نثارناز
سينيئر رڪن
پيارا سنڌي دوستو السلام عليڪم جيئي سنڌ۔
منهنجي فرزند محمد علي سمون جي شادي واريون تقريبون پهرين آگسٽ 2010ع کان وٺي 7 آگسٽ 2010ع تائين هليون ، جيئن ئي پنهنجي پٽ جي شادي جا ڏينهن ٻڌا تڏهن کان برسات جي موسم شروع ٿِي وئي ايتري قدر جو 5 آگسٽ 2010ع منهنجي پُٽ جي نڪاح واري ڏينهن ايترو ته مينهن پيو جو گوڏي جيڏي پاڻي ۾ منهنجي ڳوٺ هوسڙي وڃڻو پيو، فقط 7 آگسٽ 2010ع وليمي وارو هڪڙو ڏينهن ئي صرف قدرت جي طرفان اسان کي مليو جنهن ۾ برسات ڪانه وسي ، نتيجي ۾ سموري سنڌ مان آيل ديسي پرديسي خوش ٿِي وليمي ۾ شريڪ ٿيا۔ مون سنڌ سلامت جي سموري ساٿين کي دعوت ڏني هُئي انهن مان صرف هڪڙو سنڌ سلامت جو دوست محترم عبدالستار چنا صاحب ٺيڪ صُبح جو ساڍي يارهين وڳي سڀ کان پهرين شريڪ ٿيو، ان کان پو وليمي جي تقريب ختم ٿين کان صرف اڌ ڪلاڪ اڳ سنڌ سلامت جو منتظم اعلى محترم عبدالرشيد سمون ، ادا اسد ڄامشورائي مست، ۽ سنڌ سلامت جو سينئر ساٿي محترم عرس پريو شريڪ ٿيا، انهن جا لک ٿورا، سنڌ سلامت جي ساٿين شاديءَ جي تحفي کان علاوه هڪڙي مختلف ڳالهه اها ڪئي ته سنڌ سلامت جي موجوده ٽيمپليٽ جو لوگو هڪڙي پرنٽ ٿيل خوبصورت فريم ۾ کڻي آيا ۽ منهنجي حوالي ڪيائون۔ منهنجي پُٽ جي شاديءَ ۾ منهنجي عزيز رشتيدارن کان علاوه آل سنڌ سمان ويلفيئر ايسوسي ايشن جي ڄام آف سنڌ جناب ڏاڏا حاجي هاشم سمون، آف سيکاٽ ، آل سنڌ سمان ويلفيئر ايسوسي ايشن سنڌ جي صدر محترم غلام رسول سمون صاحب ، پوري سنڌ جي سمان برادري جي ضلعي صدرن پڻ شرڪت ڪئي، ان کان علاوه منهنجو پيارو ننڍو ڀاءُ جيڪو بلوچستان صوبي ۾ هڪ سي ايس ايس آفيسر پڻ آهن انهن جي ڪافي سارن دوستن شرڪت ڪئي، منهنجي پٽ محمد علي سمون جيڪو پاڪستان جي هڪڙي مشهور تيل ڪمپني ۾ ملازم آهي ان جي اسٽاف سميت يارن دوستن به پنهنجي شرڪت يقيني بڻائي۔، وليمي جي ماني صُبح جو ٺيڪ يارهين وڳي کان هلائي وئي۔ جيئن ته مون پنهنجي پٽ جي وليمي جي شرڪت ۾ جملي 600 ڪارڊ ڇپايا هُئا جنهن مان 500 عزيز رشتيدارن شرڪت ڪئي ۔ مان رمضان ڪريم ۾ منهنجي پُٽ محمد علي جي شاديءَ جون تصويرون ضرور توهان سان ونڊ ڪريان ها پر منهنجي ڪمپيوٽر جي خرابي سبب اهي تصويرون ڊيليٽ ٿي ويو هيُون ، ٻه ٽي ڏينهن پهرين سنڌ سلامت جي ڪئميرا مين ادا عبدالغفور سمون جيڪو منهنجو قريبي عزيز پڻ آهي ان جي ڪئميرا جي ميموري واري ڪارڊ مان هڪ دفعو ٻيهر هي تصويرون حاصل ڪري توهان دوستن سان ونڊ ڪري رهيو آهيان تصويرون ته جام ساريون آهن پر في الحال هي تصويرون ونڊ پيو ڪريان عيد جي موقعي تي۔ دوستو اسان پنهنجون خوشيون غميون سنڌ سلامت جي اڱڻ تي ضرور ونڊ ڪيون، ڇاڪاڻ ته سنڌ سلامت اسان جو محبتي اڱڻ آهي، اسان جو پنهنجو گهر آهي۔

منهنجي پُٽ محمد علي سمون جون هي تصويرون فوٽو شاپ ۾ بنايل آهن
منهنجو پُٽ محمد علي سمون پنهنجي ننڍي ڀا شاهه زيب سمون سان گڏ نڪاح واري موقعي تي
وليمي واري ڇني ۾ منهنجو پُٽ محمد علي شريڪ ٿي رهيو آهي سندس آجيان ڪري رهيو آهيان۔
آل سنڌ سمان ويلفيئر ايسوسي ايشن ضلع ٽنڊو محمد خان جو صدر حاجي محمد صديق سمون منهنجي پُٽ گهوٽ محمد علي سمون کي هار پارائي رهيو آهي
ڄام آف سنڌ ڏاڏا حاجي محمد هاشم سمون منهنجي پٽ جي دعوت وليمي ۾ شرڪت ڪرڻ لا آيو ته مون سندس آجيان ڪئي۔
دعوت وليمي ۾ گهوٽ محمد علي سمون سان گڏ حاجي محمد صديق سمون ، ڄام آف سنڌ ڏاڏا حاجي هاشم سمون آف سيکاٽ ۽ جان محمد جاني سمون
آل سنڌ سمان ويلفيئر ايسوسي ايشن ضلع حيدرآباد جو صدر محتر ڌڻي بخش سمون، آل سنڌ سمان ويلفيئر ايسوسي ايشن سنڌ جو صدر محترم ادا غلام رسول سمون صاحب ، ٽنڊو محمد خان جي نامور شخصيت محترم پير اسدالله جان سرهندي صاحب ۽ ڄام آف سنڌ ڏاڏا حاجي محمد هاشم سمون نمايان آهن
منهنجي ننڍي ڀا نوراحمد سمون جا ٻه فرزند ماسٽر مجيب نور ۽ ماسٽر جُنيد نور ٿري پيس سوٽ ۾ وليمي واري تقريب ۾ شريڪ آهن۔
منهنجي ٻي ننڍي ڀا مُشتاق احمد سمون جا ٻه ننڍڙا ٻارڙا ماسٽر ريحان سمون ۽ بي بي صبا سمون پڻ شريڪ هُئا۔