جواب: محترم محمود مغل جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔
هڪڙو هيو انور سولنگي!
آچر 6 اپريل 2008ع
محترم انور سولنگي صاحب جن به، جمعي جي ڏينهن سخي حسن جي قبرستان ۾ پنهنجي جاءِ وڃي ورتي. ٻن والن جي پلاٽ تي نيٺ هنن پنهنجي سڄي ڄمار جي ڪئي ڪمائي وڃي ڪٺي ڪئي.
انا الله و انا اليه راجعون...
هڪ دفعو ٻيهر، اخبارن ۾ سرخي جو هڪڙو جهان آباد ٿيندو... سندن وفات کي ”ناقابل تلافي“ نقصان ڄاڻايو ويندو، اهو به ٻڌايو ويندو ته هنن جي جاءِ ڀرڻ هڪڙو ڏکيو عمل آهي... ڪجهه ڏينهن قصا ڪهاڻيون هلندا ۽ نيٺ وري ڪارِ جهان دراز ٿي ويندو... وقت جي لَٽَ هن قضئي کي به ڍڪي ڇڏيندي...
ائين ئي ٿيندو عزيزانِ من ۽ ائين ئي ته ٿيڻو آهي... ان ۾ ڪهڙي فارسي آهي...؟ انسان آهي، ان کي دنيا جي گولي تان به گُم ٿيڻو آهي ۽ دل جي ڦرهي تان به مٽجڻو آهي... ان ۾ ڪو سنئون فسانو ته ڪونهي... پر سولنگي صاحب جهڙا ماڻهو ايڏي سولائيءَ سان وقت جي ”رٻڙ“ هٿان نه ٿا ڊهن...
گذريل ڏهن سالن دوران، مون چار دفعا هنن کي ”پرک“ ۾ رڪارڊ ڪيو، پهريون دفعو هو بنان ”اسٽڪ“ جي آيا هئا، تڏهن اڃان اهو رڪشا وارو حادثو سندن حياتيءَ ۾ ڪو نه ٿيو هو... ۽ پويان ٽئي موقعا، سهاري سان هلندي، هن سلڇڻي اداڪار سان ”آن ڪئيمرا“ طويل ملاقاتون رهيون... هر واري سندس ذات جو ڪو نه ڪو سنئون عڪس ضرور کلندو هيو پر هڪڙي ڳالهه جيڪا سدائين اندر ۾ هُرندي رهي ته انور صاحب گهڻو ڪري، گهڻن ماڻهن کان ناراض رهندو هيو. سندس ذاتي چواڻي ته ”مان ڪمپرو مائيز نه ٿو ڪري سگهان... ڪم جي وٺڻ لاءِ ڪم جي هلڻ لاءِ ٺاهه ڪرڻ منهنجي طبيعت ۾ ناهي. الله سڀني کي خوش رکي... جي ڪم ڏين ٿا ته سندن مهرباني... ڀلا جي نه ٿا ڏين ته ڀائو... در ته مان به وڃي ڪو نه جهليندو مان...“
هاڻي هن دنيا ۾ جنهن ۾ تيز ”ڪوڙيون“ رو شنيون، چهري تي لڳل ”پفنگ“ جي مدد سان، حسين و جميل عڪس چٽين ٿيون، اهي ناراضگيون، اهو خود دار رويو ۽ اها ائپروچ گهڻن کان ڪٿي ٿي برداشت ٿئي؟...
محترم محمد بخش سميجي جي وڃڻ کانپوءِ ته ”راڪاس“ اڃان به وڌيڪ وراڪا ڏيڻ لڳو هو... ائين ڪو ناهي ته پروڊيوسر رڳو خوشامدون پسند ٿا ڪن، يا منٿ ميڙ ۽ اعتقاد ۽ اعتماد ٿا رکن... الاءِ ڪيترا مهربان اهڙا به آهن، جيڪي ڪا به ”ڪاسٽنگ“ ميرٽ کان سواءِ نه ڪري سگهندا آهن... ۽ هونئن به هر اها ”پراڊڪٽ“ جيڪا عوام تائين پهچي ٿي. ان ۾ جي ميرٽ جو خيال نه رکيو ويندو ته لازمن پنهنجو نالو به ٻين نالن سان گڏ ٻڌندو... پر اهو سڀ هوندي به ڪٿي ڪٿي ”ڪن لاٽار“ ٿي به ويندي آهي... ۽ هونئن به هر ڊرامي ۾ هر ماڻهو ڪاسٽ ٿيڻ ته تقريباً نا ممڪن به هوندو آهي.
انور سولنگي صاحب کي ٻي وڏي شڪايت پنهنجي اعزاز و احترام کان به هوندي هئي. ”پرائيڊ آف پرفارمنس“ ملڻ کانپوءِ ڇا ڪاڻ ته هڪدم سندن ڪيٽيگري ”پي پي“ ٿي وئي هئي ته کين ڪم ملڻ گهٽجي ويو هو... پروڊيوسرن جو خيال هو ته بڪنگ ۾ ڇا ڪاڻ ته هڪڙو وڏو امائونٽ، مرڪزي اداڪار جو حيثيت ۽ پي پي ڪيٽيگيريءَ واري کي ڏيڻو پوندو ته لازمن ”بجيٽ“ جو ڪجهه ڪرڻو پوندو... ۽ شايد اهو ئي اهم سبب هيو جو انور سولنگي صاحب ڪرسيءَ تي ويٺي، پنهنجي مخصوص انداز سان اسٽڪ لوڏيندي اظهارِ خيال ڪندو هو... ”اعزاز به ڪمال آهي هتي سائين... تنهن کان ته ڏين نه ته چڱو... شل نه ڪيٽيگري وڌي... ڪم ملڻ جهڪو ٿي ويندو... ماڳين ڪٿي ڪٿي بند به ٿي ويندو... هاڻي هنن کي ڪير سمجهائي ته بابا... رڌڻو اهو ئي ساڳيو آهي... گهر جون ضرورتون وڌن ٿيون، گهٽجن ڪو نه ٿيون... اسان جهڙن جو آسرو به بس ڪم تي ئي آهي. ڪجهه ملندو ته چلهو به ٻرندو... پر سائين... هاڻي ڪنهن ڪنهن کي سمجهايون ۽ ڪيترو سمجهايون...؟“
هو بيحد خود دار انسان هيو... الاءِ ڪيتريون ڳالهيون ”پي“ وڃڻ ته ڄڻ سندس فطرت ۾ شامل هوندو هيو، پر وري به جي ڀڙڪو آيو ته سولنگي صاحب کي ليکا چوکا ڪرڻ ايندا هئا. ...
سندس جونيئر جي حيثيت سان هن سان ملاقاتن جو سلسلو، تقريباً ٽي ڏهاڪا هليو... ٽي وي تي ”سميجو ڪئمپ“ ۾ جتي ٻيا سڀ موجود هوندا هئا، اتي اسين به ڪنهن نه ڪنهن ڪنڊ پاسي کان موجود هوندا هئاسين... منهنجي ڪجهه سولو ڊرامن ۾ ته هنن ڪم ڪيو ۽ صلاح سنئين سڌي سميجو صاحب کان ورتي، پر جڏهن منهنجي سيريل ”نوري ڄام تماچيءَ“ ۾ هنن نوريءَ جي والد جي ڪردار ۾ انگ ڀرڻ لاءِ حامي ڀري ته وڌ کان وڌ سوال هنن مون کان ئي ڪيا... ڪردار، ڪردار جو گيٽ اپ... سندس لب و لهجو... اٿڻي ويهڻي... انهن سڀني جي نسبتن سان، الاءِ ڪيتريون ڳالهيون سندن هنئين ۾ هرنديون هيون... ياد اچيم ٿو ته ڪردار جي مٿي تي پائڻ واري ٽوپيءَ، ڪپڙي لٽي، بوڇڻ وغيره جا الاءِ ڪيترا سئمپل، هن پائي ڏيکاريا... گهٽ ۾ گهٽ مون لاءِ اهو پهريون تجربو هيو ته ڪو به اداڪار، پنهنجي ڪردار لاءِ ايتري مٿا ڪُٽ ڪري... ۽ ياد جي دري کلي ٿي ته هڪڙو لمحو اهو به ياد اچي ٿو، جڏهن هڪ جڳ مشهور اردو چئنل لاءِ هن خادم جي تحرير ڪيل سيريل ”عشق آتش“ ۾ سندس ڪجهه رڪارڊنگس ڏسڻ مان به ويو هئس. اسان جي هڪ ”وڏي اداڪاره“ ان سيريل جي پروڊيوسر ۽ ڊائريڪٽر هئي... سيٽ تي ڪم تيزيءَ سان هلي رهيو هيو ۽ پريان ورانڊي ۾ هڪ صوفا تي ويٺي، سولنگي صاحب پنهنجي اندر جو درد اوتي رهيو هيو ”هي ڪم آهي... هان... هي ڪم جو ڪئليبر آهي؟... جي مجبوري نه هجي ته مان ته هتان ئي هٿ ڪڍان... نه ڊي آر آهي نه سي آر... بس وٺ وٺان آهي... هڪڙي سين جي موڊ مان اڃان نڪرون ئي ڪو نه ٿا ته ٽي ٻيا سينز منتظر آهن... لائنون ڪنهن کي ياد ناهن... لوازمات لاءِ ڪير سوچي نه ٿو... توهان ڊائريڪٽر کي سمجهايو... توهان رائٽر آهيو... ائين ڪم ٿيندو آهي ڇا؟...“ مٿان وري ڊائريڪٽر ۽ پروڊيوسر صاحبه جا پنهنجا مسئلا هئا... مون هن سان خد بحث نه ڪيو پر بهرحال جنهن جا پئسا هوندا آهن، شايد ان وٽ ”اثر رسوخ“ به وڏو هوندو آهي... ان مهل، انهن گهڙين ۾ مان اتان روانو ٿي ويو هئس ۽ ڪجهه عرصي کان پوءِ جڏهن سولنگي صاحب سان ملاقات ٿي هئي ته سندن نگاهه شڪايتن سان ڀريل هئي پر سندن چپن شايد هاڻي ”اظهار نه ڪرڻ“ جي قوت سمجهي ڇڏي هئي.
پنهنجي اسٽائل ۾ هڪڙو ڪمال هوندا هئا سولنگي صاحب... ڌيمو لهجو... جيڪو پائدار ٿيڻ ۾ دير نه ڪندو هو... منهن تي ايڪسپريشنز جا اظهار جا هزارين شيڊز موجود هوندا هئا... هو واقعي ورسٽائل فنڪار هيو، جنهن کي ڪاميڊي ۽ ٽرئجڊي ٻنهين اسلوبن تي ڪمال دسترس حاصل هوندي هئي... ”بلوچ صاحب ۽ پوءِ هارون صاحب نه... مون کي ۽ مشتاق جسڪاڻيءَ کي، مزاح جي ٽائمنگ سمجهائي...“ هڪ واري هنن انٽرويو ۾ چيو هو... ”اسان جي جوڙي پوءِ ڪمال ٿي نڪتي... مکڻ خان، ڍولڻ خان جي ڪردار ۽ راڻيءَ جي ڪهاڻي ماڻهن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو ۽ اهو ٽيليويزن جي تاريخ ۾ اسان لاءِ تمام وڏو بريڪ هو... مشتاق مون کي چڱيءَ طرح سمجهندو هو... گهڻي عرصي کان ٻئي گڏ هئاسين ۽ ان کانپوءِ ته اسان کي الاءِ ڪيترا موقعا گڏ پرفارم ڪرڻ جا مليا.. دنيا ۾ اسان سان وري نور محمد لاشاري به گڏ هيو... بس پوءِ ته مزو اچي ويو...“
سنڌي ناٽڪ جي جهان مان، هاڻي اهو مزو آهستي آهستي ختم ٿيندو ٿو وڃي... نور محمد لاشاري، مشتاق جسڪاڻي ۽ انور سولنگي جو ٽڪنڊو، هاڻي ”مرحومي“ جي صف ۾ وڃي بيٺو آهي... اها ڪيڏي نه عجيب ڳالهه آهي ته جنهن زماني ۾ سڄي عالم ۾ سنڌي ڪم جي پهچ نه هوندي هئي، مطلب... اسين صرف وطن عزيز تائين محدود هوندا هئاسين ته الاءِ ڪيترا ۽ ڪهڙا ڪهڙا اعليٰ ماڻڪ اسان وٽ موجود هوندا هئا... ڪم هوندو هو جيڪو چڙهي ٻوليندو هيو... ۽ ان کان پوءِ دورِ جديد ۾، جتي ڪي ٽي اين جي آمد کانپوءِ هاڻي سنڌي چئنلز انگن ۾ وڌي رهيا آهن ته اسان جا پرفارمر هاڻي ان ڪلاس جا نه پيا اڀرن، جهڙي اسان کي ضرورت آهي... ان جو مطلب اهو ناهي ته ڪو سڄو جهان خالي ٿي ويو آهي، پر جي سچ ڄاڻجي ته لاشاري صاحب، جسڪاڻي صاحب ۽ سولنگي صاحب جا ”ڪشر ڪشير“ به اسان وٽ هن وقت ته موجود ناهن. ايندڙ وقت لاءِ ڌڻيءَ کي پارت آهي. شهدادپور مان کنيل مٽي، ڪراچيءَ ۾ ملي وئي آهي... هڪ سدا بهار، مڪمل پرفارمر، پنهنجي زندگيءَ جي مڙني ڪاميابين ۽ ناڪامين کي ساڻ ڪري رخصت ٿي چڪو آهي... هاڻي ته بس سڀ جملا، رسمي جملا ئي لڳن ٿا... ”وٿيون، وه گاڏڙيون“ ۽ مختلف تحريرن سان گڏ، سولنگي صاحب، پنهنجي آتم ڪٿا مان به ڪيترا حوالا اتي ڪو نه ڪيا آهن... سندس تحرير ۾ اها ئي تلخي آهي، جيڪا هڪ خود دار انسان ۾ هئڻ گهرجي... ذهانتن سان ٿيل هن پرفارمر جي لهجي ۾ هڪڙي جملي جو اضافو ڪرڻ بيحد ضروري آهي. آخري ڀيرو انٽرويو ڏيندي هن چيو هو... ”وقت جي خبر ڪانهي... ڏسو ٿا نه سڀ هليا ويا. هارون صاحب... سميجو صاحب... ساقي صاحب... اسان جو به وارو اڄ يا سڀاڻي ته آهي ئي آهي... بس رڳو اها خواهش آهي ته اهو ياد رهي ته ڪو انور سولنگي به هوندو هو... دنيا دم گذر آهي سائين ڪير ٿو ڪنهن کي ياد رکي...“
هن بي مهر جهان ۾ سولنگي صاحب به هاڻي هڪ ياد ٿي رهجي ويندو... جيڪا به شايد ڪنهن وٽ باقي بچي، باقي فن جي دنيا ۾ هڪڙو ڪتبو لڳي چڪو آهي... ”هتي انور سولنگي رهي ٿو... جنهن کي ڪم ڪرڻ يقيناً ايندو هو...“
mehmoodmughal@hotmail.com