پروفيسر ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي جي آتم ڪٿا

'مقالا' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏30 مارچ 2015۔

موضوع جو اسٽيٽس:
وڌيڪ جواب نه ٿا موڪلي سگهجن.
  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,886
    ورتل پسنديدگيون:
    27,213
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    قسط 60

    اهڙيون قومون ئي ٻين لاءِ مثال بڻبيون آهن!

    ٻلديو مٽلاڻي


    ”موهن جو دڙو“ جي سياحت وڌائڻ لاءِ اُتان جو ايئرپورٽ کليو ته اُن پوري ايئرپورٽ لاءِ ”پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائنس“ (PIA) طرفان لاڙڪاڻه جي ڊاڪٽر روشن شيخ جي وڏي ڀاءُ نبي بخش شيخ صاحب کي اُها ايجنسي ملي. هن پهرئين ڏينهن کان ئي ڊاڪٽر روشن کان اسان جو سئوٽ ڄيٺانند مٽلاڻي گهري ورتو ۽ ائين ڄيٺو ڪمپائونڊر مان بدلجي ”موهن جو دڙو ايئرپورٽ“ جو اسٽيشن انچارج بڻجي ويو. هن پهرين پهرين ٽڪيٽ ذوالفقار علي ڀٽو صاحب جي نالي ڪڍي؛ جو ان کي موهن جو دڙو کان ڪراچيءَ وڃڻو هئو. انهن ڏينهن ۾ جيتوڻيڪ ڀٽو صاحب ايوب گورنمينٽ کي ڇڏي چڪو هئو؛ پوءِ به ڄڻ غير سرڪاري طور ذوالفقار علي ڀٽو کان ئي” موهن جودڙو“ ايئرپورٽ جو افتتاح ڪرايو ويو. ڄيٺو اها ٽڪيٽ ڪڍي ذوالفقار علي ڀٽو صاحب کي سندس لاڙڪاڻه واري گهر ۾ پاڻ وڃي ڏيئي آيو هئو. نبي بخش شيخ صاحب وارن هڪ ويگن به رکي هئي؛ جنهن ۾ روز صبح جو سوير سڀ گڏجي ويندا هئا. ڄيٺو اُتي ٽڪيٽنگ به سنڀاليندو هئو ته وائر ليس تي اُڏامندڙ هوائي جهاز جي پائلٽ کي وائرليس تي هوا جو داٻ ۽ ان جو رُخ وغيره پڻ ٻڌائيندو هئو ؛ جنهن لاءِ ان کي هڪ هفتي جي ٽريننگ لاءِ ڪراچي ايئرپورٽ تي پڻ گهرايو ويو هئو ۽ پي.آءِ.اي. طرفان کيس اُتان جي فائيو اسٽار هوٽل ”مڊ وي هائوس“ ۾ رهايو ويو هئو.

    انهن ڏينهن ۾ اسين ٻار هوندا هئاسين ته ڪيترا ڀيرا منوهر ۽ مان پڻ ڄيٺي سان گڏجي موهن جو دڙو ايئرپورٽ ڏانهن هليا ويندا هئاسين. صبح جو تقريبن 10:00 بجي ڪراچيءَ کان هڪ ”فوڪر فرينڊشپ“ ايئرڪرافٽ ايندو هئو؛ جنهن ۾ 52 ماڻهن جي ويهڻ جي جاءِ هوندي هئي. منجهند جو 4:00 بجي ساڳيو ئي ايئرڪرافٽ، راولپنڊي کان موٽنديٿوري دير لاءِ ” موهن جي دڙي“ تي اسٽاپ ڪري پوءِ ڪراچيءَ ويندو هئو. پهرين پهرين ته ”ڊيڪوٽا“ هئو؛ ايئرڪرافٽ هلايو ويو جنهن ۾ صرف 30 کن ماڻهو ويهي سگهندا هئا، پر جلد ئي پوءِ ان کي بدلائي ”فوڪر فرينڊشپ“ موڪليو ويو. هڪ ڀيري پاڪستان جو صدر ايوب خان لاڙڪاڻه جي وزٽ تي آيو ته ”پي.آءِ.اي.“ طرفان لاڙڪاڻه ۾ ڄيٺي به ايوب خان جو استقبال ڪيو. ان مهل ڄيٺو، صدر ايوب سان گڏ ٿورو ئي اڃا اڳيان وڌيو ته سيڪيورٽيءَ وارن ڄيٺي کي پٺيان رهڻ لاءِ چيو؛ تيسين پريس وارن پنهنجا فوٽو ڪڍي ڇڏيا هئا ۽ ايندڙ ڏينهن تي سڀني اخبارن ۾ جيڪو ايوب صاحب جو ”موهن جو دڙو“ ايئرپورٽ وارو فوٽو ڇپيو ته ان ۾ ڄيٺو ساڻس گڏوگڏ هلي رهيو هئو.

    مون مارچ 1967ع وارو ساليانو ايس.ايس.سي.(سائنس) امتحان پاس ڪري ورتو. هاڻ ٿوري گهڻي ميٿس به اچڻ لڳي هئي، ته مون گورنمينٽ ڪاليج، لاڙڪاڻه ۾ يارهون (سائنس) بائلاجي گروپ ۾ پڙهڻ جي خواهش ڏيکاري. ان لاءِ هڪ ڏينهن آءٌ پنهنجا سرٽيفڪيٽ کڻي، ادا پريم سان گڏ گورنمينٽ ڪاليج لاءِ داخلا وٺڻ نڪتس. اڃا جناح باغ کان به اڳ ڊاڪٽر روشن شيخ جي ڪلنڪ وٽ پهتاسين ته ادا پريم جو دوست هرگن بدلاڻي گڏجي ويو، جيڪو اسان وٽ ئي اچي رهيو هئو. ان کي جو خبر پيئي ته آءٌ يارهون (سائنس) لاءِ داخلا وٺڻ ٿو وڃان ته هن هڻي ڪم ئي پورو ڪري ڇڏيو. هن ادا کي چيو ته ”ابا! هيءُ سائنس ۾ ملي ئي ڪو نه سگهندو. سٺو آهي ته هن کي شام واري ڪامرس ڪاليج ۾ آرٽس لاءِ داخلا وٺي ڏجي!“ پوءِ ته ادا پريم به ان جي ڳالهين تي لڳي سچ پچ مونکي گهر واپس وٺي آيو ۽ ساڳئي ڏينهن شام جو ڪامرس ڪاليج ۾ داخلا وٺي به آياسين. يارهون (آرٽس) ۾ مون آپشنل سبجيڪٽس ۾ سوڪس، ايڪانامڪس ۽ سنڌي (اليڪٽو) کنيا هئا.

    هيڪر ڪاليج ۾ داخلا ورتي ته مون ”حق ميڊيڪل اسٽور“ تان نوڪري به ڇڏي ڏني ته جيئن صحيح نموني پنهنجي پڙهائيءَ کي ڌيان ڏيئي سگهان. هاڻ آهسته آهسته مونکي هر هڪ ٽيچر جو ليڪچر سمجهه ۾ اچڻ لڳو هئو. خاص طور ايڪانامڪس ۽ سنڌي (اليڪٽو) ڄڻ منهنجا پسنديده سبجيڪٽ بڻجي پيا. ايڪانامڪس، هڪ مهاجر شخص پڙهائيندو هئو؛ پر سمجهاڻي اهڙي ته بهترين هوندي هئس جو آرام سان سڀ ڪجهه سمجهه ۾ اچيو وڃي. سنڌي (لازمي) ۽ سنڌي (اليڪٽو) ٻيئي سبجيڪٽ سائين غلام حسين جوڻيجو ڪرائيندو هئو. سائين جوڻيجو صاحب جي وري سمجهاڻي اهڙي، جو شاه جي ڪهڙي به سورمي پڙهائي ته ان جو درد ڄڻ پهرين پاڻ محسوس ڪري ۽ پوءِ ان کي لفظ ڏيئي شعر جي معنيٰ تائين پهچي! سائين جوڻيجو صاحب پنهنجي فطرت جي پيشِ نظر پاڻ کي ”فقير“ سڏائيندو هئو. هن ۾ نياز ۽ نوڙت به ايڏي هوندي هئي جو ڪٿي رستي جي گڏجي ته شاگرد سان به ٿورڙو جهڪي ملي. اِهو سائين جوڻيجو صاحب جي صحبت جو ئي نتيجو هئو، جو مان به ان ڳالهه کي پسند ڪندي هڪ هڪ سان جهڪي ملندو هوس؛ پر پوءِ هندوستان ويس ته اُتي مجموعي طور ماڻهن جي سڀاءَ ۾ خاص طور ادب نواز طبقي ۾ خود غرضي ايڏي هئي، جو مونکي جهڪي ملندي ڏسن ته سمجهن منجهن منهنجو ڪو ڪم آهي! پوءِ ڪڏهن موهن ڪلپنا مونکي ڪجهه سمجهاڻيءَ واري نوع ۾ يا ٽو ڪندي بامبي (وي.ٽي.) اُسٽيشن تي هڪ ڀيري اهڙي نوڙت لاءِ روڪيو به هئائين. تڏهن مونکي سڌو ٿي بيهي ڪنهن سان به هٿ ملائيندي ڪيڏي تڪيلف ٿيندي هئي؛ ان جو ڪهڙو بيان ڪجي؛ بلڪل غير فطري عمل پيو لڳندو هئو!

    سائين غلام حسين جوڻيجو صاحب کان سنڌي سکندي علم ادب لاءِ چاه وڌندو ئي رهيو. هن جي سمجهاڻيءَ ۾ ايڏو ته تاثير هوندو هئو جو سائينءَ سان گڏ آءٌ به ڄڻ مواد جي گهرائيءَ ۾ گم ٿي ويندو هوس. سائينءَ جو گهر به اسان جي پاڙي ۾ جامع مسجد کان اڳ واري گهٽيءَ ۾ هوندو هئو. هن جي اسان سان شفقت ايڏي هوندي هئي؛ جو گهر ۾ به پڙهندي ڪجهه سمجهه ۾ نه اچي ته ”شاه جو رسالو“ ئي کڻي آءٌ سندس گهر هليو ويندو هوس. ڪيترا ڀيرا ته منجهند جي ٽائيم تي سائين جن ماني کائيندا هئا؛ به مونکي چوندا هئا ته ”تون پڙه! مان معنيٰ ٻڌائيندو ٿو هلان!“ ان مهل يا ته اسان ۾ ايڏي سمجهه ڪونه هئي يا سائين جن ايڏو ته پيار ڏيندا هئا؛ جو حجت ۾ اسين کين ماني کائيندي به تڪليف ڏيندا هئاسين؛ نه ته اڄ جيڪر ڪير پيسن تي ٽيوشن پاڙهي به مانيءَ دوران ڪتاب ئي پري رکي ڇڏي!

    اسان کي ٻارهون (آرٽس) ۾ سنڌي (لازمي) سائين الله بخش تنيو صاحب پاڙهيندو هئو. ان جي به سمجهاڻي ڏاڍي سٺي هوندي هئي. هڪ دفعي ليڪچر هلندي هن اسان سڀني شاگردن سان مخاطب ٿيندي چيو ته جيڪڏهن اهلِ ايمان هئڻ ناتي” قرآن پاڪ“ لاءِ تعظيم ضروري آهي ته هڪ سنڌي هئڻ ناتي هر هڪ گهر ۾ ”شاه جو رسالو“ هئڻ به ضروري آهي. هن وڌيڪ ڄڻ للڪار واري نموني چيو ته اسين سڀ پاڻ پڙهيل ڳڙهيل سنڌي شخص ٿا سڏايون؛ ڇا ڪنهن وٽ ”گلقند“ ۽ ”گل شڪر“ ڪتاب آهن! جيڪڏهن نه، ته پوءِ اسان کي سنڌي سڏائڻ تي به شرم اچڻ گهرجي. آءٌ ان ڏينهن ئي بندر روڊ تي واقع شفيع بوڪ اسٽور تان ”گلقند“ ۽ ” گل شڪر“ ٻيئي ڪتاب وٺي آيس. ”گلقند“ ۾ اصطلاح ۽ محاوره هئا ته ” گلش شڪر“ ۾ پهاڪا ڏنل هئا. سچ پچ ته انهن ٻنهي ڪتابن جو اڀياس ڪندي دل خوش ٿي ويئي باقي ڪهڙو به ”شاه جو رسالو“ ته مارڪيٽ ۾ موجود ئي ڪو نه هئو؛ جو ڊاڪٽر هوتچند گربخشاڻي صاحب پنهنجا ٽيئي جلد 1923ع، 1928ع ۽ 1931ع ۾ شايع ڪرايا هئا؛ جيڪي هاڻ درلڀ هئا ۽ هينئر صرف ڪلياڻ آڏواڻيءَ وارو بمبئي ڇاپو ئي ڪنهن ڪنهن وٽ موجود هوندوهئو؛ سو به جڏهن ڪير اُتان خاص ڪري گهرائي وٺي!

    ٻارهون (آرٽس) ۾ به ”سنڌي ”اليڪٽو“ مونکي سائين غلام حسين جوڻيجو صاحب ئي پاڙهيندو هئو. مان ان سبجيڪٽ ۾ شاگرد ئي اڪيلو هوندو هوس؛ ته ڪڏهن ڪڏهن سائين جوڻيجو صاحب ڪلاس کان ٻاهر نڪري شام جي ٿڌڙي هوا ۾ باغيچي ۾ ويهي مونکي پڙهائيندو هئو. پوءِ ڪابه ڪلاسيڪل شاعري پڙهائيندي جڏهن ”اناالحق“ جي تقليد واري معنيٰ ٻڌائيندو هئو ته ڪڏهن ڪڏهن پري کان ويٺل سائين الهه بخش تنيو صاحب رڙ ڪري چوندو هئو ته ”ائين ناهي“ پر ”اين الحق“ واري معنيٰ ئي واجب آهي!“ اهو ٻڌي سائين فقير صاحب به پنهنجي فطرت موجب تنيو صاحب کي هٿ جوڙيندو هئو ۽ مونکي ٻيئي معنائون ٻڌائيندي پنهنجي طرفان ”اناالحق“ واري فلسفي جي ئي تائيد ڪندو هئو.

    آمريڪا جي تنظيم ”ناسا“ طرفان چنڊ تي پهريون انساني راڪيٽ ”اپولو-11“ 16-جولاءِ 1969ع تي موڪليو ويو. ان ۾ ٽي ڄڻا هئا. نيل آرم اسٽرانگ، مائيڪل ڪولن ۽ ايڊون ايلڊرن اُن مشن، 16 کان 24 جولاءِ تائين تڪميل پاتي هئي ۽ انساني تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 21 جولاءِ 1969ع تي صبح جو 2:56 يونيورسل ٽائيم تي نيل آرام اسٽرانگ پنهنجو پهريون قدم چنڊ جي ڌرتيءَ تي رکيو هئو؛ جنهن کانپوءِ ٻيا هوائي خلاباز به چنڊ تي لٿا هئا. ان ساڳئي ڏينهن ئي اسان جو ٻارهين (آرٽس) جو ساليانه امتحان هلي رهيو هئو. اسان کي گورنمينٽ ڪاليج لاڙڪاڻه وارو سينٽر مليو هئو؛ منجهند جو ٽائيم هئو ۽ جولاءِ جي سخت گرمي هئي جو سموري دنيا چنڊ جي حاصلات تي خوشيون ملهائي رهي هئي. ڪيڏو نه عجيب ۽ خوبصورت اتفاق هئو؛ جو ويهين صديءَ جي ستين ڏهاڪي جي شروعات ۾ ئي آمريڪا جي مشهور و معروف صدر، جان ايف. ڪينيڊيءَ 1961ع ۾ آمريڪا جي ڪانگريس کي خطاب ڪندي چيو هئو، ته ” مونکي اعتماد آهي ته اسان جو ملڪ هن ڏهاڪي پوري ٿيڻ کان اڳ ئي چنڊ تي انسان جي پهچڻ ۽ اتان ڪاميابيءَ سان واپس موٽڻ جو عظيم مقصد حاصل ڪري وٺندو!“

    اهو آهي عزم جيڪو جان.ايف.ڪينيڊيءَ 1961ع ۾ ڏه سالن اندر ئي حاصل ڪرڻ لاءِ اظهار خيال ڪيو ته ملڪ اُن جي لفظن کي عملي روپ ڏيڻ لاءِ ٻه سال اڳ ئي اهو ٽارگيٽ اٺن ورهين ۾ حاصل ڪري ورتو هئو! اهڙيون قومون ئي ٻين لاءِ مثال بڻبيون آهن؛ جن جي راهن تي باقي انسان ذات به اڳيان هلي بلنديون ماڻيندي آهي!

    آءٌ پنهنجي هڪ دوست مظفر حسن جي صحبت ۾ ٻاهرين دنيا سان جيڪا خط و ڪتابت ڪندو هوس؛ ان سلسلي ۾ مون ”اپولو-11“ جي ٽنهي خلابازن جو گڏيل آٽوگراف فوٽو گراف پڻ گهرايو هئو. انهن ڏينهن ۾ منهنجي مٿان ٻاهرين ملڪن ڏانهن خط لکڻ ۽ وٽانئن جواب موصول ٿيڻ جو هڪ نشو سوار هوندو هئو. مونکي گهر مان جيڪا به خرچي ملندي هئي؛ اهي پيسا آءٌ ٽڪلين تي خرچ ڪندي ان قسم جا خط لکندو هوس ۽ اهڙي هر هڪ خط موڪلڻ سان ئي ان جي جواب جو انتظار شروع ٿي ويندو هئو. آءٌ ان شاگردانه دور ۾ به گهر ۾ باقاعده ”ڊسپيچ رجسٽر“ رکندو هوس؛ جنهن ۾ هر هڪ خط جي داخلا ڪندي پوءِ ئي ان کي پوسٽ ڪندو هوس، بعد ۾ جڏهن ان جو جواب ايندو هئو ته ان جي داخلا پڻ ساڳي لائين ۾ڪري ڇڏيندو هوس.

    هر روز منجهند جو گهر ۾ ٽپاليءَ جي اچڻ جو انتظار رهندو هئو. پوءِ ته مظفر، مان، حسيب ۽ اسان جهڙا ڪجهه ٻيا به ٻارڙا ”پوسٽ آفيس“ ۾ آفيس جي پٺيان سارٽنگ سيڪشن ٻاهران دريءَ وٽ وڃي بيهندا هئاسين ؛ پوسٽ مين کي اول ئي عرض ڪيل هوندو هئو ته جيئن ئي اسان جو ڪهڙو به خط ڏسن ته بنا دير جي اسان کي اُن دريءَ مان ئي ڏيئي ڇڏين. تڏهن اسين مختلف ملڪن کان انهن جي تاريخ، سياحت ۽ معيشيت تي ڪتاب؛ گهرائيندا هئاسين. الڳ الڳ ملڪن جي سربراهن توڙي جدا جدا ملڪن جي فلم اسٽارس سان خط و ڪتابت ڪندي کانئن آٽوگراف فوٽوگراف گهرائيندا هئاسين. سڀ کان وڌيڪ عزت جاپان، انگلينڊ، بيلجيم، ڪيناڊا، آسٽريليا، فرانس، جرمني ۽ ايران طرفان ڏني ويندي هئي. ايران جي بادشاه رضا شاه پهلويءَ ته ايران جو جهنڊو بهترين قسم جي پلش واري ڪپڙي تي انتهائي اوچي قسم جي ايمبرائڊريءَ ڪرائي موڪليو هئو؛ جو ائين پئي لڳو ڄڻ هڪ ملڪ جي بادشاه ڪنهن ٻئي بادشاه کي پنهنجو مراسلو موڪليو هجي! سعودي عرب جو بادشاه، شاه فيصل به هڪ عارضي آلبم اندر فوٽو وجهي صحيح ڪري موڪليندو هئو. برطانيا جي راڻي ايلزبيٿ ته ڏاڍا وڏا آرٽ پيپر تي ڪلر پوسٽر موڪليندي هئي؛ جن ما هڪ فوٽو ۾ رائل فيمليءَ جا سڀ فرد ڊيوڪ آف ايڊنبرا ۽ پرنس چارلس سان گڏ بڪنگهم پيليس جي باغيچي ۾ ڪڍايل فوٽوگراف ۾ بيٺا هئا. ريڊيو جپان (NHK) ٽوڪيو جي ڊئريڪٽر لکت ۾ موڪليو هئو ته منهنجو گهربل مواد وڌيڪ آهي؛ ان سب هنن مونکي ٽوڪيو اچڻ جي دعوت ڏني هئي ته جيئن اُتي روبرو منهنجي هر ضرورت پوري ڪيئي وڃي!

    فلم اسٽارس ۾ جيري ليوئس پنهنجو ڪجهه مهينن اندر ٿيندڙ شوٽنگ جو شيڊول موڪليو هئو ته جيڪڏهن مونکي ساڻس ملڻو هجي ته انهن ملڪن ۾ مان ساڻس شخص ملاقات ڪري سگهان ٿو. فرانس جي ڪاميڊين، ليوئس ڊي. فيونس جنهن ” فينٽومس“ ۾ مزاحيه هيرو جو رول نڀايو هئو؛ ان وري منهنجي انگريزي خط جو جواب پنهنجي فرينچ ٻوليءَ ۾ ڏنو هئو ۽ ڪجهه ايندڙ فلمن جا تفصيل پڻ ٻڌايا هئائين. وڏن فلمن اسٽارس ۾ گريگري پيڪ، ڊين مارٽن، چارلٽن هسٽن، فرينڪ ساترا، جولي اينڊريوز ۽ جيڪ ليمن پنهنجا آٽوگراف فوٽو موڪليا هئا. تڏهن زامبيا جي صدر ڪوانڊا کي جواهر لال نهرو اوارڊ سان نوازيو ويو هئو ته مون کانئس مبارڪباد ڏيندي فوٽو جي گهر ڪئي هئي، ته هن پنهنجي ئي فوٽوگراف مٿان لکي موڪليو هئو ته هو منهنجي آلبم ۾ پهچندي بيحد خوشي پيو محسوس پيو ڪري! هندوستان مان سنيل دت، بلراج ساهني، آشا پاريک، راج ڪپور ۽ مناڊي پڻ پنهنجا فوٽوگراف موڪليا هئا.

    محمد ايوب خان، جيڪو ٻين جنگ عظيم ۾ برٽش انڊين آرمي طرفان ڪنهن محاذ تي وڙهيو هئو، ان پاڪستان ٺهڻ سان 1947ع ۾ اتان جي ملٽريءَ ۾ ملازمت حاصل ڪري ايسٽ بنگال ۾ چيف ملٽري ڪمانڊر بڻيو هئو. بعد ۾ 1951ع دوران ان مهل جي وزيراعظم لياقت علي خان کيس ڪمانڊر-ان-چيف جي عهدي تي فائز ڪيو هئو؛ جڏهن ته سينيارٽيءَ جي حساب سان اڃا ايوب خان ڪجهه جونير ئي هئو؛ تڏهن ڪجهه اختلافات به ٿيا هئا. 1958ع ۾ صدر اسڪندر مرزا جڏهن مارشل لا لڳائي ته ان کي ايوب خان جي مڪمل تائيد حاصل هئي ۽ اسڪندر مرزاکيس ”چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر“ ڪري پڻ مقرر ڪيو هئو. پر صرف ويهن ڏينهن پوءِ ئي ايوب خان بغير ڪنهن انقلاب جي چپ چاپ اسڪندر مرزا کي ملٽريءَ جي زور سان صدارت جي عهدي تان ئي هٽائي ڇڏيو ۽ پاڻ پاڪستان جو ٻيون صدر بڻيو هئو. ان بعد هن جنرل موسيٰ خان کي ”آرمي چيف“ جي عهدي تي فائز ڪيو هئو.

    1965ع واري اليڪشن ۾ ايوب خان جڏهن قائداعظم محمد علي جناح جي همشيره فاطمه جناح کي هارايو هئو ته مٿس چونڊن ۾ ڌانڌلي ڪرائڻ جو الزام پئي لڳايو ويو؛ جنهن عمل ۾ ذوالفقار علي ڀٽو به ساڻس گڏ هئو ۽ انهن ڏينهن ۾ ته کيس ”ڊيڊي“ به ڪري سڏيندو هئو. پوءِ جلد ئي ذوالفقار علي ڀٽو، هڪ سوچيل سمجهيل رٿا هيٺ تاشقند ۾ ”ايوب-شاستري ملاقات“ دوران ”تاشقند ٺاه“ جي مخالفت ڪيئي ۽ 1967ع ۾ جڏهن ايوب خان کيس وزارت مان ئي هٽائي ڇڏيو ته هن پنهنجي هڪ الڳ نئين سياسي جماعت ” پاڪستان پيپلز پارٽي“ ٺاهي، ايوب خان مٿان اليڪشن جي ڌانڌلي ۽ تاشقند ٺاه جي خلاف ڳالهائيندي ايترو ته عوام ۾ هن لاءِ نفرت ڀري ڇڏي جو آخر 25 مارچ 1969ع تي ايوب خان ريڊيو تي عوام سان مخاطب ٿيندي بغير ڪنهن خون خرابيءَ جي اقتدار جنرل يحييٰ خان کي سونپي ڏنو؛ جنهن ملڪ ۾ ٻيو ڀيرو ”مارشل لا“ نافذ ڪري ڇڏي.

    يحييٰ خان اصل پشاور سان وابسته هئو ۽ ٻين جنگ عظيم ۾ نارٿ آفريڪا، عراق ۽ اٽليءَ واري محاذ تي ٿيندڙ لڙائي ۾ حصو پڻ ورتو هئو. آزاديءَ بعد هن ڪوئيٽا واري اسٽاف ڪاليج جي قائم ٿيڻ لاءِ چڱيون خدمات انجام ڏنيون هيون ۽ کيس 1966ع ۾ ايوب خان ”جنرل“ جو عهدو ڏيئي پاڪستان آرميءَ ۾ ڪمانڊر-ان-چيف پڻ بڻايو هو. يحييٰ خان 25 مارچ 1969ع تي ”مارشل لا“ لڳائنيدي ان جو ايڊمنسٽريٽر بڻيو ته صرف هڪ هفتو پوءِ 31 مارچ تي پاڻ ئي صدارت جي عهدي تي پڻ فائز ٿي ويو.

    يحييٰ خان ڪجهه ڪجهه بهترين اخلاق جو مالڪ هئو ۽ ٻين فوجي جنرل جيان پاڻ کي الله پاڪ طرفان موڪليل پاڪستان جو دائمي سربراه سمجهڻ بجاءِ هن جلد ئي 29 مارچ 1970ع تي هڪ آرڊيننس ذريعي عارضي آئين ٺاهيندي ڊسمبر 1970ع ۾ بلڪل آزادانه اليڪشن ڪرائڻ جي انائونسمنٽ ڪيئي. 70-1969ع واري تعليمي سال دوران آءٌ ڪامرس ڪاليج، لاڙڪاڻه ۾ ”بي.اي.“ جو پهريون سال پڙهندو هوس؛ جنهن لاءِ مون انگريزي ۽ سنڌي لازمي سبجيڪٽس کانسواءِ ”ايڪانامڪس“ ۽ ”سنڌي اليڪٽو“ کنيا هئا. هاڻ آهسته آهسته منهنجو پڙهائي جو شوق پروان چڙهندو رهيو؛ جو روز ڪاليج جا ڪلاس ته شام جو اٽينڊ ڪندو ئي هوس. پر صبح جو پڻ ڪتاب کڻي وڃي جناح باغ يا گيان باغ ۾ پڙهائي ڪندو رهندو هوس، ان سال ڪاليج جي اسٽوڊنٽس يونين واري اليڪشن لاءِ هڪ اميدوار هئو اعجاز سومرو؛ جيڪو لاڙڪاڻه ۾ نئون شهر طرف رهندڙ هئو. ڪاليج ۾ رهندي ان سان ڪجهه ويجهڙائپ وڌي ته هن ”وائيس پريزيڊنٽ“ لاءِ اليڪشن ۾ بهرو ورتو؛ جنهن ۾ مون پڻ هن جي زبردست مدد ڪيئي هئي. روز رات جو اسين گڏجي لاڙڪاڻه جي ٿڌ باوجود ۾ شاگردن جي لسٽ کڻي ، سندن گهرن ۾ وڃي انهن شاگردن کي ووٽ لاءِ چوندا هئاسين. ان جي مقابلي ۾ عزيز ڀٽو بيٺو هئو، جيڪو منهنجي سيڪنڊري اسڪول واري مانيٽر حسين بخش ڀٽو جو وڏو ڀاءُ هئو. هيءَ پهرين اليڪشن هئي، جنهن ۾ مون کليو کلايو دل کولي اعجاز سومرو لاءِ ورڪ ڪيئي هئي. پر جڏهن رزلٽ آيو ته اعجاز ڪجهه ئي ووٽن تان هارايو هئو ۽ عزيز ڀٽو کٽي ويو هئو. اليڪشن هارائڻ کانپوءِ هڪ ڏينهن مونکي احساس ٿيو ته اعجاز مون ۾ ئي غلط نظرون وجهيو ويٺو هئو؛ پوءِ ته مون ان سان ملڻ به ڇڏي ڏنو. هو سمجهي ويو ته مان ان قسم جو ماڻهو ئي ناهيان ۽ هيڪر گهر ۾ سڏ ڪرڻ آيو ته مون اُتي موجود هوندي به جواب ڪونه ڏنو ۽ ايئن هميشه هميشه لاءِ کانئس ڪنارو ڪري ڇڏيو. جڏهن ته عزيز ڀٽو، جنهن جي مون اليڪشن دوران مخالفت ڪئي هئي؛ اهو اليڪشن کٽڻ کانپوءِ به هميشه مون سان خوش مزاجيءَ سان پيش ايندو هئو ۽ هن جي سٺي روش سبب مونکي سندس مخالفت ڪرڻ واري گناه جو احساس ٿيندو هئو!

    عوامي آواز سنڊي ميگزين 29 مئي 2016
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,886
    ورتل پسنديدگيون:
    27,213
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    قسط 61
    مون کي دماغ ۾ خلل آهي! سُئي به مٿي ۾ هڻ!
    ٻلديو مٽلاڻي

    لاڙڪاڻه ۾ اسان جي گهر جي اوڀر ۾ بلڪل ئي سامهون مليح آباد(يو.پي.) کان آيل ولي صاحب جو گهر هوندو هئو؛ جنهن جا ٻه پٽ آصف ۽ حسيب منهنجا ٿورو گهڻو دوست هوندا هئا. ولي صاحب جي گهر واري لاڙڪاڻه جي عورتن ۾ چڱو ئي سرگرم هوندي هئي ۽ هر سال جناح باغ ۾ جيڪا عورتن لاءِ مينابازار لڳندي هئي؛ ان جي منتظمين ۾ هن جو چڱو رول هوندو هئو. ان مهل اسان جي اهڙي عمر هئي، جو نه ته ٻارن ۾هئاسين ۽ نه وڏن ۾ شمار ٿيند هئاسين. ان عمر ۾ جيڪڏهن اڪيلو وڃجي مينابازار وارا ٽڪيٽ تي به داخل ٿيڻ ڪونه ڏي! تڏهن آءٌ ڪيترا ڀيرا حسيب سان گڏ سندس والده جي جيپ ۾ منجهند جو 12:00 بجي کن اوڏانهن مينابازار ۾ ويندو هوس؛ جو ان مهل ئي اڃا اسٽال سجايا ويندا هئا. حسيب جي والده سان وڃي جيپ تي لههُ ته مينابازار وارا روڪيندا به ڪونه هئا ۽ ٽڪيٽ به ڪونه لڳندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن آصف به هلندو هئو. پوءِ اُتي اسين شام جو دير تائين مينابازار جي گهماگهميءَ ۾ مست رهندا هئاسين. اسان ٻارن جي نيت خراب ڪونه هوندي هئي؛ پوءِ به ڇوڪرين سان گڏ رهندي ڏاڍو سٺو لڳندو هئو.

    هڪ ڀيري آصف چيو ته ”هڪ اسٽال تي گيم رکي آهي؛ اچ ته اها کٽي اچون!“ مون پڇيومانس ته اها وري اهڙي ڪهڙي راند آهي جو توکي کُٽڻ جي پڪ ئي آهي. پوءِ جو وڃي ڏسان ته ان اسٽال تي بليڪ بورڊ تي ڪجهه عجيب شڪليون ۽ ڪجهه گراف ٺاهيل هئا؛ جتي وچ تي ڪٿي هڪ جاءِ تي چاڪ سان ٽارگيٽ ٺاهيل هئو؛ راند کيڏندڙ کي اکين تي ڪاري پٽي ٻڌي بلڪل ان ئي ٽارگيٽ واري جاءِ تي ڪلپ لڳائڻي هئي؛ جيڪڏهن صحيح جاءِ تي ڪم ٿيو ته گفٽ ملڻي هئي؛ نه ته پيسا به ڇُٽا! اُتي ڏٺوسين ته اها گيم ايڏي ته ڏکي هئي ۽ ڇوڪريون اهڙو ته زور سان اکين تي پٽي ٻڌي رهيون هيون؛ جو ماڻهو ڏينهن ڏٺي جو به ڄڻ ڌرتيءَ کان ڪوهين دور اهڙو ته خلائن جي اونداهي دنيا ۾ پئي پهچي ويو؛ جو اُهو ٽارگيٽ ته ڇڏ؛ پهرين ته بورڊ جي ڪهڙي ڇيڙي تي هٿ آه؛ اُها به خبر ڪو نه پئي پيئي ۽ سڀ جو سڀ هارائي رهيا هئا!

    آصف ڇا ڪيو، جو مون کانسواءِ حسيب کي به وٺي هليو، جنهن کي مون سان گڏ آصف جي بلڪل پٺيان بيهڻو. مونکي چيائين، ته تون منهنجي پُٺيءَ تي آهسته آهسته آڱر گهمائجانءِ؛ مان سمجهي ويندس ته مونکي ساڄي، کاٻي، هيٺ، مٿي؛ ڪيڏانهن وڃڻو آه. ائين ڪندي ڪندي جيئن ئي منهنجو هٿ بلڪل ٽارگيٽ وٽ اچي بيهي ته بلڪل اُن جاءِ تي ٿورو زور ڏجانءِ ته مان اُتي ئي ڪلپ چڀائي ڇڏيندس. حسيب به مون سان گڏ آصف جي پٺيان ان لاءِ بيهڻو هئو ته جيئن ٻين کي خبر ڪونه پوي ته اسان ڪا به بدمعاشي ڪري رهيا آهيون!

    پوءِ ته سائين مان اصل آصف کي آڱر سان اهڙا اشارا پئي ڏنا جو هر ڀيري آصف اُها راند کٽي ئي رهيو هئو! آصف جي چوڻ تي هڪ دفعو مون اها راند ڪيئي. اُهي اسٽال واريون ڇوڪريون اڳ ئي منجهيون پيون هيون ته هيءَ ڇا ٿي رهيو آهي؛ ڪيترا ڀيرا به زور سان پٽي پئي ٻڌائون تڏهن به آصف کٽي ئي رهيو هئو! پوءِ جڏهن مون کيڏڻ شروع ڪيو، ته هنن ڪجهه چين جو ساه کنيو ته هن جزا مان ته جان ڇٽي! وري جو آصف مونکي به پٺيان آڱر سان هدايتون ڏيندو رهيو ۽ مون به پهرين ئي راند کٽي ورتي، ته انهن ڇوڪرين مونکي گفٽ ته ڏني؛ پر رڙيون ڪري رهيون هيون ته اوهان ڏسي ڪيئن رهيا آهيو! پوءِ ته حسيب به پئي کيڏڻ چاهيو. پر انهن ڇوڪرين نه صرف ان کي کيڏڻ ڪو نه ڏنو بلڪه ويچاريون ورئيندي پٽيندي پنهنجو اسٽال ئي بند ڪري هليون ويون!

    4-جنوري 1966ع تي تاشقند (روس) ۾ اليڪسي ڪوسيجن جي وچ ۾ پوڻ سبب هندوستان جي وزير اعظم لال بهادر شاستري ۽ پاڪستان جي صدر محمد ايوب خان وچ ۾ هڪ ٺاه قرار پايو؛ جتي گڏيل قومن، آمريڪا ۽ روس طرفان ڀارت تي دٻاءُ آندو ويو ته اُهو پاڪستان جي سموري قبضي ڪيل ايراضي واپس ڪري ۽ ڪشمير ۾ پڻ 1949ع واري جنگ بندي لائين ڏانهن موٽي وڃي. ان معاهدي ذريعي اها اميد پئي ڪئي ويئي ته برصغير ۾ ديرپا امن قائم ڪرڻ ۾ هٿي ملندي. ان قرارنامي ۾ چيل هئو، ته ڀارت ۽ پاڪستان ٻيئي ملڪ آگسٽ واري جهيڙي کان اڳ واري پوزيشن تي 25 فيبروري 1966ع تائين موٽي ويندا؛ ٻيئي ملڪ هڪٻئي جي اندورني مسئلن ۾ دخل اندازي ڪونه ڪندا، ٻيئي ملڪ پنهنجا معاشي ۽ ڊپلوميٽڪ تعلقات بحال ڪندا؛ هڪٻئي کي جنگي قيدي موٽائي ڏيندا ۽ ٻيئي سربراه باهمي تعلقات کي سڌارڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندا.

    ”تاشقند ٺاه“ جي هندوستان ۾ سخت مخالفت ڪئي ويئي؛ جو ان ۾ ”جنگ نه ڪرڻ“ جو اقرارنامو توڙي ”ڪشمير ۾ گوريلا جنگ نه ڪرڻ“ بابت ڪجهه به نه چيل هئو. ” تاشقند ٺاه“ کي اڳتي وائيندي 1 ۽ 2 مارچ 1966ع تي ٻنهي ملڪن طرفان وزارتي سطح تي ملاقات ڪئي ويئي؛ پر ڪو به خاطر خواه نتيجو نه نڪري سگهيو. اهي ملاقاتون پوءِ به ٿينديون رهيون پر ڪجهه به هڙ حاصل نه ٿيو. ان وچ ۾ هڪ سوشو ڇڏيو ويو ته جنگ بنديءَ مهل پاڪستان کٽڻ جي پوزيشن ۾ هئو؛ جنهن سان اُتان جي عوام کي به هڪ جهٽڪو پئي لڳو. وڌيڪ خراب ڳالهه اها ٿي، جو ايوب خان عوام کي اعتماد ۾ وٺڻ لاءِ ڪابه ڪوشش ئي ڪانه ڪيئي. ان جي بجاءِ هن 14 جنوري 1967ع تي عوام کي خطاب ڪندي ڪجهه ڳالهين جي وضاحت ڪيئي ۽ پوءِ جلد ئي ذوالفقار علي ڀٽو کي وزارت مان ئي بي دخل ڪري ڇڏيو.

    ان بعد ذوالفقار علي ڀٽو پوري ملڪ جو دورو ڪندي پنهنجي هڪ جدا سياسي جماعت، ”پاڪستان پيپلز پارٽي“ ٺاهي! ايوب خان عوام جيتوڻيڪ کي اعتماد ۾ وٺي پئي سگهيو؛ پر ائين نه ڪرڻ سبب هن کي زبردست سياسي هاڃو رسيو ۽ آهسته آهسته هن جو زوال شروع ٿي ويو.

    13 ڊسمبر 1966ع تي ادا پريم جي شادي ٿي؛ ان مهل لاڙڪاڻه ۾ سخت سيءُ پئي پيو. اَسُر جو سوير ئي ادا جي ڏِک جي رسم ادا ٿي هئي؛ جنهن لاءِ گهوڙيءَ واري کي پڻ سوير ئي گهرايو هئوسين ته جيئن پرڀات کان اڳ ئي اها رسم ادا ڪئي وڃي. بعد ۾ شاديءَ جي تقريبات لاءِ اسين هڪ بس ۽ ٽن جيپن ۾ ڄڃ کڻي سکر ڏانهن وياسين؛ جتي گهنٽا گهر وٽ ”حفيظ سنيما“ جي ڀر ۾ ڌرمشالا اندر ئي اُها شاديءَ جي رسم ادا ڪئي ويئي. منجهند جو اُس جي تڙڪي تي اُهي سڀ تقريبات انجام پايون، پوءِ اسين ادا پريم جي شريڪِ حيات، ڀاڀي دروبديءَ کي به وٺي شام جو لاڙڪاڻه موٽي آياسين.

    منهنجي اسڪولي دور ۾ ئي وئڪيشن دوران آءٌ ڀاءُ ڄيٺانند جي دوست بشير احمد شيخ وٽ ”رائل ميڊيڪل اسٽور“ تي ميڊيڪل اسٽور جو ڪم سکڻ لاءِ وڃڻ لڳو هوس. اُتي ادا بشير ۽ سندس ننڍو ڀاءُ شبير بلڪل پنهنجن جيان ئي هلندا هئا. هيل تائين ته اسين ٻارن جيان صرف پنهنجي پاڙي ۾ ئي سڃاتا ويندا هئاسين؛ پر هاڻ روز ”رائل ميڊيڪل اسٽور“ تي وڃڻ سبب ادا بشير احمد جا دوست پڻ آهسته آهسته سڃاڻڻ لڳا. آءٌ اُتي به دل سان ڪم ڪندو هوس. دوڪان جي صفائي هجي يا گرميءَ جي ڏينهن ۾ نٽهڻ اُس هجي، آءٌ ٻلٽي کڻي لاڙڪاڻه ريلوي اسٽيشن تي اولهه واري طرف ” پارسل آفيس“ مان دوائن جا پارسل ڇڏائي ايندو هوس. اهو سڀ ڪم ڪندي هڪ قسم جي خوشيءَ جو احساس ٿيندو هئو. تقريبن ٻه مهينا کن ادا بشير احمد وٽ ”رائل ميڊيڪل اسٽور“ تي ويندو رهيس؛ پوءِ وري اسڪول کليا ته واپس پنهنجي پڙهائيءَ ۾ لڳي ويس.

    هتي هندوستان ۾ ڏهون درجو ”ايس.ايس.سي.“ تائين سمورن شاگردن کي سڀ سبجيڪٽ پڙهڻا پوندا آهن؛ پر انهن ڏينهن ۾ سنڌ ۾ نائون ۽ ڏهون درجو ٻيئي انٽيگريٽييد هوندا هئا ۽ ٻنهي سالن جون مارڪون گڏي ڪري ڪلاس ڏنو ويندو هئو. جڏهن ته هتي مهاراشٽرا ۾ نائون درجو اسڪول حوالي هوندو آهي ۽ صرف ڏهون درجو ئي ”ايس.ايس.سي.“ طور ”سيڪندري ۽ هائر سيڪنڊري بورڊ“ سنڀاليندي آهي. 66-1965ع دوران نائين درجي ۾ پهچندي آءٌ جڏو هوندي به اعليٰ تعليم جو شوق هئڻ سبب ”سائنس“ فيڪلٽيءَ جي چونڊ ڪيئي ۽ آپشنل سبجيڪٽ ۾ بائلاجيءَ بدران فزيالاجي هائيجن کنئي؛ باقي ميٿس سڀني لاءِ لازمي هوندي هئي.

    مونکي ”ميٿس“ سبجيڪٽ جو ڪو نه ايندو هئو، ته ان کي منهن ڏيڻ لاءِ مون پنهنجي ئي هڪ عزيز سخاوت گرباڻيءَ کان الله جي نالي تي ٽيوشن وٺڻ شروع ڪيئي. سخاوت، حيدرآباد مان آٽوموبائيلس ۾ ٽن سالن واري ڊپلوما ڪري آيو هئو؛ پر لاڙڪاڻي ۾ ان قسم جي ڪابه فيڪٽري ئي ڪو نه هئي ته هو ڪابه نوڪري نه ڪندي پنهنجي والد مينگهراج گرباڻيءَ کي زمينون سنڀالڻ ۾ سهايڪ هوندو هئو. هنن جو گهر حبيب بئنڪ وٽان اوڀر طرف جيلس بازار ڏانهن ويندڙ هڪ سنهڙي گهٽيءَ ۾ هوندو هئو؛ جتي وڃي آءٌ ساڻس ارٿميٽڪ ۽ آلجبرا سکندو هوس. هن کي سمجهائڻ جو به سٺو ڏانءُ هوندو هئو ۽ هيڪر ڳالهه سمجهه ۾ اچڻ لڳي ته پوءِ مزو پيو ايندو هئو. مون ائين سائينءَ جي مهر سان مارچ 1967ع ۾ ڏهين درجي جو ساليانو امتحان ڏنو.

    جيسين اسان جي سالياني امتحانن جو نتيجو اچي؛ تيسين تقريبن ٻن مهينن جي اسان کي موڪل مليل هئي. ان ڪري وقت سجايو ڪرڻ لاءِ مون ڊاڪٽر امان الله سومرو وٽ ڪمپائونڊري سکڻ شروع ڪئي. اهو ڪم به مون ايترو ته جلدي هٿ ڪري ورتو؛ جو سُئي هڻڻي هجي به ڪيترا مريض ڪوشش ڪري مون کان هڻائيندا هئا. ڊرسنگ ڪرڻ، مڪسچر ٺاهڻ، ٽيسٽ ٽيوب ۾ يورِن وجهي گرم ڪري رنگ بدلجڻ سان ڊاڪٽر صاحب کي ڏيکارڻ؛ هر هڪ ڪم لاءِ خود ڊاڪٽر امان الله پڻ مونکي ترجيح ڏيندو هئو. ايتري قدر جو جيڪڏهن کيس ڪيڏانهن ڪنهن ڳوٺ ۾ مريضن ڏانهن وڃڻو هوندو هئو؛ ته به پاڻ سان گڏ ڪمپائونڊر طور مونکي ئي وٺي هلندو هئو.

    هڪ ڀيري ڏاين گرمين واري زماني ۾ ڊاڪٽر صاحب هڪ شام جو شهر کان ٻهر کليل هوا ۾ چڪر هڻڻ لاءِ مونکي به ڪار ۾ ٻيڙو چانڊيو طرف وٺي هليو؛ جتي ڪنهن ڳوٺ جي زميندار کي کيس ڏسڻو هئو. اُتي جو پهتاسين؛ ته چيو ائين پئي ويو ته ان زميندار کي ڪجهه ڪجهه پاڳل پن جو دورو پوندو هئو. جيتوڻيڪ ظاهري طور پڻ اهو زميندار ڊاڪٽر امان الله صاحب توڙي مون سان انتهائي عزت سان پيش اچي رهيو هئو؛ پر ڊاڪٽر صاحب جي چوڻ تي جڏهن مون کيس انجيڪشن هڻڻ لاءِ سُئي تيار ڪري سندس ٻانهن ۾ هڻڻ چاهي ته هو بيحد سمجهداريءَ جو مظاهرو ڪندي مونکي چئي رهيو هئو ته ”ديوان! مونکي دماغ ۾ خلل آه! سُئي به مٿي ۾ هڻ ته ڪو فائدو پوي!“ اهو ٻڌي مان ته ڪجهه ڪجهه گهٻرائجي ويس؛ پر ڊاڪٽر صاحب اشاري سان منهنجي همت وڌائي ۽ پوءِ سچ پچ به هن همراه ڪا مزاحمت ڪو نه ڪيئي!

    هڪ ٻئي دفعي وري ڪنهن ڳوٺ ۾ ڊاڪٽر امان الله مونکي وٺي هليو ته ان زميندار پنهنجي علاج لاءِ هڪ مهل ئي ٻه ٻه ڊاڪٽر گهرايا هئا؛ ڊاڪٽر امان الله سومرو ۽ ڊاڪٽر طفيل احمد صديقي. اُتي به ڊاڪٽر امان الله جي سهايڪ طور مون فٽافٽ ٽيسٽ ٽيوب ۾ يورِن گرم ڪري ورتو ۽ ڪمپائنڊر جون ٻيون خدمات به انجام پئي ڏنيون ته مون محسوس ڪيو ته ڊاڪٽر طفيل صاحب جيڪو پاڻ سان گڏ ڪوبه ڪمپائونڊر ڪونه وٺي آيو هئو ۽ گهڻو اڳ خود مان پاڻ به مريض طور ان کي ئي ڏيکاريندو هوس؛ ته اُتي پڻ هن جي ڪمپائونڊر طور مان ئي خدمت انجام ڏيئي رهيو هوس؛ جنهن سان مونکي بيحد اطمينان پئي محسوس ٿيو!

    هڪ دفعي هڪڙي پٺاڻ کي نڪ تي ڪنهن ڪهاڙي وهائي ڪڍي هئي؛ جنهن سان سندس نڪ تي هڪ وڏو چيرُ اچي ويو هئو. اهو پٺاڻ سڌو ئي ڊاڪٽر امان الله وٽ علاج ڪرائڻ آيو. ڊاڪٽر صاحب ان ڦاڙ کي بند ڪرڻ لاءِ ٽاڪا هڻڻ کان اڳ سندس اُهو حصو سن پئي ڪرڻ چاهيو ته جيئن اُهي ٽاڪا لڳندي کيس سورُ ڪونه ٿئي! پر اُهو پٺاڻ ايڏو ته ڪو بهادو هئو؛ جو هن ڊاڪٽر کي چيو، ته ” ڊاڪٽر صاحب! مين پٺان هون، آپ ايسي هي ٽاڪي لڳائين، مجهي درد نهين هوگا!“ پوءِ ڊاڪٽر صاحب کي بغير نشو ڏيندي ئي اهي ٽڪا لڳايا. همراه واقعي ئي چپ ڪيو ويٺو هئو ڄڻ سئٽرزلينڊ جي هڪ شاندار سين ڏسندو هجي! اڃا به ڊاڪٽر ويچارو ڪجهه وڌيڪ ئي خيال ڪري رهيو هئو ته جيئن کيس گهڻو سور نه ٿئي! ان لاءِ تڪڙ ڪندي هن هڪ جاءِ تي سندس نڪ جي کل ٿورو هڪٻئي جي مٿان چاڙهي ڇڏي! پو جڏهن اهو پٺاڻ علاج ڪرائڻ کانپوءِ هليو ويو ته ڊاڪٽر پنهنجي ان غلطيءَ جي قبوليت ڪندي مونکي چيو ته ان پٺاڻ کي گهڻو سور نه ٿئي ان لاءِ تڪڙ ڪندي ٿوري غلطي به سرزد ٿي ويئي! پر همراه پٺاڻ ته ايڏو ڪو واقعي ئي بهادر هئو جو ڇا ڳالهه ڪجي!

    انهن گرمين ۾ هڪ ڏينهن ”عيد“ جو مبارڪ ڏينهن آيو، ته ڊاڪٽر امان الله مونکي به پنهنجي گهر گهرايو هئو؛ جتي هن جا ڪجهه ٻيا دوست به آيا هئا. تڏهن مون اُتي منجهند جي ماني به کاڌي ته ڊاڪٽر صاحب جي دوستن سان ڪچهريءَ جو فيض به پئي مليو. ڏاڍو سٺو لڳي رهيو هئو. تڏهن ڊاڪٽر امان الله جو ننڍو ڀاءُ اڪبر سومرو اڃا لياقت ميڊيڪل ڪاليج ۾ ”ايم.بي.بي.ايس.“ پڙهندوهئو. ائين ڊاڪٽر صاحب ته گهر جو هڪ هڪ فرد؛ خود سندس شريڪِ حيات پڻ مونکي ڄڻ ننڍي ڀاءُ جيان پيار ڪندي هئي!

    هڪ ڏينهن ڊاڪٽر امان الله مونکي اوچتو چيو، ته مان ڪلنڪ سان لڳولڳ سندس والد صاحب جي ميڊيڪل اسٽور تي ڪم ڪيان؛ جتي هو مونکي -/50 روپيه ماهوار پگهار به ڏيندو. پر مونکي ڪا نوڪري ته ڪرڻي ڪو نه هئي ۽ مان ته صرف ڪمپائونڊري سکڻ ويو هوس؛ سو منهنجي طرفان ان لاءِ ٿورو به اعتراض وٺڻ تي هن چيو ته سندس والد صاحب جي خواهش آهي ته صرف اهو ڇوڪرو ئي کپي! اهـڙي صورت ۾ پوءِ ته مان انڪار ئي ڪو نه ڪري سگهيس.

    ”امان ميڊيڪل اسٽور“ ڊاڪٽر صاحب پنهنجي والد صاحب کي مصروف رکڻ لاءِ کوليو هئو؛ پر اُتي دوائون وغيره ڏاڍيون گهٽ رکيل هونديون هيون. ان لاءِ اُتي گراهڪ نظر ئي ڪو نه ايندو هئو ۽ سمورو ڏينهن هڪ هنڌ ويٺي ويٺي بوريت پئي ٿيندي هئي؛ وري جيڪڏهن ڪو گراهڪ هڪ چٺي کڻي به ايندو ته سندس گهربل چار دوائن مان ٻه هونديون ته ٻه هونديون ئي ڪو نه هيون. مان وري پنهنجي دوڪان جي ڀلي لاءِ گراهڪ کي اُتي جو اُتي بيهاري چٺي کڻي جو وٺي ڊڪ ڀريندو هوس ته تڪڙ ۾ ٻه چار ميڊيڪل اسٽورس ڏسندو ويندي ادا بشير احمد شيخ وٽان ” رائل ميڊيڪل اسٽور“ تان به ٿي ايندو هوس ته جيئن اُهي چار ئي دوائون پوريون ڪري گراهڪ کي ڏيئي سگهجن. ان سان هڪ ته ٻين دوڪانن تان ورتل دوائن تي به 6 سيڪڙو ڊسڪائونٽ ملندو هئو ۽ دوڪان کي آمدني ٿيندي هئي ۽ ٻيون ته ميڊيڪل اسٽور تي تي ڪجهه سيل ٿيندي هئي. پر ائين ڪندي مان مهينو ٻه ئي مس ڪڍي گهيس. صبح جو روز سوير ڊاڪٽر صاحب جي گهران وڃي چاٻيون کڻي اچي ميڊيڪل اسٽور کوليندو هوس. جيستائين دوڪان جي صفائي وغيره ڪري وٺندو هوس ته پوءِ ڊاڪٽر جو والد صاحب به پهچي ويندو هئو ۽ پوءِ صرف ٻيئي ڄڻا چپ ڪيو ويٺا هوندا هئاسين. نه ته هنن کي دوائن رکڻ جي ڪا خواهش هئي ۽ نه ئي دوڪان هلائڻ هنن جو مقصد هئو! ان لاءِ آخر هڪ ڏينهن مجبور ٿي اهڙي بوريت کان جان ڇڏائڻ لاءِ مون ڊاڪٽر امان الله سومرو صاحب جي خواهش باوجود به اها ميڊيڪل اسٽور واري نوڪري ڇڏي ئي ڏني!

    پوءِ وري ڪيترن ڏينهن کانپوءِ ” امان ميڊيڪل اسٽور“ سامهون ئي ڪنڊ تي هڪ مهاجر جو دوڪان هوندو هئو ”حق ميڊيڪل اسٽور“؛ ان وٽ هڪ گجراتي ملازم سمورو ڪم هلائيندو هئو؛ جيڪو منهنجي پڻ چڱي عزت ڪندو هئو. هنن کي ”اسپرٽ“ جي پرمٽ مليل هوندي هئي ۽ هڪ ڏينهن ان گجراتي شخص حيدر کي ڀرسان ئي گودام ۾ ڊرم مان اسپرٽ جون بالٽيون ڀرڻ ۾ مون مدد پئي ڪيئي ته هن پڻ مونکي ”حق ميڊيڪل اسٽور“ تي باقائده ڪم ڪرڻ لاءِ چيو ۽ 50 بجاءِ 70 روپيه ماهوار ڏيڻ جي آڇ ڪيئي. بعد ۾ مون اُتي به ڪم ڪيو. اهو مالڪ پڻ بيحد ئي شفيق شخص هوندو هئو. ڪڏهن ڪڏهن موڪل واري ڏينهن پنهنجي زمينن تي گهمائڻ به وٺي هلندو هئو. پر پوءِ مون محسوس ڪيو ته مونکي پنهنجي پڙهائيءَ ڏانهن پورو ڌياڻ ڏيڻ گهرجي؛ ان لاءِ جيئن ئي ڪاليج کليا ته جيتوڻيڪ ”حق ميڊيڪل اسٽور“ جو مالڪ مونکي اها سهوليت ڏيڻ لاءِ به تيار هئو ته مان هر روز اُتان شام جو سوير ئي لهي وڃان ۽ ڪامرس ڪاليج واري شام جي شفٽ ۾ ليڪچر اٽينڊ ڪريان؛ پر مون کانئس پيرين پيئي دعائون وٺندي موڪلايو!

    عوامي آواز سنڊي ميگزين 5 جون 2016ع
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,886
    ورتل پسنديدگيون:
    27,213
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    قسط 62
    جيڪڏهن مينهن پئجي وڃي ته!
    ٻلديو مٽلاني

    سونهاري سنڌ ۾ لاڙڪاڻه جي سرزمين ادب ۽ ٻوليءَ لاءِ بيحد سازگار هوندي هئي. اهو ئي سبب هئو جو اُتي هر سال سرڪاري سطح تي هڪ وڏي ادبي ڪانفرنس منعقد ڪئي ويندي هئي. اسان ٻارڙن کي ان جو فيض اهو مليو، جو اُتي اسانجي پاڙي ”جاڙل شاھ محله“ ۾ سيد خادم حسين شاھ جي گهر ۾ هرهڪ مهيني جي پهرئين آچر تي هڪ ادبي ڪچهري ٿيندي هئي؛ جتي ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد ”سنڌي“، محمد بخش منجون ۽ ٻيا ڪيترائي بزرگ اديب ايندا هئا. جڏهن ته نوجوانن ۾ ڀاءُ اختر جانوري، ادا پريم مٽلاڻي ۽ آءٌ پڻ ويندا رهندا هئاسين. اسين ادب ڏانهن مائل ٿيندي پنهنجون ڪچيون ڦڪيون تصنيفات اُتي وڃي پڙهندا هئاسين ۽ بزرگ اديب انتهائي شفي نگاه سان انهن جو جائزو وٺندي هر هڪ سٺي ڳالهه جي دل کولي ساراه ڪندا هئا ۽ ڪا گهٽ وڌائي اُن جي حل سوڌو پڻ ائين بيان ڪندا هئا جو ڪهڙو به سيکڙاٽ اها تنقيد ٻڌي ماڳهين ئي ميدان ڇڏي ڀڄي نه وڃي!

    انهن ڪچهرين مان نه صرف سکڻ لاءِ ملندو هئو؛ پر ان ادبي ماحول جو لطف اسانجي پوري شخصيت تي هڪ بهترين اثر ڇڏيندو هئو ۽ ان سان گڏوگڏ انهن اعليٰ اديبن جي محبت جو فيض پڻ ملندو هئو. گرمين دوران اهڙي هڪ ڪچهريءَ ۾ هڪ بزرگ مهاجر جيڪو سنڌي ادب لاءِ پڻ چاه رکندڙ هئو؛ پاڻ سان گڏ هڪ وڏي ڇٽي پڻ کڻي آيو. ان جي ڇٽيءَ کي ڏسي ڪيترن کان ته کل نڪري ويئي ۽ ڪنهن پڇيس به ته ”چاچا! اڄ وري هيءَ ڇٽيءَ ڇالاءِ کڻي آيا آهيو!“ بزرگ وراڻي ڏني ته ”ابا! رب جي رضا جي ڪهڙي خبر! جيڪڏهن مينهن پئجي وڃي ته!“ اهڙو جواب ٻڌي ڪيترائي ويٺل پڻ ٻيهر کلڻ لڳا. خير! ڪچهري پوري ٿي! اڃا سڀ موڪلائڻ تي هئاسين؛ جو اوچتو ئي ڪارو جهڙُ ڇائنجي ويو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي زور سان وسڪارو شروع ٿي ويو. اسين سڀ جو سڀ سائين خادم حسين شاھ وٽ وڌيڪ وقت ترسي پياسين؛ پر اُهو بزرگ موج سان پنهنجي ڇٽي کولي رب پاڪ جا شڪرانا مڃيندو گهر ڏانهن راهي ٿيو!اسين سڀ جا سڀ هڪٻئي جو منهن تڪي رهيا هئاسين ۽ هو همراه اسان جي نظرن کان اوجهل به ٿي ويو.

    هڪ دفعي اهڙي هڪ ڪچهريءَ دوران اوچتو ئي منهنجو هڪ پاسي جو ڳٽو سُڄي پيو هئو، جنهن لاءِ آءٌ ڊاڪٽر وٽ ويس ته هن ماڳهئين ئي ٻاهران ان پاسي بيلاڊونا پلاسٽر لڳائي ڇڏيو. پوءِ ته ڄڻ ڳٽو ئي ڇڪجي رهيو هئو؛ تڏهن آءٌ ننڍي ڪهاڻي لکي کڻي ويو هوس؛ جيڪا مون ادا پريم کي پڙهڻ لاءِ چيو. ان تي سائين ميمڻ عبدالمجيد ”سنڌي“ صاحب بيحد پاٻوه منجهان دل وٺندي منهنجي رچنا مونکي ئي پڙهڻ لاءِ چيو. پر جڏهن مون ڳٽي واري سور جو ذڪر ڪيو، ته هنن پاڻ جلد ئي صحتياب ٿيڻ جي دعا به ڪئي ته ادا جي پڙهڻ تي ان تصنيف بابت پنهنجا بهترين سُجهاءَ پڻ ڏنا.

    اسڪولي دور ۾ مون کي ٻولين سکڻ جو بيحد شوق هوندو هئو، سئو بازار ۾ ڊاڪٽر حق جي ڀر واري گهٽيءَ جي لائبريريءَ ۾ ڊاڪا کان آيل هڪ بنگاليءَ پنهنجي ٻوليءَ جا ڪلاس هلائڻ شروع ڪيا ته مون به وڃي اتي داخلا ورتي هئي. پهرئين ڏينهن ته سيئو کن شاگرد آيل هئا، پر بنگالي ٻوليءَ جي هندوستاني ٻولين سان ناتي هئڻ؛ ان لاءِ ديوناگري رسم الخط ۽ ”او“،”آ“،”اِ“ ۽ ”ايِ“ آوازن لاءِ ”شرئو“،”شري آ“، ”رشوئي“ ۽ ”درگوئي“ ٻڌي پهرين ڏينهن کان ئي تقريبن سڀ جو سڀ شاگرد ڀڄڻ شروع ٿي ويا. پوءِ ته صرف مان ۽ منهنجو هڪ مهاجر دوست مظفر حسن ئي رهجي وياسين ۽ صرف ٻه ڄڻا ئي اها بنگالي ٻولي سکندا پئي رهياسين. پوءِ اوچتو 1970ع ۾ ايسٽ پاڪستان ۾ شيخ مجيب الرحمان کي اليڪشن کٽڻ باوجود به گرفتارڪندي اُتي پنجاب طرفان هڪ مهم هلائي ويئي ته اُهو بنگالي ٽيچر، جيڪو فوڊ آفيس ۾ نوڪري ڪندڙ هئو؛ پاڻ ئي ماڳهئين نوڪريءَ کي به جواب ڏيئي ايسٽ پاڪستان موٽي هليو ويو.

    منهنجي مٿان سائين ميمڻ عبدالمجيد ”سنڌي“ ۽ سائين غلام حسين جوڻيجو صاحب جي شخصيت جو فيض هئو، جو اڄ آءُ بمبئيءَ جي مشهور و معروف تعليمي درسگاه ”جئه هند ڪاليج“ ۾ هڪ استاد طور پنهنجون خدمات ڏيئي چڪو هوس. هاڻ جنوري 1994ع جي پهرئين هفتي ۾ بامبي يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي ڊپارٽمينٽ لاءِ انٽرويو ڏيڻو هئو. زندگي، سائيڪل جي ڦيٿي جيان هڪ گول دائري ۾ چڪر ڪاٽيندي رهي ٿي. ڪڏهن 1974ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ سنڌيءَ جي ليڪچرر لاءِ انٽرويو ڏنو هئو ۽ ساٺيڪو کن شاگردن مان سائينءَ جي مهر سان هڪ منهنجي ئي سليڪشن ٿي هئي! تڏهن اُتي ويڪئنسي به هڪ هئي ۽ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ؛ وائيس چانسلر ؛ علي گوهر خان کهڙو کي اهڙي ڄاڻ ڏيندي مون کي لاڙڪاڻي مان پاڻ وٽ گهرايو به هئو، پر ان وچ ۾ ڇا ٿيو جو هن جو ارادو به بدلجي ويو! والله علم!

    هاڻ 4 جنوري 1994ع تي مون ڊاڪٽوريٽ لاءِ بمبئي يونيورسٽي ۾ پنهنجي ٿيسز جمع ڪرائي ۽ صرف ٽي ڏينهن پوءِ 7 جنوريءَ تي اسان جو اُتي ليڪچرر لاءِ انٽرويو ٿيڻو هئو. مان جيئن ته اڳ ئي جئه هند ڪاليج ۾سينيئر ليڪچرر طور ملازمت ڪري رهيو هوس ۽ هاڻ ته صرف چند مهينن ۾ سليڪشن گريڊ جي پروموشن به ٿيڻي هئي؛ اهڙي صورت ۾ مون اهو پئي چاهيو ته منوهر جي اُتي سليڪشن ٿئي؛ جو تمام اميدوارن مان مون کان پوءِ منوهر ئي ايم.فل. جي ڊگري هئڻ سبب اهڙي لياقت رکندڙ هئو. پر هڪ سڄڻ جي صلاح تي ته ڪٿي انٽرويوءَ ۾ ڪا ٻي هيٺ مٿانهين نه ٿي پوي؛ ان لاءِ مون کي به ان انٽرويوءَ ۾ وڃڻو پيو هئو. انٽرويوءَ دوران يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر ڊاڪٽر.ايس.ڊي.ڪارنڪ منهنجا جواب ٻڌي ڄڻ مون تي عاشق ٿي پيو! هن مونکي اڳواٽ ئي ملندڙ وڏي گريڊ ۽ پگهار جي پروٽيڪشن لاءِ پڪ ڏني ۽ ڪجهه ئي ڏينهن ۾ سچ پچ اهڙو يونيورسٽيءَ جو آرڊر به اچي ويو. مونکي يونيورسٽي جوائن ڪرڻ لاءِ صرف هڪ مهيني جي مهلت ڏني ويئي هئي. مون ان وچ ۾ پنهنجي جئه هند ڪاليج جي پرنسپال نانڪ شوداساڻي ۽ مئنيجمينٽ جي سيڪريٽري؛ پروفيسر ٽي.جي.خوبچنداڻيءَ سان صلاح ڪيئي. انهن منهنجي بهتريءَ لاءِ مون کي ٻه سال “Lien” واري موڪل ڏيندي يونيورسٽي جوائن ڪرڻ جي صلاح ڏني. مون رب پاڪ جا شڪرانا بجا آڻيندي 15 جنوري 1994ع تي بامبي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ وڃي ان مهل جي عارضي هيڊ، ڊاڪٽر عبدالستار دلوي صاحب وٽ پنهنجي جوائننگ رپورٽ ڏني.

    ڊاڪٽر دلوي صاحب ۽ مون پهرئين ڏينهن ئي صلاح ڪيئي ته اسين هن سال واري سيمينار بجيٽ جو استعمال ڪندي جلد ئي اهڙو هڪ فنڪشن رکون. مونکي ته اهڙين ڳالهين جو اول ئي شوق هوندو هئو. انلاءِ مون ساڳئي ڏينهن ئي دهليءَ ڊاڪٽرمرليڌر جيٽلي ۽ هيروٺڪر کي فون لڳائي کين پيپر پڙهڻ لاءِ دعوت ڏني. اسين اهڙو سيمينار ڪرڻ لاءِ 20 مارچ طئه ڪري ڇڏيوسين؛ ۽ جو 31 مارچ تي هتي هندستان ۾فناشل سال جو آخرين ڏينهن هوندوآهي. مون هيرو شيوڪاڻيءَ کي پيپر پڙهڻ لاءِآڇ ڪيئي. فون ئي منظوري وٺڻ کانپوءِ ڊپارٽمينٽ جي ڪلرڪ گيتا دادلاڻي، الهاسنگر ۾ کيس اهڙو آفيشل ليٽر به پهچائي آئي، جيڪو هن پاڻ وٺي رکيو هئو.

    اڱارو 8 مارچ 1994ع تي آءٌ آل انڊيا ريڊيو، بمبئيءَ تان سنڌي پروگرام جي لائپوِ ڪمپيئرنگ ڪري رات جو 1:00 بجي کن الهاس نگر پنهنجي گهر پهتس ته اسان جي بلڊنگ ”پشپم پئليس“ جي گرائونڊ فلور تي ادا پريم، منوهر، اسان جو دوست مهيش جيسواڻي، منوهر جو سنڍو سندرگهنشاڻي ۽ ڪجهه ٻيا بيحد پريشان بيٺا هئا. پوءِ ته هڪ قيامت واري خبر ملي ته اسان جو ڀاءُ نما سئوٽ ڄيٺانند؛ جنهن سان اسين لاڙڪاڻه ۾ هڪ ئي گهر ۾ گڏ رهندا هئاسين؛ اُهو ان ڏينهن صبح جو الهاس نگر کان ملند، اڌ ڪلاڪ جي ريلوي پنڌ تي پنهنجي نياڻي سنگيتا جي شاديءَ جو ڪارڊ ڏيڻ ويو هئو پر پورو ڏينهن گذرڻ کانپوءِ هاڻ اڌرات تائين به واپس ڪونه وريو هئو.

    هيءَ اسان جا همراه شام کان پريشان هئا. ڪجهه ملند وڃي سندس ماروٽ مرليءَکان پڇي آيا هئا؛ پر خبر پيئي ته ڄيٺانند ان وٽ پهتو ئي ڪونه هئو. ان ڳالهه اڃا به وڌيڪ منجهائي ڇڏيو هئو. پوءِ ته راتين جو راتيون ۽ ڏينهن جا ڏينهن ڀاءُ ڄيٺانند جي ڳولها ۾ لڳا رهياسين. جتان به ڪا ننڍي به خبر پئي ملي ته اسين اوڏانهن وڃي هٿ پير پئي هنياسين. ڪنهن چيو ته ڄيٺو، پنڊرپور جي هڪ مندر ۾ ڏٺو ويو آهي. منوهر سوڌو چارکن همراه اُتان ٿي آيا، ڪنهن چيو ته ڄيٺو احمد آباد جي آسارام آشرم ۾ ڏٺو ويو آهي ته ڄيٺانند جو پٽ بابو شنڪر ۽ مان اُتان ٿي آياسين! پر ڪيرُ هجي ته ملي! الائي ڪيترا پنڊت، الائي ڪيترا فقير ۽ نام نهاد درويش؛ ڪٿي بابو شنڪر ۽ سندس والده وڃن ته ڪٿي اسان وڃون! هڪ ڀيڻ چيو ته بمبئيءَ جي اوشيواڙا ۾هڪ سنت آهي، ان کي دٻليءَ ۾ سڀ ڪجهه نظر ايندوآهي. آءٌ پاڻ ان ڀيڻ سان چڙهي پيس اوشيواڙا لاءِ!

    اوشيواڙا ۾ان جي گهر پهتاسين، ته اهو ڀرسان ئي ڪٿي ويل هئو. موٽيو ته وهنجي سهنجي اچي اسان جي ڀرسان ويٺو. مون کان به ننڍي عمر جو هڪ نوجوان ڇوڪرو هئو. مون کان حال احوال وٺي جڏهن پڪ ڪيائين ته منهنجو ڄيٺانند سان ڀاءُ جيان رستو آهي ته چيائين هوُ پاڻ ڪجهه به نه وٺندو آهي؛ پر مون کي جيڪي شرڌا پڄي ته آءٌ ان جي گهر ۾ ٺاهيل مندر ۾ رکان ته هوُ پوڄا شروع ڪري. مونکي ته ان مهل جيڪي به ٻه اڍائي سئو روپيه هڙ ۾ هئا، کڻي ان مندر ۾ رکيا. هن همراه پوڄا جا ڪجهه منتر پڙهي هڪ دٻلي کڻي ان کي ڌيان سان ڏٺو. پوءِ مونکي ڪجهه ناپسنديءَ وارا لفظ چيائين؛ ته اسين پويان پير ڪياسين. ائين ڏاڍو ڦرايوسين، ڏاڍو لٽايوسين! ڪنهن چيو ته ٻه سال لڳندا، ڪنهن ٻئي چيو ته ست سال لڳندا پر ڄيٺو ملي ويندو. اسان لاءِ ته هڪ هڪ رات گذارڻ به ڀاري هئي. تڏهن اسين پئي سوچيوسين ته اهي ٻه سال ۽ ست سال ڪيئن گذرندا. پوليس ته وري ماڳهئين ئي ڄڻ اسان جي مهمان بڻجي پيئي. پهرين ته ڄيٺانند جي نياڻيءَ جو ڪنهن سان رستو ته ناهي! عجيب سوال پئي پڇيا ويا.ڪيترا ڏينهن ته هڪ پوليس انسپيڪٽر مونکي ساڻ ڪري ملند ۽ بمبئيءَ جون ڪجهه ايراضيون گهمندو رهيو ۽ آءٌ ان جو خاصخيلي ٿي سندس کاڌي پيتي جو خيال پئي رکندو رهيس؛ پر وريو ڪجهه به ڪونه! سنتن مهاتمائن وٽ به وياسين! هڪ ريڪيءَ واري ڇوڪريءَکان ريڪي لڳارائي؛ پر سڀني صرف دلاسا پئي ڏنا.

    ڄيٺانند جي نياڻي سنگيتا جي جلگانءُ ۾ پنهنجي ئي لاڙڪاڻه جي هڪ دوست رميش لال جي پٽ اشوڪ ڪمار سان شادي طئه ٿيل هئي. چوندا آهن ته مهورت ڪو نه ڦرندو آهي؛ ان لاءِ دکي صورتحال ۾ به ڀاءُ ڄيٺانند جي جاءِ تي مون کي سنگيتا جو پيءُ بڻايو ويو ۽ اسين ٿورا ڄڻا جلگانءُ وڃي سنگيتا کي پرڻائي آياسين. وڏي قيامت ته ان نياڻيءَ مٿان هئي؛ جيڪا ڄيٺانند جي پهرين نياڻي هئي ۽ ان جي شاديءَ ئي ڀاءُ ڄيٺانند کي اسان کان الڳ ڪري ڇڏيو هئو. ڪيئن ان نياڻيءَ پنهنجي جذبن تي قابو پاتو هوندو ۽ اهڙي ڪرب زده صورتحال ۾ ماڳهئين پيڪن کان به جدا ٿي جلگانءُ جي هڪ اجنبي گهر ۾کيس وڃڻو پيو هئو. انساني سماج جا به عجيب دستور آهن!

    آءٌ ڀاءُ ڄيٺانند جي گم ٿيڻ واري واقعي سبب سڀاويڪ طور يونيورسٽيءَکي گهٽ ٽائيم ڏيئي سگهيس. اُتي 20 مارچ لاءِ اسان جي سنڌي شعبي طرفان ” سنڌي شاعريءَ ۾ تصوف“ عنوان تي هڪ سيمينار رکيل هئو، جنهن جون تياريون مون اڳواٽ ئي ڪري رکيون هيون، ان لاءِ آءٌ ڪجهه ڪجهه يونيورسٽي طرفان مطمئن هوس. پر ڪڏهن ڪڏهن حالتون اهڙي ڪروٽ بدلائينديون آهن؛ جو تڪيلفون هڪ طرفه نه هوندي هر پاسي کان ڄڻ وڪوڙي ڇڏينديون آهن. منهنجا مقاله نگار هئا ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، هيروٺڪر ۽ هيرو شيوڪاڻي. پر جيئن ئي آءٌ دهليءَ فون ڪري سائين جيٽلي ۽ هيروٺڪرکي صرف ياد پئي ڏيارڻ چاهيو ته خبر پيئي ته اهي ٻيئي اچي ئي ڪو نه رهيا آهن، گهٻراهٽ وچان باقي ٽئين مقاله نگار هيرو شيوڪاڻيءَ کي فون ڪيئي ته ان چيو ته ”مان پيپر ته ڪونه لکندس پر جيڪڏهن ان سيمينار ۾ ارجن شاد ايندو ته پوءِ مان اُتي شرڪت به ڪونه ڪندس!“

    اهو يونيورسٽيءَ ۾ منهنجي دور جي پهريون سيمينار هئو. صرف ٻه ڏينهن پوءِ اسان جي رجسٽرار صاحب جيرام چوهاڻ ان سيمينار جو کي افتتاح ڪرڻو هئو. مون وٽ نراشائي ته فطرتن هئي؛ پر ڪونه اميد جو دامن ڪو ڇڏيو ۽ مسئلي جو حل ڳولهيندي ڊي.ڪي.منشاراماڻيءَ ڏانهن سڌارٿ نگر گوريگانءُ ۽ پوپٽي هيراننداڻيءَ ڏانهن ڪولابا واري گهر چڙهي ويس.مون ٻنهي کي حالتن کان آگاه ڪندي مجبوري ٻڌائي ته جيڪڏهن مقاله نگار ئي ڪونه هوندا ته اُهي صدارت ڪنهن جي ڪندا ۽ يونيورسٽيءَ جو رجسٽرار ڪهڙي سيمينار جو افتتاح ڪرڻ فرمائيندو. انهن ٻنهي منهنجو عرض اونايو ۽ تمام ٿوري مدت باوجود صدارت بجاءِ پنهنجو پنهنجو مقالو ڏيڻ قبول فرمايو. ان آخرين گهڙيءَ ۾ مون جئه هند ڪاليج واري پنهنجي رٽائرڊ دوست گوپ روپچنداڻيءَ معرفت سندس شريڪ حيات مينا روپچنداڻيءَکي پڻ هڪ پيپر پيش ڪرڻ لاءِ نياپو موڪليو، جيڪا چاندي ٻائي ڪاليج، الهاس نگر ۾ سنڌيءَ جي ليڪچرر هئي. ٽنهي جي حامي ڀرڻ کانپوءِ مون مس وڃي سامت جو ساھ کنيو ۽ رب پاڪ جا شڪرانا بجا آندا جو زندگيءَ جي طوفانن سان منهن ڏيڻ لاءِ خود ڌڻي سائينءَ ئي منهنجي راه هموار ڪيئي هئي!

    آچر 20 مارچ 1994ع تي بامبي يونيورسٽيءَ جي ڪالينا ڪيمپس ۾ ”جي.پي.نائڪ ڀون“ جي ڪانفرنس هال ۾ اسان جو پهريون سيمينار پنهنجي عملي منزل کي پهتو. بمبئيءَ جي ادبي حلقي جي سموري ڪريم؛ ڊاڪٽر ارجن شاد، گوبند مالهي، گنو سامناڻي،ڪيرت ٻاٻاڻي، پوپٽي هيراننداڻي، ڊي.ڪي.منشاراماڻي، ڪرش راهي، شام جئسنگهاڻي۽ ٻيا انيڪ ننڍا وڏا اديب ۽ معزز شهر واسي اچي اسان وٽ شريڪ ٿيا.

    بامبي يونيورسٽيءَ جي رجسٽرار ڊاڪٽر جيرام چوهاڻ منهنجي استقباليائي خطبي کان پوءِ رسمي طور سيمينار جو افتتاح ڪندي پنهنجي مسرت جو اظهار ڪيو ته اڃا ٻه مهينا اڳ هنن مون کان انٽرويو ورتو هئو ۽ ايتري قليل عرصي ۾ آءٌ عملي طور سنڌي شعبي جي ڪارڪردگيءَ ۾ جيءَ جان سان جنبي به ويو آهيان. جيتوڻيڪ آفيشل طور ان مهل سنڌي شعبي جو عارضي سربراه، ان مهل وارو اردو شعبي جو هيڊ، ڊاڪٽر عبدالستار دلوي هئو؛ پر ان سيمينار کان جلد پوءِ اپريل ۾ ئي مون کي هيڊشپ جي چارج ڏني ويئي. مون يونيورسٽيءَ ۾ ڊاڪٽوريٽ لاءِ جيڪا ٿيسز جمع ڪرائي هئي؛ ان جي نتيجي ظاهر ڪرڻ ۾ دير پئي ٿي ته فطرتن منهنجي ڪجهه ڪجهه پريشاني وڌندي پيئي رهي!

    عوامي آواز سنڊي ميگزين 12 جون 2016

     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,886
    ورتل پسنديدگيون:
    27,213
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    قسط 63
    خالي آفيس به سنڌي ادب جي محسن حضرات سان ٻهڪڻ لڳي!
    ٻلديو مٽلاني

    مون 15 فيبروري 1994ع بمبئي يونيورسٽي ۾ اچڻ سان ئي هڪ مهيني جي قليل عرصي ۾ هڪ سيمينار منعقد ڪيو؛ جيڪو پنهنجو پاڻ ۾ هڪ مثال هئو؛ جو ان شعبي اندر مون کان اڳ ڪم ڪندڙ ڊاڪٽر نارائڻ پرياڻيءَ 1985ع ۽ 1986ع ۾ اهڙا به سيمينار ڪيا هئاي پر پوءِ سيپٽمبر 1992ع ۾ سندس رٽائر ڪرڻ تائين وري اتي ڪنهن به قسم جي سرگرمي ڪو نه ڏٺي ويئي هئي. جڏهن ته 1992ع کان 1994ع تائين ته سنڌي شعبي لاءِ تڪليف ده دورو هئو جو اُتي ڀارتيءَ جي رٽائرمينٽ کانپوءِ اردوءَ جي هيڊ آف ڊپارٽمينٽ کي عارضي طور سنڌي شعبي جون واڳون ڏنيون ويون هيون. ايم.اي. جا ليڪچر جيڪي ڊاڪٽر پرياڻي، يونيورسٽي مان کڻي الهاس نگر جي آر.ڪي.تلريجا ڪاليج ۾ لڳايا هئا، اهي ته هلندا رهيا جتي 1985ع کان ايم اي پاڙيندڙن ۾ وڃي آءٌ پڻ پنهنجون خدمتون ڏيندو هوس؛ پر نارائڻ پرياڻيءَ جي پوري ست ساله دور ۾ ايم.فل. جي صرف هڪ بيچ ئي هلي سگهي هئي؛ جيڪا پڻ منوهر مٽلاڻيءَ وٽس پنڌ ڪري هلارائي هئي.

    سنڌي شعبي لاءِ اهڙي پسماندگيءَ واري دور ۾ اچڻ سان باه ٻاري ڏيڻ ۽ ٽن مهينن ۾ هڪٻئي پٺيان ٻه سيمينار منعقد ڪري ڏيکارڻ؛ ڪيتري وقت کان بند ٿيل ايم.فل. جون داخلائون ٻيهر شروع ڪرڻ، اُها ڳالهه يونيورسٽيءَ جي ان مهل جي وائيس چانسلر، ڊاڪٽر ايس.ڊي.ڪارنڪ کي ڏاڍي سٺي لڳي رهي هئي. 20 مارچ 1994ع تي مون پهريون سيمينار ڪيو؛ ته ڪجهه ئي ڏينهن ۾منهنجي هڪ عزيز رام جوهراڻيءَ ڪنهن ملاقات ۾ صرف ذڪر ڇيڙيو ته جيڪڏهن ”اسان وٽ سنڌي شعبي ۾ پيسي جي قلت آهي ته هو پنهنجي اداري ” سهيوگ فائونڊيشن“ طرفان ڪڏهن به اهڙو خرچ ڀرڻ لاءِ تيار آهي. هن اڃا اهڙي آڇ ئي مس ڪيئي ته مون کيس چيو ته اسين ايندڙ وقت جو ڇو انتظار ڪريون. اوهان جي هڪ هڪ پيسي جي صحيح ڪارج وٺڻ ۽ سيمينار جي منعقد ڪرڻ لاءِ عملي ڪم ۽ هال مهيا ڪرڻ جي جوابداري منهنجي؛ باقي خرچ جو ذمو سهيوگ فائونڊيشن طرفان ڪيو وڃي. هڪ ٻيو سيمينار اپريل ڇڏي مئي 1994ع ۾ به ڪري سگهجي ٿو. ”ڀاءُ جوهراڻيءَ کي ڳالهه وڻي ۽ اسين سنڌي شعبي ۽ سهيوگ فائونڊيشن جو گڏيل سيمينار ”سنڌي ٻوليءَ جي ارتقا“ جي عنوان سان 18 مئي 1994ع لاءِ انائونس ڪري ڇڏيوسين خرچ جو ذمو سهيوگ فائونڊيشن جو هئو، ته مون به مقاله نگارن جي عزت افزائيءَ لاءِ ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، ڊاڪٽر موتي لال جوتواڻي ۽ ڀاءُ هيرو ٺڪر کي دهليءَ مان هوائي جهاز رستي گهرايو. جيتوڻيڪ اهڙو گهٽ ڀاڙو ڀرڻ لاءِ ڪنهن ننڍي ايئر لائين ۾ کين گهرائڻو پيو؛ پر اُنهن کي انتهائي عزت سان گهرايو ويو، مون چوٿين مقاله نگار طور ڊاڪٽر لڇمڻ خوبچنداڻيءَ کي پونا مان گهرايو. سهيوگ فائونڊيشن طرفان انهن جي رهڻ کاڌي پيتي جو بندوبست تارديو، بمبئي ۾ واقع”هوٽل روزووڊ“ ۾ ڪيو ويو.

    سيمينار جي افتتاح لاءِ بمبئي يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر، ڊاڪٽر ايس.ڊي.ڪارنڪ قبوليت ڏني هئي. 18 مئي تي صبح جو سوير ئي ٽائيم تي جي.پي.نائڪ ڀون، ڪالينا ڪيمپس ۾ سيمينار جا پارٽيسپنٽس پهچندا ويا. بمبئي ادبي حلقي جي پوري ڪريم اچي گڏ ٿي هئي. گوبند مالهي، ڪيرت ٻاٻاڻي، اي.جي.اُتم، پوپٽي هيراننداڻي، گنو سامتاني، ڊاڪٽر ارجن شاد، ڪرشن راهي، شام جئسنگهاڻي ۽ هولا رام هنس وغيره.

    مون صدارت ڪرڻ لاءِ جئه هند ڪاليج مئنيجمينٽ جي پريزيڊنٽ دادا سنمکداس ايسراڻيءَ کي گهرايو هئو؛ جيڪو هينئر ته نيپئن سي روڊ بمبئي ۾ رهندو هئو؛ پر ڪڏهن الهاس نگر ۾ رهندو هئو ته اُتي کيس ” واڪو ريڊيو“ نالي ڪمپني هئي ۽ پوري انڊيا جي ريڊيو مينوفيڪچررس ايسوسيئيشن جي پريزيڊنٽ هئڻ سان گڏوگڏ ڪانگريس جي ٽڪيٽ تي الهاس نگر مان ٽي دفعا مهاراشٽرا صوبائي اسيمبلي جي اليڪشن کٽندي پندرهن سال ان جو ميمبر پڻ رهي چڪو هئو.

    وائيس چانسلر، ڊاڪٽر ايس.ڊي.ڪارنڪ هڪدم ريڊيو ٽائيم جيان بلڪل وقت تي پهچي ويو. اسان به هن جي پهچڻ سان ئي سيمينار جو افتتاحي اجلاس شروع ڪري ڏنوسين. مون سنڌي شعبي جي سربراه هئڻ ناتي استقباليائي خطبو ڏيندي تمام مهمانن لاءِ ڀليڪار ۾ پنهنجي جذبات جو اظهار ڪندي؛ خاص طور هوءَ پنهنجي وائيس چانسلر جي فراخدليءَ جو ذڪر ڪيو؛ جنهن انتهائي عزت ڏيندي اتي نه صرف اچڻ قبوليو پر سيمينار جي منقعد ڪرڻ ۾ منهنجي همت افزائي پڻ ڪيئي هئي. بعد ۾ ڪجهه ٻين اديبن ان وقت جي سماجيائي حالتن جو ذڪر ڪندي سنڌي ٻوليءَ جي مستقبل لاءِ ڪجهه شڪ شبهات ڏيکاريا، ان تي وائيس چانسلر ڊاڪٽر ڪارنڪ، سيمينار جو افتتاح ڪندي سنڌين طرفان هندوستان جي آزاديءَ لاءِ ڪيل تاريخي خدمات جي اعتراف ۾ هڪ وڏي فراخدليءَ جو مظاهرو ڪندي چيو ته ”جيڪڏهن اسان جي سنڌي اديبن کي ٻولي، ادب ۽ ثقافت جي مستقبل لاءِ ڀوءُ آهي ته آءٌ بامبي يونيورسٽي طرفان خاص طور سنڌي شعبي لاءِ يونيورسٽي ڪيمپس اندر هڪ پلاٽ ڏيڻ جي آڇ ٿو ڪريان! پلاٽ يونيورسٽيءَ جو رهندو؛ اوهين ڀل جاتيءَ جي وس وارن شخصن کي گڏ ڪري اُتي ”سنڌي ڀاشا ڀون“ جي اڏاوت ڪيو! جيسين يونيورسٽي رهندي، تيسين اهو ”سنڌي ڀاشا ڀون“ رهندو جنهن ذريعي سنڌي ڪلچر ۽ ثقافت پنهنجو پاڻيهي پروان چڙهندي رهندي!.

    ڊاڪٽر ڪارنڪ نه صرف ”سنڌي ڀاشا ڀون“ جي انائونسمينٽ ڪيئي؛ پر تمام حاضرين سامهون منهنجي خدمتن کان خوش ٿيندي پنهنجي مسرت اندوزيءَ جو ذڪر پڻ ڪيو؛ جنهن فطرتن منهنجي عزت افزائيءَ ۾ چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. افتتاحي اجلاس کانپوءِ اڃا سيمينار جو عملي طور پهريون سيشن شروع ٿئي؛ ان کان اڳ رفريشمينٽ واري وقفي ۾ ئي ڪارنڪ صاحب جي ڪوشش سان ”سنڌي ڀاشا ڀون“ لاءِ فنڊس ملڻ شروع به ٿي ويا. پوءِ ته منهنجي جوابداري وڌي ويئي. مون ايندڙ ڏينهن تي ئي هڪ عارضي پلان ٺاهي وائيس چانسلر صاحب کي وڃي ڏيئي آيس، ته جيئن هوُ ان جي بنياد تي نوٽ ٺاهي بامبي يونيورسٽيءَ جي مئنيجمينٽ ڪائونسل کان پلاٽ جي منظوري وٺي سگهي. پوءِ ته وٺ وٺ ٿي ويئي. وائيس چانسلر ”سنڌي ڀاشا ڀون“ لاءِ ڪاميٽي ٺاهي جنهن جو چيئرمن سنمکداس ايسراڻيءَ کي ڪيو ويو ۽ ڪجهه جاتيءَ جي مدبرن کي پڻ ميمبر طور فائز ڪندي مونکي ان لاءِ سيڪريٽري طور نامزد ڪيو ويو.

    ”سنڌي ڀاشا ڀون“ جي انائونسمينٽ ڇا آئي؛ اسان جي ڪيترن پنهنجن سنڌين جي ڇيٽ ۾ ڄڻ ويلو پئجي ويو. هنن نه پئي چاهيو ته بامبي يونيورسٽيءَ اندر سنڌي شعبي جي خدمتن کي اهڙو هڪ مضبوط تاريخي روپ ڏنو وڃي، جنهن جو سهرو هڪ نوجوان ڇوڪري ٻلديو مٽلاڻيءَ جي سر تي پيڙهي بپيڙهي ڳائجندو رهي! پروجيڪٽ جي حق ۾ صرف هڪڙا ٻه شخص هئا. دادا سنمکداس ايسراڻي ۽ ڊاڪٽر ايل.ايڇ.هيراننداڻي! ڊاڪٽر هيراننداڻي، گورنر طرفان بامبي يونيورسٽيءَ جي مئنجيمينٽ ڪائونسل تي پڻ نامزد ڪيل هئو. ته صرف پنهنجي طرفان مالي مدد ڪيئي هئي پر هو پنهنجي دوستن احبابن کي به ان پروجيڪٽ ۾ ڇڪي آيو هئو. جڏهن ته پروجيڪٽ جي مخالف سمت ۾ اهم اُهي ئي هئا،جيڪي مون کان اڳ يونيورسٽي اندر ان ئي شعبي ۾ استاد طور رهي چڪا هئا. ان کان اڳ جو بامبي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي جو ڪنهن نالو به ڪونه ٻڌو هئو؛ اتي هڪ نوجوان ڇوڪري ٻلديو جي اچڻ سان ايڏو وڏو ڪم سرانجام ٿئي؛ اهو انهن کي ڪهڙي به صورت ۾ قابل قبول ڪونه هئو.

    بس، پوءِ ته مخالف ڌر ڄڻ باه ٻاري ڏني! ظلم اهو هئو جو پروجيڪٽ جي مخالفت ۾ ٻلديو کان منهن موڙيندي جاتيءَ جو ڪهڙو به فرد پنهنجي مادري زبان جي فروغ لاءِ سامهون ئي ڪو نه اچي رهيو هئو. اسانجي هندو ڌارمڪ ڪٿائن ۾ جڏهن ڪو به تپسوي پنهنجي مضبوط پوڄا سان ڌڻي پاڪ کي راضي ڪرڻ جي ويجهو پهچندو آهي ته هڪ اندر ديوتا آهي جنهن کي پنهنجو تخت ڌڏندي محسوس ٿيندو آهي ۽ هو انيڪ ڪوششون ڪندي شيطانيت ۽ حوانيت سان به هر ان تپشويءَ جي پوڄا ڀنگ ڪري ڇڏيندو آهي! هتي وري جاتيءَ جي تمام مدبرن مان ته ٻولي، ادب ۽ ڪلچر جي بهتريءَ جي منزل سامهون هوندي به مونکي ڪنهن به هڪ اهم شخصيت جو ساٿ نه ملي سگهيو.

    هوڏانهن بامبي يونيورسٽيءَ طرفان سنڌي شعبي لاءِ ريڊر جي ايڊورٽائزمينٽ ڏني ويئي. مون لاءِ جيتوڻيڪ اهڙي ڊپارٽمينٽل پروموشن جي اڳواٽ ئي پڪ هئي؛ پوءِ به سليڪشن ڪاميٽيءَ مان انٽرويو ڏيئي ان عهدي تي فائز ٿيڻ وڌيڪ عزت ڀريو هئو.

    ان لاءِ مون به يونيورسٽيءَ کي درخواست موڪلي ڇڏي. پوءِ وري اهڙي انٽرويوءَ ۾ جيئن ته ٽي ڄڻا سبجيڪٽ ايڪسپرٽ طور ويهاريا ويند اآهن ته انهن مان هڪ همراه گهران ئي سوچي آيو هئو ته ٻلديو جي سليڪشن نه ٿيڻ کپي؛ جنهن لاءِ هن صاحب انٽرويو هلندي عجيب الٽا سلٽا سوال پئي پڇيا. منهنجو اعتماد برقرار ان سبب لاءِ هئو، جو مونکي ڄاڻ هئي ته منهنجي سليڪشن نه ٿيڻ باوجود به مونکي ٽي مهينا اڳ کان ئي اها پروموشن ملڻي آهي. ان لاءِ هن صاحب جيترو به مونکي منجهائڻ جي ڪوشش پئي ڪيئي؛ آءٌ اوترو ئي آرام سان سندس هر هڪ سوال جو جواب ڏيندو پئي رهيس. آخر هو بيزار ٿي هن انٽرويو هلندي ئي وائيس چانسلر کي چئي ويٺو ته ”ريڊر جي پوسٽ ڏاڍي وڏي آهي؛ ان لاءِ پوري ملڪي سطح تي ايڊورٽائيزمينٽ ڪرائڻ گهرجي!“بس، هن جو اهو چوڻ ۽ وائيس چانسلر ڊاڪٽر ڪارنڪ جو برهم ٿيڻ. هڪ ته هو اڳواٽ ئي ڏسي رهيو هئو ته ايڪسپرٽ هن صرف ڪهڙي نموني به مونکي رجيڪٽ ڪرڻ پئي چاهيو ۽ هاڻ جو يونيورسٽيءَ جي ڪارڪردگيءَ تي ڳالهايائين ته وائيس چانلسر سڌو سنئون کيس کهري نموني چيو ته يونيورسٽيءَ جو ڪم ڪيئن هلندو آهي؛ ان لاءِ کيس صلاحون ڏيڻ لاءِ ڪونه گهرايو ويو آهي! تڏهن مس وڃي اهو همراه شانت ٿيو. مضبوط وائيس چانسلر هئڻ ۽ اطمينان بخش انٽرويو ڏيڻ سبب منهنجي سليڪشن ٿي ويئي. مون ڌڻي سائينءَ جي مهر سان 1- سيپٽمبر 1994ع تي سليڪشن ڪاميٽي طرفان ريڊر جي عهدو جوائن ڪيو؛ جنهن کانپوءِ يونيورسٽيءَ کي هڪ درخواست وڌي ته مون کي اُها ساڳي ڊپارٽمينٽ پروموشن به ان کان ٻه ٽي مهينا اڳ ڏني وڃي. بعد ۾ اهو ڪم به ٿيو، پر سرڪاري ڪمن ٿيڻ ۾ اينگهه ايڏي لڳندي آهي، جو ان ۾ ٽي سال لڳي ويا.

    مون ”سنڌي ڀاشا ڀون“ جي رٿابنديءَ لاءِ ان مهل جي سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر، ڊاڪٽر غلام علي الانا کي هڪ خط لکيو، جنهن ۾ کيس ان ڀون لاءِ پلاٽ الاٽ ٿيڻ جي خوشخبري ٻڌائيندي کانئس ان جي پلاننگ لاءِ تفصيلي صلاحون گهريون. مونکي بيحد خوشي ٿي، جڏهن تقريبن ٽي مهينا پوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ مان سائين ڊاڪٽر غلام علي الانا جو موڪليل هڪ لفافو پهتو؛ جنهن ۾ هن منهنجي خط جو جواب اسانجي پنهنجي مادري زبان سنڌيءَ ۾ لکي موڪليو هئو. هن ان سان انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ ۾ هلندڙ عملي ڪاريه جا ڪجهه تفصيل پڻ موڪليا هئا.

    دراصل 1991ع دوران ويهين صديءَ جي پوئين ڏهاڪي شروع ٿيڻ سان ئي جئه هند ڪاليج ۾ سنڌي سبجيڪٽ لاءِ ٻئي سال ۾ شاگرد ملڻ ۾ ڪافي تڪليف ٿي رهي هئي. شاگرد صرف فرسٽ ييئر بي.اي. ۾ ئي سنڌي لازمي به مشڪل سان پڙهڻ لڳا هئا! ڀلا جڏهن گهرن ۾ ئي سنڌيءَ جو واهپو ڪونه هوندو ته اهڙي صورت ۾ سنڌي (آپشنل) پيپر ته ڇڏيو پر سنڌي (لازمي) به اسان وٽ بي.اي. ڪيئن هلي رهي هئي؛ ان ۾ جئه هند ڪاليج مئنيجمينٽ جي شفي رخ جو پڻ وڏو دخل هئو. ورڪ لوڊ گهٽيو ته مون کي انهن ڏينهن ۾ ئي ”فائونڊيشن ڪورس“ پيپر ڏنو ويو هئو؛ جيڪو آءٌ سيڪنڊ ييئر (بي.ايس سي.) کي پاڙهيندو هوس، جنهن هيٺ مونکي تاريخ ۽ جاگرافيءَ جي ضرور ڄاڻ ڏيڻي پوندي هئي.

    اهڙي صورت ۾ انهن ئي ڏينهن ۾ جيئن ئي بامبي يونيورسٽي اندر ڊاڪٽر نارايڻ ڀارتيءَ کي ليڪچرر مان ريڊر جي پوسٽنگ ملي ته آءٌ وٽس ڪيترائي پنڌ ڪندو رهيس ته سندس خالي ڪيل ليڪچرر واري پوسٽ ايڊورٽائيز ڪرائي وڃي؛ پر 1992ع ۾ هن جي رٽائر ڪرڻ تائين اها ايڊورٽائزيمينٽ ڪونه آئي، اها پوسٽ پوءِ منهنجي ريڊر بڻجڻ وقت جيڪڏهن ايڊورٽائيز نه ٿئي ها ته ماڳهين کسجيو ئي وڃي ها! ڌڻيءَ جو فضل آهي جو پوءِ اها پوسٽ ڀري ويئي هئي ۽ يونيورسٽي اندر منهنجي پوري دور ۾ توڙي شعبي جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هڪ نه پر اُتي اسين ۾ فرد فيڪلٽي طور ڪم ڪندا رهياسين! بلڪه آءٌ ته اُتي وڃڻ سان پهرئين ڏينهن کان ئي تفصيلي justification داخل ڪندي ٻين تمام شعبن جيان سنڌيءَ لاءِ پڻ گهٽ ۾ گهٽ چار ويڪنسيون گهرندو رهيو هوس. همت مردان مدد خدا جيان پوءِ ته ڏکئي دور ۾ به منهنجون ڪوشش ثاب پوندي اسان جي شعبي لاءِ پڻ پر نيون فيڪلٽي پوسٽ ڳنڍيندي جملي چار فيڪلٽي پوسٽ منظور ٿي مليون هيون!

    مون يونيورسٽي جوائن ڪيئي ته جلد ئي منهنجي ڊاڪٽوريٽ به ٿي ويئي. پوءِ ته اسين پهرئين سال ئي ايم.فل.(سنڌي) لاءِ داخلائون ڪري ئي ڇڏيون، جن کي 1996ع ۾ منهنجي راهنمائيءَ هيٺ ايم.فل. ڊگري ملي به ويئي. هڪ اسٽوڊنٽ هئي آشا رنگواڻي، جنهن ” هري دلگير، شخص ۽ اديب، ۽ نيلم موٽواڻيءَ ” ساميءَ جا سلوڪ“ موضوع تي تحقيق ڪندي پنهنجا پنهنجا مقالا تحرير ڪيا هئا؛ نيلم کي ته لائبريري ۾ ئي ڪم ڪرڻو هئو پر آشا آديپور هلي ڪري دلگير سان شخصي ملاقات پڻ ڪري آئي.

    يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي شعبي جي آفيس اندر هيل تائين اهڙو ڪجهه به نماءُ ڪونه ڪيل هئو، جنهن مان وڀاڳ جي خصوصيت ۽ انفراديت جي خبر پوي. ان لاءِ آءٌ الهاس نگر مان اسٽيل فريم جي مينوفيڪچرر کان هول سيل تي 12”x16” جا فريم خريد ڪري شعبي اندر ديوارين تي هڪ ئي سڌي قطار ۾ حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي. سچل سائين، سامي، ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ، مرزا قليچ بيگ، ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي، لالچند جڳتياڻي ۽ پرمانند ميوارام وغيره جا فوٽو سندن مختصر تفصيلات سان نماءَ لاءِ لڳايا؛ جنهن سان سچ پچ هاڻ اها خالي خالي آفيس به سنڌي ادب جي محسن حضرات سان ٻهڪڻ لڳي. مون يونيورسٽيءَکان خاص طور ڊپارٽمينٽل لائبريريءَ جي منظوري وٺي شاگردن لاءِ ”ريڊي ريفرنس لائبريري“ ٺاهڻ شروع ڪيئي؛ جنهن لاءِ جيڪي به شخص سونهاري سنڌ مان گهمي پئي آيا؛ انهن کي ايلاز ڪندي جيڪي ڪجهه به ادبي خزانو ملي پئي سگهيو؛ ميسر ڪندو ويس اسين يونيورسٽي جو بجيٽ صرف هندوستان کان ٻاهر شايع ڪيل تصنيفات لاءِ ڪم آندو؛ جيڪي هتي ڪنهن به بوڪ اسٽال تي ڪونه پئي ملي سگهيا؛ اهي گڏ ڪندا رهاسين انهن ڪتابن جو تعداد هيل تائين ته 3000 کن به ٿي ويو هوندو؛ باقي هندوستان ۾ ڇپايل تمام ڪتاب يا ته ڪيترن اديبن کان اسان وٽ سوکڙيون طور ايندا هئا ۽ هر سال نيشنل ڪائونسل فار پروموشن آف سنڌي لينگئيج کان پڻ امداد طور اچڻ لڳا؛ جن سان اسان جو لائبريري جو ذخيرو روز بروز وڌندو پئي رهيو.

    عوامي آواز سنڊي ميگزين 26 جون 2016
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,886
    ورتل پسنديدگيون:
    27,213
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    قسط 64
    توکي اڌ رات جو ئي گهر پهچڻو هئو!
    ٻلديو مٽلاني

    آءٌ بامبي يونيورسٽي ۾ اچڻ سان ئي سنڌي شعبي کي ٻين جي برابر آڻڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪرڻ لڳو هوس؛ پر هرهڪ ڪوشش پنهنجي ڪاميابيءَ ۾ حدن کي ڇهي؛ ان لاءِ الائي ڪيتريون مشڪلات سامهون اچڻ لڳيون! هيل تائين سنڌي شعبي اندر پبلڪيشن جو سلسلو شروع ڪندي هڪ به ڪتاب شايع ڪو نه ڪيو ويو هئو ۽ نه ئي اُتي هيل تائين اهڙي بجيٽ جي سهوليت مليل هئي. سنڌي شعبي کي ڊپارٽمينٽل لائبريري ڪو نه هئي؛ سنڌي شعبي جي آفيس ۾ اندر گهڙو ته خالي خالي ديواريون، ننڍي ٽيبل ڪرسي ۽ پبلڪ لاءِ ڪجهه نيٽ واريون ڪرسيون! مون سنڌي شعبي کي بلندين تائين پهچائڻ لاءِ جڏهن يونيورسٽيءَ کان اهڙو واجبي بجيٽ گهرڻ شروع ڪيو ته پهرين مون کي اهو ئي چيو ويو ته جڏهن اڳ واري سنڌي شعبي جي سربراهن طرفان ڪجهه به ڪونه گهريو ويو ته هاڻ آءٌ ڇو اهي تبديليون آڻڻ چاهيان ٿو! ڪيتري حد تائين اهي صحيح به هئا؛ جو يونيورسٽيءَ جي قائدي موجب جڏهن به ڪو نئون شعبو کوليو ويندو آهي ته پهرين اتي صرف هڪ ئي فيڪلٽيءَ جي اپوائنٽمينٽ ٿيندي آهي. جيڪو يونيورسٽيءَ کي پلان ٺاهي ڏيندو آهي؛ جنهن تي عمل درآمد ڪندي يونيورسٽي طرفان ٽيچنگ توڙي نان ٽيچنگ اپوائنٽمينٽ به ڪيون وينديون آهن ته انهن لاءِ گهربل آفيسون ۽ ضروري ساز و سامان پڻ مهيا ڪرايو ويندو آهي. هتي مشڪل اها هئي ته شعبي کي کلئي ويهه سال گذري چڪا هئا پر ڪڏهن اهڙي ڳالهه تي عمل ئي ڪونه ٿيو هئو يا ڪوشش ئي ڪو نه ڪيئي ويئي هئي. والله علم!

    آءٌ نراش نه هوس! مون يونيورسٽيءَ کي هر هڪ ضرورت لاءِ لکت ۾ Justifications ڏيڻ شروع ڪيا؛ پوءِ به سولو ڪم ڪونه هئو. مونکي شخصي حاضريءَ تي گهرايو ويندو هئو؛ جتي يونيورسٽيءَ جا اعليٰ عملدار ويٺل هوندا هئا. آءٌ لکت واري وضاحت ڪرڻ سان گڏوگڏ کين زباني پڻ ڪوشش ڪندي شعبي سان انصاف ڪرڻ جي درخواست ڪندو رهيس. ڪڏهن ته زيرو بجيٽ جو بهانو پئي ڏنو ويو ؛پر ڪڏهن ڪجهه مهربان هوندا هئا ته مڙيو ئي ٿورو گهڻو مڃيندا هئا؛ پر هر دفعي بجيٽ ايلوڪيشن ۾ ڪو به نئون اڪائونٽ کولائڻ هڪ وڏي چئلينج هوندي هئي.

    پوءِ الله ڪيو ته آهسته آهسته پاڻيهي دروازا کلندا ويا. پبلڪيشن لاءِ ٽي سال درخواست ڪندي ڪندي پهرين ساليانه صرف پنج هزار ئي ملي سگهيا؛ مون پوءِ به همت ڪونه هاري. اسان جي پهرين پبليڪشن ايندي ايندي پڻ ٽي سال لڳي ويا؛ پر جيئن ته منهنجو اهو ڪتاب ” فن تحقيق ۽ ان جا اصول“ ايم.فل. جي لاءِ ڪارائتو هئو ته شاگردن توڙي ذهين ادبي حلقي ۾ ان جي چڱي عزت افزائي ٿي. وڌيڪ خوشي تڏهن ٿي؛ جڏهن ڊاڪٽر غلام الانا صاحب ان جو مهاڳ لکندي چيو ته ”ان موضوع تي هيل تائين سنڌ ۾ به ان درجي جو سنڌي ڪتاب ڪو نه آيل آهي.“ هن نه صرف اهو ڪجهه پنهنجي مهاڳ ۾ چيو؛ پر پوءِ جڏهن ”سنڌي لينگئيج اٿارٽي“ ۾ اتان جو چيئرمن بڻيو، ته اٿارٽيءَ طرفان ان ڪتاب جي ٻيهر شايع ڪرڻ جو آرڊر پڻ ڪڍيائين!

    يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر، ڊاڪٽر ايس.ڊي.ڪارنڪ طرفان ”سنڌي ڀاشا ڀون“ پروجيڪٽ جي انائونسمينٽ آئي ته مون کي پنهنجي ريگيولر اڪيڊمڪ جوابدارين سان گڏوگڏ ان پروجيڪٽ کي پڻ ٽائيم ڏيڻو پيو. ڊاڪٽر ايل.ايڇ. هيراننداڻيءَ جو هڪ بلڊر دوست هئو گروند درياناڻي؛ اهو پاڻ مون سان گڏ بمبئيءَ جي مشهور و معروف آرڪيٽيڪٽ، حفيظ ڪانٽريڪٽر ڏانهن هليو ۽ کيس ان نيڪ پروجڪيٽ لاءِ الله جي نالي خدمات انجام ڏيڻ لاءِ مڃايو! آرڪيٽيڪٽ به ڀل اهو پروجيڪٽ چيرٽيءَ جي بنياد تي کڻن قبوليو؛ پر ان لاءِ درياناڻي صاحب کان هڪ ٻيو به وڏو پروجيڪٽ ورتائين ته جيئن کيس ايوريج نڪري سگهي!

    جيئن جيئن ’سنڌي ڀاشا ڀون ڪاميٽي‘ جون گڏجاڻيون ٿينديون رهيون ۽ وائيس چانسلر، ڊاڪٽر ڪارنڪ ۽ ڊاڪٽر ايل.ايڇ.هيراننداڻيءَ جي ڪوششن سان يونيورسٽيءَ کي ان جي تعمير لاءِ فنڊس ملندا رهيا ته آرڪيٽيڪٽ حفيظ ڪانٽريڪٽر وري پروجيڪٽ کي به ٿورو عمده ٺاهڻ لاءِ خرچ جو تخمينو اميد کان وڌيڪ وڌائيندو رهيو. پراجيڪٽ جي تعمير پنهنجي عملي منزل کي پهچي پهچي؛ اسان جي ڪاميٽيءَ جو چيئرمن، دادا سنمکداس ايسراڻي رب پاڪ جي قربت ۾ هلي ويو. مون لاءِ تڪليف اها هئي جو اسين هڪ پير اڳيان پئي وڌياسين ته ٻه پير پٺيان پئي ٿياسين. ڪيترا سائينءَ جا پيارا سنڌي سٻاجها ئي الائي ڪيئن پروجيڪٽ ۾ روڙا پئي اٽڪائيندا رهيا. هوڏانهن اسان جي وائيس چانسلر، ڊاڪٽر ڪارنڪ جو مدو پورو ٿي ويو ۽ 1995ع ۾ هڪ نئين وائيس چانسلر، ڊاڪٽر سنيهلتا ديشمک ان عهدي تي فائز ٿي. اسين ’سنڌي ڀاشا ڀون ڪاميٽي‘ ميمبران گڏيل صلاح ڪري دادا سنمکداس ايسراڻيءَ جي جاءِ تي بئريسٽر اشوڪ آڏواڻيءَ کي چيئرمن لاءِ عرض ڪيوسين ۽ يونيورسٽيءَ طرفان کيس اها جوابداري ڏني ويئي. پر دادا سنمکداس جو حلقو ٻيو، ته بئريسٽر اشوڪ آڏاواڻي جو دائرو ٻيو! جيتوڻيڪ هوُ بلڪل نيڪ نيت هئو ته پروجيڪٽ پنهنجي منزل کي پهچي؛ پر اسان جي مخالفتين وڃي اشوڪ آڏواڻيءَ جا رفيق پڪڙيا؛ جيڪي اسنا جي ڪاميٽيءَ ۾ هئا ئي ڪونه! هاڻ وري اڃا به تڪليف وڌندي رهي ته اسان جي بيحد عرضداريءَ سبب اشوڪ آڏواڻيءَ ”سنڌي ڀاشا ڀون“ ڪاميٽي ٽوڙي پنهنجي هوٽل روزووڊ، بمبئيءَ ۾ ڪيترن ئي ٻوليائي چڱمڙسن جو هڪ گڏيل ميڙ رات جي ڊنر پارٽيءَ تي رکيو. اصولي طور سڀني مڃيو پئي؛ پر ان ميٽنگ جي نه ته ڪا قانوني حيثيت هئي ۽ نه ئي ڪاميٽيءَ کان ٻاهريان ماڻهو پروجيڪٽ جي زوردار حمايت ۾ هئا. ميٽنگ پوري ٿيندي دير ٿي ويئي ته جيتوڻيڪ هوٽل جي مالڪ منهنجي دوست هئڻ ناتي مونکي اُتي ئي روم ڏني. پر آءٌ وري اهڙو سائين جو سٻاجهو؛ جو ان ڏينهن سينٽريل ريلوي بند ٿيڻ جي صورت ۾ ڪمبل ۾ سهمندي به ريلوي اٿارٽيءَ کان سيٽرل ريلوي سروسز شروع ٿيڻ جو پڇي اڌ رات هوندي دادر اسٽيشن پهچي ويس. پر سائين! دادر (سينٽرل ريلوي) تي پهتس ته خبر پيئي ته هڪ اڌ ٽرين مس نڪتي هئي ۽ هينئر ته ٻيهر اها سروس ٺپ لڳي پيئي هئي. هاڻ ته ڪٿي ڪنڊ پاسيرو صرف ويهڻ جي جاءِ وٺي ٻه چار ڪلاڪ ويهڻو پيو، جيسين ريلوي سروس شروع ٿئي. دل ئي دل ۾ پنهنجو پاڻ کي چوڻ لڳس ته ”واه ڙي ٻلوُ واه! چڱو ڀلو ايئرڪنڊيشنڊ روم ۾ سمهيو پيو هئين؛ به توکي اڌ رات جو ئي الهاس نگر گهر پهچڻو هئو! هاڻ ويهه پليٽ فارم تي!“

    هيڏين سارين ڪوشش باوجود اهي ڪهڙيون قوتون هيون، جواسان جو ”سنڌي ڀاشا ڀون“ جو پروجيڪٽ اڳتي وڌي ئي ڪونه رهيو هئو! انيڪ ڀيرا ائين لڳي ته بس ڪم ٿيڻ وارو ئي آهي؛ وري جو ڏس ته عجيب من گهڙت ڳالهين تي ماڳهئين مونکي ئي تڪليفن سان منهن مقابل ٿيڻو پوي! ڪڏهن ڪڏهن ته صرف ڪارا ڪارا ڪڪر گجگوڙ ڪرڻ لڳن ۽ ڀاشا ڀون ته ٺهي، ئي ٺهي ماڳهئين راقم الحروف کي ڪنهن نه ڪنهن ڳالهه ۾ وچڙايو وڃي! ائين ميڊم سنيهلتا ديشمک صاحبه جيڪا وائيس چانسلر هوندي مونکي بيحد ڀانئيندي هئي، ان جي باوجود به آءٌ ڪجهه ڪونه ڪري سگهيس! ائين ڊاڪٽر سنيهلتا جو به پنجه سالن وارو دور اچي پورو ٿيڻ تي هئو؛ جو اوچتو ئي اسان جي ”سنڌي ڀاشا ڀون“ ڪاميٽيءَ جي چيئرمن اشوڪ آڏاواڻي ۽ وائيس چانسلر، ميڊم سنيهلتا ان لاءِ بنيادي پٿر هڻڻ واري رسم لاءِ 31-اپريل 2000ع وارو ڏينهن مقرر به ڪري ڇڏيو.

    هوڏانهن اسان کي جيڪو پلاٽ الاٽ ٿيل هئو؛ اهو سالن کان ڪجهه به ڪم نه ٿيڻ سبب جهنگ لڳو پيو هئو نه صرف جهنگ پر اتان جي ڌرتي پڻ کڏون کوٻا هئي. اوچتو جڏهن مونکي يونيورسٽي مان ان پروگرام جي تياريءَ لاءِ اطلاع مليو ته پهرين ته يونيورسٽي انجنيئر سان گڏ اها ڌرتي صاف ۽ سڌي ڪرائڻي پيئي؛ جتي قالين وڇائي سنگ بنياد وجهڻ جي رسم ادا ڪري سگهجي! مقرر ڏينهن تي ان فنڪشن پنهنجو عملي روپ ورتو. يونيورسٽيءَ طرفان وائيس چانسلر، ڊاڪٽر سنيهلتا ديشمک، پرو وائيس چانسلر ڊاڪٽر نريش چندر ۽ رجسٽرار ڊاڪٽر مروڊڪر ٽيئي آيل هئا. جڏهن ته سنگ بنياد جي رسم ادا ڪرڻ لاءِ خاص طور دادا جشن واسواڻيءَ کي پونا مان گهرايو ويو هئو. اها ڳالهه پنهنجو پاڻ ۾ هڪ وڏي ڪاميابي هئي؛ ته جنهن عمارت جو سنگِ بنياد سنڌين جي هڪ وڏي مرشد، دادا جشن واسواڻيءَ جي پاڪ هٿن سان رکايو وڃي ان جي پوئواريءَ ۾ ته پنهنجو پاڻيهي به جاتيءَ جا ڪيترن ئي چڱن مڙسن جي اچڻ جي اميد رکي سگهجي پيئي! پرورگرام جو سمورو خرچ بئريسٽر اشوڪ آڏواڻيءَ طرفان ڪيو ويو! پر خرچ انهن جي ذمي هئو ته هر هڪ شئي تي ڄڻ مٿانهون هٿ به انهن جو هئو. هڪ مهاراج کان سنگِ بنياد لاءِ پوڄا ڪرائي ويئي؛ بعد ۾ دادا جشن واسواڻيءَ جي نيڪ هٿن کان اها سنگ بنياد واري رسم ادا پائي؛ جنهن بعد تمام حاضرين سامهون تقريرن جو سلسلو شروع ٿيو ۽ آخر ۾ هڪ هڪ آيل شخص لاءِ بهترين لنچ جو انتطام ڪيل هئو. ايڏو وڏو ڪم اوچتو ئي اوچتو ٿيڻ سبب جتي هڪ خوشيءَ جو احساس پئي ٿيو؛ اتي هڪ عجيب ڳالهه اها به ٿي؛ جو لنچ پوري ٿيڻ بعد سامان سهيڙيندي بئريسٽر اشوڪ آڏواڻيءَ وارن جي تعليمي سنسٿا، حيدرآباد (سنڌ) نيشنل ڪاليجئيٽ بورڊ جي هڪ تعليمي اداري .ايم.ايم.ڪي.ڪاليج جو پرنسپال سدارنگاني جڏهن پنهنجي ڪيٽررز ۽ ٻين همراهن کي ٽپڙ سهيڙڻ ۾ سهيوگي هئو ته وڃڻ مهل اهو بنيادي پٿر، جنهن تي سنڌي ڀاشا ڀون جي سنگِ بنياد لاءِ دادا جشن واسواڻي ۽ اسان جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر سنيهلتا ديشمک جا نالا اڪريل هئا؛ اهو گرينائيٽ وارو پٿر به اُتي جو اُتي ئي صرف چند ڪلاڪ لڳڻ کانپوءِ لاهرائي پنهنجي ڪار ۾ وجهي ڪيڏانهن کڻائي ويو.

    پوءِ ته اسان جي وائيس چانلسر، سنيهلتا ديشمک جو مدو پورو ٿيو ته ان جي جاءِ تي ڊاڪٽر ڀالچندر منگيڪر؛ جيڪو ڪڏهن ايڪانامڪس شعبي ۾ ريڊر هئڻ کانپوءِ مرڪزي سرڪار جي پلاننگ ڪميشن ۾ ميمبر ٿي ويو هئو؛ ان جي اپوائنٽمينٽ ڪئي ويئي. وائيس چانسلر، ڊاڪٽر منگيڪر جي ڏينهن ۾ سنڌي ڀاشا ڀون ڪاميٽيءَ جون ڪجهه گڏجاڻيون ٿيون ته اوچتو ئي هڪ نئين ميمبر اهڙي هرهڪ ميٽنگ ۾ عجيب ڳالهيون ڪرڻ شروع ڪيون؛ جو پنهنجي ليکي به ڪم اڳيان وڌڻ بجاءِ اٽڪيو پوي!

    آءٌ پنهنجي پاڪ پروجيڪٽ ”سنڌي ڀاشا ڀون“ آڏو ايندڙ هر هڪ مشڪلات کي منهن ڏيان ئي ڏيان! جو وري ڪا نئين تڪليف سامهون اچيو وڃي. چوندا آهن ” وڃڻ واري جو هڪ رستو ڳولهڻ واري جا سئو رستا!“ مصداق مون به صرف اندازا پئي لڳايا ته اهڙي نيڪ مقصد جي مخالفت ۾ سڀ کان وڏو هٿ ڪنهن جو ٿي سگهي پيو! سائينءَ جي مهر سان اوچتو ئي رب پاڪ طرفان اونده ۾ روشنيءَ جو هڪ ترورو نظر آيو ته جيئن آءٌ پنهنجي مخالفتين کان چاڪ و چوبند رهي سگهان. ٿيو ڇا؛ جو انهن ئي ڏينهن ۾سال 2000ع ۾ سنڌي ٽائيمس پبليڪشن طرفان ڊاڪٽر نارائڻ ڀارتيءَ جي مقالن جو مجموعو ”سيمينار“ شايع ٿيو، جنهن دوران سندس مختلف سيمينارن ۾ پيش ڪيل مقالات ڏنل هئا. پر جيئن ته به هميشه پاڻ کان ڪنهن مٿانهين برجسته عالم ۽ اديب کان وابسته ڪتاب لاءِ مهاڳ لکايو ويندو آهي؛ ته هتي وري ڀارتي صاحب جي هڪ شاگرد نما شخص طرفان ان ڪتاب جو ”مهاڳ“ ڏنو ويو هئو؛ جنهن همراه کي خبر ئي ڪو نه هئي ته مهاڳ لکڻ جون ڪهڙيون مريادائون ٿينديون آهن! ان مهاڳ ۾ ادب جي شاخ سان وابسته پهرين اهو ادبي بحث ڇيريندي پوءِ ان ڪتاب جا حوالا ڏيندي ڪتاب جي ادبي پرک ڪئي ويندي آهي. پر هتي ته ماڳهئين ئي سڀ ليڪا لتاڙيندي ڪتاب جي مواد تي ڳالهائڻ کان ڪوهين دور ٿيندي ۽ راقم الحروف کي گهٽ وڌ ڳالهائيندي اسانجي ڪتابن جا حوالا پڻ ٽوڙي مروڙي تحرير ڪندي مورڳو ئي اهو چيو ويو ته سنڌي جاتيءَ جا تمام فرد سجاڳ ٿين ۽ ممبئي يونيورسٽيءَ اندر ”سنڌي ڀاشا ڀون“ نه ٺهڻ ڏين! ان موقف جي پٺڀرائي ۾ هن همراه اهو لکيو، ته ”هڪ ته اهو ڀون يونيورسٽيءَ جي ملڪيت ٿي رهندو ۽ ٻيو ته هندوستان ۾ اڳتي هلي نه ته سنڌي ٻولي رهندي ۽ نه ئي ڳالهائڻ وارا!

    مون کان ته ڪتاب ڏسندي ئي ڇرڪ نڪري ويا؛ جو اهي سڀ ڳالهيون صرف ناڪاري مقصد جي برتوابيءَ ۾ اهڙي پيرايه ۾ بيان ڪيل هيو، جو ڪهڙو به گهٽ سمجهه رکندڙ فرد ان قسم جي ناڪاري سوچ کي جيڪر دل و دماغ ۾ ڪهڙي به قيمت تي جاءِ ڏيڻ ئي ڪونه چاهيندو. خدانخواسته، جيڪڏهن اسان جو ڪو بزرگ ڪڏهن حالتن جي پيش نظر اسپتال جي آءِ.سي.يو. ۾ به پهچندو آهي ته ٻارڙا اهو ڪڏهن ڪونه چوندا آهن، ته بس بزرگ وڃڻ وارو آهي. پر اميد جو دامن مضبوط پڪڙي رکيو آهي، ته ”مالڪ جي مهر ٿي پوندي!“

    عوامي آواز سنڊي ميگزين 3 جولاءِ 2016
     
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,886
    ورتل پسنديدگيون:
    27,213
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    قسط 65
    مون سان ته ڀيڻ ڀائر وارو ناتو جُڙي ويو!
    ٻلديو مٽلاني

    بمبئي يونيورسٽي جي سنڌي ڊپارٽمينٽ ۾ مون کان اڳ ڪم ڪندڙ شخص، ڊاڪٽر نارايڻ ڀارتيءَ 2001ع ۾ پنهنجي مضمونن جي مجموعي ”سيمينار“ ۾ جڏهن کليو کلايو ”سنڌي ڀاشا ڀون“ پروجيڪٽ جي مخالفت ڪندي ٻين کي پڻ اهو سڏ ڏنو ته اُهي به ان جي مخالفت ۾ سندن ساٿ ڏين. تڏهن مون کان ڇرڪ ته نڪتا، پر هڪ ڳالهه جي بيحد خوشي ٿي ته هاڻ اُن نيڪ پروجيڪٽ جا مخالف آهسته آهسته ظاهر ٿي رهيا هئا. پوءِ ته وري 21 نومبر 2004ع جي هفتيوار ”هندواسيءَ “۾ ڊاڪٽر ارجن ”شاد“ به پڌرو ٿي پيو؛ جنهن جي نالي سان ظاهر ڪيو ويو ته ”بمبئيءَ ۾ رام پنجواڻيءَ واري ”سيتا سنڌو ڀون“ کانسواءِ ٻئي ڪنهن به ڀون جي ضرورت ئي ناهي!“ نه صرف ايترو پر هن جي لفظن ۾ اهو پڻ ظاهر ڪيو ويو ته ”ائين ڪرڻ سان هڪ طرف ڪروڙين روپين جو زيان ٿيندو ۽ اهڙي اوج تي به نه پهچندو“.

    ڊاڪٽر ارجن ”شاد“، نارايڻ ڀارتيءَ کان به اڳ بمبئي يونيورستيءَ جي سنڌي شعبي ۾ ريڊر طور خدمتون انجام ڏيندي 1985ع ۾ رٽائر ڪيو هئو. هاڻ اسان کي اها به خبر پئجندي رهي ته سنڌي شعبي ۾ مون کان اڳ ڪم ڪندڙ ٻيئي حيات صاحبان، ڊاڪٽر ارجن شاد ۽ ڊاڪٽر نارائڻ ڀارتي پاڻ ئي ان منصوبي جي خلاف هئا. هنن جي نظر ۾ سنڌين جي اڪيڊمڪ، ادبي ۽ ڪلچرل سينٽر تي جيڪڏهن ڪجهه خرچ ٿيندو ته اهو پيسن جو زيان هوندو ۽ ان جي ٺهڻ کان اڳ ئي چوڻ ته اُهو اوج تي نه پهچندو؛ انهن لفطن کي ته ڪو به بنياد ئي ڪو نه هئو؛ جو هن سينٽر کي ته ممبئي يونيورسٽيءَ اندر سنڌين جو هڪ اهڙو مرڪز تي ڪم ڪرڻو هئو، جتي سنڌو ماٿريءَ جو نماءُ ڪندي ميوزيم اچڻو هئو؛ آڊيٽوريم ۽ سيمينار هال تعمير ٿيڻا هئا؛ آڊيو-وڊيو ڪلاس روم ۽ لينگئيج ليبارٽريءَ ذريعي ٻوليءَ جي تعليم ملڻ ۽ سينٽرل لائبريريءَ کانسواءِ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ کان آيل عالمن ۽ اديبن لاءِ گيسٽ روم پڻ اچڻا هئا ۽ جتي روز سنڌي ثقافت پراون چڙهي سگهي ها!

    مون کي پاڻ کان اڳ يونيورسٽي ۾ سنڌي شعبي وارن ٻنهي حيات همراهن جي کليو کلايو مخالفت ڏسي پاڻ هڪ تسڪين ٿي ته آءٌ جو ڏينهن رات ان پاڪ منصوبي کي عملي جامو پارائڻ لاءِ جتيون پيو گسايان، هاڻ جيڪڏهن خوانخواسته اهي اميدون برثواب نه ٿيون ته گهٽ ۾ گهٽ تاريخ ان جو ڏوه راقم الحروف جي ڪمزور ڪلهن مٿان ڪونه مڙهي سگهندي! مون کي ان ڳالهه جو هميشه ڏک رهندو ته جڏهن هاڻ ته نه صرف کليو کلايو سنڌين جي پاڪ پروجيڪٽ ”سنڌي ڀاشا ڀون“ جي مخالفت ڪئي ويئي هئي تمام جاتيءَ جي نه نام نهاد گهڻگهرن مان ڪو به هڪ شخص سامهون ڪونه آيو؛ جنهن انهن هاڃيڪار بيانن جي مذمت ڪئي هجي! بعد ۾ ته اها به خبر پيئي ته جنهن همراه نارايڻ ڀارتيءَ جي ڪتاب واري مهاڳ ۾ ”سنڌي ڀاشا ڀون“ لاءِ تخريبي بيان ڏنو هئو، ڀارتي صاحب کيس ظاهري طور ان کي رڳو ڪٿي ڪٿي پاڻ سان گڏ سرڪاري /نيم سرڪاري سيمينارن ۾ گڏ وٺي وڃڻ جو آسرو ڏنو هئو جو اهڙو هڪ ڪارٽون پڻ خود نارايڻ ڀارتيءَ جي پنهنجي ”سنڌي ٽائيمس“ ۾ ڏنو ويو!

    بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ عام ليڪچررس لاءِ ٽريننگ ڪورس ڪرايو ويندو هئو، جنهن لاءِ ڀارت جي مرڪزي سرڪار جي ”يونيورسٽي گرانٽس ڪميشن“ طرفان اسان وٽ ڪالينا ڪيمپس ۾ هڪ ”اڪيڊمڪ اسٽاف ڪاليج “ برپا ڪيل هئو، جتي 1989ع دوران پروفيسر روپا شاه ڊئريڪٽر هئي. تڏهن جئه هند ڪاليج کي ممبئي يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچررس جي ٽريننگ لاءِ ليٽر آيو ته انهن منهنجو نالو موڪليو؛ جتي 11 سيپٽمبر کان 6 آڪٽوبر 1989ع تائين ٽن هفتن جو اورينٽيشن پروگرام هليو، ان پروگرام ۾ آرٽس، سائنس ۽ ڪامرس؛ سڀني فيڪلٽي جا ٽيچر هئا، جتي بمبئي ۽ انجي آسپاس کان مشهور معروف شخصيتن کان اسان جي ڄاڻ وڌائڻ ۽ ليڪچر ڏيڻ جي طريقي کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ترغيب ڏني ويئي هئي. اهڙن پروگرامن مان سڀاويڪ طور وڏو فائدو اهو آهي ته مختلف پروفيسر صاحبان جي ليڪچر ڏيڻ جي ڏانءَ کان واقف ٿي اسين پنهنجو پاڻ کي به سڌاري سگهون ٿا! هڪ پروفيسر ڦڙڪي صاحب هئو؛ جنهن اچڻ سان چيوته ”اوهين سڀ ذميوار ٽيچر آهيو؛ اوهان کي پنهنجي فرض ادائي توڙي نجي جيون ۾ ڪيتريون ئي مشڪلات درپيش اينديون هونديون؛ آءٌ آيو ئي ان لاءِ آهيان ته اوهان جون مشڪلات دور ڪري سگهان!“

    اسان واري بيچ ۾ ڪل ٽيهه ڄڻا هئا؛ جن کي روز ٽي-ٽي ڪلاڪ جا ٻه ليڪچر اٽينڊ ڪرڻا هوندا هئا. هر هڪ ايڪسپرٽ کان ڪجهه نه ڪجهه نئون سکڻ لاءِ ملندو هئو. انهن ليڪچرس وچ ۾ ناشتو به ملندو هئو ته منجهند جي ماني به سڀني لاءِ فراهم ڪئي ويندي هئي. هاڻ جو پروفيسر ڦڙڪي صاحب چيو ته هو اسان جا سرڪاري توڙ غير سرڪاري سمورا مسئلا حل ڪرڻ آيو آهي؛ ته اهو ٻڌي سڀ جو سڀ شراڪين خوش ٿي ويا. پوءِ ته هر هڪ پنهنجو روئڻو روئڻ شروع ڪيو. مجموعي طور سڀني کي انتظار اهو هئو ته 1-جنوري 1986ع کان ”چوٿين پگهار ڪميشن“ تي ٽي سال گذرڻ کانپوءِ به اڃاتائين عمل درآمد ڇو نه ٿي سگهيو آهي! ان کي ڇڏي به ڪيترن ئي پنهنجا پنهنجا عجيب و غريب نجي مسئلا کيس ٻڌايا. ڪنهن کي به سمجهه ۾ نه اچي رهيو هئو ته ان پروفيسر وٽ ڪهڙي جادوئي ڇڙي آهي، جنهن سان سڀ جو سڀ مسئلا حل ٿي ويندا! پر هن پنهنجي ڳالهه اهڙي ته دلچسپ ۽ دلڪش انداز سان ڪيئي جو سڀ جو سڀ شراڪين اصل ان پروفيسر کان خوش لڳا پيا هئا ته هاڻ ٿو اسان جو مونجهارو دور ٿئي!

    ليڪچر ۾ سڀئي ائين ٻڌجي ويهي رهاسين! جو لڳو پئي ته پروفيسر ڦڙڪي جي جادوئي چراغ جو ڪجهه حصو اسان کي به ملڻ وارو آهي. ليڪچر ۾ اسين هڪ طالب علم طور نه، پر ائين ويٺا رهاسين؛ ڄڻ ”ارل اسٽينلي گارڊنز“ جي لکيل فلم هلي رهي هجي ۽ هڪ هڪ منٽ ۾ سڀ جو سڀ ان تجسس جو لطف وٺي رهيا هجن ته ايندڙ گهڙيءَ ڪا وڏي خوشخبري ملڻ واري آهي! ڦڙڪي صاحب، سائيڪالاجي جو پروفيسر هو ۽ ڪامياب ڪيمونيڪيشن ۾ زبردست ماهر هئو.

    آخر سڀني کي هيپنوٽائيز ڪندي جڏهن ليڪچر پورو ڪيائين ته حال ته ڄڻ سڀ جو سڀ سُن هئاسين. ڪجهه دير پوءِ جڏهن هوش ۾ آياسين، ته سڀني کي صرف آسري کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه مليو هئو. اهو سچ به هئو ته سڀ کي پنهنجا پنهنجا سور آهن؛ ڪو سماج جو ستايل آهي ته ڪو اقربا پروريءَ جو؛ ڪو غنڊه گرديءَ جو شڪار آهي ته ڪنهن جي مٿان بالا آفيسر ڏمريا ويٺا آهن؛ ڪنهن جي لاءِ ٻه گرهه مانيءَ جا ڪڍڻ به ڏکيا آهن ته ڪو پنهنجي چار ڦيٿن واري گاڏي بدلائي اڃا به وڌيڪ اُچو ماڊل وٺڻ واري چڪر ۾ سرگردان آهي! اهي سڀ ڳالهيون گهٽ ۾ گهٽ پروفيسر ڦڙڪي جي دائري کان ته ٻاهر هيون؛ پوءِ به هن نه صرف سڀني کي بهترين دلاسا ڏنا، پر اسان کان پڻ اورنيٽيشن پروگرام جي آخر ۾ جڏهن ”فيڊ بيڪ فارم“ ڀرايا ويا ته خود مون ئي پروفيسر ڦڙڪي صاحب جي ليڪچر کي نمبر-ون قرار ڏنو هئو! ڀل ڪنهن کي ڪجهه به ڪونه مليو هئو؛ پر اسين برصغير جا ماڻهو صرف دم دلاسي تي ئي پوري زندگي پيا گذارايندا آهيون ۽ خوش رهندا آهيون.!

    هڪ ٻيو رسورس پرسن، ”گودريج انڊسٽريز“مان آيو، جيڪو اُتي مئنيجمينٽ سنڀاليندو هئو. نوجوان ڳاڙهو ڳٽول ۽ زبردست عالم ۽ ودوان! ان به اسان کي بيحد موهي وڌو. هن پنهنجو ليڪچر ته ڏنو ئي ڏنو؛ پر هن پنهنجي ٽن ڪلاڪن اندر اسان کان هڪ راند به ڪرائي. اسين ڪلاس ۾ ڪل ٽيهه ڄڻا هئاسين؛ جن مان ڇهه ڄڻا چونڊي هن ٻن ٻن ڄڻن جون ٽي ٽيمس ٺاهيون. بعد ۾ هن پنهنجي بيگ مان پلاسٽڪ جا ڪيوبس ڪڍي انهن الڳ الڳ ڪيوبس کي پاڻ ۾ ڳنڍيندي هڪ گهر ٺاهي ڏيکاريو، مونکي جيڪا بچپن کان ئي عادت آهي ته اُستاد جي ليڪچر ۾ ننڍي هوندي کان ڪجهه نه به ايندي. پوءِ به هٿ مٿي کڄي ويندو هئو. منهنجي ان روش سبب هاڻ وارا استاد پڻ مونکي ڪجهه وڌيڪ پسند ڪندا هئا؛ جو کين لڳندو هئو ته اهي جيئرن جاڳندن شاگردن سان مخاطب آهن جتان کين ڪجهه موٽ به ملي رهي آهي.

    ان استاد جيڪي ٽي ٽيمس ٺاهيون؛ انهن مان هڪ ۾ مان ۽ هڪ ”صوفيا گرلس ڪاليج“ ۾ سائنس فيڪلٽيءَ جي ٽيچر هئي. پروفيسر، راند اها ڪرائي ته انهن ٽيمن مان هڪ شخص جي اکين تي زور سان پٽيون ٻڌيون ويون ۽ پوءِ ان کي ٽيبل تان اُهي ڪيوبس کڻي پنهنجي همراه جي صلاح سان جيڪو کيس صرف ٻڌائي پئي سگهيو پر ان کي هٿ ڪو نه لاهڻو هئو؛ ان پٽيون ٻڌل شخص کي ڪيوبس هڪٻئي جي مٿان رکي گهر ٺاهڻو هئو. اتفاق سان پهريون ٻيئي ٽيمس صرف چند ڏاڪا ئي مس ٺاهي سگهيون ۽ پوري ڪلاس روم ائين پئي سمجهيو ته اها ڏاڍي ڏکي راند آهي؛ جيڪا ڪير کٽي ئي ڪو نه سگهندو! پر آخر ۾ جڏهن اسان واري ٽين ٽيم جو وارو آيو ته اسان واري ليڊي ٽيچر کي پڻ زور سان پٽيون ٻڌيون ويون ۽ پوءِ مونکي چيو ويو ته آءٌ ان سان ڳالهائيندي سندس راهنمائي ڪريان ته جيئن اهو گهر ٺهي سگهي! سائينءَ جي مهر سان مون ان راند کي به هڪ چئلينج ڪري کنيو ۽ پوءِ ته ڪلاس توڙي استاد کي به کلائيندي ۽ رڙيون ڪندي پنهنجي پارٽنر کي سمجهائيندو رهيس ته کيس به کاٻي، ساڄي، اڳيان، پٺيان ۽ هيٺ مٿي وڃڻو آهي ۽ پوءِ جڏهن کيس بلڪل صحيح جاءِ تي پهچائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويس ته کيس چيو پئي ته آهسته سان بلڪل ان ساڳي جاءِ تي اهو ڪيوب رکندي اچي! اسان کي پرفارم ڪندي پوري جو پورو ڪلاس توڙي استاد به لطف وٺندو رهيو ته هڪ هڪ ڏاڪو مٿي چڙهندي پوري جو پورو گهر به ٺاهي ورتوسين! پوءِ ته تاڙين جا ڦهڪا پئجي ويا ! اسان جي ٽيم جي ته ساراھ ٿي ئي، پر ڪيترا وري ان ڪاميابيءَ جو سهرو منهنجي سر تي رکي رهيا هئا، جو مون سڀ ڪجهه وساري هڪ روحاني نموني پنهنجو رول نڀايو هئو!

    انهن ڏينهن ۾ اڪيڊمڪ اسٽاف ڪاليج، بمبئي ۾ ڊئريڪٽر جي عهدي تي پروفيسر روپا شاه فائز هئي؛ جيڪا پڻ مونکي ان اورنٽيشن ڪورس دوران بيحد پسند ڪندي هئي؛ ان تقريبن هڪ مهينو هلندڙ پروگرام ۾ ته اسين روز هڪٻئي سان ملندا رهندا هئاسين. ڌڻي سائينءَ پروفيسر روپا شاه جي فطرت ۾ ئي بي پناه پيار ڀري ڇڏيو هئو جو مون سان ته ڄڻ سندس ڀيڻ ڀائر وارو ناتو جُڙي ويو. هڪ ڏينهن آءٌ پنهنجي ڪيمره کڻي اچي هن جي آفيس ۾ ڪجهه پورٽريٽس ڪڍيا ۽ پنهنجي دوست رام لالچنداڻيءَ جي ڪيليگرافيءَ ۾اهي چند فوٽوگراف هڪ ميمنيٽو جيان ٺهرائيندي کيس آخرين Valedictory Function ۾ اهو تحفو کيس نذرانه عقيدت طور پيش ڪيو ته سڀ اُن جي ساراه ڪرڻ لڳا.

    اختتامي اجلاس کان اڳ اسان مان هرهڪ فرد کي پوري ڪلاس سان مخاطب ٿيندي پنهنجا تاثرات ظاهر ڪرڻا هئا. خوش نصيبيءَ سان سڀني کي نه صرف منهنجا ان آخري اجلاس ۾ ڏنل رمارڪس وڻيا، پر ڪجهه ڏينهن اڳ مون پنهنجي سبجيڪٽ تي ڳالهائيندي پوري ڪلاس اڳيان جيڪو ‘Sufism in Sindhi Poetry’ تي ليڪچر ڏنو هئو؛ اهو پڻ بيحد پسند ڪيو ويو هئو! ان ليڪچر ۾ مون لاکيڻي لال شاه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سائين، خواجه محمد لنواريءَ وارو، روحل فقير زمان، ڪجهه ٻين سنڌي صوفي شاعرن لاءِ جنهن تعظيم جو ذڪر ڪندي انهن جي پيغام تي روشني وڌي هئي؛ ان پڻ منهنجي عزت ۾ اظافو ئي آندو هئو!

    ميڊم روپا شاه، ڪجهه سال پوءِ اڪيڊمڪ اسٽاف ڪاليج مان نڪري ايس.اين.ڊي.ٽي. يونيورسٽيءَ؛ ممبئيءَ ۾ وائيس چانسلر ٿي ويئي به هڪ ڏينهن مونکي ”وانکيڙي اسٽيڊيم“ جي ڪلب ۾ گڏجي ويئي ته بيحد پاٻوه منجهان ملي هئي! ايس.اين.ڊي.ٽي. يونيورسٽي، 1916ع کان ممبئيءَ ۾ صرف عورتن ۾ تعليمي سجاڳي آڻڻ لاءِ برپا ڪئي ويئي هئي؛ جنهن لاءِ مهاراشٽرا جي هڪ مشهور ۽ معروف شخصيت مهرشي ڪروي جون وڏيون خدمتون انجام ڏنل آهن. ان 1915ع کان ’جاپان ويمن يونيورسٽي‘ جا تفصيل گهرائي انهن جو جائزو ورتو هئو، پوءِ صرف هڪ سال جي ئي محدود عرصي ۾ سچ پچ ان يونيورسٽيءَ جو قيام ڪيو ويو هئو. ان يونيورسٽي کي قائم ڪرڻ لاءِ وٺلداس ٺاڪرسي، پنهنجي والده نٿي ٻائي جو نالو تاريخ ۾ حيات رکڻ لاءِ ان دور ۾ پندرهن لک رپيا ڊونيشن طور ڏنا هئا، جنهن جي نتيجي ۾ 1920ع ۾ ان کي ”شريمتي نٿي ٻائي ۽ دامودر ٺاڪرسي ويمن يونيورسٽي“ (S.N.D.T) نالو ڏنو ويو هئو. ان يونيورسٽيءَ جو هيڊ ڪوارٽر چرچگيٽ، ممبئيءَ ۾ آهي ۽ ان جا باقي ٻه ڪيمپس سانتاڪروز (ممبئي) ۽ پونا ۾ واقع آهن. جڏهن ته ڀارت جي مختلف صوبن، مهاراشٽرا، آسام، اترپرديش، بهار، مڌيه پرديش، سورت ۽ گوئا جا ڪيترائي ڪاليج پڻ ان يونيورسٽيءَ سان جُڙيل آهن.

    2006ع دوران جڏهن سنڌ جو هڪ وفد بمبئيءَ آيل هئو؛ ته انهن مان ٻه ڄڻا ڀاءُ ذوالفقار ۽ ڀاءُ مظهر جيڪي اُتان جا بهترين گايڪ ڪلاڪار آهن؛ انهن کي هتان جي ممبئي يونيورسٽيءَ جي ميوزڪ ڊپارٽمينٽ، ڪلب هائوس، چرچگيٽ ۾ اتان جي هيڊ آف ڊپارٽمينٽ ۽ چرچگيٽ (ايسٽ) ۾ ايس.اين.ڊي.ٽي. يونيورسٽيءَ جي ميوزڪ ڊپارٽمينٽ جي هيڊ؛ جيڪا ان مهل هڪ ميڊم هئي؛ انهن سان پڻ ملايو هئو؛ جن ٻنهي هنن سان برصغير جي ميوزڪ تي چڱو ئي خيالن جي ڏي وٺ ڪيئي هئي.

    عوامي آواز سنڊي ميگزين 10 جولاءِ 2016

     
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,886
    ورتل پسنديدگيون:
    27,213
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    قسط 66
    ٽينشن هميشه ٻئي کي ڏيندو ڪر!
    ٻلديو مٽلاڻي

    1986ع دوران جڏهن اسين جئه هند ڪاليج ۾ سنڌي سرڪل جا پروگرام رٿي رهيا هئاسين، ته آءٌ فلم ڊئريڪٽر تلسي رامسي سان رابطو ڪندي کيس ڪنهن به وڏي فلم هستيءَ کي اسان وٽ چيف گيسٽ طور وٺي اچڻ لاءِ عرض ڪيو. هن مونکي هڪ ڏينهن”محبوب فلم اسٽوڊيو“ باندار ۾ گهرايو؛ جتي رڪارڊنگ اسٽوڊيو جي هڪ وڏي هال ۾ ڪشور ڪمار جي فرزند اميت ڪمار ۽ الڪا ياگنڪ جي آواز ۾ هڪ گيت جي رڪارڊنگ ٿي رهي هئي. رڪارڊنگ هلندي اهو گيت تمام گهڻو وڻي رهيو هئو، جڏهن ته ڪهڙو به نئون گيت پهرين ايترو لطف ڪونه ڏيندو آهي. پر پوءِ ٻڌندي ٻڌندي اها ڌن دلين جي گهرائين تائين گهر ڪندي ويندي آهي ۽ آهسته آهسته اهو مخصوص گيت مشهور ٿيندو ويندو آهي. اهو ئي سبب اهي، جو هر دور ۾ فلم پروڊيوسر پيسا ڀري به پنهنجا نوان گيت ايڊورٽائيزمينٽ طور يا ڪنهن به ٻئي روپ ۾ هلائيندو رهندو آهي. اسين ننڍي هوندي ته جڏهن پهريون فلپس اليڪٽرڪ ريڊيو ورتو هئوسين، تڏهن ووڌ ڀارتي تان گيت پيو هلندو هئو ” سارنگا تيري ياد مين نئن هوئي بي چين“ ڏاڍو مزو ايندو هئو. 1962 ۾ ”وه ڪون ٿي“ جو گيت هلندو هئو ” نينا برسي رم جهم رم جهم “ 1968 دوران ”پردي مين رهني دو پرده نه اٺائو، پرده جو اٺ گيا تو ڀيد کُل جائيگا.“ اهي گيت اڳواٽ ئي سامعين جي دل و دماغ ۾ گهر ڪري چڪا هوندا هئا ۽ پوءِ ان مخصوص فلم جو انتظار شروع ٿي ويندو هئو. پر هاڻ ” محبوب فلم اسٽوڊيو“ ۾ تلسي رامسي لاءِ جنهن گيت جي رڪارڊنگ هلي رهي هئي؛ ان جي ڌن ايترو ته رسيلي ٺاهيل هئي، جو ٻڌندي ئي ماڻهو جيڪر سن ٿيو وڃي. ان دور ۾ هڪ ئي ٽريڪ تي سازندن سان گڏ گايڪ جو آواز رڪارڊ ٿيندو هئو. تمام سٺي رڪارڊنگ هلي رهي هئي، جو گيت ختم ٿيندي ٿيندي هڪ سازندي کان ڪا غلطي ٿي ويئي، پوءِ ته وري ٻيهر اها پوري رڪارڊنگ ڪيئي ويئي، جيستائين ميوزڪ ڊئريڪٽر هر طرح کان مطمئن ڪو نه ٿيو!

    1989ع ۾ بامبي يونيورسٽيءَ جي اڪيڊمڪ اسٽاف ڪاليج مان جنرل اوريئنٽيشن وٺڻ کانپوءِ 1992ع جي جون مهيني ۾ گرمين جي وئڪيشن کان پوءِ جيئن ئي ڪاليج کلڻ وارا هئا، ته جئه هند ڪاليج مان اطلاع مليو ته مون کي 15 کان 19 جون تائين يونيورسٽيءَ جي فورٽ ڪيمپس، هيڊ ڪوارٽر ۾ ”فائونڊيشن ڪورس“ سبجيڪٽ لاءِ پنج ڏينهن جو اورينٽيشن ڪورس اٽينڊ ڪرڻو آهي. مان ته خوش ٿي ويس، جو هن سال کان مون کي ڪاليج ۾ سنڌيءَ سان گڏ سيڪنڊ يئير بي.ايس سي. کي فائونڊيشن ڪورس پڻ پڙهائڻو هئو. فائونڊيشن ڪورس، بمبئي يونيورسٽيءَ طرفان مختلف ڪلاسن لاءِ ان طرح ٺاهيو ويو هئو، ته آرٽس ۽ ڪامرس وارن کي سائنس جي بنيادي ڄاڻ ڏني ويندي هئي؛ ۽ سائنس وارن کي وري جاگرافي ۽ تاريخ پڙهائي ويندي هئي.

    آءٌ جيئن ته سنڌيءَ سان گڏ ايڪانامڪس ۾ به ايم.اي. ڪيل هوس، ته مونکي فائونڊيشن ڪورس جا ليڪچر ڏيڻ ڪاليج انتطاميه لاءِ ڪجهه ڪجهه آسان هئو. پر سڄا سارا ويهارو سال ان سبجيڪٽ کي هٿ به نه لاهڻ سبب فطرتن هن سال کان مونکي نئين سر محنت ڪرڻي هئي ۽ شايد ان نئين ميدان ۾ نالو نه به ڪڍي سگهان ها! مون اول ئي اهو ڪتاب وٺي پڙهائي شروع ڪري ڇڏي ته جيئن اورينٽيشن دوران به دهو پئجي سگهي ته ايڪسپرٽ طرفان ڇا پيو سمجهايو وڃي! پوءِ سچ پچ جڏهن پروگرام شروع ٿيو ته ان مختصر پروگرام ۾ شراڪين کي گهڻي مداخلت ڪرڻي ئي ڪو نه هئي. صرف ليڪچر ٻڌڻو هئو ۽ جيڪڏهن وابسته موضوع بابت ڪنهن کي ڪا وڌيڪ وضاحت گهربل هئي ته اهو پڇي پئي سگهيو.

    20 جون 1992ع تي ڪاليج کليا ته مان ان نئين سبجيڪٽ تي ڏاڍي محنت ڪرڻ لڳس؛ جو جئه هند ڪاليج ۾ ته داخلا ئي تمام هوشيار شاگرد وٺي سگهندا هئا، جيڪي اڳ ئي پنهنجي دستوري امتحانن ۾ اَسي، نوي ۽ ان کان به مٿي سيڪڙو مارڪون کڻندڙ هوندا هئا. مون کي محنت ان لاءِ به ڪرڻي هئي، ته هيل تائين آءٌ صرف سنڌي سبجيڪٽ ئي سمجهائڻ لاءِ ان ڪاليج ۾ ڪيترا ڀيرا انگريزيءَ ۾ ڳالهائيندو رهيو هوس؛ ڇوته اُهي سڀ جو سڀ شاگرد پنهنجي گهرن ۾ صرف انگلش جو ئي استعمال ڪندا هئا؛ پر هاڻ مونکي انگلش ميڊيم سان منهن ڏيڻو هئو ۽ اهو فائونڊيشن ڪورس وارو سبجيڪٽ انگريزيءَ ۾ ئي پڙهائڻو هئو!

    سائينءَ جي مهر هئي، جو مون کي جئه هند ڪاليج ۾ ڏهاڪو سال ٿيندي انگريزي ڳالهائڻ جو چڱو تجربو ٿي چڪو هئو؛ پر هتي مونکي سبجيڪٽ پڙهائڻو هئو ۽ اهڙي هر هڪ ميدان ۾ هڪ ٽيچر لاءِ خود اعتمادي ۽ پنهنجي ڪم کان مطمئن ٿيڻ پڻ بيحد ضروري هوندو آهي. پر آءٌ پنهنجي Self Commitment هئڻ سبب آءٌ هر هڪ ليڪچر لاءِ زبردست تياري ڪندو هوس ۽ سڀاويڪ طور روز جيسين ليڪچر شروع ٿئي تيسين ڪجهه ڪجهه Stress رهندو هئو. اسان وٽ ڪاليج ۾ ايڪانامڪس شعبي جو هيڊ هئو ڊاڪٽر هارور؛ جيڪو پارسي هوندو هئي. ڇڙو ڇانڊ هوندي ۽ اسان کان پنجوڻ پگهار ٽيوشن مان ڪمائيندي به ڪڏهن ڪڏهن هِن هُن کان اوڌر گهرندو هئو ۽ پوءِ سڀ کي برابر موٽائي به ڏيندو هئو. هو سڀني کي مزاح ۾ چوندو هئو ته مونکي پپا چيو آهي ته ”ٽينشن هميشه ٻئي کي ڏيندو ڪر، پر پاڻ نه کڻندو ڪر“ ان لاءِ هو هميشه پنهنجي دوستن احبان مان خاص ڪري هنديءَ واري ٽيچر گوپ روپچنداڻيءَ جو پرس ڪڍي ضرورت موجب پيسا کڻي باقي پرس کيس موٽائي ڏيندو هئو ۽ هر ڀيري پنهنجي پيا وارو اهو گفتو ڪم آڻيندو هو. گوپ روپچنداڻي به سياڻو هوندو هئو. ان جي سڃاڻپ اها هوندي هئي، جو هارور هڪ دٻي ۾ بسڪن جو زيرو آڻي رکندو هئو، جيڪو ان کان ڳڻڻ ئي ڪو نه پڄندو هئو. اڇو زيرو جڏهن ٻه اڍائي سئو کن جمع ٿي ۽ هارور اُهو گوپ روپچنداڻي کي سئو ڏيڍ ۾ ڏيئي ڇڏيندو هئو ته گهر وڃي ڳڻجانءِ، جيترو به ٿيو! جيڪڏهن هارور ڪڏهن گوپ کان وڌيڪ گهرندو هئو ته هو کيس چوندو هئو ته نه ڏيڊ سئو کان مٿي ڪو نه ٿيندو!“ اهو ڊاڪٽر هارور اسان سڀني کي مزاح ۾ چوندو هئو ته مٽلاڻيءَ جي فائونڊيشن ڪورس ليڪچر ۾ وڃڻ کان اڳ سندس شڪل ڏسو؛ هميشه ٽينشن ۾ هوندو آهي!

    ان ٽينشن کان بچڻ لاءِ آءٌ ڪڏهن ڪڏهن پنڌ ڪري به ڊاڪٽر نارايڻ ڀارتيءَ کي وڃي چوندو هوس، جيڪو تازو ئي ريڊر ٿيو هئو ۽ ممبئي يونيورسٽيءَ ۾ پنهنجي ليڪچرر واري پوسٽ خالي ڪئي هئائين ته خدارا اُها پوسٽ ايڊورٽائيز ڪرايو ته آءٌ سک جو ساھ کڻي سگهان!“ پر 1992ع دوران سندس رٽائر ٿيڻ تائين اها ايڊورٽائيزمينٽ نه اچي نه آئي. پوءِ ته ان جي جاءِ تي يونيورسٽيءَ ۾ اردو شعبي جو هيڊ، ڊاڪٽر عبدالستار دلوي، انچارج هيڊ ٿي ڪم هلائڻ لڳو ۽ اهو وري سنڌي شعبي جو هر هڪ ٻوليائي ڪم مون کان ئي وٺندو هئو، جو آءٌ ان شعبي سان هڪ وزيٽنگ ليڪچرر طور 1985ع کان ئي ايم.اي.(سنڌي) پڙهائڻ لاءِ اڳواٽ ئي جڙيل هوس. گهڻو پوءِ 1993ع ۾ بامبي يونيورسٽيءَ وارن سنڌي شعبي لاءِ ليڪچرر واري ايڊورٽائيزمينٽ ڏني ۽ 15 فيبروري 1994ع تي آءٌ سليڪشن ڪاميٽيءَ کان چونڊجي جئه هند ڪاليج ڇڏي اچي بامبي يونيورسٽي جوائن ڪيئي.

    ڪنهن به قسم جي سيمينار ۾ پيپر پڙهڻ جي پهرين نينڍ مونکي آچاريه ڪرپلاڻي شکشا سمي بالمپور مان آئي هئي. ان طرح مون 26-اپريل 1985ع تي پنهنجو پهريون مقالو پڙهيو هئو. اُهو سيمينار، ڊاڪٽر ديال ”آشا“ جي شخصيت تي رکيل هئو، جتي مونکي ”ڊاڪٽر ديال آشا-هڪ گيتڪار“ عنوان مليل هئو. انهن ڏينهن ۾ سنڌيءَ جو هڪ شاعر پهلاج ”مسافر“ رائپور ۾ رهندو هئو؛ جنهن جي صلاح سان اهو سيمينار منعقد ٿي رهيو هئو ۽ خرچ وغيره جي ذميواري شکستا سمتيءَ جي صدر چوڌريءَ جي هئي؛ جنهن ڪنهن زماني ۾ بمبئيءَ ۾ هڪ سنڌي فلم به ٺاهي هئي.

    ڊاڪٽر ديال آشا؛ گوپ روپچنداڻي ۽ سندس شريڪ حيات مينا ۽ هڪ شاعر هئو چندر ”زخمي“؛ جنهن ڪجهه هندي فلمن جا گيت به لکيا هئا؛ اسين سڀ 25 اپريل 1985ع تي صبح جو سوير 6:32 وڳي ڪلياڻ تان ڪلڪته واري فاسٽ ٽرين ”گيتانجلي ايڪسپريس“ ۾ نڪتا هئاسين؛ ڏينهن جو سفر ته ٺيڪ رهيو پر جيئن جيئن شام پئي ٿيندي ويئي ته سيءُ وڌندو پئي ويو. رات جو ته اهڙو سيءُ پئي ٿيو، جو سڀ در دريون بند هئڻ باوجود به زبردست ڏڪي رهيا هئاسين. 1117 ڪلوميٽر جو سفر پورو ڪري رات جو 11:25 بجي رائپور پهتاسين، بعد ۾ جڏهن، ڇتيسڳڙه جي الڳ اسٽيٽ ٺاهي ويئي ته رائپور ان جي گاديءَ وارو هنڌ ڪيو ويو ۽ بلاسپور به ان ئي اسٽيٽ کي ڏنو ويو) اڃا اسان ٻه ڪلاڪ ٻيو به سفر ڪيوسين ته تاريخ به بدلجي چڪي تڏهن مس وڃي اڌ رات جو 1:15 بجي اسين 1226 ڪلوميٽر جو سفر پورو ڪندي بلاسپور پهتاسين. اسٽيسن تي بزرگ شخص چوڌري ۽ پهلاج مسافر ٻيئي ڄڻا وٺڻ آيا هئا. اسان به سيءَ جا ماريل، تڪڙو تڪڙو گاڏيءَ مان هيٺ لهي ميزبانن سان بلاسپور جي ڌرمشالا ۾ آياسين؛ جتي اسان لاءِ رهائش جو بندوبست ڪيل هئو.

    صبح جو اسين تيار ٿياسين ته هيٺ ڌرمشالا جي گرائونڊ فلور تي ئي سيمينار جو بندوبست ڪيل هئو. شراڪين جي چڱي ڀيڙ هئي. شايد ان طرف اهڙا اتسو گهٽ ٿيندا هوندا يا منتظمين چڱي محنت ڪيئي هئي؛ بهرحال مقاله نگارن کي ٻڌڻ لاءِ چڱي ئي ماڻهو آيل هئا. مون پنهنجي زندگيءَ جو پهريون مقالو ”ڊاڪٽر ديا ”آشا“ هڪ گيتڪار“ حاضرين اڳيان پيش ڪيو، ته پيپر پڙهڻ دوران ئي پئي لڳو ته تمام ٻڌندڙ ڄڻ منهنجي مقالي سان ٻڌجي ويا هجن. هڪدم شانت ٿي ويئي. جيسين تائين منهنجو مقالو هلندو رهيو. پوءِ جيئن ئي مون مقالو پڙهي پورو ڪيو ته ڏاڍيون تاڙيون وڳيون.

    منهنجي مقالي تي چڱن ماڻهن ڳالهايو ۽ خاص طور پيشڪش جي دل کولي ساراه ڪيئي ويئي. هڪ شخص اندور مان آيل هئو، جيڪو ان مهل مڌيه پرديش سنڌي اڪادميءَ جو ميمبر پڻ هئو؛ ان ته مون واري پيپر کي پوري سيمينار جو بهترين مقالوڪري چيو. منهنجي محنت ثاب پيئي؛ جو مون ڪيترن ڏينهن کان مقالي جي گهڙت لاءِ مواد ۽ ٻولي، ٻنهي تي محنت ڪيئي هئي ته جيئن ان جي پيشڪش ۾ هڪ تسلسل موجود رهي!

    انهن ڏينهن ۾ ڊاڪٽر ديال آشا کي ويراول ڀرسان سومناٿ مندر ڏانهن وڃڻو هئو؛ جتي اهي هر سال ”ساموهڪ شاديون“ (گڏيل شاديون) ڪرائينداهئا. ان اتسو جو ”روح روان ڊاڪٽر ديال آشا“ پاڻ هوندو هئو؛ هو هر سال اُتي وڃي پنهنجي طرفان هر هڪ جوڙي کي ڪجهه نه ڪجهه سلائي مشين، منڊي، وڳو ٻيو گهڻو ئي سامان ڏيئي ايندو هئو. ان ڀيري ڊاڪٽر ديال آشا سان سندس ڀيڻيويو پوڪرداس، همت سنگهه آڏواڻي، گوپ روپچنداڻي ۽ راقم الحروف پڻ ساڻس گڏ هئاسين. هتان ڪلياڻ کان احمد آباد تائين ٽرين ۾ وياسين؛ جتي مهاتما گانڌي هاءِ اسڪول، ڪٻير نگر (احمدآباد) ۾ اُتان جي هيڊ ماستر سڀاش شرما، ڊاڪٽر ديال آشا جي شخصيت ۽ تصنيفات تي هڪ سيمينار منعقد ڪيو هئو. ان سيمينار ۾ جيڪي مقالا پيش ڪيا ويا؛ هڪ ليلا رام راچنداڻي جيڪو احمد آباد سان ئي وابسته هئو ۽ ٻيو پيپر منهنجو رکيل هئو. صدارت لاءِ احمد آباد جي ئي بزرگ شخص گنگارام سمراٽ کي گهرايو ويو هئو.

    سڀاش شرما بيحد فهميدگيءَ سان ان سيمينار جو بندوبست ڪيو هئو ۽ اسڪول جو اڪيڊمڪ ماحول پڻ اسان کي سٺو لڳي رهيوهئو. انهن ڏينهن ۾ گنگا رام سمراٽ ۽ ليلارام رچنداڻي ڪافي بزرگ ليکيا ويندا هئا ۽ انهن جي موجودگيءَ ۾ منهنجو مقالو وري پنهنجي ئي نوعيت وارو هوندي ٻولي ۽ پيشڪش ۾ بلڪل الڳ ٿي بيٺو. مجموعي طور ڊاڪٽر ديال آشا صاحب جي شخصيت تي انهن ٻنهي مقالن کي بيحد پسند ڪيو ويو.

    سيمينار کانپوءِ ان ڏينهن ئي منجهند جو اسين ڪار ۾ جهونا ڳڙه ۾ راءِ ڏياج وارو زبون ٿيل محل ٻاهران ئي ڏسندا اڳيان ويراول ڏانهن وياسين؛ اُتي اسين ڊاڪٽر ديال آشا جي ڪنهن عزيز وٽ رات رهي ٻئين ڏينهن صبح جوئي سومناٿ مندر ڏانهن وياسين. سومناٿ مندر ويرا ول کا صرف 6 ڪلوميٽرن جي دوريءَ تي آهي. ويراول کان سومناٿ جيڪڏهن ريلويءَ ذريعي وڃبو ته پوءِ اها دوري صرف هڪ ڪلوميٽر وڌيڪ يعني 7 ڪلوميٽرن ٿيو وڃي.

    وشال سمنڊ ڪناري قديم سومناٿ جو شاندار مندر ڏسي دل خوش ٿي ويئي. هيءُ اهو ئي سومناٿ مندر هئو؛ جنهن مٿان محمود غزنوي سورهن ڪاهون ڪندي ناڪام ويو هئو. آخر 1024ع ۾ هو پنهنجي مهم ۾ ڪامياب ويو ۽ ان شِوُ مندر اندر سمورا ديوي ديوتائون ڊاهي ڀڃي ناس ڪري ڇڏيائين. هن کي مال غنيمت طور ان مهل ٻه ڪروڙ دينار جا هيرا جواهرات هٿ آيا هئا، جيڪي کڻي هو غزنيءَ موٽي ويو هئو.

    عوامي آواز سنڊي ميگزين 17 جولاءِ 2016
     
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,886
    ورتل پسنديدگيون:
    27,213
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    قسط 67
    مقاله نگار کي جواب ته ڏيڻ ڏيو!
    ٻلديو مٽلاڻي


    مون 15 فيبروري 1994ع تي ليڪچرر (سينيئر اسڪيل) طور ممبئي يونيورسٽي جوائن ڪيئي. جلد ئي منهنجي ڊاڪٽوريٽ جو رزلٽ به اچي ويو ۽ مون کي جون 1994ع کان ريڊر (ايسوسئيٽ پروفيسر) اسڪيل ۾ پروموشن ڏني ويئي. منهنجي ڪجهه دوستن احبابن منهنجي خوشين کي دوبالا ڪرڻ لاءِ ڪجهه ”سنمان اتسو“ رکيا. سڀ کان پهرين، سيوا سدن ايجوڪيشن ڪاليج، الهاس نگر جي ليڪچرر ڊاڪٽر گورڌن ”جانيءَ“ روٽري ڪلب آف الهاس نگر (وٺلواڙي) طرفان پريزيڊنٽ جي حيثيت ۾ مون لاءِ اهڙو هڪ فنڪشن منعقد ڪيو؛ جتي هن منهنجي قدردانيءَ ۾ بهترين گوهر افشاني به ڪيئي ته روٽري ڪلب طرفان هڪ سرٽيفڪيٽ پڻ ڏيڻ فرمايو. مون لاءِ هڪ ٽيچر طور اهو پهريون ”تسليمي اتسو“ هئو. پوءِ ته ٻين به ڪيترن ئي سڄڻن. پرمانند لالواڻي، هيرانند ايڊووڪيٽ، ڀيرو ڀاٽيا ۽ تاڻا مان ڪرشن هرجاڻي؛ گهڻن ئي وڏا وڏا فنڪش ڪندي منهنجي عزت افزائي ڪيئي ۽ ڪٿي ڪٿي ته روٽري ڪلب جو گورنر پڻ ايندو رهيو.

    27 آڪٽوبر 1994ع تي سهيوگ فائونڊيشن طرفان هوٽل ويسٽ اينڊ، چرچگيٽ ۾ ”ديوالي گيٽ ٽو گيدر“ پارٽي رکي ويئي؛ جتي ان فائونڊيشن جي چيئرمن رام جوهراڻيءَ مهاراشٽرا جي ان مهل جي انڊسٽريز منسٽر، ولاس راءِ ديشمک ۽ نانا چڊاسما کي گهرايو هئو ۽ ڪمپئيرنگ لاءِ مون کي چيل هئو. جوهراڻيءَ مون کي پنهنجا مهمان به گهرائڻ لاءِ چيو هئو. ان لاءِ مون هيما، پنهنجي سالي ، ڪملا ۽ سنڍو ڪرشن هرجاڻيءَ کي به گهرايو هئو. پروگرام ۾ رات جي ڊنر پارٽي به رکيل هئي، جنهن کان اڳ ڪجهه تقريرون ٿيڻيون هيون. مون کي جيئن ته وقت کان هڪ ڪلاڪ اڳواٽ ئي گهرايل هئو ته آءٌ پنهنجي ٽائيم تي هوٽل پهتس ته هڪ روم ۾ ولاس راءُ ديشمک، ڀاءُ رام جوهراڻيءَ وٽ اڳواٽ ئي پهچي چڪو هئو ۽ مٿي روم ۾ ويٺا ڪچهريون ڪري رهيا هئا. بعد ۾ اهو ئي ولاس راءُ ديشمک مهاراشٽرا جو ٻه دفعا چيف منسٽر به بڻيو ته مرڪزي سرڪار ۾ وفاقي وزير پڻ بڻايو ويو هئو. فنڪشن ۾ جڏهن ڪافي مهمان اچي چڪا ۽ ٽائيم به ڀرجي ويو ته رام جوهراڻي ۽ ولاس راءِ ديشمک به مٿان روم مان هال ۾ هيٺ لهي آيا؛ جتي ڏياريءَ جي خوشين کي دوبالا ڪرڻ لاءِ گيٽ ٽوُ گيدر جو افتتاح ڪندي ولاس راءِ ديشمک سنڌي جاتيءَ جي محبت ڀرئي سڀاءَ ۽ سندن خودداريءَ جي ساراه ڪيئي ته نانا چڊا سما صدارتي تقرير ۾ رام جوهراڻيءَ جي تنظيمي صلاحيتن سان گڏ سنڌين جي اداردليءَ کي پڻ دل کولي داد ڏنو!

    اسين سنڌي شعبي طرفان ممبئي يونيورسٽيءَ ۾ پهرين ٻن سيمينارن کان پوءِ ٽيون سيمينار 10 مارچ 1985ع تي ورهاڱي تائين ”سنڌي ٻوليءَ جو ارتقا “ عنوان هيٺ منقعد ڪيوسين ۽ منهنجي يونيورسٽيءَ ۾ اچڻ بعد ٻئين اڪيڊمڪ سال دوران اسين پنهنجو چوٿون سيمينار 21 نومبر 1995ع تي رکيوسين؛ هن ڀيري اسين اڳ واري عنوان کي اڳيان وڌائيندي پنهنجو ٽائيٽل رکيوسين. ”آزادي کانپوءِ سنڌي ادب جي اوسر“. هاڻ اسان وٽ وائيس چانسلر بدلجي چڪو هئو. ڊاڪٽر ايس.ڊي. ڪارنڪ ٽي.ٽي سال جا ٻه ٽرم پورا ڪري چڪو هئو؛ جنهن کانپوءِ قانون موجب کيس ايڪسٽينشن نه پئي ملي سگهي ته هاڻ وري مهاراشٽرا سرڪار نئين امينڊمينٽ آڻيندي هر وائيس چانسلر جو مدو ٽن سالن مان وڌائي پنج سال ڪيو ؛ پر ان جي ايڪسٽينشن ختم ڪئي ويئي.

    ان سيمينار جو افتتاح ممبئي يونيورسٽيءَ جي رجسٽرار، ڊاڪٽر جيرام چوهاڻ جي هٿن کان ڪيو ويو. هن سنڌي ادب جي ارتقا جو ذڪر ڇيڙيندي سنڌين جي صوفي سڀاءَ جي پڻ ساراه ڪيئي. ان موقعي تي مکيه مهمان طور ڊاڪٽر ايل.ايڇ. هيراننداڻيءَ مختصر نموني سنڌين جي عظيم ادبي ورثي جو ذڪر ڪندي موجوده سنڌي ادب دان حضرات جي پڻ ساراھ ڪيئي؛ جيڪي بيحد تڪليف ده حالات ۾ سنڌي ادب کي هر ممڪن اوج ڏيندا رهيا. اسين ان سيمينار ۾ اڳوڻو وائيس چانسلر ڊاڪٽر ايس.ڊي.مارنڪ صاحب گهرايو ؛ اُن پڻ اسان لاءِ پنهنجي نيڪ جذبات جو ذڪر ڪيو.

    سيمينار ۾ ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، ڊاڪٽر موتي لال جوتواڻي، هيرو ٺڪر ۽ ريٽا شهاڻيءَ طرفان مقالا پيش ڪيا ويا، جن جي صدارت ڊاڪٽر ديال ”آشا“، ڊاڪٽر ارجن ”شاد“ ۽ گوبند مالهيءَ ڪئي. بحث ۾ شرڪت ڪندي گنو سامتاڻي، هري موٽواڻي ۽ واسديو نرمل پنهنجا پنهنجا ويچار ظاهر ڪيا؛ جڏهن ته ٺاڪر چاولا تمام مقالن بابت مجموعي رايو ڏيندي مقاله نگارن کي داد ڏنو ۽ ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻيءَ کي پڻ سيمينار منعقد ڪرڻ لاءِ مبارڪباد ڏني. سيمينار جي ڪمپيئرنگ، شانتي شهاڻيءَ ڪئي آخر ۾ ايم.فل. ڪندڙ شاگردياڻي نيلم موٽواڻيءَ طرفان شڪر ادائيءَ جي رسم ادا ڪيئي ويئي.

    بعد ۾ ان ئي عنوان تي ساڳئي تعليمي سال دوران8 مارچ 1996ع تي هڪ ٻيو سيمينار به ”آزاديءَ کان پوءِ سنڌي ادب جي اوسر“ڊپارٽمينٽ طرفان ”آءِ.ايس.ايس.آر. هال“ ڪالينا ڪيمپس ۾ منعقد ڪيو ويو. انهن ئي ڏينهن ۾ نيشنل ڪائونسل فار پروموشن آف سنڌي لينگئيج (NCPSL) نيو دهليءَ طرفان خط و ڪتابت ايندي رهي ته مونکي آديپور ۾ ”سنڌي مضمون نويسيءَ جي اوسر“ تي مقالو پيش ڪرڻو آهي. ان ئي سيمينار لاءِ ڊاڪٽر ديال آشا کي به دعوت آيل هئي؛ ته مون وٽ ايم.فل.ڪندڙ هڪ شاگردياڻيءَ جي تحقيق جيئن ته هري دلگير سان وابسته هئي؛ اهڙي صورت ۾ ايم.فل. ڪندڙ ٻنهي شاگردياڻين آشا رنگواڻي ۽نيلم موٽواڻيءَ به اسان واري گروپ ۾ آديپور هلڻ جي تياري ڪيئي؛ جڏهن ته ڊاڪٽر ديال آشا، همت سنگهه آڏواڻي، مينا ۽ گوپ روچنداڻي ۽ منهنجو اڳواٽ ئي پروگرام طئه ڪيل هئو.

    آگسٽ 1996ع ۾ اسين مقرر ڏينهن کان هڪ ڏينهن اڳ آديپور پهتاسين. سائين ديال آشا صاحب جون ٻه پريمي ڀينر هيون؛ جن کي اُتي هڪ بنگلو هئو. اسين سڀ همت سنگهه کانسواءِ انهن وٽ وڃي لٿاسين. خبر پيئي ته ڊاڪٽر ستيش روهڙا، جيڪو اين.سي.پي ايس.ايل سيمينار جو آنرري ڊئريڪٽر مقرر ٿيل هئو. ان اهو سيمينار آديپور جي ڌرمشالا ۾ منعقد ڪرڻ جو پروگرام رکيو هئو. اسين سڀ شام جو ان ڌرم شالا ۾ چڪر هڻڻ وياسين، ته اتي موجود پريتم ورياڻي کان ستيش بابت پڇڻ تي ته ڪجهه به خاطر خواه جواب ئي نه ملي رهيو هئو. اسانکي ڪجهه ڪجهه عجيب پئي لڳو ته آخر ڇو ڀلا هو ستيش روهڙا بابت ڪجهه به ٻڌائڻ کان آنا ڪاني ڪري رهيو هئو.

    ٻئين ڏينهن صبح جو جڏهن اسين ڌرمشالا ۾ پهتاسين، ته اُتي مٿي فرسٽ فلور تي سيمينار لاءِ بندوبست ٿيل هئو. مختلف شهرن مان آيل ڪيترائي ڊيليگيٽ ايندا رهيا؛ پر ستيش روهڙا ڪٿي نظر ئي ڪو نه پئي آيو. تڏهن پريتم ورياڻيءَ ٻڌايو ته ستيش آمريڪا ويل آهي ۽ ان جي غير حاضريءَ ۾ هُو ئي ان سيمينار جي جوابداري سنڀاليندو. اهو ٻڌندي ئي مرڪزي سرڪار جي سينٽرل هندي ڊئريڪٽوريٽ، توڙي ”اين.سي.پي.ايس.ايل“ جي ڊئريڪٽرشپ تي فائز شخص ڊاڪٽر ومل جيڪو دهليءَ کان آيل هئو؛ اهو برهم ٿي ويو ته ڪيرُ به شخص سرڪاري جوابداري کڻڻ کانپوءِ ائين ڪيئن بنا ٻڌائي ٻاهر وڃي سگهي ٿو ۽ جيڪڏهن ويو به ته ان جي مرضيءَ سان ڇو ڪيرُ به ٻيو شخص ان سيمينار جي جوابداري سنڀاليندو. بهرهال هن اشراف گهڻو اعتراض ڪو نه ورتو ۽ سيمينار هلڻ ڏنو.

    پهرئين افتتاحي اجلاس کانپوءِ جيڪو پيپر سيشن شروع ٿيو؛ ان ۾ ڪهاڻيءَ جي وڪاس تي هيرو شيوڪاڻيءَ طرفان مقالو پيش ڪيو ويو. ان بعد جڏهن شراڪين ان مقالي تي ڳالهائڻ شروع ڪيو ته پهرين پهرين انند کيماڻيءَ اچي ڪري ائين چئي ڇڏيو ته هيروشيوڪاڻي اهو ساڳيو مقالو ان ئي روپ ۾ ڏه سال اڳ ڪنهن ٻئي سرڪاري سيمينار ۾ اڳ ئي ڏيئي چڪو هئو؛ هينئر ان ۾ ڪابه نئين ڳالهه جي داخلا تي ڪو نه ڪيل هئي.

    ٻئين ڏينهن واري پهرئين سيشن ۾ منهنجي پيپر جي صدارت ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي کي ڪرڻي هئي ان ڏينهن مون جو سيمينار هال ۾ پهچڻ سان ڪنهن کان جيٽلي صاحب بابت پڇا ڪيئي ته اڃا خبر پوي پوي؛ ان کان اڳ پري کان بيٺل هيرو شيوڪاڻيءَ رڙ ڪندي مونکي چيو ته جيٽلي ڪونه آيو آهي ۽ ان جي بجاءِ هو پاڻ منهنجي پيپر جي صدارت ڪرڻ وارو آهي.

    هيرو شيوڪاڻيءَ طرفان منهنجي پيپر جي صدارت ڪرڻ لاءِ رڙ ڪري ٻڌائڻ جو ضرور ڪجهه مقصد هوندو! شايد هن منهنجو رهيو کهيو اعتماد به ختم ڪرڻ پئي چاهيو. هن بهرحال، جيتوڻيڪ سرڪاري سطح تي اين.سي.پي.ايس.ايل. طرفان منهنجو ان ڏينهن پهريون مقالو پيش ٿيڻو هئو؛ پر هڪ ازغيبي قوت هئي جنهن منهنجي اعتماد کي زره به ڌوڏو ڪو نه پئي ڏنو. بلڪه آءٌ ته پڻ ڪجهه ڪجهه وڌيڪ چاڪ و چوبند ٿي ويو هوس.

    منهنجي مقالي جو عنوان هئو: ”هندوستان ۾ سنڌي مضمون نويسيءَ جي اوسر“ جنهن جي تحرير لاءِ مون بلڪل ريسرچ ميٿڊالاجيءَ تي هلندي حواله بحواله پنهنجي پيپر جي گهڙت ڪيئي هي. مون کي اها به خبر هئي ته اهڙي هر سيمينار ۾ مقاله نگار مٿان اهو الزام لڳايو ويندو آهي؛ ته صرف لسٽ ڏنل آهي! ان لاءِ مون پنهنجي مقالي جو روح برقرار رکندي پهرين مضمون نويسيءَ جي وصف، ان جا قسم، اوائلي مضمون نويس ۽ پوءِ هندوستان ۾ ان جي وڪاس جو بيان ڪندي وابسته مضمونن جي مواد بابت صرف جهلڪيون ڏيڻ لاءِ به فل اسڪيل جا اڻويهه صفحات لکي چڪو هوس.

    جڏهن سچ پچ منهنجي مقالي وارو سيشن شروع ٿيو، ته مون هيرو شيوڪاڻيءَ جي صدرت ۾ جڏهن پنهنجي مقالي جا سمورا اڻويهه صفحا پيش ڪري پورا ڪيا؛ ته هال ۾ تاڙين جي گونج ڦهلجي ويئي. منهنجي مقالي کان پوءِ مبصرين جا رايا اچڻ کپندا هئا؛ پر سيشن جي صدر هيرو شيوُڪاڻيءَ شراڪين کان سندن رايا گهرڻ کان اڳ ئي پنهنجي طرفان فيصلو نادر ڪري ڇڏيو ته مٽلاڻيءَ پيپر کي سمجهيو ئي ناهي؛ وري به ڪنهن کي ڳالهائڻو هجي ته ڀل ڳالهائي! پوءِ ته جنهن کي نه ڳالهائڻو هئو، ان کي به مائيڪ تي اچڻ جو موقعو ملي ويو جو هنن ائين پئي سمجهيو ته شيوڪاڻيءَ جهڙي نقاد جو وابسته مقالي تي هڪ مخصوص راه متعين ڪري ڇڏي آهي ته بس، هاڻي ته ان ئي نموني ڳالهائڻ سان واه واه ٿي ويندي!

    مونکي الائي ڪٿان هڪ روحاني شڪتي مليل هئي! آءٌ صرف هر هڪ ڊيليگيٽ جو نالو، ان جي تنقيد ۽ ڀرسان پنهنجي وضاحت جا نقطا پئي نوٽ ڪندو ويس. مان سمجهان ٿو ته منهنجي مقالي تي تمام گهڻن ڄڻن ڳالهايو ۽ منصور جي قطار ۾ پنهنجي جو شمار ڪرائيندا ويا. پوءِ جڏهن شراڪين طرفان تنقيد جو مرحلو پورو ٿيو ته هيرو شيوڪاڻيءَ سيشن جي صدر جي حيثيت ۾ صدارتي خطبو شروع ڪندي ان پوري سيشن کي تڪميل جي مرحلي ڏانهن پهچائڻ شروع ڪيو. مون بيحد احترام وچان، پر ٿورو وڏي آواز ۾ چيو ته مقاله نگار کي جواب ته ڏيڻ ڏيو!“ اُن تي هن هڪدم پاڻ سنڀالي مونکي پنهنجو واجبي حق ڏيڻ فرمايو.

    پوءِ ته مون هڪ هڪ جو نالو کڻندي ڪرشن ”راهي“، پرسو گدواڻي، ارجن ”حاسد“ ۽ ٻيا ڪيترائي شخص جن کي مائيڪرو فون تي اچڻ جو شوق هئو ۽ منصور جي قطار ۾ پنهنجو نالو لکرائي ويا هئا؛ انهن جي ڪيل تنقيد جو سلسله به سلسله جواب ڏيندو آيس! پرسي گدواڻيءَ جو اعتراض هئو ته مقالو بيحد وڏو ٿي ويو آهي ۽ وري اتي جو اتي ئي چيو هئائين ته ان ۾ لوڪ ادب وارا مضمون به اچڻ گهرجن؛ اهڙن ماڻهن کي ته مون سڌو سنئون چيو ته جيڪڏهن مقالي جي طوالت اوهان کي نٿي آئڙي ٿي ته پوءِ لوڪ ادب جا مضمون وري ان ۾ ڪهڙو نموني اچي سگهندا. جڏهن مون سڀني جا جواب ڏيئي پورا ڪيا، ته هيرو شيوڪاڻيءَ لاءِ ڪجهه بچيو ئي ڪو نه هئو؛ جو اهو هينئر به وري ڪا نئين تنقيد ڪري سگهي! پوءِ ته هن پاڻ به ٿوري گهڻي مقالي جي ساراه ئي ڪيئي ۽ ائين اهو پيپر سيشن پورو ٿيو.

    بعد ۾ جڏهن غير رسمي طور اسين سڀ ڊيليگيٽس هڪٻئي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪري رهيا هئاسين، ته ارجن ”حاسد“ مون ڏانهن سيڙجي آيو ۽ ايندي ئي مون کي چيائين ته ”تون منهنجي 70 ساله عمر جو حوالو ڇو ڏنو!“ ان جي وضاحت ۾ مون کيس انتهائي احترام وچان چيو ته ”بزرگي انسان ۾ گنڀيرتا ۽ ٺهر آڻيندي آهي پر هتي ته اوهان به ٻين جي ٺاهيل ليڪ تي هلي رهيا هئا.“

    بهرحال مون ته ارجن ”حاسد“ سان ڪيل ڳالهه ٻولهه کي ڀلائي ئي ڇڏيو؛ پر سائين هوُ ته منهنجي ڪڍ ئي پئجي ويو. ڇهه سال پوءِ 2002ع ۾ آءٌ پشڪر (اجمير) ۾ هڪ مقالو پڙهيو رهيو هوس، اڃا هڪ صفحو پڙهي پورو ڪيو ته پٺيان ويٺل شخصن مان ارجن ”حاسد“ اٿي بيهي رهيو. چيائين ”مٽلاڻي ٽائيٽل تي ڳالهائي ئي ڪو نه رهيو آهي!“ هن ائين پئي سمجهيو ته هو منهنجو اعتماد ئي ختم ڪري ڇڏيندو ۽ تمام شراڪين ۾ منهنجي پت ئي هلي ويندي! پر مون صرف ايترو چيو ته ”ڊيليگيٽس کي ڳالهائڻ لاءِ پوءِ ٽائيم ملڻو آهي!“ اهو چئي مون مقالي جي صدارت ڪندڙ شخص لکمي کلاڻيءَ ڏانهن ڏٺو!

    هن کيس سڌوسنئون چيوته ”مقالو بلڪل عنوان سان وابسته آهي!“ ائين چوندي هن مونکي اڳيان پڙهڻ لاءِ اشارو ڪيو. پوءِ ته منهنجو مقالو تمام شراڪين کي ايترو وڻيو، جو پورو ٿيڻ تي نه صرف زبردست زبردست تاڙيون وڳيون پر هڪ هڪ شخص جنهن کي به مائيڪ تي اچڻو هئو؛ انهن منهنجي ساراه ئي پئي ڪيئي. اهڙي صورت ۾ ارجن ”حاسد“ کي به مائيڪ تي اچڻ جي همت به ڪونه ٿي؛ جو ڌڻي سائينءَ اسان ٻارڙن جي پت رکي ورتي.!

    ان ئي سيمينار ۾ واشنگٽن(آمريڪا) مان ڀاءُ منور لغاري به آيل هئو، جنهن کي منهنجو مقالو ايڏو ته پسند آيو، جو هن مون کان ان جي انگريزي ترجمي جي گهر ڪيئي؛ مون سان ان مقالي ” هندوستان جي سنڌي ادب ۾ الميائي عناصر“ کي Catharsis in Indian Sindhi Literature جو روپ ڏيندي کيس موڪلي ڇڏيو. اهو انگريزي مضمون بعد ۾ واشنگٽن جي Sindh Watch مخزن ۾ شايع ڪيو ويو هئو.

    عوامي آواز سنڊي ميگزين 24 جولاءِ 2016
     
  9. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,886
    ورتل پسنديدگيون:
    27,213
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    قسط 68
    فون مٿان فون لڳي پيئي هوندي هئي !
    ٻلديو مٽلاڻي


    لوناولا هل اسٽيشن تي هوٽل ”شاهاڻي هاليڊي هوم“ ۾ اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهتيه پرچار سڀا طرفان 11 ۽ 12 مارچ 1995ع تي ”ڀربو وفا-هڪ شاعر“ عنوان تي هڪ سيمينار رکيل هئو. پرچار سڀا طرفان ٽيڪچند مست جڏهن به ڪنهن اهڙي هل اسٽيشن تي سيمينار رکندو هئو ته ان ۾ چڱا ڊيليگيٽس شريڪ ٿيندا هئا ۽ اسان سڀني لاءِ به ڄڻ ميلو لڳو پيو هوندو هئو. ان سيمينار لاءِ اسين مقاله نگار هئاسين هري ديگر، راقم الحروف ۽ واسديو ”نرمل“،. مون پنهنجي مقالي جي تياريءَ تي چڱي محنت ڪيئي هئي، ته سڀاويڪ پيپر به تمام حاضرين کي چڱو وڻيو ۽ ڪيترن ئي ڊيليگيٽس اُن تي ڳالهايو به! مون پنهنجي مقالي ۾ وفا صاحب جي شاعريءَ جا جيڪي حوالا ڏنا هئا، اُهي حاضرين ۾ بيحد پسند ڪيا ويا.

    ان ساڳي تنظيم طرفان بعد ۾ 26 ۽ 27 اڪٽوبر 1996ع تي مرڪزي سرڪار جي ٺاهيل اين سي پي ايس ايل سان گڏان ئي لوناولا هل اسٽيشن تي ساڳي ئي هوٽل ۾ هڪ ٻيو سيمينار رکيو ويو، اتي آءٌ ته اين سي پي ايس ايل کان ئي دعوتي هوس، پر ٽيڪچند مست مون کي شاگردن کي وٺي اچڻ لاءِ فون ڪيئي ته مون پنهنجي شاگردن جي پڻ عزت وڌائڻ لاءِ مست کي چيو ته انهن مان ڪنهن کان به ڊيليگيٽس في ڪونه ورتي ويندي ۽ اهڙي منظوري وٺڻ بعد ئي آءٌ شاگردن سان گڏ ان سيمينار ۾ شرڪت ڪيئي، سيمينار جو عنوان هئو ”ڀارتيه ڀاشائن ۾ سنڌين جون خدمات“، اسان جا شاگرد ان سيمينار کان چڱو ئي لطف اندوز ٿيا هئا.

    نومبر 1996ع ۾ سنڌي ڊپارٽمينٽ يونيورسٽي آف ممبئي اندر شعبي جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هڪ ئي مهل ٻه فيلڪٽي ميمبر نظر آيا. ۽ هاڻ اُتي ريڊر (ايوسئيٽ پروفيسر) سان گڏوگڏ هڪ ليڪچرر جي به ڀرتي ڪيئي ويئي، اميدوارن ۾ جيئن ته هڪ منوهر ئي ايم.فل. هئو ۽ باقي سڀ صرف ايم.اي. هئا ته سڀاويڪ طور اطمينان بخش انٽرويو ڏيڻ سان سندس ليڪچرر طور ڀرتي ڪيئي وئي.منوهر جي اچڻ سان مون کي چڱي سهوليت ٿيڻ لڳي ۽ شعبي جو ڪيتروئي انتظاميائي ڪم وڌيڪ سهوليت سان ڪري سگهيس پئي.

    اسين 27 جنوري 1997ع تي سنڌي شعبي طرفان ”سنڌي ادب ۾ سنڌيت“ جي عنوان سان هڪ سيمينار ممبئي يونيورسٽي ڪالينا ڪيمپس اندر ”ڊبليو.آر.آءِ.سي. هال“ (ويسٽرن ريجنل انسٽرويمينٽيشن سينٽر هال) ۾ رکيوسين. سيمينار جو افتتاح وائيس چانسلر، ڊاڪٽر سنهيلتا ديشمک صاحبه کان ڪرايو ويو.

    ان سيمينار کان صرف هڪ ڏينهن پوءِ 28 جنوري کان 2 فيبروريءَ تائين ڇهه ڏينهن لاءِ ڀارت جي مرڪزي سرڪار طرفان دهليءَ ۾ قائم ڪيل سينٽرل اوپن اسڪول وارن کي مئٽرڪ لاءِ پنهنجي ريگيولر ڪورس ۾ سنڌي سبجيڪٽ به شروع ڪرڻو هئو؛ تڏهن اهڙو ڪورس ٺاهڻ لاءِ هنن ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي جي صدارت ۾ الهاس نگر ۾ هڪ ورڪشاپ رکيو، جتي هندوستان جي ڪيترن ئي شهرن مان سنڌيءَ جا ايڪسپرٽس گهرايا ويا هئا. اهڙو ورڪشاپ هنن سيوا سدن ڪاليج، الهاس نگر جي پرنسپال ڀاون واڌواڻيءَ کي آنرري ڊئريڪٽر بڻائيندي ان جي ئي ڪاليج ۾ منعقد ڪيو هئو، جنهن لاءِ نيشنل اوپن اسڪول، دهليءَ مان راجيش شرما ۽ پروجيڪٽ اسسٽنٽ، سيما اگني هوتري به آيل هئا. ان ورڪشاپ ۾ ڪم ڪندي انهن ٻنهي جي مون سان چڱي ويجهڙائپ ٿي ويئي. پوءِ ته انهن کي مرڪزي سرڪار جي هڪ هندي مخزن ”گگن آنچل“ لاءِ ڪنهن به سنڌي ليک جو هندي ترجمو کپندو هئو ته هنن منهنجي شريڪِ حيات، هيما کي ئي ان لاءِ آڇ ڪيئي، جو کين خبر هئي ته اُها هنديءَ ۾ ايم.فل. هئي ته جونيئر ڪاليج ۾ هنديءَ جي ليڪچرر پڻ رهي چڪي هئي، هيما، گوبند مالهيءَ کان هڪ نئين مزاحيه ڪهاڻي لکارائي، ان جو هندي ترجمو ”رنگ مين ڀنگ“ جي عنوان سان ڪندي کين موڪلي ڏنو؛ جيڪو ”گگن آنچل“ جي وابسته واليوم ۾ گوبند مالهي ۽ هيما مٽلاڻي؛ ٻنهي جي واقفيت ڏيندي شايع ڪيو ويو.

    هيما، دراصل 1980ع ۾ مون سان شاديءَ مهل انٽرميڊيٽ پاس ڪيل هئي: جيڪا يارهون درجو واري مئٽرڪ کان پوءِ فرسٽ ييئر ۽ انٽر طور تيرهن سالن ۾ ڪرڻي پوندي هئي، تڏهن ان کان پوءِ بي.اي. ڪرڻ لاءِ صرف ٻه سال لڳندا هئا، يعني ان مهل جو گريجوئيٽ پڻ پندرهن سال پڙهيل هوندو هئو. پر بعد ۾ جو مئٽرڪ کي يارنهن سالن مان گهٽائي ڏهه درجا ڪندي سيڪنڊري اسڪول سرٽيفڪيٽ ” S.S.C. “ جو نالو ڏنو ويو ته اهڙي صورت ۾ يارهون ۽ ٻارهون کي انٽرميڊئٽ چوندي بي.اي/ بي.ڪام/ بي.ايس.سي. کي ٻن مان وڌائي ٽي سال ڪيو ويو ۽ گريجوئيٽ ٿيڻ لاءِ ساڳيائي پندرهن سال لڳندا هئا، پر سنڌ ۾ جڏهن S.S.C. لاءِ مئٽرڪ جا يارهن سال گهٽائي ڏهه ڪيا ويا ته انٽرميڊئٽ H.S.C. لاءِ ٻه سال ۽ بعد ۾ گريجوئيٽ ٿيڻ لاءِ پڻ ساڳيا ئي ٻه سال برقرار رهيا. ان حساب سان سنڌ ۾ گريجوئيٽ ٿيڻ لاءِ چوڏهن سال ته هندوستان ۾ ساڳي ڊگريءَ لاءِ پندرهن سال کپندا آهن. پر سنڌ جي ان چوڏهن سالن واري ڊگريءَ کي هتي هندوستان ۾ تسليم ڪندي هتان جي بلڪل پندرهن سالن واري گريجوئيٽ برابر ئي سمجهيو ويندو آهي.

    هاڻ هيما کي جو انٽرميڊيٽ جا تيرهن درجا پڙهندي ڪجهه سال ٿي چڪا هئا ته هينئر ٻن سالن واري بي.اي. بند ٿي چڪي هئي. اهڙي صورت ۾ مون جڏهن کيس پڙهائڻ چاهيو ته ان کي بي.اي. جي فرسٽ ييئر يعني تيرهين درجي ۾ داخلا وٺڻي پيئي، پهرين آءٌ هن کي يونيورسٽي آف بامبئي جي ’انسٽيٽوٽ آف ڊسٽنس ايڊيوڪيشن‘ ۾ داخل ڪرائيندي کيس ڪريسپانڊس ڪورس معرفت پڙهائڻ پئي چاهيو؛ پر گهر ۾ پڙهڻ لاءِ من نه لڳڻ جي صورت ۾ هڪ سال بي گناهه نڪري ويو. پوءِ ڪجهه سالن جي وقفي کان پوءِ مون کيس آر.ڪي.تلريجا ڪاليج، الهاس نگر ۾ باقائده هڪ ريگيولر اسٽوڊنٽ طور داخلا وٺرائي ڏني. جتي هن لڳاتار ٽي سال مڪمل طور ڪاليج اٽينڊ ڪندي بي.اي. جي ٽئين سال ۾ هندي ۽ سائڪالاجي (پارٽ ميجر) يعني ٽي پيپر هندي ۽ ٽي پيپر سائڪلاجيءَ جا ڏيندي بي.اي. ڪري ورتي.

    هيما، ٻالڪپڻ کان ئي هنديءَ ۾ هوشيار هوندي هئي، هينئر پڻ هنديءَ ۾ پوري ڪاليج ۾ اول نمبر ايندي رهي هئي.مون کيس آر.ڪي.تلريجا ڪاليج مان ئي ريگيولر ايم.اي. (هندي) ڪرائي: پر هتي فرسٽ ڪلاس لاءِ 60% سيڪڙو ته سيڪنڊ ڪلاس لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 50% مارڪون کپنديون آهن، ان کان گهٽ مارڪن جي صورت ۾ ڪهڙو به ڪلاس نه ڏيندي صرف پاس ڪيو ويندو آهي. بعد ۾ هيما کي جڏهن الهاس نگر جي ساڌو ٻيلا گرلس اسڪول ۽ جونيئر ڪاليج ۾ يارهون ۽ ٻارهون لاءِ هنديءَ جي ٽيچر جي اپوائنٽمينٽ ملي ته ڪجهه مهينا ڪم ڪرڻ باوجود به جڏهن تعليم کاتي مان هن جي Approval ڪونه آئي ته کيس نوڪريءَ مان ئي هٿ ڌوئڻا پيا: جو هتي جونيئر ڪاليج پاڙهڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 50% سيڪڙو ۽ ڊگري ڪاليج لاءِ پوسٽ گريجوئيٽ ليول تي 55% سيڪڙو مارڪون گهربل هونديون آهن.

    هيما جي نوڪري ڇڏائجڻ کان پوءِ هن کي ان جو ڏک پئي ٿيو، ته مون سندس همت افزائي ڪندي مارڪون واڌئڻ لاءِ يونيورسٽي قانون موجب هڪ ئي سال ۾ ٻيهر ايم.اي. (هندي) پهريون ۽ ٻيون، ٻنهي سالن وارا جملي اٺ ئي پيپر گڏ ڏياريا سائينءَ جي مهر سان هيما هاڻ 55% سيڪڙو کان ڪجهه ئي وڌيڪ مارڪون کڻي سيڪنڊ ڪلاس ۾ پاس ٿي ۽ جيتوڻيڪ هوءَ ڊگري ڪاليج ۾ به هنديءَ جي ليڪچرر ٿيڻ جي قابل هئي، پر پوءِ ته الائي ڪيترا انٽرويو ڏيندي ڪٿي به کيس نوڪري نه ملي سگهي، تقدير جي ستم ظريفي اهڙي جو هتي بمبئيءَ ۾ هڪ هندي هاءِ اسڪول هئو جنهن کي هنديءَ جا ئي ايڪسپرٽ ٽيچر کپندا آهن. پر ان وري کيس اهو چوندي نوڪري نه ڏني ته انهن کي ايتري هاير ايجوڪيشن حاصل ڪيل ٽيچر نه کپي! بهرحال پوءِ وري هيما ٻه دفعا ڪاسما پوليٽن ڪاليج، انڌيري (ويسٽ) ممبئي ۾ ڇهه ڇهه مهينا جي “Leave Vacancy” تي فل ٽائيم ليڪچررشپ ڪيئي ۽ ائين هن به منصور جي قطار ۾ پنهنجو نالو شمار ڪرائي ئي ڇڏيو.

    5 سيپٽمبر 1997ع تي هندوستان ۾ اهو ڏينهن ”ٽيچرس ڊي“ طور ملهائجڻ جي خوشيءَ ۾ سيوا سدن ايجوڪيشن ڪاليج، الهاس نگر جي پرنسپال ڊاڪٽر ڀاون واڌواڻيءَ ان ڏينهن وارين تقريبات ۾ مون کي چيف گيسٽ ڪري گهرايو ۽ منهنجي قدردانيءَ ۾ مون کي ” بيسٽ ٽيچر“ طور اوارڊ پڻ ڏيڻ فرمايو. هڪ اهم ڳالهه ته هيءُ اهو ئي ڪاليج هئو، جتان منهنجي شريڪ حيات هيما ڪجهه ئي سال اڳ ”بي.ايڊ.“ ڪري چڪي هئي جو هِتي جونيئر ڪاليج ۾ ليڪچررشپ لاءِ پوسٽ گريجوئيٽ سان گڏ بي.ايڊ. به کپندي آهي. قانون ٺاهيندڙن جي ڪيڏي نه ستم ظريفي آهي؛ جو جونيئر ڪاليج پڙهائڻ لاءِ ”بي.ايڊ“ تمام ضروري کپي پر ڊگري ڪاليج لاءِ وڌيڪ پگهار کڻندي به ”ايم.فل.“ ۽ ”پي.ايڇ.ڊي“ جي ڪواليفڪيشن تي گهڻو زور ئي ڪو نه ڏنو ويندو آهي.

    آءٌ هر سال ممبئي يونيورسٽيءَ کان سيمينارن لاءِ سونهاري سنڌ مان عالم فاضل حضرات کي گهرائڻ لاءِ عرض ڪندو رهندو هوس، پر ان لاءِ پهرين ڪاميابي 98-1997ع واري اڪيڊمڪ سال دوران ملي. اسين سنڌي شعبي طرفان پهريون انٽرنيشنل سيمينار 2 ڊسمبر 1997ع تي منعقد ڪرڻ جو پروگرام ٺاهيو. اهڙو سلسلو شروع ڪندي پهرين چونڊ منهنجي استاد محترم ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب جي ڪيئي ويئي. مون يونيورسٽيءَ کان سائين الانا صاحب لاءِ منظوري وٺي کيس آفيشل دعوت نامو موڪلي ڏنو. پوءِ ته منهنجي فون مٿان فون لڳي پيئي هوندي هئي. انهن ڏينهن ۾ فون جي ايتري سهوليت به ڪونه هوندي هئي. آءٌ هڪ ”ايس ٽي ڊي“ دوڪان تان وڃي کيس فون ڪندو هوس. پر جيسين کيس ويزا نه پئي ملي. تيسين مون کي بيحد فڪر لڳو پيو هوندو هئو. ڪڏهن وري ڪيتري ڪوشش باوجود به فون تي رابطو ئي نه ٿي سگهي ته آءٌ بيحد پريشان ٿي ويندو هوس!

    اسين ممبئي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي طرفان اشاعتي سلسلي جو پهريون ڪتاب رقم الحروف طرفان ڊاڪٽر عبدالستار دلويءَ جي تحقيقي مقالي، ”ادبي اور لساني تحقيق“ جو سنڌي ترجمو شايع ڪري رهيا هئاسين. مون ڪيتري وقت کان اهو سمورو مسودو پنهنجي سڪ جي ڀيڻ سشيلا هاسانند روهڙا هٿ سنڌ موڪليو هئو، جنهن جو ڀاءُ اهو مسودو ڊاڪٽر غلام علي الانا جي گهر پهچائي آيو؛ جو مون کي ان ڪتاب لاءِ سندس مهاڳ کپندو هئو. سائين جن منهنجي ترجمي کي باقاعده لفظ بلفظ پڙهي ڪري هڪ بهترين مهاڳ لکي مون کي پوسٽ وسيلي موڪلي ڏنو هئو. هينئر اسين ان ڪتاب جي ڇپائيءَ جو ڪم پڻ سنڀالي رهيا هئاسين. اسين اهو ڪتاب گيتا پريس، الهاس نگر مان ٽائيپ ڪرايو، ڪور پيج ڀاءُ رام لالچنداڻي آرٽسٽ کان پرنٽ ڪرايو ته بائينڊنگ الهاس نگر جي بهترين بائينڊر گوپي چند کان ڪرايوسين.

    اسين ”سنڌي لوڪ ادب“ انٽرنيشنل سيمينار لاءِ پنهنجي وائيس چانسلر ڊاڪٽر سنهيلتا ديشمک صاحبه کان افتتاح ڪرڻ جي منظوري به وٺي ڇڏي هئي، پوءِ جيئن جيئن ڏينهن ويجها پئي پوندا ويا ۽ ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب کي هندوستان اچڻ لاءِ ويزا به ملي ويئي ته مون هتي سرڪاري طور اهڙو انتظام ڪرائي ورتو جيئن اسان جي مهمان جو ايئرپورٽ تي ئي اسٽيٽ گيسٽ جي حيثيت ۾ سندس استقبال ڪيو وڃي.

    ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب کي اسين سيمينار کان ٻه ڏينهن اڳواٽ ئي گهرايو هئوسين. هن جي رهڻ جو بندوبست ”هوٽل روزووڊ“ بمبئي ۾ ڪيل هئو. مان ۽ منوهر ٻين ڪيترن ئي معزز شهرين کي پڻ ايئرپورٽ تي گهرايو هئو ۽ اسين سڀني لاءِ گلن جون مالهائون. الهاس نگر مان ئي وٺي آيا هئاسين. مون سڀني کي لائين ۾ بيهاري هڪ هڪ کي گلدستو هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو. اسان جو هڪ همراهه الانا صاحب کي اسان جي طرفان ئي اندر ايئرپورٽ تي رسيو ڪندي جڏهن ٻاهر وٺي آيو ته آءٌ ڊاڪٽر الانا صاحب کي پيرين پيئي گڏيس ۽ لائين ۾ بيٺل هڪ هڪ شخص سان سندس تعارف ڪرايو.

    سيمينار واري ڏينهن 2 ڊسمبر 1997ع تي منوهر جو جيئن ته اڪيڊمڪ اسٽاف ڪاليج ۾ ”اورئينٽيشن ڪورس“ هلي رهيو هئو ته کيس اُتان موڪل ڪونه ملڻ جي صورت ۾ مون کي سمورو بندوبست اڪيلو ئي پئي سنڀالڻو پيو.، اسين سيمينار جي افتتاحي اجلاس لاءِ آرٽس فيڪلٽيءَ جي ڊين، پروفيسر وسپي بالا پوريا، جئه هند ڪاليج، ايڇ.آر.ڪاليج ۽ چاندي ٻائي ڪاليج جا پرنسپال، نانڪ شوداساڻي، اجواڻي ۽ ڊاڪٽر ديال ’آشا‘ کي به گهرايو هئو ته سيمينار جو افتتاح ڪرڻ لاءِ اسان جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر سنهيلتا ديشمک صاحبه پڻ آيل هئي.

    ممبئي يونيورسٽيءَ ۾ مئنجمينٽ ڪائونسل جي ميمبر ڊاڪٽر ايل.ايڇ. هيراننداڻيءَ افتتاحي اجلاس ۾ سونهاري سنڌ مان آيل ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب جو دل کولي سواگت ڪيو، ڊاڪٽر هيراننداڻيءَ جي شخصيت ئي اهڙي هئي، جو جنهن به محفل ۾ هجي ته ان ۾ رنگ ڀرجي وڃي.!

    مون سنڌي شعبي جي طرفان هيڊ آف ڊپارٽمينٽ جي حيثيت ۾ پنهنجي استقبالياني خطبي ۾ ڊاڪٽر الانا جي آمد ۽ خصوصي طور ان سيمينار کي هند توڙي سنڌ جي اديبن کي هڪٻئي جي ويجهو آڻڻ لاءِ سنگِ ميل ڪري سڏيو ۽ اميد ڏيکاري ته اهڙي ميل جول کي سرڪاري طور هٿي ڏني وڃي ته جيئن نه صرف هند و پاڪ، ملڪ پوري دنيا کي اسين امن و آشتيءَ جو پيغام ڏيئي سگهون.

    ڊاڪٽر غلام علي الانا، اسان جي وائيس چانسلر صاحبه ۽ راقم الحروف لاءِ بنا ڏٺي فطري محبت جو ذڪر ڪندي اميد ڏيکاري ته هيءُ سيمينار تمام سنڌي اديبن کي هڪٻئي جي ويجهو آڻيندو، وائيس چانسلر ڊاڪٽر سنهيلتا ديشمک صاحبه پنهنجي صدارتي تقرير ڪندي چيو ته هندوستان ۾ سنڌين جي زبردست محنت ۽ حاصل ڪيل ترقي اسان سڀني لاءِ هڪ بهترين مثال آهي! ان سيمينار جي افتتاحي اجلاس ۾ ڊين، وسپي بالاپوريا ۽ وائيس چانسلر ڊاڪٽر سنهيلتا جڏهن ٿوري گهڻي سنڌي ڳالهائيندي حاضرين سان مخاطب ٿيا ته پورو هال تاڙين سان گونججي اٿيو!سيمينار جي افتتاحي اجلاس جي ڪمپيئرنگ ٽيلي ويزن جي نيوز ريڊر، پروفيسر ڪمل جاڌو جي مٺڙي آواز ۾ انتهائي جاذب انداز ۾ ڪيئي ويئي.

    بعد ۾ مقالن واري نشست ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا، ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي ۽ هيرو ٺڪر طرفان ”سنڌ ۾ لوڪ ادب جي تحقيق جو جائزو“، ”ڀارت ۾ لوڪ ادب ۽ تحقيق“ ۽ ”سنڌي پهاڪن ۽ محاورن ۾ لوڪ ادب جو عڪس“ سلسليوار مقالا پيش ڪيا ويا؛ جن جي صدارت ڪيرت ٻاٻاڻي، ڊاڪٽر نارائڻ ڀارتي ۽ هري موٽواڻيءَ ڪيئي. الڳ الڳ پيپرن تي ڪرشن راهي، نارائڻ ”ڀارتي“، ڊاڪٽر جيٽلي، اي.جي.اتم ۽ ڪيرت ٻاٻاڻيءَ پنهنجا پنهنجا ويچار ظاهر ڪيا، ”افتتاحي اجلاس“ ۾ ٺاڪر چاولا مقالن جي بهترين معيار جو ذڪر ڪندي سيمينار جي آرگنائيزيشن لاءِ ڊاڪٽر ٻلديو ۽ منوهر مٽلاڻيءَ کي دل کولي داد ڏنو! آخر ۾ اسان وٽ ڊپارٽمينٽ ۾ ايم.اي.(سنڌي) ڪندڙ هڪ شاگردياڻي، سوني نيڀاڻيءَ شڪرادائيءَ جي رسم ادا ڪيئي.!

    عوامي آواز سنڊي ميگزين 31 جولاءِ 2016

     
  10. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,886
    ورتل پسنديدگيون:
    27,213
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    قسط 69
    مقناطيسي قوت حاضرين کي سُن ڪري ڇڏيو!
    ٻلديو مٽلاڻي

    اسين ممبئي يونيورسٽي جي سنڌي شعبي طرفان اشاعتي سلسلي جو پهريون ڪتاب ’فن تحقيق ۽ ان جا اصول‘ شايع ڪرايوسين؛ جنهن جي نقاب ڪشائي وائيس چانسلر ڊاڪٽر سنيهلتا ديشمک ۽ سونهاري سنڌ مان آيل استاد، محترم ڊاڪٽر غلام علي الانا جي پاڪ هٿن کان ڪئي ويئي. پوڻا ٻه سئو صفحات تي پڪي جلد سان مبني هيءُ ڪتاب راقم الحروف، ڊاڪٽر عبدالستار دلويءَ جي اردو مقالي،’ادب اور لسانياتي تحقيق‘ تان ترجمو ڪيو هئو؛ جنهن ۾ اعليٰ تعليم جي ميدان ۾ رٿائتي تحقيق انتهائي آسان لفظن ۾ سمجهائي ويئي هئي. هندوستان ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ اهو پهريون ڪتاب هئو؛ جيڪو تحقيق جي عمل بابت شايع ڪيوويو هئو. ان جي وضاحت ڊاڪٽر غلام علي الانا طرفان 16 صفحن جي تفصيلوارانه مهاڳ ۾ پڻ ڪيل هئي. اهڙي ڪتاب جي هندوستان ۾ ايم.فل. ۽ پي.ايڇ.ڊي. ڪندڙ شاگردن کي ته ضرورت هئي؛ پر خود سنڌ جي ڌرتيءَ تي به ان جو قدر ڪندي’سنڌي لينگئيج اٿارٽي‘ طرفان اهو ڪتاب ٻيهر شايع ڪيو ويو؛ جيڪو اتي هيل تائين تمام محقق حضرات جي ڪم اچي رهيو آهي. ڪجهه سال پوءِ مون کي ان ئي ڪتاب تي هندوستان سرڪار جي اعليٰ ترين ادبي تنظيم ’ساهتيه اڪاڊمي‘ طرفان بهترين سنڌي ترجمي ۾ جو اوارڊ ڏنو ويو؛ جيڪو هتي هر سال تمام سرڪاري ٻولين کي ڏنو ويندو آهي.
    مون پنهنجي ڊاڪٽوريٽ، سائين ڊاڪٽر ديال ’آشا‘ جي راهنمائيءَ ۾ ڪئي هئي. هن 1996ع ۾ چاندي ٻائي ڪاليج، الهاس نگر مان پرنسپال ٿي رٽائر ڪيو هئو. جنهن بعد هن جي مئنيجمينٽ جي صدر، اشوڪ آڏواڻيءَ کيس حيدرآباد (سنڌ) نيشنل ڪالجئيٽ بورڊ جي سمورن ڪاليجن ۾ سنڌي ڪلچر جي ڦهلاءَ لاءِ کيس چئن سالن کان لاءِ آنرري پروفيسر ايمريٽس ڪري اپوائنٽ ڪيو هئو. هن ان سلسلي ۾ پهريون سيمينار پوپٽي هيراننداڻيءَ جي موضوع تي ڪي.سي.ڪاليج، چرچگيٽ، ممبئي ۾ 9-جنوري 1998ع تي رکيو. ان سيمنيار جو افتتاح ممبئي يونيورسٽي جي پرو-وائيس چانسلر، ڊاڪٽر نريش چندر کان ڪرايوويو. ڊاڪٽر ديال ’آشا‘ هميشه منهنجي لاءِ بيحد شفيق پئي رهيو آهي. ان سيمينار ۾ مون کي پوپٽي هيراننداڻيءَ جي ناول نگاريءَ تي پيپر ڏيڻو هئو. مون پوپٽيءَ جا چار ئي ناول ڪٿان به هٿ ڪري گهر ۾ ويهي پنهنجو مقالو چڱي طرح ٺاهي ورتو؛ پر مقالو ٺاهيندي ٺاهيندي آخرين پوري رات جاڳڻو پيو ۽ اچي اَسُر ٿيو پوءِ ڪجهه ئي پهر ننڊ ڪري صبح جو تيار ٿي ڪي.سي.ڪاليج ۾ ان ئي سيمينار لاءِ پهچڻو پيو.
    سيمينار جي افتتاحي اجلاس ۾ مئنيجمينٽ جي صدر بئريسٽر اشوڪ آڏواڻي ۽ ممبئي يونيورسٽيءَ جي پرو-وائيس چانسلر، ڊاڪٽر نريش چندر منهنجي لاءِ پڻ پنهنجي مسرت جو اظهار ڪيو، منهنجو مقالو پيشڪش توڙي مواد ۽ هر لحاظ کان بيحد پسند ڪيو ويو، پر حاضرين جو گهڻو داد ڏيڻ ڪجهه ڪجهه ڪرشن راهيءَ کي ڪونه آئڙيو ته هن پوڊيم تان اچي ڪجهه غير ضروري ڳالهيون ڇيڙيون، پوءِ مقاله نگار جي حيثيت ۾ جڏهن منهنجي جواب ڏيڻ جو وارو آيو ته آءٌ ڪرشن راهيءَ کي هڪ هڪ ڳالهه جي تصفيل سان سمجهاڻي ڏني. راهي صاحب کي منهنجي وضاحت وارو نمونو ڪجهه جارحانه لڳو ته هن بعد ۾ سيمينار کانپوءِ ٻاهر گيلريءَ ۾ چيو ته ”ابا! تون لاڙڪاڻي جو آهين. لاڙڪاڻي وارا ڪنهن کي به سامهون چوڻ جي همت رکندا آهن!“
    ڊاڪٽر ديال ’آشا‘ ان سيمينار جا سمورا مقالا پوءِ ڪتابي روپ ۾ شايع ڪرايا ۽ اڄ به ڪير اُهي سڀ مقالا پڙهي سگهي ٿو ته منهنجي ليک ۾ ڪيئن نه حواله بحواله پوپٽيءَ جي ناول نگاريءَ جي وضاحت ٿيل هئي!
    27- جنوري 1998ع تي دينچند ڪالاڻي ايڊوڪيشن ڪاليج، الهاس نگر ۾ هڪ سمينيار ڪيو ويو، اتان جو پرنسپال گورڌن ”جاني“ پنهنجي ٻوليءَ سان بي پناھ محبت ڪندڙ هو، جنهن سبب ئي هو ايڊيوڪيشن ڪاليج جو پرنسپال هوندي به سنڌي ٻوليءَ جي تعليم تي ايترو ڌيان ڏيندو هئو. هن مونکي هڪ پيپر سيشن صدارت ڪرڻ لاءِ گهرايو هئو، جنهن ۾ الهاس نگر جي هڪ جهوني رٽائرڊ هيڊ ماستر آسودومل موهناڻيءَ ’سنڌي تعليم ڏيڻ لاءِ نوان طريقا‘ عنوان تي پيپر پڙهيو هئو. هن پنهنجي مقالي تي چڱي محنت ڪئي هئي ۽ تمام حاضرين پڻ کيس دل کولي داد ڏنو هو پنهنجي صدارتي تقرير ۾ هن جي بيان ڪيل مواد جي ڪجهه وڌيڪ تشريح ڪندي جيڪي ڪجهه ٿورو گهڻو کائنس رهجي ويو هئو، ته ان جو پورائو ڪري ڇڏيو.
    1998ع جون گرميون هيون؛ جو مون کي دهلي سرڪار طرفان قائم ڪيل ’سنڌي اڪاڊمي‘ طرفان ’سنڌي ميڊيئيول لٽريچر‘ تي ليڪچر ڪرڻ جي نينڍ آئي. انهن ڏينهن ۾ اتي ڊاڪٽر موتي لال جوتواڻي سيڪريٽري ۽ ڀارتيه جنتا پارٽيءَ سان تعلق رکندڙ شخص ڪي.آر.ملڪاڻي وائيس چيئرمين هئو؛ جڏهن ته چيئرمن جي پدوي دهلي سرڪاري جي چيف منسٽر کي مليل هوندي آهي، پر ڪم سمورو ئي گهڻو ڪري سيڪريٽريءَ طرفان هلايو ويندو آهي. انهن ئي ڏينهن ۾ اسان جي الهاس نگر جي سوٽ چنديرام کي اُتي دهليءَ ۾ ڪجهه ڪم هئو ته اهو پڻ پنهنجي هڪ دوست سان اوڏانهن هليو. اسين راڄڌاني ايڪسپريس (ايئرڪنڊيشنڊ ٽرين) ۾ ٽيئي ڄڻا دهليءَ وياسين. جنهن ڏينهن صبح جو اُتي پهتاسين؛ ان جي ايندڙ ڏينهن تي شام جو ڪناٽ پليس جي ڀر ۾ ’ڪانسٽيٽيوشن ڪلب‘ ۾ منهنجو ليڪچر رکيل هو.
    ٻئين ڏينهن آءٌ وقت تي ڪانسٽيٽيوشن ڪلب پهچي ويس. چنديرام مٽلاڻي به منهنجو اهو ليڪچر ٻڌڻ لاءِ آيل هئو، ته منهنجو هڪ بمبئيءَ جو جهونو دوست ڊاڪٽر گرداس گرناڻي به اچي سهڙيو، هو پاڻ ۾ به انهن ڏينهن ۾ دهليءَ ۾ رهندڙ هئو. منهنجي ليڪچر جي صدارت ڪرڻ لاءِ ڪي.آر.ملڪاڻي آيل هئو ته حاضرين ۾ دهليءَ جا ڪيترائي معزز شهري ۽ ڪجهه اخباري نمائنده به آيل هئا.
    مون دهلي سنڌي اڪاڊميءَ جي اصولن موجب کين پنهنجو ليڪچر گهڻو اڳ ئي ٽائيپ ڪرائي موڪلي ڇڏيو هئو؛ ته جيئن اُهي وقت تي ان کي ڪتابي روپ ۾ شايع ڪري سگهن؛ ڇو ته اهـڙي هر هڪ ليڪچر مهل اهو وابسته ڪتاب ليڪچر ٿيڻ کان اڳ ئي تمام حاضرين ۾ ورهايو ويندو هئو. هال ۾ پهچڻ سان مون کي ڪجهه ڪجهه گهٽ وڌائي نظر آئي جو اڪاڊميءَ طرفان منهنجو ڪتاب ان ڏينهن تائين شايع ئي ڪونه ڪرايو ويو هئو. نه صرف ڪتاب ڪونه هئو؛ پر ڊاڪٽر موتي لال جوتواڻيءَ ملڻ سان ئي منهنجي مواد تي ڪجهه اعتراض ڏيکاريا، ان لاءِ مون کيس چيو ته اهو ليڪچر منهنجي طرفان اچڻو آهي، ڀل اوهين ليڪچر کان پوءِ پنهنجي طرفان تنقيد ڪري سگهو ٿا، ان جو جواب پڻ آءٌ رسمي طور منچ تان ڏيڻ لاءِ تيار آهيان. بعد ۾ ڪي.آر. ملڪاڻي به آيو ته مون کي ان ۾ گرمجوشي ڪجهه گهٽ پئي نظر آئي. بهرحال جڏهن لائيو ليڪچر ٿيڻو هجي، ته ان گهڙيءَ اهڙي ڪنهن به ڳالهه ڏانهن گهڻو ڌيان به ڏيڻ ئي بهتر هوندو آهي.!
    پروگرام جي آغاز ۾ ڊاڪٽر جوتواڻيءَ اڪاڊميءَ جي سيڪريٽري طور منهنجو استقبال ڪيو ۽ بعد ۾ اڪاڊميءَ جي وائيس چيئرمين ڪي.آر.ملڪاڻيءَ مونکي ليڪچر شروع ڪرڻ لاءِ چيو. حاضرين ۾ ڪجهه غير سنڌي صحافي به آيل هئا؛ جيڪي بلڪل ڌيان سان منهنجو ليڪچر ٻڌي رهيا هئا؛ جو منهنجي ليڪچر ۾ شاه، سچل، مخدوم محمد زمان لنواريءَ وارو ۽ روحل جي صوفيانه ڪلام جي فطرتاﹰ ڪجهه ڪجهه ڪشش به هئي! جڏهن ليڪچر پورو ٿيو ته سوال-جواب واري سيشن ۾ انهن غير سنڌي اخبار نويسن ئي مون کان ڪجهه وضاحت گهري؛ باقي سنڌين مان ڪنهن به ڪجهه به ڪونه پڇيو. مون رب پاڪ جا شڪرانا بجا آندا؛ جو گهٽ ۾ گهٽ ڪجهه اهي غير سنڌي حضرات ته آيا هئا ۽ حاضرين منجهان ڪجهه ته موٽ ملي. بعد ۾ ڪي.آر.ملڪاڻيءَ محفل جي صدر جي حيثيت ۾ جڏهن ڳالهائڻ شروع ڪيو ته بلڪل اُهي ئي ڳالهيون ڪيون، جيڪي جوتواڻيءَ اڳ ئي اعتراض طورمونکي اچڻ سان چيون هيون. هاڻ منهنجي لاءِ مسئلو اهو هئو جو صدارتي تقرير مٿان اخلاقي طور مون کي ڳالهائڻ جو حق ئي ڪو نه هئو ۽ اهڙي هر موقعي تي آءٌ ڪوشش ڪري مريادا اندر ئي رهندو آهيان؛ ڀل ان لاءِ مونکي ڀوڳڻو به ڇو نه پوي! آخر ائين ڇو ٿو ٿئي جو منگهارام ملڪاڻي جنهن چاليهه سال اڳ دهليءَ جي ‘OBSERVER’ اخبار لاءِ صحافت ڪيئي هجي ۽ بعد ۾ ته پونڊيچريءَ جو گورنر به بڻيو؛ اهڙو شخص پنهنجي صدارتي تقرير ۾ اڳواٽ تيار ڪيل صرف ٻين کان ٻڌل ڳالهيون ڪنهن به معصوم مقرر مٿان مڙهي جنهن کي پوءِ ته اخلاقي طور جواب ڏيڻ جو حق به ڪو نه مليل هجي!
    منهنجي ليڪچر کانپوءِ چنديرام ته پنهنجي ڪنهن ڪم سان نڪري ويو هئو، باقي ڊاڪٽر گرداس گرناڻي مون لاءِ انتظار ڪري رهيو هئو. هن اُهو ڏينهن مونکي پنهنجي گهر وٺي هلي رهايو ۽ ڏاڍي سٺي مهمان نوازي ڪيائين. هيءُ اهو ئي گرداس گرناڻي هئو، جنهن 1971ع ۾ سنڌ ۾ هڪ سنڌي فلم ”محبوب مٺا“ ٺاهي هئي؛ پر الله جي ڪرڻي وري اهڙي جو ان فلم جي رليز ٿيڻ وارن ڏينهن ۾ ئي انڊو-پاڪ جنگ ڇڙي پيئي ۽ اهڙي نازڪ وقت ۾ فلم بزنس ته ٺپ ئي ٿي ويو. بهرحال فلم جي نه هلڻ جو هڪ مثبت نتيجو اهو به نڪتو ته گرداس جو پنهنجي M.B.B.S. ڇڏي اچي فلم پروڊڪشن کي لڳو هئو ۽ ”محبوب مٺا“ کانپوءِ ٻي فلم به ٺاهڻ پئي چاهيائين؛ اهو هاڻ فلم ورلڊ کي ڇڏي ٻيهر ڊو ميڊيڪل ڪاليج ڏانهن موٽي ويو ۽ پنهنجي ميڊيڪل ڊگري وارو ڪورس پورو ئي ڪيائين. مون کي اڄ به ياد آهي ته آغا سليم جي اسڪرپٽ ۽ غلام عليءَ جي ميوزڪ ۾ اها فلم ”محبوب مٺا“ جڏهن امپائر سنيما، لاڙڪاڻه ۾ رليز ٿي هئي ته گرداس گرناڻي پاڻ به اُتي سنيما ۾ آيل هئو، پر انهن ڏينهن ۾ منهنجن ساڻس واقفيت ڪونه هئي.
    اسين ممبئي يونيورسٽي جو سيمينار 4- ڊسمبر 1998ع تي ’سنڌي افسانه نويسي‘ عنوان تي رٿيوسين. ان لاءِ اسان وٽ تڙپ کان به وڌيڪ آرزو هئي ته سونهاري سنڌ مان سائين آغا سليم صاحب جي حاضري ملي سگهي. سنڌ مان ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب به راهنمائي ڪرڻ فرمائي ۽ آغا سليم جي قبوليت اچي ويئي. پوءِ ته منهنجي طرفان فون مٿان فون لڳي پيئي هوندي هئي. تقريباﹰ روز آءٌ سائين آغا صاحب سان ڳالهائيندو رهندو هوس. هيءُ ٻيئي ملڪ اهڙا آهن؛ جو سرڪاري سطح تي ڪنهن پروگرام جي مرتب ڪرڻ ۾ به انيڪ مشڪلات کي منهن پئي ڏيڻو پيو. وري ٽريجڊي اها ٿي؛ جو اسان جي سيمينار کان اڳ دهليءَ جي ’ڪوٽله شاه اسٽيڊيم“ ۾ هند و پاڪ ڪرڪيٽ ميچ ٿيڻي هئي ته هتان جي هڪ سياسي پارٽيءَ جي ڪارڪنن ميچ کان اڳ ئي وڃي اسٽيڊيم جي پچ ڊامبر سان خراب ڪري ڇڏي. اهڙين حالتن هوندي يونيورسٽي ڪيمپس اندر ٿيندڙ هيءَ بين الاقوامي سيمينار ڀلا ڪيئن ڪنهن کان لڪي پئي سگهيو!
    چوندا آهن ته ارادا نيڪ هوندا آهن ته الله پاڻ اچي واهي ٿيندو آهي. جيتوڻيڪ هتان جو ادبي سماج اهڙو بي حس آهي؛ جو خدانخواسته ڪا به اڻ وڻندڙ ڳالهه ٿيو پوي ها ته ڪير اسان کي بچائڻ به ڪونه اچي ها! پر ڪنهن وڏي مقيصد جي برثوابيءَ لاءِ اها رسڪ ته اسان کي کڻڻي ئي هئي. سائين به اهڙو ته اچي واهرو ٿيو؛ جو اسان جي مهمان کي ممبئي؛ اچڻ لاءِ نه صرف سرڪاري مهمان طور ويزا ملي؛ پر ان ۾ پوليس رپورٽ کان به کيس آزاد رکيو ويو جو اسان جون تمام نيڪ ڪوششون ٻولي، ادب ۽ سماج ۾ امن و آشتي برپا ڪرڻ لاءِ ئي ته هيون. سڀاويڪ، سڀ ڪجهه اجازت ملي وڃڻ کان پوءِ وائيس چانسلر سنيهلتا ديشمک جي رڌل هئڻ سبب اسين وابسته ڏينهن تي پنهنجي پرو-وائيس چانسلر ڊاڪٽر نريش چندر کي مڃايوسين ته جيئن سونهاري سنڌ مان آيل مهمان جو شايانِ سان استقبال ٿي سگهي.
    اسين ان سال جي سيمينار لاءِ جئه هند ڪاليج وارن کان انهن جو الٽرا-ماڊرن آڊيو وزيوئل سينٽر ورتوسين؛ جيڪو پرنسپال نانڪ شوداساڻي صاحب پنهنجي مادري زبان جي ناتي ۽ اسان سان سٺي وهنوار هئڻ سبب ڪنهن به قسم جي اجوري ڏيڻ کانسواءِ ئي ڏيڻ فرمايو. 1998ع ۾ وابسته ڏينهن 6-ڊسمبر تي اسان جو اهو جئه هند ڪاليج وارو آڊيو-وزيوئل آڊيٽوريم، ممبئي ۽ آسپاس جي معزز شهرين سان کچاکچ ڀرجي ويو. ممبئي يونيورسٽي ۾ آرٽس فيڪلٽي، جي ڊين، پروفيسر وسپي بالاپوريا، جئه هند ڪاليج جو پرنسپال نانڪ شوداساڻي، ايڇ.آر.ڪاليج جو پرنسپال ايم.ايڇ.اجواڻي، ڊاڪٽر ايل.ايڇ. هيراننداڻي، رام جوهراڻي ۽ چندر منگهناڻي وغيره سڀ آيل هئا.
    سيمينار جي آغاز ۾ مون پنهنجي سنڌي شعبي طرفان تمام مهمانن جو استقبال ڪندي خاص طور سائين آغا سليم صاحب جي مهربانين، هن جي قربت ۽ فراخدليءَ جو ذڪر ڪيو ۽ تمام حاضرين کي ٻڌايو ته جنهن عظيم اديب کي اسين ٻالڪپڻ کان پنهنجو آئيڊيل سمجهندا هئاسين؛ جنهن جي هٿن جي ڏياٽين معرفت ڌڻي سائينءَ اها ڪهڙي جادوئي قوت ڏيئي ڇڏيندو آهي؛ جو اونداهي ڌرتي روشن هٿ تخليق ٿيندو آهي. اڄ اهو پاڻ اسان جي انجمن ۾ شريڪ هئو. افتتاحي اجلاس ۾ آغا سليم ٻڌايو ته اخبار جي ايڊيٽر ناتي انهن ئي ڏينهن ۾ کيس وزيراعظم نواز شريف سان آمريڪا وڃڻ جي پڻ دعوت مليل هئي؛ پر آمريڪا جي ڀيٽ ۾ هتي ڀارت ۾ پڻ سندس فرزند هڪ به رهندو آهي؛ ان لاءِ هُن ممبئي اچڻ کي ترجيح ڏني، جو کيس هتان جي فرزند ٻلديو جي ملڻ جي ڇڪ کيس هتي کڻي آئي آهي! هن وڌيڪ ٻڌايو ته هو شاه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو شيدائي آهي ۽ ان جي ڪجهه سُرن جو هن اردوءَ ۾ منظوم ترجمو به ڪيو آهي؛ جنهن کي جيڪڏهن ديوناگري اسڪرپٽ ۾ آندو وڃي ته اهو هندي ترجمو بڻجي پوندو! افتتاحي اجلاس جي صدارتي تقرير ڏيندي پرو-وائيس چانسلر ڊاڪٽر نريش چندر، سنڌي شعبي جي خدمات جي دل کولي ساراه ڪيئي، جيڪو محدود وسيلن باوجود به اهڙا بين الاقوامي درجي جا سيمينار منعقد ڪري رهيو هئو.
    سيمينار لاءِ مقاله نگاريءَ وارن مختلف سيشن ۾ آغا سليم ’سنڌ جي افسانه نويسيءَ ۾ سنڌيت‘ تي پنهنجو پيپر پيش ڪيو. هن جي پيشڪش، مواد ۽ ٻوليءَ جي مقناطيسي قوت اصل تمام حاضرين کي ڄڻ سُن ڪري ڇڏيو! پورو سيمينار هال هڪ جادوئي اثر هيٺ هئو، ڄڻ آغا سليم کانسواءِ ڪنهن به ٻئي جو ڪو وجود ئي ڪونه هجي! ان ئي سيمينار ۾ آغا سليم سان گڏ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ سنڌيءَ جو چيئرمن، ڊاڪٽر قاضي خادم پڻ اچڻ وارو هئو پر ڪجهه اڻ ٽرسببن ڪري هو ڪونه اچي سگهيو هئو پر هن پنهنجو مقالو ’سنڌ جي جديد افسانه نويسيءَ جو سماجياتي اڀياس“ ڏياري موڪليو هئو؛ جيڪو هنن جي غير حاضريءَ ۾ راقم الحروف جي زباني پيش ڪيو ويو. مقالي تي جيئن ته بلڪل اڪيڊمڪ لحاظ کان زبردست محنت ڪيل هئي ته اهڙي صورت ۾ ان جي ساراه لاءِ پڻ گهڻي ئي ڀيرا تاڙيون وڄنديون رهيون. آخر ۾ هندوستاني ادب تي پهچندي ’هندوستاني سنڌي افسانه نويسيءَ ۾ سنڌيت‘ جي موضوع تي مقالو دهليءَ کان آيل ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي طرفان پيش ڪيو ويو.

    عوامي آواز سنڊي ميگزين 7 آگسٽ 2016
     
  11. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,886
    ورتل پسنديدگيون:
    27,213
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    قسط 70
    زندگيءَ جون ڪجهه گهڙيون تاحيات ياد رهنديون
    ٻلديو مٽلاڻي

    اسان ننڍي هوندي لاڙڪاڻه ۾ هڪ نعرو ٻڌندا هئاسين ”جئينم سيد“، اهو دراصل ”جي.ايم. سيد“ جو بدليل روپ هئو. سنڌ جي نيشنلسٽ نوجوان طبقي ۾ سائين غلام مرتضيٰ شاه صاحب جو نالو انتهائي عزت سان ورتو ويندو هئو. سائين جي.ايم. سيد سنڌ ۽ سنڌي سماج جي برابريءَ لاءِ پنهنجي سموري زندگي نثار ڪري ڇڏي. چوڻ لاءِ ته سنڌ به پاڪستان جو هڪ حصو هوندي 1947ع ۾آزادي ماڻي هئي؛ پر پوري دنيا کي ان جو سماءُ اٿندي ئي پئجي ويو؛ جڏهن نئين آزاد ٿيل ملڪ پاڪستان جي پهرين ڪابينه ۾ سنڌ جو هڪڙو به نمائندو ڪونه هئو. سائين جي.ايم. سيد کي ته انهن لڇڻن جي اول ئي خبر هئي ۽ هن مسلم ليگ جو هڪ اهم حصو هوندي به پنهنجي ڌرتيءَ جي قيمت تي طاقت جو حصو بڻجڻ نه چاهيو ۽ اڳواٽ ئي ان کان الڳ ٿي ويو هئو. هن سنڌ جي عوام لاءِ حقِ خود اراديءَ لاءِ بيحد پاڻ پتوڙيو ۽ نتيجي ۾ آزاديءَ کان وٺي 1995ع دؤران هن فاني دنيا کان الوداع ڪرڻ تائين بغيرڪنهن عدالتي فيصلي جي تقريباﹰ ٽيهارو سال نظربند رهيو. هن سنڌ جي تاريخ، سنڌي سڃاڻپ ۽ سنڌ جي سياسي حالتن تي ڪيترائي تفصيل سان ڪتاب لکيا؛ پر سنڌ جي عوام ۾ اڃا تائين نه ته سئو سيڪڙو تعليم اچي چڪي آهي ۽ نه ئي انهن جو وڏو حصو مذهبي مغالطي کان ٻاهر ئي نڪري سگهيو آهي.

    عوامي آواز سنڊي ميگزين 14 آگسٽ 2016
     
  12. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,886
    ورتل پسنديدگيون:
    27,213
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    قسط 71
    پپا! مان وري ٿو فارم ڀريان!
    ٻلديو مٽلاڻي


    02-2001ع واري اڪيڊمڪ سال جون داخلائون هلي رهيون هيون. مون خيال ڪيو ته الهاس نگر جو ماحول شايد منهنجي فرزند وندو (گولڊي) لاءِ ايترو سازگار نه ٿئي؛ تڏهن مون هن کي الهاس نگر ۾ رهندي به ايم. ايم. ڪي.ڪاليج، باندرا(ممبئي) ۾ يارهون ڪامرس ۾ داخلا وٺي ڏني. ان سال کان ئي ممبئي يونيورسٽيءَ پنهنجي ڪيمپس اندر بي. ايس. سي. ( آءِ.ٽي.) شروع ڪئي هئي؛ جنهن ۾ داخلا لاءِ ٻارهين درجي ۾ ميٿس ضروري هئي. ڀل ڪهڙي به فيڪلٽي هجي. ان لاءِ مون گولڊيءَکي به يارهون (ڪامرس) ۾ ميٿس کڻائي هئي. فرسٽ سيمسٽر جو رزلٽ آيو؛ ٻيو ته مڙيو ئي خير هئو پر گولڊي ميٿس ۾ رهجي ويو هئو. تڏهن ميٿس جي ٽيچر گولڊيءَ معرفت مون کي ڪاليج ۾ گهرايو، آءٌ گولڊيءَ سان گڏ ساڻس وڃي مليس ۽ پنهنجي لاءِ يونيورسٽيءَ بابت به ٻڌايو، پر هُن جي مغز ۾ ڪا اهڙي هوا هئي جو هُن ته مون کي ويهڻ لاءِ به ڪونه چيو ۽ مون کي ساڻس بيٺي بيٺي پئي ڳالهائڻو پيو. هُن جو زور هئو ته اسين پاڻ ئي ميٿس مان نڪري وڃون ۽ ڪو ٻيو سبجيڪٽ کڻون. هوءَ ڪجهه به ٻڌڻ لاءِ تيار ئي ڪو نه هئي، مون کي پنهنجي ٻار جي ڀلي لاءِ جنسي ايلاز ڪرڻا پيا؛ تڏهن مس وڃي هڪ چانس ٻي به ڏنائين!
    ڪاليج مان ٻاهر نڪتاسين، ته مون گولڊيءَ کي صرف ايترو ٻڌايو ته ان ٽيچر ۽ منهنجي وچ ۾ عهدي جو هڪ وڏو فرق هوندي به هن جي گهٽ مارڪن سبب اڄ مون سان ايترو رُکو سلوڪ ٿيو هئو. بس! هُن جي من ۾ شايد اُها ڳالهه ويهجي ويئي! هُن ڪٿان به ميٿس جي ڪا ڀلي ٽيچر هٿ ڪري ان کان ٽيوشن ورتي ٻيون سيمسٽر ٿيو ته گولڊيءَ کي ان ساڳي ئي ميٿس سبجيڪٽ ۾ پنجاهه مان پنجاهه مارڪون ! پوءِ هن مون کي ٻڌايو ته ساڻس گڏ ساڳي ڊيسڪ تي جيڪا ڇوڪري ويهندي هئي؛ اها پهرين هُن جون گهٽ مارڪون ڏسي ڪجهه منهن ٺاهيندي هئي ۽ هاڻ کيس ميٿس سيکارڻ لاءِ ايلاز ڪري رهي هئي! دنيا ائين آهي!،
    اُهو ساڳيو گولڊي پوءِ ايم. ايم. ڪي. ڪاليج ۾ جڏهن ٻارهين درجي ۾ آيو ته اسين8-اپريل، 2002ع تي الهاس نگر کان ممبئي شفٽ ڪيوسين، هاڻ هن کي ڪاليج اچڻ وڃڻ ۾ ڪافي سهوليت ٿيندي هئي، هُن ٻارهون پاس ڪري ممبئي يونيورسٽيءَ جي ڪالينا ڪيپمپس ۾ ڊپارٽمينٽ آف انفارميشن ٽيڪنالاجيءَ ۾ فرسٽ ييئر بي. ايس.سي. ۾ داخلا ورتي. جيتوڻيڪ ان لاءِ داخلا ڪا سولي ڳالهه ڪونه هئي؛ پر ممبئيءَ ۾ جو گريجوئيشن صرف ڪاليجن ۾ئي ٿيندي هئي ۽ يونيورسٽيءَ صرف پوسٽ گريجوئيشن لاءِ ئي اچڻو پوندو هئو، اهڙي صورت ۾ ڪيترن کي شايد خبر ڪونه هوندي ته يونيورسٽيءَ اندر به بي. ايس سي. (آءِ.ٽي.) ٿيندي آهي، سائينءَ جي مهر سان گولڊيءَ جي اتي داخلا ٿي ويئي، ته هاڻ گولڊي به ڏاڍي محنت ڪرڻ لڳو. هن کي ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي ڊپارٽمينٽ مان فرصت ملندي هئي ته اسان وٽ سنڌي ڊپارٽمينٽ هليو ايندو هئو. پر هُن مون کان ڪنهن به ڪم لاءِ چوءُ چواءُ ڪونه ڪرايو، ڇو ته هن فطرت ۾ ئي پاڻ تي ڀاڙڻ وڌيڪ ضروري هوندو آهي.
    جيتوڻيڪ گولڊي پنهنجي ڊپارٽمينٽ ۾ ٽيچرس کان ايترو مطئمن ڪو نه هوندو هئو؛ پر هو پنهنجي پڙهائيءَ ۾ بيحد محنت ڪندو رهيو ۽ ٽن سالن تي مشتمل ڪورس جا ڇهه ئي سيمسٽر ڏيندي بي. ايس سي (آءِ .ٽي.) فرسٽ ڪلاس ۾ ڪڍي ورتائين. جيتوڻيڪ عام طور ڪيترا شاگرد هتي بي. ايس.سي. کان پوءِ ئي وڃي پنهنجي سروس کي لڳندا آهن؛ پر گولڊيءَ اڳتي پڙهڻ جو ارادو ڪيو، هُن کي ائين لڳي رهيو هئو ته ٽائون جا ڪاليج شايد شاگردن تي وڌيڪ ڌيان ڏيندا آهن؛ سو گولڊي لاءِ جيتوڻيڪ مون کي يونيورسٽيءَ ۾ في به معاف هوندي هئي هُن ايم.ايس سي (آءِ . ٽي.) لاءِ ڪي. سي. ڪاليج چرچگيٽ ۾ داخلا ورتي. اُتي به هُن کي اسٽاف توڙي شاگرد دوستن کان سٺو پيار ملندو رهيو؛ پر رب جي ڪرڻي اهڙي جو پهرين سال ئي اُتان جي شاگردن گوئا لاءِ پڪنڪ ڪيئي ته گولڊي به انهن سان گڏ ويو. پر اتان موٽندي گولڊيءَ جو هاءِ وي تي ايڪسيڊنٽ ٿي پيو.
    اهو گولڊيءَ جو ٻيون جنم هئو، جو ڪيترائي ڪلاڪ بيهوشيءَ کانپوءِ به وقت تي کيس هوش اچي ويو. هن ايڪسيڊنٽ کان پوءِ به ايم . ايس .سي ( پريويس) پهرين سال ئي ڪڍي ورتي؛ پر فائنل ييئر ۾ سندس هڪ پيپر رهجي ويو! پوءِ ته ٻيهر هُن جي زندگيءَ جو ڏکيو دور شروع ٿي ويو؛ جو پوري هندوستان ۾ هڪ ممبئي يونيورسٽي ئي آهي جتي پوسٽ گريجوئيشن جو ڪهڙو به ڪورس ايم . اي، ايم. ڪام. توڙي ايم. ايس سي. يڪ سري سان ئي پاس ڪرڻي پوندي آهي. جيڪڏهن ڪير شاگرد ڪنهن هڪ پيپر ۾ به رهجي ويو ته باقي سمورن پيپرن ۾ ڪيتري به وڏي پرسنٽيج اجايو ٿيو پوي. شاگرد کي هر ڀيري سمورا پيپر ڏيڻا پوندا آهن، جيسين يڪ سري سان سڀ پيپر گڏ پاس ڪونه ڪيا ويا آهن.
    گولڊيءَ 2006ع ۾ بي.ايس سي. ڪيئي ۽ 2008ع ۾ کيس ايم.ايس سي. ڪرڻ کپندي هئي؛ پر اها جو نه ٿي سگهي ته هر ڀيري ڪهڙو نه ڪهڙو پيپر رهجيو ئي وڃي. سڀاويڪ ساڳيو ساڳيو ڪورس وري وري پڙهندي شاگرد ڪجهه نراش به ٿيو پوي، اهڙي نراشائيءَ ۾ گولڊيءَ نيٺ پيپر ڏيڻ ئي بند ڪيا ۽ ان کي پنهنجي تقدير سمجهي چپ ڪري ويهي رهيو. گولڊيءَ ڪجهه سال چپ رهي هڪ ڏينهن اوچتو اچي مون کي چيو ته ” پپاٰ! مان وري ٿو فارم ڀريان“ منهنجي ته دل خوش ٿي ويئي. بس! پوءِ ته ڄڻ اهو ڪو رب پاڪ جو حڪم نامو هئو، جو گولڊيءَ فارم ڀري امتحان ڏنو ۽ ان سال 2014ع ئي ۾ هو پاس به ٿي ويو!
    تڏهن اسان کي جيڪا خوشي ٿي هئي؛ ان جو اندازو به نٿو لڳائي سگهجي. واهه منهنجا مولا ! تنهنجي ڪرامت! مئٽرڪ جا سڀ پيپر رهجي وڃڻ کان پوءِ به ايم. ايس سي. (انفارميشن ٽيڪنالاجي)! سچ چونداس آهن، ته انسان جيڪڏهن پنهنجا ارادا مضبوط ڪري ته بگڙيل ڀاڳ به ٺهي پوندا آهن!
    منهنجو پٽ ڌيرج، جنهن کي اسين گهر ۾ پيار وچان ”سني“ ڪري سڏيندا آهيون. ان مئٽرڪ جو امتحان 1998ع ۾ فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيو ۽ مارڪون به سٺيون کنيائين؛ تڏهن اسان کي هُن کي جو ڪمپيوٽر انجنيئرنگ ڪرڻي هئي ته هاڻ پهري کيس ڪمپيوٽر ڊپلوما ۾ داخلا وٺڻي هئي؛ پر انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي، الهاس نگر ۾ داخلا لاءِ حيدرآباد (سنڌ) نيشنل ڪاليجئيٽ بورڊ جي هيڊ ڪوارٽر، ڪي. سي. ڪاليج ۾ وڃڻو پيو. اُتي ته ابا؛ سڀ اميدوار شاگرد ۽ انهن جا والدين اچي گڏ ٿيا هئا. داخلائن جو پهريون رائونڊ هليو. بلڪل ميرٽ تي هڪ هڪ مارڪ هيٺ اچي رهيا هئا. جنهن کي به داخلا ملي پيئي ته اهو خوش ٿيندو گهر پئي ويو. ٻيا سڀ ان آس ۾ ته من اسان جو به نمبر لڳي پوي! منجهند جو دير تائين هڪ هڪ ڪندي جڏهن پهرين رائونڊ پورو ڪيائون، به ڌيرج جو نمبر ڪو نه آيو. ٻين لاءِ چيائون ته انهن شاگردن کي پوءِ داخلا وٺڻ لاءِ اطلاع ڪيو ويندو. نراش من سان سني ۽ مان الهاس نگر گهر موٽي آياسين، وري به شڪر جو اسين هن جي داخلا آر.ڪي.تلريجا ڪاليج، الهاس نگر ۾ يارهون (سائنس) لاءِ اڳ ئي وٺي ڇڏي هئي ۽ هاڻ صرف ڊپلوما جي داخلا جو انتظار ڪرڻو هئو. پوءِ رب پاڪ جي اهڙي مهر ٿي ويئي، جو اسان کي به اطلاع اچي ئي ويو. سنيءَ وڃي فرسٽ ييئر ڪمپيوٽر ڊپلوما ۾ داخلا ورتي.
    ڌيرج ( سني) ڊپلوما ڪرڻ مهل ڏاڍي محنت ڪئي هئي. پورو ڏينهن ويٺو پڙهندو هئو،
    ڪاليج مان پڙهي موٽي به وري اچي پڙهڻ کي لڳي، هن کي جيڪڏهن ڪجهه انٽرول کپندو هئو ته ڪڏهن ڪڏهن پڙهائيءَ مان اٿي اچي هال ۾ ويهي ٽي وي کولي اسپورٽس چينل تي ڪرڪيٽ ميچ ڏسندو هئو.
    ڌڻيءَ جي مهر آخر رنگ لاتو. سنيءَ کي ممبئيءَ جي ليڊنگ تعليمي اداري، ٿڌومل شهاڻي انجنيئرنگ ڪاليج، باندرا ۾ ايڊميشن کپندي هئي. ان سال وري مهاراشٽرا سرڪار طرفان اهڙو پروسيجر رکيل هئو، جو داخلا فارم ۾ شاگرد کي صرف ترجيح ڏيندي ڪاليجن جا نالا لکڻا هئا، باقي ايڊميشن سرڪار پاڻ ڪري رهي هئي. ان سال ماراشٽرا جي اهڙين داخلائن لاءِ سمورن شاگردن کي اورنگ آباد گهرايو ويو. اسين سنيءَ سان گڏ چيمبور جي دوست ڪرتار بچاڻيءَ جو فرزند پران (سونوُ) ۾ ساڻس گڏ موڪليوسين جو اُهو اڳ ئي وويڪانند انجنيئرنگ ڪاليج ۾ پڙهي چڪو هئو.
    اورنگ آباد ۾ وري ڇا ٿيو؛ جو مارڪن جي حساب سان هيٺ ايندي ايندي سڀني ڪاليجن جون داخلائون شاگردن جي ترجيحي ميرٽ تي ڪري رهيا هئا ۽ انڊيڪيٽر تي ڪاليج جي نالي سان گڏ بچيل سيٽون پڻ ڏيکاري رهيا هئا. آخر ٿڌومل شهاڻي ڪاليج لاءِ وڃي هڪ سيٽ بچي. ڌيرج ويٺي الله کي ٻاڏايو ته مولا! شل هن جو نمبر لڳي پوي. تڏهن هُن جو ئي سڏ ٿيو، پر هو اُٿي اُٿي! ان کان اڳ انڊيڪيٽر تي ٿڌومل شهاڻي ڪاليج، زيرو پئي ڏيکاريو ويو. سني بيحد گهٻرائجي ويو. دريءَ وٽ پهتو ته هن کي ڪلرڪ مان پتو پيو ته اها آخرين سيٽ کيس ئي ڏني ويئي هئي، جنهن لاءِ هن ڊرافٽ ڏيئي اها داخلا وٺي ڇڏي.
    پوءِ ته 2001ع ۾ جيئن ئي سنيءَ جي ٿڌومل شهاڻي انجنيئرنگ ڪاليج ۾ داخلا ٿي ويئي، ته هوُ هڪ سال ته الهاس نگر مان اسر جو اٿي 5:00 بجي واري لوڪل ٽرين ۾ ممبئيءَ پڙهڻ ايندو هئو. پوءِ 2002ع ۾ اسين بمبئيءَ شفٽ ڪيوسين ته ان کي ڪجهه سهوليت ٿيندي هئي. سنيءَ گريجوئيشن ۾ به ڏاڍي محنت ڪيئي ۽ ڪيترن ئي سيمسٽرس ۾ پوري ڪاليج ۾ فرسٽ ايندو هئو. 2004ع جي ساليانه امتحانن ۾ هن B.E (Computer Engineering) جو آخرين سال پورو ڪيو. ان سال جولاءِ مهيني ۾ مون کي لنڊن ۾ انٽرنيشنل سنڌي سميلن لاءِ ماسٽر آف سيريمني ڪري گهرايو ويو هئو.

    1-آگسٽ 2004ع تي جڏهن آءٌ لنڊن مان موٽي رهيو هوس، ته اُتي هيٿرو ايئرپورٽ تان مون سنيءَ جي فون تي ڳالهايو. هن ٻڌايو ته سندس انجنيئرنگ جو رزلٽ اچي چڪو آهي، پر ان کي هڪ اهڙي پريڪٽيڪل ۾ غيرحاضر ڏيکاري نتيجو with held ڪيو ويو آهي، جيڪو هُن کنيو ئي ڪو نه هئو. هو ڏاڍو پريشان لڳو پيو هو. مون کيس همت وٺرائي ته الله وڏو آهي! سڀ ٺيڪ ٿي پوندو! پوءِ آءٌ ممبئي پهتس ته خبر پيئي ته اها غلطي ڪاليج وارن کان رزلٽ ٺاهيندي سرزد ٿي ويئي هئي. مون وڃي ٿڌومل شهاڻي جي پرنسپال کان يونيورسٽيءَ لاءِ اهڙو ليٽر ورتو، جنهن جي بنياد تي اسان کي يونيورسٽيءَ مان رزلٽ ملي ويئي، ڌيرج ان آخري سال به تقريبن پوري ڪاليج ۾ فرسٽ آيو هئو؛ پر جيسين سنيءَ کي رزلٽ ملي، تيسين هن کي جو .Electrical G.E ۾ سروس ملي هئي ته انهن کي لڳي رهيو هو ته ڪٿي هو رهجي ته نه ويو آهي! بعد ۾ جڏهن هو پنهنجا سرٽيفڪيٽ کڻي وڃي ڪمپنيءَ کي ڏيکارڻ لڳو ته هنن ڏٺا به ڪونه ۽ سنيءَ تي ئي اعتماد ڪندي چيائونس ته صرف انهن جون ڪاپيون پاڻ وٽ رکي ڇڏي!
    اسان اپريل 2002ع ۾ الهاس نگر مان بمبئيءَ شفٽ ڪيوسين ته مون پنهنجي نياڻي، ورشا کي به جئه هند ڪاليج، چرچگيٽ ۾ داخلا وٺرائي ڏني، جتي وري ورشا به بيحد محنت ڪندي رهي. ان به سائينءَ جي مهر سان 2007ع جي ساليانه امتحانن ۾ ٿرڊ ييئر بي. ڪام/فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيو. آءٌ، رب پاڪ جي بارگاهه عالي ۾ سجده ريز آهيان، جيڪو پنهنجي ٻارڙن مٿان عنايت جي بارش وسائيندو ٿو رهي. اسان لاءِ صرف ايترو ئي ضروري آهي ته اسين ڪڏهن به ڪنهن جو برو نه سوچيون ۽ نه ڪيون!

    عوامي آواز سنڊي ميگزين 21 آگسٽ 2016
     
  13. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,886
    ورتل پسنديدگيون:
    27,213
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    قسط 72
    نه پئي ٿي سگهيو ته آءٌ بيحد اداس هوس!
    ٻلديو مٽلاڻي


    چاندي ٻائي ڪاليج، الهاس نگر، يونيورسٽي گرانٽس ڪميشن کان فنڊس وٺي 27 ۽ 28 نومبر 1999ع تي هڪ سيمينار سڏايو. ان سيمينار ۾ مون کي هڪ مقالو پيش ڪرڻ لاءِ دعوت آيل هئي. اهو سيمينار رام پنجواڻيءَ تي سڏايل هئو ۽ مون کي عنوان ڏنو ويو ”رام پنجواڻي- شخص، عالم ۽ اديب“! تڏهن اُتي منهنجي ئي دوست گوپ روپچنداڻيءَ جي شريڪ حيات مينا روپچنداڻي، هيڊ آف سنڌي ڊپارٽمينٽ هئي؛ هوءَ سيمينار جي سلسلي ۾ مون کي سٺي عزت ڏيئي رهي هئي. سيمينار ۾ حاضرين جو تعداد پڻ چڱو آيل هئو. مون پنهنجو پيپر تيار ڪرڻ ۾ چڱي محنت ڪيئي ۽ هر هڪ ڳالهه وابسته حوالي سان بيان ڪيل هئي ته اهڙي صورت ۾ منهنجو مقالو پڻ ماڻهن کي مواد، ٻولي توڙي پيش ڪرڻ جي ادائگيءَ باعث بيحد وڻيو.

    الهاس نگر ۾ اسان جي فلم سٽي اسٽوڊيو جي ڀر ۾ هڪ اليڪٽرانڪ ائٽمس جو دوڪان هئو؛ جنهن جو مالڪ هئو انند رام چنچلاڻي. اهو روٽري ڪلب ۾ ڏاڍو سرگرم رهندو هئو. انند رام جڏهن روٽري ڪب آف الهاس نگر جو صدر بڻيو ته انهن 18- ڊسمبر 1999ع تي الهاس نگر ۾ روٽري ڪلب جو ڊسٽرڪٽ گورنر گهرائيندي اتان جي جواهر هوٽل ۾ هڪ شاندار پروگرام ڪيو؛ جتي انهن مون کي ‘Vocational Excellence Award’ ڏيڻ لاءِ فيمليءَ سان گڏ دعوت ڏني؛ جو اهڙن پروگرام ۾ خود روٽري ميمبر به فيملين سان گڏ ئي شريڪ ٿيندا آهن. هنن اسان کي بيحدعزت ڏني ۽ تقريرن جي تقريب شروع ٿيڻ مهل مون کي اوارڊ ڏيڻ کان اڳ ڏاڍي سهڻي نموني منهنجو تعارف ڏنو ويو؛ جنهن بعد ئي ڊسٽرڪٽ گورنر جي هٿن کان ميمينٽو ڏنو ويو.

    اسان ممبئي يونيورسٽيءَ جي سنڌي ڊپارٽمنيٽ ۾ ڊسمبر 1997ع کان انٽرنيشنل سيمينارن جو سلسلو جيڪو شروع ڪيو هئو؛ اهو اڃا ٻه سال ئي مس هليو ته هنن ٻنهي ملڪن جا باهمي ناتا اچانڪ بگڙندا رهيا. هندوستان ۾ نرسمهاراءُ بطور وزيراعظم 21- جون 1991ع کان 16- مئي 1996ع تائين حڪومت سنڀالي. پر اُن وري ڪانگريس ۾ رهندي ئي اندرا گانڌي فيملي جو اثر رسوخ گهٽائڻ لاءِ اهڙا ڪم ڪيا؛ جو سيتارام ڪيسري کي ڪانگريس جو صدر بڻائيندي حالت اهڙي ته خراب ڪيئي ويئي جو ننڍيون ننڍيون پارٽيون به ڪانگريس کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ لڳيون.

    ڪانگريس کي 1996ع جي اليڪشن ۾ شڪست ته ملي؛ پر ڪنهن به پارٽيءَ کي اڪثريت نه ملڻ جي صورت ۾ ڀارتيه جنتا پارتيءَ پريزيدنٽ کان حڪومت ٺاهڻ جي گهر ڪيئي؛ جمنهن جي نتيجي ۾ هندوستان جي صدر شنڪر ديال شرما، هنن کي گورنمينٽ ٺاهڻ لاءِ آڇ ڪيئي ۽ بي.جي.پي. طرفان اٽل بهاري واجپيئيءَ 16- مئي 1996ع تي هندوستان تي تيرهين وزيراعظم جو قسم کنيو. پوءِ هنن ڪوشش پيئي ڪيئي ته ڪيئن به پارليامينٽ ميمبرن جو جڳاڙ ڪري پاڻ سان ڳنڍيو وڃي ته جيئن ”ووٽ آف ڪانفيڊنس“ ۾ سرڪار ڪامياب وڃي سگهي. پر ڪيتري به ڪوشش ڪرڻ باوجود جڏهن ڪجهه نه ٿي سگهيو ته واجپيئيءَ صرف تيرهن ڏينهن وزيراعظم رهڻ کانپوءِ ”ووٽ آف ڪانفيڊنس“ لاءِ فلور تي وڃڻ کان اڳ ئي استعفيٰ ڏيئي ڇڏي.

    پوءِ وري ڀارتيه جنتا پارٽيءَ کي ڇڏي باقي ٻين ننڍين ننڍين پارٽين هڪڙو ”يونائيٽڊ فرنٽ“ ٺاهيو؛ جنهن کي ڪانگريس طرفان ٻاهران سپورٽ ڏني ويئي انهن جي طرفان جون 1996ع ۾ ڪرناٽڪ جي رهندڙ ايڇ.ڊي.ديوي گوڙا ڀارت جي چوڏيهين وزيراعظم طور واڳون سنڀاليون. ديوي گوڙا جي فارين پاليسيءَ ۾ پاڪستان لاءِ چڱي پنهنجائپ پئي ڏيکاري ويئي. هن پاڪستان جي وزيراعظم سان ڳالهيون ڪندي برصغير ۾ امن و امان جي بحاليءَ لاءِ اهو ڪجهه ڪرڻ پئي چاهيو ته جيئن ڪشمير جي مسئلي جو هڪ مستقل ۽ جوڳو حل ڳولهيو وڃي. ان لاءِ ديوي گوڙا، پنهنجي دوست ڊاڪٽر ايل.ايڇ. هيراننداڻيءَ کي جيڪو شخصي طور پاڪستان توڙي ڪيترن ئي اهل ايمان حضرات سان برادرانه ناتا رکندڙ هئو. ان کي پاڪستان وڃي نواز شريف سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ چيو ويو. پر هنن ملڪن جي مضبوط حالت ڪڏهن به ڪونه رهي آهي. تڏهن صرف ڇهن ڪلاڪن کانپوءِ ڊاڪٽر ايل.ايڇ.هيراننداڻيءَ کي بجاءِ پاڪستان جي لنڊن ۾ پاڪستان جي وزيراعظم نواز شريف سان ملڻ لاءِ چيو ويو. بعد ۾ لنڊن ۾ ڊاڪٽر هيراننداڻيءَ سان نواز شريف پاڻ نه، بلڪه ان جو هڪ ايميسري گڏيو. انهن ٻنهي ڄڻن ڳالهيون ڪري ڪشمير مسئلي جو هڪ گڏيل حل ڳولهي به ڪڍيو، جنهن موجب پوءِ صرف رسمي طور نواز شريف ۽ ديوي گوڙا کي گڏجڻو هئو ۽ اهڙو ٽائيم به طئه ڪيو ويو. پر اڃا ڊاڪٽر هيراننداڻي هندوستان موٽيو ئي مس ته هندوستان ۾ ديوي گوڙا جي سرڪار ڊهي پيئي، انهن کي ٻاهران سپورٽ ڪندڙ ڪانگريس؛ ديوي گوڙا هٽائي ساڳئي ئي ”يونائيٽيڊ فرنٽ“ طرفان اندر ڪمار گجرال کي ملڪ جو پندرهون وزيراعظم بڻائي ورتو.

    اندر ڪمار گجرال 21- اپريل 1997ع تي اهڙو قسم کنيو. هتي ڀارت ۾ آءِ.ڪي.گجرال جي سرڪار کي اڃا ٻارهن مهينا ئي مس ٿيا؛ جو ڪجهه ڳالهين کي بنياد وٺي ڪانگريس گجرال سرڪار کان به پنهنجي ٻاهرين سپورٽ واپس وٺي ڇڏي. هاڻ هن ڀيري بي.جي.پي. هِتان هُتان پنهنجا اتحادي هٿ ڪري ورتا ۽ اٽل بهاري واجپيئيءَ ٻيهر 19-مارچ 1998ع تي ڀارت جي سورهين وزيراعظم طور ملڪ جون واڳون سنڀاليون. تڏهن واجپيئي سرڪار، پاڙيسري ملڪ پاڪستان سان خوشگوار ناتا بهال ڪرڻ لاءِ ايڏي ته اتساھ جو مظاهرو ڪيو؛ جو هن جي ئي ڪوششن سان دهلي ۽ لاهور وچ ۾ پبلڪ جي اچ وڃ لاءِ روزانه هڪ بس ” صداءِ سرحد“ جي نالي پڻ هلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو؛ جيڪا مارچ 1998ع کان سرڪاري طور هلڻ به شروع ٿي ويئي. ان کان اڳ واجپيئي اهڙو امن جو پيغام کڻي هڪ وفد وٺي پاڻ به اهڙي ئي هڪ بس ۾ اڳواٽ ئي واگها بارڊر ذريعي پاڪستان ويو؛ جتي وزيراعظم نواز شريف سندس استقبال ڪيو هئو. پر پاڪستان ملٽريءَ کي واجپيئيءَ جي اهڙي ڪا به خير سگالي منظور ڪو نه هئي. بلڪه ان وقت جي پاڪ فوج جي ڪمانڊر-ان-چيف، پرويز مشرف ته واجپيئيءَ کي ”گارڊ آف آنر“ ڏيڻ کان به انڪار ڪري ڇڏيو.

    پوءِ ته تڪڙو تڪڙو حالتن اهڙو ڀيانڪ رُخ اختيار ڪيو جو ڪشمير ۾ ڪارگل پهاڙين تي جتي زبردست ٿڌ هئڻ سبب هندوستاني فوج صرف ٽي.چار مهينا ئي مس وڃي پوسٽنگ سنڀاليندي آهي؛ اتي واجپيئيءَ جي لاهور ياترا جي صرف ٽن مهينن اندر ئي هڪ ريڍار کي ڪارگل پهاڙين تي رڍون چاريندي انهن ملٽري بئرڪن ۾ ڪجهه اجنبي ماڻهو نظر آيا، ته هن هيٺ اچي هندوستاني عملدارن کي اهڙو اطلاع ڏنو. پوءِ اڃا هندوستان آرمي پنهنجي پوزيشن سنڀاليندي فوج جو پهريون جٿو ئي مٿي موڪليو ته اُتي مٿانهينءَ تان اڳواٽ ئي قبضو ڪندڙ پاڪ فوجي سپاهين گوليون وسائيندي کين ختم ڪري ڇڏيو. ان مهل پاڪستان هڪ رٿيل منصوبي هيٺ ڪشمير جي ٽن حصن مان واديِ ڪشمير ۽ ڄمونءَ کي اتر واري ڪشمير يعني لداخ ڏانهن ويندڙ شاهراه تي قبضو ڪندي ان کي باقي ٻن حصن واري ڪشمير کان ئي الڳ پئي ڪرڻ چاهيو.

    تڏهن ڀارت جون وايون بتال ٿي ويون. هنن فرانس کان مليل مراج-21 ايئر ڪرافٽس جي مدد سان ڪارگل جي مٿانهينءَ تي گهس پيٺ ڪري آيل پاڪستاني فوجين مٿان هوائي حملو ڪندي ڪارگل جي پاڪستاني طرف واري سرحد کان وڌيڪ فوج جو هيڏانهن اچڻ بند ڪري ڇڏيو ۽ اڳواٽ ئي گهسي آيل فوجين کي جن لاءِ پاڪستان سرڪار ٻاهران هندوستاني مجاهدن جو نالو پئي ڏنو؛ انهن جي مٿان بوفرس گن سان حملو ڪرڻ شروع ڪيو.

    چيو ائين ويو، ته پاڪ فوج اهو سڀ پرويز مشرف جي اڳواڻيءَ ۾ پنهنجي وزيراعظم نوازشريف کي پڻ بنا اطلاع ڏيڻ جي ئي شروع ڪيو هئو؛ پر هاڻ سياسي سطح تي انهن ئي پاڪ فوجين جي جان بچائڻ؛ نواز شريف جي جوابداري بڻجي پيئي. مئي-جون-جولاءِ 1999ع دوران ڪارگل جي پهاڙين ۾ اها خطرناڪ لڙائي هلندي رهي. تڏهن نواز شريف، آمريڪا جي صدر بل ڪلنٽن سان رابطي ۾ آيو ته جيئن هندوستان مٿان زور بار آڻي ڪارگل لڙائيءَ کي ختم ڪيو وڃي ۽ اُتي اڳواٽ گهسي آيل پاڪ فوجين کي بچائيندي پاڪستان واپس موٽڻ لاءِ Safe Passage ورتو وڃي. پوءِ ڪجهه به نه پئي ٿي سگهيو ته نواز شريف پاڻ آمريڪا هليو ويو ۽ ڪلنٽن کان واجپيئيءَ کي اهڙي فون پڻ ڪرائي. تڏهن مس وڃي هندوستان جي ڊفينس منسٽر جارج فرننڊيز ۽ وزيراعظم واجپيئيءَ اهڙي جنگ بنديءَ لاءِ منظوري ڏيکاري.

    اهڙي خطرناڪ سياسي ماحول ۾ اسان امن پسند تعليمدانن لاءِ ته ٻنهي ملڪن کي جوڙڻ جون تمام نيڪ ڪوششون به زبردست حد تائين متاثر ٿينديون رهيون ۽ اسين چاهيندي به ممبئي يونيورسٽيءَ ۾ انٽرنيسنل سيمينار ڪونه ڪري سگهياسين؛ تڏهن ته سنڌ مان مهمان گهرائڻ بلڪل ناممڪن واري حد تي وڃي پهتو هئو.

    1999ع ممبئي يونيورسٽيءَ سنڌي جي شعبي لاءِ سلورجُبلي سال هئو؛ جو ٺيڪ پنجويهه سال اڳ جون، 1974ع ۾ بامبي يونيورسٽيءَ اهو شعبو برپا ڪندي رام پنجواڻيءَ کي ان جو پهريون هيڊ ۽ ريڊر (ايسوسيئيٽ پروفيسر) ڪري اپوائنٽ ڪيو هئو. اسان جي پوري دلي خواهش هئي ته ان سال هڪ نه بلڪه وڌيڪ ئي اديبن کي سنڌ مان گهرايو وڃي؛ پر نه پئي ٿي سگهيو ته آءٌ بيحد اداس هوس.

    تڏهن هڪ ڏينهن ڀاءُ مهيش چندر جي محفل موسيقي ”سُر چندر جا رات چندر جي“ لاءِ آءٌ نهرو سينٽر واري آڊيٽوريم ۾ ڪمپيئرنگ ڪري رهيو هوس؛ جو اُتي رام جوهراڻيءَ مون کي سنڌي شعبي جو سلور جُبلي فنڪشن سهيوگ فائونڊيشن سان گڏ ڪرڻ جي آڇ ڪئي. مون ڪهڙي به نموني ان سلور جُبلي اتسو کي هڪ يادگار رنگ پئي ڏيڻ چاهيو. تڏهن مون کي به اها ڳالهه سٺي لڳي ته اسين 21- فيبروري 2000ع تي ان سال هڪ نيشنل سيمينار منعقد ڪرڻ جي رٿا ٺاهي.

    اسين پنهنجي سنڌي شعبي ۾ ممبئي يونيورسٽيءَ طرفان 2-ڊسمبر 1999ع تي ديش بنڌو ڪاليج، دهليءَ جي رٽائرڊ ريڊر، ڊاڪٽر موتي لال جوتواڻيءَ جو هڪ وزيٽنگ ليڪچر رکيوسين. ان جو عنوان هئو ” سنڌ جي ادبي تاريخ جا خال ۽ تصوف“. ان ليڪچر لاءِ اسين پاڻ وٽ ايم.اي.، ايم.فل. ۽ ڊاڪٽوريٽ ڪندڙ تمام شاگردن کي گهرايوسين. جوتواڻي صاحب جو اهو ليڪچر بيحد عالمانه هئو؛ جنهن جو صحيح فائدو وٺڻ لاءِ شاگردن طرفان جڏهن سوال-جواب جو سلسلو شروع ٿيو ته ان مهل اسين سڀ ڄڻ علم و ادب جي هڪ روحاني دنيا منجهه هئاسين! سائين جوتواڻي صاحب جو منهنجي طرفان استقباليائي خطبو ڏنو ويو هئو ته شعبي طرفان شڪرادائيءَ جي رسم ڊاڪٽر منوهر لال ادا ڪيئي هئي.ان ڏينهن ليڪچر کان پوءِ اسين سائين جوتواڻي صاحب کي پنهنجي گهر الهاس نگر وٺي آيا هئاسين؛ جتي رات جو پڻ دير تائين ادا پريم سان جوتواڻي صاحب لاءِ ڪچهري ٿي هئي!

    21-فيبروري 2000ع تي اسين پنهنجي شعبي جي سلور جُبلي سماروه ملهائڻ لاءِ جنهن نيشنل سيمنيار جو پلان ٺاهيوسين؛ ان ۾ ان مهل جي يونين وزيرِ قانون، دادا رام جيٺملاڻي صاحب کي مکيه مهمان ڪري گهرايوسين؛ جڏهن ته مهمانِ خصوصي طور پڻ ممبئيءَ جو سابق شيرف نانا چڊاسما؛ حيدرآباد (سنڌ) نيشنل ڪاليجئيٽ بورڊ جو چيئرمين، بئريسٽر اشوڪ آڏواڻي به گهرايوسين ته افتتاحي اجلاس جي صدارت لاءِ پنهنجي وائيس چانسلر، ڊاڪٽر سنيهلتا ديشمک صاحبه جي حاضري پڻ وٺي سگهياسين.

    اسين سلورجُبلي اتسو جي روحاني مقصد سان نڀائيندي بمبئيءَ ۽ ان جي آسپاس وارن سنڌين جي تعليمي خدمتن جو اعتراف ڪندڙ عظيم سنڌي شخصيتن کي پوسٿيومس اوارڊ ڏناسين؛ جيئن ته حيدرآباد (سنڌ) نيشنل ڪاليجئيٽ بورڊ برپا ڪندڙ بئريسٽر هوتچند آڏواڻيءَ جو اوارڊ ان جي ئي فرزند ۽ بئريسٽر اشوڪ آڏواڻيءَ کي ڏنوسين ته وويڪانندا ايڊيوڪيشن بورڊ جي برپا ڪندڙ مهاراشٽرا جي سابق وزير خزانه حشو آڏواڻيءَ جو پوسٿيومس اوارڊ ان ئي سوسائٽي بعد واري صدر دادا جهٽ مل واڌواڻيءَ کي ڏنوسين؛ ان سان گڏوگڏ سنڌي شعبي ۾ پڻ جنهن به فيڪلٽي طور پنهنجون خدمتون ڏنيون هيون؛ انهن کي به ميمينٽو ڏيڻ لاءِ رام پنجواڻيءَ جو ميمينٽو سندس پوٽي، گايڪا ڪاجل چنديراماڻيءَ کي ڏنوسين ۽ باقي ان مهل حيات شعبي جي سمورن ٽيچر صاحبان، ڊاڪٽر ارجن ”شاد“، ڊاڪٽر ناريڻ”ڀارتي“، راقم الحروف ٻلديو مٽلاڻي ۽ ڊاڪٽر منوهر مٽلاڻيءَ جي خدمتن لاءِ کين قانون واري وزير رام ڄيٺملاڻيءَ جي مبارڪ هٿن کان هڪ هڪ خوبصورت ميمينٽو ڏنوسين.

    ان مهل اسين پنهنجي سيمينار جو عنوان رکيو هئو ”سنڌي ٻوليءَ جا هزار سال“؛ جنهن لاءِ دهليءَ مان ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي ۽ هيرو ٺڪر، پونا مان ڊاڪٽر ڪنعيا لال ليکواڻي ۽ احمد آباد مان ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻيءَ کي گهرايو هئوسين. انهن چار مختلف مقالن وارن سيشن جي صدارت ڊاڪٽر ”ارجن شاد“، ڪيرت ٻاٻاڻي، ڊاڪٽر ديال ”آشا“ ۽ ڪرشن راهيءَ ڪرڻ فرمائي هئي.

    ان ئي سال اسين سنڌي شعبي اندر 27- جنوري کان 19 فيبروري 2000ع تائين مرڪزي سرڪار جي اڪيڊمڪ اسٽاف ڪاليج سان گڏ هندوستان جي تمام سنڌي ٻوليءَ جي ڊگري ڪاليج وارن استاد صاحبان جو هڪ گڏيل ”رفريشر ڪورس ان سنڌي“ رکيوسين؛ جنهن لاءِ ڪوآرڊينيٽر جي جوابداري منهنجي طرفان نڀائي ويئي هئي تڏهن اسان وٽ پوري هندوستان مان اسان وٽ ڊگري ڪاليج جا تمام سنڌي ٽيچر صاحبان آيل هئا اهي سمورا ڏينهن اسان جي سنڌي شعبي ۾ ڄڻ هڪ روحاني رنگت لڳي پيئي هوندي هئي.

    عوامي آواز سنڊي ميگزين 28 آگسٽ 2016

     
  14. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,886
    ورتل پسنديدگيون:
    27,213
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    قسط 73
    اهو مسئلو نه پر سنڌي ٻوليءَ لاءِ هڪ ناسور هئو!
    ٻلديو مٽلاڻي


    هندوستان ۾ راجيو گانڌي، پنهنجي وزارت عظميٰ دوران هميشه ان ڳالهه لاءِ فڪرمند رهندو هئو ته برصغير جي هنن پوئتي پيل ملڪن کي هاڻ پاڻ سنڀالي اُهو ڪجهه شفي ڪم ڪرڻ گهرجي؛ جو جڏهن اسين ايڪويهين صديءَ ۾ داخل ٿيون ته ترقي ۽ خوشحالي اسان جو استقبال ڪري ۽ اسان جا تمام شهر واسي. هڪ مطمئن زندگي گذاري سگهن! پر تاريخ ڏيکاريو ته اسين اهڙي ته ڪچڙي دماغ جا مالڪ آهيون ۽ اڃا سمجهداريءَ جي ميدان ۾ شايد پير رکڻ جي به قابل ڪونه بڻيا آهيون. ايڪويهين صديءَ ۾ خوشحاليءَ جو سپنو ڏسندڙ شخص راجيو گانڌيءَ کي 21- مئي 1997ع تي سري پرم بدر (تامل ناڊو) ۾ بم جو شڪار بڻايو ويو ۽ حالات اهڙو ته ڀيانڪ رخ اختيار ڪيو؛ جو ويهين صديءَ کي پٺيان ڇڏيندي اڃا ايڪويهين صديءَ جا ڏينهن اچي ئي رهيا هئا ته برصغير انتهائي وحشياڻي دور ڏانهن واپس موٽڻ لڳو.
    24-ڊسمبر 1999ع تي ڪاٺمنڊو (نيپال) مان انڊين ايئر لائنس جو هوائي جهاز IC-814 جيئن ئي تريڀون انٽرنيشنل ايئرپورٽ تان اندرا گانڌي انٽرنيشنل ايئرپورٽ، دهليءَ لاءِ اڏام ڀري ۽ ڪجهه ئي دير ۾ 5:30 بجي شام جو هندوستان جي هوائي اسپيس ۾ اڃا داخل ئي مس ٿيو، ته هڪ نقاب پوش شخص اُٿي ڪري پوزيشن ورتي ۽ باقي مسافرن کي ٻڌايائين ته هوائي جهاز اغوا ٿي چڪو آهي. تيستائين هن جي باقي چار ٻين ساٿي نقاب پوشن به مختلف جاين تي پنهنجي پنهنجي پوزيشن وٺي ڇڏي هئي. انهن تمام دهشتگردن، هوائي جهاز جي ڪيپٽن ديوي شرن کي لاهور هلڻ لاءِ حڪم ڪيو؛ پر هوائي جهاز جي لاهور پهچندي به پاڪستان سرڪار ان کي اُتي لهڻ جي اجازت نه ڏني؛ جو کين ڀوءُ هئو ته ڪٿي 30-جنوري 1971ع جيان اڳ اغوا ٿيندڙ انڊين ايئرلائين فوڪر ايئرڪرافٽ F-27 وارو ڊرامو نه دهرائجي؛ جنهن جي آڙ ۾ پاڪ سرڪار انهن اغوا ڪنندگان جي مدد ڪئي هئي ۽ هندوستان کي باقي دنيا ۾ پاڪستان جو نالو خراب ڪندي بنگلاديش آزاد ڪرائڻ ۾ سهوليت ٿي هئي.
    هينئر IC-814 ۾ جملي 178 مسافر ۽ 11-انڊين ايئرلائنس جي اسٽاف جا ماڻهو هئا؛ جو 5:30 بجي کن شام جو هندوستاني حدن ۾ داخل ٿيڻ سان ان پهرئين نقاب پوش ماڻهوءَ هوائي جهاز کي بم سان اڏائي ڇڏڻ جي ڌمڪي ڏني. هوائي جهاز کي لاهور پهچندي به جڏهن اُتي لهڻ جي اجازت ڪو نه ڏني ويئي ته ڪيپٽن ديو شرن جهاز ۾ پيٽرول گهٽ هئڻ جو اطلاع ڏيندي ان کي ڀرسان ئي امرتسر ايئرپورٽ تي لاهڻ جي صلاح ڏني. ائين ٿيڻ سان هندوستان ۾ اٽل بهاري واجپيئي جي سرڪار کي هڪ موقعو ملي سگهيو ته اهي ان واقعي کي سڌو ئي پاڻ سنڀالين؛ پر اي.ايس..دولات جي لکيل ڪتاب ‘Kashmir-The Vajpayee Years’ مان خبر پوي ٿي ته ان مهل هندوستان سرڪار بلڪل نااهليت جو مظاهرو ڪيو ؛ جنهن سبب هڪ ڪلاڪ اندر ئي IC-814 ٻيهر امرتسر ايئرپورٽ تان اڏام ڀري لاهور ايئرپورٽ ڏانهن ان شرط تي لاٿو ويو ته ان ۾ صرف پيٽرول ڀرڻ جي اجازت ڏني ويندي. بعد ۾ اهو هوائي جهاز اتانجي ٽائيم موجب رات جو 10:32 بجي پاڪستان جي حدن کان ٻاهر نڪري ويو. جيتوڻيڪ دولات اهو ٿو چوي ته پنجاب جي صوبائي سرڪار ۽ هندوستان سرڪار جي مرڪزي سرڪار هڪٻئي مٿان الزام مڙهڻ لڳا ته ٻليءَ کي ڪيرُ گهنڊڻي پارائي، پرهندوستان سرڪار مليل موقعو وڃائي چڪي هئي. بعد ۾ ٿيندڙ واقعن موجب پڻ ڪنهن به مخصوص آفيسر کي ان جو جوابدار ڪونه ٺهرايو ويو ۽ نه ئي اهڙي ڪا انڪوائري ئي ڪيئي ويئي.
    IC-814 هوائي جهاز، لاهور ۾ پيٽرول ڀرجڻ کانپوءِ هڪدم دبئيءَ موڪليو ويو. ان وچ ۾ جهاز اندر جيڪا افراتفري هلندي رهي ان جي نتيجي ۾ هڪ مسافر کي دهشتگرد پيٽ ۾ ڇُرو هڻي اُڦٽ ماري وڌو ۽ ڪجهه ٻيا زخمي به ٿيا هئا. دبئي پهچڻ تي هوائي جهاز ۾ جيڪي بيمار ۽ تڪليف ده متاثرين هئا؛ اهڙن 27 ماڻهن کي چاقتو لڳل شخص جي لاش سميت اتي ٻاهر ڪڍيو ويو، ته جيئن اغوا ڪندڙ، باقي ماڻهن کي آرام سان سنڀالي سگهن. پوءِ جلد ئي اهو هوائي جهاز دٻئيءَ مان به اڏامي قنڌار (افغانستان) پهتو؛ جيڪو ان مهل طالبان سرڪار جي هٿ هيٺ هئو. اهو اغوا وارو واقعو لڳاتار هڪ هفتو هلندو رهيو. قنڌار تي ايئرڪرافٽ جي لينڊ ٿيڻ سان ئي طالبان جون ڪيتريون ئي هٿياربند گاڏيون ان کي ورائي ويون، ته جيئن ڪهڙو به ملڪ ان کي ڇڏائڻ جي همت به ڪونه ڪري سگهي.
    هڪ هفتي دوران ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه جي نتيجي ۾ آخر ڀارت سرڪار اغوا ڪندڙن جون گهرجون مڃيندي هندوستاني جيل ۾ بند پاڪستان جا 3-دهشت گرد؛ مشتاق احمد درگار، احمد عمر سعيد شيخ ۽ مولانا مسعود اظهر آزاد ڪرڻ قبول ڪيو. تڏهن هندوستان سرڪار جيئن ته طالبان سرڪار کي تسليم ڪونه ڪيو هئو؛ اهڙي صورت ۾ ڳالهين جي لاءِ هندوستان هاءِ ڪميشن، اسلام آباد مان هڪ ماڻهو قنڌار موڪليو ويو هئو. آخر هندوستان جو وزير خارجه جسونت سنگهه انهن ٽنهي قيدين کي پاڻ سان گڏ کڻي وڃي قنڌار پهچائي آيو؛ تڏهن مس وڃي هندوستان کي پنهنجا يرغمال ٿيل مسافر واپس ملي سگهيا.
    هندوستان جيئن ته ورهاڱي واري وقت کان روس جي بلاڪ جو اتحادي رهندو آيو ته آمريڪا وري هميشه سياسي طور برصغير ۾ پنهنجو اثر ڄمائڻ جي مقصد سان پڻ پاڪستان کي هر طرح جي سياسي ۽ معاشي مدد ڪندو رهيو هئو. پاڪستان شروعءُ کان ئي SEATO ۽ CENTO جو ميمبر رهيو آهي جنهن سبب هن کي آمريڪا کان فوجي امداد جهجهي ملندي رهي آهي. 1978ع ۾ جڏهن هندوستان ۾ مختلف سياسي پارٽين جي گڏ ٿيڻ سان مرارجي ڊيسائيءَ جي وزارت عظميٰ واري سرڪار هندوستان تي راڄ ڪري رهي هئي؛ تڏهن آمريڪا جو صدر جمي ڪارٽر هندوستان جي دوري تي آيو هئو. جمي ڪارٽر دهليءَ ۾ هڪ پبلڪ اجلاس کي خطاب ڪيو هئو. ان ميڙ ۾ جڏهن مرارجي ڊيسائيءَ CTBT تي صحيح ڪرڻ کان منع ڪئي ته اسٽيج تي ويٺي ئي جمي ڪارٽر پنهنجي ڪنهن آمريڪن صلاحڪار کي ڊيسائيءَ خلاف ڪجهه آهسته ڳالهايو هئو؛ جيڪو بي.بي.سي. ريڊيو جي نمائندي اُنجي رڪارڊنگ ڪندي اهو آواز جهٽي ورتو هئو. هنن پوءِ اهو آواز نشر پڻ ڪيو هئو پوءِ ته ان سان ته هندوستان ۽ آمريڪا جا ناتا اڃا به ڪجهه وڌيڪ ئي ڪولڊ اسٽوريج ۾ هلي ويا.
    ويهين صديءَ جي پوين ٻن ڏهاڪن ۾ پوري دنيا سياسي، سماجي توڙي معاشي؛ هر هڪ ميدان ۾ روز بروز هڪ وڏي تبديل سان هم ڪنار ٿيندي رهي. طالبان جي اُسرڻ ۽ افغانستان ۾ زور زبردستيءَ سان ملڪ جي سرڪار کي لاهي پنهنجي هٿ ۾ وڳوان وٺڻ؛ معصوم عورتن کي اسٽيڊيم ۾ وٺي اچي شوٽ ڪرڻ افغانستان جي پهاڙين ۾ مهاتما گوتم ٻڌ جو پراچين ۽ انتهائي وڏي اسٽيچو کي ڊاهي پٽ ڪرڻ؛ دهشت گردي وڌائڻ اهي سڀ ڳالهيون هيون؛ جن جي ازالي لاءِ آمريڪا جي صدر بل ڪلنٽن مارچ 2000ع ۾ هندوستان جو پنج روزه دورو ڪيو جنهن جو مقصد ئي هئو هندوستان جي جمهوريت جي عزت ڪندي ان کي پنهنجي بلاڪ ۾ وٺي اچڻ! بل ڪلنٽن ۽ هينري ڪلنٽن جو هندوستان ۾ ڏاڍو وڏو استقبال ڪيو ويو. هنن کي آگره جو تاج محل به ڏيکاريو ويو ته حيدرآباد(دکن) جي انفارميشن ٽيڪنالاجيءَ وارو مرڪز به گهمايو ويو.
    دراصل بل ڪلنٽن برصغير ۾ تبديل آڻڻ جي خيال کان پهريائين 1998ع ۾ هيڏانهن هندوستان اچڻو هئو؛ پر پوءِ (هندوستان-پاڪستان) جي نيوڪليئر تجربي سبب ائين نه ٿي سگهيو هئو. هاڻ مارچ 2000ع ۾ ان واقعي سچ جو روپ ورتو. هوُ هندوستان جي پنج روزه دوري وقت هڪ ڏينهن بنگلاديش مان به ٿي آيو. بنگلاديش ۾ 1971ع جي آزادي کانپوءِ ڪنهن به آمريڪي صدر جو وٽن اهو پهريون دورو هئو، جنهن ۾ ڪلنٽن کين 97-ملين ڊالرن جي کاڌي جي امداد به ڏيئي آيو. هن ڀارت مٿان لڳايل ڪجهه معاشي پابنديون هٽايون ۽ ٽيڪنيڪل ميدان ۾ وڌيڪ ويجهو اچڻ لاءِ هڪ جوائنٽ اسيٽمينٽ ڪڍايو، جنهن تي آمريڪي صدر بل ڪلنٽن ۽ هندوستاني وزيراعظم اٽل بهاري واجپيئيءَ طرفان صحيح ڪيئي ويئي.
    بل ڪلنٽن جو پاڪستان مٿان ڪجهه ناراضپو هئو. هڪ ته هو ڪارگل واري واقعي کان بدضن هئو؛ ٻيو اُتي پرويز مشرف طرفان جمهوري حڪومت هٽائي ملٽري راڄ نافذ ڪيو ويو هئو ۽ ٽيون ته پاڪ-ڪشمير منجهان ڪشميري مجاهدن کي ڀرپور سهايتا ملي رهي هئي؛ جنهن کي هن ڪهڙي به صورت ۾ ڪو نه پئي همٿائڻ چاهيو. ڪلنٽن ڀرپور 25 مارچ 2000ع تي صرف ڇهن ڪلاڪن لاءِ پاڪستان ويو ۽ ان وچ ۾ اتان جي ٽيليويزن تي کليو کلايو عوام کي آگاھ پڻ ڪيو ته هاڻ ڌرتي ڪنهن به قسم جي دهشت گردي سهڻ لاءِ تيار ناهي؛ جنهن لاءِ ضروري آهي ته امن و امان جي بحاليءَ لاءِ جوڳا قدم کنيا وڃن!
    نومبر، 2000ع جي جنرل اليڪشن ۾ آمريڪا جي صدارتي چونڊن ۾ صدر جارج ڊبليو بش چونڊجي آيو ۽ هن ريپبلڪن پارٽيءَ طرفان 20-جنوري 2001ع تي اتان جي 43-هين صدر هئڻ جو قسم کنيو. جارج بُش کي پهرين ته هندوستان بابت ڪجهه به خبر ڪو نه هئي؛ پر هينئر صدارت جون واڳون سنڀاليائين ته سڀني ملڪن جي پرڏيهي پاليسيءَ کي سمجهڻ لڳو. اهي ئي ڏينهن هئا جڏهن ”القاعده“ جماعت زور پڪڙي رهي هئي ۽ انهن نه صرف هندوستان پر آمريڪا کي به ڌمڪيون پئي ڏنيون. پوءِ ته جارج بُش کي آئي اڃا گهڻو وقت ئي ڪو نه ٿيو هئو؛ جو 11-سيپٽمبر 2001ع تي مين هٽن، نيويارڪ (آمريڪا) ۾ ’ورلڊ ٽريڊ سيٽر‘ جي بلند ٽُوِن ٽاور عمارتن تي هوائي جهاز سان ٽڪر هڻندي حملو ڪيو ويو ۽ڏسندي ئي ڏسندي ٻيئي عمارتون تاس جي پتن جيان هيٺ ڪري پيون. 19-اغوا ڪنندگان سميت ڪل 2996 ماڻهو بي گناه اجل جو شڪار ٿي ويا؛ جڏهن ته ڇهه هزار کان به مٿي ماڻهو سخت زخمي حالت ۾ هئا.ڪجهه ئي ڏينهن ۾ ’القاعده‘ ان حملي جي ذميواري پاڻ تي کڻندي آمريڪا کي ڌمڪي ڏني. تڏهن افغانستان جي طالبان حڪومت کي پاڪستان تسليم ڪري چڪو هئو، اُساما بن لادين، سعودي عرب کان ٻاهر نڪري ’القاعده‘ جماعت ٺاهيندي هاڻ افغانستان جي تورا بورا پهاڙين ۾ اچي رهيو هئو ۽ اسلام آباد واري افغاستان ايمبيسيءَ مان طالبان جو نمائندو پريس کي هر هڪ خبر جو سماچار ٻڌائي رهيو هئو.
    جارج بُش، پاڪستان کي سڌوسنئون چتاءُ ڏنو ته اُهي هڪ هيڪاڻي ڪن؛ افغانستان جي طرفداري ڪندي آمريڪا جي قهر لاءِ تيار رهن يا وري افغانستان سان پڄڻ لاءِ آمريڪا کي پنهنجي ملڪ ۾ هر هڪ سهوليت ڏين! اڃا ورلڊ ٽريڊ سينٽر کي مهينو به ڪونه ٿيو هئو، جو آمريڪا 7-آڪٽوبر 2001ع تي افغانستان تي حملو ڪري ڇڏيو. پاڪستان، ٻاهران آمريڪا کي به افغانستان مٿان حملي جي سهوليت ڏيندو رهيو ته طالبان سرڪار طرفان اسلام آباد ۾ واقع افغانستان ايمبيسيءَ ۾ پڻ اتان جا اسپوڪس پرسن دنيا کي جنگ جون تازه ترين خبرون ڏيڻ لڳا. پوءِ جنهن ڏينهن افغانستان ۽ آمريڪا جي جنگ ختم ٿي؛ تنهن ڏينهن کان اهي طالباني نمائنده ڪيڏانهن ويا خبر ئي ڪو نه پيئي! ڇو ته آمريڪا جنگ بندي ڪرڻ کانپوءِ افغان ليڊر حامد ڪرزئيءَ کي اتان جي صدر طور واڳون ڏنيون ۽ پاڪستان سميت باقي سموري دنيا به ان سان ئي ناتا رکندي آئي. برصغير ۾ حالتن جي اهڙِي اٿل پُٿل هند و پاڪ ناتن تي گهرو اثر ڇڏيو ۽ 1999ع توڙي2000ع دوران اهي ناتا بيحد ڇڪتاڻ سان همڪنار رهيا.
    هتي هندوستان ۾ ورهاڱي کان جلد ئي پوءِ سنڌي هندن پنهنجي ٻولي ۽ ثقافت جي بچاءَ ۽ اوسر لاءِ هڪ جماعت ٺاهي هئي ’سنڌي ساهت سڀا‘، جنهن کي ليکراج ’عزيز‘، ڀوڄراج ناگراڻي، منگهارام ملڪاڻي، لالچند جڳتياڻي، لالسنگ اجواڻي، رام پنجواڻي ۽ ٻين ڪيترن ئي اديبن جي سرپرستي حاصل هئي. اهڙو ئي ڪم دهليءَ ۾ ’سنڌي سماج“ پڻ ڪري رهيو هئو. 1959ع ۾ هڪ سنٿا’سنڌي ساهت منڊل‘ٺاهي ويئي؛ جيڪا ملڪي سطح تي بمبئي، دهلي، بينگلور ۽ ڪجهه ٻين شهرن ۾ پنهنجا ساليانه اجلاس ڪندي رهي ته جيئن ٻوليءَ جي تحفظ لاءِ گڏيل تحريڪ هلائي سگهجي. 1949ع ۾ هندوستان جو آئين جڏهن ظاهر ڪيو ويو هئو ته ان ۾ سرڪاري ٻولين ۾ تمام علائقائي ٻولين واري لسٽ ۾ چوڏهن ٻوليون هيون ۽ سنڌيءَ کي ان ۾ ڪابه جاءِ ڪونه ڏني ويئي هئي، پوءِ انهن سنڌين پاڻ ۾ يڪمشت ٿي نيشنل ليول تي هڪ تحريڪ هلائي ته جيئن ٻين ٻولين سان گڏ سنڌيءَ کي به هندوستان جي سرڪاري ٻوليءَ جو درجو ڏنو وڃي. پر ان مقصد جي حاصلات سولي ڳالهه ڪو نه هئي؛ ڇو ته ان لاءِ جاتيءَ ۾ جنهن اتحاد جي ضرورت هئي اُهو منجهن ايتريقدر ته گهٽ هئو؛ جو تقريبن هر هڪ سميلن ۾ ديوناگري ۽ عربي لپيءَ جا حمايتي پاڻ ۾ اهڙو ته هٿين پئجي ويندا هئا جو ڪيترا ڀيرا ته هڪٻئي جا ڪالر به پڪڙيندا هئا.
    هندوستان جو پهريون مرڪزي زراعتي وزير جيرام داس دولت رام سنڌي ٻوليءَ لاءِ ديوناگريءَ جو حامي هئو ۽ اهڙن حمايتن جي ڪوشش سان هنن ڀارت جي مرڪزي سرڪار کان هڪ G.R. به ڪڍايو ته ”هندوستان ۾ سنڌي ٻوليءَ لاءِ ديوناگري اسڪرپٽ هلايو ويندو“. انجي مخالفت ۾ جڏهن عربي لپيءَ وارن تحريڪ پئي هلائي ته انهن جي سهايتا لاءِ رام ڄيٺملاڻيءَ عدليه جو دروازو کڙڪايو ۽ سرڪار مٿان زور بار پڻ آندو ويو؛ جنهن جي نتيجي ۾ ٽن مهينن اندر هڪ ٻيو جي.آر. پڻ ڪڍيو ويو ؛ جنهن موجب ديوناگري ۽ عربي، ٻنهي لپين کي سنڌي ٻوليءَ لاءِ تسليم ڪيو ويو ۽ تعليمي ادارن اندر اهڙي چونڊ جو حق شاگردن کي ڏنو ويو ته اهي پنهنجا جواب ڪهڙي به صورتخطيءَ ۾ لکن. چوڻ لاءِ ته هنن ان مسئلي جو حل ڳولهي ڪڍيو هئو؛ پر اُهو مسئلو نه پر سنڌي ٻوليءَ لاءِ هڪ ناسور هئو، جنهن پوري سنڌي جاتيءَ کي ٻن حصن ۾ ورهائي ڇڏيو. اڳيان هلي ’سنڌي ساهت منڊل‘ جو نالو بدلائي ’اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا‘ رکيو ويو. سنڌي سٻاجها، هندوستان جي ڪنڊڪڙڇ ۾ ڦهلجي چڪا هئا؛ ڪي بمبئي ته ڪي بنگال، ڪي ڪلڪته ته ڪي دهلي، ڪي مدراس ته ڪي بينگلور، ڪي احمد آباد، ته ڪي اجمير؛ هر هنڌ اقليت ۾ هئڻ سبب سنڌين ۾ ٻوليائي لحاظ کان احساس ڪمتريءَ جو ٻج ڇٽبو رهيو؛ جنهن اڳتي هلي هڪ اهڙو خطرناڪ روپ ورتو جو هاڻ ته ملڪ جي 95 سيڪڙو سنڌي گهرن اندر؛ ايتري قدر جو سنڌين جي هيڊڪوارٽر الهاس نگر ۾ پڻ انيڪ سنڌين وٽ ٻوليءَ سان وفاداري گهٽ هئڻ سبب اهي پنهنجي ٻارڙن سان غلط هندي ۽ انگريزيءَ ۾ ڳالهائين ٿا! ڪير ٻيو اسانجي مادري زبان سنڌيءَ کي تڪليف ڏئي ڏئي؛ ان کان اڳ سنڌين جو هڪ وڏو تعداد پاڻ ئي پنهنجي مٺڙي ٻوليءَ کي گهرن مان ڌڪي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ ڪمر ڪشي بيٺو آهي!

    عوامي آواز سنڊي ميگزين 4 سيپٽمبر 2016
     
  15. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,774
    ورتل پسنديدگيون:
    5,823
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    قسط 74
    الله پاڪ جي بارگاھه مان سڀني کي انصاف ملڻو آهي!:ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي
    ٻلديو مٽلاڻي


    1959ع ۾ برپا ڪيل ”سنڌي ساهت منڊل“ اڳتي هلي نالو بدلائي ”اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا“ بڻيو. هنن جي ذمي هڪ وڏو مقصد هئو سنڌي ٻوليءَ کي ڀارت جي مرڪزي سرڪار کان تسليم ڪرائي ان کي آئين جي اٺين شيڊول ۾ شامل ڪرائڻ. ان ڏس ۾ راقم الحروف ڪابه اکين ڏٺل شاهدي ڏيڻ کان ته قاصر آهي؛ جو آءٌ ته ورهاڱي کان به ٽيهارو سال پوءِ هيڏانهن لڏ پلاڻ ڪيئي، پر فطرتن پنهنجي مادري زبان سنڌيءَ سان محبت هئڻ ڪارڻ مون جيڪي به آتم ڪٿائون پڙهيون؛ انهن ۾ واقعات جي بيان جا تضاد ٿا نظر اچن. رام پنجواڻيءَ جو ”اڀينندن گرنٿ“ پڙه ته ائين پيو لڳي ته ان تحريڪ کي ڪاميابين سان هم ڪنار ڪندڙن ۾ صرف هُو پاڻ ئي آهي. هُن ته ٻين جا پول کوليندي اهو پڻ لکيو آهي ته هيڪر دهلي يونيورسٽيءَ ۾ نيشنل ليول تي سنڌين جو اهڙو سميلن سڏايل هئو؛ جتي رام پنجواڻيءَ کي اُتان جو وائيس چانسلر گڏجي ويو؛ جيڪو 1949ع ۾ ڊاڪٽر امبيڊڪر جي صدارت واري آئين جوڙيندڙ ڪاميٽيءَ جو ميمبر پڻ رهي چڪو هئو. ان رام پنجواڻيءَ کي ٻڌايو ته اسين ٻين ٻولين سان گڏ سنڌيءَ کي به تسليم ڪري رهيا هئاسين؛ تڏهن اوهان جو هڪ اهو چئي اتان سنڌي ٻوليءَ کي هٽارائي پئي ڇڏيو ته سنڌي ماڻهو جتي به هوندا؛ گجرات ۾ گجراتي، مهاراشٽرا ۾ مراٺي ۽ بنگال ۾ بنگالي ٿي ويندا! هاڻ ٿا سميلن سڏايو ته سنڌيءَ کي به اٺين شيڊول ۾ شامل ڪيو وڃي!

    رام پنجواڻيءَ جيتوڻيڪ ان ڪانگريسي سنڌي ميمبر جو نالو ڪونه ٻڌايو آهي؛ جيڪو آئين جوڙيندڙ ڪاميٽي جو ميمبر هئو؛ پر ايتري ڄاڻ ته ملي ئي ٿي ته اسان جي جاتيءَ الائي ڪيترا مير جعفر پيدا ڪيا آهن؛ نه ته ڀلا آچاريه ڪرپالاڻيءَ جي انڊين نيشنل ڪانگريس لاءِ پوري ملڪ جو سربراھ هوندي سنڌي هندن کي آزاديءَ جو جشن ته ورثي ۾ ڪو نه مليو ماڳهئين ئي جايون جڳهيون؛ زر زمين، سڀ ڪجهه اُتي ڇڏي بي خبر گاڏين ۾ چڙهي هندوستان جي اڻڄاڻ منزلن ڏانهن ڌڪا کائڻا پيا!ڪيرُ ڪٿي لهي پيو ته ڪيرُ ڪٿي؛ ڀاءُ بمبئي ته ڀيڻ بنارس، هڪ اجمير ته هڪ احمد آباد، جاتيءَ جي بيوفا ليڊران سبب اٻوجهه سنڌي هندن کي ڪيڏا نه ڏک ڀوڳڻا پيا.

    ان سڀ جي باوجود به مجموعي طور اسين تاريخ مان ڪجهه به ڪونه سکياسين.شخصي سڃاڻپ ۽ جاتيءَ جي عزت وڌائڻ لاءِ اتحاد جي ڏاڍي وڏي ضرورت آهي؛ پر هتي ته پنهنجي وجود کان ئي انڪار پيو ڪيو وڃي! اهي جيڪي به تنظيمون، ٻوليءَ جي بچاءَ لاءِ ٺاهيون ويون؛ انهن هتان هُتان چندا ڪٺا ڪرڻ کانپوءِ نه صرف پنهنجي ئي نئين ٽهيءَ کي اُسرڻ، نه ڏنو؛ بلڪ انهن مان وڏي تعداد ته پهرين پاڻ ئي پنهنجي گهرن مان سنڌي ٻوليءَ کي ٻاهر ڪڍڻ جو آغاز ڪري ڇڏيو!

    تنظيمن جي آڙ ۾ شخصي مفاد جيسين گڏجي حاصل ٿي رهيا هئا ته ٻاهر ٻڙڪ به ڪو نه هئي. ڪنهن کي ڪجهه گهٽ مليو ته پهرين رڙ ويهين صدي جي اسيءَ واري ڏهاڪي ۾ ”اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا“ جي سيڪريٽري ٽيڪچند مست ڪيئي هن ته نالا کاڻي پنهنجن سينيئر اديبن جي عزت ۾ هٿ وڌا ۽ پوءِ جلد ئي هن هڪ پيرلل تنظيم ٺاهي ’اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت پرچار سڀا‘ ان نئين آرگنائيزيشن جو تقريبن نالو به ساڳيو هئو؛ صرف وچ ۾ ”پرچار“ لفظ وڌايو ويو هئو.

    ”اکل ڀارت، سنڌي ٻولي ۽ ساهت پرچار سڀا“ جو پهريون نيشنل سيمينار 1986ع ”شاهاڻي هاليڊي هوم“ لوناولا ۾ منعقد ٿيو. خبر تڏهن پيئي جوجن اديبن کان مليل ناانصافيءَ باعث ”پرچار سڀا“ ٺاهي ويئي هئي؛ اهي پڻ تقريبن سڀ جو سڀ ان سيمينار ۾ شريڪ ٿيا. پشپا مالهيءَ جي ڪمپيئرنگ ۾ ڀڳونتي ناواڻيءَ جو سنگيت پروگرام ٿيو، ته گوبند مالهي ۽ ڪيرت ٻاٻاڻي طرفان مختلف سيشن جي صدارت پڻ ڪيئي.

    ان اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت پرچار سڀا“26 ۽ 27 فيبروري 2000ع تي گجرات جي هل اسٽيشن، مائونٽ اَبوُ ۾ سيمينار رکيو هئو. آءٌ انهن ڏينهن دوران دهليءَ ۾ هوس؛ اُتان ڀاءُ هيرو ٺڪر، مون جماڻي، ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي ۽ مان بس ۾ دهليءَ کان مائونٽ ابوُ آيا هئاسين. رات جو سفر هئو ۽ بيحد سيءُ پئي ٿيو، ڄيٺو لالواڻي انهن ڏينهن ۾ دهلي سنڌي اڪاڊميءَ جو سيڪريٽري هئو. سيمينار جي پهرئين ڏينهن 26- فيبروري 2000ع تي مائونٽ ابوُ پهچندي پهچندي اسان کي صبح جا 11:00 بجه کن لڳي ويا. اُتي پهتاسين ته سيمينار چالوُ ٿي چڪو هئو. تنظيم جو روح روان ٽيڪچند مست اسان کي دروازي تي ئي ملي ويو. هوٽل به اهو ئي هئو ته سيمينار به اُتي ئي هئو. مست پئي چيو ته اسين سڌو ئي سيمينار سيشن ۾ هلون. پر اسان سڀني کي پهرئين روم ۾ وڃڻ جي ضرورت هئي؛ سو اسين سڀ جو سڀ پهرين روم ۾ وڃي فٽافٽ تيار ٿي پوءِ سيمينار سيشن ۾ آياسين.

    مقاله سيشن ۾ وينا شرنگيءَ جو پيپر هئو ” سنڌي ساهت ۾ ڀارت جي ٻين ٻولين جو ڪردار“. ان سيشن جي ڪارروائي مدن جماڻيءَ کي هلائڻي هئي ۽ صدارت مون کي ڪرڻي هئي؛ ان لاءِ مست اسان کي سڌو ئي سيمينار تي وٺي هلڻ لاءِ ضد ڪري رهيو هئو. وينا شرنگي مون کان ڪجهه ئي سال اڳ شهدادڪوٽ مان دهليءَ آيل هئي ۽ مهراج گوپيچند جي نياڻي هئي. هن جو والد صاحب سنڌ ۾ پڻ چڱو ئي ودوان طور مشهور هئو؛ ان لاءِ اسان ٻيئي به هڪٻئي کي هميشه ڀيڻ-ڀاءُ وارو پيار ڏيندا رهيا آهيون؛ مون پنهنجي صدارتي تقرير ۾ وينا جي پس منظر ۽ هن جي علم عقل جو ذڪر ڪندي سندس مقالي جي خوبين تي روشني وڌي ۽ پوءِ ان ۾ جيڪا ڪجهه جي سڌاري جي ضرورت هئي؛ اهي ڳالهيون انتهائي نموني بيان ڪيون. اهڙي صورت ۾ اها اصلاحي تنقيد بيحد پسند ڪئي ويئي. نه صرف اهو مائونٽ ابوُ وارو وينا شرنگيءَ جو مقالو، پر مون جتي به ڪنهن موضوع تي ڳالهايو آهي ته اها پوري ڪوشش رهندي آهي ته اسان جي بيان سان ڪنهن به شخصيت جي دل آزاري نه ٿئي ۽ واجبي اصلاح پڻ اهڙي نموني بيان ڪئي وڃي؛ ڄڻ ڪا اهڙي وڏي ڳالهه ناهي پر جيڪڏهن انهن جو اندراج ٿيندو ته مضمون پنهنجي سونهن وڌائي سگهي ٿو. تڏهن ئي اهڙي تنقيد جي قبوليت جا امڪان وڌيڪ ٿي سگهن ٿا. جيتوڻيڪ پوءِ به هر هڪ جي شخصيت تي مدار آهي ڪير ضروري ڳالهه به ٻڌڻ لاءِ تيار نه هوندو آهي ته ڪيرُ پنهنجي علم ۾ اضافي آڻڻ لاءِ هر هڪ کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.

    اُن ئي مائونٽ اَبوُ واري سيمينار ۾ ڪڏهن اسان وٽ الهاس نگر جي ايم.اي.(سنڌي) ڪندڙ شاگردياڻي، انيتا ڏوڏيجا ۽ سندس ڀيڻ مينا ڏوڏيجا ٻئي آيل هيون، ته پونا جي هڪ ڀيڻ رتنا گوديا جيڪا دراصل نيويارڪ ۾ رهندڙ هئي اها پڻ آيل هئي. ڀلا هل اسٽيشن وارو پورو شهر ئي ننڍو! هيڏانهن چڪر هڻي اچ؛ هوڏانهن تي اچ ته شهر پورو اهڙي صورت ۾ ڪڏهن انيتا، مينا ۽ رتنا جي ڪچهريءَ ۾ لطف ايندو هئو ته ڪڏهن وري اسان سان بمبئيءَ جو ڀاءُ چندرو هيراڻي جيڪو ان مهل ”اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت پرچار سڀا“ جو صدر هئو؛ اهو ۽ ڀائو نگر جي هڪ ڀيڻ نرملا اَسواڻي به اسان سان ئي گڏ چڪر تي هلندا هئا ته ڏاڍو سٺو لڳندو هئو.

    ڊاڪٽر ديال آشا، حيدرآباد (سنڌ)، نيشنل ڪاليجئيٽ بورڊ جي پروفيسر (ايمريٽس) جي حيثيت ۾ ان مئنيجمينٽ جي ڪاليجن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ڦهلاءَ لاءِ ڪم ڪندي 17- جون 2000ع تي پنهنجي مئنيجمينٽ جي هيڊڪوارٽر ڪي.سي.ڪاليج، بمبئي ۾هڪ سيمينار منعقد ڪيو؛ جنهن جو عنوان هئو ليکراج ڪشچند عزيز! مون کي ان سيمينار ۾ ”مضمون نگار ليکراج عزيز“ مقالو پڙهڻو هئو. سيمينار جي افتتاحي اجلاس جي صدارت ڪرڻ لاءِ ممبئي يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر ڊاڪٽر ڀالچندر منگيڪر آيل هئو. ڪاليج مئنيجمينٽ طرفان بئرسٽر اشوڪ آڏواڻي، ناري گرسهاڻي ايڊووڪيٽ ۽ پرنسپال جي.ڪي.يمڀاڻي به آيل هئا. ديال ”آشا“ صاحب جيتوڻيڪ ڊاڪٽوريٽ دوران منهنجو استاد رهي چڪو آهي؛ پر اها ان جي ڀلمانسا ئي آهي جو هوُ هميشه هر هنڌ منهنجي عزت وڌائيندو ئي رهندو آهي. ڊاڪٽر ديال ’آشا‘ان ڏينهن پڻ افتتاحي اجلاس ۾ ، منهنجي سواگت ۾ ڏاڍو سٺو ڳالهايو؛ وائيس چانسلر جي هٿن کان شال پارائيندي منهنجي عزت افزائي ڪيئي؟

    مون پنهنجي مقالي ۾ ليکراج ” عزيز“ جي مضمون نگاريءَ تي ته تفصيل سان حوالا ڏيندي ڳالهايو ئي هئو؛ پر ان کان اڳ ” عزيز“ صاحب جي مختصر واقفيت ڏيندي حاضرين کي ٻڌايو ته هن حيدرآباد جي ايگزيڪيوٽو انجنيئر، ڪشچند نائون مل ميرچنداڻيءَ جي گهر 19-ڊسمبر 1897 تي جنم ورتو. اُهي خانداني طور سوين ايڪڙ زمين جا مالڪ هئا؛ هنن کي تعليم سان ايترو ته چاه هئو جو ليکراج 1915ع ۾ نورلراءِ هيرانند اڪيڊمي، حيدرآباد مان مئٽرڪ ڪرڻ کانپوءِ بمبئيءَ جي ايلفٽسن ڪاليج ۾ بي.اي. وڃي پڙهيو ۽ اُتي ئي هوُ B.A. ڪرڻ سان گڏوگڏ پنهنجي والد صاحب جي جواهرات جي دوڪان تي پڻ ويهڻ لڳو.

    مون ليکراج ”عزيز“ جي مضمونن جي مجموعن ”ادبي آئينو“ ۽ ”گل و خار“ سان گڏ سندس تحقيقي مقالي ”سامي“ جو پڻ تفصيلي جائزو ڏنو. ”ادبي آئينو“ ته اسين سنڌ ۾ ئي گريجوئيشن ڪندي پڙهي چڪا هئاسين هئو؛ تڏهن سنڌ جو هڪ وڏو مدبر ۽ عالم سائين، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو اسان کي گورنمينٽ ڪاليج، لاڙڪاڻي ۾ سنڌي سبجيڪٽ پڙهائيندو هو. سنديلو صاحب اسان کي ”عزيز“ پڙهائڻ سان گڏوگڏ ساڻس حيدرآباد ۾ ٿيل ملاقات جو پڻ ذڪر ڪندو هئو. اهڙي صورت ۾ اسين شاگرد ته صرف عزيز صاحب جا مضمون پڙهندي پڙهندي ئي سندس مداح ٿي پيا هئاسين. ان سيمينار ۾ مون هڪ مداح جي روپ ۾ نه، پر بلڪل غير جانبداريءَ سان قلم هلائيندي ”ادبي آئينو“ جي مختلف مضمونن سان گڏوگڏ ”گل و خار“ ۾ ديوان ليلا رام سنگهه خاڪيءَ جي ”ديوان خاڪي“ ۽ رام پنجواڻيءَ جي ڪتاب ”شعر بيوس“ تي عزيز صاحب جي تنقيدي مضمونن جو بيان ڪندي جتي هن جي علم جو اعتراف ڪيو هئو؛ اُتي ئي اهو پڻ چيو ته ليکراج ”عزيز“ جهڙي بهترين اديب ۽ نقاد جي زبان مان رام پنجواڻي ۽ ٻلديو گاجرا لاءِ ”پڙ پڌرو ڪرڻ“ ۽ ”اڇا ڪارا پڌرا ڪرڻ“ توڙي بيوس، لاءِ اوڻاين جي اڻاٺ نه هئڻ ۽ ’سولي سنڌي زمين تي به ٿاٻا کائڻ وارا‘ محاوره استعمالڪندي سندس ئي مضمون کي هڪ وڏي ضرب پهچي ٿي. ڇو ته هن جي مواد ۾ ڀل ڪيترو به سچائي ڇو نه هجي، پر ان کي ادبي ۽ اخلاقي رنگ ملڻ بيحد ضروري آهي.

    آءٌ ممبئي يونيورسٽيءَ ۾ 1994ع دوران اچڻ سان ئي پبليڪيشن گرانٽ لاءِ ڪوشش ڪندو رهندو هوس؛ جنهن لاءِ سپيليمينٽري بجيٽ جي هڪ ڪاميٽيءَ آڏو لکت ۾ اهڙي گهر ڪندي اُتي هيڊآف ڊپارٽمينٽ کي شخصي طور وڃڻو پوندو هئو. هنن جو چوڻ هئو ته مون کان اڳ اُتي سينيئر استاد رهي چڪا هئا، انهن سنڌي شعبي لاءِ اهڙي ڪابه گهر ڪانه ڪيئي ته هاڻ ڪهڙي آفت اچي ويئي آهي؛ جو مان هر سال اها گُهر دهرايان پيو. پر چوندا آهن ته ”همتِ مردان مدد خدا“ ۽ ”واڪا ڪرڻ اسان جي وس، ٻڌڻ ڪم ٻروچ جو!“ هتي ٻروچ هئي اها بجيٽ ڪاميٽي؛ جنهن نيٺ ٽن سالن کان پوءِ وڃي منهنجي گهر مڃي ۽ تمام ٿورو بجيٽ پبليڪشن لاءِ به الاٽ ٿيو. هنن کي منهنجي اها ئي استدعا هوندي هئي؛ ته خدارا! سنڌي شعبي کي به ڪم ڪرڻ جا موقعا ڏيو؛ ته اسان به خوداداريءَ سان ٻين جيان ڪم ڪندي پنهنجو ڪنڌ مٿي کڻي سگهون!

    مون سنڌي شعبي طرفان پهريون ڪتاب Research methodology تي پئي شايع ڪرائڻ چاهيو؛ جيڪو مون دراصل گهڻو اڳ ڊاڪٽر نارايڻ ڀارتيءَ جي خواهش تي ڊاڪٽر عبدالستار دلويءَ جي ترتيب ڏنل اردو ڪتاب ”ادبي اور لساني تحقيق“ جي هڪ مضمون جو سنڌي ترجمو ڪيو هئو. 1987ع دوران ڊاڪٽر ڀارتيءَ کي يونيورسٽيءَ طرفان اهڙو بجيٽ پڻ مليل هئو؛ جنهن سبب ئي هن مون کان اهو ڪتاب ترجمو ڪرايو هئو ۽ مون کيس وقت سر اهو ڪم ڪري ڏيئي به ڇڏيو پر پوءِ ڇا ٿيو، جو هن جي 1992ع ۾ رٽائرمينٽ تائين ان جي شايع ٿيڻ جو ڪم شروع ئي ڪو نه ٿيو!

    خوش نصيبيءَ سان ان مسودي جي هڪ ڪاپي مون وٽ موجود هئي. ٽن سالن جي محنت کان پوءِ جيئن ئي مون کي يونيورسٽيءَ کان ڀل ننڍي رقم به ملي ته مون اُهو مسودو پنهنجي دوست هاسانند روهڙا جي شريمتي ۽ منهنجي ڀيڻ شيلا روهڙا هٿ حيدرآباد(سنڌ) ڏانهن ڊاڪٽر علام علي الانا صاحب کي مهاڳ لاءِ ڏياري موڪليو. سائين الانا صاحب جا لک شڪرانا، جنهن مون ناچيز جي پوري مسودي کي پڙهيو ۽ ترت ئي هڪ خوبصورت مهاڳ لکي موڪليو. سائين جن پاڻ جيئن ته لسانيات سان وسطو رکندڙ آهن ته اُهي ان موضوع جي اهميت کي به سمجهن پيا! هنن کي منهنجا رنڊا روڙيل به ايترو وڻيا، جو هنن انتهائي فراخدليءَ سان پنهنجي مهاڳ ۾ لکيو ته:

    ”هيءُ ڪتاب هڪ نهايت ئي معياري ۽ معلوماتي ڪتاب آهي. هن جهڙو ڪو ڪتاب، برصغير جي ٻين ٻولين ۾ شايد ئي لکيو ويو هجي. هن ڪتاب جو هر لفظ، هر فقرو هر جملو ۽ هر پيراگراف اهڙي ته آسان ٻوليءَ ۾ لکيو ويو آهي؛ جو ڪتاب پڙهندي ڪٿي به اهو محسوس نٿو ٿئي ته هي ڪتاب ڪو ڪنهن ٻي ٻوليءَ جي مواد تان ترجمو ڪيو ويو آهي.“

    پوءِ ته سائين الانا صاحب، جڏهن ’سنڌي لينگئيج اٿارٽي‘ جو چيئرمين بڻيو، تڏهن سونهاري سنڌ جي شاگردن کي سونهپ بخشڻ جي خيال .کان ان ئي ڪتاب جو اُتان ٻيون ايڊيشن شايع ڪرائڻ شروع ڪيو. پر اسان جي برصغير ۾ هر هڪ ڪم کي شخصي سطح کان ڏٺو ويندو آهي. پوءِ ٿيو ائين؛ جو سائين الانا صاحب جو اٿارٽيءَ مان مدو پورو ٿيو ته راقم الحروف جو ڪتاب به ڪولڊ اسٽوريج حوالي ٿي ويو. وري به سائين عبدالقادر جوڻيجو صاحب کي جس آهي ؛ اهو جڏهن اتان جو چيئرمين بڻيو ته هن اهي پراڻا فائيل ڪڍي مون مسڪين واري ڪتاب جي اڌ ۾ ڇڏيل ڪم کي تڪميل تي پهچايو ۽ 2006ع ۾ تحقيق جو فن ۽ ان جا اصول ڪتاب سنڌي لينگئيج اٿارٽي طرفان شايع ٿي سگهيو.

    اهم ڳالهه اها هئي ته هندوستان ۾ مرڪزي سرڪار طرفان سمورين تسليم ٿيل ٻولين جي ادب جي همت افزائي ۾ جيڪي ٻه وڏا انعام ڏنا ويندا آهن؛ هڪ تصنيف ته ٻيو ترجمي لاءِ! ان سلسلي ۾ منهنجي ڪتاب ”فن تحقيق ۽ ان جا اصول“ کي 1999ع لاءِ مرڪزي سرڪار طرفان ترجمي جو اعليٰ انعام پڌرو ڪيو ويو. مون کي ان انعام جي انائونسمينٽ ٻڌي ئي بيحد خوشي ٿي هئي ۽ بابا گرونانڪ اڳيان هٿ ٻڌي شڪر ادائي ڪيئي هئي؛ جو هيل تائين ته هتي الائي ڪيترن سب اسٽينڊرڊ ليکڪن کي به وڏا وڏا اعزاز مختلف ادارن کان ملي چڪا آهن، پر مون کي اڃا ادبي ميدان ۾ Debut واري انعام جو حقدار به ڪو نه سمجهيو ويو هئو! مون رب پاڪ جا شڪرانا مڃيا جو الله جي بارگاه مان سڀني کي انصاف ملڻو آهي!

    عوامي آواز سنڊي ميگزين 11 سيپٽمبر 2016
     
  16. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,886
    ورتل پسنديدگيون:
    27,213
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    قسط 75
    ڄڻ ڪنهن آسماني دنيا جو سير ڪري رهيا هجون!:ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي
    ٻلديو مٽلاڻي


    1999ع وارو ”ساهتيه اڪاڊمي ٽرانسليشن پرائيز“ جيڪو سنڌي ٻوليءَ لاءِ منهنجي ڪتاب ”فن تحقيق ۽ ان جا اصول“ لاءِ انائونس ڪيو ويو هئو؛ ان اوارڊ سيريمني لاءِ 4- آگسٽ 2000ع جو ڏينهن طئه ڪيو ويو. مونکي به پهريون دفعو ايڏو وڏو اعزاز ملي رهيو هئو ته آءٌ هتان بمبئيءَ مان پاڻ سان گڏ پنهنجي شريڪ حيات هيما، وڏو فرزند ونود (گولڊي) ۽ ادا پريم جي نياڻي گيتا کي به دهليءَ وٺي ويس. ساهتيه اڪاڊميءَ وارن دهليءَ جي ڪرول باغ ايراضيءَ جي هڪ سٺي هوٽل ۾ اسان جي رهڻ جو بندوبست ڪيو ويو هئو. پر آءٌ اتي پهتس ته ڀاءُ هيرو ٺڪر بيحد پنهنجائپ وچان اسان سڀني کي ان هوٽل مان پنهنجي گهر وٺي هلي رهايو. هن سان گڏ ڀاءُ ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي به آيل هئو ۽ پوءِ ته اسين هيرو ٺڪر صاحب جي گهر وڃي ڏاڍيون ڪچهريون ڪيونسين.
    4- آگسٽ 2000ع تي شام جو ”انڊيا انٽرنيشنل سينٽر“ ڪلب جي آڊيٽوريم ۾ اهو اوارڊ اتسو رکيل هئو؛ تمام شخصيات جن کي مختلف ٻولين لاءِ اهي انعام ملي رهيا هئا. آڊيٽوريم ۾ انهن جو نالو اڳواٽ ئي پهرين قطار وارين سيٽن تي لڳائي رکيو ويو هئو. ان سال هندوستان جي ڪل ارڙهن تسليم شده ٻولين جي اديبن کي پنهنجي پنهنجي ٻوليءَ ۾ بهترين ترجمو ڪرڻ جو انعام (Translation Prize) ملي رهيو هئو. آسامي(نروپما ڦوڪن)، بنگالي (سنکا گهوش)، ڊوگري (پدما سچديو)، انگلش (گيتا ڪرشنا ڪٽي)، گجراتي(سُڪينا جهويري)، هندي (پرياگ شڪلا)، ڪنڙا(وامن دتا تريه بيندري)، مراٺي (مراري مڌوسودن ٺاڪر)، مليالم (شتروگهن)،منيپوري(راڌا موهن شرما)، مراٺي (هيما لڪشمن جاوڊيڪر)، نيپالي (ڪرن ڪمار راءِ)، اوڙيا چندر شيکر داس برما)، پنجابي(ٻلديو سنگهه بادن)، سنڌي (ٻلديو بختراءِ مٽلاڻي)، تمل (ٿامز ناڊن)، تيلگو (ويمرا جوُ ڀانومورتي) ۽ اردو (حيدر جعفري سيد)
    مون سان گڏ پروگرام ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ هيما، گولڊي ۽ گيتا کانسواءِ دهليءَ مان ڀاءُ هيرو ٺڪر، ان جي شريڪ حيات پوجا ۽ ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي پڻ هليا هئا. اسين هال ۾ پهتاسين ته اتي اڳ ئي حاضرين جي ڀيڙ لڳي پيئي هئي. هڪ ته هر هڪ اوارڊي شخص جا فيملي ميمبران به هئا، ۽ انهن سان وري ڪيترائي دهليءَ جا ادب نواز شهري پڻ آيل هئا. پروگرام جي آغاز ۾ ساهتيه اڪاڊمي طرفان ڪي. سچدانندن پنهنجو استقباليائي خطبو ڏيندي تمام اديبن، مهمانن ۽ حاضرين جو استقبال ڪيو، هنن ان سماروه ۾ رماڪانٿ رٿ کي صدر ڪري گهرايو هئو؛ جنهن پڻ پنهنجي صدارتي تقرير ڏني.
    بعد ۾ اسٽيج تان ئي ڪي سچدانندن هڪ هڪ ترجمه نگار کي سڏ ڪندي هڪ مخصوص ڪرسيءَ تي ان اوارڊيءَ کي ويهاريندي ان جي مان ۾ لکيل تعارف پئي پڙهيو. ان مهل پوري هال ۾ صرف ان هڪ اوارڊيءَ مٿان ئي اسپاٽ لائيٽ پئي ڏني ويئي؛ جنهن مان پڻ هڪ عجيب مسرت جو احساس پئي ٿيو. تعارف پورو ٿيڻ کان پوءِ مکيه مهمان وجيه دان ڊيٺا جي هنن کان شال پارائيندي انعام جي رقم واري چيڪ سرٽيفڪيٽ ۽ ميمينٽو پئي ڏنو ويو. جڏهن هنن ارڙهن ئي انعام ڏيئي پورا ڪيا ته پوءِ ان مهل جي ساهتيه اڪاڊميءَ جي صدر گوپيچند نارنگ جي زباني شڪر ادائيءَ جي رسم ادا ڪيئي ويئي. انعامن جي ورهاست کانپوءِ ٻاهر لان ۾ شاندار رفريشمينٽ ڏني ويئي؛ جنهن بعد واپس هال ۾ نلني ۽ ڪملني ٻن ڪلاڪارن جي ڪٿڪ ۽ ڊانس ۽ ڪلچرل پروگرام پيش ڪيو ويو.
    ايندڙ ڏينهن 5 آگسٽ 2000ع تي پڻ ساهتيه اڪاڊميءَ جي پنهنجي آفيس واري آڊيٽوريم ۾ صبح جو هڪ پروگرام رکيل هئو؛ جتي گوپيچند نارنگ منچ تي ويٺي هڪ هڪ اوارڊيءَ کي مدعو ڪري رهيو هئو ۽ اهو مخصوص اوارڊي اڳ ئي موڪليل ۽ ڇپيل تقرير پڙهندي حاضرين اڳيان ان انعام بابت پنهجا ويچار ظاهر ڪري رهيو هئو. جيتوڻيڪ ان پروگرام ۾ پڻ دهليءَ جي معزز شهرين کي گهرايو ويو هئو؛ پر ٻئين ڏينهن سڀاويڪ طور ٿڪ هئڻ سبب رش گهٽ پئي نظر آئي. ساهتيه اڪاڊمي بلڊنگ جي گيٽ وٽ ئي سمورن اوارڊين جا وڏا پورٽريٽس لڳايا ويا هئا؛ جنهن سان پڻ هڪ تسڪين جو احساس پئي ٿيو. ان ڏينهن تمام حاضرين لاءِ بهترين لنچ ڏنل هئي؛ جتي وري به چڱي ئي ماڻهو اچي ويا ۽ محفل ۾ موج اچي ويئي. ان بعد ڀاءُ ڄيٺو لالواڻيءَ اسان کي پنهنجي گاڏيءَ ۾ دهليءَ جو سير ڪرايو هئو ۽ ائين اها دهلي وزٽ هڪ بهترين يادگار بڻندي اڄ سوڌو دل و دماغ تي نقش ٿيل آهي!
    آءٌ 1994ع کان بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ آيو هوس ته پهرئين سال ئي ريگيولر ڪورس ايم.اي. سان گڏ ايم.فل. (سنڌي) پڻ ٻيهر هلائڻ شروع ڪيئي هئي، جتي نيلم موٽواڻي ۽ آشا نگواڻيءَ اها ايڊميشن ورتي هئي. تڏهن سنڌ ۾ ته سنڌ يونيورسٽي ۾ گهڻي وقت کان ايم.فل.(سنڌي) تحقيق معرفت هلندڙ هئي، پر هتي بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ اها شروع ئي 1982ع کان ڪيئي ويئي هئي، جنهن لاءِ هر هڪ شاگر دکي پهرئين سال ٽي پيپر ڏيئي اهو ٿيئري وارو ڪورس پاس ڪرڻ کانپوءِ باقي ڇهه مهينن ۾ تحقيقي مقالو پيش ڪرڻو هوندو هئو. ان لحاظ کان منهنجي راهنمائيءَ ۾ ايم.فل.واري اها پهرئين بيچ 1996ع ۾ نڪتي ۽ آشا رنگواڻيءَ هري دلگير شخص ۽ شاعر، ته نيلم موٽواڻي ”سامي جا سلوڪ“ تي ايم.فل ڪيئي هئي.
    هينئر نيلم موٽواڻي (شادي بعد وند نارامواڻي) پنهنجي پڙهائي اڳيان وڌائيندي 16- جون 1997ع تي منهنجي راهنمائيءَ هيٺ اسان وٽ ممبئي يونيورسٽي جي سنڌي شعبي ۾ پي ايڇ.ڊي.(سنڌي) لاءِ پهرين رجسٽريشن ڪرائي ۽ پنهنجي ايم.فل. واري موضوع ساميءَ کي اڳتي وڌائيندي ”سامي-هڪ ويدانتي شاعر“ بابت تحقيقي مقالو لکي 8- جون 2000ع تي يونيورسٽيءَ ۾ پيش ڪيو هئو. بعد ۾ ضروري Evaluation کان پوءِ کيس ڊاڪٽوريٽ ڏني ويئي ويئي هئي.
    ڪڏهن ممبئيءَ ۾ شيوڪ شوداساڻيءَ سان منهنجو انتهائي قريبي ناتو هئو. هوُ فلم ڊائريڪٽر ديپڪ شوداساڻيءَ جو والد صاحب هئو ۽ پاڻ ڪيتريون ئي فلمون پروڊيوس ڪيون هئائين. هن جي پالي هل، باندرا واري بنگلي تي سچل سائينءَ جي جوت رکيل هئي، جيڪا هميشه ٻرندي رهندي هئي، اچانڪ 1996ع دوران هن جي شريڪ حيات نندنيءَ جو ديهانت ٿيو ته سچل سائينءَ سان صدق هئڻ سبب ان جو هاٺيون درازه ۾ سچل سائينءَ جي پيرانديءَ کان نماڻو فقير جي ڀر ۾ ئي دفنايون ويون هيون. پوءِ وري اچانڪ شيوڪ شوداسانيءَ جو مون سان ملڻ ئي گهٽجي ويو ۽ خبر پيئي ته سائين شيوڪ شوداساڻي به سائينءَ کي پيارو ٿي ويو هئو!
    منهنجي سچل سائينءَ سان صدق ۽ ان موضوع تي ايم.فل. ڪرڻ سبب ڪڏهن شيوڪ شوداساڻيءَ نيشنل ڪاليج، باندرا، بمبئيءَ ۾ سچل سائينءَ تي هڪ پروگرام رکيو هئو ته اُتي پڻ هن اهم اسپيڪر طور مونکي ئي گهرايو هئو. سچل سائينءَ جي هڪ مريد معرفت منهنجو ڪتاب ”سچل جون واديون“ اڳواٽ ئي درازه پهچي چڪو هئو، هاڻ 2000ع دوران سچل سائينءَ جي درگاه جي سجاده نشين سخي قبول محمود شاه جو هيڏانهن مبمبئيءَ اچڻ ٿيو ته مون ٺاڪر چاولا معرفت هنن جو هڪ ليڪچر ممبئي يونيورسٽيءَ ۾ پڻ رکيو!
    12- سيپٽمبر 2000ع تي سخي قبول محمد شاه جو ليڪچر، ڪالينا ڪيمپس جي ”Wric Hall“ ۾ رکيو ويو هئو؛ جنهن جي صدارت لاءِ يونيورسٽيءَ جي پرو- وائيس چانسلر ڊاڪٽر وجئه کولي کي پڻ گهرايو هئوسين. اسين سنڌي شعبي طرفان ممبئيءَ جي ڪيترن ئي معزز شهرين کي پڻ گهرايو هئو ته جيئن اهي پڻ سڀ سخي قبول محمد شاه جي صوفيانه پيغام کان فيض پائي سگهن. پوءِ سچ پچ جڏهن سخي سائين هال تي پهتا، ته ڪارين جو هڪ قافلو هئو، جيڪو ساڻن گڏ هئو. اسين ته ڏسي ڪري ئي خوش ٿي وياسين. سخي سائين اڳين اڳين مرسڊيز ڪار مان لٿو ته اسين پنهنجي پرو-وائيس چانسلر، ڊاڪٽر وجئه کولي سان گڏ سندس استقبال ڪيوسين.
    تقريرن جي سيشن دوران مون سخي سائين ۽ تمام حاضرين لاءِ استقباليائي خطبو ڏنو؛ جنهن کانپوءِ اسين رسمي طور يونيورسٽيءَ طرفان سخي سائينءَ جو سواگت ڪيوسين ۽ ان بعد کيس ڳالهائڻ لاءِ عرض ڪيو ويو. سخي سائينءَ پنهنجا پينسلوانيا يونيورسٽيءَ ۾گذاريل پنهنجو سمورو دور توڙي شاه عبداللطيف يونيورسٽيءَ ۾ سچل چيئر تي ڊئريڪٽر ۽ پرو-وائيس چانسلر طور ڏنل خدمتن جو تفصيل سان ذڪر ڪيو ۽ تصوف جي اهڙي ته انتهائي فلسفيانه سمجهاڻي ڏني جو ڪيترا غير سنڌي به خوش ٿي ويا. هڪ عجيب ازغيبي ۽ روحاني ڪيفيت هئي. جڏهن سخي سائين جن جو ليڪچر هلي رهيو هئو. ائين پئي لڳو ڄڻ ڪنهن آسماني دنيا جو سير ڪري رهيا هجون!
    سخي سائينءَ جي خدمت ۾ منهنجو استاد، ڊاڪٽر ديال آشا پڻ هڪ شعر جوڙي آيو هئو، جيڪو هن پڙهي ٻڌايو؛ ان بعد پروفيسر (ڊاڪٽر) وجئه کولي صاحب، ممبئي يونيورسٽي جي پرو وائيس چانسلر پنهنجو صدارتي خطبو ڏنو. هن جي لفظن ۾ ڪهڙو جادوئي اثر هئو؛ جو خبر ئي ڪونه پئي پيئي ته زولاجيءَ جو ودوان ۽ عالم ڪيئن اڄ تصوف ۽ فلسفي جون انتهائي وڏيون وڏيون ڳالهيون ٻڌائي رهيو هئو. ان جي صدارتي خطبي سخي سائينءَ تي ڏاڍو گهرو اثر ڇڏيو؛ جنهن جو بعد ۾ هن پاڻ اهڙو ذڪر به ڪيو. پروگرام جي آخر ۾ سنڌي شعبي طرفان ڊاڪٽر منوهر مٽلاڻيءَ شڪر ادائيءَ جي رسم ادا ڪيئي. ليڪچر پورو ٿيو ته اسين تمام حاضرين کي اتي هال ۾ ئي رفريشمينٽ ڪرائيسين ۽ سخي سائين ۽ ڊاڪٽر وجئه کولي صاحب کي پنهنجي سنڌي ڊپارٽمينٽ ۾ وٺي آياسين؛ جتي وري دل کولي ڳالهيون ڪيونسين. اڄ ڪيئن مالڪ جي رحمت ٿي ويئي هئي؛ جو سخي سائين توڙي پرو-وائيس چانسلر ڊاڪٽر وجئه کولي صاحب سڀ دل سان ايڏو ٽائيم ڏيئي رهيا هئا. انهن ٻنهي مفڪرن جي اسان جي سنڌي ڊپارٽمينٽ ۾ ڪيل ملاقات هميشه هميشه ياد رهندي!
    اسين سنڌي شعبي طرفان ڊسمبر 1998ع ۾هڪ سيمينار ڪيو هئو، جنهن ۾ سونهاري سنڌ مان سائين آغا سليم صاحب جي موجودگي ملي سگهي هئي؛ پوءِ جو هنن ٻنهي ملڪن جا ناتا خراب ٿيندا ويا ته اسان جي سنڌي اديبن کي هڪٻئي سان ملائڻ جي آرزو به اڌوري رهجي ويئي هئي. آخر ڪارگل واقعي کانپوءِ آمريڪا جي مداخلت سبب هنن ٻنهي کي مجبورن به هڪٻئي جي ويجهو اچڻو پيو؛ ته اسان وٽ يونيورسٽيءَ ۾ بجيٽ گهٽ هئڻ باوجود به مون موقعو وڃائڻ نه پئي چاهيو. ٺاڪر چاولا سان ڳالهه ٻولهه ٿي ته جيڪڏهن هوُ صرف هوائي ڀاڙو پاڻ تي هموار ڪري ته اسين ان سال وارو سيمينار ساڻس گڏجي ڪيون. هن جيئن ئي حامي ڀري ته مون ڊاڪٽر غلام علي الانا ۽ انجي معرفت ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ شاه عبداللطيف ڀٽائي چيئر جي ڊائريڪٽر، ڊاڪٽر فهميده حسين جي قبوليت ورتي. پوءِ ته روز ساڻن فون ڪندو رهندو هوس، ته ويزا جو ڪم ڪٿي پهتو! آءٌ پنهنجي فطرت موجب پوءِ بيچين لڳو پيو هوندوآهيان، جيسين اهو ڪم پنهنجي منزل کي ڪو نه پهتو آهي ٿيو به ائين، جو الانا صاحب ڪنهن سبب رهجي ويا ۽ صرف فهميده حسين اچي سگهي هئي.
    ٽائيم سوڙهو هئو، ته اسين ان سال وارو سيمينار هڪ مهينو اڳيان ڪندي 9- جنوري 2001ع تي رٿيوسين. ان موجب هال ۽ هوٽل جو بندوبست ڪرڻو هئو. هيل تائين ڀاءُ چندر منگهناڻي پنهنجو هوٽل روز ووڊ اسان جي هڪ مهمان لاءِ پنهنجي طرفان ڏيندو هئو. ڀيڻ ڊاڪٽر فهميده ان سلسلي جي آخرين مهمان هئي جو چندر اسان جو ذمو پاڻ تي کنيو؛ جنهن کانپوءِ هڪ ته پاڪستان سان ناتا به خراب ٿيندا رهيا ۽ پوءِ وري ٽن سالن جي وقفي کانپوءِ 2004ع ۾ ڊاڪٽر الانا صاحب آيو هئو ته چندر جي ايتري مهرباني ضرور هئي جو هن اسان کان ڊسڪائونٽ تي بل ورتو هئو.
    سيمينار کان ٻه ڏينهن اڳ ڀيڻ فهميده حسين ڪراچيءَ کان هتي ممبئيءَ اچڻي هئي. ان مهل تائين اسانکي پنهنجي ڪار به ڪونه هوندي هئي ته ڪنهن نه ڪنهن دوست وٽان اهڙو بندوبست ٿي ويندو هئو. هن ڀيري منهجي دوست هاسانند روهڙا جي فرزند چندر روهڙا کان اهڙي سهوليت ملي؛ جيڪو انڪم ٽيڪس جي وڪالت به ڪندو هئو ته الهاس نگر ۾ نئين برپا ڪيل ”لا ڪاليج“ ۾ ليڪچرر طور ڪم به ڪندڙ هئو. هن بيحد فراخدليءَ سان اهڙي آڇ ڪيئي ته آءٌ منوهر سان گڏ ايئرپورٽ تي چندر جي ڪار تي ويس. فهميده کي پڻ ايئرپورٽ تي اندر ئي Receive ڪيو ويو؛ جيڪا سهوليت ڀاءُ ديويداس رتنپال جي طرفان ملندي هئي.
    7- جنوري 2001ع تي اسين ممبئيءَ ايئرپورٽ تي ڀيڻ ڊاڪٽر فميده حسين سان ملياسين ائين پئي لڳو ته اسين ننڍي هوندي کان ساڻس گڏ رهندا آيا آهيون ۽ فهميده به ڄڻ ڀائرن وٽ ئي آئي هجي. يونيورسٽيءَ جي ڪوشش سان فهميده جي ويزا تي Police Report Exemption جو ٺپو لڳايل هئو؛ جنهن ڪري اسان کي به اهڙي ڪا اڻ تڻ ڪو نه هئي.
    9- جنوري 2001ع تي چرچگيٽ جي ”بي“ روڊ تي ممبئي يونيورسٽيءَ جي ڪلب هائوس آڊيٽوريم ۾ اسان جي سنڌي شعبي طرفان ”شاه عبداللطيف ڀٽائي“ انٽرنيشنل سيمينار منقعد ڪيو ويو؛ جنهن جي افتتاح لاءِ اسين پنهنجي وائيس چانسلر ڊاڪٽر ڀالچندر منگيڪر کي گهرايو هئوسين؛ جڏهن ته افتتاحي اجلاس لاءِ مکيه مهمان هئو حيدرآباد (سنڌ) نيشنل ڪاليجئيٽ بورڊ جو پريزيڊنٽ، بئرسٽر اشوڪ آڏواڻي ۽ ان ساڳئي اجلاس جي صدارت لاءِ وويڪانند ايجوڪيشن سوسائٽي جو پريزيڊنٽ دادا جهمٽ مل واڌواڻي پڻ آيل هئو.

    عوامي آواز سنڊي ميگزين 18سيپٽمبر 2016
     
  17. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,886
    ورتل پسنديدگيون:
    27,213
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    قسط 76
    اهي فيصلا پهرين پهرين ميٽنگ ۾ ڪونه ورتا وڃن!
    ٻلديو مٽلاڻي

    9- جنوري 2001ع تي ممبئي يونيورسٽيءَ جي ”ڪلب هائوس آڊيٽوريم“ ۾ سنڌي شعبي طرفان ”شاه عبداللطيف ڀٽائي“ انٽرنيشنل سيمينار ٿي رهيو هئو. سونهاري سنڌ مان تازين هوائن ۽ فضائن جي سڳنڌ ۽ سرهاڻ کڻي اسانجي ڀيڻ، پروفيسر فهميده حسين ۽ ان سان گڏ بمبئيءَ جي پوري حلقي ۾ سنڌين جي تعليمي ميدان واري وڌ ۾ وڌ ڪريم اسان وٽ آيل هئي.
    مون سڀ کان پهرين پنهنجي استقباليائي خطبي ۾ ان ڳالهه لاءِ بيحد مسرت جو اظهار ڪيو ته سونهاري سنڌ جي ڪنهن به شخصيت جي حاضريءَ لاءِ اسان کي ٽن سالن کان هڻ هڻان ڪرڻي پيئي هئي. هن دفعي به جڏهن سائين ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب ۽ ڀيڻ فهميده ٻنهي کي دعوت ناما موڪليل هئا ۽ وقت سر ويزا جون پڻ تمام گهرجون پوريون ڪيون ويون؛ پوءِ به انهن مان صرف هڪ ڀيڻ فهميده ئي اچي سگهي هئي! ڇو ته جاگرافيائي لحاظ کان اسين هڪ هوندي به هڪٻئي کان ايترو ته ڏور آهيون جو مهل تي ملي به نٿو سگهجي. مون پنهنجي وائيس چانسلر کي مخاطب ٿيندي؛ ان ڳالهه جي نشاندهي ڪيئي ته سنڌي ادب جي اعليٰ تعليم جي ميدان ۾ اسان لاءِ ضروري آهي ته سونهاري سنڌ ۾ ٿيندڙ هر هڪ تازه ترين تحقيق کان پنهنجي طالب علم حضرات کي آگاه ڪري سگهون؛ پر سياسي حالتن جي تنگ دائري ۾ اسين چاهيندي به گهڻو ڪجهه ڪونه پيا ڪري سگهون.
    ممبئي يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر، ڊاڪٽر ڀالچندر منگيڪر سيمينار جو افتتاح ڪندي ان ڳالهه لاءِ مسرت جو اظهار ڪيو ته سنڌي شعبي طرفان نه صرف تصوف پڙهايو ۽ ٻڌايو پيو وڃي؛ پر اهي ان تي عمل ڪندي هند ۽ سنڌ جي اديبن کي گڏ ڪرڻ جو جيڪو ڪم ڪري رهيا آهن؛ اهو ٻين لاءِ پڻ هڪ مثال آهي! شاه ڀٽائيءَ پڻ اهو ئي عالمگير محبت ۽ اخوت وارو پيغام ڏنو هئو؛ جنهن جي اڄ اسان کي وڌيڪ ضرورت آهي. هن ته پاڻ پنهنجي لاءِ به صوفي هئڻ جو اقرار ڪندي شاه صاحب لاءِ بيحد عقيدت جو اظهار ڪيو!
    شاه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽيءَ جي ڊئريڪٽر، ڊاڪٽر فهميده حسين شاه جي رسالي ۾ سمايل الميي جي فلاسافيءَ تي پنهنجو عالمانه مقالو پيش ڪيو ته ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب جو مقالو سنڌ ۾ وروڻ ديوتا جي پوڄا جي روايت ۽ ان بابت شاه جي رسالي ۾ پيغام، سندس غير حاضري ۾ راقم الحروف پيش ڪيو. اهو سيشن ڪيرت ٻاٻاڻيءَ طرفان صدارت ڪيو ويو، جنهن بعد ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي ۽ هيرو ٺڪر ”شاه لطيف ۽ جوڳي“ ۽ ”شاه جي شعر ۾ مرڪب لفظ“ سلسليوار مقالا پيش ڪيا، جن جي صدارت ڊاڪٽر ديال ”آشا“ ۽ ڪرشن راهيءَ طرفان ڪيئي ويئي.
    سيمينار کان پوءِ اسين لاءِ ڀيڻ فهميده حسين کي هڪ ڏينهن الهاس نگر به گهمائي آياسين، ته هڪ ڏينهن ممبئي جو چڪر هڻندي مون پنهنجي هڪ دوست رام جوهراڻيءَ کي هڪ جرنلسٽ، علي پيٽر معرفت ” فلم سٽي اسٽوڊيو“ ڏسڻ لاءِ پاس وٺڻ لاءِ چيو هو. پوءِ جڏهن اها نه ملي سگهي ته اسين ائين ئي سڌو فلم سٽي ۾ هلي وياسين. آءٌ فلمن ۾ اسٽل فوٽوگرافي ڪندو رهندو هوس، ان لاءِ اهڙي ڪائي تڪيلف ڪانه ٿي. آءٌ اتي اندر وڃي سڌو ئي مئنيجر سان گڏيس؛ جيڪو پاڻ به هڪ اهلِ ايمان شخص هو ۽ مون پنهنجي لاءِ ٻڌايومانس ته مان مهاراشٽر راجيه سنڌي ساهتيه اڪاڊميءَ جو سيڪريٽري آهيان؛ جيڪا پاڻ ڪلچرل منسٽريءَ هيٺ ايندي آهي؛ ته هن پوءِ اهڙي پاس ٺاهي ئي ڏني.
    ان ڏينهن فلم سٽي ۾ ڄڻ بلڪل سناٽو لڳو پيو هئو. ڪٿي به ڪا شوٽنگ ٿيندي ڪجهه نظر ئي ڪو نه پيو اچي. هڪ هنڌ پهاڙيءَ تي وياسين ته فلم ”اشوڪا“ جو لڳايل سيٽ نظر آيو؛ جتي شاه رخ جو هڪ اسسٽنٽ تيز گهوڙو ڊڪائي رهيو هئو ۽ ان ئي رفتار سان جيپ ۾ پيرلل هلندي ڪيمره مين ان کي پڪچرائيز ڪري رهيو هئو. پوءِ اوچتو ڏٺوسين ته ” موٽر هوم “ ٻاهران شاه رخ پاڻ بيٺو هئو. مون وڃي کيس پنهنجي پروفيسر هئڻ بابت ٻڌايو ۽ ڊاڪٽر فهميده لاءِ ٻڌايو ته هن فٽافٽ انهن کي گهرائڻ لاءِ چيو. ائين اسين هن سان گڏ هڪ گروپ فوٽو ڪڍايو؛ پر مجموعي طور هو بيهد تهذيب سان پيش اچي رهيو هئو.
    مهاراشٽرا اسٽيٽ سنڌي ساهتيه اڪاڊميءَ جو پايو 1983ع ۾ هتان جي ان مهل واري صوبائي ڪانگريس گورنمينٽ طرفان ان مقصد سان وڌو ويو هئو ته جيئن پوري صوبي اندر سنڌي ٻولي، ادب ۽ ثقافت پروان چڙهي سگهي. تڏهن ان جو پهريون چيئرمين موتي درياناڻي انائونس ڪيو ويو هئو؛ جنهن سان گڏ ڪجهه ٻيا اديب پڻ اُتي ميمبران ڪري کنيا ويا هئا.پر ان مهل جي سنڌي اديبن کي اهو منظور ڪونه هئو ته ڪيرُ به سنڌي ادب سان ناوابسته شخص ان اڪاڊميءَ جو چيئرمين ٿئي! جڏهن ته مهاراشٽرا ۾ ئي پوري هندوستان جا وڌ ۾ وڌ سنڌي رهندڙ آهن ۽ سنڌين جو هيڊ ڪوارٽر الهاس نگر به هتي ئي بمبئيءَ جي پسگردائيءَ ۾ آهي، جتي ڪڏهن ته سئو سيڪڙو عوام سنڌي ئي رهندڙ هئو. ان جي باوجود به راجسٿان، مڌيه پرديش ۽ گجرات سنڌي اڪاڊميون اول ٺاهيون ويون؛ انهن گهڻي ئي سال پنهنجو ڪم ڪار ڪيو؛ پر هتان جا سنڌي اديب هيل تائين سرڪار کان پنهنجي سنڌي اڪاڊمي به ڪونه وٺي سگهيا هئا وري اڃا 1983ع ۾ اسٿاپنائي مس ٿي ته هنن همراهن ان جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو. اهڙي صورت ۾ هتي اڪاڊمي قائم ئي ڪو نه ٿي سگهي ۽ سرڪار صرف انهن سنڌي اديبن جو تماشو ئي ڏسندي رهي!
    آخر ٽي- چار مهينا پوءِ رام پنجواڻيءَ جي ڪوشش ڪامياب ويئي ۽ موتيرام درياناڻيءَ جي جاءِ تي هن پاڻ کي ان جو ايگزيڪيوٽو چيئرمين مقرر ڪرائي ورتو؛ جڏهن ته ان جي سيڪريٽريشپ جي جوابداري گنوسامتاڻيءَ کي ڏني ويئي هئي، جيڪو ”مهاراشٽرا سرڪار جي ئي ڪنهن شعبي ۾ انڊر سيڪريٽري طور ڪم ڪندڙ هئو. منهنجي اُتي ميمبر طور پهرين اپوائنٽمينٽ 1993ع ۾ ٿي هئي؛ جڏهن اُتي گوبند مالهي ايگزيڪيوٽو چيئرمين ۽ گنوسامناڻي سيڪريٽري اپوائنٽ ٿيل هئو. پر 1983ع کان وٺي هيل تائين اها اڪاڊمي اسٽيٽ ليول تي ڪوبه وڏو ڪم سرانجام ڪونه ڏيئي سگهي هئي؛ سواءِ ان جي ته هر سال هڪ سنڌي مخزن ”ساهتڪار“ نالي ڪڍيو ويندوهئو؛ جنهن لاءِ ليکڪن توڙي ايڊيٽوريل بورڊکي چڱو لوازمو ڏنو ويندو هئو. اهو ساهتڪار مخزن ۽ هر سال بمبئيءَ ۾ ٿيندڙ هڪ ساليانه ڪلچرل پروگرام ڪيو ويندو هئو؛ جنهن ۾ پوري مهاراشٽرا اندر ڏهون، ٻارهون، بي.اي. ۽ ايم.اي. ۾ آيل اول نمبر شاگرد کي صرف چند سئو رپيا ئي مس انعام ڏنو ويندو هو.
    1993ع ۾ جڏهن مونکي اُتي ميمبر ڪري کنيو ويو هو ته تڏهن اُتي ”ساهتڪار“ مخزن واري ڪاميٽيءَ جي ايڊيٽر کي پيمينٽ ملندي هئي. اتي هنن ڊاڪٽر نارايڻ ڀارتي ئي رکيو؛ باقي شاگردن واري ڪاميٽيءَ جوڪنوينر مون کي ڪيو ويو؛ جتي پاڻ مون کي مهاراشٽرا جي ٽنهي بورڊس بمبئي، پونا ۽ اورنگ آباد کان ڏهون ۽ ٻارهون هاير ليول ۽ لوئر ليول ۾ اول نمبر آيل شاگردن جا تفصيل ممبئي يونيورسٽيءَ مان بي.اي. ۽ ايم.اي. جا تفصيل گهرائڻا هئا. اهي سڀ تفصيلات پاڻ ۾ ترتيب ڏيئي فائينل نتيجو ٺاهيان؛ وابسته شاگرد کي ساليانه اوارڊ فنڪشن ۾ اچڻ لاءِ خط و ڪتابت ڪريان ۽ اهو سڀ ڪجهه منهنجي طرفان آنرري ڪم ۾ شامل هو.
    خير! منهنجي لاءِ ايتري تي تسڪين ڪرڻ ضروري هئو؛ جو جتي مالهي، ڪيرت، گنو، ڪرشن راهي، هري موٽواڻي، شيام جئسنگهاڻي؛ ڊاڪٽر ارجن شاد، واسديو نرمل ۽ ڊاڪٽر ديال آشا جهڙا ميمبران هجن؛ پوءِ به اها جوابداري منهنجي مٿان رکي وڃي ته اهڙي صورت ۾ آءٌ خوش ئي هوندو هوس.
    مهاراشٽرا ۾ 9- مارچ 1995ع تي صوبائي جنرل اليڪشن ٿيون ته ان ۾ پهريون دفعو ڀارتيه جنتا پارٽي (B.J.P.) ۽ شوسينا جي گڏيل گورنمينٽ ٺاهي ويئي. جيتوڻيڪ ان اليڪشن ۾ اڪيلي وڏي ۾ وڏي پارٽي ’انڊين نيشنل ڪانگريس‘ ئي آئي هئي، جنهن کي 80 سيٽون مليون هيون، ٻيون نمبر شِوسينا 73- سيٽون کٽي آئي هئي ۽ ڀارتيه جنتا پارتيءَ کي 65 سيٽون حاصل ٿيون هيون. جڏهن ته کٽيل ووٽن جو سيڪڙو وري شِوسينا ۽ بي.جي.پي. کي گڏيندي 16.39% ۽ 12.80% يعني جملي 29.19 سيڪڙو به مس پئي بيٺو ته ڪانگريس کي اڪيلي سر ئي 31 سيڪڙو ووٽ مليا هئا، پر سيٽن جي حساب سان ڪانگريس، گورنمينٽ ٺاهڻ جي قابل ڪونه هئي. پوءِ ته شِوسينا ۽ بي.جي.پي.ءَ گڏجي 1995ع ۾ نئين سرڪار ٺاهي، جنهن ۾ شِو سينا جو وڏو وزير منوهر جوشي ڪري کنيو ويو ته بي.جي.پي طرفان وري گوپيناٿ منڊي کي ڊپٽي چيف منسٽر ڪري چيو ويو پر پاور گهڻو تڻو شِوسينا جي هٿ ۾ ئي هوندو هئو.
    نئين سرڪار ايندي ئي ڪانگريس طرفان ٺاهيل پراڻيون ٻوليائي اڪاڊميون ڊاهي ڇڏيون، جنهن بعد هنن هندي، اردو ۽ گجراتي اڪاڊميون ته ٻيهر جوڙيون باهمي سنڌين جي پر اتحاد نه هئڻ سبب هنن سنڌي اڪاڊميءَ کي سڄا سارا 4 سال جوڙيو ئي ڪو نه! پوءِ جڏهن ايندڙ اليڪشن ۾هڪ سال پيو هئو تڏهن هنن کي 1999ع ۾ سنڌي اڪاڊمي به ياد آئي ته ان تورڙي لالي پاپ تي سنڌين جون به ڪجهه سيٽس انهن سياسي پارٽين کي ملي سگهنديون.
    1999ع ۾ شِوسينا ۽ بي.جي.پي. جي گڏيل سرڪار طرفان سنڌي ساهتيه اڪاڊمي ٺاهي ته ويئي، پر پهرين ان ۾ سڀ صرف ميران ڪري کنيا ويا ۽ سڪريٽري ۽ ايگزيڪيوٽو چيئرمين جي جوابداري ڪنهن تي به ڪونه رکي ويئي هئي. منهنجن ڪنهن به سياسي پارٽيءَ سان تعلق نه هئڻ باوجود اتفاق سان مونکي به اتي ميمبر ڪري کنيو ويو هئو. تڏهن ڪلچرل منسٽر آف اسٽيٽ، انيل ديشمک جي صدارت هيٺ پهرين جنرل باڊي ميٽنگ ٿي؛ جنهن ۾ واسديو نرمل اهو سوشو ڇڏيو ته گوبند مالهيءَ کي ايگزيڪيوٽو چيئرمين ۽ ٺاڪر چاولا کي سيڪريٽري ڪيو وڃي. هنن ائين پئي سمجهيو ته عام طور ماڻهن ۾ ڳالهائڻ جي همت ئي ڪونه هوندي آهي ۽ ڪير مخالفت جو سوچيندي به ڏٺو ٿيڻ نه چاهيندو! اهڙي صورت ۾ اڃا واسديو نرمل اهو زباني پروپوزل مس رکيو ته منسٽر صاحب ٻين ميمبران جي چپ کي ڏسندي اها منظوري ڏيڻ پئي چاهي ته پريم تولاڻيءَ رڙ ڪيئي ته ”اهي فيصلا پهرين پهرين ميٽنگ ۾ ڪو نه ورتا وڃن!“
    پريم تولاڻي جيئن ته الهاس نگر مان ڀارتيه جنتا پارٽيءَ سان وابسته هئو ته انيل ديشمک هن کي شخصي طور به سڃاڻندو هو، ان تي منسٽر صاحب به اهي فيصلا ايندڙ ميٽنگ تائين مهمل ڪري ڇڏيا. پر هنن کي جو ايندڙ اليڪشن جي چنتا هئي؛ سو منسٽر صاحب هڪ وڏو فنڪشن پئي ڪرڻ چاهيو، جنهن ۾ سنڌي عوام کي ٻڌائڻو هئو ته سرڪار کي سنڌين جو به فڪر آهي. ان لاءِ ان ميٽنگ ۾ صرف فنڪشن جو بار ٺاڪر چاولا ۽ نانڪ روپاڻيءَ تي رکيو ويو.
    پوءِ مهيني کن اندر جيئن ئي پاٽڪر هال ۾ مهاراشٽر سنڌي ساهتيه اڪاڊميءَ جو اهو فنڪشن ٿيو ته اُتي ڪلچرل منسٽر پرمود نولڪر پاڻ آيو هو. هن اُتي پنهنجي تقرير ۾ ٺاڪر چاولا جي سيڪريٽري طور نامزدگي انائونس ڪري ڇڏي. پوءِ ته ڪيترائي ئي ميمبران خفي ٿي ويا.
    پريم تولاڻي ته يڪدم دهليءَ مان ڀارتيه جنتا پارٽيءَ وارن کان شِوسينا جي منسٽر پرمود بولڪر کي چوارائي ڇڏيو اڃا ٺاڪر چاولا لاءِ GR ئي ڪونه نڪتو هئو ته نالو بدلارائي ان جي جاءِ تي پاڻ کي آڻائي ڇڏيو.GR آيو ته ان ۾ سيڪريٽري طور نالو پريم تولاڻي ۽ ايگزيڪيوٽو چيئرمين گوبند مالهي کي ئي ڪيو ويو هئو.
    بس ابا! پوءِ ته ٺاڪر چاولا ڀڙڪي ويو. هن هڪ چٺو ڇاپرائي سڀني ميمبران ڏانهن پوسٽ ذريعي موڪليو؛ جنهن ۾ هن سيڪريٽري بدلجڻ تي پنهنجي زبردست برهمگي ڏيکاريندي پريم تولاڻيءَ تي ڇوه ڇڏنڊيا هئا. پوءِ ته پريم تولاڻي به صحافي هوندي واپس ان چٺي جو جواب ٺاهي ڪري ساڳيو پوسٽ ذريعي ئي سڀني ميمبران ڏانهن ڏياري موڪليو. ائين ٺاڪر چاولا ۽ پريم تولاڻيءَ جي هڪ ٻئي لاءِ کليل خط و ڪتابت اڪاڊميءَ جي شروعات ۾ ئي کٽ پٽ ڪري ڇڏي!
    پريم تولاڻيءَ سان منهنجي اها پهرين ملاقات هئي؛ جو هو مون سان مليو ئي ان منسٽر انيل ديشمک واري جنرل باڊي ميٽنگ ۾ پهريون دفعو هئو؛ پر هن کي جو لڳو ته هيءُ ڇوڪرو ڪم جو آهي، ته اها ان جي پنهنجي ڀل مانسائي هئي جو منهنجي سياسي تعلق نه هئڻ باوجود به هن ڇڪي ڪري مونکي پنهنجي ايترو ويجهو آڻي ڇڏيو، جو ماڻهن مونکي هن جو رائيٽ هينڊ پئي سمجهيو. ايتري قدر جو ڪهڙي به منسٽر يا ڪنهن سيڪريٽري وغيره سان هن کي اڪيلي سر ميٽنگ ڪرڻي هوندي هئي به هو مونکي پاڻ سان گڏ وٺي هلندو هئو.
    پهريون دفعو مهاراشٽرا سنڌي ساهتيه اڪاڊميءَ کي اسٽيٽ ليول تي آڻڻ لاءِ سچ پچ پريم تولاڻي ئي ممبئيءَ کان ٻاهر نڪري ناسڪ ۾ ”عورتن جو هڪ سميلن“ رکيو؛ جتي پونا مان ريٽا شهاڻي، ايشوري جوتواڻي، ڪويتا ٽهلياڻي، ناگپور مان پرنسپال خوشحالاڻي؛ ائين هر هڪ الڳ الڳ شهر مان سنڌي عورتن کي گهرائي هڪ بهترين سميلن منعقد ٿيو.
    جتي الهاس نگر مان منهنجي ئي هڪ شاگردياڻي انيتا ڏوڏيجا پڻ شرڪت ڪيئي هئي. ان سميلن جي تياريءَ ۾ پريم تولاڻيءَ مونکي مڪمل طور پاڻ سان گڏ رکيو. اسين به پنهنجي جوابداريءَ سان جنبيل رهياسين اهو پورو سميلن اهڙي ته شاندار نموني آيوجن ٿيو؛ جو پوري ناسڪ ۾ سنڌي اڪاڊمي توڙي پريم تولاڻيءَ جو ڏاڍو وڏو نالو ٿي ويو.

    عوامي آواز سنڊي ميگزين 25 سيپٽمبر 2016

     
  18. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,886
    ورتل پسنديدگيون:
    27,213
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    قسط 77
    مونکي مهاراشٽرا سنڌي اڪاڊمي ۾ سيڪريٽري نامزد ڪيو ويو!
    ٻلديو مٽلاڻي


    اها منهنجي اٻوجهائپ هئي. معصوميت هئي يا وفاداري هئي؛ جو 1999ع ۾ آءٌ مهاراشٽرا سنڌي ساهتيه اڪاڊمي دوران پريم تولاڻيءَ جو دلداه ٿيندو ويس ته ٺاڪر چاولا شايد وڌ ۾ وڌ مون سان ئي برهم هئو؛ جو ڪهڙي به وڏي اديب يا ڪنهن به تنظيم هيل تائين مونکي ايتري عزت ئي ڪونه ڏني هئي. پوءِ پريم تولاڻيءَ سنڌي ساهتيه اڪاڊمي“ جو ساليانه اتسو ناگپور ۾ رکيو؛ جو مهاراشٽرا کي راڄڌاڻي طور ٻه شهر مليل آهن، هڪ دائمي دارالخلافه ممبئي ۽ ٻيو ناگپور، جتي پڻ مهاراشٽرا اسيمبليءَ جو چوماسي وارو پهريون سيشن اُتي رکيو ويندو آهي.

    پريم تولاڻيءَ نه صرف مون کي پر اڪاڊميءَ جي هڪ هڪ ميمبر کي واجبي عزت پئي ڏني. جڏهن ناگپور ۾ اهو جلسو پئي ٿيو، ته هن سمورن ميمبران کي ريلوي لاءِ سيڪنڊ ڪلاس ايئرڪنڊيشنڊ جون روزرويشن ٽڪيٽون ٺهرائي پئي موڪليون تڏهن، آءٌ پاڻ ڪوشش ڪري ڀاءُ پريم تولاڻيءَ کي شخص طور رام لالچنداڻيءَ ۽ ان جي شريڪ حيات شوڀالالچنداڻيءَ ڏانهن وٺي ويس؛ جو رام لالچنداڻي ٺاڪر چاولا جو نياڻو هئو. مون ان بهاني پريم تولاڻي ۽ ٺاڪر چاولا کي هڪٻئي جي قريب پئي آڻڻ چاهيو. رام لالچنداڻي منهنجي ان ڪوشش کان بيحد خوش ٿيو ۽ اتي جو اُتي ئي پريم تولاڻي ۽ ٺاڪر چاولا جي فون تي ڳالهه ٻولهه ڪرائي ورتي ۽ ائين پريم هن کي مڃارائي ورتو ته هو ناگپور واري اڪاڊميءَ جي اوارڊ اُتسو ۾ شرڪت ڪندو؛ جنهن بعد هن اهڙيون ريلوي ٽيڪيٽون پڻ ڏانهن ڏياري موڪليون.

    پريم تولاڻي ۽ آءٌ هڪ ڏينهن اڳواٽ ناگپور ويا هئاسين. پريم تولاڻيءَ جي آرگنائيزيشن ۽ سندس لياقت ايترو ته مضبوط هئي؛ جو هن اُتي ايم.ايل.اي. هاسٽل ۽ منسٽرس لاءِ ٺاهيل بنگلا بوڪ ڪرايا؛ جتي اڪاڊميءَ جي ميمبران لاءِ رهڻ جو بندوبست ڪيل هئو ۽ سڀاويڪ کاڌو وغيره به اُتي بهترين پئي فراهم ڪيو ويو. ان اوارڊ اُتسو کان اڳ اُتي ڪلچرل منسٽر انيل ديشمک جي حاضريءَ ۾ هڪ پريس ڪانفرنس ڪيئي ويئي ۽ ائين چئجي ته سنڌي ساهتيه اڪاڊميءَ جي ڌوم لڳي پيئي هئي. شام جو هڪ ايئرڪنڊيشنڊ آڊيٽوريم جو بهترين نموني اوارڊ اُتسو ملهايو ويو؛ جتي ناگپور جي ڀر واري سنڌي ايراضي جي پٽڪا جا ڪيترائي سنڌي ڀائر ۽ ڀينر آيل هئا. اُتسو جي خاص مهمانن ۾ نه صرف انيل ديشمک هئو، پر انڊين فلم انڊسٽريءَ جو مشهور ميوزڪ ڊائريڪٽر خيام به آيو هئو؛ جنهن ٻين ڪيترن فلمن سان گڏ ڪڏهن فلم ”ڪڀي ڪڀي“ ۽ ”امراؤ جان“ جي به ميوزڪ ڏني هئي. اُتي خيام پڻ سنڌي، اردو ۽ هندي ٻوليءَ جي باهمي ناتن بابت ڏاڍن سهڻن جذبن جو اظهار ڪيو هئو. بهرحال پريم تولاڻيءَ جي ايترين سارين ڪوششن سان جتي ٻيا سڀ ميمبران ممبئي توڙي دوردراز شهرن مان آيا ۽ بيحد لطف اندوز به ٿيا؛ اُتي ٺاڪر چاولا جنهن لاءِ پريم تولاڻي پاڻ سيڙجي ان جي نياڻي جي گهر هلي ريلوي ٽڪيٽون ڏيئي آيو هئو؛ اهو پوءِ به نه آيو ۽ نه ئي هن وٽان اهڙي ڪا کيس فون ئي پهتي!

    مهاراشٽرا ۾ 5- سيپٽمبر ۽ 11- سيپٽمبر 1999ع تي الڳ الڳ شهرن ۾ انهن ٻنهي تاريخن تي صوبائي اليڪشن ڪرايون ويون ۽ انهن جو نتيجو تقرين هڪ مهيني کانپوءِ 7- آڪٽوبر 1999ع تي ظاهر ڪيو ويو. اليڪشن دوران هتي ٽي اهم پارٽيون هيون هڪ بي.جي.پي ۽ شوسينا جو اتحاد، جي گڏجي چونڊون وڙهيا هئا؛ ٻين ڪانگريس ۽ ٽين ”نيشنلسٽ ڪانگريس پارٽي“ جيڪا اڃا تازوئي شرد پوار جي اڳواڻيءَ ۾ ”انڊين نيشنل ڪانگريس“ مان نڪري ڪري ٺاهي ويئي هئي. اُهي ٽيئي هڪٻئي جي دوبدو اليڪشن وڙهيا هئا ۽ آيل نتيجن موجب 288 سيٽن مان ڪانگريس 75، شوسينا 69 ۽ بي.جي.پي. 56 ته اين بي پي کي پڻ 58- سيٽون مليون هيون. اهڙي صورت ۾ بي.جي.پي ۽ شوسينا جيڪي هڪٻئي سان نه وڙهندي ۽ اتحاد برقرار رکندي ئي اليڪشن وڙهيا هئا. هي هينئر گڏجي 288 مان به صرف 125 سيٽون ئي کڻي سگهيا هئا، جڏهن ته ڪانگريس جا ٻه ڌڙا اليڪشن ۾ هڪٻئي تي ڇنڊا اڇلائيندي به 75 ۽ 58 جملي 133 سيٽون کڻي چڪا هئا. پوءِ ته شردپوار کي پڻ ڪانگريس سان گڏ ٿيڻ صحيح لڳو ۽ انهن ٻنهجي گڏجي هتي مهاراشٽرا ۾ صوبائي سرڪار ٺاهي؛ چيف منسٽر(ڪانگريس) ولاس راءُ ديشمک ۽ ڊپٽي منسٽر ڇگن پجبل (اين.سي.پي.)!

    مهاراشٽرا ۾ڪانگريس سرڪار به ٻوليائي اڪاڊمين جي ٻيهر جوڙجڪ ڪرڻ ۾ هڪ سال لڳائي ڇڏيو ۽ هتان جي سرڪار طرفان 20- نومبر 2000ع تي هڪ G.R. ڪڍيو ويو جنهن موجب انهن هندي، اردو، گجراتي ۽ سنڌي نند ڪشور نوٽيال(هندي)، ساجد رشيد (اردو)، همراج شاھ(گجراتي) ۽ ٻلديو مٽلاڻي(سنڌي) اڪاڊمين لاءِ ميمبر - سيڪريٽري اپوائنٽ ڪندي اهي نالا انائوس ڪيا ويا. تڏهن هتان جي هندي۽ اردو اخبارن ۾ ئي اهي نالا آيا هئا، جڏهن ته انگلشن اخبارن ۾ صرف انهن اڪاڊمين جي وري ٺهڻ جي خبر ئي ڏني ويئي هئي.

    تڏهن مون کي اها نيڪ خبر اسان جي سئوٽ چنديرام مٽلاڻيءَ ڏني هئي؛ اُهو مون وٽ هڪ هندي اخبار کڻي آيو، جنهن ۾ اهي سمورا نالا ڏنل هئا. پوءِ ڪجهه ئي ڏينهن ۾ مهاراشٽر سرڪار کان ڪڍيل اهڙو G.R. به گهر پهچي ويو؛ جنهن موجب هنن مونکي ميمبر -سيڪريٽري ڪيو هئو؛ جڏهن ته هتان جا ڪيترائي وڏا ماڻهو اشوڪ هندوجا (اشوڪ لي لينڊ جو مالڪ) نانڪ روپاڻي ۽ تعليم جي ميدان مان ڊاڪٽر ارجن ”شاد“ پڻ صرف ميمبر ڪري کنيا ويا هئا.

    مون فائونٽين، چرچگيٽ تي واقع مهاراشٽرا اسٽيٽ سنڌي ساهتيه اڪاڊميءَ جي آفيس ۾ وڃڻ شروع ڪيو؛ جتي هڪ روم ۾ پريم تولاڻيءَ ميمبر سيڪريٽريءَ لاءِ ٽيبل ڪرسي لڳارائي هئي؛ باقي گذريل دور ۾ گوبند مالهي ته ايگزيڪيوٽو چيئرمن ناتي ڪڏهن اوڏانهن ويو ئي ڪونه هئو ته سنڌي اڪاڊمي، جي چيئرمين جي اُتي اڃا تائين ٽيبل به ڪونه لڳائي ويئي هئي. هن ڀيري ته سڀني اڪاڊمين کي صرف ميمبر -سيڪريٽري ئي مليا هئا.

    سڀاويڪ طور سڀني کي هڪ جهڙي عزت پئي ڏني ويئي. آءُ ڪلچرل منسٽر رامڪرشن موري سان رسمي طور سندس گهر وڃي ملي آيس. هو بلڪل سٺو ماڻهو پئي لڳو. مون هن جي ئي صلاح سان 3-جنوري تي منجهند جو 3.00 وڳي سنڌي اڪاڊمي جي جنرل باڊيءَ جي ميٽنگ گهرائي، جنهن لاءِ هن صدارت ڪرڻ جي پڻ قبوليت ڏيڻ فرمائي.

    ان ڏينهن جيڪا ميٽنگ ٿي، ان لاءِ آءٌ اڳواٽ ئي سيڪريٽريٽ پهچي ويس؛ جو اها ميٽنگ اتي ڪلچرل منسٽريءَ جي آفيس واري ڪانفرنس هال ۾ ئي رکيل هئي. ڪلچرل منسٽر رام ڪرشن موري جي غير حاضريءَ ۾ منسٽر آف اسٽيٽ اين.پي.هيراڻي ان ميٽنگ جي صدارت ڪرڻ لاءِآيل هئو. ان ميٽنگ ۾ ونود آڏواڻي، اشوڪ هندوجا ۽ لڇمڻ داس بجاج کانسواءِ باقي تقريبن سڀ ميمبران آيل هئا.

    مون ميٽنگ شروع ٿيڻ سان رسمي طور ميمبر، سيڪريٽري هئڻ ناتي ان ميٽنگ جي صدر ۽ مهاراشٽرا اسٽيٽ سنڌي ساهتيه اڪاڊمي جي وائيس چيئرمن ۽ ڪلچرل منسٽر آف اسٽيٽ، اين.پي.هيراڻيءَ جو استقبال ڪيو ۽ مهاراشٽرا سرڪار جي ان فيصلي جو خير مقدم ڪيو ته انهن ٻين اڪاڊمين سان گڏ هتان جي سنڌي اڪاڊميءَ کي به ٻيهر برپا ڪرڻ فرمايو ۽ مونکي موقعو ڏنو ته آءٌ ان لاءِ ميمبر. سيڪريٽري طور پنهنجون خدمتون ڏيئي سگهان. ان سان گڏوگڏ مون تمام ميمبران جو پڻ سواگت ڪيو جيڪي ان ميٽنگ لاءِآيل هئا. بعد ۾ مون سڀني کي پنهنجو تعارف پاڻ ڏيڻ لاءِ دعوت ڏني ته سڀ کان اڳ انجمن جي صدر، جناب اين.پي. هيراڻي صاحب کلي ڪري پنهنجو تعارف ڏنو ۽ حاضرين کي پنهنجي واقفيت ڏني، جنهن کانپوءِ هر هڪ ميمبر پڻ پنهنجو شخصي تعارف ڏنو.

    ميٽنگ جي ايجنڊا تي پهچڻ کان اڳ مون سنڌي اڪاڊميءَ جي تاريخ تي مختصر روشني وڌي ته اها ڪيئن 1983ع ۾برپا ڪيئي ويئي ۽هاڻ جڏهن دهلي سنڌي اڪاڊميءَ کي 65 لک رپيا ۽ راجستان سنڌي اڪاڊمي کي 25 لک رپيا ساليانه بجيٽ ملندڙ آهي ته مهاراشٽرا، جتي پوري هندوستان جا وڌ ۾ وڌ سنڌي رهندڙ آهن اُتي پڻ اسان کي ڪجهه ته اهڙو عزدار بجيٽ ملڻ کپي؛ جو هيءَ اڪاڊمي ممبئي کان ٻاهر نڪري به سنڌين تائين پهچي ۽ انهن کي ٻڌائي سگهي ته اسانجي سرڪار کي انهن جي وجود، جاتي، ٻولي ۽ سڃاڻپ جو ڪيترو احساس آهي.

    گذريل اڪاڊميءَ پنهنجي مليل بجيٽ کان ڪجهه وڌيڪ خرچ ڪيو هئو ته اسين پهرئين ايٽم طور ان وڌيڪ ڪيل خرچ کي سڀني جي سهمتيءَ سان منظور ڪري ڇڏيوسين ته جيئن باقي بچيل رقم کي اسين وڌ ۾ وڌ صحيح نموني ٻولي، ادب، ۽ ثقافت جي اوسر ۾ استعمال ڪري سگهون. اڪاڊميءَ کي ٺاهڻ ۾ جيئن ته هڪ سال جو وقفو لڳي ويو هئو ته مون ٻن سالن 1999ع ۽ 2000ع لاءِ ميٽرڪ،انٽر، بي.اي.، ايم.اي. ۽ ايم.فل ڪيل شاگردن کي انعام ڏيڻ لاءِ سڀني کي پنج پنج هزار روپيه ڏيڻ جي رٿ پيش ڪيئي؛ جيڪا هڪدم منظور ڪيئي ويئي. ان کانسواءِ اسين مهاراشٽر سرڪار طرفان ان سان لاءِ بهترين سنڌي ڪتاب ۽ لائيف ٽائيم اچيومينٽ اوارڊ، ادب ۽ پرفارمنگ آرٽ، هڪ هڪ کي ڏھ ڏھ هزار روپيا ڏيڻ جي رٿ رکي؛ جيڪا پڻ اتي جو اتي ئي منظور ڪيئي ويئي. ان کانسواءِ ڪجهه ٿوري رهيل رقم ساليانه فنڪشن ۽ ميمينٽو وغيره جي تياريءَ لاءِ رکي ويئي.

    منسٽر اين.پي.هيراڻي صاحب اسان کي وشواس ڏياريو ته هو پاڻ ڪوشش ڪندو ته اسانجي ساليانه اوارڊ اتسو ۾ رامڪرشن موري سان گڏ چيف مسنٽر ولاس راؤ ديشمک به وٺي اچي. مون شاگردن جي انعامن لاءِ ڪاميٽيءَ تي پرنسپال ڀاون واڌواڻيءَ کي رکايو، لٽرري ڪاميٽي تي ڊاڪٽر ارجن شاد، پرفارمنگ آرٽ لاءِ ٺاڪر چاولا ته ڪلچرل ڪاميٽي لاءِ نانڪ روپاڻيءَ کي ڪنوينر طور ڪم ڪرڻ جي رٿ ڏني؛ جيڪا انهن پاڻ به قبول ڪيئي ته جنرل باڊيءَ طرفان پڻ منظور ڪيئي ويئي.

    اڃا ميٽنگ پوري ڪري هيٺ لٿاسين ته ڊاڪٽر ارجن ”شاد“ مون کي چيو ته لٽريچر جو ”لائيف ٽائيم اچيومينٽ اوارڊ“ هن کي ئي ڏنو وڃي. آءٌ صرف ايترو سمجهايو مانس، ته اوهان، ته پاڻ ان فيصلو ڪندڙ ڪاميٽيءَ جا ڪنوينر آهيو. اهڙي صورت ۾ پاڻ کي پاڻ ڪيئن اوارڊ ڏيڻ جو فيصلو ڪندا ۽ جيسين اسين پاڻ هتي ميمبر آهيون ته پنهنجا اوارڊ پاڻ ڪيئن ٿا کڻي سگهون!

    ان تي هن چيو ته ”پوءِ مان ميمبر شپ تان ئي رزائين ڪرڻ لاءِ تيار آهيان!“ مون وري به کيس اهو چتاءُ ڏيندي چيو ته پوءِ وري اسان جي جاءِ تي ڪير به ٻيو شخص ڪنوينر طور آندو ويندو ۽ ضروري ناهي ته اهي سڀ گڏجي اوهان جي حق ۾ فيصلو ڏين! بهرحال ڊاڪٽر ”شاد“ ان ڳالهه تي ڏاڍو بضد لڳو پيو هئو ته لٽريچر جو اهڙو اوارڊ ان کي ئي ملڻ کپي!

    پوءِ سچ پچ ڪجهه ئي ڏينهن ۾ ڊاڪٽر ارجن ”شاد“ پنهنجي استعفيٰ ڏياري موڪلي. مختلف ڪاميٽين جي فيصلن ۾ آءٌ جيئن ته ميمبر-سيڪريٽري هوس ته مون پاڻ به ڊاڪٽر شاد لاءِ ئي ووٽ ڪيو هئو ۽ آخر ان سال وارو ”لائيف ٽائيم اچيومينٽ اِن لٽريچر اوارڊ“ ڊاڪٽر ارجن شاد کي ئي ڏنو ويو هئو. اهو فنڪشن بعد ۾ 5- جولاءِ 2001ع تي پاٽڪر هال، چرچگيٽ ۾ ڪيو ويو؛ جنهن لاءِ مهاراشٽرا جي ڪلچرل منسٽر پروفيسر رام ڪرشن موري پڪ ڏني هئي. مون موري صاحب سان گڏ مهاراشٽرا سنڌي ساهتيه اڪاڊميءَ جي وائيس چيئرپرسن ڊاڪٽر (شريمتي) ومل تائي مندڙا کي به اچڻ لاءِ مڃائي ورتو هئو جيڪا مهاراشٽرا سرڪار ۾ ڪلچرل افيئرس لاءِ منسٽر آف اسٽيٽ طور پڻ ڪم ڪري رهي هئي.

    مهاراشٽرا راجيه سنڌي ساهتيه اڪاڊميءَ لاءِ منهنجي سيڪريٽري شپ دوران جيئن ته اهو پهريون فنڪشن ٿي رهيو هئو؛ ان لاءِ مون بمبئي ۽ پسگردائيءَ واري ايراضيءَ ۾ جيڪي به شخص سنڌين لاءِ پاڻ پتوڙي رهيا هئا؛ پوءِ ڀل اهي ڪهڙي به سياسي پارٽي توڙي ڪهڙي به گروپ سان وابسته ڇو نه هئا؛ مون اهڙي ڪنهن اداري سان واسطو نه رکندي به هتان جي چونڊ سنڌي شخصن کي فڪشن واري ڏينهن هڪ ئي منچ تي گڏ ڪيو هئو؛ جن ۾ وويڪانند ايڊوڪيشن سوسائٽي جو پريزيڊنٽ جهمٽ مل واڌواڻي، حيدرآباد (سنڌ) نيشنل ڪاليجيئيٽ بورڊ جو سيڪريٽري پروفيسر جي.ڪي.ڀمڀاڻي، جئه هند ڪاليج، بمبئي جو ڊئريڪٽر ۽ مئنيجمينٽ جو سيڪريٽري پروفيسر نانڪ شوداساڻي، ”فرينڊس آف انٽرنيشنل سنڌيز جو نرسنگ گولاڻي، سنڌو سينا“ طرفان سنڌيت لاءِ زبردست ڪم ڪندڙ ڀاءُ ديويداس رتنپال، سنڌي صحافت جي ميدان ۾ بزرگ شخصيت منگهارام سپاهيملاڻي فلم انڊسٽريءَ جي مشهور ۽ معروف شخصيت پهلاج نهالاڻي، سهيوگ فائونڊيشن لاءِ ڀاءُ رام جوهراڻي ۽ چندر منگهناڻي ۽ الهاس نگر مان هرداس ماکيجا، انهن تمام شخصيتن کي پاٽڪر هال جي منچ تي منسٽر آف اسٽيٽ ڊاڪٽر ومل تائي مندڙا سان گڏ جوت جلائي ان فنڪشن جو آغاز ڪيو ويو.

    فنڪشن ۾ پروفيسر رامڪرشن موري صاحب ڪنهن سببان ڪونه اچي سگهيو هئو؛ پر شڪر آهي جو مون منسٽر آف اسٽيٽ کي اڳواٽ ئي مڃائي ڇڏيو هئو. ميڊم آئي ته پروگرام ۾ رنگ اچي ويئي.اسين ان ”ساليانه اتسو“ ۾ شاگردن کي مختلف ڪلاسن ۾ اول نمبر اچڻ لاءِ 1999ع ۽ 2000ع ٻنهي سالن جا اوارڊ ڏنا هئاسين؛ جو هڪ سال وچ ۾ اڪاڊميءَ جو وجود ئي ڪونه هئو. ايم.فل.(سنڌي) لاءِ اوارڊ انيتا ڏوڏيجا کي ته پي.ايڇ.ڊي(سنڌي) لاءِ نيلم موٽواڻي (وندنا رامواڻي) کي ڏنو ويو. خوش قسمتيءَ سان انهن ٻنهي شاگردن منهنجي راهنمائي ۾ ئي پنهنجي تحقيق کي ڪاميابيءَ سان منزلن تائين پهچايو هئو.

    ميڊم ومل تائي مندڙا اسان تمام سنڌين توڙي منهنجي لاءِ پڻ ڏاڍو سٺو ڳالهايو هئو، جنهن سان پڪ ئي پڪ اسان جي فنڪشن جي عزت افزائي ٿي هئي. پهلاج ۽ نيتا نهالاني منهنجي هڪ فون تي آيا هئا. انهن جو ايترو سارو پيار مونکي هميشه هميشه ياد رهندو! فنڪشن ۾ اوارڊس جي ورهاست ۽ تقريرن کانپوءِ ڀيڻ انيلا سندر جو نرتيه ناٽڪ (بئلي) ” ٿيءُ نه جدا جاني مونکان“ پيش ڪيو ويو، ان کان پڻ تمام حاضرين بيحد لطف اندوز ٿيا هئا!

    عوامي آواز سنڊي ميگزين 2 آڪٽوبر 2016
     
  19. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,886
    ورتل پسنديدگيون:
    27,213
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    قسط 78
    مينهن به چوي، اڄ نه پوان ته ڪڏهن پوان!
    ٻلديو مٽلاڻي


    اتفاق اهڙو ٿيو جو منهنجي مهاراشٽرا سنڌي ساهتيه اڪاڊميءَ ۾ اچڻ سان فنانشل سال 02-2001ع لاءِ ڪنهن مجبوريءَ سبب مهاراشٽرا سرڪار سمورين اڪاڊمين جو بجيٽ گهٽائي ڇڏيو؛ ان ۾ به سنڌيءَ جو بجيٽ ته صرف اسي هزار ساليانه ڪري ڇڏيائون. ايتري ٿوري پيسي سان ممبئي کان ٻاهر نڪرڻ ته ڇڏيو پر خود ممبئيءَ ۾ به ڇا پئي ڪري سگهياسين! مون بجيٽ وڌارائڻ لاءِ لکت ۾ ڊرافٽ ٺاهيا جن تي ورڪنگ ڪاميٽيءَ جي ميمبران کان صحيح وٺي سرڪار سان ڪوشش پئي ڪرڻ چاهي؛ پر صرف هڪ وڏي ماڻهوءَ جي اعتراض سبب ٻيا به ڪنارو ڪري ويا.

    منهنجي لاءِ سٺي ڳالهه اها هئي؛ جو منهنجي همت ڪمزور ڪونه پئي ٿي. آءٌ پنهنجي طرفان پوءِ به اهڙيون ڪوششون ڪندو ئي رهيس. اوچتو ناگپور وارو بزرگ شخص لڇمڻ داس بجاج منهنجي دفاع ۾ الله سائينءَ موڪلي ڏنو. هن مون کي ڀرپور ساٿ ڏنو. هن ناگپور جي صوبائي اسيمبلي ميمبر رميش نڪوسي ۽ اتان جي ميمبر پارليامينٽ ولاس متيمور کان مهاراشٽرا جي چيف منسٽر ڏانهن ليٽر ڪڍايا، جن ۾ بجيٽ وڌائڻ جي گهر ڪيل هئي. اهڙين ليٽرس سان گڏ هڪ ڪورنگ ليٽر خود لڇمڻ داس بجاج جو به هئو؛ جيڪو هن پاڻ ناگپور جي جهوني ڪانگريس ڪاريه ڪرتا جي حيثيت ۾ لکيو هئو. چيف منسٽر آفيس مان انهن ليٽرس جي موٽ ايندي رهي ته ان ڏس ۾ جلد ئي ڪجهه ڪيو ويندو. پر ڪم ڪو نه ٿي رهيو هئو. منهنجي حيثيت اها هئي، ته اسين اُتي بلڪل آنرري ڪم ڪري رهيا هئاسين. ايتري هڻ پٽ ڪرڻ کانپوءِ به ڪجهه نه پئي ٿيو ته نراشائي نه چئجي پر سڀاويڪ اسان جون ترجيحات بدلجيو پئي ويون.

    مسئلو صرف سنڌ اڪاڊميءَ سان ڪونه هئو. چئن ئي اڪاڊمين: هندي، اردو، گجراتي ۽ سنڌيءَ کي پنهنجا پنهنجا مسئلا هئا. مون سان ويدنا اها هئي جو جتي ٻين اڪاڊمين جا سيڪريٽري جهونا صحافي ۽ سياستدان هئا؛ اتي آءٌ هڪ ٽيچر ماڻهوءَ جي حيثيت ۾ صرف ڪجهه محدود وسيلا ئي رکندڙ هوس. پر هڪ ڳالهه منهنجي لاءِ وڏو اثاثو هئي ته نندڪشور نوٽيال، سجاد رشيد توڙي هميراج شاھ، هندي، اردو ۽ گجراتي اڪاڊمين جا سيڪريٽري منهنجي ڏاڍي عزت ڪندا هئا. هنن پنهنجي پهچ سان مکيه وزير ولاس راؤ ديشمک کان ٽائيم ورتو ۽ 1- جولاءِ 2002 تي اسين چار ئي ڄڻا وڏي وزير سان سندس منتراليه واري چيف منسٽرس آفيس ۾ گڏياسين. ديشمک صاحب بيحد خيرخواه ماڻهو پئي نظر آيو. ۽ فنانس کي ڇڏي ڪري ٻيا سمورا مسئلا اُتي جو اُتي ئي حل ڪري ڇڏيا؛ پر سنڌي اڪاڊميءَ کي ايترو وڏو فائدو ڪونه ٿي سگهيو.

    تڏهن ’اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا‘، هندوستان جي سنڌين جي وڏي ۾ وڏي ادبي ۽ ثقافتي تنظيم هئي، جيڪا هاڻ ڪيرت ٻاٻاڻي وارن کانپوءِ جئپور جي سندر اگناڻيءَ جي هٿ هيٺ هلي رهي هئي. انهن ناگپور ۾ سنگيت چٽاڀيٽي رکي هئي. جنهن لاءِ هنن کي ناگپور ۾ لڇمڻ داس بجاج جي ساٿ جي ڏاڍي ضرورت هئي.

    لڇمڻ داس بجاج تي وري منهنجو ڏاڍو وڏو اثر ويٺل هئو. هن ڪيترائي ڀيرا فون ڪري ۽ خط لکي مون کي ”اکل ڀارت سڀا“ وارن جي فائيل پروگرام ۾ مهمانِ خصوصي طور گهرائڻ پئي چاهيو. اها هن جي پنهنجي ڀلمانسائي ۽ منهنجي لاءِ هڪ پيار پڻ هئو.

    هن مونکي اتي پهچڻ لاءِ ٽڪيٽون به ڏياري موڪليون. آءٌ ويس ته بزرگ راهنما لڇمڻ داس بجاج پاڻ مون کي وٺڻ آيو هئو. هن مونکي ان ئي ايم.ايل.اي. هاسٽل ۾ رهايو جتي سندر اگناڻي ۽ انهن جي ٽيم رهيل هئي. هُو مونکي پنهنجي گهر پڻ وٺي هليو. ائين پئي لڳو ڄڻ هوُ مونکي پنهنجي ئي هڪ قابل پٽ جيان عزت ڏيئي رهيو هجي!

    اتي مون کي پهريندي ئي لڳو ته سڀا وارن کي لڇمڻ داس بجاج طرفان مون کي ڏنل ايتري عزت افزائي ڪجهه گهٽ وڻي رهي هئي. هونئن کڻي مون کي خبر ڪونه به پوي ها؛ پر لڇمڻ داس بجاج جو مون کي منچ تان حاضرين سان ضرور ڳالهائڻ لاءِ چيو هئو جنهن لاءِ هن وري سڀا جي ڪمپيئر لڇمڻ ڀمڀاڻيءَ کي به ٺاهيل پروگرام ۾ منهنجو نالو پڻ لکي ڏنو هئو. اسٽيج پروگرام ۾ ٻين جيان دادا لڇمڻ داس طرفان منهنجو شاندار استقبال ڪيو ويو. پر سڀا وارن کي جو منهنجي شموليت کٽڪي رهي هئي ته هنن پاڻ ڳالهائي ڪري سڌو ئي مکيه مهمان کي ڳالهائڻ لاءِ انائونس ڪري ڇڏيو. پوءِ ته لڇمڻ داس بجاج صاحب برهمگيءَ وچان، پر ٻاهران پاڻ سنڀاليندي انتهائي ٺهر سان مکيه مهمان جي تقرير کان پوءِ به منچ تان منهنجي واقفيت ڏني ۽ مونکي ڳالهائڻ لاءِ چيو.

    مون دادا لڇمڻ داس بجاج جي حڪم جي پيروي ڪندي شروعات ۾ ئي پنهنجي طرفان اها وضاحت ڪيئي ته مکيه مهمان کانپوءِ ڳالهائڻ جيتوڻيڪ مريادائن جي دائري ۾ ڪونه ٿو اچي؛ پر هتان جي سنچالڪ کان ٿيل اُن ڀل ۽ دادا لڇمڻ داس بجاج جي زبردست خواهش جي پورائي لاءِ ته جيئن حاضرين مونکي ٻڌي سگهن، ان لاءِ آءٌ مخاطب ٿي رهيو آهيان. مون ته لائبريرين مان سنڌي موسيقيءَ جي مجموعي تاريخ جو جائزو وٺي ڇڏيو هئو؛ اهڙا تفصيلات جڏهن مون ٿوري ۾ حاضرين کي ٻڌايا ته، ماحول ۾ اصل اهڙي شانت ڇانئجي ويئي جو سڀ جو سڀ ڄڻ روحاني طور مون سان ڳنڍجي ويا هجن. مون جلدي جلدي سنڌي موسيقيءَ کانپوءِ موجوده سنڌي سماج ۽سنڌي ٻوليءَ جي اهميت تي روشني وجهندي حاضرين کي احساس ڏياريو ته جيسائين اسين پاڻ پنهنجي شناخت، پنهنجي ٻولي ۽ پنهنجي وجود جي عزت ڪونه ڪنداسين، تيسين ڪيرُ اسان سان همراه به ڪونه ٿيندو! آخر ۾ مون دادا لڇمڻ داس بجاج صاحب جهڙن بزرگن جي دل کولي ساراه ڪيئي جيڪي مون جهڙي ٻار کي به ان لاءِ بيحد بيحد عزت ڏيئي رهيا هئا ۽ ان سان اسان جا ناگپور واسي پڻ ضرور ڪجهه نه ڪجهه ٻوليءَ جي ڀلي لاءِ سکي پئي سگهيا!

    اسين چئن ئي ٻولين، هندي، اردو، گجراتي ۽ سنڌي اڪاڊمين جا ميمبر- سيڪريٽري جڏهن 1-جولاءِ 2002ع تي مهاراشٽرا جي وڏي وزير ولاس راؤ ديشمک سان گڏيا هئاسين، ته هوُ ايترو نيڪ پئي لڳو جو هوُ اسان کي سڀ سهوليتون ڏيڻ لاءِ تيار هئو. هن چاهيو پئي ته ڪم ٿيڻ کپي! صرف پيسي جي تڪليف ڪارڻ بجيٽ ڀل ڪونه وڌائي سگهيو؛ پر ٻين اڪاڊمين کي جو ڪجهه عناصرن کان تڪليف ملي رهي هئي ۽ اهي ڪم ئي ڪونه پئي ڪري سگهيا، ته هن انتهائي فراخدليءَ جو مظاهرو ڪندي چئن ئي اڪاڊمين تي نوان ميمبر نامزد ڪيا؛ جنهن موجب اسان چئن ئي ميمبر- سيڪريٽرين کي ترقي ڏيئي ايگزيڪيوٽو چيئرمن بڻايو ويو؛ ته جيئن عهدي توڙي سماج ۾ اسان جي عزت افزائي ٿئي. هاڻ تمام ميمبران جي نامزدگيءَ جو جيڪو نئون G.R. ڪڍيو ويو؛ ان موجب رام جوهراڻي، مدن جماڻي، ڪنعيا لال ليکواڻي ۽ ديويداس رتنپال کي پڻ ميمبر طور کنيو ويو هئو ته جيئن ڪم ڪرڻ ۾ منهنجا هٿ مضبوط ٿي سگهن. پر اسانجي لاءِ وڏو مسئلو جيڪو بجيٽ جي اڻاٺ هئو؛ اهو برقرار ئي رهيو ۽ اسان جون سموريون رٿائون اُتي جو اُتي ئي پئي رهجي ويون.

    اسين مهاراشٽرا اسٽيٽ سنڌي ساهتيه اڪاڊميءَ جو ساليانه اتسو 19- جون 2003ع تي.سي.ڪاليج ممبئيءَ جي آڊيٽوريم ۾ رکيو هئوسين؛ جيڪو پڻ بجيٽ جي اڻاٺ سبب ان مئنيجمينٽ جي پريزيڊنٽ بئرسٽر اشوڪ آڏواڻيءَ کان الله جي نالي تي مليو هئو. پوءِ به اسان پنهنجن شاگردن جا انعام ڪونه گهٽاياسين؛ جيڪڏهن ڪٿي خرچ گهٽايوسين به ته پنهنجي فنڪشن جو خرچ گهٽائي ڇڏيوسين. ان پروگرام لاءِ آءٌ پنهنجي ڪلچرل وزير اشوڪ چوهاڻ صاحب کان اچڻ جي قبوليت وٺي ڇڏي هئي. چوهاڻ صاحب سان گڏ مون ڪلچرل ڊپارٽمينٽ جي سيڪريٽري جيراج ڦاٽڪ صاحب کان به فنڪشن ۾ حاضر رهڻ جي قبوليت وٺي ڇڏي. مون عرض ته منسٽر آف اسٽيٽ ڊاڪٽر ومل تائي مندڙا کي به ڪيو هئو؛ پر ان کي ڪجهه ضروري ڪم هئو ته هن پنهنجي طرفان معذرت ڏيکاري هئي. جڏهن ته فنڪشن جي صدارت ڪرڻ لاءِ مون حيدرآباد (سنڌ) نيشنل ڪاليجئيٽ بورڊ جي پريزيڊنٽ، بئريسٽر اشوڪ آڏواڻيءَ کي پڻ مڃارايو هئو.

    فنڪشن واري ڏينهن وري اهڙو عجيب واقعو ٿيو، جو مينهن به چوي، اڄ نه پوان ته ڪڏهن پوان! سڄي ممبئيءَ ۾ ٻوڙ ٻوڙان لڳي پيئي هئي! ريلوي ٽريڪ تي پاڻي ڀرجڻ سبب لوڪل ٽرين ڪٿي ڪجهه ڪجهه آهسته پئي هلي. ته ڪٿي ماڳهئين ئي بندٿي ويئي، بارش هئي جو بند ٿيڻ جو نالو ئي ڪونه وٺي. اسان وٽ جو منسٽر اچڻو هئو ته هال ڀرجڻ به ضروري هئو. هڪ امتحان ۾ پئجي وياسين. شام جو ڇهين بجي پروگرام شروع ڪرڻو هئو. الله جي ڪا اهڙي ته مهر ٿي ويئي جو گاڏيون جيڪڏهن نه پئي هليون ته هتان بمبئيءَ وارا ڪيترائي ماڻهو آهسته آهسته هال ۾ ايندا ويا ۽ لڳو پئي ته عزت جي رهجي ايندي. پوءِ ته ڪيترا الهاس نگر مان به پنهنجين ڪارين تي پهچي ويا؛ جيئن ته اسان جو ننڍي هوندي وارو لاڙڪاڻه جو دوست ڀيرو ڀاٽيه ۽ انهن وٽ تازو ئي اُتان آيل وڏو ڀاءُ ڌنراج ڀاٽيه؛ اهي پڻ ٻيئي ڀائر پنهنجي ڪار ۾ آيا هئا. آءٌ ڌنراج سان اڄ ٽيهارو سالن بعد ملي رهيو هوس. ڏاڍي خوشي ٿي.

    جيڏو مينهن پئي پيو، اوترو ئي اسانجي ڪلچرل ڊپارٽمينٽ جو سيڪريٽري جيراج ڦاٽڪ بلڪل ٽائيم تي پهچي ويو. هوُ جيئن ئي آيو ته اسين به جلد ئي پروگرام شروع ڪري ڇڏيوسين. سڀ کان پهرين ميوزڪ پروگرام هئو؛ جنهن ۾ پهرين امرتا رام لالچنداڻي ڪجهه گيت ڏنا ۽ جلد ئي پوءِ اسين ڪاجل چنديراماڻيءَ کي آندوسين. ڦاٽڪ صاحب ڪجهه جلدي اوارڊ سيريمني شروع ڪرڻ لاءِ چئي رهيو هئو. پر مون ٻڌايومانس ته ڪلچرل منسٽر اشوڪ چوهاڻ صاحب اچي رهيو آهي ۽ هن جي اهڙي فون به آئي آهي. هوُ پهرين پر ويٺو ۽ پوءِ ڇا ٿيو جو ڪجهه ضروري ڪم جو چئي مون کان موڪلائي هليو ويو. هاڻ ته اسان وٽ نه سيڪريٽري هئو ۽ نه منسٽر! اسين سنگيت پروگرام کي ٿورو وڌائيندا رهياسين. ٻاهر ڌڙا ڌڙ تيز مينهن پئجي رهيو هئو؛ جو ان موسله ڌار بارش ۾ اشوڪ چوهاڻ صاحب جي ڪار ڪي.سي.ڪاليج ۾داخل ٿي. مون ڊوڙي وڃي وسندڙ مينهن ۾ سندس آجيان ڪيئي ۽ پاڻيءَ کان بچائيندي کيس اندر هال ۾ وٺي آيس. هيءُ اهو ئي اشوڪ چوهاڻ هئو جنهن جو والد ايس.بي.چوهاڻ صاحب ڪڏهن مهاراشٽرا جو وڏو وزير رهي چڪو هئو ۽ پوءِ ته هوُ پاڻ به هتان جو وڏو وزير بڻيو هئو.

    اشوڪ چوهاڻ صاحب کي ڪجهه ٿورو ئي سنڌي موسيقيءَ جي جهلڪ ڏيکاري اسين اسٽيج تان پنهنجو اوارڊ اتسو شروع ڪيوسين. ڪمپيئرنگ لاءِ مون ڪي.سي.ڪاليج جي ئي وائيس پرنسپال مهڪ گوالاڻيءَ کي عرض ڪيو هئو؛ جنهن جي شخصيت ۽ آواز گڏجي پروگرام کي وڌيڪ رنگت ڏيئي رهيو هئو. مون پنهنجي استقباليائي خطبي ۾ ڪلچرل سيڪريٽري جيراج ڦاٽڪ ۽ ڪلچرل منسٽر اشوڪ چوهاڻ جي جذبي ۽ قول جي ساراه ڪيئي ته ڪيئن انهن ٻنهي ههڙي تيز بارش ۾ به واعدو نڀائيندي اسان سنڌين کي عزت ڏني هئي. پنهنجي موجودگيءَ سان اسان جو شان وڌايو هئائون.

    مون کان پوءِ ڀاءُ رام جوهراڻي، دادا جهٽ مل واڌواڻي ۽ پرنسپال منجو نچاڻيءَ ڳالهايو. جنهن بعد شاگردن کي انعام ڏيڻ کانپوءِ هن سال جو پرفارمنگ آرٽ وارو اوارڊ، اڪاڊميءَ طرفان اشوڪ چوهاڻ جي هٿن کان مدن جماڻيءَ کي ڏنو ويو. ان بعد مکيه مهمان اشوڪ چوهاڻ صاحب اسان سنڌين طرفان هندوستان جي ترقيءَ لاءِ ڪيل خدمات جو ذڪر ڪيو ۽ پنهنجي طرفان جاتيءَ جي ڀلي لاءِ هر ممڪن سهڪار جي پڪ ڏني! صدارتي خطبو حيدرآباد (سنڌ) نيشنل ڪاليجئيٽ بورڊ جي پريزيڊنٽ بئريسٽر اشوڪ اڏواڻيءَ ڏيندي پنهنجي مسرت جو اظهار ڪيو. آخر ۾ نانڪ روپاڻيءَ ”مهاراشٽرا اسٽيٽ سنڌي ساهتيه اڪاڊميءَ“ طرفان شڪر ادائيءَ جي رسم ادا ڪئي!


    عوامي آواز سنڊي ميگزين 9 آڪٽوبر 2016
     
  20. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,886
    ورتل پسنديدگيون:
    27,213
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    قسط 79
    جيڪڏهن ٻلديو نه ته ڪيرُ به نه!
    ٻلديو مٽلاڻي

    مون مهاراشٽرا سنڌي ساهتيه اڪاڊميءَ جي ورڪنگ ڪميٽي ۽ ڪلچرل ڪميٽيءَ جي ميمبرن کي ڪلچرل ڊپارٽمينٽ جي سيڪريٽري ميڊم سنجيوني ڪُٽيءَ سان گڏجڻ لاءِ 2 مارچ 2004ع تي هڪ گڏجاڻي رکائي هئي. جيئن گڏجي ان جي مٿان زور بار آڻي سگهجي ته اسان جو بجيٽ وڌائي وڃي؛ ڇو ته پوءِ وري اها بجيٽ گهٽجي گهٽجي ساليانو صرف پنجهٺ هزار وڃي ٿي هئي.

    ميڊم ڪُٽي صاحبه بيحد شفيق پئي لڳي. هن آخر اهو پڇيوته اسان جي سڀ کان وڌيڪ ڪهڙي ضرورت آهي، ته ان جي جواب ۾ مون کيس چيو ته ”ميڊم! ڪم ته ڪيترو ئي ڪرڻو آهي! پر اسان وٽ هينئر ”شاھ جو رسالو“ جون ڪاپيون به ناياب ٿي ويون آهن. اسين اهو ٻيهر ٿا ڇپائڻ چاهيون ته جيئن گهٽ ۾گهٽ هر هڪ لائبريري ۾ ته ڊاڪٽر هوتچند گربخشاڻي وارو ضخيم ”شاھ جو رسالو“ موجود هجي!“ هن کي اسان جي ضرورت جو احساس ٿي ويو. هن چيو ته ٺيڪ آ! جيڪڏهن اسان کي اهڙي ضرورت آهي ته پوءِ هوءَ پنهنجي ثقافت کاتي جي بجيٽ مان پڻ اهو ڇپارائڻ لاءِ تيار آهي!

    ان ئي گڏجاڻي ۾ اسان سان گڏ رام لالچنداڻي به هئو؛ جنهن کي پنهنجي پريس هئي، ۽ آءٌ پڻ يونيورسٽيءَ جا سنڌي ڪتاب ان کان ئي ڇپرائيندو هوس. مون ان کان کيس سڌو سنئون ثقافت کاتي جو ڪوٽيشن ڏياريو ۽ گربخشاڻي صاحب جي ”شاھ جو رسالو“ جا ٽئي ڇاپا گڏ 1923، 1928 ۽ 1931ع هڪ ئي واليوم ۾ پڪي جلد سان شايع ڪيا ويا.

    اسان کي مهارشٽرا سنڌي ساهتيه اڪاڊميءَ جو 2004ع وارو ساليانو ايوارڊ اتسو ڪرڻو هئو، جنهن لاءِ مان پنهنجي ثقافتي وزير اشوڪ چوهاڻ صاحب سان گڏيس ته جيئن کانئس سهوليت واري تاريخ وٺي سگهان. پر هن ٻڌايو ته هاڻ جلدئي مهاراشٽرا ليجسليٽو اسيمبليءَ جي چونڊ جي تاريخ اچڻي آهي؛ جنهن لاءِ هن جو اسان وٽ اچڻ واجب ڪونه رهندو ۽ ته اهڙي صورت ۾ اسين ڀل هن سال ثقافت جي سيڪريٽريءَ کي مکيه مهمان ڪري گهرايون. پوءِ ته سچ پچ جلد ئي تاريخون انائوس ڪيون ويون.

    13-آڪٽوبر 2004ع تي اسان جون صوبائي اليڪشن ٿيڻيون هيون، ”ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ“ جي صورت ۾ آءٌ ڪلچرل ڊپارٽمينٽ جي سيڪريٽري، ميڊم سنجيوني ڪُٽي سان گڏيس ۽ کانئس خاص مهمان ٿيڻ جي مظوري ورتي؛ جو هن جو ته ڪنهن به سياسي پارٽيءَ سان ڪو به تعلق ئي ڪونه هئو!

    پوءِ مون 16- آگسٽ تي مهاراشٽرا سنڌي ساهتيه اڪاڊميءَ جي آفيس ۾ ورڪنگ ڪاميٽيءَ ۽ ڪلچرل ڪاميٽيءَ جي گڏيل گڏجاڻي گهرائي؛ جنهن ۾ سيڪريٽريٽ مان ڪلچرل منسٽري طرفان انڊر سيڪريٽري مسز هريداس ۽ ڊيسڪ آفيسر شري انگري کي به ويهاريو. گڏجاڻي ۾ مون کانسواءِ رام لالچنداڻي، ٺاڪر چاولا، جگديش لڇاڻي، رام جوهراڻي موجود هئا. هيءُ اسان جو جيئن ته آخري سال هئو ۽ اليڪشن کانپوءِ اسانجي پوري ڪاميٽيءَ جو مدو ئي ختم ٿيڻو هئو؛ ته اهڙي صورت ۾ مون پاڻ به ادب لاءِ لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ ڊاڪٽر ديال آشا/ هري موٽواڻي ته پرفارمنگ آرٽ ۽ لاءِ اهڙو ايوارڊ انيلا سندر کي ڏيڻ جي رٿ رکي. پر گڏيل راءِ موجب ٺاڪر چاولا جي رٿ تارا ميرچنداڻي ۽ رام جوهراڻيءَ طرفان پروپوز ڪيل سريچند ماکيجا لاءِ فيصلو طئي ڪيو ويو.

    اسين ميڊم سنجيوني ڪُٽي کان وقت وٺي 19 آگسٽ 2004ع تي ساليانو ايوارڊ اتسو ننڍي پئماني تي ريشم ڀون، چرچگيٽ ۾ رکيو؛ جتي ثقافتي پروگرام لاءِ ڀيڻ ڪوشي لالواڻيءَ کان صرف ڪجهه ئي گيت ڳارائي پوءِ ايوارڊ اتسو شروع ئي ڪيو ويو. جنهن کان اڳ اسان ميڊم سنجيوني ڪُٽي صاحبه جي مبارڪ هٿن سان ”شاھ جو رسالو“ (ڊاڪٽر گربخشاڻي جا ٽيئي جلد گڏ) جي نقاب ڪشائي ڪرائي ۽آيل سمورن مهمانن کي اهو هڪ هڪ ڪتاب سوکڙِي طور پڻ ڏنو ويو. ثقافتي سيڪريٽري ڀيڻ سنجيوني ڪُٽي جي شخصي سهائتا سان اسين ”شاھ جو رسالو“ شايع ڪري سگهيا هئاسين، ان جو ذڪر ڪندي مون چيوته جيڪڏهن اهڙا بيوروڪريٽس هجن ته پڪ ئي پڪ هندوستان تمام جلد بلنديون ماڻي سگهي ٿو.

    ميڊم سنجيوني ڪُٽيءَ پنهنجي تقرير ۾ پڻ منهنجي ڪم تي بيحد اطمينان ڏيکاريو ۽ اميد ڪيئي ته اڳتي به اسين ضرورت پوڻ تي گڏجي ڪم ڪنداسين. شاگردن سان گڏ تارا مير چنداڻي ۽ سريچند ماکيجا کي به لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ ڏنا ويا. جڏهن ته مون اتسو جي صدارت وويڪانند ايڊيوڪيشن سوسائٽيءَ جي صدر، دادا جهٽ مل واڌواڻي کان ڪرائي هئي؛ جنهن پنهنجي تقرير ۾ سنڌي ٻولي، ادب ۽ ڪلچر جي اهميت تي روشني وجهڻ سان گڏوگڏ منهنجي عزت افزائي ۾ پڻ اضافو ئي ڪيو هئو.

    13- آڪٽوبر 2004ع تي مهاراشترا صوبائي اسيمبلي جون چونڊون ٿيون؛ جنهن لاءِ ڊيموڪريٽڪ فرنٽ جي اتحاد هيٺ ڪانگريس ۽ نيشنلسٽ ڪانگريس گڏيل هئا ته هوڏانهن بي.جي.پي ۽ شيوسنا پڻ متحد ٿي ڪري اها اليڪشن وڙهيا هئا. 17 آڪٽوبر 2004ع تي جڏهن رزلٽ آيو ته هن ڀيري مهاراشٽرا ۾ اڪيلي سر نيشنلسٽ ڪانگريس 71 سيٽون کڻي هڪ اڪيلي وڏي پارٽيءَ بڻجي هئي. پر جيڪڏهن اتحاد جي ڳالهه ڪجي، ته سونيا گانڌيءَ جي ”انڊين نيشنل ڪانگريس“ 69 ۽ شردپوار جون 71 ملايون ته 140 سيٽون پئي ٿيون. ڪانگريس سان گڏ ڪجهه ٻيا به اتحادي هئا؛ جڏهن ته شيو سينا 62 ۽ بي.جي.پي. 54 پئي جوڙياسين ته صرف 116 سيٽون پئي ٿيون. يعني بي.جي.پي. ۽ شيوسينا سڄا سارا پنج سال مخالفت ۾ رهندي ۽ ٻيئي پارٽيون گڏ ئي اليڪشن وڙهندي به Anti Incumbency جو فائدو ڪونه وٺي سگهيا هئا.

    بهرحال، هن پوري ننڍي کنڊ جي ڪهاڻي بيحد المناڪ رهي آهي. ڪڏهن مورخ جيڪڏهن اها تاريخ ويهي لکندو ته پنهنجي ئي ڳوڙهن سان تاريخ جي صفحن کي نم ڪري ڇڏيندو! سچ اِهو ته ورهاڱي مهل آمريڪن ڊالر هندوستان-پاڪستان ڪرنسيءَ جي هڪ روپئي جي برابر هئو ۽ هاڻ اهي ٻيئي سرڪارون بين الاقوامي سطح تي پنهنجي عزت ۽ ساک هندوستان ڇاهٺوڻ ته پاڪستان هڪ پيسي جي وڃي بنائي آهي (هندستاني ڪرنسي آمريڪي ڊالر 66 روپيا ۽ پاڪستان 100 روپيا). اهي اڳواڻ اسان جي تقدير ٺاهيندا!

    مهاراشٽرا ۾ چونڊون پوريون ٿيون ته انڊين نيشنل ڪانگريس کي ٻين ننڍين پارٽين جي پڻ سپورٽ هئڻ سبب شرد پوار جي نيشنلسٽ ڪانگريس پارٽي گهڻي سوديبازي ڪونه ڪري سگهي؛ سواءِ ان جي ته هن اڳئين وڏي وزير سشيل ڪمار شنوي کي هٽائي ولاس راؤ ديشمک لاءِ پنهنجو راضپو ۽ اهڙي صورت ۾ سندي کي ڪانگريس مرڪزي ڪابينه ۾ گهرائي ورتو.

    17- آڪٽوبر 2004ع تي مهاراشٽرا اليڪشن جو رزلٽ آيو، ته ايندڙ ڏينهن 18- آڪٽوبر تي ئي آءٌ سنڌي ساهتيه اڪاڊمي آفيس ۾ وڃي ڊيسڪ آفيسر انگري صاحب کي هتان جي لائبررين لاءِ هڪ ڊرافٽ لکي ڏيئي آيس، جنهن ۾ مون کيس اها خوشخبري ٻڌائي هئي ته مهاراشٽرا سرڪار ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جو ”شاھ جو رسالو“ (ٽيئي جلد گڏ) 800 صفحن کان به مٿي پڪي بائيڊنگ سان ڇپارايو آهي؛ جنهن به لائبريريءَ کي گهرج هجي ته صرف 20 رپين جي پوسٽل ٽڪلي ڏياري موڪلين ته جيئن انهن لاءِ فريءَ ۾ ئي اهو پوسٽ پارسل ٺاهي سندن ٽڪلي هڻي کين موڪليو وڃي.

    هيل تائين مهاراشٽرا سنڌي ساهتيه اڪاڊميءَ ۾ رام پنجواڻي، گوبند مالهي، گنو سامتاڻي، ڪيرت ٻاٻاڻي، ڪرشن راهي، پريم تولاڻي ۽ الائي ڪيترا ٻيا جبرا شخص اُتي رهي چڪا هئا؛ پر ڪنهن شخص ٻين اڪاڊمين جيان سنڌي اڪاڊمي لاءِ فل ٽائيم هڪ پٽيوالو به ڪونه ورتو هئو. جڏهن ته شروعات ۾ رام پنجواڻيءَ واري وقت ۾ اهو ڪم ايڏو ته سولو هئو؛ جو جڏهن اها اڪاڊمي برپا ڪئي ويئي ته اهي جيترو به اسٽاف گهرن ها ۽ آفيس ۾ جيتري به جاءِ گهرن ها؛ کيس الاٽ ڪري ڏني وڃي ها؛ تڏهن جڏهن گنو سامتاڻي اڳواٽ ئي مهاراشٽرا سيڪريٽريٽ ۾ ڪم ڪندڙ هئو ۽ رام پنجواڻي پاڻ به سرڪار تائين هڪ وڏي پهچ جو مالڪ هئو.

    اهڙي صورت ۾ مون اهو ڊرافٽ ٺاهي ڊيسڪ آفيسر انگري صاحب کي ڏنو ۽ اين سي پي ايس ايل جي ٺاهيل ڏيڍ سئو لائبررين جون ائڊريسون به ڏنيون ته اهو منهنجي ليٽر جون ڪاپيون ڪڍي مٿان اها هڪ هڪ ائڊريس لکي اهي ڏيڍ سئو ليٽر موڪلي ڇڏي. لائبريري کان ويهه رپين جي پوسٽل اسٽيمپ ان لاءِ گهرايل هئي؛ جو ڪيترن جي شڪايت رهندي هئي ته اين سي پي ايس ايل جي لسٽ به پوري صحيح نموني ڪونه ٺاهيل آهي ان لاءِ جيڪڏهن ڪنهن به لائبريريءَ اسان جي ليٽر جو جواب ڏنو ته ان جي برپا هئڻ جي تصديق ٿي ويندي ۽ ٻيو ته سچ پچ به مهاراشٽرا سنڌي ساهتيه اڪاڊميءَ جي پنهنجي بجيٽ ئي ڪو نه بچي هئي جو ڏيڍ سئو لائبريرين کي ٽي هزار خرچ ڪري. اهي ڪتاب موڪلي سگهي؛ جڏهن ته هڪ هڪ اڪيلي لائبريري لاءِ ويهه رپين جي ٽڪلي موڪلڻ ڪابه وڏي ڳالهه ڪونه هئي!

    ڊيسڪ آفيسر انگري صاحب قرب ڪري منهنجا اهي ڏيڍ سئو ئي ليٽر ڏياري موڪليا ۽ سٺي موٽ ملي. جنهن جنهن به لائبريريءَ کي سچ پچ اهو هيرن جواهرن کان به ملهه مهانگو ”شاھ جو رسالو“ صرف ويهه رپين جي ٽڪلي موڪلڻ سان کپندو هئو، ته انهن اسان ڏانهن اها ٽڪلي ڏياري موڪلي. سنڌي ساهتيه اڪاڊميءَ لاءِ ڪو به آفيس اسٽاف نه هوندي مون هندي اڪاڊميءَ جي ڊيسڪ آفيسر انگري صاحب ۽ ان جي اسٽاف کان هٿ جوڙ ڪري ڪم ورتو ۽ اهي سڀ ڪتاب انهن جي اڪيڊمي طرفان پيڪنگ ڪرائي صرف آيل ويهه رپين جي اٽيمپ لڳائي.”شاھ جو رسالو“ وارا ڪتاب بوڪ پوسٽ/پوسٽ پارسل ڪري کين موڪلي ڏنا!

    پر اڃا ٿورو وقت مس گذريو، جو اليڪشن کانپوءِ ساڳئي ڪانگريس گورنمينٽ مٿان ڪيترن ئي سنڌين زور بار هلائڻ شروع ڪيوته ٻلديو کي هٽائي کين ايگزيڪيوٽو چيئرمين ڪندي ٻيهر ”سنڌي ساهتيه اڪيڊمي“ برپا ڪئي وڃي؛ پر سيڪريٽريٽ جا سڀ عملدار جو راقم الحروف جي ڪم کان بلڪل مطمئن هئا، ته انهن وري ڇا ڪيو جو سرڪار کي صلاح ئي اهڙي ڏنائون ته جيڪڏهن ٻلديو نه ته ڪير به نه! پوءِ هتان جي سرڪار اڪاڊمي کي ڪولڊ اسٽيج ۾ رکيو. اسين ويڙهه ۾ پورا ٿيون ته پوءِ ئي ان جو نبيرو ڪيو ويندو! ان وچ ۾ ڪڏهن ڪڏهن مونکي سيڪريٽريٽ مان فون پڻ ايندي هئي ته جتي فلاڻا فلاڻا ايگزڪيوٽو چيئرمين ٿيڻ لاءِ پيا ٿا پنڌ ڪن ته آءٌ ڇو نه ٿو سيڪريٽريٽ ۾ ڪڏهن ڀل ۾ ئي ساڻن وڃي ملي اچان! پر آءٌ کين اهو ئي چوندو هوس ته اوهان جو مون ۾ جيڪڏهن ڪم هوندو، ته آءٌ ان مهل ئي حاضر ٿيندس باقي نه ته مون لاءِ بهتر آهي ته وقت سجايو ڪرڻ لاءِ ٻيو ڪجهه شفي ڪم ڪريان ته جيئن منهنجي ٻولي ۽ ادب کي هن نازڪ وقت ۾ هندوستان جي دائري اندر تڪليف واري دور ۾ به عزت ڀريو مقام ڏياري سگهجي!


    عوامي آواز سنڊي ميگزين 20 آڪٽوبر 2016
     
    تلوڪچند ولاسائي هيء پسند ڪيو آهي.
موضوع جو اسٽيٽس:
وڌيڪ جواب نه ٿا موڪلي سگهجن.

هن صفحي کي مشهور ڪريو