عهد صديقي ۾قرآن مجيد گڏ ڪرڻ لا مجلس جو قيام
عهد صديقي ۾ صحابه ڪرام (رضي الله عنهم) غور ۽ فڪر کان پو سڄو قرآن مجيد هڪ هنڌ گڏ ڪرڻ لا هڪ مجلس ٺاهي، جنهن ۾ نهايت سخت شرطن سان قرآن مجيد کي هڪ هنڌ گڏ ڪيو. عهد عثمانيه ۾ سمورن صحيفن کي گڏ ڪري هڪ تحرير ۾ آڻڻ.
عهد عثمانيه ۾ سڀني صحيفن کي جمع ڪري صرف هڪ تحرير (مڪي جي قريش جي قرآت مطابق تحرير) ۾ آندو ويو، جيڪو ان کان اڳ ستن مُختلف تحريرُن ۾ هو. اهڙي طرح رسول اڪرم (صلي الله عليه وسلم) جي وفات کان ڪُجهه سالن کان پو ئي قرآن مجيد کي ان جي موجوده شڪل ۾ محفوظ ڪيو ويو، جيڪو اڄ تائين بنا ڪنهن رد و بدل جي من و عين موجود آهي. دشمنن قرآن مجيد ۾ تحريف جي سازشن باوجود
گُذريل 14 صدين ۾ دشمنن قرآن مجيد ۾ تحريف جون ڪيتريون ئي سازشون ڪيون، ليڪن الله تعالى ان کي سڀني دشمنن جي سازش کان مڪمل طور محفوظ رکيو. (حفاظت قرآن جي مختصر تاريخ). مسلمانن جي الهامي ڪتاب کان پو اچو ته هاڻ هڪ نظر پيغمبر اسلام (صلي الله عليه وسلم) جي حيات طيبه تي به وجهون.
1. اسلامي تواريخ ۾
نبي سائين(صلي الله عليه وسلم) جي پئدائش جي جا، تاريخ پئدائش، اسما مُبارڪ، شجره نصب، والده وٽ تربيت، قبيله بنو سعد ۾ تربيت، ننڍي عمر ۾ پيش اچڻوارا واقعا، والده جي وفات، ڏاڏي جي سرپرستي، ۽ وفات، چاچي جي سرپرستي، تجارت، پهريون نڪاح، اولاد، نبوت کان اڳ نبي ڪريم (صلي الله عليه وسلم) جن جو اخلاق، ڪردار، قريش جي جنگ ۽ معاهده، امين ۽ صادق هُئڻ جو اعزاز، حجر اسود جي تنصيب، غار حرا ۾ گوشه نشيني، وحي جي انتدا، خفيه دعوتت، اعلانيه دعوت، مخالفت، قريش جي سردارن سان مذاڪرات، سفر طائف، معراج، بيعت عقبه اولى، بيعت عقبه ثاني، هجرت، قبا ۾ قيام، مدينه منوره ۾تشريف آوري، اهل ڪتاب سان عهد و پيمان، غزوه بدر، غزوه احد، غزوه احزاب، صلح حديبه، دُنيا جي بادشاهن جي نالي خط، سقوطِ مڪه، تبوڪ جو سفر، حج الوداع، مرض الموت، وفات، غرض ته هر مضمون تي ماشا الله توهان کي سنڌ سلامت جي هنن صفحن تي گهڻو مواد ملي ويندو.
اي اشرف المخلوقات (حضرت بشر) فيصلو ڪريو جنهنجي توهان کي انفرادي قدرت ڏنل آهي
معزز پڙهندڙئو! مٿين سڀني مذهبن جي تعليم ۽ انهن جي داعي جي زندگي جي حالتن تي بار بار گهري نظر وجهي غور ڪريو ته انهن ڇا غلط ڪيو ۽ اسان انهن جو ڇا پاڻ سان جوڙي غلط پيا ڪريون الله آخر انهن دئورن جي انسانن جي ڪهڙي غلطي سڌار لا هڪ لک 24 هزار نبي ميدان تي لاٿا سڀني جي متفق تعليم ڪهڙي هُئي (الله جي وحدانيت) غير الله جي عبادت کان پرهيز، پو چاهي اُهي وقت جا نبي هُئا، ولي هُئا جن جو تصويرون ۽ بُت ٺاهي عبادت ڪئي ويندي هُئي يا اڄ جي دئور جون قبرون ۽ مقبرا جن تي عبادت ڪجي ٿي. ته غور و فڪر ڪريو ۽ سوچيو، فيصلو ڪريو ته :
ڇا هندو مت مذهب جا نامعلوم داعي ۽ جنهن جو مقدس ڪتاب شرڪ جي دعوت ڏي ٿو اهڙو مذهب اسلام جهڙي امن پسند، عدل واري، انساني حقن جي محافظ ۽ توحيدي علمبردار دين لا ڪڏنهن چيلينج بڻجي سههي ٿو.
ڇا! مجوسين جهڙو غير محفوظ، غير يقيني ۽ محض 72 گيتن تي مشتمل مذهب اسلام جهڙي محفوظ، مڪمل ۽ جامع مذهب لا ڪنهن به درجي ۽ چيلينج ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿو. ڇا اهي زرتشت جن عرب ۾ داخل ٿي ۽ جن نبي جي مذهب جي مخالفت ڪئي ۽ ڪوڙا مُسلمان ٿيا ڇا اُهي مُسلمانن ۽ باب الاسلام (قرآن ۽ حديث) سنڌ جي مسلم ماڻهن لا ڪا ڪشس رکن ٿا.
ڇا يهوديت جنهن جو مقدس ڪتاب (تورات) جنهن جي صحت جي خود يهودي محققن جي نظر ۾ مشڪوڪ آهي ۽ جنهن جا سڀ پهلو دنيا وارن جي نگاهن کان غائب آهن اسلام (قرآن ۽ حديث) لا چيلينج ٿي سگهي ٿو.
ڇا عيسايت جنهن جو الهامي ڪتاب (انجيل) خود عيسائي محققن جي نزديڪ مبهم، ناقابل فهم، متضاد ۽ نامعقوم عبارتن ۽ بيهودي لغت سان ڀريو پيو آهي اسلام جي قرآن ۽ حديث جو مقابلو ڪري سگهي ٿو. هرگز نه ته پو توهان ڇو نٿا 73 مان هڪ توحيدي ۽ مُحمدي فرقي (صرف قرآن ۽ حديث) ڏي ورو؟ جنهن مان 72 فرقن ۾ اهي (شرڪ ۽ بدعت) جا انبار ڀيريل آهن ۽ مٿين مذهبن مان متاثر ٿي ڳنڍيا ويا آهن.