پروفيسر ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي جي آتم ڪٿا

'مقالا' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏30 مارچ 2015۔

موضوع جو اسٽيٽس:
وڌيڪ جواب نه ٿا موڪلي سگهجن.
  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    پروفيسر ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي بابت الطاف شيخ جي هندستان جي سفرنامن ۾ گهڻو پڙهيو هيم ۽ سندس تعارف انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا تي پڻ موجود آهي. سنڌ جي هن لکيي پڙهيي، سلڇڻي، علمي ۽ ادبي گهراڻي جي شخصيت بابت گهڻو ٻڌو اٿم پر ان وقت گهڻي خوشي ٿي جڏهن خبر پئي ته عوامي آواز ميگزين ۾ هر هفتي سندس آتم ڪٿا جي قسط ڇپبي. ڪوشش ڪبي ته هر قسط هتي سهيڙي سگهجي.

    [​IMG]

    پروفيسر ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي:

    سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو اديب، استاد ۽ محقق ٻلديو مٽلاڻي، لاڙڪاڻي جي هڪ زميندار گهراڻي ۾، بختراءِ مٽلاڻيءَ جي گهر ۾ 24 ڊسمبر 1952ع تي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. هن سنڌ يونيورسٽيءَ مان اسيءَ واري ڏهاڪي ۾ سنڌي ادب ۾ ايم. اي امتيازي نمبرن سان ڪئي. ان کانسواءِ هو ايم. اي (ايڪانامڪس)، ايل. ايل. بي. D.H.E، ايم. فل ۽ پي. ايڇ. ڊي آهي. سندس چوڻ موجب 1980ع واري ڏهاڪي ۾ لاڙڪاڻي ۾ ڌاڙيلن جي آزار ۽ اغوائن جي وارداتن ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچررشپ جي انتخاب دوران اختيار ڪيل روِش سبب هيءُ پنهنجي ڪٽنب سميت ڀارت لڏي ويو .

    هو پهرين ممبئيءَ جي ’جئه هند‘ ڪاليج ۾ 1981ع کان 1994ع تائين ليڪچرار ۽ پوءِ اسسٽنٽ پروفيسر ٿيو، بعد ۾ ممبئي يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر ۽ سنڌي شعبي جو چيئرمين ٿيو. هن سنڌ جي ڪلاسيڪل شاعر سچل سرمست جي فڪر ۽ فن تي تحقيقي مقالو لکي پي.ايڇ.ڊي ڪئي. هن جئه هند ڪاليج بمبئيءَ ۾ ڪيتريون انٽر ڪاليجئيٽ سنڌي ناٽڪ چٽاڀيٽيون ڪرايون ۽ ممبئي يونيورسٽيءَ ۾ ڪيترا انٽرنيشنل سنڌي سيمينار ڪرايا، جنهن ۾ سنڌ مان ڊاڪٽر غلام علي الانا، ڊاڪٽر فهميده حسين، آغا سليم ۽ امر جليل کان سواءِ ٻين ڪيترن عالمن ۽ اديبن کي گهرايائين. هن ممبئي يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جا بنيادي ڪورس، سنڌيءَ جو سرٽيفڪيٽ، ۽ سنڌيءَ ۾ ڊپلوما شروع ڪرايا، پاڻ مهاراشٽر رياست جي سنڌي ساهتيه اڪيڊميءَ جو ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر به رهيو آهي. سندس ڪيترائي ڪتاب لکيل ۽ ترتيب ڏنل آهن، جن ۾ (1). سچل جون واديون (1991ع)، (2). فن تحقيق ۽ ان جا اصول (1997ع)، (3). سنڌي لوڪ ادب (ترتيب 1998ع)، (4). (Sindhi Medieval Literature 1998ع)، (5). شاهه ۽ سچل جو تقابلي اڀياس (2003ع)، (6). اڳ نه ڏٺو ڪڏهن (سفرنامو 2004ع) شامل آهن، جن مان ”سچل جون واديون“ ۽ ”فن تحقيق ۽ ان جا اصول“ ڪتاب سنڌ ۾ به ڇپجي چڪا آهن. پويون ڪتاب ڊاڪٽر عبدالستار دلوي، اردو شعبي ممبئيءَ جي چيئرمئن جي ڪتاب جو سنڌي ترجمو آهي، جنهن جو ٻيو ڇاپو سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ 2007ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي .
    ٻلديو مٽلاڻيءَ ڪيترا اوارڊ ۽ ميڊل پڻ کنيا آهن، جن ۾:
    الهاس ننگر روٽري ڪلب پاران ”ووڪيشنل ايڪسيلينٽ اوارڊ“ سلور ميڊل (1997ع) ۽ تعريفي سنَد (2001ع) ممبئي يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر پاران غير معمولي خدمتن جي عيوض حاصل ڪيائين. ان کان سواءِ کيس ’فن تحقيق ۽ ان جا اصول‘ ڪتاب تي 2000ع ۾ حڪومت هند جي ايڇ.آر. ڊي وزارت پاران ترجمي جو ساهتيه اڪيڊمي انعام مليو .
    هو هن وقت ممبئي يونيورسٽي جي سنڌي شعبي جو چيئرمئن آهي ۽ هن وقت انڌيري، (ويسٽ) ممبئيءَ ۾ رهائش پذير آهي .

    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا تان ورتل
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    قسط 1
    زندگي رهي ته ضرور ملنداسين!

    ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي


    ڪائنات جي تخليق بابت ڪيترائي انومان لڳايل آهن، سامي مست جي عقيدي موجب ان کي ظهور پذير ٿيندي تقريبن 5700 سال ٿيا، تڏهن به سندس نظريي موجب هوائي (آمريڪا) ۾ لڳايل ٽيلي اسڪوپ مان مليل نتيجن موجب ان کي وجود ۾ آئي اندازن 15 بلين (پندرهن سئو ڪروڙ) سال ٿيا آهن. هندو مت ۾ ته ان کي ”بي انت“ چوندي بحث جي دائري کان ئي ٻاهر ڪڍيو ويو آهي، جو قابل وثوق جواب نه ملڻ جي صورت ۾ هيءَ فاني انسان لافاني ڪائنات، ڪل کي سمجهڻ لاءِ ته هر صورتحال ۾ قاصر ئي رهندو!

    ڪائنات جي تخليق ٿي ته ڌرتيءَ جي هن گولي تي مختلف هڏ پڃري جا جيو به چرپر ڪندا رهيا ۽ ارتقا جا مرحلن طئه ڪندي هيءُ انساني روپ عمل ۾ آيو، 1959 ۾ آمريڪا ۾ ڪيل سروي موجب اسٽرانامي ۽ ڪاسمالاجي جي اڪثر ماهرن جو اهو ئي چوڻ هو ته هيءَ ڪائنات لافاني آهي، جڏهن ”لافاني“ چيو ويو ته نتيجن ان جو آغار به طئه شده مرحلن کان عاري ٿئي ٿو. تقريبن 2400 سال اڳ يونان جي عظيم مفڪرن ارسطو ۽ افلاطون به ان لاءِ هميشه رهندڙ چئي ڇڏي ڏنو.

    جيڪڏهن حضرت آدم عليه السلام تقريبن 5700 سال اڳ تخليق ٿيل ڏسجي ته ڏاڏو آدم ۽ ڏاڏي حوا 130 ورهيه حيات رهيا جيستائين کين اولاد جي نعمت عطا ٿي سامي سٿ جي مذاهب واري عقيدي موجب انساني روپ جي تخليق حضرت آدم عليه السلام کان ئي چئي وڃي ٿي جنهن کان اڳ صرف صبح ۽ شام هئي ۽ فرشتا هئا. حضرت آدم عليه السلام آيو ته ابليس جي نافرمانيءَ سبب انسان ذات جي وجود کان ڀلا ۽ برا، نيڪي ۽ بديءَ وارا اعمال به سرانجام ٿيڻ شروع ٿيا ۽ مختلف مذهبن انهن انساني علمن جو لکيو چوکو وٺڻ جا الڳ الڳ ماپا پڻ مقرر ڪيا. سامي سٿ موجب قيامت جو هڪ ڏينهن طئه آهي، جڏهن سمورن روحن کي هڪ دفعو ٻيهر زندگي بخشي ويندي ۽ سندن اعمالن موجب جنت ۽ جهنم جي منزلن سان هم ڪنار ٿيڻو پوندو. هندو عقيدي موجب ته هن ڪائنات ۾ ئي هر هڪ جيو جو پنهنجي اعمال جي اجوري موجب پيو ٿو چوراسي لک جوڻين ۾ چڪر ڪاٽي!

    توبه نئوذ بالله، هڪ ڳالهه طئي آهي ته جيڪڏهن حق حقيقيءَ جي روپ ۾ هڪ منصف وجود آهي ۽ هر انسان کي پنهنجي عملن جو حساب ڏيڻو آهي ته موٽ ۾ ڀلو برو نتيجو به ڀوڳڻو آهي. ڪيڏو نه عجيب مانڊاڻ! انسان جو روحاني امتحان فارم ڀرڻ کانسواءِ ئي منصفن جي تارازيءَ ۾ توريو ويندو ۽ نتيجي موجب انعام اڪرام يا ڏنڊن سان به هم ڪنار ڪيو ويندو.

    پاڻ ٿئي پيدا ڪيئه، ڪن مون چئه انسان ڪر!

    انسان کي هڪ سماجي جانور به چيو ويو آهي، جنهن موجب هو هڪ مخصوص سماج جي زنجير ۾ به جڪڙيل آهي جتي علم اخلاقيات توڙي وقت ۽ حال جي مروج قانون هيٺ کيس انهن ٻنڌڻن سان منهن ڏيڻو ئي آهي. جتي ڪنهن به منفرد شخص جي سوچ توڙي ارادي جي ڪا وقعت ئي ڪانه رهي ٿي. ان نظريي کي ڌيان ۾ رکندي جيڪڏهن امن و آشتيءَ جي سرزمين سونهاري سنڌ جي گذريل چوڏهن صدين واري تاريخ کي ڏسنداسين ته هڪ سنڌ ئي اهڙو امن پسند ملڪ نظر ايندو جتان جي سنڌي حڪمرانن پنهنجي اعليٰ راويتن باهمي محبت ڌاريندي ڪنهن به پاڙيسري رياست مٿان نه ته ڪڏهن حملو ڪيو ۽ نه ئي ڪڏهن اهڙي بدنيت ئي ڌاري آهي!

    پر انساني زندگي انيڪ ڀيرا انفرادي ارادا نه ڌاريندي به حادثات سان ملوث رهي آهي، جڏهن نه چاهيندي به سنڌ جي چيڪي مٽيءَ تي ڌارين حملا آورن جي ڪاهن سبب انيڪ بي گناهن جي رت جو ريج نظر اچي ٿو. اهڙن سمورن تابناڪ واقعن جي نتيجي ۾ ڪنهن حد تائين مضبوط قوت اراديءَ سان گڏوگڏ ڪمزور ۽ ڊرپوڪ سنڌي هندن جي ان پوتر ڀوميءَ تان ڀاڄ ڪا برصغير هند جي ورهاڱي واري پهرين ناهي، بلڪه گذريل تيرهن صدين ۾ ڪئين ڀيرا معصوم ۽ اٻوجهه سنڌين کي ٽڪرا ٽڪرا ٿيندي هڪ حصي کان اُتان لوڌجڻو ئي پيو آهي، پر هر ڀيري لڏپلاڻ ڪندڙ ان ساڳئي مجموعي کي پنهنجي ماتر ڀوميءَ سان ايڏو ته پيار رهيو آهي جو اُهي ٻه ٻه سئو سال ٻاهر رهندي به انهن جي الائي ڪائين پيڙهي وري ٻيهر پنهنجي ماءُ جي مٽيءَ واري گود ۾ ابدي سڪون ماڻن لاءِ اوڏانهن موٽندا پئي رهيا آهن!

    موجوده دور ۾ تقريبن ساٺيڪو سال کن اڳ برصغير هند جو ورهاڱو ته صرف چند سياستدانن جي ذاتي مفادن کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي جو مذهب جي نالي ۾ لکها ماڻهن جو بي گناهه خون وهڻ کانپوءِ به اڄ تائين اسين پنهنجي نئين نسل کي هڪ شاندار مستقبل جو مالڪ بڻائڻ ته ڇڏيو پر اڄ سوڌو اسين پنهنجي هم وطنين کي ضروري لٽو ۽ اجهو به نه ڏيندي، سندن بک مٽائڻ لاءِ کين اٽي جا ٻه گرھ به ڪو نه ڏيئي سگهيا آهيون. اسان جا ڪيترائي ڏيهي ڀائر ۽ ڀينر دور دراز علائقن ۾ اڄ به پيٽ کي پٽي ٻڌندي وڻن ٽڻن جا ڇوڏا کائيندي گذران ڪري رهيا آهن. اسان جا حڪمران انساني ڀائيچاري جون ڪيڏيون به دعوائون ڇو نه ڪن، پر اڄ به اسان جا ڏيهي ڀائر ۽ ڀينر حالات کان تنگ اچي ڪجهه سڪون جو ساھ کڻن لاءِ وقت بوقت اُها ساڳي لڏپلاڻ ڪندائي رهيا آهن.

    اسين سنڌي ماڻهو پنهنجي پاڙي کي ”ابو امڙ“ چوندا آهيون، ته پوءِ آخر ڪيئن اهو ممڪن هوندو جو هاڻ به آهسته آهسته چند الڳ انسان پنهنجو اهو ابو امڙ گهر ٻار، مال ملڪيت دوست ساٿي، رفيق همدرد سڀ ڪجهه ڇڏيندي اجنبي منزلن ڏانهن لڏپلاڻ ڪندا رهن! مون کي اڄ به ياد اهي ته ڪيئن مون چوويهه سالن جي ننڍڙي عمر ۾ ڀائرن جي مرضيءَ سان پهرين اڪيلي سر هيڏانهن هندوستان اچڻ جو فيصلو ڪيو ته جيئن باقي ٻه ڀائر ۽ امڙ هتي اچي ڪنهن تي تانوڻ نه ٿيندي پنهنجي ئي ڪنهن آشياني ۾ اجنبي ماحول ۾ صرف سک جو ساھ کڻي سگهن.

    17 آگسٽ 1977ع ۾ آءُ به جڏهن پنهنجي ئي جنم ڀومي لاڙڪاڻي جي گهرن، گهٽين، روڊن، رستن ۽ گرمين سردين کي هميشه لاءِ خير باد چئي هندوستان اچڻ لاءِ لاڙڪاڻي اسٽيڊيم پٺيان نئين ٺاهيل بس اسٽينڊ تي پهتس ۽ سچ پچ جڏهن سکر لاءِ بس ۾ چڙهي رهيو هوس ته ان تي پير رکڻ مهل پنهنجي ئي آباڻي سرزمين لاڙڪاڻي کان هميشه هميشه لاءِ جدا ٿيندي جنسي اوڇنگارون ڏيئي روئي پيو هوس! اهي اُهي ڳوڙها ۽ سڏڪا هئا، جي پنهنجي ايندڙ پيڙهين کي سک جو ساھ کڻڻ لاءِ وهائي رهيو هوس! مون سان گڏ منهنجو ٻه سال وڏو ڀاءُ ادا پريم، ان جو دوست نارائن ۽ رتوديرو کان آيل سندس مامو ڪرتار لال به هئو، جيڪي مون سان گڏ لاهور تائين هلڻا هئا.

    مون پاڻ سان گڏ صرف تمام ضروري گهرو سامان، چند نيون سبرايل ڊريسون ۽ هڪ بسترو ئي کنيو هو پر اڳ اُہي بارڊر ڪراس ڪندي اميگريشن ۽ ڪستم جي ڏمر کان اول ئي ڏڪيل هوس. ان لاءِ ماما ڪرتار کي چڱو مڙس بڻائيندي 18 آگسٽ تي جيئن ئي لاهور اسٽيشن تي اٹاري بارڊر ذريعي امرتسر ريل رستي وڃڻ لاءِ اميگريشن ۽ ڪسٽم جون ٽيبلون لڳيون ته ڪجهه نه هوندي به انهن راڪاس جهڙن آفسرن جي سامهون ماما ڪرتار کي اڳيان ڪيو جنهن هلي منهنجا ٺپا هڻايا ۽ ڪستم وارن سان ڳالهائڻ کانپوءِ به انهن همراهن ته نه صرف منهنجي جسم جي تلاشي ورتي پر منهنجي بستر تي رکيل وهاڻي کي اُڊيڙيندي ٽڪرا ٽڪرا ٿيل فوم جا بردانا به ڪڍي ڇڏيا ته متان مون اُن وهاڻي جي اندر ڪجهه لڪايو هجي! ان ڪسٽم آفيسر بيدرديءَ سان منهنجو سمورو سامان اُن وهاڻي سوڌو پرزا پرزا ڪندي ائين ڇڏي ڏنو ڄڻ آءُ سئي سڳو گهران کڻي آيو هجان جو ان وهاڻي ۾ فوم اندر داخل ڪري ٻيهر سبي سگهان. اهڙو ڪجهه به ضروري واهڻ نه هئڻ جي صورت ۾ آءُ صرف فوم اندر وجهي نه صرف وهاڻو پر ٻيو به ڪيترو سامان کليل ئي ڪهڙي به نموني ٻيهر پيڪ ڪندي ماما ڪرتا کان موڪلايو. ادا پريم ۽ نارائڻ کان ته اڳواٽ ئي موڪلائي چڪو هوس. جيڪي ڪجهه ئي دوريءَ کان اسان جو اهو آزار ڏسي رهيا هيا پر هينئر آنءُ قانون موجب انهن ڏانهن نه پئي وڃي سگهيس ۽ صرف دوريءَ کان ئي ٻيهر کين خيالي ڀاڪر پائيندي ۽ قدم بوسي ڪندي. موڪلايو ته جيڪڏهن زندگي رهي ته ضرور ملنداسين!


    عوامي آواز سنڊي ميگزين 22 مارچ 2015

    _____
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    قسط 2

    طوفان زندگيءَ جا

    ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي


    لاهور اسٽيشن تي ڪسٽم کان واندو ٿي ادا پريم، نارائڻ ۽ ماما ڪرتا لال کان موڪلائي پنهنجو سامان ڍوئي امرتسر ڏانهن ويندڙ ريل گاڏيءَ ۾ چڙهيس. ڏاڍي ننڍي ريل گاڏي هئي، جنهن ۾ ٻه دٻا پاڪستان ريلوي ۽ ٻه دٻا انڊين ريلوي جا لڳايل هئا. جيسين گاڏي هلي تيسين ڀائرن کان الڳ ٿيندي اڪيلو ئي اڪيلو پنهنجن ئي خيالن ۾ گم هئس. اِها اڪيلائي ڪيترو وقت هلڻي هُئي، اُن جي ڪا به خبر ڪانه هئي. هيل تائين زندگيءَ جا سمورا ڏک سُور اسان ٻنهي ڀائرن ادا پريم ۽ مون گڏجي سٺا هئا ۽ منوهر جيئن ته مون کان به ست سال ننڍو هئو ته ان تائين اسين ڪنهن به ڳالهه جي لهس به پهچڻ ڪونه ڏيندا هئاسين. صرف ٽي مهينا اڳ آئون اسلام آباد مان انڊين هاءِ ڪميشن کان اڄوڪي ويزا وٺڻ ويو هئس، تڏهن اسان جي پاڙي جو هڪ گهاٽو دوست الاهي بخش عباسي گڏ هليو هئو. ادا، جيڪو مون کي اسلام آباد وڃڻ لاءِ ٽي ڏينهن به اڪيلو ڪو نه ڇڏي رهيو هئو، ان جو اهو ساڳيو ڀاءُ ٻلديو اڄ اجنبي سرزمين تي زندگيءَ جي طوفانن سان منهن ڏيڻ لاءِ اڪيلو ئي اڪيلو وڃي رهيو هئو. مون کي به هرو ڀرو ڪا گهٻراهٽ ڪا نه هئي، پر هڪ عزم هئو جو اڄ اسان جي ڪٽنب طرفان لڏپلاڻ ڪرڻ جو پهريون عملي ڏينهن شروع ٿي چڪو هئو!

    ڪجهه ئي دير ۾گاڏي هلڻ شروع ٿي ۽ ٿورو ئي اڳيان هلي ته جلد ئي اسان جي ريل اِهي انساني ٺاهيل حدون اورانگهي هندوستان جي سرحد ۾ داخل ٿي. جيئن ته هيءَ ٽرين سروس به اڃا ڪجهه ئي مهينا اڳ شروع ٿي هئي. اهڙي صورت ۾ انهن سرحدي ڳوٺن جا ٻارڙا اسان واري گاڏيءَ جي سمورن مسافرن کي هٿ لوڏيندي آجيان ڪري رهيا هئا، ڇو ته 1971ع واري هندو-پاڪ جنگ کانپوءِ 1976ع تائين ته ٻنهي ملڪن جا سفارتي ناتا به ٽٽل هئا. اڃا هاڻ مس وڃي برصغير جي ورهايل انسانن کي ٻيهر ملائڻ جو هڪ نئون سلسلو شروع ٿيو هو. سڀاويڪ طور ٻارڙن جي آجيان لاءِ هِلايل هٿ ڏسي سمورن مسافرن کي به ٿوري خوشي پئي ٿي. اهو سڀ ڏسندي اجنبي سرزمين جو خوف وقتي طور ته ڄڻ غائب ئي ٿي ويو هئو.

    ريل گاڏي اڃا ڪجهه سفر جاري رکندي هلي هندوستان جي پهرين ريلوي اسٽيشن اٽاري تي بيٺي. سمورا مسافر پنهنجو سامان لاهي هيٺ ٿيا. وري ٻيهر اِميگريشن، ٻيهر ڪسٽم! حال هنن ٻنهي ملڪن جو ساڳيو ئي هئو. هر هڪ آفيسر ڄڻ پاڻ کي خلائي طاقتن سان سرفراز هوندي برتر پئي سمجھيو ۽ اسين سڀ مسافر ڄڻ ڏوهي هوندي ڪنهن جيل مان نڪري رهيا هئاسين ۽ ڪي اُن جيل ۾ اُماڻيا پئي ويا. مون کي ڪسٽم جي چڪاس لاءِ هڪ سردار آفيسر جي ٽيبل ڏانهن اُماڻيو ويو. هاڻ مون ۾ ٿوري گهڻي همت ان ڪري به هئي جو لاهور ۾ ته ماما ڪرتار اچي منهنجي چڪاس ڪرائي هئي پر ٻيلي هاڻ ته ٻيو ڪو چارو ئي ڪو نه هئو. ان سردار کي منهنجو ٿورڙو سامان ڏسندي ڪا به انسانيت واري عمل اچڻ ته ڇڏيو پر مورڳو ئي اُڊڙيل وهاڻي اندر کليل فوم ڏسي هو مون کي ائين گهورڻ لڳو، ڄڻ آءُ ان ۾ اي ڪي 47 ۽ نشي آور شيون کڻي آيو هُجان. مون پنهنجي وضاحت ۾ لاهور واري همراهه بابت ٻڌايو. جنهن ان وهاڻي ۾ پيل ڪپهه ئي ڪڍي ڇڏي هئي. پر مُڙڻ وارو هيءُ سردار به ڪونه هئو ۽ هو پڻ ساڳئي ئي نسل جو هو. ان ٻيهر اُها سموري فوم ڪڍي ان جا ٽڪرا ٽڪرا ڦهلائي ڇڏيا ۽ وهاڻي وارو خالي پوش پاسي ۾ اُڇلائي ڇڏيو. همراهه کي منهنجي جھڙتي وٺندي ڪجهه به نه مليو ته ڄڻ مڇرجي پيو. پوءِ ته منهنجون سڀ ٺهرايل نيون ڊريسون راتين کولي ڪري ڦهلائڻ لڳو، ڄڻ ڪنهن ڳجهي اداري کان اڳواٽ ئي خبر مليل هئس ته هيءُ هڪ وڏو اسمگلر هندوستان جي سرزمين ۾ داخل ٿي رهيو آهي!

    در اصل ڪسٽم قانونن موجب هر هڪ مسافر ڪجهه محدود رقم جو سامان ان مهل تقريبن اڍائي هزار کن جو کڻي پئي سگهيو، جنهن تي ڪابه ڊيوٽي ڪونه لڳڻ کپندي هئي، پر انهن ڀوتن جو رويو اهڙو خوفناڪ هوندو آهي، جو مون لاڙڪاڻي کان ورتل چائنا جون صرف ڇهه کن فائونٽين پين، جيڪا هڪ هڪ ڏهين روپئي جي به مس هئي، اُهي ڀَوَ وچان هڪ هڪ ڪري ويڙهيل پينٽ جي کيسن ۾ رکي ڇڏيون هيون، پر هن جلاد جو منهنجا ڪپڙا به ماڳهئين کولي ڪري ڦهلائڻ شروع ڪيا ته هڪ هڪ پينٽ مان اُها هڪ هڪ پين نڪرندي ويئي. بس! پوءِ ته اچي مڇريو! چيائين، ”توکي خبرناهي! چائنا اسان جو دشمن ملڪ آهي“!

    هاڻ مان چوان به ته ڇا چوان! چوويهه سالن جو هڪ پڙهيل ڳڙهيل ٻار جيڪڏهن پين به کڻي اچي ٿو ته وڏو گناهه ٿي پيو هئو! تڪڙ ۾ اُهي ڇهه ئي پينون ڪڍي پنهنجي ٽيبل جي خاني ۾ وڌائين ته جيئن پڪ ئي پڪ ڊيوٽيءَ کان پوءِ ٻاهر نڪري وڌيڪ اگهه ۾ کپائي سگهي، يا وري بانبڙا پائيندڙ ٻارن کي ڏنيون هوندئين، جن ڀڃي ناڙُ ڪري ڇڏيون هونديون. پر مون کي کڻڻ ڪونه ڏنائين ڄڻ اُهي دشمن ملڪ چين جي وزيراعظم طرفان مون کي سوکڙيءَ ۾ مليل هيون ۽ هاڻ آئون پوري هندوستان لاءِ هڪ شڪي شخص هئس، جنهن کي جيل ۾ وجھجي يا ڇڏي ڏجي، ان جو فيصلو ڪرڻ لاءِ الله سائينءَ اهو اختيار ان سردار ڪسٽم آفيسر کي ڏنو هئو. سٺ روپئي جون ڇهه پينون، جنهن لاءِ تقريبن ڏيڍ سئو کن روڪ ٻيا به ڀري پنهنجي جان ڇڏائي ته ٻيلي انهن پينين سان منهنجو ڪو به واسطو ڪونهي! واهه ڙي هندو پاڪ جي سرڪار! طرفان زندگيءَ جا اڃا ٻيا اڳتي هلي ڏسان، هُن اڳواٽ ئي مون مسڪين کي ڦُڙي جھوري ڇڏيو!

    انهن ڏينهن ۾ هر هڪ مسافرکي هندوستان لاءِ صرف ٽيهه آمريڪن ڊالر ئي کڻڻ ڏيندا هئا، آئون ان سردار ڪسٽم آفيسر جي ٻڌايل ڪائونٽر تان ئي وڃي اُهي ڊالر مٽائي هندوستاني ڪرنسي وٺي آيس ۽ همراهه جو ڪنهن اڳئين جنم جو قرض لاٿو تڏهن مس وڃي جان ڇڏيائين! انهن ڏينهن ۾ هڪ آمريڪن ڊالر پاڪستان ۾ ڏهه روپيه هئو پر هندوستان ۾ ست روپيه کن مس هئو. اٿارٽي ريلوي اسٽيشن تي لڳايل ان هڪ ئي ايڪسچينچ ڪائونٽر جيڪا به ڪميشن ورتي هوندي، اها ڏني!

    مون ٻيهر سمورو ٽڙيل پکڙيل سامان ٻڌڻ شروع ڪيو، جو منهنجي منزل اٽاري ته ڪو نه هئي. پر مونکي اڃا چڱو اڳيان دهلي پار ڪري اندور وڃڻو هئو. اندور وڃڻ جو هڪ وڏو سبب اهو به هئو ته ادا پريم کان مليل هدايتن موجب جيتوڻيڪ اسان جي برادريءَ وارا بمبئيءَ ڀرسان الهاس نگر ۾ رهندڙ هئا. پر ادا جو ويچار هئو ته اُتان جو انتهائي آزاد خيال ماحول شايد اسان کي راس نه اچي سگهي. تنهن لاءِ هن مون کي پنهنجي ناناڻن واري شهر اندور ۾ ئي وڃي آکيرو اڏڻ لاءِ تاڪيد ڪري ڇڏي هئي.

    اميگريشن ۽ ڪسٽم جي ڪارروائي پوري ٿيڻ کانپوءِ آئون پنهنجو سامان کڻي اچي اُن ساڳئي ئي دٻي ۾ رکيو، جتان ڪجهه دير اڳ لٿو هئس، جڏهن سمورا مسافر واپس پنهنجين پنهنجين جاين تي پهچي ويا ته گاڏيءَ ٻيهر اٽاري ريلوي اسٽيشن تان امر تسر ڏانهن هلڻ شروع ڪيو. لاهور ۽ امرتسر جيتوڻيڪ هڪٻئي کان گهڻو پري ڪو نه آهن ۽ صرف 34 ڪلو ميٽرن جيترو پنڌ آهي، پر اُن دوريءَ هڻي ٻنهي ملڪن جي ساڳين ئي انسانن کي هڪٻئي کان اوپرو ڪري ڇڏيو آهي. انهن ئي چوويهه ڪلو ميٽرن ۾ وچ تي ڪٿي اُها اٽاري ريلوي اسٽيشن هندوستان جي سرحد اندر ٺاهيل آهي. اِها اُها اسٽيشن آهي، جيڪا يش چوپڙا ۽ شاهه رخ خان جي فلم ”وير زارا“ ۾ پڻ ڏيکاريل آهي.


    عوامي آواز سنڊي ميگزين 29 مارچ 2015

    _____
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    قسط 3
    ننڊ جو ته سوال ئي ڪو نه هئو!
    ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي

    آءٌ اٽاري ريلوي اسٽيشن تي ڪسٽم کان جان ڇڏائي سامان پڻ جهڙو تهڙو ٻڌي اچي پنهنجي دٻي ۾ رکيو. سردار ڪسٽم آفسرن جي رويي ڄڻ منهنجو ٿڪ ئي وڌائي ڇڏيو هو. گاڏي ڪجهه ڳوٺن مان ٿيندي پئي هلي. سڀني مسافرن جا مهانڊا ائين لڳا پيا هئا، ڄڻ تازو ئي مار کائي آيا هجن. مون ڪنهن کي به کلندي ۽ چرچا ڪندي ڪو نه ڏٺو. جنهن به وڌيڪ سامان آندو هو اُهي ته ڄڻ بيحد ڏکيل پئي لڳا. الائي ويچارن سان ڪهڙي ويڌن ٿي هوندي! ويچارڙي گاڏي ڄڻ ٻوڏ جي ستايلن کي کڻي هلي، امرتسر اسٽيشن تي پهتي. اُن شام جو تقريبن 5.00 کن ٿيا هئا. ٻين مسافرن سان گڏ آئون به پنهنجو سامان کڻي لهي هيٺ ٿيس، جو اُهو ان پاڪ- هند گاڏيءَ جو آخري اسٽاف هئو ۽ هاڻ ٻئي ڏينهن صبح جو اُن ساڳي گاڏيءَ کي لاهور وڃڻو هئو.

    مون جيئن ئي امرتسر ريلوي اسٽيشن تي تڙ تڪڙ ۾ سامان لاهي هيٺ ڪيو ته بستري مان ڪچن جو هڪ اسٽيل جو برتن کسڪي اچي ٻاهر ڪريو ۽ پليٽ فارم تي ڦيٿي جيان ايئن هلي رهيو هو جو جيڪڏهن تڪڙ ۾ نه کڻي وٺان ها ته وڃي ريلوي ٽريڪ تي ڪري ها! آنءُ ريلوي جي ئي ڪنهن ماڻهوءَ کان ضروري معلومات وٺي پنهنجو سامان کڻي وڃي ڪلوڪ روم ۾ رکيو. اندور وڃڻ لاءِ مونکي بمبئيءَ جي ڪابه ٽرين پڪڙي رستي ۾ رتلام اسٽيشن تي لهڻو هئو، جتان وري گاڏي بدلائي اندور پهچڻو هو.
    مونکي جيئن ته امرتسر ۾ سک پنٿ واري سوني درٻار ڏسڻي هئي، اهڙي صورت ۾ بمبئيءَ واري گاڏي ٻئي ڏينهن صبح جو تقريبن 6.00 وڳي کن ڊيلڪس ايڪسپريس هئي. آنءُ ڪلوڪ روم ۾ سامان رکڻ مهل اُتان اها به معلومات حاصل ڪئي ته، اُهو ڪلوڪ روم صبح جو سويل به کليل ئي هوندو ۽ ڪهڙي گهڙيءَ به آنءُ پنهنجو سامان اُتان کڻي پئي سگهيس. سامان رکي ٿورو ڦڪرو ٿيس ته پهرين هٿ منهن ڌوئي ماڻهو ٿيس، نه ته ٿڪ وچان حال ئي ڄن ڀيلا لڳا پيا هئا. خبر پئي ته آنءُ ايندڙ ڏينهن تي صبح واري ٽرين لاءِ ريلوي اسٽيشن کان ٻاهر نڪري چڱو ئي پرڀرو ريلوي بڪنگ آفيس وٽ آيس، جتي ٽڪيٽ ونڊو تي ڪا وڏي لائين ڪو نه هئي. مان صبحاڻي صبح واري ڊيلڪس ايڪسپريس لاءِ اندور وايا رتلام ٽڪيٽ وٺي نشچنت ٿيس ته پوءِ ئي ٻاهر اچي سوني درٻار لاءِ سواري ڏسڻ لڳس. اُتي ڪجهه سائيڪل رڪشائون به هيون. جن تي پٺيان صرف ٻن ماڻهن جي ويهڻ جي جاءِ هئي. آٽو رڪشا کان اها سائيڪل رڪشا ڪجهه سستي هئي، سو آنءُ به اهڙي ئي هڪ سائيڪل رڪشا واري سان ڀاڙو طئي ڪري چڙهي ويٺس.
    ”سوني درٻار“ امرتسر ريلوي اسٽيشن کان چڱي ئي پنڌ تي هئي، جنهن لاءِ ان رڪشا هلائيندڙ کي چڱو ئي محنت ڪندي ڪڏهن اُٿي ڪري طاقت لڳائيندي ته ڪڏهن ويهي ڪري اها سائيڪل رڪشا پئي هلائڻي پيئي. ان طرح اسين امرتسر شهر جا خلاصا روڊ رستا ڏسندا ڪٿي ڪنهن چوڪ تي ٽريفڪ جي سهوليت لاءِ فلاءِ اوور ذريعي روڊ ڪراس ڪندا اچي ”سوني درٻار“ پهتاسين. تيسين رات به پنهنجو سفر شروع ڪري ڇڏيو هئو ۽ روڊ، رستا، دوڪان ۽ اُها سوني دربار رات جي روشنيءَ ۾ چمڪي رهيا هئا. سک پنهنجي ٽئين گرو، امرداس صاحب طرفان ساڍا چار سئو سال کن اڳ، ان درٻار لاءِ پهرين هڪ ڍنڍ(امرت سروور) لاءِ زمين جي کوٽائي جو ڪم شروع ڪرايو ويو هو. پر اهو صرف ڍنڍ وارو منصوبو ڀر واري ايراضيءَ ۾ هڪ مڪمل شهر جي اڏاوت سان گڏ گرو امرداس جي دور ۾ ئي زميندارن کان ورتل زمين واري جاءِ تي 1570ع کان شروع ٿيندي 1577ع ۾ وڃي پورو ٿيو. ان ڍنڍ جي وچ تي ٺاهيل هر مندر (هري مني ڀڳوان جو گهر) پنجين گروار جن ديو پاڻ ڊزائين ڪيو هو. جنهن جي بنيادي پٿر لاءِ ڊسمبر 1588ع ۾ لاهور مان خاص طور هڪ صوفي درويش حضرت ميان مير کي گهرائيندي، انهيءَ جي شڀ هٿ سان رکايو هئو.

    جيتوڻيڪ ان دور ۾ سمورا هندو مندر، هڪ وڏي اوچائيءَ ۾ ٺاهيل مينارن واري طرز تي تعمير ڪيا وينداهئا، پر گرو ارجن ديو ان ”هر مندر“ جي اڏاوت هيٺين سطح تي ئي ڪرائي، ان لاءِ صدر دروازو به صرف هڪ ئي رکيو جنهن مان ئي اندر ۽ ٻاهر وڃڻو هئو. ائين چئجي ته هن اهو هر مندر ٺاهيندي ”سک پنٿ“ واري نئين عقيدي جو بنياد وڌو، جنهن اندر ڪهڙي به مذهب، جاتي، جنس توڙي نسل جا ماڻهو اچي پئي سگهيا.
    ”هر مندر“ جي اڏاوات جو ڪم 1601ع ۾ پورو ٿيو، جتي آگسٽ سيپٽمبر 1604ع ڌاري گرو گرنٿ صاحب جي اسٿاپنا ڪئي ويئي ۽ گرو ارجن ديو طرفان ان لاءِ باباٻڌا جي کي خاص طور پهرين پاٺيءَ طور مقرر ڪيو ويو. 67 اسڪوائر فوٽ ٺاهيل سروور اندر ساڍا چاليهه اسڪوائر فٽن جي دائري ۾ چئن ئي پاسن کان ڏھ فٽ ڊگهو ۽ ساڍا اٺ فٽ ويڪرو دروازو پڻ تعمير ڪيو ويو، چيو ويندو آهي ته ان سان ئي هندستان جي تاريخ ۾هڪ جدا sikh school of architecture جو بنياد پيو.
    آنءُ سائيڪل رڪشا مان لهي هڪ وڏي شاهي دروازي مان اندر داخل ٿيس ته هڪ وشال احاطي جي وچ ۾ اها سروور (ڍنڍ) نظر آئي، جهنهن جي وچ تي اها سوني درٻار (هر مندر صاحب) تعمير ٿيل هئي. دروازي کان ئي وٺي بابا گرونانڪ توڙي سک پنٿ جي پاڪ پستڪ گرنٿ صاحب لاءِ انيڪ ماڻهن ۾ بي تحاشا عقيدت ۽ صدق پئي نظر آيو. ڪيترا ته وڏا وڏا ماڻهو به دروازي وٽ زيارت لاءِ آيل ماڻهن جي لاٿل جوتن کي به پالش ڪري رهيا هئا، اڳيان هڪ هنڌ ڪيتريون عورتون هڪ وڏي شاهي تئي تي ماني پچائي رهيون هيون ته ڪي وري برتن صاف ڪري رهيون هيون.
    مون پهرين ان وڏي دائري اندر چوگرد چڪر لڳائي، هتان هتان جو جائزو وٺي ڏٺو. پوءِ هڪ هنڌ جتي ڪجهه گهٽ رش نظر آئي ته آءُ ڪجهه ڏاڪا هيٺ لهي اُن ڍنڍ جي پاڻيءَ سان منهن پئي ڌوتو ته هڪ سردار پري کان ئي اهڙي رڙ ڪئي ڄڻ مون کان ڪو وڏو گناھ سرزد ٿي ويو هجي! مون به تڪڙ ۾ Sorry چئي جان ڇڏائي ۽ ميدان ئي ڇڏي ايڏو ته اڳيان هليو ويس، جو ان سردار جو پاڇو به ڪو نه پهچي سگهي!
    پوءِ آنءُ ان ليڪ جي وچ تي ٺاهيل ”هرمندر صاحب“ (سوني درٻار) اندر درشن ڪرڻ لاءِ لڳايل لائين ۾ بيهي ويس ۽ اندر وڃي سجدو ڪيو. اُتي ڪيترائي راڳي ڀڄن ڪيرتن ڪري رهيا هئا، ٿوري ئي دير ۾ ٻاهر نڪري آيس. سروور جي هڪ پاسي لنگر صاحب لاءِ ٺاهيل الڳ عمارت جا ڪجهه ڏاڪا چڙهي آنءُ به مٿبرو وڃي هڪ وشال حال ۾ ٻين سان گڏ لائين ۾ ويهي لنگر صاحب جي ماني کاڌي ۽ پوءِ مين دروازي کان ٻاهر نڪري سائيڪل رڪشا ڪري ريلوي اسٽيشن ڏانهن واپس هليو آيس.
    منهنجي ٽرين جيئن ته ايندڙ ڏينهن 19 آگسٽ 1977ع تي سوير ئي صبح جو امرتسر مان نڪرڻي هئي. سو آنءُ وقت گذارڻ لاءِ اسٽيشن جي سامهون ئي هڪ سئينما هال پرڪاش ٽائمز ۾ رات وارو آخري شو ”ڌرم وير“ فلم ڏسڻ هليو ويس. من موهن ڊيسائي طرفان ڪجهه محبوب خان جي جهوني فلم ”آن“ کي ئي ورجايو ويو هئو. جنهن جي اداڪارن ۾ ڌرميندر، زينت امان، جيتيندر، نيتو سنگهه ۽ پران اهم ڪردارن ۾ هئا. فلم جي ميوزڪ سٺي هئي، پر گهڻي وقت کان هندستاني فلم ڏسڻ جي ڇڪ هوندي به مونکي اها فلم ايترو ڪو نه وڻي هئي، پوءِ الائي ڇو آهستي آهستي گانا ٻڌي ٻڌي بعد ۾ ڄڻ اها ساڳي فلم ئي وڻڻ لڳي هئي. رات جو ٻارهين ساڍي ٻارهين وڳي فلم پوري ٿي ته سامهون ئي امرتسر ريلوي اسٽيشن جي وشال لابيءَ ۾ اچي ويهي رهيس. ڪجهه دير جهوٽا هڻندي ننڊ به ڪئي، پر سڄو ڌيان جيئن ته سوير صبح واري ٽرين طرف هئو سو اهـڙي صورت ۾ آرام واري ننڊ اچڻ جو ته سوال ئي ڪو نه هو!
    امرتسر اسٽيشن جي وشال لابيءَ ۾ رات جا ڪجهه پهر جهوٽا کائڻ کانپوءِ اَسُر جا 4.30 بجه کن ٿيا، ته مان گاڏين جو واءُ سواءُ لهڻ لاءِ اٿي ڪري، هٿ منهن ڌوئي اندر پليٽ فارم تي اچي چڪر هڻن لڳس. پورو پليٽ فارم ڄڻ سنسان لڳو پيو هئو. سائينءَ جي مهر سان هڪ سنهڙو سيپڪڙو سردار گڏجي ويو، جنهن جي پڇڻ تي مون جڏهن کيس ”ڊيليڪس ايڪسپريس“ ۾ رتلام وڃڻ جو ٻڌايو ته هن صلاح ڏني ته آنءُ هينئر به پنهنجي un reserved ورتل ٽڪيٽ تي ان ساڳي ٽرين ۾ برٿ رزرو ڪرائي سگهان ٿو. هن اشراف پڇڻ ئي پليٽ فارم تي گهمندڙ هڪ ڪاري ڪوٽ واري شخص سان ڳالهايو، جيڪو به اتفاق سان پاڻ ئي ڊيلڪس ايڪسپريس جي هڪ ڪوچ جو ڪنڊڪٽر نڪري پيو. ان ڪنڊيڪٽر ويچاري به سردار طرفان مون لاءِ هڪ برٿ ڏيڻ واري عرض تي فٽافٽ کيسي مان رسيد بوڪ ڪڍي چارٽ ڏسي هڪ برٿ رزرو ڪري ڏنو ۽ صرف پنج رپيا جيڪي ورتائين ان جي رسيد به ڪڍي ڏنائين.
    اڄ اُهي ڳالهيون صرف ياد به ڪيان ٿو ته لڳي ٿوته يا ته انهن ڏينهن ۾ اڃا رشوت جي مرض ناسور جو روپ ڪو نه ورتو هوندو ۽ سرڪار به اڃا لٽيرن وارا ڪم شروع ڪو نه ڪيا هئا. جو هينئر ته بغير رزرويشن واري دٻي لاءِ ٽڪيٽ هڪ اگهه تي هوندي آهي ته ساڳي ئي ڪلاس واري رزروڊ ڪوچ لاءِ ٽڪيٽ جو اگهه به بيحد وڌيل هوندو آهي، جنهن جي مٿان وري هيوي رزرويشن چارجز، اُهي به جيتريون راتيون لڳنديون ته چارج وڌندي رهندي!
    پوءِ جڏهن ٿوري دير ۾ منهنجي گاڏي به پليٽ فارم سان لڳڻ واري هئي ته آنءٌ ڪلوڪ روم مان وڃي پنهنجو سامان کڻي آيس ۽ گاڏي جي اچڻ تي پنهنجي مقرر رزرو ڪوچ ۾ چڙهي ويهي رهيس. اُن سنهڙي سيپڪڙي سردار کي ڪو الله مون ڏي موڪليو هو. نه ته پبلڪ ڪوچ ۾ جيڪر حالت ئي خراب ٿي وڃي ها! اتفاق وري اهڙو ٿيو، جو منهنجي سيٽ جي ڀر ۾ ئي هڪڙا ٻه شخص آيا جيڪي پڻ رتلام ذريعي اندور هلڻا هئا. انهن سان ڳالهيون ڪندي ڪجهه ڪجهه آٿت ٿيڻ لڳو. اُهي ٻئي ڄڻا اندور جي ڪنهن ڪاليج ۾ ليڪچرر هئا ۽ هينئر امرتسر گهمڻ کانپوءِ واپس وڃي رهيا هئا.
    ٽرين پنهنجي مقرر ٽائيم تي امرتسر کان بمبئيءَ لاءِ نڪتي رزرو دٻو هئڻ سبب هيٺين وڏي سيٽ تي به صرف ٽي ٽي ماڻهو بيحد خلاصا ويٺل هئا. جنهن سبب بلڪل آرامده سفر ٿي رهيو هو. هاڻ آهستي ڏينهن به ٿيندو پئي ويو ۽ دريءَ کان ٻاهر نهاريندي هندستان جي ڳوٺن ۽ مختلف شهرن کي ڏسندي هڪ عجيب احساس ٿي رهيو هو. هن ٽرين کي ان مهل ”پشچم سُپر ڊيلڪس ايڪسپريس“ ۽ ٿوري ۾ صرف ڊيلڪس ايڪسپريس ڪري چيو ويندو هئو، جنهن کي اڳتي هلي بعد ۾ صرف ”پشچم ايڪسپريس“ نالو ڏنو ويو. اها ٽرين بمبئي ۽ امرتسر وچ ۾ هلندڙ آهي، جنهن ۾ بمبئيءَ کان اچڻ مهل هڪ ڪوچ ”ڪالڪا“ اسٽيشن لاءِ به لڳايو ويندو آهي، جنهن کي ”امبالا“ جنڪشن تي الڳ ڪندي ”ڪالنا“ موڪليو ويندو آهي ۽ ساڳئي نموني امرتسر کان بمبئي موٽڻ مهل وري ڪالڪا کان آيل اهو ساڳيو ڪوچ بمبئي لاءِ ان ٽرين سان جوڙيو ويندو آهي ڪالڪا کان شملا ٽرين ذريعي ڏاڍو ويجهو آهي. هي ٽرين بمبئي ۽ امرتسر وچ ۾ 1821 ڪلوميٽرن جو سفر پوڻن ٻٽيهن ڪلاڪن ۾ اٽڪل ساڍا اڻوجاھ ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان طئي ڪندي آهي.
    گهڻو ڪري ويسٽ پنجاب (پاڪستان) ۽ ايسٽ پنجاب (هندستان) جون زرعي زمينون هڪجهڙيون ئي نظر پئي آيون ۽ هنڌ هنڌ تي ڏاڍي ساوڪ سبزي جي لڳي پئي هئي. امرتسر کان جيئن ئي نڪتا سين ته ٽرين جو ڪنڊيڪٽر اسان سڀني مسافرن جون ٽڪيٽون چيڪ ڪري ويو. جتي هر هڪ دٻي لاءِ هڪ ٽڪيٽ ڪليڪٽر ٿئي ٿو. جيڪو پنهنجي پنهنجي ڪوچ جو چارٽ سنڀاليندي اڻ رزرو سيٽس مسافرن کي الاٽ ڪندو هلي ٿو.
    گاڏي تقريبن ساڍا اٺ ڪلا سفر طئي، ڪندي، دير دير منجهند جو نيو دهلي اسٽيشن تي پهتي. هيل تائين اسين 448 ڪلوميٽر سفر ڪري چڪا هئاسين، پر رتلام تائين اڃا به 731 ڪلوميٽرن جو سفر باقي هو. هتي هندستان ۾ هر هڪ لانگ ڊسٽنس ٽرين ۾ هڪ دٻو ڪيٽرنگ سروس جو ضرور لڳايو ويندو آهي. جيڪو پنهنجي مقرر وقت تي رستي تان تازي تازي تيار ٿيل ماني کڻندو هلندو آهي ۽ سمورا مسافر ان سهولت جو فائدو وٺندي مناسب قيمت تي ماني وغيره کائي سگهندا آهن. اسان کي رتلام لاءِ اڃا به ٻارهن ڪلاڪ کن ٻيا به لڳڻا هئا. سو دهليءَ کان گاڏي نڪتي ته ڪيترائي مسافر ڏينهن جو به ننڊو ڪرڻ لڳا رتلام پهچندي پهچندي رستي تي گنگاپور ۽ ڪوٽا جون اهم ريلوي اسٽيشنون پڻ اچڻيون هيون.
    جيئن ئي ٽرين نيو دهليءَ کان ٻاهر نڪرندي اڳيان هلي ته اسان واري دٻي ۾ هڪ نئون چيڪر آيو، جيڪو شايد اڳين تڪيٽ چيڪر جي ڊيوٽي دهليءَ تي ختم ٿي ويئي هوندي. هاڻ هن نئين همراهه ٻيهر پنهنجا رزرويشن وارا چارٽ سنڀاليندي پوري دٻي جي وري چيڪنگ شروع ڪئي. مون پنهنجو بسترو جيڪو مقدار ۾ چڱو ئي ٿلهو پئي لڳو. ان کي هيٺ ئي سيٽن جي وچ تي رکي ڇڏيو هو. جو جيڪڏهن مٿي واري برٿ تي رکان ها ته سمهي ڪو نه سگها ها! هاڻ همراھ اچڻ سان ئي اُن بستري ڏانهن اشارو ڪندي پڇيو ته ” ڪنهن جو آهي؟“
    پوءِ منهنجي مالڪيءَ تي ان همراهه چيو ته منهنجو سامان قانون طور مليل فريءَ واري سهولت کان وڌيڪ آهي، جنهن لاءِ هن بستري ۽ ان سان گڏ منهنجي ٻئي سموري سامان کي تورڻ شروع ڪيو. مون سوچيو ته ڪسٽم وارن هڪڙن جلادن مان نڪتاسين ته هاڻ ٻين جي ور چڙهيا آهيون! جيئن مونکي خبر هئي ته بستري کي تور کان ٻاهر رکيو ويندو آهي، پر هو همراھ اصل مڙڻ وارو ڪو نه هو. آخر حساب ڪري 34 رپيا کن مون مسڪين کان وٺي رسيد ڏنائين تڏهن مس وڃي جان ڇڏيائين. وري به الله پاڪ جا لک شڪرانا جو آندل ٽيهه آمريڪي ڊالر اڃا تائين هلي رهيا هئا نه ته اڳ اسان ڪڏهن 1964ع ۾ هندستان گهمڻ آيا هئاسين ته رستي تي امڙ جي سوني منڊي به وڪڻڻي پئي هئي ۽ ايئن ڪنهن اسٽيشن سامهون ڪنهن به دوڪاندار ادا پريم کي ان سوني منڊي جو اگهه ڪهڙي حساب سان ڏنو هوندو، اهو سڀ اسين سمجهي ٿا سگهون ته اصل مڏي پاڪيءَ سان ڪوڙي ڇڏيو هوندائين.
    ان ٽڪيٽ چيڪر مان جان ڇڏائي هيڏانهن هوڏانهن ڏٺم ته دهليءَ جي آگسٽ واري گرميءَ سبب هاڻ سڀ مسافر پنهنجي پنهنجي برٿ تي سمهندي آرام ڪرڻ جا سانباها ڪري رهيا هئا، سو آءٌ به پنهنجي مٿين برٿ تي وڃي سمهي پيس. الائي ننڊ آئي يا نه، ياد ناهي پر مستقبل ۾ مون سان ڇا ٿيڻو هو ان لاءِ پڪ ئي پڪ پاڻ کي تيار ڪري رهيو هئس ته هاڻ اهي سڀ ڏک سور مونکي اڪيلي ئي سهڻا پوندا! باقي هتان جا ماڻهو ته ايڏا ڪٺور ۽ سخت دل آهن، جو اڳ 1970ع دوران جڏهن اسين گهمڻ آيا هئاسين ته خيرپور کان بمبئيءَ لاءِ هلندڙ ٽرين ۾ مٿين برٿ واري هڪ ٿلهي متاري سردار ڪنهن اسٽيشن تان ٻاهران بيٺل لسي وڪندڙ ڇوڪري کان لسي وٺندي ايترو ته آهستي آهستي پيتي هئي، جو اصل هن جي نيت ۾ ئي خلل پئي نظر آيو ته گاڏي هلي وڃي ته خالي گلاس به لمائي ڇڏجي، لسي جا پئسا به نه ڀرجن. هاڻ هيءَ همراھ، جڏهن نه ته گلاس واپس ڏئي رهيو هو ۽ نه ئي پيسن لاءِ ڪنهن کيسي ۾ هٿ وڌو هئائين. ته اهڙي صورت ۾ اهو ويچارو مسڪين ڇڪرو هلندڙ گاڏيءَ ۾ چڙهي ئي پيو هئو پوءِ سردار کان ته گلاس به ورتائين ۽ پئسا به، پر ان سخت دل سردار کي ذري به احساس ڪو نه هو ته ان غريب ڇوڪري کي تيز رفتار گاڏي ۾ بي گناھ هڪ ڪلاڪ جو سفر کان پوءِ اڳيان هلي لهڻو پوندو. اهو رات جو وڳڙ هئو ڪيئن پنهنجي شهر ڏانهن واپسي ايندو غريب سان ڇا ٿيندو اُن سان ڄڻ سردار جو ڪو واسطو ئي ڪو نه هئو پوءِ ته ان معصوم ڇوڪري ويچاري اسان ٻارڙن سان ڳالهيون ڪندي ٻڌايو ته هاڻ کيس موٽڻ لاءِ چڱي وقت کان پوءِ گاڏي ملڻي هئي تيسين وقت ڪاٽڻ لاءِ کيس ڪنهن سئنيما ۾ وڃي فلم ڏسڻو پوندو، جيسين سندس واپسي واري گاڏيءَ جو ٽائيم ٿئي! هتان جا ماڻهو به ڪي اهڙا ته ڍيڍ هئا جو ڪنهن به اُٿي ڪري اُن سخت دل انسان کي چنبا نه هنيا هئا ته بابا! هن معصوم جي رات ڇو خراب ڪري ڇڏيئي!! (هلندڙ)

    عوامي آواز سنڊي ميگزين 5 اپريل2015

    _____
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    قسط 4

    ڳالهائڻ جي ضرورت ئي ڪو نه هئي!

    ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي

    ’ڊيلڪس ايڪسپريس‘ ٽرين امرتسر کان 1179 ڪلوميٽر جو سفر طئه ڪري ٻئين ڏينهن 20 آگسٽ تي سوير ئي صبح جو رتلام اسٽيشن تي پهتي. ان طرح اسين پنجاب، دهلي، راجستان ۽ يو. پي پار ڪندي هينئر مڌيه پرديش ۾ پهتا هئاسين. مون ۽ منهنجي ڀر ۾ ويٺل ٻن اندور وارن ليڪچررس پنهنجو پنهنجو سامان لاهي هيٺ ڪيو. هنن کي جيئن ته خبر هئي، ته اهڙي صورت ۾ اسين سڌو ئي پنهنجو پليٽ فارم بدلائيندي ميٽر گيج طرف آياسين؛ جتي اندور وڃڻ واري پيسينجر ٽرين اڳواٽ ئي بيٺل هئي. هنن همراهن جي ڄاڻ موجب اسان جي رزرويشن پڻ اندور تائين هلڻي هئي؛ سو ان ٽرين ۾ به اسين سڌو ئي اچي ’ٿري ٽائر رزروڊ ڪوچ‘ ۾چڙهياسين. ان ميٽر گيج ٽرين جا دٻا به ٿورو ننڍا ٿين ٿا. گهڻو اڳ برٽش دؤر ۾ اسان وٽ پاڪستان ۾ به ڪنهن طرف اها ميٽر گيج ٽرين هلندڙ هئي، پر پوءِ اسين جيئن ئي وڏا ٿياسين ته اُتي ڪٿي به ميٽر گيج لائين ئي نظر ڪو نه ايندي هئي ۽ صرف براڊگيج واريون ريل گاڏيون هلنديون هيون.

    هاڻ ’رتلام جنڪشن‘ تان اها پيسنجر ٽرين ڄڻ ڳوٺن نما اسٽيشنن تان ٿيندي اندور طرف اڳتي وڌي رهي هئي. هيءُ اهو هندوستان هئو، جيڪو اسين گهڻي وقت کان فوٽن توڙي فلمن ۾ ڏسندا هئاسين. غريباڻا گهر، جن تي مٿان اُبتي انگريزي ’وي‘ نماڇت هئي. اها ان ڪري ڏني ويندي آهي جو هتي هر سال چوماسي وارا چار مهينا ايڏي ته تيز بارش پوندي آهي جو ڳوٺاڻن جا اجها به ڀُري پوندا آهن؛ جنهن کان بچاءَ لاءِ ته جيئن برسات جو پاڻي ٻنهي طرفن کان لاهيءَ سبب هيٺ وهي وڃي ۽ اُهي مسڪين ويچارا ڪنهن چار ديواريءَ اندر صحيح سلامت رهي سگهن.

    رستي تي ڪنهن هڪ چڱيرڙي اسٽيشن تي ڪيترائي ماڻهو لهي هيٺ ٿيا ۽ پليٽ فارم واري ’ٽي اسٽال‘ تي چانهن پيئڻ لڳا. صبح جي مهل تي ٿوري جهڙالي موسم ۾ ڪنهن ڳوٺ جي کليل پليٽ فارم تي ڏاڍو سٺو لڳي رهيو هئو. هڪ عجب واري ڳالهه اها هئي ته ان ٽي اسٽال تان هر هنڌ کي ٺڪر جي ٺاهيل ڪوپ ۾ چانهن پئي ڏني ويئي؛ جيڪو پيئڻ کانپوءِ ڊسٽ بن ۾ ڦٽو پئي ڪيو ويو. مون به ٻين سان گڏ اها چانهن پي ڏٺي ته ريلوي اسٽيشن جي لحاظ کان ڏاڍي سٺي ۽ ڪڙڪ چانهن لڳي. جو ڳوٺن ۾ اڃا تائين ڪجهه ڪجهه سچائي ۽ ايمانداري باقي هئي. ان ٺِڪر واري مگ کي اڳتي هلي لالو پرساد يادوَ پڻ پنهنجي ريلوي منسٽري واري دؤر ۾ ڪجهه حصن ۾ لازمي ڪيو هئو ته ڪنڀرن جو ڀلو ٿي پيو هئو.

    اها پيسنجر ٽرين 119 ڪلوميٽر جو سفر ٻه ڪلاڪ پنجٽيهه منٽن ۾ طئه ڪندي ۽ رستي تي 13 الڳ الڳ اسٽيشنن تي بيهندي پنهنجي آخري منزل ’اندور‘ پهتي. اڄ موسم به اڃا تائين جهڙيالي هئي. آءُ، پنهنجو سامان کڻي اندور (ايسٽ) طرف ٻاهر نڪري آيس. هتي هندوستان ۾ هر شهر ۾ اسٽيشن کان ٻاهر نڪرڻ مهل اهو خاص ڌيان ڏيڻو پوندو آهي ته هر هڪ مسافر کي پنهنجي منزل جي حساب سان اسٽيشن جي اوڀر يا اولهه طرف نڪرڻو پوندو آهي، نه ته ٻي صورت ۾ ٽانگي ۽ رڪشائن وارا هرو ڀرو وڏو پنڌ چئي پنهنجو ڀاڙو وڌائي ڇڏيندا آهن. اندور ۾ منهنجا ماما اُتان جي پوش ڪالوني ’پلاسيا‘ ۾ رهندڙ هئا، جتي مون کي وڃي صرف لهڻو هئو ۽ سامان رکڻو هو؛ پر اسان جيئن ته اُتي اڳ به اچي چڪا هئاسين ته مونکي گهڻو وقت پنهنجي ناناڻن نه پر پنهنجي امڙ جي مامن وٽ رهڻو هئو، جو اُهي اسان کي ڏاڍو ڀانئيندا هئا.

    [​IMG] ان زماني ۾ اڃا تائين ٽانگا هلندا هئا ۽ آٽو رڪشا کان به ڪجهه گهٽ ڀاڙو وٺندا هئا؛ سو آءُ، به ٻاهر نڪري هڪ ٽانگي واري سان ڳالهائي ان تي سامان رکي چڙهي ويهي رهيس. جيڪڏهن ڪنهن محبوب خان جي پراڻي فلم ’آن‘ ڏٺي هوندي ته ان ۾ دليپ ڪمار ٽانگو هلائيندي ڏيکاريو ويو آهي، جنهن ۾ پٺيان ڄڻ هڪ ڪيبن ٺهيل هوندي آهي ۽ هتي جيئن ته ڏاڍي برسات پوندي آهي، سو اُن ۾ مٿي چڙهي داخل ٿيڻ لاءِ پڻ پٺيان دروازو هوندو آهي. اڄ ڪلهه واري مشيني دور ۾ اهي ٽانگا ته هاڻ ڄڻ ختم ئي ٿي ويا آهن؛ پر سائيڪل رڪشا جنهن کي اڳيان ويٺل هڪ ماڻهو پيڊل تي زور ڏيندي هلائيندو آهي؛ اُهي اڄ سوڌو ننڍا شهر ته ڇڏيو پر خود دهليءَ به وڏي تعداد ۾ نظر اينديون آهن، جڏهن ته بمبئيءَ طرف اهي سائيڪل رڪشائون ڪڏهن شروع ئي ڪو نه ٿيون هيون ۽ هاڻ پڻ اُتي ڪونه هونديون آهن.

    اندور جي پلاسيا ڪالونيءَ ۾ناناڻي گهر پهتس ته ٽانگي تان سامان لاهي هيٺ رکيو. منهنجي ناني ۽ ٻه ماما ڀڄن لال ۽ امر لال ٻاهر نڪري آيا. مون کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيا، پر انهن ڏينهن ۾ ٽيلي ڪميونيڪيشن جي پوري سهوليت نه هئڻ سبب کين منهنجي اچڻ جي تفصيلوار ڄاڻ ئي ڪو نه هئي نه ته جيڪر اسٽيشن تي به وٺڻ اچن ها!

    17 آگسٽ تي لاڙڪاڻي جي آبائي سرزمين کي الوداع ڪندي ٽي ڏينهن پوءِ هاڻ 20 آگسٽ تي پلاسيا، اندور ۾ پنهنجي ناناڻن وٽ پهچي ڪجهه ڪجهه سڪون ته محسوس ٿيو؛ پر جيئن ته هيل تائين اسين ڀائر ڪڏهن به الڳ ئي ڪو نه ٿيا هئاسون ته دل جي ڪنهن ڪنڊ ۾ اُهو احساس به هر هر ستائي رهيو هئو. ٽن ڏينهن کان وهنجڻ ڪو نه ٿيو هو ته ڄڻ حال ڀيلا لڳا پيا هئا؛ سو پهرين ته وهنجي سهنجي فريش ٿيس. ايتري ۾ اچي منجهند به ٿي ۽ آءُ ٻاهر نڪري ڀرسان پنهنجي امڙ جي وڏي مامي سترام داس سان سندس ڪريانه جي دوڪان تي وڃي ملي آيس.

    پوءِ نانيءَ جي گهر مان پنهنجو پاسپورٽ ۽ ويزا وارا ڪاغذ کڻي آءُ شيئر ٽيمپو (جنهن ۾ ست مسافر هوندا آهن) تي چڙهي وچ شهر پار ڪري اصل ٻي ڪنڊ راڌا نگر ڪالوني ۾ امڙ جي ماما سڳنو مل وٽ ويس. بيحد پاٻوهه منجهان مليا. ان هڪ بنگلي جي ٽن الڳ الڳ حصن ۾ وڏو ماما سترام داس؛ ننڍو ماما ساڌو رام ۽ وچون ماما سڳنو مل رهندڙ هئا؛ جڏهن ته گرائونڊ فلور کانسواءِ بنگلي جي کليل ٽيرس ٽيئي گڏجي ڪم آڻيندا هئا. مون سان ٽيئي ماميون توڙي ماما سڳنومل جا پُٽَ ديال، ستيه پال، ايشور ۽ نياڻي ايشوري، جنهن کي اسين پيار مان ’ايشان‘ ڪري سڏيندا هئاسين؛ ڏاڍي سڪ مان گڏيا.

    آءُ اتي ڪجهه ريفريشمينٽ ڪري چانهن پي وچئين ماما سڳنو مل کي ساڻ ڪري اندور جي مشهور چوڪ راڄ واڙا لڳ ايس. پي. آفيس جي هڪ حصي ۾’فارينرس رجسٽريشن آفيس‘ ۾ اچي پاسپورٽ ڏيکاريندي پنهنجي ويزا جا ڪاغذ جمع ڪرايا، جن وري ڪجهه ڪاغذي ڪارروائي ڪندي منهنجي 90 ڏينهن جي وزيٽر ويزا وٺندي اهڙي ٽن مهينن واري ’ريگيولر پرمٽ‘ ٺاهي ڏني. انهن ڏينهن ۾ پاڪستان مان هتي مستقل طور اچڻ لاءِ انڊين هاءِ ڪميشن، اسلام آباد وارن اسان کي هميشه واري لڏپلاڻ جا ڪاغذ جاري ڪرڻ ئي بند ڪيا هئا؛ سو هينئر ان وزيٽر ويزا تي اچي ڪري 90 ڏينهن اندر ڪهڙي ڏينهن به اُتان جي سپرنٽينڊنٽ آف پوليس اندور کي هتي هندوستان ۾ هميشه رهڻ لاءِ درخواست ڏيندي صرف هيٺين ڪاپيءَ تي صحيح وٺڻي هئي. بس! پوءِ اُها ٺپو لڳل ڪاپي سنڀاليندي آءُ هڪ سال ٻيو به هتي هندوستان ۾ رهي پئي سگهيس.

    ان وچ ۾ ٻيون به گهڻي ئي ڪارروايون بجا آڻڻيون هيون؛ جو لڏپلاڻ جي ڇهه مهينن اندر انڪم ٽيڪس ڊپارٽمينٽ مان پنهنجي نالي تي پيسا وائيٽ ڪرائڻا هئا، ڇهن مهينن کانپوءِ ڀارت سرڪار کي هتان جي نيشنلٽيءَ لاءِ درخواست فارم ڀري ڏيڻو هو. جيسين انهن ڳالهين جو وقت اچي تيسين شام جو آءُ، پلاسيا ڪالونيءَ ۾ناناڻن وٽ وڃي ماما امر لال کي ساڻ ڪري سندس گهر ڀرسان هندوستان جي مشهور سنڌي اديب ڪرشن کٽواڻيءَ سان وڃي گڏيس، جنهن لاءِ هڪ چٺي منهنجي استاد، پروفيسر ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد ’سنڌي‘ صاحب ڏني هئي؛ ته جيئن هو مون لاءِ سنڌيءَ جي ليڪچررشپ وٺرائي ڏيڻ ۾ ڪجهه مدد ڪري سگهي ۽ لاڙڪاڻي ۾ اسان جي گهر جي سامهون رهندڙ ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ پڻ هن لاءِ ڪجهه فوٽو گراف ڏنا هئا، اُهي به کيس سنڀالي ڏنم. پر پهرئين ئي ڏينهن بسم الله ڪجهه چڱي ڪو نه ٿي. هن ڊاڪٽر عبدالمجيد ’سنڌي‘ صاحب جي چٺي پڙهي ايترو ته ساڌارڻ نموني جواب ڏنو، ته ”هتي اندور ۾ سنڌي سبجيڪٽ پڙهايو ئي ڪو نه ويندو آهي“. اهڙي صورت ۾ هن جي سائين مجيد صاحب لاءِ جوابداري اُتي ئي ختم ٿي ويئي هئي، باقي سوڀي گيانچنداڻيءَ وارو فوٽو وٺي پاسي ۾ رکيائين ۽ جيڪڏهن ليڪچررشپ نه ته ٻي ڪهڙي اخلاقي مدد ڪري پئي سگهيو؛ ان لاءِ ته ڳالهائڻ جي ڪجهه ضرورت ئي ڪو نه هئي!

    17 آگسٽ 1977 تي آءُ لاڙڪاڻي جي سرزمين کي الوداع ڪئي هئم. ان کان هڪ ڏينهن اڳ 16 آگسٽ تي شام جو مان پنهنجي اُستاد ميمڻ عبدالمجيد سنڌي صاحب کان سندس گهر لاهوري محله ۾ موڪلائڻ ويو هوس، سائين جن کي مون مسڪين سان ڏاڍو پيار هو؛ بيحد شفقت هئي. انهن جي راهنمائيءَ ۾ ”لاڙڪاڻي جي هندن جون سنڌ ادب لاءِ خدمتون“ موضوع تي منهنجو ايم فل لاءِ تحقيق جو ڪم هلي رهيو هئو. گهڻو ڪم ته آءُ اڪلائي ئي چڪو هوس. انهن جا احسان آءُ هن جنم ۾ ته ڪونه لاهي سگهندس! پر شايد پيءُ پٽ جو رشتو ئي اهڙو هوندو آهي؛ جو اسين پنهنجي بزرگن کان مليل فيض موٽائي ئي نه سگهنداسين! ميمڻ صاحب کي جڏهن خبر پيئي ته آءُ هميشه لاءِ هندوستان وڃي رهيو آهيان ته پاڻ ايڏي ته پاٻوھه ۽ موهه منجهان چيو هئائون ته تنهنجو ايم فل جو ڪم مڪمل ٿيڻ وارو آهي؛ اهو پورو ڪري پوءِ ڀل وڃين ها! ”ان جي باوجود به هنن منهنجي همت نه ٽوڙي ! پاڻ تڙ تڪڙ ۾ به ٻه خط لکي ڏنائون. هڪ اندور ۾ رهندڙ ڪرشن کٽواڻيءَ لاءِ ۽ ٻيو بمبئي ۾ اسماعيل يوسف ڪاليج واري فارسي پڙهائيندڙ پروفيسر ڊي.ڪي منشاراماڻيءَ لاءِ هئو. انهن ٻنهي خطن ۾ پنهنجي دوستن کي منهنجي گهڻي پارت ڪئي هئائين؛ ته نئين اجنبي زمين تي اُهي منهنجي جيتري به راهنمائي ڪري سگهن ته سائين جن کي خوشي ٿيندي!

    مان به ائين پيو سمجهان ته اندور يونيورسٽي اصل منتظر لڳي پيئي آهي، ته ٻلديو اچي ۽ اسان وٽ سنڌي ڊپارٽمينٽ جو واهرو ٿئي! ان لاءِ ئي ته ڪيئن مان تڙ تڪڙ ۾ اندور جي ’ايس پي آفيس‘ مان فارينرس رجسٽريشن آفيس کان ٽن مهينن جي ريگيولر پرمٽ وٺي تڪڙو تڪڙو پلاسيا ڏانهن موٽي آيو هوس ته اڄ ئي ڪرشن کٽواڻيءَ سان ملي ڇڏيان؛ کيس ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد ’سنڌي‘ صاحب جي چٺي ڏيندس ته جيئن هو هتي ٽيهن سالن کان رهندڙ آهي ته ضرور ڪجهه نه ڪجهه ڪري وٺندو! مون کيس ٻڌايو به ته مان گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ ٽن سالن کان هلندڙ سنڌيءَ جي ليڪچررشپ ڇڏي آيو آهيان، ائين ته مون کي سنڌيءَ سان گڏوگڏ اڪنامڪس جي پوسٽ گريجوئيشن به هئي، پر جنهن انداز سان هن سائين جن جو خط پڙهي پاسيرو رکيو ۽ اهو چئي جان ڇڏائي، ته هتي اندور يونيورسٽي ته ڇڏيو پر ڪٿي به سنڌي مضمون پڙهايو ئي ڪو نه ويندو آهي؛ ته جيتوڻيڪ آءُ کيس سندس دوست سوڀي گيانچداڻيءَ جا موڪليل فوٽو به ڏنا هئا، پوءِ به دل ئي نه چيو ته کيس اهو ٻڌايان ته منهنجي ٻي به پوسٽ گريجوئيشن آهي يا جيڪڏهن ليڪچررشپ ممڪن ناهي ته مون کي پيرن تي بيهڻ لاءِ فوٽو اسٽوڊيو کولڻو پوندو، جيڪو لاڙڪاڻي ۾ به مان قائم شاھه بخاريءَ جي درگاھه کان ٿورو ئي اڳيان ذوالفقار علي ڀُٽي صاحب جي بنگلي طرف وڌندي ’انڊس آرٽ اسٽوڊيو‘ نالي هلائيندو هوس ۽ اهو ڪم ڪندي به مون کي سماج کان ايڏي ته عزت ملندي هئي، جو خود اُتان نڪرڻ کان ٻه ڏينهن اڳ ’سپاف‘ وارن طرفان مون ذوالفقار علي ڀٽو صاحب جي فرزند مرتضيٰ ڀُٽي صاحب جا ڪجهه فوٽو ڪڍيا هئا، جي به جلد ئي ٺاهي ٻئين ڏينهن 16 آگسٽ تي ’سپاف‘ وارن کي پهچائي به ڇڏيا هئا ته جيئن ايندڙ ڏينهن 17 آگسٽ تي پنهنجي نامعلوم سفر تي نڪري سگهان!

    خير! ڪرشن کٽواڻي صاحب ڀل مون کي ڪو به دلاسو ڪو نه ڏنو؛ ان جو مون کي ڪو به اونو ڪو نه هئو پر جڏهن کيس پنهنجي ئي گهر ۾ هڪ سنڌي اديب کي مون پاڻ جيڏن پنهنجن ئي ٻارن سان هندي ڳالهائيندي ٻڌو هئم ته رهيو کُهيو آسرو به لاهي ويٺو هوس ته ٻيلي هنن همراهن مان ڪجهه نه ٿيڻو آهي، ٻوٽو پاڻ کي ئي ٻارڻو پوندو! وڌيڪ الله واهي آهي! ڪو به دم دلاسو نه ملڻ جي صورت ۾ کانئس موڪلائي ٻاهر نڪرندي نااميد نه هوس؛ پر الائي ڪهڙي هڪ ازغيبي قوت منهنجي دل ۽ دماغ ۾ موجود هئي ته ”جيڏو الله تيڏو آسرو! پاڻيهي ڪجهه نه ڪجهه ٿي پوندو! هاڻ فوٽو اسٽوڊيو کولڻ لاءِ جاچ ڪبي!

    پوءِ ته مان وقت وڃائڻ کانسواءِ ئي روز ڪونه ڪو دلال ساڻ کڻي مختلف بازارن ۾ هتي هُتي دوڪان ڏسڻ لڳس. عجب ته اهو هئو جو اندور جيڏي خوبصورت ۽ مڌيه پرديش جي نمبر ون شهر هوندي به اُتي دوڪان ڪافي سستا ملي رهيا هئا. مون ننڍڙي عمر ۾ به لاڙڪاڻي ۾ اسٽوڊيو هلائيندي اهو سبق پِرائي ورتو هئو ته ٻه پيسا مٿي ڀري به اسٽوڊيو مارڪيٽ ۾ ئي کولجي؛ الله سائين ڪندو ته پنهنجو پاڻيهي هلي پوندو. منهنجي وڏي مامي ڀڄن لال جي هڪ سالي رميش لال کي پڻ ڪنهن گهٽيءَ ۾ اسٽوڊيو هئو، جنهن سان وڃي ملي آيس؛ ان مون کي چڱي همت ڏني. مون ڏٺو ته هتي هندوستان ۾ گهٽيءَ ۾ اسٽوڊيو هلائيندڙ به سٺا آرٽسٽ هئا ۽ هتي فوٽوگرافڪ پيپر جا به الائي ڪيترا نمونا پئي مليا. انهن همراهن جو بهترين آرٽ ڏسي دل جي ڪنهن ڪنڊ ۾ ڪجهه ڪجهه ڊپ به ٿيندو هو؛ پر هرو ڀرو منهجي اعتماد کي ڌڪ پهچي، ائين ڪونه هو. ڀاءُ رميش پنهنجي اسٽوڊيو ۾فلم اسٽار ڌرميندر سان بمبئيءَ ۾ ڪڍرايل فوٽو لڳائي رکيو هئو، جيڪو ڏسي ائين لڳندو هو ته مون کي انهن جي مقام تي پهچندي ڏينهن لڳي ويندا!

    ڪجهه ڏينهن اندور ۾رهي سيپٽمبر جي پهرين هفتي ۾آءُ بمبئيءَ لڳ سنڌين جي هيڊ ڪوارٽر الهاس نگر جو به چڪر لڳائي آيس؛ جو اُتي منهنجي سڄي برادريءَ وارن جا گهر ۽ امڙ جي طرفان منهنجي وڏي ماسي، ماسڙ ۽ ماسات به اُتي ئي رهندڙ هئا. هتي اسين اڳ گهڻا ئي 1959، 1961، 1964 ۽ 1970 آيا هئاسين، ٻالڪپڻ کان اڄ تائين جڏهن به آياسين ته پنهنجي هڪ سؤٽ دادا گلابراءِ وٽ امانتوڪجهه نه ڪجهه رکي ويندا هئاسين؛ ان لاءِ ته جڏهن به هميشه لاءِ اينداسين ته پوءِ کانئس وٺنداسين، سو هينئر آءٌ الهاس نگر اچي ماسي ۽ ماساتن سان به مليس ته دادا گلابراءِ کي پڻ اهڙو اشارو ڏنو ته مون کي هاڻ جلد ئي پنهنجا پيسا واپس کپندا. هن به هڪدم هاڪار ڪيئي ته جڏهن به اهڙي گهرج ٿيندي ته هو فٽافٽ مون کي ڏيئي ڇڏيندو!

    الهاس نگر ۾ پندرهن ڏينهن کن رهيس ته ڪڏهن ڪڏهن پاڻ ئي بمبئيءَ وڃي ڪا به فلم وغيره ڏسي ايندو هوس. فلم جي ڳالهه نڪتي آهي ته 1970ع واري هندوستان جي دوري مهل ئي دراصل مون پنهنجو پهريون سفرنامو لکيو هو؛ جيڪا ڊائري مون کي هميشه گڏ هوندي هئي، هيڪر الهاس نگر جي ’سپنا سئنيما‘ جي ٽوائليٽ ۾ اها ڊائري رکي کڻڻ ئي ڀلجي ويس. پوءِ ته اصل ٿوري دير ۾ اچي ڏسان ته ڊائري ئي گم! ڏاڍو ڏک ٿيو. سئنيما جي مئنيجر کي ايڊريس نوٽ ڪرائي؛ پر اڄ سوڌو ڪو نه ملي سگهي! ڀل اُها ڊائري مون کي واپس ڪونه ملي، پر ان جو به هڪڙو فائدو ضرور ٿيو جو پنهنجو ڪچو ڦڪو سفرنامو لکندي ڪجهه ڪجهه هنن آڱرين کي رنڊا روڙڻ اچي ويا ۽ شايد اهو اُن هڪ هڪ عمل توڙي ننڍي هوندي کان لاڙڪاڻي ۾ ادبي ڪچهرين ۾ شرڪت ڪرڻ جو نتيجو هئو؛ جو سائين ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد ’سنڌي‘ صاحب سان اسڪولي زماني کان قربت نصيب ٿي؛ جتي اسان ٻارڙا پنهنجي بزرگن کان مليل اصلاحي سکيا جي نتيجي ۾ ننڍي هوندي کان ئي ڪجهه نه ڪجهه لکندا پئي رهياسين!

    ائين الهاس نگر ۽ بمبئي گهمي واپس اندور هليو آيس؛ پر الائي ڇو جيئن جيئن ڏينهن گذرندا پئي ويا ته آهستي آهستي منهنجو پاڻ مان اعتماد ئي کڄندو پئي ويو. هڪ ته اندور ۾ ڪيترن فوٽوگرافرن کي چپل ۾ گهمندو ڏسي يا معاشري ۾ سندن واجبي عزت نه ملندو ڏسي، ڪڏهن ڪڏهن آءُ پاڻ به نا اميد ٿي پوندو هوس ته فوٽو اسٽوڊيو ڪڍجي يا ماڳهين ئي جيڪڏهن نئون ڪم ڪرڻو آهي ته ڀل ٻيو ڪجهه ڪجي! پر ڇا ڪجي! اهڙي ڳولها ڪندي ڪنهن به نتيجي تي نه پهچندي ڄڻ پاڻ مان ئي اعتماد ڇڏائبو پئي ويو!

    عوامي آواز سنڊي ميگزين 12 اپريل 2015
    ___
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    قسط 5

    نه ٻڌايان ته مان سندس سؤٽ آهيان

    ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي


    اندور ۾ رهندي پنهنجي فوٽو اسٽوڊيو لاءِ دوڪان ۽ گهر جي ڳولا ڪندي ڏينهن گذرندا پئي ويا. هر هڪ ڏينهن جي گذري وڃڻ سان منهنجو پنهنجو پاڻ مان اعتماد به ڪجهه ڪجهه گهٽبو پئي ويو؛ ته آءٌ جو لاڙڪاڻي مان ڀائرن کان موڪلائي پٽڪو ٻڌي نڪتو آهيان ته هيل تائين ڪري ته ڪجهه به ڪو نه سگهيو آهيان. آءٌ اندور ۾ پورو ڏينهن پنهنجي امڙ جي وچئين ماما سڳنومل سان گڏ هوندو هوس. جو هو هڪ ته اسان کي سڀني کان وڌيڪ ڀانئيندو هئو ۽ منهنجي اندور ۾ پهچڻ سان هن پاڻ کي دماغي طور پڻ تيار ڪري ڇڏيو هئو ته ٻلوءَ (ٻلديو) کي ٿانئيڪو ڪرڻ لاءِ ڄڻ کيس خدا طرفان اها جوابداري مليل هئي. آءٌ رهندو به انهن جي ئي گهر؛ راڌا نگري ڪالونيءَ ۾ هوس ته صبح جو تيار ٿي اُن سان ئي گڏجي سندس اٽي جي چڪي (Flour Mill) تي ايندو هوس. جتي اسان جون ڳالهيون هلنديون ئي رهنديون هيون.
    ماما سڳنو مل واري اٽي جي چڪي ڄڻ مختلف ماڻهن جي ملڻ جو مرڪز به هئي. ماما سڳنومل جيئن ته سنڌ کان ئي فني سکيا ورتل ماڻهو هئو ته هو هر ڀيري ڪجهه ڏينهن رکي ڪنهن نه ڪنهن الڳ شهر ڏانهن نڪري پوندو هئو.هو اُتان وڃي ڊٺل ۽ سيڪنڊ هينڊ موٽر وٺي ايندو هئو. جن کي ٺاهي ٺڪي وري سٺي اگهه ۾ اندور ۾ وڪڻي ڇڏيندو هئو. ان لحاظ کان جنهن کي به ڪا سيڪنڊ هينڊ موٽر کپندي هئي ته ڪٿان به ڀٽڪندو ماما سڳنومل جي چڪيءَ تي اچي پهچندو هئو. هُن جي چڪي به چڱي خلاصي ٻن دوڪانن تي مشتمل هئي؛ جنهن لاءِ اندران وچين ڀت ئي ڪو نه ڏنل هئي؛ پر ماما دوڪان جي پوري هڪ حصي ۾ اهي ٺاهيل موٽرس رکي ڇڏيندو هئو ۽ باقي ٻئين حصي ۾ پورو ڏينهن اها چڪي پيئي هلندي هئي. هتان جي ۽ سنڌ وارين چڪين ۾ هڪ وڏو فرق اهو هئو ته سنڌ ۾ جيڪڏهن ڪڻڪ وغيره ڪجهه به پيهائڻ وڃبو هئو ته پهريان پورو دٻو توريندا هئا ۽ پيسائيءَ کان پوءِ تور جي حساب سان پيسا وٺي وري ٻيهر اوترو ئي اٽو تورَ ڪري ڏيندا هئا. پر هتي اندور جي پوري شهر ۾ اهو سنڌ وارو رواج بلڪل ڪو نه هئو. هتي صرف اناج کڻي وڃڻ مهل ان جي تورَ ڪئي ويندي هئي ته جيئن اوترا پيسا وٺي سگهج؛ باقي پيسائيءَ کان پوءِ جيترو به مالڪ جو اٽو مشين مان نڪتو ته سڌو ئي ان جي پنهنجي دٻي ۾ ڀريو ويندو هئو. پوءِ گهٽ وڌائيءَ سان چڪيءَ واري جو ڪو به تعلق ڪو نه هوندو هئو. بقول ماما سڳنومل ته ڪهڙي به چڪيءَ ۾ پيسائي ڪندي ڪجهه ڪجهه اٽو مشين توڙي پٿرن ۾ اٽڪي پوندو آهي؛ ان لاءِ جيڪڏهن ٻيهر توري مالڪ کي ڏبو ته پڪ ئي پڪ گهٽ نڪرڻ جي صورت ۾ چڪيءَ واري طرفان اڳواٽ ئي بي ايمانيءَ واري تور ڪندي مورڳو ئي مالڪ کي گهٽ اٽو ڏنو ويندو هوندو.!
    هر هڪ ڏينهن جي گذرڻ کان پوءِ شام ٿيڻ مهل جڏهن دوڪان تي بتيون ٻاريون وينديون هيون ته ان روشنيءَ کي هٿ جوڙيندي رب پاڪ جي شڪر ادائي ڪئي ويندي هئي ته هيءُ ڏينهن به گذري ويو! ان سڀ پوڄا پاٺ جي اسان کي سنڌ ۾ رهندي ته ڄڻ خبر ئي ڪو نه هوندي هئي؛ شايد ان ڪري سنڌ جي هندن توڙي مسلمانن کي اسين ڪهڙي به ڪٽرتا کان ڪوهين دور ڏسندا آهيون ۽ اُتي صرف بتيون ڀرڻ مهل ته ڇا پر يا ته سمورو ڏينهن سائينءَ سان گڏ هوندا آهن يا ته سنجها مهل به رسمي پوڄا پاٺ کان ڇٽل هوندا آهن. آءُ به هر روز شام جو ماما سڳنومل جي چڪيءَ تي رب پاڪ لاءِ سجدو ڪندي به ڄڻ نا اميد هوندو هوس ۽ ڪجهه به خبر ڪو نه هوندي هئي ته اڳيان ڇا ٿيڻو آهي!
    هڪ ڏينهن اندور جي مشهور راڄ واڙا چوڪ وٽ وچ شهر ۾ ميونسپالٽيءَ جو ٺاهيل هڪ ننڍڙو دڪان پئي مليو؛ جتي منهنجي لاءِ فوٽو اسٽوڊيو جو ڪم نڪري وڃي ها! سو مون به دلال کي ڪجهه ڏينهن ترسائڻ لاءِ تڪڙو ۾”ها“ ڪري ئي ڇڏي؛ جو اتي اندور ۾ مون وٽ جيترا به پيسا هئا اهي سڀ جو سڀ ڏيئي دوڪان ته وٺي پئي سگهيس؛ پر اسٽوڊيو کولڻ لاءِ لائئيٽس، ڪئميرا، انلارجر ۽ ٻيو ڪجهه فرنيچر وغيره ٺهرائڻ لاءِ به ته پيسن جي ضرورت هئي. سو مون دوڪان جو سودو ڪيو ئي نه؛ پر انهن کي ترسائي ماما سڳنومل وارن کان موڪلائي الهاس نگر پهچي ويس ته پنهنجي سڳي سؤٽ داد گلابراءِ وٽ رکيل پنهنجي سموري امانت واپس وٺان؛ جنهن لاءِ هن ڪجهه ئي مهينا اڳ سيپٽمبر ۾ مون کي اهڙي پڪ به ڏني هئي.
    آءُ به هينئر مٿس بار رکڻ لاءِ سڌو لٿس ئي وڃي دادا گلابراءِ جي گهر ۾؛ ته جيئن جلد ئي مون کي پنهنجا پيسا ڏيئي ڇڏي ته اندور وڃي پنهنجي ڪم کي لڳان! مان اندور مان منجهند جو ئي بس ۾ نڪري کنڊوا ريلوي اسٽيشن تان شام جو 5:00 وڳي کن بمبئي ويندڙ ’پنجاب ميل‘ پڪڙي ايندڙ ڏينهن تي پرهه ڦٽيءَ جو ئي ڪلياڻ ريلوي اسٽيشن تي پهچي ويندو هوس؛ جتان وري رڪشا ڪري صرف چار ڪلو ميٽر جي پنڌ تي الهاس نگر پهچڻو پوندو هئو. دادا گلابراءِ جي گهر صبح جو وهنجي تيار ٿياسين ته نينرن ڪري گڏجي ڀرسان ئي الهاس نگر -1 واري مين بازار ۾ سندس گيهه جي هول سيل دوڪان تي آياسين. ان مهل منهنجي عمر به ڪو ايتري وڏي ته ڪو نه هئي؛ جو دادا گلابراءِ سان برابريءَ جي بنياد تي ڳالهائي سگهان. سو دوڪان تي ويٺي جڏهن ڏٺو ته دادا کي ڪجهه واند ڪائي هئي؛ ته مون کيس پنهنجي الهاس نگر اچڻ جو سبب ٻڌايو ته مون وٽ جيترا پيسا آهن؛ انهن ۾ راڄ واڙا، اندور ۾ دوڪان ته وٺي سگهان ٿو پر فوٽو اسٽوڊيو کولڻ لاءِ وٽس رکيل اسان جا ئي پيسا مون کي واپس کپن ته جيئن آءُ پنهنجو ڪم ڪري سگهان! پيسن جو ٻڌي دادا يڪدم وراڻيو ته هيءُ ڊسمبر جو مهينو هلي رهيو آهي ۽ بينڪ سان اڪائونٽ سنڀاليندي ڪجهه تڪليف هوندي آهي؛ صرف ڊسمبر مهينو وڃڻ ڏيون، باقي پيسا ڀل مون کي پهرين جنوريءَ تي ئي ملي ويندا !
    دادا گلابراءِ جي اهڙي جواب مون کي ٿورو نه پر گهڻو ئي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو هئو ؛ جو اڃا ته ڊسمبر جو پهريون هفتو هلي رهيو هئو. هروڀرو انهن ڏينهن ۾ ته ڪهڙي به بزنس هائوس کي پيسن جي تڪليف ڪو نه ٿيڻ کپي! پر ان مهل منهنجي اهڙي ڪا پوزيشن به ڪو نه هئي جو ان بابت گهڻو ڪجهه سوچي پاڻ کي دماغي طور تڪليف ڏيان. مون کي وڌيڪ ته ڪجهه به سمجهه ۾ نه آيو ته هاڻ ڇا ڪجي! اسان جي سنڌي هندو سماج ۾ هڪ محاورو آهي ’انڌو ڇوڪر ۽ کوٽو ڏوڪڙ ٽڪاڻي حوالي‘ جيان مان به ڄڻ هاڻ ڪنهن ڪم جو ئي نه رهيو هوس. ’انڌي جهڙي پيڪي تهڙي ساهرين‘ مصداق جيڪڏهن اندور موٽي وڃان به ويهارو ڏينهن اتي رهي ڪهڙيون پُليون ٺاهيان ها! سو مان به دادا گلاب راءِ تي بار وجهي مٿس تانوڻ ٿيڻ لاءِ ان وٽ ئي رهيس ته جيڪر رحم ايندس ته پيسا اڳواٽ ئي ڏيئي ڇڏيندو ۽ منهنجو ڪم ٿي ويندو؛ نه ته به مون لاءِ جهڙو اندور تهڙو الهاس نگر هئو! اهو سوچي ته ڀل جنوري اچي ته اڳ پوءِ دادا کان پنهنجا پيسا وٺي اڳوپو ئي اندور وڃبو!
    پر هن ڀيري داد گلابراءِ جن وٽ رهندي هر روز ڄڻ هڪ نئين تحربي کي منهن ڏيڻو ٿي پيو! هڪ ڀيري ڪو چڱو مڙس دادا جي دوڪان تي آيو ۽ منهنجي ڳالهين کان متاثر ٿي ڪجهه وڌيڪ پنهنجائپ ۾ ڳالهائيندي پڇي ويٺو ته آءُ گلابراءِ جو ڇا ٿيان! مون ٺهه پهه وراڻيو: ”سؤٽ!“ پر دادا کي مڙيو ئي ڳالهه ڪو نه وڻي ۽ جيئن ئي اهو چڱو مڙس دوڪان تان هيٺ لٿو ته دادا مون کي چتاءُ ڏنو ته آءُ ماڻهن کي نه ٻڌايان ته مان سندس سئوٽ آهيان ! پر جيسين جنوري اچي، تيسين هڪ هڪ ڏينهن ڏاڍو ڏکيو پئي گذريو. هنن لاءِ ڄڻ مان هڪ ماڻهو به وڏو تانوڻ ٿي پيو هوس. پر مون وٽ ته ٻيو ڪو چارو ئي ڪو نه هئو. مون کي صرف اهو انتظار هئو ته دادا گلاب راءِ اسان جا پيسا مون کي واپس ڪري ته آءُ اندور وڃي پنهنجي ڪم ڪار کي لڳان.
    جيسين جنوري اچي تيسين هنن جي وهنوار ۾ اجنبيت جو احساس شدت پئي پکيڙيندو رهيو. گهر ۾ صرف دادا گلابراءِ، ان جي گهر واري ۽ اسڪول ۾ پڙهندڙ سندن هڪ نياڻي ’راڻي‘ نالي هئي. راڻي ته گهڻو ڪري پنهنجي اسڪول يا ٽيوشن تي هلي ويندي هئي؛ پر گهر ۾ منهنجي حاضريءَ ۾ دادا گلابراءِ ۽ سندس گهر واريءَ جو پاڻ ۾ سُس پُس ڪري ڳالهائڻ مون کي ڏاڍو کٽڪڻ لڳندو هئو. هو پاڻ ۾ ڪهڙي سُس پُس ڪري رهيا هئا؛ ان جي خبر ته منهنجي ملائڪن کي هوندي؛ پر ايترو ضرور لڳندو هئو ته اهي مڙيو ئي مون بابت ئي ڳالهائي رهيا آهن.
    اهڙي صورتحال ۾ منهنجي لاءِ پڻ وقت گذارڻ ڀاري ٿي پوندو هئو؛ سو ڪڏهن ڪڏهن دادا سان سندس گيهه واري دوڪان تي نه وڃي لوڪل ٽرين تي بمبئي هليو ويندو هوس ۽ ڪا نه ڪا فلم ڏسي ايندو هوس. هڪ ڏينهن بمبئي مان موٽندي منجهند جا 4:00 يا 5:00 وڄي چڪا هئا؛ جو آءٌ دادا جن جي گهر واپس موٽيو هوس. دادا ته دوڪان تي هئو؛ پر سندس گهر واريءَ مون کي ڏسندي ئي ڄڻ ڪجهه ڪجهه غصي وارو تاثر ڏيندي ماني ڏني. ڏاڍي ڪوفت ٿي رهي هئي؛ جيئن تيئن ڪري ماني کائي دادا جن وٽ دوڪان تي ويس. اڄ اتي جيئن ئي ڪجهه واندڪائي ٿي ته دادا مون کي ڪاوڙ ڏيکاريندي چيو، ته تون وڏن کان ڪا به صلاح ئي نٿو وٺين. اسين سنڌ ۾ هيڏا وڏا زميندار هوندا هئاسين؛ هاڻ هتي تون اندور ۾ گهر گهر وڃي فوٽو ڪڍندين؛ جيڪا ڳالهه کيس ڪو نه پئي پسند آئي.
    مون به موقعو غنيمت سمجهندي چيو، ته ”دادا مان ته واقعي ئي ٻار آهيان مان ته چاهيندس ته ڪنهن وڏي جو اسان جي مٿان ڇَٽُ هجي؛ جيڪڏهن اوهان کي منهنجو فوٽو اسٽوڊيو کولڻ نٿو وڻي ته اوهين پاڻ ئي مون کي ڪا صحيح صلاح ڏيو. آءُ ته اوهان جي هر صلاح مڃڻ لاءِ تيار آهيان ! ”دادا چيو ٺيڪ آهي“؛ جيڪڏهن تون منهنجي صلاح مڃڻ لاءِ تيار آهين ته اندور جا چڪر ڇڏ؛ هتي الهاس نگر ۽ بمبئيءَ وچ ۾ هڪ شهر آهي ’ڊومبيولي‘ تي اسين ٻيئي هيءَ ساڳيو ئي هول سيل گيهه جو ڪم ڪري سگهون ٿا !“
    انڌو گهري هڪڙي اک، مون کي ته ٻيئي پئي مليون. مون يڪدم ’ها‘ ڪئي! مون دادا کي چيو ته ان سان پاڻ توهان جو ساٿ به مون سان گڏ رهندو ۽ ڌڻيءَ چاهيو ته پوءِ ادا ۽ امڙ وارا به هِتي جلد ئي هندوستان اچي ويندا. صلاح بيٺي ته دادا گلاب راءِ جو ڀائٽيو، پرتاب جيڪو ساڻس بزنس ۾ گڏ هئو؛ اهو جڏهن بمبئيءَ گيهه جي خريداريءَ لاءِ ويندو ته مان به ان سان گڏجي وڃان ! هو مون سان گڏ بمبئيءَ هلندي ئي پهرين ’ڊومبيولي‘ تي لهندو ۽ دوڪان وغيره جي جاچ ڪري اينداسين، ته جيئن جلد ئي اهو ڪم شروع ڪري سگهجي. مون کي ته دادا جي ان ڳالهه ئي اهڙو آٿت ڏيئي ڇڏيو؛ ته هاڻ الله پنهنجا ڪم پاڻيهي پيو ٿو ڪري. الهاس نگر ۾ دادا گلاب راءِ جو بزنس سٺي پيماني تي هلندڙ هئو؛ جنهن ڪري شهر ۾ به سندس چڱي عزت هئي. مون سوچيو ته جيڪڏهن اسان جو ڊومبيولي وارو بزنس اوترو نه؛ اڌ به هليو ته چڙهي پونداسين !
    جيئن تيئن ڪري رات گذاريسين. پرتاب جو گهر؛ دادا گلابراءِ جي گهر سان گڏوگڏ ئي هئو؛ بلڪ ٻنهي گهرن جي وچين ڀت مان به هڪ دروازو نڪتل هئو ته ڄڻ هڪ ئي گهر لڳندو هئو. سو ٻئين ڏينهن جيئن ئي پرتاب بمبئيءَ وڃڻ لاءِ تيار ٿيو ته مان به دادا کان موڪلائي ساڻس گڏ ’شهد‘ ريلوي اسٽيشن تي آيس. الهاس نگر جيتوڻيڪ ڪو تمام وڏو شهر نه هو؛ پر بمبئيءَ جي پسگردائيءَ ۾هئڻ ڪري ان جو ڪلچر به ساڳيو بمبئيءَ وارو ئي هئو. هيءُ شهر پنجن نمبرن ۾ ورهايل هئو. پهرئين کان پنجين نمبر تائين هڪ ئي مين بازار شهر جي انهن پنجن ئي نمبرن کي ڳنڍيندڙ هئي. الهاس نگر پهريون، ٻيون، ٽيون، الهاس نگر (ويسٽ) ۾ هئا ته چوٿون ۽ پنجون ريلوي لائين ڪراس ڪندي (ايسٽ) واري پاسي هئا. مشيني زندگي ۽ گهما گهميءَ جي لحاظ کان الهاس نگر پهريون، ٻيون ۽ ٽيون بزنس جا وڌيڪ سٺا مرڪز هئا ته چوٿين ۽ پنجين نمبر واري طرف وري زندگي جي رفتار ئي ڄڻ گهٽجي ويندي هئي. ٻيو ته وري اتي چپي چپي تي ٽڪاڻا، مندر ۽ درٻارون هونديون هيون ته اتان جا ماڻهو به ڄڻ ٿڌا ٿانئيڪا ۽ ڪجهه ڌرمي خيالن وارا هوندا هئا.
    الهاس نگر کان بمبئي وڃڻ لاءِ هن شهر کي ٽي لوڪل ريلوي اسٽيشنن هيون. ’وٺلواڙي‘ ۽ ’الهاس نگر‘ پونا واري سائيڊ ڏانهن ته ’شهد‘ اسٽيشن وري ڪلياڻ جنڪشن کان ناسڪ طرف ويندي پهرين لوڪل اسٽيشن هئي، جيڪا الهاس نگر پهرئين ۽ ٻئين جي رهندڙن کي ويجهو پوندي هئي‏، باقي الهاس نگر ٽئين، چوٿين ۽ پنجين جا رهندر وٺلواڙي ۽ الهاس نگر ٻيئي اسٽيشنون استعمال ڪري سگهندا هئا.
    هينئر ’شهد‘ اسٽيشن پهچڻ تي پرتاب کي ته بمبئي وڃڻ لاءِ پنهنجي ماهوار فرسٽ ڪلاس سيزن ٽڪيٽ اڳ ئي نڪتل هئي؛ جنهن ۾ ڪجهه ٻيا واپاري به ان سان گڏ بمبئيءَ ويندا هئا. ڀاڙي جي حساب سان ماهوار پاس ۾ هروڀرو تمام گهڻو فرق ڪو نه هئو؛ پر جيڪڏهن هڪ ڀيرو بمبئيءَ وڃي موٽي اچجي ته سيڪنڊ ڪلاس جي ڪارڊ ٽڪيٽ موٽڻ سوڌو چار روپيا هئي؛ جڏهن ته اها ساڳي ٽڪيٽ جيڪڏهن فرسٽ ڪلاس جي وٺجي ته چئن بجاءِ چاليهه روپيا ڏهوڻي اگهه تي رکيل هئي. ان لاءِ مون اسٽيشن تي پهچڻ سان ئي پنهنجي لاءِ چار روپيا ڀري بمبئيءَ جي رٽرن ٽڪيٽ ڪڍائي ۽ پرتاب کي عرض ڪيو ته ٻيلي الله لڳ هلندي ئي وچ تي ڊومبيولي ريلوي اسٽيشن تي ضرور لهي ته جيئن پروگرام موجب اسين اتي پنهنجي لاءِ ڪو دوڪان وغيره ڏسي سگهون !
    پرتاب جي وهنوار ۾ بيحد اجنبيت محسوس ٿي رهي هئي؛ هن ڄڻ ته مون ڏانهن ڪجهه ڌيان ئي ڪو نه پئي ڏنو ۽ هڪ ٻئي گيهه جي واپاري ارجن داس سان بيٺي ڳالهايو. هتي لوڪل ٽرين صرف ڏهه پندرهن سيڪنڊ ئي مس بيهندي آهي. ان وچ ۾ هڪڙا ماڻهو لهي هيٺ ٿيندا آهن؛ ته ٻيا وري چڙهي گاڏي اندر پيهه ۾ هڪ ٻئي سان سڪڙجندا پيڪ ٿيندا ويندا آهن. هتي جاپان وانگر هروڀرو ڪو ماڻهن ۾ به اهڙو نظام ڪونهي؛ جو پهرين ماڻهو لهي هيٺ ٿين ۽ پوءِ ٻيا گاڏي اندر داخل ٿين. هتي دٻڙ ڌونس لڳي پيئي هوندي آهي ۽ ڪيترا ڀيرا ماڻهن جي پيهه سبب گاڏيءَ اندر ٿورو به پريان بيٺل مسافر پنهنجي منزل تي لهي به ڪو نه سگهندو آهي، چڙهڻ وارا وري پنجن مان به چڙهيا ته ٽي هيٺ رهجي ويندا آهن. ان لاءِ اول ئي هڪ ٻئي کي چيل هوندو آهي ته اهڙي صورت ۾ چڙهندڙ ماڻهو ڪٿي هلي لهي بيهن ته جيئن باقي همراهه وري پٺيان ٻين ايندڙ ٽرين پڪڙي ساڻن وڃي ملن. ان زماني ۾ موبائل فون ته ڇڏيو پر لينڊ لائين فون به بمبئي ۾ ضرورت آهر الاٽ ڪو نه ٿي سگهندي هئي؛ جنهن لاءِ يا ته ٻه ٽي سال انتظار ڪرڻو پوندو هئو يا وري ڪجهه ڏيئي وٺي ڪري ضرورتمند ماڻهو پنهنجي لاءِ فون الاٽ ڪرائي ئي وٺندا هئا؛ ته جيئن سندن بزنس وغيره هلي سگهي.
    اهڙي صورت ۾ آءُ؛ هر هر پرتاب کي تاڪيد ڪري رهيو هوس ته ”بابا ! ڊومبيولي تي ضرور لهي ته جيئن منهنجو هلڻ سجايو ٿئي، پر هاڻ جڏهن ٽرين اصل پليٽ فارم سان لڳڻ واري هئي تڏهن مس وڃي هن چيو ته هاڻ هلڻ مهل نه پر بمبئيءَ مان موٽڻ مهل ڊومبيولي لهنداسين.“ ان لاءِ مون کي پڻ بمبئي وڪٽوريا ٽرمينس جنهن کي ٿوري ۾’وي ٽي‘ اسٽيشن چيو ويندو هئو، ان آخري اسٽيشن کان هڪ ئي اسٽيشن اڳ يعني سيڪنڊ لاسٽ اسٽيشن مسجد تي لهڻو هئو؛ جتي ڀرسان ئي گيهه جي هول سيل بازار هئي!

    عوامي آواز سنڊي ميگزين 19 اپريل 2015
    ___
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    قسط 6

    نه ڪجهه به نه مليو

    ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي


    الهاس نگر جي ريلوي اسٽيشن ’شهد‘ تي جيئن ئي بمبئي وي ٽي (وڪٽوريا ٽرمينس) واري ٽرين آئي ته پرتاب وارا ته وڃي پنهنجي فرسٽ ڪلاس دٻي ۾ چڙهيا؛ آءُ ان جي ڀرسان واري ئي سيڪنڊ ڪلاس دٻي ۾ جيئن تيئين ڪري چڙهي پيس. بمبئي (وي ٽي) جو سفر 57 ڪلو ميٽر ان فاسٽ ٽرين ۾ هڪ ڪلاڪ سورنهن منٽن ۾ طئه ڪرڻو هئو. ٽرين ۾ اندر ماڻهن جي ڳپا گيهه ايڏي هوندي آهي جو ويهڻ ته ڪير سوچيندو نه ناهي، صرف اهڙي نموني بيهي سگهجي جو اڳئين بيٺل شخص جا وار نه لڳن، ان لاءِ هر ڪو پنهنجي پنهنجي جڳهه وٺي پيڪ ٿيندو ويندو آهي. وري جيڪڏهن پٺيون شخص ڪاوڙ ڪندو ته اڳئين شخص کي الائي ڪٿان هڪ ازغيبي طاقت اچيو ويندو آهي جو مڙيوئي پاڻ کي هيڏانهن هوڏانهن سڪوڙيندي پٺئين جي ڏمر کان پاڻ بچائيندو آهي.

    ويهارو سال کن اڳ هندوستاني ڪاميڊين جاني ليور جي هڪ مسخري ايندي هئي، جنهن ۾ ان ئي لوڪل ٽرين جي واقعه نگاري ڪندي ٻڌايو هئائين ته اندر ڀيڙ ۾ پٺيون بيٺل شخص هوشياري ڏيکاريندي اڳئين همراهه کي رڙ ٿو ڪري ته پير هٽاءِ.

    منهنجي پير مٿان رکيل آهي! پوءِ اڳيوبن شخص جيڪو دراصل هڪ غنڊه هئو اڃان پٺيان ڏسندي رڙ پٽيندي چوي ٿو ته ” ڇاهي ري“ ته پٺيون همراهه پنهنجو پاڻيهي گهٻراهٽ وچان چوي ته ” نه سائين ڪجهه به ناهي! ڀوتار ڀلي آرام سان پنهنهجو پير رک! ڪجهه به ناهي!“ ان مسخريءَ ۾ پٺيان بيٺل مختلف ماڻهن جي جاتي بدلائيندي مدراسي، ڀئيو، گجراتي، پنجابي ۽ سنڌي انهن جي الڳ الڳ ويچارگيءَ واري ڪيفيت جو بيان ڪيل هئو.

    ان کان سواءِ هتان جي لوڪل ريلوي اسٽيشن تي به ايتري ته رش هوندي آهي جوا صل هڪ ٻئي سان گڏ ٿيندي اڳيان وڌڻو پوندو آهي نه ته جيڪڏهن وچ تي ڪو ٻيو اچي ويو ته همراهه پاڻ ۾ ملي ئي ڪو نه سگهندا! اسٽيشن جي انٽرنس جو ذڪر ڪندي جاني ليور هڪ ٻيو اوقعو ٻڌائيندو هئو ته ”دادر“ ريلوي اسٽيشن تي اولهه طرف ماڳهئين پليٽ فارم جي ئي ٻاهران فوٽ پاٿ تي هڪ ٽڪيٽ چيڪر ڪارو ڪوٽ پائي گهمي رهيو هئو. ڪنهن اشراف پڇيس ته ادا توهان جي ڊيوٽي ته اندر اسٽيشن تي آهي، هتي ڪيئن پيا گُمون! ڪاري ڪوٽ واري به اصل رڙ ڪندي چيو ته ” ڊيوٽي ته اندر ئي ڪري رهيو هئس پر ماڻهن جي ڀيڙ مون کي ٻاڪري ڪڍي آئي آ.

    [​IMG]26

    ”مسجد“ ريلوي اسٽيشن تي آئون لوڪل ٽرين مان لهي هيٺ ٿيس ته ڀرواري فرسٽ ڪلاس جي دٻي مان پرتاب به لهندي نظر آيو. سٽ ڏيئي وڃي آئون وٽس پهتس ته متان هيڏي هوندي نه ٿي وڃي. پر جيئن ئي اسٽيشن کان ٻاهر نڪتاسين ته هو ته اصل سندرو ٻڌي بيٺو هئو ته آئون کانئس ڪٿي به الڳ ٿي وڃان ته جيئن سندس مون ڏانهن ڪا به جوابداري ئي نه رهي. ان لاءِ هو ان پراڻي بمبئيءَ جي سوڙهين سوڙهين گهٽين ۾ ماڻهن جي ڀيڙ ۾ ڄاڻي واڻي اهڙي ته گُهت هڻي رهيو هئو. جيئن آئون الڳ ٿي وڃان. پر هن کي شايد منهنجي ڦڙتيءَ جي خبر ئي نه هئي ته هيءُ ڀلا موٽو شخص ڪيئن مون سان پنڌ گهمڻ ۾ پڄي پئي سگهيو.

    پرتاب کي جيئن ئي لڳو ته آئون سندس پچر ڇڏڻ وارو ناهيان ته پوءِ بمبئيءَ جي گرميءَ جو ڀوءَ ڏيڻ لڳو ته هتي ڏاڍي گرمي ٿيندي آهي ۽ تپش سبب هتان جا پهاڙ ڄڻ جنسي ٻرڻ لڳندا آهن. مون صرف کيس اهو چيو ته بابا آئون ته لاڙڪاڻي جو ماڻهو آهيان جي پنجاهه ڊگري سينٽي گريڊ ته عام ڳالهه هوندي آهي ته هيءُ ٽيهه پنجٽيهه ٽيمپريچر مون کي ڇا ڪندو؟. سڀ کان وڏي ڳالهه ته آئون هتي ئي جستجو ڪرڻ هئس. اهي ٽيمپريچر ته انهن ڏينهن ۾ مون کي ياد به ڪو نه هوندا هئا.

    گيهه بازار ۾ احمد آئل ڪمپنيءَ جي دوڪان تي وياسين، جيڪي ”پوسٽ مين“ برانڊ جي نالي مڱيرن جو تيل ٺاهيندا هئا. مارڪيٽ ۾ ان جو سيڪو ايڏو هئو، جو سمورا واپاري کيس آرڊر لکائيندي بلينڪ چيڪ صحيح ڪري ڏيئي رهيا هئا، جو هوءَ ڪنهن کي به سندس سمورا آرڊر سپلا3 ئي ڪو نه ڪري سگهندو هئو. پرتاب، سڀني کي صرف آرڊر لکرائي ڇڏيندو هئن مال پنهنجو پاڻيهي ٻئين ڏينهن صبح جو ٽرانسپورٽ ذريعي دوڪان تي پهچي ويندو هئو.

    منهنجي حالت اهڙي هئي جو آئون پرتاب سان گڏ هوندي به ڄڻ الائي ڪٿي هئس. مون کي سمجهه م نه اچي رهيو هئو ته هيءُ ائين مون کان لنوائي ڇو رهيو آهي. ڪالهه ته خود دادا گلاب راءِ پاڻ ان کي منهنجي ڪم لاءِ چيو هئو، پر اڄ هن جي هڪ هڪ ڳالهه ڄڻ مون کي نااميد ڪرڻ جي ڄاڻي واڻي ڪوشش پئي لڳي. ائين ڪندي اچي شام جو پهر به ٿيو، اسين 5:00 بجي بمبئي (وي ٽي) جي مين اسٽيشن تي آياسين، جتان 5:18 بجي ”آسن گانءُ“ جي لوڪل ٽرين هئي، جنهن کي وچ تي ”شهد“ اسٽيشن اچڻي هئي. انهن ڏينهن ۾ وي ٽي اسٽيشن تي ان مهل ايتري رش ڪو نه پئي نظر آئي. ٻيو ته هتان جو ڪلچر به ڪجهه ائين آهي جو جيئن گاڏيءَ جو ٽائيم اچي ڀريو آهي ته الائي ڪٿان ماکيءَ جي ماناري جيان ماڻهو اچي مڙندا آهن.

    هاڻ وي ٽي اسٽيشن تي پهچي مون پرتاب کي ياد ڏيارڻ چاهيو ته کيس ”ڊومبيولي“ اسٽيشن تي لهڻو آهي، پر هان هن ڪو به هانو نه ڪندي سڌو سنئون جواب ڏنو. آئون هن جي ڪردار کي سمجهي ئي نه پي سگهيس ته هيءُ آخر ڪهڙي مٽيءَ جو ٺهيل آهي. اصل لاڙڪاڻي جو منهنجي سڳي سئوٽ، پرڀداس جو پٽ، جڏهن لاڙڪاڻي ۾ هئو ته اتي روز اسان جي گهر پڻ ايندو رهندو هئو ۽ هيڏانهن هندوستان تقريبن 1964ع ڌاري آيو هئو پهرين ته هتي اچي مشين تي ڀرت ڀرڻ شروع ڪيو هئائين. پوءِ دادا گلاب راءِ پاڻ سان گڏ رکيو هئس. هينئر مون سان وري ايڏو عدم تعاون، مون کي سمجهه ۾ ڪجهه به نه پئي آيو ته زندگيءَ جو ايترو خشڪ روپ به ٿيندو آهي.!

    خير! آئون ڪري ته ڪجهه به ڪو نه پئي سگهيس. موٽياسين، ته دادا گلاب راءِ کي سمورو احوال ڏنم! پر هن ڪجهه به جواب نه ڏيندي صرف خاموشي اختياري ڪري ڇڏي. پوءِ وڃي سمجهه ۾ آيو ته اهو سڀ دادا گلاب راءِ جي مرضيءَ سان ئي ٿي رهيو هئو. پرتاب صرف جيڪڏهن ٿورو به مون سان سٺو هلي ها ته پنهنجي عزت بچائي سگهي ها، پر هو ته دادا جي غير حاضريءَ ۾ به ڄڻ کيس خوش ڪرڻ لاءِ مون کي چهنڊڙيون پائي رهيو هئو. هاڻ ته ڪالهه وارو آسرو به ڇُٽو جڏهن دادا مون کي پاڻ سان گڏ ڪم ڪرڻ جي آڇ ڪئي هئي. مون کي لڳو ته هو ائين سمجهندا هوندا ته آئون اداپريم جي تائيد کي ڌيان ۾ رکي سندن الهاس نگر ۾ رهڻ واري آڇ قبول نه ڪندس. نه اها ئي سندن اميد هئي پر هاڻ ته هو ڏٺا وائٺا ٿي پيا ۽ سائين جي مهر سان منهنجي شخصيت ڪنهن به قسم جي داغ کان عاري رهي. پر مون لاءِ صرف بي داغ ٿي زندگي جيئڻ ئي ڪافي نه هئو، منهنجي مٿان هڪ وڏي جوابداري هئي ته ڪجهه ڪريان ۽ ايترو ٿورو ڪامياب ٿي ضرور ڏيکاريا جو منهنجا ڀائر ۽ امڙ به لاڙڪاڻي مان هيڏانهن هليا اچن پر هتي ته ڌرتيءَ پير کوڙڻ ئي ڪو نه پئي ڏنا.

    آئون چپ رهيس ۽ دادا جي گهر ۾ ان آسري تي رهندو آيس ته ڪنهن مهل پر مون کي پيسا ڏئي ته آئون اندور وڃي پنهنجي فوٽو اسٽوڊيو واري ڪم کي لڳان. بلڪل اجنبين جيان هنن جي گهر ۾ زندگي گذري رهي هئي، جو هڪ ڏينهن ته دادا گلاب راءِ ائين به چئي ڏنو ته آئون ڪجهه ڏينهن پنهنجي ماسيءَ وٽ به رهان، نه ته اهي دل ۾ ڪندا! هاڻ ماسي وارا، ته دل ۾ ڪن يا نه ڪن دادا اهي لفظ چئي مون کي ته ڄڻ سن ڪري ڇڏيو. مان هن وٽ رهيو ئي ان ڪري پيو هوس ته جيئن مون کي تانوڻ سمجهي منهنجا پيسا مون کي جلد ئي ڏئي ته آئون اندور وڇي ڪنهن ڪم کي لڳي سگهان.

    منهنجي والد صاحب وارا پاڻ ۾ ٽي ڀائر هئا. ويرومل (جنهن جا ٻه پٽ پرڀداس ۽ گلاب راءِ) بابا بختراءِ (چار پٽ، جيئندراءِ، پريم، ٻلديو ۽ منوهر) ۽ پارو مل (جنهن کي هڪ ئي پٽ هو بلندراءِ). اهي ٽيئي ڀائر منهنجي ڏاڏي صاحب ٽنڊڻ مل جي اولاد هئا. جيڪو لاڙڪاڻي لڳ لاشاري ڳوٺ جو ڏاڍو وڏو زميندار هئو.

    سيٺ ٽنڊڻ مل جي چالائي کان پوءِ ويرومل ۽ ڀارو مل به جلد ئي راهه رباني وٺي ويا، جنهن سبب منهنجي ئي والد صاحب بابا بختراءِ پنهنجي ٻارن سان گڏ پنهنجي ڀائٽين کي به ڏاڍو پيار ڏنو هئو. نه صرف پيار ڏنو هئو پر جڏهن ويرو مل جي وڏي پٽ پرڀداس پنهنجي ننڍي سئوٽ سيٺ ڀارومل جي هڪ ئي پٽ بلند راءِ جي زمين هڙپ ڪرڻ چاهي هئي ته بابا هٿ وڍي پاڻ کي تڪليفن ۾ وجهي ته بلندر راءِ جو حق بچائي ورتو هئو. حق ته ڀل صرف بلندر راءِ جو بچايو هئو، پر پرڀداس جي ته اڙبنگاين جا به ڪيترائي الزام پاڻ تي کڻي پنهنجي سڀني ڀائٽين کي بلڪل پٽن جيڏو ئي پيار ڏنو هئائين. اهو بابا بختراءِ جي جينس جوئي ته اثر آهي جو ادا جيئندراءِ جي گذري وڃڻ کان پوءِ اسين ٽيئي ڀائر ادا پريم، آئون ٻلديو ۽ ننڍو ڀاءُ منوهر اڄ تائين به هڪ ئي جوائنٽ فيمليءَ جو حصو آهيون ۽ ڪڏهن به پيسي کي فوقيت نه ڏيندي اسين ڀائر پاڻ ۾ گڏ ئي رهندا آهيون.

    اڄ اسان ساڳئي گلاب راءِ کان مون کي ڪوڙا آزمودا ملي رهيا هئا، جنهن کي منهنجي جي والد صاحب ننڍي هوندي پنهنجي پٽن جيان پاليو هئو. منهنجي هندوستان اچن کان پوءِ هتان واري ڪشمڪش ۾ هيءُ پهريون ئي تجربو هئو، جنهن لاءِ شايد مون ڪڏهن سوچيو به ڪو نه هئو!

    هاڻ ته مون کي سچ قبول ئي ڪرڻو هئو، سو دادا گلاب راءِ جيئن ئي مون سان ماسيءَ وٽ رهڻ جي ڳالهه ڪڍي ته آئون يڪدم دادا جي گهر اچي پنهنجي بيگ کڻي ماسيءَ جن ڏانهن الهاس نگر ٽئين نمبر هليو ويس. ماسي ۽ ماسڙ ته مون کي سٺو پيار ڏيئي رهيا هئا، جنهن سان ڪجهه ڪجهه آٿت ته سڀاويڪ هئو، پر مان اندر ۾ ڄڻ بي مذي لڳو پيو هوس.

    ماسيءَ جن جي گهر اچي رهيس ته اتي منهنجي هڪ هم عمر ماسات هئي اندرا جيڪا پاڙي ۾ ئي پرڻيل هئي ۽ جيئن ته اسان کي ڏاڍو ڀائيندي هئي ۽ سندس گهوٽ راجلداس منچنڊيا پڻ پيارو ماڻهو هئو ته هاڻ وري آئون رهيل ڀل ماسيءَ جن وٽ هئس پر گهڻو ڪري سمورو وقت اندرا ۽ راجلس داس وارن سان گذرندو هئو. اندرا کان ننڍيون به ٻه ڀينر هيون لڇمي ۽ راجڪماري. لڇمي به پرڻيل هئي ۽ اها به گهڻو پري ڪو نه هئي پر ان وٽ صرف اسين ڪڏهن ڪڏهن گهمڻ ئي مس ويندا هئاسين. راجڪماري اُن مهل الهاس نگر اسٽيشن جي ڀرسان ”چاندي پاڻي همت مل سنکاڻي ڪاليج“ ۾ بي ڪام پڙهي رهي هئي.

    هتي هندوستان ۾ ڪهڙي به گريجوئيشن لاءِ ٻارهين درجي کان پوءِ ٽي سال پڙهڻا پوندا آهن، جنهن کان پوءِ ايم اي ايم ڪام ۽ ايم ايس سي پوسٽ گريجوئيشن لاءِ به پورا ٻه سال پڙهڻو هوندو آهي، جڏهن ته اتي سنڌ ۾ ٻارهين کان پوءِ گريجوئيشن لاءِ صرف ٻه سال لڳندا هئا. ڪجهه شاگرد جيڪي سنڌ يونيورسٽي مان بي اي ( آنرس) لاءِ ٽي سال پڙهندا هئا ته وري کيس پوسٽ گريجوئيشن مهل ٻن سالن بجاءِ هڪ سال جو فائدو ملندو هئو ۽ سڌو ئي کين ايم اي پارٽ 2 ئي ڏيڻو هوندو هو، ٿوري ۾ ائين چئجي ته سنڌ ۾ پوسٽ گريجوئيشن لاءِ سورهن سال کپندا آهن، پر هتي هندوستان ۾ ان لاءِ سترهن سال پڙهڻو پوندو آهي.هاڻ ته مون کي صرف 1 جنوري 1978ع لاءِ وقت گذارڻو هئو ته جيئن آئون گلاب راءِ کان پنهنجي پيسا وٺي اندور واپس وڃي سگهان. هتي ته ڪنهن کي دل کولي حال احوال به نه پئي ڏيئي سگهيس جو خدانخواسته جيڪڏهن ڪنهن مون وٽ پنهنجن رکيل پيسن مان عارضي طور به ڪجهه اوڌر گهري ته مون لاءِ آزار ٿي پوندو، جو اهڙا ڌڪ اسان پنهنجي زندگيءَ ۾ گهڻيئي کائي چڪا هئاسين. ان طرح رهيل پندرهن ڏينهن کن دادا گلاب راءِ ته ڇڏيو پر مون الهاس نگر 1 طرف ئي وڃڻ ڇڏي ڏنو هئو.

    الهاس نگر ۾ منهنجي برادريءَ وارا سڀ گهر بيحد مضبوط هئا، پر ڪنهن ۾ به ڪجهه به اخلاقي مدد جو به آسرو ڪو نه هئو، ڀلا جڏهن سڳو سئوٽ ئي پرائو ٿي بيٺو هئو ۽ هن مون مسڪين سان سئوٽ وارو رستو ڳنڍيندي به شرم پئي محسوس ڪيو ته بابا جي سئوٽن مان وري ڪهڙو آسرو پئي رکي سگهيس. جڏهن ته منهنجي امڙ طرف جيڪي به گهر هئا، اهي مالي طور ايترو مضبوط ڪو نه هئا، جنهن لاءِ وري مون کي بلڪل سنڀالي پئي هلڻو پيو.

    جيئن تيئن ڪري 1 جنوري به آئي، پر آئون هڪ ڏينهن ٻيو وڌيڪ به ترسيس ته متان دادا گلاب راءِ کي بهانو ملي سگهي ته اڃا هاڻ ته پهرين تاريخ آئي آهي. تنهن لاءِ هڪ ڏينهن ٻيو به ترسي 2 جنوريءَ تي منجهند جي ٽائيم تي جنهن مهل خبر هئي ته سندن دوڪان تي گهٽ رش هوندي آهي آئون الهاس نگر پهرئين نمبر واري پاسي ئي هيترن ڏينهن کان پوءِ ويس، دادا گلاب راءِ جي گيهه واري دوڪان تي وڃي کيس رسمي طور پنهنجي تاديب ۾ رهندي پيرين پئي گڏيو مانس ۽ ٿوري دير ويهڻ کان پوءِ همت ڪري پنهنجي پيسن جي ڳالهه ڪڍي، جنهن لاءِ آئون هيترا ڏينهن الهاس نگر ۾ ترسي پيو هئس. پر پيسن جي ڳالهه ٻڌي دادا گلاب راءِ جو منهن ٽامڻي هڻي ويو. هن يڪدم وراڻيو، ته پيسا مون کي ڪو نه ملندا. آئون وڌيڪ بحث ڪرڻ جي ته پوزيشن ۾ ئي ڪو نه هوس، سو مون صرف ايترو چيو ته دادا! اوهان ئي ته مون کي 1 جنوري تي پيسا ڏيڻ لاءِ چيو هئو. جنهن لاءِ آئون اندور نه وڃي هيڏن ڏينهن کان هتي رهيو پيو آهيان.

    پر دادا پيسن ڏيڻ کان صفا نابري واري مون به الائي ڪٿان همت آڻيندي صرف ايترو پڇيو ته ” ڇو نه ڏيندا.“ تنهن تي هن ٺهه وراڻيو ته کيس منهنجي مٿان اعتماد ئي ناهي، آئون مورک ماڻهو آهيان ۽ پيسا ئي وڃائي ڇڏيندس. نتيجي ۾ منهنجي گهر وارن کي ڪجهه به ڪو نه ملندو! اهڙي عذر جو جواب ته مون وٽ جلد ئي سمجهي آيو ۽ مون کيس چيو پوءِ ته اوهين لاڙڪاڻي منهنجي گهر فون لڳائي ادا پريم ۽ منهنجي امڙ جنهن کي اسين ”ڀاڀي“ سڏيندا آهيون ان کان پڇي سگهو ٿا. پر هن فون ڪرڻ کان به انڪار ڪيو. هو چوڻ اهو ئي پيو چاهي ته پيسا مون کي ڪين ڏيندو!

    هاڻ آئون پنجويهه سالن جو ٻار جنهن زندگيءَ جا کي وڏا لاها چاڙها ڏٺا ئي ڪو نه هجن، ان کي پنهنجي سڳي سئوٽ کان اهڙو کتو جواب ملي. ان جون ته فطرتن ”ٻه به ويون ته ڇهه به ويون!“

    جڏهن مون کي اها پڪ ٿي ويئي ته پيسا مون کي ملڻا ناهن ته مون دادا جي طرف اخري ڍارو اڇلايو ته جيئن پوءِ منهنجي طرف ڪا به ميار باقي نه رهي. مون صرف ايترو ئي پڇيو ته ڀل سڀ رقم نه پر ڪجهه به نه ملندو! هن به اتي جو تي ئي ڦهڪائي جواب ڏنو ته نه! ڪجهه به نه ملندو.

    عوامي آواز سنڊي ميگزين 26 اپريل 2015
    ___
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    قسط 7

    مستقبل ۾ ڏٺو ويندو!

    ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي

    الهاس نگر ۾ پنهنجي سؤٽ دادا گلا براءِ وٽ رکيل پنهنجا پيسا گهرڻ ويو هوس، پر کُتو جواب مليو ته سخت نا اميدي ٿي.مون کانئس اِهو سوچي ڪري پيرين پيئي موڪلايو هئو ته وري ساڻس ڪڏهن به ڪو نه ملندس! دادا جي گيهه واري دوڪان تان پهرئين نمبر جي مکيه بازار وٺي پنڌ ئي پنڌ الهاس نگر ٽئين طرف پنهنجي ماسيءَ جي گهر وڃي رهيو هوس؛ پر سمجهه ۾ ڪجهه به نه پئي آيو ته هاڻ اندور واپس ويندس ته راڄ واڙا تي طئه ٿيل دوڪان وٺڻ مان ته ڪو به فائدو نه ٿيندو جو اهڙي صورت ۾مون کي فوٽو اسٽوڊيو جو فرنيچر ۽ سامان وٺڻ لاءِ به ڪجهه ڪو نه هئو. سڀ کان وڏي ڳالهه، جيڪا منهنجي اندر کي کائي رهي هئي، اُها اِها هئي ته اندور پهچي ماما سڳنومل وارن کي ڇاٻڌائيندس ته دادا گلابراءِ مون کي ان ڪري پيسا ڪو نه ڏنا، ته کيس مون ۾ اعتماد ڪونه هو ته آءُ ڪو انهن پيسن جو صحيح استعمال ڪري سگهندس يا ڪٿي ئي ماڳهين ئي سمورا پيسا تين وال ته ڪو نه ڪري ڇڏيندس!

    ماما، جن کي اها ڳالهه ٻڌائڻ جي مون ۾ همت ئي ڪو نه هئي، جو انهن به مون کي ننڍي کان وڏو ٿيندي ته ڪو نه ڏٺو هئو، مون کي کاهو ڀؤ، ئي رهيو هئو ته ڪٿي اُهي به اِهو نه سوچين ته آءُ سچ پچ ته خراب ماڻهو ناهيان! جيئن ڪنهن وڏي جُوا ۾هارايل ماڻهوءَ جي دماغ ۾ هڪڙيون لهرون اينديون هجن ته ٻيون وينديون هجن، تيئن منهنجي حالت ۾ اُن ناڪام جُواريءَ واري هئي جو زندگيءَجي سموري ميراث هارائي چڪو هجي! ڪجهه به فيصلو نه پئي ڪري سگهيس ته هاڻ ڇا ڪجي!

    هاڻ الهاس نگر ۾ ته وڌيڪ رهڻ جو ڪو جواز ئي ڪو نه هئو ۽ اندور واپس وڃڻ جي همت ڪو نه هئي. آءُ رستي تي گهمان پيو، پر ڄڻ رستي تي هئس ئي ڪو نه ۽ ڪٿي خلائن ۽ هوائن ۾هٿوراڙيون هڻي رهيو هئس ته مَنَ ڪٿي ڪا به پير رکڻ جي جاءِ ملي وڃي! بيحد اڪيلائپ هئي. حال احوال به اوريان ته ڪنهن سان! هتي ته ڪير به اهڙو ڪو نه هئو جيڪو مون کي رت جي رشتي جيان سمجهي سگهي ۽ اهڙو پيار ڏيئي سگهي!

    پنهنجن ئي خيالن ۾ گم ماسيءَ جي گهر پهتس ته لاڙڪاڻي مان ادا پريم وٽان ٽيلي گرام آيل هئي ته هڪ هفتي کانپوءِ اسان جو ننڍو ڀاءُ منوهر هيڏانهن هندوستان گهمڻ اچي رهيو آهي، جنهن کي بمبئي ايئرپورٽ تي وٺڻ وڃڻو آهي. الله سائينءَ جي ٺاهيل هِن اسڪرپٽ جي واقع نگاري ڪيئن پاسو بدلائي رهي هئي، ان بابت وڌيڪ ڪجهه به سوچڻ جي مون ۾ طاقت ئي ڪو نه رهي هئي. آءُ صرف ايترو ئي سوچي سگهيس ته دادا گلابراءِ جي پيسن لاءِ جيڪڏهن هڪ مهينو هتي رهيو پيو آهيان ته باقي منوهر کي به هتان جي بمبئي ايئرپورٽ تان هڪ هفتو پوءِ وٺي اچڻ لاءِ ته مون کي اندور مان واپس اچڻو ئي پوندو، پوءِ باقي اِهو هڪ هفتو به آءُ اندور وڃي ڪهڙا ڦاڙها ماريندس، تنهن لاءِ اُهو هڪ هفتو ٻيو به اُتي ئي هجڻ مناسب سمجهي رهي پيس.

    هيڪر هڪ هفتو ٻيو به الهاس نگر ۾ وڌيڪ رهيس ته وقت سجايو ڪرڻ لاءِ اُتي ئي ڪجهه ليڪچررشپ حاصل ڪرڻ جي وري جستجو ڪرڻ شروع ڪئي. منهنجي ناني پِرتو مل ڪڪريجا جو سؤٽ هئو نانڪرام وشنداس؛ جو الهاس نگر ڪانگريس پارٽيءَ جو هڪ جهونو ۽ اهم رڪن هئو، اُن سان وڃي مليس. هُن ته ملندي ئي ڏاڍي همت وڌائي.چيائين، اِهو ڪم ته هتي پرائيويٽ ڪاليجن ۾ پرنسپال جي ئي هٿ ۾ هوندو آهي. هُو اُن مهل ئي اُتان جي هڪ ڪاليج، رامچند قيمتراءِ تلريجا ڪاليج جنهن کي ٿوري ۾ آر. ڪي. تلريجا ڪاليج سڏيندا هئا، اوڏانهن وٺي هليو. هُن ٻڌايو ته ان ڪاليج ۾ سنڌي شعبي جو هيڊ، هيرو شيوڪاڻي ڪجهه وقت اڳ الهاس نگر ڪانگريس پارٽيءَ ۾ميمبرشپ وٺندي ڪجهه سرگرم بهرو وٺڻ لاءِ پڻ سندن تعلقه آفيس ۾ ايندو رهندو هئو، سو هُن کي آسرو هئو ته اهو کيس ڏسندو ته هر ممڪن سهائتا ڪري سگهندو!

    [​IMG] آر. ڪي. تلريجا ڪاليج پهتاسين ته شايد اُن مهل ڪا رسيس ٿي هئي، جو ڪلاسن جي ٻاهران ڪاريڊار توڙي ڏاڪڻين تي انيڪ شاگردن جي پيهه لڳي پيئي هئي. ڪاليج جي پهرئين ماڙي تي پرنسپال لاءِ چيمبر ۽ ڪاليج جي آفيس هئي، جنهن سان گڏ L ٽائيپ، عمارت ۾ ٻنهي پاسن کان ڪلاس روم ۽ ڪجهه سائنس ليباريٽريون وغيره هيون، پروفيسرس ڪامن روم ٻئين ماڙي تي هئو، سو دادا نانڪرام مون کي ساڻ ڪري ٻئين ماڙي تي هلڻ لاءِ اڃا ڏاڪڻ تي پير ئي رکيو، جو شيوڪجاڻي پاڻ اُتي ڏاڪڻين تي ئي گڏجي ويو؛ جڏهن نانڪرام کيس ٻڌايو ته اسين ساڻس ئي ملڻ لاءِ ڪامن روم وڃي رهيا هئاسين ته هُن همراه اُتي ڏاڪڻ وٽ شاگردن جي پيهه ۾ئي صرف پاسيرو ٿيندي اچڻ جو سبب پڇيو. دادا نانڪرام ٻڌايس ته هيءُ منهنجو ڏوهٽو لارڪاڻي ۾ ٽي سال سنڌي شعبي ۾ ليڪچررشپ ڪري آيو آهي؛ جيڪڏهن ممڪن هجي ته هاڻ هو هتي پڻ اهڙو ئي ڪم ڪرڻ چاهي ٿو، پر هُن ته اسان کي اُتي ڏاڪڻ تي بيٺي ئي اُڪلائي ڇڏيو ۽ چيائين ته نه صرف هن مهل ان ڪاليج ۾ اها جاءِ ڪونهي پر مستقبل ۾ پڻ اهڙي ڪا به جاءِ پيدا ٿيڻي ناهي؛ جو هُن جو چوڻ هئو ته ڏهن سالن کان پوءِ سنڌي ڳالهائڻ وارا ئي ڪو نه هوندا ته پڙهندو ڪيرُ! همراه نه اسان کي مٿي ڪامن روم ۾ هلڻ جي صلاح ڪيئي ۽ نه ڪنهن ڪينٽين ۾ وٺي هلي پنهنجي ڪانگريس پارٽيءَ جي سينئير ميمبر دادا نانڪرام وشنداس کي ئي اهڙي ڪا آڇ ڪيئي.!

    دادا نانڪرام اُن همراه کان اُتان ڏاڪڻ تان ئي موڪلائي هيٺ لهي رهيو هو ته الائي ڪيئن ڪاليج جو وائيس پرنسپال، پروفيسر مراٺي گڏجي ويو؛ جيڪو اسان کي اُن پهرئين ماڙ تي ئي پنهنجي آفيس ۾ وٺي هليو. پروفيسر مراٺي صاحب بيحد نيڪ ماڻهو هئو. هن منهنجي روئداد ٻڌي ڪجهه همدردي ڏيکاري. پوءِ جڏهن کيس خبر پيئي ته آءُ ’سنڌيءَ‘ سان گڏ ’ايڪانامڪس‘ ۾ به ايم. اي آهيان ته هن يڪدم چيو ته ڀل سنڌيءَ ۾ جاءِ ٿئي يا نه ٿئي، مون کي اڪانامڪس ۾ مقرر ڪري سگهجي ٿو.

    هتان جي ڪاليجن ۾ ٽي الڳ الڳ سيڪشن هوندا آهن، يارهون ۽ ٻارهون جونيئر ڪاليج سڏائيندا آهن، جنهن لاءِ اپوائنٽمينٽ ليٽر ۾ ئي ’ٽيچر‘ جي عهدي سان اپوائنٽمينٽ ڪيل هوندي آهي. ان کانپوءِ ڪنهن به سبجيڪٽ ۾ گريجوئيشن ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ ته ٻه سال هوندا هئا پر هتي ٽي سال ٿيندا آهن؛ جتان جي اپوائنٽمينٽ ۾ ’ليڪچرر‘ لکيو ويندو هئو، جڏهن ته ڪجهه ڪاليجن ۾جيڪڏهن پوسٽ گريجوئيٽ سيڪشن به هوندو هئو ته ڊگري ڪاليج جو ڪهڙو به ليڪچرر جيڪو گهٽ ۾ گهٽ ٻه سال سروس ڪيل هجي ته ان کانپوءِ يونيورسٽيءَ کان پنهنجي نالي جي منظوري وٺي اُهي پوسٽ گريجوئيٽ جا ليڪچر پڻ وٺي سگهندو آهي پر اُتان لاءِ فل ٽائيم اپوائنٽمينٽ ٿيڻ بدران انهي ڊگري ڪاليج جي منظور ڪيل ليڪچرارن کي ئي پوسٽ گريجوئيٽ ليڪچر ڏنا ويندا آهن. جن جو اُجورو کين ليڪچر جي حساب سان ڏنو ويندو آهي، جڏهن ته هتي يونيورسٽيءَ ۾ ان وقت ڪنهن به سبجيڪٽ لاءِ گريجوئيٽ ڪورس ڪو نه هوندو هئو ۽ اُهو صرف يونيورسٽيءَ جي قبول ڪيل ڪاليجن ۾ ئي ٿيندڙ هئو، باقي بمبئي يونيورسٽيءَ اندر صرف پوسٽ گريجوئيٽ ڪورس ئي هلندڙ هئا، جتي اپوائنٽ ٿيل ليڪچرر کي صرف پوسٽ گريجوئيشن ئي پڙهائڻي پوندي هئي.

    هتي هندوستان ۾ جونير ڪاليج ٽيچر لاءِ پوسٽ گريجوئيشن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 45 سيڪڙو مارڪون گهربل هونديون هيون. جنهن کان گهٽ واري شخص جي گورنمينٽ کان منظوري ئي ڪو نه ملندي هئي. ڊگري ڪاليج ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ هر اميدوار جي گريجوئيشن گهٽ ۾ گهٽ سيڪنڊ ڪلاس ۾ لازمي هئڻ سان گڏوگڏ وابسته سبجيڪٽ جي پوسٽ گريجوئيشن پڻ سيڪنڊ ڪلاس ۾ هئڻ کپندي هئي، جيڪو پوءِ اڳتي هلي گهٽ ۾ گهٽ 55 سيڪڙو مارڪون ڪيو ويو. جونيئر ڪاليج ۽ ڊگري ڪاليج جي اسڪيل ۾ ڏاڍو فرق هئو؛ جونيئر ڪاليج لاءِ بيسڪ سيلري 300 رپيا ۽ ڪجهه الائونس هئا ته ڊگري ڪاليج لاءِ500 رپيا ۽ الائونس هئا.

    هينئر مون کي ته سڌوئي ڊگري ڪاليج ۾ اپوائنٽمينٽ ملڻ جو آسرو ملي رهيو هئو. وائيس پرنسپال مراٺي صاحب، يڪدم اڪانامڪس جي هيڊ آف ڊپارٽمينٽ پروفيسر ميٿيو کي سڏڪرايو؛ جنهن مون کي صبحاڻي ئي سيڪنڊ ييئر بي. اي. کي ’انڊين ايڪانامي‘ پڙهائڻ لاءِ چيو ۽ ائين ٻڌايو ويو ته منهنجي ليڪچر کي ڏٺو ويندو، جيڪڏهن آءٌ سندن معيار تي صحيح بيٺس ته ئي منهنجي اپوائنٽمينٽ ڪئي ويندي. مون دادا نانڪرام سان ڪاليج مان ٻاهر نڪرندي رستي تان ئي هڪ بوڪ ڊيپو تان سيڪنڊ ييئر بي. اي. لاءِ ’انڊين اڪانامي‘ جو ڪتاب ورتو. اسان وٽ سنڌ ۾ ته آرٽس فيڪلٽيءَ ۾ سموري تعليم گهڻو ڪري سنڌي ميڊيم ۾ هلندڙ هئي؛ جڏهن ته هتي صرف ميٽرڪ تائين ئي شاگردن کي پنهنجي مادري زبان ۾ تعليم وٺڻ جي سهوليت آهي، جنهن ۾ سنڌي ميڊيم به هئو. پر هتي ميٽرڪ کانپوءِ ڪاليج ۾ هلندڙ سموري تعليم يارهين درجي کان ئي مهاراشٽر ۾ انگريزي يا مراٺي ميڊيم ۾ حاصل ڪرڻ جي سهوليت آهي.

    آءُ ’انڊين اڪانامي‘ جو انگريزي ڪتاب خريد ڪري رستي تي دادا نانڪرام جي گهر وٽ کانئس موڪلائي پنهنجي ماسات اندرا جي گهر آيس ۽ اچي صبحاڻي جي ليڪچر ’مالٿس جو آدمشماريءَ وارو نظريو‘ کي پڙهڻ شروع ڪيو. اسان سنڌ جا ماڻهو، جتي لاڙڪاڻي ۾ته جيڪڏهن ڪير همت ڪري انگريزيءَ جا ٻه لفظ به ڳالهائيندو هئو ته کيس ٽوڪيو ويندو هئو ”سنڌي ڳالهاءِ ته ڪٿي بک نه مرين!“ يعني ته انگريزيءَ جو ماهر سنڌ ۾ بک مرڻ جي نوبت سان هم ڪنار هئو، جيتوڻيڪ لاڙڪاڻي ۾اهو صرف چيو ويندو هئو؛ جڏهن ته اُهو هروڀرو سچ ڪو نه هئو، جو اُتي انگريزيءَ جي عالمن جي به ڏاڍي عزت هوندي هئي پر نوڪري صرف سفارش تي ئي ملندي هئي ۽ ميرٽ جو ڄڻ قدر ئي ڪو نه هوندو هئو!

    مون کي ٿوري گهڻي انگريزي ان ڪري ايندي هئي جو آءُ ننڍي هوندي اسڪول واري زماني کان ئي ٻاهرين ملڪن سان انگريزيءَ ۾ خط وڪتابت ڪندو هئس؛ فلپائن، سائوٿ آفريڪا ۽ ڪجهه ٻين ملڪن ۾ قلمي دوست هوندا هئا ۽ ان وقت کان ئي آءُ مختلف ملڪن جي سياسي ليڊرن توڙي ڪنهن به ميدان ۾ بلندي ماڻيندڙ شخصيتن کي پڻ خط لکي سندن آٽوگراف فوٽوگهرائيندو هوس. اهڙي فهرست ۾انگلينڊ جي راڻي ايلزبيٿ (II)، آسٽريليا جو وزير اعظم گوف وِٽلام، سعودي عرب جو بادشاه شاهه فيصل، مصر جو صدر انور سادات، زيمبيا جو صدر ڪوانڊا، رومانيا جو صدر نڪولائي چياسسڪو، ايران جو شهنشاه رضا شاه پهلوي ۽ ايران جي وزير خارجه امير عباس هُويدا کان سواءِ بر صغير هند مان صرف سري لنڪا جي صدر سريماءُ بنڊارا نانڪي ئي جواب ڏنو هئو، جڏهن ته بين الاقوامي سطح تي فلم جي دنيا سان لاڳاپيل مون خط ته ڪيترين ئي شخصيتن کي لکيا هوندا، پر جن کان جواب موصول ٿيو، اُهي هئا: فرانس جو ڪاميڊين لوئس ڊي فيونس، هالي ووڊ مان فرينڪ سناترا، برٽ لنڪاسٽر، گريگوري پيڪ، چارلٽن هسٽن، جيڪ ليمن، جيري ليوئس، ڊين مارٽن جولي اينڊريوس، ۽ جان وين کان سواءِ هندو ستان مان فلم اسٽار سنيل دت، راجڪپور، اشوڪ ڪمار، بلراج ساهني۽ آشا پاريک سان گڏ گلوڪار منا ڊي. سنيل دت ته ڏاڍو سهڻو خط پڻ لکيو هو ۽ فوٽو گراف به موڪليو هئائون، جڏهن ته پنهنجي ملڪ پاڪستان جي فلمي شخصيتن مان لکيو ته گهڻن کي هئو، پر جواب صرف هڪ نئين اداڪار جميل ڏنو هئو، جيڪو به دراصل هتي هندوستان ۾ پونا جو رهندڙ هئو ۽ سٺ واري ڏهاڪي ۾ ئي پاڪستان ڏانهن لڏپلاڻ ڪري آيو هئو؛ جنهن کي پهرين فلم علي سفيان آفاقيءَ جي ’سزا‘ ملي هئي ته کيس رياض شاهد ’غرناطه‘ ۾ پڻ هيرو ڪري کنيو هئو. اُها اسڪولي زماني واري ايتري ساري ڪچي ڦڪي خط وڪتابت آءٌ انگريزيءَ ۾ ڪندو هئس ۽ ننڍي کان ئي پنهنجو هر هڪ خط پنهنجي وڏي ڀاءُ ادا پريم کان تصحيح ڪرائيندو هوس؛ جيڪو ان ۾ ضروري ڦيرڦار ڪندو هئو ۽ پوءِ ئي پنهنجي هٿ اکري اها خط و ڪتاب ڪندو هئس. ائين لکندي لکندي ٿوري گهڻي انگريزي ٻوليءَ جي لکت واري ڄاڻ ضرور آئي هئي، پر سائين! مان ته خود ايم. اي (اڪانامڪس) به سنڌي ميڊيم ۾ ڪئي هئي، ان لاءِ انگريزي ڳالهائڻ جو تجربو گهڻو گهٽ هئو.

    هاڻ مون کي اُتساه جو هڪ نئون ڪرڻو پئي نظر آيو، جو صبحاڻي جيڪڏهن آر. ڪي. تلريجا ڪاليج وارن کي وڻيس ته منهنجي زندگي هڪ نئون موڙ وٺي سگهي پيئي، نه ته ٻين صورت ۾ في الحال ته ڄڻ نااميديءَ جا انبار هئا. اهڙي صورتحال ۾ سڄو ڏينهن ۽ رات جو به ڪجهه پهر پنهنجي ماسات جي گهر ۾ ويهي ان هڪ ئي باب ’مالٿس‘ تي ويٺي تياري ڪئي. شاگردن کي نه صرف انگريزيءَ ۾ پڙهائڻو هئو؛ پر ان ليڪچر ۾ ٻيا سينيئر پروفيسر به ويهڻ وارا هئا. ڳالهه ڏاڍي ڳوري پئي لڳي. آءُ به اميد جو دامن پنهنجي هٿن مان ڇڏڻ وارو ڪو نه هوس! ائين رات به اچي گذري ۽ ٻئين ڏينهن سوير صبح جو تيار ٿي آر. ڪي. تلريجا ڪاليج وڃي سڌو ئي وائيس پرنسپال مراٺي صاحب سان گڏيس، جيڪو بيحد پاٻوه مان مليو. هُن جي ٿوري به همدرديءَ مان مون کي بيحد تسڪين ملي رهي هئي. مراٺي صاحب به يڪدم پروفيسر ميٿيوُ کي سڏ ڪرايو، جيڪو پاڻ سان گڏ ايڪانامڪس جي هڪ ٻئي شخص پروفيسر ڪُروپ کي به وٺي آيو. پوءِ جيئن ئي مقرر وقت تي بيل لڳو ته اُهي ٽيئي ڄڻا؛ وائيس پرنسپال مراٺي، پروفيسر ميٿيو ۽ ڪُروپ گڏجي مون کي سيڪنڊ ييئر بي. اي. جي ڪلاس ۾ وٺي هليا؛ جن سمورن شاگردن ايڪانامڪس (ميجر) کنئي هئي.

    اُهي ٽيئي پروفيسر شاگردن جي پٺيان وارين خالي بينچن تي ويهجي ويا ۽ جنوريءَ جي ٿڌ سان گڏ هڪ شانت ماحول ۾ مون ليڪچر وٺڻ شروع ڪيو. پهرين ته شاگردن کي مالٿس جون آدمشماريءَ واريون ياد ڪيل وصفون ٻڌائڻ شروع ڪيون ۽ ڳالهائيندي ڳالهائيندي آءُ بليڪ بورد جو به استعمال ڪرڻ لڳس. اڃا پندرهن منٽ کن پڙهايو هوندو جو اُهي ٽيئي منهنجو ليڪچر اڌ ۾ روڪيندي مون کي وائيس پرنسپال جي آفيس ۾ وٺي آيا. ٽنهي جو اِهو چوڻ هئو ته آءُ ڪم ڪڍي ٿو وڃان، پر شاگردن کي دوبدوگهٽ منهن ڏيندي بليڪ بورد جو ضرورت کان به وڌيڪ سهارو ٿو وٺان. جڏهن ته هنن کي ڪو به ايڪسپرٽ پروفسر کپندو هئو، جو ائين ته خود هنن وٽ به سمورا ايڪانامڪس جا ٽيچر جيڪي جونير ڪاليج ۾ ڪم ڪندڙ هئا، اُهي به سڀ جو سڀ ڊگري ڪاليج ۾ اچڻ جا خواهشمند هوندا.

    خير! جڏهن پروفيسر ميٿيو ۽ پروفيسر ڪُروپ مون کان موڪلائيندي ڪامن روم ڏانهن هليا ويا ته وائيس پرنسپال مراٺي صاحب کي ڄڻ مون تي بيحد رحم اچي رهيو هئو يا ڪا ازغيبي طاقت هن جي دل ۾ منهنجي لاءِ پيار پيدا ڪري رهي هئي، هُن مون کي دلداري ڏيندي چيو، ته تون سنڌ مان لڏپلاڻ ڪري آيو آهين؛ ڀل ميٿيوُ صاحب ۽ ڪُروپ کي ڪو نه وڻيو آهين پر اُتي سنڌيءَ ۾ جڏهن به ڪا جاءِ خالي ٿيندي ته هو پوري ڪوشش ڪندو ته جيئن اُتي منهنجي اپوائنٽمينٽ ڪئي وڃي!

    آءُ به ٻيو ڪو چارو نه ڏسي هڪ دفعو وري سڌو ئي دادا نانڪرام وشنداس جي گهر آيس ۽ کيس ٻڌايو ته منهنجي اپوائنٽمينٽ ڪو نه ٿي سگهي آهي. اڄ وري به هو تيار ٿي مون کي آر. ڪي. تلريجا کان به هڪ وڏي تعليمي درسگاه، چاندي ٻائي همٿ مل منسکاڻي ڪاليج ڏانهن وٺي هليو، جتي ڊاڪٽر ديال ’آشا‘ صاحب سنڌي شعبي اندر هيڊ جا فرائض نڀائي رهيو هئو. اتفاق اهڙو ٿيو، جو آر. ڪي. تلريجا ڪاليج جيان ڊاڪٽر ديال ”آشا“ به دادا نانڪرام کي ڪاليج جي فرسٽ فلور واري ڪاريڊار ۾ ئي ملي ويو؟ ان به ڳالهه ٻڌي اُتي جو اُتي ئي چيو ته في الحال ته هنن وٽ سنڌي شعبي اندر ڪا به جاءِ خالي ناهي، باقي مستقبل ۾ جيڪڏهن ٿي ته ڏٺو ويندو.!

    عوامي آواز سنڊي ميگزين 03 مئي 2015
    ___
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    قسط 8

    ڄڻ منهنجي لاءِ هڪ فرشتو هئو!

    ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي

    الهاس نگر ۾ سنڌيءَ جي ليڪچر شپ لاءِ ڳولها ڪندي جڏهن رهيو کهيو آسرو به ڇٽو ته منوهر کي بمبئي ايئرپورٽ تان وٺي اچڻ لاءِ اُن هڪ هفتي وارا ڏينهن به ڄڻ لنبا ٿي پيا. ياد آيو ته الهاس نگر-5 ۾ اسان جو هڪ پري جو مامو رهندو آهي. مامو ڍولورام؛ جو ڪنهن اسڪول ۾ ٽيچر هئو ۽ جيڪو ڪجهه ئي ڏينهن اڳ داد گلابراءِ جي دڪان تي مليو هئو. گهڻو اڳ جڏهن آءُ پنهنجي امڙ سان هِتي هندوستان گهمڻ آيو هوس ته وٽس گهر ۾ هڪ ڏينهن رهيا به هئاسين.
    ماما ڍولورام جي گهر پڻ سيڙجي ويس ته شال اُهو ڪجهه ڪم اچي سگهي! پر خبر پيئي ته هُو بمبئيءَ ويل آهي ۽ شام جو ستين وڳي کن اُتان موٽندو آهي. ماما ڍولورام به ڏاڍي محنت ڪندو هئو، صبح کان منجھند تائين اسڪول ۾ ماستري ۽ پوءِ ڪنهن فيڪٽريءَ تان سامان کڻي بمبئيءَ وڃي پهچائي ايندو هو. ان ڏينهن هن جي بمبئيءَ مان موٽڻ ۾ اڃا ٻه ٽي ڪلاڪ پيا هئا ته مون وري اُهو ٽائيم اُتي پنجين نمبر ۾ ئي لوڪل بس اسٽاپ تي ويٺي گذاريو؛ جو جيڪڏهن ٽئين نمبر ماسيءَ جي گهر ڏانهن وڃي موٽي به اچان ها ته رڳو اچڻ وڃڻ ۾ ئي پورو ٿي وڃان ها!
    ستين وڳي بدران اڌ ڪلاڪ ٻيو به وڌيڪ دير سان 7.30 وڳي کن ٻيهر سندس گهر ويس ته ماما ڍولو رام بمبئيءَ مان واپس اچي چڪو هو. حال احوال ڏيندي ٻڌايو مانس ته هاڻ جيڪڏهن ڪنهن اسڪول ۾ به ڪا ٽيچر جي نوڪري ملي سگهي ته آءُ اها به ڪرڻ لاءِ تيار آهيان. ماما دلاسو ته سٺو ڏنو، پر سندن اسڪولن ۾ هڪ مهيني لاءِ ڪا موڪل ملڻي هئي؛ سو هُن چيو ته هاڻ ته اها موڪل پوري ٿي بيهي تڏهن ئي ڪا به اپوائنٽمينٽ ٿي سگهندي.
    الله الله ڪري اُهو هڪ هفتو ڪڍيو ۽ اهو ڏينهن به اچي پهتو، جو آءُ پنهنجي ماسات جي گهوٽ راجلداس ۽ سندس دوست موتيءَ سان گڏ بمبئي ايئرپورٽ تي پنهنجي ننڍي ڀاءُ منوهر کي وٺڻ ويس. انهن ڏينهن ۾ اُهو هڪ ئي ايئرپورٽ هوندو هو، جيڪو مشهور ته ’سانتا عروز ايئرپورٽ‘ جي نالي هئو، پر دراصل ان کان به هڪ اسٽيشن انڌيريءَ طرف اڳيان ’ولي پارلي‘ جي ڀَر ۾ ويسٽرن ايڪسپريس هاءِ وي وٽ هئو!

    [​IMG]منوهر جي ڪراچيءَ کان ايندڙ فلائيٽ 5:00 بجي کن شام جو اچڻي هئي، سو اسين ته ان کان به اڌ منو ڪلاڪ اڳواٽ ئي ايئرپورٽ تي پهچي وياسين. انهن ڏينهن ۾ ان هڪ ئي ايئرپورٽ جو ڏاکڻو حصو انٽرنيشنل فلائيٽس لاءِ مقرر ڪيل هئو ۽ باقي بچيل حصي ۾ ڊوميسٽڪ فلائيٽس اينديون هيون. جيسين منوهر جي فلائيٽ اچي تيسين اسين ايئرپورٽ تي ئي هيڏانهن هوڏانهن چڪر پئي هنياسين. انهن ڏينهن ۾ ايئرپورٽ تي ايتري رش ڪو نه هوندي هئي ۽ ان کانسواءِ ٻاهر پبلڪ واري طرف شيشا هوندا هئا جن مان اسين پنهنجي همراه جي ڪسٽم واري جاچ پڻ ڏسي سگهندا هئاسين.
    جڏهن فلائيٽ آئي ته منوهر به ٻين ڪجهه مسافرن سان گڏ پنهنجي اميگريشن ڪرائي هينئر ڪسٽم واري ٽيبل تي پهتو هئو، پر جتي منوهر کي موڪليو ويو اُها ٽيبل اسان جي نظرن کان ڪافي دوريءَ تي هئي جنهن سبب چڱيءَ طرح ڪو نه پئي ڏسي سگهياسين، الائي ڇو منوهر کي ڪافي دير لڳي رهي هئي ۽ هيڏانهن اسان جو انتظار وڌندو پئي ويو.
    بعد ۾ چڱي دير کانپوءِ جڏهن منوهر ٻاهر آيو ته ڀاڪُر پائي گڏياسين. منوهر سان ڀاڪر پائيندي مونکي ته ڄڻ سڀ ڪجهه ملي ويو هجي! ڀلا ڏٺي جو ڏينهن ٿيا هئا ته هينئر ڏاڍي خوشي ٿي رهي هئي! مون کانئس دير سان ٻاهر نڪرڻ جو سبب پڇيو ته خبر پيئي ته ڪسٽم آفيسر منوهر جي آڱر ۾ پاتل ٿلهي سون جي منڊي ڏسي پڇيو هوس ته ٻيو ڇا ڇا سون کڻي آيو آهين ته هن يڪدم فل سوٽ اندر پاتل شرٽ جا به بٽڻ کولي سوني چين ۽ پينڊنٽ وغيره جيترو به سون هوس اهو سڀ ڪڍي ڪري ٽيبل تي رکيو هئائين، اُهو ڪسٽم آفيسر به وري اهڙو ته ڪو بي رحم هئو، جو منوهر کي آڱر واري پاتل منڊي به ڪو نه کڻڻ ڏنائين، ۽ سڀ جو سڀ سون لاهرائي بجاءِ ان جي جو سندس پاسپورٽ ۾ ان جي انٽري ڪري کيس واپس کڻي وڃڻ جي تاعيد ڪري ها؛ هن ماڳهئين ئي ان جي لسٽ ٺاهي پاڻ وٽ ايئرپورٽ جي گودام ۾ اهو سمورو سون رکائي ڇڏيو ۽ منوهر کي ان جي رسيد ٺاهي ڏني؛ جيڪا واپس وڃڻ مهل منوهر ڏيکاري پنهنجو اُهو سمورو سون واپس پئي وٺي سگهيو! پر اهم مسئلو اهو هو ته ان لاءِ بمبئي ايئرپورٽ اٿارٽيءَ وارن طرفان هڪ هڪ ڏينهن لاءِ ڀاري مسواڙ پئي ورتي ويئي. ان لحاظ کان جڏهن هڪ مهينو پوءِ منوهر واپس وڃي ها ته کيس بي گناه اُن مسواڙ واري چٽي ڀرڻي پوي ها ۽ آندل سون پڻ ساڳيو ئي پنهنجي ڳوٺ ڏانهن واپس کڻي وڃڻو پوي ها!
    اسان لاڙڪاڻه ۾ پنهنجي ٻالڪپڻ ۾ پاڪستان چوڪ ڀرسان هڪ آئيس ڪريم جي دوڪان تان ڪڏهن ڪڏهن فالوده آئيس ڪريم کائيندا هئاسين، جنهن لاءِ صرف چار آنا ڀرڻا پوندا هئا. هڪ ڀيري ادا پريم ۽ اسان جي گهر ۾ ئي گڏ رهندڙ سؤٽ ڄيٺانند، اُتي آئيس ڪريم کائڻ ويا هئا ته جيسين آئيس ڪريم اچي اچي تيسين ادا کان پاڻي پيئندي اُهو شيشي وارو گلاس ڀڄي پيو هئو، تنهن تي هنن ٻنهي ويچارن پنهنجي آئيس ڪريم جو آرڊر روڪي ڀڳل گلاس جا اٺ آنا ڀري بنا ڪنهن آئيس ڪريم کائڻ جي ئي گهر موٽي آيا هئا، اڄ تائين اسين اُهو واقعو ياد ڪري کلندي هڪٻئي کي ٻڌائيندا آهيون. ”کايا پيا ڪچ نهين، گلاس توڙا آٺ آنا لو“! لاڙڪاڻه ۾ تمام ريسٽارنٽ ۾ ڪائونٽر تي بل ڀرڻ مهل ويٽر رڙ ڪندي هڪ هڪ گراهڪ جو بل ٻڌائيندا ويندا هئا. اهڙي صورت ۾ ان آئيس ڪريم واري ويٽر به ادا جن جو آرڊر ڪينسل ٿيندو ڏسي ڪائونٽر واري کي چيو هوندو ”کايا پيا ڪچ نهين، گلاس توڙا، آٺ آنا لو!“
    اڄ منوهر جي حالت به ڪجهه اهڙي ئي هئي، هُن منهنجي خط و ڪتابت مان مليل احوال موجب ته دادا گلابراءِ پيسا ڪو نه ڏيئي رهيو آهي، اُن مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ اهي سون جا ڳهه کڻي آيو هئو ته جيئن اها رقم مونکي اوکيءَ سوکيءَ ڪم اچي سگهي؛ پر هيءُ ته معصوم پنهنجا ڪن به ڪٽرائي آيو هئو.

    [​IMG]اسين ٽيڪسي ڪري ايئرپورٽ کان گهٽاڪوپر ريلوي اسٽيشن پهتاسين. شام جي رُڌل وقت سبب ماڻهن جوسمورو انبوه هينئر پنهنجي پنهنجي آفيسن مان گهر موٽي رهيو هئو، جنهن سبب بمبميءَ کان ايندڙ هر ٽرين ۾ زبردست رش هئي. هتي بمبئيءَ ۾ سيڪنڊ ڪلاس ۽ فرسٽ ڪلاس جي ڪارڊ ٽڪيٽ ۾ ڏهوڻو فرق هوندو آهي، ان لاءِ اسين منوهر جي ٽڪيٽ به پاڻ سان گڏ سيڪنڊ ڪلاس ئي ڪڍائي هئي، ڪيئن به ڪري الهاس نگر اسٽيشن طرف ويندڙ هڪ ٽرين ۾ داخل ته ٿياسين، پر منوهر کي ايئرپورٽ جو ايترو ته ٿڪ هئو جو هُو ڪيئن به ڪري اُتي فرش تي ئي ويهي رهيو. ان تي راجلداس جو دوست موتي جيڪو اسان سان گڏ منوهر کي وٺڻ آيو هو، ان کلي ڪري چيو ته ”منوهر، جيڪو ڪجهه ئي ڪلاڪ اڳ فلائيٽ ۾ هوائن جا سير پيو ڪري؛ سو هاڻ ٻن ڪلاڪن کانپوءِ فل سوٽ ۾ به فرش تي ويٺو آهي!“ واه ڙي انساني زندگي!
    الهاس نگر آياسين ته دادا راجلداس جي اصرار تي سندس ئي گهر اندرا وٽ لٿاسين. اسان جي سئوٽن ۾ هڪ هئو بابا ساجنداس مٽلاڻي، جيڪو هينئر لاشاريءَ جو ڏاڍو وڏو زميندار هئو ۽ سندن گهر اسان جي لاڙڪاڻي ۾ ئي هوندو هئو. ان جا ٽي ڀائر گوڪلداس وڪيل، دوارڪاداس ۽ ڪنيعا لال ته اڳواٽ ئي 1960ع واري وقت کان هتي الهاس نگر آيل هئا. پر باقي ٻه ڀائر ساجنداس ۽ هرداس مل اُتي لاڙڪاڻه ۾ ئي رهندا هئا. اسان جي برادريءَ ۾ سيٺ ساجنداس اسان کي چڱو پسند به ڪندو هئو ۽ ڪڏهن ڪڏهن اسان جي گهر پڻ ايندو رهندو هئو، ان جا ٻه پٽ چنديرام ۽ لڇمڻ داس به سٺ واري ڏهاڪي ۾ هتي پنهنجي چاچن وٽ آيل هئا ۽ ساڻن گڏ الهاس نگر ۾ ئي رهندا هئا.
    منوهر، ٻئين ڏينهن مونکي ٻه چٺيون ڏنيون. هڪ ادا پريم مون ڏانهن موڪلي هئي ۽ ٻين چنديرام جي ننڍي ڀاءُ گوپ جي هئي جيڪا هن چنديرام لاءِ موڪلي هئي. مون تڪڙ ۾ پهرين پنهنجي چٺي کولي ڪري پڙهي، جنهن ۾ ادا پريم ڪجهه نراشائيءَ سان مون کي لکيو هئو ته”ضروري ناهي ته انسان جيڪي چاهي سو سچ پچ ٿي سگهي!“ انهن ڏينهن ۾ لاڙڪاڻه جو ڪو ماڻهو جيڪو هتان گهمي ويو هئو ته ادا کي وڃي ٻڌايو هئاسين ته ٻلديو هندوستان ۾ اڃا ڪجهه به ڪونه ڪري سگهيو آهي، نه صرف ايترو چيو هئائين بلڪه ان پنهنجي طرفان ادا کي اهو به ٻڌايو هئو ته ٻلديو هاڻ هندوستان ۾ ڄڻ وائڙن وانگر پيو گهمندو آهي؛ جنهن ڳالهه ادا کي سخت نراشائيءَ ۾ وجھي ڇڏيو هئو. ان لاءِ هُن منهنجو اعتماد واپس موٽائڻ لاءِ سچائي ۽ حالات کي قبول ڪندي لکيو هئو ته ”ضروري ناهي ته انسان جيڪي چاهي سو سچ پچ ٿي سگهي! اسان پنهنجي بهتر مستقبل لاءِ ڪوشش ڪئيسين، پر جيڪڏهن ڌڻيءَ کي ڪجهه ٻيو ئي منظور آهي ته ڪا به ڳالهه ناهي! اڄ به اسان هتي لاڙڪاڻه ۾ ساڳئي گهر ۾ رهون ٿا. مالڪ سڀ ڪجهه ڏنو آهي“. ادا پريم ڪجهه وقت اڳ ته رائيس ملنگ ڪارپوريشن ۾ زونل مئنيجر هئو ۽ بلوچستان جو نصيرآباد ضلعو ۽ سنڌ جا ٽي ضلعا سکر، شڪارپور۽ جيڪب آباد سندس دائري اندر هئا،.ادا، ان زونل مئنيجر جي پوسٽ تي به پنهنجي ايمانداريءَ سبب پهتو هئو جو ان کان اڳ جڏهن رتي ديري ۾ ايريا مئنيجر هئو ته هڪڙي ادا پريم جي ايريا ئي ڪمائيندي هئي، نه ته ٻيو هر هنڌ رائيس ملنگ ڪارپوريشن نقصان ڏيکاري رهي هئي! ان لاءِ ڪارپوريشن جي پٺاڻ چيئرمين، نصر من الله خان جڏهن ادا پريم وٽ وزٽ ڪئي ۽ ڏٺائين ته هن نوجوان ته ڪمائي ڪري نيون رائيس ملون به کوليون آهن؛ جن مان هڪ جو افتتاح ته سندس اعليٰ آفيسر غلام نبي مغل صاحب پڻ ڪرڻ فرمايو هئو، سو ان پٺاڻ چيئرمين ادا پريم جي ايمانداريءَ کان خوشي ٿيندي کيس زونل مئنيجر ڪندي جيڪب آباد موڪليو هئو، اُها ٻي ڳالهه آهي ته ان ترقيءَ پاڻ ادا پريم جي همت کي ئي ڊاهي ڇڏيو هئو، ڇو ته اُتي ايترو ڪجهه نظام ڊانواڊول ٿيل هئو، جو ادا کي ڀؤ پئي ٿيو ته ڪٿي ٻئي جي ڪيل گناهن ۾ خود ادا پريم پاڻ ئي نه اڙجي وڃي! ان لاءِ هُو پاڻ ئي اُها نوڪري ئي ڇڏي گهر هليو آيو هئو ۽ هاڻ واپس پنهنجي ننڍي وڏي وڪالت ئي ڪري رهيو هئو.
    ادا پريم پنهنجي چٺيءَ ۾ مون ڏانهن وڌيڪ لکيو هئو، ته ”ڪابه ڳالهه ناهي! جيڪڏهن تون اتي ڪجهه به ڪو نه ڪري سگهيو آهين! هينئر به ڪجهه ويو ناهي. هتي لاڙڪاڻه موٽي اچ. اسين هينئر به هتي پنهنجي لاءِ ڪو به فل ٽائيم بزنس وغيره ڪري سگهنداسين. الله رکي وٺندو!“ ادا پريم ته اها چٺي پنهنجي حساب سان حالات جو جائزو وٺندي مونکي وڌيڪ دکي ٿيڻ کان روڪيندي لکي هئي، پر منهنجي مٿان ته ڄڻ بجلي ڪري پيئي. مون کي جيڪو رهيل کُهيل اعتماد هئو سو به ڄڻ لوڏن ۾ اچڻ لڳو. پر سائين! آءُ طارق وارا ٻيڙا ئي ساڙي آيو هوس! مان واپس وڃڻ لاءِ ته هاڻ به تيار ڪو نه هوس، پر خود اعتماديءَ ۾ آيل ڏار سبب سخت پريشان هوس ته هاڻ ڇا ڪجي!
    آءُ چنديرام لاءِ آيل چٺي کيس ڏيڻ لاءِ اڳو پوءِ منوهر کي به گڏ وٺي ساڻن ملائڻ لاءِ انهن جي گهر ويس. چنديرام جن اسان جي سٺي آجيان ڪندا هئا. هُن جڏهن پنهنجي ڀاءُ گوپ کان آيل چٺي پڙهي ته اتفاق سان ان ۾ صرف منهنجو ئي ذڪر ڪيل هئو. گوپ پنهنجي وڏي ڀاءُ چنديرام کي لکيو هئو ته ٻلوُ (ٻلديو) اتي سخت پريشان آهي، ان لاءِ سندس ڪجهه اخلاقي راهنمائي ڪئي وڃي. هن چٺي پڙهي يڪدم مون کي مخاطب ٿيندي چيو ته”تون ته مون سان ملندو رهيو آهين پر ڪڏهن به ڪا اهڙي ڳالهه ئي ڪو نه ڪيئي اٿيئي!“ مون وضاحت ۾ صرف ايترو ئي چيو ته جڏهن سڳي سؤٽ داد گلا براءِ کان ئي ههڙيون تڪليفون مليون ته ڪنهن ڪنهن کي ويهي پنهنجي روئداد ٻڌايان!
    چنديرام اُتي جو اُتي ئي مون کان صرف منهنجي دل جي ڳالهه پڇڻ چاهي ته هاڻ آءُ اندور يا الهاس نگر ڪٿي ٿو رهڻ چاهيان! الائي ڇو هاڻ آئون به دماغي طور پنهنجو ارادو بدلائي چڪو هوس، هڪ ته ماما سڳنو مل وارن کي اهو ٻڌائڻ جي همت ڪو نه هئي ته خود پنهنجي ئي سئوٽ منهنجا پيسا ڪونه ڏنا، ٻيو ته گلابراءِ جي رُکي وهنوار سبب منهنجي دل ۾ به هاڻ اها خواهش جنم وٺي چڪي هئي ته”يا رب! هاڻ گلابراءِ کي آئون هتي رهي ئي ڪجهه ڪري ڏيکاريان!“
    مون به چنديرام کي چيو ته سائين، جيئن ته اسان جي سموري برادري پڻ هتي الهاس نگر ۾ ٿي رهي ۽ آءُ هن مهل تائين اندور ۾ سچ شروع ته ڪجهه به ڪو نه ڪيو آهي. پوءِ جيڪڏهن هتي الهاس نگر ۾ ئي منهنجي لاءِ ڪجهه ٿئي ته وڌيڪ سٺو! ڀاءُ چنديرام ان گهڙيءَ ته ڄڻ منهنجي لاءِ هڪ فرشتو هئو! هن به ٺهه پهه چيو ته پوءِ چنتا ڪنهن به ڳالهه جي ڪو نه ڪرڻي آهي!
    چنديرام وارن کي هتي ڀرسان وارن ڳوٺن مرباڊ ۽ سرل گانءُ ۾ رائيس ملون هيون ۽ هتي الهاس نگر ۾ سندن چاچي دوار ڪاداس وارن کي اناج جو هول سيل بزنس هئو. هتي الهاس نگر-1 ۾ ئي رهندڙ چنديرام جو هڪ دوست، لالچند ڇاٻڙيا کيس هميشه اِها آڇ ڪندو هئو ته هُو سندس ئي مارڪيٽ واري هڪ خالي دڪان تي ساڻس گڏجي اناج جي هول سيل بزنس لاءِ ڀائيوار ٿئي؛ پر اڃا تائين هُو ان لاءِ ڪجهه به فيصلو ڪو نه وٺي سگهيو هئو.
    هينئر چنديرام مون کي اها آڇ ڪئي ته لالچند کي ته منهنجي ڀائيواري کپندي ئي آهي، ان لاءِ هُو ان جي اها آڇ قبول ڪندي پنهنجي طرفان مونکي ان وٽ لڳائي ڇڏيندو! ”انڌو گهري هڪ اک، مونکي ته ٻيئي پيئي مليون!“ مون هڪدم ’ها‘ ڪندي سندس اُها آڇ قبول ڪيئي. اهم ڳالهه اِها هئي ته لالچند کي چنديرام ايترو ته وڻندو هئو، جو ان سان ڀائيواري ڪندي صرف ٻنهي کي هڪ جيترا پيسا ڪڍڻا هئا، ڪم ڪرڻ وارن ۾ لالچند ۽ منهنجو ذمو هئو. باقي لالچند پنهنجو مارڪيٽ وارو هيڏو سارو دوڪان بغير ڪنهن مسواڙ جي ڏيئي رهيو هو، منهنجي مٿان چنديرام جو ايڏو وڏو اعتماد ۽ ٿورو اهو هئو جو ڀل پيسا آءُ پنهنجا ئي ڪڍي رهيو هوس، پر ’چنديرام‘ جو برانڊ مونکي هن جي ڀلماسائيءَ سان ئي ملي رهيو هئو، مون کي ته پرائي ڌرتيءَ تي نه صرف پيرُ کُپائڻ لاءِ زمين ملي رهي هئي، پر اڳتي به ڄڻ هڪ وڏي ڀاءُ جيان چنديرام جو سهارو پڻ ملي رهيو هئو!
    چنديرام وٽان موٽياسين ته اڳ نراشائيءَ وچان هوائن ۽ خلائن ۾ هٿوراڙيون هڻندو هوس، هينئر ڄڻ هڪ روحاني خوشي محسوس ٿي رهي هئي. آءُ دل ئي دل ۾ برصغير هند جي صوفي سنت، بابا گرو نانڪ کي ڪيترائي دفعا سجدو ڪندي رب پاڪ جي شڪر ادائي ڪئي؛ جنهن جي مهر سان هيءُ عارضي طوفان آهسته آهسته ماٺيڻا ٿي رهيا هئا!

    عوامي آواز سنڊي ميگزين 10 مئي 2015
    ___
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    قسط 9

    آخري ساهه تائين ڪو نه وساري سگهندس!

    ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي

    آءٌ منوهر جي بمبئي جي دوري کان اڳ وارو هڪ هفتو جيڪو الهاس نگر ۾ ترسيو هوس، ان دوران پنهنجي هڪ سؤٽ هرداس مل جي فرزند نند لعل سان پڻ گڏيو هوس. ان کي جيئن ئي خبر پيئي ته مان ليڪچرر ٿيڻ جو خواهان آهيان ته هو مون کي لاڙڪاڻه جي ئي هڪ نياڻي سشيلا آهوجا جي گهوٽ هاسانند روهڙا وٽ وٺي هليو هئو، جو مون کان صرف هڪ سال اڳ 1976ع ۾ هتي هميشه لاءِ لڏي آيو هئو ۽ هينئر چاندي ٻائي ڪاليج، الهاس نگر ۾ جونيئر ڪاليج ۾ فزڪس لاءِ ليڪچرر مقرر ٿيل هو.

    هاسانند روهڙا، هڪ انتهائي نيڪ انسان مونکي زندگيءَ ۾ مليو، جنهن جي دل ۽ دماغ جي چؤديواريءَ اندر شايد ڪابه برائي داخل ئي ڪونه ٿي سگهندي. هو سنڌ يونيورسٽي مان ايم. ايس. سي. (فزڪس) ڪرڻ کان پوءِ ڪجهه وقت ڪوئيٽا ۾ پڻ اسڪول ٽيچر طور نوڪري ڪري چڪو هئو. پوءِ کيس هڪ نياڻي ڄائي ساڌنا، جنهن کي ڪجهه ڳالهائڻ جو مسئلو هو ته کين اُتي پاڪستان ۾ ئي صلاح ملي ته ان جو بمبئيءَ جي هڪ جهوني ٻارن واري ’واڊيا اسپتال‘ ۾ ممڪن ٿي سگهي ٿو. ان لاءِ هو به همراھه ٻارين ٻچين ٽپڙ سهيڙي اڳو پوءِ هميشه واسطي الهاس نگر هليو آيو هئو؛ جتي ان جا ناناڻا اڳواٽ ئي رهندڙ هئا. اهي خوش ماڻهو هئا، ٻيون ته الهاس نگر جيئن ته بمبئي جي پسگردائيءَ ۾ هئو ته اُتي ساڌنا جو علاج بٿي پئي سگهيو.

    اسان جو سؤٽ نند لعل مٽلاڻي به سٺ واري ڏهاڪي ۾ ئي هيڏانهن الهاس نگر آيل هئو؛ جو انهن جا چاچا سيٺ دوارڪا داس ۽ گوڪلداس وڪيل ته اڳواٽ ئي هتي الهاس نگر ۾ رهندڙ هئا. نند لعل به پنهنجي سؤٽ چنديرام وارن سان سرل گانءُ واري رائيس مل تي ڀائيواريءَ ۾ گڏ ئي ڪم ڪندڙ هئو. اسان ٻيئي، نند لعل ۽ مان الهاس نگر ٽئين جي سترهين سيڪشن واري ٽڪريءَ تي ڀاءُ هاسانند روهڙا سان سندس ’موتي محل سوسائٽي‘ واري فليٽ ۾ وڃي گڏياسين.

    جيستائين اسين ساڻن مليا ڪو نه هئاسين، تيسين منهنجو هاسانند جي شريڪ حيات سشيلا ڏانهن ايترو ڌيان ڪو نه پئي ويو ته اُها ڪير آهي. هينئر هاسا نند وٽ جو مون سشيلا ڀيڻ کي ڏٺو ته ڏاڍي خوشي ٿي. لاڙڪاڻه ۾ سشيلا جي والده ۽ منهنجي امڙ جي پاڻ ۾ ڏاڍي ساهيڙائپ هئي؛ جڏهن ته منهنجي وري سشيلا جي ڀاءُ آتوءَ سان ٿوري گهڻي ويجهڙائپ هئي. پر هينئر اسين اچانڪ هڪٻئي سان ملياسين ته ڏاڍي خوشي ٿي!

    هاسا نند روهڙا به نند لعل توڙي مون سان ايڏي ته پنهنجائپ سان مليو، ڄڻ اسين ننڍپڻ کان گڏ پڙهيا هجون. اها ڀاءُ هاسانند جي نيڪ دلي هئي؛ جو پوءِ ته هو نند لعل کان به وڌيڪ مون سان ايڏو ويجهو اچي ويو جو اسين پورو پورو ڏينهن گڏ هوندا هئاسين. هاسانند کي مون آر. ڪي. تلريجا توڙي چاندي ٻائي ڪاليج جي سنڌي شعبي جي هيڊ بابت ٻڌايو، جن سان آءُ اڳواٽ ئي ملي چڪو هوس، پر کڙ تيل ڪجهه به نه نڪتو هئو، هن مونکي چاندي ٻائي ڪاليج جي پرنسپال ڪنعيا لال تلريجا سان ملايو. تلريجا صاحب پاڻ به سنڌ مان دير سان هندوستان آيل هو، جنهن ڪري هن مون سان پوري همدديءَ ڏيکاري پر سندس چوڻ مطابق (Vacancy) ئي ڪو نه هئي ته هو ڪجهه به ڪو نه پئي ڪري سگهيو!

    [​IMG] منوهر جيڪي سون جا ڳهه، بمبئي ايئرپورٽ تي رکي آيو هئو. انهن لاءِ اسان جي مٿان ڳري مسواڙ پئي پيئي. اهڙي صورت ۾ هاسو ۽ مان لاڙڪاڻه جي رهندڙ امرت، درشن ۽ سڌامو آهوجا جي مامي نانڪرام موٽواڻيءَ سان گڏياسين. نانڪرام موٽواڻي ڪسٽمس ڊپارٽمينٽ ۾ آفيسر هئو ۽ ان مهل سندس مقرري ڪسٽمس جي بيلرڊ پيئر، بمبئيءَ واري هيڊآفيس ۾ ٿيل هئي. نانڪرام موٽواڻي به هڪ شاندار شخصيت جو مالڪ هئو؛ جنهن ۾ ان عارضي آفيسر شاهيءَ وارو گهمنڊ بلڪل ڪونه هئو. هو اسان سان ائين هلي رهيو هئو ڄڻ سڄو لاڙڪاڻو هن جا ڀاڻيجا آهن ؛ هو اسان جو سڳو مامو آهي ۽ هاڻ هن جي اها جوابداري آهي ته ان مسئلي جو نبيرو ڪيئن ٿئي. هن فٽافٽ مون کي منوهر جي نالي ۾ ڪسٽمس جي اپيليٽ ڪمشنر لاءِ هڪ درخواست لکي ڏني، جيڪا مون ٽائيپ ڪرائي موڪلي ڇڏي.

    ڪجهه ئي ڏينهن ۾ ڪسٽمس اپيليٽ ڪمشنر آفيس ۾ منوهر کي گهرايو ويو. مون اهو ليٽر پنهنجي سؤٽ چنديرام کي ڏيکاريو ته هن به اُتي جو اُتي ئي اها جوابداري پنهنجي ننڍي ڀاءُ لڇمڻ داس جي ذمي رکي ته لاڳاپيل ڏينهن تي هو اسان سان گڏ هلي، اُتي آفيسرن سان ڳالهائيندو. پوءِ ته جنهن ڏينهن حاضريءَ جو ڏينهن آيو ته مون کي ته خبر به ڪونه هئي ته اها آفيس ڪهڙي جاءِ تي آهي. لڇمڻ، اسان ٻنهي ڀائرن منوهر ۽ مون کي بمبئيءَ جي چرني روڊ اسٽيشن تي وٺي آيو. جنهن جي اولهه طرف سمنڊ ڪناري چوپاٽيءَ وارو مشهور سياحتي ماڳ هئو. هو پنڌ ئي پنڌ اسان کي چوپاٽيءَ کان به ٿورو اڳيان ڪسٽمس اپيليٽ آفيس ۾ وٺي هليو . اسين صبح جو سوير ئي اُتي ويا هئاسين؛ جنهن ڪري اڃا آفيس ۾ ڪا گهڻي رش به ڪونه هئي. آءُ ڪمشنر چيمبر جي ٻاهر ئي ويٺس؛ جڏهن ته لڇمڻ ۽ منوهر اندر ڪمشنر وٽان ٿوري ئي دير ۾ ٿي آيا. هن فٽافٽ بمبئي ايئرپورٽ تان سونا ڳهه ڇڏائڻ جو آرڊر ٺاهي ڏنو، جيڪو ڏيکاريندي ايئرپورٽ تي چند ڏينهن جي مسواڙ ڀري اسين پنهنجو سامان آڻي الهاس نگر ۾سنڀالي رکيوسين.

    آءٌ ڪجهه ڏينهن منوهر سان اندور مان به وڃي ٿي آيس، جتي ماما سڳنو مل کي پنهنجي الهاس نگر ۾ رهڻ بابت ٻڌايو ۽ ان جي پس منظر ۾ جيڪي به ٿيو هئو انهن ڳالهين کان پڻ واقف ڪيو. ماما سڳنو مل اسان سان بيحد پيار ڪندڙ هڪ نيڪ ۽ شفيق شخص هئو؛ هو ته اتان جي مشهور راڄ واڙا چوڪ ڀرسان ئي هڪ گهٽيءَ وارو پنهنجو دوڪان مون کي بغير پيسن جي به ڏيڻ لاءِ تيار هئو؛ جيڪو هلي مون کي کولي به ڏيکاريو هئائين. پر مون پنهنجي لاءِ ڪجهه مستقل ڪرڻ جي تمنا ۾ ماما کي اهو ئي چيو هو ته قرب ڪري اسان کي پنهنجو دوڪان وٺي ڏيو.

    هاڻ جڏهن ماما سڳنو مل کي منهنجي الهاس نگر ۾ مستقل رهائش جي خبر پيئي ته هُن کي ڪجهه ڪجهه ڏک به ٿيو؛ جو هُن ائين پئي چاهيو ته آءُ جيئن ته هڪ پڙهيل شخص هوس؛ ان لاءِ هن کي اميد هئي ته منهنجي سنگت ۾ سندس اولاد به پڙهڻ جو وڌيڪ شوق رکي چڙهي پوندي. دراصل هن مون کي اِهي لفظ چئي ڪري نه صرف مون ۾ پنهنجي مضبوط اعتماد جو اظهار ڪيو هئو پر ان سان گڏوگڏ هن منهنجي عزت ۾ پڻ اضافو آندو هئو.

    آءُ اندور ۾ پنهنجي ڀڄن لال ۽ نانيءَ وٽ رهڻ بدران ڪڏهن ڪڏهن ماما امر لال جي گهر پڻ رهندو هوس؛ جو اُن سان توڙي سندس شريڪ حيات، مامي موهنيءَ سان پڻ ڪچهريون ڪندي وڻندو هئو. پر مالي طور منهنجا ناناڻا ڪجهه ڪمزور هئا؛ جڏهن ته منهنجي امڙ جا ماما سڳنو مل ۽ ساڌو رام وارا چڱو ئي خوش ماڻهو هئا. ساڌو رام کي به پلاسيا ۾ ڪريانه جو دوڪان هئو ته ان سان لڳولڳ هڪ اٽي جي چڪي پڻ هئي. ساڌو رام کي وري هندي رسالن پڙهڻ جو بيحد شوق ۽ جڏهن به کيس وقت ملندو هوس؛ يا خاص طور ماني کائڻ مهل ته ڪو نه ڪو رسالو کڻي ڪا ڪهاڻي وغيره پڙهندو هو ته ان سان گڏ ماني پڻ کائيندو رهندو هئو. هن جو چوڻ هئو ته ڪتاب پڙهڻ سان گڏوگڏ ماني کائيندي هو دل سان کائي سگهندو آهي، نه ته شايد ڪجهه گهٽ ئي مزو اچي. ماما ساڌو رام جو پٽ سچوُ ۽ ماما سڳني مل جي پٽن ديال ۽ ستيه پال سان پڻ منهنجي سٺي ويجهڙائپ هئي.

    آءُ اڳ جڏهن اندور ۾ رهندو هوس ته ماما سڳنو ملسان سندس چڪيءَ تي يا ڪڏهن ڪڏهن ستيه پال سان به ڪجهه هتي هتي چڪر هڻندو هوس. ڪڏهن ته ماما سڳنو مل پاڻ پنهنجي سائيڪل تي ويهاري چڱو پري تائين اندور جون سياحتي جايون ڏيکارڻ هلندو هئو. آگسٽ 1977ع وارن ڏينهن ۾آءُ جڏهن اڃا تازو ئي سنڌ مان آيو هوس ته انهن ڏينهن ۾ هتي ‘گڻيش ڀڳوان’ جا ڏينهن هلي رهيا هئا؛ جنهن لاءِ ڪيترن ئي گهرن ۾ ان جي مورتي رکي پوڄا ڪئي ويندي آهي. تقريباَ يارهن ڏينهن کن پاڙي پاڙي ۾ اها ڌوم لڳي پيئي هوندي آهي. آخري يارهين ڏينهن تي ان جي وشال مورتيءَ جو وسرجن ٿيندو آهي. ان لاءِ اندور ۾ ٿيندڙ اهتمام پوري هندوستان ۾ مشهور آهي؛ جو اندور جي هڪ ڪنڊ مالوا مِل کان اُهي الڳ الڳ خوبصورت حسين ۽ رنگين جهانڪيون پوري شهر مان ٿيندي هڪ پوري مڪمل رات جو آهستي آهستي سفر طئه ڪندي پرڀات ويلي وڃي درياءَ جي ڀر ۾ان گڻيش ڀڳوان جي مورتيءَ کي درياھ پروان ڪيو ويندو آهي. تڏهن اهو ميلو ملاکڙو ڏسي مان به دنگ رهجي ويو هوس.!

    [​IMG] جيئن 26 جنوريءَ تي دهليءَ جي پارليامينٽ اسٽريٽ وٽ هندوستان جي مختلف صوبن جو جهانڪيون نڪرنديون آهن، تيئن هتي وري مختلف انڊسٽريل هائوسز طرفان گڻيش ڀڳوان جي مورتيءَ جي جهانڪين سان اها پوري رات روشنين جي جڳ مڳ سان چمڪائي ويندي آهي. جتان جتان به اُهي لنگهندا ويندا آهن ته ان پوري رستي تي ٻنهي پاسن کان ڏسندڙن جا هجوم بيٺا هوندا آهن. هڪ اهم ڳالهه ته فلم اسٽار جاني واڪر به اصل اندور جو رهندڙ هئو؛ جنهن جو گهر پلاسيه طرف ويندي ’اِسٽارلِٽ‘ سنيما جي ڀر ۾ هوندو هئو، ته مشهور فلمي جوڙي سليم جاويد، جن ‘شعلي’ ۽ ‘ڊان’ جا اسڪرپٽ لکيا هئا؛ انهن مان سليم پڻ اصل اندور جو ئي رهندڙ هئو، جنهن جو گهر پڻ پلاسيه کان ماما امر لال جي گهر پليسڪر ڪالونيءَ ڏانهن ويندي رستي تي ايندو هئو. سليم، دراصل بمبئي فلم انڊسٽريءَ ۾ اداڪار ٿيڻ آيو هئو ۽ هن کي هڪ اڌ فلم ملي به هئي، پر همراھه ان ميدان ۾ پير ڪو نه کپائي سگهيو ته مشهور شاعر جان نثار اختر جي پٽ جاويد اختر سان گڏ ‘سليم جاويد’ جوڙي ٺاهي اسٽوري، اسڪرپٽ ۽ ڊائلاگ لکندا هئا. انهن ڏينهن ۾ سندس سٺو نالو هوندو هو. مشهور فلم اسٽار سلمان خان، ان سليم جو ئي پٽ آهي، جنهن ويهه پنجويهه سال اڳ ’مين ني پيار ڪيا‘ سان پنهنجو فلمي سفر شروع ڪيو هئو؛ جيڪو پوءِ ته ايڏو هلي ويو جو ان جي وجود سان خود سليم کي به وڌيڪ سڃاڻپ ملي ته سندس عزت پڻ وڌندي رهي. سليم جون ٻه شاديون ڪيل آهن؛ هڪ مهاراشٽين هندو براهمڻ ڇوڪريءَ سان، جنهن کي اسلام قبول ڪرائي مٿس سلميٰ نالو رکيو ويو ۽ ٻين فلم انڊسٽري ۾ رهندي مشهور اداڪاره هيلن سان! پر سلمان، ارباز ۽ سهيل پهرين زال مان اولاد آهي. جيتوڻيڪ هيلن تي خدا جي اهڙي مهر ڪو نه ٿي سگهي پوءِ ان جو پنهنجي ور جي ٽنهي پٽن سان بيحد پيار وارو رستو آهي. خاص ڳالهه ته سلمان خان ڀلي پاڻ اهلِ ايمان آهي، پر اُهو به پنهنجي گهر ۾ هر سال ڳڻپتي (گڻيش ڀڳوان) جي مورتي براجمان ڪندو آهي ۽ پوءِ ڪنهن مقرر ڏينهن تي وڏي ڌام ڌوم سان ان جو وسرجن به ڪندو آهي.

    اندور کان سائينءَ جي مهر سان موٽياسين ته الهاس نگر ۾ سؤٽ چنديرام جي مهربانين سبب مين بازار ۾ جتي اڳ ئي ڪجهه اناج جا هول سيل دوڪان هئا؛ اُتي لالچند ڇاٻڙيا ۽ منهنجو به ساڳيو ئي اناج جو هول سيل ڪم شروع ٿي ويو. چنديرام جو مون سان وڏو وَڙُ اِهو هئو جو هن پنهنجو ڪجهه به حصو پتي ڪو نه رکيو هئو. جڏهن ته پيسا به جيترا لالچند لڳايا هئا، مون به اوترائي لڳايا هئا. آءٌ لالچند وٽ عملي طور ڪم ڪندڙ هوس؛ نفعو نقصان منهنجو هئو پر هن جي طرف جوابداري سڄي چنديرام جي هئي. اهو سمورو ڪم چنديرام ايڏو ته سهڻي نموني ڪيو هئو، جيئن پنهنجي نئين آيل ننڍي ڀاءُ کي ڪٿي ڪم سان لڳائجي! آءٌ هن جا اِهي احسان جيستائين به حيات آهيان ته آخري ساھه تائين ڪو نه وساري سگهندس !

    لالچند ڇاٻڙيا، عمر ۾ تقريباَ مون جيترو ئي هو؛ نيت جو به بيحد صاف دل هئو ۽ مون سان تمام پنهنجائپ سان هلندو هئو؛ پر ڪڏهن ڪڏهن سندس سڀاوَ ۾ ڪجهه مالڪپڻي واري ڳالهه به نظر ايندي هئي. جيتوڻيڪ اڄ آءُ فليش بيڪ ۾ وڃي ڏسان ٿو ته اُها ڪا اهڙي ڳالهه ڪو نه هئي؛ جو هو ته ڪڏهن پنهنجي گهران آيل ماني به مون کي زوريءَ کارائيندو هئو.

    اسان جو اهو بزنس سٺو هلي پيو؛ جو اسان ڏاڍي محنت ڪندا هئاسين. اسان جو شيڊول ائين هوندو هئو؛ جو ڪنهن نه ڪنهن دلال سان گڏ آءُ الهاس نگر هڪ کان پنجين نمبر تائين جيترا به ڪرياني جا دوڪان گهمي سگهندا هئاسين، انهن کي پنهنجي اناج جا نمونا ڏيکاريندي آرڊر وٺندا هئاسين. منجهند ڌاري موٽي پنهنجي دوڪان تي ايندا هئاسين ۽ پوءِ ماني کائي ٿوري ئي جهٽ ۾ وري آءُ نڪرندو هوس پهرين نمبر کان پنجين نمبر تائين پنڌ؛ ئي پنڌ هڪ هڪ دوڪان تان پنهنجي اوڳڙ ڪرڻ . هڪ هفتي جي اوڌر جي حساب سان هر هڪ دوڪان کان هڪ هفتو اڳ وارا ئي پيسا ملندا هئا. ڪيترا دوڪاندار، جيڪي ڏيتي ليتيءَ جا چڱا ڪونه هوندا هئا ته انهن کي يا ته وڌيڪ اگهه ۾ اناج ڏيندا هئاسين، ڇو ته پوءِ اوڳڙ به ڏاڍي اينگهه سان ملندي هئي ۽ جيڪڏهن بلڪل ئي بي ايمان هوندا هئا ته انهن کي مال ڏيڻ ئي بند ڪندا هئاسين.

    ائين اسان ڏاڍي محنت ڪئي. لالچند صرف پهريان ڪجهه ڏينهن پاڻ به مون سان گڏ هليو هئو؛ پوءِ ته آءٌ اڪيلو ئي اها اوڳڙ ڪرڻ نڪري ويندو هوس.اُتان موٽڻ مهل منهنجو گهر وچ تي الهاس نگر -3 ۾ پوندو هو ، پر آءُ اُهو ٽپي اڃا به اڳيان اچي اسان واري پهرين نمبر جي دوڪان پٺيان لالچند جو گهر هوندو هئو؛ اُتي اچي لالچند کي اها سموري مليل رقم ڳڻي ڪري ڏيندو هوسز تنهن کانپوءِ مس پنهنجي گهر ويندو هوس؛ ائين ڪندي تقريباَ رات جا 11.00 کن ٿي ويندا هئا.

    هيڪر بزنس سٺو هليو ته مون وٽ ايترا ٿورا پيسا بچيل هئا؛ جو مون انهن پيسن سان پنهنجي لاءِ ٽئين نمبر کان پنجين نمبر ڏانهن ويندڙ مين روڊ وٽ پراڻي بئرڪ جي هڪ ڪمري جو به سودو ڪري ڇڏيو. ان جو قبضو ته ٽي مهينا پوءِ ملڻو هئو پر منوهر جي هوندي ئي مون اهو سودو به ڪري ڇڏيو ته جيئن منوهر لاڙڪاڻه وڃي گهر وارن کي سمورو حال احوال ڏيئي سگهي.

    اسان جي بزنس واري مارڪيٽ ۾ اڱاري ڏينهن موڪل ٿيندي هئي، اُن ڏينهن منوهر کي به ڪٿي نه ڪٿي گهمائڻ وٺي ويندا هئاسين؛ ڪڏهن بمبئي ته ڪڏهن الهاس نگر جا ئي ڪجهه الڳ الڳ حصا؛ جيئن ته برلا مندر، جيڪو هڪ پهاڙ تي بهترين سياحتي هنڌ آهي، ته ڪڏهن وري الهاس نگر پنجين طرف هڪ هزار ساله جهونو ’شِوُ مندر‘ ته ڪڏهن وري وسڻ گهوٽ، جيوڻ گهوٽ، چاليها صاحب ۽ ٻيون درٻارون گهمڻ ويندا هئاسين. ڪڏهن راجلداس ۽ موتي ته ڪڏهن هاسو اسان سان گڏ هوندو هئو.

    ائين ڪندي منوهر جي واپس ورڻ جا ڏينهن به ويجها پوندا ويا. آءٌ هڪ ڏينهن شام جو الهاس نگر ٻئين جي مشهور ڪتابن واري دڪان ‘جڳديش بوڪ ڊيپو’ تان ڪلياڻ آڏواڻيءَ جو مرتب ڪيل ’شاھه جو رسالو‘ وٺڻ ويس. هاسو ۽ منوهر به مون سان گڏ هئا. شام جو پَهرُ هو ۽ رات جو روشنيون به ٻري چڪيون هيون. دوڪان جي ڪائونٽر ٻاهران هڪ اسٽول تي هيرو شيوڪاڻي ويٺو هئو؛ جيسين آءُ ‘شاھه جو رسالو’ وٺان جيڪو مون کي منوهر هٿ لاڙڪاڻي جي استاد سائين غلام حسين جوڻيجي کي موڪلڻو هئو؛ تيسين ڀَرِ ۾ ويٺل شيوڪاڻي صاحب مون کي ڏسندي چيو ته ڇا آءٌ ڪجهه ڏينهن اڳ هنن جي ڪاليج ۾ سنڌيءَ جي ليڪچررشپ لاءِ ويو هوس! پوءِ منهنجي ‘ها’ ڪرڻ تي ٻڌايائين ته هنن وٽ جونيئر ڪاليج ۾ جيڪو شخص اهو ڪم ڪري رهيو هئو ان جي تعليمي لياقت اڻپوري هئڻ سبب هاڻ وٽن ايندڙ تعليمي سال جون 1978ع کان اها سنڌيءَ جي جونيئر ڪاليج ٽيچر واري جاءِ خالي ٿي رهي آهي. پر مون کي ساڻس ٿيل ڪاليج جي ڏاڪڻ واري ملاقات ياد هئي؛ سو هينئر ته منهنجي زبان مان بي خوديءَ ۾ نڪري ويو؛ ”سائين اوهان جي مهرباني! پر هينئر مون هڪ ننڍو وڏو بزنس شروع ڪيو آهي ۽ ڌڻيءَ جي مهر سان سٺو ٿو هلي! آءٌ اُتي مطمئن لڳو پيو آهيان!“

    اسين اُتان ’شاھه جو رسالو‘ وٺي اڳيان وڌياسين ته هاسو مون سان ڪاوڙجي ويو! چيائين؛ اهڙو کتو جواب مون ڇو ڏنو! اهڙو سٺو موقعو ملي رهيو هئو ۽ مون کي ائين سڌوسنئون جواب نه ڏيڻ کپندو هئو!

    عوامي آواز سنڊي ميگزين 17 مئي 2015
    ___
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    قسط 10

    مسڪينن جو الله هوندو آهي!

    ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي

    منوهر پنهنجي ڪجهه ئي ڏينهن واري هندوستان جي وزٽ پوري ڪري واپس لاڙڪاڻه هليو ويو. راجلداس، هاسو، موتي ۽ مان کيس بمبئي ايئرپورٽ تي ڇڏي آياسين. ڪجهه به خبر نه هئي ته وري ڪڏهن ملڻ ٿيندو! آءُ الهاس نگر موٽي اچي پنهنجي اناج واري ڪم کي لڳي ويس. ڪڏهن ڪڏهن اسان جو سؤٽ چنديرام ۽ ان جو ڀاءُ لڇمڻ داس اسان وٽ ايندا هئا ته ڏاڍو سٺو لڳندو هئو. لالچند جو هڪ وڏو ڀاءُ به هوندو هئو گهنشو مل، جنهن کي وري پنهنجو ئي اناج جو الڳ ڪم هئو. اهو به مون کي پنهنجي ننڍي ڀاءُ جيان پيار ڪندو هئو. هڪ ڀيري ڇا ٿيو، جو الهاس نگر چوٿين ۽ پنجين نمبر مان اوڳاڙي ڪري رات جو دير سان لالچند جي گهر پهتس. لالچند پيسا ڳڻيا ته پنجين روپئي جي نوٽن جي هڪ ٿپيءَ مان هڪ نوٽ گهٽ هئو. پوءِ ته لالچند ۽ مون ان کي وري وري پئي ڳڻيو ۽ هر ڀيري سان اهي نوانوي پئي ٿيا. انهن ڏينهن ۾ پنج روپين جي به وڏي اهميت هوندي هئي. لالچند جي پڇڻ تي مون کيس ٻڌايو ته آءُ ڪنهن ڪنهن کان اوڳڙ ڪري آيو آهيان. پوءِ ياد آيو ته اها پنجين جي ٿپي الهاس نگر-5 جي بلڪل آخري ڇيڙي تي گنگو چڪيءَ واري ڏني هئي. نوٽ گهٽ نڪتو ته مون کي ڄڻ پنهنجو ئي اندر کائي رهيو هئو، ته ڪٿي لالچند ائين نه سمجهي ته ان ٿپيءَ جي وچ مان هڪ نوٽ مون ئي ڪڍي ورتو آهي؛ ان لاءِ ڪجهه بي چيني پئي ٿي‘لالچند سمجهي ويو. هن بيحد اعتماد مان چيو ته صبحاڻي گنگو چڪيءَ واري کي چئجان ته تنهنجي ٿپيءَ مان پنجين جو هڪ نوٽ گهٽ نڪتو آهي!

    ٻئي ڏينهن آءُ اوڳڙ ڪندو جڏهن گنگو چڪيءَ واري وٽ پهتس ته هڪ بزرگ ماڻهوءَ کي چوندي به مون کي ڄڻ وڏي همت ڪرڻي پيئي. پر منهنجي حيرت جي حد ئي نه رهي جو جئين ئي مون کيس هڪ نوٽ گهٽ هئڻ بابت ٻڌايو ته هن فٽا فٽ پنهنجي ٽجوڙيءَ مان هڪ پنجين جو هڪ نوٽ ڪڍي مون کي ڏنو. پوءِ ته مون ۾ به ٿوري گهڻي همت آئي. مون کانئس پڇيو ته هن ڪالهه ائين ڇو ڪيو، ته هن سمجهاڻي ڏيندي چيو ته ڪيترائي ڀيرا هڪ نوٽ وڌيڪ هليو ويندو آهي؛ ان لاءِ هو اڳواٽ ئي ٿپيءَ مان هو هڪ نوٽ ڪڍي ڇڏيندو آهي، پوءِ جيڪڏهن مالڪ وٽ پورا نڪتا ته ٻنهي وٽ سک، جيڪڏهن ڪا شڪايت آئي ته پوءِ ڪڍيل نوٽ واپسي ڏيئي ڇڏيندو هئو. پر اهڙي صورت ۾ اها ايڏي وڏي بي ايماني هئي؛ جو جيڪڏهن ڪير مالڪ پاڻ اهي نوٽ ٻيهر ڳڻڻ کان سواءِ ئي وڃي پنهنجي مراديءَ ۾ گڏي ته پوءِ سندس ملائڪن کي به شايد خبر ڪو نه پوندي ته ڪو گنگوءَ هڪ نوٽ گهٽ ڏنو هئو! اِهي هئا هتي هندوستان جي پٿريلي زمين جا قدر ۽ ماڻ! شايد سنڌ جي چيڪي مٽيءَ تي ڪير به اهڙي بي ايماني جو سوچيندو به ڪين!

    پوءِ ڪجهه ئي ڏينهن ۾ آر. ڪي. تلريجا ڪاليج ۽ چاندي ٻائي ڪاليج ٻنهي لاءِ سنڌيءَ جي جونيئر ڪاليج ٽيچر جي ايڊورٽائزمينٽ آئي. منهنجي هندوستان ۾ ٺاهيل سنڌ واري دوست هاسانند روهڙا، جنهن کي اسين پيار مان ’هاسو‘ چوندا هئاسين ۽ پاڻ چاندي ٻائي ڪاليج ۾ جونيئر ڪاليج لاءِ فزڪس جو ٽيچر هئو؛ ان منهنجي مٿان ڏاڍو زور بار پئي آندو ته هتي بزنس ڪندي منهنجو علم، عقل ۽ فهم اجايو وڃي رهيو آهي. مون کان وڌيڪ هن جي خواهش هئي ته مان سنڌيءَ جي ٽيچنگ کي پنهنجو پروفيشن بڻايان؛ ته آءُ ان ميدان ۾ بيحد ڪامياب وڃي سگهان ٿو. آخر ان دوست هاسي جي ئي چوڻ تي آءُ ٻنهي هنڌن آر. ڪي. تلريجا ڪاليج ۽ چاندي ٻائي همت مل منسکاڻي ڪاليج ۾ پنهنجي لاءِ درخواست ڪري ڇڏي.

    [​IMG]مون آر .ڪي. تلريجا. ڪاليج ۾ هڪ ڀيرو اڳ به ايڪانامس ۾ ڊگري ڪاليج لاءِ 6- جنوري 1978ع تي انٽرويو ڏنو هئو . هاڻ مون کي اُتي سنڌي شعبي ۾ جونيئر ڪاليج ۾تقريباَ مئي ڌاري انٽرويوءَ لاءِ گهرايو ويو. اهي ڏينهن ڪاليجن جي وئڪيشن جا هئا؛ جنهن لاءِ جڏهن انٽرويو ٿيو ته پروفيسرس ڪامن روم ۾صرف اسان اميدوارن کان سواءِ ٻيو ڪير به ڪو نه هئو. اهڙا انٽرويو ته مون سنڌ ۾ به ڏنا هئا؛ پر هتي مڙيوئي اميدوارن کي ٿوري وڌيڪ عزت ائين پئي ڏني ويئي جو جيسين اسان کي پرنسپال آفيس ۾ انٽرويوءَ لاءِ سڏ ٿئي تيسين سمورن اميدوارن کي هڪ هڪ ڪمند جي رس جو گلاس پيئاريو ويو. مون جو ڏٺو ته سنڌيءَ لاءِ ڇهه ست اميدوار آيل هئا، جن مان ٻه ڇوڪريون ته فرسٽ ڪلاس ۾ پوسٽ گريجوئيٽ هيون. جيتوڻيڪ سنڌ يونيورسٽيءَ جوفرسٽ ڪلاس هولڊر ته آءُ به هوس؛ پر مون ائين پئي سمجهيو ته سڀاويڪ هيءُ ڪاليج پنهنجي يونيورسٽي مان ڊگريون ورتل اميدوارن کي ترجيح ڏيندا. سو جڏهن مون اهو ڪمند جي رس وارو گلاس پئي پيتو ته رب پاڪ جا شڪرانا به پئي بجا آندا ته مولا! شايد هن ڪاليج ۾ منهنجو اهو هڪ جوس وارو گلاس ئي لکيل هئو، جيڪو اڄ مون کي مليو هئو.

    جڏهن پرنسپال آفيس ۾ انٽرويوءَ لاءِ سڏ ٿيو ته پرنسپال هريسنگهاڻي، وائيس پرنسپال مراٺي، آر. ڪي. ٽي. ڪاليج جي مئنيجمينٽ بورڊ جو سينيئر ميمبر گوبند رام پنجابي ۽ ٻيو هڪ به موجود هئو؛ پر سنڌي سبجيڪٽ جو ايڪسپرٽ ڪير به ويٺل نه هئو. جڏهن انهن سڀني انٽرويو وٺندڙن ۾ سنڌي ٻولي ۽ ادب جو ماهر ڪير به نه هئو ته اهي صرف جنرل سوال ئي پڇي رهيا هئا. هنن جو رويو بيحد شفقت وارو پئي لڳو يا آءُ هنن کي ٿورو گهڻو وڻي رهيو هوس؛ والله علم! پر هنن مون کي هڪ ڳالهه جو چتاءُ ڏنو ته هتي هندوستان ۾ تعليمي ادارن اندر سنڌي ٻوليءَ لاءِ عربي ۽ ديوناگري؛ ٻيئي اسڪرپٽ منظور ڪيل آهن ته پوءِ اهڙي صورت ۾ آءُ ڪيئن ڪم ڪري سگهندس! پر مون کين ٻڌايو مان ته ديوناگري اسڪرپٽ ته ڇڏيو مون کي هندي ٻولي به چڱي طرح ايندي آهي جو ننڍي هوندي اسان لاڙڪاڻي ۾ رهندي اُها هندي ٻولي مهراجن کان سکي هئي ۽ هينئر اندور ۾ رهندي هندي اخبارون پڙهندي پڻ ان جو وڌيڪ علم اچي ويو هئو. هنن جڏهن اخبارن جا نالا پڇيا ته مون اندور جي لوڪل اخبار ’نئي دنيا‘ ۽ هڪ نيشنل اخبار ’ نو ڀارت ٽائيمس‘ جا نالا کنيا. مون کي لڳو ته هو صرف اخبارن جا نالا ٻڌي ئي خوش ٿي ويا. وڌيڪ جو وائيس پرنسپال مراٺي صاحب به مون ۾ وڌيڪ چاه وٺي رهيو هئو ته مون ان کي مخاطب ٿيندو چيو ته ”سائين! اوهان ته واعدو ڪيو هئو ته جڏهن به سنڌيءَ جي جاءِ خالي ٿيندي ته منهنجي اپوائنمينٽ ڪئي ويندي.“ جنهن جي جواب ۾ هن مون کي اشارو ڪندي خاموش رهڻ لاءِ چيو ته ڪٿي ٻين همراهن کي اها ڳالهه سٺي نه لڳندي ته منهنجو ٺهيو ٺڪيو ڪم به ڊهي پوندو!

    انٽرويو ڏيئي ٻاهر نڪتس ته منهنجي مٿان مڪسڊ ري ايڪشن هئو. وڌيڪ پڪ ان ڳالهه جي هئي ته منهنجي اپوائنٽمينٽ ته مشڪل آهي پر الائي ڇو نااميد بلڪل ڪو نه هوس؛ جو مون هڪ به جواب غلط ڪو نه ڏنو هئو! ڪجهه ڏينهن اڳ چاندي ٻائي ڪاليج ۾ به انٽرويو هئو. آءُ اتي به ويو هئس، پر هنن ڪجهه پڇيو ئي ڪو نه ۽ صرف سرٽيفڪيٽ وغيره ڏسي ڪري، ڪجهه ڏينهن بعد هنن جي مئنيجمنٽ ’حيدرآباد (سنڌ) نيشنل ڪالجئيٽ بورڊ‘ جي مکيه تعليمي اداري ڪي. سي. ڪاليج، بمبئي ۾ هڪ ٻيون به انٽرويو ڏيڻ لاءِ چيو هئو.

    آر. ڪي. تلريجا ۽ چاندي ٻائي؛ ٻنهي ڪاليجن جي مئنيجمنٽ ۾ وڏو فرق اهو هئو جو ’ آر ڪي‘ وارا پاڻ وٽ ئي انٽرويو وٺي اتي جو اتي ئي فيصلو ڪندا هئا پر ’چاندي ٻائي‘ جي مئنيجمنٽ وارا سمورا اختيار پاڻ وٽ رکندا هئا ۽ پنهنجي سمورن ڪاليجن جي نه صرف اپوائنٽمينٽ پنهنجي هٿ ۾ رکندا هئا؛ پر پنهنجي ڪيتري ئي اسٽاف کي ٽيمپرري آرڊر ڏئي بلڪل عارضي طور ملازمت تي رکندا هئا ۽ ڏه ڏه سال پيا کانئن هر سال انٽرويو وٺندا رهندا هئا.

    هاسو، مون کي چاندي ٻائي ڪاليج جي ٽيرس فليٽ ۾ پرنسپال ڪنعيالال تلريجا وٽ وٺي هليو ته جيئن منهنجي اپوائنٽمينٽ آسان ٿي سگهي، پر هن ٻڌايو ته اها ويڪنسي صرف پنهنجي ئي ڪنهن اسٽاف ميمبر کي ٻيهر ڏيڻ لاءِ ڏيکاري ويئي آهي. باقي هن مون سان همدردي چڱي پئي ڏيکاري. اهڙي صورت ۾ آءُ هنن جي ڪي. سي. ڪاليج، بمبئي ۾ ٿيندڙ فائينل انٽرويو پوءِ ڏيڻ ئي ڪو نه ويس.

    [​IMG] منهنجو اناج جو ڪم هلندو پئي آيو، جو جون جي پهرئين هفتي ۾ منهنجي پنهنجي گهر بئرڪ 5/825 تي منهنجي نالي آر. ڪي. تلريجا. ڪاليج مان هڪ ٽائيپ ٿيل آرڊر آيو. ان ڏينهن آءُ شام جو پنجين نمبر اوڳاڙي ڪرڻ وڃڻو هوس، جو رستي تي پنهنجي بئرڪ کولي ڏٺو ته آر. ڪي. تلريجا ڪاليج مان هڪ ليٽرآيل هئو. آءُ بابا گرو نانڪ جو هڪ رب پاڪ جي وحدانيت وارو ’ ايڪ اؤنڪار‘ پڙهي لفافو کوليو، ته ان ۾ منهنجي سليڪشن لاءِ ٻڌايو ويو هئو ۽ 20 – جون تي سروس جوائن ڪرڻ لاءِ پڻ چيو ويو هئو.

    آرڊر ڏسي بيحد خوشي ٿي؛ جو اڄ سچ پچ منهنجي نالي ڀل جونيئر ڪاليج ۾ ئي صحيح ڀر پوري پگهار سان آرڊر مليو هئو؛ جڏهن ته ڌڻيءَ جي مهر سان اهڙو حقدار ته چار سال اڳ 1974ع ۾ به هوس؛ جڏهن سنڌ يونيورسٽيءَ مان منهنجو اهڙو آرڊر نڪرڻ کپندو هئو. زندگيءَ به عجيب پاسو بدلايو! پنج سال اڳ لاڙڪاڻه ۾ رهندي مون سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايڪسٽرنل شاگرد طور 1973ع ۾ فرسٽ ڪلاس ۾ ايم. اي. (سنڌي) پاس ڪئي هئي. هيل تائين مون ڪڏهن به پنهنجي اڪيڊمڪ امتحانن ۾ فرسٽ ڪلاس ڏٺو ئي ڪونه هئو. آءُ بلڪل هڪ عام شاگرد هوس، جنهن مان ڪا به وڏي اميد رکي ئي ڪو نه پئي سگهجي! پر ستون درجو پڙهندي مون سنڌيءَ جو هڪ مضون لکيو هئو؛ جنهن کي گورنمينٽ پائلٽ سيڪنڊري اسڪول، لاڙڪاڻه ۾ سنڌيءَ جي استاد؛ سائين فيض محمد صاحب ڏاڍو پسند ڪيو هئو؛ وري جو گهر ۾ ادا پريم به اهو مضمون پڙهيو ته هن مون کي يڪدم چيو ته آءُ سنڌيءَ جي دنيا ۾ اڳتي وڌي سگهان ٿو. بس! اُها هڪ چڻنگ جيڪا مون لاءِ ستين درجي ۾ دکائي ويئي؛ ان ئي اڳتي هلي ڪم ڪيو ۽ آءُ به زندگيءَ ۾ پنهنجي پيرن تي بيهڻ جي قابل ٿي سگهيس. اهو ئي سبب هئو جو آءُ يارهين، ٻارهين توڙي گريجوئيشن ۾ پڻ ’سنڌي لازمي‘ سان گڏ ’سنڌي اليڪٽِوِ“ به کڻندو هوس ۽ الله پاڪ جي مهر سان صرف سنڌيءَ واري سبجيڪٽ جي هر پيپر ۾ ئي مون کي بهترين مارڪون ملنديون هيون. پوءِ جڏهن ايم. اي. (پريوئيس) 1972ع ۾ ڏني ته الائي ڇو منهنجون مارڪون سنڌي سبجيڪٽ ۾ به ڪل ملائي فرسٽ ڪلاس ڪو نه بيٺيون ۽ پوريون %56 مارڪون آيون. هيل تائين مون کي ڏاڍي تڙپ رهي هئي ته ڪاش! ڪڏهن مان به پنهنجي اڪيڊمڪ رڪارڊ ۾ فرسٽ ڪلاس ڏسان! پر هاڻ ته سنڌيءَ ۾ به ايم. اي. ڪندي آءٌ ان ليول کي ڪو نه پهچي سگهيو هوس، ان لاءِ ايم. اي. (فائينل) ڏيندي مون ٽارگيٽ ئي اهو رکيو ته گهٽ ۾ گهٽ %64 سيڪڙو مارڪون کڻڻيون آهن، جيئن ڪل ملائي ايم اي (سنڌي) آءُ فرسٽ ڪلاس ۾ ڪري سگهان.

    پوءِ جيئن چوندا آهن ته همت مردان مدد خدا، الله پاڪ به مون مسڪين کي کڻي ورتو. جڏهن ايم اي فائينل جا پيپر هلي رهيا هئا ته آءُ هڪ هڪ جواب اهو سوچي ڪري آهستي آهستي لکندو هوس ته مون کي صرف پاس ڪو نه ٿيڻو آهي پر فرسٽ ڪلاس کڻڻو آهي. ائين مون ٿيوريءَ وارا ته سڀئي پيپر ڏيئي ڇڏيا؛ پر وڏو مرحلو زباني امتحان جو هئو، جنهن تي به هڪ سئو مارڪون رکيل هيون. اهڙو امتحان وري اسان جي پنهنجي شهر لاڙڪاڻه ۾ سينٽر هوندي به اتي ڪو نه ٿيندو هئو، پر اسان کي اسلاميه ڪاليج سکر وڃڻو پوندو هئو.

    آءُ ڌڻيءَ جي بارگاهه ۾ سجده ريز آهيان؛ جو ان جا احسان ته جيڪر ڪهڙو به انسان لاهي ئي نه سگهي! آءُ مقرر ڏينهن تي اهو زباني امتحان ڏيڻ لاءِ سکر ويس ته هڪ اوچي پهاڙيءَ تي ان ڪاليج جي عمارت ٺهيل هئي جنهن لاءِ ڪيترائي ڏاڪا چڙهي مٿي پهچڻو هئو. ابا! مٿي جو پهتس ته ڪيترا ٻيا به شاگرد اڳواٽ ئي اتي بيٺا هئا ۽ هڪ ٻئي کان عجيب سوال پڇي رهيا هئا ته ڪٿي هيءُ نه پڇيو وڃي يا هو نه پڇيو وڃي! هڪ همراه وري چيو ته اسان کي سلسليوار ’الف. ب‘ اچي ٿي! ڇو ته اهو به پڇيو ويندو آهي ته توکي ’الف. ب‘ نٿي اچي ته ايم. اي. ڪيئن ٿيندين. ان ڏينهن الائي ڪهڙي ڪا ازغيبي طاقت هئي جو منهنجو حوصلو پست نه پئي ٿيو! نه ته سائين اُهي سڀ اهڙيون اهڙيون عجيب ڳالهيون ڪري رهيا هئا جو چڱو ڀلو ماڻهو اصل هيانءُ ئي هاري ويهي ۽ جيڪو همراهه گهران ياد ڪري آيو هجي سو به کانئس وسري وڃي! مون ته ڀوَ ۾ اُن همراه کان ايلاز ڪري ’الف. ب‘ پڇي ورتي؛ ڇو ته اهو اول ئي گهران ياد ڪري آيو هئو.

    پوءِ جڏهن سچ پچ اهو زباني امتحان شروع ٿيو؛ ته جيڪو همراه نڪري تنهن کي ٻيا وڪوڙي وڃن! مون ڇا ڪيو جو پنهنجو حوصلو برقرار رکڻ لاءِ انهن جي ڪڍ وڃان ئي ڪو نه پيو. ڀلا جڏهن ايم. اي. (سنڌي) جي اٺن ئي پيپرن جي سليبس توڙي ٻاهرين دنيا مان پڻ ڪجهه به پڇي سگهن ٿا ته اتي سائين ڪير پڄي سگهندو! نيٺ منهنجو به وارو آيو. سڏ ٿيو. اندر جو وڃي ڏسان؛ ته اسان جو پنهنجو سائين ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي صاحب ۽ ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب ويٺا آهن. آءُ ’ السلام عليڪم‘ چئي نيازمنديءَ سان وڃي اميدوارن واري سيٽ ورتي. سائين عبدالمجيد ’سنڌي‘ صاحب مون سان اهڙا وڙ ڪيا؛ جو سنڌيءَ جي مضمون ۾ منهنجو اعتماد ئي وڌي ويو. سڀ کان پهرين ته هن قاسمي صاحب سان منهنجو ائين تعارف ڪرايو ڄڻ آءُ ڪو وڏو ليکڪ هجان؛ جيڪو ٻڌي قاسمي صاحب پڻ خوش ٿي ويو. پوءِ ته سوال به ڪجهه ائين پڇيائون جو ڄڻ ڪچهري پئي ڪئيسين. سائين مجيد ’سنڌي‘ صاحب، قاسمي صاحب کي وڌيڪ ٻڌايو ته آءُ لاڙڪاڻه جي ادبي ڪچهريءَ جو سرگرم رڪن آهيان؛ ان لاءِ مون کان پڇيائين ته اڄ ڪلهه آئون ڇا لکي رهيو آهيان. مون صرف ڳالهائڻ مهل ان ڳالهه جو ڏاڍو ڌيان پئي رکيو جو ان مان لڳي ته ڪو سنڌيءَ جو ڄاڻو ماڻهو ڳالهائي رهيو آهي؛ باقي مان ڪو آسمان مان ڪو نه لٿو هوس ۽ نه ئي ڪو علم ۾ ايڏو ڪامل هوس؛ جو اصل ڪو به سوال مون کان پري ئي ڪو نه وڃي ها! پر سائينءَ جي ڪا اهڙي سڻائي ٿي ويئي جو جيڪو به پڇندا اچن ته آءُ ڪجهه ڪجهه خاطر خواه جواب ڏيندو پيو اچان. هڪ اڌ سوال اهڙو به آيو، جو جيڪڏهن مون کي نه پئي آيو ته مون کانئن معذرت به ورتي پر هنن جو مون سان ورتاءُ اهڙو هئو جو جيڪڏهن ڪنهن مهل مون نه به ٻڌايو ته ڄڻ ڪا وڏي ڳالهه ڪو نه هئي!

    اڃا سوال جواب هلي رهيا هئا ۽ ٻيئي ڄڻا؛ سائين ميمڻ عبدالجميد سنڌي صاحب ۽ سائين غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب مون کان مطمئن پئي نظر آيا ته سوالن هلندي ئي سائين عبدالمجيد ’سنڌي‘ صاحب منهنجي جان ڇڏائيندي چيو ” بس! ٺيڪ آهي“ پو ته آءُ به خوشگوار ماحول کي اتي جو اتي ڇڏيندي يڪدم سندن شڪريه ادائي ڪندي ٻاهر نڪري آيس.

    ٻاهر جو نڪتس ته شاگردن جو ولر ورائي ويو! ”ڇا پڇيائون؟“، ”ڇا پڇيائون“ لڳي پيئي هئي! مون به کين سچائيءَ سان ٻڌايو ته مون کي ته ڄڻ ڪچهري پئي لڳي ۽ مون سڀني جي همت وڌائيندي چيو ته اندر سڀ بهترين ماڻهو ويٺا آهن ۽ گهٻرائڻ جي ڪا به ڳالهه ناهي؛ پر همراهن کي مڙيئي اعتبار گهٽ پئي آيو.

    پوءِ واپس لاڙڪاڻه پهتس ته نتيجي جو انتظار شروع ٿي ويو. ’الله‘- ’الله‘ ڪندي نيٺ اهو ڏينهن به آيو. سياري جا ڏينهن شروع ٿي چڪا هئا؛ جو سنڌي اخبار ’عبرت‘ ۾ اسان جو رزلٽ آيو. مون رب پاڪ جي بارگاه ۾ سجده ريز ٿي دعاگو ٿيندي اخبار کولي! واه منهنجا ڌڻي، فرسٽ ڪلاس ۾ پوري يونيورسٽيءَ مان صرف چار ڄڻا هئا، جن مان هڪ مان به هوس! ايڏي خوشي پئي ٿي جنهن جو ڪو پار ئي ڪونه هئو! مسڪينن جو الله هوندو آهي. انسان نيت صاف رکندي محنت ڪري؛ ڀاڙا سائين پاڻيهي ڏيڻ وارو آهي!

    عوامي آواز سنڊي ميگزين 24 مئي 2015
    ___
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    قسط 11

    آءُ ڄڻ هنن جو چڱو مڙس ٿي پيس!!

    ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي


    ايم. اي. (سنڌي) لاءِ منهنجو رزلٽ شاندار آيو. پوري سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ صرف چار ڄڻا فرسٽ ڪلاس ۾ آيا هئا، جن مان هڪ آءُ به هوس. انهن ڏينهن ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ کي ڇڏي باقي سنڌ يونيورسٽي ئي پوري سنڌ کي سنڀاليندي هئي. فطرتاَََ بيحد خوش پئي ٿيس. هيڪر سٺو رزلٽ آيو ته خواهشون به وڌنديون پئي ويون. هاڻ منهنجي دل جي ڪنهن ڪنڊ ۾ اها خواهش وري وري اڀرندي رهي ته ڪاش آءُ ليڪچرار ٿي سگهان. 1973ع جو سيارو هلي رهيو هو. هڪ ڏينهن شام جو لاڙڪاڻي واري گهر ۾ ويٺي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو سنڌي پروگرام ٻڌي رهيو هوس. ان ريڊيو پروگرام جي وچ ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ طرفان سنڌيءَ جي گهربل ليڪچرارن لاءِ ايڊورٽائيزمينٽ ٻڌائي ويئي. مون کي نه صرف ليڪچرار ٿيڻ جو شوق هو، پر آءُ ايترو ته خوش فهميءَ ۾ مبتلا هوس ته اهو سڏ ڄڻ منهنجي لاءِ آيل هو.
    مان سمجهان ٿو 1974ع جو آغاز هوندو جو مون کي سنڌ يونيورسٽيءَ مان انٽرويو ڪال آئي. آءٌ به مقرر ڏينهن تي انٽرويو ڏيڻ لاءِ هڪ رات اڳواٽ ئي ڪوئيٽا کان ايندڙ بولان ميل ۾ چڙهي پيس. ايندڙ ڏينهن تي صبح جو سوير وڃي ڄام شورو اسٽيشن تي لٿس. انهن ڏينهن ۾ اسان لاڙڪاڻي جا چار يار هوندا هئاسين، ارجن، سري، مرلي ۽ مان. ارجن ۽ سري ايم. بي. بي. ايس ڪري رهيا هئا. مرلي سنڌ يونيورسٽي ۾ ايم ايس سي(ميٿس) ڪري رهيو هو. آءٌ ڄامشورو اسٽيشن تي لهي سڌو ئي مرليءَ وٽ هاسٽل ۾ ويس. وهنجي سهنجي تيار ٿياسين ته مرلي مون کي وائيس چانسلر جي آفيس واري عمارت ڏانهن وٺي هليو. اُتي تقريباََ پنجاه سٺ اميدوار آيل هئا. يونيورسٽي انتظاميه ڇا ڪيو، جو سمورن اميدوارن کي هڪ ڪلاس روم ۾ ويهاريو ويو؛ جتي سنڌي شعبي جو چيئرمين، ڊاڪٽر غلام علي الانا اسان جو انوِجيليٽر ٿي بيٺو. سڀني کي هڪ هڪ پنو ڏنو ويو ۽ سائين الانا صاحب زباني چيو ته ان تي اسان سڀني کي ’سنڌي ٻوليءَ جي حيثيت‘ عنوان هيٺ مضمون لکڻو آهي. مون به الله جو نالو وٺي لکڻ شروع ڪيو ته علم ادب جي افق تي جيڪي به ادبي ٻوليون نمودار ٿيون آهن، سنڌي انهن مان هڪ آهي. پوءِ مون مختلف نظريا ٻڌائيندي موهن جي دڙي کان وٺي سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ بابت انومان ڏيڻ کان اڳ معذرت گهرندي، ان ڳالهه جو اظهار ڪيو ته جيڪڏهن مون کي اجازت ڏني وڃي ته آءُ جيڪر ان ساڳئي مضمون کي عنوان ڏيان ’سنڌ ٻوليءَ جي عظمت‘ جي ’حيئيت‘ ته ترقي ۽ تنزل ٻنهي طرف وڃي سگهي ٿي؛ جڏهن ته سنڌ هڪ شاندار قدامت جي مالڪ آهي! اڃا اسين پنهنجي مضمون جي تعارفي پيرا تي هئاسين؛ جو الانا صاحب صرف چند منٽن ۾ ئي اسان کان پنا واپس وٺڻ شروع ڪيا. سڀاويڪ سمورن اميدوارن جڏهن حيرت ڏيکاري ته چيو ويو ته انهن چند لفظن مان ئي هو اندازو لڳائيندا ته اسين ڪيتري پاڻيءَ ۾آهيون. مان ته پنهنجي عادت سبب پهرين بينچ تي ئي ويٺو هوس، جو سڀ کان پهرين منهنجو ئي پيپر ورتو ويو.

    اُها ٽيسٽ وٺي اسان کي ٻڌايو ويو ته شام جو اُن ئي آفيس ۾ اچي نوٽيس بورڊ تي ڏسون؛ جنهن جو نالو لکيل هوندو انهن کان زباني انٽرويو ورتو ويندو. آءُ ٻاهر نڪري پنڌ ئي پنڌ پهاڙي نما پيچرا ٽپي مرليءَ وٽ هاسٽل ۾ آيس ته هو به پنهنجي ڊپارٽمينٽ مان واپس اچي چڪو هو. پوءِ ته مرلي مون سان گڏ ئي هئو. شام جو ٻڌايل ٽائيم تي اسين وائيس چانسلر آفيس ۾ پهتاسين ته نوٽيس بورڊ تي تقريباَ پندرهن کن اميدوارن جي لسٽ لڳايل هئي جن ۾ هڪ آءٌ به هوس. انهن کي ايندڙ ڏينهن تي صبح جو زباني انٽرويو لاءِ گهرايو ويو هو.

    وري ٻئين ڏينهن جو انتظار! اها رات اُتي مرليءَ وٽ يونيورسٽيءَ ۾ ئي رهي پيس. تقريباَ سٺ کن اميدوارن مان 75 سيڪڙو اميدوار ته ڇانٽي ٿي ويا هئا. باقي 25 سيڪڙو اميدوارن کي ايندڙ ڏينهن گهرايو ويو هو. دراصل اسان کي جيڪا انٽرويو ڪال آئي هئي، نه ته ان ۾ ڪنهن لکت واري امتحان بابت ٻڌايو ويو هو ۽ نه ئي اهو لکيو هئائون ته اسان کي ٻه ڏينهن ترسڻو پوندو. جو هڪ ڏينهن لکت واري ٽيسٽ ٿيڻي هئي ۽ ٻئي ڏينهن زباني انٽرويو هئو؛ نه ته گهڻو ڪري جيڪي به بهترين تنظيمون هونديون آهن، اهي نه صرف هر هڪ ڳالهه پنهنجي انٽرويو ليٽر ۾ وضاحت سان لکنديون آهن پر گهرايل اميدوارن کي انٽرويو لاءِ اچڻ وڃڻ جا ڀاڙا ڀتا پڻ ڏينديون آهن. تڏهن ئي ته انهن کي صحيح اميدوار ملي سگهندو آهي. نه ته ڀلا ٽيلنٽيڊ ماڻهو انهن وٽ پنهنجا ڀاڙا ڀتا ڀري ڇو ويندا. هتي ڀارت ۾ منهنجي ننڍي ڀاءُ کي تعليم واري وزارت ۾ سنڌيءَ جي ڊائريڪٽر طور انٽرويو لاءِ دهليءَ گهرايو هئائون ته کيس ڀاڙا ڀتا ۽ رهڻ کائڻ جي الائونس سوڌو سڀ ڪجهه ڀري ڏنو هئائون. ان طرح پهرين ڇاڻي ته اهي تنظيمون اڳواٽ پاڻ ئي هڻي سگهن ٿيون ۽ سمورن اميدوارن جون لياقتون ڏسندي کين گهرائڻ ئي اُهي ماڻهو کپن، جيڪي سچ پچ ان جي لائق هجن ۽ وابسته تنظيم کي صرف اها چونڊ ڪرڻي پوي ته انهن باقي بچيل اميدوارن مان ضرورت آهر ڪهڙا ۽ ڪيترا لياقت وارا شخص چونڊ ڪندي کڻي سگهن ٿا.

    ٻئين ڏينهن صبح جو تيار ٿي آءٌ وقت تي وائيس چانسلر آفيس ۾ زباني انٽرويو ڏيڻ لاءِ پهچي ويس. آهسته آهسته ٻيا اميدوار به ايندا ويا. سڀني جي منهن تي ڄڻ راڪاس گهمي ويو هو. اڄ ڪير به ڪنهن سان ڳالهائي ئي ڪو نه رهيو هو. شايد هر هڪ ائين پئي چاهيو ته الله ڪري ٻيا رهجي وڃن ۽ آءٌ چڙهي وڃان! اها ئي انساني زندگيءَ آهي، جتي ڪنهن کي به ڪنهن جي غرض ئي ڪونه هوندي آهي ۽ هر هڪ ماڻهو صرف پاڻ سان ئي واسطو رکندو آهي! انٽرويو شروع ٿيا ته نيٺ مون کي به سڏ ٿيو. آءٌ وائيس چانسلر آفيس ۾ داخل ٿي سڀني کي ” السلام عليڪم“ چئي پنهنجي لاءِ مقرر سيٽ تي وڃي ويٺس. سامهون وي. سي. جي ڪرسيءَ تي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ هئو. ان جي ڀر ۾ سنڌ سرڪار جي تعليم کاتي جو سيڪريٽري سيد پناهه علي شاھُه ويٺو هو. ڊاڪٽر غلام علي الانا هئو ۽ ٻيا به ٻه ٽي ڄڻا هئا. پر ڪير هئا، انهن کي آءٌ ڪونه پئي سڃاڻي سگهيس. تعليم کاتي جي سيڪريٽري شاھه صاحب کي به ان ڪري پئي سڃاتم جو ڪجهه ڏينهن اڳ ڪراچيءَ ۾ ان جي آفيس ۾ پڻ هڪ انٽرويو ڏيئي آيو هوس. اُتي ته هڪ بليڪ بورڊ ۽ چاڪ پڻ رکيو هئائون. گرامر جو ڪو به موضوع پئي ڏنائون جيڪو اسان کي ان انٽرويوءَ دوران بليڪ بورڊ ذريعي سمجهائڻو هئو!

    خير! اڄوڪو انٽرويو الله پاڪ جي مهر سان ڏاڍو سٺو هلي رهيو هو. اهو اتفاق ئي هو جو هنن جيڪي به پڇيو پئي سو مون کي آيو پئي نه ته مان هروڀرو ڪو افلاطون ڪونه هوس، پر ڌڻي جڏهن سڻائي ڪرڻ تي ايندو آهي ته پنهنجي ڪارسازي پاڻ ئي ٺاهيندو آهي. سڀ سٺا سوال هلي رهيا هئا جو ڪنهن اوچتو هڪ شعر چيو

    ”عاشق ته عزازيل ٻيا مڙيوئي سڌڙيا“

    مون کي چيائون معنيٰ ٻڌاءِ. مون يڪدم چيو، ته حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي فرمائين ٿا ته روحاني واٽ جو جيڪڏهن ڪو سچو راهي آهي ته هڪ عزازيل ئي انتهائي منزل وارو طالب آهي نه ته ٻيا سڀ صرف ارادا ۽ سڌون پيا ڪندا. تنهن تي بلوچ صاحب پڇيو ته عزازيل ڪير آهي! هاڻ جيڪڏهن ان جي ٻين سٽ مون کي ياد هجي ها، يا اُهي ئي ٻڌائين ها ته معنيٰ پنهنجو پاڻ ئي واضح ٿيو پوي ها. پر مون کي اُتي الائي ڇو ’ابليس‘ ياد ئي ڪو نه آيو، جنهن جو نالو ’عزازيل‘ هو ۽ رب پاڪ سان بي پناھه عشق رکندي حضرت آدم عليه السلام کي ڌڻي جي حڪم باوجود رب پاڪ کانسواءِ ڪنهن به ٻئي کي سجدو ڪونه ڪندي شيطان بڻيو هو. پر مونکي اهو شيطان وارو ڪردار ياد ڪو نه آيو! مون يڪدم وراڻيو ”سائين! عارف هئو، درويش هو، مٿاهين درجي جو عاشق هو!“ بلوچ صاحب به سڌوسنئون چيو ته ”جيڪڏهن اچيئي ٿو ته ٻڌاءِ نه ته گشا نه هڻ!“ هاڻ مون سمجهيو، ته ڪا وڏي گستاخي ڪري ويٺو آهيان! مون ان گهڙيءَ ئي کانئن معذرت گهري ۽ پنهنجي ڪم علميءَ کي قبول ڪيو!

    سٺي ڳالهه اها ٿي جو اُن کانپوءِ به هنن جيڪي به ڪجهه مون کان پڇيو، مونکي لڳو ته اُهي سڀ منهنجي جوابن مان مطمئن هئا. بهرحال هنن انٽرويو ختم ڪندي چيو ته جيڪڏهن سليڪشن ٿي ته مونکي ٻڌايو ويندو.

    دراصل هيل تائين مون جيترا به انٽرويو ڏنا هئا. انهن سڀني مان هيءُ ئي انٽرويو آءٌ بهتر نموني ڏيئي سگهيو هوس. اهم ڳالهه اها هئي ته اهو انٽرويو ڏيندي جيئن ته سڀ جواب گهڻو ڪري آءٌ صحيح پيو ڏيندو اچان ته مون ۾ اعتماد پڻ وڌندو پيو وڃي ۽ سچ به اهو آهي ته ڪهڙي به قسم جي انٽرويو ۾ خود اعتمادي هڪ وڏو رول نڀائيندي آهي. پوءِ ته آءٌ ساڳئي ڏينهن ئي بولان ميل ۾ ڄامشورو کان ريل رستي لاڙڪاڻه موٽي آيس. پهرين ائين پئي لڳو ته جلد ئي اپوائنٽمينٽ آرڊر اچي ويندو. پر پوءِ جيئن جيئن ڏينهن گذرندا پئي ويا ته آسرو به لهندو پئي ويو. ائين آهسته آهسته ڳالهه ئي وسرندي ويئي.

    ان وچ ۾ پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائينس طرفان لاڙڪاڻه ۾ هڪ چار ستارا هوٽل ٺهي رهيو هو ’سمبارا ان‘ لاڙڪاڻي ۾ گرمي به ڀلا ظلم جي ٿيندي هئي؛ جنهن کان بچڻ لاءِ منهنجا دوست ارجن، سري ۽ مرلي جيڪڏهن موڪلن وارن ڏينهن ۾ لاڙڪاڻي ۾ هوندا هئا ته اُهي ٽيئي گڏجي شام جو منهنجي گهر ايندا هئا، جتان وري اسان قائم شاھ بخاريءَ وارو رستو وٺي ذوالفقار علي ڀُٽو صاحب جي گهر وٽان ٿيندا يونائٽيڊ بئنڪ، گورنمينٽ هاءِ اسڪول، ايس پي آفيس وٽان جڏهن لنگهندا هئاسين ته ان کان ڪجهه ئي اڳ اُها ’سمبارا ان‘ هوٽل واري عمارت ٺهندي نظر ايندي هئي. اُتان وري اڳتي مڙندي اسين ’ڪمال اتاترڪ ميموريل‘ وٽان ڪرمان باغ واري پاسي کان موٽندا هئاسين. جتان سري، مرلي ۽ ارجن هڪ هڪ ٿيندا الڳ ٿي وينداهئا ۽ پوءِ آءٌ اڪيلو گهر موٽي ايندو هوس.

    اڃا اُها ’سمبارا ان‘ واري عمارت ٺهي ئي پيئي جو مون انهن کي نوڪريءَ لاءِ درخواست موڪلي ڏني هئي. هوٽل ته پوءِ تڪڙو تڪڙو ٺهڻ شروع به ٿي ويو. پر اڃا هوٽل کي شروع ٿئي هڪ هفتو ئي مس ٿيو هو جو مون کي ’سمبارا ان‘ مان انٽرويو ڪال آيو. پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائينس هوٽلس لميٽيڊ جي لاڙڪاڻي واري هوٽل ۾ ئي نوڪري ملندڙ هجي، آءٌ خوش ٿي ويس. مقرر ڏينهن تي انٽرويو ڏنو. انٽرويو وٺڻ لاءِ ڪراچيءَ مان انهن جو چيف اڪائونٽنٽ به آيل هو. جڏهن ته سمبارا ان جو مئنيجر الطاف صاحب ۽ اڪائونٽنٽ اڪرام صاحب پڻ هئا. منهنجو انٽرويو اُتي به سٺو ٿيو. جڏهن انٽرويو ختم ٿيڻ تي هئو، ته ڪراچيءَ کان آيل چيف اڪائونٽنٽ مون کان هڪ ڳالهه پڇي، جنهن سان پڻ منهنجي عزت وڌي پيئي. هن مونکي چيو ته ”تون وڌيڪ پڙهيل آهين! صبحاڻي توکي ڪٿي به بهتر نوڪري ملندي ته تون اسان کي ڇڏي هليو ويندين!“

    انهن ڏينهن ۾ مون ڪهڙي به نوڪريءَ لاءِ آتو هوس. مون صرف ايترو عرض ڪيو ته ”سائين! مونکي ڪٿي به ڪا نوڪري ملي ئي نٿي ۽ اوهان ٿا چيو ته مان هيءَ نوڪري ڇڏي هليو ويندس!“ گهر پهتس ته ڏينهن ٻن ۾ ئي آرڊر اچي ويو. هنن مون کي اڪائونٽس ڪلارڪ ڪري کنيو هو. اها منهنجي زندگيءَ جي پهرين نيم سرڪاري نوڪري هئي. مون کي بي انتها خوشي ٿي هئي هڪڙو وقت هو، جو ميٽريڪيوليٽ جي بنياد تي ٽيليفون آپريٽر جي نوڪري ملندي هئي، تڏهن مون ميٽرڪ جو امتحان ڏيئي جيستائين رزلٽ اچي ۽ ڪاليج پڙهان تيستائين حق ميڊيڪل اسٽور، جي آڇ تي صرف 70 رپيا ماهوار پگهار تي هڪ ميڊيڪل اسٽور، تي به نوڪري ڪئي هئي، . تڏهن ٽيلي فون آپريٽر جي پگهار 115 رپيا هئي، پر اهو 1967ع وارو دؤر هو. مرڪزي سرڪار واريون اپوائٽمينٽ ته پنجاب مان ئي ٿينديون هيون. تڏهن ته مون اها نوڪري وٺڻ جو سپنو به ڪو نه ڏٺو هوندو ۽ اڄ مونکي ٽي ماهوار تي پي آءِ اي هوٽلس جي ”سمبارا ان“ ۾ اڪائونٽس ڪلارڪ جي نوڪري ملي رهي هئي.

    مون رب پاڪ جا لک شڪرانا بجا آندا ۽ مقرر ڏينهن تي وڃي اها نوڪري جوائن به ڪيئي. ساڳئي ڏينهن اُتي هڪ ٻئي ڇوڪري، احسان کي به نوڪري ملي هئي. اسان کان اڳ رسيپشن تي صرف ٻه ڄڻا ٻيا اپوائنٽ ٿيل هئا. اسان جڏهن جوائن ڪيو ته اُهي ٻيئي ڄڻا، نثار ته هوٽل انٽر پاڪ (پي آءِ اي هوٽلس) سکر کان آيو هو ۽ مشتاق هتي نئون اپوائنٽ ٿيل هو. اُهي ٻيئي ڄڻا مون سان ۽ احسان سان ائين هلي رهيا هئا ڄڻ اُهي هتي الائي گهڻن سالن کان ڪم ڪندڙ هجن ۽ اسين هنن کان تمام گهڻو جونيئر هجون!

    مون سروس جوائن ڪيئي، ته اسان جي آفيس فرنٽ آفيس (ريسپشن) جي بلڪل پٺيان هئي، جتان اسين ڪنهن به مهل رسيپشن تي اندرئين پاسي اچي پئي سگهياسين. وچ تي صرف ان هوٽل جي پنهنجي ٽيلي فون ايڪسچينج هئي، جيڪا پڻ رسيپشن واري کي ئي اٽينڊ ڪرڻي هئي. پهرين ئي ڏينهن هوٽل جي اڪائونٽنٽ اسان کي هوٽل جا اصول سمجهايا ته اسان کي هميشه سڀ سان خوشي اخلاقيءَ سان هلڻ گهرجي. اهي ڳالهيون ڪرڻ کانپوءِ جيسين ڪم ورهائي ڏئي تيسين هن گذريل سمورن ڏينهن جون ڪي او ٽي ’ڪچن آرڊر ٽڪيٽ‘ واريون چٽڪيون اسان ٻنهي ڄڻن، احسان ۽ مون کي ڏنيون جيڪي اسان کي نڪتل بلن سان ڀيٽڻيون هيون ته ڪنهن به ويٽر ’ڪچن آرڊر ٽڪيٽ‘ ڪڍي ڪچن مان جيترو به مال ورتو ان جو بل ڪڍيو يا اُتي ئي گم ٿي ويو!

    احسان پنهنجي ڪم کي لڳي ويو ۽ مون به ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. پر منهنجي ڪم جي اسپيڊ ۽ صفائي اسان جي اڪائونٽنٽ اڪرام صاحب کي ڏاڍي وڻي. آءٌ صفائيءَ سان اهي سؤ سؤ ڪي. او. ٽي واريون ٿپيون چيڪ ڪندي رٻڙ لڳائي هڪٻئي جي مٿان پئي رکندو ويس ۽ ڪم جي رفتار ايڏي هئي جو هو غريب احسان منهنجي اڌ جيترو ڪم به ڪو نه ڪري سگهيو هو. ٻيو ته وري هو جيڪو ڪم اڪلائيندو پيو وڃي، اهو ۽ رهيل ڪم سڀ هڪ هنڌ ئي ڦهلائي ڪري رکندو پئي آيو ته خبر ئي ڪو نه پئي پيئي ته هن ڪيترو ڪم ڪيو آهي ۽ ڪيترو رهيل آهي!

    پهرين ئي ڏينهن مون کي هوٽل جي زندگي ڏاڍي وڻي! اها ته منهنجي سپنن جي دنيا هئي. نفاست ۽ نزاڪت ته منهنجي فطرت ۾ هئي. هنن به منهنجو ايڏو ته قدر ڪيو، جو پهرين ڏينهن ئي جڏهن شام جو آءٌ گهر لاءِ نڪري رهيو هوس، ته سائين اڪرام صاحب، ’سمبارا ان‘ جي اڪائونٽنٽ سڀني ڪلارڪن کي سڏ ڪري مون ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته ” اوهان سڀ هن کان سکو ته ڪيئن صحيح، تڪڙو ۽ نفاست سان ڪم ڪبو آهي. ” هن پهرين ئي ڏينهن مون کي وڏو انعام اهو ڏيئي ڇڏيو، جو سڀني کي ٻڌايائين ته هوٽل جي طرفان مون کي پهرين ئي ڏينهن کان ٻه انڪريمينٽ وڌيڪ ڏنيون وڃن ٿيون! اهو سڀ هن ڪيئن ڪيو هوندو! ان لاءِ ضرور هن پهرين الطاف صاحب، هوٽل جي پٺاڻ مئنيجر کان منظوري ورتي هوندي؛ پوءِ شايد ڪراچيءَ فون لڳائي چيف اڪائونٽنٽ کان پڇيو هوندائين! پر هن مونکي اها خوشخبري پهرين ئي ڏينهن ٻڌائي ڇڏي؛ جنهن سان منهنجي عزت سمورن ڪلارڪن ۾ ايڏي ته وڌي ويئي جو صبح جو جيڪي مون سان جونيئر سمجهي رعب رکي رهيا هئا، اُهي سڀ جو سڀ هينئر وري مون کي پنهنجو چڱو مڙس سمجهي ’سائين‘،’سائين‘ چوڻ لڳا! ڇو ته مشتاق جي پگهار 300 ۽ نثار جي 330 هئي، ته نئين آيل احسان کي به صرف 300 ملڻي هئي. پر منهنجي پگهار جو 360 ڪئي ويئي ته آءٌ ڄڻ هنن جو چڱو مڙس ٿي پيس!

    عوامي آواز سنڊي ميگزين 31 مئي 2015
    ___
     
  13. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    قسط 12

    ٻاراڻي عمر ۾ به اها ڳالهه نه وڻندي هئي!

    ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي

    منهنجي لاءِ سمبارا اِن جي نوڪري شروع ٿي ته ڏاڍو مزو پيو ايندو هئو. آءُ ڀل کڻي ڪلارڪ رينج واري نوڪريءَ ۾ هوس پر مون کي پنهنجو اڪائونٽ آفيسر اڪرام صاحب ۽ هوٽل جو مئنيجر الطاف صاحب ڏاڍو سٺو ڀانئيندا هئا. الطاف صاحب جي گهر واري به ننڍي ڀاءُ جيان پيار ڪندي هئي. اڪرام صاحب ته ڪڏهن ڪڏهن اسان جي گهر به ايندوهو. هو اصل سکر جو هئو ۽ اُتان انٽر پاڪ اِن هوٽل مان ئي هتي آيو هئو. هو مون کي پنهنجو سمورو ڪم سيکاريندو رهيو. جيڪڏهن ڪنهن ڏينهن هو سکر هوندو هئو ته ان جي ئي چوڻ تي پوري هوٽل جي ڪيش به مان ئي سنڀاليندو هوس. هوٽل جا ٻه اڪائونٽ هوندا هئا. ’يونائيٽيڊ بئنڪ‘ سان، هڪ ڊپازٽ اڪائونٽ جنهن ۾ صرف پئسا وڌا ويندا هئا؛ پر خرچ ڪرڻ لاءِ هڪ جدا اڪائونٽ هئو جنهن کي ’آپريشنل اڪائونٽ‘ چوندا هئا. بئنڪ ۾ وڃي ڪيش وغيره ڊپازٽ به مون کي ئي ڪرڻي پوندي هئي. هڪڙو اسسٽنٽ مئنيجر هوندو هئو؛ ڪمال صاحب اهو مون سان ته سٺو هلندو هئو پر هڪ ڀيري جاپان ايئر لائنس جي ايئر هوسٽس وٺي اچي هوٽل ۾ رهايائين. ان قسم جون ڳالهيون مئنيجر الطاف صاحب کي ڪو نه وڻيون ته هن سندس بدلي ڪرائي ڇڏي. جنهن کان پوءِ وري ڪو به اسسٽنٽ مئنيجر آيو ئي ڪونه. فوڊ اينڊ بيوريجز مئنيجر هڪ نوجوان ڇوڪرو هوندو هو، مسٽر ڀٽو. مون سان ان جو به ڏاڍو سٺو ورتاءُ هوندو هو.
    مئنيجر ۽ اڪائونٽنٽ کي ڇڏي باقي سموري اسٽاف لاءِ جدا کاڌو تيار ٿيندو هو، پر جيئن ته ان ۾ روز تقريباً ’نان ويج فوڊ‘ هوندو هئو، جيڪو آءُ ڪونه کائيندو هوس ته اهڙي صورت ۾ مون کي وري به بورچيخاني مان خاص طور مهمانن وارو کاڌو ئي ڏنو ويندو هو. مون کي اڪائونٽس جي جوابداري ڏني ويئي ته احسان، جنهن مون سان گڏ ئي ڊيوٽي جوائن ڪئي هئي ان کي اسٽورس انچارج بڻايو ويو. اُتان جو اسٽور ڇا هئو. ڄڻ هڪ وڏو شاهي ڪريانه جو دوڪان هئو، جتي هر قسم جو ضروري سامان ويندي پستا ۽ باداميون به اسٽور ڪيل هوندا هئا. احسان، مون کان عمر ۾ ڪجهه ننڍو هو؛ پر مون سان ايڏو ته پيار ڪندو هو جو ڪڏهن ڪڏهن انٽرنل فون ڪري مونکي اسٽور ۾ گهرائيندو هو ۽ پوءِ دروازو اندران بند ڪري مونکي پستا وغيره کارائيندو هو. ائين احسان ۽ آءُ بلڪل ايماندار هوندا هئاسين ۽ هوٽل جو هڪڙو پئسو به کائڻ نه ڏنوسين پر اها ڳالهه ضرور ڪئي جو ڪڏهن ڪڏهن اسٽور جو دروازو بند ڪري اسين ٻئي ويهي اُتان جو ڪجهه کاڌي جو سامان کائيندا هئاسين؛ باقي مون کانسواءِ احسان ٻئي ڪنهن کي به اهڙي نموني اسٽور ۾ ڪو نه گهرائيندو هو.
    هيڪر لاڙڪاڻه ۾ ان وقت جي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀُٽو صاحب ڪيترن ئي دوستن لاءِ اسان جي هوٽل ۾ دعوت رکي هئي؛ جنهن ۾ ڪيترائي، پيپلز پارٽي جا اهم ليڊران به گهرايا هئائين. دعوت ته رات جوهئي پر پورو ڏينهن اسان جي هوٽل ۾ سي. آءِ. ڊي وارا ايندا رهيا. مون کي شوق هئو ته ان دعوت مهل آءُ به ريسپيشن تي بيهان جيئن هر هڪ کي داخل ٿيندي ڏسي سگهان. پر شام جو لاڙڪاڻي جو ڊپٽي ڪمشنر خالد کرل لاهور جو هڪ پنجابي هئو ۽ مٿس ڀُٽي صاحب جو ڏاڍو راز هو. اڃا به ائين چئجي ته هو سندس نور نظر هو. ڀُٽو صاحب راضي ته، خالد صاحب به ڄڻ لاڙڪاڻي ۾ بادشاھ جيان هلندو هو. خراب ماڻهو ڪو نه هو پر پوري شهر کي ڄڻ ڏڪائي رکيو هئائين. خالد صاحب ان ڏينهن واري دعوت جي عمل ۾ اچڻ کان اڳ شام جو پاڻ اسان جي هوٽل جي وزٽ ڪئي. هڪ هڪ جاءِ پاڻ ڏٺائين، جتي جتي ڀُٽو صاحب کي اچڻو هو، پوءِ واپس وڃڻ مهل ريسيپشن وٽ ٻاهران بيٺي پنهنجي ڪنهن اي. ڊي. ايم کي الائي ڪهڙي ڳالهه تي جنسي دڙڪا ڏيئي رهيو هو. اهو ويچارو اي. ڊي. ايم اصل ائين ڏڪي رهيو هو، جيئن ڪوئو ٻليءَ کان ڏڪندو آهي. اڃا ان کي دڙڪا ڏيئي بس ڪيائين ته اسان ٽنهي ريسپشنسٽ کان نالو پڇيائين؛ نثار، مشتاق، ٻلديو! ’ٻلديو‘ ٻڌي اُتي جو اُتي ئي هوٽل جي اسٽاف مان ڪنهن کي چيائين ته هيءَ ماڻهو هتي ريسيپشن تي نه بيهاريو. مان ته ڀوَ ۾ ان مهل ئي اندر پنهنجي اڪائونٽس آفيس ۾ هليو ويس؛ پر دل ۾ ڏاڍو ڏک ٿيو ته ’ٻلديو‘ هئڻ سبب مون کي ريسيپشن تان هٽايو ويو هو.
    اندر آفيس ۾ ويٺي آهسته آهسته صرف خبرون پئجي ئي رهيون هيون ته ڪير ڪير اچي رهيو آهي. پر ڪوشش ڪري آءُ پاڻ ئي ٻاهر ڪو نه پئي نڪتس جو خالد کرل ته صرف ريسيپشن تي بيهڻ کان منع ڪئي هئي پر مونکي ڄڻ ان جي شخصيت کان ئي ڀوءُ ٿي رهيو هو. سمورا مهمان بينڪئيٽ هال ۾ ماني کائي رهيا هئا. جيڪا به ڊش ذوالفقار علي ڀٽي صاحب ڏانهن پئي وئي ته هڪ ڊاڪٽر آيل هو، پهرين اُهو پيو کائي ڏسي ۽ پوءِ اها پليٽ اڳيان ڀٽو صاحب ڏانهن موڪلي ٿي ويئي. چون ائين پيا ته اهو ڊاڪٽر به ڪو اهڙو ته بوکڙو هو؛ جو سٺي ۾ سٺي ٻوٽي پاڻ پيو کائي وڃي ۽ پوءِ ئي کاڌو اڳيان پيو وڃڻ ڏئي. جيتوڻيڪ انهن ڏينهن م نه ته ڪا دهشتگردي هوندي هئي ۽ نه ڪا ايڏي وڏي سيڪيورٽي ئي هئي؛ اڄ ته پرائيم منسٽرس هائوس ۾ الائي گهڻا ڊاڪٽر ۽ الائي گهڻا سيڪيورٽيءَ وارا همراه پلبا هوندا. ظلم ته اهو آهي جو ايڏي ساري سيڪيورٽي رکندي به اندرا گانڌيءَ کي خود پنهنجن ئي اجل جو شڪار ڪيو هئو. اهو آهي اسان جو برصغير، جتي الائي گهڻا ڀيرا رات جو سمڻ ته وزيراعظم ڀٽو صاحب؛ صبح جو اُٿ ته طاقت ضياالحق جي هٿ ۾ ۽ ذوالفقار ڀُٽو ماڳهين ئي هائوس اريسٽ!
    جڏهن بينڪيٽ هال ۾ سمورن مهمانن ڀُٽو صاحب سان گڏ ماني کائي پوري ڪئي ته پوءِ سڀ ٻاهر سوئمنگ پول ڀرسان باغيچي ۾ اچي ويٺا جتي سنڌ جا بلند پايه گايڪ پنهنجو پروگرام ڏيئي رهيا هئا. ميوزڪ جي آواز تي آءُ به پنهنجي آفيس مان نڪري بينڪيٽ هال مان ٿيندو سوئمنگ پول طرف نڪري آيس ته ڪجهه پري کان ئي ايڏي وڏي پارٽي جو ديدار ڪري سگهان. بينڪيٽ ٻاهران ڪوريڊور ۾ پاڪستان جو مواصلات وارو وزير ممتاز ڀُٽو صاحب، جڳ مان پاڻي کڙڪائي رهيو هئو. کيس پاڻي کپندو هئو. ذوالفقار ڀٽو صاحب جي ڀرسان صوفه تي مرڪزي ڪابينه جو وزير ڪوثر نيازي ويٺو هو، باقي ٻيا سڀ وزير، ايم. اين. اي ۽ ايم. پي. اي. ڀُٽو صاحب کان پر ڀرو ويٺا هئا. ائين پئي لڳو ته ڄڻ پنهنجي پيپلز پارٽي جا چڱا مڙس به ڀُٽي صاحب جي حشمت کان خوف کائي رهيا هئا.
    هڪ ڳالهه جيڪا ان ٻاراڻي عمر ۾ به مون کي بلڪل ڪو نه وڻي رهي هئي، اُها اِها هئي ته سامهون استاد عبدالغفور پنهنجن سازندن سان گڏ وڏي آواز ۾ گيت ڳائي رهيو هو . گيت هو شيخ اياز جو ”سنڌڙيءَ تي سر ڪير نه ڏيندو سهندو ڪير ميار او يار“
    استاد عبدالغفور رڳو گيت شروع ڪندي سنڌ ماتا سان وفاداري ڏيکاري ۽ شيخ اياز جي به گيت جو لحاظ رکيائين پر هن اهو گيت شروع ته ”سنڌڙيءَ“ جي پاڪ لفظن سان ڪيو پر پوءِ الائي ڇا ٿي ويس يا محسوس ڪيائين ته ڀُٽو صاحب کيس ڏسي به ڪو نه رهيو آهي. پوءِ جيترا ڀيرا به گيت ۾”سنڌڙي“ لفظ آيو پئي ته هيءُ همراھ وڏي آواز ۾ ڳائيندي ”سنڌڙيءَ“ بدران ” پاڪستان“ لفظ چئي رهيو هو.

    ”پاڪستان تي سر ڪير نه ڏيندو
    پاڪستان تي سر ڪير نه ڏيندو“

    پر ڀُٽو صاحب ته الائي ڪهڙي دنيا ۾ گم هئو. هن ڪنڌ مٿي کڻي استاد عبدالغفور ڏانهن ڏٺو به نه پئي ته سنڌ جو هيڏو وڏو فنڪار جهانجهه وڄائيندي صرف ڀُٽو صاحب کي خوش ڪرڻ لاءِ شيخ اياز جهڙي شاعر جي گيت ٽوڙي مروڙي رهيو هئو.
    سمبارا اِن ۾ رهندي به انيڪ آزمودا ٿيا. هڪ ڀيري ڪو ڳوٺاڻو وڏيرو ان هوٽل ۾ رهڻ آيو. عام طور انهن چار پنج ستاره هوٽل ۾ ڪهڙي به مهمان کان اڳواٽ پئسن جي ڪابه ايڊوانس نه ڪو ورتي ويندي آهي ۽ جيترا به ڏينهن رهي مهمان چيڪ آئوٽ ٿيندوهو، تڏهن کانئس بل ورتو ويندو هئو. پر هن ڀيري هن عجيب ڳوٺاڻي کي جو سمبارا اِن ۾ روم گُهرندي ڏٺائون ته رسپيشن تي جيڪو به هئو، ان کي ائين لڳو ته شايد همرا پوءِ بل ڇڏائڻ جي به قابل ڪو نه هجي، سو ان رسيپشنٽ کانئس ايڊوانس وٺي پوءِ روم الاٽ ڪيو. ابا! حيرت اها لڳي جو ٿوري ئي دير ۾ همراھ ڪائونٽر تي اچي روم جو ڀاڙو ڀري بچيل پئسا وٺي چيڪ آئوٽ ٿي ويو. آءُ اندران آفيس مان ويهي اُهو لقاءُ ڏسي رهيو هئس؛ سو همراه جي وڃڻ کانپوءِ ٻاهر ايندي مون رسيپشنسٽ کان ان جو سبب پڇيو. خبر پيئي ته همراه روم ۾گهڙندي ئي هائوس ڪيپنگ وارن کي گهرائي ڇوڪري موڪلڻ جي گهر ڪئي هئي، پوءِ جڏهن کيس اهڙي ڪنهن به ڳالهه کان انڪار ڪيو ويو ته هن هڪ ڏينهن جا پئسا ڀرڻ باوجود به ان روم جو مزو وٺندي ترسڻ به مناسب نه سمجهيو ۽ پنهنجي هَڙَ کڻي چيڪ آئوٽ ڪري نڪري به ويو.
    سمبارا اِن ۾ ڪم ڪندي اسان جو اڪائونٽنٽ اڪرام صاحب منهنجي ڪم کان بيحد خوش هوندو هو. انهن ڏينهن اسان هڪ سوزوڪي ويگن ورتي هئي، جيڪا اسان جي ئي گهر ۾ گڏ رهندڙ سؤٽ ڄيٺانند سان ڀائيواريءَ ۾ ورتل هئي. جيڪڏهن ڊرائيور کي ڏيون ها ته شايد ڪمائي ڪو نه سگهون ها، ان لاءِ پهريان ڪجهه ڏينهن ته اسان جو سؤٽ ڄيٺانند پاڻ ئي هلائيندو هو ۽ صرف رتوديرو تائين پئسينجر کڻي ويندو هو. پر پوءِ رات جو هن جي واپس ايندي ايندي دير ٿي ويندي هئي ته گهر ۾ ڏاڍو انتظار ٿي پوندو هو. خاص طور ڄيٺانند جي امڙ، جنهن کي اسين سڀ ’امان‘ ڪري چونداهئاسين اها ته اصل بي چين ٿي ويندي هئي. ان لاءِ پوءِ جلد ئي اسين هڪ ڊرائيور به رکيوسين، پر ڊرائيور ڪير به ٽڪندو ڪونه هو ۽ هڪ نه ٻئي ڊرائيورکي ڏيندي نئين ويگن جي مرمت ايتري ته نڪرڻ لڳي جو ڪمائي ته ڪمائي جي ماڳ، مورڳو هڙئون ڏيئي ڪم پئي هلائڻو پيو. آخر تنگ ٿي اها سوزوڪي ويگن پوءِ ڏاڍي نقصان ۾ ڪڍي ڇڏي هئي! جڏهن اها ويگن اسان کي هوندي هئي ته ڪيترا ڀيرا اڪرام صاحب اسان کان اها ويگن وٺي اڪيلو ئي وڃي سکر مان پنهنجي گهران ٿي ايندو هو ۽ ڀاڙو به اسان کي دل سان ڏيندو هو. هو پاڻ ئي چوندو هئو ته جيئن اسين ان مان ٻه پئسا ڪمائي سگهون!
    هوڏانهن اڪرام صاحب جي غير حاضريءَ ۾ وري پوري هوٽل ۾ منهنجي عزت ڏاڍي وڌيل هوندي هئي. مئنيجر ته پوري هوٽل جو چڱو مڙس هئو ئي ۽ هو جيئن ته هئو به پٺاڻ ۽ زبردست ايڊمنسٽريٽر، ته اڪرام صاحب جي غير حاضري ۾ مئنيجر الطاف کانپوءِ ڄڻ منهنجي ئي عزت هوندي هئي. منهنجي عزت ان ڪري به وڌيڪ هوندي هئي؛ جو انهن ڏينهن ۾ هر مهيني آءٌ ئي يونائيٽيڊ بئنڪ جي آپريشنل اڪائونٽ مان نوان نوٽ ڪڍائي ايندو هوس ۽ هر مهيني پوري اسٽاف کي جو انهن نون نوٽن جي پگهار ڏيندو هوس ته هڙيئي همراه ڄڻ مون کان خوش لڳا پيا هوندا هئا.
    ائين هوٽل ۾ رهندي ڪيترائي وي. آءِ. پي. ڏسڻ لاءِ ملندا هئا. هڪ ڀيري ايئر مارشل (رٽائرڊ) اصغر خان اچي رهيو. وڌيڪ خوش اسين تڏهن ٿي وياسين، جو هن کي ڪا فون ڪرڻي هئي ته بجاءِ پنهنجي روم مان ٽيليفون آپريٽر کان گهرندي هو پاڻ ئي اسان وٽ رسيپشن ۽ اڪائونٽس آفيس جي وچ ۾ ٺاهيل ٽيليفون ايڪسچينج ۾ هلي آيو ۽ آپريٽر کي اٿاريندي اتان پاڻ اچي هڪ فون لڳائي هئائين. وڏي ڳالهه اها هئي ته ان کي پنهنجي ايئرفورس جي ته هر هڪ ڪم ۾ مهارت هوندي؛ پر کيس ٽيلي فون ايڪسچينج جي به پوري ڄاڻ هئي ۽ پاڻ ئي آپريٽ ڪندي هن اها فون لڳائي هئي! ان طرح ايئرمارشل (رٽائرڊ) اصغر خان ته اصل ٻه چار فوٽن جي دوريءَ تان چڱيءَ طرح ڪم ڪندي ڏسي سگهاسين. ذوالفقار علي ڀُٽو صاحب، صدر ايوب واري دور ۾ جڏهن پاڪستان جو پرڏيهي معاملن جو وزير هئو ته هن لاڙڪاڻي ۾ هڪ اسپورٽس اسٽيڊيم ٺهرايو هئو، پر هيل تائين الائي ڇو ڪڏهن به ڪا به انٽرنيشنل راند اُتي منعقد ڪو نه ٿي سگهي هئي، پوءِ به هڪ ڏينهن پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو ان وقت جو ڪيپٽن انتخاب عالم اسان جي هوٽل ۾ اچي رهيو هئو جنهن کي مون ڪيترائي ڀيرا رسيپشن تان بيٺي ٻاهران لابيءَ ۾ ڪنهن سان ڳالهائيندي ۽ ڪئين ڀيرا پنهنجي روم ڏانهن ايندي ويندي ڏٺو هو! پر هڪ اهم ڳالهه ته راندين جي ميدان ۾ خبر ناهي ڇو سليڪشن ايتري ته محدود دائري ۾ ٿئي ٿي، جو ڪهڙي به نيشنل ٽيم ۾ ڪڏهن به نه ته سنڌ ۽ نه وري بلوچستان کي نمائندگي ملي سگهي آهي. ائين به ناهي ته اسان سنڌين وٽ ٽيلينٽ ناهي! جيڪڏهن ائين هجي ها ته آرٿوپيڊڪ سرجن ڊاڪٽر جوکيو صاحب ۽ پاڪستان جو وڏي ۾ وڏو وڪيل اي. ڪي. بروهي اسان وٽ پيدا ئي ڪو نه ٿين ها. سڀ کان وڏي ڳالهه ته هندوستان ۾ هڪ به نه پر صرف اڌ سيڪڙو سنڌي هندن جي آباديءَ مان جيڪڏهن ڪرڪيٽر نريندر هيرواڻي ۽ انيڪ ڀيرا ورلڊ بليرڊ چيمپيئن پنڪج آڏواڻي پنهنجي ملڪ جو شان وڌائي سگهن ٿا ته پوءِ سونهاري سنڌ جي هڪ هڪ باشندي جي علم، عقل ۽ فهم کي اڄ تائين صحيح نموني ڇو نه استعمال ڪيو ويو آهي!

    عوامي آواز سنڊي ميگزين 7 جون 2015
    ___
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  14. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    قسط 13

    نئين اننگ شروع ڪنداسين!

    ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي

    ’چار – پنج ستاره هوٽل‘ جي لائين اهڙي آهي، جو اُتان جو اسٽاف پڻ ان اوج واري زندگيءَ جو عادي ٿي ويندوآهي. پوءِ ٿيندو ائين آهي جو انهن جي سچ پچ ته اهڙي حيثيت هوندي ناهي. اهڙي صورت ۾جيڪڏهن ڪنهن ٻئي هنڌ کين ٿوري گهڻي ترقي به ملندي آهي، تڏهن به هو اها چمڪ دمڪ واري زندگي ڇڏڻ ڪو نه چاهيندا آهن. ان لاءِ اسان جي ’سمبارا ان‘ جو فوڊ اينڊ بيوريجز مئنيجر، ڀاءُ ڀٽو چوندو هو ته ههڙين هوٽلن ۾جنهن به نوڪري ڪئي ته ”مَمَ اُن جا گوڏا ئي چٽي ويندي آهي.“ بس پوءِ کڻي ان کي ڪجهه به ڏيو پر اهي ان زندگي مان ٻاهر نڪري ئي ڪو نه سگهندا!

    جڏهن ليڪچرر شپ جي ڳولها ڪندي ڪيترا ئي انٽرويو ڏيڻ کانپوءِ به ڪجهه نه ٿي سگهيو، ته حال في الحال ته ڄڻ آءُ وساري ئي ويٺو هوس. جيتوڻيڪ ڪڏهن ليڪچرر ٿيڻ ڄڻ منهنجو آئيڊيل هوندو هو! انهن ڏينهن ۾ ڪڏهن ڪڏهن وزيراعظم ذوالفقار علي ڀُٽو صاحب به کليل ڪچهري لڳائيندو هو جتي ڪير به اچي درٻاريءَ جيان گهنڊ وڄائي سگهندو هو ۽ گهڻا ڪم ته اُتي جو اُتي ئي ٿي ويندا هئا! هڪ ڀيري مير رسول بخش ٽالپر سنڌ جو گورنر هو. جيتوڻيڪ گورنر کي ان قسم جون عوامي ڪچهريون ڪرڻ نه گهرجن، ڇو ته هو صوبي جو چڱو مڙس ته آهي پر صوبائي حڪومت سان ان جو ڪو به واسطو ڪو نه هوندو آهي. تڏهن ان لاءِ هڪ ڳالهه مشهور ٿي ويئي، جيڪا ضروري ناهي ته سچ به هجي پر ائين هلاءُ ٿي ويو هئو ۽ لاڙڪاڻي ۾ اسين سڀ اُها ڳالهه پيا ٻڌندا هئاسين ته ڪٿي گورنر مير رسول بخش ٽالپر به ڪا کليل ڪچهري لڳائي هئي؛ جتي ڪنهن وڏيري مير صاحب کي پٽ جي درخواست ڏيندي چيو ته ” صاحب! منهنجي پٽ جو ڏاڍو شوق آهي ته انجنيئر ٿيان! سو قرب ڪري ڀوتار اهو ڪم ته ضرور ڪيو!“
    مير رسول بخش ٽالپر به اُتي جو اُتي ئي ان وڏيري کان سندس پٽ جي درخواست وٺي ڪنهن سيڪريٽري کي ڏني، ته”بابا! هاڻي جو هاڻي اپوائنٽمينٽ ٿيڻ کپي!“ سيڪريٽري جو درخواست ڏسي ته همراه جي تعليم صرف بيچلر آف آرٽس (بي.اي.) هئي بس! سيڪريٽري صاحب به اُتي جو اُتي ئي بيحد تعظيم مان گورنر صاحب کي چيو ته ”سائين! هيءُ همراه ته ’بي. اي.‘ نه پر ’بي. اِي.‘ آهي، ان کي انجنيئر ڪيئن ڪري سگهبو!“ تنهن تي مير رسول بخش ٽالپر به وراڻيو ته ”بابا! ’بي.اي.‘ يا ’بي.اِي.‘ پڙهيل ته آهي نه! هيڪر انجنيئر ٿيندو ته پاڻيهي سکي پوندو!“ ويچارو سيڪريٽري صاحب منجهي پيو. هاڻ ته هو ٻن باهين ۾ هئو. اپوائنمينٽ ٿو ڪري ته وڏو ناحق ٿو ٿئي. ۽ جيڪڏهن نٿو ڪري ته پنهنجي به نوڪري ٿي وڃي! آخر ڏڪندي ڏڪندي آهستي چيائين ”سائين ! هيءُ انجنيئري سکيل ئي ناهي!“ مير صاحب کي ڪاوڙ اچي وئي. چيائين” اڙي! مان وري گورنري سکيل هوس ڇا! هلايون ٿا نه گورنري!“ بهرحال اهو سچ هو يا افواه ! والله علم! پر اهڙيون ڪچهريون ٿينديون هيون ته ڪيترن جا ڪم ٿي به ويندا هئا!
    هڪ ڀيري سنڌ جو وڏو وزير غلام مصطفيٰ جتوئي لاڙڪاڻه آيل هو ۽ ريلوي جي سيلون دٻي واري پليٽ فارم تي ’کليل ڪچهري‘ لڳائي هئائين. تڏهن آءُ به وڃي اُتي پهتو هوس. سوالين جي ميڙ ۾ آءُ وڃي فرش تي ويٺو هوس. ڀوتار مکيه وزير ۽ ڪجهه بالا آفيسر ٽيبل ڪرسين تي ويٺل هئا. جڏهن منهنجو وارو آيو، ته مون به پنهنجي ليڪچرر شپ لاءِ هٿ اکري لکيل درخواست جتوئي صاحب کي هٿ ۾ ڏني. پڇيائون: ” بابا ! ڇا کپيئي!“ مون عرض ڪيو” سائين! سنڌيءَ جي ليڪچررشپ کپي!“ جتوئي صاحب به اُتي جو اُتي ئي سيڪريٽريءَ کي حڪم ڪيو. ”لکيس هن کي سنڌيءَ جو ليڪچرر ڪيو وڃي!“ اهو حڪم نامو سنڌ جي وزير تعليم پيار علي الانا لاءِ هئو، جنهن تي مکيه وزير جو ٺپو لڳائيندي جتوئي صاحب صحيح به ڪري ڏني!
    سڀني سمجهيو ته واه سائين واه ! هن ڇوڪري جو ته ڪم ٿي ويو! مان به خوشي خوشي رات جو ئي بولان ميل ۾ چڙهي اچي ڄامشوري اسٽيشن تي لٿس ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ايم. ايس. سي. (ميٿس) پڙهندڙ پنهنجي دوست مرليءَ وٽ وڃي وهنجي سهنجي نيرن ڪرڻ کانپوءِ ان کي به ساڻ ڪري اسين ڪراچيءَ هليا وياسين.
    ڪراچيءَ ۾ سڌو ئي صدر ۾ لهي اُتان هڪ لوڪل بس ۾ ڪلفٽن واري پاسي آياسين، جتي وزير تعليم پيار علي الانا صاحب جو بنگلو ڳولهي لڌوسين. هڪ وڏو شاهي قلعي نما دروازو هئو. درٻارين جيان کڙڪايوسين. چوڪيدار نڪري آيو. مون کيس چيف منسٽر جو ٺپو لڳل تعليم ڳاري وزير لاءِ حڪم نامو ڏيکاريو. هن همراه به اسان کي اُتي جو اتي ئي دروازي جي ٻاهران بيهاري اندران وڃي ڪجهه ئي منٽن ۾ هڪ ٻيو حڪم نامو وزير تعليم جو سيڪريٽري تعليم کاتو، سنڌ لاءِ کڻي آيو؛ جنهن تي وري وزير تعليم جو ٺپو به لڳل هو ته پيار علي الانا صاحب جي صحيح به ڪيل هئي. جيتوڻيڪ نه مون پيار علي الانا صاحب کي ان ڏينهن ڏٺو ۽ نه ان کانپوءِ ڏٺو ، پر ڪم منهنجو ٿيڻ تي هو! ڏاڍي خوشيءَ سان وزير تعليم جو اهو حڪم نامو کڻي اسين ٻيئي دوست مرلي ۽ مان ٿوري جهٽ ڪلفٽن تي اچي ويٺا سين، جو هينئر ته آفيسن جو ٽائيم ختم ٿي چڪو هئو ۽ باقي ڪم اسان کي ايندڙ ڏينهن تي ڪرڻو هئو.
    ان ڏينهن ڪلفٽن تي ڏاڍي بهترين هوا لڳي رهي هئي. بهترين هوا ان ڪري به مون کي لڳندي هوندي جو مون پئي سمجهيو ته بس صبحاڻي اُهو وزير تعليم جو حڪم نامو، سيڪريٽري صاحب کي ڏبو ته منهنجي اپوائنمينٽ ته پڪ ٿي ويندي! ڀلا لاڙڪاڻي جا ماڻهو سمنڊ جون ڇوليون ڏسڻ لاءِ سڪندا هئاسين. اسين به پنهنجي موج ۾ ويٺي سمنڊ جي لهرن جو به لطف ورتو ته ڪنهن گاڏي تان تيار ٿيل ڪجهه مڇي به وٺي کاڌي. مون کي جيتوڻيڪ نان ويج فوڊ ڪونه وڻندو هو؛ پر مرليءَ جي چوڻ تي کائي ڏٺو ته واقعي ئي ان ڏينهن اها فرائيڊ فش به ڏاڍي سوادي لڳي رهي هئي.
    مون لاڙڪاڻي مان ئي پنهنجي سؤٽ، سيٺ ساجنداس جي پٽ گوپ کان سندس نيو چاليءَ واري هڪ گهر جي چاٻي آندي هئي؛ جيڪو خالي پيو هوندو هو ۽ جڏهن پاڻ ڪراچيءَ ايندا هئا ته اُتي اچي رهندا هئا. اسان به ڪلفٽن جو لطف وٺڻ کانپوءِ بس پڪڙي نيو چاليءَ طرف آياسين ۽ هڪ ايراني ’هوٽل گلشن‘ ۾ رات جي ماني کائي ڀرسان ئي گوپ وارن جي بلڊنگ ۾ پراڻي ڏاڪڻ چڙهي سندن ڪوٺيءَ ۾ وڃي رهيا هئاسين.
    ٻئين ڏينهن تي وري تيار ٿي گلشن هوٽل تان ناشتو ڪري ڀرسان ئي سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ آياسين. اتفاق اهڙو ٿيو، جو تعليم کاتي واري سيڪريٽريٽ ۾ جيڪو همراه سيڪريٽري صاحب طرفان پبلڪ سان ڳالهائي رهيو هو؛ اُهو اسان جي لاڙڪاڻي واري گهر ڀرسان رهندڙ ڀاءُ امان الله قاضي نڪري پيو! امان الله کي ڏسي مان ته ڄڻ ائين ٺري پيس جو سمجهيم پئي ته هاڻ ته پنهنجو پاڻيهي منهنجا ڪم ٿيندا پيا وڃن! پر ڀاءُ امان الله ۾ ڏاڍي شرافت ۽ صداقت هئي! هن مون واري درخواست ته وٺي رکي جنهن تي چيف منسٽر ۽ ايجوڪيشن منسٽر جا ٺپا لڳل حڪم ناما هئا. پر پاڻ ئي اشراف ڪرسيءَ تان اُٿي ٻاهر اچي مون کي اڪيلي ۾ چيو، ته ”ائين ڪم ڪو نه ٿيندا آهن!“
    منهنجون ٻه به ويون ته ڇهه به ويون! امان الله جي هٿ ۾ ته ڪجهه به ڪو نه هئو، اها به هن جي چڱائي، هئي جو مون کي ڪنهن خوشفهميءَ ۾ متبلا ٿيڻ کان بچائيندي بلڪل سچ ڳالهائي رهيو هو. پر آءُ هوس جو اُهو هيڏو سارو سچ قبول ڪرڻ لاءِ تيار ئي ڪو نه هوس! مون وري به چيومانس،”ادا، ڏسجانءِ! جيڪڏهن ذري به ممڪن هجي ته ٻيلي ڪم ڪرائي وٺجانءِ!“ هاڻ هو ڇا جواب ڏئي! هن سان ڀاڪر پائي موڪلائيندي ڀرسان ئي مين روڊ تان اچي ڄامشوري ويندڙ بس ۾ ويٺاسين، ٻن ڪلاڪن ۾ ڄامشوري پهچي وياسين. آءُ ته ريلوي اسٽيشن تان لاڙڪاڻي ويندڙ بولان ميل ۾ گهر هليو ويس ۽ مرلي به ڄامشوري ۾ ئي پنهنجي هاسٽل ڏانهن هليو ويو. سچ پچ ٿيو به اُهو ئي جيڪو ٿيڻو هيو! اُهو ڏينهن اڄوڪوڏينهن؛چيف منسٽڙ ۽ ايجو ڪيشن منسٽر جا ٺپا ۽ صحيحون سڀ اجايا ٿي ويا! مون مسڪين لاءِ آرڊر نه نڪري نه نڪتو!
    ذوالفقار علي ڀُٽو صاحب جا وزير اعظم طور ڪجهه ڪجهه ڪم اصل بادشاهن وارا هوندا هئا! اوچتو هڪ اعلان آيو ته آسامي خالي هجي يا نه هجي؛ صرف ڪنهن به ڪاليج جو پرنسپال ڪنهن کي لکي ڏئي ته مون کي فلاڻي شعبي ۾ هن ماڻهوءَ جي ضرورت آهي ته هڪ نئون ڊپارٽمينٽ کُليو هيو، ’نيشنل ڊولپمينٽ والنٽيئر پروگرام‘ ان پرنسپال جي ليٽر تي ’اين. ڊي. وي. پي‘ آفيس جو ڊائريڪٽر صاحب اهڙو ليٽڙ آڻيندڙ شخص کي اُتي جو اُتي ئي اڌ پگهار تي اپوانٽمينٽ آرڊر ڪڍي ڏئي؛ ڇاجو انٽرويو ڇاجي ويڪنسي!
    اسان کي به خبر پيئي ته اسان جي پاڙي ۾ مون کان ٻه سال کن وڏو هڪ ڀاءُ رهندو هئو الاهي بخش عباسي؛ جنهن ايم. اي. (اڪنامڪس) ڪئي هئي. انهن ڏينهن ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ اڪنامڪس جو هيڊ آف ڊپارٽمينٽ هوندو هئو، سائين هدايت الله تنيو صاحب، جيڪو لاڙڪاڻي ۾لاهوري محلي ۾ رهندو هئو. هڪ شام جو الاهي بخش ۽ مان ساڻس وڃي گهر ملي آياسين. سائين هدايت الله تنيو صاحب، ته جيئن سڏائيندو ئي ’فقير صاحب‘ هو تئين هو به سچو پچو ’فقير‘ يعني درويش! هن ايندڙ ڏينهن ئي اسان کي ڪاليج ۾ گهرايو ۽ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي جي ان مهل جي پرنسپال ڊاڪٽر رضوي صاحب کان اسان ٻنهي جي درخواستن تي صحيحون وٺي ڏنيون.
    انهن ڏينهن ۾ لاڙڪاڻو ۽ حيدرآباد ائين هوندا هئا، جو تعليم کاتي جو تقريباً هر ڪم اُتي ئي ٿيندو هو. يونيورسٽي به اُتي، پوسٽ گريجوئيشن به اُتي ٿئي ته انجنيئرنگ ۽ ميڊيڪل به اُتي! اهو نئون ڊپارٽمينٽ ’نيشنل ڊولپمينٽ والنٽيئر پروگرام‘ به ڪراچيءَ سان گڏ حيدرآباد ۾ ئي کليو هو. سو اسان به الاهي بخش ۽ مان رات جو بولان ميل ۾ چڙهي ٻئي ڏينهن وڃي مرليءَ وٽ يونيورسٽيءَ ۾ لٿاسين. وهنجي سهنجي نيرن ڪري حيدرآباد شهر ۾ مليل ائڊريس تي ’اين. ڊي. وي. پي.‘ آفيس ۾ وڃي پهتاسين. منهنجو هيل تائين تجربو جيئن ته ڏاڍو ڪوڙو رهيو هئو ۽ ڪم ڪٿي به ڪو نه پئي ٿيو ته ان آفيس لاءِ به جيتوڻيڪ ٻڌايو ويو هئو ته اتان آرڊر فٽا فٽ ملڻو آهي، پوءِ به مون کي ڄڻ پاڻ تي اعتماد ڪجهه به نه هو! ائين پئي لڳو ته ڊائريڪٽر صاحب مون کي ته پڪ ئي پڪ موٽائيندو!
    ’اين. ڊي. وي. پي.‘ آفيس پهتاسين ته اُتي اميدوارن جي ٿوري رش پئي نظر آئي! ڀلا ڪراچيءَ کي ڇڏي باقي پوري سنڌ کي اها آفيس سنڀالي رهي هئي. هڪ ڪلارڪ اهي پرنسپال جا ليٽر وٺي رهيو هو. سو اسان به الاهي بخش ۽ مون کيس سنڀالي ڪري پنهنجا پنهنجا ليٽر ڏنا. جيسين ڪجهه ٿئي تيسين مون ته ويٺي بابا گرو نانڪ جو ”اونڪار“ پڙهيو، جنهن ۾ رب پاڪ جي وحدانيت جو ذڪر آهي. الاهي بخش به پئي چپن ئي چپن ۾ ڌڻي تعاليٰ کي ٻاڏايو! سائين! پوءِ ته مالڪ جي ايڏي رحمت ٿي ويئي جو گهڻي دير ئي نه لڳي ۽ اهو ڪلارڪ اندران ڊائريڪٽر صاحب وٽان اسان ٻنهي جا اپوائنٽمينٽ آرڊر ٺاهي ڪري کڻي آيو، الاهي بخش، اڪانامڪس لاءِ ۽ آءُ، سنڌي شعبي لاءِ؛ پگهار ٻنهي جي 330 رپيا ماهوار مقرر ٿيل هئي. نه ته ڪا سالياني انڪريمينٽ ملڻي هئي ۽ نه ڪي ٻيا ڪي مالي فائدا هئا. ائين چئجي ته صرف ۽ صرف عارضي اپوائنٽمينٽ هئي، جيڪا ڪنهن مهل به رد پئي ٿي سگهي.
    الاهي بخش ۽ مان ته اهي سرڪاري پروانا کڻي خوشي خوشيءَ اچي ڄامشورو ريلوي اسٽيشن تان لاڙڪاڻِ لاءِ بولان ميل پڪڙي. ان ڏينهن اهي رستي وارا پنج ڪلاڪ ڄڻ پنجاه ڪلاڪ ٿي پيا. منهنجي دل پئي چيو ته جلدي گهر پهچي ادا پريم ۽ امڙ کي اُهو سرڪاري پروانو ڏيکاريان ته ڀل اڌ پگهار تي ئي؛ مون پنهنجي ٿوري گهڻي منزل حاصل ڪري ورتي هئي. الله الله ڪندي نيٺ لاڙڪاڻي پهتاسين. اسان ٻنهي کي اسٽيشن کان ٻاهر نڪرندي ڄڻ روڊ نظر ئي ڪو نه پئي آيا. اسين ٻيئي ڏاڍو خوش لڳا پيا هئاسين ته ايندڙ ٻئي ڏينهن کان اسين پنهنجي زندگيءَ جي هڪ نئين اِننگ شروع ڪنداسين.


    عوامي آواز سنڊي ميگزين 14 جون 2015
    ___
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  15. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    قسط 14
    فوٽو ڌوئي ڌوئي عمر ئي سڪي وڃي ها!
    ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي


    الاهي بخش عباسي ۽ مان اين. ڊي. وي. پي. آفيس حيدرآباد مان آندل پنهنجا پنهنجا ليڪچرر جا اپوائنٽمينٽ آرڊر کڻي وڃي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي جي پرنسپال رضوي صاحب سان گڏياسين. هن هيڊ ڪلارڪ کي سڏ ڪرائي اسان کان جوائننگ رپورٽ ورتي. ليڪچررس جي Muster Roll تي، اسان ٻنهي جو نالو لکيو ويو؛ جنهن تي صحيح ڪندي اسين پنهنجي حاضري به ڀري ڇڏي. الاهي بخش کي اڪانامڪس جي هيڊ، سائين هدايت الله تنيو صاحب هڪ ليڪچر الاٽ ڪيو. جڏهن ته سنڌي شعبي جي هيڊ، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي مون کي ٻارهين ڪلاس سائنس لاءِ سنڌي لازمي سبجيڪٽ وارو پيرڊ الاٽ ڪيو.
    اُتي جيڪي به فل ٽائيم ليڪچررس هئا۽ اسين جيڪي ’اين. ڊي. وي. پي.کان اڌ پگهار تي آيا هئاسين؛ هر هڪ کي روزانو صرف هڪ ليڪچر ئي وٺڻو پوندو هئو. سنڌيءَ جو هڪ سينئير پروفيسر هئو علي محمد ڀٽي؛ اهو منهنجي سٺي راهنمائي ڪندو هو.آءٌ پهرين ڏينهن لاءِ گهران ئي گرامر جو هڪ ليڪچر تيار ڪري ويو هوس، جو خبر ئي ڪو نه هئي ته مونکي ڪهڙو ڪلاس الاٽ ڪيو ويندو. آءٌ پنهنجي مقرر ٽائيم تي بيل لڳل سان ٻارهون سائنس واري مخصوص ڪلاس روم ۾ ويس ته اُتي شاگردن ويٺي پئي پاڻ ۾ ڪچهري ڪئي. آءٌ جو ڪلاس ۾ گهڙيس، ته منهنجي عمر، سنهائپ ۽ مولائي پڻو ڏسي ڪري هنن سمجهيو ته شايد هيءُ به ڪو نئون شاگرد آيو آهي ۽ سڀ جو سڀ هڪ نئين آيل شخص کي ڏسندي وري پنهنجي ڪچهرين ۾ لڳي ويا.
    گورنمينٽ ڊگري ڪاليج، لاڙڪاڻي جي هر هڪ ڪلاس روم ۾ ليڪچرر جي بيهڻ لاءِ هڪ وڏي ڊائس ۽ ٽيبل ڪرسي رکيل هوندي هئي. مان ڪلاس ۾ گهڙڻ سان سمجهي ويس ته انهن سمورن شاگردن مون کي به پاڻ جهڙو شاگرد ئي سمجهيو هئو؛ پر آءُ جو سڌو وڃي ڊائس تي چڙهي بيٺس ته پوءِ مس شاگردن سمجهيو ته هيءُ ڪو نئون ليڪچرر آيو آهي. ان ڪلاس جي شاگردن ۾ هڪ ته منهنجي پنهنجي استاد ۽ ان وقت جي هيڊ آف سنڌي ڊپارٽمينٽ، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو صاحب جو فرزند اسلم به هئو. مجموعي طور انهن ڏينهن ۾ استاد لاءِ ڏاڍو ادب هوندو هئو، سو شاگردن کي جيئن ئي لڳو ته کانئن ڀُل ٿي ويئي آهي؛ ته فٽافٽ سڀ جو سڀ خبردار ٿي ويا. مون کين صرف پنهنجي مختصر واقفيت ڏيندي، پنهنجو گهران تيار ڪيل گرامر وارو ليڪچر وٺڻ شروع ڪيو. گرامر جهڙي خشڪ موضوع کان ائين ئي شاگرد ٽهندا آهن. الله الله ڪري منهنجي زندگيءَ جو پهريون ليڪچر بهترين ٿي ويو! جڏهن ته مون کي اهڙو ته ڏڪايو ويو هئو؛ جو ٻڌايائون پئي ته پهرين ليڪچر ۾ چڱي ڀلي شخص جون ڄنگهون ڏڪنديون آهن ۽ زبان مان به آواز ڪونه نڪرندو آهي. الائي ڇا جو ڇا پئي چيائيون، پر سائينءَ جي مهر سان منهنجو پهريون ليڪچر ڪافي حد تائين اطمينان بخش رهيو هئو!
    ليڪچر پورو ڪري پهرئين ماڙي تي پروفيسرس ڪامن روم ۾ آيس ته الاهي بخش به پنهنجو ليڪچر وٺي ئي آيو هئو. اسان ٿوري دير سائين هدايت الله تنيو صاحب سان ڪچهري ڪئي. ان جو وري هڪ دوست هئو سائين محمد صديق ڀُٽو؛ جيڪو ڪيمسٽريءَ جو هيڊ آف ڊپارٽمينٽ هئو. اسين ڪجهه دير تنيو صاحب سان ڪيمسٽري ليباريٽريءَ ۾ وڃي محمد صديق ڀٽو صاحب سان به محفل ڪئي. صديق ڀٽو هڪ قداوار ۽ رعبدار شخصيت جو مالڪ هو، جو پهرين نظر ۾ ڏسندي ته ڄڻ ٿورو ڀؤ ٿيڻ لڳي؛ پر تنيو صاحب سان دوستيءَ سبب هو اسان ٻنهي سان به تمام سٺو ورتاءُ ڪري رهيو هو. ان ئي ڪيمسٽري ليب ۾ هڪ ڊمانسٽريٽر هئو ڀاءُ گرمکداس، جيڪو پڻ بيحد ملنسار شخصيت هئو ۽ ان سان ته ڄڻ پهرين ڏينهن کان ئي ويجهڙائپ ٿي ويئي.
    ڪاليج ۾ ٻيو هڪ ٽيچر هئو سائين گوپالداس چاولا؛ جيڪو هسٽري پڙهائيندو هو ۽ ان کي ته باقائده هڪ چيمبر به مليل هئو. سائين گوپالداس ۽ ان جو وڏو ڀاءُ لڇمڻ داس ڪنهن وقت اسان کي گورنمينٽ پائلٽ سيڪنڊري اسڪول لاڙڪاڻي ۾ به پڙهائيندا هئا. تڏهن گهڻا شاگرد گوپالداس کي ان ڪري به وڌيڪ پسند ڪندا هئا، جو هو صرف اهڙا باب ئي پڙهائيندو هو جيڪي امتحان ۾ اچڻ جي قابل هوندا هئا ۽ ڪيترا ڀيرا ته انهن بابت پنهنجا نوٽس به لکارائي ڇڏيندو هو ته شاگرد کانئس خوش لڳا پيا هوندا هئا. هاڻ هتي ته گوپالداس اسان سان هڪ ڀاءُ جيان ئي هلندو هئو، هن جي چيمبر ۾ هيٽر ۽ چانهن جو سامان پڻ رکيل هوندو هو . ڪيترا ڀيرا ته هو خاص طور به اسان کي ويهاري پنهنجي ٺاهيل چانهن ۽ سالٽي بسڪيٽس پڻ کارائيندو هو!
    مون جيئن ئي گورنمينٽ ڪاليج ۾ اين. ڊي. وي. پي. جي ليڪچررشپ جوائن ڪئي ته هوڏانهن سمبارا اِن ۾ به ڪم ڪندو رهيس ۽ ٻه ٽي ڏينهن ته ائين ئي ڪڍي ويس؛ جو صرف پنهنجي ليڪچر واري ٽائيم تي وڃي ڀرسان ئي ڪاليج مان ليڪچر وٺي ايندو هوس. پوءِ جڏهن ٻن چئن ڏينهن ۾ ليڪچررشپ جاري رکڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو ته مون کي پنهنجي اڪائونٽنٽ اڪرام صاحب کي ٻڌائڻو ئي پيو. هن صرف مون کي اهو ئي چيو ته ”اسان ته توکي انٽرويو ۾ ئي چيو هئو ته تون هائر ڪواليفائيڊ ماڻهو آهين، اسان وٽان هليو ويندين!“ پوءِ به هن منهنجي ڀلي خاطر دعائون ڏيندي منهنجي استعيفيٰ قبول ڪئي. مون سمبارا اِن جي مئينجر الطاف صاحب کان به پيرين پيئي موڪلايو؛ جو انهن سڀني مون کي بي پناه پيار ڏنو هو. مون سمبارا اِن جي نوڪري ڇڏي ته پنهنجي مرضيءَ سان، پر جنهن ڏينهن استعيفيٰ ڏيئي اڪرام صاحب کان پيرين پئي دعائون ورتيون. نثار، مشتاق ۽ احسان سان ڀاڪر پائي موڪلايو ۽ سچ پچ جڏهن پنهنجي ٽيبل ڪرسيءَ تان اُٿي گهر لاءِ نڪري رهيو هوس؛ ته بي اختياريءَ ۾ روئي ويٺو هوس. مون سمبارا ان واري نوڪريءَ کي به دل سان چاهيو هو. نوڪري ائين ڪندا هئاسين، جو ڄڻ مزو پيو ايندو هئو ۽ هاڻ منهنجو ان سان هميشه لاءِ تعلق ختم ٿي رهيو هو. منهنجي اوڇنگارون ڏيئي روئڻ تي اڪرام صاحب يڪدم اُٿي آيو. اچي مون سان ڀاڪر پاتائين ۽ سمجهائڻ لڳو ته اسين به سڀ تو کان بيحد خوش هوندا هئاسين پر تون پنهنجي بهتر مستقبل لاءِ اهو سخت فيصلو ڪري رهيو آهين، زندگيءَ ۾ اهي موڙ ايندا ئي رهندا آهن.’مڊ وي هائوس‘ ڪراچي مان آيل اسان جو بورچي به مون سان بيحد پيار ڪندو هئو. اڄ اهو به مون کي بهتر مستقبل لاءِ دعائون ڏيئي رهيو هو. ائين انسان کي زندگيءَ ۾ ڪيئن ڀيرا ڪجهه تلخ فيصلا وٺڻا پوندا آهن، پر ضرورت اها هوندي آهي ته انسان هميشه پنهنجي نيت صاف رکي! پوءِ ڀل جتان به نڪرندو ته سڀني جون دعائون کڻي نڪرندو!
    اڪرام صاحب، منهنجي ’سمبارا اِن‘ واري نوڪري ڇڏڻ کانپوءِ به جڏهن به کيس سکر وڃڻ لاءِ ويگن کپندي هئي ته اسان کان ئي گهرائيندو هو. ڏاڍي خوشي ٿيندي هئي؛ جو منهنجي نوڪري ڇڏڻ کانپوءِ به اُهي سڀ مون کي ڄڻ پنهنجي اسٽاف جيان ئي عزت ڏيندا هئا. هيڪر مون هوٽل جي نوڪري ڇڏي صرف ليڪچرر شپ شروع ڪيئي ته پوءِ مون کي واندڪائي ملندي هئي، جيڪا سجائي ڪرڻ لاءِ آءٌ ٻيهر وري فوٽو گرافي سکڻ لاءِ پنهنجي استاد عزيز وٽ رائل سئنيما جي سامهون فائين فوٽو اسٽوڊيو تي وڃڻ شروع ڪيو.
    فوٽو گرافيءَ سان منهنجو شوق ننڍي هوندي کان ئي هوندو هئو؛ جنهن لاءِ مون الائي گهڻا سال رونق صاحب جي ’فوٽو سينٽر‘ تي ٻهاريون ڏنيون هيون ۽ پهريائين ڪجهه سال ته صرف ڊش ۾ بليڪ اينڊ وائيٽ فوٽو ڌوتا هئا. ان کانپوءِ به اها استاد عزيز صاحب جي مون مسڪين سان مهرباني هئي، جو اهو ئي منهنجي صداقت ۽ شرڌا ڏسي ڊارڪ روم ۾ اندر وٺي هليو هئو ۽ هڪ هڪ ڳالهه ننڍي ڀاءُ جيان سمجهائيندو هو. هينئر هو ’فائين فوٽو اسٽوڊيو‘ تي ڪم ڪندو هئو ته پوءِ مون به استاد عزيز وٽ اتي ئي وڃڻ شروع ڪيو.
    ’فائين فوٽو اسٽوڊيو‘ تي اتان جو مالڪ سراج به اُستاد عزيز سبب منهنجي ڏاڍي عزت ڪندو هئو. مون کي فوٽو گرافي سکندي ته ڏهاڪو سال ٿي چڪا هئا، پر هيل تائين هنن ڪڏهن به مون کي ڪنهن آئوٽ ڊور تي اڪيلي سر ڪو نه موڪليو هئو. هڪ ڀيري اسين ’فائين فوٽو اسٽوڊيو‘ تي ويٺا هئاسين، جو ڪجهه ڳوٺاڻن اچي چيو ته سول اسپتال ۾ ڪنهن گذاري ويل شخص جو فوٽو ڪڍڻو آهي. سراج ته ائين ئي ڏڪڻو هئو، هن ته فٽافٽ انڪار ڪيو؛ استاد عزيز اهڙي ننڍي فوٽوگرافيءَ لاءِ وڃي اهو واجب ئي ڪو نه هئو. آخر تلوار اچي منهنجي سر تي ڪري. هن چيو ته ”ٻلوُ! تون وڃي اهو فوٽو ڪڍي آءُ!“ ڀؤ ته مون کي به ٿئي پيو پر آءٌ اهڙي حالت ۾ ئي ڪو نه هوس، جو استاد عزيز کي ناڪار ڪري سگهان. صرف ايترو چيومانس ته ” استاد ! جيڪڏهن فوٽو صحيح نه نڪري ته!“ پر استاد منهنجي همت وڌائيندي چيو ته” نه تون سٺو فوٽو ڪڍي ايندين! ائين آهستي آهستي پاڻ تي ڀاڙڻ به سکي ويندين!“
    مان اسٽوڊيو مان ڪيمره کڻي جناح باغ ٽپي سول هاسپيٽل ڏانهن ويس ته آخري ڇيڙي وٽ گورنمينٽ هاءِ اسڪول سامهون اصل اسپتال جي ٻاهران هڪ بيل گاڏيءَ تي ڪو همراه سمهيو پيو هئو. شايد ڦاسي آيل هئس يا ڪا ٻي ڳالهه هئي؛ جو ڏسندي ئي ڀؤ پئي ٿيو. هنن همراهن به ان جي مٿان ڪا چادر وغيره به ڪونه ويڙهي هئي. مون کي چيائون ته ان جو فوٽو ڪڍ! اهو زندگيءَ جو پهرين فوٽو ڪڍڻ لاءِ آءُ اسپتال جي ٻني تي چڙهي بيٺس ۽ فوڪس به ڪيمره جي مانيٽر تي ڪيو؛ باقي آبجيڪٽ کي ڏسڻ جي ته مون ۾ به همت ڪو نه هئي!
    فوٽو ڪڍي تڪڙو تڪڙواسٽوڊيو تي موٽي آيس. مون استاد کي چيو ته ”اُستاد ! هاڻي ئي ٺاهي وٺو! ڪٿي صحيح نه هوندو ته ٻيو ڪنهن کي موڪلي سگهندا! نه ته ٻي صورت ۾ اهي ڳوٺاڻا مون کي ته اهڙي مار ڏيندا جو وري ٻلوُ لڀندو ئي ڪو نه!“
    استاد به مون سان گڏ ان مهل ئي ڊارڪ روم ۾ هلي فلم ڪٽي ڪري ڊويلپ ڪئي. پوءِ جڏهن ڪارڊ سائيز ۾ سچ پچ ان جي پازيٽو ٺاهيائين ۽ فوٽو ڊويلپر ۾ ئي آهستي آهستي اُڀري رهيو هئو ته خود استاد کي به ڀؤ پئي ٿيو ته هيءُ ڪهڙي ڀوت جو فوٽو ڪڍي آيو آهين! شڪر آهي جو فوٽو جو فوڪس ۽ ڪمپوزنگ وغيره سڀ صحيح هئا. اُستاد اُتي ڊارڪ روم ۾ به گهڻي دير ڪو نه بيهي سگهيو ۽ مون کي چيائين ته ان کي ’هائيپو‘ ۾ فڪس ڪري ڌوئي سڪائي ڇڏيان!
    ائين استاد عزيز ۽ سراج، ’فائين فوٽو اسٽوڊيو‘ تي مون جهڙي ڪمزور ماڻهوءَ کي اهڙا هيبتناڪ فوٽو ڪڍڻ لاءِ موڪلي ڄڻ ڏاند ڏهڻ جو ڪم ڪيو هئو. وري به شڪر آه جو ڪم به صحيح ٿيو هئو ۽ ان هڪ اسٽروڪ سان ئي هنن مونکي سچ پچ فوٽو گرافر بڻائي ڇڏيو هئو؛ نه ته فوٽو ڌوئي ڌوئي عمر ئي سڪي وڃي ها. انهن ڏينهن ۾ اسان جون اهي 120 رول واريون فلم ڪئميرائون ڪيترا ڀيرا ‘x’ مارڪ تي هليون وينديون هيون ته پوءِ ماڳهين فوٽو ئي ڪو نه نڪرندو هو ۽ ڄڻ بلڪل نڪورو فلم ڊويلپ ڪندا هئاسين. جيڪڏهن ائين به ٿئي ها؛ جيئن خود پوءِ هڪ ڀيرو منهنجي اسٽوڊيو تي به ٿيو هو؛ ته فوٽو گرافر بڻجڻ ته وڏي ڳالهه آ؛ پر اُهي ڳوٺاڻا ماري مار ناڙُ ڪري ڇڏين ها! اهي اهڙيون ڳالهيون آهن جن سان اسان جو ڌڻيءَ ۾ ايمان پڻ مضبوط ٿيندو رهندو آهي ته ڪيرُ آهي جو اسان جي پرگهور لهي ٿو! خاص ڪري جڏهن ڪير به ڪنهنجو ڪو نه هوندو آهي ته هو ئي اچي اسان جو مددگار ٿيندو آهي!
    هڪ دفعي لاهور جو هڪ فوٽوگرافر لاڙڪاڻي ۾گهمندي گهمندي ’فائين فوٽو اسٽوڊيو‘ اچي نڪتو ۽ اُستاد عزيز کان ڪهڙا به بليڪ ايند وائيٽ فوٽو، رنگين ڪرائڻ جو ڪم گهريائين. عام طور اهڙن ماڻهن سان گهڻو ڪو نه ڳالهائبو آهي؛ پر ان ڏينهن اُستاد عزيز به الائي ڪيئن هن کي ڪو هڪڙو اهڙو فوٽو ڪڍي ڏنائين، هن همراه به ڪلر باڪس وٺي ايڏي ته مهارت سان ٿوري ئي دير ۾ اهڙو شاندار ڪلر ڪري ڏنو جو فوٽو ۾ ڄڻ جان پئجي ويئي ۽ ڳالهائڻ پئي لڳو! پوءِ ته اهو فنڪار ماڻهو الائي ڪٿي رهيو پيو هئو، پر روز ٿوري دير فائين فوٽو اسٽوڊيو تي اچي ويهندو هئو ۽ ڪم ملي ويندو هوس. انهن ئي ڏينهن ۾ آءٌ پنهنجي والد صاحب ۽ ادا پريم جو هڪ فوٽو 20×24 سائيز ۾ ڪراچيءَ مان ٺاهرائي آيو هوس. جنهن کي ڪلر ڪرڻ لاءِ هميشه استاد عزيز کي پيو عرض ڪندو هوس. هينئر استاد پاڻ ئي ان فنڪار ماڻهو کي منهنجي گهر موڪليو، جنهن منهنجي گهر ۾ ويهي اُهي ٻيئي فوٽو پهرين الڳ الڳ هڪ هارڊ بورڊ تي ابتي پاسي پيسٽ ڪيا ۽ پوءِ جو انهن تي پنهنجي رنگن جو فن ڏيکارڻ شروع ڪيائين ته اسان جي دل خوش ڪري ڇڏيائين!

    عوامي آواز سنڊي ميگزين 21 جون 2015
    ___
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  16. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    قسط 15

    وئڪنسي ئي ناهي ته آرڊر ڪيئن نڪري!!

    ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي


    1974ع ۾ ان مهل جي پاڪستان جي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀُٽي صاحب جي ڪوششن سان موهن جي دڙي ۾ ”سنڌ صدين کان“ هڪ انٽرنيشنل ڪانفرنس ڪئي ويئي. اُها جنهن ڏينهن پڄاڻيءَ تي پهچڻي هئي، ان کان هڪ رات اڳ جيترا به فنڪار اُن ڪانفرنس ۾ ثقافتي پروگرام ۾ شرڪت لاءِ آيا هئا. انهن مان مائي ڀاڳي، استاد خميسو خان ۽ ٻين ڪيترن ئي فنڪران کي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ اسان جي پاڙي ۾ رهندڙ ايوب کهڙي جي ننڍي ڀاءُ علي گوهر کهڙي جي گهر وٺي آيو، جتي رات جو گهر ۾ ئي انهن سڀني فنڪارن پنهنجو پنهنجو پروگرام ڏنو هئو، اسين ته پاڙي جا ٻارڙا هئاسين، سو اسين به اُتي وڃي اهو سمورو پروگرام ڏٺو هئو. گهرو پروگرام هئڻ سبب اسين ويٺا به انهن فنڪارن سان گڏ ئي هئاسين، جتي خميسو خان پنهنجي روس واري دوري جون بهترين ڳالهيون ٻڌائي رهيو هو.
    ان پروگرام جي ٻئي ڏينهن تي آءُ علي گوهر کهڙي صاحب جي گهر وڃي، کيس ٻڌايو ته سائين ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جيئن ته سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر آهي، جنهن وٽ آءُ هڪ انٽرويو ڏيئي آيو آهيان ۽ گهڻا ئي ڏينهن گذري ويا آهن پر اڃا تائين ڪجهه به خبر نه پئجي سگهي آهي ته ان جو ڇا ٿيو! ڊاڪٽر بلوچ صاحب کهڙي صاحب وارن لاءِ ڄڻ گهر جو ئي ڀاتي هئو، جو رشتي ۾ هو انهن جو نياڻو پئي ٿيو. هوڏانهن علي گوهرکهڙو صاحب ته اسان پاڙي جي ٻارڙن سان هڪ شفيق برزگ جيان پيار ڪندڙ شخص هئو جيڪو گهڻي ڀيرا سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر پڻ رهي چڪو هئو. هن جي شخصيت ۾ به ڏاڍي حشمت هوندي هئي. پر اسان جي پاڙي ۾ سڀني جو هڪٻئي سان انتهائي خلوص وارو وهنوار هوندو هو!
    علي گوهر کهڙو صاحب مونکي پنهنجي ئي فرزند جاويد جيان پيار ڪندي چيو ته ” پٽ! روز جڏهن مان قرآن پاڪ جي تلاوت ڪندو آهيان، ته رب کان اهو ئي گهرندو آهيان ته شال ڪنهن ۾ ڪم نه پوي! پر تون منهنجي ٻچن وانگرآهين. آءُ حيدرآباد وڃڻو آهيان ۽ ڪجهه ئي ڏينهن ۾ تنهنجي ڪم جو پتو لڳائي ايندس!“ اڃا هڪ هفتو مس گذريو ته علي گوهر کهڙو صاحب مونکي پنهنجي گهر گهرائي خوشخبري ٻڌائي ته هو حيدرآباد مان ٿي آيو آهي ۽ سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سان به ملي آيو آهي جنهن کيس ٻڌايو هئو ته اسان جا جيڪي انٽرويو ٿيا هئا، انهن لاءِ سنڌيءَ جي ليڪچرر جي صرف هڪ ئي ويڪنسي هئي، جنهن لاءِ سليڪشن ڪاميٽي طرفان چونڊ به منهنجي ئي ڪئي وئي هئي. سو کهڙو صاحب مونکي کليو کلايو ٻڌايو ته ” پٽ! نه منهنجو نه بلوچ صاحب جو ڪو تنهنجي لاءِ ٿورو آهي، جو بلوچ صاحب ٻڌايو آهي ته چونڊ ئي ٻلديو جي ڪيل آهي ۽ هن پاڻ توکي گهرايو آهي ته تون وڃي کانئس آرڊر وٺ“. علي گوهر کهڙي صاحب کان ايڏي وڏي خوشبخري ٻڌي مان ته اصل هوائن ۾ پيو اڏامان ! ڏاڍي خوشي ٿي رهي هئي ته وائيس چانسلر جو نياپو آيو آهي ته آءٌ وڃي نوڪري جوائن ڪريان! مان ته ان رات ئي بولان ميل ۾ چڙهي پيس ۽ ايندڙ ڏينهن صبح جو سوير وڃي پنهنجي دوست مرلي پنجواڻيءَ وٽ هاسٽل ۾ پهتس، وهنجي سهنجي تيار ٿي پوءِ جيئن ئي آفيس ٽائيم ٿيو ته يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر آفيس ۾ وڃي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سان گڏيس. هن جي آفيس ۾ ان سان ڪو ٻيو ته شخص گڏ ويٺو هو. هن منهنجي آفيس ۾ گهڙڻ سان پري کان ئي چيو ته ” ديوان! ايڏي وڏي سفارش ڪرائبي آ!“
    مان صفا گهٻرائجي ويس. صرف ايترو چيومانس، ته ”سائين! اوهان ته کهڙي صاحب هٿان نياپو موڪليو هو ته منهنجي سيلڪشن ڪئي وئي آهي ۽ هاڻ اوهين مون کي آرڊر ڏيڻ وارا آهيو!“
    ڊاڪٽر بلوچ صاحب منهنجي بيٺي ئي پنهنجي ڪنهن پي اي کي گهرائي چيو ته ” هن جو فائيل ڏس ۽ جيڪڏهن سلڪيشن ٿيل آهي ته کيس آرڊر ڪڍي ڏيو!“ ٻاهر نڪرندي آءُ جيئن ئي ان پي اي سان گڏ سندس آفيس ۾ وڃڻ لڳس هن ڪوريڊور ۾ ئي مونکي چيو ته آءُ لاڙڪاڻي موٽي وڃان، جيڪڏهن منهنجي چونڊ ٿيل هوندي ته اهڙو آرڊر مونکي گهر موڪليو ويندو.!
    ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب جي پي اي کان اهڙو کتو جواب ٻڌي منهنجون ته ٻه به ويون ته ڇهه به ويون! آءُ بلڪل نراش ٿي مرليءَ وٽ هاسٽل ۾ موٽي آيس. مونکي ڪجهه به سمجهه ۾ نه پئي آيو ته اهو ڪيئن ٿو ممڪن ٿي سگهي ته وائيس چانسلر فائيل ڏسي ڪري علي گوهر کهڙو صاحب هٿ منهنجي سليڪشن جو نياپو به موڪليو آهي ۽ هاڻ وري ساڳيو ئي وائيس چانسلر پي اي کي ٿو چوي ته ڏسو! جيڪڏهن سيلڪشن ٿيل آهي ته آرڊر ڪڍو“. پي. اي. وري بجاءِ منهنجي فائيل ڏسڻ جي مون کي گهر واپس وڃڻ لاءِ ٿو چوي!
    مون ڇا ڪيو، جو آفيس ٽائيم کانپوءِ حيدرآباد ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي اولڊ ڪيمپس ۾ وائيس چانسلر بنگلي تي بلوچ صاحب وٽ وڃي ٻيهر سلامي ڀري! جتي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ پنهنجي وشال اڱڻ ۾ موڙي تي تشريف فرما هئو ۽ سندس ڪيترائي ڪڙمي نما شخص هيٺ فرش تي ويٺي کيس پنهنجون پنهنجون ڳالهيون ٻڌائي رهيا هئا. مان به وڃي انهن اٻوجهه ماڻهن جي ميڙ ۾ هيٺ فرش تي ويهي رهيس. جڏهن منهنجو وارو آيو ته مان ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي بلڪل ڀر ۾ وڃي کيس عرض ڪيو ته ”سائين! صبح اوهان جي آفيس واري ماڻهوءَ ته بجاءِ فائيل ڏسڻ جي مون کي لاڙڪاڻي واپس وڃڻ لاءِ چيو، جڏهن اوهان سائين علي گوهر کهڙي صاحب وسيلي مون کي نياپو موڪليو هو ته منهنجي سليڪشن ڪئي وئي آهي!“ بلوچ صاحب به ٺهه پهه ورائيندي چيو ته ” پٽ! سليڪشن برابر تنهنجي ٿي آهي، پر اسان وٽ وئڪينسي ئي ناهي ته آرڊر ڪيئن نڪري!“
    آءُ ايڪيهن سالن جو اٻوجهه ٻار ڀلا وائيس چانسلر سان ڪيئن وڌيڪ ڪجهه به ڳالهائي سگهان. مون صرف کانئس پيرين پئي موڪلايو ۽ اهو ڏينهن اڄوڪو ڏينهن وري علي گوهر کهڙو صاحب کي اهو به ڪو نه ٻڌايو ته سائين مون سان ههڙي ويڌن ٿي آهي، جو هو اهڙو ته نيڪ انسان هو جو منهنجي روئداد ٻڌي پڪ ئي پڪ سندس دل کي ڪجهه ضرب پهچي ها، اهڙي صورت ۾ منهنجو چپ رهڻ ئي واجب هئو!
    1975ع جا ڏينهن هئا، استاد عزيز کان هڪ دفعي زبان مان نڪري ويو ته هاڻ آءُ بلڪل تيار آهيان ۽ پنهنجو فوٽو اسٽوڊيو کولي سگهان ٿو! پر مون ۾ اڃا تائين اهڙي همت ئي ڪو نه هئي. انهن ڏينهن ۾ استاد عزيز لاڙڪاڻي ۾ لاهوري محلي ۾ رهندو هو ۽ سندس هڪ پاڙيسري هادي بخش ڪلهوڙو لاهور ۾ فلم ڊائريڪٽر لئيق اختر جو چيف اسسٽنٽ هئو، ته اهڙي صورت ۾ استاد صلاح ڏني ته لاهور مان هلي فوٽو اسٽوڊيو کولڻ جو سامان وٺي اچجي ۽ هاديءَ جي معرفت فلم اسٽوڊيو به گهمجي. استاد عزيز پاڻ هلڻ لاءِ تيار هئو ته مون به هڪدم حامي ڀري.
    اسان جو هڪ عزيز هو دادا نرمل داس آهوجا، جيڪو لاڙڪاڻي ۾ ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولر هوندو هئو. ان جو پنهنجو گهر به قائم شاھُ بخاريءَ جي درگاھ جي ڀر ۾ هئو ته کيس عبدالرزاق سومرو صاحب، وڪيل جي ڀر ۾ پوليس طرفان ٺاهيل دوڪانن ۾پڻ هڪ خالي دوڪان پيو هو. ان سان ڳالهه ڪيئي، هن اشراف به مون کي پنهنجو دوڪان بنا ڪنهن اجوري جي ڏيڻ جي حامي ڀري،صرف سرڪاري مسواڙ، گورنمينٽ کي ڏيڻي هئي.
    آءُ به ادا سان صلاح ڪري استاد عزيز سان لاهور وڃڻ جي پڪ ڪئي ته فائين فوٽو اسٽوڊيو جو مالڪ به تيار ٿي ويو هو. ان کي به فلم اسٽوڊيو ڏسڻو هو. پوءِ ته سچ پچ جنهن ڏينهن لاهور وياسين ته عزيز، آءُ، سراج ۽ هڪ ٻيو به دوست شبير به گڏ هليو. جيڪو بيٽريون وغيره چارج ڪندو هئو. لاهور جيئن ته آءُ اڳ ئي ڏسي چڪو هوس، هيڪر 1971ع ۾ ادا ۽ ان جي هڪ دوست شونداس سان، جيڪو لائلپور يونيورسٽي مان ڪورس ڪري آيو هئو. انهن سان گڏ مان ۽ الاهي بخش عباسي به ويا هئاسين ۽ ٻيو ڀيرو 1974ع ۾ ادا پريم، نارائڻ اسان جو سوٽ جوهر ۽ مان ڪوه مري، ڪاغان ۽ سوات ڏسڻ ويا هئاسين ته لاهور به گهميا هئاسين.
    سو هن ڀيري آءُ هنن همراهن جو گائيڊ هوس، لاهور ۾ اچي لٿاسين ئي انارڪلي اسٽريٽ ۾، جتان اسان کي پنهنجو فوٽوگرافڪ سامان وٺڻو هئو. اتي انارڪلي اسٽريٽ ۾ مختلف هوٽلون ڏسندي هڪ اهڙي مناسب هوٽل ڳولهي لڌيسين، جيڪا سستي به هئي ته ڏاڍي وڏي به. ائين پئي لڳو، ڄڻ ڪا پراڻي شاهاڻي عمارت هجي؛ جيڪا جهوني زماني ۾ شايد هندن جي ڌرمشالا ٿي استعمال ٿيندي هوندي!

    عوامي آواز سنڊي ميگزين 28 جون 2015
    ___
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  17. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    قسط 16

    نه ته جيڪر ٻه ڏينهن ٻيا به ڀوڳڻو پوي ها!

    انڊس فوٽو اسٽوڊيو لاڙڪاڻي ۾ جيئن ئي کوليو ته ڌڻيءَ جي مهر سان اميدن کان به وڌيڪ هلڻ لڳو. تڪليف صرف اها هئي ته مون دوڪان ننڍو هئڻ سبب صرف ايڪسپوزنگ سيڪشن ئي اسٽوڊيو تي رکيو هو. باقي ڊارڪ روم پنهنجي گهر ۾ پهرين ماڙي واري هڪ روم ۾ ٺاهيو هئو؛ وري جيڪڏهن شادين جي ايڪسپوزنگ ڪرڻ ۽ ان کان پوءِ گهر اچي ڊارڪ روم جو ڪم ڪرڻ ته ڄڻ ٿڪائي ڇڏيندو هئو!
    ”سمبارا ان“ وارن کي به ڪڏهن فوٽو کپندا هئا ته پنهنجائپ سبب مون کي ئي ياد ڪندا هئا. اسٽوڊيو واري پوليس مارڪيٽ جي هڪ وڏي دوڪان ۾ ٽريونل ايجنسي کلي ته اُتي حج ۽ عمره لاءِ ڪيترا ماڻهو اچڻ لڳا ته ان ٽريول ايجنٽ به مون کي ئي ڪم ڏيڻ شروع ڪيو، جو آءُ ٻين اسٽوڊيوز جيان هفتو هفتو انتظار ڪو نه ڪرائيندو هوس. ماڻهو آهي ناهي به هو صرف مالڪ جو هڪ فوٽو مون کي هٿ ڪري ڏيندا هئا ته باقي ضرورت آهر ٻيا ڪاپي ٽُو ڪاپي فوٽو کين آءُ وقت سر ٺاهي ڏيندو هوس. اهم ڳالهه اها هئي ته صبح جو ڪاليج ۾ ٽيچر هئڻ سبب بيحد عزت ملندي هئي ته باقي سمورو ڏينهن اسٽوڊيو تي به ”اُستاد-اُستاد“ لڳي پيئي هوندي هئي ان لحاظ کان سنڌ جا ماڻهو بيحد جمالياتي ذوق رکندڙ آهن، جو انهن وٽ تعليم دانن ۽ فنون لطيفه جي ماهرن جي بيحد عزت هوندي هئي.
    گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ۾ سنڌي شعبي اندر هيڊ آف ڊپارٽمينٽ ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، سائين محمود شاھه، علي محمد ڀٽي ۽ بشير احمد ”شاد“ صاحب سان گڏ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو، جن مان هڪ هڪ شخص مون کي بي پناھه پيار ڏنو. سيارو هجي يا اونهارو هجي، جيڪڏهن آءٌ گهران ئي ڪاليج وڃان ته ڀاءُ الاهي بخش عباسيءَ سان ان جي سائيڪل تي ئي ڊبل سواري چڙهي ويندا هئاسين. نه ته اسٽوڊيو تان ڪنهن جي به موٽر سائيڪل مئنيج ڪري ڪاليج مان وڃي ٿي ايندو هوس. ڪاليج جو پرنسپال ڊاڪٽر رضوي صاحب پڻ ڏاڍي شفقت ڏيندو هئو. ان کي جو خبر پيئي ته آءُ ”سمبارا ان“ مان آيو آهيان ته هڪ ڏينهن پنهنجي آفيس ۾ مون کي سڏ ڪرائي چيائين ته ڪاليج کي خوبصورت بنائڻ لاءِ ڪجهه ڊاڪا گراس (هڪ قسم جي گهاٽي سائي ڇٻر جيڪا لاڙڪاڻي ۾ صرف سمبارا ان ۾ ئي هوندي هئي، گهربل هئي) اها اُتان آڻڻ لاءِ چيائين ته جيئن ڪاليج جي ساوڪ سبزي وڌائي سگهجي. منهنجي لاءِ اهو سڀ مهيا ڪرڻ ته آسان هئو. پر اڃا آءُ ان لاءِ ”سمبارا ان“ وارن سان ڳالهايان ئي ڳالهايان، اهڙي شفيق پرنسپال رضوي صاحب، جنهن لاءِ جيڪر ائين چئجي ته هو انسان نه پر هڪ فرشتو هئو ته بجا آهي. قضا سان اُن رات ئي ڪنهن شاهينگ پرنسپال ڪوارٽر وٽ وڃي سائين جن کي ٻاهر سڏ ڪرائي کين گيٽ تي ئي شهيد ڪري ڇڏيو هئو!.
    ٻئي ڏينهن اسين ڪاليج آياسين ته ڄڻ ماتم لڳو پيو هئو. سڀ ٽيچرس، بجاءِ پروفيسر ڪامن روم جي هيٺ پرنسپال آفيس ۾ بلڪل شانت ويٺا هئا. سڀني جي اندر ۾ ڄڻ ڪاوڙ پئي نظر آئي ته ڇو آخر معمولي معمولي ڳالهين تي به انسان ايڏو ڪري پوي ٿو جو حيوان بڻجي فرشته نما انسانن سان به اهڙي روش هلي سگهي ٿو! مونکي ڏاڍي حيرت لڳي رهي هئي. اڃا ڪالهه جي ئي ته ڳالهه هئي جو ڊاڪٽر رضوي صاحب ان ئي پرنسپال آفيس ۾ ويٺي مون سان ڪاليج کي بيحد بيحد خوبصورت بڻائڻ جون ڳالهيون ڪري رهيو هئو ۽ اڄ هو اسان کان ڪوهين دور راھ عدم ڏانهن وڃي چڪو هئو!
    اڄ اھُا پرنسپال چيئر اڄ خالي پيئي هئي ۽ ڊاڪٽر رضوي صاحب جو پئي انتظار ڪيائين. هن جو سفيد ڪلر جو ايپرن پڻ هينگر ۾ سندس ٽيبل پٺيان ڀت تي ٽنگيو پيو هئو پر سائين رضوي صاحب اڄ هن بي رحم سنسار کان هميشه هميشه لاءِ دامن ڇڏائي تمام دور وڃي چڪو هئو!
    منهنجي ننڍي ڀاءُ منوهر جو هڪ گهاٽو دوست هئو مولچند، جيڪو انهن ڏينهن ۾ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ ٻيون سال ( ايم بي بي ايس) پڙهندو هئو، ٻنهي جي پاڻ ۾ ڏاڍي ياري هوندي هئي ۽ ڪيڏانهن به وڃن ته گڏ وڃن! مولچند جي والد صاحب ڪيولرام وڪيل وٽ وري ادا پريم انهن ڏينهن ۾ وڪالت سکندو هئو. ڪيولرام جيان ادا پريم پڻ انڪم ٽيڪس، سول ۽ ڪرمنل جيڪو به ڪيس ملندو هوس ته ان کي ڏاڍي چاھ سان کڻندو هو. تڏهن مولچند جي ڀيڻ راڻيءَ جو مڱڻو ٿيو شڪارپور ۾ ڀڳترام کتريءَ سان، جن جي اڃا ڪچي مصري مولچند ۽ منوهر کي اوڏانهن کڻي وڃڻي هئي. ان ڏينهن رتوديرو مان اسان جو هڪ سڪ جو نانو پريتمداس پڻ اسان وٽ لاڙڪاڻي آيل هئو. سياري جا ڏينهن هئا ۽ رات جو ڪچهري ڪري سمهياسين ته ٻئي ڏينهن 15 ڊسمبر 1975ع تي اسُر جو اوطاق واري طرف دروازي تي آهسته سان ٺڪ ٺڪ جو آواز آيو. اوطاق ۾ مان ۽ بابا پريتمداس سمهيا پيا هئاسين. جيسين آءٌ اُٿان اُٿان تيسين دروازو به بابا پريتمداس ئي کوليو دروازي ٻاهران مولچند بيٺو هو. جو کيس منوهر سان گڏ ڀيڻ جي ساهرن ۾ سکر کان ٿيندو شڪارپور وڃڻو هئو. هنن کي ڪا تڪڙ هئي ان لاءِ منوهر به اڳواٽ ئي تيار ويٺو هئو ۽ بجاءِ مولچند جي اندر اچڻ جي پاڻ منوهر به هن سان ٻاهر هليو ويو، جو انهن ٻنهي کي گڏجي وڃڻو هئو!
    آءُ صبح جو وهنجي سهنجي تيار ٿي ڪاليج مان ليڪچر وٺي پنهنجي اسٽوڊيو تي ويٺو هوس، جو ڄيٺانند اسان جو سئوٽ جيڪو اسان سان ئي گهر ۾ گڏ رهندو هئو، ان جي والده جنهن کي اسين سڀ ”امان“ چوندا هئاسين. اُها روئندي منهنجي اسٽوڊيو تي آئي ۽ ٻڌايائين ته منوءَ وارن جي ويگن جو ڪو ايڪسيڊنٽ ٿي ويو آهي، جيڪا فون اسان جي گهر الائي ڪيئن آئي هئي! آءٌ اسٽوڊيو بند ڪري تڪڙو تڪڙو امان سان گهر ويس، ته ڪٿان ڄيٺو ۽ ادا پريم به اچي ويا هئا. اُهي ٻيئي ڀڳا ڪيولرام وڪيل جي گهر ڏانهن جو اڃا ته اسين ٻار هئاسين ۽ سمجهه ۾ ئي ڪو نه پئي آيو ته ڇا ڪجي!
    ٿوري دير کانپوءِ مان به ڪيولرام وڪيل جي گهر ويس ته خبر پئي ته ادا پريم، ڄيٺو ۽ ڪيولرام وڪيل سکر جي سول هاسپيٽل ويا آهن، جتان کين فون آئي هئي ماڻهو الائي ڇا جو ڇا چئي رهيا هئا. اسان ويٺي ڌڻيءَ کي ٻاڏايو ته سائين خير ڪري! سياري جو ڏينهن جيڪو تڪڙو تڪڙو هلندو ويندو آهي، ان ڏينهن ڄڻ وقت ئي بيهجي ويو هجي! الله الله ڪندي ڏينهن گذاريو سين، ته رات جو ڪيولرام وڪيل وارا ڀاءُ مولچند جو شانت شرير کڻي آيا هئا. سڄي پاڙي ۾ روڄ راڙو لڳو پيو هئو ڀلا کل ڀوڳ ڪندي پرائي کي به پنهنجو ڪندڙ ۽ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ ميڊيڪل جي تعليم وٺندڙ ڳڀرو نوجوان ”مولچند“ هيئن سمهيو پيو هجي سڀ روئي رهيا هئا. خبر پيئي ته ويگن جي ايڪسيڊنٽ جي نتيجي ۾ 18 مان 16 ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا هئا ۽ صرف ٻه ماڻهو الله بچائي ورتا هئا، هڪ فرنٽ سيٽ تي ساڄي پاسي ويهندڙ ڊرائيور ۽ ٻيون ساڳي ئي فرنٽ سيٽ تي کاٻي ويهندڙ منوهر پر انهن جي حالت ڏاڍي ڳنڀير پئي ٻڌائي ويئي!
    الائي ڪيئن اها عذاب واري رات گذاريسين. صبح جو سوير منهنجي امڙ ۽ مان به سکر هليا وياسين، جو ادا پريم ۽ ڄيٺا نند ته اڳواٽ ئي اُتي منوهر جي پرگهور لهڻ لاءِ رهي پيا هئا. اسين پهتاسين ته ڀاءُ منوهر جي حالت ڏسڻ کان ئي ٻاهر هئي! الائي گهڻا فريڪچر ٿيا هئا ۽ ويچارو سور کان ڪِنجهي رهيو هئو. چوندا آهن ته ڏک ۾ ئي پنهنجن پروان جي خبر پوندي آهي! اڃا منجهند مس ٿي ته الائي ڪٿان لاڙڪاڻي جو نبي بخش شيخ صاحب اچي ويو. جنهن کي موهن جو دڙو ايئرپورٽ تي ”پي. آءِ. اي.“ جي ايجنسي مليل هئي. ڪنهن زماني ۾ ڄيٺانند ان وقت نوڪري ڪندو هئو ۽ اسين پڻ منوهر ۽ مان انهن سان گڏ ڪيترائي ڀيرا فلائيٽ جي ٽائيم تي ”موهن جو دڙو“ ايئرپورٽ ويندا هئاسين.
    اڄ الائي ڪيئن اهو نبي بخش شيخ، جنهن وٽان خود ڄيٺانند ئي گهڻو وقت اڳ نوڪري به ڇڏي چڪو هئو، ان کي جو خبر پيئي ته منوهر جو ايڪسيڊنٽ ٿيو آهي، ته اهو به خاص سيڙجي پنهنجي ڪار کڻي اچي اسان وٽ سول اسپتال، سکر پهتو هئو، هوڏانهن اسان جا ٻه سئوٽ سيٺ ساجنداس جو پٽ گوپ ۽ سيٺ هرداس مل جو پٽ جواهر، اُهي ٻيئي به پنهنجو پاڻيهي اچي سکر اسپتال پهتا. اڃا ڪجهه سال اڳ جواهر جي ننڍي ڀاءُ موتيءَ جو فريڪچر ٿيو هئو ته جواهر ئي ان جو علاج ڪراچيءَ مان پاڪستان جي هڪ وڏي آرٿوپيڊڪ سرجن پروفيسر آءِ. اي. جوکيو صاحب کان ڪرائي آيو هئو. هينئر وري انهن اشرافن ڪراچيءَ فون لڳائي ۽ جوکيو صاحب سان ڳالهائيندي سندس ”ڪمال ڪيلنڪ“ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ رات جو ئي منوهر جو ڊسچارج وٺي ٽرين ۾ فرسٽ ڪلاس جي بوگيءَ ۾ منوهر کي اسٽريچر تي ڪراچيءَ کڻائي ويا، جو ڊاڪٽر جو چوڻ هئو ته گاڏيءَ جي جهاڪن ۾ منوهر کي فريڪچر سبب ڏاڍي تڪليف ٿيندي. منوهر سان گڏ ادا پريم، ڄيٺا نند، اسان جي امڙ جنهن کي اسين ”ڀاڀي“ سڏيندا آهيون، جواهر ۽ گوپ اهي سڀ ڪراچيءَ هليا ويا. منهنجي ته حالت ئي خراب لڳي پيئي هئي، ڄڻ زندگيءَ کان ئي خوف ٿي رهيو هئو. مون کي نبي بخش شيخ صاحب پنهنجي ڪار تي گهر ڏانهن لارڪاڻي واپس وٺي آيو. اڄوڪي رات ڄڻ اسان جو گهر به اسان کي کائڻ ٿي آيو. هيڏي ساري گهر ۾ هيٺ گرائونڊ فلور تي صرف منهنجي ڀاڄائي ۽ مان ته مٿي پهرين ماڙي تي ڄيٺانند جي والده ۽ سندس رفيق حيات! اُهي ڪجهه ڏينهن ته امان وارا به مٿان اچي اسان وٽ هيٺ گهر ۾ رهڻ لڳا. جو گهر مان ڄيٺانند، ڀاڀي ادا پريم ۽ منوهر چار چار ڀاتي نڪري وڃن ته گهر ڄڻ اٻاڻڪو لڳو پيو هئو!
    مان ته ايترو گهٻرايل هوس، جو چار پنج ڏينهن ته اسٽوڊيو ئي ڪو نه کوليو. صرف روئڻ ئي روئڻ پئي آيو. ادا ڏانهن ٽيلي فون ايڪسچينج مان وڃي فون ڪئي ته ان ٻڌايو ته جوکيو صاحب جي پرائيويٽ ”ڪمال ڪلينڪ“ تي ته صرف هڪ ڏينهن ۾ ئي وڏو بل اچي ويو هئو. جنهن کانپوءِ ادا پريم جي ڳالهائڻ تي ڊاڪٽر جوکيو صاحب پاڻ ئي منوهر کي سول اسپتال ۾ پنهنجي نگراني هيٺ ئي پرائيويٽ وارڊ ۾ شفٽ ڪيو هئو ۽ ادا جن کي پوري پڪ ڏني هئائين ته هن جي علاج ۾ ذري به فرق ڪو نه پوندو! ادا مونکي سمجهايو ته آءُ اسٽوڊيو ضرور کوليان، جو خبر ئي ڪو نه هئي ته علاج تي گهڻو خرچ اچڻو هئو! ادا مونکي پڪ ڏني ته چنتا ڪرڻ جي ضرورت ناهي، جيڪڏهن منوهر جي علاج لاءِ اسان کي پاڻ به وڪڻڻو پيو ته اسين پاڻ وڪڻي به منوءَ جو علاج ڪرائينداسين!
    پوءِ جنهن ڏينهن منوهر جي آپريشن هئي ته ڳڙهي خيرو مان اسان جي سئوٽ رُڪي جو گهوٽ چاندو مل به ڪراچيءَ ويو. آپريشن ڪافي دير هلي هئي. جنهن لاءِ جوکيو صاحب جو چوڻ هو ته سڀ آپريشن هڪ مهل ٿيڻ کپن، ٻي صورت ۾ منوهر گهڙيءَ ايتري تڪيلف ڪو نه سهي سگهندو. جيترا به فريڪچر هئا، انهن لاءِ ڊاڪٽر جوکيو صاحب ۽ ان جي ٽيم هئي. ته ڄاڙيءَ جي فريڪچر لاءِ ڊاڪٽر هئو ته ڏندن کي سڌو ڪرڻ لاءِ ٻيو ڊاڪٽر هئو! ايڏي ويڏي ٽيم هوندي به اڌ ڏينهن کن لڳي ويو هئو، جنهن ڏينهن آءٌ ڪراچيءَ منوهر کي ڏسڻ ويس ته هو ڏاڍي تڪليف باوجود به همت وارو پئي لڳو. هن جا هيٺيان ۽ مٿيان ڏند، تارن سان ٻڌي ڇڏيا هئائون جنهن ڪري صرف پاسن کان تيليءَ ذريعي صرف پاڻياٺ پئي پي سگهيو. اها تڪليف ۽ لڳاتار ٻه مهينا هلڻي هئي، جنهن کانپوءِ ِ به وري جڏهن منوهر فريڪچر کان آجو ٿي آهسته آهسته گهمڻ شروع ڪري.
    هڪ ڀيري اسان جي پاڙي ۾ رهندڙ ڀاءُ محمد علي قاضيءَ جو ڀيڻيويو خان محمد قاضي ڪار تي ڪنهن ڪم سان ڪراچيءَ وڃي رهيو هئو، ته مونکي به وٺي هليو ته ڀل آءُ به ڀائرن سان ملي اچان! هم عمر ۾ مون کان وڏو هئو ته رستي تي ماني ٽڪي به اهو ئي کارائيندو هليو. آءُ جڏهن به منوهر وٽ ويندو هوس ته منجهنس هڪ روحاني طاقت نظر ايندي هئي. بجاءِ ان جي جو اسان هن کي دم دلاسو ڏيون؛ پاڻ هو اسان کي سمجهائيندو هئو ته فڪر نه ڪريو، سڀ ٺيڪ ٿي ويندو. همراھه جو ٻن مهينن کان کاڌو بند هئو به زور ڪري چوندو هو ته منهنجي ڀرسان ويهي ماني کائو! منوهر وٽ ادا پريم ۽ اسان جي امڙ هميشه لاءِ گڏ اُتي سول هاسپيٽل جي پرائيويٽ وارڊ ۾ ٽڪيا پيا هوندا هئا!
    منوهر هاسپيٽل ۾ داخل هو ۽ سندس علاج هلي رهيو هئو تڏهن سنڌ گورنمينٽ جو صحت کاتي جو وزير عبدالوحيد ڪٽپر، جنهن جو پٽ سڪندر، منوهر سان ڪيترائي سال سينٽ جوزف اسڪول لاڙڪاڻي ۾ گڏ پڙهيو هئو ۽ انهن ڏينهن ۾ هنن ٻنهي جي سٺي دوستي هوندي هئي! سڪندر وارا پاڻ ۾ ٽي ڀائر هوندا هئا، سڪندر، ذوالقرنين ۽ اورنگزيب! سڪندر ٽنهي ۾ وڏو هئو ۽ منوهر کي چڱو ڀائيندو هئو. سڪندر پنهنجي جهوني دوستي ائين نڀائي، جو جڏهن خبر پيس ته منوهر جو ڪراچيءَ ۾ علاج هلي رهيو آهي ته هڪ ڏينهن اهو به سول اسپتال، ڪراچيءَ ۾ منوهر کي ڏسڻ آيو. هيلٿ منسٽر جو مربي پُٽُ گورنمينٽ هاسپيٽل ۾ اچي ته فطرتاً ان کي به زبردست عزت ملندي! هن ڪيتري دير منوهر وٽ ويهي ڪچهريون به ڪيون ۽ اٿڻ مهل اسان مٿان ايڏي وڏي مهرباني ڪري ويو جو اسپتال جي انتظاميا کان منوهر لاءِ پرائيويٽ وارڊ باوجود به دوائون مفت منظور ڪرائي ويو، يعني ته ان کانپوءِ اسان کي اسپتال جي دوائن لاءِ ڪجهه به ڪو نه ڏيڻو هو ۽ صرف ٻاهرين دوائون پنهنجي خرچ تي وٺڻيون هيون! سڪندر ڪٽپر جي پنهنجي ننڍپڻ جي دوست منوهر لاءِ اها عنايت اسان کي هميشه هميشه ياد رهندي!
    چوندا آهن ته هڪ در بند ٿيندو آهي ته الله تعاليٰ ٻيو در کولي ڇڏيندو آهي. منوهر جي ڪراچيءَ ۾ رهڻ ڪري اسان جو خرچ اوچتو وڌي ويو. ڌڻيءَ پاڻ ئي منهنجي اسٽوڊيو تي ڪمائي ايتري وڌائي ڇڏي جو اڌ اڌ رات جاڳي ڊارڪ روم ۾ ڪم ڪرڻ پوندو هو ۽ ڪمايل پئسا آءُ ادا پريم وارن ڏانهن ڪراچيءَ موڪليندو رهندو هوس. سائينءَ جا لک شڪرانا ان جون پنهنجي ٻچڙن لاءِ ڪيڏيون نه عنايتون آهن! آءٌ ڪراچي جڏهن ويندو هوس ته اڳو پوءِ سول اسپتال سامهون ئي هڪ فوٽوگرافڪ گُڊس جو دوڪان هوندو هئو اتان پنهنجي اسٽوڊيو لاءِ گهربل سامان به وٺي ايندو هوس، ته هڪ ڪم ٻه ڪارج ٿي پوندا هئا. منوهر وارن سان به حالي احوال ٿيندو هوس ته اسٽوڊيو جو ڪم به ٿي ويندو هو.
    ائين منوهر جو سول اسپتال ڪراچيءَ ۾ علاج تقريبن ٽي مهينا کن هلندو رهيو. جنهن پرائيوٽ وارڊ منوهر کي روم مليل هئو؛ اتي آر ايم او هوندوهو ڊاڪٽر نند ڪمار جيڪو اصل جيڪب آباد سان وابسته هئو، اهو به درويش صفت ماڻهو هئو! پنهنجو سمورو وارڊ گهمي جيترو به ٽائيم بچندو هوس ته منوهر وٽ اچي ادا پريم ۽ منوهر سان ڪچهريون ڪندو هئو. ادا جن لاءِ ڄڻ اهي ٽي مهينا اها اسپتال ئي سندن گهر لڳي پيئي هئي. ماني ٽڪي به اُتي وارڊ ۾ ئي هڪ پاسي منهنجي امڙ ڪري وٺندي هئي.
    ٻه مهينا گذري چڪا هئا، پر اسپتال جو ڏندن وارو سرجن منوهر وٽ وزٽ ڪرڻ ئي ڪو نه پئي آيو، هوڏانهن اسان کي انتظار هئو ته ڊاڪٽر اچي منوهر جي ڏندن جو تارون ڪڍي ته همراھ کائڻ شروع ڪري! هڪ ڏينهن جمعي جو ڏينهن هئو جو اسان جو رتوديرو جو هڪ جهونو دوست ڊاڪٽر پرڪاش کٽواڻي، جيڪو اُتي ئي عباسي هاسپيٽل، ڪراچي ۾ ڏندن جو سرجن هئو ۽ کيس طارق روڊ تي پنهنجي ڪلينڪ پڻ هئي، اهو شام جي مهل منوهر کي ڏسڻ آيو. جڏهن کيس خبر پيئي ته منوهر وارو ڊينٽل سرجن ڊاڪٽر شمس سومرو هن جو ڏندن وارون تارون ڪڍڻ ئي نٿو اچي، ته ٻڌايائين ته ڊاڪٽر سومرو ته ساڻس گڏ پڙهيو آهي. پوءِ هوءَ مونکي ساڻ ڪري هن سان ملڻ هليو. ڊاڪٽر سومرو پنهنجي پراڻي هم ڪلاسي ڊاڪٽر پرڪاش کي سٺي عزت ڏني ۽ سچ پچ صبحاڻي واري ڇنڇر تي ئي اچي ڪري منوهر جي ڏندن جون تارون ڪڍي کيس آزاد ڪيو، نه ته جيڪر ٻئي ڏينهن تي آچر هئڻ سبب کيس ٻه ڏينهن ٻيا به ڀوڳڻو پوي ها! منوهر جي ڏندن جي تارون ڇا نڪتيون؛ ڄڻ اسين سڀ هڪ وڏي سزا مان آزاد ٿيا هجون؛ جو هاڻ ٻن مهينن کان پوءِ ئي رب پاڪ جي مهر سان منوهر آهسته آهسته کائڻ شروع ڪيو!

    عوامي آواز سنڊي ميگزين 12 جولاءِ 2015
    ___
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  18. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    قسط 17
    نه ته جيڪر ٻه ڏينهن ٻيا به ڀوڳڻو پوي ها!
    ٻلديو مٽلاڻي

    انڊس آرٽ اسٽوڊيو لاڙڪاڻي ۾ جيئن ئي کوليو ته ڌڻيءَ جي مهر سان اميدن کان به وڌيڪ ملڻ لڳو. تڪليف صرف اها ئي هئي ته مون دوڪان ننڍو هئڻ سبب صرف ايڪسپوزنگ سيڪشن ئي اسٽوڊيو تي رکيو هو. باقي ڊارڪ روم پنهنجي گهر ۾ پهرين ماڙي واري هڪ روم ۾ ٺاهيو هئو وري جيڪڏهن شادين جي ايڪسپوزنگ ۽ ان کان پوءِ گهر اچي ڊارڪ روم جو ڪم ڄڻ ٿڪائي ڇڏيندو هئو!
    ”سمبارا ان“ وارن کي به ڪڏهن فوٽو کپندا هئا ته پنهنجائپ سبب مونکي ئي ياد ڪندا هئا، اسٽوڊيو واري پوليس مارڪيٽ جي هڪ وڏي دوڪان ۾ ٽربيونل ايجنسي کلي ته اُتي حج ۽ عمره لاءِ ڪيترا ماڻهو اچڻ لڳا ته ان ٽريول ايجنٽ به مونکي ئي ڪم ڏيڻ شروع ڪيو، جو آءُ ٻين اسٽوڊيوز جيان هفتو هفتو انتظار ڪو نه ڪرائيندو هوس ۽ ماڻهو آهي ناهي به هو صرف مالڪ جو هڪ فوٽو مونکي هٿ ڪري ڏيندا هئا ته باقي ضرورت آهر ڪاپي تان ڪاپي فوٽو ڪري کين آءُ وقت سر ٺاهي ڏيندو هوس. اهم ڳالهه اها هئي ته صبح جو ڪاليج ۾ به ٽيچر هئڻ سبب بيحد عزت ملندي هئي ته باقي سمورو ڏينهن اسٽوڊيو تي به ”اُستاد-اُستاد“ لڳي پيئي هوندي هئي ان لحاظ کان سنڌ جا ماڻهو بيحد جمالياتي ذوق رکندڙ صاحبان آهن جو انهن وٽ تعليم دانن ۽ فنون لطيفه جي ماهرن جي بيحد عزت هوندي هئي.
    گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ۾ سنڌي شعبي اندر هيڊ آف ڊپارٽمينٽ ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، سائين محمود شاھ، علي محمد ڀٽي ۽ بشير احمد ”شاد“ صاحب سان گڏ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو، جن مان هڪ هڪ شخص مونکي بي پناھ پيار ڏنو. سيارو هجي يا اونهارو هجي، جيڪڏهن آءٌ گهران ئي ڪاليج وڃان ته ڀاءُ الاهي بخش عباسيءَ سان ان جي سائيڪل تي ئي ڊبل سواري چڙهي ويندا هئاسين. نه ته اسٽوڊيو تان ڪنهن جي به موٽر سائيڪل هٿ ڪري ڪاليج مان وڃي ٿي ايندو هوس. ڪاليج جو پرنسپال ڊاڪٽر رضوي صاحب پڻ ڏاڍي شفقت ڏيندو هئو. ان کي جو خبر پيئي ته آءُ ”سمبارا ان“ مان آيو آهيان ته هڪ ڏينهن پنهنجي آفيس ۾ مونکي سڏ ڪرائي چيائين ته ڪاليج کي خوبصورت بنائڻ لاءِ ڪجهه ڊاڪا گراس (هڪ قسم جي اڇي ڇٻر) گهربل آهي (جيڪا لاڙڪاڻي ۾ صرف سمبارا ان ۾ ئي هوندي هئي) اها اُتان آڻڻ لاءِ چيائين ته جيئن ڪاليج جي ساوڪ سبزي وڌائي سگهجي. منهنجي لاءِ اهو سڀ مهيا ڪرڻ به آسان هئو. پر اڃا آءُ ان لاءِ ”سمبارا ان“ وارن سان ڳالهايان ئي ڳالهايان، اهڙي شفيق پرنسپال رضوي صاحب، جنهن لاءِ جيڪر ائين چئجي ته هو انسان نه پر هڪ فرشتو هئو ته بجا آهي. قضا سان اُن رات ئي ڪي شاهينگ پرنسپال ڪوارٽر وٽ وڃي سائين جن کي ٻاهر سڏ ڪرائي کين گيٽ تي ئي شهيد ڪري ڇڏيائيون!.
    ٻئي ڏينهن اسين ڪاليج آياسين ته ڄڻ ماتم لڳو پيو هئو سڀ ٽيچرس، بجاءِ پروفيسر ڪامن روم جي هيٺ پرنسپال آفيس ۾ بلڪل شانت ويٺا هئا. سڀني جي اندر ۾ ڄڻ هڪ غصو پئي نظر آيو ته ڇو آخر معمولي معمولي ڳالهين تي به انسان ايڏو ڪِري پوي ٿو جو حيوان بڻجي فرشته نما انسانن سان به اهڙي روش هلي سگهي ٿو! مونکي ڏاڍي حيرت لڳي رهي هئي. اڃا ڪالهه جي ئي ته ڳالهه هئي جو ڊاڪٽر رضوي صاحب ان ئي پرنسپال آفيس ۾ ويٺي مون سان ڪاليج کي بيحد خوبصورت بڻائڻ جون ڳالهيون ڪري رهيو هئو ۽ اڄ هو اسان کان ڪوهين ڏور راھ عدم ڏانهن وڃي چڪو هئو.
    اھُا پرنسپال چيئر اڄ خالي پيئي هئي ۽ ڊاڪٽر رضوي صاحب جو پئي انتظار ڪيائين ۽ ان جو سفيد رنگ جو ايپرن پڻ هينگر ۾ سندس ٽيبل پٺيان ڀت تي ٽنگيو پيو هئو پر سائين رضوي صاحب اڄ هن بي رحم سنسار کان هميشه هميشه لاءِ دامن ڇڏائي تمام پري وڃي چڪو هئو.
    منهنجي ننڍي ڀاءُ منوهر جو هڪ گهاٽو دوست هئو مولچند، جيڪو انهن ڏينهن ۾ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ ٻيون سال ( ايم بي بي ايس) پڙهندو هئو، ٻنهي جي پاڻ ۾ ڏاڍي ياري هوندي هئي ۽ ڪيڏانهن به وڃن ته گڏ وڃن! مولچند جي والد صاحب ڪيولرام وڪيل وٽ وري ادا پريم انهن ڏينهن ۾ وڪالت سکندو هئو. ڪيولرام جيان ادا پريم پڻ انڪم ٽيڪس، سول ۽ ڪرمنل جيڪو به ڪيس ملندو هوس ته ان کي ڏاڍي چاھ سان کڻندو هو. تڏهن مولچند جي ڀيڻ راڻيءَ جو مڱڻو ٿيو شڪارپور ۾ ڀڳترام کتريءَ سان، جن جي اڃا ڪچي مصري مولچند ۽ منوهر کي اوڏانهن کڻي وڃڻي هئي، ان ڏينهن رتوديرو مان اسان جو هڪ سڪ جو نانو پريتمداس پڻ اسان وٽ لاڙڪاڻي آيل هئو. سياري جا ڏينهن هئا ۽ رات جو ڪچهري ڪري سمهياسين ته ٻئي ڏينهن 15 ڊسمبر 1975ع تي اسُر جو اوطاق واري طرف دروازي تي آهسته سان ٺڪ ٺڪ جو آواز آيو. اوطاق ۾ مان ۽ بابا پريتمداس سمهيا پيا هئاسين. جيسين آءٌ اُٿان اُٿان تيسين دروازو به بابا پريتمداس ئي کوليو دروازي ٻاهران مولچند بيٺو هو. جو کيس منوهر سان گڏ ڀيڻ جي ساهرن ۾ سکر کان ٿيندو شڪارپور وڃڻو هئو. هنن کي ڪا تڪڙ هئي ان لاءِ منوهر به اڳواٽ ئي تيار ويٺو هئو ۽ بجاءِ مولچند جي اندر اچڻ جي پاڻ منوهر به هن سان ٻاهر هليو ويو جو انهن ٻنهي کي گڏجي وڃڻو هئو!
    صبح جو وهنجي سهنجي تيار ٿي ڪاليج مان ليڪچر وٺي آءٌ پنهنجي اسٽوڊيو تي ويٺو هوس، جو ڄيٺانند اسان جو سئوٽ جيڪو اسان سان ئي گهر ۾ گڏ رهندا هئا، ان جي والده جنهن کي اسين سڀ ”اما“ چوندا هئاسين. اُها روئندي منهنجي اسٽوڊيو تي آئي ۽ ٻڌايائين ته منوءَ وارن جي ويگن جو ڪو ايڪسينڊنٽ ٿي ويو آهي، جيڪا فون اسان جي گهر الائي ڪيئن آئي هئي! آءٌ اسٽوڊيو بند ڪري تڪڙو تڪڙو امان سان گهر ويس، ته ڪٿان ڄيٺو ۽ ادا پريم به اچي ويا هئا. اُهي ٻيئي ڀڳا ڪيولرام وڪيل جي گهر ڏانهن جو اڃا ته اسين ٻاهر هئاسين ۽ سمجهه ۾ ئي ڪو نه پئي آيو ته ڇا ڪجي!
    ٿوري دير کانپوءِ مان به ڪيولرام وڪيل جي گهر ويس ته خبر پئي ته ادا پريم، ڄيٺو ۽ ڪيولرام وڪيل سکر جي سول هاسپيٽل ويا آهن جتان کين فون آئي هئي ماڻهو الائي ڇا جو ڇا چئي رهيا هئا، اسان ويٺي ڌڻيءَ کي ٻاڏايو ته سائين خير ڪندو! سياري جو ڏينهن جيڪو تڪڙو تڪڙو هلندو ويندو آهي، ان ڏينهن ڄڻ وقت ئي بيهجي ويو هجي! الله الله ڪندي ڏينهن گذاريو سين، ته رات جو ڪيولرام وڪيل وارا ڀاءُ مولچند جو شانت شرير کڻي آيا هئا. سڄي پاڙي ۾ روڄ راڙو لڳو پيو هئو ڀلا کل ڀوڳ ڪندي پرائي کي به پنهنجو ڪندڙ ۽ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ ميڊيڪل جي تعليم وٺندڙ ڳڀرو نوجوان ”مولچند“ هيئن سمهيو پيو هجي سڀ روئي رهيا هئا. خبر پيئي ته ويگن جي ايڪسيڊنٽ جي نتيجي ۾ 18 مان 16 ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا هئا ۽ صرف ٻه ماڻهو الله بچائي ورتا هئا، هڪ فرنٽ سيٽن تي ساڄي پاسي ويهندڙ ڊرائيور ۽ ٻيون ساڳي ئي فرنٽ سيٽن تي کاٻي ويهندڙ منوهر پر انجي حالت ڏاڍي ڳنڀير پئي ٻڌائي ويئي.
    الائي ڪيئن اها عذاب واري رات گذاريسين صبح جو سوير منهنجي امڙ ۽ مان به سکر هليا وياسين، جو ادا پريم ۽ ڄيٺا نند ته اڳواٽ ئي اُتي منوهر جي پرگهور لهڻ لاءِ رهي پيا هئا. اسين پهتاسين ته ڀاءُ منوهر جي حالت ڏسڻ کان ئي ٻاهر هئي. الائي گهڻا فريڪچر لڳا پيا هئا ۽ ويچارو سور کان ڪِنجهي رهيو هئو. چوندا آهن ته ڏک ۾ پنهنجن پروان جي خبر پوندي آهي! اڃا منجهند مس ٿي ته الائي ڪٿان لاڙڪاڻي جي نبي بخش شيخ صاحب، جنهن کي موهن جو دڙو ايئرپورٽ تي ”پي آءِ اي“ جي ايجنسي مليل هئي ۽ ڪنهن زماني ۾ ڄيٺانند ان وقت نوڪري ڪندو هئو ۽ اسين پڻ منوهر ۽ مان انهن سان گڏ ڪيترائي ڀيرا فلائيٽ جي ٽائيم تي ”موهن جو دڙو“ ايئرپورٽ ويندا هئاسين.
    اڄ الائي ڪيئن اهو نبي بخش شيخ، جنهن وٽان خود ڄيٺانند ئي گهڻو وقت اڳ نوڪري به ڇڏي چڪو هئو، ان کي جو خبر پيئي ته منوهر جو ايڪسيڊنٽ ٿيو آهي ته اهو به خاص سيڙجي پنهنجي ڪار کڻي اچي اسان وٽ سول اسپتال، سکر پهتو هئو، هوڏانهن اسان جا ٻه سئوٽ سيٺ ساجنداس جو پٽ گوپ ۽ سيٺ هرداس مل جو پٽ جواهر اُهي ٻيئي به پنهنجو پاڻيهي اچي سکر اسپتال پهتا. اڃا ڪجهه سال اڳ جواهر جي ننڍي ڀاءُ موتيءَ جو فريڪچر ٿيو هئو ته جواهر ئي ان جو علاج ڪراچيءَ مان پاڪستان جي هڪ وڏي آرٿوپيڊڪ سرجن جوکيو صاحب کان ڪرائي آيو هئو. هنيئر وري انهن اشرافن ڪراچيءَ فون لڳائي ۽ جوکيو صاحب سان ڳالهائيندي سندس ”ڪمال ڪيلنڪ“ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ رات جو ئي منوهر جو ڊسچارج وٺي ٽرين ۾ فرسٽ ڪلاس جي بوگيءَ ۾ منوهر کي اسٽريچر تي ئي ڪراچيءَ کڻائي ويا، جو ڊاڪٽر جو چوڻ هئو ته وهيڪل جي جهاڪن ۾ منور کي فريڪچر سبب ڏاڍي تڪليف ٿيندي. منوهر سان گڏ ادا پريم، ڄيٺا نند، اسان جي امڙ جنهن کي اسين ”ڀاڀي“ سڏيندا آهيون، جواهر ۽ گوپ اهي سڀ ڪراچيءَ هليا ويا. منهنجي ته حالت ئي خراب لڳي پيئي هئي، ڄڻ زندگيءَ کان ئي خوف ٿي رهيو هئو مون کي نبي بخش شيخ صاحب پنهنجي ڪار تي گهر ڏانهن لارڪاڻي واپس وٺي آيو. اڄوڪي رات ڄڻ اسان جو گهر به اسان کي کائڻ ٿي آيو. هيڏي ساري گهر ۾ هيٺ گرائونڊ فلور تي صرف منهنجي ڀاڄائي ۽ مان ته مٿي پهرين ماڙي تي ڄيٺانند جو والد- والده ۽ سندس رفيق حيات! اُهي ڪجهه ڏينهن ته امان وارا به مٿان اچي اسان وٽ هيٺ گهر ۾ رهڻ لڳا. جو گهر مان ڄيٺانند، ڀاڀي ۽ منوهر چار چار ڀاتي نڪري وڃن ته گهر ڄڻ اٻاڻڪو لڳو پيو هئو.
    مان ته ايترو گهٻرايل هوس، جو چار پنج ڏينهن اسٽوڊيو ئي ڪو نه کوليو صرف روئڻ ئي روئڻ پئي آيو. ادا ڏانهن ٽيلي فون ايڪسچينج مان وڃي فون ڪئي ته ان ٻڌايو ته جوکيو صاحب جو پرائيويٽ ” ڪمال ڪلينڪ“ تي ته صرف هڪ ڏينهن ۾ ئي وڏو بل اچي ويو هئو، پوءِ ادا پريم جي ڳالهائڻ تي ڊاڪٽر جوکيو صاحب پاڻ ئي منوهر کي سول اسپتال ۾ پنهنجي نگراني هيٺ ئي پرائيويٽ وارڊ ۾ شفٽ ڪيو هئو ۽ ادا جن کي پوري پڪ ڏني هئائين ته هن جي علاج ۾ ذري به فرق ڪو نه پوندو. ادا مونکي سمجهايو ته آءُ اسٽوڊيو ضرور کوليان، جو خبر ئي ڪو نه هئي ته علاج تي گهڻو خرچ اچڻو هئو! ادا مونکي پڪ ڏني ته چنتا ڪرڻ جي ضرورت ناهي، جيڪڏهن علاج لاءِ اسان کي پاڻ به وڪڻڻو پيو ته اسين پاڻ وڪڻي به منوءَ جو علاج ڪرائينداسين!
    پوءِ جنهن ڏينهن منوهر جي آپريشن هئي ته ڳڙهي خيرو مان اسان جي سئوٽ رُڪي جو گهوٽ چاندو مل به ڪراچيءَ ويو. آپريشن ڪافي دير هلي هئي. جنهن لاءِ جوکيو صاحب جو چوڻ هو ته سسڀ آپريشن هڪ مهل ٿيڻ کپن، ٻي صورت جو هر هر گهڙيءَ ايتري تڪيلف ڪو نه سگهي سگهندو. جيترا به فريڪچر هئا، انهن لاءِ ڊاڪٽر جوکيو صاحب ۽ ان جي ٽيم هئي، ڄاڙيءَ جي فريڪچر لاءِ هڪڙو ڊاڪٽر هئو ته ڏندن کي سڌو ڪرڻ لاءِ ٻيو ڊاڪٽر هئو! ايڏي وڏي ٽيم هوندي به اڌ ڏينهن کن لڳي ويو هئو، جنهن ڏينهن آءٌ ڪراچيءَ منوهر کي ڏسڻ ويس ته هو ڏاڍي تڪليف باوجود به همت وارو پئي لڳو. هن جا هيٺيان ۽ مٿيان ڏند تارن سان ٻڌي ڇڏيا هئائون جنهن ڪري صرف پاسن کان تيليءَ ذريعي صرف پاڻيٺ پئي پي سگهيو. اها تڪليف ۽ لڳاتار ٻه مهينا هلڻي هئي، جنهن کانپوءِ به وري جڏهن فريڪچر کان آجو ٿي آهسته آهسته گهمڻ شروع ڪري.
    هڪ ڀيري اسان جي پاڙي ۾ رهندڙ ڀاءُ محمد علي قاضيءَ جو ڀيڻيوو خان محمد قاضي ڪار تي ڪنهن ڪم سان ڪراچيءَ وڃي رهيو هئو، ته مونکي به وٺي هليو ته ڀل آءُ به ڀائرن سان ملي اچان! عمر ۾ مون کان وڏو هئو ته رستي تي ماني ٽڪي به اهو ئي کارائيندو هليو. آءُ جڏهن به منوهر وٽ ويندو هوس ته منجهنس هڪ روحاني طاقت نظر ايندي هئي. بجاءِ ان جي جو اسان هن کي دم دلاسو ڏيون پاڻ هو اسان کي سمجهائيندو هئو ته فڪر نه ڪريو، سڀ ٺيڪ ٿي ويندو. همراھ جو ٻن مهينن کان کاڌو بند هئو ته به زور ڪري چوندو هو ته منهنجي ڀرسان ويهي ماني کائو! منوهر وٽ ادا پريم ۽ اسان جي امڙ هميشهلاءِ گڏ اُتي سول هاسپيٽل جي پرائيويٽ وارڊ ۾ ٽڪيا پيا هوندا هئا!
    منوهر هاسپيٽل ۾ داخل هو ۽ سندس علاج هلي رهيو هئو تڏهن سنڌ گورنمينٽ هيلٿ سينٽر جو عبدالوحيد ڪٽپر، جنهن جو پٽ سڪندر، مون سان ڪيترائي سال سينٽ جوزف اسڪول لاڙڪاڻي ۾ گڏ پڙهيو هئو ۽ انهن ڏينهن ۾ هنن ٻنهي جي سٺي دوستي هوندي هئي! سڪندر وارا پاڻ ۾ ٽي ڀائر هوندا هئا، سڪندر ذوالقرنين ۽ اورنگزيب! سڪندر ٽنهي ۾ وڏو هئو ۽ منوهر کي چڱو ڀائيندو هئو. سڪندر پنهنجي جهوني دوستي ائين نڀائي، جو جڏهن خبر پيس ته منوهر جو ڪراچيءَ ۾ علاج هلي رهيو آهي ته هڪ ڏينهن اهو به سول اسپتال، ڪراچيءَ ۾ منوهر کي ڏسڻ آيو، هيلٿ منسٽر جو مرجي پڻ گورنمينٽ هاسپيٽل ۾ اچي ته فطرتن ان کي به زبردست عزت ملندي! هن ڪيتري دير منوهر وٽ ويهي ڪچهريون به ڪيون ۽ اٿڻ مهل اسان مٿان ايڏي وڏي مهرباني ڪري ويو جو اسپتال جي انتظاميا کان منوهر لاءِ پرائيويٽ وارڊ باوجود به دوائون مفت منظور ڪرائي ويو، يعني ته ان کانپوءِ اسان کي اسپتال جي دوائون لاءِ ڪجهه به ڪو نه ڏيڻو هو ۽ صرف ٻاهريون دوائون پنهنجي خرچ تي وٺڻيون هيون! سڪندر ڪٽپر جي پنهنجي بچپن جي دوستن منوهر لاءِ اها عنايت اسان کي هميشه هميشه ياد رهندي!
    چوندا آهن ته هڪ در بند ٿيندو آهي ته الله تعاليٰ ٻيو در کولي ڇڏيندو آهي. منوهر جي ڪراچيءَ ۾ رهڻ ڪري اسان جو خرچ اوچتو وڌي ويو ڌڻيءَ پاڻ ئي منهنجي اسٽوڊيو تي ڪمائي ايتري وڌائي ڇڏي جو اڌ اڌ رات جاڳي ڊارڪ روم ۾ ڪم ڪرڻو پوندو هو ۽ ڪمايل پئسا آءُ ادا پريم وارن ڏانهن ڪراچيءَ موڪليندو رهندو هوس. سائينءَ جا اهي لک شڪرانا، ان جون پنهنجي ٻچڙن لاءِ ڪيڏيون به عنايتون آهن! آءٌ ڪراچي جڏهن ويندو هوس ته اڳو پوءِ سول اسپتال سامهون ئي هڪ فوٽوگرافڪ گُڊس جو دوڪان هوندو هئو اتان پنهنجي اسٽوڊيو لاءِ گهربل سامان به وٺي ايندو هوس، ته هڪ ڪم ٻه ڪارج ٿي پوندا هئا. منوهر وارن سان به حالي احوال ٿيندو هوس ته اسٽوڊيو جو ڪم به ٿي ويندو هو.
    ائين منوهر جو سول اسپتال ڪراچيءَ ۾ علاج تقريبن ٽي مهينا کن هلندو رهيو. جنهن پرائيوٽ وارڊ ۾ منوهر کي روم مليل هئو. اتي آر ايم او هوندو هو ڊاڪٽر نند ڪمار جيڪو اصل جيڪب آباد سان وابسته هئو، اهو به درويش صفت ماڻهو هئو! پنهنجو سمورو وارڊ گهمي جيترو به ٽائيم بچندو هوس ته منوهر وٽ اچي ادا پريم ۽ منوهر سان ڪچهريون ڪندو هئو. ادا جن لاءِ ڄڻ اهي ٽي مهينا اها اسپتال ئي سندس گهر لڳي پيئي هئي. ماني ٽڪي به اُتي وارڊ ۾ ئي هڪ پاسي منهنجي امڙ ڪري وٺندي هئي.
    ٻه مهينا گذري چڪا هئا پر اسپتال جو ڏندن وارو سرجن منوهر وٽ وزٽ ڪرڻ ئي ڪو نه پئي آيو، هوڏانهن اسان کي انتظار هئو ته ڊاڪٽر اچي منوهر جي ڏندن جو تارون ڪڍي ته همراھ کائڻ شروع ڪري! هڪ ڏينهن جمعي جو ڏينهن هئو جو اسان جو رتوديرو جو هڪ جهونو دوست ڊاڪٽر پرڪاش کٽواڻي، جيڪو اُتي ئي عباسي هاسپيٽل، ڪراچي ۾ ڏندن جو سرجن هئو ۽ کيس طارق روڊ تي پنهنجي ڪلينڪ پڻ هئي، اهو شام جي مهل منوهر کي ڏسڻ آيو، جڏهن کيس خبر پيئي ته منوهر وارو ڊينٽل سرجن ڊاڪٽر شمس سومرو هن جون ڏندن واريون تارون ڪڍڻ ئي نٿو اچي، ته ٻڌايائين ته ڊاڪٽر سومرو ته ساڻس گڏ پڙهيو آهي. پوءِ هو مونکي ساڻ ڪري هن سان ملڻ هليو. ڊاڪٽر سومرو پنهنجي پراڻي هم ڪلاسي ڊاڪٽر پرڪاش کي سٺي عزت ڏني ۽ سچ پچ ٻئي ڏينهن ڇنڇر تي ئي اچي ڪري منوهر جي ڏندن جون تارون ڪڍي کيس آزاد ڪيو، نه ته جيڪر ٻئي ڏينهن تي آچر هئڻ سبب منوهر کي ٻه ڏينهن ٻيا به ڀوڳڻو پوي ها! منوهر جي ڏندن جون تارون ڇا نڪتيون، ڄڻ اسين سڀ هڪ وڏي سزا مان آزاد ٿيا هجون، جو هاڻ ٻن مهينن کان پوءِ ئي رب پاڪ جي مهر سان منوهر آهسته آهسته کائڻ شروع ڪيو!
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  19. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    قسط 18

    سعوديءَ مان سوکڙي آندي آه !

    ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي


    منوهر کي سول اسپتال، ڪراچيءَ ۾ داخل ٿئي تقريبن ٽي مهينا ٿي چڪا هئا، جو هڪ ڏينهن ادا پريم جي ڪراچيءَ مان فون آئي ته ڪنهن مخصوص ڏينهن تي کين ڊسچارج ملي رهيو آهي، جنهن لاءِ آءٌ ان ڏينهن تي ئي شام جو لاڙڪاڻي ريلوي اسٽيشن تي منوهر لاءِ ايمبولنس جو انتطام ڪرائي ڇڏيان، جو اڃا تائين منوهر جي ٽنگن وارو پلاسٽر ڪو نه لٿو هئو ته جيئن کيس گهر پهچڻ ۾ تڪليف ڪانه ٿئي. ادا جو فون تي نياپو ٻڌي آءٌ بيحد خوس ٿي ويس. مقرر وقت تي مان، ڄيٺانند ۽ منوهر جا ڪيترائي دوست لاڙڪاڻي جي ريلوي اسٽيشن تي سندس استقبال ڪرڻ لاءِ پهچي وياسين. سنجها جي مهل هئي، جو ڪراچيءَ کان ايندڙ لاڙڪاڻي ايڪسپريس اچي پليٽ فارم سان لڳي. اسانجي ايمبولنس وارا اڳواٽ ئي اسٽريچر هٿ ۾ کنيو بيٺا هئا. انهن فٽافٽ گاڏيءَ جي دريءَ مان اسٽريچر اندر موڪليو جنهن تي سمهندي ئي اڄ منوهر ٽن مهينن کانپوءِ لاڙڪاڻي جي فضائن ۽ هوائن ۾ ٻيهر داخل ٿيو.
    ان ڏينهن منوهر جي اچڻ سان اسان جي گهر ۾ گهڻي وقت کانپوءِ وري گهماگهمي موٽي آئي هئي. ادا، ڀاڀي، ننڍي ڀاڀي دروپدي ۽ منوهر سڀ گهر ۾هئا ته ڀل منوهر اڃا پلنگ تي ليٽيل ئي هئو ۽ گهمڻ جي قابل ڪو نه ٿي سگهيو هئو پوءِ به ڏاڍي خوشي ٿي رهي هئي، مون هر هر بابا گرونانڪ وارو رب پاڪ جي وحدانيت وارو ”ڪلام ايڪ اؤنڪار“ پڙهندي شڪرانا پئي بجا آندا، جنهن اسان مسڪينن مٿان ايڏي وڏي مهر ڪئي هئي. پوءِ جڏهن ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ڊاڪٽر جوکيو صاحب کان مليل هدايتن موجب لاڙڪاڻي مان منوهر جو پلاسٽر لاهرايوسين، تڏهن مس وڃي منوهر کي به اسان عام انسانن جيان راحت نصيب ٿي.
    منوهر، پهرين ڪجهه ڏينهن ڪرچز جي سهاري آهستي آهستي هلڻ شروع ڪيو. هن جي مزاج ۾ هڪ ڳالهه الله پاڪ اهڙي سٺي ڀري ڇڏي آهي، جو هو ” ماڻهو ڇا چوندا!“ جو خيال نه ڪندي پنهنجي زندگي پاڻ طئه ڪندو آهي ۽ نفيس طبع هوندي نه صرف پنهنجو پر ڌرتيءَ تي رهندڙ هڪ هڪ انسان جو خير چاهيندو آه! اڃا هو ڪرچز تي ئي پئي هليو، جو هڪ ڏينهن اسٽوڊيو تي هلڻ جي خواهش ڏيکاريائين. آءٌ سندس ڪراچيءَ کان موٽڻ کانپوءِ پهريون دفعو کيس گهر کان ٻاهر ڪڍي هڪ رڪشا ۾ پنهنجي اسٽوڊيو تي وٺي آيس، جتي هو شام جي مهل ٻاهر فوٽ پاٿ تي ڪرسي لڳائي کليل ڪائنات جو لطف وٺڻ لڳو.
    مونکي منوهر لاءِ ڪرچز ڇڏي گهمڻ جو انتظار ته هئو ئي هئو، پر ان کان وڌيڪ اهو فڪي هئو جو کيس جون واري مهيني ۾ ٻارهون سائنس (ميڊيڪل) جو امتحان ڏيڻو هئو، جنهن ۾ ايتريون مارڪون ضرور کپنديون هيون ته جيئن سندس ميڊيڪل ۾ داخلا ٿي سگهي! هيل تائين اسان ٽنهي ڀائرن ۾ منوهر ئي اڪيڊمڪ طور وڌ ۾ وڌ مارڪون کڻندو آيو هئو. نيٺ جڏهن امتحان شروع ٿيا ته هوءَ اڃا ڪرچز تي ئي پئي گهميو ۽ انهن جي سهاري ئي جون 1976ع وارو ساليانه امتحان به ڏنو ته پرئڪٽيڪل به ڏنائين . پر سڀاويڪ طور هو عام انسان جيان ايترو قوت بخش ڪو نه هئو جو ڏينهن رات پڙهي سگهي ان لاءِ هن جي زندگيءَ ۾ هيءَ پهريون ڀيرو هئو و هو پنهنجي امتحان ۾ فرسٽ ڪلاس ۾ به ڪو نه اچي سگهيو!
    ادا پريم، لاڙڪاڻي ۾ وڪالت ڪندي ڀل ڪيولرام وڪيل جو جونيئر هئو، پر اُتان جي بار روم ۾ ويهندي قاضي اختر صاحب سان سندس چڱي ويجهڙائپ ٿي ويئي هئي. انهن ئي ڏينهن ۾ ادا پريم سان گڏ اسان جو پاڙيسري بشير احمد شيخ ۽ محمد علي قاضي به نئين وڪالت ڪندا هئا، جنهن لاءِ اُهي ٽيئي گڏجي روز صبح جو سيشن ڪورٽ به ويندا هئا ته شام جو رات جي مانيءَ کانپوءِ هڪ جهوني وڪيل سائين الاهي بخش ڪيهر صاحب سان ٻاهر روڊن تي گڏجي چڪر پڻ هڻندا هئا. ادا پريم جو هڪ ٻيو به جونيئر ايڊووڪيٽ دوست هئو ڀاءُ رفيق انصاري جيڪو پڻ هڪ شاندار شخصيت جو مالڪ هوندو هو.
    17 جولاءِ 1976ع تي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽي صاحب جي مرڪزي سرڪار طرفان پوري پاڪستان جي چانورن جي ڪارخانن کي سرڪاري ملڪيت جي دائري ۾ آڻيندي هڪ نئين تنظيم ”رائيس ملنگ ڪارپوريشن“ ٺاهي وئي. ادا پريم ان ڪارپوريشن ۾ ڪنهن به جوڳي جاءِ لاءِ اپلاءِ ڪيو ته تڪڙو تڪڙو کيس 28 جولاءِ تي ڪراچيءَ ۾ پرسنل انٽرويوءَ لاءِ گهرايو ويو. ادا پريم، ڪراچيءَ ۾ اهو انٽرويو ڏنو ته پوءِ هڪ ڪم ٻه ڪارج جيان هڪ ڏينهن ٻيون به اتي وڌيڪ رهي پيو.
    30 جولاءِ 1976 تي شام جو آءُ پنهنجي گهر ۾ ويٺو هوس، جو فون جي گهنٽي وڳي مون اڃا رسيور هٿ ۾ کڻي ڳالهائڻ شروع ئي مس ڪيو ته سامهون لاڙڪاڻي جو بي تاج بادشاھ، ڪليڪٽر خالد صاحب لائين تي اچي ويو پڇيائين، پريم ڪٿي آه؟“ مون چيو اهو ڪراچيءَ انٽرويو ڏيڻ ويو آه ۽ اڃا ڪو نه موٽيو آهي!“ پر نه موٽڻ جو ٻڌي هو ڪجهه ڪجهه ناراض پئي ٿيو ۽ مونکي ٻڌايائين ته پريم کي نوڪريءَ ۾ کنيو ويو آهي ۽ کيس هينئر ئي اچي جوائن ڪرڻو آه! مان ته گهٻراهٽ وچان اڃا ان سان ڳالهايان ئي پيو، جو سائينءَ جي اهڙي مهر ٿي ويئي ۽ اصل ٺيڪ ان مهل ئي ادا پريم پاڻ گهرجي اندر داخل ٿيو. هو ڪراچيءَ مان موٽي آيو هو. مون رڙ ڪندي کيس سڏ ڪيو ۽ فون جو رسيور ئي سندس هٿن ۾ ڏنو.!
    ادا پريم به تڪڙ تڪڙ ۾ صرف وهنجي ڪري ڪليڪٽر جي چوڻ تي رائيس ملنگ ڪارپوريشن، لاڙڪاڻي جي عارضي آفيس بقمام ڊسٽرڪٽ ڪائونسل تان وڃي ٿي آيو. خبر پيئي ته قاضي آصف صاحب ئي هڪ پهريون اهڙو شخص هئو جنهن کي ”جنرل مئنيجر تمام وڏي پوسٽ تي مقرر ڪندي پوري لاڙڪاڻي ضلعي جو انچارج ڪري موڪليو ويو هو. ان طرح قاضي آصف صاحب کانپوءِ ادا پريم ئي ٻيو اهڙو ماڻهو هئو، جنهن کي لاڙڪاڻي جي ”رائيس ملنگ ڪارپوريشن“ آفيس ۾ جوائن ڪرايو ويو هئو. ان ڪارپوريشن جي حوالي ۾ لاڙڪاڻي جي ڏاڍي وڏي اهميت هئي، جو لاڙڪاڻي ۾ نه صرف وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽي جو آبائي گهر هئو پر پوري سنڌ ۾ چانورن جي فصل واري لحاظ کان پڻ اُن ضلعي ۾ گهڻي پيداوار ٿيندي هئي.
    30 جولاءِ 1976ع تي ادا پريم رائيس ملنگ ڪارپوريشن جوائن ڪئي. ٻئي ڏينهن ئي آصف صاحب، ادا پريم کي به ساڻ ڪري ڪليڪٽر خالد صاحب سان ملي آيا. هن کانئن پڇيو ته اها ڪارپوريشن وڌيڪ ڪارگر نموني ڪيئن هلائي وڃي! ان جي جواب لاءِ قاضي آصف صاحب به جڏهن ادا پريم ڏانهن نهاريو جو هو سچ پچ اڳ پڻ اهڙو اناج جو ڪم ڪري به چڪو هئو، سو ادا ته کين سڌوسنئون چيو ته ڪارپوريشن کي وجود ۾ آئي هيءَ جيڪي ڏھ ٻارهن ڏينهن گذريا آهن، انهن ۾ مينهن به ايڏا ته تيز پيا آهن جو تمام ڪارخانن ۾ رکيل اناج وڌيڪ خراب نه ٿئي، پهرين ان جو ڪجهه بلو ڪيو وڃي نه ته سمورو اناج ناس ٿي ويندو ۽ پوءِ کڻائي به ڪارپوريشن مٿان چٽي پئجي ويندي، جنهن سان گڏ هن کيس اها به صلاح ڏني ته جلد ئي نئين فصل لهڻ واري صورت ۾ سڀني ڪارخانن ۾ مشينن جي صفائي پڻ ٿيڻ کپي. ڪليڪٽر خالد صاحب، آصف قاضيءَ سان صلاح ڪري ادا پريم کي پوري لاڙڪاڻي تعلقي جون ذميواريون سونپيندي کيس ان دائري اندر سموريون رائيس ملون وزٽ ڪري مشينن جي رپورٽ ٺاهڻ لاءِ چيو!
    قاضي آصف صاحب نه صرف ٺپ ايماندار شخصيت جو مالڪ هئو، پر هو محنتي به ايڏو هئو جو ”رائيس ملنگ ڪارپوريشن“ جي ڪم ۾ پڻ آفيسر طور نه پر هڪ واپاريءَ جيان جنبي ويو جو کيس ڄڻ انتطار هجي ته ڪهڙي به نموني ڪارپوريشن کي زبردست بلندين تي پهچائڻو هجي! ائين قاضي آصف توڙي ادا پريم روز رات جو 9:00 وڳي تائين آفيس ۾ ڪم پئي ڪندا رهيا. پوءِ هڪ ٻن ڏينهن ۾ نيشنل اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر اثرن عباسي جو لاڙڪاڻي جي فلور مل ۾ ڀائيوار لاڙڪاڻي جي عبدالرزاق شيخ جي به اُتي ڀرتي ڪئي ويئي. جلد ئي ڪراچيءَ مان ڪارپوريشن جو ريزيڊنٽ ڊائريڪٽر بشير احمد مورياڻي پڻ لاڙڪاڻي جي وزٽ تي آيو ته قاضي آصف صاحب ۽ ادا پريم جي ڪم کان بيحد متاثر ٿيو، پر ڪنهن سبب هن لاڙڪاڻي تعلقي جو انچارج عبدالرزاق شيخ کي بڻايو ۽ ادا پريم جي ذمي رتوديرو تعلقو ڏنو، پر عبدالرزاق شيخ ۽ ادا پريم ٻنهي کي ساڳئي ئي عهدي ”ايريا مئنيجر گريڊ 1“ تي مقرر ڪيو.
    ادا پريم لاءِ ته پنهنجي سينئر آفيسرن جي شفقت ئي ڪافي هئي. ادا کي ته ڪٿي به رکن ها، هن کي ڪم ئي ڪرڻو هئو. پوءِ ڪجهه ڏينهن ۾ اسان جو سئوٽ جواهر مٽلاڻي ۽ ادا پريم ۽ جواهر جو گڏيل دوست نامديو نئون ديرو وارو، ٻيئي ايريا مئنيجر گريڊ 1 ٿيندي ڀرتي ٿي آيا. تڏهن جواهر کي قمبر موڪليو ويو ته رتوديرو تعلقي کي ٻن حصن ۾ ورهائيندي نئون ديرو وارو حصو نامديو جي حوالي ڪيو ويو. اهڙي تبديليءَ ۾ اسان جو پنهنجو ڳوٺ لاشاري، جتي ڪڏهن اسان کي به زمينون هونديون هيون، اهو پڻ ادا پريم جي حد مان نڪري نامديو جي ذمي نئون ديرو واري حصي ۾ هليو ويو. پوءِ ڪجهه وقت ۾ بشير احمد شيخ به ايريا مئنيجر گريڊ 2 مقرر ٿي آيو، جنهن کي ڏوڪري تعلقو ڏنو ويو.
    قاضي آصف صاحب لاءِ ته ادا پريم کي ڄڻ لفظ ئي نه هئا، جو ان جي ساراھ ڪري سگهي هو جيترو انٽيليڪچوئل ۽ محنتي شخص هو اوترو ئي ايماندار پڻ هئو. اها آصف صاحب جي ئي حڪمت عملي هئي جو لاڙڪاڻي ۾ رائيس ملنگ ڪارپوريشن کي ڪنهن سرڪاري آفيس بجاءِ هڪ بزنيس انٽرپرائزز جيان هلايو ويندو هئو. سڀ ايريا مئنيجر 5:00 وڳي تائين پنهنجي حدن واري آفيس ۾ هوندا هئا ته ان کانپوءِ به وري سڀني ايريا مئنيجرز کي روز لاڙڪاڻو اچي ڪليڪٽريءَ واري رئيس ملنگ ڪارپوريشن آفيس ۾ جنرل مئنيجر قاضي آصف صاحب کي رپورٽ ڏيڻي پوندي هئي.
    آصف صاحب جي رهنمائي ۾ ادا پريم به ايڏي ته زبردست محنت ڪندو هو، جو رتوديرو ۾ راتيون جاڳندي ۽ مختلف چانورن جا ڪارخانا گهمندي هڪ دفعي ڏٺائين ته ڪو چوڪيدار رات جو پهرو ڏيڻ بجاءِ پاڻ ئي کونگهرا هڻي سمهي رهيو هئو. ادا پريم به اهڙو ڪم ڪيو؛ جو ان جي بندوق ئي کنيون هليو آيو. ابا! ٻئي ڏينهن جو ان چوڪيدار جي حالت هجي، پنهنجي ايريا مئنيجر کان معافيون پئي ورتائين!
    هڪ دفعي وري ادا پريم جي ايريا سان وابستا ڪو رائيس مل مئنيجر عمرو ڪري آيو. ان اسان جي لاڙڪاڻي واري گهر آچر ڏينهن اچي در کڙڪايو. هو مونکي ادا پريم لاءِ سعودي عرب مان آندل اوني ڪمبل گفٽ ڏيئي رهيو هئو. مون ان همراھ کي اوطاق ۾ ويهاريندي اندران ادا پريم کي سڏ ڪيو . ادا، پنهنجي مئينجر جي خوش خيرو عافيت ته ڪئي پر ڪمبل يا ڪنهن به قسم جي گفٽ وٺڻ کان بلڪل انڪار ڪيو. هن همراھ ڏاڍي پئي وضاحت ڪئي ته مان سعوديءَ مان خاص اوهان جي لاءِ سوکڙي وٺي آيو آهيان. پر ادا کانئس ڪابه گفٽ وٺڻ کان بلڪ نابري واري! انجي وڃڻ کانپوءِ منهنجي پڇڻ تي ادا سمجهائيندي چيو ته جيڪڏهن کانئس اها گفٽ وٺجي ها ۽ خوانخواسته ڪنهن ڏينهن اهو ئي شخص ڪو به ناجائز ڪم ڪندي جهلجهي پوي ته ادا مٿس ڪو به قدم ئي نه کڻي سگهي ها!
    ان طرح ادا پريم رتوديرو ايريا ۾ زبردست محنت ڪيئي ته آهستي آهستي ان جا مثبت نتيجا به سامهون اچڻ لڳا. پوءِ جلد ئي جڏهن رائيس ملنگ ڪارپوريشن لاءِ ٻين ڪيترين ايريائن جو ڀانڊو ئي ڄڻ ڊهندي نظر آيو ۽ انيڪ جاين تي ته نقصان ئي نقصان پئي ٿيڻ لڳو، تڏهن ساڳئي دور ۾ ادا پريم وري قاضي آصف صاحب کي پنهنجو آئيڊيل بڻائيندي جيڪو ٺپ ايمانداريءَ وارو پورهيو ڪيو هئو؛ ان ادا جي گراف کي ايترو ته مٿي کڻي ڇڏيو جو ادا پريم وارو رتوديرو ايريا نه صرف رائيس ملنگ ڪارپوريشن کي فائدو ڏيکارڻ لڳي، بلڪه ادا پريم ڪمايل پئسن سان ڪارپوريشن جي ئي هڪ ڪارخاني جي ايڪسٽينشن ڪندي جديد نموني انجي ٻيهر تعمير ڪرائي ۽ جنهن جو افتتاح ان مهل واري لاڙڪاڻي جي زونل مئنيجر غلام نبي مغل صاحب ڪرڻ فرمايو هئو.
    1970ع واري پاڪستان جي جنرل اليڪشن ۾ لاڙڪاڻي جا تقريبن سڀ جو سڀ سنڌي هندن جا ووٽ ذوالفقار علي ڀُٽي صاحب کي ڏنا ويا هئا؛ اُهي جيڪڏهن ايوب کهڙو کي ملن ها ته ڀُٽي صاحب لاءِ گهٽ ۾ گهٽ لاڙڪاڻي مان نيشنل اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيڻ به ڏکيو ٿي پوي ها! پر 1965ع واري انڊو پاڪ جنگ دوران سنڌ جي هندن سان جيڪا روش اختيار ڪئي ويئي هئي، ان کي 1971ع واري جنگ مهل پڻ دهرايو ويو ۽ لاڙڪاڻي جي ڪيترن ئي هندو گهرن مان هڪ هڪ ڀاتي گرفتار ڪري سينٽرل جيل سکر اماڻيو ويو، تقريبن سڀني هندن جي گهرن مان ٽرانسٽر ريڊيو کڻندي مٿن وائرليس سيٽ هئڻ جو الزام لڳايو ويو هئو، جڏهن ته اهي اٻوجهه هندو ائين ئي ويٺا پنهنجي پاڇي کان به ڏڪندا هئا، جيڪڏهن مٿن لڳايل الزام سچ هجي ها ته پوءِ ڇو جو ٻيئي ڀيرا ڇهه ڇهه مهينا پوءِ جڏهن ”تاشقند ٺاھ“ يا ”شملا ٺاھ“ ٿيو ته سمورن سنڌي هندن کي باعزت ڇڏيو ويو هو. جڏهن ته وائر ليس ته ڏاڍي وڏي ڳالهه آهي، پر عرف عام ۾ ملڪ لاءِ ائين ئي چيو ويندو آهي ته قانون موجب غدار جي سزا موت هوندي آه!
    اهي ٻيئي ڀيرا اسين ان لاءِ بچي ويا هئاسين، جو هڪ ته اسانجي پاڙي ۾ مدرسه هاءِ اسڪول جي اوڀر ۾ جتي اصل روڊ سان اسان جو گهر هئو اُتي تقريبن سڀ جو سڀ ڏاڍا وڏا ماڻهو رهندا هئا ۽ اسين ته ايترو ننڍي عمر جا هئاسين، جو شايد ڪيترن کي ته اها به خبر ڪو نه هوندي ته ان پاڙي ۾ به ڪو هندو گهر رهندو آهي! ها، اسان جي گهر سامهون هينئر سوڀو گيانچنداڻي جو گهر ٻڌايو ويندو آهي، پر اُهو به انهن ٻنهي جنگين کان پوءِ اچي اُتي رهيو، نه ته تيسين اُتي منظور آرائين صاحب، گورنمينٽ ڪانٽريڪٽر رهندو هئو، جنهن لاڙڪاڻي جو مشهور اسٽيڊيم پڻ ٺهرايو هئو.
    ذوالفقار علي ڀٽي صاحب، جنهن کي لاڙڪاڻي جي سڀ جو سڀ هندن ووٽ ڪيو هئو، اهو ڊسمبر 1971ع ۾ مارشل لاءِ ايڊمنسٽريٽر ۽ صدر ٿي آيو ته بدقسمتيءَ سان 1972ع ۾ سنڌ ۾ لسانياتي فساد ٿي پيا؛ تڏهن ان جو الزام به سنڌي هندن مٿان ئي مڙهيو ويو ته اُهي هندو ٿا فساد ڪرائين. پوءِ ته ان ڀيري جيل ۾ سو ڪو نه وڌائون ڪيترن ئي نوڪري ڪندڙ هندن کي ويندي ويچارن اٻوجهن کي پڻ جيڪي اسڪول جي ماستري ڪندڙ هئا، انهن جون به بدليون اهڙن ته خطرناڪ هنڌن تي ڪري ڇڏيائون جو ڪيترا معصوم ته نوڪري ئي ڇڏي اچي پنهنجي گهر ويٺا.
    ٻيو ته ڇڏيو، پر سنڌي هندو؛ جن هزارها سالن کان سنڌ جي چيڪي مٽيءَ کي ساھ سان پئي سانڍيو؛ جن جا هڏا به اُن ڌرتيءَ تي سڙي رک ٿيڻا هئا! ڀُٽي صاحب جي اچڻ سان انهن جي ٻارڙن لاءِ تعليم جا دروازا به بند ڪيا ويا. هڪ نئون قانون ڪڍيو ويو، جنهن موجب هر هڪ سموري ضلعي مان صرف هڪ هندو انجنيئرنگ ۽ هڪ هندوءَ کي ميڊيڪل ۾ داخلا پئي ڏني ويئي. اهڙي صورتحال ۾ اسان ته ٻاراڻپ واري هراس ۾ پنهنجون سموريون لاشارين واريون ڀليون زمينون به 1967ع ۾ ئي تمام سستي اگهه ۾ کپائي ڇڏيون هيون. وري جو 1974 ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچررشپ جي سليڪشن کانپوءِ به آرڊر نه نڪتو ته ادا پريم ۽ منهنجو گڏيل ويچار اهو ئي بيٺو ته ورهاڱي ڄڻ اسان سنڌي هندن کان شايد جيئڻ جو حق ئي کسي ڇڏيو هئو، وري به اُتي وڃي رهجي جتي گهٽ ۾ گهٽ ٿوري گهڻي ته سنڌي هندن جي گهڻائي هجي!
    جيتوڻيڪ هاڻ تقريبن ٽي ڏهاڪا گذرڻ کانپوءِ ان سڀ تي عمل ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو هو، جو هاڻ 1947ع واري اهو وقت ڪو نه رهيو هو جو ڪيترن کي ته انگوڇي ۾ به لڏپلاڻ ڪرڻي پيئي، پر هاڻ ته هندستان ۾ سنڌي هندو پنهنجي زبردست محنت سبب دشوار حالتن باوجود به سٺي ترقي ماڻي چڪا هئا. ان لاءِ ٽي ڏهاڪا پوءِ هاڻ سنڌ مان هڪ هڪ گهر ٿي لڏپلاڻ ڪرڻ ڄڻ هندستان جي سنڌي سماج ۾ حالتن جي توازن کي هڪ زبردست جهٽڪو پئي سمجهيو ويو!
    ان لاءِ ادا پريم ۽ منهنجي گڏيل صلاح هئي ته ادا جيئن ته پرڻيل آهي ته اهڙي صورتحال ۾ پهرين مان ئي اوڏانهن اڪيلو وڃان، پوءِ جيڪڏهن الله ڀاڳ ڀڙايا ته پٺيان ڀائر ۽ امڙ به ايندا، نه ته گهٽ ۾ گهٽ جهڙا آهيون اهڙا ته هجون!
    1971ع جي جنگ کانپوءِ 1976ع ۾ هندوستان ۽ پاڪستان جا سفارتي ناتا قائم ٿيا ته ڪراچيءَ واري انڊين قونصليٽ ڪو نه کولي ويئي، تنهن لاءِ هندستان جي ويزا وٺڻ لاءِ سڀ کي اسلام آباد ئي وڃڻو پوندو هئو. مون به ادا پريم جي صلاح سان مئي 1977ع ۾ اسلام آباد مان پنهنجي لاءِ ويزا وٺڻ جي تياري ڪئي، تڏهن سماجي سطح تي اسان سنڌي هندن جي ماتر ڀومي سنڌ ۾ ڪيڏي نه عزت هئي، جو ان مهل ادا پريم جيڪڏهن رائيس ملنگ ڪارپوريشن ۾ نوڪري ڪندي بيحد مصروف هئو ته هن پاڻ مون سان گڏ اسان جو پاڙيسري دوست، ڀاءُ الاهي بخش عباسي ساڻ ڏنو، جو مون سان گڏجي اسلام آباد هليو، جتي مونکي انڊين سفارتخانه مان پنهنجي لاءِ ويزا وٺڻي هئي!

    عوامي آواز سنڊي ميگزين 22 جولاءِ 2015
    ___
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  20. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    قسط 19

    لڏپلاڻ وارا المناڪ باب ڇو لکيا!

    ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي

    مئي 1977ع ۾ اسان جي پاڙي جو ئي هڪ ڀاءُ الاهي بخش عباسي مون سان گڏ اسلام آباد هليو هئو، جتان مونکي انڊين ايمبسيءَ مان ويزا وٺڻي هئي. اسين راولپنڊي ۾ اچي هڪ هندو ڌرمشالا ۾ رهياسين، جيڪا ڪنهن مصروف بازار جي وچ تي ئي هئي ۽ وڏي ڳالهه ته اُتي پئسا ڪجهه به نه لڳڻا هئا. اسين پهرئين ڏينهن اُتي راولپنڊيءَ ۾ شام جو پهتاسين ڌرمشالا ۾ وڃي وهنجي سهنجي تيار ٿي ٻاهر ڪنهن هوٽل تان ماني به کائي آياسين ته ٿورو چڪر به هڻي آياسين. ان ڌرم شالا ۾ دير فرنٽيئر جا ٻه هندو آيل هئا. جن کي به انڊين ويزا کپندي هئي، پر ٻيلي انهن همراهن جا ويس وڳا توڙي روپ رنگ اصل ڪنهن پٺاڻ نواب جهڙو هئو ۽ رعبدار ايڏو جو ڏسندي ئي جيڪر ڪوءُ کائجي، پر ساڻن ته اسان وانگر ساڳيا ئي ملائم طبع جا مالڪ پئي لڳا!
    اسين، الاهي بخش ۽ مان ٻئين ڏينهن سوير صبح جو 7:30 وڳي کن اسلام آباد ۾ انڊين ايمبسيءَ ٻاهران پهچي وياسين، جيتوڻيڪ اڃا ايمبسيءَ جا دروازا به ڪو نه کليا هئا، پوءِ به ڇهه کن ماڻهو اڳواٽ ئي دروازي وٽ لائين لڳايو بيٺا هئا. اسين به ٻيئي ان لائين ۾ بيهجي وياسين، پر جيئن جيئن ٽائيم ڀريو پئي ويو ته پاڪستان پوليس جيڪا اُتي ٻاهر سيڪيورٽي جو ڪم سنڀالي رهي هئي. انهن جا سپاهي ماڻهن کان ڪجهه ڏيئي وٺي ڪري کين ماڳهئين ئي سموري لائين جي اڳيان بيهاريندا پئي ويا. پوءِ جڏهن 9:00 وڳي کن گيٽ کليو ته پٺيان نهار ته سئو کن ماڻهن جي لائين هئي، پر اڳيان کان هاڻي ستين نمبر بجاءِ منهنجو ٻارهون نمبرٿي چڪو هئو.
    جيئن ئي انڊين ايمبسيءَ جي ويزا آفيس جو گيٽ کليو ته الاهي بخش کي اندر هلڻ جي اجازت ڪو نه ملي ۽ اسان وڃي اندرين کڙڪيءَ تي لائين لڳائي. صرف هڪ ئي ڪائونٽر تي ڪلارڪ سڀني جا فارم ايڏو ته خبرداريءَ سان چيڪ ڪري رهيو هو، جو کيس ڏاڍي دير پئي ٿي، پوءِ ڪنهن جو ڪم ٿئي پيو ۽ ڪن کي وري فارم صحيح نموني ڀري اچڻ لاءِ چئي موٽائي رهيو هو جڏهن آءُ لائين ۾ ٻارهون نمبر هوندي کڙڪيءَ تي پهتس، ته اندرئين همراھ اڳواٽ ئي پٺين سموري لائين کي ايندڙ ڏينهن اچڻ لاءِ چيو. مون رب جا شڪرانا مڃيا، جو گهٽ ۾ گهٽ منهنجو ڪم ته کڙڪيءَ تي ٿي رهيو هئو. پر خبر تڏهن پيئي جو سمورو فارم چيڪ ڪندي ڪندي صرف ڪنهن هڪ ڪالم کي جيڪو مون صحيح نه ڀريو هئو؛ ان لاءِ سمجهائيندي ٻئين ڏينهن تي صحيح ڀريل فارم کڻي اچڻ لاءِ چئي دري ئي بند ڪري ڇڏيائين!
    آءٌ ڏاڍو نراش ٿي ويس. دارصل تمام معمولي تصحيح ڪرڻي هئي، جيڪا اُتي بيٺي ئي ڪري سگهجي ها؛ پر انسان ڪيڏو نه سخت دل آ جو کيس ڪنهن ٻئي لاءِ احساس ئي ڪو نه هوندو آهي. هاڻ ته وري پورو هڪ ڏينهن ٻيو به لڳڻو هئو، سو به جڏهن ٻئين ڏينهن تي دريءَ وٽ منهنجو نمبر لڳي نه ته خبرناهي اُتي اسلام آباد ۾ ڪيترا ڏينهن رهڻو پوي ها. ايمبسيءَ مان ٻاهر نڪري الاهي بخش سان راولپنڊي موٽي آيس، پر ڪم نه ٿيڻ سبب ڄڻ ٿڪ ئي ٿڪ لڳو پيو هو!
    ٽئين ڏينهن لاءِ آءُ ڪنهن به قسم جي رسڪ نه کڻندي، الاهي بخش جو اوڏانهن اچڻ لاءِ چئي رات جو ئي اسلام آباد نڪري ويس. انڊين ايمبسيءَ جي ڀر ۾ هڪ سنيما هئي اُتي ٽائيم پاس ڪرڻ لاءِ وڃي فلم ڏٺي، ته پنجابي فلم هلي رهي هئي. فلم”چن پتر“پوري ٿي ته ايمبسيءَ جي گيٽ تي اچي اڃا مس فرش تي ويهڻ جي ڪيان، پيو جو ٻاهر پهرو ڏيندڙ ڪنهن پوليس مين جي زور سان سيٽي ووڳي، همراھ ويجهو آيو ته مون ٻڌايو مانس ته نمبر لڳائڻ لاءِ آءُ اڌ رات جو ئي پهچي ويو آهيان، پر هن ته بيحد ڪٺورتا سان ايمبسيءَ جي روڊ کان به پري وڃڻ لاءِ فرمان جاري ڪيو.
    پوءِ اسلام آباد جا خالي خالي روڊ، اڌ رات جي ڪاراڻ؛ وڃان ته وڃان ڪيڏانهن! ٿورو اڳڀرو ٿي رود جي ڀر ۾ اڃا پاسي کان بيٺس ئي مس ته ان ئي پوليس واري جي اڃا به پري وڃڻ لاءِ رڙ آئي! بيوسيءَ ۾ اڃا به اڳيان هليس، مينهن به چوي ته اڄ نه پوان ته ڪڏهن پوان. پهرين بوندا باندي شروع ٿي ته روڊ ڀرسان ڪو به وڻ ئي نه پئي نظر آيو،، جو ان هيٺان پناھ وٺجي، هڪ هنڌ ڪجهه ڪجهه ئي پوکيل ٻوٽا جيڪي اڃا ٿورو وڏا مس ٿيا هئا، انهن جي اوٽ ۾ وڃي بيٺس پر بچاءُ ڪجهه به ڪو نه ٿي رهيو هو. رب پاڪ کي ٻاڏايو ”مولا! تون ئي پت رکندين!“
    جلد ئي برسات بند ٿي ويئي! الائي ڪيڏانهن هلي ويئي، خبر به ڪونه پيئي! اسلام آباد جي سنسان ۽ وسيع روڊن تي جڏهن ويهڻ لاءِ ڪجهه به نظر نه آيو، ته اچي فوٽ پاٿ تي ويهي رهيس. ائين رب کي ٻاڏائيندي رات گذاري! اڃا صبح جو سج اڀري ئي رهيو هئو، جو اُهو ساڳيو ئي جمعدار ڪنهن ٻئي شخص کي دڙڪا ڏيندو مون ڏانهن پئي آيو. اهو همراھ به جڏهن منهنجي ڀرسان پهتو ته خبر پيئي ته هو به ويزا لاءِ آيل هئو، مون ان کي پنهنجي پٺيان لائين لڳائڻ لاءِ چيو، نه ته ٻي صورت ۾ سموري رات جو پورهيو اجايو ٿي پوي ها!
    هاڻ آهستي آهستي جيئن جيئن ماڻهو انڊين ايمبسيءَ جي ايترو دوريءَ کان حوالدار کان ڌڪاڻبا پئي آيا، ته اسين انهن کي لائين ۾ پٺيان بيهاريندا وياسين، پوءِ جو ان سپاهيءَ کي خبر پيئي ته ايڏو دوريءَ تي به لائين لڳائي ويئي آهي ته ڄڻ مڇريو آيو. وري جو ڏٺائين ته ان لائين ۾ اول نمبر به منهنجو ئي لڳو پيو آهي ته مون کي جنسي ڏنڀڻ لڳو! دراصل هن اهو پئي چاهيو ته هي لائين ڊاٺي ئي وڃي پر اسان جو سڀ مضبوط ٿي بيٺاسين ته پوءِ هو مونتي الزام مڙهڻ لڳو ته آءُ ايجنٽ آهيان جڏهن مان پنهنجو پاسپورٽ ڏيکاريو مانس ته پوءِ چپ ڪيائين پر ڏاڍا خار پئي کاڌائين نيٺ مجبور ٿي هن کي اسان جي لائين کي ئي اڳيان وٺي هلڻو پيو.
    ابا! انڊين ايمبسيءَ جي گيٽ تي پهچون ته ڏهاڪو کن ماڻهو اول ئي اتي ڏئي وٺي ڪري بيهاريا ويا هئا، جن کانپوءِ ئي اسان جي لائين کي بيهڻ ڏنو ويو. مان اڃا ڪجهه اعتراض وٺان ئي وٺان جو ان سپاهيءَ اهڙي ته اک ڏيکاري ڄڻ اصل مونکي جيل ۾ وجهڻ وارو هئو مون به کڻي چپ ڪئي ڀلا هيڏا هٽا ڪٽا ماڻهو به ڪجهه نه پئي ڳالهائي سگهيا ته مان ڪهڙي کيت جي موري هوس! ايتري ۾ الاهي بخش عباسي به اچي اسان وٽ پهتو. مونکي لائين ۾ ايترو پٺيان بيٺل ڏسي پڇيائين ته اهو ڪيئن، تون ته رات کان وٺي هتي آيل آهين! پر مون کيس اشاري ۾ ئي سمجهايو ته هتي گهڻو ڳالهائڻو ناهي، ڇڙو دعا ڪر ته اڄ ڪم ٿئي!
    پوءِ جڏهن 9:00 بجي لائين کي اندر ڇڏيو ويو ته ڪالهه جيان اڄ به ٻارهون نمبر مس هئو، پر اڄ مڙيو ئي لائين جلدي پئي اڳتي هلي.مونکي اندر ۾ اهو ئي ڀوءُ ٿي رهيو هو ته ڪٿي اڄ وري ٻي ڪا غلطي نه ڪڍي! پوءِ جڏهن منهنجو نمبر آيو ته هن فٽافٽ چيڪ ڪندي مونکي رسيد ڪڍي ڏني ۽ ٻڌايو شام جو 4:00 وڳي ان ساڳي گيٽ تان آءُ پنهنجي ويزا وٺي سگهان ٿو.
    ايمبسيءَ کان ٻاهر نڪتس ته الاهي بخش اڄ مون کي ڪجهه سرهو محسوس ڪيو جو اڄ مڙيو ئي ڪم ڪري ئي آيو هوس. جيسين 4:00 بجا ٿين، تيسين ڪٿي ماني کائي ٿورو هِتان هُتان جا چڪر هڻي ٻيهر اسين ڪلاڪ کن آڳواٽ ئي گيٽ تي پهچي وياسين. تڏهن ٺيڪ چئين بجي ايمبسيءَ مان هڪ ڪلارڪ ٻاهر نڪري نمبروار ماڻهن کي سڏ ڪندو سندن ويزائون ڏيندو ويو، مونکي به جڏهن ويزا ملي ته ڏٺو ته هندوستان گهمڻ لاءِ صرف ٽن مهينن جي اها ويزا ڏنل هئي ۽ ان ويزا کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ به 90 ڏينهن جو مدو ڏنل هئو، جنهن موجب مونکي وڌ ۾ وڌ آگسٽ 1977ع جي وچ ڌاري هتان نڪري وڃڻو هئو.
    هيڪر ويزا ملي ويئي ته مون به انهن نوي ڏينهن مان پورا اوڻانوي ڏينهن پنهنجي سنڌ جي سرزمين تي رهڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو، جو پوءِ جي ته خبر ئي نه هئي ته وقت ملندو يا نه! اسين الاهي بخش ۽ مان ويزا وٺي راولپنڊيءَ واري ڌرمشالا مان وڃي سامان کڻي بس تي ئي لاهور هليا آياسين، جتان پوءِ ڪنهن ٽرين ذريعي روهڙيءَ کان ٿيندا لاڙڪاڻي پهتاسين. پوءِ ته مان پنهنجي ٽپڙن سهيڙڻ کي لڳي ويس، جو هڪ هڪ ڏينهن مونکي سنڌ ڌرتيءَ کان ڌار ڪرڻ لاءِ تڪڙو تڪڙو پئي گذرندو ويو.
    لاڙڪاڻي ۾ پويان ٽي مهينا صرف هنن مائٽن کان موڪلائڻ ۾ پئي گذريا، ڪراچيءَ مان وڃي ڪجهه ڊريسون ٺهرائي آيس، هنن 18 آگسٽ تي بارڊر ڪراس ڪرڻ جو اڳواٽ ئي سوچي رکيو هئو، جو اهو سيڪنڊ لاسٽ يا شايدآخري ڏينهن هئو، جنهن کان پوءِ منهنجي ويزا ئي رد پئي ٿي! رتوديرو مان وڃي پنهنجي سڪ جي نانا پريتمداس کان به موڪلائي آيس.
    ڪاليج ۾ صرف الاهي بخش عباسيءَ کي ئي خبر هئي، پر مونکي جو اين ڊي وي پي ليڪچررشپ تان استعفيٰ ڏيئي ايڪسپرينس سرٽيفڪيٽ کپندو هو، سو استعفيٰ ڏيڻ سان گڏ مون اهو سرٽيفڪيٽ به اول ئي ٺاهرائي ٽائيپ ڪرائي ڇڏيو. مونکي 17 آگسٽ تي لاڙڪاڻي مان نڪرڻو هئو، آءٌ صرف هڪ ڏينهن اڳ ڪاليج وڃي پرنسپال ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو صاحب کي پنهنجي استعفيٰ وارو ليٽر ڏنو ۽ جيئن ئي هن اهو منظور ڪيو ته مون کيس ٽائيپ ٿيل ”ايڪسپريئنس سرٽيفڪيٽ“ به صحيح ڪرڻ لاءِ عرض ڪيو. سائين سنديلو صاحب کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته هيءُ همراھ ايڏي تڪڙ ڇو ڪري رهيو آهي. هن ڪجهه برهم ٿيندي چيو ته ” ترس! پوءِ آءُ توکي ليٽر هيڊ تي سٺو سرٽيفڪيٽ ٺاهي ڏيندس“ پر مون صرف هيٺاهين وٺندي اهو ٺاهيل مواد صحيح ڪرڻ لاءِ چيو ته سائينءَ به فٽافٽ اهو سرٽيفڪيٽ صحيح ڪري ڏنو.
    اڄ منهنجو ”انڊس فوٽو اسٽوڊيو“ تي آخري ڏينهن هئو. مون کي لاڙڪاڻي جو نوجوان طبقو بيحد پسند ڪندو هئو. جناح باغ واري ٽائون هال ۾ پاڪستان نيشنل سينٽر لاڙڪاڻي طرفان پڻ هر هفتي جيڪي به فنڪشن ٿيندا هئا، انهن جي فوٽوگرافي لاءِ اتان جو ڊائريڪٽر سائين خادم حسين شاھ به مونکي ئي گهرائيندو هئو، جيڪي فوٽو ايندڙ ائين ڏينهن جي اخبارن ۾ ڇپبا هئا. ان آخري ڏينهن شام جو آءُ پنهنجي اسٽوڊيو تي ويٺو هوس، جو ”سنڌ پيپلز اسٽوڊنٽس فيڊريشن“ (سپاف) جا ضلعي عهديدار آيا، جيڪي مونکي ذوالفقار علي ڀٽو صاحب جي گهر سندس فرزند مير مرتضيٰ ڀٽو وٽ وٺي هليا. ان وٽ پنهنجي پارٽيءَ جا ڪجهه ٻيا به تمام ويجها ڪارڪن آيل هئا، جن جا مون فوٽو ڪڍيا. مونکي اڄ تائين اهو سوچي بيحد اطمينان ٿيندو آهي ته لاڙڪاڻي جي آخرين آئوٽ ڊور فوٽوگرافي، مون ڀٽو هائوس ۾ مير مرتضيٰ ڀٽو وٽ ڪئي! ڄڻ اهو رب پاڪ ڄڻ مونکي هڪ وڏو شرف ڏنو هو، تڏهن بليڪ ايند وائيٽ جو زمانو هئو، سو آءُ رات جو ڊارڪ روم ۾ اُهي سڀ جو سڀ فوٽو ٺاهي ايندڙ ڏينهن 17 آگسٽ تي صبح جو ئي انهن ”سپاف“ وارن همراهن کي ڏيئي به آيس.
    اسان جي گهر ۾ منهنجو والد صاحب بابا بختراءِ 1942ع واري زماني کان جيئن ئي ٻوڏ سبب لاشاري ڳوٺ مان لاڙڪاڻي شهر ۾ پنهنجي عيال سوڌو لڏي آيو هو، تڏهن کان اسان جو هڪ سئوٽ ڪاڪا جمن داس جيڪو بابا جن کي ڏاڍو چاهيندو هو ۽ هنن جو پاڻ ۾ ايترو ته پيار هئو جو لاڙڪاڻي ۾ به اسين رهندا ئي هڪ گهر ۾ هئاسين. گرائونڊ فلور اسان جي حوالي هوندو هو ته مٿي فرسٽ فلور هينئر ڪاڪا جمن داس جي فرزند ڀاءُ ڄيٺانند جي حوالي هوندو هو .جڏهن منوهر، ڪراچي اسپتال ۾ داخل هئو ته ڀاءُ ڄيٺانند مونکي اسٽوڊيوتوڙي رات جو ڊارڪ روم ۾ ڏاڍي مدد ڪندو هئو. دراصل آءُ استاد عزيز وٽ گهڻو اڳ پهتو ئي ڀاءُ ڄيٺانند معرفت هوس، جيڪو استاد عزيز کان ڪيترائي فوٽو ڪڍائيندو رهندو هئو. هاڻ ٽيئي مهينا لڳاتار جو ڄيٺانند مونکي اسٽوڊيو تي ڀرپور مدد ڪئي ۽ هينئر هو سائين نبي بخش شيخ صاحب وٽان موهن جو دڙو ايئرپورٽ تان نوڪري به ڇڏي چڪو هو، ڄيٺانند اهڙي صورت ۾ هن پڻ پنهنجي روزگار لاءِ اسٽيشن روڊ تي المنظر سئنيما جي سامهون پنهنجو دوڪان ” ڪيپري فوٽو اسٽوڊيو“ کوليو هئو.
    اڄ ڄيٺانند ته صبح جو ئي اسٽوڊيو تي وڃڻ مهل مونکان موڪلائي ويو هئو. پوءِ مان جڏهن سچ پچ اما ۽ رتوديرو مان آيل ماما ڪرتار لال سان لاهور وڃڻ لاءِ نڪري رهيا هئاسين ۽ مون پنهنجي امڙ ۽ ڄيٺانند جي والده، جنهن کي اسين به ”اما“ چوندا هئاسين ۽ ڄيٺانند جي شريڪ حيات سلوچنا کان پيرين پيئي موڪلايو ته سڀ جو سڀ روئي ويٺا. ڀاڀي ۽ امان ته اصل اوڇنگارون ڏيئي رهيا هئا، پر مون وٽ صرف دم دلاسو ڏيڻ کانسواءِ ٻيو ڪو چارو ئي ڪونه هئو! اسين پنهنجي گهر مان نڪري ٽانگي تي اسٽيڊيم جي پٺيان واري بس اسٽينڊ طرف آيا هئاسين. مونکي خبر ئي ڪو نه هئي ته ٿوري جهٽ اڳ جو آءٌ پنهنجي والده ۽ امان کي آسرو ڏيئي رهيو هوس، ته هينئر بس ۾ چڙهڻ مهل جڏهن پير لاڙڪاڻي جي ڌرتيءَ کان هميشه هميشه لاءِ الڳ ٿي رهيا هئا، ته مون پڻ بي خودي ۾ اوڇنگارون ڏنيون هيون. اهي ڳوڙها ته شايد اسان جي تقدير هئا صرف ان اميد لاءِ ته خدا مهر ڪندو ته اسين به پنهنجي ايندڙ پيڙهين کي هڪ بهتر مستقبل ڏيئي سگهنداسين! خبر ناهي رب پاڪ سنڌي هندن جي تقدير ۾ اهي لڏپلاڻ وارا ڪيترائي المناڪ باب ڇو لکيا! اٺين عيسوي صدي، پندرهين سورهين صديءَ ۽ هاڻ ويهين صديءَ واري ورهاڱي جي نتيجن سبب اها لڏ پلاڻ اڄ سوڌو جاري آهي، جڏهن ته اهي ٻيئي ملڪ پنهنجي اٻوجهه عوام کي سڄا سارا ست ڏهاڪا گذاريندي پوري ماني به ڪو نه ڏيئي سگهيا آهن!
    18-آگسٽ 1977ع تي ادا پريم، ماما ڪرتار ۽ نارائڻ، ٽيئي مونکي لاهور اسٽيشن تي هندوستان وڃڻ لاءِ چڪاس ڪرائي جيئن ئي مون کان الڳ ٿيا ته اُهي وري ڪوه مري گهمڻ هلي ويا هئا، جتي صرف هڪ ڏيڍ ڏينهن رهي هو به جلد ئي لاڙڪاڻي واپس وريا پوءِ به هنن کي پهچندي پهچندي 21 تاريخ ٿي ويئي. ادا پريم جيئن ئي گهر پهتو ته رائيس ملنگ ڪاپوريشن جي لاڙڪاڻي واري زونل مئنيجر، غلام نبي مغل صاحب جو ادا پريم لاءِ نياپو اڳواٽ ئي تيار رکيو هئو ته پهرين هو ساڻس ملي پوءِ رتوديرو وڃي!

    عوامي آواز سنڊي ميگزين 2 آگسٽ 2015
    ___
     
موضوع جو اسٽيٽس:
وڌيڪ جواب نه ٿا موڪلي سگهجن.

هن صفحي کي مشهور ڪريو