جواب: بئريسٽر ضمير گهمرو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو
سنڌ ۽ وفاقي بجيٽن جي حقيقت!
سومر 14 جون 2010ع
وفاقي سرڪار توڙي سنڌ سرڪار سال 2011-2010ع لاءِ پنهنجون بجيٽون پيش ڪري ڇڏيون آهن، هي پهريون بجيٽس آهن، جيڪي اين ايف سي سفارشن تي صدر جي صحيح کانپوءِ ٺاهيون ويون آهن. ڪنهن به ملڪ ۾ بجيٽ هڪ سال ۾ هڪ دفعو ٺهندي آهي، پر اها سرڪار جي سڄي سال جي معاشي ۽ مالي پاليسين جو نچوڙ هوندي آهي. سرڪار جيڪا مالي ۽ معاشي پاليسي اپنائيندي آهي، ان جي نتيجي ۾ ملڪ ۾ جيڪو ٽيڪس ۽ نان ٽيڪس روينيو گڏ ٿيندو آهي، ان جي بنياد تي سرڪار پنهنجي سال جي آمدني ۽ خرچ ڏيکاريندي آهي. جيڪڏهن ملڪ ۾ گڏ ڪيل ٽيڪس ۽ نان ٽيڪس روينيو گهٽ آهي ته سرڪار قرضن تي ڀاڙيندي آهي. ٿلهي ليکي بجيٽ ٽيڪس روينيو، نان ٽيڪس روينيو ۽ قرضن تي مشتمل هوندي آهي. اها ملڪ يا صوبي جي آمدني ۽ ٿيندڙ خرچن جو وچور آهي، ٻيو ڪجهه به نه آهي.
مثال طور هڪ سئو ايڪڙ جو آبادگار سڄو سال پنهنجي زمين تي محنت ڪري ان لاءِ پاڻي جو بندوبست ڪري، فصل جي چونڊ ڪري، مارڪيٽ تائين پنهنجي فصل جي فراهمي جو بندوبست ڪري، ٻج ڀاڻ ۽ هر زمين ۾ استعمال ڪرڻ لاءِ اپاءُ وٺي ۽ جيڪڏهن مٿيان سڀ بندوبست صحيح آهن ته پوءِ کيس آمدني به ججهي ٿيندي ۽ ان بنياد تي هو سڄي سال جي خرچن جو وچور ٺاهيندو، جنهن کي اسان بجيٽ چئون ٿا. اهڙي ئي طرح جيڪڏهن ملڪ ۾ امن امان هوندو، ڪاروبار عروج تي هوندو، بجلي، گئس ۽ تيل سستو هوندو، صنعتڪاري کي همٿائڻ لاءِ اپاءَ ورتل هوندا، زراعت لاءِ خاص اپاءُ ورتل هوندا، ٽيڪس جو نظام منصفانه هوندو، غير ترقياتي خرچ گهٽ هوندا ته بجيٽ لاءِ ٽيڪس ۽ نان ٽيڪس روينيو لاءِ پئسا به ججها وصول ٿيندا. مطلب ته سالياني بجيٽ ملڪ ۾ معاشي ۽ مالي پاليسيءَ تي دارومدار رکي ٿي.
وفاقي سرڪار جي بجيٽ:
وفاقي سرڪار اعلان ڪيو ته هن سال جي بجيٽ اٽڪل 3200 (ٻٽيهه سئو) ارب ۽ ان مان هڪ هزار ٽيٽيهه ارب رپيا صوبن کي ڏنا ويندا. حقيقت ۾ صوبن واري رقم آئين موجب وفاقي سرڪار کي پنهنجي بجيٽ ۾ ڏيکارڻي ئي نه آهي، ڇو ته اها رقم صوبن کي اين ايف سي جي ذريعي ملي ٿي، پر مرڪز کي ڪير چوي؟ هڪ هزار 33 ارب ڪڍڻ کانپوءِ مرڪز جي ڪل بجيٽ اٽڪل ٻاويهه سئو ارب بيهي ٿي. انهن ٻاويهن سئو اربن مان اٽڪل چوڏهن سئو ارب انتظامي خرچن، چار سئو ٻائيتاليهه ارب دفاع ۽ باقي اٽڪل ساڍا ٽي سئو ارب ترقياتي ڪمن لاءِ رکيا ويا آهن. مرڪز جي ٻاويهه سئو ارب جي بجيٽ مان اٽڪل ساڍا ارڙهن سئو ارب غير ترقياتي خرچن ۽ رڳو ساڍا ٽي سئو ارب ترقياتي مد ۾ خرچ ٿيندا، جيڪي ساڍا ارڙهن سئو ارب غير ترقياتي معاملن تي خرچ ٿيندا. انهن ۾ دفاع واري بجيٽ کي پاسيرو به ڪجي ته به چوڏهن سئو ارب رپين جي رقم رڳو اسلام آباد جي انتظامي خرچن تي خرچ ڪرڻ سمجهه کان ٻاهر آهي. جڏهن ته اسلام آباد وٽ آئين موجب نه ته تعليم، صحت، امن امان نه وري زراعت، آبپاشي وارا کاتا آهن. اڌ کان وڌيڪ رقم اسلام آباد اهڙن کاتن لاءِ رکي آهي، جيڪي آئين موجب نج صوبائي آهن. آهي ڪو پڇڻ وارو ته هي ملڪ جا چوڏهن سئو ارب رڳو وفاقي سرڪار ۾ هڪ صوبي جي کاتن ۾ رکڻ لاءِ استعمال ڪيا پيا وڃن. اصل ۾ ذميوارين جي حساب سان مرڪز جي انتظامي بجيٽ ٻه سئو ارب کان وڌيڪ نه هجڻ گهرجي، پر اسلام آباد چوڏهن سئو ارب رکي پوري ملڪ جي عوام سان ناانصافي ڪري رهيو آهي. اسلام آباد کي آئين موجب ايتريون ذميواريون ئي نه آهن، جن تي هيڏا سارا 1400 ارب رپيا خرچ ڪيا وڃن. اسان جا سنڌ ۽ بلوچستان جا سياستدان اهڙي حقيقت هن ملڪ تي عيان ڪرڻ کان عاري آهن. آئين موجب اسلام آباد يعني وفاقي سرڪار جا کاتا ئي 8 ٿيندا. جهڙوڪ پرڏيهي معاملا، دفاع، مواصلات، جهاز راني، وغير. ناڻو کاتو، تمام ننڍو آهي، پر غير قانوني ادارا قائم ڪري اسلام آباد هن ملڪ جي عوام سان وڏي ويڌن ڪئي آهي. فيڊرل سرڪار جو ڪم آهي دفاع سنڀالڻ، پرڏيهي پاليسي هلائڻ، ٽيڪس وصول ڪرڻ، مواصلاتي وسيلن کي ترقي وٺرائڻ باقي ٻيو ڪهڙو ڪم آهي، جيڪو وفاقي سرڪار حوالي آهي. ڪمال آهي جو وفاقي سرڪار جي هيڏي وڏي چوڏهن سئو ارب رپين جي خرچ تي ڪو هڪ لفظ به ٻولي. بنيادي طرح هن ملڪ جي بدقسمتي اها ئي آهي جو ساڍا چار ڪروڙ آبادي واري سنڌ جي بجيٽ چار سئو ٻاويهه ارب ۽ سا به خساري واري ۽ اسلام آباد جي بجيٽ ٻاويهه سئو ارب، جنهن وٽ ماڻهو ئي نه آهن ۽ رڳو کاتا آهن، جيڪي ٻاهريان ڪم جهڙوڪ بچاءُ، پرڏيهي پاليسي، ٽيڪس وصول ڪرڻ، مواصلات جا ذريعا ٺاهڻ وغير. نه ان وٽ تعليم، نه صحت، نه امن امان پر بجيٽ 22-ارب رپيا!! هي هن ملڪ جي وسيلن سان وفاقي بيوروڪريسي جو وڏو ظلم آهي، پر سنڌ ۽ بلوچستان جا سياستدان جيڪي اسيمبلين ۾ ته ويٺا آهن، پر پنهنجن پنهنجن صوبن جي حقن بابت ڳالهائڻ لاءِ تيار ڪونهن. ان ڳالهه جو اسلام آباد کان جواز نه وٺندا، ڀلي هن ملڪ جو غريب عوام مهانگائي ۽ ظلم جي چڪي ۾ پيسبو رهي. دراصل هن ملڪ کي آءِ ايم ايف کان قرض وٺڻ جي ضرورت نه آهي، ڇو ته اسلام آباد گهٽ ۾ گهٽ ٻارنهن سئو ارب رپيا غير ترقياتي سرگرمين تي خرچ ڪري رهيو آهي. وفاقي بجيٽ جو خسارو آهي، ست سئو ارب ۽ اسلام آباد 1200 ارب رپيا رڳو پنهنجي شاهه خرچين تي وڃائي رهيو آهي. هڪ ڪميونسٽ پارٽي جو تازو اخبار ۾ بيان آيو آهي ته وفاقي بجيٽ ۾ تعليم جي بجيٽ گهٽ ڪرڻ وڏو ظلم آهي، پر کيس پتو نه آهي ته تعليم ته وفاقي سرڪار جو کاتو ئي نه آهي، ته ان اها بجيٽ به ڇو رکي آهي. وڏيون نظرياتي پارٽيون به ان عمل کي نه سمجهي سگهيون آهن ته اسلام آباد جو بنيادي ڪم ڪهڙو آهي ۽ ان لاءِ ڪيترا پئسا رکڻ گهرجن، ان تي بحث لاءِ ڪو به تيار نه آهي. ملڪ جي ناڻي جي هيءَ بي دريغ کڻت وفاقي بيوروڪريسي آرام سان ڪري رهي آهي ۽ هن پنهنجي حق ۾ ميڊيا توڙي سياستدانن کي خريدي ڇڏيو آهي. اسلام آباد 1200 ارب رپيا ڇڏي ته ڇا ملڪ ۾ ڪو معاشي بحران پيدا ٿيندو؟ معنيٰ ملڪ ۾ وفاقي سرڪار جي ڪل آمدني پندرنهن سئو ارب، پر پر 1400 ارب انتظامي خرچن ۽ ساڍا چار سئو ارب دفعا تي خرچ ٿي رهيو آهي. وفاقي سرڪار جي هن سال جي آمدني پندرنهن سئو ارب ۽ باقي ست سئو ارب رپيا قرض ورتا ويندا. غير ترقياتي خرچ گهٽ ڪيا وڃن ته قرض کڻڻ جي ضرورت ئي نه پوي، پوءِ ڇا جي مهانگائي ۽ غربت؟ هيءُ سڀ وفاقي بيوروڪريسي جو پيدا ڪيل بحران آهي، جيڪا ارڙهين ترميم کان پوءِ به هڪ به کاتو صوبن کي ڏيڻ لاءِ راضي نه آهي، توڙي جو تعليم ۽ صحت سميت ٽيهه کاتا ۽ ادارا صوبائي آهن ۽ اهي صوبن ۾ اڳ ئي ڪم ڪري رهيا آهن.
سنڌ سرڪار جي بجيٽ:
سنڌ سرڪار اين ايف سي دوران ڪاميابي جو وڏيون دعوائون ڪري رهي هئي، پر اين ايف سي هيٺ 25-اربن جي خساري واري پهرين بجيٽ ان ڳالهه جو واضح ثبوت آهي ته سرڪار اين ايف سي دوران سنڌ جي مالي خودمختياريءَ کي تين وال ڪيو. صوبي جي هن سال بجيٽ چار سئو 22 ارب ڏيکاري وئي آهي، جنهن ۾ 25-ارب رپيا خسارو آهي. جيڪڏهن اهي ڪڍجن ته آمدني بيهندي ٽي سئو ستانوي (397) ارب. گذريل سال صوبي جي 17-ارب رپين واري اضافي بجيٽ هئي، جيڪا 327-ارب هئي. ان کان اڳ 9-2008ع واري بجيٽ 267-ارب رپيا هئي. گذريل سال جي 327-ارب بجيٽ اڳئين سال جي 267-ارب رپين جي بجيٽ کان چاليهه ارب مٿي هئي ۽ هن سال ستر ارب مٿي آهي. هي هر سال ناڻي ۾ واڌ جو سبب آهي، ڇو ته هر سال ملڪ جي ٽيڪس ۽ نان ٽيڪس ۾ روينيو واڌ اچي ٿي. سرڪار اين ايف سي وقت دعويٰ ڪري رهي هئي ته اسان کي 220-ارب ورهاست جوڳي نام نهاد پول مان ملندا، پر ان مان به کين هن سال 207-ارب رپيا ملندا. 72-ارب گيس ۽ تيل جي مد ۾ سڌين منتقلين جي مد ۾ ملندا. اهڙي طرح سنڌ کي وفاق کان ملندڙ ڪل رقم 279-ارب آهي، جنهن ۾ آڪٽرا عيوض 6 ارب به شامل آهن.
اين ايف سي هيٺ سنڌ کي ملندڙ رقم 207 ارب آهي، جڏهن ته سنڌ مان هن سال لڳ ڀڳ يارنهن سو ارب رپيا وصول ڪيا ويندا. اسان کي آبادي جي بنياد تي به اين ايف سي مان هڪ هزار 33 ارب رپين مان 28 سيڪڙو معنيٰ اٽڪل 300 ارب رپيا ملن ها، پر سنڌ سرڪار نام نهاد گهڻ رخي فارمولا هيٺ سنڌ جي حقن سان جيڪا تاريخي ويساهه گهاتي ڪئي، ان هيٺ 207 ارب رپيا ملندا. هن کي سنڌ سرڪار پنهنجي ڪاميابي ڪوٺي رهي آهي.
سنڌ ۽ خيبر پختونخوا جي بجيٽ:
يارهن سئو ارب ٽيڪس روينيو ڏيندڙ سنڌ جي بجيٽ 397-ارب جڏهن ته چاليهه ارب رپيا ڏيندڙ سرحد صوبي جي بجيٽ لڳ ڀڳ ٽي سئو ارب رپيا آهي. اي اين پي جهڙي نموني پنجاب سان گڏجي پنهنجي صوبي لاءِ مالي فائدا ورتا ۽ اهي به سنڌ جي قيمت تي ان جو مثال ملڻ مشڪل آهي، پر پيپلز پارٽي سرڪار سنڌ کي اين ايف سي ۾ ٻڙي تي وڪرو ڪري آئي.
سروسز تي سيلز ٽيڪس:
سنڌ سرڪار کي کپندو هو ته هو پنهنجا آئيني اختيار استعمال ڪندي اسيمبلي مان سروسز تي سيلز ٽيڪس وارو ايڪٽ اسيمبلي مان پاس ڪرائي ها، پر هن اڄ ڏينهن تائين بجيٽ اچڻ کان پوءِ سروسز تي سيلز ٽيڪس مرڪز کي ڏيڻ لاءِ ڳالهين جو ڍونگ رچايو آهي. هاڻي مرڪز سنڌ سرڪار کي ڊڪٽيشن ڏئي رهيو آهي ته هنن سروسز تي توهان سيلز ٽيڪس اڳاڙيو ۽ خاص خاص اسمن تي ٽيڪس اسان جي حوالي ڪريو. 18 هين ترميم ۽ نئين اين ايف سي کي تاريخي معرڪو ڪوٺيو پيو وڃي، پر قومي مفادن ۾ وري سنڌ کي قرباني جو ٻڪرو بڻايو پيو وڃي ۽ سنڌ سرڪار کي چيو ويندو ته هڪ سئو سروسز جي لسٽ مان فلاڻي فلاڻي سروسز تي سيلز ٽيڪس وصول نه ڪريو ۽ باقي جيڪي غير اهم آهن، انهن تي ڀلي ٽيڪس وصول ڪريو. هر هر وڏو وزير ۽ بنگالي چئي رهيا آهن ته سروسز تي سيلز ٽيڪس سنڌ وصول ڪندي، پر ان پويان شڪست جي اها ڪهاڻي آهي. سنڌ سرڪار ڪجهه به ڪري، پر گهٽ ۾ گهٽ پنهنجا آئيني حق ته تين وال نه ڪري.
وئليو ايڊيڊ ٽيڪس ۽ سرحد جو نالو:
سرحد مان خيبر پختونخوا ٿيڻ لاءِ سرحد کي 62 سالن کان آئين ۾ ترميم جي ضرورت هئي، اهڙي طرح سنڌ نالي ۾ ايڇ جو اضافو ۽ بلوچسان جي نالي مان U (يو) جو لفظ ڪڍي O (او) وجهڻ لاءِ 62 سال لڳا. جي ايس ٽي کي ويٽ ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ وفاقي سرڪار چوي ٿي ته آئين ۾ ترميم ڪرڻ جي ضرورت نه آهي. ڏسو سائين ابتو منتطق، معنيٰ آئين ۾ سرحد جو نالو تبديل ٿئي يا سنڌ جي نالي ۾ رڳو H وجهڻي هجي ته آئيني ترميم، پر جيڪڏهن جي ايس ٽي کي ويٽ ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ ملڪ جو ڪو به وڪيل ۽ پارليامينٽ جو ميمبر آئيني ترميم جي ڳالهه نه ڪري رهيو آهي.
سنڌ بجيٽ ۾ 25-ارب خسارو:
سنڌ جي بجيٽ جو انگ 397 مان وڌائڻ لاءِ ۽ چار سئو جي زمري ۾ آڻڻ لاءِ 25-ارب رپيا وڌا ويا ته جيئن ماڻهن کي ٻڌائي سگهجي ته اين ايف سي ۾ اسان کي ڪاميابي ٿي آهي. هي قيصر بنگالي واري پلان جو حصو آهي، ڇو ته پختونخوا جي بجيٽ 300-ارب جي لڳ ڀڳ هجڻ ڪري سنڌ جي بجيٽ کي چار سئو کان وڌيڪ ڏيکارڻو هو ته متان اها عوام کي خبر پوي ته سرحد جي بجيٽ 300-ارب ۽ سنڌ جي بجيٽ وري 397-ارب. سنڌ سرڪار جو هي عمل وفاق وٽ ان جي شڪست جي نشاندهي ڪري ٿو.
سنڌ جي بجيٽ ۽ پنج هزار آبادي جو ڳوٺ:
سنڌ جي 422-ارب بجيٽ جي بنياد تي سنڌ ۾ هر فرد لاءِ لڳ ڀڳ ساڍا ڏهه هزار رپين جي بجيٽ رکيل هوندي. معنيٰ هر پنج هزار آبادي واري ڳوٺ لاءِ بجيٽ ۾ اٽڪل پنج ڪروڙ رپين کان وڌيڪ رقم رکي وئي آهي. پر ڇا سنڌ سرڪار ايترا پئسا هر پنج هزار آبادي واري ڳوٺ تي خرچ ڪري ٿي، هرگز نه. جيڪڏهن سرڪار اهي پنج ڪروڙ پنج هزار واري آبادي واري ڳوٺ کي سڌا سنوان ڏي ته هوند هڪ ڳوٺ پنهنجي لاءِ صحت، تعليم ۽ امن امان جو جوڳو بندوبست ڪري، پر ايئن نٿو ٿئي ۽ نتيجي ۾ ماڻهن کي نه صحت، نه تعليم، نه امن امان ۽ نه ئي روزگار ملي ٿو.
هڪ ضلعي جي بجيٽ:
اهڙي طرح هر ضلعي جهڙوڪ خيرپور جي لاءِ جنهن جي آبادي ويهه لک آهي، سنڌ سرڪار جي بجيٽ ۾ ويهه ارب رپيا رکيل آهن، جڏهن ته خيرپور جي هن سال جي بجيٽ رڳو پنج ارب رپيا آهي. جيڪڏهن صوبائي کاتن تي خرچ به ٿئي ته به اٽڪل 15-ارب خيرپور ضلعي جي بجيٽ هئڻ گهرجي. ان کانسواءِ کيس هڪ ارب جو هن سال گئس جو ترقياتي پيڪيج ملندو. خيرپور جي ترقياتي بجيٽ هر سال ڏهه ارب به هجي ته هوند ضلعو پنجن سالن ۾ الائي ڪٿي پهچي. پر سنڌ سرڪار پنهنجي بجيٽ بيدردي سان غير ترقياتي بجيٽ طور خرچ ڪري ٿي، ۽ ججهي رقم واپس ڪريو ڇڏي. هن سال ترقياتي بجيٽ 115-ارب جي هوندي، گذريل سال 75-ارب جي هئي، پر 50 ارب رپيا خرچ نه ٿي سگهيا. خبر نه آهي ته هن سال ڪيترا پئسا واپس ويندا.
سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ اضافو تمام سٺي ڳالهه آهي، پر ان کي مرڪز سان هم آهنگ ڪرڻ غلط آهي. مرڪز جيڪڏهن پنجاهه سيڪڙو وڌايو ته اسان کي 52 يا 48 سيڪڙو وڌائڻ گهرجي. مرڪز جي نڪتل ليڪي تي هلڻ صوبائي خودمختياري جي خلاف آهي. موجوده سنڌ بجيٽ دراصل سنڌ سان مرڪز جي ناانصافي ۽ وڏيرن جي بي درديءَ ۽ انهن جي ڪرپشن جو شڪار آهي. هڪ طرف وڏيرا اسان کي اين ايف سي ۾ مرڪز مان ڦرائي آيا ۽ ٻئي پاسي رکيل بجيٽ کي پاڻ هڙپ ڪري ڇڏيندا ۽ سال جي آخر ۾ وري سنڌي عوام کي لالي پاپ ڏيندا.
barrister-zamir@hotmail.com