محترم جناب عبدالحئي پليجو جي لکين ڪالمن جو مجموعو ‏

'سنڌي ادب' فورم ۾ عبدالوهاب طرفان آندل موضوعَ ‏21 آگسٽ 2010۔

  1. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم جناب عبدالحئي پليجو جي لکين ڪالمن جو مجموعو ‏

    لڪسمبرگ جي خوبصورتي




    اڱارو 18 مارچ 2008ع



    اسان جي ٻي منزل يورپ جي هڪ تمام ننڍي ملڪ لڪسمبرگ آهي، جيڪو ماني کائيندي ۽ گائيڊ جون ڳالهيون ٻڌنڌي ختم ٿيو وڃي. يورپ ۾ اهڙا ڪيترائي ننڍا ملڪ آهن. ايشيا ۾ هندستان، چائنه، انڊونيشيا، بنگلاديش ته سڄي دنيا جي آبادي جو شايد اڌ ٿي وڃن. دنيا جي آدمشماري آهي ڇهه ارب تنهن ۾ سوا ارب چائنا، اٽڪل هڪ ارب هندستان، ستاويهه ڪروڙ انڊونيشيا، اوڻيهه ڪروڙ بنگلاديش اها وڃي لڳ ڀڳ پوڻا ٽي ارب ٿي، باقي ٻيا ايشيا جا تقريبن سئو ملڪ جدا آهن. ايشيا کنڊ کي اقوام متحده اڃا ٻن حصن ۾ ٿي ورهائي نه ته ايشيا کان آمريڪا کنڊ جي آدمشماري ۽ ملڪ تمام گهٽ آهن. ان جي باوجود آمريڪا کي ٻن کنڊن ۾ ورهايو ويو.

    لڪسمبرگ جو شهر يورپ ۾ سڀ کان ننڍي آزاد رياستن مان هڪ آهي، اهو شهر ڪنهن خودمختيار ميونسپالٽي جيڏو مس ٿيندو، ان جي آدمشماري ٽي لک پنجهٺ هزار کن ٿيندي، عام طرح سيلاني ماڻهو هن شهر ۽ ملڪ کي غير اهم ۽ مهانگو تصور ڪندا آهن، حقيقت ۾ ائين ڪونهي، يورپ جي اڪثر علائقن سان جيڪڏهن ڀيٽ ڪجي ته لگزمبرگ انهن جي ڀيٽ ۾ شين جي قيمتن جي لحاظ سان مناسب لڳندو. ٻئي طرف گهمڻ ڦرڻ جي ماڳن جي به هتي گهڻائي آهي. هتي قدرتي نظارا به ڏسڻ وٽان آهن. گهاٽن ٻيلن، خوبصورت وادين وارو هي شهر جنهن ڏٺو اهو ڪڏهن وساري نه سگهندو.لگزمبرڪ شهر جو مرڪزي ڀاڱو ڏسڻ جي لحاظ کان وڌيڪ پرڪشش آهي، جيڪو سبز جابلو وادين مان ٿيندو، اتر طرف سوڙهو ٿيندي، پنهنجي رونق جي عروج تي رسي ٿو، اهو ماڳ اٽرنيچ سڏجي ٿو، جيڪو قديم عبادتگاهه ۽ وينڊين نالي عاليشان محل اڏيل هئڻ ڪري به مشهور آهي. هن وقت لگزمبرڪ هڪڙي آزاد آئيني بادشاهت آهي، جنهن تي بادشاهه جين گرانڊ ڊيوڪ راڄ پيو ڪري، هُو 1964ع ۾ تخت تي ويٺو ۽ بيلجم جي اڳوڻي بادشاهه ليو پولڊ ثاني جي ڌيءَ سان شادي ڪيائين. هتي هر ماڻهو جرمن زبان جو هڪڙو جملو ڳالهائي ٿو، جيڪو ڊچ ٻولي سان ڪجهه قدر ملندڙ جلندڙ آهي. تمام گهڻا ماڻهو فرينچ ۽ جرمن ٻوليون پڻ عام ڳالهائين ٿا. سرڪاري ۽ عدالتي ٻولي فرينچ آهي، جرمن زبان وري پريس ۾ گهڻي استعمال ٿئي ٿي.

    شهر ۾ مکيه ٽوئرسٽ آفيس، سٽي سينٽر ۾ پليس ڊي آرمس وٽ قائم آهي. شهر ۾ موزون بس سسٽم توڙي ٽيڪسي سروس موجود آهي، پر لگزمبرگ پنهنجي ننڍي سائيز هئڻ ڪري پيرين پنڌ گهمڻ ۾ وڌيڪ مذو ڏيندو آهي، هونئنء به سياحن کي پنڌ ئي گهمڻ گهرجي، جنهن سان صحت به سٺي رهي ٿي. لگزمبرگ شهر جي مرڪزي علائقي ۾گهڻماڙ عمارتون سندس علامت طور موجود آهن. انهن مان وڌيڪ اهميت واري جڳهه پليس ڊي آرمس آهي، هيءَ هڪڙي شاهي مستطيل عمارت آهي، جنهن جي چوڌاري ڪيترائي ريسٽورينٽ ۽ ڪيفي موجود آهن، ان جي اتر طرف گرائونڊريو سان لڳ شهر جا مکيه دڪان ۽ بازارون آهن، ڏکڻ طرف هڪڙي ننڍي گهٽي نڪري ٿي، جيڪا شهر جي مکيه جنرل مارڪيٽ واري عمارت پليس گائيلائوم وٽ وڃي ڇيهه ڪري ٿي.

    سن 1963ع ۾ ڪائونٽ سيج فرائيڊ هتي قلعو اڏايو جيڪو جديد شهر جي صورت ۾ ترقي وارو هو، هڪ مثالي محفوظ حيثيت سبب تقريبن هر يورپي طاقت يا بادشاهه شهر جي انهيءَ خصوصيت ۾ واڌارو ڪيو، ايتري قدر جو سن 1648ع ۾ فرينچن لگزمبرگ کي يورپ ۾ سڀني کان وڌيڪ محفوظ شهر بنايو. هن هنڌ واريون گهٽيون انهيءَ مٿانهين پٽ سان وڃي ملن ٿيون، جتان انهيءَ مٿانهين پٽ جي هيٺين طرف تي سليٽي پٿرن جي سرن سان ڍڪيل ڇتين وارا ڪيترائي گهر ٺهيل آهن، جيڪي ڪنهن ڳوٺ جهڙو منظر پيش ڪن ٿا، اهو علائقو لفٽ وسيلي گهمي سگهجي ٿو، قلعي جا مورچا بند ٽاورن مان جيڪي اڃا قائم آهن، انهن ۾ سڀ کان وڏا بوڪ ڪيسيميٽ نالي ٽاور آهن، انهن ٽاورن جون گئلريون ٻاهر وڌيل آهن، ٻي عالمي لڙائي دوران اهي گئلريون بم گولن جي گدامن يا اسٽور طور استعمال ٿيون.

    palijo_hai@hotmail.com
     
  2. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم جناب عبدالحئي پليجو جي لکين ڪالمن جو مجموعو ‏

    سونهن ۽ ڀاڳ جي ڌرتي سوئيزرلينڊ




    سومر 31 مارچ 2008ع



    لگزمبرگ کان پوءِ اسان جي منزل سوئيزرلينڊ هو، جيڪو نه رڳو دنيا جو حسين ترين ملڪ آهي، پر ساڳئي وقت جنگين کان پاڪ رهندڙ ملڪ به آهي. يورپ ۾ ٻه عالمي جنگيون وڙهيون ويون، جن سڄيءَ دنيا سان گڏ يورپ جي انچ انچ کي ناس ۽ برباد ڪري ڇڏيو، پر ساڳئي يورپ جي وچ ۾ موجود سوئيزرلينڊ اهڙو ڀاڳ ڌڻي ملڪ آهي، جتي جنگ دوران هڪ ڦٽاڪو به ڪو نه ڦاٽو. مطلب ته انهن جنگين جي دور ۾ به سوئيزرلينڊ جا ماڻهو سڪون سان پنهنجي ونين جي ٻانهن ۾ ننڊ پيا هئا. نه هوائي حملن، نه بمن ۽ نه ئي توپن جو ڊپ هو. جيتوڻيڪ سوئيزرلينڊ جو اوائلي دور جنگين سان ڀريو پيو آهي. سو انهيءَ امن جي ڪري سڄي يورپ ۽ سڄيءَ دنيا اچي پنهنجي دولت هن ملڪ ۾ جمع ڪئي ۽ ائين ڏسندي ڏسندي سوئيزرلينڊ جون بئنڪون سڄيءَ دنيا جي بادشاهن، واپارين ۽ جنرلن جي دولت، سون ۽ هيرن جواهرن سان ڀرجي ويون. انهيءَ سڄيءَ دنيا جي خزاني سبب سوئيزرلينڊ مفت ۾ خزاني جي کاڻ ٿي پيو. ٻئي طرف اهي سڀ بادشاهه جن جي دولت هت اچي جمع ٿي، سي ازخود سوئيزرلينڊ جي حفاظت جا رکوالا ٿي پيا، جيئن هن ملڪ کي ڪوسو واءُ نه لڳي. انهيءَ خزاني جا مالڪ فوجي جنرل، سول ڪامورا، سياستدان، امير امراءَ، واپاري، جهازران وغيره هئا. سو جن ماڻهن جنگ دوران سڄيءَ دنيا جي دولت آڻي سوئيزرلينڊ ۾ جمع ڪئي هئي، تن جو هڪ تمام وڏو تعداد انهن جنگين ۾ مري کپي ويو ۽ ايئن سڄيءَ دنيا جو خزانو مفت ۾ سوئيزرلينڊ حڪومت ۽ بئنڪن کي ملي ويو، جنهن ڪري هي ملڪ دنيا جو امير ترين ملڪ ٿي ويو، جيڪو اڄ سوڌو آهي. انهيءَ دولت ڪري هن ملڪ وڏي ترقي ڪئي. ٻيو وري هميشه هر ملڪ مٿان وڏي ۾ وڏو خرچ فوج جو آهي،جنهن جي جنجٽ کان هيءُ ملڪ آجو آهي. فوج روس کي ائٽمي طاقت ۽ سپر پاور ته بڻائي ڇڏيو، پر معيشت تي ٻوجهه سبب اهي ائٽم بم، ميزائيل هن ملڪ جي ڪا به مدد نه ڪري سگهيا. ڏسندي ڏسندي دنيا جو هي سپر پاور ڪنگال ٿي ويو.

    اسان جي بس سوئيزرلينڊ جي ڪڪرن سان ڍڪيل آسمان، برف پوش وادين، سرهي ساوڪ سان سينگاريل ٽڪرين، رنگا رنگي گلن سان ڍڪيل هزارين فوٽ اوچن جبلن کان هيٺ وهندڙ آبشارن جي سرزمين ڏانهن وڃي رهي هئي. 180 گليشيئرز تي مشتمل هيءُ ملڪ ڪيڏو نه خوشنصيب ۽ خوبصورت آهي، جنهن جي بئنڪن، انشورنس ڪمپنين ۽ سياحت مان ايڏي ته آمدني ٿئي ٿي، جيڪا هن ملڪ جي خرچ کان ڪئين ڀيرا گهڻي آهي. ان ڪري هن ملڪ جا ماڻهو تمام امير آهن، جن کي رهڻ لاءِ به ٽي ٽي گهر آهن. سوئيزرلينڊ جي آمدني دنيا جي ملڪن ۾ گهڻو ڪري پهرئين يا ٻئين نمبر تي هوندي آهي. جڏهن ته جاپان ۽ آمريڪا پڻ ڪڏهن پهرئين ته ڪڏهن ٻئي نمبر تي ايندا آهن. سڄي يورپ ۾ توهان پراڻيءَ طرز جي رهائشي گهرن سان گڏ نوان ۽ جديد گهر پڻ ڏسي سگهو ٿا، پر سوئيزرلينڊ واحد ملڪ آهي، جتي توهان کي جديد طرز جون جڳهيون بلڪل نه هئڻ جي برابر نظر اينديون. سڀ جون سڀ پراڻيءَ طرز جا گهر ملندا. گهر جي هر دريءَ تي رڳو گل ئي گل نظر اچن. گهر ۾ اندر رهڻ واري کان سواءِ ٻاهران ڏسندڙ به راحت پيو محسوس ڪندو. اسان جي بس سوئيزرلينڊ جي ايڪسپريس ويز تي ڊوڙي رهي آهي. (سوئيزرلينڊ ۾ موٽر وي نه پر ايڪسپريس ويز آهن) هن ملڪ جا ماڻهو هشاش بشاش آهن، جن جي منهن مهانڊن تي رڳو خوشي نظر پئي اچي. سندن منهن تي پريشانيءَ جي ڪا به علامت نظر نه ايندي. سوئيزرلينڊ جي سر زمين تي سهڻن گلن جي وچ ۾ماڻهو به ڄڻ ته گل نظر اچن ٿا. هونئن ته اهڙا سهڻا ملڪ جن جي پهاڙين تي برفون، گلن سان ٽمٽار روڊ رستا هجن، اتي گلن وانگر انسان جي اندر ۾ به ڄڻ ته عجيب سرمستي پيدا ٿي ويندي آهي. اهڙا قدرت جا حسين منظر ماڻهوءَ کي واقعي موهيو ڇڏين.

    پاڻ وٽ ته ڪو سالن پڄاڻان مينهن پون، پر هتي سوئيزرلينڊ ۾ ته بوندون بس ئي نه ڪن. بس ۾ ويٺي ويٺي ائين محسوس ٿي رهيو آهي ته هي برفن سان ڍڪيل پهاڙيون ۽ وڏا وڏا وڻ ڄڻ ته اسان سان گڏ گڏ ڊوڙي رهيا آهن. پنهنجي ملڪ ۾ غربت ۽ بهتر ماحول جي نه هئڻ ڪري سياحت جو تصور نه هئڻ جي برابر آهي، پرآمريڪا، يورپ، آسٽريليا، جپان ۽ پڻ ٻين امير ملڪن جا ماڻهو هر سال باقائدگيءَ سان سير ۽ تفريح ڪن ٿا. تازو اقوام متحده جي صحت واري شعبي اهو پڌرو ڪيو آهي ته جيڪو ماڻهو سال ۾ سترنهن ڏينهن ٻاهر يا ملڪ ۾ گهمڻ ڦرڻ ويندو، ته ان کي عام ماڻهوءَ جي ڀيٽ ۾ بلڊ پريشر، دل جي بيمارين، ڊپريشن ۽ شگر سٺ سيڪڙو گهٽ خطرو آهي. منهنجي ڀرواري سيٽ تي ئي منا دريءَ واري پاسي ويٺل آهي، جنهن مون کي چيو ته ڏس ته پهاڙن تان ڪيئن نه پاڻي هيٺ وهي رهيو آهي، ڪيڏو نه وڻندڙ ٿو لڳي. ميداني علائقن ۽ پهاڙي علائقن جي زندگي ۽ سونهن ۾ به قدرت وڏو فرق رکيو آهي. پهاڙي علائقن جي ندين جي وهڪرن ڪري انهن علائقن جي سونهن جو به پنهنجو مزو آهي. انهيءَ ساوڪ ۽ سونهن ڪري ئي لکين هزارين ماڻهو اهڙن علائقن ۾ اچن ٿا. واقعي پهاڙي علائقن جا ڀنڀرڪي ۽ شامن وارا پل پنهنجي اندر هڪ عجيب نشو رکن ٿا، جن جي هوائن ۾ ڄڻ ته قدرتي سرهاڻ هجي. انهن پهاڙن تي گذاريل راتين جون يادون انسان کي باقي زندگي به زنده رکن ٿيون. اسان جي گائيڊ اسان کي سوئيزرلينڊ جي باري ۾ ٻڌايو پئي ته هي ملڪ جفاڪشي، پابندي ۽ صفائيءَ جي لحاظ کان دنيا ۾ مشهور آهي. سوئيزرلينڊ ملڪ ۾ مهانگائي ته برابر آهي، پر سياحن لاءِ هي ملڪ سمورن مسئلن کان آزاد آهي. هتي سياحت لاءِ هر قسم جو بندوبست زبردست انداز ۾ ڪيل آهي. هتان جا ماڻهو پڻ مهربان ۽ مٺا آهن.

    هي ملڪ 23 جزوي طور آزاد علائقن تي مشتمل آهي. ملڪ جي وجود جا پهريان پنج سئو سال مجموعي طور تي ڇڪتاڻ وارا گذريا. پويون وقت جنهن جو ڇيهه سن 1847ع تي ٿيو، محدود پئماني تي ٿيندڙ گهرو لڙائيءَ ۾ گذريو. سرڪش يورپ ۾ سوئيزرلينڊ ملڪ کي مناسب حد تائين استحڪام حاصل رهيو آهي. سن 1291ع ۾ وچ سوئيزرلينڊ جي آبادگار طبقي هيسبرگ حڪمران گهراڻي جي ظلمن کان پاڻ بچائڻ خاطر اتحاد قائم ڪيو. باهمي اتحاد ۾ ماڻهن کي فائدو ۽ ڇوٽڪارو نصيب ٿيو ۽ سندن قائم ڪيل اتحاد يعني ڪنفيڊريشن مستحڪم ٿي. اهو پندرهين صديءَ جي شروعات تائين يورپ ۾ تمام وڏي فوجي طاقت حاصل ڪري ويو هو، جو سمورا ملڪ کانئس ڪيٻائڻ لڳا. اهو سڀ ڪجهه فقط انهيءَ ڪري ٿيو، جو سوئيز ماڻهن سماجي سڌارن آڻڻ لاءِ غير جانبداري، ڏاهپ ۽ ايمانداريءَ کان ڪم ورتو، تنهن ڪري کين ڪاميابي حاصل ٿي. اها غير جانبداري واري پاليسي اڄ تائين سندن بنيادي سماجي اصول طور موجود آهي. انهيءَ پاليسيءَ سوئيزرلينڊ جي ماڻهن کي ٻي عالمي لڙائيءَ کان پوءِ وارن سالن ۾ گهڻو فائدو رسايو. سوئيزرلينڊ جا گهڻا ماڻهو انگريزي ٻولي ڳالهائيندا آهن. ان کان سواءِ فرينچ، جرمن، اٽلين ۽ ملڪ جي ڏکڻ اوڀر دنگ وٽ رومي ٻولي پڻ ڳالهائي وڃي ٿي. سير ۽ تفريح جي خيال کان هن ملڪ جي دلڪش پهاڙي وادين اوڻيهين صديءَ کان وٺي سياحن ۽ سيلاني ماڻهن کي پاڻ ڏانهن ڇڪيو آهي. هتي اڃا تائين سياحن جي پيهه کان بچڻ محال آهي. تمام ننڍو ملڪ هئڻ سبب ريل ذريعي فقط پنجن ڪلاڪن جي وقت ۾ انهيءَ کي ڪراس ڪري ۽ طائرانه نظر سان ڏسي سگهجي ٿو. يعني ٿلهي ليکي اهو ڪراچيءَ کان بڇيري تائين جو پنڌ ٿئي ٿو.

    palijo_hai@hotmail.com
     
  3. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم جناب عبدالحئي پليجو جي لکين ڪالمن جو مجموعو ‏

    ايلپس جا اوچا پهاڙ ۽ سوئيزرلينڊ جون حسناڪيون




    سومر 14 اپريل 2008ع



    باسل شهر ۽ برن(جيڪو شهر ملڪ جي گاديءَ جو هنڌ پڻ آهي)کي پنهنجي تاريخي شجرن ۽ ورثن جو شرف حاصل آهي. لوزرن شهر جديد شهري سهولتن سان مالا مال آهي ۽ ان جي چوڌاري ڪيتريون ئي ڍنڍون ۽ پهاڙي واديون بهترين تفريح گاهن جي صورت ۾ موجود آهن. برن ڪينٽن ۾ شامل آيرلينڊ الپائين پهاڙي علائقي جو مرڪز آهي. هتي بيحد حسين پهاڙي وادين جي دامن ۾ ڪئين دلڪش ڳوٺ موجود آهن. ايلپس پهاڙن جون سڀ کان اوچيون چوٽيون ويلاس نالي ڏکڻ اولهه واري پهاڙي سلسلي ۾ موجود آهن. هتي زرميٽ نالي هڪڙي تفريح گاهه آهي، جتان سڀ کان وڌيڪ اوچائي واري ماڳ، جنهن کي ميٽر هارن سڏين ٿا، ڏانهن وڃي سگهجي ٿو. ملڪ جي اوڀر طرف واري ڪنڊ تي موجود پهاڙن ۾ سينٽ مارٽز ۽ ڊيووس نالي سياري جي مند ۾ استعمال لاءِ بهترين تفريح گاهون آهن، جتي سياري جا شوقين برفباريءَ جي نظارن مان لطف حاصل ڪرڻ اچن ٿا. ملڪ جي اولهه طرف موجود جنيوا ڍنڍ جي اترئين ڪناري تي اڏيل خود جنيوا جو شهر مونٽريئڪس ۽ لاسين سوئيزرلينڊ جي انهيءَ ڀاڱي ۾ آهن، جتي فرينچ ٻولي ڳالهائيندڙ ماڻهو رهن ٿا. معتدل آبهوا وارو ٽسينو ڪينٽن ملڪ جي ڏاکڻين دنگ وٽ واقع آهي. هن ڪينٽن ۾ موجود لگانو ۽ لوڪارنو تفريح گاهون اصل ۾ ڍنڍون آهن. هنن تفريح گاهن جو ڏيک توڙي آبهوا باقي سموري ملڪ کان مختلف ۽ رومي سمنڊ جي فرينچ ساحل وانگر گرمي مائل آهي.

    اسان جي بس سوئيزرلينڊ جي شهر باسل ۾ پهتي ، ته اسان جي گائيڊ اسان کي ٻڌايو ته پاڻ هڪ ڪلاڪ کان پوءِ هن ئي جڳهه کان روانا ٿينداسين. اسان سڀ بس کان هيٺ لٿاسين ۽ سڀڪو پنهنجي پنهنجي منهن هيڏانهن هوڏانهن گهمڻ هليو ويو. اسان هڪ هوٽل تي ڪافي پيتي، جتي پڻ ڪيترا ئي سياح ويٺل هئا. انهيءَ هوٽل تان سوئيزرلينڊ ۽ باسل شهر جا ڪئين ڪتابچا ۽ فوٽا ورتاسين ۽ ڪلاڪ جي سير تي باسل شهر جي گهٽين ۾ گهڙي پياسين. رهائن نديءَ تي آباد شهر باسل صنعتي شهر آهي، جنهن سبب اڪثر سياح هتي ناهن رهندا ۽ هتان لنگهي اڳتي روانا ٿي ويندا آهن. افسوس جو هتي نه ترسڻ سبب اهي هتي قائم قرون واسطيَ وارو تاريخي مرڪز ڏسڻ کان محروم رهجي وڃن ٿا. باسل شهر جي يونيورسٽي وچيئن دور جي پڇاڙڪي عرصي ۾ علم ۽ ادب جو جڳ مشهور مرڪز هئي. روشن خياليءَ واري دور ۾ عظيم ادبي شخصيت اراسمس جي هن يونيورسٽيءَ ۾ موجودگي سموري سوئيزرلينڊ ۾ سڌارا آڻڻ لاءِ عظيم آدرشي حيثيت جي حامل هئي. باسل شهر جي علمي ادبي توڙي فني حيثيت مستقل طور برقرار آهي.

    شهر جي مختيارن کي علمن توڙي فنن جي سهائتا جو اعزاز حاصل آهي. جنهن جي تاريخ سترهين صديءَ جي وچ ڌاري شروع ٿئي ٿي. جڏهن فن جي مارڪيٽ ۾ هنن اوائلي قدم رکيا. انهيءَ سبب شهر ۾ ڪافي تعداد ۾ ميوزم قائم آهن، جن ۾ ملڪ جي فني شاهڪارن جو بهترين خزانو نمائش لاءِ موجود آهي. ڪُنسٽ ميوزم شهر ۾ قائم گئلرين ۾ بهترين آهي، جنهن ۾ ويهين صديءَ جا عظيم فني شاهڪار سجايل آهن. انهن ۾ وقت جي وڏن مصورن جهڙوڪ ليگر چاگال منچ بريق ۽ ٻيا کوڙ فنڪار شامل آهن. مصوريءَ جي امپريشنسٽ تحريڪ جي تصويرن ۽ پينٽگس جو گهڻو تعداد اڳ ۾ ئي هتي موجود آهي. ڇو ته هن قسم جي مصوريءَ جي نمائنده عظيم فنڪار باسيليس ايمر باچ، جيڪو سورهين صديءَ ۾ هتي هن قسم جي تحريڪ جو نمائندو هو. تنهن جي سمورن فنپارن ۽ شاهڪارن کي شهر جي ميونسپالٽي خريد ڪري، هتي رکيو، جيڪي اڄ تائين محفوظ آهن. تنهن کان سواءِ عظيم فنڪارن ڪونارڊوٽز ۽ هولئين جي شاهڪارن سان ڪئين ڪمرا سجايل آهن. هتي شهر جي عمائدين، عالمن سان گڏ اريسمس جو پورٽريٽ پڻ رکيل آهي. هن علائقي ۾ سورهين صديءَ ۾ تعمير ٿيل جاين جو هڪڙو جهڳٽو مُنسٽر نالي سان مشهور آهي. هي ڪئٿيڊرل جي عمارت آهي، جيڪا سرخ وارياسي پٿر جي ٺهيل آهي. سندس اڳئين پاسي واري مکيه دروازي جي مهاڙيءَ تي قرون وسطيَ واري تمام سهڻي چٽسالي ٿيل آهي، جنهن ۾ ڪيتريون ئي سلسليوار تصويرون اڪريل آهن. انهن ۾ هڪڙي تصوير يارهين صديءَ ۾ هن ڪئٿيڊرل جي موجد ۽ روم جي مقدس سمجهئي ويندڙ شهنشاهه هينرچ ثاني جي پڻ آهي، جنهن ۾ کيس چرچ جو ماڊل هٿ ۾ جهليندي ڏيکاريو ويو آهي. عمارت اندر اترئين ڀاڱي ۾ پلر جي پويان هڪ پادريءَ اريسمس جو مقبرو سنگ مرمر سان اڏيل آهي. اريسمس جي نالي سان لاطيني ٻوليءَ ۾ ترجمي سان يوناني ٻوليءَ ۾ لکيل بائيبل جو نئون عهد نامو يعني نسخو سن 1516ع ۾ شايع ٿيو. جيڪو اڳتي لوٿر ۽ زونگلي جهڙن سڌارا آڻيندڙ پادرين جي لاءِ اتساهه جو ڪارڻ بڻيو. باسل شهر جو هسٽاريڪل ميوزم بارفوسوڪرچ نالي هڪڙي نهايت شاندار عمارت ۾ قائم ڪيو ويو آهي. اهو اڱاري جي ڏينهن کان سواءِ سدائين روزانو صبح 10 بجي کان شام 5 بجي تائين کليل رهندو آهي. هر مهيني جو پهريون آچر نمائش مفت هوندي آهي. هن ميوزم ۾ باسل جي پندرهين ۽ سورهين صديءَ جي ثقافتي عظمت کي اجاگر ڪيو ويو آهي. ان سان گڏ هتان جي ڪورين جي ٺاهيل بي مثال پردن جي نمائش پڻ ڪئي وڃي ٿي.

    اسان هڪ ڪلاڪ جي سير کان پوءِ واپس پنهنجي گائيڊ جي ٻڌايل جاءِ تي پهتاسين، جتان اسان کي بس ۾ چڙهي سوئيزرلينڊ جي حسين ترين شهر لوزرين وڃڻو هو، جتي هڪ رات رهڻو هو. سوئيزرلينڊ يورپ جو هڪ تمام ننڍو ملڪ آهي، جنهن ڪري سوئيزرلينڊ ۾ هڪ شهر کان ٻئي شهر پهچڻ تائين ڪو خاص وقت ڪو نه ٿو لڳي. ان جي مقابلي ۾ اٽلي، فرانس، جرمني ۽ اسپين يورپ جا وڏا ملڪ آهن، جتي هڪ شهر کان ٻئي شهر پهچڻ ۾ ڪافي وقت ٿو لڳي، پر سوئيزرلينڊ ۾ هڪ ماڳ کان ٻئي ماڳ پهچڻ ۾ دير ئي نٿي لڳي. يورپ ۾ پاڻ وانگر هوائي، ريل ۽ رستي جي سفر جي سهولت آهي، پر پاڻ وٽ سمنڊ ۽ ندين ذريعي سفر جي سهولت موجود نه آهي. جيتوڻيڪ پاڻ وٽ يورپ جي مقابلي ۾ نديون گهڻيون ۽ ڪشاديون آهن، جي ڪوشش ڪجي ته ماڻهن کي به تمام سُٺي تفريح ملي ۽ ٽرانسپورٽ جو هڪ سستو رستو به کلي پوي. ڇو ته ندين ذريعي آمد و رفت ۾ رستا ۽ پليون ڪو نه ٿيون ٺهرائڻيون پون. ٻيو ته ان ذريعي ايڪسيڊنٽ به ڪو نه ٿيندا ۽ هر سال جيڪي اسان رستن ۽ پلين تي هيڏو پئسو ٿا خرچ ڪريون، سو به بچي پوندو. جڏهن سنڌ ۽ هند تي انگريز حاڪم هئا ته انهن هتي باقاعده بوٽ سروس شروع ڪئي، جنهن جو هتي لاڙ ۾ مکيه مرڪز جهرڪ شهر هو. اسان جي ڳوٺ ٻنيءَ ۾ به هر روز 1947ع تائين جهرڪن کان بوٽ ايندي هئي. ماڻهو حيدرآباد کان بس ذريعي جهرڪن ۾ پهچندا هئا. وري سجاول ۾ ٺٽي جي وچ ۾ به جيستائين پل تيار ٿي، تيستائين وڏو جهاز هلندو هو. جنهن ۾ ماڻهو، مال ۽ شهرن جو عام استعمال جو سامان به ڪراچيءَ کان ٺٽي ۽ ان بعد سجاول پهچندو هو. يورپ ۾ اڄ به ندين ذريعي وڏي پئماني تي پسينجر، ڪارگو ۽ سياحت جي سهولت موجود آهي، جنهن کي هر روز پيا ترقي وٺرائين. يورپ جي هر ملڪ ۾ توهان اها سهولت ۽ سياحت اکين سان ڏسي سگهندا.

    palijo_hai@hotmail.com
     
  4. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم جناب عبدالحئي پليجو جي لکين ڪالمن جو مجموعو ‏

    لگانو ڍنڍ جا نظارا




    سومر 12 مئي 2008ع



    ليوزرن شهر کان موڪلائي، اسين لگانو ڍنڍ جي ڪناري تي ٺهيل لگانو شهر پهچي ويا هئاسين. برسات بلڪل ختم ٿي وئي ۽ آسمان به بلڪل صاف ٿي ويو، ڏسندي ڏسندي سج به پنهنجي روشني انهن پاڻيءَ جي ڦڙن تي وجهڻ لڳو، جيڪي اڃا وڻن ۽ گلن تي پيا هئا. انهيءَ سج جي روشنيءَ ڪري ڄڻ ته وڻ ۽ گل چمڪي رهيا هئا ۽ اسان انهن کي ڏسندي ئي ڏسندي، اڳتي پنهنجيءَ منزل ڏانهن وڃي رهيا آهيون. سج ۽ چنڊ جي روشني سدائين نئين نڪور ۽ ڪنواري لڳندي آهي ۽ سدائين پئي وڻندي آهي. ليوزرن کان لگانو ويندي، سڄو رستو حسين پهاڙين سان ڀريل نظر آيو. هونئن ته سڄو يورپ پهاڙين سان ڀريو پيو آهي، پر سوئيزرلينڊ جي پهاڙن جو لطف ئي ٻيو آهي. اسان انهن پهاڙين جي ور وڪڙن ۽ هيٺانهين مٿانهين ۾ لهندي چڙهندي، نيٺ اچي لگانو ڍنڍ ڀيڙا ٿياسين، جتي پري کان ڪيبل ڪارن ۾ ماڻهن کي ايندي ۽ ويندي ڏسي رهيا آهيون. وڏن وڻن جي ساوڪ ۾ ڪيڏو نه پيارو منظر آهي. ليوزرن شهر جون پهاڙيون ننڍيون هيون، پر لگانو جون پهاڙيون انهيءَ کان گهڻيون وڏيون آهن، جن تي هيٺان کان وٺي چوٽيءَ تائين ماڻهن جا گهر ٺهيل آهن، جيڪي گهڻي قدر اٽيلين طرز تي ٺهيل آهن. اسان جي بس لگانو ڍنڍ جي ڪپرن تي ٺهيل رستن تان گهمندي ڦرندي اچي اسان جي رات ٽڪڻ واري هوٽل پوسٽ سمپلن جي اڳيان بيٺي، جيڪا ڍنڍ جي بلڪل ڪپ تي آهي. ليوزرن ۾ اسان جي هوٽل نديءَ جي ڪپ تي هئي ۽ هتي وري لگانو ڍنڍ جي ڪپرن تي هئي، جتي دبئيءَ جهڙا وڏا وڏا پام جا وڻ ۽ هالينڊ جا سهڻا گلِ لاله (Tulips) هزارن جي تعداد ۾ ڍنڍ جي ڪپر تي نهايت خوبصورت منظر پيش ڪري رهيا هئا. منظر اهڙو حسين هو، دل ئي نه ٿي چاهيو ته هوٽل اندر وڃون.

    ايتري ۾ منا چيو ته”سامان کڻو ته هيٺ لهون، سڀ ماڻهو بس مان لهي چڪا آهن.“ جلدي جلدي بس مان سامان کڻندي هيٺ لهي هوٽل جي رسيپشن تان پنهنجون چاٻيون کڻي، ڪمري تي پهتاسين ۽ ڪمري ٻاهران پيل پنهنجون بئگون ۽ ٿيلها گهلي ڪمري اندر ڪياسين، جيڪو هر روز جو دستور هو ۽ اسان به انهيءَ تي هري مري ويا هئاسين. دروازي جي ڪلفن لاءِ چاٻين جا به ڪئين قسم هئا. ڪڏهن ڪڏهن ته نور ۽ فرخ کي به خبر ڪا نه پوندي هئي، پوءِ ڀر ۾ ئي بيٺل ڪنهن پنهنجي ٽوئر گروپ واري ناريءَ کي ان حوالي سان رهنمائيءَ لاءِ چوندا هئاسين، جيڪي اسان کي مدد ڪرڻ ۾ هاڻ ذرو به گهٽتائي ڪو نه ڪنديون هيون ۽ پيون خوش خوش ٿينديون هيون. جڏهن منا سنڌي ذريءَ جي ڀرت وارا ڪپڙا پائيندي هئي ته هو ڏاڍيون خوش ٿينديون هيون ۽ منا کان ان ڀرت جي باري ۾ پڇا ڳاڇا پيون ڪنديون هيون. کين ذريءَ جو سنڌي ڀرت ڏاڍو وڻندو هو ۽ اسان به کين سٺين سٺين هوٽلن جي خوب ڄاڻ ڏيندا هئاسين.

    ڪمرو کولي اندر داخل ٿياسين، ڇا ته هوٽل جو ڪمرو ڊيڪوريٽ ٿيل هو. خوبصورت نفيس پلنگ، جن تي سرمئي ڪلر جا ميٽرس تي پردا ۽ وهاڻا. وهاڻن مٿان اهي مخصوص قسم جون ٿلهيون چادرون وڇايل، جن کي پهرين جڏهن ڏٺوسين ته سمجهيوسين ته هوٽل وارن واهه جي ڪئي. بستري تي نه وهاڻو، نه ڪمبل- پر اهو بستري تي وڇايل وڏو پوش هٽايوسين ته خبر پئي ته بستري تي هر چيز موجود آهي. هي پوش ان ڪري وڇايل آهي جيئن بسترو سمهڻ مهل بلڪل فريش لڳي. پلنگ سان گڏ ڪٻٽ، صوفا، ٽيبلون، ڪارپيٽ، وڏو مني بار، خوبصورت ڪشادا دروازا ۽ دريون، جن تان پردو لاهڻ شرط ماڻهو ٻاهر ڍنڍ جو نظارو ڏسيو حيران ٿيو وڃي ۽ دل پئي چاهي ته اتي ئي بيٺو هجي. ٻاهر ڍنڍ ۾ ننڍيون وڏيون بوٽس تيزيءَ سان پيون هلن. جن تي گهڻو ڪري پٺيان صرف لگانو لکيو پيو آهي، جيڪو هتان ڪمري مان صاف نظر اچي رهيو آهي. ڍنڍ ۾ سوَن جي تعداد ۾ بدڪون پيون ترن، جيڪي نهايت خوبصورت لڳي رهيون آهن. دريءَ مان خوبصورت وڻ اڃا به وڌيڪ خوبصورت لڳي رهيا آهن. دستور مطابق هاٽ شاور وٺي، چانهه پيٽيز کائي ٻاهر گهمڻ نڪري پياسين.

    شام جي ٽائيم ۾ گهڻو ڪري ٽوئر وارن جو گڏيل پروگرام هوندو هو. جنهن کي هو چون آپشنل ٽوئر- پر جڏهن اهڙو ڪو پروگرام نه هوندو هو ته نور ۽ فرخ گڏجي ڪنهن نائيٽ ڪلب يا ڪنهن ٻئي هنڌ گهمڻ ويندا هئا. آئون ۽ منا جدا گهمڻ هليا ويندا هئاسين. اسان خود چاهيندا هئاسين ته نوجوان ڀلي پنهنجي مرضيءَ سان گهمن ڦرن. آخر هي پنهنجي پڙهائي ڇڏي هت گهمڻ ڦرڻ لاءِ آيا آهن.

    لگانو ڍنڍ جي بلڪل ڪپرن سان گڏ فٽ پاٿ تي هلندي، ٿورو اڳڀرا ٿياسين ته سوَن جي تعداد ۾ ماڻهو ڍنڍ اندر سفيد بدڪن کي چارو هٿن تي رکي کارائي رهيا هئا ۽ بدڪون ڏاڍي شوق سان کائي رهيون هيون. کين ڪو به ڊپ ڊاءُ نه هو. پاڻ وٽ ته هر جانور، پوءِ ڪتو هجي، ٻلو هجي يا ڪو ٻيو پکي پکڻ، ماڻهوءَ کي ڏسي صفا ڀڄي ويندو ۽ کيس اهڙو ڊپ هوندو ته متان ماڻهو مون کي ماري نه ڇڏين ۽ حقيقت به ائين ئي آهي. جهنگلي جانور ته ٺهيو، پر پالتو جانورن کي به ماڻهو ڀتر ۽ سروٽا هڻن. اسان جي گهر ۾ ڦاڙها ڦاڙهيون، مور ۽ ڊيلون پاليل آهن، جن کي ڳوٺ جا ٻار ڀتين تي چڙهي، هروڀرو ڀتر هڻندا. ڦاڙها ۽ مور ڪيڏا نه سهڻا ۽ نفيس جانور ۽ پکي آهن. جن کي ڏسڻ سان ئي انسان کي راحت اچيو وڃي، پر ٻار انهن کي به ڀتر هڻن. ٻئي طرف يورپ ۾ ماڻهو ڍنڍن ۾ بدڪن ۽ ٻاهر ڪبوترن کي ايڏو ته ڀائين ۽ کاڌا کارائين، جو جتي اهي پکي هجن، انهيءَ جڳهه تي ڪيترا ئي چاري جا دُڪان موجود ملندا. بدڪون ۽ ڪبوتر اصل ماڻهوءَ تي پيا چڙهندا ۽ هٿ پيا چٽيندا. ذرو به ماڻهن کان نه ڊڄن. سو اسان به ڀر مان دڪان تان چارو خريد ڪري، انهن بدڪن کي کارائڻ بيهي رهياسين. اسان بدڪن سان رانديون ڪندا ڪندا ،ٻين سون مسافرن وانگر هڪ ڳاڙهي رنگ جي بئنچ تي ويهي رهياسين. هتي ڍنڍ جي ڪپ تي پيل سڀ بئنچون ڳاڙهي رنگ جون هيون، جيڪي سائي لان تي ڏاڍيون سهڻيون لڳي رهيون هيون. اسان کان ٿورو پرڀرو هڪ تمام وڏو خوبصورت ڦوهارو هلي رهيو هو. جنهن ۾ پاڻيءَ جون پنج لارون هيون.

    ڦوهاري جو ڏيک ڪيڏو نه پيارو آهي. هيٺ ڪرندڙ پاڻي ڪافي ايراضيءَ تي ڪري رهيو آهي. ڦوهاري اڳيان اسان ڪيترا فوٽا ڪڍيا. هڪڙي ميم سڳوريءَ کي عرض ڪيم، جنهن منهنجو ۽ منا جو فوٽو ڪڍيو. اسان به سندس ۽ سندس بواءِ فرينڊ جا ڪيترا فوٽا ڪڍيا. ڪي فوٽو ته پيار ونڊيندي به ڪڍرايائون.

    palijo_hai@hotmail.com
     
  5. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم جناب عبدالحئي پليجو جي لکين ڪالمن جو مجموعو ‏

    ذڪر سوئيزرلينڊ ۾ گهاريل يادگار گهڙين جو!




    سومر 21 اپريل 2008ع



    اسان جي بس ۾ ڪنهن شي کائڻ ۽ سگريٽ پيئڻ جي بلڪل اجازت نه آهي، پر توهان پاڻي، جوس يا ڪوڪ پي سگهو ٿا، سو مُون ۽ منا انناسر جو جوس پيتو، جيڪو مون باسل مان ورتو هو، ڏاڍي سٺي ٽيسٽ اٿس، الائي ڇو پاڪستان ۾ جيڪي ڪولڊرنگ آهن انهن جي ٽيسٽ ۽ يورپ ۽ آمريڪا جي ڪولڊرنگ جي ذائقي ۾ زمين آسمان جو فرق هوندو آهي نه ته ڪمپني ته هڪ ئي آهي. اسان جي گائيڊ اسان کي ٻڌايو ته پاڻ پاڻ تقريبن 20 منٽن کانپوءِ لورزين پهچنداسين ۽ سڀاڻي صبح جو اٺين بجي تائين توهان پنهنجي مرضي سان گهمو، ڦرو، هتي لوزرين جي رات واري زندگي ڏاڍي وڻندڙ ۽ رنگين آهي، هتي رات جو هر شي ملي ٿي، شهر ۾ ڪيترائي نائيٽ ڪلب آهن، اسان جي بس اسان کي لوزرين شهر جي ڀرسان هڪ پهاڙي تي چار منزل هوٽل تي آڻي لا ٿو، جنهن جو نالو هورنلي Hornali هو. هوٽل جي بلڪل اڳيان هڪ وڏي ندي وهي رهي هئي، هوٽل ۽ ندي جي وچواري جڳهه تي هڪ وڏو وڻ بيٺل هو، وچواري جڳهه تي هوٽل وارن بينچون، ڪرسيون ۽ ٽيبلون رکي ڇڏيون هيون ته، جيئن سياح اتي ويهي آس پاس جي ماحول ۽ هيٺ نديءَ جي نظارن مان لطف اندزو ٿي سگهن. مون هوٽل جي ريسيپشن تي ويٺل ملوڪڙي مئڊم کي انگريزي ۾ سلام ڪيو ۽ هُن مشڪي سوئيز زبان ۾ سلام جو جواب ڏنو ۽ کلي کڻي چاٻي ڏنائين، مون جيڪو ڳالهايو سو هن ڪو نه سمجهيو ۽ هن جيڪو ڳالهايو سو مون ڪو نه سمجهيو، مِنا ۽ منهنجي پٺيان بيٺل منهنجا ٻار به ان تي کلي رهياهئا،آئون ۽ منا چاٻي کڻي ڪمري طرف روانا ٿياسين، مٿان هيٺ چاڙهين جي وٿين مان ڏٺم ته نور ۽ ونود اڃان انهيءَ ڇوڪري سان رهاڻ ۾ رڌل هئا، مون ڪمري ۾ گهڙي مني بار مان چپس ڪڍي کاڌي، ته منا چيو چپس، بسڪيٽ، سڪل فروٽ، تازا فروٽ، ڪولڊرنگ، چاڪليٽ، چيوگم ۽ جوسن سميت سڀ ڪجهه ٿيلهي ۾ پيو آهي، هي هوٽل وارا انهيءَ چپس جا به کوڙ پيسا وٺندا، مون چيو واقعي غلطي ٿي وئي پر اسانجو سڄو خرچ ٽوئر وارن کي ڀرڻو هو. ڪمري جي چارج وٺڻ مهل هوٽل بواءِ کي گهرائي، کيس مني بار چيڪ ڪرائجي نه ته، تڪڙ ۾ ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي، جو استعمال سامان ڪمري ۾ اڳ ۾ رهيل مسافر ڪيو ۽ بل توهان ڀريو، ڇو ته ملڪ کان ٻاهر ڪٿي ڪنهن سان گهڻو گرم به نٿو ڳالهائي سگهجي.

    ائين آئون ۽ منا چڪر لڳائيندا وڃي هيٺ ندي جي ڪپ ڀيڙا ٿياسين، نور ۽ فرح به شايد ڪيڏانهن ٻاهر گهمڻ هليو ويا هئا، نديءَ جي ڪپ تي اسان کان ٿورو پري ٻيا سياح به گهمي رهياهئا، مون ۽ منا ندي جي ڪپ تان ڪنئين سٺاپٿر ۽ سپون گڏ ڪري پنهنجي اڳيان رکيون، ندي ۾ ڪاٺ سان ٺهيل ڪيترا ننڍا وڏا پاڻي جا جهاز اسان جي اڳيان لنگهي رهيا هئا، انهن کانسواءِ سامان سان ڀريل جهاز به ڪافي تعداد ۾ اچي وڃي رهيا هئا ۽ اسان پري کان کين هٿ لوڏي سلام ڪيو ته انهن ۾ ويٺلن به کلي جواب پئي ڏنا ۽ ائين ڏسندي ڏسندي ڪي قدر اونداهي ٿيندي وئي ۽ هاڻ جهاز ۾ ويٺل ماڻهو ڏسڻ ۾ ڪو نه ٿي آيا، پر اسان اتي ٻه ڪلاڪ کن ويٺا هئاسين، جهازن جي اچ وڃ بدستور آخر تائين جاري هئي، ڪپر تي لڳل بتين جي روشنين ۽ جهاز جي روشنين جا اولڙا پاڻي ۾ ڄڻ سون ورکا ڪري رهيا هئا. هتي يورپ ۾ نڪو ڊپ نه ڊاءُ، ڪافي دير تائين اتي ويٺا انهن روشنين مان لطف اندوز ٿيندا رهياسين. منا چيو هاڻ بس هلي ماني کائو ۽ آئون ائين پنهنجو گلاس هٿ ۾ کڻي سڌو هوٽل ڏانهن روانو ٿيس، نور ۽ فرح منهنجي ۽ منا جي ماني ٽوئر وارن کان وٺي اسان جي ڪمري ۾ رکي ويا، جيڪا مائيڪرو اوون ۾ گرم ڪري، کائي سمهي پياسين. واقعي سوئيزرلينڊ جهڙو ٻڌوسين، اهڙو ئي ڏٺوسين، چون ٿا ته سوئيزرلينڊ جهڙو حسين ملڪ دنيا جي گولي تي ٻيو ڪو به ڪونهي، پر سنڌو جڏهن تار وهندڙ هجي، ڪچو مڪمل پاڻي سان ڀريل هجي، سمنڊ مان پلو گهڻي تعداد ۾ درياءَ ۾ آيو هجي ۽ سون جي تعداد ۾ ٻيڙيون، ڏينهن رات درياءَ بادشاهه ۾ هجن، پوءِ ڪير چاهيندو ته رات کٽي ۽ باک ڦٽي.

    هونئن به سنڌوءَ جي سينڌ ۽ سڳنڌ ۾ شاهه سائين جي شاعريءَ جي سرهاڻ توهان کي سڄي سنڌوءَ جي ڪپرن تي ملندي، پر لنڊن ۾ ٿيمس، پئرس ۾ سين ۽ جرمني ۾ رائن نديءَ ۾ توهان کي شيڪسپيئر، روسو ۽ گوئٽي جي شاعري جي سڳنڌ ۽ سرهاڻ ملڻ بجاءِ اوگهڙ ۽ ارانيت هر طرف نظر ايندي. اسان صبح جو دستور مطابق واڪ ڪري هوٽل تي آياسين ته رسيپشن تي ويٺل هڪ ٻي عورت اسان کي سوئيز زبان ۾ گڊ مارننگ چيو ۽ اسان کيس انگريزي بجاءِ سنڌي ۾ ڀليڪار ڪئي، اسان دل ئي دل ۾ چيو ته هن ويچاريءَ لاءِ جهڙي انگريزي تهڙي سنڌي پوءِ ڇو نه کيس سنڌيءَ ۾ سلام ڪريون، اسان کي اڄ ٿوري دير ٿي وئي هئي، تنهن ڪري تمام جلديءَ ۾ تيار ٿي سامان ڪمري جي ٻاهران رکي چاٻي، رسيپشن تي ڏئي سڌا هيٺ ڊائنگ هال ڀيڙا ٿياسين جتي جلد ناشتو ڪري سڀني ٽوئر وارن کي هيلو هاءِ ڪري گرم گرم ڪافيءَ جو وڏو مگ ڀري اچي ٽيبل تي ويٺاسين، اسان جي ڀرسان انڊين فئملي ويٺل هئي، جنهن سان ڪجهه ڪچهري ڪئيسين، ٻڌايائون ته اسان سک آهيون ۽ اسان جي دهلي ۾ هوٽل آهي، توهان جڏهن به دهلي اچو ته، اسان جي هوٽل ۾ اچي ترسجو، هنن پنهنجو وزيٽنگ ڪارڊ ڏنو ۽ اسان پنهنجو. هاڻ اسان ٽوئر وارا هڪٻئي جا بلڪل واقف ٿي ويا هئاسين ۽ هڪٻئي سان بلڪل بنا حجاب جي ڳالهيون ڪري رهيا هئاسين. هڪٻئي کي مشورا پڻ ڏيندا رهياسين ته فلاڻي جڳهه سٺي آهي، فلاڻي هوٽل جي ماني سٺي ۽ سستي آهي، وري انڊين، پاڪستانين کي انڊين هوٽلن جي باري ۾ ٻڌائيندا هئا ته ڪٿ ڪٿ اهي هوٽلون آهن، جن تي توهان کي انڊين کاڌا ملندا، مطلب ته ٽوئر وارا هاڻ هڪٻئي اوپرا نه ٿي لڳا. اسان سڀ ڊائينگ هال کان نڪري بس ڀيڙا ٿياسين، جيڪي ٽوئرسٽ سگريٽ پيئندا هئا، سي گهڻو ڪري بس بيٺي پنهنجي ٻاڙ پوري ڪري وٺندا هئا، جيئن ٻه ٽي ڪلاڪ سگريٽ جي وڌيڪ تانگهه نه لڳي، هونئن به يورپ ۽ آمريڪا جا ماڻهو ٻين علائقن جي ماڻهن جي ڀيٽ ۾ سگريٽ گهٽ ٿا پيئن.

    palijo_hai@hotmail.com
     
  6. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم جناب عبدالحئي پليجو جي لکين ڪالمن جو مجموعو ‏

    پهاڙن جي وچ مان گذرندڙ ٻيڙي ۽ بدڪن جو رونشو




    سومر 19 مئي 2008ع



    اسان کي خيال ٿيو ته ڪجهه دير ڇو نه لگانو ڍنڍ جو سير ڪجي. سو هڪ چار ماڙ بوٽ ۾ چڙهي پياسين. هڪ ماڙ بلڪل هيٺ، ٻه ماڙ وچ ۾، چوٿون ماڙ لنڊن جي بسن وانگر کليل. جنهن تي تمام گهڻي رش ٿئي. اسان کي به گهڻي دير کان پوءِ اتي جڳهه ملي. بوٽ ۾ هر فلور تي گهڻو ڪري هڪ جيترا ماڻهو هئا. جڏهن گهربل تعداد پورو ٿيو وڃي ته انهيءَ فلور کي بلڪل لاڪ ڪريو ڇڏين، پوءِ جيئن جيئن پيا ماڻهو لهن ۽ چڙهن، تيئن تيئن پيا دروازا کلن ۽ بند ٿين. مٿئين فلور تي به چاليهه پنجاهه کن سياح هوندا. بئنچون اهڙيءَ ترتيب سان رکيل، جو ويهن جو منهن هڪ طرف ته وري ٻين ويهن جو منهن ٻئي طرف. شايد اهو انهيءَ ڪري جو ماڻهوءَ کي پرائيوسي وڌيڪ ملي.

    خوبصورت تراشيل بئنچون، جن تي ويهندي ماڻهو خود به خود پيو لڏي لمي. بئنچن جي وچ ۾ ڪافي وٿي هئي. بوٽ جي پاسن کان هٿ وجهڻ لاءِ مضبوط پائيپ. جي دل چاهي ته بئنچ تان اٿي، انهن کي جهلي ماڻهو بيٺو هجي ته جيئن ماڻهو لڏندي، هڪ ٻئي کي نه لڳي. بوٽ جي پٺيان هڪ تمام وڏو ڳاڙهو جهنڊو لڳل هو. پر ڦڙڪي ڪو نه پيو. وچ ۾ ڪو اڇو مونوگرام پڻ اٿس، پر خبر نه آهي ته ڪهڙو نشان آهي. بوٽ تي ڪو به گائيڊ ڪونهي، جنهن ڪري اسين مِس گائيڊ نه ٿي رهيا آهيون. ٿرڊ فلور تي ڪنڊ ۾ هڪ ننڍڙي ريسٽورانٽ آهي، جنهن تان سياح پنهنجي پنهنجي پسند جي ڊرنڪ وٺي پي رهيا آهن. ريسٽورانٽ تي شايد وائين ۽ بيئر به رکيل آهي. ڇو ته ڪن سياحن جي هٿن ۾ بيئر جا دٻا به ڏٺم. يورپ ۽ آمريڪا ۾ سياح گهڻو ڪري نيڪر پائيندا آهن. پوءِ ڇو نه اهي عورتون هجن. اسان جي بوٽ ٻن ٽڪرين جي وچ مان لنگهي رهي آهي ۽ ٽڪريون تمام وڏيون آهن، جن تي تمام گهڻي تعداد ۾ چوٽيءَ تائين گهر ٺهيل آهن. ڪيڏا نه خوش نصيب آهن هنن گهرن ۾ رهندڙ ماڻهو. سڄيءَ دنيا مان ماڻهو پئسا خرچ ڪري ۽ پنهنجو وقت سيڙائي، هتي اچن ۽ هت رهندڙ مفت ۾ پيا موجون ماڻين. واهه ڙي قسمت واهه.

    هتي ڪينجهر وانگر پراڻيون بوٽس نه آهن، جن تي سوا سئو کان ڏيڍ سئو روپين ۾ هڪ چڪر ڏيارين، پر هي بوٽس اهڙيون ته خوبصورت آهن جو ڪيترا ئي ماڻهو اهڙيون بوٽس ٺهرائي، پوءِ رهيا ئي انهن بوٽس ۾ پيا آهن. اهڙا ڏيک توهان کي سوئيزرلينڊ ۾ گهٽ پر ائمسٽر ڊئم ۾ تمام گهڻي تعداد ۾ ڏسڻ ۾ ايندا، جتي آباديءَ جو تمام وڏو حصو ائمسٽر نديءَ جي ڪپرن سان ڪاٺ ۽ لوهه جي گهرن ۾ مستقل آباد آهن ۽ اهي گهر ٻين عام گهرن کان به مهانگا ٿين. ماڻهو سڄي زندگي انهن بوٽس نما گهرن ۾ گذارين يعني مرڻو پرڻو به انهن ٻيڙين ۾. سنڌ ۾ به منڇر ڍنڍ جا مهاڻا صدين کان ٻيڙين ۾ گهر ٺاهي رهندا آيا آهن. سندن سموري زندگي ڍنڍ ۽ ٻيڙيءَ تائين محدود رهي آهي، پر هاڻ جڏهن منڇر زهريلي پاڻيءَ سبب تباهه ٿي وئي آهي ۽ ان جي مڇيءَ جو وڏو حصو مري کپي ويو آهي، تڏهن منڇر جي تهذيب ۽ ٻيڙين ۾ رهڻ واري روايت به لڳ ڀڳ مري وئي آهي. دنيا ۾ اهڙي ڍنڍ هجي ها ته ان ملڪ جي حڪومت توڙي رهواسي هن ڍنڍ کي الائي ڇا ڪري ڇڏين ها ۽ سموري دنيا هن عجيب ۽ حيرت انگيز ڍنڍ کي ڏسڻ لاءِ ڪهي وڃي ها، پر سنڌ جي ٻين شين وانگر منڇر به لاوارثيءَ جو شڪار ٿي، تباهه ٿي وئي آهي.

    ائمسٽر ڊئم ندي يورپ جي ٻين ندين کان ننڍي آهي، پر لگانو ڍنڍ تمام وڏي آهي، جنهن جي چوطرف سر سبز وڏا وڏا پهاڙ آهن ۽ ڍنڍ جي ڪپرن تي وڏا وڏا وڻ هڪ ٻئي مٿان سٿيا پيا آهن، جيڪي ڍنڍ جي سونهن کي چار چنڊ لڳايو بيٺا آهن. انهن ساوڪ سان ڀريل ڪپرن تي ڪئين خوبصورت بارون، هوٽلون ۽ سياحن جي آرام لاءِ خوبصورت پارڪ ٺهيل آهن، جتي سڄو ڏينهن سهڻن ماڻهن جا ميڙ لڳا پيا آهن. ڪپرن تي سفيد بدڪون جهرمر لايو، سياحن سان رونشو لڳايو بيٺيون آهن. اسان به ٻن ڪلاڪن جي سير و تفريح کان پوءِ هيٺ لٿاسين ۽ ڍنڍ جي ڪپرن تان هلندا هلندا، ڪافي اڳيان نڪري وياسين. هڪ پراڻي دڪان نما مارڪيٽ ۾ لنگهي وياسين. مارڪيٽ جي ڇت سڄي ڪاٺ جي ٺهيل هئي. بلڪل اهڙي ڇت جهڙيون اسان وٽ سنڌ ۾ عام جام ٿين. ڇت ۾ ڪافي وڪري جون شيون ٽنگيون پيون هيون. مارڪيٽ اندر ڪافي دڪان هئا. اسان اتان هڪ کير جو پئڪيٽ، مختلف قسمن جا بسڪيٽ ۽ هڪ پئڪيٽ فرينچ اسٽائيل جي ڊبل روٽيءَ جو ورتو. جيڪا مون کي ڏاڍي وڻندي آهي. منجهس سڻڀ جي خوشبو به محسوس ٿيندي آهي.

    palijo_hai@hotmail.com
     
  7. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم جناب عبدالحئي پليجو جي لکين ڪالمن جو مجموعو ‏

    سوئيزرلينڊ: هڪ ننڍڙي جنت




    سومر 26 مئي 2008ع



    اسٽور تي ويٺل سيلز گرل کي اسان سوئيز ڪرنسيءَ بجاءِ آمريڪن ڊالر ڏنا، جن جو پاڻ حساب ڪتاب ڪري باقي رقم اسان کي موٽائي ڏنائين. مون ڏٺو ته سڄي يورپ ۾ ٿلهي ۾ ٿلها ماڻهو جرمنيءَ جا، سنهي ۾ سنها ماڻهو سوئيزرلينڊ جا ۽ سهڻي ۾ سهڻا ماڻهو فرانس جا آهن. ڇا ته پئرس جي عورتن ۾ سونهن آهي. سيلز گرل کي سفيد پينٽ ۽ سفيد ٽي شرٽ پيل هئي. سندس ڪونج جهڙي ڳچيءَ ۾ سون جي چين ۽ چيچ آڱر ۾ سنهي منڊي پيل هئس. وار ڪاري ۽ سنهري رنگ جا هئس، جيڪي ڄڻ ته هوا ۾ جهومي ڇوڪريءَ کي ڇيڙي رهيا هئا يا ساڻس راند ڪري رهيا هئا. اسان بل وٺي پئسا ڏئي، دڪان تان ٻاهر نڪري، پنهنجيءَ هوٽل ڏانهن روانا ٿياسين ته سنهڙي بوند پئجي رهي هئي. آئون ۽ منا هٿ هٿ ۾ ملائي، تڪڙا تڪڙا لگانو ڍنڍ جي فٽ پاٿ تي هلندا وياسين، جتي رڳو گل ئي گل هئا ۽ فٽ پاٿ جي وٿين ۾ سائو گاهه ڄڻ ته ڌرتيءَ کي چيري ٻاهر نڪري آيو هجي. اڄ سڄو ڏينهن سج نڪتل هو، جنهن ڪري برساتي ڇٽي ڪا نه کنئين سين. نه ته سانوڻ جي ميگهه ملهار رت ۾ يورپ ۾ هر ماڻهوءَ کي هٿ ۾ ڇٽي هوندي آهي. ڇو ته يورپ ۾ بوندون بس ئي ناهن ڪنديون.

    منا هٿ مان هٿ ڇڏائي، منهنجي شرٽ جي کيسي مان پئسا ۽ ڪاغذ ڪڍي کڻي پنهنجي پرس ۾ وڌا. سرديءَ ۾ بدن جي لونءَ لونءَ ڪانڊارجي رهي هئي ۽ اسان اڃا به تيز تيز هلڻ لڳاسين. رات ٿي چڪي هئي ۽ برسات جون بوندون لگانو ڍنڍ ۾ ڪرندي، روشنين ۾ صاف نظر اچي رهيون هيون. پنهنجيءَ هوٽل تي اچي پهتاسين. تڪڙا تڪڙا پنهنجي روم تي پهچي، وهنجي سهنجي ڪپڙا بدلائي، پوءِ ڪٿي ويهڻ جهڙا ٿياسين. ٿورو سيءُ محسوس ٿي رهيو هو. مون دل ۾ خيال ڪيو ته اڄ ڪونيڪ پيئڻ جو سٺو موقعو آهي. ٻاهر نڪري، هڪ اسٽور تان ڪونيڪ جي بوتل وٺي، هڪ گلاس ٺاهي پيتم ته سيءُ لهي ويو. ڍنڍ طرف کلندڙ دريءَ جو پردو کوليم ته کل جا سم سم وانگر ڄڻ ته ڪو جادوئي منظر هو. اهڙيون ته سرچ لائيٽن جون سهڻيون روشنيون هيون ڄڻ ته پاڻيءَ مٿان سون پيو جرڪي. ڍنڍ جي چوطرف سهڻين سرچ لائيٽن جي روشنيءَ تي پري پري تائين سفيد پکي پيا اڏرن. پري تائين پهاڙن تي ٺهيل گهرن جي روشني چوطرف چمڪي رهي آهي. ڍنڍ ۾ بوٽس پڻ ڪافي تعداد ۾ هلي رهيون آهن.

    اسان هيٺ لهي، رسيپشن تي ويٺل گوري ڇوڪريءَ کي چيو ته ميڊم! اڄ سوئيزرلينڊ ۾ ڪنهن سوئيز ڄرڪي کائڻ جو ارادو آهي. تون اسان جي ڪهڙي مدد ڪري ٿي سگهين؟. پاڻ کلي چيائين ”ڇا مطلب؟“ مون کيس انگريزيءَ ۾ سمجهايو ته سوئيز اسٽائل جي مڇي کائڻ جو ارادو آهي. پاڻ چيائين ”گڊ گڊ گڊ.“ وري چيائين ته گهڻا پئسا خرچ ڪرڻ جو ارادو آهي؟. دل ۾ چيم، مري وياسين، پر پنهنجي لئي لاءِ ته گهٽ ڪرڻي ڪانهي. سو کيس چيم ”مني نو پرابلم“ يعني پئسن جو ڪو مسئلو ڪونهي. ٻڌايائين ته ڍنڍ اندر ٿوري پنڌ تي فشرس سي هوٽل آهي، جنهن تي توهان کي سوئيز قسم جي روايتي مڇيءَ جا ٺهيل ڪيئي طعام هر وقت تيار ملندا. اهو به چيائين ته ان تي خاص ڪري رات جي وقت تمام گهڻي رش هوندي آهي. توهان اتي ضرور وڃو. ڍنڍ اندر انهيءَ هوٽل جو نظارو به ڏاڍو وڻندڙ آهي. توهان کي اُتي پهچڻ لاءِ هوٽل جي ٻاهران ئي بوٽ ملي ويندي. اسان سندس ٿورو مڃي، ڪمري جون چاٻيون سندس حوالي ڪري، هوٽل ٻاهر ڍنڍ جي ڪپر تي بيٺل بوٽ ۾ اچي چڙهياسين. ٿوريءَ دير ۾ سڄي بوٽ ڀرجي وئي ۽ پاڻيءَ مٿان ڇر ڇر ڪري تيز هلڻ لڳي. بوٽ جي هلڻ ڪري سندس پٺيان تيز پاڻيءَ جي ڌار ڏاڍي وڻندڙ لڳي رهي هئي، جنهن کي ڏسيو اکيون نه پيون ڍاپن.

    هوٽل جي دريءَ مان هن منظر جو صرف تر برابر ديدار ٿي رهيو هو، پر هتي ته سڄو آڪاش نظر اچي رهيو آهي. ڄڻ ته سڄي ڪائنات جي سونهن هتي ئي اچي ختم ٿي آهي. ڍنڍ جو هلڪي نيري رنگ جو پاڻي، جنهن مٿان اڇا پکي ڄڻ ته ڍنڍ کان آسمان تائين رانديون ڪري رهيا آهن. ٽڪرين تي ٺهيل گهرن جون روشنيون پڻ پاڻيءَ تي پئي رهيون آهن، جن جي ڳاڙهي روشني اڇي ۽روشني ڄڻ مُڪي تي ذريءَ جو ڀرت ڀريل هجي. هيٺ بدڪون هن سڄي هنگامي کان بي خبر گهمي ڦري رهيون آهن. سياح خود به رنگ برنگي ڪپڙن ۾ جرڪي رهيا آهن. دل پئي چوي ته هي سفر نه کٽي، پر بوٽ هوٽل پهچڻ ۾ دير ئي ڪا نه ڪئي. اسان بوٽ تان لهي ڏاڪڻين تان چڙهي، مٿي هوٽل جي لان تي پير رکيا، جيڪا تمام وڏي ايراضي ۾ پکڙيل هئي ۽ هوٽل انهيءَ سڄي سائي سهڻيءَ لان جي وچ ۾ هئي، جنهن ۾ هزارين ماڻهن جي ويهڻ جي گنجائش هئي، پر گهڻن ماڻهن هئڻ جي باوجود به نه هئڻ جي برابر لڳي رهيا هئا. هلڪڙي سنگيت ورکا به ٿي رهي هئي. ڪو سٺو ڳائڻ جو گروپ هو. وڏي اسڪرين تي هر هنڌ يعني سڀني فلورن ۽ چوطرف پکڙيل لانن تي انهن وڏين اسڪرينن معرفت هر هنڌ ڏسڻ ۾ اچي رهيا هئا. هوٽل فرنيچر ڏاڍي سهڻي سليقي سان رکيل هو. سروس تي گهڻو ڪري سڀ سندر ناريون هيون. هوٽل تان ڍنڍ جو چوطرف نظارو ڏاڍو روح پرور محسوس پئي ٿيو. هڪ ڇوڪريءَ منهنجي ۽ منا جي اڳيان پليٽن ۾ نارنگي رنگ جي ڪپڙي ۾ ٺهيل سهڻو مينيو آڻي رکيو. پاڻ کلي ماٺ ڪري ٿورو پرڀرو ٿي بيهي رهي. سندس نظر منا ۾ هئي، پر غور سان کيس آئون ڏسي رهيو هوس. سندس هٿ ۾ ننڍي ڪاپي ۽ پين هئي. مٿي تي ٽوپي پيل هئس، جنهن ۾ سهڻو هيرو جڙيل هو. ماني کائي هوٽل جي چوطرف چڪر لڳايوسين. هوٽل جي ٻاهران ننڍڙا ڦوهارا، رنگين شيڊ، نفيس لانون، جن تي هلندي پير پيا ٺرن. لانن جي چوطرف رنگ برنگي گل سجايل هئا. دل پئي چاهي ته سوئيزرلينڊ جي هن ننڍڙيءَ جنت ۾ ويٺو ئي هججي. پر ڇا ڪجي، سوئيزرلينڊ سهڻو ته ڏاڍو آهي، پر صفا ننڍڙو آهي. يعني لوزرين، لگانو، زيورچ ۽ چند حسين ڍنڍون ۽ گليشيئرس.. ٻيو ڇا! پر آمريڪا ۽ فرانس ته کٽن ئي ڪو نه ٿا. فرانس ۾ رڳو پئرس ڏسڻ لاءِ به ڏينهن گهرجن.

    palijo_hai@hotmail.com
     
  8. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم جناب عبدالحئي پليجو جي لکين ڪالمن جو مجموعو ‏

    اٽلي جي شهرن جو حُسن!




    سومر 9 جون 2008ع



    رستن، چوڪن، بس اسٽينڊن، ريلوي اسٽيشنن ۽ ننڍن ننڍن شهرن کي ڪراس ڪندي، هاڻ سوئيز زبان ۾ نه پر اٽلين زبان ۾ بورڊ لکيل آهن، جن تي ڇا لکيل آهي، سا خبر خدا کي، پر ڪو ڪو لفظ مڙئي سمجهه ۾ اچي ٿو. سوئيز ۽ اٽلين زبان جو اندازو صرف انهيءَ مان ٿيم، جو اسان اٽالين اميگريشن کان پاسپورٽ تي اسٽيمپ هڻائي، پوءِ اٽلي ۾ داخل ٿيا آهيون، نه ته انڌي جهڙي ساهرين تهڙي پيڪين. اميگريشن کان پوءِ اسان جي گائيڊ ٻڌايو ته پاڻ هاڻ دنيا جي حسين ترين ايڪٽيريس صوفيه لارين جي ملڪ ۾ وڃي رهيا آهيون. ڇا ته سهڻي آهي، صوفيه لارين، هت به اهڙي ئي سونهن جي سڄي اٽلي کان توقع رکي سين. اٽليءَ ۾ گهڙي پيا آهيون. يارن وڃڻ کان اڳ جيڪي هدايتون جاري ڪيون هيون، انهن ۾ اها سمجهاڻي به ڏنل هئي ته اٽليءَ جون ڇوڪريون چور ۽ وڏيون شاطر آهن. اٽلي ٻنهي عالمي جنگين ۾ جاپان، جرمني، وانگر مک فيڪٽر هو. ٻي جنگ عظيم ۾هٽلر نيپولين جي لاش جو روم ۾ حشر ڏسي، جيڪو ڪيترا ڏينهن روم ۾ ٽنگيو پيو هو ۽ کيس پکي پکڻ کائي رهيا هئا، جنگ هارائڻ کان ٿورو اڳ پنهنجي سريت ايو برائون سان گڏ خودڪشي ڪري ڇڏي هئي. يورپ جي سمورن ملڪن جي ڀيٽ ۾ جائزي ڪارڻ ورهاست ڪرڻ ۾ اٽليءَ جو ملڪ سڀ کان وڌيڪ ڏکيو آهي. هيءُ هڪڙو جديد صنعتي ملڪ آهي، جيڪو دنيا ۾ جدت ۽ فيشن جو پايو وجهندڙ معمار ۽ اڳواڻ حيثيت جو حامل آهي. ساڳئي وقت ٻئي طرف اهو ڏاکڻي ڀاڱي ۾ زرعي معيشت جو حامل رومي سمنڊ واري جاگيرداري نظام سان واڳيل ملڪ به آهي. شهرن توڙي ڳوٺن جا ماڻهو منجهند جو آرام لاءِ ڪجهه وقت ضرور سمهندا آهن. شايد مانيءَ کان پوءِ سنڌين وانگر لسي پيئندا آهن، جو منجهند جو ننڊ ٿي لڳين. گرم ملڪن ۾ گهڻو ڪري ماڻهو منجهند جو آرام ڪندا آهن ۽ اٽليءَ جو به وڏو حصو ڪافي گرم آهي. سندن گهر به انهيءَ حساب سان ٺهيل آهن، جنهن ۾ درين ۽ ورانڊي جو خاص بندوبست ٿيل هوندو آهي. ڪن ماڻهن جي اها عادت يا هير به ٿيندي آهي. شهيد ڀٽو گرم ملڪ جو هو، پر منجهند جو آرام ڪو نه ڪندو هو. چرچل سرد ملڪ جو هو، پر منجهند جو باقائده آرام ڪندو هو. ٻيو ته ٺهيو، پر ٻي جنگ عظيم دوران به پنهنجيءَ آفيس ۾ منجهند جو باقائدگيءَ سان آرام ڪندو هو. هت قديم خانداني رواجن ۽ رومن ڪيٿولڪ عيسائي فرقي جي مذهبي رسمن ۽ روايتن جي ادائگي پابنديءَ سان ڪئي ويندي آهي. مڪاني طور تي يا علائقائي سطح تي عمومن ماڻهو ڪئين ريتن ۽ رسمن ۾ مشغول آهن، پر منجهن واحد گڏيل خاصيت گهمڻ ڦرڻ، کائڻ پيئڻ ۽ اجتماعي رسمون ادا ڪرڻ جي آهي. انهيءَ کان سواءِ ملڪ کي هڪڙو زبردست مقامي ورثو باترتيب انداز ۾ تمام وڏي مقدار ۾ حاصل آهي. مثلن فقط هڪڙي شهري ٽسڪيني ۾ موجود فني نوادرات ۾ ثقافتي يادگارن جو تعداد ايترو گهڻو آهي، جو دنيا جا ڪيترا ئي اهڙا ملڪ به آهن، جن ۾ نوادرات ۽ يادگارن جو ايترو تعداد ڪونهي. تنهن کان سواءِ ملڪ جي هر علائقي ۾ مخصوص يادگار ۽ فني نوادرات ۽ شاهڪارن جا ذخيرا موجود آهن، جن کي عالمي شهرت حاصل آهي. اٽليءَ جو ملڪ سن 1861ع تائين علائقائي حالتن سبب متحد نه رهي سگهيو.

    اٽلي جي اتر وارو ڀاڱو دنيا جي ترقي يافته صنعتي معاشرن مان هڪ آهي، وري ان جي ابتڙ ملڪ جو ڏاکڻيون حصو يورپ ۾ سڀ کان وڌيڪ پٺتي پيل علائقو آهي. ملڪ جي اتر اولهه ۽ لومبار ڊي علائقا ۽ ٽورن ۽ ملان وارا ٻه مکيه مرڪز شاهوڪار اتر جي نمائندگي ڪن ٿا، ڏکڻ ۾ ساحلي علائقو لگوريا رومي سمنڊ جي ساحلي تفريح گاهه طور مشهور آهي، اونهاري جي مند ۾ تفريح ڪندڙن جو وڏو تعداد هتي اچي ٿو، هي هڪ سهڻو ساحل آهي، هن جو صدر وارو هنڌ جينوئا زبردست بندر آهي، جنهن جي تجارتي روايت اڄ به قائم آهي. اتر اوڀر وارن علائقن وينيٽو ۽ گاليا جو مرڪزي شهر وينس آهي، جنهن جو هر گوشو سراپا سونهن آهي، انهيءَ سونهن کي اميد ته اڄ ڏسبو.سيلاني ۽ تفريح ڪندڙ ماڻهن جو تعداد وڌڻ سبب شهر جي آس پاس ۾ تاريخي اهميت وارا ننڍا شهر ويرونا پاڊوئا ۽ وائينسزا گهيري (Arc) جي صورت ۾ موجود هئڻ سبب تفريح جي وڌيڪ سهوليت فراهم ڪن ٿا. ڏکڻ واري علائقي ايميليا روميگنا کي عالمي جنگ کانپوءِ اٽليءَ جي صنعتي مرڪز واري اهميت حاصل آهي، هن علائقي جو سامونڊي ڪنارو اٽليءَ وارن وٽ گهڻو مشهور آهي، خاص ڪري رمني جيڪو اٽليءَ جو بهترين سامونڊي تفريح گاهه آهي، هتي جي زندگيءَ ۾ عجيب چهل پهل آهي، وچ اٽلي بلڪل عام علائقو آهي، جنهن ۾ ٽسڪيني ۽ ان جي آس پاس وارا شهر فلورينس پيسا ۽ سينا موجود آهن، جتي فني شاهڪارن جا ڪيترائي عجائب گهر ۽ ڪيترائي ثقافتي ۽ تاريخي يادگار موجود آهن، هتي دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن مان تمام گهڻا سياح سير ۽ تفريح لاءِ اچن ٿا. هتي گهڻي رش هجڻ سبب ماڻهو آس پاس وارن ننڍن شهرن امبريا، پيروگيا، اسپوليٽو، اسيسي، اربينو ڏانهن وقت گذارڻ ويندا آهن.

    اولهه طرف وارو لازيو جو علائقو پوئتي پيل آهي، انهيءَ ئي علائقي ۾ روم جو عظيم شهر ۽ گادي جو هنڌ پڻ آهي، ڪيمپنيا علائقي جو مرڪزي شهري ۽ نيپلس Naples ڏکڻ اٽلي جو روحاني مرڪز سڏجي ٿو، هن شهر جي ويجهو پومپي ۽ هرڪيولينيئس وارا قديم يادگار موجود آهن. پگليا شهر ۾ پڻ عجيب غريب تفريح گاهون موجود آهن، هن علائقي کي اٽليءَ جي کُڙي سڏيو وڃي ٿو، سِسلي ملڪ جي ڏکڻ واري پاسي هڪ منفرد ٻيٽ آهي، جتي مقامي قانون بالادست آهي، هيءَ گهڻين روايتن ۽ رسمن جو آماجگاهه آهي، هتي هڪڙي پاسي يورپ جو قديم ثقافتي خزانو موجود آهي ته، ٻئي طرف ان سان گڏوگڏ جديد سامونڊي تفريح جو سامان پڻ موجود آهي. ٽورمينا ۽ سارڊينيا هتي جون مکيه ساحلي تفريح گاهون آهن، جتي هر اچڻ وارو خوب لطف اندوز ٿيندو آهي، هڪڙي زماني ۾ حيدرآباد ۾ اورينٽ هوٽل جو نالو بدلائي سارڊينيا هوٽل رکيو ويو، جيستائين هوٽل کليل رهي ان تي اهو ئي نالو رهيو. هاڻ انهي هوٽل واري جاءِ تي اورينٽ پلازه نالي هڪ بلڊنگ ٺهيل آهي، انهي هوٽل ۾ جيڪي ماڻهو رهندا هئا تن جا نالا اخبارن ۾ ايندا هئا.

    اٽلي يورپ جي امير ملڪن مان هڪ آهي ۽ جي سيون ۾ اٽلي به شامل آهي، جي سيون ملڪ پنهنجي دولت جي زور تي ورلڊ بئنڪ ۽ آءِ ايم ايف کي هلائي رهيا آهن ۽ پنهنجن قرضن جي ڪري ٽين دنيا جي غريب ملڪن کي پنهنجي ڄار ۾ ڦاسائي انهن کي بليڪ ميل ڪري رهيا آهن.1947ع ۾ هڪ ڊالر ۽ هڪ رپيو برابر هوندا هئا، پنجويهه سالن کانپوءِ شهيد ڀٽي جي دور ۾ اهو ڊالر پنجن رپين کي وڃي پهتو، پر انهيءَ کانپوءِ وارن پنجويهه سالن ۾ هڪ ڊالر جيڪو پنجن رپين جي برابر هو، اهو اڄ 63 رپين تائين وڃي پهتو آهي مطلب ته پهرين پنجويهه سالن ۾ وڌيو پنج رپيا ۽ آخري پنجويهه سالن ۾ وڌيو ستونجاه رپيا ۽ پهريان ڊالر سالن پڄاڻان وڌندو هو، هاڻ هر روز ٿو وڌي.ڪنهن به ملڪ جي شاهوڪاري جو اهڃاڻ، ان ملڪ جي سڪي جي طاقت هوندي آهي.

    سو ذڪر پئي هليو اٽلي جي امير هجڻ جو، اسان جي گائيڊ ٻڌايو ته، توهان هاڻ جلد دنيا جي حسين ترين شهر وينس ۾ پهچڻ وارا آهيون، ڪا به تڪڙ جي ڳالهه نه آهي، توهان جي لاءِ بوٽس وينس جون جڳ مشهور گنڊولا جون ٻيڙيون، کاڌي لاءِ هوٽل ۾ بندوبست ۽ توهان کي وينس گهمائڻ لاءِ هتي جا گائيڊ منتظر بيٺا هوندا، توهان رڳو منهنجي پٺيان اطمينان سان پيا هلجو ته، جيئن آئون توهان کي سمجهايان تيئن هلندا هلو، پري کان سمنڊ اندر وڏيون وڏيون گرجائون، محل محلات نظر اچي رهيا آهن، نور ۽ فرخ ٻين سياحن وانگر بس جي درين مان اٿي بيهي فلمون ڀري ۽ فوٽو ڪڍي رهيا هئا، اسان آهستي آهستي وينس جي ويجهو اچي رهيا آهيون، جت هاڻ وڏين وڏين گرجائن، ڪئٿيڊرل ۽ محلن سان گڏ ننڍا وڏا گهر به نظر اچي رهيا آهن. اسان جي بس ٻين سياحن جي بسن سان گڏ سمنڊ جي ڪناري تي بيٺي آهي، اڄ اسان کي سڄو ڏينهن ۽ هڪ رات هتي گذارڻي آهي، اسان آهستي آهستي ٿي بس مان لهون پيا، هيٺ لهندي مون ڏٺو ته هيٺ بيشمار سياحن جون بسون بيٺل آهن، جن ۾ ڪاسموس وارن جون اسان جي بس کانسواءِ ٻيون به ڪيتريون ئي بسون بيٺيون آهن، ملڪ ملڪ جا هزارين سياح سڄي دنيا ۾ پيا گهمن ڦرن، چؤطرف خوشيون ۽ ٽهڪڙا، هڪٻئي سان مرد ۽ عورتون ملن ته ڳلن تي مٺي ڏيئي پوءِ ملن، سڀ سياح ڄڻ ته بهار جي گلن وانگر ٽڙي پيا هجن. سياحن کي بدن تي مختصر ڪپڙا، هٿن ۾ مووي ڪيمرائون ۽ ٻيون وڏن وڏن لينسن واريون ڪيمرائون، ايڪڙ ٻيڪڙ سياحن کي هٿن ۾ مينهن کان بچڻ لاءِ برساتي ڇٽيون هيون. اسان جي گائيڊ اسان کي هڪ تمام وڏي بوٽ ۾ ويهڻ لاءِ چيو ، اسان سڀ سندس ٻڌايل بوٽ ۾ چڙهي سمنڊ اندر وينس جي هن منفرد شهر اندر ڪاهي پياسين، سمنڊ اندر سون جي تعداد ۾ سياحن سان ڀريل لانچون اچي ۽ وڃي رهيون آهن ۽ سياح هڪٻئي کي ڏسي کلي هٿ لوڏي سلام ڪري رهيا آهن ۽ اسان به شيڪسپيئر جي ڊرامي The Merchant of Venice جي ڪردارن کي ياد ڪري وينس ڏانهن وڌي رهيا آهيون ۽ اسان جي ٻيڙي سمنڊ ۾ تري نه پر ڊوڙي اڳتي وڃي رهي آهي.

    palijo_hai@hotmail.com
     
  9. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم جناب عبدالحئي پليجو جي لکين ڪالمن جو مجموعو ‏

    پاڻيءَ ۾ بيٺل معجزي جهڙو شهر




    سومر 16 جون 2008ع



    وينس ۾ منا کي پري کان هزارن جي تعداد ۾ ڪبوتر ڏسڻ ۾ آيا. هن اسان کي ٻڌايو ته هي سوئيزرلينڊ جي ڪبوترن وانگر سفيد نه پر پنهنجي ملڪ جي ڪبوترن جهڙا رنگ جا ڀورا ۽ڪارڙا آهن. ٻيڙي وڌيڪ تيز هلي رهي آهي، جنهن ڪري سندس گوڙ سان گڏ پٺيان نڪرندڙ پاڻيءَ جو آواز به وڌي ويو آهي. اسان جي بوٽ هڪ وڏي ڪاٺ جي دڪي اڳيان اچي بيٺي، جيڪو ڪافي سمنڊ اندر آهي ۽ سندس ڀرسان وڏا وڏا ڪاٺ اڀا ٿياپيا آهن، جيڪي هيٺ شايد سمنڊ ۾ کتل آهن. اسان جي بوٽ جو دروازو کليو ۽ اسان هڪ هڪ ٿي هيٺ لٿا سين. اسان جي گائيڊ اسان کي سمجهايو ته، جيستائين توهان جو وينس جي شهر ۾ گنڊولا ۾ سير شروع ٿئي، تيستائين توهان چانهه يا ڪافي پي وٺو ۽ ٿورا فريش ٿيو ته، پوءِ وينس جي پاڻيءَ جون گهٽيون گهمڻ ٿا هلون، جنهن ۾ ڪافي وقت لڳندو. توهان اڳ ۾ ئي بس ۾ ڪافي سفر ڪري چڪا آهيو، سو بهتر ٿيندو ته ٿورو رليڪس ٿيو ته پوءِ ٿا گنڊولا ۾ ويهون، پر وڌ ۾ وڌ توهان کي اڌ ڪلاڪ اندر واپس هن جاءِ تي موٽڻو پوندو. وري هتان ئي پاڻ کي وڌيڪ سمنڊ جي سير جو سفر شروع ڪرڻو آهي. اڌ ڪلاڪ ۾ ڇا گهمجي، سو به وينس جي شهر ۾، جيڪو سڄو پاڻيءَ جي اندر ٺهيل آهي ۽ جنهن جون گهٽيون به پاڻيءَ اندر ئي آهن، جتي توهان سواءِ ٻيڙيءَ جي ته هلي به نٿا سگهون. اسڪول وڃبو ته، ٻيڙيءَ ۾، بازار وڃبو ته ٻيڙيءَ ۾، گرجا يا ڪنهن ٻئي پاسي وڃڻ لاءِ مطلب ته گهر کان ٻاهر نڪرڻ جو واحد رستو ٻيڙي ئي آهي.

    وينس ڪو مڪائو وانگر يا منهوڙي وانگر ڪونهي، جتي ماڻهو چڙهي ته بوٽ تي وڃي ٿو، پر لهي وڃي سڪيءَ تي، جيئن پاڻ وٽ آهي. وينس ائين نه آهي. هي ڪو سمنڊ اندر جزيرو يا پهاڙ نه آهي، پر سمنڊ اندر پاڻيءَ ۾ هڪ هڪ جڳهه ائين ٺهيل آهي، جيئن پاڻ وٽ درياءَ يا سمنڊ اندر پليون ٺهيل آهن. انهن جاين جي وچ ۾ رڳو پاڻي ئي پاڻي آهي، خشڪيءَ جو ته ڪو سوال ئي ڪو نٿو پيدا ٿئي. جيئن پاڻ وٽ ماڻهن جي بنگلن اڳيان ڪارون بيٺيون آهن، تيئن وينس جي هر گهر اڳيان ٻيڙي بيٺي آهي، جنهن وسيلي ئي هڪ جاءِ کان ٻيءَ جاءِ اچي وڃي سگهجي ٿو. هتي ٺهيل جايون وڌ ۾ وڌ چار پنج ماڙ آهن، جن جي هيٺين فلورن تي دڪان يا هوٽلون ۽ مٿين فلورن تي آفيسون يا گهر ٺهيل آهن. جيڪي فليٽن وانگر آهن، جن ۾ تمام گهڻي تعداد ۾ دريون لڳل آهن. انهن تي وري نفيس پردا لڳل آهن ۽ ڪافي تعداد ۾ ننڍيون بالڪونيون، جن کي لوهي گرلون لڳل آهن. هر فليٽ جي دريءَ تي رنگ برنگي گل ڪونڊين ۾ رکيل يا دريءَ کان ٻاهر ڪنهن ڪل ڪوڪي ۾ ٽنگيل آهن. هتي جا فليٽ يورپ جي فليٽن کان بلڪل مخلتف آهن. هتي جا فليٽ ڪراچي ۽ ممبئي جي فليٽن جهڙا آهن. اٽليءَ جي شهرن ۾ صفائي به يورپ جي ٻين شهرن جي معيار کان گهٽ آهي. اٽلي جا شهري به يورپ جي ٻين شهرين کان گهٽ مهذب آهن. روم شهر ۾ اسان ٽريفڪ قانون جي ڀڃڪڙي ڪندي ڪيترين گاڏين کي ڏٺو. کيسا ڪٽڻ وارا به ججهي تعداد ۾ موجود ملندا. اسان جي ٽوئر گروپ وارن سان به هڪڙو اهڙي ئي قسم جو واقعو پيش آيو، انهي ڪم ۾ اٽليءَ جي ڇوڪرن سان گڏ ڇوڪريون به ماهر آهن. پاڻ وٽ هتي مرد چوريون ڪن، پر اٽليءَ ۾ عورتون به چوري ڪن.

    بهرحال چانهه پي، ٿورو فريش ٿي اسان هيڏانهن هوڏانهن وڃڻ کان سواءِ سڀ سياح گهڻو ڪري جتي لٿا هئاسين، اتي ئي بيٺا هئاسين ته اسان جو گائيڊ پهچي ويو ۽ اسان کي ٻڌايائين ته هڪ هڪ گنڊولا ٻيڙيءَ ۾ ڇهه ماڻهو ويهندا ۽ پاڻ اٽڪل ٻه ٽي ڪلاڪ چڪر لڳائي، پوءِ لنچ ڪنداسين. اسان جي هن پروگرام ۾ سڀ سياح شامل هئا. آئون، منا، نور، فرخ، هڪ هندستاني ۽ هڪ جاپاني اسان سان گنڊولا ۾ ويٺا. اسان هاڻ وينس جي سير تي نڪري پياسين. اسان جي ٻيڙيءَ ۾ هڪ ٻيڙي هلائيندڙ ۽ هڪ اڪارڊئين وڄائيندڙ به اسان سان گڏ هو، جنهن اسان کي بهترين سنگيت جون ڌنون ٻڌايون ۽ اٽلي زبان ۾ ڪلام ٻڌايو، جن جي ته خير خبر خدا کي هئي. ٻيڙيءَ ۾ ست اٺ ڪرسيون پيل هيون، جن مٿان ڳاڙهي بخمل جا ڪوَر چڙهيل هئا ۽ انهيءَ تي هيڊي ڪلر جي جهالر چڙهيل هئي. هيٺ ننڍو گهري رنگ جو ڪارپيٽ وڇايل هو. ٻيڙي هلي ته ناکئي اسان کي گائيڊ طور هر گرجا، محل، جڳهه، پل ۽ بندر بازارين جي باري ۾ انگريزي زبان ۾ ٻڌائيندو هليو ۽ مزي مزي جون ڳالهيون ٻڌائي، اسان کي کلائيندو به رهيو. اڪارڊئين واري اسان کي ڏاڍيون سهڻيون ڌنون ٻڌايون ۽ اها ڌن به ٻڌايائين، جنهن کي هندستان جي مشهور فلمساز ۽ ايڪٽر راج ڪپور ڪاپي ڪري، پنهنجيءَ هڪ فلم”ميرا نام جوڪر“ جو هڪ مشهور گانو ٺاهيو.

    جاني کهان گئي وه دن

    گذري ٿي تيري ياد مين...

    راج ڪپور اهو گانو وينس ۾ گنڊولا ۾ سير ڪندي، ٽيپ رڪارڊ ۾ ٽيپ ڪيو ۽ پوءِ انهيءَ ڌن تي مٿيون گانو مڪيش کان ڳارايو، جيڪو پوءِ هندستان کان سواءِ سڄيءَ دنيا ۾ مشهور ٿيو. چوندا آهن ته نقل لاءِ به عقل گهرجي، سو راج ڪپور نقل ته ڪيو، پر عقل سان ۽ سدائين لاءِ هن گاني کي امر ڪري ڇڏيو، جيڪو اڄ به ٻڌيو، بدن مان سيسڙاٽ نڪريو وڃن. ڇا ته فلم هئي، ميرا نام جوڪر ۽ ڇا ته گانو هو. انگريزي فلمن سان گڏ ڪيترين هندستاني فلمن جي پڻ وينس ۾ شوٽنگ ٿيل آهي. مون کي وينس ۾ ڀريل هڪ ٻي فلم به ياد آئي، جنهن ۾ سينٽ مارڪ گرجا اڳيان جيڪي شروف هيروئن سان گڏ گانو ٿو ڳائي، جنهن جا ٻول هئا:

    دل تجهه کو چاهي تو مين کيا ڪرون...

    اسان جي گائيڊ اسان کي هڪ جڳهه ڏانهن اشارو ڪندي ٻڌايو ته هيءَ جڳهه جڳ مشهور سياح مارڪو پولو جو گهر آهي، جيڪو وينس جو رهاڪو هو. وينس ۾ ڪٿي ڪٿي تمام ننڍيون پليون ۽ ننڍا پاڻيءَ جا رستا هئا، جن تي هلندي يا پل ڪراس ڪندي، هيٺ جهڪي ۽ ڪنڌ کي به هيٺ ڪرڻو ٿي پيو. وينس شهر جي مک مرڪز ۾ هڪ وڏي پل جو آهي، جنهن کي انگريزيءَ ۾ چون ريالٽو برج (Rialto Birdge) ۽ اٽلي ۾ (Ponte-di-Rialto) چون. اسان شهر جي بلڪل ننڍين گهٽين ۽ پلين ۾ گهمي رهيا آهيون. گندولا هلائيندڙ پري کان آواز ڏئي هڪ ٻئي کي هوشيار ڪن ته ترسو يا اڳتي نڪري وڃو. ڇو ته ڪافي جڳهين تي ٻن ٻيڙين گذرڻ جو رستو به ڪو نهي. اهڙين سوڙهين جڳهين مان گذرندي اسان کي انهن جي جڳهين کي تمام ويجهڙائي سان ڏسڻ جو موقعو مليو. ڪن جڳهين جي هيٺين فلورن تي صرف پاڻي ئي پاڻي نظر اچي رهيو هو. اسان درين مان گهرن ۾ رهندڙ مردن ۽ عورتن کي ڪم ڪندي، هلندي ڦرندي، ڏٺو.گهر ۾ رهندڙ وڏا ۽ ٻار اسان کي کلي سلام ڪري رهيا هئا.

    palijo_hai@hotmail.com
     
  10. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم جناب عبدالحئي پليجو جي لکين ڪالمن جو مجموعو ‏

    قصو هڪ عجائب گهر جهڙي شهر جو!




    سومر 23 جون 2008ع



    وينس شهر کي پهريون ڀيرو گهمندڙ سياح سير ۽ تفريح لاءِ ڪئين توقعات رکندا آهن، جيڪي انهن جون اڪثر ڪري پوريون پڻ ٿينديون آهن. هي بيحد سهڻو شهر آهي، جتي وک وک تي توهان اڳيان اهڙو ته سحر انگيز منظر ايندو، جو توهان اتي ٿوري دير لاءِ ترسي انهي لڪاءُ کي ڏسي منجهائنس لطف اندوز ٿيڻ کان سواءِ رهي نه سگهندئو، سياحن ۽ سيلاني مسافرن جو هن شهر ۾ ڄڻ ته سدائين سمنڊ اٿليو پيو آهي، اهو ئي سبب آهي جو پوري اٽلي ملڪ ۾ هتي مهانگائي وڌيڪ آهي، قسمت سانگي ڪٿي ڪٿي ماني ڪجهه سستي آهي ۽ هنڌ بسترو مڙيئي گذاري جهڙو ملي سگهي ٿو. وينس شهرت تڏهن حاصل ڪئي، جڏهن ننڍڙي تلاءَ تي قائم هڪڙي شهر جي واپارين باظنطيني رياست کان آزادي جو اعلان ڪيو. ٿيو هيئن جو 828ع ۾ هتي جي واپارين اسڪندريه شهر مان سينٽ مارڪ جي آڻي وينس شهر ۾ محفوظ ڪئي ۽ انهيءَ کي شهر جو سرپرست سڏيو ويو، بعد ۾ وينس باظنطيني واپار جي مينڊين تي پنهنجو قبضو ڪيو،جيڪو ٻارهين عيسوي صدي وارين صليبي جنگين دوران ٿيو، جنهن سبب هتي جي واپارين کي بيشمار دولت حاصل ٿي، خاص ڪري قسطنطنيه شهر مان ڪيل ڦر مان بيحساب ملڪيت سندن هٿ چڙهي، اها ڦر سن 1204ع ۾ ڪئي وئي هئي، انهيءَ سبب رومي سلطنت جا ڪافي علائقا وينس جي قبضي هيٺ آيا.

    سن 1380ع ۾ جينوئا وارن جي وينس هٿان شڪست سبب وينس علائقي جي اهڙي تجارتي طاقتور رياست طور اڀريو، جنهن جو ان وقت مقابلو ٿي نٿي سگهيو، پندرهين عيسوي صديءَ جي وچ ڌاري وينس وري رومي سلطنت جي تسلطه هيٺ آيو ۽ ڪيترين ئي صدين تائين ان جي قبضي ۾ رهيو، وينس رياست جي اوڀر وارن علائقن تي ترڪي جي عثمانيه رياست قبضو ڪيو، اهڙي ريت ارڙهين صديءَ ۾ وينس واري رياست جو زوال شروع ٿيو، انهيءَ وقت آئين منتشر ۽ سياسي گهوٽالو عروج تي هو، وينس وري اوڻيهين صدي ۾ سياحت جي وڌڻ ۽ تفريح جي ترقي سان شاهوڪار ماڻهن جي تفريح جو آماجگاهه ٿي پيو.اڄڪلهه هر سال ويهه ملين يعني ٻه ڪروڙ سياح وينس اچن ٿا، جن مان اٽڪل اڌ ماڻهو هتي ترسڻ کانسواءِ موٽي وڃن ٿا، سياحن کانسواءِ وينس شهر ڪجهه به نه آهي.

    اسان هاڻ سوڙهين گهٽين کان نڪري ڪجهه ويڪري گهٽين مان ٻيڙيءَ ۾ وڃي رهيا آهيون، اسان جي ٽوئر واريون سڀ ٻيڙيون آهستي آهستي انهيءَ جڳهه تي گڏ ٿي رهيون آهن، جتي اسان کي ٻڌايو ويو هو ته، پاڻ هتان پوءِ لنچ تي هلنداسين، اسان گندولا مان هيٺ لٿاسين ته ٻيا اسان جا سفر جا ساٿي جيڪي ٻين ٻيڙين ۾ گهمي ڦري آيا هئا سي به تقريبن سڀ ٻيڙين مان هيٺ لٿا ته، اسان جي گائيڊ اسان کي هٿ لوڏي اسان جي هيٺ لهڻ تي آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ پڇئين ته، ”مزو آيو“، سڀني چيس ته، وينس جي ٽوئر کي هڪ ڏينهن اڃا وڌا ته پاڻ کلي چيائين ته، ”اهو ممڪن ڪونهي، سڀ ڪجهه اڳواٽ طئي ٿيل هوندو آهي، اسان هن ۾ ڪجهه به ڪو نٿا ڪري سگهون، ٻيو ته آئون هڪ ملازم آهيان جي اهڙيون حرڪتون ڪندس ته ويٺو به گهر هوندس،باقي توهان ٽوئر ڇڏي پنهنجي ليکي هڪ ڏينهن ڇا هڪ مهينو به رهي سگهو ٿا“.اسان جا سڀ ساٿي اچڻ تي لنچ لاءِ روانا ٿياسين، جيڪا لنچ ٽوئر وارن طرفان هئي ۽ اسان انهيءَ جي اڳواٽ پيمينٽ ڪري چڪا هئاسين، هوٽل ٿوري ئي پنڌ ٿي هئي، هوٽل ڪافي قديم عمارت ۾ هئي، هت گهڻو ڪري سڀ جڳهيون پراڻيون ۽ گهڻي وقت جون ٺهيل آهن، پر انهن کي اندران ٻاهران اهڙو ته سينگاريو سنواريو ويٺا آهن، جو دل پئي چاهي ته اهڙين جڳهين مان ماڻهو نڪري ئي نه اسان جي هوٽل جونالو اينجلو-آل Angelo-All هو، ٽوئر گائيڊ اڳواٽ هر شيءِ جو بندوبست ڪري ڇڏيو هو، هوٽل ۾ ڪرسين تي ويهڻ شرط اسان کي ماني کارائي وئي، اٽليءَ جي ٽوئر ۾ هي اسان جي پهرين لنچ هئي، ڇو ته ناشتو اسان سوئيزرلينڊ مان ڪري نڪتا هئاسين، اٽليءَ جا کاڌا ڏاڍا سواد وارا ۽ چٽ پٽا ٿين،جن ۾ مصالحا مڙيئي ڪجهه گهڻا هوندا آهن، ڪٿ ڪٿ ته سرڪن ۾ سڄا سارا ساوا مرچ جيڪي اهڙا تکا جو، کائڻ کانپوءِ ويٺا پاڻي پيو، پر چپ ٺرن ئي ڪو نه، آئون ڪرسيءَ کي سيري ڊائينگ ٽيبل جي ويجهو ٿي ويٺس پليٽ تان نيپڪن کڻي اڳيان رکيم، منا ٻڌايو ته، سلاد ڏاڍو سٺو آهي، پاڻ منهنجي پليٽ ۾ سلاد لاهي وڌائين، نور ۽ فرخ کي به ٻڌايائين ته، سلاد ڏاڍو لذيز آهي، ان کي ضرور ٽيسٽ ڪجو، مانيءَ ۾ پيزا پر پاڻ وانگر پاڪستان وارو پيزا نه، جنهن ۾ مصالحا پاڪستاني مزاج مطابق ٿين ۽ پيزا کائيندي جهڙوڪ پاڪستاني ڊش پيا کائون، پر هت اٽلي ۾ پيزا ۽ ان تي لڳل مصالحو پنهنجي ملڪ کان بلڪل مختلف انهن جو ذائقو به بلڪل مختلف هوندو آهي.

    ڊائينگ ٽيبل تي مختلف قسمن جا فروٽ هڪ تمام نفيس قسم جي باسڪيٽ ۾ رکيل آهن، پيزا اسان مٽن جا ٽڪرا، سلاد، چئين پنجن قسمن جون ڊبل روٽيون آخر ۾ آئيس ڪريم به کارايائون، ماني ٿوري هئي، پيٽ ڪو نه ڀريو پر منا سندس هڪ گوشت جو پيس کڻي منهنجي اڳيان رکيو، سو به کاڌم پوءِ به ڍءُ ڪو نه ٿيو، خير ماني پوري ٿي ته، گائيڊ ٻڌايو ته، هاڻ هڪ شيشي ٺاهڻ جي فيڪٽري ۾ هلبو، جت توهان کي ڏيکاربو ته شيشو ڪيئن ٿو ٺهي، گائيڊ اسان کي گهمائي ڦيرائي آڻي، انهيءَ شيشي جي فيڪٽري ڀيڙو ڪيو، جت شيشو پئي ٺهيو، اسان جي اندر گهڙڻ شرط اسان کي پهريائين ٺلهو سمجهايائون ته شيشو ڪيئن ٺهندو آهي، پوءِ باقائده پهرين کان آخر تائين شيشو ٺاهي ڏيکاريائون ۽ ٺهندي ٺهندي آخر ۾ هڪ بهترين جڳ تيار ٿي ويو، جيڪو کڻي اسان جي اڳيان رکيائون، فيڪٽري مان ڪافي سياحن شيشي جي ٺهيل سامان جي خريداري به ڪئي ۽ ائين گهمندا ڦرندا اچي اسان کي سينٽ مارڪ گرجا ۽ انهيءَ سان لڳو لڳ وينس جي ڪنهن پراڻي شاهي محل اڳيان بيهاريائون ۽ اسان کي چيائون ته، هي محل ۽ گرجائون ڏسو ۽ فوٽو ڪڍرايو، پاڻ ڪلاڪ ڏيڍ کان پوءِ هتان کان اڳتي پنهنجي آخري منزل يعني هوٽل تي هلنداسين، هت اسان کي اٽلي زبان جي گائيڊ ڏنائون، جنهن اسان کي گرجا ۽ محل بابت ٻڌايو، هت هزارن جي تعداد ۾ سياح گرجا ۽ محل گهمي رهيا هئا، فلمون ڀري ۽ فوٽو ڪڍي رهيا هئا، ڪي سياح هزارين ڪبوترن سان رانديون کيڏي ۽ کين کاڌو کارائي رهيا هئا، اسان به ڪبوترن کي کاڌو کارائي ساڻن گڏ فوٽو ڪڍرايا، اهڙا ته پيارا ۽ پاليل ڪبوتر جو هٿن تي رکيل کاڌو کائين ۽ مٿي ڪنڌ تي چڙهيا ويٺا آهن ۽ ڊڄن ئي ڪو نه. شايد پوري مغرب جي ڪنهن به شهر کي گهڻي عرصي تائين نهايت اتساهيندڙ سونهن ۽ سوڀيا جو اعزاز حاصل ڪونهي، سواءِ هن شهر جي مثلن شهر جا سمورا رستا خشڪ نه پر اهي واهن، واهڙن، نالين ۽ ندين تي مشتمل آهن، جتي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ وڃڻ لاءِ گاڏي، گهوڙو، بس يا موٽر وغيره نه بلڪه فقط ٻيڙيون استعمال ٿين ٿيون، جن کي گونڊولا سڏين ٿا، شهر جي تاريخ هزارين سالن تي ٻڌل آهي، پورو شهر من موهيندڙ محل محلاتن ۽ قديم توڙي جديد سهڻين يادگار علامتن سان ڀريو پيو آهي، علوم ۽ فنون، دستڪاري توڙي مجسمه سازي ۽ تصوير نگاري جا هتي انبار گڏ ڪيل آهن، جنهن ڪري شهر کي دنيا جو عجائب گهر سڏڻ ۾ڪا هٻڪ نٿي ٿئي.

    palijo_hai@hotmail.com
     
  11. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم جناب عبدالحئي پليجو جي لکين ڪالمن جو مجموعو ‏

    وينس تاريخ جي ڪهڙن مرحلن مان گذريو؟







    سومر 30 جون 2008ع



    پاڻ گذريل هفتي جيڪا اٽلي جي باري ۾ ڪچهري ڪئي هئي، ان ۾ جن جاين جو ذڪر ڪيو هوسين، انهن مان گهڻين جو شايد اڄ واري ڪچهري ۾ به ذڪر اچي. ڄاڻايل سمورا علائقا ۽ جزيرا 1907ع ۾شهر ۾ شامل ڪيا ويا هئا. اصل رهاڪن جو وڏو تعداد مکيه خشڪي ڪناري تي قائم صنعتي مرڪزن ۽ اصل شهر جي ڏکڻ طرف سمنڊ ۾ موجود لڊو جزيري تي وڃي آباد ٿيو آهي. شهر پنهنجي جزيراڻي حيثيت جزوي طور تڏهن گهٽائي جڏهن سن 1846ع ۾ مکيه خشڪي ڪناري کان ڪل 222 ونگن Arches واري پل وسيلي شهر تائين ريلوي لائين وڇائي وئي ۽ پوءِ 1932ع ۾ انهيءَ پل سان لڳ هڪڙي ٻي پل به تعمير ڪري موٽر گاڏين جي ٽريفڪ چالو ڪئي وئي. شهر جي قدامت پسند ماڻهن ڪوشش ڪري ريلوي لائنيون ۽ روڊ شهر اندر ٺهڻ ڪو نه ڏنا ۽ گڏوگڏ اسٽيشن ۽ موبائيل اسٽينڊ شهر جي پلين واري دنگ وٽ ٺهرايائون.

    قدامت ۽ جدت پرستن جي باهمي ڪشمڪش ته جاري آهي، پر شهر اڄڪلهه ماحولياتي مسئلن جو اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ شڪار آهي، تنهن کانسواءِ قدرتي آفتن جهڙوڪ وڏين ويرن ۽ ٻوڏن ۾ به اضافو ٿيو آهي، هي سامونڊي ڍنڍ جنهن ۾ شهر اڏيل آهي، اها جلد ۽ وڌيڪ ٻڏندي وڃي.ٻين شهرن وانگر هوائي آلودگيءَ سبب وينس شهر جا پڻ ڪيترائي يادگار ۽ فني شاهڪار خاص ڪري پٿر ۽ ٻيا سنگتراشي وارا نوادرات کلي فضا ۾ هئڻ سبب جزوي طور خراب ٿي چڪاآهن. اٽليءَ جي ٻين مکيه شهرن جي ابتڙ مغرب ۾ رومي سلطنت جي زوال تائين وينس شهر جو وجود ئي ڪو نه هو، هتي البته ڪجهه خانه بدوش مهاڻا ۽ لوڻ گڏ ڪرڻ وارا ڪڏهن ڪڏهن هنن ٻيٽارين تي اچي رهندا هئا. 568ع ۾ اتر اٽليءَ تي جرمن جنگي سردارن جون ڪاهون شروع ٿي ويون ۽ هنن اتر اٽليءَ جي لومبارڊي شهر تي قبضو ڪري پنهنجي حڪومت قائم ڪئي، انهن ڪاهن جي ڊپ کان خشڪيءَ جا ڳچ ماڻهو اچي هتي آباد ٿيا، انهن ڏتڙيل قبيلن ۽ اڳوڻن خانه بدوش ماڻهن ستين عيسوي صدي جي پوئين اڌ ۾ پنهنجو سياسي تشخص حاصل ڪرڻ شروع ڪيو، ڏوراهين گادي واري باظنطيني سلطنت جي حمايت ۽ مخالفت واري ٻن صدين جي جدوجهد جي نتيجي ۾ آخرڪار 840ع ڌاري هنن جزيرن، جن کي ريئلٽو سڏينداهئا، پنهنجي حڪومت قائم ڪئي، جنهن جو اڳواڻ ڊوج سڏجڻ لڳو، جيڪو باظنطيني حڪومت جي منظوري يا اجازت کانسواءِ ئي پنهنجا اختيار هلائڻ لڳو. مغرب ۽ مشرق جي وڏين طاقتن جي وچ ۾ واقع هئڻ ڪري وينس وارن پهريائين سندن واپاري ۽ سياسي گماشي جو ڪردار اداڪيو ۽ پوءِ اهي اولهه توڙي اوڀر وارن ملڪن تي پنهنجي سياسي توڙي تجارتي برتري حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، جنهن کي 1797ع تائين برقرار رکيائون، اٽلي جي ٻين شهري رياستن جي ڀيٽ ۾ وينس شهر جو نظامِ حڪومت پڻ مختلف هو، شروعات ۾ سرڪار جو اڳواڻ ڊوج هوندو هو، جنهن کي رياست جا ممتاز شهري چونڊيندا هئا، قانون ساز اسيمبليءَ پڻ هئي، جيڪا ڊوج جي ڪمن جي تصديق ڪندي هئي. چوڏهينءَ صدي جي شروعات ۾ اصل خاندانن جي هڪڙي ننڍڙي گروهه اقتدار تي قبضو ڪيو، تنهن جي نگراني ڏهن ڄڻن تي ٻڌل هڪڙي ڪائونسل ڪندي رهي، وينس جي فوجي ۽ تجارتي فتح، سسي، جينوئا پيزا ۽ زوال پذير اوڀر واري سلطنت جي دشمنيءَ ۽ خطرن باوجود رومي سمنڊ سان منسلڪ سمورين رياستن تي صدين تائين پنهنجو غلبو برقرار رکيو.وينس کي ڏيسا وري واپار واري نفعي کان گهٽ فائدو پنهنجي ذاتي اقتصادي وسيلن مان به ڪو نه هو ۽ هيءَ رياست تمام شاهوڪار ٿي وئي، ايتري قدر جو جڏهن اسلامي لشڪر ڏکڻ يورپ کان اڳتي اولهه طرف پنهنجو دٻاءُ وڌايو ته، هن پنهنجي پاڙيسري رياستن سان شدت سان وڙهڻ شروع ڪري ڏنو.

    اوڀر وارين سلطنتن ۽ وڏين طاقتن جي زوال ۽ يورپي طاقتن ۽ رياستن کي آمريڪي نو آبادين وارا خزانا هٿ اچڻ سبب وينس رياست سورهينءَ صديءَ دوران جزوي طور زوال پذير ٿي، جيتوڻيڪ هي روشن خيالي وارو دور وينس جي فني توڙي فڪري زندگي نئين اوچائين تي رسائڻ ۾ رڌل هو، پر سياسي ۽ مذهبي معاملن سبب وينس سماجي بحران مان ڪڏهن به مڪمل طور تي آجو نه ٿيو.سترهين ۽ ارڙهين صديءَ جي اوائلي دور ۾ زوال پذير صورتحال مان آجو ٿيڻ لاءِ وينس جي رياست اوڀر وارين حڪومتن ۽ ايڊرياٽڪ اپسمنڊ جي اوڀر ۾ واقع ڊالميٽيا ۾ فوجي چڙهائي واري آخري ڪوشش برقرار رکي،پر اهاپڻ مڪمل طور تي ناڪام رهي، تنهن ڪري پنهنجي سياسي خودمختياري وارا آخري ڏهاڪا غير جانبرداري واري حالت ۾ گذاريا ۽ نيٺ نيپولين بوناپارٽ سن 1797ع ۾ وينس تي قبضو ڪيو، هن چند ماڻهن طرفان قائم ڪيل حڪومت جو انت آندو. پنجن ڇهن ڏهاڪن جي عرصي تائين يورپي طاقتن جي قبضي لاءِ هلندڙ جنگين دوران ڪڏهن ڪنهن وٽ ته ڪڏهن ڪنهن وٽ گروي رهڻ کانپوءِ آخر سن 1866ع ۾ اٽليءَ جي رياست ۾ هميشه لاءِ شامل ڪيو ويو، پنجن سالن کانپوءِ اٽلي دنيا ۾ هڪڙي متحد ۽ مضبوط قوم ٿي اڀري.

    اٽليءَ جي حصي طور وينس جي ترقي اٽليءَ جي تجارتي سرگرمين ۽ پنهنجي معروضي ۽ فنون لطيفه وارين نرالين خصوصيتن جي استحصال خلاف وينس جي محنتن سبب ٿي آهي، جنهن ڪري صدين کان وٺي دنيا ڀر جا سياح اچي هن شهر کي ڏوريو ڏسن. وينس شهر ۾ هڪ سئو اسي ڪينال آبي رستن جي صورت ۾ موجود آهن، جيڪي 118 اصل ٻيٽارين جي وچ ۾ موجود آهن، انهن جي ڪل ڊيگهه ته وڌيڪ ٿيندي پر 28 ميل کن آبي رستن يا ڪينالن جي سراسري ويڪر ٻارهن فوٽ آهي. رئيلٽو يعني شاهي آبي رستي جي ڪنارن تي 200 محل اڏيل آهن، جيڪي ٻارهين ۽ ارڙهين صديءَ جي وچ واري عرصي دوران تعمير ٿيا، تنهن کانسواءِ هن ڪينال جي ڪنارن تي ڏهه زبردست چرچ پڻ موجود آهن، هتي هڪڙي فيول اسٽيشن پڻ آهي، 46 ننڍا آبي رستا يا ڪينال هن مختلف هنڌن تي ملندڙ آهن.پندرهين صدي جي هڪڙي يورپي تاريخدان جي لکت موجب هي ڪينال دنيا جي سڀ کان وڌيڪ سهڻي گهٽي آهي، اوڻيهين صدي تائين هن آبي رستي تي فقط هڪڙي پل پونٽ ڊي رئيلٽو نالي ٺهيل هئي، اينٽو نيو ڊاپونٽ نالي معمار جي نقشي موجب تعمير ٿي، جنهن مائيڪل اينجيلو ۽ ٻين ماهرين تعميرات کان پل جي نقشن جو مقابلو کٽيو هو. هن هنڌ وٽ موجوده پل پنجين پل آهي ۽ اها پهرين پل آهي، جيڪا ڪاٺ جي ٺهيل ڪانهي هتي هن کان اڳ ۾ ٺهندڙ چارئي پليون ڪاٺ جون ٺهيل هيون.هيءَ پل گهڻي اوچي ۽ هڪڙي ونگ تي ٺهيل آهي، هن جي ٻنهي طرفن تي ڪافي ننڍڙا دڪان ٺهيل آهن، ان کانسواءِ ٻه ٻيون پليون 1854ع ۾ قابضن سادي لوهه مان ٺهرايون هيون، سن 1932ع ۾ انهن جي جاءِ تي نيون وڌيڪ اتاهيون پليون جوڙيون ويون ته جيئن هن آبي رستي ۾ وڏيون آبي گاڏيون هلي سگهن، موجوده ريلوي اسٽيشن واري پل ته پٿر جي ٺهيل آهي، پر انهيءَ هنڌ تي اڏيل اڳوڻي پل جنهن جو نالو پونٽ ڊيل اڪيڊميا هو، اها جاپاني طرز تي ٺهيل محسوس ٿيندي هئي. اها تيلي ڪاٺ مان ٺهيل هئي ۽ سندس اتاهين ونگ جي ٻنهي طرفن کان ڏاڪڻيون ٺهيل هيون، هن ڪينال تي ٻيون به ڪاٺ جون چند پليون عارضي طور ٺاهيون وينديون آهن، جيڪي مذهبي ڏهاڙن دوران ڪم اچن ٿيون ۽ ترت ئي ڀڄي ڀري وڃن ٿيون، ايندڙ سال انهن ڏهاڙن تي ضرورت لاءِ ساڳئي قسم جون نيون پليون ٺاهيون وينديون.

    palijo_hai@hotmail.com
     
  12. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم جناب عبدالحئي پليجو جي لکين ڪالمن جو مجموعو ‏

    شينهن جي مجسمن سان سجايل شهر




    سومر 14 جولاءِ 2008ع



    976ع ۾ شهر جي حاڪم خلاف بغاوت دوران حاڪم جي محل کي به حادثاتي طور باهه لڳي وئي. سندس موجود صورت چوڏهين صديءَ جي شروعات ۾ ٿيل مرمت موجب آهي. ايندڙ صديءَ ۾ محل ۾ ڪافي ترميم ۽ توسيع ڪئي وئي. گرائونڊ فلور تي رومي طرز جي محرابن مٿان گول دائري جي شڪل ۾ سنگ مرمر جا پلر جڳ جي هينڊل وانگر ٻاهرئين طرف نڪتل آهن، جن مان ڏاڙهونءَ جي گل جي سخت کل وارن نوڪدار پنن جي شڪل جهڙي سنگ مرمري بناوت جي مٿان عمارت جو بنياد رکيل آهي. عمارت کي گلابي رنگ لڳايو ويو آهي. خاص چيمبرن ڏانهن ويندڙ ڏاڪڻ جو رنگ سنهري آهي. محل اندر سجاوٽ ۽ سينگار جي ڪم ۾ وينس شهر جي ڪاريگرن کان سواءِ ٻين شهرن جي مهان فنڪارن به حصو ورتو.

    مشهور عمارت پيازا اڃا تائين وينس شهر جي زندگيءَ جو مرڪز آهي. اها برفباريءَ دوران سياري جي فجر واري وقت به صفا خالي ڏسڻ ۾ ڪو نه ايندي ۽ ڪجهه ماڻهو منجهس ضرور موجود هوندا. اونهاري ۾ ته هتي ڏاڍي رش هوندي آهي. وينس شهر ۾ ٻين پکين جي ڀيٽ ۾ ڪبوتر تمام گهڻي تعداد ۾ موجود آهن. انهن جي وِٺين جي آزار ۾ سموريون جايون ورتل نظر اينديون.

    شهر ۾ شينهن جا مجسما هر هنڌ ۽ ڪثرت سان موجود آهن. اهي هر سائيز ۽ سون کان وٺي پلاسٽڪ تائين اٽڪل هر استعمال ۾ ايندڙ سامان مان ٺهن ٿا. انهن ۾ کنڀن يا پکن وارا تصوراتي طور اڏامندڙ مجسما به شامل آهن. شاهي محل جي فقط هڪڙي مکيه گيٽ وٽ نصب ٿيل شينهن جي مجسمن جو تعداد 75 آهي. شهر ۾ شينهن جا ڪجهه اهڙا مجسما پڻ نصب ٿيل آهن، جيڪي پوسٽ جي دٻن جو ڪم ڏيندا آهن. انهن کي Bocca de te one سڏيندا آهن. انهن جي واتن ۾ ڏهن ميمبرن واري ڪائونسل ڏانهن لکيل عرضداشتون وجهندا هئا. وڌيڪ عجيب شينهن جو اهو سنگ مرمر جو ٺهيل مجسمو آهي، جيڪو بحري فوجي جهازن جي ڪارخاني وٽ ٻين گهڻن مجسمن سان گڏ نصب ٿيل آهي. هي مجسمو ٻين مجسمن جي ڀيٽ ۾ وڏو آهي. يارهين صديءَ دوران هتي محصول ڏيندڙ پرڏيهي واپارين جي ماڻهن شينهن جي انهيءَ مجسمي جي ڪلهن ۽ پوين رانن کي کرڙي ڪجهه خراب ڪيو آهي.

    پيازا واري ڪلاڪ واري تجارتي مرڪز ٽاور جي آرچ کان ريالٽو يعني مکيه آبي رستي تائين هڪڙي بازار ٺهيل آهي، جنهن کي وينس وارا مارزاريا سڏيندا آهن. سن 1645ع ۾ هتي آيل هڪ انگريز پنهنجي ڊائريءَ ۾ هن بازار جي ڏاڍي ساراهه ڪئي آهي. Rialto شهر جو اهو واپاري مرڪز آهي، جتان وينس ٽن صدين جي عرصي دوران يورپ جي تجارتي معاملن تي غالب رهيو. انهيءَ عرصي ۾ وينس اوڀر ۽ اولهه جي ملڪن وچ ۾ تجارتي ۽ مالياتي گماشتو هو. ٻارهين عيسوي صديءَ ۾سڀ کان پهرين اسٽيٽ بئنڪ پڻ هتي واپار ۽ جهاز رانيءَ جي هن مرڪز ۾ قائم ڪئي وئي. ان کي بينڪو گيرو سڏيندا آهن. شيڪسپيئر جي ڪهاڻي The merchant of Venice ۾ ڄاڻايل آهي ته هي علائقو واپارين ۽ وياجي ماڻهن جي آماجگاهه هو. آسپاس ۾ پراڻين بينڪن مان اڃا به ڪجهه آهن، پر فونڊاڪو ڊي ٽيڊيسڪي نالي زبردست پراڻي بينڪ، جنهن ۾ جرمن واپاري اچي رهندا هئا ۽ انهن هن عمارت ۾ فريسڪو پلستر تي چترڪاريءَ ڪرائڻ لاءِ ڪاريگرن جون خدمتون حاصل ڪيون هيون، اها عمارت ڪافي عرصي کان شهر جي پوسٽ آفيس طور ڪم پئي اچي. اڳوڻي ترڪي ٽريڊ سينٽر واري عمارت ۾ هاڻي ”فطري تاريخ جو عجائب گهر“ نالي ميوزيم قائم آهي.

    ريالٽو علائقي وارو هيءُ قديم عالمي واپاري مرڪز اڳوڻو اوج وڃائي چڪو آهي، هاڻ فقط مقامي ضرورتون پوريون ڪري رهيو آهي. منجهس مقامي واپاري مڇي، گوشت، مرغي، چيز، ڀاڄيون ۽ ميوو رکيو ويٺا آهن، جتان رواج موجب ماڻهو اٽڪل هر وقت فقط هڪ ويلي جو سامان خريد ڪن ٿا. شهر ۾ موجود تاريخي ۽ فني اعتبار کان اهميت جي حامل محلن، ميوزمن ۽ ٻين مکيه جڳهين جو سن 1966ع وارن انگن اکرن موجب تعداد 450 هو.

    شهر ۾ هاڻي باقي اهڙا چند گهر اصل مالڪن وٽ آهن. وڏين شاهي عمارتن ۾ رهائشي اپارٽمينٽ ٺاهيا اٿن. ڪن وڏين جڳهين ۾ دفتر قائم ڪيا اٿن ۽ ڪن ۾ وري شيشي ۽ ٻين نوادرات جا شاپنگ سينٽر قائم ڪيا ويا آهن. مکيه آبي رستي تي ٺهيل اصلوڪين محلاتن ۾ هن وقت شهر جون وڏيون هوٽلون قائم آهن. تنهن کان سواءِ انٽرنيشنل سينٽر آف آرٽس اينڊ ڪاسٽيوم، ڪورٽ آف اپيل، ٽائون هال، ميونسپل هائوس ۽ ٻيون ڪئين آفيسون قديم تاريخي محل ماڙين ۾ قائم ڪيون ويون آهن. پالازو ليبيا نالي قديم عمارت ۾ ڪجهه ترميم آڻي، سن 1970ع ۾ ٽي وي سينٽر قائم ڪيو ويو آهي. پالازو وينڊرامن ڪالر جي عمارت، جنهن ۾ مشهور موسيقار رچرڊ ويگنر وفات ڪئي هئي، تنهن ۾ شهر جي ڪيسينو ڪلب قائم ڪئي اٿن. Ca Rezzonica عمارت جنهن ۾ مشهور انگريز شاعر رابرٽ برائوننگ رهندو هو ۽ دم ڏنائين، انهيءَ ۾ ارڙهين صديءَ جي فنون لطيفه وارو ميوزم قائم ڪيو ويو آهي. سورهين صديءَ ۾ جڙيل پالازو ڪوئرني اسٽيمپيليا عمارت ۾ پبلڪ پڪچر گيلري ۽ لائبريري قائم آهي. سن 1710ع ۾ ٺهيل پلازو پيسارو عمارت ۾ ٻه ميوزم قائم آهن. هيٺين طبقن ۾ جديد آرٽ ۽ مٿئين طبق تي قديم فنن جون گيلريون سجايل آهن. سن 1420ع کان 1440ع واري عرصي ۾ ٺهندڙ گولڊن هائون، جنهن کي Cad oro سڏيندا هئا، انهيءَ ۾ پڻ آرٽ گيلري قائم آهي ۽ اهو مملڪت جي ملڪيت آهي.

    palijo_hai@hotmail.com
     
  13. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم جناب عبدالحئي پليجو جي لکين ڪالمن جو مجموعو ‏

    دنيا جي قديم ترين چرچُن ۽ گرجائن جو شهر




    سومر 28 جولاءِ 2008ع



    چوندا آهن ته ”روم شهر ناهي، چرچ آهي.“ اهو ان ڪري به چوندا آهن ته دنيا ۾ وڏي ۾ وڏي چرچ سينٽ پيٽر آهي، جيڪا روم ۾ آهي. دنيا جون قديم ۾ قديم چرچ ۽ گرجائون وڏي تعداد ۾ روم ۾ آهن، سو مٿين چوڻي بلڪل درست ٿي معلوم ٿئي.

    اسان اٽليءَ جي موٽر وي تي روم ولايت ڏانهن وڃي رهيا آهيون. ٻه طرفي موٽر وي جي وچ واري حصي تي سون ڪلوميٽرن ۾ هلڪي گلابي رنگ جا ڇهه ست فوٽ خوبصورت وڻ، جيڪي سهڻن گلن سان جنجهيا پيا آهن، جهومي رهيا آهن. چو طرف سرسبز پهاڙ ۽ ميداني علائقا آهن، جن ۾ جوئر، ٻاجهر ۽ مڪئي جا فصل آهن ۽ اڪثر فيئٽ ٽريڪٽربه هلندي ڏسجن ٿا. هن آباديءَ لاءِ وڏي سفيد ڪپڙي جا روڙا، جيڪي مٿي جبلن تي وڇايا پيا آهن، سي پريشر وسيلي مٿي جبل تي پاڻي پهچائين ۽ ان تي آبادي ٿئي. مغربي يورپ جي ملڪن ۾ اٽليءَ ۾ وڌ ۾ وڌ زراعت ٿئي. هتي زيتون ۽ زيتون جو تيل تمام وڏي مقدار ۾ پيدا ٿئي ٿو. دنيا ۾ پيدا ٿيندڙ زيتون جو ٽيون حصو اٽليءَ ۾ ٿئي ٿو، جيڪو سڄيءَ دنيا ۾سپلاءِ ٿئي ٿو. پاڻ وٽ به ترڪي، اسپين ۽ اٽليءَ جو زيتون عام جام ملي، پر انهن سڀني ۾ اٽليءَ جو زيتون ۽ تيل تمام سٺي ڪوالٽي جو ٿئي. البته ڪجهه مهانگو آهي. چون ٿا ته اٽليءَ ۾ دل جون بيماريون گهٽ ۾ گهٽ ٿين. ان جو ڪارڻ به زيتون جي تيل جو وڌيڪ استعمال ئي آهي. واقعي ڊاڪٽر چون ٿا ته زيتون جو تيل ۽ ڪينولا جو تيل استعمال ڪرڻ سان رت ۾ چرٻي نه وڌندي ۽ دل جي بيمارين کان ماڻهو محفوظ رهندو. هونئن ته دل جي بيمارين جا ڪيترا ئي سبب آهن، پر چون ٿا ته دل جي بيماريءَ جا مک سبب چار آهن: هاءِ بلڊ پريشر، هاءِ ڪوليسٽرول، هاءِ شگر ۽ هاءِ ڊرنڪنگ. ٻيا باقي ننڍا سبب آهن. روم جي رستن تي هيءَ دل جي بيماري الائي ڪٿان اچي وئي، پر دلير مهديءَ وانگر ”يي دل ڪا معاملا هي“ واري ڳالهه آهي.

    سو سائين روم جي رنگين شاهراهه تي رمندا وڃي رهيا آهيون ۽ فرخ جي ڪنن ۾ ايئر فون پيو آهي. آئون ۽ منا خوبصورت نظارن مان لطف اندوز ٿي رهيا آهيون. مون ڏٺو آهي ته ٽوئر ۾ ٽوئرسٽ گهٽ سمهندا ۽ زياده گهمندا ڦرندا آهن. ڪي ٽوئرسٽ ته نوٽس پيا وٺندا ويندا آهن. اسان جي بس روم کان اڳ ڪنهن ٽوئرسٽ اسپاٽ تي بيٺي، جتي اسان کي ٻڌايو ويو ته اڌ ڪلاڪ کن بيهڻ کان پوءِ اڳتي هلبو. مون ڏٺو آهي ته گهڻي پنڌ تي ڪوچ بيهندي بيهندي هلندي آهي، جيئن ٽوئرسٽ يڪي مسافريءَ جي ڪري بور نه ٿين. اسان پنهنجي ڪوچ مان لٿاسين ته بيشمار بسون، سياح ۽ سيلاني بيٺا هئا. ڪيترن ملڪن جا ماڻهو، ڪيترا چهرا ۽ڪيتريون ئي پوشاڪون. ايتري رش ٿيندي هئي جو اسين چار به ڪڏهن ڪڏهن ڀلجي ويندا هئاسين ۽ پيا هڪ ٻئي کي ڳوليندا هئاسين، پر هي اسان جا گائيڊ اسان کي بلڪل نه وساريندا هئا. اسان جهڙا هنن جي دلين تي لکيل هوندا هئا. لهڻ مهل به لهي بس جي ڀر ۾ بيهي رهن ۽ چڙهڻ مهل به هڪ هڪ کي ڳڻي، پوءِ بس ۾ چڙهن. مجال آهي جو هڪ مسافر به گهٽ هجي. جيڪڏهن ڪو مسافر ٿورو ليٽ ٿئي ته گائيڊ کي يڪدم خبر پوي ۽ هيٺ لهي ڳولهي ۽ پوءِ اچي بس ڀيڙو ٿئي. ٻاهر بس اسٽينڊن تي کليل ميدان آهن، پر اندر گرجائن ۽ محل محلاتن ۾ ته ايڏي رش ٿئي جو هلڻ ته پري جي ڳالهه آهي، پر ماڻهن لاءِ چرڻ به مشڪل ٿيو پوي. مثلن لنڊن ٽاور، برٽش ميوزيم، سسٽين چپل وغيره تي ايڏي ته رش ٿئي جو ماڻهو سوچي به نٿو سگهي. پوءِ به مجال آهي جو هڪ به سياح هنن گائيڊن کان گم ٿئي. انهيءَ رش ۾ اندر گهڙڻ کان اڳ ۾ اهڙي ته اٽڪل ٻڌائي ڇڏين جو ماڻهو آسانيءَ سان ٻين کي ڳولهيو لهي. مثلن انهيءَ گرجا ۾ اندر گهڙڻ شرط هر هڪ گائيڊ جي هٿ ۾ هڪ ننڍڙي ڇٽي، جهنڊي يا ڏنڊي ۽ ٻيا ڪيترا ئي سڃاڻپ جا اهڃاڻ هٿ ۾ جهلي، پنهنجي سڃاڻپ ڪرائين ۽ ماڻهو پري کان انهيءَ جهنڊيءَ کي اک ۾ ڪريو بيٺو هوندو. انهيءَ جهنڊيءَ جي سهاري آخر ۾ وڃي سڀ ٽوئرسٽ انهيءَ گائيڊ کي هٿ ڪن، پر ڪمال ته گائيڊ جو جيڪي ايڏيءَ رش ۾ به پنهنجي شڪار يعني گروپ جي ميمبرن کي سڃاڻيو وٺن.

    اسان هڪ ريسٽورانٽ مان سينڊوچ ۽ ڪافي وٺي اچي ٻاهر رکيل بينچن ۽ ٽيبل تي ويٺاسين. مون کي ننڍي هوندي کان چڪن پيٽيز ڏاڍا وڻندا آهن، پر هتي يورپ ۾ چڪن پيٽيز ٿين ئي ڪو نه، رڳو سينڊوچ، برگر، فرينچ فرائيز وغيره. سو اسان به هاڻ سينڊوچ جا عادي ٿي ويا آهيون. هت يورپ ۾ فش فراءِ ڏاڍي سٺي ٺهيل ملندي آهي. ماڻهو ڏاڍي شوق سان کائين، پر سنڌي ماڻهو مڇي لنچ ۽ ڊنر کان سواءِ ڪٿي ٿو استعمال ڪري. پاڪستان جي فائيو اسٽار هوٽلن ۾ به فش فراءِ ڏاڍي سٺي ٺهندي آهي، پر اها مڇي تمام مهانگي هوندي آهي.

    اسان بئنچن تان سامان کڻي اندر هوٽل وارن کي ڏيئي آياسين. اهو رواج يورپ ۾ سڀني سيلف سروس وارين هوٽلن ۾ آهي يعني لائين ۾ بيهي ٽري کڻي پنهنجي پسند جو سامان، جيڪو اڳ ۾ پليٽن ۾ تيار ٿيو رکيو آهي، سو صرف سامان کڻندا، ٽري ريڙهيندا وڃي ڪائونٽر تي پهچو، جتي بل ڏئي، شيون کڻي اندر يا ٻاهر پيل بئنچن تي کاڌو کائي، پوءِ روانا ٿيو. اهو رواج گهڻو ڪري سڄي يورپ ۽ آمريڪا جي ٽوئرسٽ هوٽلن تي آهي، سو اسان به پنهنجو سامان اندر ڏيئي اچي بس ڀيڙا ٿياسين. بس جا سڀ ٽوئرسٽ اچڻ کان پوءِ اسان بس ۾ چڙهي روم ولايت ڏانهن روانا ٿياسين، جيڪا هاڻ اسان جي ٽوئر جي آخري منزل هئي. اسان جي بس ۾ چڙهڻ ۽ لهڻ جو به هڪ پنهنجو اسٽائيل آهي. ٿيندو هيئن هو جو بس ۾ چڙهڻ ۽ لهڻ وقت اسان جو گائيڊ هڪ هڪ مسافر کي هٿ جي ٽيڪ سان لاهيندو ۽ چاڙهيندو هو ۽ ائين هو مسافرن کي ڳڻي به وٺندو هو ته گهڻا لٿا ۽ گهڻا چڙهيا.

    palijo_hai@hotmail.com
     
  14. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم جناب عبدالحئي پليجو جي لکين ڪالمن جو مجموعو ‏

    وينس جون دلڪش عمارتون ۽ ٻيڙيون!




    سومر 7 جولاءِ 2008ع



    وينس شهر ۾ سمورن آبي رستن تي ڪل 400 مستقل پليون اڏيل آهن، انهن ۾ سڀ کان وڌيڪ سهڻي پل ڊوج جي محل ۽ سرڪاري جيل جي وچواري آبي رستي مٿان اڏيل آهي، هي پل اوچي هئڻ سان گڏ هڪ منفرد ڇت سان ڍڪيل پڻ آهي، اها پٿر جي ٺهيل پل 1600ع ۾ رومي بروڪ طرز تعمير موجب اڏيل آهي.سن 1881ع ۾ هڪ فرانسيسي شهر واري گرانڊ ڪينال ريئلٽو آبي رستي تي ٻاڦ تي هلندڙ آبي بس هلائڻ شروع ڪئي، انهيءَ کي اڃا تائين ويپوريٽي سڏيندا آهن، جيتوڻيڪ هتي هن وقت هلندڙ ٻيڙا ۽ ٻيڙيون ڪئين سالن کان وٺي ڊيزل ۽ ٻين تيلن تي هلندڙ آهن، پر اڃان تائين اسٽيمر سڏبا آهن. هنن اسٽيمرن کان اڳ ۾ شهر ۾ هتي جون روايتي ٻيڙيون هلنديون هيون، جن کي ”گونڊولا“ سڏيندا هئا، اڳي انهن گونڊولا ٻيڙين جو تعداد ڏهه هزار کن هو، پر هاڻي فقط چار سئو باقي وڃي رهيون آهن، اڄ انهن ٻيڙين وارن کي موٽر لانچ ٽيڪسين به ڏاڍو پريشان ڪيو آهي گونڊولا لفظ پهريون ڀيرو يارهين صديءَ ۾ استعمال ۾ آيو، جيتوڻيڪ ان جو اصل بنياد متنازع آهي، شروعات ۾ هن ٻيڙيءَ جي بناوت مختلف ۽ نهايت آسان هئي.سترهين صديءَ ۾ هن جي بناوت ۾ تبديلي آندائون، سندس اڄوڪي بناوت ۾ اها ڪنڊي بنا، تراکڙي، ڊگهي، نهايت سهڻي ۽ وڻندڙ آهي. وينس شهر ۾ اها ڪاٺ جي گهڻن ئي قسمن مان ٺاهيندا آهن. ٻيڙي جا والنٽ ڪاٺ جي يڪي بنڊ مان ٺاهيندا آهن، جيڪو تمام مضبوط ڪاٺ آهي. ٻيڙيءَ جو هڪڙو ڇيڙو وڌيڪ ڳرو ۽ وڌيڪ ٻاهر نڪتل هوندو آهي ته جيئن وانجهي ٻيڙيءَ جو توازن برقرار رکي سگهي. سمورين ٻيڙين کي ڪاري رنگ سان پينٽ ڪيو ويو آهي. البته آڳل واري مٿي وڌيل مهري کي لوهه جو چمڪندڙ پٽ لڳل آهي. مهري ۾ ڇهه سنڱن جهڙا لوهي سوئا لڳل آهن، هنن ٻيڙين جو اهو علامتي نشان هاڻي افاديت وڃائي چڪو آهي.هڪڙي آمريڪي مزاح نگار رابرٽ بينچلي وينس شهر ڏسڻ کان پوءِ نيو يارڪ شهر ڏانهن موڪليل تار ۾ هي لفظ لکيا هئا: Streets full of water, please advise.

    انهيءَ سان گڏ اها به حقيقت آهي ته خشڪيءَ تي پڻ ننڍڙيون گهٽيون ۽ لنگهه موجود آهن. انهن جو تعداد پڻ 3000 کي وڃي رسيو آهي. سندن مجموعي ڊيگهه 90 ميل کن ٿيندي. پاڻيءَ ڀرسان سوڙهي گس کي ”ريوا“ ۽ خلاصي گس کي ”فرنڊامينٽا“ چوندا آهن. آبي رستن کي مٽيءَ سان ڀري، جيڪي خشڪ رستا ٺاهيا اٿن، انهن کي ”ريو ٽيرو“ سڏيندا آهن. مٽيءَ سان ڀرائي خشڪ ڪيل تلاءَ کي وري ”پسينا“ چون. بازار کي روگا، عام گهٽيءَ کي ڪيلي، فرش ٿيل گهٽيءَ کي ساليزاڊ ۽فرش ٿيل سوڙهي گهٽيءَ کي رامو چوندا آهن. آس پاس وارا قديم ڳوٺ جن ۾ دڪان، ڪيفي ۽ چرچ به هوندو آهي، تن کي ”ڪيمپي“ چوندا هئا. اهي هاڻي شهر ۾ شامل آهن. ٻارهين صدي عيسويءَ ۾ شهر کي ڇهن وارڊن ۾ ورهايو ويو هو، جن کي ”سيسٽيري“ چوندا آهن. گهرن جي نمبر شماري گهٽين موجب نه پر ڊسٽرڪٽ ۽ وارڊ موجب ڪيل آهي.

    وينس وارا عام گفتگو ۾ ڪافي حد تائين اڌ اکري ڳالهائيندا آهن. مثال طور گهر لاءِ ڪم ايندڙ لفظ Casa کي گهڻو ڪري Ca اچاريندا آهن.زراعت واري شعبي ۾ به اڃا تائين مقامي طور طريقن جي گهڻائي آهي ۽ جيڪي نوان طريقا ڏسڻ ۾ اچن ٿا تن کي رواج ۾ آڻڻ لاءِ ڪئين صديون لڳي ويون. شهر ۾ عمارت سازي جا به ڪافي قسم جهڙوڪ وينيٽئين يعني مقامي وينس اڏاوت، عربي، بازنطيني،رومي،بروڪ، رنائيسينس ۽ مينرسٽ وغيره.موجودهه هئڻ باوجود انهن سڀني قسمن کي عجيب ڪاريگري سان هڪٻئي ۾ ملائي ڇڏيو اٿن.ان کان سواءِ ڪجهه ٻيا عنصر پڻ ،مختلف تعميراتي طرزن جي سهڻي ميلاپ ۾ معاونت ڪندڙ آهن، مثلن گهٽين پلين ۽ ڪينالن جي وري وري تعمير باوجود انهن جي نقش نگار ۾ اصل سهڻي انگ جو غلبو برقرار آهي.ٻئي طرف شهر ۾ پاڻي تي روشني ۽ رنگن جو ڏاڍو دلڪش منطر آهي. پٿر پگهريل،محل محلاتون پاڻي جي لهرن تي لڏنديون لمنديون ۽ نچندي محسوس ٿينديون آهن ۽ روشني جا رنگين اولڙا سموري ڌرتي توڻي سڄي آسمان ۾ ڦهليل محسوس ڪندي ماڻهو حيران ٿيو وڃي.دل چاهيندي آهي ته، وينس وري وري پيو گهمجي.وينس شهر جو پٿر، پاڻي، هوا ۽ وقت جون غير معمولي نزاڪتون ۽حسن پيازاسين مارڪو نالي عمارت ۾ نرالي خوشنمائي سان اچي گڏيا آهن،جيڪا دنيا جي مشهور عمارتن مان هڪ آهي.هي پنج سئو چوهتر فٽ ڊگهي ۽ ٻه سئو فٽ ويڪري سنگ مر مر جي ٺهيل هئي.سيلون هن پرسڪون شهر وينس جو صدين تائين سياسي ۽ سماجي سرگرمين جو مرڪز ٿي رهي آهي.هن جي ٽن طرفن کان محرابي يعني ونگن وارو ورانڊو ٺهيل آهي ۽ مٿان ٽي سئو چويهه فٽ اوچو ٽاور نصب آهي. هن عمارت جو اڀرندو پويون پاسو سينٽ ارڪواريباسيليڪا(چرچ) ۽ شاهي محل جي عمارتن جي صورت ۾ بند آهي ۽ مٿس سنهري رنگ پينٽ ٿيل آهي،هي ٻئي عاليشان عمارتون پاڻي ۾ اهڙي طرح لڏندي نظر اچن ٿيون.ڄڻ ته سندن رنگ سڄي زمين ۽ آسمان ۾ روشنيءَ سان گڏ پکڙي ويا آهن.اهي عمارتون هوا ۾ ترندي محسوس ٿين ٿيون،ان وقت وينس جي دولت،طاقت ۽سونهن جو تصور حقيقت جي روپ ۾ محسوس ٿئي ٿو.پيازا ۾ داخل ٿيڻ وارو رستو انهي هنڌ وٽ تعمير ٿيل آهي،جتي گرانڊ ڪينال اچي سنٽ مارڪ واري ڪيٿيڊرل جي بيسن سان ملي ٿو،اتي ٺهيل چاڙهين ۽ رڪي کي مولو سڏين ٿا،هتان کان اڳتي وڌندي ٽاور جي پويان ڦرندي پيازا ۾ داخل ٿجي ٿو.اهو رستو قديم لائبريري ۽ شاهي محل جي وچان وڃي پيازا ۾ پهچي ٿو.هن مولو واري چوڪ جنهن کي ”پيازيٽا“ چون ٿا،اتي اوڀر رومي سمنڊ وارن علائقن مان آندل گرينائيٽ پٿر مان ٻه ڪالم ٺهيل آهن.وينس وارن 829ع ۾ سينٽ مارڪ جو مڙهه الينگزينڊريا مان چورائي اچي هتي رکيو،انهي کان اڳ ٿيو ڊور شهر جو روحاني سرپرست هو.شهر جي حاڪم يعني ڊوج جو محل 814ع ۾ سينٽ مارڪ وارو چيپل تنهن کان سورهن سئو سال پوءِ تعمير ٿيو،976ع ۾ شهر جي حڪمرانن پيٽرو ڪينڊ ڊو چوٿين خلاف هلندر بغاوت دوران هنن ٻنهي عمارتن کي باهه لڳي پر ترت ئي نئين سر تعمير ٿيون.

    palijo_hai@hotmail.com
     
  15. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم جناب عبدالحئي پليجو جي لکين ڪالمن جو مجموعو ‏

    روم جي شاندار ماضي جي ڪهاڻي!




    سومر 4 آگسٽ 2008ع



    پاڻ گذريل هفتي روم بابت ڳالهه ان جملي سان ختم ڪئي هئي ته، ”روم ئي سڄي دنيا جو هيڊ ڪوارٽر ۽ مرڪز آهي”. ڪئين سال روم جي حاڪمن هندستان کان وٺي، برطانيا تائين دنيا جي وڏي حصي تي حڪمراني ڪئي، جنهن جا نشان ۽ اهڃاڻ ڏسڻ لاءِ سڄي دنيا جا سياح هن ملڪ جي عظيم شهرن روم، پيسا، وينس ۽ فلورينس کي ڏسڻ اچن ٿا، پر هزارين سال اڳ جيڪا روم جي حيثيت هئي، سا اڄ نه آهي، اڄ جيڪر All roads lead to Rome جي جاءِ تي All roads lead to America چئجي ته، منهنجي خيال ۾ بهتر ٿيندو، ڇاڪاڻ ته دنيا جو سپرپاور هينئر آمريڪا آهي، جيڪو سڄي دنيا تي خاص ڪري اسلامي ملڪن تي ڏنڊو کنيو ويٺو آهي. سو اسان انهيءَ روم شهر ۾ داخل ٿي رهيا آهيون،جنهن جي حاڪمن هتي ويهي، دنيا جي وڏي حصي تي راڄ ڪيو. روم شهر ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ بهتر ٿيندو ته،دنيا جي قديم ۽ جديد شهر جي باري ۾ ڪجهه گفتگو ڪجي.آڳاٽي بادشاهين ۽ ملڪن جي راڄڌاني قديم مغربي دنيا ۾ جنهن سلطنت پنهنجي سياسي سرشتي ۽ عسڪري قوت جا اهڙا ته نه مٽجڻ وارا نشان ڇڏيا جو هن شهر کي هميشه قائم رهندڙ شهر سڏيو ويندو آهي.روم اڄ به ٽن خصوصيتن جو حامل آهي.روم شهر اٽلي ملڪ جي گاديءَ وارو شهر آهي،روم شهر مذهبي اختياريءَ جو پڻ هيڊ ڪوارٽرآهي ۽ ماضيءَ جو تخليقي شاهڪارن جو يادگار پڻ آهي.پوري دنيا ۾ هي واحد شهر آهي، جيڪو ماضيءَ جي يادگارن جي امين هئڻ سان گڏ جديد زندگيءَ جي پڻ سمورن پهلوئن تي دسترس رکندڙ آهي.هي شهر اٽلي ملڪ جي مرڪزي ڀاڱي ۾ ٽبر نديءَ جي ڪناري تي آباد آهي، جيڪا سمنڊ کان پندرهن ميلن جي مفاصلي تي واقع آهي، روم جي پسگردائي وارو علائقو اٽليءَ جي مرڪزي ڀاڱي ۾ اهو علائقو آهي، جتي قديم دور ۾ بلڪل آخر ۾ آبادگاري ۽ آبادي ٿي. شهر بچاءُ لاءِ موزون ٽڪريءَ جي آخري لهواري هنڌ وٽ جتان ٽبر ندي ورن وڪڙن سان لنگهندڙ آهي، انهيءَ ماڳ تي اڏيل آهي. هي شهر هزار سالن کان به وڌيڪ عرصي تائين يورپ جي سمورين تهذيبن جي قسمت جو مالڪ رهڻ، کانپوءِ تنزل ۽ تباهيءَ جو شڪار ٿي ويو، قرون وسطيٰ جي آخر ۾ اهو جسماني طور جڏو، اقتصادي طور مفلوج، سياسي طور پسمانده ۽ عسڪري طور تي بي پهچ ۽ چٽ ٿي ويو. انهيءَ جي باوجود ضابطه اخلاق يعني قانون ٺاهي ڏيندڙ، استاد ۽معمار جي حيثيت ۾ روم جو اثر رسوخ سموري يورپ ۾ مسلسل طور پکڙندو رهيو.جيتوڻيڪ ڇهين کان پندرهين صديءَ تائين واري عرصي دوران ڪيٿولڪ عيسائي اڳواڻن يعني پوپن جي صورتحال ڀيانڪ رهي، پر روم جي شهر کي عيسائيت جي مرڪز واري عظمت جو احساس هو ۽ حالتن جي موافق تبديليءَ سان آهستي آهستي پنهنجو اقتدار ۽ اقتصاد وري حاصل ڪري ورتو ۽ علوم و فنون ۽ سونهن سوڀيا واري شهر جي حيثيت سان نئين سر ترقي ڪئي.

    جيتوڻيڪ روم شهر جي ماڳ تي براتر ڌاتو، واري تهذيبي دور ۾ يعني عيسيٰ عليه السلام کان پندرهن صديون کن اڳ ۾ انساني آبادڪاري جا آثار ملن ٿا. مسيح کان اڳ واري هزار ساله دور جي اوائل تائين ماڻهن جي هتي مسلسل ۽ مستقل آبادڪاري ڪا نه ٿي هئي، هتي اٺين صدي قبل مسيح ڌاري مختلف هنڌ يورپ قبيلن جا هڪٻئي کان الڳ الڳ ڪجهه ڳوٺ نمودار ٿيا، هي ماڻهو لوهه جا اوزار استعمال ڪندا هئا. هنن پهريون پيليٽائين ۽ اوينٽائين ٽڪرين تي ڳوٺ ٻڌا، پوءِ ڀر واري ايراضي ۾ آبادڪاري ٿي، سندن اوزارن ۽ خصوصن سندن تدفين وارين رسمن ۾ اختلاف هئڻ مان پتو پوي ٿو ته، اهي جدا جدا قبيلا هئا، انهن ۾ لاطيني، سيبائين ۽ ٻين قبيلن جا ماڻهو شامل هئا، جن هن شهر جي بنياد وجهڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ستين صدي قبل مسيح ۾ پيليٽائين، ايسڪيو لائين ۽ سيليئن ٽڪرين جي وچ واري وادي ۾ آبادڪاري ٿيڻ سان ويجهيون وستيون ۽ واهڻ هن وڏيءَ آباديءَ ۾ ضم ٿيڻ لڳا، هن صديءَ جي خاتمي کان اڳ ڌاري قبرستان واري هيٺاهين ايراضيءَ جتي ڪني پاڻي جا دٻا هوندا هئا، انهيءَ کي خشڪ بنائي اتي ڪکاوان گهر ۽ جهوپڙيون اڏي ماڻهو رهڻ لڳا،هن علائقي کي فورم ويلي سڏيندا هئا.

    گذر جي زراعتي ۽ دهقاني وسيلن ۾ واڌاري سبب هنن ماڻهن يوناني ۽ ايٽريو ريا ملڪ جي ماڻهن سان واپاري ناتا جوڙيا، ڇهين صدي قبل مسيح جي اوائل ڌاري اتر طرف ايٽريوريا وارين شهري رياستن جي اثر ۽ ادم تحت هڪ سياسي طور متحده شهري رياست طور روم شهر جو بنياد پيو. هيءَ شهري رياست پنهنجي بادشاهت جيڪي ڪل ست هئا ۽ انهن مان پويان ٿي ايٽرسڪين Etruscan يعني ايٽريوريا جا باشندا هئا، جي حڪومتن دوران اٽلي واري مرڪزي ڀاڱي ۾ زبردست قوت ٿي اڀري. هن اوائلي بادشاهي نظام دوران سماجي ۽ معاشي اختلافن سبب هٽي واري سماج ۾ ٻه مختلف طبقا پيدا ٿيا، انهن مان هڪڙو Patrician يعني اصلي رومي شهرين تي مشتمل طبقو ۽ ٻيو پليئن يعني نئون رومي امير طبقو سڏجڻ لڳو، هنن متضاد طبقن جي سياسي اقتدار جي حصول لاءِ ڪشمڪش هن اوائلي رياست تي وڏو اثروڌو، شروعات ۾ قبائلي تنظيم حڪومت قائم ڪئي، تنهن جي جاءِ تي فوج تي مشتمل جماعت جي حڪومت برپا ڪئي وئي، پوئين بادشاهي دور ۾ انهيءَ فوجي تنظيم ۾ شاهوڪار ۽ امير طبقو شامل هو. سن 509 قبل مسيح يا هڪ ٻه نسل پوءِ ڌاري روم جي آخري بادشاهه جو تختو اونڌو ٿيڻ ۽ روم ۾ عوامي حڪومت جي قيام سان گڏ وچ اٽليءَ ۾ ايٽرسڪن اقتدار يعني ايٽريورياجي پيدا ٿيل هن امير طبقي جنهن مان روم جا پويان ٽي بادشاهه به هئا، جو زوال شروع ٿي ويو.

    palijo_hai@hotmail.com
     
  16. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم جناب عبدالحئي پليجو جي لکين ڪالمن جو مجموعو ‏

    اصلوڪن رومين جي نون رومين سان جنگ!




    سومر 11 آگسٽ 2008ع



    اهي ڪونسل اصل رومي رهواسي هئا، جيڪي امين جي حيثيت سان حڪومت جوانتظام سنڀاليندا هئا. ريپبلڪ حڪومت دوران ايٽرسڪن حڪمرانن وارا طور طريقا، اهڃاڻ ۽ علامتون ته هيون، پر انهن ۽ يوناني بيٺڪن سان جيڪي ڏکڻ اٽلي ۾قائم هيون،تن سان تجارتي تعلقات آهستي آهستي گهٽجي ويا. معاشي بحران جي نتيجي طور اناج جي سخت قلت ٿي پئي، جنهن ڪري شهر وقفي وقفي سان ڪيترين وبائن جو ڪئين صدين تائين شڪار ٿي پئي سگهيو، نيٺ حڪومت سستي اگهه تي اناج خريد ڪرڻ لاءِ مجبور ڪئي وئي. سياسي انقلاب جي نتيجي ۾ معاشي پسماندگي پيدا ٿي پئي. ”پيٽريشيئنس“ يعني اصلي رومين ۽ پليبنس يعني ڌارين جي وچ ۾ پهرئين وڏي مقابلي جي نتيجي طور پنجين صدي قبل مسيح جي وچ ڌاري ريتن رسمن ۽ اخلاقي اصولن کي قانوني طور لکت ۾ آندو ويو. انهن کي Law of the twelve table جي نالي سان سن 450-451 قبل مسيح دوران محفوظ ڪيو ويو. ٻئي طرف ڌارين پنهنجي سياسي تنظيم ٺاهي، جنهن جا اڳواڻ اصلوڪن رهواسين جي ڌر جي مقرر ڪيل امينن جي فيصلن کان ڌارين کي بچائيندا هئا. پنجين صدي قبل مسيح جي پوئين اڌ ۾ روم وري به پنهنجي آسپاس وارن علائقن تي قبضي ۾ توسيع شروع ڪئي، جنهن جو ڇيهه وڃي سن 396 قبل مسيح، ايٽرسڪن شهر ”وِي“ جي فتح تي ٿيو.

    سن 390 ق _م ۾ قديم فرينچ جنگي سردارن جي لشڪر روم شهر جو محاصرو ڪيو، جيڪو ساڍا ست مهينا هليو. گهڻي ڦرلٽ ۽ تباهي مچائڻ کانپوءِ نيٺ اهي هتان موٽي ويا، روم شهر جو فقط هڪڙو ڪيپيٽو لائين وارو حصو رومين جي هٿن ۾ وڃي رهيو، ان کانپوءِ رومين شهر جي تعمير نو جو ترت عزم ڪيو، هڪدم ”ٽوفا پٿر“ جي وڏين ڇپن سان شهر جي چوڌاري ڪوٽ اڏڻ شروع ڪيائون. هن دور جي پوين ليکڪن مان هڪڙي ”Livy“ نالي شخص روم جي تعميرات ۾ بيترتيبيءَ جو ذڪر ڪندي بيان ڪيو آهي ته، هي ڄٽن جو شهر ٿو لڳي، جنهن جي تعميرات ۾ڪا به صحيح منصوبابندي نظر نه ٿي اچي، پر انهيءَ بيتر تيبيءَ سان اڏيل ڪوٽ کي مسلسل ايندڙ اٺن صدين تائين ڪو به حمله آور ٽوڙي نه سگهيو. فرينچ حملي سبب پيدا ٿيل اقتصادي بحران جي ڪري به خالي هڪ ڀيرو ٻيهر اصلوڪن ۽ ڌارين رومين ۾ اختلاف وڌيا، پر ڌارين پنهنجي ڏاهپ سان گهڻن ئي قانوني معاهدن تحت چوٿين صدي قبل مسيح جي خاتمي کان اڳ ۾ ئي اقتدار جي ايوانن ۽ دفترن ۾ اڪثريت حاصل ڪري ورتي ۽ سندن اسيمبليءَ طرفان پاس ڪيل قانونن کي سمورن اصل توڙي ڌارين رومين سان لاڳو قرار ڏنو ويو. قرض ۽ زمين جي ورهاست بابت معاشي قانونسازي هيٺين طبقي کي بدحاليءَ مان نجات ڏيارڻ لاءِ سندن حق ۾ ڪئي وئي.

    وڏي پيماني تي منصوبابندي کانسواءِ به سن 375 ۽ 275 ق م جي وچ واري عرصي ۾ رومي رياست پنهنجي واضح سرحدي توسيع ۽ ڪافي پائيدار معاشي فائدا مهياڪيا. رومي حڪومت سموري پيننسولر اٽلي يعني سموري اپٻيٽ تي ڪنٽرول حاصل ڪرڻ سان پنهنجي فتح ڪيل علائقن ۾ بيٺڪون قائم ڪيون ۽ رومي شهرين کي انفرادي طور جاگيرون عطا ڪيون. ٽئين صدي قبل مسيح جي وچ کان اڳ ئي سٺ هزار کن اهڙا زميني قطعات ماڻهن ۾ ورهائي رومين جو زمين لاءِ شوق پورو ڪيو ويو ۽ ڪجهه زور ٽوڙيو ويو. 250 قبل مسيح ۾شهر جي آبادي هڪ لک کي پهچي وئي. فتوحات مان حاصل ٿيل مال غنيمت شهر ۾مندرن، رستن ۽ پاڻيءَ جي رسد وارن منصوبن لاءِ گهربل پيسو مهيا ڪيو. ٽئين صدي قبل مسيح جي شروعات ۾ شهر ۾ تازو پاڻي آڻيندڙ ٻه هٿرادو ٺاهيل چينل شهر ۾ خوش اصلوبيءَ سان چالو ٿيا، سن 264 ق–م ۾ روم، اتر آفريڪا ۾ قائم هڪڙي زبردست فونيشيائي نسل جي ڪارٽيج حڪومت سان جنگ ۾ ڦاسي پيو، هڪڙي پوري صديءَ کان وڌيڪ عرصي دوران هنگامن، مقابلن ۽ ڪاميابين کانپوءِ روم هن سموري رومي سمنڊ سان وابسته سمورن ملڪن ۾ سڀ کان وڌيڪ طاقتور ملڪ ٿي اڀريو، پر هيڏي وڏي سلطنت جي نگهداشت لاءِ رومي ماڻهن جي شعوري طور تي خواهش نه هئڻ سبب روم جي شهر واسين لاءِ ڪئين نوان سماجي ۽ معاشي مسئلا پيدا ٿيا. سن 218 کان 201 ق–م تائين رومين ڪارٿيجي فوجن جي ٻي جنگ سبب اٽلي واري اپٻيٽ جي وڏي حصي ۾ قتل و غارت ۽ ڦرلٽ سان تباهي آئي. ڪافي زمينن تي قبضو ڪيو ويو ۽ اتي آباد رومين ڀڄي روم شهر ۾ اچي پناهه ورتي، ان وقت ڪارگيج فوجن جو سپهه سالار ”هنيبال“ هو. رومي امير طبقي جنهن کي روم شهر ۾ صنعت توڙي تجارت، سيڙپ جي قانون موجب منع ٿيل هئي، تنهن ڏکڻ ۽ وچ اٽليءَ واري ڏتڙيل آبادگار طبقي مان ناجائز فائدو وٺندي تمام سستي اگهه سان زمين جي وڏي ايراضي خريد ڪئي. روم جي ماضي بابت اتي جي رهواسين کان ٻڌي ۽ پڙهي جيترو مزو آيو اوترو روم جي حال کي ڏسي به نه آيو.

    palijo_hai@hotmail.com
     
  17. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم جناب عبدالحئي پليجو جي لکين ڪالمن جو مجموعو ‏

    آگسٽس جي آندل سڌارن کانپوءِ وارو روم!




    سومر 18 آگسٽ 2008ع



    ٽبر نديءَ تي شهر ۾ پهرين پل سن 142 قبل مسيح ۾ ۽ تمام گهڻي اوچائي تي پهرين پاڻي جي ٽانڪي سن 144 قبل مسيح ۾ ٺاهي وئي، جنهن کانپوءِ شهر جي اوڀر طرف واري مٿانهين پٽ تي پڻ آبادڪاري شروع ٿي وئي. جوليئَس سيزر روم جو پهريون بادشاهه هو، جنهن شهر توڙي ملڪي مسئلن ۽ ڪمن کي صحيح منصوبا بنديءَ موجب سرانجام ڏيڻ جي سنجيده ڪوشش ڪئي. ڪيمپس مارشس وارو راندين جو ميدان ۽ ٽبر ندي جي سڌاري جو پروگرام به هن جي منصوبن ۾ شامل هو، پر پنهنجي منصوبن کي عملي جامعو پهرائڻ جي تائين جي موت جي فرشتي هن کي مهلت نه ڏني. سندس هنج ۾ ورتل پٽ ۽ جاءِ نشين آگسٽس روم شهر کي نئين سلطنت جي عظيم راڄڌاني بنائڻ جي ڪوشش ڪئي. هن جي ان ڳالهه ۾ وڌاءُ آهي ته،کيس روم سرن جو ٺهيل مليو ۽ مون انهيءَ کي سنگ مرمر سان تعمير ڪرايو پر ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هن ۽ سندس ساٿين شهر ۾ ڪئين عمارتون، مندر، ٿيٽر، حمام، ڦوهارا، راندين جا ميدان،بازاريون ۽ گودام وغيره اڏايا. قديم اڏاوتن جي مرمت جو ڪم شروع ڪرائڻ سان غريب طبقي کي روزگار ته مليو، پر شهر جي اڏاوت بابت گهربل شهري منصوبابندي نه هئڻ سبب اهي غير محفوظ ۽ صفائي کان وانجهيل جاين ۾ ڦاٿل رهيا. آگسٽس جي هڪ دوست ۽ مددگار ايگريپا پنهنجي تمام گهڻي دولت شهر کي وڌيڪ سهڻو بنائڻ ۽شهر ۾ پاڻي جي رسد واري نظام کي سڌارڻ تي خرچ ڪئي. اميد ته، توهان کي روم جي باري ۾ ڪافي معلومات ملي وئي هوندي.

    اسان جي گائيڊ ٻڌايو ته، پاڻ هوٽل پارڪ ڪوسٽانز ۾ رهنداسين، اسان جي بس جيئن ئي شهر ڏانهن هلڻ لڳي ته گائيڊ انهن ماڳن مڪانن يا جاين جي باري ۾ اسانکي ٻڌائڻ شروع ڪيو ۽ اهو پڻ اتي ئي ٻڌائين ته، توهان اڄ رات جو روم باءِ نائيٽ ۾ هي، هي جڳهيون ڏسندا، وري سڀاڻي سڄو ڏينهن ويندي رات سوڌو ۽ انهيءَ کانپوءِ ٻي ڏهاڙي به ڏسڻ لاءِ تمام سهڻين جاين جي چونڊ ڪئي وئي آهي. هوٽل پهچڻ کان اڳ ٻڌائين ته توهان جلد تيار ٿي هيٺ اچجو، ته جيئن جلد ٻاهر هلون ۽ گهڻي کان گهڻيون جايون ڏسي سگهون. دستور موجب گائيڊ اسان مان هڪ هڪ سياح کي هٿ ڏئي گائيڊ بس مان هيٺ لاهيندو ويو ۽ اسان بس هيٺ ئي انتظار ۾ بيهي رهياسين، جيئن سڀ جا سڀ مسافر هيٺ لهن ته پوءِ گڏجي هوٽل جي لابيءَ ۾ گائيڊ جي سربراهيءَ ۾ وڃون، نيٺ آخر ۾ بس مان هانگ ڪانگ جون ٻه ڇوڪريون لٿيون، اسان گائيڊ جي پٺيان پٺيان هوٽل لابي ڏانهن روانا ٿياسين، دستور مطابق پهريائين هميشه هوٽل جي ڪمرن جون چاٻيون اسان کي گائيڊ ڏنيون ۽ اسان پنهنجي ڪمرن ٻاهران رکيل سامان کي کڻي ڪمري اندر گهڙياسين، هميشه وانگر آئون ۽ منا هڪ ڪمري ۾ فرخ ۽ نور ٻئي ڪمري ۾ مون فرخ ۽ نور کي چيو ته، جلد تيار ٿي هيٺ اچجو ته ٻاهر روم باءِ نائيٽ پروگرام لاءِ هلبو. هوٽل جو ڪمرو يورپ جي سڀني ٻين هوٽلن وانگر تمام ويل ڊيڪوريٽيڊ يعني مني بار سينٽرلي ايئرڪنڊيشن، ڊبل ڪارپيٽيڊ، نفيس ۽ سهڻو فرنيچر ۽ ڪلر ٽي وي رکيل هئي.جڏهن اسان ٽي وي کولي ته هيترن سارن چئنلن مان صرف هڪ انگريزي چئنل سي اين اين هو، باقي ٻيا سڀ يورپ جي ٻين ملڪن جي ٻولين جا هئا جن جو هڪ لفظ به سمجهه ۾ نه پئي آيو، باقي ويٺا شڪليون ڏسو. انگلينڊ، آمريڪا يا جتي انگريز حاڪم رهيا آهن، انهن ملڪن کانسواءِ ٻين ملڪن جي ماڻهن کي انگريزي جو هڪ لفظ به نٿو اچي. جيئن پاڻ کي فرينچ، جرمني ۽ اٽلين ڪو نه اچي وري جت جت دنيا ۾ جرمن، فرينچ ۽ اٽلين حڪومت ڪئي آهي ته، اتي وري اهي ٻوليون رائج آهن، يعني دنيا جي جن به ملڪن تي حاڪم قومن حڪومتون ڪيون ته اتي اهي پنهنجي زبان، مذهب ۽ ڪلچر جا اهڃاڻ به ڇڏي ويون، جنهن جي مثال لاءِ پنهنجو صوبو يا گڏيل هندستان ئي ڪافي آهن. سنڌ ۾ پهرئين ٻڌ مذهب هو، پوءِ جڏهن راءِ سهاسي ۽ ان کان اڳ هندو حاڪم ٿيا ته ٻڌ مذهب جو زور آهستي آهستي گهٽجڻ لڳو، جڏهن راجا ڏاهر جي وقت ۾ ديبل ۽ سڄي سنڌ تي مسلمانن ڪاهه ڪئي، تڏهن ٻڌ مت وارن مسلمانن جي ڀرپور مدد ڪئي ۽ ائين مسلمانن جي سنڌ تي حاڪم ٿيڻ ڪري، هندو مذهب آهستي آهستي گهٽجڻ لڳو ۽ مسلمانن جو تعداد وڌڻ لڳو. اهڙي نموني وري جڏهن سنڌ ۽ گڏيل هندستان جا حاڪم انگريز عيسائي ٿيا ته، هزارن لکن ۽ هندستان ۾ ته ڪروڙن جي تعداد ۾ ماڻهو عيسائي ٿيا، خاص ڪري گهٽ جاتين وارا ماڻهو وڏي تعداد ۾ عيسائي ٿي رهيا آهن ۽ هندستان جي ڪن صوبن ۾ انهيءَ عمل کي روڪڻ لاءِ قانون پڻ ٺاهيا ويا آهن. انگريزن سنڌ فتح ڪرڻ شرط ڪراچيءَ ۾ گرجا قائم ڪئي، پر هاڻي انگريز حاڪم ته نه رهيا آهن، پر عيسائي مشنري گهٽ جاتين ۽ ڏتڙيل ماڻهن ۾ وڏي تعدا ۾ پيسو خرچ ڪري رهي آهي، جنهن کي هيومن رائيٽس وارا به هلڪي ڦلڪي نموني سان سپورٽ ڪن ٿا. مون ڏٺو آهي ته هيومن رائيٽس وارا مقامي مظلوم قومن تي ٿيل ظلمن تي گهٽ ٿا ڏيان ڏين، پر اقليت خاص ڪري عيسائين ۽ عورتن جي حقن کي وڌيڪ ٿا اهميت ڏين، سو عيسائين جون گرجائون ننڍن ننڍن ڳوٺن تائين قائم ٿي ويون آهن. ٽنڊي محمد خان جي ڀرسان هڪ ننڍي ڳوٺ ۾ پانڌي واهه جي ڀرسان پڻ عيسائين هڪ وڏي مشينري قائم ڪري رکي آهي، هنن کي مغربي ملڪ وڏيون امدادون ٿا ڏين ۽ عيسائين جي ٻارن کي مغربي ملڪ وڏيون امدادون ٿا ڏين ۽ عيسائين جي ٻارن کي وڏي تعداد ۾ ڪافي اسڪالر شپون به ڏيندا آهن. اسڪولن ۽ اسپتالن ۾ انهن نون عيسائين کي وڏيون سهولتون مليل هونديون آهن، هت رهندڙ عيسائيت جون همدرديون هن ڌرتي سان نه پر يورپ ۽ آمريڪا سان آهن، جنهن تي هڪڙي ڏاڍي مزيدار هندستاني فلم به ٺهيل آهي. جنهن جو نالو ”جولي“ آهي. هي هڪ وڏو بحث آهي، جنهن کي اتي ئي ڇڏيون ٿا، پاڻ واپس ٿا هلون اٽليءَ جي گادي واري شهر روم ڏانهن جتي پنهنجي ٽي وي آڻي پاڻ کي پانڌي واهه پهچايو.

    اسان ڪمري ۾گهڙڻ شرط پهريائين چانهه پيتي پوءِ ٿورو ليٽي فريش ٿي هيٺ هوٽل جي لابيءَ ۾ آياسين ته ڪافي ٽوئرسٽ اڳيئي ويٺا گپ شپ هڻي رهيا هئا، مون ڏٺو ته سڀ جا سڀ سياح ڪپڙا بدلائي آيا هئا، سواءِ مون ۽ منا جي، نور ۽ فرخ به اچي ويا هنن کي به لنڊن مان ورتل بهترين شرٽس پيل هيون.ان وچ ۾ اسان جو گائيڊ به اچي ويو جنهن اسان کي ٻڌايو ته، روم ڏينهن رات سياحن لاءِ کليو پيو آهي، پاڻ شهر جو چڪر لڳائينداسين، خاص خاص جڳهين تي بيهنداسين ۽ رات جو دير سان ڊنر ڪري پوءِ واپس هوٽل تي هلنداسين. ٻئي ڏهاڙي به سڄو ڏينهن شهر ۾ مصروف گذاربو ۽ صبح جو سوير اٿبو، اسان گائيڊ جون هدايتون ٻڌي اچي بس ڀيڙا ٿياسين ۽ اسان جي بس روم جي رستن تي جهرمر جهرمر روشنين ۾ ڊوڙڻ لڳي. رات ٿي چڪي آهي، سڄو روم روشنين ۾ جرڪي رهيو آهي، روم جا رهواسي ۽ سڄي دنيا جا سياح رات جو روم کي گهمڻ لاءِ اسان وانگر نڪري پيا آهن. جڳ مڳ روشنيون، رستن تي زندگي روان دوان، اسان به اڳتي وڃي رهيا آهيون ۽ اسان جو گائيڊ اسان کي هر هڪ ماڳ مڪان جي باري ۾ سهڻي نموني سمجهائيندو رهيو، اسان جي بس هاڻ اڳتي وڃي رهي آهي.

    palijo_hai@hotmail.com
     
  18. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم جناب عبدالحئي پليجو جي لکين ڪالمن جو مجموعو ‏

    روم شهر جي رستن تان گذرندي!




    اڱارو 2 سيپٽمبر 2008ع



    سامونڊي جهازن ۾ هزارن جي تعداد ۾ چڙهي پهريائين اٽليءَ اچن پوءِ سڄي يورپ ۾ پکڙي وڃن، ڪڏهن ڪڏهن ته اهي غير قانوني اميگرنٽس سوَن جي تعداد ۾ انهن َجهازن ۾ مريو وڃن. هونئن به اٽليءَ وارن جونعرو آهي، Via–San–Pietro يعني ”عورت پئسو ۽ ڏوهه“. آمريڪا ۽ لنڊن ۾ شيدين جو به اهو ئي حال آهي. سو سائين اسان به روم جا محل ۽ محلاتون حسين ڦوهارا ڏسندا اچي پنهنجي آخري پروگرام يعني رات جي مانيءَ واري هوٽل تي پهتاسين، جتي اسان جي اچڻ جو اڳ ۾ ئي اطلاع ۽ اهتمام ٿيل هو. هوٽل جي اسٽاف اسان کي خوش آمديد چيو ۽ مقرر ڪيل جڳهه تي آڻي ويهاريو، پهريائين کاڌو کارايائون، جنهن ۾ ڪنئين روايتي اٽليءَ جا طعام شامل هئا. جنهن کانپوءِ راڳ رنگ جي محفل ٿي ۽ آخر ۾ کل ڀوڳ ڏاڍو مزو آيو، بهترين پروگرام ٿيو، ٽن چئن ڪلاڪن جو پروگرام کن پل ۾ گذري ويو. خبر ئي نه پئي، رات جو دير سان اچي هوٽل تي پهتاسين. نور وارا پنهنجي ڪمري ۾ ۽ اسين پنهنجي ڪمري ۾ اچي آرامي ٿياسين. دستور مطابق صبح جو سوير منا قرآن شريف جو دور ڪيو ۽ پوءِ اسان روم جي گهٽين ۾ ٿوري دير واڪ ڪري واپس پنهنجي ڪمري تي اچي تيار ٿي هيٺ هوٽل جي ڊائينگ هال ڀيڙا ٿياسين، جت اسان جي ٽوئر وارن کانسواءِ ٻيا به ڪيترائي سياح ويٺا هئا. هر ڪو پنهنجي ڌُن ۾ مگن هو، اسان کان هوٽل رسپشن وارن پنهنجو ٽوئر نمبر پڇيو تنهن کانپوءِ ٻڌائون ته توهان جي بريڪ فاسٽ جو بندوبست فلاڻي هال ۾ آهي. ٿيندو ائين ته هڪڙي هوٽل ۾ ڪنئين سياح رهندا آهن، تنهن ڪري رش کان بچڻ لاءِ هر ٽوئر گروپ جو مختلف فلورن تي مختلف هالن ۾ صبح جو ناشتي ۽ رات جي مانيءَ جو بندوست ٿيل هوندو آهي. ڇاڪاڻ ته ٻنپهرن جو سياح هوٽل تي ڪو نه ايندا آهن، گهمڻ جا سمورا بندوبست اهڙي نموني رکيل هوندا آهن، جو شام يا رات کانسواءِ واپس هوٽل اچڻ جو ڪو به امڪان نه هوندو آهي، تنهن ڪري لنچ گهڻو ڪري ٻاهر ڪبي آهي. هونئن به سياح، سيلاني ٻنپهرن جي مانيءَ کان وئون ويندا آهن، ڇو ته ٻنپهرن جي ماني کائڻ کانپوءِ ماڻهوءَ جو بدن ڪجهه دير لاءِ ڳرو ٿيو پوي.

    سو ڪنهن به نئين شهر يا ملڪ ۾ ماڻهو جو ذهن سڄو گهمڻ ڦرڻ ڏانهن هوندو آهي، سو مانيءَ ڏانهن توجهه گهٽ هوندي آهي. اسان ڄاڻايل هال ۾ داخل ٿياسين ته، اسان جي ٽوئر گروپ وارا سڀ سياح ناشتي کي لڳا پيا هئا. اسان به پليٽ کڻي ناشتي لاءِ گهربل کاڌو ان ۾ کنيو ۽ پري هڪ ڪنڊ ۾ وڃي کائڻ ويٺاسين. ناشتو ڪري ٻاهر بس ڏانهن روانا ٿياسين، فرخ ۽ نور به اتي ٻين سياحن سان ڪچهري ڪري رهيا هئا، اسان دستور مطابق گائيڊ جي هٿ ۾ هٿ ملائي بس ۾ چڙهياسين.

    گائيڊ سڀني سياحن کي هيلو هيلو ڪيو، پوءِ سڄي ڏينهن جي ٽوئر پروگرام جي باري ۾ ٻڌايو. اسان جي پهرئين منزل ويٽيڪن سٽي هو، جنهن ۾ تقريبن چار پنج ڪلاڪ گهمڻو هو، اسان جي بس اٽليءَ جي قديم شهر روم جي رستي تي هلڻ شروع ڪيو، ستن ٽڪرن تي اڏيل خزانن ۽ دنيا جي سياحن جو مرڪز، رنگ برنگي ڦوهارن، قديم گرجائن، گنبذن ۽ مينارن واري روم کي ڏسڻ لاءِ ڏينهن نه پر مهينا کپن، پر اسان وٽ هن عظيم شهر کي ڏسڻ لاءِ صرف ٽي ڏينهن ۽ ٻه راتيون هيون. جنهن ۾ ڪوشش ڪبي ته اسان گهڻو ڪجهه گهمون ۽ توهان کي به گهمايون. بس هڪ چوڪ تي ڦيرو کائي وري رستي تي ڊوڙڻ لڳي ته، گائيڊ ٻڌايو ته، هيءَ روم جي عظيم ريلوي اسٽيشن آهي. جنهن جو نالو اسٽيزيئني آهي. ريلوي اسٽيشن سان گڏ زير زمين ريلوي نظام پڻ آهي، جنهن کي هت ميٽرو چون، ان جو مرڪز به هتي آهي. جيئن لنڊن ۾ V–T آهي، يعني سڄي شهر ۽ ٻين شهرن ڏانهن ويندڙ مواصلاتي نظام جو مرڪز، جتي پهچي سياح جتي چاهي اتي وڃي سگهي ٿو، مغربي يورپ ۾ سڄو ريلوي نظام يورو ٽرين جي ڪري هڪ ٻئي سان گڏيو پيو آهي، روم شهر ۾ ٻه انٽرنيشنل ايئرپورٽ آهن، هڪ جو نالو ليونارڊو ڊاونچي آهي، اها جڳ مشهور شخصيت آهي، جنهن موناليزا جي تصوير ٺاهي هئي. اسان جي بس ويٽيڪن سٽي پهچي چڪي آهي،اندر وڃڻ لاءِ سياحن جون وڏيون وڏيون قطارون لڳيون پيون آهن، پر جيئن ته اسان جي اڳ ۾ بڪنگ ٿيل هئي، تنهن ڪري اسان جي گائيڊ ٻاهر سيڪيورٽي وارن سان ڪجهه ڳالهه ٻولهه ڪري، اسان کي اندر هلڻ لاءِ چيو، اندر به تمام گهڻي رش هئي،ا سان کي اندر گهمائڻ لاءِ هڪ مقامي عورت گائيڊ هئي،جيڪا اڳ ۾ ئي اسان جو انتظام ڪري رهي هئي ته پاڻ اندر ڇا ڇا گهمنداسين، جي هڪٻئي کان جدا ٿيون ته وري ڪٿ ملنداسين، اندر فلم ڀرڻ ۽ فوٽو ڪڍڻ بلڪل غير قانوني آهن. تنهن ڪري ڪا به فلم نه ڀربي ۽ فوٽو به ڪو نه ڪڍبا، اسان پنهنجي گائيڊ جي رهبري ۾ پنهنجي اڄ جي پهرئين پروگرام جي شروعات ڪئي. منهنجي گهڻي ۾ گهڻي ڪوشش هوندي آهي ته آئون توهان کي دنيا جي هن عظيم تاريخي ورثي متعلق هر ننڍي وڏي ڳالهه کان واقف ڪريان ۽ پاڻ سان گڏ وٺي هر ننڍي وڏي شيءِ ڏيکاريان ۽ گهمايان، اميد آهي ته توهان مون سان گڏ هوندا ۽ منهنجي هن پورهئي کي ضرور پڙهندا.

    ويٽيڪن شهر ۾ سينٽ پيٽر وارو چرچ باسيليڪا، ٽيسٽائن چيپل يا گرجا ويٽيڪن شهر ۾ ڪرستانن جا عجائب گهر، پڪچر، گيلري ۽ لئبريري آهن، ويٽيڪن شهر دنيا جي ننڍي ۾ ننڍي رياست آهي، جنهن کي سن 1929ع ۾ رومن ڪيٿولڪ چرچ جي حڪومت ۽ ان جي اڳواڻ پوپ جي رهائشگاهه ۽ حڪومت گاديءَ طور قائم ڪيو ويو. هي شهر 44000 چورس ميٽرن جي ايراضيءَ تي پکڙيل آهي. سينٽ پيٽر جي سجاده نشين جي قيام گاهه هئڻ سبب رومن ڪيٿولڪ عيسائي فرقي جو اخلاقي ۽ روحاني مرڪز ٿي ويو. اوائل ۾ پوپ ليٽران محل ۾ قيام پذير هو، جيڪو محل شهنشاهه ڪانسٽينٽائين مذهبي پيشوائن کي عطئي طور ڏنو، هن بادشاهه ليٽران محل وارو باسيليڪا چرچ به جوڙايو هو. قرون وسطيٰ يعني وچئين دور ۾ ليٽران محل واريون عمارتون تقريبن زبون ٿي وَيون آهن، تنهن ڪري عيسائي پيشوا پوپ مبلغ اول سينٽ آگسٽين جي مزار تي بادشاهه ڪانسٽينٽائين طرفان اڏايل سينٽ پيٽر واري باسيليڪا ۾ رهڻ لڳا. ويٽيڪن شهر ۾ داخل ٿيڻ لاءِ چورس پلرَن سان گهيريل هڪ ڪشادي هال مان لنگهڻو پوي ٿو.

    palijo_hai@hotmail.com
     
  19. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم جناب عبدالحئي پليجو جي لکين ڪالمن جو مجموعو ‏

    رومين پاران پادرين کي قيد ڪرڻ وارو واقعو!




    سومر 8 سيپٽمبر 2008ع



    اسان هاڻي برنيني واري مثالي ايمبريس چورس پيلرن سان ٺهيل جاين سان گهيريل شاهي ورانڊي ۾ پهچون ٿا،جيڪو 284 پيلرن تي مشتمل آهي. انهي جي وچ تي ڪيليو گولا ۽ نيروجي سرڪس واري ڳاڙهيگرينائيٽ پٿر جو هڪڙي مصري طرز جو پيلر اوبيلسڪ آهي،ان جي ٻنهي طرفن تي مشرقي گرينائيٽ پٿر جي شاهي ڇپن مان تراشيل بيسنس ۾ ڦوهارا ٺاهيل آهن. ساڄي طرف وارو ميڊرنو 1613ع ۾ ۽ کاٻي طرف وارو 1675ع ۾ برنيني جوڙايو هو. وارانڊي جي پيلرن جي چوڌارا سينٽن جا مجسما سجايل آهن. ورانڊي پيزا جي مکيه شيءَ سينٽ پيٽر وارو گرجا بيسيليڪا پنهنجي نرالائي ۾ عيجب آهي. موجوده گرجا اصل ڦٽڻ سبب 1506ع ۾ نئين سر ٺاهڻ شروع ڪيو.

    سينٽ پيٽر وارو اصل باسيليڪا بادشاهه ڪانسٽينٽائين جوڙايو هو، جيڪو پهرئين عيسائي مبلغ پيشوا جي مزار تي جوڙايو ويو هو. وچئين دور ۾ ناگهاني اسباب سان ڦٽي وقت جي ماهر معمار ”بريمينٽ“ تيار ڪيو ۽ ڪم جي شروعات ڪئي. هن کانپوءِ وارن معمارن جهڙوڪ رافائيل، بالڊاسير، اينٽونيو ۽ مائيڪل اينجيلو سندس رهنمائي حاصل ڪئي ۽ ان جي روشنيءَ ۾ اڳتي وڌيا. پوءِ وارن فنڪارن مان هڪڙي بريمينٽ جي نقشي موجب يوناني طرز جي صليب وارو باسيليڪا جيڪو ٻٽي گنبذ سان ڇانيل هو جوڙيو. سترهين صديءَ جي شروع ۾ پوپ پال پنجين طرفان مقرريءَ موجب هڪ معمار ميڊرنو يوناني طرز واري صليب کي لاطيني طرز ۾ تبديل ڪيو ۽ پنجن مهينن جي عرصي ۾ باسيليڪا جي مهاڙي به تعمير ڪئي. سترهين صديءَ جي وچ ڌاري لورينزو برنني موجوده شڪل تيار ڪئي، جنهن ۾ پيلرن جا ٺهيل ٻه شاهي اڌ گولائي وارا هال شامل آهن. باسيليڪا جي مهاڙي جيڪا برنني جي ٺهيل آهي، انهيءَ تي سينٽ پيٽر ۽ سينٽ پالا جا مجسما تراشيل آهن ۽ مٿس ڪيتريون بالڪنيون ٺهيل آهن، جن ۾ هڪڙي لوگيا ڊيلي بينڊيزيو سڏجي ٿي، جتان پوپ حاضر ماڻهن کي دعا ڪندو آهي. انهيءَ جي هيٺان پنج لنگهه آهن، جن وسيلي هڪ شاهي دالان ۾ اچبو، جيڪو ميڊرنو معمار جو ٺهرايل آهي، ان جي مرڪزي دروازي مٿان هلال جي شڪل وارو اسٽيو ڪو پلستر سان هڪ نظارو موزيڪ جڙاءَ سان ٺاهيو ويو آهي، انهيءَ ۾ هڪ غوراب ڏيکاريل آهي، جيڪو نهايت خطرناڪ سمنڊ ۾ تري پيو. غوراب ۾ سوار عيسائيت جا پوئلڳ سمنڊ جي خطري جي باوجود خوش باش نظر اچن ٿا، تنهن مان گمان ٿئي ٿو ته، چرچ يعني عيسائيت طاقتور ۽ ترقي يافته آهي.

    جڙاءُ جي کاٻي دنگ وٽ چارلمين جو مجسمو ٺهيل آهي، جنهنجي 800ع ۾ تاجپوشي ٿي هئي، جڙاءَ جي ساڄي دنگ تي شهنشاهه ڪانسٽينٽائين جو مجسمو ٺهيل آهي، جيڪو برنني جو گهڙيل آهي.دالان Vestibule مان باسيليڪا ڏانهن وڃڻ لاءِ پنج دروازا ٺهيل آهن، منجهائن وچيون سڀني ۾ پراڻو آهي، برانز پتل ياڪنجي واري جڙاءَ سان سينگاريل دورازا پندرهين صديءَ ۾ فلاريٽ جا ٺاهيل آهن. هنن ۾ سينٽ پيٽر ۽ سينٽ پال جي شهادتن بابت تصويرون اڪريل آهن ۽ ڪنجي جي ڪاريگريءَ جوبهترين نمونو آهن. ساڄي پاسي واري دروازي Door of Death تي فنڪار مانزو جي هٿن سان جان 23 John xxiii جي تصوير ٺهيل آهي، کاٻي طرف واري Door of Sacraments تي وينزيو ڪروسيٽي فنڪار طرفان ٺهيل مجسمو لڳل آهي، هن جي ڀر وارو دروازو Door of good and evil سڏجي ٿو، ساڄي طرف آخري دروازو Door of prota santa آهي، انهيءَ کي پوپ جوبلي تقريب جي شروع ڪرڻ لاءِ هڪ منزڪي سان کوليندو آهي، تنهن ڪري جڳ مشهور آهي. سسٽين چيپل ياعبادتگاهه پوپ سڪسٽس چوٿين جو جوڙايل پنهنجي لاءِ مخصوص هي گرجا گهر شڪل ۾ چورس آهي. ان جي ڇت اڌ گولائين ۽ گهڻي مٿي يعني غير معمولي اوچائي تي آهي، هن گرجا گهر جي تعمير مشهور معمار گيروانيو ڊولسي جي رهبريءَ ۾ اڳوڻي معمار بيسيو پونٽيلي جي نقشي ۽ ڊزائين موجب سن 1475ع کان 1481ع جي وچ ۾ مڪمل ٿي. مذهبي، تاريخي توڙي فني لحاظ کان هي عمارت سڀ کان وڌيڪ اهم شاهڪارن جو مظهر آهي. هن گرجا گهر ۾ چرچ جي سموري تاريخ جون نهايت خصوصي تقريبون منعقد ٿينديون آهن، انهن مان سڀ کان وڌيڪ مشهور پوپ جي چونڊ واري تقريب آهي. ان تقريب کي ڪنڪليو چئبو آهي.

    سڄي دنيا جا ڪار ڊينل يا وڏا پادري هتي گڏ ٿي پوپ جي چونڊ ڪندا آهن، هيءَ تقريب تيرهن صديءَ جي پوئين اڌ ۾ وقت جي وڏي پادريءَ کي پوپ يعني رومن ڪيٿولڪ چرچ جو روحاني پيشوا طور چونڊڻ واسطي منعقد ڪئي ويئي. جنهن دوران سندن مک پادري پوپ گريگري ڏهين جي حيثيت ۾ منتخب ٿيڻو هو، پوپ جي سياسي توڙي اقتصادي طاقت جي پيش نظر پنهنجي پنهنجي اميدوار کي پوپ طور چونڊرائڻ واري خواهش جي ڪري، مختلف گروهن ۽ گروپن ۾ سخت ڇڪتاڻ سبب چونڊ لاءِ آيل پادري ڪنهن حتمي فيصلي تي پهچڻ ۾ ناڪام رهيا. هن ڳالهه تان ڪاوڙ ڪندي سينٽ بونا وينچورا جي چوڻ تي روم جي ماڻهن دنيا جي آيل پادرين کي انهيءَ محل ۾ قيد ڪري رکيو، جنهن محل ۾ اها چونڊ ٿيڻي هئي. هي واقعو 1268ع ۾ پيش آيو، پادرين کي حتمي فيصلي لاءِ ڌمڪايو ويو. ٻاهرين ماڻهن سان سندن ملاقات بند ڪئي وئي، کين مجبور ڪيو ويو ته، هنن مان ڪو به پادري يا ٻيو ماڻهو ٻاهر نه نڪري، بلڪه ڪنهن هڪ پادريءَ کي پوپ طور نامزد ڪرڻ کانپوءِ ثبوت جي علامت طور محل جي مقرر هنڌ وٽان دونهون خارج ڪيو وڃي، حقيقت ۾ اڄ تائين اها رسم هلندي اچي، هزارين ماڻهو چونڊ جي علامت طور دونهن جي لاٽ ڏسڻ لاءِ انتظار ۾ هوندا آهن. جيڪڏهن دونهن ڪارو هوندو آهي ته، سمجهيو ته اڃا نامزدگي نه ٿي آهي، پر جيڪڏهن دونهن جي لاٽ اڇي رنگ جي هوندي ته يقين ٿي ويندو ته چونڊ ٿي وئي. جيستائين پوپ سڪسٽس چوٿين ماهر فنڪارن کان ڀتين ۽ ڇتين کي پنهنجي فن پارن سان آراسته نه ڪرايو، تيستائين هن سسمٽين گرجا گهر جي تعمير مڪمل نه ٿي ۽ انهيءَ ڪم ۾ ڪيترا سال لڳي ويا.

    palijo_hai@hotmail.com
     
  20. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم جناب عبدالحئي پليجو جي لکين ڪالمن جو مجموعو ‏

    خيالي تصويرن سان محفوظ ڪيل تاريخ!




    اڱارو 23 سيپٽمبر 2008ع



    اسان پنهنجي گذريل ڪالم ۾ ڪجهه پينٽنگز جي باري ۾ ڪچهري ڪئي هئي. ان ڪچهري کي اڄ ٿورو اڳتي وڌايون ٿا. هي هڪڙي اهڙي خيالي تصوير ٺاهي وئي آهي، جنهن ۾ حضرت عيسيٰ عليه السلام جي نالي رکڻ واري رسم جو نظارو چٽيل آهي، تقريب ۾ شامل ماڻهن جي چهرن تي روحاني جذبا نمايان محسوس ٿين ٿا، هن تصوير ٺاهڻ ۾ پينٽيو ريشيو سان گڏ امبريا واري ڪاريگريءَ جو ماهر مصور پيرو گينو به شامل هو. ٻي تصوير ۾ حصرت عيسيٰ عليه السلام جي مسيحا واري ڪردار کي چٽيو ويو آهي. جنهن ۾ حضرت عيسيٰ عليه السلام کي هڪ ماڻهو جو علاج ڪندي ڏيکاريو ويو آهي، جيڪو ڪوڙهه جي مرض ۾ مبتلا آهي. ان ساڳي خيالي تصوير ۾ ٻئي طرف روم شهر جي هڪ اسپتال ڏيکاريل آهي، جنهن جو نقشو سسٽين چيپل جهڙو آهي. تصوير جي پسمنظر ۾ هڪڙو جبل ڏسڻ ۾ اچي ٿو، انهيءَ جبل وٽان مسيح کي گذرندي ڏيکاريو ويو آهي. تماشبين ۾ فنڪار بوٽيسيلي پنهنجي همعصر ماڻهن جا عڪس چٽيا آهن، اها سندن خواهش هئي. هي به هڪڙي اهڙي ئي خيالي تصوير آهي، جنهن ۾ پيار ۽ پاٻوهه جو عجيب نظارو چٽيل آهي، مذڪوره تصوير ۾ فنڪار ڊومينيڪو گِر لانڊائيو، حضرت عيسيٰ عليه السلام کي گيليلي ڍنڍ جي ڪناري وٽ ڏيکاريو ويو آهي، سندس ڀر ۾ سينٽ پيٽر ۽ سينٽ ايڊريو گوڏن ڀر جهڪيل نظر اچي رهيا آهن. تصوير ۾ ڏيکاريل ٽيهن شخصن جي چهرن تي محبت ۽ ميٺاج جا تاثرات نمايان آهن. هي ڪوسيمو روسيلي جو شاهڪار آهي، جنهن ۾ هڪ ٽڪريءَ تي حضرت عليه السلام واعظ ڪندي ڏيکاريو ويو آهي، هن خيالي تصوير جي خصوصيت اها آهي ته، هي بائيبل جي نئين نسخي موجب پينٽ ٿيل آهي.

    فنڪار ڪوسيمو روسيلي حضرت عيسيٰ عليه السلام جي حياتيءَ جي آخري منظرن کي وڏي مهارت سان چٽيو آهي. جنهن خيال ۾ سندس گرفتاري ۽ ڦاسيءَ وارو ڏکوئيندڙ منظر ڏيکاريل آهي.گرجا گهر جي ڀتين تي حضرت موسيٰ عليه السلام ۽ حضرت عيسيٰ عليه السلام ٻنهي جي حياتيءَ جي مکيه واقعن کي وڏي ڪاريگريءَ سان پينٽ ڪيو ويو آهي. جنهن لاءِ فنڪار هميشه لاءِ جسُ لهڻن.سِسٽين چيپل جي ڇت مشهور فريسڪو پينٽر مائيڪل اينجيلو کي هن گرجا جي ڀت تي نئين سر پينٽنگ ڪرڻ لاءِ پوپ جوليئس ٻئي 1508ع جي شروعات ۾ مقرر ڪيو. هن مهان مصور اهو ڪم مئي 1508ع ۾ شروع ڪيو ۽ آڪٽوبر 1512ع ۾ پورو ڪيو. هن ڇت اندر چوڌاريءَ ٻارهن شاهي تصويرون ٺاهيون، جن ۾ انهن عورتن جون به تصويرون شامل هيون، جن جون پيشنگويون عيسائي عقيدي موجب سچيون ثابت ٿيون هيو. ڇت جي مرڪز ۾ بائيبل جي پهرئين باب حينيسس ۾ ڪائنات جي پيدائش متعلق احوال موجب ڪل 9 نظارا ڪمال خوبصورتيءَ سان پينٽ ڪيل آهن. فنڪار ذاتي مزاج موجب انهن کي معمول جي برعڪس ابتي انداز ۾ پينٽ ڪيو آهي، تنهن ڪري پهرين نظر سان انهن کي سمجهي ڪين سگهبو. ڪائنات جي پيدائش جي اصولن مطابق انهن تصويرن کي ترتيب هيٺ ڄاڻائجي ٿو.روشني يعني نور جي پيدائش،ستارن ۽ وڻن ٻوٽن جي پيدائش، خشڪي پاڻي يا کنڊن ۽ سمنڊن جي جدائي،حضرت آدم عليه السلام جي پيدائش،بيبي حوا جي پيدائش، حضرت آدم ۽ بيبي حوا جي جنت مان نيڪالي، حضرت نوح عليه السلام جي قرباني، ٻوڏ يا سيلاب، حضرت نوح عليه السلام جي غنودگي. ڇت ۾ حضرت يوحنا) Jonah) جي شبيه جي ساڄي طرف واري ٽڪنڊي ۾ هڪ ڀيانڪ بلا اجگر ۽ کاٻي طرف واري ٽڪنڊي ۾ حامن کي ملندڙ سزا جو منظر چٽيل آهي.حضرت ذڪريا جي شبيهه واري ٻئي ٽڪنڊي ۾ حضرت جود عليه السلام کي کجي جي وڻ هيٺان ڏيکاريو ويو آهي. درين جي ونگُن تي، ڇت ۽ درين جي وچ وارين وٿين ۾ يسوع مسيح جي خاندان جي وڏن جون تصويرون ٺهيل آهن.

    ڇت تي ڪم مڪمل ڪرڻ کان ايڪيهه سال پوءِ وري به هڪ دفعو مائيڪل اينجيلو کي سسٽائين چيپل ۾ اڃا به هڪڙي ڀٽ جيڪا ممبر جي پويان آهي، انهي تي پنهنجي فن جا آخري نشان چٽڻ جو چيو، هن کي انهي ڀت تي پينٽنگ ڪرڻ ۾ پنج سال لڳي ويا.هن فني شاهڪار ۾ بائيبل جي هڪ واقعي کي ڪمال ڪاريگري سان چٽيو ويو آهي. فن جي هن قسم کي جديد دور جو شروعاتي شاهڪار تسليم ڪيو ويو آهي. هنن تصويرن جي نظارن ۾ ڊرامائي شور ۽ موجود ماڻهن تي قدرتي آفت ياقهر نازل ٿيڻ جو خوف ڇانيل آهي. مسيح عليه السلام وچ تي ويٺل آهي. سمورا ماڻهو سندس چوڌاري پريشان ۽ ڊنل بيٺل آهن. حضرت عيسيٰ جج جي حيثيت ۾ فيصلو صادر ڪري پيو. جن گناهگارن کي سزا مقرر ڪئي وئي آهي، انهن کي هڪڙي ٻيڙي ۾ چاڙهيو ويو آهي.پاتڻي يا ٻيڙياتو کين سزا ڀوڳڻ لاءِ ٻيڙو پاتال ۾ ڌڪي رهيو آهي. هن منظر ۾ ڏيکاريل آهي ته ڪجهه ماڻهو مٿان توتارا وڄائي رهيا آهن.حضرت عيسيٰ عليه السلام جي قدمن ۾ ويٺلن ۾ هڪڙو سينٽ لارينس ۽ ٻيو بارٿو لوميو آهي. بارٿو لوميو پنهنجي شهادت واري روپ ۾ ڏيکاريل آهي. حضرت عيسيٰ سينٽ پيٽر کي چاٻيون ڏيئي رهيو آهي، جنهن مان سينٽ پيٽر کي سندس صحيح ۽ جائز جاءِ نشين جي حيثيت ۾ کيس حقدار طور مسيح طرفان کيس چاٻين جي صورت ۾ چرچ جي اڳواڻي عطا ٿيل آهي، تصوير جي پسمنظر ۾ هڪڙي طرف نذراني جي رقم ادا ڪئي پئي وڃي ته ٻئي طرف مسيح تي پٿربازي ڏيکاريل آهي، هيءَ تصوير پيروگينو جي مصوري آهي. زندگيءَ جون هي يادگار گهڙيون گهڙيون کن پل ۾ گذري ويون ۽ اسان هن مقدس جاءِ کان ٻاهر نڪري آيا آهيون.

    palijo_hai@hotmail.com
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو