نثارناز
سينيئر رڪن
ڀٽائي آرٽس موويز ٽنڊو محمد خان طرفان بنايل سنڌي مزاحيه ٽيلي فلم چيڪ پوسٽ ريليز ٿي وئي۔
ساري دنيا جا سنڌي دوستو ۽ سنڌ سلامت جا ساٿيو السلام عليڪم جيئي سنڌ ۔
ڀٽائي آرٽ سرڪل ٽنڊو محمد خان طرفان سنڌي ٽيلي فلم بل آخر پهرين جنوري 2011 ع تي ريليز ٿِي وئي، ماڃر رڪارڊنگ ڪمپني سجاول پاران هي فلم ريليز ڪئي وئي آهي۔ هن فلم جي باري ۾ توهان دوستن کي وقتن بوقتن توهان کي آگاهه ڪندو رهيو آهيان۔ ته هي فلم اسان ٽنڊو محمد خان جي دوستن انتهائي گهٽ ۽ محدود وسيلن باوجود پنهنجي مدد پاڻ جي اصولن تحت بنائي آهي، هن فلم ۾ ڪافي ساريون ٽيڪنيڪي خاميون هونديون، ان هوندي به چند سينن ۾ ڀرپور مزاح جو عنصر نمايان آهي جنهن ۾ کلي مسڪرائڻو پئجو وڃي۔ هن فلم جون ماڃر رڪارڊنگ ڪمپني سجاول پاران شهر ٽنڊو محمد خان واسطي 300 سئو ڪاپيون موڪليون ويون جيڪي تازه ترين رپورٽ موجب ٻن ڏينهن اندر وڪامجي ويون اهو سي ڊيز جي مالڪان جي چوڻ مطابق سنڌي ٽيلي فلم جي ڪاپين جو ٽنڊو محمد خان ۾ هڪڙو رڪارڊ آهي۔ هن فلم جو پروڊيوسر اسان جو ڀائرن جهڙو دوست ادا عبدالمجيد سولنگي آهي، پاڻ هڪ ڪاپي مونکي سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ لا ڊونيٽ ڪندي گُذارش ڪيائين ته ادا نثار ناز مونکي تمام گهڻي خوشي ٿيندي ته منهنجي هيِ فلم ساري دنيا جا سنڌي انٽر نيٽ سنڌ سلامت جي پليٽ فارم تان ڏسن۔ مون کيس چيو ته سائين الله ڪندو ته تنهنجي هِي فلم سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ تان ئي ساري دنيا جا سنڌي ڏسندا۔ گُذريل ٻن ڏينهن کان وٺي هي فلم سنڌ سلامت لا ايڊيٽنگ ڪريان پيو جيئن ته هي فلم پورن ٻن ڪلاڪن جي آهي جيڪڏهن يوٽيوب تان سنڌ سلامت لا لنڪ ڏيندس تڏهن به هن جون گهٽ ۾ گهٽ 15 قسطون ٿينديون الله مالڪ آهي في الحال هن فلم جون ٻه قسطون توهان سڀني دوستن لا تيار ڪري ڇڏيون اٿم جيڪي يو ٽيوب تي اپ لوڊ ڪرڻ کانپو توهان سميت ساري دنيا جي سنڌين سان ونڊ ڪريان پيو۔ دوستو سنڌي ٽيلي فلم جي حوالي سان سنڌ سلامت جي هن محبتي اڱڻ کي اهو به اعزاز حاصل ٿِي ويو ته اسان جي سنڌ سلامت تان هڪڙي بلڪل نئين مزاحيه سنڌي فلم ريليز پئي ٿئي۔ دوستو۔ هن فلم ۾ سنڌ سلامت جو مين ڪئميرا مين عبدالغفور سمون عرف شينهن سمون ۽ جهوني نثار ناز به ڪٿي ڪٿي پنهنجي اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا آهن۔ توهان توهان جي محبتن جو منتظر رهندس۔ مان انتهائي ٿورائتو آهيان سائين عبدالمجيد سولنگي صاحب جو جنهن هي ٽيلي فلم “چيڪ پوسٽ“ سنڌ سلامت کي ڊونيٽ ڪئي ۽ انٽر نيٽ تي سنڌ سلامت جي پليٽ فارم تان ريليز ڪرڻ جي اجازت ڏني۔

سنڌي مزاحيه ٽيلي فلم چيڪ پوسٽ پارٽ 1
سنڌي مزاحيه ٽيلي فلم چيڪ پوسٽ پارٽ 2