جواب: محترم جناب عبدالحئي پليجو جي لکين ڪالمن جو مجموعو
اسڪاٽلينڊ جي شان ۽ شوڪت جي علامت: ايڊنبرگ محل
اڱارو 8 مئي 2007ع
ايڊنبرگ محل، اسڪاٽ لينڊ رياست جي سگهه ۽ سونهن جو اولين ۽ اعليٰ ترين مظهر آهي. محل جي سير لاءِ رهبريءَ جي نسبت سان ان جي نقشي تي دلچسپيءَ وارن مکيه هنڌن ۽ جڳهين جي نشاندهيءَ واسطي ٽڪليون يا پٽيون ڇپيل آهن. انهن جو تعداد ڇويهه آهي. مٿن سلسليوار 26 تائين انگ لکيل آهن. نمبرن جي نسبت سان مذڪوره جڳهين بابت تعارف بيان ڪيل آهي.
محل جي سير جي شروعات گيٽ هائوس وٽان ٿئي ٿي، جتي محل جي اوڀر طرف وارو مکيه دروازو آهي. تنهن کان اڳتي هلندي، لوئر وارڊ يعني محل جي هيٺاهين ڀاڱي کان ٿيندي محل جي مڊل وارڊ ۾ پهچبو. ان کان پوءِ اڃا اڳتي مٿي اپر وارڊ يعني محل جي مٿئين ڀاڱي ۾ داخل ٿي وڃبو. اهو محل جو سڀ کان مٿانهون هنڌ آهي. هن ڀاڱي ۾ ڪرائون اسڪوائر يعني حاڪمن جي رهائش گاهه آهي. هي محلاتون ڏسڻ کان پوءِ محل جي اولهه طرف موجود دلچسپيءَ وارن ماڳن ڏسڻ سان محل جو سير مڪمل ٿئي ٿو. لوئر وارڊ يعني محل جو هيٺاهون ڀاڱو محل جو اڀرندو حصو آهي، جيڪو سطح جي لحاظ کان محل جو سڀ کان هيٺاهون حصو آهي. محل جي مکيه گذر گاهه هن ڀاڱي ۾ موجود آهي. هتي ٺهيل عمارت کي گيٽ هائوس سڏجي ٿو. مکيه گذر گاهه هئڻ ڪري محل جي سمورن ڀاڱن ۽ جڳهين جي ڀيٽ ۾ هن عمارت کي اڪثر گهڻو نقصان رسندو رهيو آهي ۽ انهيءَ جي وقت بوقت مرمت توڙي نئين سر تعمير ٿيندي رهي آهي. گيٽ هائوس جي موجود عمارت کي بچاءَ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سهڻو ڪري ٺاهيو ويو. اها سن 8-1886 ۾ جڙي راس ٿي. اڳوڻو سادو داخلا وارو دروازو سترهين صديءَ جو ٺهيل آهي. گذر گاهه جي اندرين پاسن کان پٿر جون ڳڙکيون موجود آهن، جن ۾ مشهور مونس ميگ سميت ٻيون به توپون فٽ ٿيل آهن. سن 1929ع ۾ گذر گاهه جي ٻنهي طرفن تي بادشاهه رابرٽ دي بروس ۽ سر وليئم ويليس جا پتل جا ٺهيل مجسما نصب ڪيا ويا هئا. گيٽ هائوس جي اڳيان هڪڙي کاهي پڻ ٺهيل آهي، جيڪا ڪرومويل جي دور ۾ سن 1650ع ڌاري کوٽي وئي هئي. پراڻو گارڊ هائوس محل تي چوڪي ڏيڻ لاءِ 3 5 8 1 ع ۾ تعمير ڪيو ويو. انهيءَ ۾ هڪ قيد خانو ٺاهڻ لاءِ سن 1866ع ۾ منجهس توسيع ڪئي وئي. سن 1989ع ۾ انهيءَ کي محل جي دڪان ۾ تبديل ڪيو ويو. مڊل وارڊ يعني محل جو وچيون ڀاڱو تاريخ جي وچئين دور يعني پندرهين عيسويءَ کان اڳي ايڊنبرگ محل جو مکيه ڀاڱو، جنهن کي اپر وارڊ سڏين ٿا، سو ٽڪري جي چوٽيءَ تي اڏيل هو.
محل جو وچيون ڀاڱو پندرهين صديءَ کان وٺي ٺهڻ لڳو، جتي اول لوهارن جا دڪان ۽ بٺيون ٺهيون. ڳرين توپن ۽ ٻئي سامان آڻڻ ۽ نِيَڻ ۾ آساني پيدا ڪرڻ لاءِ پڪو رستو به ٺاهيو ويو. آرگائيل بيٽري يعني ڇهن توپن تي مشتمل توپخانو محل جي اترئين طرف وارو مکيه توپ خانو آهي. محل جي الهندي طرف واري توپ خاني کي مل مائونٽ بيٽري سڏجي ٿو. هي توپ خانو سن 0 3 7 1 ع ۾ ميجر جرنل ويڊ جي سفارش موجب قائم ڪيو ويو هو. هتي رکيل توپون ڪاسٽ آئرن جون ٺهيل آهن ۽ ارڙهن پائونڊ وزني گولا اڇليندڙ آهن. اهي توپون اوڻيهين صديءَ جي شروع ۾ نيپولين وارين جنگين دوران ٺاهيل آهن. ملس مائونٽ بيٽري نالي توپخاني ۾”ون او ڪلاڪ گن“ نالي واري ٻي عالمي لڙائيءَ ۾ ڪم آيل 5 2 پائونڊن وارا گولا فائير ڪندڙ توپ رکيل آهي. آچر کان سواءِ انهيءَ توپ جو روزانو هڪ بجي فائير ڪيو وڃي ٿو.
گورنرس هائوس نالي هڪ زبردست عمارت سن 2 4 7 1 ع ۾ تعمير ٿي، جنهن ۾ محل جي گورنر جي رهائش کان سواءِ ٻيا به رهائشي ڀاڱا تعمير ٿيل هئا. انهن ۾ محل جو”ماسٽر گنر“ يعني توپخاني جو عملدار ۽ محل جي اسٽور جو انچارج عملدار رهندا هئا. سن 0 6 8 1 ع ۾ محل جي گورنر واري آسامي ختم ڪرڻ کان پوءِ اتي محل جي اسپتال واريون نرسون رهڻ لڳيون. هن وقت انهي عمارت جو مرڪزي ڀاڱو فوجي ڪامورن جي ميس آهي. فوگس گيٽ نالي گذر گاهه جي پويان ٺهيل عمارتن کي محل جو اپر وارڊ سڏين ٿا. اهو ڀاڱو ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي واقع آهي. هي ڀاڱو وچئين توڙي قديم دورن ۾ ٺهيل محلن جو مکيه حصو رهيو آهي. آڳاٽي وقت ۾ لانگ اسٽيئرس نالي چاڙهي وسيلي هتي رسڻ ڏاڍو ڏکيو هوندو هو. هن گيٽ جي ٻنهي پاسن کان هڪڙي شاهي ۽ ويڪري ديوار اڏيل آهي، جنهن تي پيدل هلڻ جو رستو ٺهيلآهي. بادشاهه چارلس ٻئي جي دور حڪومت ۾ جنهن سن 1649ع کان 1685ع تائين حڪومت ڪئي، سينٽ مارگريٽ وارو چيپل يعني گرجا محل جي وچئين دور واري ڪل تعميرات مان واحد بچيل عمارت آهي. سن 1124ع کان 1153ع تائين حڪومت ڪندڙ بادشاهه ڊيوڊ اول پنهنجي ماءُ راڻي مارگريٽ، جنهن محل ۾ سن 1093ع ۾ وفات ڪئي هئي، تنهن جي نالي سان هي گرجا جوڙايو هو. شروع ۾ هي گرجا شاهي خاندان جي عبادت لاءِ مخصوص هو، پر پوءِ ان کي بارود خاني ۾ تبديل ڪيو ويو. نيٺ سن 1845ع ۾ ان جي اصلي حيثيت بحال ڪئي وئي ۽ اها اڃا تائين برقرار آهي.
بادشاهن جي رهائش گاهه جنهن کي پيليس يعني محلات سڏين ٿا، ڪرائون اسڪوائر جي مکيه عمارت آهي. هن عمارت کي اسڪاٽ راڻي ميري جي دور ۾ عروج حاصل ٿيو. راڻي ميري سن 1542ع کان 1567ع تائين حڪومت ڪئي ۽ تاريخ اوڻيهين جون سن 1566ع تي محل جي هڪڙي ننڍي ڪمري ۾ پنهنجي پٽ کي جنم ڏنائين. اهو اسڪاٽ لينڊ جو بادشاهه جيمس ڇهون ۽ انگلينڊ جو به بادشاهه جيمس اول جي نالي سان مشهور ٿيو.
گريٽ هال سن 1513ع ۾ بادشاهه جيمس چوٿين جي وفات کان اڳ ۾ جڙي راس ٿيو هو. هن هال ۾ شاهي تقريبون منعقد ڪيون وينديون هيون، پر سن 1650ع دوران ڪرامويل جي قبضي دوران انهيءَ کي فوجي بيرڪ ۾ تبديل ڪيو ويو. سن 1737ع ۾ 312 وڌيڪ ماڻهن جي رهائش واسطي منجهس گهڻي اڏاوتي تبديلي آندي وئي. سن 0 0 8 1 ع ۾ بيرڪن سان گڏ اسپتال طور پڻ ڪم اچڻ لڳو ۽ سندس اها حيثيت سن 7 8 8 1 ع تائين برقرار رهي. ايڊنبرگ محل اسڪاٽ لينڊ ملڪ جي شان شوڪت جي علامت آهي. جنهن ٽڪريءَ تي هي محل اڏيل آهي، اها ٽڪري سائنسدانن جي مفروضي موجب 340 مليئن سال اڳ هڪڙي زبردست زير زمين زلزلي جي نتيجي ۾ لاوا جي صورت ۾ پيدا ٿي. هن هنڌ انساني آباديءَ جا اهڃاڻ فقط ٽي هزار سال کن اڳ مشاهدي ۾ آيا آهن. انهيءَ دور کي تهذيبي طور برانز ڌاتو وارو پويون دور سڏيو وڃي ٿو.
پهرين عيسوي صديءَ ۾ هتي ڪاهي ايندڙ رومي لشڪر هن ٽڪريءَ تي هڪڙي خوشحال وسندي ڏٺي هئي. سن 0 0 6 کان ڪجهه اڳ ڊِن ايڊن يعني ايڊن جو قلعو وارو مفروضو مروج هو ۽ سن 600 ۾ ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي قائم هال ۾ بادشاهه جنگ جو طبل وڄرائي ماڻهن کان بادشاهه جي خدمت ڪندي، سندس حمايت ۾ ان جي مخالف حملي آورن سان مقابلو ڪندي مري وڃڻ لاءِ تيار رهڻ جو وچن وٺندي ڏٺو ويو.
هيءَ ٽڪري راڻي مارگريٽ جي وفات واري وقت ۾ نهايت اهم شاهي قلعي جي حيثيت اختيار ڪري چڪي هئي. راڻي سن 1093ع ۾ وفات ڪئي. سورهين صديءَ جي اوائل ۾ هولي روڊ هائوس محل اڏجڻ سبب شاهي رهائشگاهه اوڏانهن قائم ٿي، مگر ايڊنبرگ محل علامتي طور تي پوري بادشاهت جي دل واري حيثيت ۾ برقرار رهيو. هي محل وقت گذرڻ سان سرڪار جو فوجي مرڪز ٿي پيو. وچئين دور جي تقريبن گهڻي اڏاوت کي فوجي استعمال ۾ آندو ويو. پراڻيون ديوارون ڊاهي نئين سر مورچا بند ڪوٽ ۽ ديوارون اڏيون ويون. انهن ۾ توپخانا ۽ ڪيترا ئي مورچا ٺاهيا ويا. هن محل جو آخرين محاصرو سن 46-1745ع ۾ جيڪ بائيٽ حملي آورن ڪيو هو. انهيءَ وقت کان وٺي هي مضبوط محل اسڪاٽلينڊ جي سگهاري قومي علامت طور قائم آهي.
palijo_hai@hotmail.com