قسط 6
نه ڪجهه به نه مليو
ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي
الهاس نگر جي ريلوي اسٽيشن ’شهد‘ تي جيئن ئي بمبئي وي ٽي (وڪٽوريا ٽرمينس) واري ٽرين آئي ته پرتاب وارا ته وڃي پنهنجي فرسٽ ڪلاس دٻي ۾ چڙهيا؛ آءُ ان جي ڀرسان واري ئي سيڪنڊ ڪلاس دٻي ۾ جيئن تيئين ڪري چڙهي پيس. بمبئي (وي ٽي) جو سفر 57 ڪلو ميٽر ان فاسٽ ٽرين ۾ هڪ ڪلاڪ سورنهن منٽن ۾ طئه ڪرڻو هئو. ٽرين ۾ اندر ماڻهن جي ڳپا گيهه ايڏي هوندي آهي جو ويهڻ ته ڪير سوچيندو نه ناهي، صرف اهڙي نموني بيهي سگهجي جو اڳئين بيٺل شخص جا وار نه لڳن، ان لاءِ هر ڪو پنهنجي پنهنجي جڳهه وٺي پيڪ ٿيندو ويندو آهي. وري جيڪڏهن پٺيون شخص ڪاوڙ ڪندو ته اڳئين شخص کي الائي ڪٿان هڪ ازغيبي طاقت اچيو ويندو آهي جو مڙيوئي پاڻ کي هيڏانهن هوڏانهن سڪوڙيندي پٺئين جي ڏمر کان پاڻ بچائيندو آهي.
ويهارو سال کن اڳ هندوستاني ڪاميڊين جاني ليور جي هڪ مسخري ايندي هئي، جنهن ۾ ان ئي لوڪل ٽرين جي واقعه نگاري ڪندي ٻڌايو هئائين ته اندر ڀيڙ ۾ پٺيون بيٺل شخص هوشياري ڏيکاريندي اڳئين همراهه کي رڙ ٿو ڪري ته پير هٽاءِ.
منهنجي پير مٿان رکيل آهي! پوءِ اڳيوبن شخص جيڪو دراصل هڪ غنڊه هئو اڃان پٺيان ڏسندي رڙ پٽيندي چوي ٿو ته ” ڇاهي ري“ ته پٺيون همراهه پنهنجو پاڻيهي گهٻراهٽ وچان چوي ته ” نه سائين ڪجهه به ناهي! ڀوتار ڀلي آرام سان پنهنهجو پير رک! ڪجهه به ناهي!“ ان مسخريءَ ۾ پٺيان بيٺل مختلف ماڻهن جي جاتي بدلائيندي مدراسي، ڀئيو، گجراتي، پنجابي ۽ سنڌي انهن جي الڳ الڳ ويچارگيءَ واري ڪيفيت جو بيان ڪيل هئو.
ان کان سواءِ هتان جي لوڪل ريلوي اسٽيشن تي به ايتري ته رش هوندي آهي جوا صل هڪ ٻئي سان گڏ ٿيندي اڳيان وڌڻو پوندو آهي نه ته جيڪڏهن وچ تي ڪو ٻيو اچي ويو ته همراهه پاڻ ۾ ملي ئي ڪو نه سگهندا! اسٽيشن جي انٽرنس جو ذڪر ڪندي جاني ليور هڪ ٻيو اوقعو ٻڌائيندو هئو ته ”دادر“ ريلوي اسٽيشن تي اولهه طرف ماڳهئين پليٽ فارم جي ئي ٻاهران فوٽ پاٿ تي هڪ ٽڪيٽ چيڪر ڪارو ڪوٽ پائي گهمي رهيو هئو. ڪنهن اشراف پڇيس ته ادا توهان جي ڊيوٽي ته اندر اسٽيشن تي آهي، هتي ڪيئن پيا گُمون! ڪاري ڪوٽ واري به اصل رڙ ڪندي چيو ته ” ڊيوٽي ته اندر ئي ڪري رهيو هئس پر ماڻهن جي ڀيڙ مون کي ٻاڪري ڪڍي آئي آ.

26
”مسجد“ ريلوي اسٽيشن تي آئون لوڪل ٽرين مان لهي هيٺ ٿيس ته ڀرواري فرسٽ ڪلاس جي دٻي مان پرتاب به لهندي نظر آيو. سٽ ڏيئي وڃي آئون وٽس پهتس ته متان هيڏي هوندي نه ٿي وڃي. پر جيئن ئي اسٽيشن کان ٻاهر نڪتاسين ته هو ته اصل سندرو ٻڌي بيٺو هئو ته آئون کانئس ڪٿي به الڳ ٿي وڃان ته جيئن سندس مون ڏانهن ڪا به جوابداري ئي نه رهي. ان لاءِ هو ان پراڻي بمبئيءَ جي سوڙهين سوڙهين گهٽين ۾ ماڻهن جي ڀيڙ ۾ ڄاڻي واڻي اهڙي ته گُهت هڻي رهيو هئو. جيئن آئون الڳ ٿي وڃان. پر هن کي شايد منهنجي ڦڙتيءَ جي خبر ئي نه هئي ته هيءُ ڀلا موٽو شخص ڪيئن مون سان پنڌ گهمڻ ۾ پڄي پئي سگهيو.
پرتاب کي جيئن ئي لڳو ته آئون سندس پچر ڇڏڻ وارو ناهيان ته پوءِ بمبئيءَ جي گرميءَ جو ڀوءَ ڏيڻ لڳو ته هتي ڏاڍي گرمي ٿيندي آهي ۽ تپش سبب هتان جا پهاڙ ڄڻ جنسي ٻرڻ لڳندا آهن. مون صرف کيس اهو چيو ته بابا آئون ته لاڙڪاڻي جو ماڻهو آهيان جي پنجاهه ڊگري سينٽي گريڊ ته عام ڳالهه هوندي آهي ته هيءُ ٽيهه پنجٽيهه ٽيمپريچر مون کي ڇا ڪندو؟. سڀ کان وڏي ڳالهه ته آئون هتي ئي جستجو ڪرڻ هئس. اهي ٽيمپريچر ته انهن ڏينهن ۾ مون کي ياد به ڪو نه هوندا هئا.
گيهه بازار ۾ احمد آئل ڪمپنيءَ جي دوڪان تي وياسين، جيڪي ”پوسٽ مين“ برانڊ جي نالي مڱيرن جو تيل ٺاهيندا هئا. مارڪيٽ ۾ ان جو سيڪو ايڏو هئو، جو سمورا واپاري کيس آرڊر لکائيندي بلينڪ چيڪ صحيح ڪري ڏيئي رهيا هئا، جو هوءَ ڪنهن کي به سندس سمورا آرڊر سپلا3 ئي ڪو نه ڪري سگهندو هئو. پرتاب، سڀني کي صرف آرڊر لکرائي ڇڏيندو هئن مال پنهنجو پاڻيهي ٻئين ڏينهن صبح جو ٽرانسپورٽ ذريعي دوڪان تي پهچي ويندو هئو.
منهنجي حالت اهڙي هئي جو آئون پرتاب سان گڏ هوندي به ڄڻ الائي ڪٿي هئس. مون کي سمجهه م نه اچي رهيو هئو ته هيءُ ائين مون کان لنوائي ڇو رهيو آهي. ڪالهه ته خود دادا گلاب راءِ پاڻ ان کي منهنجي ڪم لاءِ چيو هئو، پر اڄ هن جي هڪ هڪ ڳالهه ڄڻ مون کي نااميد ڪرڻ جي ڄاڻي واڻي ڪوشش پئي لڳي. ائين ڪندي اچي شام جو پهر به ٿيو، اسين 5:00 بجي بمبئي (وي ٽي) جي مين اسٽيشن تي آياسين، جتان 5:18 بجي ”آسن گانءُ“ جي لوڪل ٽرين هئي، جنهن کي وچ تي ”شهد“ اسٽيشن اچڻي هئي. انهن ڏينهن ۾ وي ٽي اسٽيشن تي ان مهل ايتري رش ڪو نه پئي نظر آئي. ٻيو ته هتان جو ڪلچر به ڪجهه ائين آهي جو جيئن گاڏيءَ جو ٽائيم اچي ڀريو آهي ته الائي ڪٿان ماکيءَ جي ماناري جيان ماڻهو اچي مڙندا آهن.
هاڻ وي ٽي اسٽيشن تي پهچي مون پرتاب کي ياد ڏيارڻ چاهيو ته کيس ”ڊومبيولي“ اسٽيشن تي لهڻو آهي، پر هان هن ڪو به هانو نه ڪندي سڌو سنئون جواب ڏنو. آئون هن جي ڪردار کي سمجهي ئي نه پي سگهيس ته هيءُ آخر ڪهڙي مٽيءَ جو ٺهيل آهي. اصل لاڙڪاڻي جو منهنجي سڳي سئوٽ، پرڀداس جو پٽ، جڏهن لاڙڪاڻي ۾ هئو ته اتي روز اسان جي گهر پڻ ايندو رهندو هئو ۽ هيڏانهن هندوستان تقريبن 1964ع ڌاري آيو هئو پهرين ته هتي اچي مشين تي ڀرت ڀرڻ شروع ڪيو هئائين. پوءِ دادا گلاب راءِ پاڻ سان گڏ رکيو هئس. هينئر مون سان وري ايڏو عدم تعاون، مون کي سمجهه ۾ ڪجهه به نه پئي آيو ته زندگيءَ جو ايترو خشڪ روپ به ٿيندو آهي.!
خير! آئون ڪري ته ڪجهه به ڪو نه پئي سگهيس. موٽياسين، ته دادا گلاب راءِ کي سمورو احوال ڏنم! پر هن ڪجهه به جواب نه ڏيندي صرف خاموشي اختياري ڪري ڇڏي. پوءِ وڃي سمجهه ۾ آيو ته اهو سڀ دادا گلاب راءِ جي مرضيءَ سان ئي ٿي رهيو هئو. پرتاب صرف جيڪڏهن ٿورو به مون سان سٺو هلي ها ته پنهنجي عزت بچائي سگهي ها، پر هو ته دادا جي غير حاضريءَ ۾ به ڄڻ کيس خوش ڪرڻ لاءِ مون کي چهنڊڙيون پائي رهيو هئو. هاڻ ته ڪالهه وارو آسرو به ڇُٽو جڏهن دادا مون کي پاڻ سان گڏ ڪم ڪرڻ جي آڇ ڪئي هئي. مون کي لڳو ته هو ائين سمجهندا هوندا ته آئون اداپريم جي تائيد کي ڌيان ۾ رکي سندن الهاس نگر ۾ رهڻ واري آڇ قبول نه ڪندس. نه اها ئي سندن اميد هئي پر هاڻ ته هو ڏٺا وائٺا ٿي پيا ۽ سائين جي مهر سان منهنجي شخصيت ڪنهن به قسم جي داغ کان عاري رهي. پر مون لاءِ صرف بي داغ ٿي زندگي جيئڻ ئي ڪافي نه هئو، منهنجي مٿان هڪ وڏي جوابداري هئي ته ڪجهه ڪريان ۽ ايترو ٿورو ڪامياب ٿي ضرور ڏيکاريا جو منهنجا ڀائر ۽ امڙ به لاڙڪاڻي مان هيڏانهن هليا اچن پر هتي ته ڌرتيءَ پير کوڙڻ ئي ڪو نه پئي ڏنا.
آئون چپ رهيس ۽ دادا جي گهر ۾ ان آسري تي رهندو آيس ته ڪنهن مهل پر مون کي پيسا ڏئي ته آئون اندور وڃي پنهنجي فوٽو اسٽوڊيو واري ڪم کي لڳان. بلڪل اجنبين جيان هنن جي گهر ۾ زندگي گذري رهي هئي، جو هڪ ڏينهن ته دادا گلاب راءِ ائين به چئي ڏنو ته آئون ڪجهه ڏينهن پنهنجي ماسيءَ وٽ به رهان، نه ته اهي دل ۾ ڪندا! هاڻ ماسي وارا، ته دل ۾ ڪن يا نه ڪن دادا اهي لفظ چئي مون کي ته ڄڻ سن ڪري ڇڏيو. مان هن وٽ رهيو ئي ان ڪري پيو هوس ته جيئن مون کي تانوڻ سمجهي منهنجا پيسا مون کي جلد ئي ڏئي ته آئون اندور وڇي ڪنهن ڪم کي لڳي سگهان.
منهنجي والد صاحب وارا پاڻ ۾ ٽي ڀائر هئا. ويرومل (جنهن جا ٻه پٽ پرڀداس ۽ گلاب راءِ) بابا بختراءِ (چار پٽ، جيئندراءِ، پريم، ٻلديو ۽ منوهر) ۽ پارو مل (جنهن کي هڪ ئي پٽ هو بلندراءِ). اهي ٽيئي ڀائر منهنجي ڏاڏي صاحب ٽنڊڻ مل جي اولاد هئا. جيڪو لاڙڪاڻي لڳ لاشاري ڳوٺ جو ڏاڍو وڏو زميندار هئو.
سيٺ ٽنڊڻ مل جي چالائي کان پوءِ ويرومل ۽ ڀارو مل به جلد ئي راهه رباني وٺي ويا، جنهن سبب منهنجي ئي والد صاحب بابا بختراءِ پنهنجي ٻارن سان گڏ پنهنجي ڀائٽين کي به ڏاڍو پيار ڏنو هئو. نه صرف پيار ڏنو هئو پر جڏهن ويرو مل جي وڏي پٽ پرڀداس پنهنجي ننڍي سئوٽ سيٺ ڀارومل جي هڪ ئي پٽ بلند راءِ جي زمين هڙپ ڪرڻ چاهي هئي ته بابا هٿ وڍي پاڻ کي تڪليفن ۾ وجهي ته بلندر راءِ جو حق بچائي ورتو هئو. حق ته ڀل صرف بلندر راءِ جو بچايو هئو، پر پرڀداس جي ته اڙبنگاين جا به ڪيترائي الزام پاڻ تي کڻي پنهنجي سڀني ڀائٽين کي بلڪل پٽن جيڏو ئي پيار ڏنو هئائين. اهو بابا بختراءِ جي جينس جوئي ته اثر آهي جو ادا جيئندراءِ جي گذري وڃڻ کان پوءِ اسين ٽيئي ڀائر ادا پريم، آئون ٻلديو ۽ ننڍو ڀاءُ منوهر اڄ تائين به هڪ ئي جوائنٽ فيمليءَ جو حصو آهيون ۽ ڪڏهن به پيسي کي فوقيت نه ڏيندي اسين ڀائر پاڻ ۾ گڏ ئي رهندا آهيون.
اڄ اسان ساڳئي گلاب راءِ کان مون کي ڪوڙا آزمودا ملي رهيا هئا، جنهن کي منهنجي جي والد صاحب ننڍي هوندي پنهنجي پٽن جيان پاليو هئو. منهنجي هندوستان اچن کان پوءِ هتان واري ڪشمڪش ۾ هيءُ پهريون ئي تجربو هئو، جنهن لاءِ شايد مون ڪڏهن سوچيو به ڪو نه هئو!
هاڻ ته مون کي سچ قبول ئي ڪرڻو هئو، سو دادا گلاب راءِ جيئن ئي مون سان ماسيءَ وٽ رهڻ جي ڳالهه ڪڍي ته آئون يڪدم دادا جي گهر اچي پنهنجي بيگ کڻي ماسيءَ جن ڏانهن الهاس نگر ٽئين نمبر هليو ويس. ماسي ۽ ماسڙ ته مون کي سٺو پيار ڏيئي رهيا هئا، جنهن سان ڪجهه ڪجهه آٿت ته سڀاويڪ هئو، پر مان اندر ۾ ڄڻ بي مذي لڳو پيو هوس.
ماسيءَ جن جي گهر اچي رهيس ته اتي منهنجي هڪ هم عمر ماسات هئي اندرا جيڪا پاڙي ۾ ئي پرڻيل هئي ۽ جيئن ته اسان کي ڏاڍو ڀائيندي هئي ۽ سندس گهوٽ راجلداس منچنڊيا پڻ پيارو ماڻهو هئو ته هاڻ وري آئون رهيل ڀل ماسيءَ جن وٽ هئس پر گهڻو ڪري سمورو وقت اندرا ۽ راجلس داس وارن سان گذرندو هئو. اندرا کان ننڍيون به ٻه ڀينر هيون لڇمي ۽ راجڪماري. لڇمي به پرڻيل هئي ۽ اها به گهڻو پري ڪو نه هئي پر ان وٽ صرف اسين ڪڏهن ڪڏهن گهمڻ ئي مس ويندا هئاسين. راجڪماري اُن مهل الهاس نگر اسٽيشن جي ڀرسان ”چاندي پاڻي همت مل سنکاڻي ڪاليج“ ۾ بي ڪام پڙهي رهي هئي.
هتي هندوستان ۾ ڪهڙي به گريجوئيشن لاءِ ٻارهين درجي کان پوءِ ٽي سال پڙهڻا پوندا آهن، جنهن کان پوءِ ايم اي ايم ڪام ۽ ايم ايس سي پوسٽ گريجوئيشن لاءِ به پورا ٻه سال پڙهڻو هوندو آهي، جڏهن ته اتي سنڌ ۾ ٻارهين کان پوءِ گريجوئيشن لاءِ صرف ٻه سال لڳندا هئا. ڪجهه شاگرد جيڪي سنڌ يونيورسٽي مان بي اي ( آنرس) لاءِ ٽي سال پڙهندا هئا ته وري کيس پوسٽ گريجوئيشن مهل ٻن سالن بجاءِ هڪ سال جو فائدو ملندو هئو ۽ سڌو ئي کين ايم اي پارٽ 2 ئي ڏيڻو هوندو هو، ٿوري ۾ ائين چئجي ته سنڌ ۾ پوسٽ گريجوئيشن لاءِ سورهن سال کپندا آهن، پر هتي هندوستان ۾ ان لاءِ سترهن سال پڙهڻو پوندو آهي.هاڻ ته مون کي صرف 1 جنوري 1978ع لاءِ وقت گذارڻو هئو ته جيئن آئون گلاب راءِ کان پنهنجي پيسا وٺي اندور واپس وڃي سگهان. هتي ته ڪنهن کي دل کولي حال احوال به نه پئي ڏيئي سگهيس جو خدانخواسته جيڪڏهن ڪنهن مون وٽ پنهنجن رکيل پيسن مان عارضي طور به ڪجهه اوڌر گهري ته مون لاءِ آزار ٿي پوندو، جو اهڙا ڌڪ اسان پنهنجي زندگيءَ ۾ گهڻيئي کائي چڪا هئاسين. ان طرح رهيل پندرهن ڏينهن کن دادا گلاب راءِ ته ڇڏيو پر مون الهاس نگر 1 طرف ئي وڃڻ ڇڏي ڏنو هئو.
الهاس نگر ۾ منهنجي برادريءَ وارا سڀ گهر بيحد مضبوط هئا، پر ڪنهن ۾ به ڪجهه به اخلاقي مدد جو به آسرو ڪو نه هئو، ڀلا جڏهن سڳو سئوٽ ئي پرائو ٿي بيٺو هئو ۽ هن مون مسڪين سان سئوٽ وارو رستو ڳنڍيندي به شرم پئي محسوس ڪيو ته بابا جي سئوٽن مان وري ڪهڙو آسرو پئي رکي سگهيس. جڏهن ته منهنجي امڙ طرف جيڪي به گهر هئا، اهي مالي طور ايترو مضبوط ڪو نه هئا، جنهن لاءِ وري مون کي بلڪل سنڀالي پئي هلڻو پيو.
جيئن تيئن ڪري 1 جنوري به آئي، پر آئون هڪ ڏينهن ٻيو وڌيڪ به ترسيس ته متان دادا گلاب راءِ کي بهانو ملي سگهي ته اڃا هاڻ ته پهرين تاريخ آئي آهي. تنهن لاءِ هڪ ڏينهن ٻيو به ترسي 2 جنوريءَ تي منجهند جي ٽائيم تي جنهن مهل خبر هئي ته سندن دوڪان تي گهٽ رش هوندي آهي آئون الهاس نگر پهرئين نمبر واري پاسي ئي هيترن ڏينهن کان پوءِ ويس، دادا گلاب راءِ جي گيهه واري دوڪان تي وڃي کيس رسمي طور پنهنجي تاديب ۾ رهندي پيرين پئي گڏيو مانس ۽ ٿوري دير ويهڻ کان پوءِ همت ڪري پنهنجي پيسن جي ڳالهه ڪڍي، جنهن لاءِ آئون هيترا ڏينهن الهاس نگر ۾ ترسي پيو هئس. پر پيسن جي ڳالهه ٻڌي دادا گلاب راءِ جو منهن ٽامڻي هڻي ويو. هن يڪدم وراڻيو، ته پيسا مون کي ڪو نه ملندا. آئون وڌيڪ بحث ڪرڻ جي ته پوزيشن ۾ ئي ڪو نه هوس، سو مون صرف ايترو چيو ته دادا! اوهان ئي ته مون کي 1 جنوري تي پيسا ڏيڻ لاءِ چيو هئو. جنهن لاءِ آئون اندور نه وڃي هيڏن ڏينهن کان هتي رهيو پيو آهيان.
پر دادا پيسن ڏيڻ کان صفا نابري واري مون به الائي ڪٿان همت آڻيندي صرف ايترو پڇيو ته ” ڇو نه ڏيندا.“ تنهن تي هن ٺهه وراڻيو ته کيس منهنجي مٿان اعتماد ئي ناهي، آئون مورک ماڻهو آهيان ۽ پيسا ئي وڃائي ڇڏيندس. نتيجي ۾ منهنجي گهر وارن کي ڪجهه به ڪو نه ملندو! اهڙي عذر جو جواب ته مون وٽ جلد ئي سمجهي آيو ۽ مون کيس چيو پوءِ ته اوهين لاڙڪاڻي منهنجي گهر فون لڳائي ادا پريم ۽ منهنجي امڙ جنهن کي اسين ”ڀاڀي“ سڏيندا آهيون ان کان پڇي سگهو ٿا. پر هن فون ڪرڻ کان به انڪار ڪيو. هو چوڻ اهو ئي پيو چاهي ته پيسا مون کي ڪين ڏيندو!
هاڻ آئون پنجويهه سالن جو ٻار جنهن زندگيءَ جا کي وڏا لاها چاڙها ڏٺا ئي ڪو نه هجن، ان کي پنهنجي سڳي سئوٽ کان اهڙو کتو جواب ملي. ان جون ته فطرتن ”ٻه به ويون ته ڇهه به ويون!“
جڏهن مون کي اها پڪ ٿي ويئي ته پيسا مون کي ملڻا ناهن ته مون دادا جي طرف اخري ڍارو اڇلايو ته جيئن پوءِ منهنجي طرف ڪا به ميار باقي نه رهي. مون صرف ايترو ئي پڇيو ته ڀل سڀ رقم نه پر ڪجهه به نه ملندو! هن به اتي جو تي ئي ڦهڪائي جواب ڏنو ته نه! ڪجهه به نه ملندو.
عوامي آواز سنڊي ميگزين 26 اپريل 2015
___