هندو مت مذهب رکندڙ سرزمين سنڌ جو(باب السلام)بڻجڻ ۽ پو سنڌ تي ڪاهون ڪندڙن جو ڏڦير پنهنجا مذهب ڦهلائڻ

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏29 سيپٽمبر 2014۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    عهد صديقي ۾قرآن مجيد گڏ ڪرڻ لا مجلس جو قيام
    عهد صديقي ۾ صحابه ڪرام (رضي الله عنهم) غور ۽ فڪر کان پو سڄو قرآن مجيد هڪ هنڌ گڏ ڪرڻ لا هڪ مجلس ٺاهي، جنهن ۾ نهايت سخت شرطن سان قرآن مجيد کي هڪ هنڌ گڏ ڪيو.
    عهد عثمانيه ۾ سمورن صحيفن کي گڏ ڪري هڪ تحرير ۾ آڻڻ.
    عهد عثمانيه ۾ سڀني صحيفن کي جمع ڪري صرف هڪ تحرير (مڪي جي قريش جي قرآت مطابق تحرير) ۾ آندو ويو، جيڪو ان کان اڳ ستن مُختلف تحريرُن ۾ هو. اهڙي طرح رسول اڪرم (صلي الله عليه وسلم) جي وفات کان ڪُجهه سالن کان پو ئي قرآن مجيد کي ان جي موجوده شڪل ۾ محفوظ ڪيو ويو، جيڪو اڄ تائين بنا ڪنهن رد و بدل جي من و عين موجود آهي.
    دشمنن قرآن مجيد ۾ تحريف جي سازشن باوجود
    گُذريل 14 صدين ۾ دشمنن قرآن مجيد ۾ تحريف جون ڪيتريون ئي سازشون ڪيون، ليڪن الله تعالى ان کي سڀني دشمنن جي سازش کان مڪمل طور محفوظ رکيو. (حفاظت قرآن جي مختصر تاريخ). مسلمانن جي الهامي ڪتاب کان پو اچو ته هاڻ هڪ نظر پيغمبر اسلام (صلي الله عليه وسلم) جي حيات طيبه تي به وجهون.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏30 سيپٽمبر 2014
  2. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    1. اسلامي تواريخ ۾
    نبي سائين(صلي الله عليه وسلم) جي پئدائش جي جا، تاريخ پئدائش، اسما مُبارڪ، شجره نصب، والده وٽ تربيت، قبيله بنو سعد ۾ تربيت، ننڍي عمر ۾ پيش اچڻوارا واقعا، والده جي وفات، ڏاڏي جي سرپرستي، ۽ وفات، چاچي جي سرپرستي، تجارت، پهريون نڪاح، اولاد، نبوت کان اڳ نبي ڪريم (صلي الله عليه وسلم) جن جو اخلاق، ڪردار، قريش جي جنگ ۽ معاهده، امين ۽ صادق هُئڻ جو اعزاز، حجر اسود جي تنصيب، غار حرا ۾ گوشه نشيني، وحي جي انتدا، خفيه دعوتت، اعلانيه دعوت، مخالفت، قريش جي سردارن سان مذاڪرات، سفر طائف، معراج، بيعت عقبه اولى، بيعت عقبه ثاني، هجرت، قبا ۾ قيام، مدينه منوره ۾تشريف آوري، اهل ڪتاب سان عهد و پيمان، غزوه بدر، غزوه احد، غزوه احزاب، صلح حديبه، دُنيا جي بادشاهن جي نالي خط، سقوطِ مڪه، تبوڪ جو سفر، حج الوداع، مرض الموت، وفات، غرض ته هر مضمون تي ماشا الله توهان کي سنڌ سلامت جي هنن صفحن تي گهڻو مواد ملي ويندو.
     
  3. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    2. سندن طرفان مليل تعليم
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام (الله ان جي سهڙيندڙن، لکيارين ۽ پڙهندڙن) کي تا قيامت اجر جاري عطا ڪري.(آمين) تن سندن حياتِ طيبه کان پو نبي ڪريم (صلي الله عليه وسلم) جي حديثن جا حوالا ڏئي امت کي ڏنل تعليم تي به گهڻو ڌيان ڏنو آهي جنهن ۾ ايمان، تهارت، عبادت (نماز، روزه، زڪوات، عمره، حج، صدقه، خيرات، توبه، استغفار) ڏي وڄ، حلال وحرام، واپار ۽ زراعت، مزدوري، کائڻ ۽ پيئڻ، سمهڻ ۽ جاڳڻ، هلڻ چلڻ، والدين ۽ اولاد جي حقن، عزيز و اقارب، دوست ۽ احباب سان سُلوڪ، ازدواجي تعلقات، بيواهن، مسڪينن ۽ محتاجن سان سُلوڪ، مهمان نوازي، پاڙي وارن جا حق، جانورن جا حق، نڪاح، طلاق، موت، ولادت، رضاعت، طبابت، بيماري، تيماداري، موت ۽ جنازي، دفن ڪفن، ميراث، امارت، عدالت ۽ امامت، سپه سالاري، جنگ، صلح، مال غنيمت، فتح، شڪست، دوستي ۽ دشمني، مطلب ته انساني زندگي سان واسطو رکندڙ هر موضوع تي تعليم ڏني آهي جيڪي صحاح سته جي حديثن ۾ موجود آهي ۽ قران ۽ حديث ڏئي ، فرض ۽ سُنتن سان دين اسلام کي پنهنجي حياتي ۾ ئي مڪمل ڪيو ويو آهي. پو به خبر ناهي ڇو ٻين حدثون جنهن ۾ هر شي ۽ موزوع موجود آهي ، فرقا بندي ڪري هٿرادو ڪتابن مان سکڻ جو بهانو وٺجي ٿو. حديثن ۾ ڇا وضاحتن موجود ناهي؟ ايستائين جو رفع حاجت، جنابت، حيض و نفاس ۽ غسل تائين جا مسئلا سيکاريل آهن.
     
  4. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    اي اشرف المخلوقات (حضرت بشر) فيصلو ڪريو جنهنجي توهان کي انفرادي قدرت ڏنل آهي
    معزز پڙهندڙئو! مٿين سڀني مذهبن جي تعليم ۽ انهن جي داعي جي زندگي جي حالتن تي بار بار گهري نظر وجهي غور ڪريو ته انهن ڇا غلط ڪيو ۽ اسان انهن جو ڇا پاڻ سان جوڙي غلط پيا ڪريون الله آخر انهن دئورن جي انسانن جي ڪهڙي غلطي سڌار لا هڪ لک 24 هزار نبي ميدان تي لاٿا سڀني جي متفق تعليم ڪهڙي هُئي (الله جي وحدانيت) غير الله جي عبادت کان پرهيز، پو چاهي اُهي وقت جا نبي هُئا، ولي هُئا جن جو تصويرون ۽ بُت ٺاهي عبادت ڪئي ويندي هُئي يا اڄ جي دئور جون قبرون ۽ مقبرا جن تي عبادت ڪجي ٿي. ته غور و فڪر ڪريو ۽ سوچيو، فيصلو ڪريو ته :
    ڇا هندو مت مذهب جا نامعلوم داعي ۽ جنهن جو مقدس ڪتاب شرڪ جي دعوت ڏي ٿو اهڙو مذهب اسلام جهڙي امن پسند، عدل واري، انساني حقن جي محافظ ۽ توحيدي علمبردار دين لا ڪڏنهن چيلينج بڻجي سههي ٿو.
    ڇا! مجوسين جهڙو غير محفوظ، غير يقيني ۽ محض 72 گيتن تي مشتمل مذهب اسلام جهڙي محفوظ، مڪمل ۽ جامع مذهب لا ڪنهن به درجي ۽ چيلينج ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿو. ڇا اهي زرتشت جن عرب ۾ داخل ٿي ۽ جن نبي جي مذهب جي مخالفت ڪئي ۽ ڪوڙا مُسلمان ٿيا ڇا اُهي مُسلمانن ۽ باب الاسلام (قرآن ۽ حديث) سنڌ جي مسلم ماڻهن لا ڪا ڪشس رکن ٿا.
    ڇا يهوديت جنهن جو مقدس ڪتاب (تورات) جنهن جي صحت جي خود يهودي محققن جي نظر ۾ مشڪوڪ آهي ۽ جنهن جا سڀ پهلو دنيا وارن جي نگاهن کان غائب آهن اسلام (قرآن ۽ حديث) لا چيلينج ٿي سگهي ٿو.
    ڇا عيسايت جنهن جو الهامي ڪتاب (انجيل) خود عيسائي محققن جي نزديڪ مبهم، ناقابل فهم، متضاد ۽ نامعقوم عبارتن ۽ بيهودي لغت سان ڀريو پيو آهي اسلام جي قرآن ۽ حديث جو مقابلو ڪري سگهي ٿو.
    هرگز نه ته پو توهان ڇو نٿا 73 مان هڪ توحيدي ۽ مُحمدي فرقي (صرف قرآن ۽ حديث) ڏي ورو؟ جنهن مان 72 فرقن ۾ اهي (شرڪ ۽ بدعت) جا انبار ڀيريل آهن ۽ مٿين مذهبن مان متاثر ٿي ڳنڍيا ويا آهن.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏30 سيپٽمبر 2014

هن صفحي کي مشهور ڪريو