جواب: بئريسٽر ضمير گهمرو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو
سنڌ جي سياسي ڪلچر کي تبديل ڪرڻ جي ضرورت!
اربع 8 آڪٽوبر 2008ع
اوائلي دور ۾ جڏهن سماج پاڻ کي ڪنهن تنظيم ۾ سموئڻ چاهيو ته رياست وجود ۾ آئي. ان کان اڳ ماڻهو قبيلن ۽ برادرين ۾ رهندا هئا، جنهن ڪري زندگي جون بنيادي ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ يا سماجي، معاشي ترقي لاءِ هڪ اهڙي بندوبست جي ضرورت محسوس ٿي، جنهن ۾ نه رڳو ماڻهن جي مرضي شامل هجي، پر اهڙو بندوبست ماڻهن جي پرگهور لهي. رياست سماج جي تنظيم ڪاري جو ٻيو نالو آهي. جتي اهڙي تنظيم ڪاري بهتر هٿن ۾ آهي ۽ ڪنهن اصول ۽ نظر ئي هيٺ آهي، اتان جو عوام خوشحال ۽ سماج ترقي يافته آهي. جتي تنظيم ڪاري خراب هٿن ۾ آهي، اتي لاقانونيت، رشوت ۽ اقربا پروري جو راڄ آهي، ان ڪري ئي رياست کي هلائڻ لاءِ سياسي پارٽين جو بنياد پيو، جن پهريون پنهنجي تنظيم ڪاري ڪئي ۽ پوءِ ان تنظيم ڪاري جي ڇاپ رياست تي هنئي.
ڪنهن به ملڪ ۾ رياست جي تنظيم ڪاري جي خبر سياسي پارٽين جي پنهنجي تنظيم ڪاري مان جلد پئجيو وڃي. جتي سياسي پارٽيون خود ئي جمهوريت ۽ انصاف تي منظم ٿيل ناهن، اهي ڀلا رياست کي ڪيئن بهتر طريقي سان هلائي سگهنديون. ان جو اندازو ملڪ جي پارلياماني سياسي پارٽين جي جوڙجڪ مان لڳائي سگهجي ٿو، جتي ميرٽ توڙي جمهوريت جو قتلام آهي، اڪثر پارٽيون خانداني ۽ موروثي جاگير آهن، جيڪي موروثيت ۽ چند خاندانن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ عوام کي استعمال ڪن ٿيون. عام ماڻهو وري اهڙي تنظيم ڪاري کي ڪجهه وقت لاءِ برداشت ڪري ٿو، پر جلد بي انصافي، لاقانونيت ۽ نااهليت واري راڄ مان تنگ ٿيو پوي. جڏهن رياست کي منظم ڪرڻ لاءِ راڄ نيتائين (ليڊرن) جي ضرورت پئي ته اوائلي دور ۾ به راڄ نيتا بنا پگهار جي ڪم ڪندا هئا، ويجهي ماضيءَ تائين به ڪائونسلر (جيڪو هيٺين سطح تي سماجي راڄ نيتا آهن) کي پگهار نه ملندي هئي. سياسي اڳواڻ سياست کي خدمت سمجهندا هئا، پر جڏهن طاقتور طبقن رياست ۽ پارٽين تي قبضو ڪري ورتو ته هنن سياست مان خدمت ڪڍي ان کي مڪمل طور ڪاروبار ڪري ڇڏيو. اڄ به ننڍي کنڊ جي مختلف حصن ۾ راڄ نيتا جو لفظ احترام سان ورتو وڃي ٿو، ڇو ته اهو سياست ۾ خدمت سان لاڳاپيل آهي. راڄ نيتي جو مطلب آهي ئي خدمت، جڏهن راڄ نيتائن سياست مان خدمت خارج ڪري ڇڏي ته رياست جي تنظيم ڪاري لاءِ معزز ڪامورن به رياست جي بنيادي مقصد، خدمت کي پنهنجي ڊڪشنري مان ڪڍي ڪاروبار ڪرڻ شروع ڪيو. ان جي نتيجي ۾ اسان جا راڄ نيتا يا ڪامورا يا ته بزنس مين آهن يا ڌنڌوڙي. هنن لاءِ راڄ نيتي ڪجهه به نه آهي، هن لاءِ پنهنجو ڪاروبار اهميت رکي ٿو.
راڄ نيتي جي ڪاروبار جو طريقو:
جڏهن رياست جا ادارا ٺهڻ لڳا ته آهستي آهستي انهن جو ڦل عوام تائين پهچڻ لڳو، پر جيئن ته آهستي آهستي آبادي وڌندي وئي ۽ اقتدار تي مٿان کان قبضو ٿيڻ لڳو ته امن امان، مڪاني ادارا، صحت، تعليم، سڀ پويان پير ڪندا ويا. جمهوريت صرف مٿين طبقن جي مالي مفادن کي تحفظ ڏيڻ لاءِ استعمال ٿيڻ لڳي. چونڊ طريقو اهڙو رائج ڪيو ويو، جنهن ۾ صرف پيسي وارو چونڊجي سگهي، نتيجي ۾ سياسي پارٽيون به اهڙي ماڻهو کي ٽڪيٽ ڏيڻ لڳيون، جنهن وٽ سياست خدمت نه پر ڪاروبار هجي. ائين سياستڪار پنهنجو اصل ڪم ڪرڻ بجاءِ جيڪا خدمت آهي، ان بدران ڪاروبار ڪرڻ لڳا ۽ اقتدار جي هڪ ئي جهٽڪي ۾ پنهنجي ملڪيت کان ڏهه دفعا وڌيڪ ملڪيت ٺاهڻ لڳا، جنهن ڪري امن امان، ترقي، صحت، تعليم ۽ روزگار صرف هڪ طبقي يا ان جي حوارين کي ميسر ٿيڻ لڳو. رياست جيڪا عوام جي خدمت لاءِ منظم ٿي ۽ جنهن جي بنيادي مقصدن ۾ هر هڪ کي هڪ جهڙو تحفظ، تعليم، روزگار، صحت ۽ ٻيا موقعا فراهم ڪرڻ هو، اها چند ڪاروباري هٿن جي ور چڙهي وئي، نتيجي ۾ عوام ڪمزور، غلام ۽ ڪاروباري طاقتور طبقن جو ڳيجهو ٿيڻ لڳو، بهتر حڪمراني غائب ٿيڻ لڳي، سفارش، رشوت ۽ اقربا پروري جاءِ والاري.
هاڻي جيڪي به ماڻهو پنهنجي تڪن مان ڪامياب ٿيا، انهن مان چند ماڻهن اهي پهريون ته پنهنجو خرچ ڪڍڻ ۾ لڳي وڃن ٿا. ڪجهه ضلعن ۾ ته چونڊن تي ڪروڙين رپيا خرچ ٿئي ٿو، اهي پارٽي ۽ سنڌ جي نالي تي ووٽ وٺي ٺيڪا وٺن ٿا، پيسن تي نوڪريون ڏين ٿا، آفيسرن جون بدليون ۽ مقرريون ڪرائين ٿا، پرمٽون وٺن ٿا، ليز وٺن ٿا، مطلب ته هر ڪم جيڪو قانون موجب ٿيڻ گهرجي، اهو اڪثر ايم اين اي، ايم پي اي، سينيٽر، وزير پنهنجي داٻي ۾ اختيار کي غير قانوني استعمال ڪري ان کي ڪاروبار سمجهن ٿا، نتيجي ۾ ڪامورا شاهي به سياستدانن سان ڪاروبار ۾ شامل ٿي وڃي ٿي. اهو ڪاروبار هو سنڌي، پارٽي ۽ جمهوريت جي نالي تي ووٽ وٺي ڪن ٿا. ائين عوام جو اربين رپين جو پيسو، جيڪو سرڪاري خدمتن تي خرچ ٿيڻ گهرجي، اهو چند هٿن ۾ وڃي ٿو. هو عوام کي ڪوڙن ڏٽن، دلاسن، چاڙهن ۾ ڦاسائي رکن ٿا. سموري ڪامورا شاهي جيڪا اصولي طور تي آزاد ۽ خودمختيار هجي ۽ جنهن تي ادارن ذريعي ڪنٽرول ڪيو وڃي ها، ايم اين اي، ايم پي اي، وزيرن، سينيٽرن وٽ يرغمال آهي. نوڪريون، جيڪي هر شهري کي ميرٽ تي ملڻ گهرجن، انهن جا آرڊر وڏيرن جي کيسن ۾ آهن، جڏهن ته هنن کي قانون ۾ اهڙو ڪو به اختيار نه آهي. هي قانون ۽ انصاف جي لتاڙ راڄ نيتي ۾ خدمت بجاءِ ڪاروبار ڪرڻ جي ور چڙهي وئي آهي. سياست جي ميدان مان اهم وکر ئي هليو ويو، جيڪي پنهنجي هڙان خرچ ڪري عوام جي خدمت ڪندا هئا، جهڙوڪ حيدر بخش جتوئي ۽ سائين جي ايم سيد.
سنڌ ۽ سياسي ڪاروبار:
سنڌ جن اڪيچار ۽ اجگر مسئلن ۾ مبتلا آهي، ان ۾ اهو نڪتو اهميت اختيار ڪندو پيو وڃي ته اسين سياست ۾ خدمت واري پراڻي وکر کي ڪيئن واپس ورايون ۽ وري سياست ۾ ڪاروبار بجاءِ خدمت کي ڪيئن چوٽ چاڙهيون. سنڌ ۾ اهڙا هزارين نوجوان توڙي ٻار ۽ ٻڍا آهن، جن کي سنڌ جي عوامي سياست ۽ خدمت لاءِ بي پناهه تڙپ آهي، پر انهن کي ڪو گس ۽ واٽ نه آهي. سياسي قيادت ڪاروبار جي ڪري عوام مان پنهنجي پت وڃائي چڪي آهي. عوام جي ڀروسي ۽ اميد کي چوٽ چاڙهڻ لاءِ ڪجهه ٿيڻ جوڳو بندوبست ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڪاروباري سياست سنڌ ۾ بهتر حڪمراني يا سنڌ جي حقن جي حاصلات لاءِ جدوجهد کي ڪاپاري ڌڪ هنيو آهي، جن ماڻهن جو سياست ڪاروبار هجي، اهي پنهنجي روزي ٻن هٿن يا دماغ سان نه پر ڦر مار سان حاصل ڪندا هجن، اهي سنڌ ۾ امن امان، تعليم، صحت، روزگار ۽ ترقي کي ڪيئن يقيني بڻائي سگهندا؟ هڪ ته انهن ۾ ڪاروبار جي صحيح اهليت ڪونهي ۽ ٻيو هو سنڌ کي سمجهي ئي نه سگهيا آهن. جيڪو سنڌ جي مسئلن ۽ سورن کي سمجهي ئي نه انهن کي عوام جي ڳوڙهن تي ڪهڙي ڪهڪ ايندي. ڪنهن نه ڪنهن گهر ۾ روز ماتم آهي، ڪنهن کان پوليس ته ڪنهن کان ڌاڙيل ۽ جابر روز پنهنجي جگر جا ٽڪرا کسيو وڃن. ڪن وٽ روزگار ناهي، ڪن لاءِ تعليم ته ڪن لاءِ وري صحت ڪونهي. هينئر سنڌ جي عوام هر هر جمهوريت جي نانءُ تي ووٽ ڏئي وڏيرن کي اسيمبلي ۾ پهچايو آهي، پر سندن ڪارڪردگي عام توڙي خاص جي اڳيان آهي. ساڳيا چهرا گذريل 61 سال کان عوام کي بيوقوف بڻائيندا آيا آهن، بس اجهو ۽ هاڻي انقلاب ٿو اچي، خزاني ۾ پيسا ڪو نه آهن، ڇا ڪريون. خزاني ۾ پيسا رڳو عام ماڻهو لاءِ نه آهن، ڪهڙو اسيمبلي ميمبر ڪالهه کان وڌيڪ غريب ٿيو آهي؟ خزاني ۾ پيسا به نه آهن ته توهان کي انصاف ۽ ميرٽ تي هلڻ کان ڪنهن روڪيو آهي؟ اوهان کي بهتر حڪمراني ڪرڻ کان ڪنهن روڪيو آهي؟ اوهان کي امن امان قائم ڪرڻ کان ڪنهن روڪيو آهي؟ اوهان کي وفاق کان نوڪريون، ماليات ۾ جائز حصو وٺڻ کان ڪنهن روڪيو آهي؟ وفاق ۾ توڙي جو ساڳي پارٽي جي حڪومت آهي، پر هو، ان کان سنڌ اسيمبلي ۾ مطالبو ڪري رهيا آهن ته بجلي جو اگهه پنجاب جي برابر ڪريو. ايڊووڪيٽ جنرل کي چئي ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي آهي ته اسان کان بجلي جو اگهه پنجاب وارو وٺو. ان مان ثابت ٿئي ٿو ته هو اپاهج آهن ۽ بهتر حڪمراني ۽ ميرٽ ته پري، پر آئين ۾ سنڌ کي ڏنل حق به وٺرائي نه ڏئي رهيا آهن. هو صرف جمهوريت جو نالو استعمال ڪري سرڪاري فنڊ ۽ ڪامورا شاهي کي پنهنجي مقصدن لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ سورن سان چڪنا چور آهي، پر سنڌ اسيمبلي انهن جي سورن لاءِ مٿي جي سور جي ٽڪي به ثابت نه ٿي رهي آهي. ايم اين اي قانون سازي ڪرڻ، پاليسيون ٺاهڻ تڪ جا مسئلا اجاڳر ڪرڻ بجاءِ ٻين ڪمن ۾ وڌيڪ دلچسپي وٺي رهيا آهن. سندن اصل ڪم ڪهڙا آهن؟ انهن جي نيت تي شڪ نه به ڪجي، پر ڀاڻ توڙي اٽو روز اڻ لڀ ٿيندو پيو وڃي ڇو ته ڀاڻ يا اٽو وڏيرن جي اوطاقن ۾ ٻورين ۾ بند آهي.
هاڻ ڇا ڪرڻ گهرجي:
جيئن ته راڄ نيتي جي سياست ڪاروبار جي ور چڙهي وئي آهي، ان ڪري سنڌ جي هيٺين ۽ وچولي طبقي جنهن ۾ هاري، شاگرد، مزدور، دڪاندار، وڪيل، آبادگار، صحافي ۽ ٻيا اچي وڃن ٿا، اهي سياست مان ڪاروبار ۽ ساڳين چهرن کي نيڪالي ڏيڻ لاءِ وڏي پيش قدمي ڪن. اسان ننڍي هوندي کان خيرپور جي سياست ۾ ڳاڙهي موري يا خيرپور جي ٻن پيرن جا چهرا ڏسندا آيا آهيون. عوام کين ڏسي ڏسي، آزمائي آزمائي تنگ ٿي چڪو آهي، پر مجال جو هو ڇڏين. اهڙي طرح سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ به ”ساڳيا لاٽون ساڳيا چگهه“ وارو حساب ڪتاب آهي. جيئن ته هي اسيمبلي ۽ سرڪار بهتر حڪمراني يا سنڌ جا حق وٺڻ کان عاري آهي، ان ڪري انگلينڊ وانگر سنڌ جي عوا کي House of Common جي نالي سان نئين اسيمبلي آڻڻي پوندي. ان جي شروعات سنڌ جي هزارين نوجوانن ۽ مختلف شعبن ۾ ماهر عوامي نمائندن جيڪي سياست کي ڪاروبار بجاءِ خدمت سمجهن کي ان جو ميمبر ڪرڻ سان ٿي سگهي ٿي. جنهن جو هال حيدرآباد ۾ قائم ڪيو وڃي ۽ اها اسيمبلي سنڌ جي حقيقي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ ۽ وفاق کان پنهنجا حق حاصل ڪرڻ لاءِ قراردادن ۽ مطالبن ذريعي اثرائتو آواز هجي. اها قانون سازي به ڪري ۽ پوءِ اسيمبلي مان ايندڙ اڳواڻن جي ڇنڊڇاڻ ڪري انهن کي ايندڙ چونڊن ۾ سنڌ جي هر تڪ تان آندو وڃي. انگلينڊ ۾ شروع ۾ صرف هڪ هائوس، House of Lords هوندو هو، جنهن ۾ صرف وڏا جاگيردار ۽ ڪاروباري ماڻهو ميمبر هوندا هئا. ٺيڪ اهڙي طرح جيئن اڄ جي سنڌ اسيمبلي، قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ اهڙا ميمبر آهن. پوءِ عام ماڻهن جيڪي هيٺين ۽ وچولن طبقن سان تعلق رکن پيا، انهن خانگي گڏجاڻيون ڪري House of Common عام ماڻهن جي ايوان جو بنياد وڌو، جنهن اڳتي هلي هائوس آف لارڊس کان تقريبن سمورا اختيار کسي برطانيا ۾ بهتر حڪمراني، انصاف ۽ خوشحالي جو بنياد وڌو. موجوده اسيمبليون برطانيا جي پراڻي هائوس آف لارڊس وانگر آهن، جيڪي پنهنجا ڪاروباري ۽ طبقاتي مفاد حاصل ڪرڻ لاءِ قانون، انصاف ۽ ترقي کي پوئتي ڌڪي رهيون آهن. ان ڪري ضروري آهي ته سنڌ ۾ عام ماڻهن جي ايوان جو بنياد وڌو وڃي، جنهن کي Committee for Changes تبديلي لاءِ جوڙيل ڪميٽي ڪنٽرول ڪري، جنهن ۾ سنڌ جا هڏ ڏوکي ۽ سڄاڻ طبقا شامل هجن. منهنجي نظر ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان هزارين رضاڪار ان اسڪيم هيٺ آواز ۾ آواز ملائيندا. سنڌ چونڊ جي کيتر ۾ هڪ حقيقي قيادت پيدا ڪندي، جيڪا ڪاروبار بجاءِ سياست ۾ خدمت کي متعارف ڪرائي ۽ ائين اسان سنڌ جا قومي حق توڙي عوامي خوشحالي لاءِ صحت، تعليم، انصاف، امن امان، روزگار جي مد ۾ بنيادي انقلابي قدم کڻي سگهون ٿا. سنڌ جي موجوده اڪثر قيادت اسٽاڪ ايڪسچينج وانگر سنڌين جي ووٽن جو ڪاروبار ڪري رهي آهي، جيستائين انهن کي چونڊن جي کيتر مان ٻاهر ڦٽو نه ٿو ڪيو وڃي. سنڌ جي قسمت هرگز تبديل نه ٿيندي.
ڊسيپلين يا نظم و ضبط:
اهڙي انقلابي تبديلي کي متعارف ڪرائڻ لاءِ سخت نظم و ضبط جي ضرورت پوندي. ائين نه ٿئي جو وري ڌنڌوڙي ماڻهو پنهنجا مفاد حاصل ڪرڻ لاءِ ان ۾ گهڙي پون، ان لاءِ مول متا ۽ اصول طئه ڪرڻا پوندا ۽ Committee for Changes يا تبديلي واري ڪاميٽي هڪ اهڙو ادارو هوندو، جيڪا نظم ۽ ضبط قائم ڪرڻ لاءِ سخت اصول ۽ Rules قائم ڪندي. هر ماڻهو کي سخت ڪسوٽي مان گذرڻو پوندو، انهن کان وچن وٺڻو پوندو ۽ انهن کي گوشوارا جمع ڪرائڻا پوندا. اهڙي طرح هي هڪ انقلابي قدم سياسي کيتر ۾ سنڌ جي قسمت تبديل ڪري ڇڏيندو ۽ روايتي ڪاروباري سياست کي هميشه لاءِ خير آباد چئي سياست ۾ خدمت کي متعارف ڪرائيندو ۽ ان لاءِ سنڌ جا لکين رضاڪار سنڌ جي خدمت لاءِ نالو لکرائيندا. هيءَ تحريڪ عوامي ايوان قائم ڪرڻ لاءِ، سنڌ جي جياپي لاءِ ضروري آهي، ڇو ته هينئر اسان وٽ ماضيءَ جي انگلينڊ وانگر House of Lords ته آهي، پر ڪو به House of Commons ڪو نه آهي، جتي عام ماڻهو پنهنجي دردن جو درمان ڳولهي.
سنڌ جي موجوده صورتحال:
سنڌ جي موجوده صورتحال لڳ ڀڳ فرانسيسي انقلاب کان اڳ واري دور جي آهي، جڏهن فرانس جي بادشاهه جي محل ٻاهران بورڊ لڳل هوندو هو ته Offices for Sale جنهن جو مقصد آهي ته سرڪاري آفيسون وڪري لاءِ موجود آهن، جنهن وٽ گهڻا پئسا آهن، اهو خريد ڪري. پوءِ بااثر ماڻهو ۽ ڪامورا پئسا ڏئي اهي آفيسون خريد ڪري ايندا هئا ۽ رشوت جي بازار گرم ڪري اهي پيسا اتان ڪڍندا هئا. ٺيڪ اهڙي طرح جيئن اڄڪلهه جي سنڌ ۾ آفيسر پئسا ڏئي بدلي ۽ مقرري جا پروانا حاصل ڪن ٿا، پوءِ رشوت ۽ لاقانونيت جي بازار گرم ڪري پنهنجا گهر ڀرين ٿا. عام ماڻهو کي نه انصاف، نه امن ۽ نه وري روزگار حاصل آهي. هي ڪاروبار ڪيستائين جاري رهندو؟ ڇا سنڌ جو عوام هر ڀيري لٽجندو ۽ ڦربو رهندو؟ سنڌ جا سمورا شهيد سنڌي عوام جو گڏيل ورثو آهن، انهن جي نالي تي سرڪار وٺي رشوت، اقربا پروري، لاقانونيت جي بازار گرم ڪرڻ انهن سان بي واجبي آهي. سنڌ جو عوام اسيمبلين، سرڪار بجاءِ پنهنجو عوامي ايوان House of Commons تشڪيل ڪرڻ لاءِ پش قدمي ڪندو. سندس ڪاميابي کي ڪير به روڪي نٿو سگهي، هي قدم جلد کنيو ويندو.
barrister-zamir@hotmail.com