جواب: محترم محمود مغل جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔
هِنَ ته غريب جو حال....
آچر 20 ڊسمبر 2009ع
الاءِ ڪهڙا زمانه ياد اچي ويا آهن. حياتيءَ ۾ ڪي ڪي راتيون ڏاڍيون عجيب ۽ اهم هونديون آهن. معزز صاحبانِ زمانه....انهن لمحن ۾ حياتيءَ جا اهي پل هٿ ۾ اچي ويندا آهن، جيڪي شعور گم ٿيڻ تائين خاڪ ٿي نه سگهندا آهن ۽ جن جو ”ڇهاءُ“ تائين هٿن ۾ رهجي ويندو آهي. انهن راتين ۾ عيد جون راتيون، خوشين جون راتيون، خدا نه خواسته غمن ۽ وڇوڙن جون راتيون اچي وينديون آهن، ۽ جيڪڏهن ذڪر اڃا به خاص الخاص ڪيون ته حياتيءَ ۾ اها رات به ڏاڍي اهم هوندي آهي، جنهن رات جي صبح جو اسڪول وڃڻ جو ”پهريون ڏينهن“ اچڻو هوندو آهي. مَن ۾ عجيب ”هورا کورا“ هوندي آهي. نئون بوٽ، نئون يونيفارم، نئون ساٿ، الاءِ ڪيترا خيال من ۾ ور وڪڙ ڏيندا آهن. ٻار کي جو ساٿ جي خبر نه به پئي ته به نئين بوٽ ۽ نئين يونيفارم جو خيال گهڻو ڪري سڄي رات سمهڻ ڪو نه ڏيندو آهي. زمانه مٽجي ويا آهن عزيزانِ من....هاڻي ٻار وڌيڪ هوشيار ٿي ويا آهن، خوشين جا پئمانا مٽجي ويا آهن. هاڻي ٿي سگهي ٿو ته ”رات جو اهو اوجاڳو“ گهڻي جاءِ نه والاريندو هجي، پر بهرحال ڪيترين دلين کي اها سرخوشي ۽ اهو ڌڙڪو ته حاصل ٿيندو ئي هوندو، جنهن خوشين کي ۽ ان سان لاڳاپيل الاءِ ڪيترن اهم نڪتن کي اربع 16 ڊسمبر 2009ع جي ڇپيل خبر ڌنڌلو ڪري ڇڏيو آهي. ”سنڌ صوبي جي تعليم کاتي جي اسٽيئرنگ ڪميٽيءَ جي اجلاس بعد ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته سنڌ جي سرڪاري اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ ”يونيفارم لازمي“ هجڻ جو شرط ختم ڪندي، اجرڪ اسڪارف طور (آپشنل) پهرڻ جي اجازت ڏني وئي آهي.“ اها خبر سنڌ جي سينيئر وزير محترم پير مظهرالحق ميڊيا کي ٻڌائي. اها ان اجلاس کانپوءِ جي ”نويد“ آهي، جنهن ۾ سيڪريٽري ايجوڪيشن، ڊائريڪٽر جنرل ڪاليجز ۽ سنڌ جي سمورن اي ڊي اوز شرڪت ڪئي. اها ميٽنگ، جنهن ۾ تمام اهم ۽ گهڻا فيصلا ڪيا ويا، جيڪي وقتائتا ۽ لاڀ ڏيندڙ آهن، پر اتي اهو هڪڙو فيصلو الاءِ ڪيترو ڪوڙو ذائقو ڏئي ويو.
سمجهه ۾ قطعي نٿو اچي صاحبانِ علم و خرد ته اهو سڀ ائين ڇو سوچيو ويو آهي. لازمي يونيفارم جي پابندي لاهڻ لاءِ يقينن کاتي وٽ پنهنجا دليل هوندا، پر ڇا ان جي پابنديءَ جا فائدا به هنن سامهون رکيا؟...اسان وٽ تعليم الاءِ ڇو اهم خانن ۾ ورهايل آهي. خانگي تعليم ڳاٽي ڀڳي، مهانگي ۽ ”لش پش“ آهي. سڀ سمجهن ٿا ته هڪ عام خانگي اسڪول ۽ ڪاليج ۾ جيڪو چڱو نالو رکي ٿو، في ٻار پڙهائڻ جو مهيني جو سراسر خرچ ٽي کان چار هزار رپيا اچي ٿو. ڪتاب ۽ يونيفارم ان کان الڳ هجن ٿا. اها رقم ته رڳو ”فيس“ جي مدي ۾ اچي ٿي، جيڪا ٻن مهينن جي موڪلن جي به ورتي ويندي آهي. سرڪاري اسڪولن ۾ اهو سڀ ائين ناهي، خرچ مناسب هجي ٿو ۽ سرڪار جي پاران مدد پڻ ملي ٿي، تنهن هوندي به اوهان ڏٺو هوندو ته جنهن جي به کيسي ۾ ڪجهه ڏوڪڙ آهن، اهو خانگي اسڪول ۽ ڪاليج ۾ ٻارن کي ”مهانگي تعليم“ ڏياريندي پنهنجو ڳاٽ اوچو ڪندو آهي. هتي هڪ اهم عرض ٻيو به ڪرڻو آهي. عمر جي جنهن حصي ۾ ٻار اسڪول وڃي ٿو، اهو خواب جي ”معراج“ جو ڀاڱو هوندو آهي. ٻار زندگيءَ جي حقيقتن کان ”باخبر“ ناهي هوندو...کيس اهي سڀ رنگ وڻندا آهن، جيڪي سامهان هوندا آهن. وٽس اها به سوچ نه هوندي آهي ته ”بابو...ڪٿان آڻيندو! امان ڪٿان پوري ڪندي....!“ هو ته بس پنهنجي دنيا ۾ خوش ٿيندو آهي. اها دنيا، جنهن ۾ سندس ڪلاس فيلوز هوندا آهن، استاد هوندا آهن ۽ سندس نئون دوست، سندس ”اسڪول“ هوندا آهن. هاڻي ان عمر ۾ وري هڪ ٻيو ”خفت“ به جاءِ والاريندو آهي، جنهن کي ”ساڙ يا حسد“ چيو ويندو آهي. اهو عمل آهي ته خراب، پر فطري آهي. ٻار جيستائين سمجهه ڀريو ٿئي، تيستائين ٻين کي ڏسي شڪايتن جو شڪار رهندو آهي. الاءِ ڪيترا ٻارڙا گهر اچي مائٽن جي حوالي فرمائشن جون ڀريون ڪندا آهن ته ”اسان کي هي کپي...هو کپي....هن وٽ هي آهي....مون وٽ ڇو ڪونهي؟....“ اهو سڀ عام رواجي آهي معزز خواتين و حضرات...ائين ٿيندو آهي...ائين ٿيڻو به آهي. شايد اها ئي اهم سوچ هوندي آهي، جنهن کي سامهون رکي ”هڪ جهڙائي“ جي بنياد تي يونيفارم جو تصور آندو ويو آهي. سڀ هڪ جهڙا هجن، ڪير به ڪنهن کان مٿانهون يا گهٽ نه هجي...ٻار جي تصورات جو محل هڪجهڙو تعمير ٿئي ۽ عمر جي ان خطرناڪ حصي ۾، جنهن ۾ خواهشون ”لاتعداد“ ۽ ”ضد“ پنهنجي چوٽ تي چڙهيل هوندو آهي. سڀ ڪجهه ”خير و عافيت“ سان گذري وڃي. يونيفارم لازم هجڻ جي حيثيت ۾ نظم و ضبط ۽ ڪارڪردگي نمايان حيثيت اختيار ڪن ٿا، تنهن کانسواءِ برابريءَ جو احساس اندر ۾ کڻي، غريب غربو به ڌوتل پوتل صورت ۾ هڪجهڙو بڻجي ٿو.
ٿي سگهي ٿو ته محترم وزير ۽ سندس تعليمي ماهر ساٿين، ماڻهن جي غربت جو خيال ڪندي اهو فيصلو ڪيو هجي ته مهانگائيءَ جو دور آهي، يونيفارم به مهانگو آهي ۽ شايد اهو خريد نه ڪرڻ جي ڪري عوام ٻارن کي اسڪول نٿو موڪلي ته اتي اهو به عرض ڪري سگهجي ٿو ته هن ئي ميٽنگ ۾ اوهان ايترا عوامي فيصلا ڪيا آهن، جن موجب انٽر سائنس جي في 950 رپين مان گهٽائي 550 رپيا ۽ انٽر ڪامرس ۽ آرٽس جي في 770 رپين مان گهٽائي 500 ڪئي وئي. سنڌ جي سموري پرائمري ۽ مڊل اسڪولن ۾ ”اسڪائوٽس بڪ ڪارنر“ قائم ڪيو ويندو، جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ سئو ڪتاب ابتدائي طور رکيا ويندا ۽ اهم ڳالهه ته پرائمري اسڪولن جي شاگردن کي هڪ وقت جو کاڌو پڻ کارايو ويندو...هاڻي انهن تي يقينن رقم خرچ ٿيندي ته ڇا يونيفارم لازم رکندي ئي، انهن شاگردن کي ٻه ٻه جوڙا يونيفارم نٿو ڏئي سگهجي؟ هڪ جهڙي لباس ”نه“ هجڻ سان اندر ۾ وري اڌما پيدا ٿيندا. جن وٽ چڱو چوکو هوندو، اهي سٺو لباس پائي ايندا ۽ جن جو حال هيڻو هوندو، اهي لازمن پنهنجي حال سارو ايندا....هاڻي اوهين سڀ صاحبِ علم و عقل آهيو، ننڍڙي عمر جي ٻار ۾ تفاوت جو اهو خيال پيدا ٿئي ته ان کي ڪير ڪڍي سگهي ٿو. حسرتن جو دروازو کلي ته ڏاڍو ڏکيو بند ٿيندو آهي معزز مهربانو...ڇا اسين ان دروازي کي کليل ئي رکڻ ٿا گهرون، جنهن مان ايندڙ هوا ۽ نظر ايندڙ منظر ڪجهه چڱو ناهي. اسين سڀ سرڪاري اسڪولن جا پڙهيل آهيون...خاڪي پينٽ ۽ اڇي شرٽ، ڪارو بوٽ اسان لاءِ الاءِ ڇا هوندو هو. اسان مان الاءِ ڪيترن لاءِ اهو ”ڍڪ“ هوندو هيو، جنهن ۾ الاءِ ڪيترا مالي حالات ڍڪجي ويندا هئا. يونيفارم هڪڙو آهي يا ٻه آهن....ڪپڙن جا وڳا ڪيترا آهن...گهر جا مالي حالات ڪيئن آهن، اهو سڀ ان هڪ ڇاپري هيٺ اچي ڪٿي غائبسرا ٿي ويندو هو...ڇا هاڻي اهو سڀ ائين ٿي سگهندو؟
اسڪولن جو يونيفارم ته پري جي ڳالهه آهي معزز خواتين و حضرات...ڪاليجن ۾ به جيڪڏهن يونيفارم آهي ته الاءِ ڪيتريون ”خود داريون“ ڪر کڻن ٿيون حد ته اها آهي جو ميڊيڪل ڪاليج ۾ ڪتب ايندڙ ”ايپران“ يا اڇو ڪوٽ الاءِ ڪيترن جي دردن جو درمان بڻجي ٿو. ان اندر پهريل ”هلڪو هلڪو“ لباس، ڊاڪٽر صاحب جي مشڪلاتن کي دور ٿو ڪري، ان کان وڌيڪ ڪهڙي چڱائي ٿي سگهي ٿي؟
پنهنجي حياتي ۾ سخت شرمندو ٿيندو آهيان ان عمل تي ته فائنل ييئر ۾ اسان جي گروپ سوچيو هو ته ٽيچرز جي دعوت ڪئي وڃي. ان لاءِ في ڇوڪرو پنج پنج سئو رپيا وٺڻا هئا ۽ جن جي وٺڻ ۽ گڏ ڪرڻ جو بار مون تي رکيو ويو هو. سڀني پئسا ڏنا هئا، منهنجو هڪ ساٿي مستقل لنوائي پيو. آخر مان به گهري گهري ٿڪس، مٿس سختي ڪيم، ته هن شرمندگي سان وراڻيو ”هن ڪوٽ اندر هڪ غريب ڇولن وارو لڪل آهي دوست....صبح جو ميڊيڪل پڙهندو آهيان، شام جو فلاڻي اسٽاپ تي ڇولا وڪڻندو آهيان. هتي ته هن ڪوٽ ۾ خبر نٿي پوي، باقي حال پنهنجو اهو اٿئي...“ هن سان منهنجو سخت لهجو، مون کي سڄي عمر لاءِ ”بي لباس“ ڪري ويو. مون محمود مغل جڏهن 1993ع ۾ سنڌ ميگ ذريعي ٽي وي تي ڪمپيئرنگ شروع ڪئي هئي ته ڪجهه مالي مسئلن جي ڪري ”اڄ جو مهمان“ جي 79 پروگرامن جي رڪارڊنگ ۾ ان پروگرامن ۾ مون وٽ هڪڙو ئي ”ڪارو ٽرائوزر“ هو، شرٽ هميشه مٽيل هوندي هئي. ”هڪ لباسي“ منهنجو ڀرم رکي ويندي هئي.
سائين اوهان کي رب مٺڙي گهڻو ڪجهه ڏنو آهي، جتي عوام لاءِ تعليم لاءِ ايترو ڪجهه ڪيو ٿا، اتي ان فيصلي تي وري سوچي وٺو. اکين مان راتين جي اها سرخوشي نه کسيو ۽ نه ئي وري هڪجهڙائي جي ان پئماني ۾ ڪا ”ڪس“ ڀريو. جيڪڏهن ڪنهن وٽ يونيفارم ناهي ته کيس وٺي ڏيو، پر مهرباني ڪري ”لازمي يونيفارم“ واري اها شرط ختم نه ڪريو، سڀني کي هڪجهڙو رهڻ ڏيو، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن اهو يونيفارم لٿو ته اسان مان الاءِ ڪيترن جا حال ”بي لباس“ ٿي ويندا...جيڪو ڪنڌ اطمينان جي احساس سان ته ڪنهن کي اندرئين حال جي خبر نه ٿي پوي، کڄيل آهي، اهو جهڪي ويندو...اوهان فخر مند ڪلهن جا وارث آهيو، ائين جهڪيل ڪنڌ ڪيئن ڏسي سگهندئو.
mehmoodmughal@hotmail.com