرا چيومانس ته....سائين توهان ته هنن کي مٿي تي چاڙهي ڇڏيو آهي...ته پنهنجي مخصوص مدهم لهجي ۾ چوندو هو ”نه سائين...هي ئي ته اسان جو سرمايو آهن...اسان جو فيوچر آهن....مان جيستائين ڪجهه چوان، تيستائين شاگردن جي هجوم ۾ دادوءَ جو جادو گم ٿي ويندو هو“. لاڳيتي پورهئي جي روايتن کي قائم رکندي هن ”اڍائي سون“ کان مٿي تحقيقي مقالا ۽ مضمون شايع ڪرايا هئا، جيڪو تحقيق جي ميدان ۾ هڪ ”سنگ ميل“ آهي، تنهن کانسواءِ پنهنجي مضمون جي حوالي سان سندس ڇهه ڪتاب لکيل هئا، جيڪي ”خاص و عام“ تائين پهتل آهن. هن انيڪ ايم فل اسڪالرز کي سندن پورهيو مڪمل ڪرايو هيو ۽ هاڻي به وٽس ٽي شاگرد رجسٽرڊ هئا. سڄي شعبي ۾ هن جي حيثيت ”اڻ ٿڪ....محنت ڪش“ جي نانءُ سان مشهور هئي. جنهن جي دل بهرحال ٿڪجي پئي ۽ ٽن پٽن ۽ ٻن نياڻين جي والد کي دغا ڏئي وئي. ”هيومن رسورسز مئنيجمينٽ پڙهائيندو هيو هاڻي سائين....“ ڪامرس جو ٻيو ذهين وجود، انيل ڀاٽيا صاحب فون تي ٻڌائي ٿو. ”رول آف شگر انڊسٽريز ان پاڪستان“ تي هن پي ايڇ ڊي ڪئي هئي ۽ ڇا ته ڪمانڊ کيس پنهنجي مضمون تي حاصل هئي. انساني وسيلن، انهن جي دسترس ۽ گهرجن تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ پڙهائڻ سندس ئي ڏانءُ هيو...“ ائين ٿيندو آهي عزيزانِ مَن ته جيڪو رخصت ٿيندو آهي ته ان جا گڻ ئي ڳايا ويندا آهن، چڱائين جو ذڪر سدائين کان وڌيڪ ڪيو ويندو آهي. پر ائين به ته ٿيندو آهي نه ته ڪي ڪي وجود اهڙا باڪمال هوندا آهن، جو انهن ۾ اهو سڀ ڪجهه اچي ويندو آهي، هاڻي انهن لاءِ جيڪڏهن اهو سڀ ڪجهه نه لکجي ته ڇا لکجي...پنهنجي حياتي ۾ اسان کي اهو فخر به حاصل رهيو آهي ته قلم جي ڪارڪنن جي خدمت هتي به هلي آهي. ادي امر سنڌو، سائين انعام شيخ، مرحوم سائين عزيز پلي صاحب....سائين حليم بروهي صاحب....ڀيڻ عرفانه ملاح....اسين سڀ سنڌ يونيورسٽيءَ جي هنج ۾ حياتي جي ڀاڪرن ۾ ڀريل رهيا آهيون ۽ گڏوگڏ ڪاوش جي ڪالمن جي ”ڪٿا“ ۾ به اسان جا نالا آهن. اتي ڪنهن فرمايو ته اوهان لاءِ ته ڏاڍو سولو آهي، ڪنهن لاءِ ڪجهه لکڻ....توهان جو ڪو ساٿي گذاري وڃي ٿو ته هڪدم ان تي لکي ٿا ڇڏيو....فلاسافيءَ جي ساٿي عاصم تي لکيوَ....پلي صاحب تي هڪدم ڪالم آيو....هاڻي به جيڪڏهن ڪجهه ٿيو ته منٽ ڪندئو....“ ڳالهه جو ڪنڊو، دل جي نرميءَ ۾ گهڙي ويو هو....اسان کي ڪو شوق ناهي تعزيت نامن لکڻ جو، پر هي دل جو خراج آهي...ڏيڻ گهرون ٿا انهن سڀني کي، جن جي باري ۾ اسين ڄاڻون ٿا....معزز استاد ٻئي هنڌ به هوندا...خدانخواسته جدايون اتي به مقدر بڻجنديون هونديون، پر ڇاڪاڻ ته گهڻي ڄاڻ نٿي هجي، ان ڪري ذڪر گهٽ ٿئي ٿو. دنيا هل هلان جو جهان آهي، ڇا ڪجهه الوداعي اکرن جي ڀيٽا به نه ڏيڻ گهرجي!؟ دادوءَ جي جادو نگريءَ ۾، دڙي شيخ جو ڳوٺ باءِ پاس جي ڀرسان آهي، جتي سنڌ يونيورسٽي جو هڪ سلڇڻو، خوبرو، خوش لباس ۽ مهڪندڙ استاد، محمد ايوب گلابن هيٺ آرامي آهي ۽ سندس ياد جو ڪنڊو، اسان وٽ رهجي ويو آهي. ايوب صاحب جو مرڪ ڪڪرن جي پار هلي وئي آهي. دادوءَ جو جادو پويان رهجي ويو آهي. mehmoodmughal@hotmail.com
جواب: محترم محمود مغل جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔ بَڙ جي ڇانوَ، اڳي کان گهاٽي... آچر 10 جنوري 2010ع محترم مظهرالحق صاحب سنڌ يونيورسٽي جي هوائن کي پنهنجي ائڊريس ڏئي ويا آهن، هڪڙي عاشق جو اهڙو ”پتو“ جيڪو اکين ۾ روشنيءَ سان گڏ خوابن جي جوت رکندڙ آهي ۽ جيڪو مسلسل عمل جي ”زورِ بازو“ کان واقف آهي. تبديلي حياتيءَ جو اٽوٽ انگ آهي. عزيزانِ مَن... هر نئون ڏينهن، دراصل گذريل ڏينهن جي ڪک مان ئي جنم وٺي ٿو ۽ ٻئي ڏينهن کي جاءِ ڏيڻ لاءِ رات جي آغوش ۾گم ٿئي ٿو. مسندون ساڳيون رهنديون آهن، چهرا ۽ ڪردار بدلجندا رهندا آهن، تقريبن ساڍن اٺن سالن کي ڀرپور نموني سان گذاري، سائينءَ هتان دعائن ۽ محبتن جون ڀريون ٻڌيون آهن. دنيا ته بي ثبات آهي، بيوفا آهي، هيلتائين ڪنهن جي ٿي آهي جو سائين صديقي صاحب جي ٿيندي! هتي هر لحاظ جو وجود هجي ٿو. جن جا ڪم ٿين ٿا، سي خوش ٿين ٿا، ساراهه جا ڍڪ ڀرين ٿا ۽ جن جا ڪم نٿا ٿين، اهي پنهنجي حيثيت ۽ سوچ مطابق سلوڪ ڪن ٿا، جيڪو گرم نگاهه کان وٺي، ”ڀڻڪي ۽ آخر ۾ بد شد ڳالهائڻ تائين وڃي پهچي ٿو، الاءِ ڇو هر ڪنهن کي پنهنجو ڪم ”صحيح... جائز ۽ حقي“ لڳندو آهي. هن دنيا ۾ ڇا اوهان اهڙو ڪو هڪڙو ماڻهو به ڏٺو آهي، جيڪو اهو چوندو هجي ته ”سائين...ڪم ناجائز کڻي آيو آهيان...مهرباني ڪري حل ڪري ڏيو...“ پنهنجي جاءِ تي اچي، الاءِ ڇو ناجائزي به ”جائز“ ٿي ويندي آهي. اهي ڪي ”فرشته صفت“ ماڻهو هوندا آهن، جيڪي حق سچ جي راهه سمجهن... حاصلات جي جهان ۾ پنهنجي لاءِ حاصلات ”موخر“ ڪن، ”مقدم“ نه ڪن...ان هڪڙي پيماني کي ئي جي اسين سامهون رکون ته يقينن الاءِ ڪيترا مهربان، ”مظهرالحق صديقيءَ“ کان ناخوش هئا...سائين الاءِ کين سمجهه ۾ ئي نه آيو...الاءِ هنن سائينءَ کي سمجهڻ ئي نه چاهيو. زندگيءَ ۾ هڪڙي ٻي صفت به عجيب هوندي آهي. صاحبانِ زمانه، اسان مان ”گهڻائي“ انهن ماڻهن جي هوندي آهي، جيڪي عزت ۽ خوشامد جي وچ واري” سنهي لڪير“ کي ڏسي ڪو نه سگهندا آهن، کين اهو تفاوت سمجهه ۾ ئي نه ايندو آهي ۽ ان ڪري ئي هو گهڻو ڪري خوشامد ڪندڙن کي ”عزت ڪندڙ“ ۽ عزت ڪندڙن کي ”خوشامد ڪندڙ“ سمجهي ويهندا آهن. هر جهڪيل وجود کين ”خوشامدڙيو“ ۽ هر ساراهه ڪندڙ ”عزت افزا“ محسوس ٿيندو آهي. سچي ڳالهه ته اها اٿوَ ته انهن ماڻهن کي زندگي سمجهه ۾ ئي نه ايندي آهي. هر واري جي هو پاڻ ڪنهن جي عزت ڪرڻ گهرندا به آهن ته سندن اندر جو ماڻهو کين ڊيڄاريندو آهي ته متان ”خوشامدڙين“ ۾ نه شمار ٿئين... تنهن ڪري هو هٽي پري ٿي ويندا آهن، جي ڪير عزت جي لائق آهي ۽ سندس عزت نه ڪئي وڃي ته اها به سراسر زيادتي ئي آهي، اهڙي جهڙي ”خوشامد“ زيادتي سمجهي سگهجي ٿي. هن فقير کي اهي درجه بنديون راس نه اينديون آهن. مولاءِ ڪل جل شانه هر ڪنهن کي مسند عطا ڪري، هي غريب پنهنجي جاءِ تي ٺيڪ آهي. خوشيءَ جي خريد کيسي سان نه هوندي آهي. عزيزانِ مَن...ماڻهو ته هٿين خالي به ”ٺينگ...ٽپا“ ڏيندو رهندو آهي ۽ ڪروڙن جي بئلنس سان به ڪروڌ سندس جند ناهي ڇڏيندو. خواب نگر ۾ ئي عرض ڪيو هئم ته ”قبلا...خواهش اها آهي ته موت کان پوءِ ماڻهو ”ماستر محمود“ ڪري ياد ڪن... جي براڊ ڪاسٽر، ڪمپيئر، ليکڪ، اديب، دانشور، هيءَ بلا... هوءَ بلا ٿي موڪلايم ته مزو نه ايندو...ان هڪ نالي سان منهنجي شاگردن ۽ محبن سڏيو ته گنج ٿي ويا...“ هاڻي ان ماستر جي اوقات ڪهڙي! ...سنئين سڌي ڳالهه هر ڪنهن کي سمجهه ۾ اچي ٿي. سائينءَ صديقيءَ صاحب سان ويجهڙائپ ان لحاظ کان به شروعاتي هئي جو اسيءَ جي ڏهاڪي ۾ جڏهن سائين پهريون ڀيرو وائيس چانسلر ٿي آيا هئا ته سندن ٻه فرزند منهنجا دوست هئا ۽ اسين ٽئي روز شام جو گڏ ڪرڪيٽ کيڏندا هئاسين، تنهن زماني ۾ ”عهدن“ جي خبر ڪا نه هوندي هئي، ان ئي وائيس چانسلر هائوس جي لان ۾ ٿڪي ٽٽي اسين اچي ڪرندا هئاسين. اشرف، زهير، ايمان ۽ مان...ڪڏهن ڪڏهن سائينءَ کي سلام ڪري وٺبو هو. هن واري جڏهن پاڻ آيا ته هي نياز مند به وارن جون اڇيون چڱون کڻي حاضر ٿي ويو هو. مٿان وري سئنڊيڪيٽ جي ميمبر شپ ملي ته اضافي چارج به ملي، خدمت جو گڏيل سلسلو شروع ٿيو، جيڪو مڪمل ”ادب آداب“ ساڻ آخر تائين هليو. ساڍن اٺن سالن جو هي دور هاڻي هر ڪنهن جي سامهون آهي. سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ميرٽ، انتظام، نظم و ضبط، تحقيق ۽ تدريس ۾ جيڪي ڪجهه ٿيو، اهو عالم آشڪار آهي ۽ هونئن به جنهن کي مڃڻو هوندو آهي سو اڻ ڏٺي تي به يقين ڪري ٿو ۽ جنهن کي ناهي مڃڻو، سو ته ڏٺل جو به منڪر هوندو آهي. ڳالهه هتي هڪ مدبر، دانشور يا ڏاهي عالم جي تعريف جي ناهي...ڳالهه انهيءَ ظرف جي آهي، جيڪا اها مسند ساڻ کڻي هلي ٿي... ماهوار، پيٽرول جي رپورٽ پاڻ گهرائيندا هئا، هڪ واري الاءِ ڪهڙو خيال آين...مون ڪاغذ ڏيکاري وڃڻ جي راهه ورتي ته پاڻ چيائون ”محمود...انٽرنيٽ تي، اسان جي يونيورسٽي جي ٽن استادن جا نالا ٿيسز جي نقل ڪندڙن جي نالي سان آيا آهن، ٽاپ تي آهن... اسان ڪوشش ڪيون پيا ته اهو سڀ غلط ثابت ٿئي...توهان مسجد جا متولي آهيو، دعا ڪيو...منهنجي يونيورسٽيءَ جي عزت سلامت رهي...“ ۽ عزيزانِ علم و هنر، هتي الله پاڪ کي حاضر ناظر ڄاڻي لکان ٿو ته اهو آخري جملو ادا ڪندي، هڪ بي انتها منظم، منتظم جي اکين مان ڳوڙها ڪريا ۽ ٽيبل جي شيشي تي ڪري پيا... مان سڄيءَ ڄمار ان لمحي کي وساري نٿو سگهان. سائين... هاڻي جڏهن خير سان، اوهان هتان وڃي چڪا آهيو ته هڪ استاد جي حيثيت سان، مان ذاتي طرح اوهان جو ازحد ٿورائتو آهيان سر... ته اوهان مون کي پنهنجي مادر علميءَ سان محبت ۽ ان لاءِ خدمت جو اهو عظيم درست ڏنو. يقين ڄاڻجو سر... اوهان کي جڏهن به پيرن تي هٿ رکيو هوندم نه، ته پنهنجي دل جي حضور سان رکيو هوندم... هڪ ماتحت جي حيثيت سان نه...۽ اوهان کان بنا اجازت جي هڪ واقعو لکڻ ٿو گهران...اميد ته ناراض نه ٿيندئو... آفيس ۾ حاضر ٿيو هئس ته اوهان جي ساڄي اک مٿان زخم هئو، صبح جو ايڪسر سائيز ڪندي، اوهان کي ٽيبل جي ڪنڊ لڳي وئي هئي، عينڪ به ٽٽي هئي ۽ زخم به ڪافي گهرو هو. اوهان فائيل صحيح به ڪيا پئي ۽ ٽشوءَ سان رت به اگهيو پئي، لڳو لڳ ڊاڪٽر جو به انتظار هيو، ڪجهه ڏينهن پهرين ئي اوهان موتئي جو آپريشن به ڪرائي آيا هيو. مون ڊڄي ڊڄي عرض ڪيو هيو، ”سر...اکين جو خيال رکو... تازو سرجري ٿي آهي، مٿان هي ڌڪ...“ اوهان هڪدم چيو هو ته، ”نور اکين ۾ نه هوندو آهي محمود...نور ته پروردگار جي مهرباني آهي...توهان ڪيترائي اهڙا نابين ڏٺا هوندا، جن وٽ اکيون هونديون آهن، پر بصارت نه هوندي آهي...شل اها بصارت نه کسجي...“ مٺڙو مالڪ سر، اوهان جي وجود جي اها روشني برقرار رکي، بڙ جي ڇانوَ اڳي کان به گهاٽي ٿئي... اوهان جي ذات جي روشنيءَ مان اسان جهڙا فيضياب ٿيندا رهن. آمين... mehmoodmughal@hotmail.com
جواب: محترم محمود مغل جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔ اندر جي ڪُني! آچر 17 جنوري 2010ع ڳالهائيندڙ وٽان جيڪي به لفظ اچي رهيا هئا، اهي يقينن ڪي چڱا ڪو نه هئا، ڇاڪاڻ ته سندس ”شبيهه“ بدلجي چڪي هئي، هن ڀڻ ڀڻ پئي ڪئي ۽ سندس پويان ايندڙ خواتين جو ساهه نڪتل هو. اهو منظر بي حد سادو هو خواتين و حضرات....اڳوڻي ڪوهه نور سينيما جي لاهيءَ وٽ، جتان ريشم ڳلي شروع ٿئي ٿي، هاڻي گاڏين جو هڪڙو هجوم ڪٺو رهي ٿو. الاءِ ماڻهو وڌي ويا آهن، الاءِ گاڏيون يا الاءِ ٻئي....بهرحال ”پيهه پيهان“ رهي ٿي. حواس جاءِ تي نٿا رهن، جيڪڏهن ٽريفڪ سارجنٽ بيٺل نه هجي ته گاڏيون به ”زوڪاٽ“ ڪن ٿيون. اهڙو ئي ڪو لمحو هو، گاڏين وارن کي ازل ابد جي تڪڙ هئي، هنن پيادل هلندڙن جو ڪو به لحاظ نه پئي ڪيو ۽ ان رش ۾ ڪجهه ڳوٺاڻيون عورتون ۽ انهن سان گڏ مرد ڦاٿل هئا. مرد ٿورو تيز هو، شايد دنيا جي ۽ خاص طور تي شهر جي ”سرد و گرم“ کان واقف هو، نياڻيون ۽ ادڙيون شايد گهڻو شهر آيل نه هيون، تڏهن ته گاڏين جي ”زون....زان“ ۾ منجهي پيون هيون. هي اڳتي اچن پيون. وري گاڏيءَ واري جي بيشرمائي ۽ بدلحاظيءَ جي ڪري پوئتي هٽي پيون وڃن. ساڻن گڏ مرد سخت چڙيل هيو، هن نيٺ هڪ ”ڌڻ“ جيان کين ڌڪي روڊ پار ڪرايو. حيران پريشان هرڻين جيان هراسيل وجود ٽپي ته آيا، پر ان کان پوءِ هڪ طويل ”ڀاشڻ“ ۽ آخرڪار اها ڀڻ ڀڻ هئي، جيڪا شهر جي ڄاڻ رکندڙ وٽان کين پلئه پئي هئي. ڇا تي اها ”تِر ....تِر“ آهي اسان کي؟....ڪجهه ڄاڻي اسين ڇا سمجهندا آهيون پنهنجو پاڻ کي عزيزانِ مَن...ڇا ٿورڙي گهڻي خبر رکڻ ساڻ، سج اسان تي چڙهڻ ۽ اسان تي ئي لهڻ لڳندو آهي ڇا؟ جيڪي اڻ واقف هوندا آهن ۽ ڪجهه سادگي، ڪجهه اڻڄاڻائي جن جي جهول ۾ هوندي آهي، انهن سان ”باعلم“ هوندي ۽ هوشيار، چالاڪ ۽ زمانه ساز هوندي، اسان جي سلوڪ ۾ ايڏي ”گدلائپ“ ڇو اچي ويندي آهي!؟ ائين ٿيندو آهي صاحبانِ علم و خرم....ٻوريل وڻ وانگر جهڪڻ اسان کي الاءِ ڇو نه ايندو آهي....اهو زمانو اسان کان وسري ويندو آهي، جڏهن پنهنجو وات ”حيرت ڪدي“ جي نشاني هوندو هو ۽ ڪجهه ٻيا ذي فهم وجود اسان کي محبتن ۽ پيار سان زندگي سيکاريندا هئا....ان مهل جيڪڏهن هو به اسان کي ائين ئي بدشد ڳالهائين ها، اسان کي گهٽ سمجهن ها ته ڇا زندگي جي هن گهڙيءَ تائين اها تلخي اسان جي زبان تان لهي سگهي ها! ڪاوڙ جو پنهنجو هڪڙو ”ڪمال“ هوندو آهي، جنهن مهل به ڪنهن مُک تي ڪاوڙ جو ”ورق“ چڙهي ته غور سان ڏسندا ڪيو، سڄو ”پَنون“ ئي مٽجي ويندو آهي. اهي خوبصورت نقش و نگار جيڪي ڌڻيءَ عنايت ڪيا آهن، الاءِ ڪيڏانهن گم ٿي ويندا آهن. ڪاوڙ جي ڄر، چهري جي سونهن کي ڀاڪر ۾ ڀري وٺندي آهي، انسان جو وجود هڪدم بي فيض ٿي ويندو آهي....لڳندو آهي ته هن وڻ تي ته ڪڏهن ڄڻ ڪو ميوو آيو ئي ڪونهي....هڪڙي ڳالهه ٻي به اهم آهي صاحبانِ زمانه....اسين هر ڪنهن مان اها اميد رکندا آهيون ته هو يقينن اسان جي ڳالهه سمجهندو....جيڪي اسان چاهيون ٿا، سو هو ضرور ڪندو....جيڪڏهن نه به ڪري ته به بهرحال اسان جي سوچ مطابق قدم کڻڻ جي کيس خبر پئجي ويندي....۽ ان ڪري ئي اسين ڪن ڪن موقعن تي بدلحاظيءَ تي لهي ايندا آهيون. اهو سڀ گهڻو ڪري سفر ڪرڻ ۾ وائکو ٿي ويندو آهي. اسان جي اندر جي ”سکڻي ڪُني“ گهڻو اڀاهڻ لڳندي آهي. تنهن کان سواءِ ڪلاس وٺڻ، ڪجهه سمجهائڻ، پنهنجي ڳالهه مڃائڻ جي مڙني عملن ۾ اسان جي اندر مان ڄاڻ کان وڌيڪ اهي ”بوڙيا“ نڪرندا آهن. پنهنجي اندر جي ان ”ڪنيءَ“ کان واقفيت حياتيءَ جي ڏکين عملن مان هڪ آهي صاحبانِ علم و فضل....ان ۾ رکيل مال مصالحو، سندس ”درجهءِ حرارت“ پچڻ جي موسم ۽ وري ان مان ٺهيل خوبصورت يا سڙيل وکرَ جي ورهاست...الاءِ ڪيترا عمل آهن، جيڪي هڪ ئي وقت طئي ٿيندا آهن. انهن مان جيڪڏهن هڪ ۾ به ڪا هڪ ”آنچ“ جي کوٽ ٿي وئي ته سمجهيو هڙ وئي. جنهن پنهنجي ڪنيءَ کي سنڀاليو، معنيٰ ڪمال کارائي ويو، تربيت جا هڙئي هنر سنواري ويو. اتي اهو به سوچي سگهجي ٿو ته جيڪڏهن اندر جي ”ضيافت“ شاندار آهي ته ان جي ورهاست ته سمجهه ۾ اچي ٿي، پر جيڪڏهن آهي ئي سڙيل کاڌو ته اهو ڪيئن ورهائجي! ته عرض اهو ته اهڙو کاڌو ورهائبو ناهي....پاڻ ئي ورهائجي ويندو آهي. پنهنجي حسد، ڪاوڙ ۽ ڪروڌ جي ورهاست تي ڪير قبضو ڪري سگهيو آهي....اندر جي ان مسند جو تعلق وري ”ڍءُ“ جهلڻ ساڻ به آهي. جيڪڏهن وجود ۾ ايتري سگهه آهي جو هو ڍءُ جهلي سگهي ته ٻيون سڀ شيون پوءِ ڪا به حيثيت نه رکنديون آهن. اسپتال ۾ وٺ وٺان لڳي پئي هئي ۽ صاحب جو موڊ سخت خراب هئو. ”خبر توهان کي آهي ته ڪموڊ کان گهٽ اسين يوز ڪو نه ڪندا آهيون! هيءُ ڪهڙو باٿ روم آهي، جنهن ۾ گينڊي آهي؟....۽ سا به اهڙي، جنهن جي فليش ڪم نٿي ڪري...هي ڪو طريقو آهي....؟ ٻيو ڪو ڪمرو ڪو نه هو، اسان لاءِ...ڪو سوٽ؟....ڪا عاليشان حيثيت مطابق جاءِ....؟“ سندس گجگوڙ جاري هئي ۽ سڄو هيٺيون عملو ٿرٿلي هيٺ هيو....”سئيٽ“ کي سوٽ سڏيندڙ، صاحبِ امارت کان مان پهرين به واقف هئس....اهو مهربان پهرين به ساڳي ئي اسپتال ۾ ٽيڪنيشن هئو، ڀاڳ وريو هيو ۽ هاڻي خيرن سان هو اسپتال جي مالڪن مان هڪڙي جو ڀاءُ هئو....ڪڏهن پاڻ زيردست رهندڙ، هاڻي زيردستن جي کل پئي لاٿي ”ڏسڻ ۾ نٿو اچنَو ڇا؟....ڪير آيو آهي....ٺيڪ آهي....اهو ڪمرو ناهي ته ڀلا ڊيلڪس خالي ناهي ڇا!...اسان کي اهو ڏيو....اسين ڪو اهڙي تهڙي ڪمري ۾ رهنداسين ڇا؟“....رعونت حد درجي جي حاوي ٿي چڪي هئي ۽ سندس اصلوڪو وجود گم ٿي چڪو هو. اهي سڀ ڏاڍا عام منظر آهن، معزز خواتين و حضرات....جن ۾ خاص ماڻهو گم ٿي ”عام“ ٿي ويندا آهن، پنهنجي حيثيت سنڀالجي نه سگهندي آهي. ڄاڻ جي زعم ۾، ذات ڀورا ڀورا ٿي ويندي آهي. اڄ خواب نگر ۾ حجتن جو هڪڙو ننڍڙو جهان آباد ڪيو اٿائون، ڳالهيون وڏيون ڪونهن....انهن جو اثر وڌيڪ آهي....اندر جي ڪُني اڀامي ته چهرا مٽجي ويندا آهن ۽ چهرن مٽجڻ سان، سڀ ڪجهه عجيب ٿي ويندو آهي، اهو سڀ اسين انهن گهڙين ۾ ياد ڇو ڪو نه رکندا آهيون. ڇا ٿي پيو، جيڪڏهن ڪنهن کي اسان جي ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي....ڇا ٿيو جيڪڏهن ڪير صحيح نموني سان ٽريفڪ جي هجوم ۾ روڊ ڪراس نٿو ڪري سگهي؟.... ڇا ٿي پيو جيڪڏهن ڪمري جي باٿ روم ۾ ڪموڊ نه هيو....؟ اهي سڀ زندگيءَ جون نشانيون آهن، جن کي پنهنجي سلوڪ جي معرفت سان اسان، جذبن جي موت جي ٿڌاڻ ۾ ڇو ٿا ڌڪيون....! اچو، ڪجهه سيکاريون ٿا....وري عرض ڪريون ٿا....ادڙي....شهر ۾، ٽريفڪ جي وچان، ساڄي کاٻي ڏسي لنگهبو آهي....۽ جيڪڏهن هڪ ڀيرو، پير روڊ تي اچي وڃي ته هر هر اڳيان پويان نه ٿبو آهي. ان ۾ حادثي جو خطرو هوندو آهي ۽ ها....هميشه گاڏيءَ جي رخ ۾ منهن ڪري لهبو آهي...مطلب...جيڏانهن گاڏي ويندي هجي...ان طرف منهن ڪري لهبو ته ڌڪ لڳڻ جو انديشو گهٽجي ويندو. اچو، اندر جي ڪنيءَ ۾ ڪجهه بهتر ٿا رڌيون، ته جيئن اسان جي ٻاهران نڪرندڙ ٻاڦ، ڪنهن کي لهسائي نه سگهي. اچو ڪجهه ڍءُ جهلڻ سکون ٿا...اچو، پنهنجي اندر ۾ برداشت جي ٻارڻ کي ڪجهه بهتر ڪيون ٿا، جيڪڏهن سواد هڪ وجود به ورتو نه، ته پڪ سمجهو، اسان جي ذات جي ترڪيب ڪمال ڪري وئي. mehmoodmughal@hotmail.com
جواب: محترم محمود مغل جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔ درياءَ جي عروج جا ڏينهن! آچر 24 جنوري 2010ع رات جي پيٽ ۾ دريا شاهه جي ”حشمت“ ڏسڻ وٽان هئي. ڄامشوري جي پل ان مهل سڄي لرزي رهي هئي. پاڻيءَ جو عظيم الشان بلند بانگ وهڪرو، اتان لنگهي رهيو هو. ريڊيو پاڪستان پاران، ”مهراڻ موج اسٽوڊيوز“، ڄامشوري تي المنظر جي گيسٽ هائوس ۾ وقتي طور تي قائم ڪئي وئي هئي، اها ”لائيو“ Live يعني سڌي سنئين نشريات هئي، جيڪو خيال هيو ان وقت جي وڏي براڊ ڪاسٽر ۽ اسان جي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي اسٽيشن ڊائريڪٽر محترم عنايت بلوچ صاحب جو....هن ٻوڏ جي صورتحال کان عوام کي سنئون سڌو باخبر رکڻ لاءِ اهو جتن ڪيو هيو. صداڪارن ۽ پيشڪارن جو هڪ وڏو ”ڊنبلو“ پهچي چڪو هو. رات جي ان پهر ۾، محترم سائين گل حسن قريشي صاحب جي ۽ منهنجي ڊيوٽي هئي، چوئيتاليهن درن واريءَ ان پل تي، ٻاويهين ۽ ٽيويهين در جي وچ ۾ بيٺا هئاسين. ياد اچي ٿو ته 1992ع جي ان آگسٽ يا سيپٽمبر جي رات جو، اڪرم نوراني انجنيئر به اسان ساڻ بيٺل هيو، سڄي پل رانديڪي جيان ”هلڪڙي“ ٿي وئي هئي. پاڻيءَ جو ريلو ته خوش اسلوبيءَ سان گذري ويو هو، پر لائيٽن جي روشني ۾، تقريبن ويهن فٽن جي اها پاڻيءَ جي ”ڀت“ مان سڄي ڄمار نه ٿو وساري سگهان. مهراڻ جي ان، اضافي موج کي هڪ ڀيرو اڳ به اسان ڏٺو هو. 1976ع واري ٻوڏ ۾، صبح جو اسڪول وڃڻ لاءِ اسان جون بسون، ڄامشوري کان حيدرآباد وينديون هيون ته هڪ دفعي ياد اچي ٿو ته پاڻي، پل کان ڪو، ماڳهين ٻه يا ٽي فٽ هيٺ هو، سڀئي اشارا جيڪي پاڻيءَ جي ”حدبندين“ جي آگاهي ڏيندا هئا، پاڻيءَ ۾ غائب ٿي چڪا هئا. 1992ع ۾ به پاڻي آيو هيو، پر 1976ع وارو پاڻي ڪجهه ”اور“ هو. اهي ته ٻئي ”غير معمولي“ صورتحالون هيون. عزيزانِ من...پر سيوهڻ ۽ ٽلٽيءَ سان نسبت رکڻ جي ڪري، دريا شاهه سان الاءِ ڇو، جيءَ جي جڙي لڳل رهي آهي. جڏهن به ريل وسيلي، ڳوٺ وڃڻ لاءِ نڪربو هو ته لڪيءَ جي لڪَ ۾ خاص طور تي سيوهڻ وڃڻ مهل ساڄي پاسي واري دري ۽ اتان واپسيءَ مهل کاٻي پاسي واري دري، زوريءَ زبردستي قبضي ۾ ڪبي هئي. جبلن مٿان، جتي وڪڙ کائيندڙ ريل جو حسن، حسناڪيءَ جي شاهدي هوندو هيو، اتي وري دريا شاهه جو وسيع و عريض پيٽ...اکين کي عجيب تراوٽ بخشيندو هو... ”هاڻي ته پلا به جهڙو ڪر سُسي ويا آهن محمود...“ امڙ سانئڻ ستر جي ڏهاڪي ۾ جڏهن اڃا ايتري ”سوس“ نه آئي هئي، ڪاٺين مٿان سنئيل پلي کي رکندي، بصرن جي ڪاتر سجائيندي چيو هو... رڌڻي ۾ وڇايل ڳوڻيءَ تي مان به ويٺل هئس، جيڪا اسان لاءِ عظيم الشان ”قالين“ هوندي هئي.... امان مٺڙي پلين چانورن ۽ سنئيل پلي جي ٺاهڻ جي شاهه ڪاريگر هئي، بقول سندس ”سيوهڻ ته ڀريل ئي سنڌوءَ جي ڀاڪر ۾ هوندو هيو ابا...۽ ٽلٽي به ڪا پري ڪا نه هوندي هئي.” بيگاري“ وهندي هئي ته لڳندو هئو ته سنڌوءَ وار ڇوڙيا آهن، ڇا ته موج هوندي هئي مهراڻ ۾ ...ڪپرن سان لڳ پيو وهندو هيو...پلا...مڇيون..ٻي خوراڪ....ڇا نه هئو، دريا شاهه جي پيٽ ۾ ....رڇ وجهبو هئو ته ان جي ڪا ڪنڊ خالي موٽي!؟ اهو ٿي نٿو سگهي؟.... آياسين جو سيوهڻ ته ”اڙل“ جيءَ جڪڙي وڌو.... پاڻي مان نه ٿي ڄاڻان ته ڪٿان ايندو هوندو....پر هوندو ته ابا سنڌوءَ جو نه....ٻيو وري ڪٿان جو هوندو! تقريبن ساڍن ٽن ڏهاڪن گذرڻ کانپوءِ ۽ دنيا جي هيڏي ترقيءَ ۽ آبدساني جي جديد طور طريقن کان پوءِ به، مان ذاتي طور تي اهو ڄاڻي ناهيان سگهيو ته جي ڄامشوري کان اوڀر طرف منهن ڪري، سنڌيءَ جي ڪناري تي بيهجي! ته پل کان پوءِ، ساڄي هٿ تي، پاڻي ڇو کٽل هوندو آهي؟ کاٻي پاسي ”ڪُنن تار“ در ڀريل هوندا هئا ۽ ساڄي پاسي آهستي آهستي زمين سڪڻ شروع ٿي هئي. هڪڙو وقت ته اهڙو به آيو جو حيدرآباد کان ڄامشوري ايندڙ، خاص طور تي سوارين جا در دريون بند رکندا هئا، ڇاڪاڻ ته درياهه جي پيٽ مان اڏامجندڙ واري، سڀ ڪجهه ”اڇو“ ڪري ڇڏيندي هئي. وقت ائين ٿي ويو جو ٻوڏ کان سواءِ، ڪڏهن به دريا جو سينو مڪمل لبريز نه ٿيو.... وچ تي واريءَ جا وسيع دڙا، پاڻيءَ جي دٻن سان ڪچهريون ڪندي نظر ايندا هئا ۽ هاڻي ته پاڻيءَ جا قطرا، واريءَ سان رت روئن ٿا. هڪڙي ڳالهه ٻي به اسان عام ماڻهن کي سمجهه ۾ نه ايندي هئي، چوندا هئا ته در ان ڪري بند هوندا هئا جو ڪوٽڙيءَ طرف پاڻي ڇڏڻ سان اهو ضايع ٿيندو هو.... هلو ڀلا.... ڇا انهن چئن ڏهاڪن ۾ ڪڏهن به اهو سوچيو نه ويو ته ”ٻيلي....ٻوڏ ۾ ايڏو اجگر جيڏو وهڪرو اچي ٿو، جيڪو وڃي سمنڊ کي ڀاڪر ٿو پائي، ته ڇا ائين نه پيو ٿي سگهي ته ان طرف پاڻي جي ذخيري لاءِ، ڪو بندوبست ڪيو وڃي ها!.. هاڻي اهو سڀ پاڻيءَ جا ماهر ڄاڻن يا حڪومتون.... پر اسان جهڙو ”فقرائي لڏو“ ته ائين ئي سمجهي ٿو ته ”يار....ڳالهه سمجهه کان زور آهي، ڇا ان طرف مخلوق ناهي، يا اها پاڻيءَ کانسواءِ جيوت جو بندوبست ڪرڻ جو هنر ڄاڻي ٿي!؟“ اٺيتاليهه سال ته منهنجي به ڄمار آهي. تقريبن اڌ صديءَ جي هن سفر ۾ هن عظيم الشان درياهه جي عظمت ۽ عروج...هيٺاهين ۽ زوال جو سفر منهنجي پنهنجي اندر به پسيو آهي. ڄاڻ جو دائرو وسيع ناهي رهيو، ان ڪري ڪا دعويٰ ڪانهي، باقي، اهو سو ضرور آهي جو گلي جي ڪئنسر جي مريض وانگر درياءَ جي نڙي گهٽجندي رهي آهي. اڄ سڀ گڏ هوندا....ماڻهن جي اٿاهه جوش، ولولي، علي قاضي صاحب ۽ ڪي ٽي اين جي جنون کي ڏسندي، هاڻي الاءِ ڪيترا ساٿي قافلي ۾ شامل ٿيڻ جا ”دعويدار“ آهن. درياهه جي ڪپرن ۽ سيني ۾، دل جو درد سموئي، پاڻيءَ جي جاءِ تي خاڪ مٿان تنبو ٻڌا ويندا ۽ جلسا ڪيا ويندا. هر سوچ پنهنجو عڪس چٽيندي، پر ڇا دريا جي اندر جو آواز اسان کي ٻڌڻ ۾ ايندو! .... دريا ته تڏهن ڳالهائيندو، جڏهن وٽس پاڻي هوندو نه.... بنا اکرن جي ٻولي ڪٿان جڙي ٿي سگهي ۽ درياهه شاهه جي ٻولي ته سندس پاڻي آهي.... ڇا ان جو آواز اسان ۽ اوهان تائين پهچندو؟، جيڪو آواز، ڪروڌ ۽ بغض کان خالي هوندو آهي. ستر جي ڏهاڪي ۾، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ”جشنِ تمثيل“ جي سري هيٺ پنجاهه منٽن جو ناٽڪ پيش ڪندو هو....مقرر ڏينهن تي، سڀ اچي، ريڊئي جو پاسو وٺندا هئا، ائين ئي هڪ ڊرامو اهڙو نشر ٿيو، جيڪو پنجٽيهن سالن کان پوءِ به ڌنڌلو نه ٿي سگهيو آهي. ياد اچي ٿو ته مرڪزي ڪردار سيد صالح محمد شاهه صاحب ادا ڪيو هو ۽ ڊرامي جو نالو هو ”اندر جو آواز“....ڪهاڻي ڪجهه ائين هئي جو مرڪزي ڪردار کي اها طاقت ملي ٿي وڃي ته هو ٻين جي اندر جو آواز ٻڌي پيو سگهي....هاڻي جيڪو ڪردار به ساڻس ملي پيو، سو چئي ڪجهه ٻيو پيو ۽ سندس اندر جو آواز ڪجهه ٻيو هو. مثال طور زال تعريف پئي ڪريس ته اندر ۾ پِٽيس پئي. دوست واعدا هڪڙا پيو ڪري ۽ اندر ۾ حساب ڪتاب ٻيا هئس. دڪاندار ٻاهران تعريف ڪري، اندران بيوقوف پيو سمجهيس....الغرض سڄي معاشري ۾ ڪنهن وٽ به اندر جو آواز، زبان جي جملي سان ملندڙ ڪو نه هئو ۽ تنهن وقت اهو مرڪزي ڪردار درياءُ تي اچي ٿو ۽ پاڻيءَ سان ڳالهائي ٿو، جنهن جي اندر ۽ ٻاهر جو آواز هڪ ڪرو ۽ هڪ جهڙو آهي. سخت شرمسار آهيان جو ليکڪ ۽ پيشڪارن جي نالن جي يادگيري نه اٿم، پر ان کان وڌيڪ ان تي به شرمسار آهيان ته اهو هڪڙو آواز به اسان کان کسجي ويو آهي....درياهه تي پهچو ته ڳالهائي ڏسو، پاڻيءَ جون جيڪي به ”لپون“ باقي بچيون آهن، انهن جي صدا ۽ انهن جو اندر هڪجهڙو ئي ملندو....اها ٻي ڳالهه آهي ته اسان وٽ هاڻي اها قوت ناهي رهي جو اسين درد، پيڙا، بيوسيءَ ۽ رنج جي ان ڪيفيت کي سمجهي سگهون. mehmoodmughal@hotmail.com
جواب: محترم محمود مغل جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔ ڪاري ڪاپي، اڇي ڪاپي آچر 7 فيبروري 2010ع لفظ ڄڻ رسي ويا آهن. ڇا لکجي ۽ ڪهڙا ”ڀاشڻ“ ڏجن. اهو حرف، جيڪو جڙي لفظ جي حرمت ٺاهي ٿو، الاءِ ڪهڙي ڪنڊ ۾ پنهنجو منهن مونن ۾ وجهي سڏڪندو رهي ٿو. انساني قدرن، ويليوز، ماڻهن ۽ انسانيت جون ڪهڙيون ڳالهيون ڳڻجن! ڇا لکجي انسان ذات بابت، جڏهن اها بنا ڪنهن سبب جي عقل ۽ هوش جو ڪنڌ ڪپيندي رهي ٿي. اخبارن جا صفحا رڳي ڪاري مس مان نه ٿا لکجن، وحشتن جي ”ڪاراڻ“ به اتي اوتيل ٿي هجي. امام عالي مقام جي چاليهي واري ڏينهن تي دهشتگرديءَ جو واقعو اوندهه کان سواءِ ڇا کڻي آيو آهي. هنن درندن، جانورن ۽ انسانيت جي ڪنڌ کي ڪيرائيندڙن جي سوچ کان سواءِ ٻيو ڇا ذهن ۾ اچي ٿو. ڇا ٿي ويو آهي، صاحبان زمانا؟ حڪم آهي ته زماني کي نه ڳالهايو....صحيح.... بلڪل صحيح پر وقت جي هن لهر کي ڪهڙي خاني ۾ فٽ ڪريون، جڏهن وحشت ۽ بربريت جو شڪار هڪ نوجوان، سڱ نه ملڻ تان، اسڪول ويندڙ نياڻيءَ جي حياتي جو ساهه کسي ٿو وٺي. جنهن سان محبت جي دعويٰ ٿو ڪري، ان جي محبت کي رت جي ”پروڻ“ ۾ ڇاڻي، پنهنجي پاڻ کي الاءِ ڇا ٿو سمجهي. هن انٽرنيٽ جي دور ۾، محبت هڪ سستو، عام ۽ ”لڀندڙ“ نسخو بڻجي وئي آهي، جنهن کي ڏسي تنهن کي محبت جو ”علم“ آهي. حجتن جا سڀ دروازا لتاڙي ٿو هرڪو دلبريءَ جا دعويٰ هڻي ... ايڏي وڏي هام ۽ اها به ائين بي پرواهه...؟ محبت نه ٿي آهي، ڄڻ گاڏي تي رکيل ڪو وکر آهي، جنهن لاءِ ”هوڪو“ لازم بڻجي ويو آهي. اعلان پهرين ڪجي ٿو، محبت پوءِ ٿئي ٿي. يونيورسٽيون ته پري ٿيون، ”مخلوق“ اسڪولن ۾ جدت جي نالي تي سينٽ ويلنٽائن جو هٿ جهلي جيڪا ڪارڪردگي ڏيکاري وڃي ٿي، ان ۾ هاڻي ”ڍڪيو... ڇپيو“ ڇا وڃي بچيو آهي؟ مٿان وري خيرن سان موبائيل فونز ته ڪم ئي سولو ڪري ڇڏيو آهي. اوهان جي سامهون وارو همراهه، اوهان جي پاسي واري سان، اوهان بابت ڳالهائي پيو، اوهان کي اندازو به نه ٿو ٿئي... واهه ... ڪارڪردگي... واهه. ٺڪ، ٺڪ... نياپو ٽائيپ ٿئي ٿو، سڄي قوم ”الو...ميان“ ٿي هڪ نه هڪ ڪن کي زحمت ڏيندي رهي ٿي. نوان نوان پيڪيجز، اوجاڳن کي، سبب جو ”هٿيو“ فراهم ڪن ٿا. سنهي تار تي هلندڙ حياتي جو ڏکيو دور، ڄڻ هاڻي ڪنهن سٺ فوٽ ويڪري شاهراهه تان لنگهندو هجي ... ”سڀ ٺيڪ آهي“... جو نعرو هاڻي ”آل از ويل“ ٿي ويو آهي. عجيب وحشتون اچي ويون آهن، حياتيءَ ۾ عزيزان مَن... الاءِ ڇو، حيا شرم جو دامن هٿان نڪري ٿو ته لڳي ٿو ته اهو سڀ تڏهن ائين ٿئي ٿو، اک ۾ حياءُ هجي ته ائين وحشتون گهيرو ڪن...؟ جي حيا شرم هجي ۽ انسانيت شرمائيندي هجي ته بم يا گولي ته ڇا، ماڻهو جو ماڻهوءَ تي هٿ کڄي؟! هي سڀ الاءِ ڪيڏانهن گم ٿيندو پيو ٿو وڃي. وقت جي ”وئنيشنگ ڪريم“ اسان جي مثبت سوچ، سماجي انداز ۽ خانداني قدرن کي غائب ڪندي ٿي رهي. هي تصوير جو ”ڪارو رخ“ ناهي، صاحبان علم و خرد، بلڪه وقت جي هڪ اهم سچائي آهي ته اسان هڪٻئي کي برداشت ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي. خيال ته رکڻ ٺهيو، هاڻي خيال ئي نه ٿو اچي ... نه حرمت جو، نه عزت جو. ٻئي جي عزت سمجهه ۾ اچي ته ان کي برداشت به ڪجي نه ... اسان کي ٻئي جي بي عزتي سمجهه ۾ اچي ٿي، وقت جي هن اهم ترين سچائيءَ جو مطلب خدا نخواسته ڪو اهو ناهي ته اسان وٽ رڳو بي عزتيون پيون ٿين، پر انسانيت جي عزت سان جيڪي ڪجهه ٿئي پيو ٿو، اهو به ته گهٽ ناهي نه ...هاڻي حرف رسن نه، ته ٻيو ڇا ڪن! هن ئي هفتي هڪ ئي ڏينهن تي، ٻه خبرون آيون. گلزار علي خان استاد کي، شاهه لطيف ايوارڊ مليو ۽ گلاب راءِ استاد، هي جهان ڇڏيو. پنهنجي پرستارن جي آسري تي گلاب جي خوشبوءِ جو واس سڄي سنڌ ورتو هو. ڪو دور هو، جڏهن، شهرت جو ”هما“ سندس گهر جي ٻاهر ڏيڍيءَ مٿان ٺهيل جاري ۾ اچي ويٺو هو. جيڪب آباد جي گرميءَ سان سٿيل هي آواز، ڪئسيٽس جي جهان ۾ جلال چانڊيو ۽ امام بخش زرداريءَ کان پوءِ وڌ ۾ وڌ ”ٻرڪندڙ“ تحفو هوندو هو. حياتيءَ جي آخري ڏينهن ۾ ڪسمپرسيءَ سان ڏهاڙا گذاريندي، گلاب راءِ جي حياتيءَ جو گلاب، عزيزن، دوستن، راڄ، حڪومت، برادريءَ ...مطلب ته ساٿ جو ڪنهن به استعاري مان ڪو به پاڻي حاصل ڪري نه سگهيو هو. سندس پٽ علاج لاءِ ڊوڙون ڊڪون پائيندو رهيو ۽ ٻيا سڀ حيلا وسيلا ”ٺوٺ“ رهيا. عرض ڪيم نه ...حياتي عجيب ٿي وئي آهي ... هڪٻئي جو خيال رکڻ، هاڻي ”ناپيد“ وکر ٿيندو ٿو وڃي. جي ائين نه هجي ها ته برملا ڪنهن چئنل تي سندس ”مکي“ ائين چوي ها ڇا ته، ”مون کي خبر ئي ناهي... هن ٻڌايو ئي ڪو نه ... جي ٻڌائي ها ته ڪا واهر ڪريونس ها نه...!“ هڪ ئي گهٽي ۾ رهندي، پوءِ ڀلي اها هڪ ڪلوميٽر جي هجي يا هڪ فرلانگ جي ... ڇا گلاب راءِ جهڙي ماڻهوءَ لاءِ به ”ٻڌائڻ“ ضروري هو؟ ڪي ڪي شهر ڪن ماڻهن جي حوالن سان به هوندا آهن، ڇا جيڪب آباد، گلاب راءِ کي ڪو نه سڃاڻيندو هو...؟ مٿان وري ساڳئي ڏينهن تي ئي، استاد گلزار علي خان کي لطيف ايوارڊ مليو آهي ته الاءِ ڪيترن جي مٿان ڪا ”ڀت“ ڪري پئي آهي. هر ڪنهن کي پنهنجي ”افاديت“ ۽ ”انفراديت“ ڏسڻ ۾ اچڻ لڳي آهي. لڳي ائين پيو ته سڀ ان ايوارڊ جا ”حقي“ وارث هئا، سواءِ هڪ استاد گلزار علي خان جي ...”نه---“ دنيا ۾ اها ڪارپت ڪا نئين ناهي، پر هر ڳالهه جي به ڪا حد هوندي آهي. هڪ لائق وجود کي، جيڪو الله جي آسري تي آهي ۽ سچي ڳالهه ته اها آهي ته جنهن جو ڪو خاص ”داٻو“ يا ”پٺ“ ناهي ... جنهن لاءِ محفلن ۽ ”طول وهاڻن“ جو ڪو بندوبست ناهي هوندو ۽ جيڪو استاد پنهنجي ”غريبي حال“ تي خوش آهي، جو اهو ايوارڊ مليو آهي ته اهو ته ان ايوارڊ لاءِ فخرمند لمحو آهي. سرن جي جهان سان جيڪي به تعلق رکن ٿا ۽ استاد گلزار علي خان جي فن کان واقف آهن، اهي پنهنجي دل تي هٿ رکي چون ته ڇا استاد، ان ايوارڊ جي لائق، نه هو!! ۽ هلو ڀلا جي هن واري استاد اهو ايوارڊ کڻي ويو ته، سربخت جو خير هجيوَ، ٻئي واري اها ”غلطي“ ٿيڻ نه ڏجو. اوهان کي کپي ته اوهان ئي کڻجو... پر هن وقت، ڪنهن جي خوشيءَ کي ”ڪسارو“ ته نه ڪريو. لفظ رسي ويا آهن، خواتين و حضرات... خواب نگر جي هن اڄوڪي شماري ۾ اڇي ڪاپيءَ کان وڌيڪ، روين، سلوڪن ۽ سوچن جي ڪارين ڪاپين کي قلم کڻي آيو آهي، پر هر ڪاراڻ مان اڇاڻ نڪرندي آهي ... ڌڻي مٺو ڪندو ته اهي سڀ زمانا موٽندا، جڏهن محبتون، هوڪن کان وڌيڪ ”حجابن“ ۾ سونهنديون هيون... جڏهن سڱ به ائين گهريا ويندا هئا، جو جيت جڻي کي به خبر نه پئجي سگهندي هئي ۽ جي انڪار ٿيندو هو ته ڄڻ ڳالهه ئي ڪا نه ٿي ۽ اقرار ٿيندو هو، ته اجازتن سان، ان لاءِ ذڪر ڪيو ويندو هو... جڏهن گُڻي، استادن، فنڪارن ۽ ماهرن جي پرگهور، ادارن کان وڌيڪ سندن پنهنجا لهندا هئا ۽ جڏهن، ڪنهن کي ڪجهه ملندو هو ته لڳندو هو ته، ”مون کي مليو آهي“. ائين ٿيندو ڪو نه هو ته مان ته آهيان نه... مان ئي ته آهيان...“ اچو ... ڪجهه سوچيون ٿا...اميد جي ڏيئي ۾ سمجهه جو تيل وجهون ٿا ...گڏجي، انسانيت لاءِ ٿا سوچيون ... ۽ دعا ٿا ڪريون... اسان وٽ حرف موٽي اچن... حرفن سان لفظ ٺهن ۽ دعائون جڙن ... دعائون ... جيڪي جڏهن پروردگار وٽ قبول ٿين ته ”ڏولاوا“ ڏور ٿي ويندا آهن. حياتيءَ ۾ ڪاري ڪاپي به ضرور آهي، ڇاڪاڻ ته ان مان ئي زندگيءَ جي پرنٽ ٺهي ٿي...پر اهو به ياد رکڻ ضروري آهي ته ڏيکاربو رڳو اڇو پرنٽ آهي. ڪاري ڪاپيءَ جو ڪم، لفافن ۾ رهڻ ئي هوندو آهي. mehmoodmughal@hotmail.com
جواب: محترم محمود مغل جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔ پهريون سَلو محبت جو آچر 14 فيبروري 2010ع مون کي ڏسي سندس اکين ۾ ”مُرڪ“ لهي آئي هئي، نيڻن جي جوت هڪ مخصوص انداز ۾ جرڪي هئس، جنهن جي ڄاڻ صرف مان ئي رکان ٿو. ائين هوندو آهي ته محبتن ۾ هڪٻئي لاءِ هڪٻئي جا الاءِ ڪيترا ”اهڃاڻ“ ساڻ رکبا آهن، سانڍي رکبا آهن، جيڪي صرف ۽ صرف هڪٻئي لاءِ هوندا آهن. جڳ جهان جي وچ ۾ ڪير به، انهن کي، ڪنهن به طريقي سان محسوس ناهي ڪري سگهندو. هجوم جي وچ ۾ اڪيلائي ان مهل ئي ٽهڪ ڏيندي رهندي آهي. اسين ورهين جا ساٿي آهيون، معاملو ڪجهه ڏهاڪن کان به مٿي جو آهي. نگاهه ۾ منظر ان عمر ۾ ڀريل هئا، جڏهن نالو وٺڻ ”زيادتي“ هوندو هيو، چلمنن جي اوٽ ۾ ڪا جهلڪ نظر آئي ته ٿيا ست خير، باقي ائين کليو پليو ”دم ديدار“ ممڪن نه هوندو هيو. گڏ پڙهندي به نظر کي هيٺ رهڻ جو حڪم مليل هوندو هو، نگاهه ايتري ”ايڊوانس“ ڪو نه ٿي هئي، محبت ته ڇرڪ هوندي آهي، ساهه نپوڙي وٺندي آهي. موسمن جي تبديلين ۾ اندر جا ايوان مٽيا هئا. زبان اقرار نه ڪيو هو، پر دل جو ”سٽڪو“ بيهندو ئي نه هئو. وقت گذري ويو، ڪجهه ٿي نه سگهيو، جدائي در تي اچي بيٺي هئي ۽ نيٺ اها ڏيڍي خالي ٿي وئي هئي. اقرار هئو ڪو نه ته انڪار جي صدا ڪٿان بلند ٿئي ها؟ ڪاغذ اڇو هيو، اڇو ئي رهيو. دل، دهمانن جي ور چڙهيل ئي رهي. هر نئين محبت، اندر جي ڌرتيءَ تي نئين سلي جي نسرڻ جيان هوندي آهي. پنهنجي اندر ۾ اسين پهرين محبت جي سلي کي وڌندو وڻ ٿيندي ڏسندا آهيون، ان جو مطلب اهو هرگز ناهي هوندو ته ڪو اسان، نون سَلن کي پوکڻ ڇڏي ڏنو آهي، پنهنجي اولاد، ڌرتيءَ، نوڪريءَ، اولاد جي اولاد ۽ الاءِ ٻين ڪيترن ”اسمن“ مان اسان جي محبتن جا ٻوٽا پوکجندا رهندا آهن، پر پهريون وڻ سدائين پهريون ئي رهندو آهي، ان وڻ جي ٿڙ تي گهڻا نالا ناهن اڪريل هوندا...جي گهڻي ”اُڪر“ ٿي وڃي ته وفا شرمائجي ويندي آهي ۽ محبتن جي ڌرتيءَ تي بيوفائي ڪنهن گناهه کان گهٽ ناهي هوندي. حياتي هجي ته ملاقات ٿيڻ جو ”انديشو“ رهي ئي رهي ٿو. دنيا بيحد وسيع آهي ۽ بيحد ننڍڙي پڻ...جنهن سان ملڻ مقدر ۾ هجي سو ڄڻ اڳئين گهٽيءَ ۾ بيٺل هوندو آهي ۽ جنهن لاءِ بخت ياوري نه ڪري، اهو ته سامهون رهندي به نظر نه اچي سگهندو آهي. ”پوڙهو ٿي ويو آهين....سڄو اڇو....وارن ۾ ڪپهه لاٿي ٿئي ڇا؟....“ هن چانهن مڪس ڪئي، ٽي بيگ کي چمچي تي ويڙهي پنهنجي کاٻي آڱوٺي سان زور ڏيندي رهي. مان چمچي جي ”بخت“ تي نهارڻ لڳس، سندس آڱوٺو ائين ئي حسين هيو، پراڻي وقت جيان، سندس آڱرين جا نُنهن وڌيل هئا، پر آڱوٺي جو ننهن ڪٽيل هو. چمچي سان ويڙهيل ٽي بيگ مان، چانهن جا ٽيپا ڪوپ ۾ ڪرندا رهيا، مون کي لڳو ڄڻ منهنجي غير حاضريءَ جا ”بهانا“ به ائين ئي ٽيپو ٽيپو ٿي، وقت جي ڪوپ ۾ ڪرندا ٿا رهن. ”عمر وڏي ٿيندي ته وار ته اڇا ٿيندا نه ....“ ”منهنجا ٿيا هن؟....هن جهٽڪو ڏئي کليو، جهٽڪي سان لحظي لاءِ سندس مک تي وار لٿا ۽ وري مٿي ٿي ويا، هن ڪوپ ٺاهي منهنجي سامهون رکيو. ”توهان ننڍا آهيو مون کان....“ چانهن جو ڍڪ ڀرڻ ساڻ جملو اڇليم، هن بيحد اطمينان سان پنهنجو ڪوپ ٺاهيو ”هاڻي ايتري به ناهيان....“ مون ڪجهه چوڻ چاهيو، چئي نه سگهيس، ٻيو ڍڪ ڀريم، هن ڳالهه مڪمل ڪئي ”ڪَلر ڪندي آهيان نه ته حال منهنجو به اهڙو ئي ٿئي....“ جملو پورو ڪري، هن چانهن جو ڍڪ ڀريو، مان تيستائين اڌ ڪوپ کن پي چڪو هئس، هن مرڪيو. ”مٽجي ويو آهين....هاڻي چانهن گرم ٿو پئين، اڳي ته ٺاري ڀَت ڪندو هئين“. مون ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو، هن وڏو ڍڪ ڀريو، ان جو اندازو مون کي سندس ڳيت ڏيڻ مان ٿيو. ملاقات ٿي به عجيب هئي، سندس آفيس ۾ گل ٻوٽا لڳائڻا هئا....جنهن تعميراتي فرم سان مان لاڳاپيل آهيان، ان ۾ ذري پرزي جو خيال رکيو ويندوآهي. عمارت مڪمل ٿيڻ کانپوءِ باغ بستان تائين جو ذمو ڪمپني کڻندي آهي ۽ ان ۾ صاحبِ زر جي خواهش جو خاص اهتمام ڪيو ويندو آهي، جيتوڻيڪ هو شفٽ ٿي چڪا هئا، پر باغن تي ڪم هلندڙ هيو....خبر نه هئم، ته جنهن گلستان جي لاءِ پڇا ڪرڻ ٿو وڃان....تنهن جي سربراهه، هن دل جي باغ جو گهاٽو وڻ هئي. ”وڻن جي چوائس لاءِ آيو هئس....توهان جي عمارت ۾ پلانٽيشن جي حوالي سان آرڊر ڏيڻو آهي....ان لاءِ ائپرووَل وٺڻو هيو....“ دل چيو چوانس....ڪهڙي خبر هئي ته اڳيان تون نڪري ايندينءَ؟ ماڻهوءَ کي ته جي سچ پڇو ته ڪا خبر ئي نه ٿي هجي ته هجر ۽ وصل جي ڪهڙي گهڙي اڳيان بيٺل آهي....اهو جي علم هجي ها ته حياتيون مٽجي نه وڃن ها.... ”پاڻ ٻنهي نقشن جو علم پڙهيو....تون وڻڪاريءَ واري پاسي هليو وئين ڇا؟....“ ”نه“ پر ڪلائينٽيل (Clientele) آهي ته ڪم ته ڪرڻو آهي نه....“ هن سامهون وڇايل شيشي مٿان نگاهه ڪئي، جنهن هيٺ، عمارت جو نقش هيو. ”ياد ٿي.... پاڻ فائنل ايئر ۾ ماڊل ٺاهيندي ڪيئن نه ڪارُن جا ننڍڙا رانديڪا وٺي ايندا هئاسين....۽ توبهن....روڊن جي پاسي کان وڻ هڻڻ ته عذاب هوندو هو، وڻن جا رانديڪا ڪٿان ملندا ڪو نه هئا....ڪاغذ ڪٽي، سائو رنگ هڻي مٿان وري تيليءَ ۾ ڦاسائي ٻيا ڪم ڪڍندا هئاسين....“ هوءَ کلي....سندس کل اڄ به تازي تواني هئي. ”ها....ياد اٿم....۽ سدائين، گلن ٻوٽن ۽ وڻن تي پاڻ اٽڪندا هئاسين، گند ڪچري جي اڇل کان وٺي زمين جي ٽڪري جي مڪمل صفائيءَ تائين پاڻ ڪيڏو نه بحث ڪندا هئاسين....“ ”ييس.... مان اهو ڪيئن ٿي وساري سگهان....“ ”ته بس پوءِ اهو ئي جهان آهي....مان اڄ به وڻن، گلن، ٻوٽن لاءِ ساهه ڇڏيندو آهيان....جيڪو اسان سوچيو هيو.... اهو پنهنجي ٺاهيل هر عمارت لاءِ سوچيندو آهيان، توهان کي ياد آهي پاڻ سوچيو هيوسين ته هن ڌرتيءَ کي سونهن سوڀيا ڏينداسين، گلن گلن جون قطارون....صاف سٿرو مٿاڇرو....ساهه ڀرجي آيو هئم....ڳالهه الاءِ ڪٿان کان شروع ڪري ڪيڏانهن کڻي ويو هئم....هوءَ مون ڏي نهاريندي رهي. ”تون اڃا تائين اهڙو ئي آهين....جذباتي، تڪڙو، پنهنجي ڳالهه مڃائڻ لاءِ آتو....“ ”ڪجهه گهڙيون اڳ اوهان ئي چيو هو....ته مان مٽجي ويو آهيان، چانهن گرم پيئڻ لڳو آهيان....“ ”اهو ڪو پيراميٽر ناهي، اهو ته مون ائين ئي چيو هو، باقي تنهنجي گفتگو....تنهنجو انداز....ٻين لاءِ ائين ڦاٽ کائڻ....ان ۾ ته ڪو فرق ناهي پيو....“ ”اکين ۾ خواب هجن ته نيڻ ڀريل ئي هوندا آهن ۽ ڀريل نيڻ ڏاڍو جلدي ڇلڪندا آهن....“ ”توکي خبر هئي ته مان هتي آهيان....؟“ ”جيڪي وڃائجي وڃن، سي ڳولبا آهن....مون اوهان کي ڳوليو ئي ناهي ته خبر ڇا جي رکان!“ هن ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيو، فائل تي صحيح ڪندي چيائين ”جيڪي ٻوٽا توکي پسند هجن، سي ضرور لڳائج....مان ڪا به چوائس نه ٿي ڏيان....ها بيد مشڪ نه وسارجانءِ....“ منهنجي ماٺ طويل ٿي وئي، هن مون ڏي نهاريو ”اڳي ايترو ڳالهائي ڪو نه سگهندو هئين....ها نه؟“ ”مٿي ۾ اعتبار جي چاندي ڪو نه ڀري هئم پهرين....هاڻ وارن جي چڳن سان من ۾ به ڪجهه دم ڀريو اٿم، هر لحظي ايندڙ وقت نه هجڻ جو خوف رهي ٿو، وري موقعو نه ملڻ جي صدا، ڪنن ۾ گونجندي رهي ٿي“. ”پنهنجي ٻارن کي مان به ائين ئي چوندي آن.... چاليهه ٽُپ ته جهڙو سامان ٻڌجڻ شروع ٿو ٿئي....“ هن مرڪيو....هاڻي مرڪ جو دائرو زخمي هئس، فائل کڻي مان اٿي کڙو ٿيس، ”وڏي مهرباني....”ائين سڀ گڏجنداسين ۽ ڌيان ڏينداسين ته ٽڪرا ٽڪرا گڏجي، زمين کي حسناڪي ڏيندا....“ ”يُو آر ويلڪم“ هوءَ به اٿي بيٺي....وري ڪو به ڪم ڪار هجي ته هليو اچجان....هن واري جي گهڻي دير نه ٿي ته تنهنجي بدلجڻ جو گهڻو احساس ڪو نه ٿيندو....“ سندس ڪنڌ جو هيٺ مٿي ٿيڻ جاري هو، منهنجي دل چيو چوانس بنا ڪم ڪار جي هن دل سدائين تو وٽ اچڻ لاءِ ئي چيو آهي....ڇا اهو توکي ٻڌڻ ۾ ناهي آيو! ۽ ڇا اهو تنهنجو ڪنڌ، هڪ ڀيرو سڌو ٿي، پوري نموني سان ڏسڻ جي عنايت نٿو ڪري سگهي؟....“ ”اڄ سالن کانپوءِ توسان ملي دلي خوشي ٿي، سچي مزو ٿي ويو، پراڻا ڪليگز، ڪلاس فيلوز ملن ته جهڙو روح خوش ٿيو وڃي....“ ”سيم هيئر....اجازت ٿو گهران....الله حافظ“ مون هڪدم ڪنڌ ڦيريو ۽ ٻاهر لاءِ مڙيس، پويان سندس آواز ٻڌم، ”الله حافظ“ منهنجي اندر ۾ محبتن جي وڻ، دل جي ڌرتيءَ تي جهومندي چيو ”روح ته تنهنجو مهڪي پيو آهي، ملنگ....جو هن اڃا تائين ”توهان“ جو هٿ ناهي جهليو ۽ ”تون“ جي آڱر جهليل آهي. اڄوڪي ڏينهن گهٽ ۾ گهٽ هڪڙو ٻوٽو ضرور هڻجان، ڇاڪاڻ ته هر سَلو، ٻاهر نڪري، محبتن جي ياد جي نشاني بڻجندو آهي. mehmoodmughal@hotmail.com
جواب: محترم محمود مغل جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔ شاهه ڪاريگر آچر 21 فيبروري 2010ع مرحوم سڪندر بلوچ صاحب، ”شاهه ڪاريگر“ هيو. پروردگار جهڙي صورت ۽ هاٺي ڪاٺي سهڻي عنايت ڪئي هئس، اهڙو ئي سندس ”لب و لهجو“ هوندو هيو. سماعتن جي جهان ۾ آواز جي حڪمراني هجي ٿي، جتي ڪَن هجڻ لازم آهي، اتي وري آواز جو جادو به پنهنجي جاءِ تي خاص ترين حيثيت رکي ٿو. مٺڙو رب جل شانه آواز جي عنايت ڪري ٿو، اندر جو مفهوم لفظ عنايت ڪن ٿا، اظهارين ٿا، هاڻي ان صورتحال ۾ آواز جي سونهن ۽ مٿان وري خوبصورت ”گفتگو“ جو سون تي سهاڳو، تمام گهٽ ماڻهن کي نصيب ٿئي ٿو، ائين به ڏٺو ويو آهي ته آواز ته عنايت ٿيل آهي، لهجي ۾ مٺاڻ غائب آهي، شيرينيءَ جي دڪان تي، ڄڻ ڪو ضيابطيس جو مريض ويٺل هجي، جنهن جو ڪنهن به مٺاڻ سان ڪو به تعلق نه هجي، بلڪه اهو وڌيڪ اهم آهي ته اهو مٺاڻ هن لاءِ ”زهرِ قاتل“ هجي. اندر ۾ فرعونيت اوتجي ته لب و لهجو مٺو هجڻ جي ڪا گنجائش نه ٿي نڪري ۽ جي اندر ۾ ”حلواڻ“ هجي، ته آواز پاڻ ڇڪائي ٿو، لهجو پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀري ٿو، ماڻهو سماعتن کي نه ٿو جهڪائي، پاڻ جهڪي پوي ٿو. پنهنجي سائين بلوچ صاحب جي سامهون اسين سڀ به ائين ئي هوندا هئاسين، خوش پوش، خوش اندام، سگريٽ جي دونهين کي، پنهنجي سهڻي لباس ۾ اوتيل، سڪندر بلوچ صاحب، براڊ ڪاسٽر گهٽ ڪو فلاسافر وڌيڪ لڳندو هيو، هٿن ۾ سدائين ڪو نه ڪو ڪاغذ ضرور هوندو هئس، تقريبن پنجويهه سال ته مون به سندس ڪڏهن نه ڪڏهن ڪٿي نه ڪٿي ”ديدار“ ضرور ڪيو. اسين ننڍڙا ڪارڪن پنهنجي وڏڙن کان الاءِ ڇو پري پري هوندا آهيون ”حفظِ مراتب“ ذهن ۾ هجي ته ويجهڙائپ جو ڪو به جهوٽو روح کي ڇهي ڪو نه سگهندو آهي. الاءِ اهو اسان جي وڏڙن جو، استادن جو يا مٽن مائٽن جو ”تربيت نامو“ آهي، الاءِ ڇا جو ڪڏهن به ”فري“ ڪو نه ٿي سگهندا آهيون. استاد محترم نصير مرزا سان به هڪ ”حُجَ“ آهي، تڏهن گاڏو پيو ڌڪجي، باقي ريڊيو جا ايس ڊي هجن يا پي ايم، يا ڊائريڪٽر، پنهنجو مڙئي ساهه پيو نڪرندو آهي، هاڻي ان سڄي صورتحال ۾ هڪ ”برڙ باڪاس“ وجود سان، اسان جهڙن جو ڇا ڏيڻ وٺڻ.... اسان لاءِ ته محترم عنايت بلوچ، سائين امداد خواجه، آغا سليم، سائين الله بخش شاهه بخاري، سائين الياس عشقي، ٻيا سڀ ايس ڊيز جي سلام جو جواب ڏيندا هئا ته به عيد ٿي ويندي هئي، اها ته سڪندر بلوچ صاحب جي عنايت هئي جو کڻي ڀاڪر ۾ ڀريندو هو. هاڻي ائين ڪو ناهي ته ٻيا سڀ رخ ڦيري ملندا هجن، پر يا ته ائين هو جو ان زماني ۾ ”پتڪڙائپ“ ڪجهه گهڻي هئي يا سندن عهدي جو اهو تقاضه هوندو هيو، سواءِ عنايت بلوچ صاحب جي، جنهن جي مک تي سدائين مرڪ هوندي هئي. بلوچن ۾ شايد محبت جي ڪٿ ڪجهه گهڻي ئي آهي ۽ ان لاءِ هتي انهن ٻن بلوچن جو حوالو ئي ڪافي آهي. سڪندر بلوچ صاحب کي مون سدائين مضطرب محسوس ڪيو، ڪجهه ڪرڻ جي سوچ، سندس اندر ۾ اوتيل هئي، بلڪه هو ان سان ڄڻ ٽمٽار وجود هيو، ڳالهائيندي ڳالهائيندي سندس نگاهه، ڪنهن پولار ۾ هلي ويندي هئي ۽ هو ڄڻ پنهنجو پاڻ کي ميڙڻ جي ڪوشش پيو ڪندو هو، پرفارمنگ آرٽ سان سندس جيءَ جي جڙي هئي، کيس اداڪاري ۽ صداڪاريءَ جو شعور هيو ۽ آواز جي زير و بم ۽ لفظن جي اچار تي کيس مَلڪو حاصل هوندو هيو، اسان جي سينيئرز ۾. الاءِ ڪيترا وڏا صاحب هئا، جيڪي پاڻ پرفارمر نه هئا، اهي صرف صاحب هوندا هئا ۽ اداري کي ايڊمنسٽريشن جي حوالي سان هلائيندا هئا، پر سڪندر بلوچ صاحب ڇاڪاڻ ته پاڻ به پرفارمر هئو، تنهن ڪري سندس انداز ٻين کان يگانو هو. 1985ع جي آخر ۾ نصير مرزا صاحب جي مَهرَ سان حياتيءَ جي ڪاروهنوار جي ڪا صورت جڙي هئي، مان، شبنم گل، رميش ڪمار ۽ بخشڻ مهراڻوي آواز جي لهرن جي ڌاڳن سان ٻڌجا هئاسين، ٻين سڀني جي لاءِ مان ڇا عرض ڪيان، منهنجي پوزيشن بهرحال مون کي ئي عجيب لڳندي هئي، هر وقت اهو ڊپ رهندو هيو ته ڄاڻ ڪڍيائون نوڪريءَ مان. نوڪري ڇا هئي، ڪمپيئرنگ هئي، جنهن جا في پروگرام پنجٽيهه رپيا ملندا هئا، پنجن بڪنگز جي صورت ۾ پوڻا ٻه سئو رپيا مهينو اسان لاءِ شهنشاهي نوڪري هوندي هئي، هاڻي اهي به جي ڦرجي وڃن ته مزو ڪٿان ٿئي ها...ڀلو ڀل جو ڇيهه هيو ۽ اسين هئاسين ”الهه جا ماڙهو“ بهرحال نصير صاحب ڏاڍي ڪوشش ڪندو هيو ته هي ”وات ڳاڙهو“ ڪجهه سکي پوي، مون به وسائون نه گهٽايو، پر بهرحال براڊ ڪاسٽر ٿيڻ لاءِ به ”اعتماد جو دم“ گهرجي ٿو، جنهن لاءِ مستقل ڪوششون ڪندو رهندو هئس. 1986ع جي ڪا شام هئي، محرم الحرام جي ڏهين تاريخ هئي،”سرهي سانجهه“ ۾ منهنجي ڊيوٽي هئي، شام جو ستين وڳي کان اٺين وڳي تائين اهو پروگرام سنئون سڌو پيش ڪرڻو هيو، جنهن ۾ ساڍي ستين وڳي اردوءَ ۽ سنڌيءَ جون خبرون به شامل هيون، هاڻي اسان کي به نئون نئون جوش هيو، مٿان وري ان ڏينهن سواريءَ جي کوٽ به هوندي آهي، سو مان، شام جو پنجين وڳي ئي موٽر سائيڪل تي اسٽوڊيو پهچي ويس، هاڻي رڳو ماٺ هجي ۽ پروگرام ۾ ٻن ڪلاڪن جي وٿي...خبر پيم ته اندر سڪندر بلوچ صاحب، تحت اللفظ پيش ڪري رهيو آهي، همٿ پڪڙي اندر هليو ويس، اجازت ورتم ۽ ڪنڊ کان ويهي رهيس، ڇا ته ادائگي هئي، لفظ لفظ ڪنن ۾ ٻري رهيو هيو، سائينءَ ڪو ويهه منٽ تحت اللفظ ادا ڪيو، رخصت ٿيا ته موڪلائيندي چيائون ”گڊ لڪ...ينگ مئن...ايني پرابلم؟“ هاڻي منهنجو سٽاءُ بلڪل سادو هو، اسڪرپٽ هيو ۽ ائٽم هيا، اسڪرپٽ مناسب هو، ائٽم وقت کان اضافي هئا، جنهن جي ڪري ڪا به پريشاني ڪا نه هئي..عرض ڪيم ”نو سر...“ اضافي ائٽم جو مطلب اهو هيو ته جي وقت بچي پيو ته ائٽم هلي ويندو، هن ۾ اهم ترين ڳالهه اها هئي ته ترتيب ۾ جهول نه اچي، نوحو، سلام، مطلب، جيڪي ڪجهه پيش ٿئي سو باترتيب هجي، بلوچ صاحب هڪ نگاهه سٽاءُ تي وڌي ۽ هليا ويا. هاڻي مون وٽ، ست لڳي ويهن منٽن کان ساڍي ستين جي علاقائي خبرن تائين، علڻ فقير جي آواز ۽ ڪيڏاري جا بيت هئا!...مون پروگرام شروع ڪيو، ست لڳي ويهن منٽن تي بيت هلايا..قدرت سان، انهن جي وچ ۾ ماٺ جو دورانيو ڪجهه وڌيڪ هيو، ٻه بيت هليا، وچ ۾ ماٺ ٿي ته منهنجي انجنيئر دوست، ٽئپ ڏانهن نهاريو، شيشي جي پريان کان مون تان نگاهه هٽائي ۽ لائين اِن ڪري ٽيپ لاهي ڇڏيائين. اٺ منٽ وچ ۾ هئا ۽ هن صاحب ٽئپ لاٿي، سگريٽ ٻاريو ۽ روانو ٿي ويو. اها سرد شام مان بلڪل نه ٿو وساري سگهان، اڪيلو اسٽوڊيو، لائيو پروگرام، نئون ميزبان، وڏو ڏينهن ۽ حساس ترين موضوع...ڌڻيءَ جي قدرت ڏسو...ٻه ڪلاڪ پهرين اسٽوڊيوز ۾ گونجيل سڪندر بلوچ صاحب جو آواز ڄڻ وري موٽي آيو، مون اهو سڀ ڳالهائڻ شروع ڪيو، جيڪي بلوچ صاحب جي آواز جي سونهن هئي، ڌڻيءَ جي مهر ڏسو، اٺ ئي منٽ پورا ٿي ويا، خبرن پڙهڻ لاءِ آپا زينت بروهي ۽ خالد لطيف اچي ويا ۽ منهنجو پگهريل وجود ڏسي پاڻ پريشان ٿي ويا. اهو ڏينهن ۽ اڄوڪو ڏينهن...پنهنجي والدين ۽ استادن جي دعا سان، جي اهو چيو وڃي ٿو ته ”محمود مائڪروفون تي ساندهه بنان ڪنهن ڪاغذ جي مدد سان ڳالهائي سگهي ٿو...“ ته سچ ته اهو اٿوَ ته اهو حوصلو، ان مهڪندڙ مرڪندڙ آواز جو آهي، جيڪو منهنجي آخري ساهه تائين منهنجي ڪنن ۾ ٻرڪندو رهندو. محترم سائين... پنهنجي ماتحتن، پنهنجي ڪارڪنن ۽ اسان جهڙن عام رواجي وجودن تي اوهان جيڪا محبت ۽ سکيا جي مهر ڪئي، ان جا ٿورا ته اسين نه ٿا ادا ڪري سگهون، پر بهرحال اهي ڳائي ضرور سگهون ٿا. اهو حسن ڪارڪردگيءَ لاءِ ڪنهن جي ڪاغذن کي ترت موڪلڻ جو معاملو هجي يا نائب قاصد جي ڪنهن ذاتي مجبوريءَ جي مدد... اوهان جيڪي ڪجهه ڪيو، تنهن جا ڀاڙا اوهان کي رب مٺڙو عنايت ڪندو آمين. وطن عزيز جي سماعتن ۽ خاص طور تي حيدرآباد جي هوائن، هڪ بي انتها پڙهيل لکيل، مهذب ۽ بااصول عملدار ۽ آواز کان موڪلايو آهي، جنهن کي شهر جي جوت جي خبر هئي ته ڳوٺ جي لوڪ رنگ جي به...جتي هو ٿري پيس پهريندو هيو ۽ فلمي اداڪار جيان ڏيک ڏيندو هيو، اتي سندس ڳوٺاڻو روپ به ڪنهن کان وسري ڪين سگهندو...آواز جا سڪندر گهٽ هوندا آهن ۽ سڪندر بلوچ ته ماڳهين ورلي پيدا ٿيندا آهن. ٽنڊي آغا ۾ آواز جو اهو شاهه ڪاريگر ستل آهي، سيد صالح محمد شاهه کان علم و ادب جي ڄاڻ جي حوالي سان اسان لاءِ هي ٻيو وڏو سانحو آهي...حيدرآباد جي هوا، سماعتن جي ان درد کان بخوبي واقف آهي. ڇا اختيار جي صاحبن وٽ به ڪو اهڙو نسخو آهي، جو هڪ غريب سڪندر، ڪنهن اهڙي اعزاز کي ”بعد از مرگ“ حاصل ڪري، جيڪو کيس دراصل پنهنجي حياتي ۾ ئي ملڻ گهرجي ها. mehmoodmughal@hotmail.com
جواب: محترم محمود مغل جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔ هڻين ٿو ديد سان ڌاڙا آچر 7 مارچ 2010ع سائينءَ وٽ حاضر هئاسين ۽ ماحول عجيب تر هو...ماٺ جو دائرو وسيع ٿي ويو هو....سڀ خاموش هئا، هنن هڪڙي هڪڙي ڏانهن الڳ الڳ پئي ڏٺو، ڏسندي هڪڙو وڏو ساهه کنيائون ۽ پنهنجي جهونگار کي وري جاري رکيائون.”اکيون هي رب رکيون آهن، ترارن کان تکيون آهن...ڦرڻ ڪنهن کان سکيون آهن....عجب اسرار رکي جاني... هڻين ٿو ديد سان ڌاڙا، ڪرين ڦرمار رکي جاني... ڪنڍيون ڪاريون ڪڪوريل ڪن ڪهڻ جي ڪار رکي جاني ڪنڍيون ڪاريون ڪڪوريل....“ سڀئي آواز جي ”سوز“ ۾ وٺجي ويا هئا...ماحول عجيب تر ٿي ويو هو...”محبت جي مام ته هونئن ئي عجيب هوندي آهي، ان جو سبق، هر ڪنهن لاءِ عجب اسرار کڻي ايندو آهي ٻچا...“ جهونگار مڪمل ڪرڻ کانپوءِ هنن هڪدم ڳالهه شروع ڪئي...”جذبو ساڳيو هوندو آهي....ان جي پٽاڙ مختلف هوندي آهي بابلا....“ جملا ننڍڙا ننڍڙا هئا...قطرو قطرو گڏ ٿي رهيو هو....ڪو آبشار جنم وٺڻ وارو هو....اسين سڀ درس لاءِ ڪٺا ٿيا هئاسين...اڄ ڪلاس جو وارو هو...موضوع جي چونڊ هر واري پاڻ ڪندا آهن...هن واري تونئريءَ تي ويهندي ئي هنن هڪدم چئي ڇڏيو هيو ”موضوع جي چونڊ پاڻ ڪيو...وڌيڪ عرض ڪرڻ منهنجو ڪم آهي...“ ڪنهن کي به سمجهه ۾ نه آيو هو ته ڪهڙي موضوع جي چونڊ ڪجي...مرڪ سندن مک تي وسيع ٿي وئي هئي. ”منجهي پيا آهيون نه سڀئي؟...ائين ئي ٿيندو آهي ٻچا...چونڊ ڪرڻ جي اجازت ملي ته چونڊڻ ڏکيو ٿي پوندو آهي...اسين ته سدائين ”هٻڙ ڌٻڙ“ ۾ هوندا آهيون، جيڪو هٿ اچي وڃي، سٽ ڏئي جهلي وٺندا آهيون...چونڊڻ لاءِ چئجي ته اسان جي واڇ ڦري ويندي آهي...حياتي امتحان بڻجي ويندي آهي...مونجهه ماٺ کي جنم ڏيندي آهي...“ ”سڀ ڪنهن سان ائين ٿيندو آهي سائين؟....“ ڪنهن ڪنڊ مان سوال اڀريو...پاڻ ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيائون...”نه....سڀ ڪنهن سان نه ٿيندو آهي، جن جي دل جي دنيا آباد هجي، انهن لاءِ ڪجهه به چونڊڻ ڏکيو ناهي هوندو...پنهنجي ڪلهن تي کڻي هلندڙ بارن وارو وجود، چونڊ جو سليقو گهٽ ڄاڻندو آهي شهزادا....هاڻي اهو به ڏاڍو عجيب آهي ته دنيا ۾ تمام گهڻو سيڪڙو انهن ماڻهن جو هوندو آهي، جن جا ڪلها ڀريل هوندا آهن، دليون خالي هونديون آهن يا ٿي وينديون آهن...ڪنهن کي پنهنجي دل ۾ رهائڻ کين ايندو ناهي...يا وري ترسڻ واري کي گهٽ ٻوسٽ ٿيندي آهي ۽ اهو اتان ”کسڪڻ“ ۾ ئي عافيت ڀائيندو آهي. صورتحال ڪهڙي به هجي...دل خالي ٿي ويندي آهي، خالي دل ”چوائس“ جي هنر کان آجي هوندي آهي...“ ”اهو ڪيئن ٿيندو هوندو سائين...“ ڪنهن ڀڻڪيو...”جي دل خالي هجي ته ان کي آباد ڪرڻ لاءِ ته چونڊ جو عمل وڌيڪ تيز ٿيڻ گهرجي..“ ”ايوان بالا يا ايوانِ زيرين جي چونڊ ٿو ڪرائين ڇا ڀوڪ؟...پنهنجي دماغ کي اليڪشن ڪميشن جو هيڊ ڪوارٽر ٿو سمجهي ڇا؟...پنهنجي محبوب کي به ڪو چونڊيل عيوضي بڻائي ڪٿي ڪو بل پاس ڪرائيندي يا ڪا مراعت وٺندي ڇا؟...“ هاڻي سندن آواز بلند ٿي رهيو هو. ”اهو ڪڏهن به نه وساريندا ڪيو ته جن جي چونڊ نه ڪري سگهبي آهي، انهن لاءِ مراعتون وڌيڪ هونديون آهن، پنهنجي سائينءَ جي لاءِ، جيڪو اوهان جي دل جو حاڪم بنا ڪنهن اليڪشن لڙڻ جي ٿي ٿو وڃي، اوهان جي وجود جا سڀ دروازا کليل هوندا آهن...جنهن سان محبت ٿي ويندي آهي ۽ پوءِ ڪئي ويندي آهي...اهو ڪنهن ”مدِ مقابل“ کي هارائي ناهي ايندو، اهي سڀ جيڪي محبوبن جي به چونڊ ڪن ٿا، دنيا جا احمق ترين ”ڇسا“ وجود آهن...“ سڀ ماٺ ۾ ٻڏل هيا...نه چونڊيندي به عجيب موضوع چونڊجي ويو هو. ”دنيا ۾ جيئن ست رنگ هوندا آهن ٻچا...ائين ئي موضوع به ڪل ٻه هوندا آهن...هڪڙو محبت ٻي نفرت...ٽيون ڪو به موضوع ناهي هوندو...هاڻي اهو جيڪو سڄو جهان اوهان ڏسو ٿا نه، اهو دراصل انهن ٻنهي موضوعن جي ”اپٽار“ آهي...بلڪل ائين جيئن هيلتائين تقريبن ارڙهن سئو رنگن جا شيڊز ٺهي چڪا آهن...جيتوڻيڪ بنيادي رنگ اهي ئي ٽي آهن ۽ انڊلٺ ۾ به اٺون رنگ اڃا نظر ناهي آيو...چارئي پاسا نهاريو...يا محبت نظر ايندوَ يا نفرت...ٽيون ڪجهه به ناهي...دنيا جون سڀ واڌو صفتون محبت جي ونڊ وکير آهن...۽ ڪاٽو رنگ، سڀ نفرتن جا رنگ آهن.“ ”۽ اهي ٻئي ڪٿي گڏجندا آهن سائين...؟“ سوال اٿيو، پاڻ هڪدم وراڻيائون... ”بلڪل.... بلڪل ملندا آهن شهزادا....پنهنجي پيشي سان محبت ڪندڙ سائنسدان ئي ته نفرتن جي قابل ايٽم بم جو فارمولو بڻايو هو...“ پنهنجي علم سان شديد ترين چاهه ته سقراط کي ”هيملوڪ“ جو پيالو پياريو هو...هڪڙي جذبي جي انتها جي شدت، ٻين کي جنم ڏيندي آهي...اهو ڪڏهن وسارڻ نه گهرجي...“ ڳالهه الاءِ ڪٿان کان شروع ٿي هئي ۽ سندس ”رخ“ الاءِ ڪهڙي طرف ٿي رهيو هيو...موضوع جي چونڊ کان وٺي جذبي جي شدت وارو اهو سفر، ذهن کي الاءِ ڪهڙن منظرن کان واقف ڪري رهيو هيو...”جتي به چونڊ ڪرڻ جو موقعو مليو...نه ته پڪ سمجهجو ته اوهان جي حواسن کي ٽيسٽ ڪيو پيو ٿو وڃي...سامهون وارو، اوهان جي شعور جي تهن کان واقف آهي...اوهان جي ذات جو کيس ڀرپور ”ادراڪ“ آهي ۽ ڪٿي ڪٿي کيس اهو به احساس آهي ته هو ان فن کان واقف آهي ته اوهان ڇا چونڊيندئو...“ ”ته پوءِ اهو موقعو ملڻ ڇاهي سائين...“ ڪنهن ڳالهه اڌ ۾ ڪٽي، پاڻ مرڪي ڏنائون ”اهو ته احسان ڪرڻ آهي ٻچا...اهو ٿورو ٿڦڻ آهي ته ڏس، ساهه کڻڻ جي جاءِ عنايت ٿئي پئي...وري اتي هڪڙو اهم نقطو ٻيو به آهي ته جتي به چونڊ ڪرڻي هوندي آهي، اتي حدف ڳڻيل هوندا آهن....توهان ڀلي کين لاتعداد چئو پر دراصل لاتعداد به هڪڙو تعداد هوندو آهي...ما سواءِ مٺڙي مالڪ جي نعمتن ۽ ڪرمن جي....باقي سڀ ڪجهه ڳڻيل آهي“. سڀئي پنهنجي پنهنجي حواسن جون ڳڙکيون کوليو، سمجهه جي جهان ۾ مدغم هئا، ذرو ذرو واضح ٿي رهيو هو...شيون چٽيون پئي ٿيون. ”سڀ کان ڀلي چونڊ اهو ڪري سگهندو آهي شهزادا، جيڪو ماٺ جو فن ڄاڻندو هجي...گهڻي بڙبڙ ذائقي کي ڪسارو ڪري ڇڏيندي آهي، ماٺ جي جهان ۾ سوچ جا دروازا کلي پوندا آهن، منظر واضح ٿي ويندا آهن...گهٽ ۾ گهٽ فيصلا ته اهڙا ٿي ويندا آهن جو ايندڙ ڏينهن ۾ انهن جي ناڪاميءَ جو ڀئو گهٽ ٿيندو آهي...“ ”سائين...“ همٿون ميڙي عرض ڪيم ”جڏهن ڪير به بنا ڪنهن ڄاڻ جي، بنا چونڊ جي اچي قبضو ڪري ۽ پنهنجو وجود وڃائجي وڃي ته ان کي ڇا چئبو...؟ ”اهو لاعلميءَ جو علم آهي راڻا...“ هنن کلي ڏنو...“ محبت ۽ نفرت جي جذبن ۾ ۽ انهن سان لاڳاپيل مڙني هنرن ۾ اهو وڏي ۾ وڏو فرق هوندو ٿئي ته محبت لاعلميءَ ۽ اڻڄاڻائي جو کيل هوندو آهي ۽ نفرت ڄاڻي واڻي دروازو کوليندي آهي...ڪنهن جي به ڪنهن به عمل جي وڻڻ جو سبب اوهان کي معلوم ٿي به سگهي ٿو ۽ نه به...پر نه وڻڻ وارن سڀني عملن جي ڄاڻ اوهان کي شروع کان ئي هوندي آهي...اهو اهم ترين نقطو ٿئي، جنهن جي ڪري نفرتن جي اظهار ۾ هٻڪ گهٽ ٿيندي آهي ۽ محبتن جو اظهار ڪرڻ ۾ صديون لڳي وينديون آهن...ڪڏهن ڪڏهن ته الاءِ ڪيترا وجود، الاءِ ڪيتري محبت سيني ۾ سانڍي بنا اظهار جي اکيون ٻوٽي روانا به ٿي ويندا آهن...نفرت جي اظهار ۾ همٿ ناهي کپندي...بلڪه اهو ته ڪڏهن ڪڏهن خود بخود ٿي ويندو آهي...محبتن جي رڳو هڪ درد لاءِ به ڪٿي ڪٿي ته ساهه پيو نڪرندو آهي...“ ”اڃا تائين به سائين...“ ڪنهن نيازمند عرض ڪيو...سائينءَ جو لهجو وڌيڪ نرم ٿي ويو...”پاڻيءَ رنگ مٽايو آهي پر ذائقو ته اهو ئي اٿس نه...بيذائقو...مٺي کي مٺو ۽ ڪڙي کي اڃا تائين ڪڙو ئي سڏيون ٿا نه پُٽ....جديد کڻي ڪيترا به ٿيا هجون، شين جا پيراميٽرز ته ڪو نه مٽيا آهن نه...“ ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي هئي...الاءِ ڪيتريون هوائون هلڻ شروع ٿي ويون هيون...لڳو پئي ته موسمون مٽجي رهيون آهن...”شايد هندي فلم ٿئي بازار...راڻا...ان ۾ مجروح صاحب آهن يا شڪيل صاحب...انهن سٽون سرجيون ٿئي...“ ذرا سن لو اپني پيار ڪا افسانه ڪهتي هي...همين يه دنيا والي، آپ کا ديوانا ڪهتي هي.“ ان ۾ هڪ غضبناڪ سٽ ٿئي..چئي ٿو... ادهر بهي ديکهه که صاحب ذرا سا مسکرا دينا...تمهاري اک نظر کا کام هي پاگل بنا دينا...“ هاڻي اتي کيل ختم ٿئي...اها هڪڙي نگاهه جيڪا چريو ٺاهي سگهي ٿي...ڇا نه ٿي ڪري سگهي...؟ جي پئجي وئي ته معنيٰ هڙ وئي نه سهڻا... بچيو ڇا؟...پر اتي، اهو به ضرور سمجهجان ته ان نگاهه ۾ گرمي ۽ اثر تڏهن ئي پئجي سگهي ٿو، جڏهن توکي ان جي سمجهه هجي. ديوانه ۽ فرزانه ان ڪري ئي ته مشهور هوندا آهن، جو هڪڙا سمجهي پوءِ وڃائي ويهندا آهن ۽ ٻيا وڃائي پوءِ سمجهندا آهن...ڦرڻ وارو به تڏهن ڦريندو جڏهن اوهان وٽ به ڪجهه هوندو نه...سکڻن کي ڇا ڪندو...۽ اهم ڳالهه اها به آهي ته جي هُن نظر ۾ سڀ ڪجهه آهي ته نظر توهان جي به ڪا گهٽ ناهي...جي گهٽ هُجي ته اهو درجو سمجهي ئي نه سگهي...باقي رهيو چونڊ جو سوال...ته پاڻ کي ڦرائڻ جي چونڊ اوهان پاڻ ئي ڪندا آهيو، نظرون چريو ڪندڙ ته هونديون آهن مٺا، پر هرڪو ته چريو ناهي ٿيندو نه...هر ڪنهن کي ڦرڻ ايندو آهي ۽ نه هرڪو ڦرجندو آهي...“ mehmoodmughal@hotmail.com
جواب: محترم محمود مغل جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔ بنان رنگن جي هولي آچر 14 مارچ 2010ع هولي ايندي آهي ته، ”ٿانو“ ڄڻ موٽي ايندو آهي، هن واري به ائين ئي ٿيو. حياتيءَ ۾ اهڙا انيڪ رشتا هوندا آهن، خواتين و حضرات، جن جو ڪو به نالو نه هوندو آهي، جن جو ڪا شخصي حيثيت نه هوندي آهي، دنيا جي سامهون بظاهر انهن جي ڪا اهميت نه هوندي آهي، پر ائين ٿيندو آهي ته وقت گذرڻ ساڻ اهي ناتا، جيءَ جي جڙ بڻجي ويندا آهن. اوهين انهن ساڻ ساهه کڻندا آهيو ۽ جي اهي نه هجن ته اندر ۾ هڪڙو گهرو ساهه اوتجي ورهه جي صدا بلند ڪندو آهي. وڇوڙو اکين ۾ پاڻي ۽ مک تي مرڪ کڻي اوهان تي ”جوهه“ وجهندو آهي... اوهان کلندي کلندي روئي ڏيندا آهيو ۽ روئندي روئندي کِلَ اوهان جي چپن تي سرگوشيون ڪندي آهي. اهي رشتا، جنهن مهل هوندا آهن ته تمام ننڍڙا لڳندا آهن، پر ڌڻي معاف ڪري، جي انهن جي ڏور مان ڪو هڪڙو ڇيڙو به ڇڄي وڃي ته تند جي تنوار گم ٿي ويندي آهي. ياد جو رئو وقت جي تار تي سڪندو ئي رهجي ويندو آهي. کيس لاهي ويڙهڻ وارا هٿ ڪٿي گم ٿي ويندا آهن. ”رفاقت“ دنيا جي وڏي ۾ وڏي دولت آهي، اوهان گڏ هجو ته اهڙي اميري ته لڀي ئي نه ٿي سگهي ۽ جي خدا نخواسته بلڪل اڪيلا آهيو ته اهڙي مفلسيءَ کان رب مٺڙو بچائي. پنهنجي وقت ۾ جي ڪير ”حصو...پتي“ ڏئي ته ان جهڙو مخلص ڪٿان ملي سگهندو. حياتيءَ جي هڪ مَهر ٻي به هوندي آهي. اسين الاءِ ڇو لاغرضين جي ور چڙهيل هوندا آهيون. جن سان تعلق جڙي، انهن بابت ڪڏهن ڪڏهن اسان کي ڪا ”خاص خبر“ نه هوندي آهي. بس ساٿ آهي، سو آهي... هاڻي ڪل وقتي اهي يا جز وقتي... اهو ڪير ٿو سوچي... ڪٿي ڪٿي ته اها به سوچ هوندي آهي ته ”هليو هليو...نه هليو ته يارو ياري...“ دنيا ۾ بي غرض رشتا تمام گهڻا هوندا آهن، انهن جي ڪٿ ٿي وڃي ته حياتيءَ ۾ الاءِ ڪيترا ”گلال“ ڀرجي وڃن، سڄو وجود ئي رنگجي وڃي. مانائتا صاحبو...جي اسان هڪڙي بي غرض رشتي کي ئي سڃاڻي سگهون ته سمجهو لک کٽياسين... رنگين ٿي وياسين ... جي ان سڄي سوچ ۾ ڪٿي ڪو جهول آهي ته پوءِ ڇا ائين ناهي ٿيندو ته پنهنجي غلطين جي ڪري، جڏهن اسان انهن بي غرض رشتن کان الڳ ٿيندا آهيون، يا اهي رشتا وڃائجي ويندا آهن ته جيون ”بليڪ اينڊ وائٽ“ ٿي ويندو آهي. ڳالهه ڪرڻ جو مقصد اهو ناهي صاحبانِ زمانا... ته ڪو اسين مستقل پنهنجي رشتن جي ”کوٽ کوٽان“ ۾ لڳا رهون...اجايون سجايون ”معلوماتون“ ڪٺيون ڪندا رهون، پر اهو به ته سوچجي ته ڪجهه ته خبر هجي، جنهن مان حياتيءَ جي رنگ جي ڪا خبر ته پئي. ميرپور خاص ۾ قبله والد صاحب جن جي سئوٽ صاحبه جو گهر آهي، اسان لاءِ امڙ جيان هئي، سڄي عمر محبت، عزت ۽ خلوص جي هنر سان مالا مال رهي، هر وڏي ڏينهن تي ان درَ جي حاضري اسان لاءِ لازم هئي، هاڻي گهر آهي پهرئين فلور تي ۽ ان مٿان وري ماڙي به ٺهيل آهي، جيڪا ان زماني ۾ ڪرائي تي ڏنل هئي. زمانو اڄ کان ڪو چاليهارو سال کن پهرين جو آهي. ستر جي ڏهاڪي جي ڳالهه آهي ته ان مسواڙي جاءِ ۾ ٽنڊي الهيار جو ناميارو پريڪٽيشنر ڊاڪٽر پرڌان رهندو هو. هاڻي جاءِ هڪ ئي هئي، رستو هڪڙو ئي هو. مطلب ته ڏاڪڻ هڪڙي ئي هئي. پڦي صاحبه کي ”نرينه اولاد“ پٽ جي صورت ۾ نه هو...ته ڊاڪٽر پرڌان جا عزيز ڇوڪرا، گهر جو ڪم ڪار ڪندا رهندا هئا. مطلب...مهمان اچي ويو ته ڪجهه وٺي اچڻو آهي، بل جمع ڪرائڻو آهي...موٽر ٺهرائڻي آهي. هاڻي ڊاڪٽر صاحب سان انهن جي عزازت جي به خبر نه هئي ته ڪهڙي هئي، باقي ”ٿانو“ انهن مان هڪڙو هوندو هو. سڄو ڏينهن پڦيءَ وارن وٽ هوندو هو، هاڻي اهو سڄو ڏينهن شايد منهنجي ڪري به ”سڄو“ ٿي ويو هجي، نه ته هونئن به ڪمي ڪاري موجود هوندو هو. هر ڳالهه ۾ رڙ پئي پوندي هئي، ”ٿانه هي ... ٿانه هو“ خوش مزاج ٿانو وٽ سٺ ۾ هوندو هو. منهنجي اندر سان ڄڻ هن جي لنئون لڳي وئي. هر عيد براد تي منهنجو منتظر هوندو هو. مان پهچان ۽ هو مٿان کان هڪدم هيٺ هليو اچي. لوڊيو، تاش، گانا...عجيب محبتن جو ماحول هوندو هو. دوستيءَ جي گهرائپ وڌندي رهي، تنهن زماني ۾ ريلوي ڦاٽڪ ڪراس ڪري بسن جي اڏي تي وڃبو هو. پڦيءَ جو گهر ”نيو ٽائون“ ۾ هو... هاڻي گهران نڪر ته ٿانو بيگ کنيو پيو هلي. بس ۾ چاڙهي، دريءَ کان ويهاري پاڻ ٻاهران ڪجهه نه ڪجهه وٺيو اچي. ڪاتر ٿيل زيتون، فاروا، پڪل بيههَ...دريءَ کان ٻاهران اهو ”دونو“ جهلي بيهي ۽ اسان ٻئي گڏجي کائون. بس هلي ته سندس هٿ آخر تائين لڏندو رهي ..... عجيب محبتن جي جڪڙ ۾ وٺي ڇڏيو هئائين. هڪ واري ڪپڙن کي رنگ لڳل هئس...سدائين صاف سٿرو هوندو هو...ان ڏينهن پڇيومانس، ”هي ڇا ڪيو اٿئي؟...“ چيائين، ”دوست نه مڙيا... چيائون ديوَ ...هن سال هي رنگ پڪو هڻبو ...ڀلي قميص جو ٻيڙو ”ٻڏئي“... مون پهريون ڀيرو سندس واتان ”دَيو“ لفظ ٻڌو هو، حيرانيءَ سان ڏانهس نهاريو هئم ۽ چشمي پويان مرڪندڙ اکين ۾ رنگ کڻي هن چيو هو، ”ديو منشا... دَيو مَنشا منهنجو نالو آهي ادا محمود...“ جڏهن لاڏ ڪندو هو ته جملي کي مڪمل، منهنجي نالي سان ڪندو هو. سندس نالو مون کي ڏاڍو وڻيو...هڪ لحظي لاءِ چپن تي هُريو ۽ وري گم ٿي ويو. زمانو هوليءَ جو هو... هُن هڪڙي پڙي کولي ٿورو رنگ منهنجي قميص جي ڪفَ تي هنيو هو ۽ مهٽو ڏنائين...ان مهٽي سان، فضا ۾ اسان جي ٽهڪن جون پچڪاريون کلي ويون هيون ۽ ”توهان هن واري آيو ته هوليءَ جو مزو اچي ويو“. هن جي بي غرض محبت، ان مهل الاءِ ڇو منهنجي سمجهه ۾ ڪا گهڻي ڪا نه آئي هئي. ٿورو ترسي خبر پيم ته سندس داخلا اين اِي ڊي ۾ ٿي وئي آهي ۽ انجنيئرنگ جي ابتدائي تعليم ۾ سندس ذهانتن ڪمال ڪرڻ شروع ڪيو آهي. وقت سر مصروفيت هئڻ سبب هاڻي ميرپور به وڃڻ گهٽ ٿيندو هو ”ڏور به اوڏا سپرين“ جيان حياتيءَ جا سلسلا هلندا رهيا هئا. الاءِ ڇا کاڌو هئوسين، دوستن...چڻا هئا الاءِ ٻي ڪا شيءِ ...ڪاغذ جي پڙي منهنجي هٿن ۾ رهجي وئي هئي، جنهن کي اجايو سجايو مون سڌو پئي ڪيو ۽ وري ان جا هڪجهڙا فولڊز پئي ٺاهيم، چانهن جو انتظار هو ... اوچتو، منهنجي نگاهه ان ڪاغذ تي پئي ۽ سامهون نالو اچي ويو ”ديو من شا“ انگريزي اخبار هئي، نالي پڙهڻ سان اندر ۾ ڪجهه ٿيو ته هن نالي سان ڪا شناسائي آهي، ڪٿي ٻڌل آهي. خبر ۾ لکيل هيو ته، ”تعليمي اداري جي ان شاگرد جو لاش سمنڊ مان مليو آهي، جيڪو مائٽن تائين پهچايو ويو آهي...“ اخبار جي ان ٽڪر تي تاريخ ڪا نه هئي...خبر نه پئي پَئي ته تازي اخبار آهي يا پراڻي...نالو بهرحال ذهن تي رهجي ويو... ۽ ڪجهه مهينن کانپوءِ ميرپور وڃڻ تي خبر پئي ته اهو ته ”ٿانو“ هو، هڪ اتفاقي حادثي کيس اسان کان کسي ورتو...ٻانهن جي ڪفَ تي لڳل رنگ جيان هو به ڌوپجي ويو هو. 1987ع ۾ ٿيل ان وڇوڙي جا ٽيويهه سال ٿيڻ کانپوءِ به، دل هڪ لحظي لاءِ به کيس وساري ناهي سگهي. پنهنجي ناداني، نااهلي ۽ لاغرضي ساري، اندر کي الاءِ ڪهڙو واءُ ورائي ٿو وڃي. اسين محبتن ۾ هڪٻئي جي خبر ڇو ڪونه رکندا آهيون؟ ٺيڪ آهي، دنيا ۾ ”اڇاترا“ تعلق به ٺهن ٿا، هرڪو ته ويجهو نه هوندو، پر جيڪي اسان جي ويجها هوندا آهن، اسين انهن کان به بيخبر ڇو هوندا آهيون؟ ٺيڪ آهي ...جي مون کي سندس نالي جي خبر هجي ها ته مان ڪهڙو کيس موت کان بچايان ها. پر اتي اهو ته ٿي سگهيو پئي ته سندس وڇوڙي جي اها ”آگاهي“ جيڪا ٻه مهينا پوءِ اتفاق سان ٿي، سا هڪدم ٿي وڃي ها. دردَ جي اها سَٽَ جيڪا ايڏي شدت سان اڀري آهي جو کيس دٻائي نه ٿو سگهجي، ڪجهه ته جهيڻي ٿئي ها. خواب نگر ۾ پنهنجي ذات جو هڪ درد کڻي حاضر ٿيو آهيان، نه ٿو ڄاڻان، ڪٿا ڪري به سگهيو آهيان الاءِ نه. جيڪي چوڻ چاهيم، سو شايد نه چئي سگهيو آهيان. هوليءَ جي خوش رنگ ڏڻَ تي، بليڪ اينڊ وائيٽ ڳالهيون عجيب لڳنديون آهن، پر دل چوي ٿي ته سڀني کي عرض ڪجي ته خبر رکندا ڪريو، انهن سڀني جي، جيڪي اوهان جا آهن ... اوهان لاءِ آهن.... خالي مٿان رنگ نه هاريندا ڪريو ساٿ جو... بلڪه اندر جي رنگن کي به ٿورو سنوارڻ سکو... جي اهو سڀ ٿي ويو ته اهي سڀ تهوار ۽ موقعا، جڏهن اوهان جي ذات جي اڪيلائيءَ ۾ ياد جي دري کوليندا ته مرڪن جا پوپٽ گهڙي ايندوَ...ائين ڳوڙهن جا ٽانڊاڻا نه جرڪندا، جيڪي بيخبريءَ ۾ هلڪي ساٿ جو سفر ڏيکاريندا آهن. سفر طويل هجي يا مختصر، رفاقت ننڍڙي هجي يا وڏي، جو هلڻو آهي ۽ سفر جي ساعتن جو لطف وٺڻو آهي ته هڪٻئي جي من ۾ ليئا پائيندا ڪريو، محبت جو رنگ هاريو ته ان ۾ ساٿ جو ٻور به ملائيندا ڪريو، ائين بنان سڳنڌ جي محبت، بنان رنگن جي هوليءَ جيان هوندي آهي، جيڪا ڪڏهن ٿي نه ٿي سگهي. جي خبر نه رکجي ته محبت جي دعويٰ بيڪار آهي. هولي ايندي آهي ته ”ٿانو“ ياد ايندو آهي، جنهن لاءِ منهنجي دل چوندي آهي ته مون کي هن سان محبت هئي، پر اتي ذهن چوي ٿو ته بيخبريءَ جي پاڻيءَ، منهنجي وجود جي ڪفَ تان، محبت جو گلال ڌوئي ڇڏيو آهي. منهنجي دعويٰ اجائي آهي. ٿر جي واريءَ تي منهنجي دوست جي چتا، منهنجي دعوائن کي به رک ڪري ڇڏيو. جي خبر رکان ها ته ائين ڪڏهن به نه ٿئي ها. mehmoodmughal@hotmail.com
جواب: محترم محمود مغل جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔ اندر جي پاڪائي آچر 21 مارچ 2010ع ڪجهه دير لاءِ اکين تي اعتبار نه پئي آيو. مون کي ذاتي طور تي لڳو ائين ته ڄڻ مان مغرب جي ڪنهن ملڪ ۾ اچي ويو آهيان ۽ خاص طور تي اهو ملڪ ”مادر پدر آزاد“ آهي. جتي هوش ۽ هواس جا ليڪا لتاڙيل آهن ۽ جتي ڪابه عقل و شعور جي واٽ، ڪنهن به ريت ۽ رسم کي نه ٿي سمجهي. حيدرآباد شهر جي هڪ پوش علائقي ۾، شاپنگ سينٽر جي اڳيان، جديد ترين گاڏيون بيٺل هيون ۽ ميٽائين رنگ جي ان هاڻوڪي سال جي ماڊل واري گاڏيءَ تي نمبر پليٽ لڳل هئي، ٻن لائنن جي. مٿين لائين جو ترجمو هو ”اگهاڙو اداڪار“ ۽ هيٺينءَ لائين جو ترجمو ڪنهن به ٻوليءَ ۾ لکڻ جي لائق ناهي. چئن پنجن اکرن ۾ اها لڪير اسان جي تهذيب و تمدن تي ڪنهن چماٽ کان گهٽ ڪانه هئي. مون ساڻ گهر وارا هئا ۽ مون دل ئي دل ۾ اها دعا گهري پئي ته ڌڻي مٺو ڪري ته ڪنهن جي به ان نمبر پليٽ تي نظر نه پوي، نه ته مان پنهنجي نظرن ۾ پاڻ ڪري پوندس. اگهاڙي اداڪار تي ته کڻي ڦٽڪار وجهجي، باقي رهيل سٽ تي ماتم ڪرڻ کان سواءِ ڇا ٿي سگهي ٿو. پنهنجي حياتيءَ ۾ هن فقير وٽ ڪا وڏي ڏاهپ ناهي. علم و عقل جو ڪو عظيم الشان ذخيرو ناهي جو ويهي پٽاڙ ڪجي. اها به ڄاڻ ناهي ته نمبر پليٽ ڪيئن اشو (Issue) ڪئي ويندي آهي. اهو به نه ٿو ڄاڻان ته اها نقلي هئي يا اصلي، پر بهرحال هئي ضرور. شهر جي ڀريل شاپنگ ايريا ۾ اها گاڏي پارڪ ٿيل هئي. هاڻي ائين، اجايو ته صاحب ڪار به ڪونه کڻي آيو هوندو نه.... جي ڀلا اها نمبر پليٽ جاري ٿيل هئي ته پوءِ کاتي اهڙي نمبر پليٽ جاري ڪيئن ڪئي؟ ڇا انگريزي کين سمجهه ۾ نه ٿي اچي يا سندن ترجمي ڪرڻ جي قوت ڪمزور ٿي وئي آهي؟ اندر کي جهڙو ڌڪ لڳي ويو. اسين، ان تهذيب جا وارث آهيون، جنهن ۾ حياءُ شرم، ادب آداب، نياز نوڙت، ننڍ وڏائي، سڀني جو هڪ دائرو ٺهيل آهي. اسان ئي پيرن تي هٿ رکندا آهيون. جدت پسند کڻي ڪهڙا به ٿيون، ائين پنهنجي شرم کي بي لغام ٿورئي ڪري ٿا سگهون. هن ”بي راهه رويءَ“ اسان جا لاهه ڪڍي ڇڏيا آهن عزيزانِ من. مٿان وري چئنلز جي ڀرمار ۽ اجاين سجاين پروگرامن ته ڄڻ سون تي سهاڳي جو ڪم ڪيو آهي. ڪٿي به، ڪا سي ڊي وٺڻ وڃو، وڊيو شاپ تي ڪا خريداري ڪرڻ وڃو ته الاءِ ڪيترن هنڌن تي، اهو سڀ ڪجهه عام جام وڪامي ٿو، جنهن لاءِ سوچيندي به، سڄو وجود لرزجي ٿو وڃي. فلم وٺڻ لاءِ مان به ويل هئس ۽ اتي ئي، هڪ صاحب ذوق، پنهنجي لاءِ ”خاص فلمن“ جي چونڊ ڪري رهيو هو. دٻي مان سي ڊيز ڪڍي، نالا پڙهندو ۽ تصويرون ڏسندو، هن سليڪشن جو مرحلو طئي پئي ڪيو. هلو، مڃجي کڻي ته گراهڪ هو، سندس مرضي، ڇا به وٺي، پر ظلم اهو ٿيو ته جيڪي ڪجهه هن رد ڪيو، اهو پٽ تي وکريل هو. مڪمل اگهاڙپ سامهون هئي ۽ دڪان تي رکيل، نون ڏهن سالن جو ملازم ڇوڪرو اهي سڀ گڏ ڪري، واپس دٻي ۾ وجهي رهيو هو. هاڻي اهو منظر اوهان جي خدمت ۾ پيش ڪرڻ کان پوءِ ڇا عرض ڪري سگهجي ٿو؟ ڇا پيو ٿئي هي سڀ معزز خواتين و حضرات .... ڪهڙي گرداب ۾ اچي ويا آهيون ۽ ڪٿي غرقابي اسانجو مقدر پئي بڻجي؟... ڇا اسان پنهنجي پاڻ کان سوال ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي! ڇا جدت جي رنگ ۾ رڱجندي، اسان کي گناهه ثواب جي خبر به نه ٿي پوي؟ ڇا پنهنجي نئين نسل جي اسان کي ڄاڻ آهي ته انٽرنيٽ، موبائلز ۽ ميڊيا جي هن دور ۾، هن جي ”اندر جي پاڪائي“ ڪٿي وڃي پهتي آهي؟ زاويه، ٽئين ۾ اشفاق صاحب لکن ٿا ته، ”اسان جي ڳوٺ ۾بجلي ڪونه هئي پر اتي هڪ ”ڳالهائڻي فلم“ آئي. ڳوٺ ۾ پڙهو گهميو ته هڪ تصوير آهي، جيڪا ڳالهائي به سگهي ٿي. اسي سڀ ڏسڻ لاءِ اتاولا هئاسين. اعلان ڪيو ويو ته ريلوي اسٽيشن ويجهو وڏي ميدان ۾ اها ڳالهائيندڙ ۽ حرڪت ڪندڙ تصوير ڏيکاري ويندي، ۽ اتي هڪڙو اڍنگو پروجيڪٽر لڳايو ويو. ان تي ريل چاڙهيو ويو ۽ شهر مان آپريٽر کي گهرايو ويو. سندس چار پنج اسسٽنٽ هئا. اتان هڪڙو جنريٽر هڻي، تارون ڇڪي، بجليءَ جو بندوبست ڪيو ويو ۽ سامهون پردو تاڻي ڇڏيائون. اسانجو سڄو ڳوٺ، مايون، ٻار، مرد، کٽون رکي ويهي رهيا. هاڻي جڏهن تصوير اچي پئي ته واقعي ڳالهائي پئي. تصوير جو نالو هو ليلا مجنون.. هڪڙو ڇوڪرو هو مجنون، جنهن کي ماڻهو پٿر پيا هڻن ۽ اسين حيرت سان ڏسون ويٺا. وچ وچ ۾ گانا به آيا پئي. ريل ڏهه منٽ پيو هلي ۽ وري مٽائجي پيو. مٽائڻ ۾ اڌ ڪلاڪ کن لڳو پئي ۽ سڀئي ڏسڻ وارا، پردي بجاءِ، پروجيڪٽر ڏسڻ پيا لڳن. اهو منظر به مزيدار هو. اڌ ڪلاڪ جو ريل مٽڻ، ڏهن منٽن جي فلم ڏسڻ. هاڻي ان ۾ جيڪا ضروري ڳالهه مان اوهان کي ٻڌائڻ وارو آهيان، سا اها ته... ان فلم ڏسڻ جي عمل ۾ پنهنجو پاڻ تي پاڻ ڪنٽرول ڪرڻ جو عمل هو. اتي باقاعده سينسرشپ ته ڪانه هئي پر ”گرو نام“ نالي اسان جو ڳوٺ جي چڱي مڙس، ان سينسر جو بندوبست ڪيو هو ته جيئن ماڻهن جي اخلاق تي خراب اثر نه پوي. هو پاڻ پتل جي هڪ گهاگهر ۽ هاڪي کنيو، کلئي ميدان ۾ موجود هو. جڏهن به ڪو اهڙو منظر آيو پئي، جنهن ۾ ليلا، مجنون جي ويجهو پئي آئي يا گانو پئي ڳائي، ته چڱو مڙس، گهاگهر پيو هاڪيءَ سان وڄائي ۽ سندس گهاگهر وڄائڻ جو آواز ڊنا ڊن.... ڊن ڊن...ڊنم.. پوري مجموعي ۾ ٻڌڻ ۾ پيو اچي ۽ اسين سڀ اکيون بند ڪري پيا ڇڏيون. سندس حڪم هو ته اهو خراب منظر آهي ۽ ان جو اثر اخلاق تي به خراب پوندو، تنهن ڪري اکيون بند ئي رکيون وڃن. خواتين و حضرات، اسين سڀ ايمانداريءَ سان پنهنجين اکيون بند ڪري ڇڏيندا هئاسين. ڪنهن به ”ڪاڻيءَ اک“ سان نه پئي ڏٺو ته اهو سين ڪيئن آهي؟ اتي حڪومت پاران ڪابه سينسرشپ نه هئي. معاشري پاڻ ئي پاڻ تي پابندي مڙهي هئي.... وري جڏهن گهاگهر وڄي پئي ته اسين اکيون کولي پيا ڇڏيون....“ مايوسي ڪفر آهي عزيزانِ من.... مايوس ٿيڻ به نه گهرجي، پر هي سڀ ٿورو سوچيو ته سهي ته آهي ڇا؟... آزاديءَ جي نالي تي، اسين پنهنجي وجود کي ڇا ٿا ڪرڻ گهرون...! اسين وڃون ڪيڏانهن پيا... ۽ اسانجي سوچ جي اڏام ڪٿي آهي؟ مون ته ڪراچي ئي پوري ناهي ڏٺي ته پرڏيهه جو ڪهڙو ذڪر ڪريان... پر ڇا ائين، اهي واهيات، اگهاڙيون ۽ اجايون نمبر پليٽون اُتي به جاري ٿينديون هونديون؟... ڇا ترقيءَ جي نالي تي اتي به ماڻهو ائين ڪندا هوندا؟ پنهنجي حياتيءَ جا اٺٽيهه سال، هي فقير، ڪاغذ قلم ساڻ رهيو آهي. ادب جي مختلف صنفن تي، مختلف زمانن ۾ ڪوششون ڪندو رهيو آهيان، پر هڪ صنف جيڪا شروع کان وٺي هيستائين هن غريب وٽ مهربان رهي آهي، سا ”ترجمو“ آهي. پروردگار مٺڙي جي مهر سان، انگريزي زبان ڪجهه چڱيرڙي اچي ٿي ۽ انهيءَ مان ترجمي جو هنر عنايت ٿيل آهي... .پيئرز پال ريڊ جي ”Alive“ نالي ”ڏکي جيون ڪٿا، هن غريب، ٽن سالن ۾ ترجمو ڪئي هئي، پر ان نمبر پليٽ جي هڪڙي سٽ، اندر تي چڙهي بيٺي آهي... نه ٿو ڄاڻان ته ترجمي جا ڪيترا ماهر وجود، رستن تان لنگهندي اهو سڀ ڏسن ٿا، پر جن به ڏٺو هوندو، انهن جا ڪنڌ ئي جهڪيا هوندا. جدت جي رنگ، اسان جي اندر کي پاڪائيءَ جي استر کان خالي ڪرڻ شروع ڪيو آهي. رڳو هڪڙي مثال تي ”هاءِ گهوڙا“ ڪرڻ به ڪو چڱو عمل ناهي. پر اهو به چوندا آهن ته هڪڙي مڇي ئي تلاءُ کي خراب ڪندي آهي. ٿورو وقت ڪڍي ان تي ضرور سوچجو، ڇاڪاڻ ته في الوقت سوچي ته سگهون ٿا نه..... جنهن تيزيءَ سان، اسانجون سماعتون بند ٿين پيون، ۽ ذات جي دري بند ٿئي پئي، ته سڀاڻي، نه اها گهاگهر ٻڌڻ ۾ ايندي، نه اهو کڙڪو... جنهن جي پوئيواري ڪري سگهجي. mehmoodmughal@hotmail.com
جواب: محترم محمود مغل جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔ آشوبِ چَشم آچر 28 مارچ 2010ع ڪنهن به اک ۾ پري پري تائين ڪو به ”حياءُ“ نه هيو. هو سڀ ان ۾ رڌل هئا، وڻن جي ٽارين تان لڙڪندي، ڊگهين لامن تي ويٺي ويٺي، اسڪول جي ٻاهرين ڀت تي هڪ ٽنگ ۽ اسڪول جي ٻاهريان لڳل وڻن جي ڪنهن شاخ تي ٻي ٽنگ رکندي سندن وجود لرزشن ۾ هئا. سڀ ڪجهه جهڙو ڏڪيو پئي، اها ”ڏڪڻي“ امتحانن جي حوالي سان هئي، اندر پيپر هلي رهيو هيو ۽ ٻاهر، هي ٻڙڌڪ متل هيو. ماڻهن جو تعداد ڪو سَون ۾ هيو، اسڪول جيتوڻيڪ شهر جو نه هو، هڪ ننڍڙي سوسائٽيءَ ۾ ٺهيل هيو، پر اتي به انبوهه ماڻهن جا موجود هئا، سڄي مخلوق الاءِ ڪٿان ڪٿان اچي ڪڙڪي هئي...رڳو شاگرد نه هئا، پوڙها پڪا، نوجوان نڙا، سڀ موجود هئا ۽ ان فيض مان ”ونڊَ“ وٺي رهيا هئا، ڪجهه پرڀرو ئي چانهن جون ”چشڪيون“ وٺندڙ ”ڪاڪا سپاهي“ به ويٺل هئا، اهي ويچارا بيمار هئا، هر ڪنهن کي ڏسڻ ۾ نه پئي آيو، رڳو اهي اهڙا ڪو نه هئا، ”آشوب چشم“ اتي بيٺل هر ماڻهوءَ کي ٿي چڪو هيو، ڪنهن جي به ديدَ ڪم نه پئي ڪيو... جي ڪري ها ته ائين غلاظتن مان هٿَ ڌوئي ها. هي ڪا نئين ڳالهه ناهي، صاحبانِ زمانه... هر سال هيءَ مند ايندي آهي ته ائين ئي بدحواسيءَ ۽ بدسلوڪيءَ جي گهوڙي تي، زبردستيءَ جي ”رينَ“ ڪشي ويندي آهي. پنهنجي حيثيت مانَ ۽ مرتبي جي رڪاب ۾ پير وجهي، علم جا مٿاڇرا لتاڙبا آهن، جي ڪو گوڙ ڪري ته زماني جي چَهبڪ جو آواز ايندو آهي... اهو ميلو هر سال لڳندو آهي، پر هنَ سال هي منظر بيحد ڀوائتا ۽ لرزائيندڙ آهن. ائين ناهي عزيزان مَن، ته ڪو حياتيءَ جو هڪ سال پوئتي ٿيو آهي ته گهڻو ڪجهه مَٽيل ٿو لڳي... پر ڳالهه اها آهي ته هن واري هن نوجوان ”ٻارن“ جي اکين ۾ جيڪي بدحواسيءَ، بدلڇڻائيءَ ۽ بي ادبيءَ جون چڻنگون ٻريل آهن، اهي هن فقير کي پهرين ڏسڻ ۾ نه آيون هيون. اها ثقافت، جنهن کي ”ڪاپي ڪلچر“ چيو وڃي ٿو، ڪا اڄ جي پيداوار ناهي، پر هن حال تائين پهچندي ائين ضرور ٿيندو هيو ته ان عمل جي ”نندا“ ڪئي ويندي هئي، جي گناهه نه به سمجهيو ويندو هيو ته به ”ڏوهه“ جي حوالي سان روح سٽڪا ڏيندو هيو، نقل ڪرڻ کي ”برائي“ سمجهيو ويندوهيو، پر الاءِ ڇو، هن سال، جي ها هن سال لڳي ٿو ته اهڙي ڪا چڱائي ئي ڪانهي، تڏهن ته سڀ ڪاهي پيا آهن. ”تياري پوري ڪري ويندي آهي سائين“....منهنجي ڀرسان بيٺل همراهه پنهنجي نياڻيءَ لاءِ فرمائي ٿو ”ٽيوشن رکي ڏني اٿمانس... مِس جو گهروارو بورڊ ۾ آ...مڙئي مددڙي ٿي ويندي آهي...ڪو هڪ اڌ سوال... ڪجهه هِتان هُتان...ٻارڙي پاڻ به پڙهي ٿي، پر ڏسو ٿا نه زماني جو وهنوار...هاڻي پنهنجي ٻچي کي ائين راهه ۾ ته ڪو نه رولينداسين نه...“ ايمان جي راهه تان هٽندي اڳي، پٽن جا پيءُ شرمائيندا هئا...هاڻي نياڻين جي والدين کي به اهو خيال نه ٿو ٿئي...”۽ ها سائين...جي منجهي پوي ته اندر هوندو آ سلسلو...مِسُن کي مڙئي هٿ جوڙيل آهن...“. الاءِ ڪهڙا ڪهڙا تير تفنگ هن جي ترڪش ۾ ڀريل هئا، جي جيءَ کي وٺڻ لاءِ مان به گيٽ جي ٻاهر بيٺو هوس...۽ اهو سڄو تماشو ڏٺم پئي، اڄوڪي ڪٿا جي ابتدا ۾ ذڪر اربع جي ڏينهن جو هيو، جڏهن نائين درجي جو پهريون پيپر هيو ۽ اتفاق سان مان اتان لنگهي رهيو هئس ۽ هجوم ڏسي وائڙو ٿي ويو هوس. هي وڏي مصيبت اٿوَ عزيزانِ مَن...صاحبانِ زمانه...ٿوري اک پٽيو...خدا جي واسطي ڪجهه سوچيو ۽ ضرور سوچيو...اها چڻنگ جيڪا هاڻي ٻري پئي ٿي، ڪنهن به وقت ”ڀڀڙ“ بڻجي سگهي ٿي، ڪاپيءَ جي زور تي پلجندڙ اسان جو هي نسل، جنهن تيزيءَ سان تباهيءَ جي ڪناري ڏانهن وڃي پيو ٿو، اهو اسين سڀ ڇو نه ٿا سوچيون؟ اسين هڪ هڪ ٿي، ان اجتماعي سوچ مان آجا ڇو نه ٿا ٿيون؟ هر گهر مان جيڪو ٻار نڪري ٿو، ان ٻار جا مائٽ ۽ سندس استاد، ان ڳالهه جي خاطري ڇو نه ٿا ڪن ته سندن اولاد ۽ سندن شاگرد، ان ”قبيح فعل“ ۾ گرفتار ڪو نه ٿيندا. اهو سڀ ڇو ڪو نه ٿو ٿئي...ڇو ڪو نه ٿو ٿي سگهي...؟ اوهان جي سامهون هو ڪپڙن ۾ ڪارتوس لڪائين ٿا...بيگن ۾ ڪتاب رکن ٿا، اوهان ۽ اسان اهو ڇو ٿا سوچيون ته بورڊ جو گروپ اچي کسين...اسين ڇو نه ٿا انهن کان اهو سڀ ڦري پاڻ وٽ رکون...پنهنجي دل تي هٿ رکي ڏسو ڇا اسين ان ۾ شريڪ ناهيون؟ ڪتابن کڻڻ جي حوالي سان، ٻارن جو هڪ عُذر اهو به هوندو آهي ته اسين آخر تائين تياري ٿا ڪيون...هاڻي پاڻ سوچو، جنهن سڄو سال تياري نه ڪئي، سو آخري ڪجهه ڪلاڪن ۾ ڪهڙي تياري ڪندو؟ هلو ڀلا...اهو به ٺيڪ...پر ڇا اسان، پيپر جي موٽ تي انهن ڪتابن جي حالت ڏٺي آهي؟ انهن مان ورق ڇو نڪتل هوندا آهن...؟ اهي خَسته حال ڇو هوندا آهن؟...هر روز خاڪروب، هر اسڪول مان، مڻن جا مَڻَ ردي ڇو ميڙي ٿا ڪڍن؟ پيپر کان پوءِ، اسڪول جي ڪمرن جي حالت اهڙي ڇو ٿي ويندي آهي ڄڻ هاڻي هاڻي هتان ڪا ڪنوار رخصت ٿي هجي؟ چڻنگ جي ڏاڍي خطرناڪ هوندي آهي، صاحبانِ علم و هُنر، يقين ڄاڻو...جن ڏٺي آهي انهن کي اندازو ٿي سگهي ٿو، پروردگار مِٺو هر ڪنهن کي بچائي باقي ڀڙڪندڙ شعلن کان، آهستي آهستي سُرندڙ اها آڳ جيڪو نقصان ڏئي سگهي ٿي، ان کان الله ئي بچائي. مسجد شريف ۾ مدرسي جي ڇت تي ڪم ڪيوسين پئي...گند الاهي هئو، تنهن جا ڍير ٺاهي پئي رکياسين... فجر جو وقت هيو، جيڪو سامان صاف هيو، سو وسيع ڇت جي ٻي ڪنڊ کان ٺاهي پئي رکيوسين، پراڻو ڪنڍيون لڳل جافريءَ جو در...پراڻو بجليءَ جو ميٽر، ڀڳل درَ...دريون...ڪنڍا ڪڙا... الاءِ ڇا ڇا ڪڍي رکيو هئوسين، جنهن طرف گند جو ڍير هئو، تنهن طرف هڪ ورڪر پراڻي ٻهاري جي تيلين کي باهه ڏئي گند پئي ساڙيو، هوا لڳي پئي...مون کيس منع ڪئي ۽ تيليون وسائي ڇڏيون، ڌڻيءَ جي گهر جي ڳالهه آهي، يقين ڪريو، پوري احتياط سان سڀ ڪجهه ٺيڪ ڪري سوائين يارهين ڌاري هرڪو گهر راهي ٿيو...جمعي جو ڏينهن هيو، نماز تي پهتاسين ته پنهنجي ڪارڪردگي ڏيکارڻ لاءِ، ڪميٽيءَ جي صدر صاحب کي ڇت تي وٺي ويس...۽ خدا کي حاضر ناظر ڄاڻي لکان ٿو ته ڄڻ تاڪ لڳي ويا، ڇت جي فرش تي جافريءَ جا نشان هئا ۽ ڳريل ڪنڍا ڪَڙا هئا...بجليءَ جي ميٽر جو سڙيل ڪنڍو هو...۽ درن ۾ لڳل انجيس...باقي سڀ رکَ هيو، فرش ۾ ڏار پئجي ويا هئا ۽ پلَوڙو ڪريڪ ٿي ويو هو...ڪنهن تيليءَ ۽ ڪا چڻنگ رهجي وئي هئي، جنهن اڍائي ڪلاڪن ۾ سڀ خاڪستر ڪري ڇڏيو هو. ان ۾ ڪا ڪوڙ جي ڪسَ ناهي...هن مثالَ منهنجي حياتيءَ ۾ اکين ڏٺي شاهدي ڏني آهي ته چڻنگن کان بچو...وڏي بچت ٿي ويندوَ...انهن بي ڊپن، بي مراد ۽ هٺيلن ٻارن کي سمجهايو جيڪي سينه ٺوڪي ڪاپي ڪن ٿا ته اکين جي بيماريءَ ۾ سڀ هڪ جهڙا ٿي ويندا آهن، اهو آشوبِ چَشم هر ڪنهن لاءِ هڪجهڙو هوندو آهي... پر هوندو صرف ان علائقي ۾ آهي، جتي لڳي...اتان وري ان جي چڻنگ اٿندي آهي، جيڪا ٻين جي اکين کي خراب ڪندي آهي... مولا مٺو، اوهان جي نگاهه سلامت رکي... اوهان جو دامن، چڻنگن کان پاسيرو هجي ۽ اوهان جو مستقبل محفوظ هٿن ۾ هجي، ٿورو سوچيو، جيڪي هٿ کلئي عام، ڪوڙو ڪسو ڪم ڪن ٿا، اهي ڪهڙي حفاظت ڏئي سگهندا...جي اهو سڀ ائين ئي آهي ته پوءِ شل اهي اکيون ٺيڪ ئي نه ٿين، امتحان پوري ٿيڻ کانپوءِ ايمان جو راڳ ڇو ڳائجي. جڏهن هن مهلَ اهو بي تالو گيت زور شور سان ڳائجي رهيو آهي. mehmoodmughal@hotmail.com
جواب: محترم محمود مغل جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔ جهڙو مُفتو... آچر 2 مئي 2010ع سکر شهر لاءِ ڇا عرض ڪيم، ڄڻ هر شهر جي اک ۾ ”پاڻي“ ڀرجي آيو. ڪالم ڇپجڻ جي ڪجهه ئي گهڙين ۾، اوهان جي ڪالن، نياپن ۽ ميلز، ڄڻ راهه ڏسي ورتي، سيوهڻ شهر جي امداد علي چنه لکيو، ”سيوهڻ بابت ڇا خيال اٿوَ؟“ جڳ مشهور مصور، محترم رضوان عمراڻيءَ فرمايو ”خالي سکر ڇا؟...هتي هر هنڌ عجيب حالت آهي...شڪارپور ...ڏوڪري، ڪوٽڏيجي... روهڙي... جنهن جو نالو وٺ... اهو حاضر...“ محترمه شبانه سنڌيءَ لکيو ”صرف سکر شهر ئي نه...ٻيا به کوڙ سارا شهر اهڙا ٿي ويا آهن... ويجهڙائيءَ ۾ سيوهڻ ويا آهيو؟... دادوءَ جي برڪت علي پنهور صاحب فرمايو ”جادو ڪٿي گم ٿي ويو آهي سائين... بلڪه...دادو... لاغرضي جي جادوءَ جو شڪار ٿي ويو اٿوَ... حيدرآباد، لاڙڪاڻو، مورو، سعيد آباد...هر هنڌان مهربانن ياد فرمايو، ڪن جا نالا لکي ڪن جا عرض ڪجن... ”درد ڪهاڻيءَ“ جي ڪهڙن ڪهڙن ڪردارن جا نالا ڏجن، مٿان وري ڪجهه مهربانن کي ”کِلَ“ به سجهي ۽ هنن منهنجي ”کَلَ“ لاهڻ شروع ڪئي... ”واهه سائين واهه...هاڻي شهرن تي به ٿا ڪالم لکجن... مواد جي کٽي وڃي ته ڀلا ڪجهه ته ڪبو نه...“ ڪنهن ٽوڪ طور فرمايو ”منهنجي شهر ڪڏهن ٿا اچو... پير گهمائي ويندو ته من ڪو ڪالم ٺهي وڃي...“ ڪنهن تضحيڪ ڪئي ”خواب نگر ۾ هاڻي اهو مزو ناهي رهيو ڀائو... اهو سڀ ته روز ڏسون ٿا... ان ۾ ڪهڙي نواڻ آهي!“... مٺڙي مالڪ جل شانه ٻڌڻ لاءِ ٻه ڪن ڏنا آهن ۽ ڳالهائڻ لاءِ هڪ زبانَ...جواب ڏيڻ جي ڪوشش ڪجي ته شعور ايترو ته آگاهه ڪري ٿو جو واپسيءَ ۾ ڪجهه ضرور پيش ڪجي... پر جواب ڏجي ئي ڇو؟ تيرن جي جواب ۾، تير اڇلاياسين ته پوءِ نشانو ڪير ٿيندو...! ملامت کڻڻ به ڪا مذاق ناهي هوندي عزيزانِ مَن...دل، جگر گهرجي... سڌڙين جو ڪهڙو ڪم هتي... عاشقي ته صبر طلبي ٿي. هي جو اسين راڳ ڳائيندا آهيون نه قبلا... ته اسان هيئن ڪيو آهي ۽ هونئن ڪيو آهي..هيءَ نواڻ آهي ۽ هوءَ قدامت آهي ته اهو ته دراصل اسان جي ذهنن جو ”شاخسانو“ هوندو آهي. ٿئي اهو ئي سڀ ٿو، جيڪو رب مٺڙو عنايت ٿو ڪري... نه ته پنهنجو نالو وسرندي گهڻي دير لڳي ٿي! اصل ”چپٽي وڄائڻ“ کان به گهٽ جو معاملو اٿوَ... هُو جي ذهانتن جا در نه کولي ته ڇا ڇا ياد ڪندو.! توهان ڇا ٿا سمجهو ته امتحانن ۾ ڪاميابيون اوهان جي ذهانتن جي معرفت آهن...! شين جو ذائقو، تصوير جو چٽو ٿيڻ ۽ سمجهڻ، آواز جو اندازو لڳائڻ ۽ اهو سڃاڻڻ، خوشبوءَ جي سحر ۾ جڪڙجڻ ڇا اوهان جو ڪمال آهي؟ هڪ ”سٽ“ ۾ سڀ ختم ٿي سگهي ٿو...ڌڻي بس پنهنجو ڪرم ڪري، نابينا ٿيڻ لاءِ اکيون وڃائڻ ضروري ناهن هونديون... ائين ئي جيئن ننڊ ڪرڻ لاءِ انهن جو بند ڪرڻ ”لازم“ ناهي هوندو... جيڪي ڳالهائي ناهن سگهندا، انهن جي زبان ڪپيل هوندي آهي ڇا سائين! خواب نگر ۾ اسان ڪڏهن به نواڻ جي ڳالهه ناهي ڪئي. هن هٽ تي اهڙو ڪو وکر اسان آندو ئي ناهي... بس ائين سو ضرور آهي ۽ هيو ته ڪوشش ڪئيسين پئي ته اندر جي ڳالهه ڪجي... درد جو درمان ٿجي...درد جي ڏيندڙن جي صف ۾ نه بيهجي... ٻين تي الزام نه هڻجي، بلڪه پنهنجي اندر جي عدالت ۾ منصفي ڳولجي... اهو ئي سبب آهي جو جيڪي ڏٺو آهي سو لکيو آهي... سکر جو ذڪر به تڏهن ئي ٿيو هيو... نه ته جي قلم ڪاغذ ڪارو ڪرڻو آهي ته ڪنهن به حوالي سان ٿي سگهي ٿو... هتان کان هتي ”ڪهات“ کڻڻ ۾ گهڻي دير لڳي ٿي؟ ... ائين ئي جيئن اسان جا الاءِ ڪيترا ”ذهين وجود“ ڪندا آهن... ڳالهائڻو ”شين“ تي آهي، يا ”عين“ تي، هڪجهڙي شروعات ۽ هڪجهڙي پڄاڻي... وچ ۾ ڪٿي وڃي، ڪو ”شين...عين“ جو فرق ٿيو ته مڙئي ٿيا ستَ خير... اها ”آڳ“ ناهي لاهڻي سرڪار... حاضر ٿجي ٿو ته ڪجهه سمجهي ئي ٿجي ٿو، هاڻي اها ٻي ڳالهه آهي ته شهرن جا حالات گهٽ وڌ هڪجهڙا آهن... هر ڪنهن کي پنهنجو عڪس نظر اچي ٿو ته انهن ۾ آئينن جو ڪهڙو ڏوهه آهي؟ دنيا ۾ تذليل کان وڌيڪ ٽوڪ ”زهريلي“ هوندي آهي... ڪاش اها ڄاڻ اسان کي پئجي سگهي... اتي ئي ڪٿي عرض ڪيو هئم قبلا... ته اسان هاڻي ٻين ۾ جيئڻ شروع ڪيو آهي... پنهنجو پاڻ ۾ جيئڻ ته اسان ڪڏهوڪو وساري چڪا آهيون... ها... پنهنجي پاڻ ”لاءِ“ جيئڻ ۾ اسان جو ڪو مَٽُ ڪو ثاني ناهي... مون وٽ هُجي.. ٻيا سڀ ڌوڙ وڃي پائن... اها ڄڻ عام سوچ آهي... جنهن جو لاڀ ڪڏهن به وري پاڻ کي نه ٿو ملي سگهي... ڏينهن جي شادي هئي ۽ لوڊشيڊنگ حسبِ روايت عام جام... گرميءَ ۾ ساهه ٿي نڪتو... شاديءَ جي مقام تي، هڪ ئي قطار ۾ چار هوٽلون هيون... مطلب... چار ڪاڄ هئا... هاڻي پگهر هيو، جيڪو پاڻيءَ کان به تيز هيو...پکن جون هوائون گرم ترين هيون، پر ته به هيون ته سهي... پر خدشو اهو هيو ته هڪ وڳي کان وٺي، چئين وڳي تائين لوڊشيڊنگ جو وقت هيو... هاڻي ڇا ٿئي...؟ اسٽينڊ باءِ جنريٽرز جو حساب ڪتاب به طئي ٿيل هيو، پر بهرحال ڪاڄ وڏا هئا... منتظمين جي منهن تي، هڪ رنگ اچي پيو، ٻيو وڃي پيو جو اوچتو ”عيد مبارڪن“ جيان، سرهائيءَ جا نعرا ٻڌڻ ۾ اچي ويا... هڪ همراهه دلداري ڏيندي فرمايو... ”نه ويندي ابا... ٿي ويو معاملو طئي... هزار پئي ڏنو مان... پر ڪو ٻڌن ڇا..نيٺ ٻن هزارن ۾ ڪم ٿيو آهي... ٽن کان ته هيٺ ئي نه پيا لهن... چون پيا، هزار رپيا ڪلاڪ ته ٿيندا.. گرڊ آهي آخر سائين گِرڊ... مطلب... جي ٿلهي ليکي ٻڌجي ته چئن ئي ڪاڄن مان هنن گهٽ ۾ گهٽ ٻارنهن هزار ته ڪمايا هوندا... يعني اهو دڪان به کليل آهي... ۽ سون تي سهاڳو اهو به ٿيو ته لائيٽ ته هونئن به نه وڃڻي هئي... ڇاڪاڻ ته انهن مان هڪ شاديءَ ۾ محترم وزير ۽ ڪجهه ايوانن جا ميمبر به اچڻا هئا... مطلب... اهو ڏهه ٻارنهن هزارن جو ”ڦوڪٽ“ ۾ ويو... احسان به کنيو ويو ۽ کيسو به خالي ٿيو... پاڻ لاءِ جيئبو ته ائين ته ٿيندو نه مٺا سائين... ڳالهه ڪا وڏي ناهي صاحبان علم و حڪمت پر گڏوگڏ اهو به سمجهڻ گهرجي ته اها ڪا ننڍڙي به ناهي... ماڻهو پاڻ مان نڪرندو ته ٻئي لاءِ سوچيندو نه، سوچ جو دعوو ڪرڻ ڏاڍو سولو آهي... سوچڻ لاءِ حوصلو گهرجي ٿو. منهنجي گهر جا بجلي جا بل ڏسي آيل مهمان پريشان ٿي ويو. ”ست هزار... مهيني ۾ ست هزار ڏيندا ...“ ڪنڌ هاڪار ۾ لوڏيم... ”اي سي ٿَوَ ؟ گهڻا ٿَوَ!“ ٻئي سوال جوڙي اڇلايائين...انڪار ۾ ڪنڌ لوڏيم ”هڪڙو به ناهي“...”نه ته پوءِ!“ ...هن جهڙي جرح ڪئي ”ته پوءِ ڇا جو بل آهي...؟“ عرض ڪيم ”چار ٽي ويون آهن... ٽي فرج... هڪڙو فريزر... ٻه پاڻيءَ جون موٽرون... چار استريون...“ ڳالهه ڪٽيندي چيائين ”وڏو آزار آ سائين... وڏو آزار...“ مون پنهنجي عقل جي اڪابري ڏيکاريندي چيو ”نه پر بل ته ڏبو نه ادا... ايندو سامان استعمال ڪيان ٿو... ايوريج.. ساڍا ڇهه ست هزار ته اچڻو ئي آهي...“ هن شيطان گير نموني سان مرڪندي چيو ”مان انهن جنجهٽن مان ”مڪت“ آهيان... اصل جان ئي ڇٽي پئي آهي... آهي هڪڙو مائٽ واپڊا ۾... ان جي نالي ميٽر لڳرايو اٿم... ڏيڍ سئو يونٽ فري اٿس... ٻيو مڙئي ست اٺ سئو جوبل اچي ويندو آهي... دٻي چار اي سي هلائيندو آهيان... لوڊشيڊنگ ۾ به... لائيٽ اچي ته اي سي ڊائريڪٽ هلندو... ٿڌاڻ گهٽبي ئي ناهي... وڃي ٿيا ست خير... هزار ۾ هو خوش آهي... سمجهو ته جهڙو... پنج سئو ۾ وڃي هڪ اي سي پيو... جهڙو ”مفتو...“ خواب نگر ۾ سچ پچ به اوهان صحيح ٿا فرمايو ته مون وٽ مواد کٽي ويو آهي... جهڙوڪر ساڳي ڳالهه ڪيان ٿو..ها نه... پر ڪڏهن پنهنجي سيني جي ڏائي پاسي هٿ رکي پڇو.... اوهان وٽ ڪيترو مواد آهي...! پنهنجي لاءِ، پاڻ بابت حاصلات... ۽ ٻين جي سوچ کي تڙي ڪڍڻ ۾ اوهان وٽ ڪهڙي نواڻ آهي! جي هن فقير جي صدا ڌڪ هڻي نه ٿي ته ان ۾ فقير جو ڏوهه ناهي... اوهان جي سماعتن ۾ ڪجهه اٿوَ... اڃا تائين آوازن جي سطح مڪمل نه ٿي اچي... جَي، اچي ته ائين سڀ ڪجهه اوهان کي ساڳيو ساڳيو لڳي؟ اچو... سوچ کي خرچ ڪيون ٿا... ائين ”مفتي“ تي ڪيترو گذارو ڪنداسين. mehmoodmughal@hotmail.com
جواب: محترم محمود مغل جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔ بابا سائين آچر 9 مئي 2010ع حياتيءَ جي هن ڪارزار ۾ اوهان جو وجود ڏاڍو ياد ايندو آهي قبلا سائين. جڏهن به ڪا ”بي پاڙي ول“، ڪو ”بي بنياد وجود“ ۽ ڪو ”هٿ ٺوڪيو همراهه“ پنهنجي اثر رسوخ جي حوالي سان ٽيڏيءَ اک ۽ ڀريل، ”ڦوڪيل“ آواز ۾ ڪا ڳالهه ڪندو آهي ته احساس ٿيندو آهي ۽ تمام تر شدت سان ٿيندو آهي ته اوهان هن دنيا ۾ ناهيو، جي هجو ها ته ”هن“ کي ايتري همت ٿئي ها جو هو ائين ڪري ها؟... ائين دهمانن جي جهان ۾ وجود هيسيل رهي ها، ائين خوف، داٻي ۽ ڊَپ جا انومان ڪَرَ کڻندا رهن ها؟... ائين زندگي ڪنهن پاڇي جي ڊوڙ ۾ پاڻ کي ٿڪائڻ تي مجبور هجي ها؟ نه هجي ها سائين...يقينن نه هجي ها. عجيب دنيا خلقي آهي مولاءِ ڪائنات جل شانه يتيمن جي به، سڄيءَ ڌرتي جي مٿان هڪ ڇت هوندي آهي، جنهن کي ”آسمان“ چئبو آهي، اسين جتي رهندا آهيون، اهو گهر ”سندو“ هجي... مطلب ”ذاتي“ هجي يا ڀاڙي تي... مهانگو هجي يا سستو، دراصل هوندو هڪ ”ڇاپرو“ ئي آهي، هڪ ڇت، جنهن کانسواءِ ماڻهو ڄڻ ويڳاڻو ڦرندو هجي، جي اها ڇت ناهي ته ”آسمان“ جي ڇت به فضول لڳندي آهي، کليل آسمان هيٺان، ماڻهو، اجهي کانسواءِ عجيب ڪيفيت ۾ اچي ويندو آهي، اها سڄي سچائي آهي ته ائين ئي محسوس ٿيندو آهي بنان پيءُ جي...ماڻهوءَ وٽ هزارين محل هجن، محلاتون هجن، ان هڪ لمحي ۾ جنهن ۾ والدِ گرامي مرتبت نه هجي ته سڀ ڇَتيون ڪري پونديون آهن، مٿو اگهاڙو ٿي ويندو آهي، تڏهن ته حڪم ڪيو ٻنهي جهانن جي سردار (صلي الله عليه وسلم) ته ”يتيم جي مٿي تي محبت سان هٿ ڦيريندا ڪيو، ان مٿي تي جيترا وار هوندا آهن، ربِ ڪائنات جل شانه اوتريون نيڪيون عطا ڪندو آهي“. هي سڀ الله جو امرُ آهي قبلا... هو جنهن کي جيترو وڻي اوترو عطا ڪري...زندگي، رزق، عزت، ڪاميابي، ذلت، ناڪامي، موت سڀ هن جي اختيار ۾ آهي، کيس ئي سڀ کان بهتر علم آهي ته ڪنهن ۾ ”ڀلو“ آهي، سندس مخلوق لاءِ چڱائي آهي، پر انسان ته آخر انسان آهي، ڪُند ذهن، ننڍي سوچ وارو، گهڻو حاصل ڪرڻ ۽ ٿورو وڃائڻ جو خواهشمند ۽ شايد اهي ئي سبب هوندا آهن جو هو سدائين ناشڪرو رهيو آهي، بس ڄڻ شڪايتون ئي سندس ”مقدر“ رهيون هجن. اڳيون زمانو به ڪيڏو نه عجيب هوندو هيو بابا سائين، نه ڪو ويلنٽائن ڊي هوندو هيو، نه مَدرز ڊي... نه پورهيت پنهنجي ڪا تاريخ ياد رکندا هئا ۽ نه وري ڪو اولاد کي فادرز ڊي تي، والد جي سڪَ جو احساس هوندو هيو، اسين، جنهن دور ۾ ٻار هئاسين ان زماني ۾ وات ”ڦاٽل“ گهڻا هونداهئا، اکيون ڏرا ڏيڻ جو هُنر رکنديون هيون، شين جي سمجهه گهٽ هوندي هئي ”پيءُ“ سان ڳالهائڻ جي ”همٿ“ نه هوندي هئي، اڄڪلهه جو ”پاپا“ ۽ ”ڊيڊي“ تنهن مهل غائب هئا ۽ جي حاضر به هئا ته ڪنهن اهڙي ”ڪلاس“ ۾ جتي هو ازل کان ابد تائين موجود رهندا، ادب احترام جي اها حالت هوندي هئي جو رڳو ڪنهن سوال جو جواب ڏيڻ ۾ ئي نڙي خشڪ رهندي هئي. گهر جو وڏو ڪمري ۾ گهڙيو ته ٻيا سڀ ڪنڊن پاسن کان غائب، جيتري دير به اها ”شاهاڻي سواري“ موجود هوڳندي هئي ته مجال آهي جو ڪو ”ٻڙڪ“ به ٻولي... اهو بادشاهي وجود، جنهن کي ”پيءُ“ سڏيو ويندو هيو، امير هجي يا غريب، تخت تي ويهندو هجي يا رڌڻي جي ڀرپاسي رکيل ”منجيءَ“ تي عجيب با رعب باوقار، ذي شان شخص هوندو هيو، جنهن سان مذاق مستيءَ جي سوچ به نه ٿي سگهندي هئي، تنهن زماني ۾ ”پيئر“ اولاد سان ايترو ”فرينڪ“ نه هوندا هئا ۽ اهو ئي سبب هيو جو اولاد ”سڌريل“ هوندو هيو. پر، اهو سڀ منهنجي واتان بيحد عجيب ٿو لڳي قبلا سائين... مان ستن ورهين جو هئم جو اوهان رخصت ٿيا هئا، عرض ڪيم نه پهرين، ته اهو مجهوليءَ جو زمانو هو، عقل و خرد گهٽ هيو، زمانو، ايترو ”زمانو شناس“ نه ٿيو هيو، ان ڪري هوش جي هنن ساعتن ۾ ڪجهه به ياد ناهي ته ”اوهان“ ڪيئن هوندا هئا، تنهن زماني ۾ تصويرن ڪڍائڻ جو رواج به گهٽ هو، هڪ ڀيرو حج تي وڃڻ لاءِ درخواست ڏيندي، اوهان ”لازماً“ فوٽو ڪڍائڻ جي مرحلي مان گذريا هيا، اهو هڪڙو فوٽو ٻڌائي ٿو ته اوهان ڪيئن هيا، شڪل شبيهه ڪيئن هئي، هاڻي ”آڊيو ويزوئل“ جي هن دور ۾ تصوراتي حوالي سان اهو سڀ سوچي سگهجي ٿو ته اوهان مرڪندا هوندو ته ڪيئن لڳندا هوندو... اوهان جي ڪاوڙ جو انداز ڪهڙو ٿي سگهي ٿو، اوهان جو هلڻ، ڦرڻ، اٿڻ، ويهڻ ڪهڙين ڪهڙين نيرنگين کي ساڻ کڻي ٿيندو هوندو...پر اهو سڀ ورلي به تصور ئي ٿي سگهي ٿو، اصل ته نصيب ۾ ئي نه هيو. ۽ يقيناً اهو ئي سبب هيو بابا... جو جڏهن هوش سنڀاليو ته ”اڇن وارن“ وارن، بزرگ وجودن کي ”بابا“ ئي سڏيو، جيتوڻيڪ اڄ اهو لکندي ڪو به ”باڪ“ ڪونهي ته ڪيترائي ان ”مانَ“ جي لائق نه هيا، پر بهرحال دل ته دل آهي نه، جيڪو ڪجهه نٿو هجي ان لاءِ ئي واجهائي ٿي... جون ايليا لکيو هيو ته ”هم نَي ديکا تو هم نَي يه ديکا... جو نهين هَي وه خوبصورت هَي..“ ته بس... اندر مان اهو آواز بلند ٿيندو ئي رهيو. دل پڪاري ته زبان کي ٻڌڻو ئي پوي ٿو. سڀني کان اوهان جا انيڪ قصا ٻڌا... هڪڙو ڪورٽ جو بيلف، هڪ غريب حڪيم ڪيئن رزق حلال مان پنهنجي اولاد جي پرورش ڪري ٿو، ڪيئن هو ۽ سندس گهرواري اولاد کي لائق فائق ڏسڻ جا خواب ڏسن ٿا ۽ قدرت ان ربِ عظيم جل شانه جي ڪيڏي نه عجيب ته جڏهن اهو اولاد ڪا ”مسند“ والاري ٿو ته اوهان جي حياتي، زماني جي ”نشست“ خالي ڪري ٿي... مڃان ٿو ته اڄڪلهه جو نوجوان نسل، اسان جهڙن ”ڪراڙن“ کي ”ٺونگا“ ٿو هڻي... هر هفتي، هر مهيني ڪو نه ڪو ڏينهن ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان ملهايو ئي ويٺو آهي، اهو به مڃان ٿو ته دنيا جيڪو اهو ”هيڪلو“ بهانو بڻائي ٿي ته ڪنهن به جذبي يا احساس لاءِ هڪ ڏينهن مخصوص ڪرڻ ”زيادتي“ آهي، پنهنجي جاءِ تي وزن رکي ٿو، پر اتي هڪڙي ڳالهه ٻي به چوڻي آهي ته چڱو آهي جو هو، اهو سڀ ائين ڪن ٿا، چڱو آهي جو اظهار جي سونهن جو اهو هڪڙو ”پل“ اسان جي حياتيءَ ۾ اچي ٿو، جنهن ۾ پوري ادب ۽ احترام سان، اسين عقيدت جا گلاب قدمن ۾ رکي سگهون ٿا، چڱو آهي سائين... نه ته اسان جهڙا ته ان زور ۾ ڦاٽي مرندا، جيڪو اسان جي اندر ۾ جنم وٺي ٿو. اڄ، پنهنجي ماءُ لاءِ محبتن جي عالمي ڏينهن تي اوهان لاءِ ڪجهه سٽون لکڻ جي موقعي تي قبلا بابا سائين... مان پوري ادب، احترام ڊَپَ، حياءُ ۽ تميز سان اوهان کي اهو عرض ڪرڻ گهران ٿو ته مان اوهان سان محبت ڪيان ٿو...اها ڪا نئين ڳالهه ڪانهي... هر اولاد، پنهنجي پيءُ سان محبت ئي ڪندو آهي، پر مان... اڄ اوهان کي سامهون ويهاري، دل جي ”حجت“ سان اهو سڀ چوڻ ٿو گهران مون ڪڏهن اوهان کي اهو ڪو نه چيو... چئي ئي ڪو نه سگهيس... موقعو ئي نه مليو، اڄ مليو آهي ته عرض ڪيان پيو... هونئن ان اظهار کان پهرين ئي منهنجي حياتي بلڪل ائين ڪٽي آهي، جيئن اوهان فرمائي هئي... مون وس آهر ڪوڙ، ڪُپت ۽ دولاب کان پاسو ڪيو آهي، حياتيءَ ۾ ڪا وڏي ”ندامت“ ساڻ کڻي ڪو نه هليو آهيان... توهان جي پٽن مان آخري ”حيات“ پٽ جي حيثيت سان، مون اوهان جو سڄو ورثو سينه به سينه منتقل ڪيو آهي، مون اڄ به پنهنجي شاگردن کي اهو ئي سمجهايو آهي ته اوهان جو هي استاد، جيڪو بظاهر اعليٰ مسند تي فائز نظر اچي ٿو، دنيا ۾ ڪنهن نالي سان سڃاتو وڃي ٿو، دراصل هڪ بيلف جو پٽ آهي، جنهن جو اصل نالو هن جي پيءُ جي نالي سان ئي سڃاتو وڃي ٿو. مان محمود مغل پٽ فقير ميان نور محمد مغل آهيان. مان سڄي عمر اوهان کان ڊڄندو رهيم، ان ڪري اڄ به هي سڀ جهڙو ڊپَ ڊپَ ۾ لکجي ويو هجي، بي ربطه سٽن جي معذرت نه ٿو ڪرڻ گهران قبلا سائين، ڇاڪاڻ ته ڪڏهن ڪڏهن، جڏهن آئينو ڏسڻ نصيب ٿيندو آهي ته عمرِ عزيز جي هن اڻونجاهين سال ۾ مان ”اوهان کي“ آئيني ۾ ڏسي ڇرڪي پوندو آهيان. مولاءِ ڪُل اوهان جي مرقد تي سدائين، رحمت جي بارش ڪري آمين. ”امڙين“ جي ڏينهن تي اوهان ياد آئيو ۽ دل چيو، ڇا اهو نه ٿو ٿي سگهي ته اسان امڙ ۽ ابي جا الڳ الڳ ڏينهن نه ملهايون، بلڪه والدين جو هڪ گڏيل ڏينهن هجي... ڇاڪاڻ ته امڙ به ته امڙ تڏهن ئي هجي ٿي، جڏهن توهان اسان جا ”بابا“ هجو ٿا. mehmoodmughal@hotmail.com
جواب: محترم محمود مغل جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔ پنهنجا پراوا آچر 16 مئي 2010ع جيجل امڙ رخصت ٿي چڪي هئي، جنازو به تيار ٿي ويو هو. بس فرزندن جي ”آمد“ جو انتظار هئو، سڀ کان وڏو ڀاءُ تڏي تي ويٺل هيو، ٻاهر شاميانو ماڻهن سان سٿيل هيو، جيڪي شديد گرميءَ ۾ اڃا تائين ان فيصلي جي ”خبر“ حاصل نه ڪري سگهيا هئا ته ڪيڏي مهل ٿي ميت کڄي، مرحومه جو وڏو پٽ پيشي جي حوالي سان استاد هيو، وچون ڪو وڏو عملدار ۽ ننڍو هڪ اداري ۾ ڊائريڪٽر صاحب... بالا عملدار صاحب، پنهنجي شهر ۾ پهچي چڪو هو ۽ سرڪٽ هائوس ۾ ”فريش“ ٿيڻ ويو هو، ڇاڪاڻ ته ”ماستر“ جو گهر تمام ننڍڙو هيو، اتي بيگم صاحبه ۽ ٻارن کي تڪليف ٿئي ها... دارالحڪومت ۾ سڀ وڏا گهر آهن... اتي ننڍڙن گهرن ۾ ته ڪير رهي ئي ڪو نه... هاڻي جي ان پراڻي، ٻوساٽيل، گُهٽيل ننڍڙي گهر اچبو ته تڪليف ته ٿيندي نه... تنهن کان چڱو هيو ته جي سهوليت سرڪار سڳوريءَ پاران مليل آهي ته ڇو نه ماڻجي... سڀ کان وڏي ڪرم نوازي، ننڍڙي پُٽَ ڪئي هئي... پنهنجي شهر کان ڪو، ست اٺ ڪلاڪن جي ”ڊرائيو“ تي رهندي ۽ بروقت اطلاع ملڻ تي به هن پنهنجي والده ماجده لاءِ فرمايو هيو ”ڏاڍي ڀلي خاتون هئي... اسان سان ڏاڍو چڱو هلي... توهان ڀلي دفن ڪري ڇڏيوس... مان غائبانه جنازي نماز پڙهي وٺندم...“ جنهن صاحب ...اهو سڀ مون کي ٻڌايو پئي، ان جي پنهنجي اکين ۾ ”نير“ هئا، جملو غلط آهي، پر لکڻ ضروري آهي ته اهي ڳوڙها، ڪنهن ٻئي جي، يا ”پرائي امڙ“ لاءِ نڪتا پئي... هونئن دنيا ۾ ڪا به امڙ پرائي نه هوندي آهي عزيزانِ مَن... ڪو به اَبو غير ناهي هوندو... انهن جا درجات جڏهن پروردگار مقرر ڪري ڇڏيا آهن ته اسين انهن ۾ تخفيف ڪرڻ وارا ڪير ٿيندا آهيون!؟ پر بهرحال اهو چيو ته ويندو آهي نه... ته ”هن جي امڙ... هِنَ جو اَبو...“ هاڻي جنهن جي رت جو تعلق نه هيو سو روئي پيو ۽ دانگيءَ تي ورندڙ ”رَت“ منهن کي ٻانهن ۾ لڪائي ڇڏيو هو. ماستر ڀاءُ جا ڪپڙا گنجهيل هيا، شيو وڌيل هئي ۽ وچين بالا عملدار جي فريشينس جي اها انتها هئي جو بوسڪيءَ جو جوڙو، خوشبوئن سان ”ٻهَه..ٻهه“ ڪري رهيو هيو... هي جو اسين، خونا خوني...ڪارو ڪاري، قبيلن ۾ بي رحمين جو ذڪر ڪيون ٿا، معزز خواتين و حضرات... ته اسان ڪڏهن اهو سوچيو آهي ته اسان جي پنهنجي اندر ۾، ڪيتري خونا خوني ٿي چڪي آهي. اسان جي روايتن مان ڪيترين کي پاڻ ڪاري ڪري ماري چڪا آهيون... اسان جا ڪيترا ثقافتي، خانداني ۽ تهذيبي ”قدر“، ڪارا ٿي، اسان جي پنهنجي هٿن ۾ ڪپجي چڪا آهن؟... اسان پاڻ، شديد ترين بي رحم، ناقدرا ۽ بي احساس ٿي چڪا آهيون... سڳن پٽن جو اهو مثال ڪو ايندڙ وقت جو ناهي... هن سال جي ئي ڪٿا آهي... هر هفتي درد جي رڻ ۾ رلڻو پوي ٿو، عزيزانِ مَن... جڏهن اخبارون اهڙين خبرن سان ڀريل هونديون آهن، جن ۾ ”احساس جي موت“ جي خبر عام هوندي آهي... ڪهڙو منهن مٿو پٽجي... روايتي حوالن سان روَين جي دنيا ۾ عجيب ”سونامي“ اچي وئي آهي... توهان اخبارن ۾ خبرون ته ڳڻيو... پاڻ ئي اندازو ٿي ويندوَ ته انسانيت ڪهڙي پاسي وڃي پئي ٿي... مڃجي ٿو ته لوڊشيڊنگ تڪليف ده آهي، مڃجي ٿو ته مهانگائي ۽ بيروزگاري زور آهي... مڃجي ٿو ته حياتي ڏکي ٿي وئي آهي، پر ڇا اهو ڪنهن مڃڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته اسان جي اندر ۾ هاڻي احساس جي لوڊشيڊنگ آهي، ڪنهن لاءِ سوچڻ جي مهانگائي چوٽ چڙهي وئي آهي... ۽ ”هڪٻئي جي مدد“ بيروزگار ٿيندي ٿي وڃي... ڪجهه ئي هفتن جي ڳالهه ڪئي وئي ته ڪراچيءَ جي هڪ پوش علائقي ۾ رهندڙ، هڪ وڪيل صاحب، جيئن ئي صبح جو گاڏيءَ ۾ گهران روانو ٿي رهيو هيو ته کيس سندس ڊرائيور ٻڌايو ته پاڙي ۾ ڀت جي پريان واري گهر ۾، گهر ڌڻي گذاري ويو آهي، وڪيل صاحب جي هانءَ تي ڌڪ لڳي ويو... هن ڊرائيور کي گاڏي گهر موٽائڻ لاءِ چيو ۽ گهر ايندي ايندي، پنهنجي موڪِل کي فون ڪري ڇڏيائين ته ”اڄوڪي حاضريءَ تي پهچي نه سگهندم... پاڙي ۾ فوتي ٿي وئي آهي...“ گهر پهچي روايتي لباس مٽائي، پهراڻ شلوار ۾ ملبوس هن جڏهن پاڙي جي گهر تي، بيل ڏني ته سندس حيرتن جي انتها نه رهي، جڏهن پاڙيواري جي پٽ، گيٽ مان منڍي ڪڍي پڇيو ”جي انڪل... حڪم...!...“ هاڻي وڪيل صاحب کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته ڇا چوي...آخر همٿون ميڙي چيائين...”پٽ... مون ڪا خبر ٻڌي آهي..“ سپاٽ چهري سان نوجوان چيو ”جي ها... پاپا جي ڊيٿ ٿي وئي آهي...“ انهن جملن دوران، وڪيل صاحب، گيٽ ٽپي اندر اچي چڪو هو... اندر به عجيب جهان هيو... قطعي اندازو نه پيو ٿئي ته هتان ڪو رخصت ٿي چڪو آهي... ڪراڙي وڪيلَ، نوجوان جي ڪلهن تي هٿ رکندي چيو ”ٻچا... مان تنهنجو پاڙيسري آهيان... گهر...گهر سان مليل آهي... هن ڏکئي وقت ۾ جيڪو به ڪم هجئي، اهو تون بي ڌڙڪ مون کي چئو...ڪفن دفن لاءِ جيڪي ڪجهه ڪرڻو آهي.... عزيزن ۽ دوستن کي ٻڌائڻو آهي... اچي، تون منهنجي فون رک... يا مون کي ٻڌاءِ ته ڪنهن ڪنهن کي انفارم ڪرڻو آهي...“ هن دور جي حوالي سان گهٽ ذهن، ڪراڙي ڏانهن، جديد دور جي تيز نوجوان نهاريندي چيو ”انهن سڀني جي ڪا به ضرورت ناهي انڪل... مون ايڌيءَ وارن کي فون ڪري ڇڏيو آهي، اهي ڪجهه ئي دير ۾ پهچڻ وارا آهن، انهن کي هئنڊ سم پي منٽ ڪنداسين ته هو سڀ ڪندا... ۽ پليز ٻين کي ٻڌائڻ جي ان ڪري ضرورت ناهي جو منهنجي شام جو پنجين وڳي جي فلائٽ آهي ۽ مون کي 2 بجي ايئرپورٽ لاءِ نڪرڻو آهي.. اوهان فڪر نه ڪيو، ايڌي وارا سڀ ڪجهه ڪري ڇڏيندا... هن باڊي وغيره جي تيار ٿيڻ ۾ شام ٿي ويندي ۽ مون وٽ ايترو وقت ناهي...“ وڪيل صاحب ماٺ ڪري موٽيو، گهر واريءَ کي ساڳيا ڪپڙا واپس ڏيڻ لاءِ چيائين ۽ پنهنجي موڪِل کي فون ڪيائين ته ”مان پهچان پيو... حاضري منسوخ ڪرائڻ جي ڪا به ضرورت ناهي...“ هن سالَ جي پهرئين ”ڪوارٽر“ يعني پهرين ٽماهيءَ جا هي ٻه ”قصا“ سچ جي هڪ تصوير اوهان آڏو چٽين ٿا، اڳئين زماني ۾، وڏڙن وٽ هڪ دعا هوندي هئي ته ”ابا...شل ڪلهي ڪانڌي ٿئين...“ ۽ خدا نخواسته جي روح ڏکي ويندو هو ته واتان نڪرندو هو... ”شل ڪلهو به نصيب نه ٿيئي“ هاڻي جي انهن ٻن جملن تي ئي غور ڪيو ته ڪهڙي ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اَچي.. اوهان جي اعتماد لاءِ هي فقير ٿورائتو آهي، پر اهو سڀ هنن صفحن ۾ ڇا عرض ڪجي، جيڪي اوهان لکي موڪليو ٿا... ذاتي دشمنين، قبيلائي جهيڙن، مفاد پرستين ۽ هٿ ٺوڪي روايتن جي آڙ ۾ حياتين جي زيان تي هي نياز مند ڇا عرض ڪري...! جڏهن پنهنجي اندر جو وجود ئي مئل لڳي ٿو... جڏهن پنهنجي احساس جي ڪنڌ تي ڪاتي لڳي ٿي، جڏهن، پنهنجا، نجا، سڳا والدين ئي، پنهنجي لاءِ ڇڪ نه ٿا رکائي سگهن، ته ٻين لاءِ ”جهٻي“ ڪٿان اچي سگهي ٿي؟ الاءِ ڪيترا ڀيرا عرض ڪيو ٿئون، قبلا، دنيا ”ڏي وٺ“ جو جهان آهي، جَوَ پوکي، ڪڻڪ نه لُڻبي... هتي ته کڻي ماستر پٽ ۽ ايڌي موجود آهن... ٿورو سوچيون ٿا، ڪٿي ائين نه ٿئي ته جڏهن انهن مهربانن جو وارو اچي ته انهن جي ڪلهي ڪانڌي ٿيڻ لاءِ اهي ٻئي نه هجن، جيڪي پنهنجن کي پرائو ڪري سگهن ٿا، انهن کي پرائو ڪندي، پراوَن کي ڪهڙو جهٻو ايندو. mehmoodmughal@hotmail.com
جواب: محترم محمود مغل جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔ ”ڪچ....پَڪَ“ آچر 23 مئي 2010ع الاءِ منهنجو لهجو ٺيڪ نه هيو. الاءِ ڪا ٻي ڳالهه هئي همراهه هڪدم مون کي ”چڀُوٽجي“ ويو هيو. ”اهڙي ڪائي ڳالهه ڪانهي مغل صاحب، اجايو ائين افواهه ڦهلبا آهن...“ هڪ ٻرٻرندڙگار انگريزن نالي ڪڍندي وڌيڪ فرمايائين..” ..... چريا آهن ڇا جو اهڙيون ايجادون ٿا ڪن؟ انسان ذات لاءِ هيڏا ڪارناما ڪيا اٿن... انهن کي ڇا ان سڄي ڳالهه جي خبر نه هوندي؟. ڇڏيو سائين.... اهڙو ڪجهه آهي ڪونه. افسوس ته اهو آهي ته اوهان جهڙا عالم، ڏاها ۽ دانشور ماڻهو به اهو پرچار پيا ڪن... پوءِ هن قوم جو ته الله ئي حافظ آهي...ڇڏيو سائين“ ڳالهه مڪمل ڪري، هن پنهنجي ساٿي جي ٻانهن جهلي هئي... ”آءُ ته هلون...“ سندس ساٿيءَ مون تي رحم جي نظر وڌي هئي. ڄڻ کيس منهنجي ”بي عزتي“ ٿيڻ تي ملال هيو... هو ٻئي روانه ٿي ويا هئا ۽ ڪجهه لمحن لاءِ مون کي به پنهنجو پاڻ تي قياس ئي آيو هو. سوچيم چڱو ٿيو مون سان هن اهڙي ڪئي... پرائي زمين تي پير رکبو ته ائين ته ٿيندو نه... ڳالهه ڏاڍي ننڍڙي هئي، پر هاڻي ڇا ڪجي جو اها ننڍڙي ڳالهه به ڪڏنهن ڪڏنهن الاءِ ڪهڙا پيغام کڻي ايندي آهي... پنهنجي درزي صاحب وٽ، مان نئين وڳي جي ماپ لاءِ بيٺل هئم، جو هي همراهه به آيا هئا. هڪڙي جي کيسي ۾ کاٻي طرف، مطلب دل جي مٿان موبائيل رکيل هيو. جيڪو مسلسل سگنلز ڏئي رهيو هيو.... همراهه پگهريل به ڏاڍو هيو ۽ سندس ساهه تي هلڪڙو سهڪي جهڙو به عمل مون کي نظر پئي آيو... پگهر جو هڪڙو سبب گرمي ته سمجهه ۾ اچي پئي پر هن مهل جو، يعني لڙندي شام ۾ سهڪو مون کي منجهائي ويو هو. ائين به ڪو نه پئي لڳو جو هو ڄڻ ڪٿان ڊڪندا آيا هجن. مون کي علامت دل جي تڪليف جي لڳي پئي ۽ ان جو ڊسٽربنس مون کي صرف اهي موبائيل جا سگنلز پئي لڳا. مون خير خواهيءَ ۾ صرف ايترو عرض ڪيو هيو ”قبله... اها فون پنهنجي اڳئين کيسي کان هٽائي، پاسي واري کيسي ۾ رکو... ڌڻي معاف ڪري، ان جا سگنلز، دل جي مٿان ٺيڪ ناهن...“ مون ڄاتو پئي ته اسين واقف ناهيون.... ائين هڪدم جملو ڪنهن به معنيٰ ۾ وٺي سگهجي ٿو. پر چڱائي بهرحال چگائي ئي ٿيندي آهي. جي ڪا سٺي ڄاڻ هجي ته شيئر ڪرڻ ۾ ڪهڙو نقصان آهي... هي اهو سڀ ائين ئي ٿيو ۽ هنن وٽان اها ”عظيم الشان موٽ“ مون کي منهنجي اوقات سمجهائي وئي... اسين ڏاڍا عجيب و غريب ماڻهو آهيون، عزيزانِ مَن.... هر وقت تڪڙ جو ”ڦيٿو“ پيو ڦرندو آهي ڪنهن شئي لاءِ اسان وٽ وقت ناهي هوندو...مطلب هونئن جام وقت هوندو آهي. پر ڪن ڪن ڪارائيتن شين لاءِ اسان وٽ سوچ ئي نه هوندي آهي. هڪڙو ننڍڙو مثال ئي ٿا کڻي وٺون.... اسان مان ڪيترا دوائن جي دٻيءَ تي لکيل ”خاتمي واري تاريخ“ پڙهندا آهن...!.. گهڻا آهن، جيڪي ڪنهن به سامان وٺڻ کان پهرين ان سان مليل ڪاغذ نظر مان گذاريندا هجن؟. اسان مان ڪيترن وٽ اهو وقت آهي جو، جيڪي عام شيون اسين واهپي ۾ آڻيون ٿا، ان بابت ئي ٿوري گهڻي ڄاڻ هٿ ڪري وٺن.... اسين ان لاءِ صرف ۽ صرف هڪڙو جواب ڏيندا آهيون معزز خواتين و حضرات ته اسان وٽ علم جي ”شرح“ گهٽ آهي... ڪتابي علم گهڻو ميسر ڪونهي... ٺيڪ .... بلڪل ٺيڪ... پر جيڪي پڙهيل لکيل آهن... انهن ڪهڙا اڪ ڪارا ڪيا آهن؟ اسين ”ٻُڌيءَ“ تي هلڻ وارا آهيون صاحبان علم و عقل... پنهنجو هنر اسان وٽ ڪهڙو ڪهڙو بچيو آهي؟. دور جديد جي جديد ترين ايجاد موبائيل فون آهي. چيو وڃي ٿو ته هاڻ دنيا ۾ هر پنجين ماڻهوءَ وٽ اها ”مصنوعات“ موجود آهي. جيڪي اکر به پڙهيل ناهن، سي به ڪال رسيو ڪري ۽ موڪلي سگهن ٿا. هاڻي اهو سڀ ڪيئن ٿو ٿئي، اهو مهرباني ڪري نه پڇجي ته چڱو ٿيندو.... ”شونق“ جو ڪهڙو مُلهه....؟.. کيسي ۾ ماني کائڻ جا پئسا ڀلي نه هجن، ڪارڊ لوڊ ٿي ويندو!... ان جي فڪرات پهرين هوندي... مال چاريندڙ ڌراڙ، ناليون صاف ڪندڙ ليبر، گاڏي وارو، فروٽ وارو، ڇاٻڙيءَ وارو.... هر ڪنهن وٽ اهو موجود ملندو... ۽ اتي اهو سوال به اٿي ٿو ته ڇا هنن کي حق ناهي؟. ڇا هنن کي ساهه ناهي...!.. جي آهي ته پوءِ هيءَ سڄي واويلا ئي اجائي آهي... پر اتي اهو سوال به ضرور ڪجي ته ڇا هنن کي اها ڄاڻ آهي ته هي سڀ ڇاهي!..؟ پنهنجو پاڻ کي دٻ ملڻ کانپوءِ، مون جڏهن انٽرنيٽ جا ورق ورايا ته الائي ڪيترا عجائب خانا مون آڏو به کُلي پيا. رڳو آمريڪا ۾ ئي ٻه ارب فونون آهن، جن مان پنج ڪروڙ يارنهن سالن کان گهٽ عمر وارن وٽ آهن. برقي مقناطيسي لهرن جي مدار تي هلندڙن اها ننڍڙي مشين، جيڪا سماعتن جي مدد سان ڪم ڪري ٿي، جسم ۾ تيزي، ڊرائيونگ دوران حادثي ۾ اضافي جو اهم سبب، نئين يا پراڻي سهڪي يا ”دَمَ“ جي بيماريءَ ۾ واڌ، ٻڌڻ جي کوٽ، نظر جي کوٽ، ننڊ جي انتشار، دماغ جي ڪئنسر، هنرن جي کوٽ، سوچڻ جي قوت جي ڪمي، دماغي انتشار جنهن ۾ خاص طور تي ”الزيمهرز ڊزيز ۽ ڏڪڻيءَ جي بيماري پارڪنسون ازم“ شامل آهن، پيدا ڪري سگهي ٿي. صرف اهوئي نه، فرانس، جرمني، پولينڊ ۽ سويڊن جي سائنسدانن جي تحقيق، اهو به ثابت ڪري پئي ٿي ته چمڙيءَ، ڪنڌ ۽ ٻانهن جي ٿڪاوٽ، اوجاڳو، مٿي کي ڦيري، دماغي قوت ۾ گهٽتائي، حافظي ۾ کوٽ، مٿي جي سُور، هاضمي جي نظام جي ڳڙٻڙ ۽ دل جي رفتار کي تيز ڪرڻ جو ”فريضو“ به سرانجام ڏئي ٿي. آمريڪا، فرانس، مصر ۽ پولينڊ جي سائسندانن ته اهو ته چيو آهي ته ”موبائل فون کي جسم کان پري رکو، صرف هئينڊس فري استعمال ڪيو، ۽ ها، جن ڪارن ۾ اينٽينائون لڳل نه هجن، انهن ۾ موبائل فون قطعي استعمال نه ڪيو وڃي...“ بخارسٽ جي ”ايورگرين ريسرچ انسٽيٽيوٽ فار اليڪٽريڪل ڪمپونينٽس“ تحقيق ڪندي مڃي ٿي ته اهي برقي مقناطيسي شعاع، دل جي نظام ۾ گڙٻڙ ڪري سگهن ٿا. هنن وڌيڪ لکيو آهي ته هي فون شعاع ڇڪي ٿي. جيڪي رت جي ڳاڙهاڻ هيمو گلوبين کي رت جي ڳاڙهي جزي مان ڪڍن ٿا، اها نسن ۾ گڏجي ٿي ۽ آخرڪار دل ۽ گردي جي بيمارين جو سبب بڻجي ٿي. حيرت انگيز ڳالهه اها به چئي وئي آهي ته هڪ مهيني ۾، ٻن منٽن کان مٿي جي فون ڪال وڌ ۾ وڌ ٻه دفعا اٽينڊ ڪئي وڃي ۽ فون جي ٽاورن کان گهر، ٻن کان پنجن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي هجن...“ ڪوشش اها ناهي خواتين و حضرات ته ڪو اوهان کي موبائل فون جي نقصانن تي ليڪچر ڏنو وڃي... نه ئي ڪو پنهنجي علم و فضل جا واهڙ واهڻا آهن... ڳالهه صرف ايترو سمجهڻ جي آهي ته جڏهن اسين ريڊيو هلائيندا آهيون يا وري ٽي وي ڏسندا آهيون ۽ جي اسان جي ڪا ڪال اچي يا ڪو ميسيج اچي ته ڪهڙو نه عجيب کڙڪو انهن ۾ اچي وندو آهي... ڪهڙي نه عجيب چرپُر محسوس ٿيندي آهي... ڇا خيال آهي... جڏهن اها فون اسان جي دل جي مٿان رکيل آهي. ته ڇا ٿيندو هوندو؟ مڃان ٿو مان... ته سائنس بڌائي پئي ٿي. ته اڃان، دل جي ڌڙڪي جي مرڪز، S.A. Node تي سندس سڌو اثر ناهي، پر بهرحال ٻئي ڌڙڪن ٿا،شعاعن ۽ ڪرنٽ ذريعي ڪم ڪن ٿا دل به ۽ موبائل به، ڪنهن وقت ڇا ٿي وڃي... ڪهڙي خبر!.. هتي ته اهو به خيال نه ٿو رکيو وڃي ته جي خدانخواسته، اوهان دل ۾ پيس ميڪر لڳرايو آهي ته سيل فون پري ڪيو... بس عجيب انداز آهي. ڇا ته نمونو آهي. گذريل هفتي، هڪ عزيز، آمريڪا مان فون ڪئي، چيائين..... ”آخري ڀيرو موبائيل تي تنهنجو آواز ٻڌڻ ٿو گهران ڪجهه ڏينهن ۾ دل ۾ پيس ميڪر هڻندا... هاڻ سڄي عمر موبائل فون استعمال نه ڪري سگهندس... ها لينڊ لائن کڻي سگهان ٿو.....“ ڄاڻ ملڻ تي بگڙجندا نه ڪيو سائين... ها جي غلط هجي ته پوءِ دڙيو پر پهرين پاڻ ته پَڪَ ڪيو... ”ڪچ ...پڪ“ ۽ هلندي، ڄاڻندي به اڻ ڄاڻ رهي سڄي عمر گذاري ڇڏيو ٿا... موت کان ڊڄڻ نه گهرجي... پر معذوريءَ کان احتياط ۾ ڪهڙي برائي آهي!. ڀلا ضروري آهي ڇا ته موبائيل، هزار جي نوٽن جيان، اڳئين کيسي مان جهلڪندو نظر اچي.... جي پاسي وارن کيسن ۾ هليو ويو ته خير آهي... دل سيني ۾ ئي ٺهي ٿي... ان کي اتي ئي رهڻ ڏيو.ان کي ”ڪچ ... پَڪَ“ جو شڪار ٿيڻ نه ڏيو. mehmoodmughal@hotmail.com
جواب: محترم محمود مغل جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔ پوسريل ڪاغذ آچر 30 مئي 2010ع ڪيترا لمحا ڪاغذن کي تڪيندي گذريا آهن. سوائين پنجين وڳي صبح جو فجر کان وٺي، ڏينهن جي سوائين ڏهين وڳي تائين، ڪاغذ ۽ قلم جو ”رسامو“ مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي. جيڪي ڪجهه لکڻ گهران ٿو، اهو ڪاغذن تي شايد اچي نه ٿو سگهي.دل جي دنيا جو درد عجيب آهي. پنهنجي انهيءَ سوچ ۾ ماڙيءَ جا ڏاڪا انيڪ ڀيرا لتاڙيا اٿم. اضطراب ڏسي گهر وارا به پريشان ئي ٿين ٿا.ڪمٽمينٽ بهرحال ڪمٽمينٽ آهي... ڪم ته ڪرڻو آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن روح تي الاءِ ڪيترا اداسيءَ جا تَهَه چڙهي ويندا آهن، پنهنجو پاڻ تان ويساهه کڄي ويندو آهي، لفظن جي حرمت الاءِ ڪيڏانهن هلي ويندي آهي.سڀ ڪجهه ڇسو، نالائق ۽ اڻ سونهون لڳندو آهي.ماڻهو جهان کان رُسي ته پرچي سگهي ٿو، پنهنجو پاڻ کان رُسي ته پرچائڻ ناممڪن ٿيو پوي. ڪهڙا ڀاشڻ ڏجن؟ ڪهڙيون ڪهڙيون سٺيون ڳالهيون ڪجن...؟ اندر ۾ ڪهڙن گلابن جي ٽڙڻ جو ذڪر ڪجي. جڏهن نگاهه کي عجيب منظر وڪوڙي وڃن، جڏهن روح ملول ٿي وڃي ۽ پنهنجا لفظ به پراوا لڳن، معزز خواتين و حضرات ...ته پوءِ ماٺ جي ردا اوڍڻ ۾ ڪهڙو هرج آهي... تقرير ڪرڻ هر دفعي هر جاءِ تي ضروري ته ناهي... اڄوڪي اخبار ۾ لاشن جون تصويرون آهن... احمدين جي عبادتگاهن تي وحشت جي ماريل وجودن حملا ڪيا آهن. اسي کان مٿي جانيون، اجل جي ڀاڪر ۾ ڀرجي زمين ۾ لٽجي چڪيون آهن. ان کان هڪ ڏينهن پهرين جي اخبارن ۾ به ذڪر ڪو چڱو نه هو.علم جي ڳولا ڪندڙن ۽ علم جي وکير ڪندڙن سان سلوڪ، اخبارن جي پهرئين صفحن جي زينت بڻيو آهي. اهي جيڪي ڪهڙا به کڻي هجن، آهن ته ”ماستر“... انهن تي پاڻيءَ جي ڦوهاري ”ڀيڄ...ڀيڄ...“ ناهي ڪئي، اهي آلا نه ٿيا آهن... اسان جي سوچ آلي ٿي وئي آهي.... ۽ اهو نوجوان نسل، جيڪو علم جي اُساٽ ۾ ”لوڊشيڊنگ“ جي شيڊ جي اها عظيم ڇانوَ، قبولڻ کان انڪاري ٿئي ٿو، تن کي بيد ۽ ڀونڊي سان اخبارن ۾ نوازيندي ڏيکاريو ويو آهي.ڪنهن جو سور روئي ڪنهن جو روئجي روين جو، سلوڪَ جو.. بي مهريءَ جو يا بي قدريءَ جو. قانون، قانون هوندو آهي، ۽ اهو ڪنهن کي به هٿ ۾ وٺڻ جو اختيار ناهي. ائين ئي هنن سڀني کي به اختيار نه هئو، پر ڇا اهو جيڪو سلوڪ ڪيو ويو، ڇا انهيءَ جو حق سلوڪ ڪندڙن کي حاصل هو؟...هرڪو جي ائين ليڪا لتاڙيندو رهندو ته علم و عقل، ڪهڙي دڳ تي بيٺل نظر ايندا عزيزانِ مَن؟ خواب نگر جو هي فقير، ڊڄڻو، گيدي ۽ ڀاڙيو آهي. ان ۾ ٻي ڪا به راءِ ڪانهي ته سياست ۽ ان جون ”چيره دستيون“ هن پاڳل کي سمجهه ۾ نه ٿيون اچن، ۽ نه ئي بالا ايوانن جي اندر مان ڪڏهن گهمي اچڻ جي سعادت نصيب ٿي آهي ته فيصلا ڪيئن ٿا ٿين ۽ ڪهڙا ٿا ٿين؟... پر بهرحال جيڪي ڪجهه ٿئي پيو ٿو، اهو ڏسڻ ۾ ته اچي ٿو نه... پنهنجو پاڻ کان ئي سوال پڇجي ٿو ته اهو سڀ ائين ڇو پيو ٿو ٿئي؟ ۽ پاڻ ئي ڪو به جواب نه ٿو ملي ته ”وائڙائپ“ ته لازم آهي نه... اها وائڙائپ، جيڪا عجيب مايوسين کي جنم ڏئي ٿي... پنهنجو چهرو ڏسي، پاڻ ئي ڪرڀ ٿي اچي ته خوشگوار ڳالهين جي ڪهڙي موسم کڻي اچجي. جڏهن روح ”ناگواري“ محسوس ٿو ڪري...بدن مان سور لٿو ئي نه هجي ۽ اسين ويهي ڪاميڊي فلم ڏيکاريون، اهو ڪهڙو موقعو آهي. پنهنجو پاڻ سان مذاق ته کڻي ڪجي... ٻين ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي! حياتيءَ ۾ مايوسي ڪفر آهي، ائين حد کان وڌيڪ هيٺ به نه ٿجي... پر بهرحال ماڻهو ته ماڻهو آهي. جتي مرڪن جا گلاب مُکَ تي ٽڙنس ٿا، اتي ئي درد جا ڳوڙها به ته سندس نيڻن ۾ ئي جرڪن ٿا. پاڻ کي سنڀالڻ جي چڪر ۾ چڪرائجي وڃڻ جو عمل به ته رستو ڏسندو رهي ٿو. منهنجو تعلق انهيءَ پيغمبري پيشي سان آهي، مان هڪ ماستر آهيان... ”ماستر محمود...“، ۽ مان پنهنجي هن جهان مان لاڏاڻي کان پوءِ اهو ئي چاهيان ٿو ته مان ڪنهن براڊ ڪاسٽر، ٽيلي ڪاسٽر، ڪمپيئر، ناولسٽ، ڪهاڻيڪار، ڪالم نگار ۽ مترجم جي نالي سان پنهنجي موت کان پوءِ دلين ۾ ياد نه رهان... مان جي ڪنهن کي ياد رهان ته صرف هڪ ”استاد“ جي حيثيت ۾... استاد اهو نه.... جنهن جو نالو بدناميءَ جي ذمري ۾ اچي ٿو، بلڪه اهو استاد، جيڪو حياتيءَ ۾ فيض جي واٽ ڏيکاري ٿو... جيڪو ماستر صاحب هجي ٿو... جنهن جي جسم تي سادا ڪپڙا هجن ۽ پيرن ۾ ٻه پٽي جُتي، پر جنهن لاءِ بازار ۾ سڀ دڪاندار ماٺڪا ٿي وڃن...هر نگاهه جهڪي کيس رستو ڏئي، هر اک ۾ ادب ۽ احترام هجي... جنهن سان ڪو به ڳالهائي ته احترام ۽ محبت سان ڳالهائي، ۽ جنهن تي سڀني کي اعتبار هجي. هاڻي اتي اهم ڳالهه اها به آهي ته وري ان استاد کي ”صاحبِ ڪردار“ به هئڻ گهرجي... جنهن ”خانه پري“ ڪئي، جنهن وٽ هر مهيني جي پهرين تاريخ جو انتظار سڀني عملن کان شديد تر آهي ۽ جنهن وٽ سواءِ ”زر“ جي ٻي ڪا دولت معنيٰ نه ٿي رکي، تنهن کي ”استاد“ سڏائڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ ٿي سگهي ٿو ڪنهن حدون اورانگهيون هجن، ٿي سگهي ٿو ته ڪنهن ننڍڙي ڳالهه مان ڪا چڻنگ ٻري پئي هجي... ڪو ڀڀڙڪ ڀڙڪي اٿيو هجي... صاحبِ حيثيت ناراض ٿي ويا هجن ۽ واٽر ڪينن جا مُنهن کلي ويا هجن... پر اتي اهو به ته ٿورو سوچجي صاحبانِ هوش و خرد، ته پاڻيءَ جي ان ”لتاڙ“ ۾ استاد هئا، مرد ۽ عورتون.... مردن کي ته کڻي پاڻيءَ جي ڦوهاري ترڪايو پئي، پر عورتن جي حالت ڇا هئي... ان تي ڇا لکي سگهجي ٿو؟ دور عجيب آهي... جنهن کي ڏس تنهن وٽ پنهنجي ڪهاڻي آهي... ۽ هرڪو پنهنجي پاران اعتبار جون ڀريون ٻڌي پيو اچي... قانون نافذ ڪندڙن وٽ پنهنجو ”ورزن“ (Version) هوندو ۽ استادن وٽ پنهنجو... پر جيڪي ڪجهه ٽيليويزن جي اسڪرينز تي نظر آيو، انهيءَ اسان جهڙن کي آلو...ڀَتُ ڪري ڇڏيو آهي. راڻي الزبيٿ جي سواري آئي پئي... اوچتو موٽر ڪيڊ بيهجي ويو، راڻيءَ پڇا ڪئي ڇا ٿيو آهي؟ شوفر وراڻيو ”ملڪه عاليه... هي وقت فلاڻي پروفيسر جي هن رستي تان واڪ ڪرڻ جو آهي، هو ڄاڻ ڪي گذريو. بس لنگهي وڃي ته پاڻ هلون ٿا...“، ۽ سڀني ڏٺو ته ڪجهه ئي لمحن ۾ مَن موجي استاد... رستي تان هلندو، ڪتاب جا ورق ورائيندو... وات مان پائيپ جا دونهان ڪڍندو روانو ٿي ويو... هن اک کڻي به ڪو نه ڏٺو ته ڪهڙيون سواريون هن جي مانَ ۾ بيٺل آهن... سندس گذري وڃڻ کان پوءِ شاهي سواري اتان لنگهي. ترقي يافته ملڪن ۾ استاد جي اهميت ائين ئي هوندي آهي ۽ شاگردن تي وري ٻاجهه جي هٿ جي توفيق عنايت ٿيندي آهي. هڪ ئي ڏينهن تي، ٻنهي جي مٿان ”مارا ماري“ ڏسي، دل چوي ٿي ته ماٺ ڪجي... ماٺ جي ردا کي اوڍي ڇڏجي، ڇاڪاڻ ته جيڪي ڪجهه ڳالهائجي ٿو، انهيءَ جو ٻڌندڙن تي ته ڪو اثر نه ٿو ٿئي، ته پوءِ ايترن ڀاشڻن ۽ ايترين تقريرن جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ قلم، ڪاغذ کي تڪيندو رهي ٿو... ڪاغذ، جيڪو ڀِڄي چڪو آهي... ۽ جنهن مٿان هر تحرير ”پوسرجي“ ويندي ۽ پڙهڻ ۾ نه ايندي. mehmoodmughal@hotmail.com
جواب: محترم محمود مغل جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔ پنجويهه روپين جو ڪارڊ آچر 6 جون 2010ع هٿ ۾ شناختي ڪارڊ جهليو، هُو بيوسيءَ سان مون ڏانهن نهاري رهيو هو.منهنجو قد اهو ئي ننڍڙو هو. پنهنجو ”قد و قامت“ مان اڃا تائين وڌائي ناهيان سگهيو. الاءِ چاهيم يا الاءِ نه، پر بهرحال سوال ڪري ئي وڌو مانس....”ڇا ڪندا آهيو؟“... ”بنگلي تي ڪم ڪندو آهيان، صاحب جَي..“ سندس مک اهو ئي بي جان هو... ڪو به تاثر سندس منهن تي نظر نه پئي آيو. مون سندس ڪارڊ ڏانهن نهاريو، ”هن جو ڇا ڪريان؟...“ ”رکي ڇڏيو... سڀاڻي پئسا کڻي ايندس... في الحال ڪونهن. ڌيءَ کي تپ ڏاڍو تيز آهي... دوا ته گهرجي ٿي نه...“ مهيني جي چوٿين تاريخ هئي ۽ سندس کيسي ۾ شربت وٺڻ جا ”پنجويهه“ رپيا نه هئا... پگهار هلي وئي سيڌي جي دڪان تي... ”هٿ ۾ ڪجهه ڪونهيم صاحبَ... ڪارڊ رکو... سڀاڻي پئسا ڏئي کڻي ويندس..“ هيءَ ڪهاڻي ڪا نئين ڪانهي صاحبانِ زمانا... پنهنجي حال جي اوهان سڀ ڀليءَ ڀت ”ڄاڻ“ رکو ٿا... هلندڙ دور ۾ صورتحال اها آهي ته ڪل ٻه درجا آهن... يا مٿانهون يا هيٺانهون... وچولو درجو ڪو آهي ئي ڪونه... يا ته ماڻهو امير آهي يا غريب... ”مڊل ڪلاس“ ته رڳو اصطلاحن ۾ استعمال ٿيڻ لاءِ رهجي ويو آهي... ”وائيٽ ڪالر“ يعني اڇو ڪالر، ميرو ٿي ويو آهي. معاشيات ۽ اقتصاديات جا ماهر ڪاغذ ڪارا ڪري رهيا آهن...”جي هيئن ٿيندو ته هونئن ٿيندو ۽ هونئن ٿيندو ته هيئن ٿيندو“ جي ڪلام کي بار بار ڳايو ٿو وڃي.ٻڌايو وڃي ٿو ته هن اصطلاح جي معنيٰ ”هيءَ“ آهي... ۽ هن مان هي هي فائدو ٿيندو... ٻڌڻ پنهنجيءَ جاءِ تي آهي.. ”هئڻ“ جو ته وري درجو ئي ٻيو آهي. ڪڏهن ڪڏهن عقل و خرد دنگ رهجي ويندا آهن، عزيزانِ من! جڏهن ڪنهن اهم ”ڳنڌڻ“ جي قيمت گهٽ ٿيندي آهي، پر وري به ڪو فرق ناهي پوندو... حالتون اهي ئي ساڳيون رهنديون آهن. لڳندو آهي ته ڄڻ ڪجهه ٿيو ئي ڪو نه... اهو اعلان محض اعلان هو. ان تي عمل دخل به صرف ڪتابي ئي آهي. اسان وٽ اهو سڀ ڏاڍو عام آهي، قيمت وڌي ته هڪدم اثر پئجي ويندو. گهٽي ته ڪو فرق ڪو نه پوندو. هوڏانهن پيٽرول جي قيمت چڙهي ناهي، هيڏانهن ڀاڙو وڌيو ناهي، جي ڀاڙو وڌيو ته عام واهپي جي شين جي قيمت به چڙهي... مطلب...غريب جي ڪلهن تي بار اڃا به وڌي ويو.ٽرانسپورٽرن جي ”مُڇَ جو تاءُ“ پنهنجي جاءِ تي سلامت رهندو، بلڪه اڃا وڌندو، غريب جي ڪنڌ جي حالت وڌيڪ ”ٽيڙي“ ٿي ويندي. حسن اتفاق سان، جي ڪڏهن پيٽرول جي قيمت ڪِري ته ڪڏهن غور ڪيو اٿوَ ته ڪو به فرق ناهي پوندو. وڌيل ڀاڙا هيٺ ٿيڻ جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي. جي ڪنهن صاحبِ حيثيت سان ڳالهائبو ته ورندي ملندي، ”پندرهن ڏينهن جو کيل آهي، هاڻي وري قيمتون چڙهنديون. ڪو هر واري ڪرنديون ڇا...؟ پوءِ انهن پندرهن ڏينهن لاءِ ڇو اهو مٿي جو سور کنيو وڃي... آخر اسان هيڏو سارو اسٽاڪ گهاٽي ۾ ته ڪو نه کڻنداسين نه...“ مخلوقِ خدا، عجيب گهاڻي ۾ پيڙجي رهي آهي. عام مزدور جي ڏهاڙي ٽي سئو رپيا آهي... يعني چار جمعا (Fridays) ڪڍي... ڇويهن ڏينهن جا ست هزار اٺ سئو روپيا... اهو ته کيس ڪم ملڻ سان مشروط آهي... ۽ جي هو ڪنهن ٺيڪيدار جي ور چڙهيل هجي ته کيس اڍائي سئو رپيا ڏهاڙي ملي ٿي، جيڪي وڃي ”ساڍا ڇهه هزار روپيا مهينو“ بيهن ٿا... ڇاڪاڻ ته ”پنجاهه روپين جي في ڏهاڙي ته سائين ٺيڪيدار صاحب غريب به لهڻن ٿا. عام رازو پنج سئو رپيا ڏهاڙي وٺي ٿو... جيڪو به تقريبن تيرهن هزار رپيا مهينو ٺهي ٿو. ٺيڪيدار جي تعاون سان وري اهو ساڍا چار سئو روپين جي ڏهاڙيءَ تي به لهي اچي ٿو. مطلب... اهو به ”يارنهن هزار ست سئو رپيا“ گهر کڻي وڃي ٿو. هڪ عام ڏهاڙيءَ وارو، رڪشا ۽ ٽيڪسي ڊرائيور، مالڪ جو ٺيڪو ڪٽي، تقريبن ٽي سئو رپيا گهر کڻي وڃي ٿو. ريڙهيءَ وارو اڍائي کان ٽي سئو روپيا ڪمائي ٿو... مڪينڪ، ويلڊر، ڪاريگر، درزي، ڪڙهائيءَ وارا... انهن جو حال ڪجهه بهتر هو ته سندن چيلهه وري لوڊشيڊنگ ”ڀڃي“ وڌي آهي .خلقِ خدا جو عام ماڻهو. هڪ مهيني ۾ ساڍن ڇهن هزارن کان، نوَ هزار رپين جي اپت جي عام ڪمائي آهي. جنهن کي اسين. ستهتر کان هڪ سئو پنج ڊالر في مهينو اپت چئي سگهون ٿا. اهي سڀ جيڪي علم و دانش جا پيڪر آهن، اهو سڀ ڀليءَ ڀت پروڙي سگهن ٿا ته ڪمائيءَ جو اهو ”درجو“ دنيا ۾ ڪهڙي حيثيت رکي ٿو؟ هاڻي اهو سڀ ائين هوندي ٿورو خرچ تي نگاهه وجهون ٿا... گهر ۾ جي گهر وارو، زال ۽ ٻه ٻار هجن.. معنيٰ چار ڀاتين جو ڪٽنب هجي. ۽ في ويلو خالي پاءُ اٽي جو کائين، يا انهن جا ڦڪَ هڻن ته به ٽي ڪلو اٽو ته روز گهرجي ئي گهرجي ٿو... معنيٰ، مهيني ۾ ٽيهه ڪلو اٽو... بنان ڳوهڻي، بنان گيهه تيل جي... خالي پاڻيءَ سان ڦڪجي ته به هڪ سئو پنجاهه رپيا في پنج ڪلو جي بيگ جي قيمت سان، رڳو نوَ سئو رپين جو ته اٽو ئي ٿي ٿو وڃي... پر هاڻي وري غير عملي ڳالهه آهي، ان ڪري اسين ٻين لوازمات تي به نگاهه ضرور وجهنداسين. چار ماڻهن جي ڪٽنب لاءِ عام رواجي طور تي ڇا ڇا ٿو گهرجي. اٽو.... تقريبن ٽيهه ڪلو... قيمت 9 سئو روپيا... کنڊ ٻه ڪلو.... قيمت هڪ سئو ويهه روپيا... چانهن جي وڏي پڙي ... قيمت هڪ سئو روپيا. گيهه ...ٻه ڪلو.... قيمت ٻه سئو چاليهه رپيا... جي داليون ئي وٺڻيون آهن ته دال مڱ هڪ سئو ٽيهه رپيا ڪلو، چڻا 60 روپيا ڪلو، دال مسور هڪ سئو رپيا ڪلو ملي ٿي... مطلب... سورنهن سئو سٺ روپين ۾ خالي سيڌو پوي ٿو، ۽ جي ڀاڄي ورتي وڃي ته چار ماڻهن جي ٻن ويلن جي ڀاڄي تقريبن سٺ رپيا کائي ٿي وڃي... معنيٰ ارڙهن سئو روپيا اهي ٿي ويا... جنهن ۾ اسان اڃا هڪ سئو نوي رپيا ڪڪڙ جي گوشت جو ڪلو ناهي رکيو... ٻاڪري يا ڳائي گوشت جي ته ڳالهه ئي نه ٿا ڪريون... رڳو عام کاڌ خوراڪ ۾ ئي ساڍا ٽي هزار ختم ٿي وڃن ٿا... مٿان وري بجلي جا بل، جاءِ جي مسواڙ، دوا درمل، ڇا ڇا نه ٿو ٿئي.. ڪڏهن ڪڏهن ته جسم جي مير لاهڻ لاءِ صابڻ وٺڻ به ڏکيو ٿيو پوي. اهي رڳو چار ڄڻا ئي ته نه ٿا هجن... ماءُ پيءُ ...ٻيا گهر وارا.. اٺ ڏهه ڀاتي ٿيو ئي وڃن. جهان هلائي مٿيون ٿو... پروردگار ئي رزق مهيا ڪري ٿو ۽ ان ئي ان جو واعدو ڪيو آهي... پر دنيا جي حوالن سان غور ڪرڻ لاءِ به اسان کي هن ئي حڪم ڪيو آهي. ڇا اسان ان جي خبر رکون ٿا...؟ پنهنجو پاڻ کي وڏو علم جو اڪابر سمجهندو آهيان مان... پر سچي ڳالهه ته اها به آهي جو مان به هر مهيني بل جا پئسا موڪلي ڇڏيندو آهيان ۽ مون کي به اها خبر ناهي هوندي ته ڪهڙي شيءِ ڪيتري ۾ پوي ٿي...؟ اڄوڪو ”حال دل“ اوهان کي ٻسو ٻسو لڳي به سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته انهن قيمتن جي مون کي خبر ڪو نه هئي ۽ اها معلومات به مون پاڻ وٽ ڪم ڪندڙ نديم کان ورتي آهي. جڏهن مون جهڙو ”هٿ ٺوڪيو ڏاهو“ بي خبر آهي ته ٻين لاءِ ڇا عرض ڪري سگهجي ٿو. ”دوا جي قيمت“ نه هئڻ جي احساس، منهنجا واڄٽ وڄائي ڇڏيا... پنهنجي ڪريل قد کي سنڀاليندي مون کيس ڪارڊ واپس ڪيو ۽ دوا ڏئي چيم، ”هي کڻي وڃو... ٻارڙن جو تپ لهڻ گهرجي..“ پنهنجن ڪلهن تان ڪجهه بار لهندو محسوس ڪيم، پر پنهنجن اجاين سوالن جي شرمندگي، منهنجو هٿ اڃا جهليو بيٺي آهي... اوهان صاحب حيثيت آهيو... صاحب دل آهيو... يقينن سوال ڪرڻ کان آجا آهيو، پر ڇا غريب جي ”حيثيت جي بيماريءَ“ لاءِ دوا آڻي سگهو ٿا؟ ڇا هن بجيٽ ۾ اهڙو ڪجهه ڪري سگهو ٿا، جو سڀاڻي ڪير پنجويهه روپين لاءِ پنهنجو ڪارڊ رکرائي نه وڃي. mehmoodmughal@hotmail.com
جواب: محترم محمود مغل جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔ اڄ هڪڙي گمنام سپاهي ءَ کي ياد ڪريون ٿا آچر 13 جون 2010ع حياتيءَ ۾ ائين ٿيندو آهي عزيزانِِ من، ته ”وٽي تي نالو“ لکجي ويندو آهي. شهرتن جي ديوي مهربان ٿيندي آهي ۽ هرڪو پيو فخر ۽ افتخار سان نالو کڻندو آهي. مانَ مرتبا ساڻ هجن ته ”سئو سلامي“ هوندا آهن. پر ائين به تاريخ ڏيکاريو آهي ته هوڏانهن عهدي جو ”هما“ اڏاڻو، هيڏانهن سلام ڪندڙن منهن مٽايو... پوءِ جن پاڻ کي ”پاڻ“ نه سمجهيو, تن جي ته ڄڻ هڙ ئي وئي. جيڪو ڇَٽُ اجايو جهليو پئي, سو وڃي پٽ پيو. خوشامدڙين کي ماڻهو نه وڻندا آهن، عهدا وڻندا آهن... ۽ جيڪي اهو سڀ سمجهندا آهن، سي پنهنجي عهدي جي ”خاطر“ پاڻ ئي ناهن ڪندا.کين خبر هوندي آهي ته ان لڙائيءَ ۾ جيت ڪيئن ٿي سگهي ٿي ۽ بالآخر هو پنهنجي دل جي حضور سان اها جنگ کٽي روانا ٿي ويندا آهن. ايمان ۽ اطمينان جي لهر سندن ذات لاءِ ڪافي هوندي آهي. دنيا ڀلي سندن ڪارنامن کان بي خبر هجي، هو پنهنجي خبر رکندا آهن.... ماٺ ڪري ايندا آهن ۽ ماٺ ڪري ئي هليا ويندا آهن. پنهنجي عالي مرتبت والد جو ذڪر ڪندي وڏي فرند جو چهرو ٻهڪيو پئي. ”سڄي عمر هنن ڪڏهن به اسانجو اڌ نالو نه کنيو.... جڏهن به سڏيندا هئا ته پوري نالي سان سڏيندا هئا. گفتار ۾ ڪو به لفظ ڪڏهن اسان اهڙو نه ڪنايو جو اُڇل جو احساس ٿئي. هنن کي تعليم کان وڌيڪ تربيت جو فڪر هوندو هو، ۽ تربيت به اهڙي، جو ماڻهو ڪُندن ٿي نڪري....“ هڪ آنجهاني منصف جو اولاد اکين ۾ آب ڀريندي، ياد جا ورق ورايا. تربيت جو هڪڙو ننڍڙو مثال ٿو ڏيانوَ.... هڪ ڀيري مهمان آيل هئا ۽ بابا سائينءَ سان ڪچهريءَ ۾ مصروف هئا. اوچتو مان جو آيس ته ڪرسي کڻي مٿانهين طرف ٿي ويٺس. هن مون تي نگاهه ڪئي، پر ڪجهه چيائون ڪونه.... ڪجهه لمحا ترسي هنن مون کي ڪن ۾ چيو ته، ”اندران وڃي هيءَ شيءَ کڻي اچو....“ مان اندر ويس ته هنن ڪرسي کڻي پنهنجيءَ جاءِ تي واپس رکي ڇڏي، جتي اها پهرين پئي هئي. مان جو اندران آيس ته اشارو ڪري چيائون، ”ابا... اتي ئي ويهي رهو...“ مهمان هليا ويا ته گهرائي چيائون: ”بابا“! ڪڏهن به مهمانن جي مٿن کان نه ويهبو آهي.... هميشه هيٺاهينءَ ۾ نشست رکبي آهي....“ مون سان هم ڪلام هئا ڊاڪٽر طفيل احمد جاگيراڻي صاحب... ۽ ذڪر هو سندس والد گرامي مرتبت جو، جن کي عدل ۽ انصاف جي دنيا ۾ جسٽس برڪت علي جاگيراڻي سڏيو ويندو هو. هڪ فقير طبع، صوفي وجود، جنهن لاڙڪاڻي جي قمبر تعلقي جي ڳوٺ جيئڻ ابڙو ۾ جنم ورتو هو... ايم اي ايل ايل بي ڪري 1956ع ۾ سي ايس پي ڪئي هئي ۽ سنڌ بلوچستان ۾ هڪ وڪيل جي حيثيت سان پنهنجي عملي زندگيءَ جو آغاز ڪيو هو. 1985ع ۾ کيس تربت ضلعي ۾ سيشن جج طور مقرر ڪيو ويو هو، ۽ ان کان پوءِ هن انصاف جي انيڪ ايوانن ۾ پنهنجي فيصلن جي ”هاڪ“ ويهاري. 1995ع ۾ بلوچستان جو محتسب مقرر ٿيو ۽ اتان ئي رٽائرڊ ٿيو هو. جج صاحب جي خدمت جي مان شان کي ڏسندي کيس رٽائرمينٽ کان پوءِ جڊيشل اڪيڊمي بلوچستان ۾ ڊائريڪٽر جنرل مقرر ڪيو ويو. تنهن کانپوءِ هڪ سال لاءِ ڊرگ ڪورٽ ڪوئيٽا جو جج رهيو، ٽي سال فيڊرل سروس ٽربيونل جو ميمبر رهيو. ٽي سال ريجنل ڊائريڪٽر محتسب اعليٰ بدين رهيو، ۽ آچر 2 مئي 2010ع تي وفات مهل به پاڻ سرڪاري عملدار جي حيثيت ۾ ئي هو. ڪاغذن تي لکجندي هيءَ هڪ عام حياتي لڳي ٿي عزيزانِِ من... سڌي سڌي زندگي، جنهن ۾ رڳو اڳتي وڌڻ جي ڪهاڻي آهي ۽ ٻيو ڪجهه ناهي.. هڪ ننڍڙي ڪيريئر کان شروعات ڪري، هڪ اعليٰ عهدي تي وصال ورتو... ۽ بس.... پر جي ٿورو غور ڪجي ته اهو سڀ ايڏو سادو ۽ سولو ناهي. 1999ع کان 2001ع تائين فيڊرل سروسز ڪورٽ جي ميمبر جي حيثيت سان سندس اهم ترين ڪارنامو اهو رهيو ته هن نواز شريف جي دور ۾ هڪ درجن کان مٿي وفاقي کاتن مان برطرف ڪيل هزارين ملازمن کي بحال ڪندي اهڙو فيصلو لکيو جو وقت جا حڪمران چاهيندي به ان فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج نه ڪري سگهيا. انهن هزارين گهرن جا چلها وري ٻرڻ لڳا... عزتن ۽ ناموس جي موٽ ٿي... واپسيءَ جون سرهائيون هزارين خاندانن کي ڀاڪرن ۾ ڀرڻ لڳيون. شهيد ذوالفقار علي ڀٽي ۽ چيف جسٽس آف پاڪستان افتخار محمد چوڌريءَ جو هي ذاتي دوست ۽ سائين عبدالله شاهه جو جگري يار... پنهنجي ڪرت ۾ بيحد سادو ۽ عام فهم هوندو هو. پنهنجي زمين تي پاڻ پورهيو ڪندي ۽ هڪ سادي سودي جهڳيءَ ۾ حياتي گذاريندي هن الاءِ ڪيترا ورق ورائي ڇڏيا. سادگيءَ جي انتها اها هوندي هئي جو هڪ ڀيري پاڻ پنهنجي ٻنيءَ ۾ ڪم ڪري رهيو هو ته اتي ڪي مهربان ڪَمَين ڪارين آيا... سندس ”حال“ ڏسي پڇيائون، ”جج صاحب ڪٿي ملندو ڀائو؟“ منهه ڏانهن اشارو ڪندي چيائين، ”اتي هلو ڀائو... جج پاڻ اچي ملندوَ...“ هن دور ۾ اهو سڀ بيحد عجيب لڳي ٿو. هتي ته بس رڳو جهنڊي واري ڪار مِلي ۽ مٿان ڇت تي هُوٽر لڳي... پوءِ ته ڪنهن گري گنجي تي اک ئي ناهي ٻڏڻي... عام جي ڳالهه ته پري رهي... خواصَ به مسئلن ۾ پئجي ويندا آهن، ۽ هن دور ۾ اهو رٽائرڊ جج پنهنجي دوست سيد عبدالله شاهه جي ورسيءَ تي پاڻ لاءِ استري ٿيل پنهنجي فرزند جو بوسڪيءَ جو وڳو ڏسي پريشان ٿو ٿي وڃي... نياڻيءَ کي منٿ ٿو ڪري... ”امان تنهنجي غريب پيءُ ڪڏهن حياتيءَ ۾ بوسڪي ناهي پاتي، اڄ اها ڪيئن ٿو پائي سگهي...؟“ ۽ مٿان وري هڪ ڀيري پنهنجي سامان مان هٿ آئينو آڻڻ لاءِ چيائين... ٻڌايو ويو ته، ”سائين لڳي ٿو اوهان جي سامان مان ڪير هٿ آئينو ”چورائي“ ويو...“ پاڻ چوندڙن کي ڇنڀيندي مرڪيو،”ڪنهن تي چوريءَ جو هڪدم الزام ناهي هڻبو ٻچا... منهنجي سامان ۾ سڀ ضرورت جون شيون هونديون آهن... ٿي سگهي ٿو، ڪنهن کي انهن جي مون کان به وڌيڪ ضرورت هجي...“ پنهنجي حيثيت جو ادراڪ هميشه جج صاحب کي رهيو. رٽائرمينٽ کان پوءِ سامان جي هڙ زمين تي رکندي هن لطيف سائينءَ جي اها سٽ جهونگاري هئي، ”پلئه پايو ڪچ، آڇيندي لڄ مران...“ اها ئي بيگ ... جنهن ۾ ٽي جوڙا ڪپڙن جا هوندا هئا، شاهه جو رسالو ۽ هيرالڊ مئگزين گڏ هوندا هئا ۽ اها ئي کجيءَ جي ڇٻي، جنهن ۾ حياتيءَ جي سادي ڪار وهنوار جون ساديون شيون ڀريل هونديون هيون، هٿ آئينو، شيمپو، تيل، انگوڇو... ڦڻي... هاڻي اهو سڀ لکندي عجيب لڳي ٿو.دنيا جنهن جدت جي ڀاڪر ۾ ڀريل آهي، اتي اهو سڀ ناگواريءَ جي ”تاثرات“ کي نرڙ تي آڻڻ ۾ مدد ڪري ٿو. عرض ڪيوسين نه صاحبانِ زمانه ته رڳو سترهون گريڊ ئي ملي ته جهڙو ڪنڌ ۾ ڪو ڪلو ٿو ٺوڪي ڇڏي... اتي ايڏي سادگي عقل و دانش کان ماورا لڳي ٿي... پر ڇا ڪجي... اهڙا ماڻهو به ته ٿي گذريا نه... جي اهو تاريخي فيصلو ڪو ٻيو لکي ها. ته الاءِ ڪير ڪير ان کي مٿي تي کڻي ها. هڪ گمنام سپاهيءَ اهو ڪارنامو سر انجام ڏنو ته ان کي ڪير ٿو ياد ڪري! خواب نگر جي هن جهان ۾ اسين عقيدتن جا گل نڇاور ڪندا رهندا آهيون.هن فقير جو تعلق، روشنين جي جهان سان آهي. جن جو ذڪر ٿيندو آهي، اهي گهڻو ڪري ته ڄاتل سڃاتل هوندا آهن. اڄ دل ۾ دري کلي ته ڇو نه ڪنهن اهڙي وجود کي سلامِ عقيدت پيش ڪجي، جنهن وٽ ڪا ”پي آر“ ڪا نه هئي... جنهن جي سادگي ئي سندس هنرمندي هئي ۽ جنهن وٽ پنهنجي ”ڪچ“ جي پڪ هئي... جيڪو دراصل نج ۽ اصلي هو... اچو ته اڄ هڪ گمنام قبر تي محبتن جا گل هاريون. اها قبر، جيڪا هونئن ته گمنام ناهي پر اسان مان الاءِ ڪيترا کائنس واقف نه هئا. اڄ ڌڻيءَ در ٻاڏايون ٿا ته اسان جي هن پنهنجي جج صاحب کي ڌڻي بهتر کان بهتر جاءِ عنايت ڪري، سندس پورهيو قبول ڪري ۽ سندس مرقد، آسودو لحد هجي، (آمين). هالا روڊ تي سيد بلاليءَ جي قبرستان ۾ آسوده خاڪ، رٽائرڊ جج، مرحوم برڪت علي جاگيراڻي کي پنهنجي حياتيءَ ۾ شاهه صاحب سان خاص عقيدت هئي، هو پنهنجي رمز ۾ هوندو هو ته سٽون جهونگاريندو هو... ”ڌڱا لٽبا ڌوڙ ۾ اڀي ڏٺاسون.. جا ڀونءِ پيرين مون، سا ڀونءِ مٿان سڄڻين...“ اڄ انهيءَ ڀونءِ ۾ پاڻ آرامي آهي ۽ سندس ياد گهڻن کي بي آرام ڪري وئي آهي. mehmoodmughal@hotmail.com
جواب: محترم محمود مغل جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔ ”اندر جي ميڊيا“ آچر 20 جون 2010ع ڪنن ٻڌيءَ جو ڇا ڪجي ۽ اکين ڏٺيءَ تي ڪهڙو ماتم ڪجي.....!دنيا پنهنجي ”انت“ ڏي وڃي پئي ٿي عزيزانِ من.... خاتمي جا ڏينهن ويجهو کان ويجها ٿيندا پيا وڃن. مرم، شناس، خيال، مريادا... سڀ الاءِ ڪيڏانهن منهن لڪائيندا گُم ٿيندا ٿا رهن! بي حسي پنهنجي مڪمل بي حيائيءَ سان هاڻي ڏند ڪڍندي ٿي رهي. اخبارن ۾ اسين ڪمال خبرون پڙهندا آهيون.... ڪارو ڪاري.... هُن جو قتل.... هِن جي واردات.... مٿان وري، جنازو رکي، رستن تي ڌرڻي هڻڻ جو عظيم ترين مثال هاڻي عام ٿي ويو آهي... اهو ”مُئو“ جيڪو ڪک به نه سهندو هجي.... اها ميت، جنهن لاءِ حڪم آيل آهي ته احتياط سان کڻو ۽ جلد از جلد مالڪ تائين پهچايو، هاڻي فوٽو گرافرن جي فليشز جو انتظار ڪري ٿي. هر ايندڙ ويندڙ جو ڌيان ڇڪايو وڃي ٿو. ڪٿي ڪٿي ته ماڳهين، چهرو به کولي رکيو ٿو وڃي ته جيئن ظلمن جو ”اندازو“ ٿي سگهي. اهو ته کڻي خبرن جو شاخسانو آهي... ميڊيا جو ڪمال آهي... پر ڪجهه ميڊيا اسان جي اندر ۾ به آهي قبله... ان جي ڪارنامن تي نگاهه وڌي وڃي ته يقيناً هنن ڪئميرائن جا لينسز به ڌنڌلا ٿي سگهن ٿا. پنهنجي بدسلوڪي جي ”پرنٽ“ پنهنجي بدلحاظيءَ جي ”ٽِڪر“ ۽ پنهنجي ويڳاڻپ جي ”بريڪنگ نيوز“ کي اسين پاڻ ڏسڻ نه ٿا گهرون.... خبر سڀ رکون ٿا.... ڪو جاهل ناهيون.... اخبارون ۽ چئنلز ته اجايو بدنام آهن. شام جو پوڻين ستين، ڀريل ڀڪيل گهر جو نوجوان فرزند گذاري ويو هو. کيس پندرنهن ڏينهن کان بخار هيو ۽ گهر ۾ ڪنهن کي به فرصت ڪونه هئي ته سندس ”دوا دارونءَ“ جو ڪو خيال ڪري... ڳڻ ڪرڻ جي ضرورت ئي ڪهڙي هئي. هڪ گهر ۾ رهون ٿا، هڪٻئي لاءِ ٿورئي ٿا رهون....نوجوان ڪجهه ڏينهن ته پاڻ دوا درمل ڪندو رهيو... اچي جي ڪِريو ته پوءِ خبر چار وٺڻ جي ضرورت پئي، جيڪا ضرورت گهر وارن محسوس نه ڪئي. بخار هڪ سئو ٽي ڊگرين کان مٿي سندس تَن تپائيندو رهيو... هن ڪمزور وجود هٿ پير هلايا، پر وڏن ڀائرن کي اهو سڀ ”مکر“ لڳي رهيو هيو. هڪ ڀاءُ ته سندس وفات کان ڪجهه ڪلاڪ پهرين اهو به ڀاشڻ ڏنو ته ”ڪجهه ڪونهي ميان..... همت ڪر... دم جهل... ڊاڪٽر وٽئون ٿي آني... بيمار تون آن ته ڪو مان پيو چڪر هڻندم ڇا؟“ اجل جي ٽهڪ کان ڪجهه گهڙيون پهرين هڪ خفيف مُرڪَ مريض جي مک تي آئي هئي. جيڪا پوءِ ڪڏهن اُڀري نه سگهي.... شديد گرميءَ ۾ پٺيءَ اگهاڙي، نوجوان جي حياتيءَ جو سج، جهان جي ان ڏينهن جي سج لهڻ کان پهرين لهي ويو. هاڻي ويڳاڻپ جو عظيم مظاهرو ملاحظا ڪيو.... الاءِ ڪيترا ڪلاڪ اهو بحث هلندو رهيو ته ڪير ڪفن دفن جو خرچ ڪندو ۽ ڪٿان، ڪنهن گهر مان اها ميت نڪرندي.... ڌڻي معاف ڪري... ڪروڙ پتي آهن.... ڪو ڪنگلا ناهن... مگر تقريباً هڪ هزار روپين جو اهو خرچ ڪنهن کي به سمجهه ۾ نه پئي آيو ته ڇو ڪري....؟ آخر، رات جو عزازت ۾ سَرندي وارن مان ڪنهن کي سُڌ پئي، اهي اچي پهتا... ۽ ايندڙن جي نياڻين گهر ۾ داخل ٿيندي ئي هڪ عجيب منظر ڏٺو... زمين تي وڇايل ميٽريس تي، نوجوان جي اڌ اگهاڙي ميت دراز هئي... جنهن کي صرف شلوار پهريل هئي... لٿل قميص ۾ ئي سندس موت ٿيو هو... ان ميت جي پاسن کان ڪمري ۾ وڇايل گلم تي، ٽي همراهه ٻيا به گهري ننڊ ۾ ستل هئا... هر ڪنهن کي اهو يقين هيو ته هاڻي جيڪي ڪجهه ڪرڻو آهي سو صبح جو ڪبو، ته هاڻي جاڳڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي... انهن ميت کي ڍڪڻ به مناسب نه سمجهيو هيو، اتي ئي اگهور ننڊ ۾ هليا ويا هئا... پنهنجي آخري ننڊ جو ته کين خوف ئي نه هيو. خواب نگر ۾ اڄوڪي ”قضئي“ تي ٿورو غور ڪيو... ڪجهه اهي زمانه ياد ڪيو، جڏهن ڪنهن شهر ۾ رڳو هڪڙو ماڻهو فوت ٿيندو هيو ته ماڻهو ان گهر جون خوف کان گهٽيون مٽائي ويندا هئا... هاڻي اهو اجل ايڏو بي ڊپو ۽ سستو ٿي پيو آهي جو ”ميت“ جي پاسي ۾ سا به بنا ڪنهن ڍڪَ جي... ماڻهو کونگهرا ويهي هڻي؟... الامان الحفيظ... غالباً امام غزاليءَ جو ذڪر آهي... رستي تان گذري رهيا هئا ۽ سامهون کان ميت وئي پئي... ڪنهن پڇيو... سائين ”ڪنهن جو جنازو آهي؟“... پاڻ فرمايائون... ”تنهنجو جنازو آهي“... پڇندڙ سراپجي ويو ته پاڻ مرڪندي چيائون... ”هل ڀلا ڀائو...اهو منهنجو جنازو آهي“... هتان وڃڻ ۾ گهڻي دير لڳي ٿي!... ۽ مدفون ٿيڻ ۾ ڪهڙا ڪلاڪ لڳن ٿا؟... ماڻهو صبح جو مري ٿو ته رات تائين ته هجي ئي ڪو نه ٿو... ۽ هونئن به صاحبانِ زمانه... ماڻهو هن دنيا ۾ آهي ئي ڪٿي؟... پنهنجي ان ”خسته حال“ جي باوجود، اسان کي الائي ڪهڙي وڏائي آهي، الاءِ ڪهڙو غرور آهي جنهن تي ”ڊانڊرجي“ اسين اهو سڀ ڪندا ٿا وتون. حياتي عجيب سرد خانن ۾ هلي وئي آهي... صاحبانِ عقل و دانش ۽ علم و عرفان... سندس گرمي ختم ٿيندي ٿي وڃي... مايا جي موهه ۽ مصروفيت جي آڙ، اسان جا لاهه ڪڍي ڇڏيا آهن... پنهنجيون ”ترجيحات“ اسان مٽائي ڇڏيون آهن... اهو ظلم سڄي جهان ۾ جاري آهي پر ڇاڪاڻ ته اسين، زمين سان تعلق رکون ٿا، ان ڪري پنهنجي ”قدرن جي کوٽ“ اسان لاءِ اهم ترين زوال آهي... جيڪي ٿيڻ نه کپي... ڊاڪٽر رچرڊ ڪارلسن... نفسيات ۾ پي ايڇ ڊي آهي... سندس ڪتاب DONT SWEAT THE SMALL STUFF and its all small stuff دنيا جي بهترين وڪرو ٿيل ڪتابن ۾ شمار ٿئي ٿو ۽ حياتيءَ ۾ ماڻهن جي مسئلن، سوچ ۽ ڪردار بابت اهم نڪتن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري ٿو. ڪتاب ۾ حياتي گذارڻ جا هڪ سئو اهم نڪتا ڄاڻايل آهن... جنهن ۾ ايڪيهين نڪتي جو سرو آهي... Imagine yourself at your own funeral ”پنهنجو پاڻ کي پنهنجي جنازي جي رسمن ۾ تصور ڪيو“... هتي ان باب جو ترجمو پيش ڪجي ٿو. ”هي ڏکيو ڪم، ڪجهه ماڻهن کي خوفائتو لڳي سگهي ٿو. پر سڄي دنيا ۾ اها سوچ اثرائتي آهي ته اهو ياد رکيو وڃي ته اسان جي حياتين ۾ سڀ کان وڌيڪ ڇا ”اهم“ آهي... جڏهن اسان پنهنجي حياتين تي پوئتي مڙي ڏسندا آهيون ته اسان مان ڪيترائي خوش ٿيندا آهن ته سندن حاصلات ڇا رهي! سڄي دنيا ۾ موت جي بستري تي ليٽيل وجودن جي اها ئي سوچ هوندي آهي. ته سندن ”ترجيحات“ ڪجهه مختلف هجن ها. ڪجهه ٿورن مثالن کانسواءِ، انهن ماڻهن جي اها خواهش به هوندي آهي ته هو ننڍڙي ڳالهه تي ايترو پگهر نه ڳاڙين ها... ان جي جاءِ تي سندن اها خواهش هوندي آهي ته هو ماڻهن سان وڌيڪ وقت گهارين ها... ۽ اهڙا عمل ڪن ها جيڪي کين پسند هئا نه ڪي حياتيءَ جي ٻين معاملن بابت فڪرن ۾ پاڻ کي ڳارين ها... پنهنجو پاڻ کي پنهنجي جنازي جي رسمن ۾ شريڪ تصور ڪيو ۽ پنهنجي هيل تائين گذاريل حياتيءَ تي نظر وجهي وٺو... ڇاڪاڻ ته اوهان وٽ اڃا به اهم تبديلين ڪرڻ جو موقعو موجود آهي... جيتوڻيڪ اهو ٿورو ڏڪائيندڙ يا تڪليف ده ٿي سگهي ٿو، پر اهو سٺو خيال آهي ته ماڻهو پنهنجي موت جو تصور پاڻ ئي آڻي ۽ ان عمل ۾، پنهنجي حياتي جي عملن تي نظر وجهي وٺي. ائين ڪرڻ سان توهان کي اهو ياد رهندو ته اوهان ڪهڙو ماڻهو ٿيڻ پئي گهريو ۽ ڪهڙين اجاين شين جي اوهان وٽ اهميت وڌيڪ هئي... اهو سڀ ڪري ڏسو، توهان پنهنجي اندر ۾ زبردست تبديليون محسوس ڪري سگهو ٿا...“ پنهنجي قلب جي جاڳرتا لاءِ جتي موت کي ياد ڪرڻ ضروري آهي، اتي اها سوچ زندگي ۾ ٻين جي اهميت کي به وڌيڪ اجاگر ڪري ٿي. جي اهو سڀ ياد هجي ها ته ڇا ائين مٿئين ڌڙ جي اگهاڙپ سان، هڪ ميت، هوشمند، حيات ماڻهن جي مڪمل ڍڪيل وجودن جي کونگهرن جي ڀر ۾ ليٽيل هجي ها!... ڇا اسان هاڻي ايترا غريب ٿي ويا آهيون جو اسان وٽ هڪ چادر ناهي... جنهن سان ڍَڪَ جو ڪم وٺجي؟ ڇا اسان هاڻي اهو به نه ٿا ڄاڻون... ته ائين دراصل ڪو بي جان وجود بي لباس ناهي... اسان جي سڄي تهذيب، روايتون، رواداريون ۽ احترام بي لباس ٿي ويا آهن... ٿوري ڳڻ ڪيو سائين... هن ترجمي ٿيل باب تي هڪ نگاهه وري وجهڻ جو ڪرم ڪيو...مَن اسان کي ڪجهه سمجهه ۾ اچي وڃي. mehmoodmughal@hotmail.com