سنڌي ٽيلي فلم ”چيڪ پوسٽ“ ريليز ٿِي وئي۔۔۔۔۔

'سنڌ سلامت شوڀز' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏3 جنوري 2011۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    ڀٽائي آرٽس موويز ٽنڊو محمد خان طرفان بنايل سنڌي مزاحيه ٽيلي فلم چيڪ پوسٽ ريليز ٿي وئي۔

    [JUSTIFY]ساري دنيا جا سنڌي دوستو ۽ سنڌ سلامت جا ساٿيو السلام عليڪم جيئي سنڌ ۔
    ڀٽائي آرٽ سرڪل ٽنڊو محمد خان طرفان سنڌي ٽيلي فلم بل آخر پهرين جنوري 2011 ع تي ريليز ٿِي وئي، ماڃر رڪارڊنگ ڪمپني سجاول پاران هي فلم ريليز ڪئي وئي آهي۔ هن فلم جي باري ۾ توهان دوستن کي وقتن بوقتن توهان کي آگاهه ڪندو رهيو آهيان۔ ته هي فلم اسان ٽنڊو محمد خان جي دوستن انتهائي گهٽ ۽ محدود وسيلن باوجود پنهنجي مدد پاڻ جي اصولن تحت بنائي آهي، هن فلم ۾ ڪافي ساريون ٽيڪنيڪي خاميون هونديون، ان هوندي به چند سينن ۾ ڀرپور مزاح جو عنصر نمايان آهي جنهن ۾ کلي مسڪرائڻو پئجو وڃي۔ هن فلم جون ماڃر رڪارڊنگ ڪمپني سجاول پاران شهر ٽنڊو محمد خان واسطي 300 سئو ڪاپيون موڪليون ويون جيڪي تازه ترين رپورٽ موجب ٻن ڏينهن اندر وڪامجي ويون اهو سي ڊيز جي مالڪان جي چوڻ مطابق سنڌي ٽيلي فلم جي ڪاپين جو ٽنڊو محمد خان ۾ هڪڙو رڪارڊ آهي۔ هن فلم جو پروڊيوسر اسان جو ڀائرن جهڙو دوست ادا عبدالمجيد سولنگي آهي، پاڻ هڪ ڪاپي مونکي سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ لا ڊونيٽ ڪندي گُذارش ڪيائين ته ادا نثار ناز مونکي تمام گهڻي خوشي ٿيندي ته منهنجي هيِ فلم ساري دنيا جا سنڌي انٽر نيٽ سنڌ سلامت جي پليٽ فارم تان ڏسن۔ مون کيس چيو ته سائين الله ڪندو ته تنهنجي هِي فلم سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ تان ئي ساري دنيا جا سنڌي ڏسندا۔ گُذريل ٻن ڏينهن کان وٺي هي فلم سنڌ سلامت لا ايڊيٽنگ ڪريان پيو جيئن ته هي فلم پورن ٻن ڪلاڪن جي آهي جيڪڏهن يوٽيوب تان سنڌ سلامت لا لنڪ ڏيندس تڏهن به هن جون گهٽ ۾ گهٽ 15 قسطون ٿينديون الله مالڪ آهي في الحال هن فلم جون ٻه قسطون توهان سڀني دوستن لا تيار ڪري ڇڏيون اٿم جيڪي يو ٽيوب تي اپ لوڊ ڪرڻ کانپو توهان سميت ساري دنيا جي سنڌين سان ونڊ ڪريان پيو۔ دوستو سنڌي ٽيلي فلم جي حوالي سان سنڌ سلامت جي هن محبتي اڱڻ کي اهو به اعزاز حاصل ٿِي ويو ته اسان جي سنڌ سلامت تان هڪڙي بلڪل نئين مزاحيه سنڌي فلم ريليز پئي ٿئي۔ دوستو۔ هن فلم ۾‌ سنڌ سلامت جو مين ڪئميرا مين عبدالغفور سمون عرف شينهن سمون ۽ جهوني نثار ناز به ڪٿي ڪٿي پنهنجي اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا آهن۔ توهان توهان جي محبتن جو منتظر رهندس۔ مان انتهائي ٿورائتو آهيان سائين عبدالمجيد سولنگي صاحب جو جنهن هي ٽيلي فلم “‌چيڪ پوسٽ“ سنڌ سلامت کي ڊونيٽ ڪئي ۽ انٽر نيٽ تي سنڌ سلامت جي پليٽ فارم تان ريليز ڪرڻ جي اجازت ڏني۔[/JUSTIFY]
    سنڌي مزاحيه ٽيلي فلم چيڪ پوسٽ پارٽ 1​


    سنڌي مزاحيه ٽيلي فلم چيڪ پوسٽ پارٽ 2​

     
  2. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,016
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: سنڌي ٽيلي فلم ”چيڪ پوسٽ“ ريليز ٿِي وئي۔۔۔۔۔

    سائين تمام بهترين سائين پر سڀ کان پهريان ته اسان کي اهو جهونو شيئهن وڻيو اهو به پوليس ڊريس ۾ ۽ آرڊر ڪندي اصل ۔ ۔ ۔ ۔۔

    باقي سائين پوليس واراٻاهر مور ۽ گهر ۾ چور اصل پيا ماين کان منهن لڪائيندا اهو به سٺو لڳو ۔ ۔ ۔ ۔ ۔
    سائين پاڻ وارو عبدالغفور سمون صاحب وري پوليس کي رشوت ڏيندو آهي بسترا گول ڪري وري مولوي بڻجي وڃڻ به ڏاڍو کلايو
    سائين تمام بهترين ڪوشش آهي جاري رکو اوهان جي پارٽ ٽو جو انتظار رهندو ته جن ڪٿي ٿو پوليس جي ڪم اچي۔
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,886
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌي ٽيلي فلم ”چيڪ پوسٽ“ ريليز ٿِي وئي۔۔۔۔۔

    اڙي ادا علي علي مونکي ته ٻئي پارٽ مٿي نظر پيا اچن،

    مووي ته وڃي گهر ڏسبي جو هت آفيس ۾ آواز ۽ مزاح ٻنهي جو مزو ڪرڪرو ٿي ويندو ۔۔۔ ڏسي ئي ڪجهه چئي سگهبو ۔۔۔ ۽ هميشه جيئان ناز جو ڪم به نازن جهڙو هوندو آهي ۔۔۔ انڪري نه ڏٺي ئي تعريف ڪري ٿا ڇڏيون ۔۔۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  4. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,016
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: سنڌي ٽيلي فلم ”چيڪ پوسٽ“ ريليز ٿِي وئي۔۔۔۔۔


    سائين سائين جن کي اسان باقي قسطن جي گزارش ڪئي آهي جيڪي سائين پارٽ ٽو ۾ ذڪر ڪندو ۔ ڇو ته سائين ان جو ذڪر ڪجه ان طرح ڪيو هو
    سو سائين جهونن جي گفتن کي ٿورو سمجهندا ڪيو هيڏي جي هوڏي ٿي به وڄي ته فقيرن جي زبان جوڳين کي سمجه ۾ اچڻ کپي ڇو ته بئي ئي هڪ ئي راه جا راهي آهين
     
  5. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌي ٽيلي فلم ”چيڪ پوسٽ“ ريليز ٿِي وئي۔۔۔۔۔

    [justify]پيارا علي علي توهان جا لک ٿورا جو هن ٽيلي فلم چيڪ پوسٽ جي ٻنهي پارٽن کي تمام گهڻي دلچسپي سان ڏٺو، توهان کي سنڌ سلامت جي جهوني نثارناز جو ڪردار سُٺو لڳي نثارناز ٿورائتو آهي، عبدالغفور سمون جو ڪردار ٽپڙ گول ڪري مولوي بنجڻ واري ڪردار توهان کي کلڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو، عبدالغفور سمون توهان جو شڪريو ادا پيو ڪري، جڏهن ته مين ڪردارن ۾ جماندار وارو ڪردار سائين عبدالمجيد سولنگي جو آهي سُپاهي ملوڪ وارو ڪردار خيرمحمد ملاح ادا ڪيو آهي، اردو ڳالهائيندڙ زال وارو ڪردار فريال ابڙو ادا ڪيو آهي جڏهن ته ملوڪ سُپاهي جي زال جو ڪردار شاهين تبسم اداڪيو آهي، اڳيان اڳيان ڏسو هلڪي ڦُلڪي مزاحيه فلم آهي توهان کي مزو ڏيندي۔ ڪٿي ڪٿي توهان کي فلم ۾ جهول به نظر ايندا۔ هڪ دفعو ٻيهر توهان جون مهربانيون جو توهان پنهنجي پسنديدگي جا ڪامينٽس هن فلم تي ڏنا، اڄ ڪوشش ڪري هن فلم جو پارٽ 3 ۽ 4 اپ لوڊ ڪري توهان سان ونڊ ڪندس۔[/justify]
     
  6. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌي ٽيلي فلم ”چيڪ پوسٽ“ ريليز ٿِي وئي۔۔۔۔۔

    جي ادا نثار ابڙا علي علي هنن ٻن پارٽن کي هڪ پارٽ سمجهي هي فلم ڏٺي آهي، آخر ته انٽرنيشنل فقير آهي۔ توهان جي ڪامينٽس جو شدت سان انتظار آهي، ناز جي ڪم جو نثار کان وڌيڪ تون چئو ڀلا ڪير قدر ڪندو۔ ڀلي گهر وڃي تسلي سان هن مزاحيه فلم جو مشاهدو ڪيو۔
     
  7. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,189
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: سنڌي ٽيلي فلم ”چيڪ پوسٽ“ ريليز ٿِي وئي۔۔۔۔۔

    سائين وقت سان اوهانجي ونڊ ڪيل فلم ڏسنداسين۔۔۔۔پهريان اهو ٻڌايوته ڇا اوهان هن فلم ۾ آهيو۔۔۔؟
     
  8. امين سمون

    امين سمون
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    47
    ورتل پسنديدگيون:
    23
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Sindhi
    ماڳ:
    Sindhi
    جواب: سنڌي ٽيلي فلم ”چيڪ پوسٽ“ ريليز ٿِي وئي۔۔۔۔۔

    ها ها ها ها۔۔۔۔ واه ادا نثار واه ۔۔۔ اوهان ت هر فن مولا آهيو۔۔۔هاهاهاهاها
     
  9. محمد رمضان منڌرو

    محمد رمضان منڌرو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2010
    تحريرون:
    762
    ورتل پسنديدگيون:
    39
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پڙهائي
    ماڳ:
    ڀڳڙاميمڻ بدين
    جواب: سنڌي ٽيلي فلم ”چيڪ پوسٽ“ ريليز ٿِي وئي۔۔۔۔۔

    تمام زبردست آهي
    ونڊ ڪرڻ‌جي مهرباني
     
  10. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌي ٽيلي فلم ”چيڪ پوسٽ“ ريليز ٿِي وئي۔۔۔۔۔

    ادا عاشق سولنگي يار ڪو زور زبردست ڪونهي ڪهڙي به وقت هي فلم ڏسي سگهو ٿا ۔ لڳي ٿو ته توهان منهنجي لکيل تمهيد پڙهندا ئي ڪونه آهيو، ان ۾ واضح طور لکيل آهي ته هن فلم ۾ سنڌ سلامت جي جهوني نثارناز ۽ سنڌ سلامت جي ڪئميرا مين عبدالغفور سمون به ڪٿي ڪٿي پنهنجي اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا آهن۔
     
  11. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌي ٽيلي فلم ”چيڪ پوسٽ“ ريليز ٿِي وئي۔۔۔۔۔

    امين سمان مهرباني پر هن ۾ اسان وارو شينهن سمون به ۽ ڪافي سارا ٻيا به فنڪار آهن گهٽ ۾ گهٽ انهن دوستن اداڪاري وغيره جي ڳالهه ڪرين ها ته انهن جي همت افزائي ٿي وڃي ها باقي اسان جهونن ڪنهن مهل تون پوڙهو شينهن بنايو ڇڏين ته ڪنهن مهل هرفن مولا۔ خير ٿوري دير کانپو هن فلم جو پارٽ نمبر 3 پارٽ نمبر 4 ۽ پارٽ نمبر 5 ونڊ ڪريان پيو۔ پليز انهن پارٽن تي پنهنجا ڪامينٽس ضرور ڏجان۔
     
  12. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌي ٽيلي فلم ”چيڪ پوسٽ“ ريليز ٿِي وئي۔۔۔۔۔

    مهرباني ادا محمد رمضان منڌرا جو توهان هن فلم جي ٻنهي پارٽن جو مشاهدو ڪيو ۽ ان کي زبردست چيو۔ پيارا پيش آهن هن فلم چيڪ پوسٽ جا وڌيڪ حصا، حصو نمبر 3، 4 ۽ پنج جيڪي تو سميت سڀني سنڌ سلامت جي ميمبرن ۽ ساري دنيا جي سنڌين سان ونڊ پيو ڪريان اميد ته انهن حصن کي ڏسي پنهنجا ڀرپور ڪامينٽس ضرور ڏيندين۔
     
  13. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: سنڌي ٽيلي فلم ”چيڪ پوسٽ“ ريليز ٿِي وئي۔۔۔۔۔

    ادا نثار صاحب اوهان ته واقعي پوليس آفيسر ٿا لڳو۔
     
  14. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌي ٽيلي فلم ”چيڪ پوسٽ“ ريليز ٿِي وئي۔۔۔۔۔

    پيارا واحد سومرا، مهرباني جو توهان کي هن فلم ۾ منهنجو ڪردار سُٺو لڳو۔ توهان هن فلم جا وڌيڪ حصا هتي ڏسي سگهو ٿا۔ مهرباني

    http://www.sindhsalamat.com/showthread.php?t=9427
     
  15. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,779
    ورتل پسنديدگيون:
    4,292
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    جواب: سنڌي ٽيلي فلم ”چيڪ پوسٽ“ ريليز ٿِي وئي۔۔۔۔۔

    سنڌي ميڊيا (ساليوُوڊ)، سنڌي آرٽستس ويلفيئر ايسوسيئيشن(ساوا) ۽ انتظاميه “ساليوُوڊ پروڊڪشن، پبليڪيشن ۽ ريسرچ سينٽر نيوسعيدآباد توهان کي هن ڪاوش تي مُبارڪون ڏي ٿي.

    اسان توهان جي هن ڪاوش جو فائدو وٺندي، سنڌ ڌرتي جي مڙني وسائل رکندڙن سنڌين کي عرض ڪنداسون ته هو به انهي طريقي سان سرمايا ڪاري ڪري ميدان ۾ لهي پنهنجي روزگار سان گڏ پنهنجي مٺي ٻولي ۽ سنڌي ڪلچر و تهذيب کي پوري دُنيا روشناس ڪرائين۔

    اسان سنڌي ميڊيا (ساليوُڊ)، (سنڌي آرٽسٽس ويلفيئر ايسوسيئيشن (ساوا)، ۽ ساليوُوڊ پروڊڪشن ۽ پبليڪيشن ريسرچ سينٽر نيوسعيدآباد سندن هن سلسلي ۾ هر سهڪار ڪرڻ لا تيار آهيون، جيئن سندن ڪاوشن کي نه صرف پروفيشنل طريقن سان پيش ڪري سگهجي پر انهن جي ٽيڪنيڪل خامين کي به صحيح اندز ۾ ظاهر ڪري اپ ڊيٽ ڪري سگهجي۔

    اسان عنقريب هڪ ٽيلي فلم "پرو چانڊيو" جو ٻيو ۽ نئون ورجن آڻي رهيا آهيون، هن جي ڪاسٽ ۾ پرو چانڊيو لا مين ڪردار (اسد قريشي) آهي، هن فلم ۾ اُهي رڪارڊيٽ صحيح حقيقتون اينديون جيڪي پُراڻي پرو چانڊيو ۾ اسڪرپٽ ڪمزوري ڪري نظر انداز ڪيون ويون هُيون ۽ هن جي مُڪمل ڪاسٽ سنڌي ميڊيا سان وابسطا مڙئي ايڪٽر هوندا۔ اسان کي هن فلم جي فنانسنگ ۽ مارڪيٽ ڪرڻ لا پوري دُنيا مان ڪاروباري پارٽيون گهرجن جيئن هن تي وڌيڪ خرچ ڪري هن کي جلد ئي پروفيشنل طريقي سان پوري دُنيا جي ميدان تي لاهي سگهجي اسان جو يونٽ بلڪل تيار آهي اسان جي ڪوشش هوندي ته هن بين الاقومي سنڌي فلم (پرو چانڊيو) نئون ورجن کي عيدالاضحي جي موقعي ته سنڌي ٽي وي چينل(ڌرتي) تان آن ايئر ڪري مارڪيٽ ڪريو۔ هن فلم جي لاڳت 4 لکن رُپين کان شروع ٿيندي ۽ هن جي پهرئين ايڊيشن جي اُپت 25 لک رُپيا اميد ڪري سگهجي ٿي۔ هن جي مُڪمل رڪارڊنگ ۽ ايڊٽنگ سنڌي چئنلن جي ايڊٽنگ سوٽ ۽ پروفيشنل ڪئمرائن ۽ ڪئمرامينن جي مدد سان ڪئي ويندي۔

    جيڪڏنهن توهان، توهان جو پروڊڪشن هائوس يا ٻيو ڪو دلچسپي وٺندڙ هن سٿ ۾ شامل ٿئڻ چاهي ٿو ته هڪدم سنڌي ميڊيا ۽ سنڌي ٽي وي چينلن جي بهترين ڊائريڪٽر خادم حُسين خاشخيلي عرف (ڪي۔ ڪي۔) سان هن نبرن تي اسان جي حوالي سان هڪدم رابطو ڪري نمبر آهن 0332۔3062209 ۽ 0324۔2815119
    سنڌ سلامت ته ساٿ سلامت
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو