جواب: محترم جناب عبدالحئي پليجو جي لکين ڪالمن جو مجموعو
سياحت جي دنيا ۽ سنڌ جا سور!
اڱارو 30 سيپٽمبر 2008ع
ٽوئرسٽ کي صرف ساڳئي نموني جون جڳهيون نه گهمڻ گهرجن، پر ملڪ کان ٻاهر نڪرڻ کانپوءِ ڪوشش ڪجي ته، هر شيءِ ڏسجي ۽گهمجي. ڪي سياح اولهه جي ملڪن ڏانهن وڃن ٿا ته اتي صرف نائيٽ ڪلب ۽ ڊسڪو ڏسي واپس گهر پهچي ويندا آهن ته، ڪي وري سعودي عرب ويندا ته، اتي مقدس شهرن سان گڏ عربستان جي اندر جيڪي تاريخي نوعيت جون جڳهيون به ڏسڻ گهرجن. عربستان ۾ ڪيترا ئي شهر اهڙا آهن جيڪي يورپ جي شهرن کان به وڌيڪ خوبصورت آهن. حاجين کي ٻيا شهر ته کڻي پري ٿا پون، پر جدي جهڙو سهڻو شهر جنهن ۾ هر حاجي جهاز مان لهي ٿو، اهو به اسانجا ماڻهو نٿا گهمن. ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ حج ۽ عمري لاءِ ايندڙ ماڻهو هن حسين شهر کي ڏسندو هوندو، نه ته عمري کان سڌو پنهنجي ملڪ واپس هليو ويندو. جدو ڪنهن به ڳالهه ۾ يورپ جي شهرن کان گهٽ نه آهي. خاص ڪري جدي جي بيچ ته لاجواب آهي، مطلب ته ماڻهو کي انهيءَ ملڪ يا شهر جتي هيڏو خرچ ڪري پهچي ٿو، اتي ڪوشش ڪجي ته هر ٽيسٽ جي جڳهه ڏسي.
اسانجي مقامي اٽلين گائيڊ جيڪا هڪ پڪي عمر جي عورت هئي، تنهن نور کان مِنا جي باري ۾ پڇيو ته، هيءَ تنهنجي ماءُ آهي، نور چيس ته ها، پوءِ پاڻ کلي نور کي چيائين ته پوءِ تولاءِ مون کي ڪنوار ڳولهڻ ۾ ڏاڍي تڪليف ٿيندي، پر نيٺ ته ڳولي وٺنديس. اسان سڀ ڏاڍو کلياسين، آخر ۾ اسان سڀني کان کلي موڪلايائين، هن اسان سڀني سياحن کي کڻي اسان جي سڄي ٽوئر پروگرام واري گائيڊ جي حوالي ڪيو، جنهن اسان کي پنهنجي بس ڀيڙو ڪيو. جتي اسان کي اسان جي گائيڊ ٻڌايو ته، پاڻ هاڻ روم شهر جا چڪر هڻندا هلي دنيا جي تاريخي قديم ماڳ ڪولوزئيم پهچنداسين، سواءِ ڪٿي بهيڻ جي. ڇاڪاڻ ته اڄ آچر آهي، سياح وڏي تعداد ۾ شهر ۾ لٿل آهن، ان ڪري شهر ۾ تمام گهڻي رش آهي. اسان جي بس هلڻ لڳي ۽ گائيڊ اسان کي هر هڪ جڳهه جي باري ۾ ٻڌائيندو ۽ سمجهائيندو رهيو، هن چيو ته هي پل جنهن تان پاڻ گذري رهيا آهيون، سا ٻه هزار سال پراڻي پل آهي، هي فلاڻي بادشاهه ٺهرائي هئي، هي گرجا پندرهن سئو سال پراڻي آهي، هي محل قبل مسيح جو ٺهيل آهي. واقعي روم دنيا جو قديم شهر آهي، جنهن جي هڪ هڪ سِر جي جدا جدا تاريخ آهي ۽ هنن ان تاريخ کي جنهن نموني سان محفوظ ڪيو آهي، انهيءَ لاءِ هي ماڻهو جس لهڻن ۽ انهن جي محنتن جي نتيجي ۾ ساري دنيا خود به خود هت پهچيو وڃي.
اسان جي بس ڳاڙهي سگنل تي بيٺي آهي، ڪافي گاڏيون بيٺيون آهن، پر هڪ ڪار ٽريفڪ جي ڳاڙهي سگنل کي نظرانداز ڪندي اڳيان هلي وئي، اهڙي قسم جون حرڪتون توهان سڄي يورپ ۾ صرف اٽليءَ ملڪ ۾ ڏسندا، ٻي ڪنهن به ملڪ ۾ نه. اسان جي بس جي ڀرسان هڪ بهترين بگي اچي بيٺي، جنهن ۾ سياح ويٺا آهن، بگيءَ جو گهوڙو ڏاڍو ٿلهو متارو آهي. آسٽريليا جا ننڍي قد جا گهوڙا ته اسان جي ڳوٺ ويجهو ديوان شگر مل ۾ به جام پيا هلن، پر هي وڏو ۽ٿلهو متارو گهوڙو ڏسي مون کي ڊزني لينڊ ۾ ڏٺل گهوڙا ياد اچي ويا، جنهن جهڙا ڊگها ۽ٿلها گهوڙا مون اڃان تائين پنهنجي سڄي زندگيءَ ۾ ڪٿي به ڪونه ڏٺا آهن. سگنل کليو ته، اسان جي بس به هلي. روم جيڪو دنيا جو قديم ترين شهر آهي، اهو اڄ جو جديد ترين شهر پڻ آهي، جنهن جا ايئرپورٽ، ريلوي اسٽيشنون، بس ٽرمينل، انڊر گرائونڊ ميٽرو سروس، وڏيون وڏيون عمارتون، هوٽلون، سپر مارڪيٽون، ڊپارٽمينٽل اسٽور، ڪلبون، ڊسڪو ڪلبون، نائيٽ ڪلبس، چوڪ، روڊ، سروس روڊ، گارڊن پارڪس ۽ سوين هزارين لگزري ڪارون ڏسي ماڻهو حيران ٿيو وڃي ته، هنن جو ماضي به عظيم هو ۽ حال به حيران ڪندڙ آهي، باقي مستقبل جي خبر خدا کي.
اسان جي ماضي يعني موهن جي دڙي، ڪاهو جو دڙي ۽ رني ڪوٽ کي ڏسي سڄي دنيا کي ته حيرت آهي، پر اسان جو حال ڏاڍو هيڻو آهي، شل اسان پنهنجي راڄ ڀاڳ جا ڌڻي پاڻ ٿيون ته، هي گوندر گذرن. ڪهڙي ڪمي آهي، اسان وٽ، اڄ جي دنيا جي عظيم دولت کان اسان مالا مال آهيون، مثلن پيٽرول، گئس، ڪوئلو، طويل سامونڊي پٽي جنهن تي دنيا جا ٻه وڏا سامونڊي بندر ڪراچي پورٽ ۽ قاسم پورٽ، ڪراچي ايئرپورٽ پڻ دنيا جي هن اهم حصي ۾ آهن، جنهن جي پڻ هڪ تمام وڏي اهميت آهي. دنيا جو جديد ترين سسٽم جنهن بدولت سنڌ ۾ خدا تعاليٰ زراعت جي هر هڪ جنس هت پيدا ڪئي آهي، ڪهڙو فروٽ، سبزي ۽ ان آهي، جيڪو اسان وٽ ڪو نه ٿو پيدا ٿئي، ڪهڙو وڻ ٽڻ، ٻوٽو، گل ۽ ول آهي، جيڪا اسان وٽ ڪو نه ٿي ٿئي؟ دنيا ۾ اهو ڪهڙو پکي ۽ جانور آهي، جنهن جو گوشت، کير، بيضو دنيا ۾ ته آهي، پر اسان وٽ ڪونهي؟ سهڻيون سرسبز آباد سون ورنيون ٻنيون، جن جي ڪک مان پيٽرول، گئس ۽ ڪوئلو نڪري ٿو. جر جي وڏي حصي جو پاڻي مٺو آهي، جنهن مان هزارين ٽيوب ويلن وسيلي پاڻي حاصل ڪري اسين سنڌ جي سينڌ کي سنواريون ٿا. دنيا جون مشهور ڍنڍون، منڇر، ڪينجهر ۽ هاليجي دنيا جي عظيم ندين مان هڪ درياءَ سنڌ اسان وٽ آهي، پر تڏهن به اسان هيڻا آهيون، ڇو ته اسان ۾ ٻڌي نه آهي. اسان جي هزارين سالن جي تاريخ ۾ اسان سدائين ڊفينس ڪيو آهي، ڪڏهن به افينس نه ڪيو آهي، تنهن ڪري اسان جي ڌرتي جنهن جون سرحدون ڪشمير کان ڪيٽي بندر تائين پکڙيل هيون، سي هاڻ وڃن ٿيون سسنديون ۽ گهٽجنديون، خدا ڄاڻي ڪٿي وڃي دنگ ٿيندو. واقعي اسان پنهنجي وڏڙن جا ڏوهاري آهيون، جو اسان انهن جي سرزمين ۽ ورثي کي سنڀالي نه سگهياسين، جنهن جو ئي اسان لوڙهه لوڙهي رهيا آهيون.
بندر جا ڀئي،سکاڻيان م سُمهون
جيئن ٿو ڪپر ڪن ڪري، تيئن ماٽي منجهه مهي
ايڏو سور سهي،ننڊ نه ڪجي ناکئا
( شاهه عبداللطيف ڀٽائي)
palijo_hai@hotmail.com