جواب: محترم جناب عبدالحئي پليجو جي لکين ڪالمن جو مجموعو اسڪاٽلينڊ جي شان ۽ شوڪت جي علامت: ايڊنبرگ محل اڱارو 8 مئي 2007ع ايڊنبرگ محل، اسڪاٽ لينڊ رياست جي سگهه ۽ سونهن جو اولين ۽ اعليٰ ترين مظهر آهي. محل جي سير لاءِ رهبريءَ جي نسبت سان ان جي نقشي تي دلچسپيءَ وارن مکيه هنڌن ۽ جڳهين جي نشاندهيءَ واسطي ٽڪليون يا پٽيون ڇپيل آهن. انهن جو تعداد ڇويهه آهي. مٿن سلسليوار 26 تائين انگ لکيل آهن. نمبرن جي نسبت سان مذڪوره جڳهين بابت تعارف بيان ڪيل آهي. محل جي سير جي شروعات گيٽ هائوس وٽان ٿئي ٿي، جتي محل جي اوڀر طرف وارو مکيه دروازو آهي. تنهن کان اڳتي هلندي، لوئر وارڊ يعني محل جي هيٺاهين ڀاڱي کان ٿيندي محل جي مڊل وارڊ ۾ پهچبو. ان کان پوءِ اڃا اڳتي مٿي اپر وارڊ يعني محل جي مٿئين ڀاڱي ۾ داخل ٿي وڃبو. اهو محل جو سڀ کان مٿانهون هنڌ آهي. هن ڀاڱي ۾ ڪرائون اسڪوائر يعني حاڪمن جي رهائش گاهه آهي. هي محلاتون ڏسڻ کان پوءِ محل جي اولهه طرف موجود دلچسپيءَ وارن ماڳن ڏسڻ سان محل جو سير مڪمل ٿئي ٿو. لوئر وارڊ يعني محل جو هيٺاهون ڀاڱو محل جو اڀرندو حصو آهي، جيڪو سطح جي لحاظ کان محل جو سڀ کان هيٺاهون حصو آهي. محل جي مکيه گذر گاهه هن ڀاڱي ۾ موجود آهي. هتي ٺهيل عمارت کي گيٽ هائوس سڏجي ٿو. مکيه گذر گاهه هئڻ ڪري محل جي سمورن ڀاڱن ۽ جڳهين جي ڀيٽ ۾ هن عمارت کي اڪثر گهڻو نقصان رسندو رهيو آهي ۽ انهيءَ جي وقت بوقت مرمت توڙي نئين سر تعمير ٿيندي رهي آهي. گيٽ هائوس جي موجود عمارت کي بچاءَ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سهڻو ڪري ٺاهيو ويو. اها سن 8-1886 ۾ جڙي راس ٿي. اڳوڻو سادو داخلا وارو دروازو سترهين صديءَ جو ٺهيل آهي. گذر گاهه جي اندرين پاسن کان پٿر جون ڳڙکيون موجود آهن، جن ۾ مشهور مونس ميگ سميت ٻيون به توپون فٽ ٿيل آهن. سن 1929ع ۾ گذر گاهه جي ٻنهي طرفن تي بادشاهه رابرٽ دي بروس ۽ سر وليئم ويليس جا پتل جا ٺهيل مجسما نصب ڪيا ويا هئا. گيٽ هائوس جي اڳيان هڪڙي کاهي پڻ ٺهيل آهي، جيڪا ڪرومويل جي دور ۾ سن 1650ع ڌاري کوٽي وئي هئي. پراڻو گارڊ هائوس محل تي چوڪي ڏيڻ لاءِ 3 5 8 1 ع ۾ تعمير ڪيو ويو. انهيءَ ۾ هڪ قيد خانو ٺاهڻ لاءِ سن 1866ع ۾ منجهس توسيع ڪئي وئي. سن 1989ع ۾ انهيءَ کي محل جي دڪان ۾ تبديل ڪيو ويو. مڊل وارڊ يعني محل جو وچيون ڀاڱو تاريخ جي وچئين دور يعني پندرهين عيسويءَ کان اڳي ايڊنبرگ محل جو مکيه ڀاڱو، جنهن کي اپر وارڊ سڏين ٿا، سو ٽڪري جي چوٽيءَ تي اڏيل هو. محل جو وچيون ڀاڱو پندرهين صديءَ کان وٺي ٺهڻ لڳو، جتي اول لوهارن جا دڪان ۽ بٺيون ٺهيون. ڳرين توپن ۽ ٻئي سامان آڻڻ ۽ نِيَڻ ۾ آساني پيدا ڪرڻ لاءِ پڪو رستو به ٺاهيو ويو. آرگائيل بيٽري يعني ڇهن توپن تي مشتمل توپخانو محل جي اترئين طرف وارو مکيه توپ خانو آهي. محل جي الهندي طرف واري توپ خاني کي مل مائونٽ بيٽري سڏجي ٿو. هي توپ خانو سن 0 3 7 1 ع ۾ ميجر جرنل ويڊ جي سفارش موجب قائم ڪيو ويو هو. هتي رکيل توپون ڪاسٽ آئرن جون ٺهيل آهن ۽ ارڙهن پائونڊ وزني گولا اڇليندڙ آهن. اهي توپون اوڻيهين صديءَ جي شروع ۾ نيپولين وارين جنگين دوران ٺاهيل آهن. ملس مائونٽ بيٽري نالي توپخاني ۾”ون او ڪلاڪ گن“ نالي واري ٻي عالمي لڙائيءَ ۾ ڪم آيل 5 2 پائونڊن وارا گولا فائير ڪندڙ توپ رکيل آهي. آچر کان سواءِ انهيءَ توپ جو روزانو هڪ بجي فائير ڪيو وڃي ٿو. گورنرس هائوس نالي هڪ زبردست عمارت سن 2 4 7 1 ع ۾ تعمير ٿي، جنهن ۾ محل جي گورنر جي رهائش کان سواءِ ٻيا به رهائشي ڀاڱا تعمير ٿيل هئا. انهن ۾ محل جو”ماسٽر گنر“ يعني توپخاني جو عملدار ۽ محل جي اسٽور جو انچارج عملدار رهندا هئا. سن 0 6 8 1 ع ۾ محل جي گورنر واري آسامي ختم ڪرڻ کان پوءِ اتي محل جي اسپتال واريون نرسون رهڻ لڳيون. هن وقت انهي عمارت جو مرڪزي ڀاڱو فوجي ڪامورن جي ميس آهي. فوگس گيٽ نالي گذر گاهه جي پويان ٺهيل عمارتن کي محل جو اپر وارڊ سڏين ٿا. اهو ڀاڱو ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي واقع آهي. هي ڀاڱو وچئين توڙي قديم دورن ۾ ٺهيل محلن جو مکيه حصو رهيو آهي. آڳاٽي وقت ۾ لانگ اسٽيئرس نالي چاڙهي وسيلي هتي رسڻ ڏاڍو ڏکيو هوندو هو. هن گيٽ جي ٻنهي پاسن کان هڪڙي شاهي ۽ ويڪري ديوار اڏيل آهي، جنهن تي پيدل هلڻ جو رستو ٺهيلآهي. بادشاهه چارلس ٻئي جي دور حڪومت ۾ جنهن سن 1649ع کان 1685ع تائين حڪومت ڪئي، سينٽ مارگريٽ وارو چيپل يعني گرجا محل جي وچئين دور واري ڪل تعميرات مان واحد بچيل عمارت آهي. سن 1124ع کان 1153ع تائين حڪومت ڪندڙ بادشاهه ڊيوڊ اول پنهنجي ماءُ راڻي مارگريٽ، جنهن محل ۾ سن 1093ع ۾ وفات ڪئي هئي، تنهن جي نالي سان هي گرجا جوڙايو هو. شروع ۾ هي گرجا شاهي خاندان جي عبادت لاءِ مخصوص هو، پر پوءِ ان کي بارود خاني ۾ تبديل ڪيو ويو. نيٺ سن 1845ع ۾ ان جي اصلي حيثيت بحال ڪئي وئي ۽ اها اڃا تائين برقرار آهي. بادشاهن جي رهائش گاهه جنهن کي پيليس يعني محلات سڏين ٿا، ڪرائون اسڪوائر جي مکيه عمارت آهي. هن عمارت کي اسڪاٽ راڻي ميري جي دور ۾ عروج حاصل ٿيو. راڻي ميري سن 1542ع کان 1567ع تائين حڪومت ڪئي ۽ تاريخ اوڻيهين جون سن 1566ع تي محل جي هڪڙي ننڍي ڪمري ۾ پنهنجي پٽ کي جنم ڏنائين. اهو اسڪاٽ لينڊ جو بادشاهه جيمس ڇهون ۽ انگلينڊ جو به بادشاهه جيمس اول جي نالي سان مشهور ٿيو. گريٽ هال سن 1513ع ۾ بادشاهه جيمس چوٿين جي وفات کان اڳ ۾ جڙي راس ٿيو هو. هن هال ۾ شاهي تقريبون منعقد ڪيون وينديون هيون، پر سن 1650ع دوران ڪرامويل جي قبضي دوران انهيءَ کي فوجي بيرڪ ۾ تبديل ڪيو ويو. سن 1737ع ۾ 312 وڌيڪ ماڻهن جي رهائش واسطي منجهس گهڻي اڏاوتي تبديلي آندي وئي. سن 0 0 8 1 ع ۾ بيرڪن سان گڏ اسپتال طور پڻ ڪم اچڻ لڳو ۽ سندس اها حيثيت سن 7 8 8 1 ع تائين برقرار رهي. ايڊنبرگ محل اسڪاٽ لينڊ ملڪ جي شان شوڪت جي علامت آهي. جنهن ٽڪريءَ تي هي محل اڏيل آهي، اها ٽڪري سائنسدانن جي مفروضي موجب 340 مليئن سال اڳ هڪڙي زبردست زير زمين زلزلي جي نتيجي ۾ لاوا جي صورت ۾ پيدا ٿي. هن هنڌ انساني آباديءَ جا اهڃاڻ فقط ٽي هزار سال کن اڳ مشاهدي ۾ آيا آهن. انهيءَ دور کي تهذيبي طور برانز ڌاتو وارو پويون دور سڏيو وڃي ٿو. پهرين عيسوي صديءَ ۾ هتي ڪاهي ايندڙ رومي لشڪر هن ٽڪريءَ تي هڪڙي خوشحال وسندي ڏٺي هئي. سن 0 0 6 کان ڪجهه اڳ ڊِن ايڊن يعني ايڊن جو قلعو وارو مفروضو مروج هو ۽ سن 600 ۾ ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي قائم هال ۾ بادشاهه جنگ جو طبل وڄرائي ماڻهن کان بادشاهه جي خدمت ڪندي، سندس حمايت ۾ ان جي مخالف حملي آورن سان مقابلو ڪندي مري وڃڻ لاءِ تيار رهڻ جو وچن وٺندي ڏٺو ويو. هيءَ ٽڪري راڻي مارگريٽ جي وفات واري وقت ۾ نهايت اهم شاهي قلعي جي حيثيت اختيار ڪري چڪي هئي. راڻي سن 1093ع ۾ وفات ڪئي. سورهين صديءَ جي اوائل ۾ هولي روڊ هائوس محل اڏجڻ سبب شاهي رهائشگاهه اوڏانهن قائم ٿي، مگر ايڊنبرگ محل علامتي طور تي پوري بادشاهت جي دل واري حيثيت ۾ برقرار رهيو. هي محل وقت گذرڻ سان سرڪار جو فوجي مرڪز ٿي پيو. وچئين دور جي تقريبن گهڻي اڏاوت کي فوجي استعمال ۾ آندو ويو. پراڻيون ديوارون ڊاهي نئين سر مورچا بند ڪوٽ ۽ ديوارون اڏيون ويون. انهن ۾ توپخانا ۽ ڪيترا ئي مورچا ٺاهيا ويا. هن محل جو آخرين محاصرو سن 46-1745ع ۾ جيڪ بائيٽ حملي آورن ڪيو هو. انهيءَ وقت کان وٺي هي مضبوط محل اسڪاٽلينڊ جي سگهاري قومي علامت طور قائم آهي. palijo_hai@hotmail.com
جواب: محترم جناب عبدالحئي پليجو جي لکين ڪالمن جو مجموعو برٽش ميوزيم: تاريخي شين جو شاهڪار خزانو آچر 20 مئي 2007ع برٽش ميوزيم ۾ داخلا لاءِ ڪا به في نه آهي. هر ماڻهو مفت ۾ ان ۾ داخل ٿي سگهي ٿو. نه ته روم ۽ پئرس جي عجائب گهرن ۾ داخلا لاءِ تمام ڳريون فيون ڏيڻيون ٿيون پون. هتي ٻاهران صرف هڪ اپيل بورڊ تي لکيل آهي، جنهن ۾ چيل آهي ته ”جيڪر هر سياح هڪ پائونڊ امداد طور ڏئي ته اسان برٽش ميوزم جي مرمت ڪرائي سگهون ٿا.“ برٽش ميوزم ڪرسمس، نيو ييئر ۽ پهرين مئي کان سواءِ سڄو سال کليو پيو آهي. آچر جي ڏينهن ڏهين کان اڍائي تائين، باقي ڏينهن تي ڏهين بجي کان شام پنجين بجي تائين کليل رهندو آهي. ٻاهر چانهه ۽ ٿڌي جي ريسٽورانٽ سان گڏ مانيءَ لاءِ هوٽل پڻ آهي. توهان فوٽو گرافيءَ سان گڏ فلم به ڀري سگهو ٿا. توهان جي چاهيو ته پاڻ لاءِ انفارميشن ڊيسڪ تان گائيڊ به وٺي سگهو ٿا، جنهن لاءِ توهان کي ڪجهه رقم ڏيڻي پوندي. اندر سگريٽ ڇڪڻ سان گڏ کائڻ پيئڻ تي به بندش آهي. عالمي نوادرات جي نمائش لاءِ قائم ڪيل هي ميوزم هڪ شاهي عمارت تي مشتمل آهي، جنهن کي چڱيءَ طرح ڏسڻ وائسڻ لاءِ گهڻا ڏينهن درڪار آهن. البت هڪ سياح درشن ۽ وندر واسطي ڪجهه وقت هتي صرف ڪري، تمام گهڻي ڄاڻ ۽ خوشي حاصل ڪري سگهي ٿو. هن عجائب گهر جي سير کي مختصر نموني ٻن ڀاڱن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. ڀاڱي پهرئين ۾ قديم دنيا جنهن ۾ مصر، سيريا- يونان ۽ روم شامل آهن. ٻئي ڀاڱي ۾ مغربي دنيا، جنهن ۾ تاريخ کان اڳ وارو يورپ، سلٽ رومي حڪومت وارو برطانيه، وچون دور وغيره شامل آهن. مکيه دروازي مان لنگهي، ڪتب خاني کان اڳتي کاٻي طرف اسيريا جا نوادرات رکيل آهن. انهيءَ کان اڳتي مصري عجائب آهن. مصري گئلريءَ جي مهاڙيءَ وٽ ڪاري پٿر جا ٻه شاهي مجسما رکيل آهن، جن ۾ هڪڙو بادشاهه امينوفس ٽئين جو آهي، جنهن 1417 کان 1378 ق م مصر ۾ حڪومت ڪئي. ان جي ڪجهه اڳتي مصري شهر روسيتا مان1799ع ۾ نيپولين جي سپاهين طرفان لڌل پٿر جي هڪ ڇپ رکيل آهي، جنهن تي قديم مصري ۽ يوناني زبانن جي ٽن مختلف قسمن جون لکڻيون اڪريل آهن. سائيڊ گئلريءَ ۾ بادشاهه مينتو هوتِپ ٻئي جو سر رکيل آهي، جنهن کي ڊگهو تاج پهريل آهي. گئلري جي دنگ وٽ ڀت تي ٺهيل پينٽنگ ۾ مصري شهر ٿيبس جو هڪ امير شڪار ڪندي ڏيکاريل آهي، جنهن ۾ ساڻس سندس زال ۽ ڌيءُ به گڏ آهن. هيءَ تصوير تقريبن 1400 ق م جي آهي. هيٺ ڀر واري گئلريءَ ۾ اوهان جي سامهون بادشاهه سيسو ترس 43-1878 ق م جا ٽي آدم قد مجسما رکيل آهن، جن ۾ ساڄي طرف وارو مجسمو بلڪل نرالو آهي. ٿورو اڳتي بادشاهه امينوفس ٽئين جو شاهي مجسمو رکيل آهي. ان جي ڀر ۾ هينوت مِيهت جو سوني جڙاءَ وارو تابوت رکيل آهي ۽ انهيءَ جي ڀر ۾ زال ۽ مڙس جو ٻٽو مجسمو رکيل آهي، گئلريءَ جي اتر طرف بادشاهه راميسس ثاني جي شاهي سري رکيل آهي. ٻڌايو وڃي ٿو ته اهو ايڪسوڊس وارو فرعون هو، جنهن 1304 کان 1237 ق م حڪومت ڪئي ۽ کيس 150 ٻار هئا. ڀت ۾ لڳل ڪٻٽ ۾ ستين صدي ق م جي هڪ سرڪاري ملازم جي تصوير رکيل آهي، پاسي ۾ هڪڙي مروهت نالي نيسيسُت جو پٿر جو ٺهيل تابوت آهي. اتي اِسِس ديويءَ جي مورتي پڻ رکيل آهي. دنگ واري ڀت وٽ رکيل ڪيس ۾ رومي شهنشاهه هورس جو مجسمو رکيل آهي، جنهن جي سري باز جي شڪل وانگر آهي. مصري گئلريءَ سان پور وڇوٽي تي اسيريائي تهذيب جي نوادرات تي مشتمل گئلري آهي. ستين صدي ق م دوران اسيريا جي شاهي سلطنت مصر کان ايران ۽ ايشيا ڪوچڪ کان عربستان جي وسيع علائقن تي مشتمل هئي. ٽن مکيه شهرن جي کوٽائي سان نينوا، نمرود ۽ خورساباد ۾ ڪيترا ئي شاهي محل ظاهر ڪيا ويا آهن. هي سمورا شهر دجله نديءَ جي ڪنارن تي آباد هئا. روم نمبر 21 ۾ بادشاهه آشوربنيپال ۽ سندس ڏاڏي سيناچيرب جي دور جا لڌل نوادرات رکيل آهن. انهن ۾ ڏکڻ عراق ۾ هڪ مهم وارو نظارو نهايت متاثر ڪندڙ آهي. روم نمبر 20 ۾ به ڪافي شيون موجود آهن، پر روم نمبر 16۾ ٻه ڍڳا رکيل آهن، جن جون سريون انساني آهن ۽ کين پنج ٽنگون آهن. روم نمبر 89 جي ڀتين تي ڪيترا ئي نقش آهن، جن ۾ اسيريا جي فوجن جو عرب قبيلي وارن سان مقابلو ڏيکاريل آهي. عرب اٺن تي سوار ڏيکاريل آهن. هڪ نقش ۾ گهوڙي کي کرکرو لڳايو پيو وڃي. هڪ ٻئي نقش ۾ نينوا ۾ 660 ۽ 650 ق م جي وچ ۾ لڳندڙ جنگ جو نظارو وڏي ڪاريگريءَ سان نقش ڪيل آهي. گهوڙي سوار ۽ پيادن سپاهين وٽ تير ڪمان ۽ نيزا آهن. روم نمبر 19۾ بادشاهه آشوربنيپال کي نذرانه پيش ڪيا پيا وڃن. هي بادشاهه 883 کان 859 ق م ۾ نمرود شهر ۾ حڪومت ڪندو هو. روم ۾ داخل ٿيڻ لاءِ لنگهه وٽ به انساني سرين وارا جانور محافظ طور ڏيکاريل آهن. کاٻي طرف بادشاهه پنهنجي حاضريءَ وارن غلامن سان گڏ ڏيکاريل آهن. ساڄي طرف شڪار ڪرڻ جو نظارو چٽيل آهي. ٻئي طرف سپاهي فرار ٿيندي، ندي اڪرندي ڏيکاريل آهن. هڪ ٿنڀ تي چٽيل نظاري ۾ غير ملڪن جا حاڪم نذرانو پيش ڪندي نظر اچن ٿا، جن ۾ اسرائيل جو بادشاهه ياهو به شامل آهي. اسرائيل جي هڪ وزير اعظم جو نالو بن ناٿن بن ياهو آهي. روم نمبر 17۾ بادشاهه آشوربنيپال شينهن کي ماريندي ڏيکاريو ويو آهي. هڪ ٻئي نظاري ۾ 701 ق م ۾ بادشاهه سيناچيرب هڪ بابلي شهر تي قبضو ڪندي ڏيکاريل آهي. روم نمبر 3 ۾ يونان جي نوادرات رکيل آهن. ٻن ڪڙن واري شراب جي مٽڪي تي ڪاري رنگ سان هڪ تصوير چٽيل آهي، جنهن ۾ ڏيکاريل آهي ته بادشاهه اڪيلِس راڻي پينٿيسيليا کي قتل ڪري رهيو آهي. پنجين صدي ق م جي هڪڙي ڪوپ تي ٿيل پينٽنگ به هڪڙو عجيب شاهڪار آهي. هن تصوير ۾ پيار جي ديوي ايفروڊائيٽ هڪ هنج پکيءَ تي سوار آهي. روم نمبر 6۾ اپولو ديوتا جي مندر مان هٿ آيل پشم جي ڪپڙي تي ٿيل مصوري ۽ ماربل جا مجسما رکيل آهن. palijo_hai@hotmail.com
جواب: محترم جناب عبدالحئي پليجو جي لکين ڪالمن جو مجموعو دنيا جي سڀ کان قديم اسلامي يونيورسٽي الازهر سومر 28 مئي 2007ع الازهر مسجد جو بنياد14 رمضان سن 359 هجري مطابق سن 971 عيسوي مصر جي شهر قاهره شهر ۾ پيو هو. مسجد جي تعمير مڪمل ٿيڻ ۾ ٻه سال کن لڳي ويا. هن مسجد شريف ۾ پهرين نماز تاريخ ستين رمضان المبارڪ سن 361هجريءَ ۾ ادا ڪئي ويئي. سن 988عيسويءَ ۾ هن مسجد واري مدرسي هڪ مڪمل يونيورسٽيءَ جو درجو حاصل ڪيو، جتي ديني تعليمات سان گڏ انهيءَ وقت ۾ رائج سمورا جديد سائنسي علم جهڙوڪ طب، رياضي، جاگرافي، تعميرات، فلڪيات ۽ طبعيات وغيره جي باقائدي تدريس، تحقيق ۽ تصنيف ٿيڻ لڳي. هن عظيم اداري تي اهو نالو رسول اللهﷺ جن جي پياري نياڻي حضرت بيبي فاطمه الزهره جي نالي تان رکيو ويو. هڪ هزار سالن کان به وڌيڪ وقت گذرڻ جي باوجود الازهر اسلامي تعليمات خصوصن فقهه ۽ عربي ٻوليءَ جو دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ مستحڪم مرڪز ۽ مکيه ادارو آهي، جتان اسلامي علمن جي اشاعت جاري آهي، جنهن ۾ اسلامي ثقافتي ورثو، اسلامي تعليمات جو اڀياس، اشاعت ۽ تبليغ شامل آهن. الازهر يونيورسٽي اصل ۾ الازهر مسجد جي قدرتي توسيع آهي، جيڪا روءِ زمين تي سمورن اسلامي تعليمي ادارن ۾ قديم ترين درسگاهه آهي. هڪ هزار سالن کان به وڌيڪ عرصي دوران الازهر يونيورسٽي اوڀر توڙي اولهه جي سمورن مسلمانن لاءِ هڪ اتساهيندڙ اسلامي ثقافتي مرڪز طور سرگرم رهي آهي. الازهر يونيورسٽي دنيا جي اٽڪل سمورن مشهور يونيورسٽين سان باهمي تعاون لاءِ ڪافي عرصي کان گهاٽا تعلقات قائم ڪري رکيا آهن ۽ يونيورسٽي جي سمورن شعبن لاءِ عالمي ماهرن جي اچڻ وڃڻ جو بندوبست ٿيل آهي. تاريخ ٻڌائي ٿي ته الموئظ، فاطمي خليفي سن 358هجري مطابق 969 ع ۾ پنهنجي سالار جواهر کي مصر فتح ڪرڻ لاءِ موڪليو. تنهن ملڪ فتح ڪرڻ کان پوءِ قاهره شهر ۽ مسجد الازهر جي تعمير شرع ڪرائي. مسجد شريف اٽڪل ٻن سالن جي مختصر عرصي ۾ جُڙي راس ٿي ۽ ستين رمضان سن 361 هه مطابق 22 جون 972ع ۾ اتي پهريون ڀيرو نماز پڙهڻ شروع ڪئي وئي. انهيءَ زماني کان وٺي اڄ تائين هيءَ مسجد ۽ يونيورسٽي سموريءَ دنيا ۾ پنهنجي ديني توڙي دنياوي علمن جي عظيم درسگاهه طور مشهور آهي. الازهر مسجد جي تعمير کان ساڍا ٽي سال پوءِ اتي ديني تعليم لاءِ مدرسو قائم ڪيو ويو. بعد ۾ هن مدرسي ۾ مروج تعليم کي ترقي ڏياري، اتي ٽيهه فقهه جا ماهر قانون دان عاليشان پگهار تي مقرر ڪيا ويا. فاطمي دورِ خلافت ۾ الازهر علم ۽ دانش جو مکيه مرڪز هو. هتي فقط عورتن لاءِ پڻ اخلاقيات بابت جلسا منعقد ٿيندا هئا. نه فقط ايترو، پر ڪن ڪن ڏينهن دوران الظهر مدرسي ۾ ڪورٽون قائم ٿينديون هيون ۽ محتسب يعني چيف ٽيڪس ڪليڪٽر جي ٻن صدين تائين آفيس الازهر ۾ قائم رهي. بغداد ۽ اندلس ۾ قائم عربي ٻولي ۽ اسلامي تعليمات جا مرڪز جڏهن برباد ٿي ويا ته الازهر ۾ اهڙا مکيه مذهبي تعليمي مرڪز قائم ڪيا ويا. اهڙيءَ طرح الازهر پوريءَ دنيا ۾ اسلامي تعليمات ۽ عربي ٻوليءَ جو سڀني کان وڏو ادارو ٿي اسريو. سلطان صلاح الدين ايوبيءَ جي دورِ حڪومت کان وٺي اٽڪل هڪ صديءَ تائين الازهر مسجد توڙي يونيورسٽيءَ جي حيثيت سان پنهنجي ڪارڪردگيءَ ۾ تعطيل جو شڪار رهي، پر تعليمي اڀياس فاطمي دورِ حڪومت وانگر جاري رهيو. ان جو دائرو خالص ديني ۽ عربي ٻوليءَ تائين محدود رهيو. مملوڪ دورِ حڪومت يعني سن 648 هه کان 922 هه مطابق سن 1250ع کان 1517ع واري طويل عرصي دوران الازهر يونيورسٽيءَ کي اسلامي دنيا طرفان نيون ذميواريون سونپيون ويون. وچ ايشيا جي ملڪن تي مغلن جي حملن ۽ اندلس ۾ اسلامي رياست جي خاتمي سبب مسلم عالمن ۽ محققن واسطي فقط هڪڙي پناهگاهه الازهر يونيورسٽي ئي هئي، جتي پهچي جيئندان حاصل ڪيائون. انهن عالمن ۽ محققن جي مدد ۽ محنت سان اٺين ۽ نائين هجري صدين ۾ الازهر يونيورسٽي تعليمي ۽ تحقيقي ميدان ۾ ترقي ڪري، ڪمال تي پهتي. انهيءَ دوران الازهر يونيورسٽي قدرتي سائنس يعني خالص سائنس جي مختلف علمن جي کوجنا ۽ ترقيءَ ۾ مکيه ڪردار ادا ڪيو. سائنسدانن يونيورسٽيءَ ۾ ڪيميا ۽ دوا سازي، رياضي، فلڪيات، تاريخ، جاگرافي، طب ۽ طبعيات جي شعبن ۾ قابل تعريف تحقيق ۽ ترقي ڪئي. انهن عالمن حڪومتن جي عدم استحڪام ۽ تعليم ۽ تدريس ۾ عدم دلچسپيءَ باوجود مذڪوره علمن ۾ پنهنجي تدريس ۽ تحقيق جاري رکي. ملت عثمانيه جي ماتحت عرصي دوران ڪافي وقف جي ملڪيت حاصل ڪرڻ سبب الازهر يونيورسٽي مالياتي طور آزاد رهي، جنهن سبب عالمن کي پنهنجي پسنديده علمي شاخ ۾ تحقيق ڪرڻ لاءِ مڪمل آزادي حاصل ٿي ۽ اسلامي ۽ عربي علمن ۾ اها پوريءَ دنيا ۾ واحد رهبرانه ڪردار جي حاصل مادر علمي ٿي پيئي. اها پڻ ڳڻڻ جوڳي ڳالهه آهي ته سلطنت عثمانيه جي خليفن مان ڪنهن به حڪمران الازهر ۾ پنهنجي طرفان ڪو به امام يا هن عظيم اداري جو اڳواڻ مقرر نه ڪيو. اها آسامي فقط مصري ماڻهن لاءِ مخصوص ڪيائون. جڏهن فرينچ بادشاهه نيپوليئن بونا پارٽ سن 9 8 7 1 ع مطابق 3 1 2 1 هجري ۾ مصر تي قبضو ڪيو ۽ الازهر جو معائنو ڪيو، تڏهن انهيءَ کي سموري اسلامي دنيا جي عظيم ترين درسگاهه سڏيائين. هن قاهره شهر تي قبضو ڪري، شهر جي انتظام واسطي نون ميمبرن تي مشتمل هڪڙي اسپيشل ڪائونسل جوڙي، جنهن جو اڳواڻ الازهر جو امام شيخ عبدالله الشرڪاوي ۽ سمورا ميمبر الازهر يونيورسٽيءَ جا استاد هئا. جيتوڻيڪ ساڳئي وقت فرينچ مخالف انقلابي ماڻهو به الازهر ۾ اچي گڏجاڻيون ڪندا هئا. سن 1805 ع مطابق 1220 هه ۾ محمد علي مصر تي قبضو ڪيو ته هن مصر کي جديد رياست بڻائڻ لاءِ منصوبه بندي ڪئي. مذڪوره مقصد کي حاصل ڪرڻ خاطر بادشاهه مکيه انحصار الازهر يونيورسٽيءَ تي ڪيو. الازهر جي ڪيترن ئي شاگردن کي وظيفا ڏيئي، جديد اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ يورپ موڪليو. انهن جديد اعليٰ تعليم يافته ماڻهن موٽڻ بعد مصر ۾ علمي، ادبي ۽ سياسي سجاڳيءَ جي تحريڪ برپا ڪئي. اورابي تحريڪ جي انقلابين جي اڪثريت الازهرجي گريجوئيٽ هئي. سن 1919 ع واري انقلاب جو اڳواڻ صعد زغلول محمد عبده ۽ المنفالوطي وغيره الازهر مان تعليم مڪمل ڪئي. انهيءَ جديديت واري عمل دوران مذهبي رواداريءَ جو وڏو واقعو به الازهر يونيورسٽيءَ ۾ رونما ٿيو، جڏهن مسلم ۽ ڪرستان عالمن الازهر يونيورسٽيءَ ۾ هڪ گڏيل جلسي کي خطاب ڪري، مذهبي رواداريءَ جو مثال قائم ڪيو. جڏهن سن 1952ع ۾ مصر ۾ انقلاب برپا ٿيو ته الازهر يونيورسٽيءَ کي جديد علمن سان بهره ور ڪري کيس ترقي ڏني وئي. جيئن اها نه فقط مصر ۽ عرب ملڪن لاءِ، پر پوري اسلامي دنيا جي فلاح ۽ ترقيءَ ۾ پنهنجو اصل ڪردار ادا ڪندي رهي. palijo_hai@hotmail.com
جواب: محترم جناب عبدالحئي پليجو جي لکين ڪالمن جو مجموعو آڪسفورڊ يونيورسٽي: برطانيا جو هڪ قديم علمي ادارو سومر 4 جون 2007ع آڪسفورڊ يونيورسٽي، انگليند جي سڀني کان جهوني ۽ تاريخي طور نرالي حيثيت جي حامل مادر علمي آهي، جيڪا لڳاتار نون صدين کان وٺي تدريس ۽ تحقيق جو عمل برقرار رکيو اچي. انهيءَ جي بنياد پوڻ جي حقيقي تاريخ ته معلوم ڪانهي پر سن 1096ع ۾ اتي درس ۽ تدريس جو عمل باقاعدي جاري هو ۽ سن 1167ع ۾ بادشاهه هينري ثاني جڏهن انگريز شاگردن تي پيرس يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ تي بندش وڌي، تڏهن کان هيءَ يونيورسٽي تيزيءَ سان ترقي ڪرڻ لڳي. سن 1188ع ۾ انگريز تاريخدان جيرالڊ آف ويلس، آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ جي سمورن استادن جي ميڙ اڳيان پنهنجو مقالو پڙهي ٻڌايو. سن 1190ع ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽي ۾ پهريون پرڏيهي شاگرد اچي داخل ٿيو، اهو ايمو نالي فريسرلينڊ جو رهواسي هو. سن 1530ع ۾ بادشاهه هينري الين پنهنجي راڻي ڪيٿرين کي ڏنل طلاق کي جائز قرار ڏيڻ لاءِ يونيورسٽي تي گهڻو دٻاءَ وڌو. سورهين صديءَ وارن سڌارن جي سرڪاري مهم دوران اينجليڪن چرچ وارن عالمن، ڪرينمر، لاٽيمر ۽ رڊلي تي مذهبي بيحرمتيءَ جي الزام ۾ مقدمو هلائي آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ اندر کين ساڙي ماريو ويو. انگلينڊ جي گهرو لڙائيءَ دوران آڪسفورڊ يونيورسٽي بادشاهه جي حامي رهي، جنهن دوران بادشاهه چارلس پهرئين، يونيورسٽي جي ڪا9 ڪيشن هال ۾ اصل پارليامينٽ جي خلاف پنهنجي نقلي پارليامينٽ جو اجلاس منعقد ڪيو. سترهين صديءَ جي آخري حصي دوران آڪسفورڊ يونيورسٽي واري جڳ مشهور مفڪر جان لاڪ کي غداريءَ ڪرڻ جي شڪ جي بنياد تي ملڪ بدر ڪرڻ لاءِ دٻاءَ وڌو ويو. ارڙهين صدي عيسوي دوران جڏهن آڪسفورڊ سياسي سرگرمين ڪارڻ تياڳيل ليکبي هئي، انهيءَ زماني ۾ يونيورسٽيءَ ۾ قدامت پرست مذهبي رجحان جي زور هوندي به تعليمي ڏس ۾ قابل قدر تحقيق ۽ سائنسدانن طرفان نيون ايجادات ٿينديون رهيون. جاميٽريءَ جي پروفيسر ايڊمنڊ هيلي، پڇڙ تاري جي وري آسمان تي ظاهر ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪئي، جيڪا صحيح ثابت ٿي ۽ انهيءَ پڇڙ تاري کي ”هيلي“ (انهيءَ پروفيسر جو) نالو ڏنو ويو. انهيءَ عرصي دوران يونيورسٽيءَ جي مذهبي قدامت پرست اڳواڻن جان ۽ چارلس ويسلي وارن سخت جنوني مذهبي جلسا ڪري هڪڙي جنوني عيسائي فرقي Methodist Society جو بنياد رکيو. مهاراڻي وڪٽوريا جي دور حڪومت ۾ خصوصي طور مذهبي فسادن جي حوالي سان آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ مکيه ڪردار ادا ڪيو. جوڙ جڪ ۽ انتظامي طريقه ڪار جي حوالي سان آڪسفورڊ يونيورسٽي پنهنجو انتظام پاڻ ئي هلائيندڙ آزاد علمي ادارو آهي، جنهن ۾ چاليهارو کن ڪاليج مرڪزي ڍانچي يعني يونيورسٽيءَ جي ماتحت آهن. وائيس چانسلر يونيورسٽي جو سڀ کان مٿانهون ناظم هوندو آهي. سندس سروس جو مدو وڌ ۾ وڌ ست سال هوندو آهي. انهيءَ کانسواءِ پنج پرو وائيس چانسلر مقرر ٿيل آهن، جيڪي پنجن مخصوص انتظامي شعبن کي سنڀاليندا آهن. اهي شعبا هي آهن: (1) ترقياتي ۽ خارجه معاملات جو شعبو،(2) تعليمات جو شعبو، (3) ذاتي، انفرادي ۽ مساوي موقعا مهيا ڪندڙ شعبو،(4) وسائل ۽ منصوبه بندي وارو شعبو،(5) کوجنا ۽ تحقيق وارو شعبو يونيورسٽي ۾ ست دائمي پرائيويٽ هال، يعني ڪاليج، عيسائي مذهبي نالن سان قائم ٿيل آهن، جن ۾ اڃا تائين مذهبي اثرات موجود آهن. يونيورسٽيءَ جي ٽيهن ڪاليجن ۽ مذڪور ستن پرائيويٽ هالن يا ڪاليجن ۾ شاگردن جي داخلا انڊر گريجوئيٽ ۽ گريجوئيٽ ڊگرين واسطي ٿيندي آهي. يونيورسٽيءَ جا ست ٻيا ڪاليج فقط گريجوئيٽ ڊگري وٺڻ وارن شاگردن جي داخلا لاءِ مخصوص آهن. آڪسفورڊ يونيورسٽي طرفان هڪڙو مالي مدد جو منصوبو جوڙي ان تي 2006ع کان عمل ڪيو پيو وڃي، جنهن تحت برطانيه جي انهن غريب شاگردن جي مالي مدد ڪئي وڃي ٿي، جيڪي آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ جي خواهش رکندڙ آهن. انڊر گريجوئيٽ شاگردن لاءِ پنهنجي پسند جي مضمونن ۾ اعليٰ تعليم جي حصول لاءِ انيڪ موقعا ميسر آهن. نظام تدريس موجب شاگرد اڪيلي سر يا ٻن ٽن جي گروپ جي صورت ۾ پنهنجي استادن سان هميشه پابنديءَ سان سکيا واسطي ملندا رهندا آهن. انهيءَ نظام تدريس جو مکيه مقصد آهي ته شاگردن ۾ منطقي علمي ۽ آزاد حيثيت سان سوچڻ ۽ سمجهڻ جي صلاحيت پيدا ٿئي. آڪسفورڊ يونيورسٽي تدريس، تحقيق توڙي پرڏيهي درسگاهن سان سٺن تعلقات جي تسلسل واسطي پرڏيهي شاگردن کي خصوصي اهميت ڏيندي آهي، ڇو ته اهي ڪل شاگردن جو تقريبن چوٿون حصو هوندا آهن. هر سال سوين پرڏيهي شاگردن کي يونيورسٽي پاڻ ۽ ٻين امدادي ادارن طرفان اسڪارشپس مهيا ڪندي آهي. جيئن ته اهي پنهنجي خواهش موافق تعليمي زيور سان سينگارجڻ. جڳ مشهور عظيم يونيورسٽي جي حيثيت ۾ سموري دنيا مان عالم ۽ استاد آڪسفورڊ ۾ تحقيقي ۽ تدريسي ڪمن ۾ شامل ٿي وڌيڪ کوجنا لاءِ ڪهي ايندا آهن. هن يونيورسٽي طرفان سموري دنيا جي مکيه تعليمي ۽ تحقيقي ادارن سان سهڪاري اپاءَ جاري ۽ ساري آهن. انهيءَ ڏس ۾ هن مادر علمي طرفان، ڏور اوڀر، ڀارت، پاڪستان، ڏکڻ آفريقا، آمريڪا ۽ ڪجهه ڏکڻ آمريڪي ملڪن ۾ تدريسي ۽ تحقيقي ادارا قائم ڪيل آهن. برطانيه جي پنجويهن وزراءِ اعظم ۽ دنيا جي ٻين هزارين سياسي اڳواڻن، تعليمي ماهرن کانسواءِ پاڪستان جي ٻن وزراءِ اعظم ۽ ڀارت جي هڪڙي وزير اعظم پڻ آڪسفورڊ يونيورسٽي ۾ تعليم حاصل ڪئي. پاڪستان جي سابق وزير اعظم بينظير ڀٽو يونيورسٽي جي ڊبيٽنگ سوسائٽيءَ جي صدر پڻ چونڊي ويئي هئي. آمريڪا جو سابق صدر بل ڪلنٽن به آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهيو. منهنجو پٽ نور محمد انگلينڊ جي واروڪ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ ويو ته پهريون هفتو کيس ”اورين“ لاءِ سڄي آڪسفورڊ يونيورسٽي جو سير ڪرايائون. سن 5-2004ع جي ڊيٽا موجب آڪسفورڊ يونيورسٽي ۾ ارڙهن هزارن کان به وڌيڪ شاگرد داخل هئا. انهن جي اٽڪل چوٿين حصي کان به وڌيڪ شاگرد غير برطانوي هئا. palijo_hai@hotmail.com
جواب: محترم جناب عبدالحئي پليجو جي لکين ڪالمن جو مجموعو عربن جا سنڌ تي حملا سومر 11 جون 2007ع اڪثر تاريخن ۾ ڄاڻايل آهي ته سنڌ ملڪ جي سرحد تي چڙهائي ۽ ان جي شهرن تي عربن طرفان سڀ کان پهرين ڪاهه سن 15 هجري يعني 637ع ۾ ٿي هئي. عثمان بن ابي العاص ثقفي گورنر عمان ۽ بحرين کي سنڌ تي حملي جو حڪم ڏنو ويو، جنهن پنهنجي ڀائرن مغيره ۽ حڪم جي اڳواڻيءَ ۾ چار هزار لشڪر غورابن ۾ ديبل شهر تي چاڙهي موڪليو. تنهن وقت سنڌ جو حاڪم چچ بن سيلائج هو ۽ ديبل شهر تي سام بن ديوائج نالي حاڪم مقرر هو. ان جنگ ۾ عرب جي سالار مغيره سميت گهڻي سپاهه جي قتل ٿيڻ سبب پسپائي واقع ٿي. ان کانپوءِ سنڌ تي حملي ڪرڻ کان اڳ ۾ هتان جي صورتحال ڄاڻڻ لاءِ حڪيم بن جبله کي جاسوسيءَ لاءِ موڪليو ويو، پر حملو نه ڪيو. ڪجهه عرصي بعد شاغر بن ذعر جي اڳواڻيءَ ۾ وڏي لشڪر کي سنڌ جي سرحد تي چاڙهي موڪليو، جنهن 2 4 هجري ۾ ڪيڪانان پهچي جنگ جو اعلان ڪيو. ان تي ڪوهه پايه ۽ ڪيڪانان جا ماڻهو گڏ ٿي اچي حملي آورن سان سامهون ٿيا. جنگ اڃا جاري هئي ته عرب فوج کي خليفي جي شهادت جي خبر پهتي، تنهنڪري اها واپس مڪران موٽي آئي، ڪجهه سالن بعد اڳواڻن عبدالله بن سوار کي چار هزار سوارن وارو وڏو لشڪر ڏيئي ڪيڪانان تي چاڙهي موڪليو. جتي جنگ ۾ سالار سميت گهڻو اسلامي لشڪر مارجي ويو. باقي بچيل سپاهي مڪران موٽي آيا. تنهن کانپوءِ سنڌ جي سرحد يعني مڪران تي سنان بن سلمه حاڪم مقرر ٿيو، جنهن کي ٻن سالن کانپوءِ لاهي خليفي راشد بن عمرو کي مقرر ڪيو. راشد پڪي تياري ڪري وڏو لشڪر وٺي اچي سنڌ جي ڪيڪانان شهر تي ڪڙڪيو ۽ خطرناڪ لڙائي ڪندي نيٺ گهڻي لشڪر سميت مارجي ويو. باقي اسلامي فوج مڪران موٽي. تنهن کانپوءِ مڪران تي وري به سنان بن سلمه کي ٻيو ڀيرو حاڪم مقرر ڪيائون. هو پڻ زبردست لشڪر ساڻ ڪاهي آيو، پر ٻڌيه ۾ جنگ دوران مارجي ويو. تنهن بعد مڪران تي منذر بن جارود حاڪم مقرر ٿيو. هو جڏهن سنڌ جي حد ۾ لشڪر ساڻ ڀورالي نديءَ وٽ پهتو ته بيمار ٿي پيو. مڪران ۾ موجود سندس پٽ حڪم کي بيماريءَ جو اطلاع ڪيائين، پر پاڻ ترت ئي وفات ڪيائين. ان ڪري سندس جاءِ تي سندس پٽ حڪم بن منذر کي سنڌ جي سرحدي علائقي جو حاڪم مقرر ڪيو ويو. اسلامي رياست جو خليفو ٿيڻ سان عبدالملڪ بن مروان عراق، سنڌ ۽ هند وارن سرحدي علائقن جو حاڪم حجاج بن يوسف کي ڪيو. حجاج بن يوسف، سعيد بن اسلم ڪلابي کي مڪران جو حاڪم مقرر ڪيو. اختلافن سبب سعيد بن اسلم، سنهوئي بن لام جنگي سردار کي قتل ڪرائي ڇڏيو. انتقام طور سعيد بن اسلم کي ماري، علافي جنگي سردار مڪران تي قابض ٿي ويٺا. علافين کي سيکت ڏيڻ لاءِ حجاج مجاعت بن سعر کي مڪران جو حڪمران مقرر ڪري موڪليو. سندس پهچڻ کان اڳئي علافي وڃي سنڌ جي راجا ڏاهر وٽ رهيا. مجاعت هڪ سال مڪران ۾ رهي وفات ڪئي. جڏهن سن ڇهاسي هجريءَ ۾ وليد بن عبدالملڪ خليفو ٿيو، تڏهن سنڌ جي سرحد وارو علائقو محمد بن هارون کي ڏنائون. جنهن پنجن سالن دوران سنڌ جي ڪجهه بيابان تي قبضو ڪيو. ان دوران سريلنڪا جي راجا غورابن وسيلي خليفي وليد ۽ حجاج بن يوسف لاءِ قيمتي سوکڙين سان گڏ ٻانها ۽ ٻانهيون به موڪليون. انهن ٻيڙن ۾ ڪجهه مسلمان عورتون به هيون، جيڪي ڪعبت الله شريف جي زيارت لاءِ پئي ويون. سفر دوران طوفان سبب اهي ٻيڙا اچي ديبل بندر ڀيڙا ٿيا ته اهي نڪامره ذات وارن درياهي ڌاڙيلن جي ور چڙهيا، جن سمورو سامان ڦريو ۽ سڀ ماڻهو قيدي بنايا. البت انهن مان ڪجهه ماڻهو اتان ڀڄي نڪتا، تن اچي حجاج کي اها سربستي خبر سڻائي. مذڪوره احوال موجب حجاج سنڌ جي راجا ڏاهر کي قاصد هٿان خط لکي کيس تنبيهه ڪندي، مذڪوره ماڻهن ۽ سوکڙين جي گهر ڪئي. راجا ڏاهر جواب ڏنو ته مذڪوره بدمعاش ماڻهو منهنجي حڪم ۾ ناهن. هن جواب موجب حجاج خليفي وليد کان سنڌ تي ڪاهه ڪرڻ جي اجازت گهري، پر اول کيس موڪل ڪا نه ملي ۽ جڏهن ٻيو ڀيرو به ساڳي گذارش ٿي ته پوءِ کيس اجازت ملي. اهڙيءَ ريت حجاج بن يوسف بُديل بن طِهفت کي سنڌ تي چاڙهي موڪليو، جيڪو سندس حڪم موجب مڪران مان محمد بن هارون کان ٽي هزار لشڪر وٺي مڪران تي نئون مقرر ٿيل جنگي سردار عبيدالله بن بنهان کي ساڻ ڪري، عربي سمنڊ ٽپي اچي ديبل بندر وٽ پهتو. ديبل واسين هن صورتحال کان راجا ڏاهر کي قاصد معرفت واقف ڪيو. تنهن تي راجا پنهنجي پٽ جئه سينه کي هاٿين ۽ اٺن تي مشتمل وڏو لشڪر ڏئي ديبل ڏانهن موڪليو، جنهن رسڻ شرط بُديل سان اچي جنگ جوٽي ۽ بُديل سميت گهڻن سپاهين کي قتل ڪري، باقي فوج کي ڀڄايو. پوءِ هڪڙي ٺَڪر کي ديبل جو حاڪم مقرر ڪري، جئه سينه واپس نيرون ويو. بدلي جي خوف کان انهيءَ وقت نيرون جي حاڪم سُندر شمتي راجا ڏاهر کان لڪ چوريءَ ۾ حجاج بن يوسف ڏانهن پنهنجو خاص ايلچي موڪلي، ڍل جي عيوض امان گهري، جيڪا حجاج کيس لکت ۾ ڏني. بُديل جي قتل ٿيڻ کانپوءِ حجاج محمد بن قاسم ثقفي کي سنڌ تي مقرر ڪري، کيس 6 هزارن کان وڌيڪ بهترين شامي جنگي جوانن جو لشڪر ڏيئي، شيراز جي رستي سنڌ تي چاڙهي موڪليو. ٻئي طرف قلعي جي جنگين لاءِ ضروري سامان ابن مغيره ۽ جُزيم جي اڳواڻيءَ ۾ غورابن وسيلي ديبل روانو ڪيو. محمد بن قاسم لشڪر سميت مڪران پهچي مڪران جي اڳوڻي حاڪم محمد بن هارون سان ملاقات ڪئي. بيمار هئڻ جي باوجود محمد بن هارون محمد بن قاسم سان هن مهم ۾ شامل ٿيو. اسلامي لشڪر ڪاهيندو، جڏهن سن 93 هجري ۾ ديبل پهتو. مختلف قلعا فتح ڪندو، محمد بن قاسم قلعي لاوڙ جي حد ۾ مهراڻ جي ڪناري اچي منزل انداز ٿيو. محمد بن قاسم راجا ڏاهر ڏانهن قاصد وسيلي جنگ ڪرڻ جو پيغام موڪلي درياءُ ٽپڻ بابت راءِ ورتي. راجا ڏاهر اسلامي لشڪر کي درياءُ ٽپي اچڻ ۾ آزاد ڇڏيو. هن اول پنهنجي پٽ جئه سينه کي عرب لشڪر سان جنگ ڪرڻ لاءِ چاڙهي موڪليو، جيڪو گهڻو لشڪر مارائي پسپا ٿي موٽي آيو. ان دوران موڪي جو ڀاءُ راسل به راجا ڏاهر کان ڦري اسلامي لشڪر سان اچي مليو. محمد بن قاسم اڳتي اچي جيوَر ۾ منزل انداز ٿيو ۽ ٽن ڏينهن اندر جنگ چالو ٿي وئي. ڏهين رمضان 93هجري تي راجا ڏاهر مارجي ويو ۽ اسلامي لشڪر سنڌ هٿ ڪئي. palijo_hai@hotmail.com
جواب: محترم جناب عبدالحئي پليجو جي لکين ڪالمن جو مجموعو يادگيري بچائڻ لاءِ جنگ اڱارو 19 جون 2007ع چاٻيون وڃايون يا وري ڪو نالو وسريو؟ انهن ڏينهن ۾ ماڻهو پنهنجي عمر رسيده يادداشت تيز ڪرڻ لاءِ جتن ڪندا آهن. هن صورت ۾ ڪهڙي شيءِ ڪم ٿي ڪري ۽ توهان کي ڳڻتي ڪڏهن ٿيڻ گهرجي؟ جنهن ڏينهن مون کي گهر جي معاملي ۾ چڙ پيدا ٿي، آئون پنهنجي يادگيريءَ بابت ڳڻتي ڪرڻ لڳس. دراصل جڏهن ويسر شروع ٿئي ته ماڻهوءَ کي ڳڻتي ڪرڻ لاءِ سبب موزون آهي. آئون عمر جي سٺ واري ڏهاڪي جي پڇاڙيءَ تي پهتو آهيان، جنهن عمر ۾ محسوس ڪرڻ لڳن ٿا ته سندن حواس ڪمزور ٿيڻ لڳا آهن جهڙوڪ نظر، جسماني قوت ۽ لياقت گهٽجڻ لڳي آهي. جيڪڏهن مٿين حواسن ۽ عضون ۾ ڪمزوري پيدا ٿئي ٿي ته پوءِ يادگيري ڇو ڪو نه گهٽبي. تنهن کان سواءِ نسلي اثرات پڻ آهن. مون کي به اهڙيون ڳالهيون پريشان ڪري وجهن ٿيون، جڏهن ڪنهن تقريب ۾ داخل ٿيندي ڪن ماڻهن سان متعارف ڪرايو وڃان ٿو ۽ اڃا مس وڃي ٿانيڪو ٿيان ٿو ته متعارف ماڻهن جا نالا وسري ٿا وڃن. جڏهن ڪنهن قسم جي نياپي يا هدايت موجب ڪنهن ڪمري ۾ داخل ٿيان ٿو ته اها ڳالهه وسري وڃي ٿي ته ڪهڙي ڪم سان هتي آيو آهيان؟ انهن حقيقتن جو مطلب ڇا آهي؟ ڇا ڪنهن مخصوص عمر کان پوءِ يادگيريءَ وارو دماغي رڪارڊ يا ڪئسيٽ ڀرجڻ لڳي ٿي يا اهو ته وچ عمر ۾ عام کوٽون، نقص يا حادثا پوئين عمر جي عذاب يا ناسور جا اشارا ٿين ٿا جهڙوڪ يادگيريءَ جي ڪمزوري يا کوٽ. جتي دماغ يادگيري گڏ ڪري ٿو، سو دماغ جو اڳيون ڀاڱو آهي، جيڪو يادگيريءَ کي وري ڪم ۾ آڻي ٿو. پنهنجي يادگيري گڏ ڪرڻ واري سموري صلاحيت جي باوجود اهو اڳيون ڀاڱو نهايت نازڪ آهي. عام ٿڪاوٽ کان وٺي جيوَ گهرڙن جي نهايت سادي تڪرار سان به ان ۾ گهٽ وڌائي پيدا ٿئي ٿي. وڏيءَ عمر ۾ دماغ جي انهيءَ اڳئين حصي ۾ ٿيندڙ عملن ۾ تبديلي ٿئي ٿي. اهو وري يڪسان طور هڪ هنڌان ٻئي طرف هٽي وڃي ٿو، جنهن سبب يادگيريءَ ۾ خلل پوي ٿو. گهڻن ماڻهن ۾ هن قسم جو نقصان ڳڻتيءَ جو باعث آهي، پر ايترو معذور ڪندڙ ڪونهي. 65 ۽ ان کان وڌيڪ سالن جي عمر وارن ماڻهن ۾ فقط 15 سيڪڙو شروعاتي قسم جي ويسر ٿيندي آهي. ڪيترا ٻيا ماڻهو ٿي سگهي ٿو ته نه سڃاتل مرضن جهڙوڪ شريانين جي ڀتين جي ٿولهه، مني اسٽروڪ ۽ ٽائروئڊ غدود ۾ ٿيل خرابيءَ سبب ويسر جو شڪار هجن. اڃا ٻين ماڻهن ۾ ويسر جو سبب شراب ۽ ٻيون منشيات جون شيون ٿي سگهن ٿيون. نشو ۽ سيڪس يادداشت کي وڌ ۾ وڌ نقصان ٿا پهچائين. اهي شيون جيڪي مرڪزي تنتي سرشتي تي منفي اثر ڪندڙ آهن جهڙوڪ غشي ڏياريندڙ دوائون يادگيريءَ سڌارڻ واري لياقت تي آلو غلاف چاڙهيو ڇڏين. رت جي داٻ واريون دوائون ۽ ڊپريشن کي ختم ڪرڻ واريون دوائون به مسئلا پيدا ڪري سگهن ٿيون. ان عمل دوران اهي يادگيري جهٽيندڙ خلين کي بلاڪ ڪنديون آهن. اهي خليا ياداشت پيدا ڪري سگهن ٿا. ڪيميائي شين جي استعمال کي روڪڻ سان مسئلو ڪجهه گهٽجي ٿو، پر صفا ختم نٿو ٿئي. شرابين کي سندن سمورن يادگيري خراب ڪندڙ خلين کي درست ڪرڻ لاءِ پورن پنجن سالن تائين شراب جو استعمال ترڪ ڪرڻو پوندو. يادگيريءَ جي ماهر گياتري ديوي جو چوڻ آهي ته انهن ماڻهن جي پوئين عمر ۾ وري به ويسر جي شڪايت جو انديشو موجود آهي. مٿي ڄاڻايل سمورين حالتن ۾ وڏو خطرو موجود آهي، پر عالم ماڻهن جي گهڻائي انهن تڪليفن کان بچيل آهي. تمام گهڻن ماڻهن ۾ سندن وچ عمر واري يادگيري برقرار رهي ٿي، پوءِ بلڪل ٿورڙي سڌري سگهي ٿي. ڪتاب ”ٽوٽل ميمري ورڪ آئوٽ“ جي مصنف سنٿيا گرين جو چوڻ آهي ته سٺي يادگيري قائم رکڻ لاءِ يادگيريءَ جي مشق ضرور ڪريو. توهان جڏهن به ڪنهن شخص سان پهريون دفعو ملو ته سندس چهري جي مهانڊي نقشن گار کي جاچي، پوءِ ان کي سندس نالي سان نفسياتي طور ڳنڍيو. اهو نفسياتي طور جيترو بي سُرو لڳندو، اوترو بهتر. ڇو ته اهو چڱي طرح ذهن تي اڪرجي يا ڇپجي ويندو. جيڪڏهن توهان وڏن ڪنن واري ماڻهوءَ سان ملو ٿا ته ذهن ۾ سندس اهڙي تصوير سمايو جيئن توپ سندس ڪنن وٽان ڇٽندي هجي يا ڪنهن وڏي وات واري شخص سان ملو ته ذهن ۾ هن لاءِ اهڙو خاڪو رکو، جو ڄڻ هن جي وات ۾ ڪپڙو پيل هجي. نالن ياد ڪرڻ لاءِ ماڻهن کان سندن نالن جي هِجي پڇو ۽ سندن نالن کي ورجائڻ يعني وري وري اچارڻ سان به يادگيري پڪي ٿئي ٿي. هن مشق جي مهارت لاءِ پهريائين ٻڙي کان وٺي 9 تائين سمورن انگن ۾ Consonant Sound يعني پڪن صحيح آوازن کي ياد ڪرڻو آهي. d-t ۽ th آواز برابر آهن.1 يعني هڪ جي.t,d,th,=1,n=2,m=3,r=4 وغيره هڪ ڀيرو جڏهن اها لسٽ يا جدول ياد ٿي وڃي ته پوءِ توهان کي ڪئين نمبر ياد ڪرڻ ۽ انهن جا اکر لڀڻ ۾ آساني ٿيندي ۽ انهن مان وري لفظ به ٺاهي سگهبا. يادگيري سڌارڻ جي هڪڙي عام دوا وٽامن اِي به آهي. هيءَ دوا جسم ۾ حياتياتي عمل دوران آڪسيجن وارن ڪيميائي مرڪبن کي نقصان ڪار عمل کان روڪڻ لاءِ ڪم اچڻ سبب مشهور آهي. ويسر بابت ڳڻتي ڪڏهن ٿي ٿئي؟ توهان کي وسري ٿو وڃي ته پنهنجون چاٻيون ڪٿي رکيون اٿوَ؟ پنهنجو چشمو وڃايو ڇڏيو. روزانو استعمال دوران آرسيءَ ۾ لاشعوري عجب سان ڏسو ٿا ته توهان ڏندڻ ڪيو بهآهي يا نه. هڪ دفعو توهان ڊنر پارٽي جي سلسلي ۾ غلط هوٽل تي حاضر ڏٺا ويا. هي ڇا پيو ٿئي؟ هنن غلطين کي توهان حافظي جي تمام خراب حالت يا مورڳو ويسر جو مرض تصور ڪريو ٿا يا نه؟ انهيءَ ڳالهه کي درگذر ڪريو. هن قسم جون ذهني غلطيون وچئين عمر ۾ معمول ٿي پون ٿيون. ايتري قدر جو نوان بالغ جوان جن کي سڄيون ساريون ڪمپيوٽر واريون ڊسڪون ياد هونديون آهن، ڪڏهن ته انهن کان به ويسر ٿئي ٿي. جيستائين منطقي طور تي حافظو خراب نٿو ٿئي، تيستائين فڪر ڪونهي. جيڪڏهن ڪوتاهيءَ جو سبب دماغ جي غير حاضري آهي ته ان جو مثال عظيم سائنسدان آئن اسٽائين به آهي، جنهن کي اضافت جي نظريي تي ڪم ڪندي سادا انگي حساب به وسري ويا. توهان کي ويسر بابت ڳڻتي تڏهن ڪرڻ کپي، جڏهن توهان لڳاتار حافظي جي ڪمزوريءَ جو شڪار رهو. مثال طور توهان کي پنهنجي چيل ڳالهه يڪدم وسري وڃي. مختلف مقرر ڪم مسلسل وسرندا رهن. هر هر ساڳيا لطيفا ٻڌائڻ يا ساڳئي ڪم لاءِ ساڳين ماڻهن کي هر هر فون ڪرڻ وغيره. يا وري مزاج ۾ تبديليءَ سبب پريشاني، چڙ يا شڪ جو پيدا ٿيڻ. وچئين عمر دوران گهڻين ئي ڳالهين ڪري حافظو ڪمزور ٿئي ٿو. ڊپ ۾ مبتلا ڪندڙ سوچ بابت ته ڪجهه چوڻو ڪونهي. اسان جا دماغ اهڙي ويسر جو شڪار آهن، جو آخرڪار اهي بيڪار اطلاعن ۽ خبرن سان سٿجيو وڃن. وڏيءَ عمر وارن ماڻهن ۾ حافظي جي خرابيءَ جا مسئلا، خراب کاڌي ۽ وٽامنن جي کوٽ ۽ غدودن ۾ گهٽ وڌائي سبب پيدا ٿين ٿا، جيڪي سموريون شڪايتون دوائن جي استعمال سان دور ٿي سگهن ٿيون. سواءِ انهن مرضن جي، جيڪي خاص طور تي وڏيءَ عمر وارن ماڻهن ۾ پيدا ٿين ٿا ۽ ختم نٿا ٿين. دماغ کي مسخ ڪندڙ بيماري البت مڪمل طور تي ختم نٿي ٿئي. هيستائين موجود دوائن سان چند علامتن کي گهٽائي سگهجي ٿو جهڙوڪ پريشاني، مايوسي، اٻاڻڪائي ۽ ننڊ جي خرابي وغيره. ڪنهن حد تائين حافظي جي تڪڙي خاتمي واري عمل جي رفتار کي به گهٽائي سگهجي ٿو. هن بيماريءَ جو اثر جدا جدا ماڻهن تي جدا نموني ٿئي ٿو. ڪن ماڻهن ۾ بيماريءَ جي سڃاڻپ کان پنج ڏهه سال پوءِ به ماڻهن جي راند جي صلاحيت برقرار هوندي آهي. بهرحال هي مرض سائنس جي تحقيق لاءِ اڃا تائين هڪ تمام وڏو مسئلو آهي. سائنسدانن ڪن اهڙن جزن کي سڃاتو آهي، جيڪي حافظي جي تنتي خلين کي ماريو ڇڏين. اهي انڪشاف هن خيال کي ممڪن بنائين ٿا ته هن موذي مرض جو مڪمل علاج ممڪن ٿي سگهندو. palijo_hai@hotmail.com
جواب: محترم جناب عبدالحئي پليجو جي لکين ڪالمن جو مجموعو مڪي شريف جو سفر سومر 25 جون 2007ع هي پهريون موقعو هو، جو گهر ڀاتين کانسواءِ ٻيو ڪو به ايئرپورٽ تي ڇڏڻ نه آيو. ڇو ته اڳ ڪنهن دوست سان گڏ يا اڪيلو وڃڻ ٿيندو هو، جنهن ڪري ڪافي دوست قرب ڪري ايئرپورٽ تي ڇڏڻ ايندا هئا، پر اڄ مون سان منهنجي گهر واري ۽ منهنجو پٽ نور هلي رهيا هئا. ان ڪري اسان کي صرف منهنجا ٻار ۽ قادر ايئرپورٽ تائين ڇڏڻ آيا. ٻارن کان موڪلائي، اسان انٽرنيشنل ڊپارچر لائونج ۾ آياسين. ڪسٽم ۽ اميگريشن کان واندا ٿي، جيستائين جهاز وڃي، تيستائين اميگريشن شفٽ انچارج جي آفيس ۾ اچي ويٺاسين. اميگريشن آفيسر ممتاز ميرجت چانهه پياري ۽ ايئرپورٽ پڻ ڏيکاريائين. اسان ايئرپورٽ بلڊنگ مان ئي جهاز ۾ چڙهياسين. پي آءِ اي جو جهاز اسان کي کڻي ڀليءَ ولايت ڏانهن روانو ٿيو. جهاز ۾ اسٽيورٽ سنڌي هو، جنهن اسان جي سٺي خدمت ڪئي. هوائي جهاز ۾ سج لهڻ کانپوءِ ۽ رات اچڻ کان اڳ آسمان ۾ ڪڏهن ڪڏهن اهڙي ته سهڻي روشني ڏسڻ ۾ ايندي، جو دل مست ٿي پوندي آهي. اڄ به آسمان ۾ اهڙو ئي خوبصورت منظر هو، جيڪو ڪافي وقت ڏسندا رهياسين. جهاز ۾ جيمز بانڊ جي فلم ڏيکاريائون ۽ ماني کارايائون. ڪراچيءَ کان جدو چئن ڪلاڪن جي فلائيٽ آهي. جدو رات جو روشني ڪري تمام خوبصورت لڳي رهيو هو. ڄڻ ته ڪو يورپ جو شهر هجي. هونئن عمري ۽ حج تي وڃڻ وارا جدي ايئرپورٽ تي لهڻ شرط مڪي هليا ويندا آهن، جنهن ڪري هو جدو ڏسي نه سگهندا آهن. جدو هڪ تمام سهڻو شهر آهي، جنهن کي موجوده حڪومت وڏي چاهه سان سنواريو ۽ سينگاريو آهي. هتي ميلن ۾ پکڙيل بيچ ۽ سمنڊ اندر تمام سهڻو لڳل ڦوهارو آهي، جيڪو ميلن ۾ ڏسڻ ۾ ٿو اچي. جدي ۾ بهترين قسم جون يورپين ريسٽورانٽ ۽ فائيو اسٽار هوٽلون، وڏيون وڏيون سپر مارڪيٽ آهن، جتي عورتون ۽ مرد گڏ گڏ پيا خريداري ڪن. هوٽلن ٻاهران عورتون بئنچن تي برقعن ۾ برگر کائيندي ملنديون. جدي شهر جي بازارن جي رونق ڪنهن به يورپ جي شهر کان گهٽ نه آهي. هڪ ڳالهه جيڪا مقامي ماڻهن لاءِ ڪا اهميت نٿي رکي، پر سياحن لاءِ وڏي اهميت جي ڳالهه آهي، سا آهي سخت گرمي، جنهن ڪري ماڻهو شام ٿيڻ کان سواءِ هن ملڪ ۾ ڪٿي به نڪري نٿو سگهي. خاص ڪري جيڪو ماڻهو آمريڪا ۽ يورپ کان پيو اچي ۽ عمرو ڪري واپس ملڪ پيو وڃي، تنهن کي ته گرمي اڌ مئو ڪريو ڇڏي. ايشيا جا ٻيا سهڻا شهر جهڙوڪ ٽوڪيو، سينگاپور، هانگ ڪانگ به گرم آهن، پر جدو ۽ دبئي انهن کان وڌيڪ گرم آهن. جدي شهر جي سهڻين روشنين کي ڏسندي، دل پئي چاهيو ته جهاز ڀلي آسمان ۾ پيو ڦري ۽ اسين اهو منظر صبح تائين ڏسندا رهون، پر جهاز رن وي تي لٿو. هڪ عجيب قسم جي بس جيڪا هيٺ مٿي پئي ٿي، تنهن ۾ پنجاهه کن مسافر سوار ٿيا ته ان جو دروازو بند ٿي ويو ۽ اها عام بسن وانگر هلڻ لڳي. اڳ ۾ مٿي هئڻ ڪري الائي ڇا پئي لڳي. اسان غير ملڪي هوائي ڪمپنين لاءِ ٺهيل ايئرپورٽ ڏانهن هلڻ لڳاسين. جدي ايئرپورٽ تي ٻه الڳ الڳ پورٽ آهن: هڪ سعودي ايئر لائين لاءِ جيڪو تمام وڏو ۽ سهڻو آهي، ٻيو ٻين ملڪن جي هتي آيل هوائي جهازن لاءِ، جيڪو نه ته ايڏو سهڻو ۽ نه وڏو آهي. اسان ايئرپورٽ تي لٿاسين ته اسانکي جهاز وارن لائين ۾ بيهاريو. اميگريشن هلندي ڪائونٽر تي ويٺل همراهه جنهن اميگريشن ٿي ڪئي، سو اٿي هليو ويو. ڪلاڪ گذرڻ کان پوءِ به ڪو نه آيو. مون هڪ خالي ڪائونٽر تي ويٺل اميگريشن آفيسر کي چيو ته اسان ان ڪائونٽر تي اچئون، ته همراهه کي ڳالهه نه وڻي. ڇو ته هن ايئرپورٽ تي ايندڙ گهڻو ڪري اهي ماڻهو هئا، جيڪي ملازمت لاءِ هتي ايندا آهن. اهي ويچارا حڪم جا بندا هڪ لفظ به نه ڪڇندا آهن. ايئرپورٽ جو اسٽاف به سمجهندو آهي ته هن ايئرپورٽ تي هر ايندڙ شايد نوڪريءَ سانگي آيو آهي. ان ڪري ڪنهن کي ليکيندا ئي ڪو نه آهن. مون ڏٺو ته وڏي تعداد ۾ فلپائن، ٿائيلينڊ، سيلون، انڊونيشيا جا اهڙا ماڻهو جن کي هڪ بئگ ۽ هڪ سامان جو ٿيلهو هو، سي قطار ۾ بيٺا هئا. انهن جي ڪاغذن جي جانچ پڙتال ۾ گهڻو وقت ٿي لڳو. سڀ مسافر هنن کي ايئن ٿي لڳا. نيٺ تنگ ٿي پي آءِ اي جي هڪ ملازم کي چيم ته ٻيلي هن جُٺ مان جند ڇڏراءِ. مون اردو ۾ ڳالهايو، پر هن همراهه مون سان سنڌيءَ ۾ ڳالهايو. ڪائونٽر تي اميگريشن وارن سان ڳالهائي، مونکي هلڻ لاءِ چيائين. هن سمجهيو ته اسان ٻه ڄڻا آهيون يعني آئون ۽ منهنجي گهر واري، پر نور کي اسان سان هلندي ڏٺائين ته مونکي چيائين ”مون هنن کي ٻن لاءِ چيو هو، هو ٽئين کي ڏسندا ته ناراض ٿيندا“. مون کيس چيو ته اها ڪا ايڏي وڏي ڳالهه ته ڪا نه آهي. کلي چيائين، ”سائين وڏا مٿي ڦريل آهن، اسانکي خبر آهي، پر اچو.“ اسان ڪائونٽر تي وياسين. اسان جا پاسپورٽ پي آءِ جي آفيسر جي هٿ ۾ هئا. پاسپورٽ ڪائونٽر تي ويٺل عرب وٺي، ڪمپيوٽر تي اسان جي عمري جي ويزا چيڪ ڪري، پاسپورٽ واپس ڪيا. مون سڄي دنيا ڏٺي آهي. يورپ، آمريڪا، جاپان جتي نشي جون شين آڻڻ ڪري ايئرپورٽ تي تمام گهڻي سختي آهي، پر ايئرپورٽ تي قائم سڀني ڊپارٽمينٽن جي اها ڪوشش هوندي آهي ته مسافرن کي جلد فارغ ڪريون. آمريڪا ۾ ته واپسيءَ ۾ ڪا به چيڪنگ نه آهي. نه ڪسٽم، نه اميگريشن، پر غريب ملڪن ۾ ايئرپورٽ جو عملو ڀائيندو ته مسافرن جو سامان اسان جو آهي. ايئرپورٽ کان ٻاهر نڪرندئو ته پوليس اهلڪار، ٽئڪسي وارا ۽ بشني به ورائي ويندا. اهي ماڻهو، جيڪي روزگار سانگي پنهنجو ديس ڇڏي پرديس ٿا وڃن، سي اهڙين ويڌنن تي هِري ويا آهن. ايئرپورٽ تي ٿوري ڪرنسي مٽائي ٻاهر نڪتاسين ته رات جو به گرمي پئي محسوس ٿي. اسان سمجهيو ته ٻاهر صاف عربي لڳي پئي هوندي، پر لنڊن ۽ دبئي ايئرپورٽ وانگي هتي به پنجاب سان تعلق رکندڙ ٽئڪسي ڊرائيور جام نظر آيا. جدو هجي، مڪو يا مدينو، مطلب ته هر هنڌ اهي ملندا. سعودي عرب ۾ سنڌي به ڪافي تعداد ۾ آباد آهن، جن ۾ ڪي ته تمام گهڻي وقت کان آباد آهن. اهي تمام وڏي طاقت جا مالڪ آهن، جن ۾ ڪامل سنڌي به شامل آهي. هو پهرين سعودي حڪومت جو ڊفينس منسٽر هو، پوءِ سعودي ايئرلائين جو مئنيجنگ ڊائريڪٽر به ٿيو. اسان به وڏي ڪشادي ڪار، جنهن کي هت ليموزين چون، هاير ڪئي. جنهن اٽڪل ڪلاڪ جي سفر کانپوءِ اچي اسان کي مڪي شريف ۾ پهچايو. palijo_hai@hotmail.com
جواب: محترم جناب عبدالحئي پليجو جي لکين ڪالمن جو مجموعو مديني شريف لاءِ تياري سومر 9 جولاءِ 2007ع منهنجي اک ان وقت کلي، جڏهن منا ۽ نور اڳئين نماز پڙهي، واپس ڪمري تي پهتا. اسان هوٽل کان ٻاهر مانيءَ لاءِ روانا ٿياسين. پاڪستاني کاڌن جون هوٽلون گهڻو ڪري سڀ پنجابين جون هيون. ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ هوٽلون بنگالين جون هيون. کاڌي ۾ سڻڀ تمام گهڻو استعمال ڪن. انهن هوٽلن جو اگهه گهڻو ڪري هڪ جهڙو آهي، جيڪو هن ريت آهي: ڪڪڙ جو ٻوڙ 6 ريال، ڪڪڙ جو تڪو 5 ريال، ڪو به ٻيو ٻوڙ 5 ريال، چانور سادا 3 ريال، ڌئونرو يا ڏهي 1 ريال، ڪوڪا ڪولا، پيپسي يا سيون اپ وڏي بوتل 2 ريال. پاڻيءَ جي وڏي بوتل به 2 ريال. باقي نان يا مٺا زردي جهڙا چانور ٿورا ننڍي پليٽ ۾ مفت ڏين. تمام گهڻو سڻڀ هئڻ جي باوجود کاڌا ڏاڍا مزيدار هئا. کائڻ کان پوءِ هضم به جلد ٿِي ٿَي ويا. نه ته پاڪستان ۾ گهڻي سڻڀ وارو کاڌو اصل هضم ئي نه ٿئي. ٻنپهرن جي ماني کائي، واپس هوٽل تي آياسين. هوٽل تي پهچي ڪراچيءَ فون ڪري ٻارڙن سان ڳالهايوسين ۽ سندن خيريت معلوم ڪئي سين. هتي عربستان ۾ هڪ روزاني اخبار به نڪري، جنهن ۾ گهڻو ڪري پاڪستان جون خبرون يا پاڪستاني جيڪي سعودي عربستان ۾ رهن، تن جي مسئلن سان ڀري پئي آهي. باقي سعودي عربستان جي خبر ڪا ايڪڙ ٻيڪڙ. اها اخبار مڪي، مديني ۽ جده ۾ هر وڏي بڪ اسٽال تان ملي. ٻاهر تمام گهڻي گرمي هئي، تنهنڪري ٻاهر نماز کان سواءِ وڃڻ جو ته سوال ئي ڪو نه ٿي ٿيو، جيستائين وڃي گرميءَ تي هِرون. سو مجبورن ڪمري ۾ ويهي اخبارون ۽ رسالا پڙهڻ لڳاسين. شام جو شهر جي بازارن جو چڪر لڳايوسين. بازارن ۾ ڪوريا ۽ جپان جو مال آمريڪا ۽ يورپ کان به وڌيڪ نظر آيو. هونئن به دنيا جي مارڪيٽن ۾ توهان کي هر عام استعمال جي شئي آمريڪا ۽ يورپ جي ڏسڻ ۾ ايندي، نه ڪي ٻئي ڪنهن ملڪ جي. مثال طور مشروبات جنهن ۾ ڪوڪا ڪولا، پيپيسي، جوس وغيره آهن، دوائن جون ڪمپنيون، ڪافي، چانهه جون ڪمپنيون، سگريٽن جون ڪمپنيون، صابڻ، صرف، پئنسلون، پينون، جوراب، ڊبل روٽيون ۽ بسڪيٽ سڀ جون سڀ ڪمپنيون آمريڪا ۽ يورپ جون آهن. انهن تي مغربي سرمائيدار ڪنهن کي هٿ به رکڻ نٿو ڏئي. باقي ڪمپيوٽر، سي ڊي ايس، موٽر سائيڪلون ۽ ڪارون ڪي عام استعمال جون شيون نه آهن، پر هت مڪي ۾ ڪجهه عام استعمال جون شيون به ڪورين ۽ جپاني ڏسڻ ۾ آيون. خاص طور پرس، شرٽون ۽ ٽارچون وغيره. مون ۽ منا ڪجهه پرفيوم ورتا. نور ڪجهه شرٽون ورتيون. ڪافي دير شهر مان چڪر هڻي، وري واپس ”ڪعبته الله“ ۾ حاضر ٿياسين، جتي سڄي رات عبادت ڪئي سين. ”بيت الله“ جي چوڌاري واري مسجد کي ”مسجد الحرام“ چيو ٿو وڃي، جنهن کي حضرت ابراهيم عليه السلام ”بيت الله“ سان گڏوگڏ قائم ڪيو. مسجد الحرام 45 ايڪڙن تي ڦهليل آهي، جنهن ۾ هڪ ئي وقت پنج لک ماڻهو نماز پڙهي سگهن ٿا. مسجد الحرام ۾ هڪ نماز جو ثواب هڪ لک نمازن جي برابر چيو وڃي ٿو. فجر جي نماز پڙهي، ناشتو ڪري، واپس پنهنجي هوٽل ڀيڙا ٿياسين. ننڊ ته ڄڻ اسان جو رستو جهليو ويٺي هئي. شام ڌاري ننڊ مان اٿيس ته نور ۽ منا ٻئي ڪو نه هئا. ٻن ڪلاڪن کانپوءِ آيا ۽ ٻڌايائون ته بيت الله ۾ عبادت لاءِ ويا هئا. ٻئي ڏهاڙي صبح سوير اسان کي مديني شريف لاءِ نڪرڻو هو. ان ڪري مڪي شهر جو ڪار ۾ چڪر لڳايوسين. مڪي جو شهر ”الحجار“ صوبي جو مکيه شهر آهي، جيڪو سعودي عرب جي مغرب ۾ آهي. سندس پکيڙ 10 ميل يا 26 ڪلوميٽر آهي. مڪي جي آدمشماري 15 لک آهي. مڪو پهرين دمشق، پوءِ بغداد ۽ مصرين جي ماتحت رهيو. آخر ۾ مڪي جا حاڪم ترڪ رهيا، جن کي 1916ع ۾ شريف حسين ابن علي نيڪالي ڏني ۽ بادشاهه ٿيو. 1924ع ۾ مڪي تي عبدالعزيز ابن سعود قبضو ڪري، حاڪم ٿيو، جيڪو خاندان اڃا تائين بادشاهت ڪندو اچي. مڪي جي گورنر کي امير به چون، جيڪو مڪي، جده ۽ تائف جو پڻ گورنر آهي. کيس سعودي عربستان جو بادشاهه مقرر ڪري. مڪي ۾ 14 ميمبرن تي چونڊيل ميونسپالٽي پڻ آهي. مڪي ۾ 1979ع کان وٺي هڪ بهترين يونيورسٽي پڻ آهي، جنهن جي ماتحت ڪيئي ڪاليج آهن. يونيورسٽيءَ جو نالو The Ummal Qura University آهي. انهيءَ کان سواءِ مڪي ۾ سعودي عربين انسٽيٽيوٽ فار هائير ايڊيوڪيشن پڻ آهي. سڄي سعودي عربستان وانگر هت پڻ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ مفت تعليم آهي. تعليم، صحت، ٽرانسپورٽ ۽ رستن تي صفائي ۽ سيڪيورٽي جو سڄي عربستان وانگر مڪي ۾ پڻ بهترين بندوبست ٿيل آهي. اسان صبح سوير وڏي ڪار ٽئڪسي ڪري مديني لاءِ روانا ٿياسين، جيڪو سڄو رستو جبل ئي جبل لڳو پيو هو. پنجن ڪلاڪن جي رستي ۾ ڪا ايڪڙ ٻيڪڙ هوٽل آهي، نه ته سڄو رستو سنسان آهي. رستن روڊن تي ڊپ ڊاءُ بلڪل نه آهي. مڪي مديني ۾ ڪار ۾ اچڻ وڃڻ ڪري تمام گهڻو خرچ ٿئي ٿو، پر جيڪڏهن بسن ۾ اچجي ته ڪار کان به وڌيڪ سهولت واريون بسون سڄو ڏينهن پيون مڪي ۽ مديني وچ ۾ هلن. اهي بسون هلٽن هوٽل جي پويان ئي بيهن. انهن بسن ۾ مفت ۾ سڄي واٽ ٿڌو پاڻي به پيارين. جيئن ته بس ڪار کان مٿي آهي، ان ڪري ماڻهو وڌيڪ علائقو اکين سان ڏسي سگهي ٿو. مڪي ۽ مديني وچ ۾ ڪافي بسون هلن، پر ايس اي بي ٽي ڪمپنيءَ جون بسون وڌيڪ آرامده آهن. مڪي مديني نه پر جده مديني وچ ۾ ايئر سروس پڻ هلي. سعودي عربستان ۾ جمعي جي ڏينهن موڪل ٿئي. آفيس ٽائيم 2:30 کان 7:30 آهي. گهڻو ڪري سڀ عرب ملڪن وانگر سعودي ڪرنسي پڻ بين الاقوامي طرح ڊالر سان لاڳاپيل آهي. سعودي عربستان 83000 هزار اسڪوائر ميلن تي پکڙيل آهي. حڪومت وزارتِ ڪائونسل هلائيندي آهي، جنهن جو اجلاس موڪلن کانسواءِ هر سومر تي باقاعدگيءَ سان ٿيندو آهي. 1992ع ۾ شاهه فهد بادشاهه ۽ شهرين جي وچ ۾ تعلقات بابت لکت ۾ پهريون دفعو پڌرنامو جاري ڪيو. 1993ع ۾ ملڪ ۾ اڳ قائم مجلس شورا جي جوڙ جڪ ۾ تبديلي آڻي، ان کي وڌيڪ فعال بڻايو ويو ۽ ان جي ميمبرن جو تعداد سٺ مان وڌائي نوي ڪيو ويو. (هلندڙ) palijo_hai@hotmail.com
جواب: محترم جناب عبدالحئي پليجو جي لکين ڪالمن جو مجموعو حاجين جو وڌندڙ انگ ۽ مسجد نبويءَ جي توسيع سومر 23 جولاءِ 2007ع هاڻوڪي سعودي حڪومت مسجد نبوي جي توسيع بابت تاريخ ۾ سڀ کان وڏو منصوبو هٿ ۾ کنيو، جنهن سان مسجد جي سائيز ٻيڻ کان به وڌائي وئي. ڇو ته هاڻي سال به سال حاجين جو تعداد وڌندو وڃي ٿو. 1995ع ۾ اهو انگ هڪ لک کي وڃي پهتو. حاجين ۽ مسافرن جي رهائش، سير سفر ۽ زيارت لاءِ جديد ۽ گهڻين سهولتن جي پيدا ٿيڻ سان مڪي شريف ۽ مديني پاڪ ايندڙ حاجين جي تعداد ۾ 1960ع کان وٺي تيزيءَ سان اضافو ٿيڻ لڳو. سن 1970ع ۾ ڏهه لک حاجي حج تي آيا. سن 1973ع ۾ شاهه فيصل بن عبدالعزيز مسجد نبوي جي اولهه واري پاسي کي اُس کان بچائڻ واسطي ڇٽين ۽ شاميانن لڳائڻ جو حڪم ڏنو. هن ڪم سبب مسجد ۾ ايندڙ ماڻهو هاڻ انهيءَ هنڌ به نماز پڙهڻ لڳا، پر اهو حل عارضي هو. مسجد لاءِ هڪ وسيع ۽ دائمي بندوبست گهربل هو. خادم الحرمين شاهه فهد جي سربراهيءَ ۾ ماهرن جي هڪ ٽولي مسجد ۾ وڌيڪ توسيع ۽ هڪ جامع منصوبو جوڙڻ لاءِ ٽن سالن تائين اڀياس ڪندي رهي. سن 1985ع ۾ جيئن ئي منصوبو مڪمل ٿيو ۽ گهربل تياريون ٿي ويون ته ڪم جي زور شور سان شروعات ٿي. ڪم ساڍن ستن سالن تائين هلڻو هو ۽ اهو 1992ع ۾ مڪمل ٿيڻ سان مسجد جي ايراضيءَ ۾ تقريبن پندرهوڻ تي توسيع ٿي. اها 1.78 ملين ۽ 178000 چورس فوٽ هئي. هاڻي مسجد ۾ هڪ ئي وقت تي ست لک ماڻهو نماز ادا ڪري سگهن ٿا. مسجد نبوي وانگر مسجد حرام جيڪا ڪعبي شريف جي چوڌاري اڏيل آهي، تنهن ۾ پڻ ٻيڻ تي توسيع ڪئي وئي ۽ هاڻي اتي ڏهه لک ماڻهو هڪ ئي وقت تي نماز پڙهي سگهن ٿا. هنن منصوبن تي عمل ڪرڻ لاءِ ستر بلين سعودي ريال خرچ آيا يعني 18.66 بلين آمريڪي ڊالر. مسجد نبوي جي توسيع واري منصوبي موجب انهيءَ جي ٽن طرفن کان نيون تعمير ٿيندڙ جڳهيون به شامل هيون. تنهن کانسواءِ سموري صحن ۾ اسلامي عمارت سازيءَ جي فن موجب جاميٽري واري سنگ مرمر جي فرش بندي به شامل هئي. نين عمارتن نماز واسطي ڇت ٻڌل ايراضي ميسر ڪئي. نئين تعمير ۾ 27 کليل صحن به شامل آهن. خراب موسم دوران انهن مٿان شاهي شاميانه لڳايا وڃن ٿا. انهن صحنن ۾ ٻن وڏن صحنن تي مشيني ڇٽيون لڳل آهن، جيڪي موسم آهر کولي يا بند ڪري سگهجن ٿيون. انهن ڇٽين ۽ شاميانن، بجليءَ جي نظام توڙي ٻين مشيني نظامن جو ڪنٽرول زيرِ زمين ڪمپيوٽرائيزڊ آٽوميٽڪ ڪنٽرول سينٽر وٽ آهي. هتي پنهنجي نوعيت جي تمام وڏي ايئر ڪنڊيشن سسٽم تي ضابطو آهي. 3 .4 ميل پري پاڻيءَ جي سپلائي جو هڪڙو نظام قائم ڪيل آهي، جتان پائيپن وسيلي زيرِ زمين سينٽر ۾ هڪ منٽ ۾ 17000گيلن تمام ٿڌو پاڻي پهچي ٿو، جيڪو مسجد ڪامپليڪس ۾ ڦرندڙ هوا کي ٿڌو ڪري ٿو. هن منصوبي مطابق مسجد جي اڳوڻن چئن منارن ۾ وڌيڪ ڇهن نون منارن جو اضافو ڪيو ويو. انهن منارن مان هر هڪ 360 فوٽ اوچو آهي ۽ ان جي چوٽيءَ تي 3 2 فوٽ وڏو هلال (چنڊ) نصب ٿيل آهي. اهي چنڊ براس ڌاتوءَ جا ٺهيل آهن ۽ اٽڪل پنج ٽن وزني آهن. سنگ مرمر ۽ گرينائيٽ پٿر جا ڪئين قسم سموري نئين تعميرات جي چوڌاري ٺهيل اڱڻ جي فرش ۾ لڳايا ويا آهن. سنگ مرمر ۽ براس ڌاتوءَ تي پوندڙ روشنيون رات جي وقت هن سموري ايراضيءَ کي چمڪائين ٿيون. هن توسيعي منصوبي جي تڪميل سان مسجد نبوي ۾ ويهه لک حاجين ۽ زيارتين جي عبادت لاءِ مناسب گنجائش ٿي پئي آهي. ويجهن ڏهاڪن دوران جيئن مسجد ۾ توسيع ٿيندي رهي آهي ته ان سان گڏ انهيءَ مسجد جي چوڌاري قائم شهر ۾ پڻ توسيع ٿيندي رهي آهي. نبي سڳوريﷺ وارو شهر پڻ صديءَ جي اختتام وقت ڀتين ۽ ڪوٽ اندر محدود ننڍي ڳوٺ واري حيثيت ۾ برقرار ڪونهي. هن وقت اهو مدينو پاڪ هڪڙو زبردست شهر آهي، جتي پنج لک انسان آباد آهن. قديم توڙي جديد لوڪ هڪ ٻئي سان امن ۽ ڀائيچاري سان هلن ٿا. شهر ۽ ان جي چوڌاري مذهبي ۽ تاريخي ماڳن جي گهربل حفاظت آهي. ساڳئي وقت شهر جي مادي ۽ سماجي سڌاري واسطي جديد آسائشون ۽ سهولتون مهيا ڪيون ويون آهن. مديني جو شهر آهستي آهستي، پر چوڌاري وڌڻ ۽ پکڙجڻ لڳو. انهيءَ ڳالهه جي پيش نظر شهر ۾ پاڻيءَ جي سپلائي لاءِ پڻ خاص ڌيان ڏنو ويو. هن مسئلي کي سرڪار فقط چشمن تائين محدود نه رکيو، جتان اڳي رواجي طرح پاڻي حاصل ڪيو ويندو هو. ڳاڙهي سمنڊ وٽ مٺو پاڻي ٺاهيندڙ ڪارخانن کان شاهي پائيپن وسيلي پاڻي مديني ۾ پهچايو وڃي ٿو. هي منصوبو شهر ۾ پاڻيءَ جون مڪمل ضرورتون پوريون ڪري ٿو. تنهن کانسواءِ ساڳئي پاڻيءَ کي هڪ کان وڌيڪ ڀيرا استعمال ڪرڻ واري اصول موجب گهرن ۾ استعمال ٿي، نيڪال ٿيندڙ پاڻيءَ کي وري استعمال ڪري، شهر ۾ 60 شاهي پارڪ لڳا يا ويا آهن. راندين جا ميدان به ٺاهيا ويا آهن. جتي شهرين جي وندر جو جوڳو بندوبست ٿيل آهي. مديني جو شهر هاڻي رستن ۽ روڊن جي انهيءَ جديد ڄار جو هڪ حصو آهي، جنهن وسيلي سڄي ملڪ جا شهر هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن. شهر جي اتر اوڀر طرف ستن ميلن جي مفاصلي تي هڪ عاليشان هوائي بندر اڏيو ويو آهي، جيڪو مديني شريف کي ملڪ ۽ دنيا جي مکيه شهرن سان ملائي ٿو. گذريل چوڏهن صدين کان وٺي مدينو شريف اسلامي تعليمات جو مرڪز ٿي رهيو آهي، جتي پوريءَ دنيا کان شاگرد توڙي عالم علم جي حصول لاءِ ايندا رهن ٿا. هن وقت تعليم جي جديد نظام موجب شهر ۾ سوين پرائمري، ثانوي ۽ اعليٰ تعليم جا ادارا موجود آهن، جتي ٻار توڙي نوجوان پڙهن پيا. انهيءَ کان به وڌيڪ اها ڳالهه ته سن 1966ع ۾ هتي هڪڙي اسلامي يونيورسٽي قائم ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ مديني توڙي ملڪ جي ٻين هنڌن کان ۽ دنيا جي هڪ سئو کان وڌيڪ ملڪن مان آيل شاگرد پڙهي رهيا آهن. سن 1985ع ۾ شاهه فهد مديني پاڪ جي ويجهو هڪڙي نرالي ڪامپليڪس جو افتتاح ڪيو، جنهن جو نالو شاهه فهد هولي قرآن پرنٽنگ ڪامپليڪس آهي. هيءَ بلڊنگ 37 ايڪڙ ايراضيءَ تي ٻڌل آهي، جتي قرآن شريف جا لکين جُلد بهترين ڇپائيءَ سان تيار ٿين ٿا. پندرهن سئو عالم، ڪاريگر ۽ فنڪار هن اداري ۾ مقرر آهن. هتي هر سال قرآن شريف جا چوڏهن ملين جُلد عربي ۽ ڇهن ٻين مکيه ٻولين ۾ ڇپجن ٿا. قرآن شريف جي آڊيو ڪيسٽن جا ٻه لک سيٽ تيار ٿين ٿا. اهي قرآني جُلد ۽ ڪيسٽون حرمين جي زيارتين ۽ ٻين مذهبي ادارن، اسڪولن ۽ يونيورسٽين ۾ مفت ورهائجن ٿيون. تنهن کانسواءِ قرآن شريف جا نسخا دنيا جي ٻين ملڪن جي اسلامي ادارن، مسجدن ۽ اسڪولن وغيره کي تحفي طور به ڏجن ٿا. مديني شريف ۾ ٻين شين سان گڏ اتي جي کجين جي باغن ۽ ڀاڄين جي فارمن پڻ ترقي ڪئي آهي. کجين جي پنج سئو ملڪي قسمن مان 120 قسم فقط مديني جي کجين جي باغن ۾ پيدا ٿين ٿا. ”اجوا“ سميت کجين جا سمورا بهترين قسم شهر جي چوڌاري قائم کجين جي نخلستانن ۾ پيدا ٿين ٿا. مديني شريف جي شهرين جي زندگيءَ جو چرخو مسجد نبوي ۽ حاجين جي خدمت ڪندي ڦري ٿو. تنهن جي پيش نظر اهي تجارتي ميدان ۾ به نمايان حصو وٺن ٿا. گذريل چند ڏهاڪن دوران هزارين دڪان، اسٽال ۽ شاپس وغيره کلي ويا آهن، جيڪي شهرين توڙي حاجين ۽ ٻين زيارتين جون سموريون ضرورتون پوريون ڪن ٿا. ويهين صديءَ جي پڇاڙيءَ کان وٺي مديني شريف جي حيثيت هڪڙي جديد شهر واري ٿي پئي آهي، پر شهر پنهنجي مذهبي ۽ ثقافتي ورثي کي برقرار رکندو اچي. (هلندڙ) palijo_hai@hotmail.com
جواب: محترم جناب عبدالحئي پليجو جي لکين ڪالمن جو مجموعو امن ئي امن، خالص عربي ماحول ۽ آبِ زم زم سوم 30 جولاءِ 2007ع اڄ جي ترقي يافتي مديني منوره کي يورپ ۽ آمريڪا جي شهرن سان ڀيٽي سگهجي ٿو، جتي سهڻا فلاءِ اوورس، روشنين سان جڳ مڳ ڪندڙ سهڻا زير زمين ۽ ٻاهريان رستا، ترتيب سان پوکيل وڻ، چوڪن تي خوبصورت ڦوهارا ۽ انهن ۾ سهڻيون روشنيون، وڏيون وڏيون عمارتون، انٽرنيشنل اسٽئنڊرڊ جون هوٽلون، سهڻو ايئرپورٽ، خوش پوش مرد ۽ عورتون، سهڻيون ڪارون مطلب ته چوطرف توهان کي خوشحالي ۽ رونق نظر ايندي. اسان رات جو حضور صه جن جي روضي مبارڪ ۾ عبادت کانپوءِ مديني منوره جي گهٽين ۽ بازارن مان ٿيندا، اچي پنهنجي هوٽل پهتاسين. صبح جو سوير اسان هڪ ڪار ڪرائي تي ڪئي، جنهن ۾ زيارتون ڪري، مڪي ڏانهن رواني ٿيڻ جو پروگرام ٺاهيو هوسين. پهريائين اسان ”جنت البقيع“ وياسين. هي قبرستان مسلمانن جو هڪ اهم قبرستان آهي، جيڪو حضور صه جن جي روضي ۽ مسجد نبوي جي بلڪل ويجهو آهي. روايت آهي ته حضور صه جن هر جمعي جي ڏينهن فجر نماز کانپوءِ دعا لاءِ هتي ايندا هئا. هي قبرستان مسلمانن جي اهم شخصيتن جي آخري آرامگاهه آهي، جتي حضور صه جن جون سڀ پاڪ بيبيون (سواءِ بيبي خديجت الڪبريٰ رضه ۽ بيبي ميمونه رضه جي) حضور صه جن جون ٽيئي پاڪ نياڻيون، پڦيون، چاچو حضرت عباس عه، حضرت عثمان رضه (ٽيون خليفو) حضرت امام حسن عه، حضرت عقيل بن ابو طالب رضه، حضرت حليمان رضه، حضرت امام مالڪ عه، حضرت امام باقر عه، حضرت امام جعفر عه، حضرت امام زين العابدين عه، حضرت عبدا بن مسعود رضه(ڪاتبِ وهي)، حضرت سعد بن ابي وقاص رضه، حضرت عبدالرحمان بن عوف رضه، حضرت اسد بن زرا رضه، حضرت ذڪي الدين رضه کان علاوه جنگ احد جا ڪيترا ئي شهيد اچي وڃن ٿا. انهيءَ کانپوءِ اسان جبل اُحد آياسين، جتي حضرت حمزه رضه بن عبدالمطلب جي قبر مبارڪ آهي، جيڪو حضور صه جن جو پيارو چاچو هو. جنگ احد اها جنگ آهي، جنهن ۾ حضور صه جن جا چار ڏند مبارڪ پڻ شهيد ٿيا. اسان هاڻ مسجد قبا ڏانهن روانا ٿياسين. قبا اها جڳهه آهي، جتي حضور صه جن جڏهن مڪي کان هجرت ڪري مديني اچي رهيا هئا ته پاڻ چار ڏينهن هتي عمرو بن عوف رضه وٽ ترسيا هئا. پوءِ جڏهن حضرت علي عه، حضور صه جن جون رهيل امانتون ماڻهن کي ڏئي واپس پهتا ته پوءِ پاڻ مديني منوره ڏانهن روانا ٿيا. اهو جمعي جو ڏينهن هو ۽ رستي ۾ حضور صه جن جمعي جي نماز مسلمانن کي پڙهائي. اها پهرئين جمعي جي نماز هئي، جيڪا حضور صه جن جي پيش اماميءَ ۾ مسلمانن مديني منوره ۾ پڙهي. انهيءَ جڳهه تي ٺهيل مسجد کي ”مسجدِ جمع“ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. حضور صه جن جمعي نماز جي موقعي تي خطبو پڻ ڏنو، جيڪو اسلام جو پهريون خطبو آهي. مسجد قبا اها مسجد آهي، جنهن جو بنياد مسجد نبوي کان به اڳ پيو. هن جي تعمير ۾ حضور صه جن پاڻ حصو ورتو ۽ ان جو بنياد رکيو. رات جو سفر ڪندي معلوم ٿيو ته هتي هر گهر لائيٽ سان روشن آهي. بلڪل ائين جيئن آمريڪا جي رياست 9 يڊا ۾ باءِ روڊ سفر ڪندي، توهان کي ڏينهن جو ته جبل ئي جبل نظر ايندا، پر رات جو هر هنڌ پري پري تائين روشني نظر ايندي. هتي به ڪافي تعداد ۾ رات جو لائيٽون نظر آيون. خوشحاليءَ جو اهو به هڪ اهڃاڻ آهي. رستي ۾ اسان جي عرب ڊرائيور نماز پڙهي ۽ ماني کاڌي. اتي اسان کي خالص عرب ڪلچر نظر آيو. ڇو ته وڏن شهرن ۾ مڪي، مديني ۽ جده ۾ ته عربن سان ٻيا ماڻهو به هر هنڌ نظر ايندا، پر هتي صرف عرب ئي عرب هئا. عربي لباس ۽ عربي زبان. هتي هڪ وڏو پئٽرول پمپ ۽ ڪيتريون هوٽلون ۽ ڪجهه دڪان هئا. اسان به هڪ هوٽل تي عربي قسم جي ماني کاڌي، جنهن ۾ مصالحا گهٽ ۽ سڻڀ وڌيڪ هو. اسان ماني کائي مڪي شريف ڏانهن روانا ٿياسين. عربستان ۾ جڏهن پئٽرول ڪو نه نڪتو هو، تڏهن هن ملڪ ۾ هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ وڃڻ خوف کان خالي نه هو، پر هاڻ پيٽرو- ڊالر هن ملڪ جي تقدير ئي بدلائي ڇڏي آهي. ملڪ ۾ مڪمل سڪون آهي ۽ ڪو به خوف ۽ خطرو نه آهي. هونئن به دنيا جا امير ملڪ جن ۾ جاپان، مغربي يورپ ۽ آمريڪا اچي وڃن ٿا، انهن ۾ ڊپ ۽ خوف جو ڪو تصور ئي نه رهيو آهي. توهان سڄي سڄي رات پيا شهرن ۾ هلو يا سفر ڪريو، پر توهان کان ڪو به ڪو نه پڇندو ته ڪيڏانهن پيا وڃو، ڊگي کوليو يا گاڏيءَ مان هيٺ لهو، گاڏي چيڪ ڪنداسين. ان جي مقابلي ۾ غريب ملڪن ۾ روڊ رستن تي ڇا، پر توهان پنهنجي گهر ۾ به محفوظ نه آهيو. لوهي گِرلون، اليڪٽرڪ وائرنگ، باڊي گارڊ ۽ آٽوميٽڪ جديد هٿيار، پر تڏهن به اغوا، ڌاڙا، ڦرون، قتل و غارت روز جو معمول آهن. اسان رات جو دير سان مڪي شريف ۾ پنهنجي هوٽل تي پهتاسين، جتي ڪجهه دير آرام ڪري، فجر سان ”بيت ا“ ۾ وڃي عبادت ڪئيسين. ٽن چئن ڪلاڪن جي عبادت کانپوءِ آب زم زم جي کوهه تي وياسين. بيت ا شريف ۽ حرم پاڪ ۾ جيڪي به پاڻيءَ جا ڪولر رکيل آهن، سي سڀ ئي آب زم زم جي پاڻيءَ مان ڀريل هوندا آهن. آب زم زم جو کوهه هاڻ پنهنجن کوهن وانگر نه آهي، بلڪه ان کي بند ڪري، پائيپن وسيلي پاڻي ڪڍيو ٿو وڃي. ٻاهران ڄاري لڳائي ڇڏي اٿن، جنهن ڪري ماڻهو اندر نٿو وڃي سگهي. آب زم زم جي پاڻيءَ جي رحمت جي تاريخ ڪجهه هن ريت آهي: جنهن وقت بيبي حاجره صاحبه جن پنهنجي جگر جي ٽڪر حضرت اسماعيل عليه السلام کي اڃ ۾ بيتاب تڙپندو ۽ ڦٿڪندو ڏسي، رب سائين کي ستائي، پاڻ به پريشان حال صفا ۽ مروه جي وچ ۾ ڊوڙون پائي رهي هئي، ان وقت رب العزت پنهنجي پيارن جي ان مشڪل کي آسان ڪرڻ خاطر سندن دعائون مستجاب ڪيون ۽ ڪعبه جي ڀرسان عين ان جاءِ تي، جتي ننڍڙو اسماعيل عليه السلام اڃ جي شدت ۾ روئي رهيو هو، اتي پاڻيءَ جو چشمو جاري ڪيو. بي بي صاحبه جن اهو پاڻي ڏسي باغ بهار ٿي وئي. ا سائين جا شڪرانا بجا آندائين ۽ پاڻيءَ مان ٻڪ پي، مُشڪ ڀريائين. اڃا به ڏٺائين ته پاڻي ڏاڍي زور ۽ شور سان زمين جو سينو چيري نڪري رهيو آهي، تڏهن هتان هتان ريت گڏ ڪري، پاڻيءَ کي روڪ ڏيندي چوندي وئي: ”زم زم...“ زم زم جي معنيٰ آهي:”بيهه بيهه.“ اهو رحمت جو چشمو اڄ ڏينهن تائين جاري ساري آهي. (هلندڙ) palijo_hai@hotmail.com
جواب: محترم جناب عبدالحئي پليجو جي لکين ڪالمن جو مجموعو عمري جي ادائگي سومر 2 جولاءِ 2007ع ڪجهه عرب ملڪن ۾ ته ايڏي دولت آهي، جو هنن ملڪن ۾ ايڏي گرمي نه هجي ته ڏاڍا ٽوئرسٽ اچن ۽ انهن مان ڏاڍي دولت ڪمائين. مغربي يورپ جي ملڪن جي ايڏي وڏي ترقيءَ جو راز اصل سياحن ۽ سڄيءَ دنيا جي شاگردن جو هتي تعليم لاءِ اچڻ آهي. ان مان هنن کي تمام گهڻي آمدني ٿي ٿئي. باقي هٿيار ته روس ۽ چين به مغربي ملڪن وانگر پيا وڪرو ڪن، پر انهن ملڪن ۾ ٽوئرسٽ نه جي برابر وڃن. يورپين ملڪ سياري کان سواءِ سڄو سال ٽوئرسٽن سان ڀريل ملندا. صرف اٽليءَ جي هڪ شهر وينس(vience) جو ئي مثال وٺو، جنهن جي آدمشماري ٽي لک آهي، پر صرف هڪ سال ۾ ٻه ڪروڙ ٽوئرسٽ اچن ٿا. ٻه ڪروڙ ماڻهن مان هي ڇا ته دولت ڪمائيندا هوندا. اهو ته ٿيو صرف هڪ شهر جو مثال، سڄي يورپ ۾ ڪيڏي دولت ايندي هوندي. يورپ کان سواءِ ايشيا ۾ پڻ فار اِيسٽ ۾ تمام گهڻا ٽوئرسٽ اچن ٿا. عمري تي وڃڻ کان اڳ ڪافي دوستن کان عربستان بابت ڄاڻ ورتي هئم ۽ اهو به معلوم ڪيو هيم ته ڪٿي رهجي. ڪافي دوستن مڪي شريف ۾ هوٽل نسيم يا نسيم فندق(عربيءَ ۾ هوٽل کي فندق چون) ۾ رهڻ جي تجويز ڏني هئي، سو اسان ٽئڪسي واري کي چيو ته اسان کي مڪي شريف ۾ هوٽل نسيم تي لاهج. مڪو شريف دنيا جو اهو خوشنصيب شهر آهي، جنهن کي الله سائين خود شانائتن لقبن سان نوازيو آهي. قرآن پاڪ ۾ هن مقدس شهر کي ڪيترن ئي نالن سان پڪاريو ويو آهي: (1 )بيکته المبارڪا (2) ام القريٰ (3) بلد الامين الله سائين هن پاڪ شهر کي قرآن شريف ۾ پنهنجو شهر ڪري ياد ڪيو آهي. مڪي شريف کي هي شرف پڻ حاصل آهي ته مسلمان کان سواءِ ڪو به ٻيو ماڻهو هن شهر ۾ داخل ٿي نٿو سگهي، جيڪا رب پاڪ جي مهربانين سان اسان کي به سعادت نصيب ٿي. اسان جي ڪار اچي هوٽل نسيم وٽ بيٺي. ڪار مان لهي اسان هوٽل ڏسڻ وياسين، پر اسان کي نه وڻي. تنهن ڪري ٽئڪسي واري کي چيوسين ته ڪا ٻي هوٽل ڏيکار. هن ڀر ۾ ئي موجود هوٽل الحجاز نالي ڏيکاري، جيڪا اسان سڀني کي پسند آئي. چوويهن ڪلاڪن جي مسواڙ هڪ سئو ريال هئي. اسان چانهه پي، مسجد عمرا يا عائيد ڏانهن ٽئڪسيءَ ۾ روانا ٿياسين. ڇو ته اسان احرام گهران ٻڌي نه نڪتا هئاسين. ان لاءِ جيڪو به گهران احرام ٻڌي نه نڪري، سو انهيءَ مسجد ۾ احرام ٻڌي، ٻه نفل پڙهي، عمري جي نيت ڪري پوءِ عمري لاءِ بيت الله ۾ داخل ٿيندو آهي. احرام ڪپڙي جي ٻن اڻ سبيل ٽڪرن کي چئبو آهي، جن مان هڪ ٽڪرو گوڏ لاءِ ته ٻيو ٽڪرو مٿئين حصي لاءِ هوندو آهي. احرام جي گوڏ وارو حصو ڍرو ٿئي، جيئن احرام مٿان ڪا شيءِ ڇڪي ٻڌي سگهجي. احرام ۾ مٿو اگهاڙو هوندو آهي ۽ احرام ٻڌڻ واري کي محرم چئبو آهي. هو ڪن خاص پابندين هيٺ اچي ٿو، جيڪي عام حالتن ۾ صباح ٿيل آهن، پر هاڻ حرام آهن، جنهن کان پوءِ عمري جي نيت ڪري عمرو ڪبو. عمره جي معنيٰ آهي”زيارت.“ شرعي طريقي ۾ ميقات (مڪه پاڪ جي حرم جون مقرر ڪيل حدون) احرام ٻڌي، خانه ڪعبه جو طواف، صفا ۽ مروه پهاڙين جي وچ ۾ سعي ڪري، وار ڪترائڻ يا ڪوڙائڻ کي عمرو چئبو آهي. حج فرض آهي، پر عمرو فرض نه آهي. عمرو ادا ڪرڻ سنت موڪده آهي. حج لاءِ وقت مقرر آهي، پر عمري لاءِ ڪو به وقت مقرر نه آهي، يعني ٻارهئي مهينا عمرو ڪري سگهجي ٿو. خانه ڪعبه، بيت الله، ڪعبته الله يا الله جو گهر مسجد الحرام جي وچ ۾ 50 فوٽ ڊگهي مستطيل عمارت آهي، جنهن جي ويڪر 5 3 فوٽ ۽ ڊيگهه 5 4 فوٽ آهي. اڀرندي ۽ اترئين ڪنڊ تي ڀت ۾”حجرِ اسود“ لڳل آهي. حجر اسود هڪ قديم تاريخي پٿر آهي ۽ عهدِ ابراهيمي کان ڪعبته الله جي ڏکڻ- اوڀر رڪن ۾ نصب آهي، جيڪو اهلِ اسلام جو قبلو آهي. روايتن موجب حجر اسود حضرت آدم عليه السلام سان گڏ ئي زمين تي لاٿو ويو هو، پر ان روايت ۾ زياده زور نه آهي. جڏهن ته صحيح مستند روايتن مطابق حجر اسود عهد ابراهيمي ۾ پهريون ڀيرو جبرائيل امين جي نشاندهيءَ تي بيت الله جي هاڻوڪيءَ جڳهه تي نصب ڪيو ويو هو. هڪ موقعي تي خود رسول الله ﷺ جن پنهنجي هٿن مبارڪن سان ان جڳهه تي رکيو، جتي پهريان موجود هيو ۽ جتي اڄ به موجود آهي. حجر معنيٰ پٿر ۽ اسود معنيٰ ڪارو، مطلب ٿيو: ڪارو پٿر. حجر جيتوڻيڪ پٿر ئي آهي، پر هي ڪعبته الله جي پٿرن يا عام پٿرن کان قطعي طور تي مختلف آهي. عهد ابراهيمي ۾ حجر اسود جي ڊيگهه ۽ ويڪر ڪيتري هئي، ان باري ۾ ڪا واضح روايت نه ٿي ملي، پر عهدِ نبوي صلعم تائين حجر اسود بلڪل ٺيڪ ٺاڪ هيو. عهد زبيريءَ ۾ جڏهن 9 6 هه ۾ حجر اسود کي حصين بن نميرڪندي جي محاصري ۽ سنگباريءَ ۾ نقصان پهتو، ته ان جي اصلاح ڪري، ٻيهر نصب ڪيو ويو هو. جيتوڻيڪ اهو ٽن ٽڪرن ۾ منقسم ٿي ويو هو، پر ان جي ڊيگهه ۽ ويڪر متاثر نه ٿي هئي. ان جو طول هڪ هٿ هو. اهڙيءَ طرح محمد بن نافع الخزاعي مطابق 9 3 3 ۾ جڏهن قرامطه کان واپس وٺي، ان کي پنهنجيءَ جڳهه تي ٻيهر نصب ڪيو ويو هو، ان وقت به ان جي ڊيگهه بدستور هڪ هٿ هئي. امام ابن ملان اڪملي جو بيان آهي ته سلطان مراد خان جي زماني 1039 هه ۾ بيت الله جي تعمير جي موقعي تي جڏهن ان حجر اسود کي ڏٺو ۽ ان جي پيمائش ورتي، ته ان جي ڊيگهه هڪ هٿ ڪئي. ان وقت هي تيرهن حصن ۾ تقسيم ٿيل هو، جن کي چانديءَ جي مدد سان ڳنڍيو ويو. بيت الله جي تعمير ۾ ڀوري سليٽي رنگ جي وڏن پٿرن کي استعمال ڪيو ويو آهي. پاڪ عمارت مٿان ڪاري رنگ جو ريشمي غلاف چڙهيل آهي، جنهن تي سونهري اکرن سان قرآني آيتون لکيل آهن. اسان بيت الله جي اڳيان بيهي، اکين کي ڇنڀڻ کان روڪي، ڪعبته الله ڏانهن نهاري، دعا گهري. اسان طواف جي نيت پڙهي، طواف شروع ڪيو. طواف حجر اسود کان شروع ٿئي ٿو، وري واپس حجر اسود وٽ پهچڻ تي هڪ ڦيرو پورو ٿئي ٿو. اهڙن ٽن ڦيرن کي رمل چئبو آهي، جنهن ۾ ٿورو تيزيءَ سان پَٻن تي هلڻو پوندو آهي. باقي چار ڦيرا معمولي رفتار سان طواف ڪجي. حضور صلعم جن پڻ حج ۽ عمره ۾ ايئن طواف ڪندا هئا.(صحيح بخاري ۽ مسلم) طواف وقت ايتري رش نه هئي، نه گرمي هئي. اسان بيت الله جو طواف ڪري صفا ۽ مروه سعي ڪري، ڪئنچيءَ سان ٿورا وار ڪٽرائي، پوءِ اچي بيت الله ۾ نفل پڙهيا ۽ قرآن پاڪ جي تلاوت ڪئي. طواف صرف فرض نمازن جي دوران نه ٿئي. هونئن سڄو سال جاري آهي. سڄيءَ دنيا جا مسلمان بيت الله جو چوگرد طواف ڪندا رهندا آهن. اسان سڄي رات عبادت ڪئي ۽ فجر جي نماز پڻ بيت الله ۾ پڙهي. پوءِ ناشتو ڪري پنهنجيءَ هوٽل جي ڪمري ۾ سمهي رهياسين. palijo_hai@hotmail.com
جواب: محترم جناب عبدالحئي پليجو جي لکين ڪالمن جو مجموعو هڪ رڻ پٽ ۾ پيدا ٿيل پاڪ چشمي جي ڪهاڻي سومر 6 آگسٽ 2007ع جڏهن حضرت اسماعيل ٻن ٽن سالن جا ٿيا ۽ اڃا حضرت اسحاق جن جي ولادت نه ٿي هئي ته رب تعاليٰ جي طرفان حڪم مطابق حضرت ابراهيم عليه السلام بيبي حاجره ۽ حضرت اسماعيل عه کي مڪي شريف ۾ وٺي آيا ۽ ڪعبت الله جي ڀرسان کين ڪجهه کجورون شڪيزه پاڻيءَ جا ڏيئي، واپس روانا ٿيڻ لڳا. بيبي حاجره جن سندن پويان ڊوڙيون ۽ چيائون ته”اي خليلِ خدا! اسان کي هت رڻ پٽ ۾ اڪيلو ڇڏي، ڪيڏانهن ٿا وڃو؟ هن بَر پٽ ۾ نڪو ماڻهو، نه ڪا واهر، نه وسندي آهي. اسان کي ڪنهن جي آسري ڇڏي ٿا وڃو؟“ بيبيءَ صاحبه جن ٻه ٽي ڀيرا ائين چيو، پر حضرت ابراهيم عليه السلام جن ڪو به جواب ڪو نه ڏنو. وري عرض ڪيائون”يا خليل الله! ڇا الله تعاليٰ اوهان کي اهو حڪم ڪيو آهي؟“ فرمايائون ”ها! مونکي اهو حڪم الله جي طرفان ٿيو آهي.“ بيبي صاحبه جن فرمايو”ته پوءِ اوهان ڀلي هليا وڃو، پڪ هو مهربان موليٰ اسان کي برباد ڪو نه ڪندو ۽ ضرور پنهنجي حفاظت ۾ رکندو.“ حضرت ابراهيم عليه السلام جن جي رواني ٿيڻ کانپوءِ ڪعبت الله جي ڀر ۾ جتي زم زم جي کوهه جا نشان آهن، اتي ننڍڙي حضرت اسماعيل عه کي هنج ۾ کڻي، بيبي صاحبه جن اڪيليون ويهي رهيون. هوڏانهن حضرت ابراهيم عليه السلام جن تيستائين مڙي ڪو نه ڏٺو، جيستائين کين خدشو هو ته بيبي صاحبه جن جي نظر پوندي هوندي. جڏهن کين يقين ٿي ويو ته هاڻي آئون بيبي صاحبه جن جي نظرن کان غائب ٿي ويو آهيان، تڏهن پوئتان مڙي ڪعبت الله شريف ڏانهن مهاڙ ڪري، ٻئي هٿ مٿي کڻي هيءَ دعا گهريائون: ”اي منهنجا رب! مان پنهنجي ٻارن ٻچن کي هن بيابان ۾ تنهنجي مقدس ۽ محترم گهر جي ڀرسان ڇڏي پيو وڃان. تون هنن جي حفاظت ۽ رکوالي ڪج، تون هنن کي هدايت نصيب ڪج، جيئن هو نماز جي پابندي رکن. تون ماڻهن جي دلين کي هنن ڏانهن مائل ڪري ڇڏج. اي الله! هنن کي کاڌي خوراڪ لاءِ ميوا عطا ڪج، جيئن هو تنهنجو شڪر ڪندا رهن.“ ان وقت اهو سڄو علائقو ويران ۽ برپٽ هو. پري پري تائين ڪا به وسندي ڪا نه هئي. ٿوري ئي وقت ۾ سندن کجورون ختم ٿي ويون. پاڻيءَ جي مشڪ سڪي وئي. ٻئي ماءُ ۽ پٽ اڃ بک جو شڪار ٿيڻ لڳا. معصوم اسماعيل عليه السلام اڃ جي سختيءَ کان روئڻ ۽ ڦٿڪڻ لڳو. مهربان ماءُ پنهنجي جگر جي ٽڪري کي ائين تڙپندو ڏسي، بيحال ٿي وئي ۽ پريشانيءَ ۾ هيڏي هوڏي ڪنهن واهڻ وسندي يا پاڻيءَ لپ لڀڻ لاءِ ڊوڙون پائڻ لڳي. ڪعبي جي ڀرسان هڪ ٽڪري (جبل صفا) تي چڙهي، هيڏي هوڏي ڏٺائين. جڏهن ڪجهه نظر نه آين ته وري ٻئي طرف جيل مروه ڏي وڃڻ لڳيون. وچ رستي ۾ زمين ايتري هيٺاهين هئي، جو ننڍڙو به نطر نه ٿي اچي سگهين. اتي وري دردمند ماءُ جي دل کي ٻيا وسوسا ٿي پيا ته متان روئندڙ اسماعيل عه کي ڪو جهنگلي جانور نه ايذاءُ رسائي. ان خيال ايندي ئي، هو بي تحاشا ڊوڙندي هيٺاهين زمين کان جبل جي مٿاهين ڏانهن ٿي وئي. جڏهن ڪوهه مروه تي به ڪجهه نظر نه آين ته هٿ کڻي امداد ۽ آسانيءَ لاءِ رب العزت کي ٻاڏايائين ٿي. ان حالت ۾ بيبي صاحبه جن انهن صفا ۽ مروه جي پهاڙين جي وچ ۾ ست دفعا چڪر لڳايا. هر پهاڙيءَ جي چوٽ تي چڙهندي، ڪعبي شريف ڏي مهاڙ ڪري، ڌڻيءَ در ٿي ٻاڏايائين ته مٿن رحم جي نظر فرمائي، پاڻي ميسر ڪري ڏئي. رب العزت کي بيبي حاجره جو اهو عمل، کيس ٻاڏائڻ، نياز مندي، تڙپ ۽ چاهت سان پڪارڻ جو اهو طريقو ايڏو ته پسند آيو، جو کين کن پل ۾ انعام سان نوازيائين. الله جي ڪرم ۽ فضل جا چشما جاري ٿي ويا. ننڍڙو اسماعيل عليه السلام جنهن جاءِ تي بيتابيءَ منجهان پيرن جون کڙيون هڻي رهيو هو ته اتان پاڻيءَ جو چشمو جاري ٿي ويو ۽ بيبي صاحبه جو ائين چڪر لڳائڻ، ڊوڙون پائڻ ۽ دعائون گهرڻ، رهندي دنيا تائين حج جهڙي اهم اسلامي فرض جو لازم رڪن بنجي ويو. سانده پنج ڏينهن بيبي حاجره ۽ حضرت اسماعيل عليه السلام جن اتي اڪيلا رهيا. پنجين ڏينهن بنو جرهم قبيلي جو هڪ قافلو يمن جو رستو ڀلجي اتان اچي لنگهيو. انهن کي به اچي اڃ ستايو. ان ويرانيءَ ۾ پاڻي ملڻ جو ڪو آسرو اميد ئي ڪو نه هئن، جو ڳولها به ڪن، پر ڪن پکين کي هڪ طرف اڏامندو ۽ لهندو ڏٺائون. ڪنهن وسنديءَ جي گمان ۾ هڪڙو ماڻهو ان طرف موڪليائون. ان ماڻهوءَ موٽي اچي حقيقت ڪئي ته هڪ زوردار چشمو آهي، جنهن جو پاڻي روان ۽ دوان آهي. ان جي ڀرسان هڪ عورت ۽ ننڍڙو ٻار ويٺل آهن. قافلي وارا بيبي حاجره صاحبه جن کان اجازت وٺي، اتي رهي پيا ۽ اهڙيءَ طرح مڪي شريف ۾ وسندي ٿيڻ شروع ٿي. هوريان هوريان ٻيا قبيلا به اچي رهيا ۽ ڪعبي جي ڀرسان هڪڙو ڳوٺڙو ٺهي پيو. جيستائين رب العزت جي مهر و رضا سان مڪي پاڪ ۾ سڪونت نصيب ٿئي، دل کولي برڪت ڀرئي آب زم زم جي پاڻيءَ مان شڪم پُر ڪريو. حجت الوداع جي موقعي تي حضورﷺ جن خوب زم زم پيتو هو ۽ فرمايائون ته ”آب زم زم ۾ شفا آهي. جنهن نيت سان پيتو ويندو، اهو ئي فائدو حاصل ٿيندو.“ هڪ حديث آهي ته حضور ڪريمﷺ جن آب زم زم پاڻ سان رکندا هئا. حضرت امام حسن عه ۽ امام حسين عه جڏهن ڄاوا هئا ته سڀ کان اول آب زم زم سندن منهن مبارڪ ۾ وڌو ويو هو. حضرت عمر رضي الله عنه زم زم پيئندي چيو: ”يا الله! آئون قيامت جي ڏينهن واري اُڃ اُجهائڻ لاءِ هي پاڻي ٿو پيئان.“ هڪ حديث مطابق حضورﷺ جن فرمايو ته ”نيڪ ماڻهن جي مُصلي تي نماز پڙهندا ڪريو ۽ نيڪ ماڻهن جي پاڻيءَ مان پاڻي پيئندا ڪريو.“ اصحابي سڳورن پڇيو ته ”نيڪ ماڻهن جو مصلو ڪهڙو آهي؟“ فرمايائون” ميزاب رحمت“.(ڪعبت الله شريف جي ڇت تان لهندڙ پاڻيءَ جي نيساري هيٺان حطيم جي جاءِ.) عرض ڪيائون”نيڪ ماڻهن جو پاڻي ڪهڙو آهي؟“ فرمايائون ”آبِ زم زم.“ اهڙو پاڪ ۽ برڪت ڀريو پاڻي عزت احترام ۽ نيڪ نيتيءَ سان خوب پيئڻ کپي. مٽن مائٽن ۽ عزيزن اقاربن لاءِ سوکڙيءَ طور سانڍي کڻڻ کپي، پر اهڙي پاڻيءَ جي اجائي هار ويرَ يا بي ادبي کان پرهيز ڪجي. عرب جزيري جي وڏي حصي تي مشتمل سعودي عربيه رياست ايشيا کنڊ جي ڏکڻ اولهه ڪنڊ تي واقع آهي. سندس پکيڙ اٽڪل 2150000 چورس ڪلوميٽر (اٽڪل 830000 چورس ميل) آهي، جيڪا ايراضي آمريڪا جي پکيڙ جي ٽئين حصي جيتري ٿئي ٿي. ڳاڙهو سمنڊ ۽ عقابه نار ملڪ جي الهندي سرحد ٺاهين ٿا. يمن ۽ عمان جا ملڪ هن جي ڏاکڻي سرحد ٺاهين ٿا. عرب نار، عرب امارات ۽ قطر اڀرندي سرحد تي آهن ۽ اردن، عراق ۽ ڪويت ملڪ جي اترين سرحد ٺاهين ٿا. سعودي عرب وارو ڳاڙهي سمنڊ وارو ڪنارو 1760 ڪلوميٽر يعني 1100 ميل ڊگهو ۽ عربي نار وارو ڪنارو 560 ڪلوميٽر يعني 350 ميل ڊگهو آهي. سعودي عرب جي ڪل ايراضيءَ جي اڌ کان به وڌيڪ حصو رڻ پٽ آهي. الهندي سامونڊي ڪناري سان لڳندڙ بنهه سوڙهو ميداني پٽو آهي، جنهن جي ويڪر 15 کان 5 6 ڪلوميٽر يعني 9 کان 41 ميل مس ٿيندي. هن ميداني پٽي جي پوروڇوٽ جبلن جي قطار آهي. اها اتر کان ڏکڻ ڏانهن اوچائيءَ ۾ وڌندي رهي ٿي ۽ ايثر جي هنڌ وٽ سڀ کان وڌيڪ يعني 3000 ميٽر يعني 10000 فوٽ اوچا پهاڙ آهن. نجد وارو سنئون پٽ اتر اوڀر ڏانهن وڌندڙ آهي، جنهن جي ترتيب وار اوچائي 1200 کان 1800 ميٽر يعني 960 3 کان 5940 فوٽ آهي. اها اوچائي اڀرندي صحرا ۾ اوچتو 600 ميٽرن تائين گهٽجي ٿي ۽ عربي نار تائين سمنڊ جي سطح تائين گهٽجيو وڃي. انهيءَ نئين پٽي جي ڏکڻ اوڀر ۾ زبردست رڻ پٽ ربُ اَلِ خالي نالي سڏجي ٿو. palijo_hai@hotmail.com
جواب: محترم جناب عبدالحئي پليجو جي لکين ڪالمن جو مجموعو تيل سعودي عرب جي قسمت بدلائي ڇڏي اڱارو 14 آگسٽ 2007ع عربي نار سان لڳندڙ اڀرندو هيٺاهون علائقو”ال حسا“ نالي سڏجي ٿو. ملڪ جي الهندي طرف موجود جبل معدنيات سان مالا مال آهن، جن ۾ چن جو پٿر، جپسم ۽ ريگ واري شامل آهي. ملڪ جو اڀرندو ڀاڱو دنيا ۾ تيل جي سڀ کان وڏي ذخيري وارو علائقو آهي. سموري عرب ۾ آبهوا مختلف علائقن موجب جدا جدا ٿئي ٿي. ملڪ جي الهندي ساحلي علائقي جي آبهوا نيم خط استوائي آهي، جتي اونهارو گرم ۽ گِهميل ٿئي ۽ سيارو پورو پنو ٿڌو ٿئي. هتي نومبر ۽ فيبروريءَ جي وچ ۾ هلڪي برسات ٿئي. ملڪ جي مرڪزي ڀاڱي ۾ اونهاري ۾ 45 ڊگريون سينٽي گريڊ 113 ڊگريون فاهرينهائيٽ ٿيندي آهي ۽ سياري ۾ سخت سيءُ ۽ خشڪي ٿئي ٿي. ملڪ جي اڀرندي ڀاڱي ۾ گِهم گهڻي ٿيندي آهي. اونهاري ۾ گرمي 43 سينٽي گريڊ کي پهچيو وڃي ۽ سيارو پورو پنو ٿئي. برسات ٿوري ۽ بنيادي طور سياري ۾ ٿئي. موجود سعودي عربيه ملڪ شاهه عبدالعزيز السعود طرفان 23 سيپٽمبر سن 1932 ۾ وجود ۾ آيو. انهيءَ کان جلد پوءِ ملڪ ۾ تيل لڌو ويو ۽ 1938ع ع ۾ ان جي تجارتي پيداوار شروع ٿي. تيل جي ڪمائي جديد صنعتي رياست طور ملڪي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. شاهه عبدالعزيز جي وفات 1953ع ۾ ٿي ۽ سندس پٽ سعود گاديءَ تي ويٺو. هن يارنهن سال حڪومت ڪئي ۽ اقتصادي ۽ سماجي سڌارن جو هڪڙو جامع پروگرام مرتب ڪيو. سن 1964ع ۾ سعود جو ننڍو ڀاءُ فيصل گاديءَ تي ويٺو. هن باصلاحيت ليڊر کي گاديءَ تي ويهڻ کان اڳئي سفارتي ۽ ٻين سرڪاري ڪمن ڪارين جو سٺو تجربو حاصل هو. شاهه فيصل جي بادشاهيءَ دوران ملڪ اقتصادي طور ترقي ڪئي ۽ تيل مان حاصل ڪيل دولت قومي ترقيءَ واري شاهي پروگرام لاءِ مخصوص ڪئي وئي. اهو پروگرام پهرئين پنج ساله رٿا جي صورت ۾ سن 1970ع ۾ شروع ٿيو. آمدنيءَ ۾ هر سال اٽڪل 45 سيڪڙو اضافي سان مذڪوره منصوبي تحت اقتصاديات تيزيءَ سان سڌرڻ لڳي. سن 1975ع ۾ شاهه فيصل جي وفات کان پوءِ شاهه خالد گادي نشين ٿيو. هن جي دور ۾ ڳري صنعت ۾ زبردست توسيع ٿي. ڪئين صنعتون، ڪارخانا، روڊ، رستا، يونيورسٽيون ۽ نوان شهر به تعمير ٿيا. شاهه خالد جي دور جي آخر ۾ سعودي جي اقتصادي بنيادن ۾ گهڻي پکيڙ ٿي. 1982ع ۾ شاهه خالد جي وفات کان پوءِ ولي عهد شهزادو فهد گاديءَ تي ويٺو. شاهه فهد جو ڀاءُ عبدالله بن عبدالعزيز ولي عهد ۽ ڊپٽي پريميئر مقرر ٿيو. هنن ٻن ڀائرن ملڪ جي مسلسل اقتصادي ترقيءَ جو عهد ڪيو آهي، جنهن ۾ زرعي، صنعتي ۽ تعليمي پروگرامن جي همٿ افزائي شامل آهي. شاهه فهد جو دورِ حڪومت زبردست ڪاميابين وارو دور ليکيو وڃي ٿو. سعودي عربيه ۾ بادشاهت وارو نظام قائم آهي، جنهن جي سرواڻي شاهه عبدالله بن عبدالعزيز ڪري رهيو آهي. سندس مددگارن ۾ ولي عهد شهزادو ۽ ڊپٽي پريميئر ۽ نيشنل گارڊ جو ڪمانڊر آهي. شهزادو سلطان بن عبدالعزيز نائب ڊپٽي پريميئر، وزير دفاع ، هوا بازي ۾ انسپيڪٽر جنرل آهي. تنهن کان سواءِ وزيرن جي ڪائونسل جا ميمبر به شامل آهن. ملڪ ۾ اسلامي سن رائج آهي، جيڪو چنڊ وارن ٻارنهن مهينن ۽ 354 ڏينهن تي مشتمل آهي. هي سن حضرت محمدﷺ جن جي مڪي کان مديني ڏانهن هجرت ڪري وڃڻ واري واقعي کان پوءِ شروع ٿيو، تنهنڪري ان کي هجري سن سڏيو ويو. رسول ﷺ جن هجرت سن 622 ۾ ڪئي. سعودي عرب ۾ سرڪاري طور هر سال ٻه موڪلون ٿين ٿيون، هڪڙيون عيدالفطر واريون موڪلون ۽ ٻيون عيدالاضحيٰ واريون موڪلون. عبدالفطر واريون موڪلون رمضان شريف جي پڇاڙيءَ ۽ شوال جي شروعات جي وچ وارن ڏهن ڏينهن تي مشتمل آهن. عيدالاضحيٰ واريون موڪلون 5 ذوالحج کان 15 ذوالحج تائين ڏهه ڏينهن آهن. سعودي عربيه ملڪ جو قومي ڏينهن 3 2 سيپٽمبر آهي. ملڪ جو عدالتي نظام اسلامي قانونِ شريعت ۽ وزيرن واري ڪائونسل طرفان جاري ڪيل فتوائن تي مشتمل آهي. شريعت قرآني تعليمات، نبوي احاديث، علماءَ جي تفسير، تشريح ۽ قانوني مشابهت موجب مرتب ڪيل آهي. سعودي عرب جي سرڪاري ٻولي عربي آهي. تقريبن سموري سرڪاري لکپڙهه عربي ۾ ٿئي. انگريزي ٻولي به تاجر طبقي ۾ محدود پئماني تي ڳالهائي ۽ لکي وڃي ٿي. سعودي عرب جي گاديءَ جو هنڌ رياض شهر آهي، جيڪو ملڪ جي مرڪزي ڀاڱي ۾ آهي. تيل جي گهڻي واپار شهر جي واڌاري ۽ ترقيءَ جو هڪڙو دور پيدا ڪيو، جيڪو اڃا تائين هلندڙ آهي. رياض شهر سعودي عرب جو اعليٰ ٽيڪنيڪي ۽ صنعتي مرڪز ليکيو وڃي ٿو. هن سموري عرب علائقي ۾ سعودي عرب جي وڌندڙ اهميت جي پيش نظر هڪ علائقائي تنظيم گلف ڪوآپريشن ڪائونسل جو هيڊ ڪوارٽر پڻ رياض شهر ۾ قائم آهي. رياض، جده ۽ دهران شهرن ۾ هوائي اڏا آهن. جده، دمام، ينبو، جُبائل ۽ جزان شهرن ۾ بحري بندرگاهه ٺهيل آهن. تيل جي ٽرانسپورٽ لاءِ راس، تنورا ۽ ينبو ۾ تيل وارا بندر ٺهيل آهن. سن 1992ع واري آدمشماري موجب ملڪ ۾ ماڻهن جو انگ 16.9 ملين يعني هڪ ڪروڙ اڻهتر لک آهي. عالمي بينڪ جي رپورٽ موجب 1995ع ۾ اها آبادي وڌي هڪ ڪروڙ نوي لکن تائين پهتي، يعني اوڻيهه ملين ٿي ويئي. سعودي عرب جو ملڪي سڪو سعودي ريال آهي. ٻيو مجاز سڪو آمريڪي ڊالر آهي. تنهن جي ريالن ۾ قيمت سعودي مالياتي ايجنسي مقرر ڪندي آهي. سعودي عرب جو معياري وقت اوڀر آمريڪا جي معياري وقت کان اٺ ڪلاڪ اڳتي آهي. سعودي عرب ۾ ڪم جو هفتو ڇنڇر جي ڏينهن کان شروع ٿئي ٿو ۽ اربع جي ڏينهن ختم ٿئي ٿو. يعني هفتي ۾ پنج ڏينهن ڪم ٿئي. خميس ۽ جمعي جو ڏينهن موڪل ٿئي. جمعو اسلامي حوالي کان سڳورو ڏينهن آهي. تيل، سون ۽ ٻي دولت سعودي معاشي ترقيءَ ۾ ڪئين ڏهاڪن کان ٿيندڙ اضافو سندس تيل واري صنعت ۾ ڪاميابيءَ سبب ٿي رهيو آهي. دنيا ۾ تيل جي سمورن ذخيرن جو چوٿين حصي کان به وڌيڪ فقط سعودي عرب ۾ موجود سمجهيو وڃي ٿو. سرڪاري تخميني موجب آڪٽوبر 97ع ۾ ملڪ ۾ 265 بلين بيرل ڪروڊ آئل جو ذخيرو موجود هو. تيل سعودي آمدنيءَ جو اهم ذريعو رهندو اچي. ان جو قومي آمدنيءَ ۾ 35 سيڪڙو حصو آهي. اوپيڪ OPEC ۽ اوئپيڪ OAPEC تيل پيدا ڪندڙ ملڪن جي تنظيمن جي اهم رڪن جي حيثيت سان تيل جي قيمتن ۾ استحڪام لاءِ ٿيندڙ ڳالهين واري ماڊريٽر طور اهم ڪردار ادا ڪيو. قيمتن ۾ يڪسانيت ۽ پيداواري ڪوٽا بابت يڪجهتيءَ پيدا ڪرڻ ۾ پڻ چُست رهيو آهي. تيل جي ڳولا وارين سمورين ڪارروائين، پيداوار، ورڇ، تيل مان پيدا ٿيندڙ اٽڪل سمورين شين جي اندروني توڙي ٻاهرين مارڪيٽنگ ۽ تيل صاف ڪرڻ جو سمورو ڪم سعودي آرامڪو تيل ڪمپني جي ذميوارين ۾ شامل آهي. هن ڪمپني نار جي مٿئين پاسي شيباه آئل فيلڊ واري شاهي منصوبي، جنهن ۾ ٻه بلين ڊالر سيڙپ ٿي، ترقي واري رفتار وڌائي آهي، جنهن کي ملڪ جي آڳاٽن ذخيرن ۾ ٿيل کوٽ جو پورائو ڪرڻ لاءِ عمل ۾ آندو ويو. هن آئل فيلڊ مان 1998ع جي وچ کان روزانه پنج لک بيرل پريميم گريڊ ايڪسٽرا لائيٽ ڪروڊ تيل جي پيداوار شروع ٿي. شيباه آئل فيلڊ مان روزانو 10 ملين بيرل پيداوار جو امڪان آهي، جنهن وسيلي هن هنڌ واري ذخيري ۾ موجود اعليٰ قسم جي لائيٽ ڪروڊ جي وڏي قيمت سبب ملڪي روينيو ۾ زبردست اضافو ٿئي ٿو. وچ سعودي عرب ۾ موجود برما آئل فيلڊ ۾ سپر لائيٽ ڪروڊ جا نوان ذخيرا پڻ دريافت ٿيا آهن. غاور واري شاهي آئل فيلڊ ۾ توسيع ۽ ترقيءَ جا وڌيڪ منصوبا زيرِ عمل آهن. ٻه اسڪيمون منصوبي بنديءَ واري مرحلي ۾ آهن. انهن مان هڪڙو غاور فيلڊ ۾ هراد 2 نالي روزانو ٽي لک بيرل تيل ۽ گئس جدا ڪرڻ وارو ڪارخانو آهي. palijo_hai@hotmail.com
جواب: محترم جناب عبدالحئي پليجو جي لکين ڪالمن جو مجموعو مڪي شريف کان موڪلاڻي سومر 20 آگسٽ 2007ع اڄ اسان جو مڪي شريف ۾ آخري ڏينهن هيو، جو اسان کي رات جو لنڊن لاءِ نڪرڻو هو. ان ڪري اسان چاهيو پئي ته هتان جون ڪي وڌيڪ زيارتون ڪري وٺون. مڪي شريف ۾ زيارتن جون ڪافي جايون موجود آهن. اهو مقدس شهر جنهن ۾ حضرت ابراهيم عليه السلام کان وٺي سرورِ ڪائنات حضرت محمدﷺ تائين نبين جون عبادت گاهون رهيون هجن، جتي ٻنهي جهانن جي سردار ﷺ جن جي پيدائش کان وٺي جواني تائين جو سفر طئي ٿيو هجي، جتي خدا تعاليٰ جو آخري ڪتاب قرآن شريف نازل ٿيو هجي، اسلام جي تبليغ جو آغاز ۽ هجرت جو سفر شروع ٿيو هجي، ان شهر جو چپو چپو زيارت جي قابل ئي هوندو ۽ هرهڪ جاءِ تاريخ جي کليل ورق وانگر ڏسڻ ۽ پسڻ وٽان هوندي. ڪعبت الله شريف، مسجد الحرام ۽ ان سان ڳنڍيل مقامِ ابراهيم، سعي، آبِ زم زم وغيره جي نشانن جي عظمت جي موجودگيءَ ۾ ٻين زيارتن جي گهڻي پرچار ٿيندي ڪا نه ٻڌبي آهي. ڪي ٿورا ماڻهو ٻين زيارتن ڏانهن ويندي ڏسبا آهن ۽ گهڻن ماڻهن کي ته انهن جاين جي چڱيءَ طرح ڄاڻ به نه هوندي آهي. ڪي معلم يا مطوف به اوهان کي انهن جاين ڏانهن وٺي نه ويندا ۽ نه ئي ڪي مقامي عرب اوهان کي صحيح ڏس پتو ڏَسي سگهندا. حڪومت طرفان به انهن تاريخي جاين جي نشانن جي حفاظت يا نشاندهي ٿيل نه آهي. بهرحال هڪ مسلمان زائر جي دل ۾ ضرور اهڙين متبرڪ جاين جي ديدار جو شوق جاڳندو. هتي انهن جو مختصر بيان عرض ڪجي ٿو. سعي ختم ڪري، جيئن مروه جي پهاڙن وٽان دروازي مان ٻاهر نڪربو ته سامهون هڪ رستي جي مٿان پل نظر ايندي. ان پل هيٺ به ڪار پارڪ آهي ۽ اتي بسون به بيهنديون آهن. اتان ساڄي طرف اڳتي هلبو ته چار پنج ماڙ ڪارن بيهارڻ جي بلڊنگ آهي. ان جي ڇيڙي تي مکيه شارع جي ساڄي ڪپ تي هڪ ننڍڙي عمارت نظر ايندي، جنهن تي ”وزارت الاوقات مڪتب الحرام“ لکيل هوندو. اتي هڪ لائبريري به آهي. اِها اُها ڀيڻي(جاءِ) آهي، جتي حضورﷺجن جي ولادت باسعادت ٿي. صفا ۽ مروه جي پاسي کان ٻاهر نڪربو ته ٽِينَ جي ڇت سان ڍڪيل بازار نظر ايندي. ساڄي پاسي سونارن جي بازار آهي، ان بازار جي شروع واري حصي ۾ اهو مبارڪ گهر آهي. ڪنهن دڪاندار کان پڇا ڳاڇا ڪبي ته شايد ٻڌائي سگهندو. باقي ڪو خاص نشان يا پتو نه آهي. هي اهو مبارڪ گهر آهي، جتي نبي پاڪﷺ جن بيبي خديجا جي رفاقت ۾ نبوت کان اڳ، نبوت کان پوءِ ۽ هجرت کان اڳ تائين رهائش ڪئي. بيبي فاطمه الزهريٰ رضه جن به هن گهر ۾ پيدا ٿيون. حضور صه جن جي فرزند حضرت ابراهيم عه کان سواءِ ٻيو سمورو اولاد هن گهر ۾ ئي پيدا ٿيو. ”بيت ابوبڪر“ کي دارالهجرت به چئبو آهي، جو اتان ئي هجرت جي شروعات ٿي. هن گهر ۾ حضرت عثمان رضه، حضرت طلحه رضه ۽ حضرت زبير رضه جن مشرف به اسلام ٿيا. محله مسفله ۾ سونارن جي گليءَ ۾ حرم طرف اچبو ته هڪ گهر آهي، جنهن تي مٿان مسجد ٺهيل آهي. هي مڪي معظمه جو قديم قبرستان آهي. غزه روڊ تي جنرل پوسٽ آفيس کان اڳتي وڃبو ته روڊ جي کاٻي پاسي هي مشهور قبرستان واقع آهي. قبرستان جي مٿان هڪ وڏي پل ٺهيل آهي، جتان حجون کان منيٰ ڏانهن رستو لنگهي ٿو. هن قبرستان ۾ ام المومنين حضرت بيبي خديجته الڪبريٰ رضه، حضرت اسماءِ رضه بنت ابوبڪر رضه، حضرت عبدالرحمان بن ابوبڪر رضه، حضورصه جن جا چاچا ابو طالب رضه ۽ ڏاڏا عبدالمطلب رضه مدفون آهن. حضرت عبدالله بن زبير رضه، حضرت عبدالله بن عمر رضه، آنحضرت صلي الله عليه وسلم جن جا فرزند قاس رضه، طيب رضه، طاهر رضه ۽ بي شمار تابعين، اولياءَ ۽ حاجي سڳورا به هن مقدس قبرستان ۾ دفن ٿيل آهن. جنت المعليٰ کان منيٰ جي رستي تي اڳتي وڃبو ته اٽڪل ٽي ميل پري هڪ اتاهون جبل، جيڪو جبلِ نور سان مشهور آهي، ڏسڻ ۾ ايندو. هتي آنحضرت صه جن نبوت ملڻ کان اڳ ۾ به وڃي اڪيلائيءَ ۾ عبادتون ڪندا هئا. ان جبل جي چوٽيءَ تي هڪ غار آهي، انهيءَ غار ۾ ئي حضور صه جن تي وحي نازل ٿي ۽ پهرين قرآني آيت ”اِقراءِ باِسم رَبڪ“ لاٿي وئي. ايئن پاڻ سڳورنﷺ کي نبوت سان سرفراز ڪيو ويو. انهيءَ غار جو نالو غارِ حرا آهي. هي جبل جده کان عرفات ويندي رستي(جيڪو مڪي شريف جي ٻاهران ڏکڻ طرف کان لنگهي ٿو) تي آهي. هجرت ڪرڻ وقت حضور صه جن يارِ غار حضرت ابوبڪر صديق رضه جي رفاقت ۾ ٽي ڏينهن هتي ترسيا هئا. حضرت اسماءِ بنت ابوبڪر رضه روز سندن لاءِ ماني کڻي اينديون هيون. حضرت عامر بن فهمير رضه جيڪو حضرت ابوبڪر رضه جون ٻڪريون چاريندو هو، سو اتي اچي کين کير پياريندو هو. حضرت عبدالله بن ابوبڪر رضه وري مڪي وارن جون سازشون ۽ ترڪيبون معلوم ڪري، رات جو اچي حضور صه جن کي اطلاع ڏيندو هئو. هن جبل جي چڙهائي اٽڪل ميل ڏيڍ ٿيندي ۽ ڪافي دشوار ۽ ڏکي آهي. مڪي جون سڀ زيارتون ڪرڻ ۽ تاريخي ماڳ مڪان ڏسڻ لاءِ ڪئين ڏينهن گهرجن، پر جيڪي ڪجهه مختصر وقت ۾ ڏسي سگهياسين، سو ڏسي واپس هوٽل ڏانهن روانا ٿياسين. اڄ رات اسان کي يورپ اسهڻو هو ۽ ان لاءِ لنڊن جي ٽڪيٽ بڪ ٿيل هئي. رات جو دير سان هوٽل جو بل ڏيئي، اسان مڪي کان جده ڏانهن روانا ٿياسين، جتان اسان کي فلائيٽ پڪڙڻي هئي. جده ڏانهن ويندي روڊ تي خوبصورت روشنين مان لطف اندوز ٿيندا، جده ايئرپورٽ پهتاسين. ٽرالي ۾ سامان رکي، ايئرپورٽ ۾ داخل ٿياسين. هيءُ دنيا جو واحد ايئرپورٽ هو، جتي ٽرالي جا پئسا ورتا ويا. جده ايئرپورٽ تي اميگريشن، ڪسٽم مان واندا ٿي، سوئيز ايئر لائين جي ڪائونٽر تي پهتاسين، جتي لنڊن وڃڻ لاءِ بورڊنگ شروع هئي. اسان به لائين ۾ بيهي رهياسين ۽ پنهنجي واري تي سامان ڪنويئر بيلٽ تي رکي، بورڊنگ ڪارڊ وٺي لائونج ڀيڙا ٿياسين. منيٰ ۽ نور ڊيوٽي فري شاپ جو چڪر لڳايو، جتان ٿوري گهڻي شاپنگ ڪيائون. ٿوري ئي دير ۾ اسان جي فلائيٽ جي انائونسمينٽ ٿي ۽ بس ۾ چڙهي پنهنجي جهاز ڀيڙا ٿياسين. جهاز جي دروازي تي سوئيز جي سهڻي ايئر هوسٽس اسان کي خوش آمديد ڪيو. پائليٽ به بيٺل هو. اسان جهاز اندر گهڙياسين ته نه وسرندڙ خوشبو اسان جي دماغ ۾ داخل ٿي وئي. اندر ٻي بيٺل ايئر هوسٽس اسان کي پنهنجي سيٽ ڀيڙو ڪيو. سندس ڳلن ۾ DIMPLE پئجي ويا. کلڻ يا مشڪڻ سان جن ماڻهن جي ڳلن ۾ اندر طرف نشان ٿين، تنهن کي انگريزيءَ ۾ DIMPLE چئجي. انگلينڊ جي هڪ اسڪاچ وسڪيءَ جو نالو پڻ DIMPLE آهي. آئون هڪ فرمانبردار مڙس وانگر پنهنجي گهر واريءَ جي هٿن مان سامان وٺي، مٿي سامان رکڻ واري جاءِ ڀيڙو ڪري، ايئرهوسٽس سان ٿورو مشڪي، پنهنجيءَ سيٽ تي وڃي سمهي رهيس. اک وڃي ان مٺڙي آواز تي کلي، جڏهن چيو ويو ته ”توهان جي مهرباني جو توهان اسان جي ايئر لائين ۽ جهاز ۾ چڙهيا. هاڻ پاڻ سوئيزرلينڊ جي هڪ حسين شهر زيورچ ZURICH۾ پهچڻ وارا آهيون“ ۽ مون کي هندستاني فلم ”چاندني“ جو هي سهڻو گانو ياد اچي ويو: پهولون ڪي اس شهر مين پهلي پهلي پيار ڪي، پهلي رات ياد رکنا. palijo_hai@hotmail.com
جواب: محترم جناب عبدالحئي پليجو جي لکين ڪالمن جو مجموعو لنڊن جو سفر خميس 30 آگسٽ 2007ع اسان کي پنهنجي سير سفر ۽ گهمڻ ڦرڻ جي خواهش هن ڀيري لنڊن جو رخ رکرايو هيو. اسان جنهن ايئر لائين ۾ چڙهياسين، ان اول سوئيزرلينڊ جي حسين ترين شهر زيورچ ۾ لينڊ ڪيو. هتي اميگريشن ۽ ڪسٽم بعد ٻئي جهاز ۾ چڙهياسين، جنهن پوڻن ٻن ڪلاڪن جي اڏام کان پوءِ دنيا جي نمبر ون مصروف ترين ايئرپورٽ هيٿرو تي لينڊ ڪيو. هتي لهي، بسن ۾ چڙهڻو نه پيو، پر سڌيءَ طرح لنڊن ايئرپورٽ جي بلڊنگ ۾ داخل ٿياسين. بنا پڇ پڇان جي اسٽيمپ هڻي ڏنائون ۽ ڪسٽم آفيسر پري کان ئي اشارو ڪيو، ته هليا وڃو. لنڊن شهر ۾ ٻه ايئرپورٽ آهن. هڪ گيٽ وڪ ۽ ٻيو هيٿرو. گيٽ وڪ شهر کان ڪافي پري سري واري علائقي ۾ آهي. هي ايئرپورٽ هيٿرو کان پوءِ ٺهيل آهي ۽ هيٿرو ايئرپورٽ شهر منجهه آهي. هيٿرو ايئرپورٽ دنيا جو پهريون نمبر مصروف پيسينجر ايئرپورٽ آهي ۽ ٻيو نمبر مصروف ڪارگو ايئرپورٽ آهي، جتي سڄيءَ دنيا جي نوي ايئر لائينس جا جهاز اچن ٿا. ان ڪري هن ايئرپورٽ جو اسٽاف به تمام گهڻو آهي. هيٿرو ايئرپورٽ جا چار ٽرمينل ۽ ٻه رن وي آهن، جتي هڪ سال ۾ ڪروڙين مسافر اچن ٿا. هڪ ڏينهن ۾ وڌ ۾ وڌ مسافرن جو رڪارڊ اچڻ وڃڻ ٻه لک چوويهه هزار آهي. ايئر پورٽ جو بنياد پنهنجي ڪراچيءَ جي پهرئين ماڙي پور ايئرپورٽ کان به پوءِ پيو. 1946 ۾ پهرين ڪجهه تنبو هڻي، هن ايئرپورٽ جي شروعات ڪئي وئي. صرف 18 منزلن ڏانهن ملڪ ۽ ملڪ کان ٻاهر پروازون وينديون هيون. جڏهن ته هاڻ اهڙيون منزلون ٻه سئو کان به وڌيڪ آهن. هتان سڄيءَ دنيا لاءِ هڪ ڏينهن ۾ سوا سئو اڏامون پرواز ڪن ٿيون . پهرين پرواز 31 جنوري 1946ع ۾ بيونس آئرس لاءِ اڏام ڪئي. هاڻ ته هن ايئرپورٽ تان فقط پئرس لاءِ روزانو 33 فلائيٽس ۽ نيويارڪ لاءِ 23 فلائيٽس وڃن ٿيون. هيٿرو ايئر پورٽ تان هڪ ملڪ لاءِ وڌ ۾ وڌ فلائيٽس آمريڪا لاءِ وڃن ٿيون. هن ايئرپورٽ جا آمريڪا کان پوءِ روٽس پئرس، ائمسٽرڊئم ۽ ڊبلن آهن. هيٿرو ايئرپورٽ تي ستن سيڪنڊن ۾ هڪ بوتل شراب جي وڪرو ٿئي ٿي. جڏهن ته هڪ ڏينهن ۾ 26000 ڪوپ چانهه، 6500 بوتلون ۽ 6500 سئنڊوچ وڪرو ٿين ٿا. هتي مسافرن جي سهولت لاءِ ايئرپورٽ جي اندر ئي اندر هيٺين منزل ۾ توهان کي شهر وڃڻ لاءِ ٽيوب ۽ ريل هر 15 منٽن ۾ ملندي، جتان کان وڪٽوريا پهچي، توهان انگلينڊ اندر ۽ يورپ جي ڪنهن به شهر ڏانهن وڃي سگهو ٿا. ايئرپورٽ کان ييلو ڪيب ڪري، ٽئڪسي ۽ بسون توهان کي لنڊن جي هر ڪنڊ تي پهچائينديون. اسان ٻاهر نڪري ڏٺو ته ڪابه ييلو ڪيب نه هئي ۽ ڪاري ٽئڪسي واري اسان جي منزل لاءِ 60 پائونڊ گهريا، جيڪي تمام گهڻا هئا. منهنجو پٽ نور واپس ايئرپورٽ اندر ويو ۽ لفٿنسا جي ڪائونٽر تي پڇا ڪيائين، جن کيس ڪن پرائيويٽ ڪارن وارن جا فون نمبر ڏنا. فون بعد چند گهڙين ۾ ٻڌايل نمبر واري ڪار اچي ٻاهر اسان جي اڳيان بيٺي، جنهن اسان کي 30 پائونڊن ۾ اچي ڀوراڻي جي گهر ڀيڙو ڪيو، جيڪو بالم ۾ اينڊلش روڊ تي آهي. اسان ايئرپورٽ تان ساڻس فون تي ڳالهايو هو. آئون اڳ به ٻه دفعا لنڊن ۾ سندس مهمان رهي چڪو هوس. سو پاڻ اسان جي انتظار ۾ ويٺو هو. پاڻ مٿي واري حصي ۾ ٻن ڪمرن وارو سوٽ اسان جي حوالي ڪيائين، جنهن ۾ ٻن ڪمرن سان گڏ هڪ باٿ روم ۽ ڪچن پڻ هو. اسان جي ڪمري ۾ ڪيترن ئي قسمن جا بسڪيٽ، ڪيڪ، پيسٽريون، تازا فروٽ ۽ ڪولڊ ڊرنڪس اسان جو انتظار ڪري رهيا هئا. پاڻ چيائين ته شاور وٺي اچو، ته ماني گڏجي کائون، جيڪا اسان خاص توهان لاءِ ٺاهي آهي. اسان تازا توانا ٿي هيٺ آياسين ته ڪچن سان گڏ هڪ ننڍي ڪمري ۾ ماني لڳائي وئي، جيڪا اسان کاڌي ۽ پاڻ نه کاڌائين. ڀوراڻي صاحب صبح جو ننڊ مان اٿڻ شرط پيئڻ شروع ڪندو آهي ۽ کيس رات جا ٽي چار ٿي ويندا آهن، پر ڪڏهن به اهو محسوس نه ٿيندو آهي ته ڪو پيتل آهي. اهو سلسلو سڄو ڏينهن هلندو رهندو آهي. مون، منا ۽ نور سندس هٿن جي ٺاهيل ماني کاڌي، جيڪا بيحد لذيز هئي. اها ڇنڇر جي شام هئي ۽ اها رات سڄي لنڊن وارا جاڳي گذاريندا آهن. سو اسان به ٽئڪسي ڪري لنڊن جي گهٽين ۾ نڪري پياسين. هر نائيٽ ڪلب اڳيان تمام گهڻي رش لڳي پئي هئي. اسان به هڪ نائيٽ ڪلب اندر گهڙي پياسين. ڏاڍو مزو آيو. دير تائين اُتي رهڻ کان پوءِ واپس ٽئڪسي ڪري گهر پهتاسين. صبح جو به ڪافي دير سان ننڊ مان اٿياسين . هاڻ يورپ ۾ سفر ڪندي، توهان جيڪر سڌي فلائيٽ ذريعي لنڊن پهتا ته بهتر، نه ته يورپ جي ڪنهن به شهر مان ٿيندا، پوءِ لنڊن ويندا ته اهو ملڪ توهان جي لنڊن جي ويزا چيڪ ڪري، پوءِ اڳتي لاءِ توهان کي اجازت ڏيندو. اهو قانون ڪي سال اڳ شروع ٿيو آهي، نه ته اڳ ۾ صرف هر ملڪ پنهنجي ملڪ ۾ اچڻ لاءِ ويزا چيڪ ڪندو هو، پر هاڻ اڳئين ملڪ لاءِ به يورپين ملڪ ويزا چيڪ ٿا ڪن. palijo_hai@hotmail.com
جواب: محترم جناب عبدالحئي پليجو جي لکين ڪالمن جو مجموعو هِيرن ۽ گلن جي دنيا سومر 28 جنوري 2008ع اسين نائيٽ ڪلب مان نڪتاسين ته اسان کي ڊائمنڊ فيڪٽري ڏيکاريائون. هيرن جواهرن جي هيءَ صنعت پڻ هالينڊ جي مکيه صنعت آهي. هتي انهن جو وڏي پئماني تي واپار ٿيندو آهي. جيئن پاڻ وٽ ڪن شين جي گارنٽي ملندي آهي. خريد ڪرڻ وقت اهڙو گارنٽي ڪارڊ پڻ ڏيندا آهن ته خراب ٿيڻ جي صورت ۾ پاڻ سان گڏ گارنٽي ڪارڊ کڻي اچجو ته توهان کي ٽي وي، فرج، پکو، واشنگ مشين، ايئرڪنڊيشن يا ڪا ٻي شئي ٺهرائي ڏينداسون يا بدلائي ڏينداسون، تيئن هتي پڻ هيرن جواهرن جي دڪانن تي توهان کي اهڙي گارنٽي ملندي ته نقلي ڊائمنڊ هئڻ جي حالت ۾ توهان کي بدلائي ڏينداسين. هيرن جواهرن جو اصل ملڪ ته آفريڪا آهي، جنهن ۾ خاص ڪري سائوٿ آفريڪا مان زمين اندران کاڻين، سمنڊن ۽ ندين مان لڀن، جتان جهازن ذريعي لنڊن پهچن. لنڊن ۾ انهن جو هيڊ ڪوارٽر آهيDe Bear Central Selling Drganisation، جتي سڄيءَ دنيا جي هيرن جواهرن جو نوي سيڪڙو پراڊڪشن تي ڪنٽرول آهي. پوءِ هتان ئي سڄيءَ دنيا ۾ هيرا جواهر وڃن. اتي کين گهڙي تيار ڪري، وڪرو ڪيو وڃي ٿو. ڊائمنڊ کي تيار ڪندي اڌ ضايع ٿي ڊسٽ ٿي ويندو آهي باقي صرف اڌ وڃي رهندو آهي. هڪ ڪراٽ هيري کي تيار ڪرڻ ۾ 6 ڪلاڪ لڳن ٿا. تيار ڪندڙ مشين به تمام گهڻي تيز هلندي آهي، جنهن جي اسپيڊ 3.200 آر پي ايم هوندي آهي. اسان کي ڊائمنڊ فيڪٽريءَ جي انچارج ٻڌايو ته هتي 800 قسمن جا هيرا ۽ جواهر ٺهن ٿا، جيڪي اسان سڄيءَ دنيا ۾ وڪري لاءِ موڪليون ٿا. اسان کي ٻڌايائين ته هيرو ٺهڻ کان پوءِ گهڻو ڪري انڊلٺ جي رنگن جهڙو هوندو آهي، پر مهانگي ۾ مهانگو هيرو سفيد ۽ بِلو رنگ جو ٿئي. هيري جي تورَ جو ننڍي ۾ ننڍو يونٽ ٿئي ڪئريٽ، جيڪو هڪ گرام جي برابر آهي. هالينڊ پنهنجي هن هيرن ۽ جواهرن جي فن سبب سڄيءَ دنيا ۾ اڄ نه پر صدين کان مشهور آهي. پاڻ وٽ اهو مشهور آهي ته فلاڻي بادشاهه يا فلاڻي امير وٽ سون جا ٿانوَ يا کاڌي پيتي جو سامان هوندو هو، پر يورپ جا بادشاهه خاص ڪري انگلينڊ، فرانس ۽ روس جا بادشاهه پنهنجي لاءِ گلاس، ننڍا فانوس ۽ گلدان هيرن جواهرن جا ٺهرائيندا هئا يا وري گلاسن ۽ گلدانن جو هيٺيون حصو، جنهن ۾ جهلي پوءِ گلن جو رس يا شراب پيئن، ان حصي ۾ هيرا جواهر پيوند وانگر لڳرائيندا هئا. اهڙا سهڻا سامان يورپ جا بادشاهه ۽ شهزادا پڻ هالينڊ مان ٺهرائيندا هئا. هن فيڪٽري ۾ اسان اٽڪل اڌ ڪلاڪ کن هئاسين. ان کان پوءِ اسان جي ٻي منزل هئي ائمسٽرڊيم جي ڪئنالن ۾ ٻه ڪلاڪ بوٽس جو سفر. اسان جي بوٽ ٽماڙ هئي، جنهن ۾ اٽڪل سئو کن ماڻهن جي ويهڻ جي گنجائش هئي. چاليهه هيٺ، چاليهه وچ ۾۽ ويهه مٿان. اڪثر پئسنجر مٿان ويهڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. جيئن ته اسان گروپ ۾ هئاسين، سو ٻڪرين وانگر اسان جي گائيڊ جي پٺيان ٿي ڀڳاسين. جڏهن ٿي چيائين ته ”هلو“ ته اسان سڀ سندس پٺيان ۽ جتي ٿي چيائين ”ويهو“، اسان حڪم جا بندا، اتي ٿي ويٺاسين. سو اسان هينئر به سندس حڪم موجب بوٽ جي وچ واري پورشن ۾ وڃي ويٺاسين. اسان واري گائيڊ اسان کي ويهاري، خود به خاموش ٿي ويهي رهي. بوٽ جو هلائيندڙ جيڪو ٽو اِن ون يعني گائيڊ به هو، سو طوطي وانگر ٻولڻ لڳو. سندس آواز ڏاڍو ٿلهو، پر وڻندڙ هو. سندس هر ڳالهه ۾ مسخري هئي. ٻن ڪلاڪن ۾ اسان کي ڏاڍو کلايائين. رات جو گهمڻ مهل صرف روشنيون هيون، پر هينئر هر شيءَ آئيني وانگر ظاهر هئي. سڀ سياح فوٽو ڪڍڻ ۾ ۽ مووي ڀرڻ ۾ مشغول هئا. ان کان سواءِ بوٽ ۾ چڙهڻ ۽ لهڻ وقت پڻ ڪيترا ئي فوٽو گرافر بيٺا هئا، جن وٽ اتي جو اتي فوٽو ڪڍڻ واريون ڪئميرائون هيون. توهان رول وٺو، فوٽو ڪڍي رول واپس به ڏيو ڇڏين. پوءِ ڀلي ٻئي هنڌ ڌئاريو. هنن کي في ڏبي. ڪئنال ۾ هلندي ۽ ننڍين وڏين پلين کي ڪراس ڪندي، مزو پئي آيو. رات جو ٿورڙيون ٻيڙيون هيون، پر هينئر ته ڪو ڇيهه ئي ڪو نه هو. بوٽس اهڙيون سينگاريل جو دل پئي چئي ته بيٺا ڏسون. هتي يورپ ۾ ڪئنالن ۽ ندين ۾ ٻيڙين جو هڪ ڄار وڇايل آهي. سيزن ۾، موڪلن ۾ نه رڳو يورپ جا ماڻهو پر سڄيءَ دنيا جا ماڻهو هتي گهمڻ لاءِ اچن. پر هاڻ ته ٻين ٽوئرن وانگي توهان فون تي ئي اهو ٽوئر بڪ ڪرائي ڇڏيو. جنهن به ملڪ مان ٽوئر ۾ شامل ٿيو ۽ جتي کپيوَ، ان ملڪ ۾ وڃي دنگ ڪريو. جيڪڏهن ماڻهوءَ وٽ وقت هجي ته هي مزو به ضرور وٺجي. ايڏا سهڻا جهاز ۽ انهن ۾ رهائش لاءِ بهترين ڪمرا، هر شپ مٿي سوئمنگ پول ۽ جيڪڏهن سوئمنگ پول نه هوندو ته سن ڊيڪس ته ضرور هونديون. هر شئي توهان کي شپ جو شپ ۾ ملي. صبح جو سوير توهان جي روم ۾ توهان کي تازي اخبار ۽ گلن جا گلدستا به ملن. مطلب ته صرف فون تي هيلو ڪريو، پنهنجن پئسن ڏانهن نه ڏسو، هر شيءِ حاضر هوندي. ڪيڏي به برسات هجي، ڪهڙي به موسم هجي، پر هر شيءِ وقت تي اچي حاضر ٿيندي. پر نه رڳو توهان کي شپ ۾ سير ڪرائيندا، هر پورٽ تي بيهندا به ويندا. توهان لاءِ بسون يا ڪوچ سروس اڳواٽ تيار هوندي، جيڪي توهان کي ان سڄي شهر جو سير ڪرائي، گهمائي ڦيرائي اچي رات جو شپ ڀيڙو ڪندي. جيئن اسان کي بس ۾ گهمائي، پوءِ اچي هوٽل ڀيڙو ڪن، تيئن شپ ۾ گهمندڙ پئسينجرن کي به گهمائي ڦيرائي، پوءِ واپس اچي شپ ڀيڙو ڪندا آهن. اسان جي بوٽ اسان کي اتي اچي لاٿو، جتان بوٽ ۾ چڙهيا هئاسين. پورا ٻه ڪلاڪ ٿيا هئا. ان کان پوءِ هتي هر ڏهن سالن ۾ هڪ دفعو گلن جي نمائش ٿيندي آهي، جيڪا هالينڊ جي سڃاڻپ آهي. هر سال به گلن جي نمائش لڳي، پر ڏهن سالن کان پوءِ وڏي پئماني تي گلن جي نمائش ٿئي. هينئر اها نمائش فلوريڊا ۾ پئي ٿي. اسان سڌا اچي انهيءَ نمائش ڀيڙا ٿياسين. نمائش ۾ پهچڻ لاءِ ماڻهن جي گهڻي رش لڳي پئي هئي. رش کي ختم ڪرڻ لاءِ نمائش ۾ ماڻهن جي سهولت خاطر ريل جو پڻ بندوبست ٿيل هو. ان کان سواءِ بسون، ڪوچ، ڪارون، موٽرسائيڪل ۽ سائيڪل لاءِ سميت هر ٽرانسپورٽ جي پهچڻ جو بندوبست ٿيل هو. اسان بسن واري اسٽئنڊ تي اچي بيٺاسين. هيءَ نمائش ڏهين اپريل کان شروع ٿي هئي ۽ يارهين نومبر تي ختم ٿيڻي هئي. نمائش ۾ داخلا ٽڪيٽ ڏهين اپريل کان وٺي ايڪٽيهه آگسٽ تائين هئي، پوءِ ٽڪيٽ نه پر مفت ۾ ڏسو. ٽڪيٽ وٺڻ جو وقت 15:9 کان 6 بجي شام تائين هو. بسن، ڪوچن ۽ ٻين سڀني گاڏين جي پارڪنگ جو به هڪ مخصوص وقت مقرر ٿيل هو. ماڻهن جي ٽڪيٽ وانگر هر سواريءَ لاءِ به ٽڪيٽ ٿي وٺڻي پئي. اسان جي ٽڪيٽ ٽوئر پروگرام ۾ شامل هئي، تنهن ڪري ٽوئر وارن ورتي. ٻاهريون منظر تمام سهڻو ٿي لڳو. هن نمائش جي باري ۾ اسان کي ٻڌايائون ته هيءَ ڌرتي گلن جي وڏي ۾ وڏي نمائش آهي، جيڪا 70 ايڪڙن تي مشتمل آهي ۽ نون حصن ۾ ورهايل آهي. هن نمائش کي ڏسڻ لاءِ هڪ وڏو ٽاور به ٺاهيو ويو هو، جنهن تي چڙهي، توهان سڄي نمائش کي ڏسي پئي سگهيا. palijo_hai@hotmail.com
جواب: محترم جناب عبدالحئي پليجو جي لکين ڪالمن جو مجموعو جرمنيءَ جي رستن تي سومر 4 فيبرور ي 2008ع هالينڊ مون کي ڏاڍو وڻيو. خاص ڪري هتان جا گل. اسان جي هاڻ اڳتي منزل يورپ جو عظيم ملڪ جرمني هئي. هالينڊ ۽ جرمني جي بارڊر تي اميگريشن ٿي. سدائين اسان جا پاسپورٽ گائيڊ گڏ ڪري هيٺ کڻي ويندي هئي. پاسپورٽ تي ٺپو لڳرائي، پوءِ واپس اسان جي حوالي ڪندي هئي، پر هتي گائيڊ سڀني کي پنهنجا پاسپورٽ موٽائي ڏنا. اسان کي چيائين ته توهان هيٺ مون سان گڏجي هلو. مون پڇيو ته ”آهي ته خير.“ چيائين ته ”توهان هلو ته توهان کي ٻڌايان ٿي.“ اسان هيٺ لٿاسين ته مون کي چيائين ته توهان جي جرمنيءَ جي ويزا جنهن تاريخ کان شروع ٿئي ٿي، انهيءَ ۾ اڃا پندرنهن ڏينهن پيا آهن ۽ توهان هتي انهيءَ کان اڳ ۾ پهچي ويا آهيو. دل ۾ سوچيم ته هاڻ رلي وياسين. مون کي اچي پنهنجو ملڪ ياد پيو. جتي غلطيون ڄاڻي واڻي کوٽي ڪڍن. پوءِ انهيءَ جي آڌار تي ماڻهن کي چڱي معاشي مار ڏين. پڇيومانس ته هاڻ منهنجو ڇا ٿيندو؟. چيائين ڪو به مسئلو ڪونهي، سڄو مسئلو آئون پاڻ ٿي حل ڪريان. جرمن اهڙا چريا ڪو نه آهن جو توهان کي واپس ڪري ڇڏيندا. کين خبر آهي ته توهان گروپ ٽوئر ۾ آهيو ۽ گروپ کان عليحده ڪو نه ٿيندا. اهو ڪو پهريون مثال نه آهي. ٻيو ته اسان جي ٽوئر ڪمپنيءَ جي به ريپوٽيشن آهي. البته توهان جيڪڏهن اڪيلو هجو ها ته پوءِ ٻي ڳالهه هئي. پوءِ ته يقينن توهان کي ملڪ اندر داخل ٿيڻ ڪو نه ڏين ها، پر هاڻ توهان ڪا به پرواهه نه ڪريو. سامهون واري ڪرسيءَ تي هڪ خوبصورت نوجوان ۽ بِلو اکين سان اميگريشن آفيسر ويٺي هئي. اسان کي چيائين ته پوءِ ڇا خيال آهي. مون چيو ته جرمني گهمڻي آهي. چيائين توهان اڳ پاسپورٽ ڪو نه ڏٺو هو ڇا؟ مون چيو ته نه. چيائين ته اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي. مون چيو ته اسان ڪيئن چاهينداسين ته هالينڊ ۽ جرمنيءَ جي وچ ۾ پاڻ کي تماشو بڻايون. پوءِ کلي، ٺپو هڻي چيائين ته ”وري جرمني اچو ته اهڙي غلطي نه ڪجو.“ پوءِ بس ڀيڙو ٿي، سڀني ٽوئر وارن کان معذرت ورتم ته سڀ کلي پيا. اسان هاڻ گهڻو ڪري سڀ هڪ ٻئي جي نالن کان به واقف ٿي ويا هئاسين. مون کي هتي هڪ ڳالهه جو ڏاڍو عجب ٿيو، جو سڀ گروپ وارا پوءِ اهي آمريڪن، آسٽريلين، جاپانيز يا ڪنهن ٻئي ملڪ جا هجن، منهنجو نالو پليجو بلڪل صحيح وٺندا هئا. پنهنجي ملڪ پاڪستان ۾ به مون ڏٺو آهي ته پٺاڻ، پنجابي، بلوچ ۽ سرائڪي پليجو ته ٺهيو، پر هر اچار گهڻو ڪري صحيح وٺندا آهن، پر اردو ڳالهائڻ وارا ڪڏهن به سنڌي ذاتين يا ڳوٺن جو صحيح نالو نه وٺندا آهن. پليجو کي چوندا ”بليجو“. پهرين آئون سمجهندو هوس ته ڄاڻي واڻي ٿا ائين ڪن. سنڌي نالن کي ابتو سبتو ڪري، ٻوليءَ کي مسخ ڪرڻ ٿاچاهين، پر هاڻ آئون انهيءَ نتيجي تي پهتو آهيان ته اردو ٻولي جامع ٻولي يا مڪمل ٻولي ڪونهي. اسان جرمنيءَ جي موٽر وي تي وڃي رهيا آهيون. گاڏي انهيءَ رفتار سان هلي رهي هئي، جنهن رفتار سان بيلجيم جي پورٽ تان رواني ٿي هئي. ٽوئر ۾ بس هڪ رفتار ۾ ئي ڊرائيور هلائين، اٽڪل 0 9 ڪلوميٽر جي رفتار سان. گائيڊ به هڪ مخصوص وقت يعني ڪنهن شهر ۾ داخل ٿيڻ يا ڪنهن شهر ڇڏڻ وقت اچن باقي جنهن به ملڪ ۾ وڃبو هو ته ڪنهن اهم تاريخي ماڳ کي ڏسڻ لاءِ هميشه مقامي گائيڊ کان مدد وٺبي هئي. توهان فرانس ۾ ايفل ٽاور، ورسلائيز نوٽريڊم چرچ ۽ روم ۾ وئٽيڪن سٽي گهمڻ ويندا ته اتي توهان کي ٽوئر وارا مقامي گائيڊ ڏيندا، جيئن هو توهان کي سٺي نموني هر شئي بابت سمجهائي سگهن. اهڙين جڳهين تي توهان کي ڪتاب ۽ ننڍڙا ڪتابچا ۽ فوٽو به ملندا، جن مان توهان ڪافي معلومات حاصل ڪري سگهو ٿا. دنيا ۾ هيءُ پهاڪو مشهور آهي ته جرمن ڪار ۽ جرمن زال توهان کي ڪڏهن به دوکو نه ڏيندي. سو سائين اسان کي ته جرمنيءَ جي انهن ٻنهي نعمتن جي ڪا به ڄاڻ نه آهي، پر اهو پهاڪو ضرور ٻڌو اٿئون. مون کي سڄي يورپ ۾ گهمندي جاپاني گاڏيون به نظر آيون البته اهي نه هئڻ برابر هيون. هر هنڌ جرمن گاڏيون خاص ڪري مرسڊيز جام هيون. پاڪستان ۾ امير ماڻهن وٽ مرسڊيز ڪارون هونديون آهن، پر هتي ٽئڪسيون به مرسڊيز هيون. اسان جي پهرئين منزل ڪولون جو شهر هو، جتي اسان کي لنچ ڪرڻي هئي، پر ويندي ويندي ڀرسان (RUHR) روهر شهر پڻ ڏسندا وياسين. روهر شهر نه صرف جرمنيءَ ۾ پر سڄي يورپ ۾ وڏي ۾ وڏو صنعتي شهر آهي. شهر جي آدمشماري پنج لک آهي، پر شهر ۾ ڏهه لک مزدور رهن. هن شهر ۾ مزدور ٻين شهرن کان اچي هتي مختلف ڪارخانن ۾ مزدوري ڪن. اسان ڪولون شهر ۾ داخل ٿي انهيءَ هوٽل ڏانهن وڃي رهيا آهيون، جتي اسان کي لنچ ڪرڻ هئي. جرمنيءَ جي روايتي لذيذ ماني کان سواءِ ٻين به ڪيترن ئي قسمن جا ائٽم هئا. آئون پاڪستان کان ٻاهر گهڻو ڪري ڪڪڙ يا مڇي کائيندو آهيان جيئن (Pork) پورڪ نه مٿي ۾ لڳي، پر لنڊن کان سواءِ ٻئي هنڌ مڊل ڪلاس هوٽلن وارا انگريزي ڪو نه سمجهن. انهيءَ حد تائين جو اشارن سان ڪڪڙ جي سمجهاڻي سان گڏ ٻانگون به ڏيئي ڏيکارين. چئو کير ته ٽماٽو ڪيچ اپ کڻيو اچن ۽ وري ٽماٽو ڪيچ اپ چئو ته پليٽون کڻيو اچن. اسان جو ڊرائيور انگريز ڪو نه هو ۽ انگريزي ٺپ ڪو نه ڳالهائيندو هو، پر ٽِپ يا ڪا فائدي واري ڳالهه هوندي هيس ته انگريزي ڳالهائڻ لڳندو هو ۽ پتو پوندو هو ته هي انگريزي به ڄاڻي ٿو. جرمني ۾ مون محسوس ڪيو ته ماڻهو هروڀرو رت ڪو نه ٿا ڪن. جي ڪا ڳالهه سمجهن ٿا ته جواب به ڏين ٿا ۽ شئي به ڏين، پر ڳالهائڻ ۾ جرمن ٿورا کهرا آهن. مون مانيءَ ۾ صرف ويجيٽيبل سوپ پيتو، جيڪو ڏاڍو لذيذ ۽ سوادي هو. مصالحو به تيز پيل هئس. تيز مصالحه يورپ ۾ اٽلي ۽ آمريڪا جي رياست ڪئليفورنيا ۾ ماڻهو پاڪستان ۽ هندستان وانگر کائين. منا سوپ ڪو نه پيتو، صرف سوئيٽ کاڌو. جرمنيءَ ۾ کاڌا ڏاڍا مزيدار ٿين. اسان ماني کائي، ڪولون شهر جي سير تي نڪري وياسين. ڪولون شهر ڪيميڪل انڊسٽريءَ جو مرڪز آهي. ڪولون ۾ روزاني سون، هزارن جي تعداد ۾ ريلون اچن. اسان ريلوي اسٽيشن پڻ ڏٺي، جنهن کان پوءِ شهر جي هڪ قديم چرچ ڏيکارڻ هليا. چرچ تمام وڏو ۽ خوبصورت هو ۽ چرچ جي مرمت جو ڪم هلي رهيو هو. palijo_hai@hotmail.com
جواب: محترم جناب عبدالحئي پليجو جي لکين ڪالمن جو مجموعو موسيقار بيٿوون ۽ لطيف جي عاشق اينيميري شمل جي شهر ۾ سومر 11فيبرور ي 2008ع جرمني يورپ جو مکيه صنعتي ملڪ آهي، جيڪو نه صرف صنعتي پيداوار ۾ اڳتي آهي ۽ دنيا جي مکيه صنعتي ملڪن ۾ شامل آهي، پر صنعتي پيداوار سان گڏ هيوي صنعتي ٽيڪنالاجي وڪڻڻ وارن ملڪن ۾ به اڳيان اڳيان آهي. رستا چوطرف حسين، جبلن ساڻ ڍڪيل، جيڪي وري انگورن جي باغن سان جنجهيل آهن. انهن مان گذرندا اسان بون شهر ڏانهن وڃي رهيا آهيون. سڄي ويسٽ يورپ ۾ ڪارن جون ڇتيون اهڙيون، جو جڏهن چاهين ته بلڪل کولي ڇڏين، جيڪڏهن فل نه تڏهن به مٿان ڪافي حصو کلي وڃي. اهو انهيءَ ڪري جو جڏهن اس نڪري ته ماڻهو اُس جو مزو وٺندا آهن. يورپ جا ماڻهو ڪڏهن ڪڏهن ڪاڙهو ڏسن، سو هر طريقي سان چاهيندا ته ڪار ۾ هلندي، اس جو مزو وٺندا وڃون. بون 9 4 9 1 ع ۾ ويسٽ جرمني جي گاديءَ جو هنڌ مقرر ڪيو ويو. انهيءَ کان اڳ هيءُ هڪ ننڍڙو شهر هو، جيڪو رائن نديءَ جي ڪناري تي قائم هو ۽ اڄ به آهي. پهرين عيسوي صديءَ کان هڪ سال اڳ هن تي رومنس قبضو ڪيو، جيڪو ڪافي وقت جاري رهيو. بون شهر ۾ ميئر جي آفيس، سٽي هال ۽ ريلوي اسٽيشن ڏٺي سين ۽ شهر جو چڪر پڻ لڳايوسين. ماڻهو تمام سهڻا هئا. خاص ڪري عورتون، جن ميڪ اپ به گهٽ ٿي ڪيو. بازارن ۾ جام فروٽ رکيا هئا. گهڻو ڪري سڀ پنهنجي ملڪ جهڙا، سواءِ رس بيري ۽ ٽيري جي. ڀاڄيون به سڀ پنهنجي ملڪ جهڙيون هيون، سواءِ هيڊي ٽماٽي جي. البته سائيز ڀاڄين ۽ فروٽ جي وڏي هئي. هلندي هڪ قبرستان به ڏٺوسين. قبرستان ڪنهن سهڻي باغ کان به خوبصورت هو، جنهن ۾ سوين قسمن جا وڻ ۽ گل هئا. هتي جڳهيون ڪشاديون ۽ خوبصورت هيون. جرمنيءَ جي ڌرتي جتي دنيا جا عظيم مفڪر پيدا ٿيا، اتي هٽلر جهڙو ماڻهو به پيدا ٿيو، جنهن سڄيءَ دنيا کي ناچ نچائي ڇڏيو. هٽلر جي خلاف ۽ فائدي ۾ ڪيئي ڪتاب لکجي چڪا آهن. سو انهيءَ جي توهان کي سڄي ڄاڻ هوندي، پر هتي آئون صرف هڪ مزيدار رپورٽ جو ذڪر ٿو ڪريان، جيڪا هن متعلق شايع ٿي. جڏهن ٻي عالمي جنگ پئي لڳي، تڏهن آمريڪا وارن هن جي شخصيت کي سائنٽفڪ انداز ۾ سمجهڻ لاءِ ته هن جي شخصيت ۽ نفسيات ڪهڙي آهي ۽ هيءُ اڳتي ڇا ڪندو ۽ هن جو آخري انجام ڇا ٿيندو، تنهن متعلق ڪجهه مشهور پروفيسرن جي هڪ ٽيم ٺاهي، جنهن ٽيم جو سربراهه وسٽن جو ماهر نفسيات ڊاڪٽر وليم لينگر هو. هن کي جڏهن اهو ڪم سونپيو ويو، تڏهن هو ڏاڍو خوش هو، پر جيئن هو ڪم کي اڳتي کڻندو ويو ته حيران ٿيندو ويو. انهيءَ ڪم ۾ هٽلر جا ڪيئي روپ، چهرا کيس نظر آيا، پر هر روپ ۽ چهرو هڪ ٻئي کان مختلف هو. هٽلر هڪ نه پر گهڻن دماغن ۽ ذهنن جو نالو هو. هٽلر هڪ نه پر سوين شخصيتن جو مجموعو هو، جنهن پروفيسر وليم کي منجهائي، جنجهوڙي ۽ پريشان ڪري ڇڏيو. مثال اهو انسان جنهن جي حڪم تي لکين ماڻهو مارجي ويندا هئا، سو سندس پاليل ٻليءَ جي موت تي اوڇنگارون ڏئي رنو هو. هٽلر جي شخصيت کي پروڙڻ ۽ پرکڻ لاءِ انهيءَ ٽيم هزارين فائيل ٺاهيا، جنهن ۾ ننڍي هوندي کان وٺي برلن ۾ ڪرسيءَ تي ويهي چانسلر جي حيثيت سان حڪم هلائڻ تائين جا تفصيل هئا. ان ۾ سندس خط، اخباري بيان، پريس نوٽ، انٽرويوز، حڪم، ريڊيو تان سندس تقريرن جا ٽيپ، زبان مان نڪتل لفظن جا فائيل به هئا، جن ۾ پيار، ڪاوڙ، گاريون، ڀوڳ چرچا، ساڻس ملندڙ سون مردن ۽ عورتن جا انٽرويوز به هئا. سندس ۽ سندس خاندان جا فوٽا، پسنديده ڪتاب، رسالا، اخبارون، کاڌا پيتا، ڪپڙن جا تفصيل به هئا. مطلب ته آمريڪن هن تي رپورٽ ٺاهڻ ۾ ڪا به ڪسر ڪا نه ڇڏي، پر هو ان وقت سخت پريشان ٿيا، جڏهن آمريڪي سي آءِ اي اها رپورٽ ڏني ته هٽلر هڪ سال اڳ اتحادين جي ليڊرن ۽ فوجي جنرلن بابت اهڙي رپورٽ ٺاهڻ جو حڪم ڏئي چڪو هو ۽ اها رپورٽ هڪ سال اڳ جرمنيءَ جي خفيه ايجنسين تيار ڪري هٽلر کي ڏئي ڇڏي هئي. نيٺ هزارن صفحن تي مشتمل رپورٽ آمريڪا گورنمينٽ کي انهن ماهرن ٺاهي ڏني، جيڪا آمريڪا وارن ٻين اتحادي ملڪن جي سربراهن کي به ڏني. ان جي بنياد تي اتحادين خوب سڄيءَ دنيا ۾ هٽلر خلاف پروپيگنڊا ڪئي، جيڪا پوءِ شايع به ٿي. نه صرف آمريڪا وارن جي، پر هٽلر جي تيار ڪيل رپورٽ پڻ اخبارن، رسالن ۽ ڪتابي صورت ۾ شايع ٿي. جرمنيءَ جي تيار ڪيل اها رپورٽ سياسي نوعيت جي هئي، پر هٽلر خلاف جيڪا رپورٽ ٺاهي ويئي هئي، اها تمام ڪريل ۽ گهٽيا هئي، جنهن کي پڙهي ته سگهجي ٿو، پر لکي نٿو سگهجي. هٽلر ڪهڙو به خراب هو، پر سڄي جرمن قوم هن سان گڏ هئي. هن دنيا ۾ جرمن قوم جي بالادستي قائم ڪئي. انهيءَ کان اڳ يورپين قومن سڄيءَ دنيا خاص ڪري ايشيا ۽ آفريڪا کي غلام بنائي رکيو هو. چوندا آهن ته No risk No gain، سو هن به risk کنيو ۽ داءُ لڳايو، پر ڪامياب نه ٿيو. عالمي تجزيي نگار چون ٿا ته انهيءَ دوران آمريڪا ۽ جرمني ائٽم بم جي تجربي تي ڪم ڪري رهيا هئا ۽ انهيءَ تجربي ۾ آمريڪا اڳتي نڪري ويو، نه ته جرمني ڪڏهن به هار نه کائي ها. سنڌيءَ ۾ هڪ چوڻي آهي ته”لڳي ته لک ڪري، ٽٽي ته ٽڪو نه لهي“ سو هٽلر ۽ صدام حسين سان به ائين ٿيو. ٻنهي رسڪ کنيو پنهنجيءَ قوم لاءِ، پر مارجي ويا. توهان کي بون جي باري ۾ ٻه اهم ڳالهيون ٻڌائڻ وسري ويون. هڪ ته جرمنيءَ جو شهره آفاق موسيقار Ludwing-van-Beethoven (بيٿوون) هتي پيدا ٿيو، جنهن کي مغربي دنيا جو اڄ به عظيم موسيقار مڃيو وڃي ٿو. هن جا گيت اڄ به ڪروڙين انسانن جي دلين ۾ گونجي رهيا آهن. هيءُ عظيم فنڪار 6 1 ڊسمبر 0 7 7 1 ع ۾ بون شهر ۾ پيدا ٿيو. هن جي جاءِ پيدائش اڄ جرمنيءَ جي قومي يادگار آهي. هن بابت اتي توهان کي گهڻو ڪجهه ملندو. ان قومي يادگار ۾ روزانو نه رڳو جرمني، پر سڄيءَ دنيا جا سياح هتي اچن ٿا. ٻي شخصيت آهي ڊاڪٽر اينيميري شمل، جنهن جو گهر پڻ بون ۾ آهي. ڊاڪٽر اينيمري شمل کي جرمنيءَ کان وڌيڪ ماڻهو پاڪستان ۾ سڃاڻن. هن اردو ۽ اقبال سان گڏ، سنڌ ۽ سنڌي، لطيف ۽ سنڌي گرامر تي گهڻو ڪجهه لکيو آهي. پاڻ سنڌي ادب جو ڪافي مواد جرمنيءَ ۾ پڻ ترجمو ڪيو اٿس. سو جرمني جي سفر ۾ هن سنڌ دوست هستيءَ کي ياد نه ڪجي، ته بي واجبي ٿيندي. اسان بون کي آخري سلام ڪري، پنهنجي رات جي رهائش جي جڳهه ڪوبلنز(Coblenz) وڃي رهياسين. هيءَ هوٽل مٿي هڪ پهاڙيءَ تي هئي. شهر جو نظارو هيٺ ڏاڍو وڻندڙ هو. آئون ۽ منيٰ هوٽل جي بالڪوني ۾ ويهي انهن نظارن مان ڪافي دير تائين لطف اندوز ٿيندا رهياسين. palijo_hai@hotmail.com
جواب: محترم جناب عبدالحئي پليجو جي لکين ڪالمن جو مجموعو جرمنيءَ جي رنگين رستن تي سومر 25 فيبروري 2008ع صبح سوير تيار ٿي، رائن نديءَ ۾ بوٽ جي سفر لاءِ روانا ٿياسين. پهاڙي علائقو، گهمندڙ ڦرندڙ رستا، سرسبز رستي تي هڪ ڀڳل اسٽيچو ڏيکاريائون. جيڪو جنگ دوران ڪنهن آمريڪن پائليٽ ڀڳو هو. اسان جي بس پهچڻ کان اڳ اسان جي بوٽ ٺهي جڙي، اسان جي انتظار ۾ بيٺي هئي. بوٽ تمام وڏي هئي. اسان ٿورا هئاسين. الائي ڇو هنن هيءَ ايڏي وڏي بوٽ اسان لاءِ ڪرائي تي ڪئي. بوٽ ۾ ڪجهه ڪمرا به هئا. جيڪي تمام سهڻي نموني سان ڊيڪوريٽ ڪيل هئا، جن ۾ اندر ويهڻ سان ٻاهر جو نظارو اڃا به وڌيڪ خوبصورت ٿي نظر آيو. اسان جي گائيڊ اسان کي هر شئي، جڳهه ۽ ماڳ بابت ٻڌايو پئي. هر هنڌ مائيڪ لڳل هئي. توهان ڪٿي به بوٽ ۾ هجو، ننڍڙن اسپيڪرن سان توهان سڄي ڪمينٽري ٻڌي سگهو پيا. يورپ ۾ سير ڪجي ته ٻن ٽن ڏينهن لاءِ بوٽ ٽوئر ۾ ضرور گهمجي، جيڪو سڄي يورپ ۾ توهان کي هر ملڪ جي وڏي شهر ۾ ملندو. انهيءَ ٽوئر ۾ رش ته ٿئي، پر ٽڪيٽ مليو وڃي. رائن ندي ڏاڍي تيزيءَ سان وهي رهي هئي ۽ اسان جي بوٽ پڻ تيزيءَ سان هلي رهي هئي. نديءَ جي پاسن کان ڪافي ننڍا ڳوٺ هئا. نديءَ جي ڀرسان مٿي پهاڙين تي لاتعداد خوبصورت ننڍا ۽ وڏا محل ٺهيل هئا. هر محل بابت اسان جي گائيڊ اسان کي سمجهائيندي ويئي ته هي فلاڻي بادشاهه ٺهرايو، هي فلاڻي شهزادي ٺهرايو... اسان هڪ فرمانبردار شاگرد وانگر سندس اها تقرير ٻڌندا رهياسين. ٻن ڪلاڪن جو هيءُ سفر مون کان شايد سڄي زندگي نه وسري. انهيءَ کان به خوبصورت جڳهيون سنڌ اندر آهن، پر اسان انهن کي ٺاهي ته ٺهيو، پر سنڀالي به نه سگهيا آهيون. اخبار ۾ پيا پڙهون ته بڊي جبل تي ڏهه ڪروڙ خرچ ٿيا. گورک تي پنج ڪروڙ خرچ ٿيا. پر ٿيو ته ڪجهه به ناهي. اسان وٽ جيڪي اڳ ۾ ئي جڳهيون ٺهيل آهن. تن جي خبر چار نٿي لڌي وڃي. مثال طور ڪينجهر ڍنڍ آهي، جنهن تي هر آچر ۽ موڪل واري ڏينهن پنجويهه هزارن کان به مٿي ٽوئرسٽ اچن ٿا، پر ان جو حال صفا خراب آهي. جتي ماڻهو پاڻ ئي شوق سان اچن ٿا، پهرين انهن جڳهين کي آباد ڪرڻ جي ضرورت آهي. پوءِ ويهي نوان تجربا ڪجن. ڇو ته اهي به اسان جون پنهنجون ئي جڳهيون آهن.ڪينجهر تي ٿوري توجهه ڏجي، پرائيويٽ سيڪٽر کي همٿائجي ۽ امن امان قائم ڪجي، ته ڪينجهر جهڙو ٽوئرسٽ پليس سڄيءَ سنڌ ته ڇا، پر سڄي ملڪ ۾ ڪونهي. ماڻهو هتي پاڻ ئي هلي اچن ٿا، فقط انهن کي سهولتون ڏيڻيون آهن، جيڪي پرائيويٽ سيڪٽر کي همٿائڻ سان آسانيءَ سان ڏئي سگهجن ٿيون. يورپ ۽ آمريڪا جا ملڪ ته اڄڪلهه ڪمائين ئي ٽوئرسٽ انڊسٽريءَ مان ٿا. اسان جي ٽوئر ڪمپنيءَ واري بس پري کان نظر اچي پئي. اسان شپ مان لهي بس ۾ ويٺاسين. سڄي ٽوئر ۾ ٽوئر وارن جو اهڙو ته سهڻو بندوبست ڪيل هو، جو ڪيئي دفعا ٽوئر ۾ گهمڻ وياسين، پر ڪٿي، ڪنهن به هنڌ، هڪ منٽ به انتظار نه ڪرڻو پيو. هر سواري يا پروگرام اڳواٽ تيار هو. اسان جي بس جي هڪ طرف وڏا جبل ته ٻئي طرف هيٺ لائن ويليءَ جي وچ ۾ ٺهيل ڊبل ٽريڪ روڊ هو، جنهن تي اها روايتي رفتار سان وڃي رهي آهي. يورپ يا آمريڪا ۾ فري وي ۽ موٽر وي جو اهڙو ڄار وڇايل آهي، جو هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ ڏانهن ويندي وقت تمام گهٽ ٿو لڳي. جيئن پاڻ ڪراچيءَ کان حيدرآباد وايا ٺٽو اچون، ته ڪيترن ئي شهرن مان گذرڻو پوي ٿو. شهرن وچ ۾ ماڻهو بيٺا ڪچهريون ڪندا. بس، ڪار يا ڪنهن ٻي سواريءَ ڏانهن ڪو به توجهه ڪو نه ڏيندو. توهان بيٺا ڪار، بس جا هارن وڄايو، پر ٻيو مڙئي ٿيو خير. شهرن ۽ ڳوٺن ۾ بيٺل جانور ۽ اسپيڊ بريڪر جدا آزار پيدا ڪن. هتي رستن تي هلندي مزو پيو اچي. ون وي رستا، رستن جي وچ ۾ گل ۽ پاسن کان وڻ، چوطرف ساوڪ ئي ساوڪ. رستن تي نه ماڻهو، نه جانور، ڏهن پندرنهن ميلن کان پوءِ سهڻيون هوٽلون، جتي هر شئي ملي. بسون، ڪارون اهڙيون سهڻيون ۽ آرامده جو ماڻهو ٿڪجي ئي نه. يورپ ۽ آمريڪا ته پري ٿيا، پر سنڌ جي مقابلي ۾ پنجاب جا رستا به تمام سٺا ۽ سهڻا. ڪٿي به توهان کي اسپيڊ بريڪر نظر نه ايندا. اسلام آباد، لاهور موٽر وي يا اسلام آباد جا رستا ته بلڪل يورپ جهڙا آهن. اسلام آباد ۽ لاهور موٽر وي تي پوليس کي نيون وڏيون ڪارون مليل آهن ۽ ان پوليس کي سکيا پڻ ٻاهرين ملڪن ۾ ڏني وئي آهي. اسان ٻن پهرن جو لنچ رائن نديءَ جي ڪناري تي هوٽل مونٽنگ ۾ ڪئي. مون ٽوئر دوران ڏٺو ته ٽوئر گروپ جو چوٿون حصو گهڻو ڪري لنچ ڪو نه ڪندو هو ۽ جيڪي لنچ ڪندا هئا، سي به ايترو کاڌو وٺندا هئا، جو بچي ڪجهه به نه. هزارن ميلن جي هن سفر ۾ ڏٺم ته ڪنهن به پئسينجر ائين ڪو نه چيو ته بس بيهاريو ته آئون باٿ روم ٿو وڃان. ماڻهو ماحول مطابق هر رنگ ۾ رنگجيو وڃي. اسان به دستور مطابق لنچ ۾ صرف ڀاڄين جو سوپ ۽ هڪ پيپسي ورتي. لنچ ٽائيم تي به ٿورو وقت بيهبو هو. يعني ٽيهن کان چاليهه منٽ. بس پوري وقت تي نڪرندي هئي. ٽائيم اڳ ۾ ئي ٻڌائي ڇڏيندا هئا. جنهن ڪري ٽوئرسٽ ٻه ٽي منٽ اڳ پهچي ويندا هئا. جي وقت هوندو هو ته ٻاهر پيا سگريٽ پيئندا ۽ گپ شپ ڪندا، ڇو ته بس ۾ سگريٽ پيئڻ جي اجازت نه هئي ۽ پڻ ٻارهن سالن کان ننڍيءَ عمر جي ٻارن جي ٽوئر ۾ شامل ٿيڻ جي اجازت نه هوندي آهي. ڇو ته ننڍا ٻار روئندا آهن، تنهن ڪري سڄو ٽوئر گروپ ڇو پريشان ٿئي. مون ٽوئر ۾ ڏٺو ته بس جا ڊرائيور گهڻو ڪري سڀ سگريٽ پيئندا هئا، پر بس اندر بلڪل نه. اسان هاڻي رائن ويلي ڇڏي جرمنيءَ جي مشهور بليڪ فاريسٽ مان وڃي رهيا آهيون ۽ شديد برسات پئجي رهي آهي، پر اسان جي بس ساڳيءَ رفتار سان وڃي رهي هئي. بس ۾ موبائل جو استعمال اهڙي نموني ڪندا آهن، جو اسان بلڪل ڊسٽرب ڪو نه ٿيون. بس وارا موبائيل رستي پنهنجيءَ هيڊ آفيس سان هميشه رابطي ۾ هوندا هئا. گهڻو ڪري فون ان وقت ڪندا هئا، جڏهن بس بيٺل هوندي هئي ۽ مسافر ٻاهر مانيءَ لاءِ يا گهمڻ ڦرڻ ۾ مصروف هوندا هئا. اسان کي اسان جي گائيڊ ٻڌايو ته پاڻ رات جو جرمنيءَ جي شهر ٽريئر(Trier) ۾ رهنداسين. پر اوڏانهن ويندڙ رستو برسات سبب ٽريفڪ جي وڌي وڃڻ يا ٻئي ڪنهن سبب ڪري بند آهي، ان ڪري هيڊ آفيس چيو آهي ته رستو تبديل ڪري، ٽريئر ڏانهن وڃو. سو ڪا ڳالهه ڪونهي. صرف هڪ ڪلاڪ وڌيڪ لڳندو ۽ وڏن پهاڙي رستن تان پڻ گذرڻو پوندو. مون ڏٺو ته جيڪي سياح ٿوري ٿوري ڳالهه تي رڳو Nice Nice پيا ڪندا هئا. سي بلڪل چپ ٿي ويا ۽ آهستي آهستي هڪ ٻئي سان سس پس ڪرڻ لڳا. مون ڏٺو آهي ته يورپ ۽ آمريڪا جا ماڻهو جيڪي قانون جي حڪمراني(Rule of Law)، حڪومت ۽ ماحول جي تحفظ ۾ پليا آهن. سي ٿوري گهڻي ڳالهه تي ڏاڍا پريشان ۽ حيران ٿيندا آهن. کين سنڌ جي ٿاڻن ۽ وڏيرن جي ڪرتوتن جون خبرون ٻڌائجن ته شايد اعتبار ئي نه ڪن. برسات گهٽجي وئي آهي. ڪي قدر آسمان به صاف ٿي ويو آهي ۽ آسمان ۾ انڊلٺون جهرمر لائيو بيٺيون آهن. اسان وڏين پهاڙين تان هيٺ لهي رهيا آهيون. جبلن تان پاڻيءَ جا هي وهڪرا ننڍن ڪئنالن ۽ شاخن وانگر هيٺ تيزيءَ سان وهي رهيا آهن. وڻن ۽ ساوڪ مان شفاف پاڻي چوٽيءَ تائين نظر اچي رهيو آهي. اهڙا نظارا يورپ ۾ هڪ عام ڳالهه آهن. اسان اڄ ٿورو دير سان پنهنجي منزل يعني ٽريئر پهتاسين. هوٽل برگ (Berg) ۾ رهياسين، جيڪا شهر کان ٿورو پرڀرو هئي. برسات پڻ پئجي رهي هئي. تنهنڪري ڪيڏانهن ٻاهر نڪري نه ٿي سگهياسين. ماني کائي، هوٽل ۾ پيل هڪ رسالي کي ڏٺم. رسالو ٽن ٻولين ۾ هو. ٻه ٻوليون ته سمجهه ۾ نه پئي آيون البته هڪڙي انگريزي هئي. palijo_hai@hotmail.com
جواب: محترم جناب عبدالحئي پليجو جي لکين ڪالمن جو مجموعو مارڪس جي شهر کي آخري سلام سومر 10 مارچ 2008ع دنيا ۾ پهريون ڀيرو شاهه جو رسالو جرمني زبان ۾ ڇپيو، جيڪو ڊاڪٽر ٽرمپ ترتيب ڏنو ۽ ترجمو ڪيو. جرمني ٻولي جرمني حڪومت جي قومي ۽ سرڪاري ٻولي آهي، پر آسٽريليا جي به قومي ۽ سرڪاري ٻولي جرمني آهي. انهيءَ کان سواءِ سوئيزرلينڊ جون چار قومي ٻوليون آهن، جن ۾ هڪ جرمني پڻ آهي، . انهن ۾ جرمني، فرينچ، اٽلين ۽ رومن شامل آهن. جرمن چون ٿا ته دنيا ۾ پهريون نمبر ٻولي چائينيز، ٻيو انگلش، ٽيون هندي، چوٿون عربي، پنجون روسي ۽ ڇهون نمبر جرمني ڳالهائي وڃي ٿي، پوءِ صحيح يا غلط، سا خبر خدا کي آهي. اڄ ڪمري ۾ گهنٽي وڄڻ کان اڳ سار ٿي. ڇو ته ستو به سوير هوس. هوٽل جي ڪمري جي بالڪونيءَ مان ٻاهر نڪري اچي بيٺس. اٽڪل اٺ بسون ٻيون به ٽوئرسٽن جون بيٺيون هيون، جن ۾ ڪي اسٽارٽ به هيون. ٻاهر پکي گهمي ڦري رهيا هئا. سڄي ٽوئر ۾ ڏٺم ته ڪانگ، جهرڪيون، مکيون، ڪبوتر اهڙا هئا، جهڙا سنڌ ۾ ٿين. سنڌ ۾ به وري ٿر ۾ ڪانگ وڏو ٿئي. جرمني ۽ بيلجيم ۾ رات جو پوليس کي گهوڙن تي گشت ڪندي ڏٺم. لنڊن ۾ ته پوليس سر عام هٿيار به نه کڻي. هيٺ مانيءَ تي اڄ به رش هئي، پر مانيءَ جي ڪا به کوٽ ڪٿي به محسوس نه ڪئي سين. پيا کائو. اڄ ٽريئر شهر جو مختصر سٽي ٽوئر هو، پوءِ اڳتي لگزمبرگ ڏانهن وڃڻو هو. ٽريئر شهر دنيا جي عظيم انسان ۽ مفڪر ڪارل مارڪس جي جاءِ پيدائش جو شهر آهي. هن جي جاءِ پيدائش وارو گهر به ڏسڻو هو. ٽوئر وارن ٽريئر ۾ هڪ پارڪ سامهون اسان کي لاهي ڇڏيو ۽ ٻڌايائون ته ٻن ڪلاڪن کان پوءِ توهان کي هتان ئي اچي کڻنداسين. سامهون بينچون پيون آهن، جن تي ڪافي عورتون ويٺيون آهن، پر انگريزيءَ ۾ پيون ڳالهائين. شايد ٽوئرسٽ آهن. سپاهي بيٺو هو، تنهن کان پڇيم ته باٿ روم ڪٿي آهي؟ همراهه کي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي، ڀر ۾ بيٺل عورت اسان کي ٻڌايو ته سامهون گهٽيءَ ۾ باٿ روم آهي. هتان جا پبلڪ باٿ روم به عجيب ٿين. ايڏا صاف، سٿرا ۽ سهڻا، جو ڇا چئجي. مٿان وري گهڙڻ شرط خوشبو پئي اچي. گهڻو ڪري انهن باٿ رومن کي عورتون هلائين. ايڪڙ ٻيڪڙ ڪٿي ڪٿي ڪا پوڙهي عورت، نه ته نوجوان ۽ حسين عورتون توهان کي اندر گهڙڻ تي کليءَ دل سان آڌر ڀاءُ ڪنديون. سڪن اڇلائڻ لاءِ هڪ ٿالهي رکي هوندي، جنهن ۾ جيترو چاهيو، اوتري رقم وجهي ڇڏيو. جيڪڏهن سواءِ رقم وجهڻ جي آهستگيءَ هليا وڃو، تڏهن به مڙيوئي خير. ڪن باٿ رومن تي اگهه به لکيا پيا هوندا آهن. هالينڊ جي پبلڪ باٿ رومن يا ريلوي اندر باٿ رومن ۾ پئسا اڳواٽ وٺن. ٽوائليٽ ۾ وڃڻ، صابڻ وٺڻ، ٽوال وٺڻ ۽ وهنجڻ لاءِ عليحده عليحده اگهه آهن. اسان به باٿ روم مان فارغ ٿي، گهمندا ڦرندا اچي هڪ کليل ڪيفي ڀيڙا ٿياسين. مون هڪ جرمن جي مخصوص ٺهيل پئسٽري ۽ هڪ ڪافيءَ جو آرڊر ڏنو. يورپ ۾ هر ملڪ جي مخصوص کاڌي پيتي جي ڊش ضرور ٿئي، جيڪا ڏاڍي لذيذ به هوندي آهي. پاڻ وٽ سنڌ ۾ به ڪنهن زماني ۾ هر شهر جي مخصوص سوکڙي ۽ مخصوص کائڻ پيئڻ جي ڪا شيءَ هوندي هئي، جيڪا سنڌ جا ماڻهو هڪ ٻئي ڏانهن سوکڙي طور موڪليندا هئا يا پاڻ هڪ ٻئي وٽ ايندا ويندا هئا ته به ضرور ڪا مخصوص شيءِ پاڻ سان کڻي ويندا هئا، جنهن ۾ خاص ڪري دڙي جي پلنگ ٽوڙ مٺائي، ٺٽي جي جليبي، رٻڙي، شڪارپور جي مٺائي، پاپڙ، آچار، آئس ڪريم، سجاول جي راجه جي مٺائي، نصرپور جا کير پڙا ۽ کيس، مٽياريءَ جو مائو، اجرڪ، جنگ شاهيءَ جا بالو شاهي، هالن جي جنڊيءَ جو ڪم، کاڌي، کور واهه جون کٿيون، ٻنيءَ جو ذري جو ڪم، جيڪو اڄ به ڏاڍي نفاست سان ٿئي ٿو ۽ سڄيءَ سنڌ جا خاندان ذريءَ جو ڪم ٻني مان ڪرائين. ٻنيءَ ۾ پڻ خاص ڪري سومرا اهو ڪم ڏاڍي سهڻي انداز ۽ نفاست سان ڪن، سو اسان به جرمنيءَ جون هي وڻندڙ پئسٽريز کائي ۽ ڪافي پي، فروٽ بازارن، دڪانن، مني سپر مارڪيٽن جا چڪر هڻندا اچي، انهيءَ جڳهه ڀيڙا ٿياسين، جت ٽوئر وارن چيو هو. اسان جي بس اڳواٽ بيٺي هئي. اسان سڀ بس ڀيڙا ٿي، ٽريئر جي آخري پروگرام يعني ڪارل مارڪس جي جاءِ پيدائش واري گهر جو سير ڪرڻ پئي وياسين، جيڪا اڄڪلهه ٽن ماڙن جي عمارت هئي ۽ سٺي نموني سنڀاليل هئي. اندر هڪ پارڪ پڻ هو. هيءَ جڳهه اهڙي ٿي لڳي، جهڙيون پراڻي زماني جون ڪي جڳهيون. ٺٽي ۾ اڄ به آهن، پر لاڙ جو ۽ سينٽرل يورپ جو ڇا جوڙ. جڳهه اندر هڪ به سياح نه هو. هيٺ اندر داخل ٿيڻ واري جڳهه يا رسيپشن ڊيسڪ تي ٻه ماڻهو ويٺا هئا، جن اسان کي هيٺ مٿي چڱيءَ طرح گهمايو ۽ مٿين ماڙ تي هڪ ننڍي هال ۾ هڪ ٻيو ماڻهو به هو، جنهن پڻ سلائيڊن سان اسان کي ڪافي معلومات ڏني. اسان هت اندر ۽ ٻاهر ڪافي ڪئمرا سان فلمون پڻ ڪڍيون. مارڪس جو وڪيل پيءُ پهرين يهودي هو، پوءِ عيسائي ٿيو. مارڪس قانون ۽ فلسفي ۾ ڊگري حاصل ڪرڻ کان پوءِ هڪ اخبار ۾ ڪم ڪيو. جڏهن جرمني ڇڏي فرانس ويو ته سندس ملاقات اينگلس سان ٿي ۽ ايئن ٻنهي ڄڻن سڄي زندگي ڪميونزم لاءِ گڏجي ڪم ڪيو. دوست ٿي رهيا ۽ هنن گڏجي ڪميونسٽ ليگ لاءِ ڪم ڪيو. ساڳئي وقت جڳ مشهور ڪميونسٽ مينيفيسٽو به تيار ڪيائون. اسان مارڪس جي هن شهر کي آخري سلام ڪندا ، جرمني َ جي انگورن جي باغن مان ٿيندا، اچي لگزمبرگ پهتاسين. palijo_hai@hotmail.com