محترم محمود مغل جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

'سنڌي ادب' فورم ۾ عبدالوهاب طرفان آندل موضوعَ ‏6 آگسٽ 2010۔

  1. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    سڪه رائج الوقت



    آچر پهرين جنوري 2006ع

    عيسوي ڪئلينڊر جو نئون سال مبارڪ هجي.

    2006ع جو پهريون سج، اوهان جو سلامي آهي. سياري جي نرم اُس جا ڪرڻا، ايوانن، اڱڻن ۽ ڀتين تي گرمائش جا چٽ، چٽي رهيا آهن. زندگي ته حرارت جو ٻيو نالو آهي. چيو ويندو آهي ته روشني ۽ گرمي، حياتيءَ جا ٻه اهم اهڃاڻ هونديون آهن. اکين ۾ روشني هُجي، ماڻڪي تروري کي موٽ ڏئي ۽ جسم گرم هجي ته موڪلائڻ کان پاسو ڪيو ويندو آهي. حياتي محسوس ڪئي ويندي آهي. ڊاڪٽر سولو هٿ ڪو نه ڪڍندا آهن.

    انسان کي به معزز خواتين و حضرات، مولاءِ ڪل جل شانه عجيب خلقيو آهي. هڪ ڪوزي ۾ ڄڻ سمنڊ بند ٿيل آهي. حياتي، جي ڪمال جي آهي ته سمجهو ”سمونڊ“ سمايل آهن ۽ جي زندگيءَ ۾ ڪجهه به شامل ناهي ته ماڻهو پاڻ ڪوزو آهي، جيڪو وقت جي سمنڊ ۾ لڙهندو ٿو رهي. خواب نگر جي هنن ئي ملاقاتن ۾، اسين سڀ، انهن سمنڊن ۽ ڪوزن جون ڳالهيون ڪندا آهيون ۽ وقت جي ”لغامن“ کي جهلڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون. اڄ کان نئون سال شروع ٿيو آهي ۽ دلي خواهش آهي ته هن سال جي پهرين ملاقات جي ابتدا به انهيءَ جي ذڪر سان ڪئي وڃي، جنهن لاءِ زمان و مڪان خلقيا ويا. حضرت ابُو امامه رضي الله عنه کان روايت آهي ته رسول الله صلي الله عليه وسلم جن فرمايو ته ”جنهن ٻانهي خدا ڪارڻ ڪنهن سان محبت ڪئي، ان ڄڻ پنهنجي رب عظمت ۽ بلند شان واري جي تعظيم ڪئي.“

    ڌڻي ته محبت آهي، رحمت آهي، ڪرم آهي. رحم ڪرڻ جون مڙئي حدون وٽس آهن. نوازڻ جي حد هن کان وڌيڪ ڪنهن وٽ ٿي سگهي ٿي؟ هاڻي انهيءَ رب، عزوجل جي تعظيم ڪرڻ به ڪهڙو نه ڪمال درجو آهي. ٻانهون آقا جي تعظيم ڪري، ته مالڪ به خوش ٿيندو آهي. وڌيڪ نوازيندو آهي. هتي ته مالڪ به ”سڀ کان وڏو مالڪ“ آهي، جيڪو صرف ۽ صرف اهو چاهي ٿو ته اسين هن جي ڪارڻ، سندس مخلوق سان محبت ڪيون. اهو دنيا جو آسان ترين ڪم آهي صاحبان فڪر، جنهن ۾ ڪجهه به خرچ نه ٿو ڪرڻو پوي. محبت لاءِ ڪنهن به ”سڪه رائج الوقت“، ڪنهن ڊيبٽ، ڪريڊٽ ڪارڊ يا ڪنهن ويزا جي ضرورت ناهي هوندي. ڪنهن کان اوڌر گهرڻي به ناهي، دل جي اوڌر عطا ڪرڻي آهي. دل کي سمجهائڻو آهي. دل، جيڪا زماني جي ڪثافتن ۾ لٽجي، ڪاري ٿي وڃي ٿي. مطلب جي جهان ۾، هر شئي غرض جي ڪاغذ ۾ ويڙهيل ملي ٿي. اهو غلاف، ٻاهران ته ڏاڍو چلڪيدار، خوبصورت ۽ پرڪشش هوندو آهي، پر ان جي اندران هڪ عجيب ڪارنهن لڪل هوندي آهي، جيڪا دل جو ٻيڙو ٻوڙيندي رهندي آهي. ٻاهران ”اُجري“ نظر ايندڙ دل، اندر ئي اندر ۾ کامجندي ويندي آهي. محبت، غرض ۾ ويڙهيل هجي ته ڪڏهن نه ڪڏهن ته وائکي ٿي ويندي آهي. غرض جو پتو پوڻ کان پوءِ، محبت جا سڀ رنگ اڏامي ويندا آهن. ماڳهين ٻئي جي دل ۾ نفرت ۽ ڪدورت جو هڪ دروازو کلي پوندو آهي. حياتي، ڄڻ ڪروڌ ۾ لٽجي ويندي آهي.

    پر هر جاءِ تي ائين به نه ٿو ٿئي. الاءِ ڪيترا وجود، فن اداڪاريءَ سان بخوبي واقف هوندا آهن. هنن جي غرض ۾ ويڙهيل محبت، اسان کي ائين نه لڳندي آهي. آخر تائين هو ڪمال نڀائيندا آهن. اسان مان پنهنجي هر تمنا ۽ غرض پوري ڪندا آهن ۽ اسين اهو سڀ محبت سمجهندا آهيون. لٽجندي، ڦرجندي، اسان کي لطف ايندو آهي. سامهون وارو اسان جي بيوقوفي تي خوش هوندو آهي ۽ اسين سندس ساٿ جي دولت تي، نتيجو اهو ئي ”ٻُڙي“ هوندو آهي ۽ اهو سڀ صرف ۽ صرف ان ڪري هوندو آهي، صاحبان هنر، جو اها چاهت، غرض جي محتاج هوندي آهي. رب جل شانه ڪارڻ نه هوندو آهي. اتي اهو پڇي سگهجي ٿو ته ”سائين! مان ته ڦرجندو رهيس، لٽجندو رهيس، مقصد ۽ مطلب ته سڀ ”هُن“ جا پورا ٿيا؟“ ته ان جو جواب به بلڪل سادو آهي ته مطلب ته اسان جو به هو، هن کي جي مال متاع ۽ دنيا جي ڪمن ڪارين ۾ اسان جي ضرورت هئي ته اسان به پنهنجي دل جي سڪون ۽ روح جي راحت لاءِ هن جو ساٿ پئي طلبيو. معنيٰ، ڳالهه ٻنهي پاسي هڪ هئي، ڌڻيءَ لاءِ ته محبت هئي ئي ڪا نه، ته پوءِ ڪهڙو لاڀ ملي ها؟

    حياتي الاءِ ڇو لاڀ جي دائري ۾ گهمي ٿي؟ هن مان ڪيترو فائدو ٿيندو؟ هن مان ڇا ملندو؟ فلاڻي جو اسٽيٽس ڇا آهي؟ ڪنهن جو گريڊ ڪيترو آهي؟ هن صاحب جي اٿي ويٺي ڪيتري آهي، ”راهه رسائيءَ“ ۾ ڪيترو آهي؟ اقتدار جي ايوان ۾ ڪيتري ”گرپ (Grip)“ اٿس؟ اهڙا ۽ انهن جهڙا الاءِ ڪيترا سوال گردشون ڪندا رهن ٿا. اجاين دعوتن ۾، هڪ ٻئي سان ”اضافي ميل ملاقات“ ان ڳالهه جو اهم ترين ثبوت آهي ته اسين محبتن جي سڪي کي کوٽو ڪري رهيا آهيون. پنهنجي ڪم ڪڍڻ خاطر، محبت کي بدنام ڪري رهيا آهيون. صرف ۽ صرف پنهنجي ذات جي چوڌاري ڦيريون پائي رهيا آهيون ۽ محبتن جا شدتن سان دعويدار آهيون، جنهن مهل به اهو صاحب محبت، اقتدار ڇڏي ٿو، عهدي تان رٽائر ٿئي ٿو، يا وري پنهنجي اسٽيٽس تان هيٺ اچي ٿو ته اسان جي اها محبت ڪيڏانهن ٿي وڃي؟ جتي سئو ڀيرا سلامي ٿبو هو اتي ورهيه لڳي ٿا وڃن ته گذر نه ٿو ٿئي؟.... اها جي محبت هئي، ته ڪنهن لاءِ هئي...؟ پنهنجي ڪارڻ هئي يا پنهنجي رب جل شانه جي ڪارڻ هئي؟ هلو بالفرض اسين اهو کڻي چئون ته اسان ڌڻيءَ ڪارڻ محبت ڪئي پئي، ته پوءِ حياتيءَ ۾ درجي جي منتقليءَ کان پوءِ اهو سڀ ڇو گهٽجي ويو؟ ڌڻي ته ساڳيو ڌڻي آهي. اهو ماڻهو به ساڳيو آهي، پوءِ هاڻي ڇا ٿي ويو؟ اسين آئيني ۾ نظر ايندڙ عڪس کان ، جنهن ۾ اسين ”نجا پجا“ خود غرض نظر ايندا آهيون، ڊڄندا رهندا آهيون. زباني طور تي منڪر هوندا آهيون ته ائين ڪونهي. سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي پر ڪجهه به ته ٺيڪ نه هوندو آهي.

    دنيا جا ڪم ٿيڻ لاءِ ئي آهن، عزيزان من... جنهن جو به ڪم ٿيڻو آهي، ان کي اوهان نه ٿا روڪي سگهو ۽ جنهن جو به ڪم ناهي ٿيڻو، ان لاءِ ڪجهه به ڪري وجهو، اهو ڪو نه ٿيندو. سڀ ”مٿئين“ جي مرضي آهي، اسين مٿو هڻي هڻي ڪجهه به ڪري وجهون، ٿيندو اهو ئي، جيڪو سندس ”امر“ هوندو. ها! ائين ضرور آهي ته اسان کي مثبت سوچ سان پنهنجي حصي جو ڪم ادا ڪرڻ گهرجي. جتي به، ڪنهن جي ڪا جائز مدد ٿئي ته پير پوئتي نه ڪجي.

    قبله والده صاحبه جون ڳالهيون به عجيب هونديون هيون. هڪ واري هٿ جهلي چيو هئائين ”ٻن ماڻهن کان سدائين ڊڄجانءِ. هڪڙا اهي جيڪي نگاهه هيٺ ڪري ڳالهائين ۽ ٻيا اهي جيڪي آرام ۽ اطمينان سان تنهنجي سڄي ڳالهه ٻڌن...“ مان حيرتن ۾ ورائجي ويو هئس. پنهنجي لائق فائق امڙ کان مون حياتيءَ ۾ وڏو فيض پرايو، پر ڪڏهن، ڪي ڪي ڳالهيون ڏاڍيون حيران ڪندڙ هيون. منهنجي سوالي نگاهه جي جواب ۾، ڳالهه جي دائري کي وسيع ڪندي هنن چيو هيو ”ماڻهوءَ جون اکيون، هن جي اندر جون دريون هونديون آهن، انهن جي ذريعي ئي هو، توهان کي پنهنجي اندر ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏئي ٿو، پنهنجي اندر جا مڙئي خدشا، سوچون ۽ فيصلا، هن نگاهن ذريعي ئي اوهان ۾ منتقل ڪري ٿو. اهم ڳالهه اها به اٿئي ته هو پنهنجي حاڪمي ۽ نيازمندي به انهن اکين وسيلي ئي تسليم ڪرائي ٿو. اکين سان ڳالهائيندڙ، زبان جو محتاج نه هوندو آهي.... هاڻي جي ڪو وجود، اوهان سان اک ملائي ڳالهائي ئي نه ٿو ته معاملو صاف آهي، معنيٰ توهان کي، پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائڻ جي اجازت هن ڪو نه ڏني آهي. اوهان ”ڦاٽوڙي دهل“ وانگر وڄندا رهو ٿا ۽ هو پنهنجيءَ مرضيءَ تي فيصلا ڪندو رهي ٿو...“

    منهنجو عقل چرخ ٿي ويو هيو، امان جون ڳالهيون، ڪمال هيون. اڄ تقريبن اٺاويهه سال گذرڻ کان پوءِ به، مون کي سڀ ڪجهه ازبر آهي. منهنجي حيرت تي مرڪندي هنن وڌيڪ چيو هيو ”دنيا ڏاڍي مصروف ٿيندي ٿي وڃي، هر ڪو هڻ هڻان ۾ لڳل آهي، ڪنهن وٽ ڪنهن لاءِ وقت ڪونهي... ماڻهن جا سينا ڦاٽن پيا ٿا، پر ڪير کين ٻڌڻ وارو ئي ڪونهي. هاڻي اهڙي ”ڪال“ ۾، جي ڪير سڄو وقت اوهان کي ٻڌڻ ۾ خرچ ڪري ته ان کان به ڊڄجانءِ. پنهنجو پاڻ کي ان جي جاءِ تي رکي سوچجانءِ ته ڇا تون ڪنهن جي تڪليف کي ٻڌڻ لاءِ ايترو وقت ڏئي سگهين ٿو؟ هاڻي اندازو لڳائي ڇڏ ته اهي ٻئي وجود ڪيئن هوندا...“

    سڀ ڪجهه ڌنڌلو ٿي رهيو هيو... بس هنن جو آواز هيو، جيڪو ايترا ورهيه گذرڻ کان پوءِ به منهنجي ڪنن ۾ ٻرڪندو رهي ٿو... ڌڻيءَ جي عظمتن جو ٿورو ادا ڪرڻو ٿئي ته پنهنجي مک تي ازل ابد جي مرڪ رک. ڪنهن ڏانهن مرڪ جو تحفو موڪلين ته اها نجي مرڪ هجي، ڪاروباري نه هجي... ڪڏهن به، ڪو به توڏي مرڪي نهاري ٿو ته ان مرڪ جو پيڇو ڪجانءِ.... جي تنهنجي رخ تان، منهن تان نظر هٽائڻ کان پوءِ به، مهربان چهري تي اها مرڪ ڪجهه گهڙيون قائم آهي ته اها ”سراسر“ تنهنجي آهي، تولاءِ آهي ۽ لاغرض آهي. اها مرڪ، پنهنجي ڌڻيءَ جي حڪم جي پوئواريءَ ۾ محبت جي تقسيم آهي ۽ جي نظر هٽائڻ سان ئي، اها ان چهري تان گم ٿي وڃي ٿي ته پڪ ڄاڻجان، اهو سڀ ڪاروباري هو. مقصدن ۽ مطلبن جي دنيا جو هڪ کوٽو سڪو هيو، جيڪو في الوقت چمڪي رهيو آهي. مرڪ ڪاروباري ٿي وڃي ۽ خدا ڪارڻ نه هجي ته محبتن جو دعوو فضول ٿي ويندو آهي کوٻلا....“

    دوست، محبتن جي فصلن جا سلا هوندا آهن، ۽ اوهان سدائين اهو ڏٺو هوندو ته ماڻهو ڏکئي وقت ۾ سندن ساٿ جي طلب، سدائين محسوس ڪندو آهي. پوءِ جي ڪم مهل هو ساٿ نه ڏين ته شڪايتون ٿي وينديون آهن ته سڄي دنيا ڇڏي، اسان تو ۾ اميد رکي ۽ تو به پوري نه ڪئي؟ اڳيان کڻي ڪهڙو به وهنوار ٿئي، پر اهم ترين ڳالهه اها آهي ته اها سوچ ئي غلط آهي. وري به غرض جو رنگ ته چڙهيو نه قبلا... تڏهن ته حضرت علي ڪرم الله وجهه فرمايو ته اوهان وٽ هڪڙو دوست آهي ته توهان دنيا جا امير ترين ماڻهو آهيو، جي ٻه آهن ته ٿورو غور ڪيو ۽ جي انهن کان مٿي آهن ته سوچي وٺو اوهان سچ نه پيا ڳالهايو...“

    نئين سال جي پهرئين ڏهاڙي تي، اچو ته ڪجهه سوچون ٿا. ڪي فيصلا ڪيون ٿا. هيلتائين جيڪي ٿيو سو ٿيو، هاڻي ڪوشش ڪنداسين ته پنهنجي ڌڻيءَ جي رضا خاطر محبتن جي پرچار ڪيون. سندس عظمت ۽ بلند شان جي تعظيم ڪيون، صرف ۽ صرف انسانيت سان محبت ئي ڪيون، ڇاڪاڻ ته نفرت ته ڪڏهن ڌڻيءَ ئي نه ڪئي آهي ته اسين ڇو ٿا ڪندا وتون؟ دنيا جي ڪاروبار ۾ غرض کي ڇڏي، صرف الله پاڪ ڪارڻ محبت ڪرڻ جو ”سڪه رائج الوقت“ ڇا اسين جاري نه ٿا ڪري سگهون؟

    mehmoodmughal@hotmail.com
     
  2. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم محمود مغل جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    زادِ راهه


    آچر 8 جنوري 2006ع

    (ڪمال سرديءَ ۾ توهان وٽ پنجهترهين حاضريءَ جو شرف ملي رهيو آهي.

    هن سال سردي ڪمال جي آهي. سيءَ گهڻن کي اهو احساس ڏياري ڇڏيو آهي ته جتي اسان گرميءَ ۾ پريشان ٿي ويندا آهيون، اتي سيارو به تنگ ڪرڻ جي حيثيت رکي ٿو. انسان ته دراصل هڪ بي حيثيت وجود آهي. بي صبرو، ناشڪرو...ڪا به جاءِ، ڪو به ٿاڪُ، کيس گهڻي دير لاءِ پسند ناهي ايندو. طبيعت تمام جلدي اُجڙي ويندي آهي ۽ ائين ئي برداشت جي قوت به جواب ڏئي ويندي آهي. نه گهڻي گرمي سهي سگهي ٿو ماڻهو، نه گهڻي سردي...نه ٿوري تي راضي آهي ۽ نه گهڻي ۾ خوش. بهرحال جي حياتي آهي ته گهڙيءَ جو ڪانٽو ته اڳتي سفر ڪندي نظر ايندو ئي رهي ٿو.

    خواب نگر جي هن سفر ۾، اسان پنجهتر هفتا گڏ گذاريا آهن. سواءِ ٻن آچرن جي، مان هر آچر اوهان جي خدمت ۾ حاضر ٿيندو رهيو آهيان. منهنجي ذهن جي کاري ۾، جيڪو وکر ساڻ رهيو آهي، مون اهو من و عن اوهان جي حضور ۾ حاضر ڪيو آهي. ڪَسُ...ڪَسَر پنهنجيءَ جاءِ تي واضح رکي آهي. اهڙو ڪو به مال وڪري لاءِ گراهڪ کي ڪو نه پيش ڪيو ويو آهي، جنهن جي ”نقص“ جي ڄاڻ نه ڏني وئي هجي. ڌڻي ڄاڻي ٿو ته خيال جي هن ”اڻت“ ۾ دل جي دهمانن جو ڪو به گذر ڪونهي، جيڪو ذهني رس ۾ آيو ۽ ٻين لاءِ ۽ گڏو گڏ پنهنجي لاءِ بهتر سمجهيو ويو، سو ئي پيش ڪيو ويو آهي. اها مالڪ جي مهر آهي جو اوهان جو هڪ وڏو تعداد، خواب نگر جي سٽن کي پنهنجي نگاهه جي گرمي عنايت ڪري ٿو. توهان جي راءِ، تمام گهڻي تعداد ۾ هن فقير تائين پهچي ٿي. سئن هڻڻ کان پوءِ، ذهن منتظر رهندو آهي. اها ئي فطرت آهي قبلا...ماڻهو گهرندو آهي ته موٽ جي طلب پهرين جاءِ ورتل هوندي آهي، يعني اهو خيال پهرين جاءِ ڪيل هوندو آهي ۽ گهرڻ جي جواب ۾ ڪجهه ته ملندو، ڀلا جي اقرار نه ٿيو ته انڪار ته ٿيندو ئي ٿيندو نه....منهنجي لاءِ اوهان جي راءِ، لائق صد احترام آهي، پر ڪٿي ڪٿي، ڪي ڪي ڳالهيون الزام جيان لڳنديون آهن. صفائي، حياتيءَ جو لازم حصو آهي. خواب نگر جي اڄوڪي موڙ تي، ڪجهه ڪنڊون ۽ ڪجهه پاسا صاف ٿيڻ گهرجن.

    اوهان جي ڀاڪر جي گرمي، اسان جهڙن لاءِ ڪائنات آهي، پنهنجي ڪرم جو ڀاڪر ڍلو نه ڪجو، ذهن جي گوشن ۾، ڪٿي جي ڪا شڪايت ٿئي به ٿي ته ڌڻي جل شانه ڪندو ته اها دور ٿي ويندي.)

    صاحبِ گفتگو جو آواز مسلسل سماعتن سان ٽڪرائجي رهيو ۽ پويان ڄڻ شيشن جي ڀرڪڻ جو آواز ايندو هجي. جملا ربط ۾ هئا، ترتيب ۽ تهذيب ڳالهائڻ ۾ بي انتها هئي. پر جيڪي ڪجهه متن ۾ شامل هئو سو الاءِ ڇو اڻ سونهون لڳي رهيو هيو.

    ”مان اوهان جو فين آهيان، منهنجو پُٽ به اوهان جو وڏو فين آهي، چرين وانگر مداح آهي اوهانجو....هر آچر تي اسان جو صبح اوهان جي اخبار جو منتظر هوندو آهي، پر ڪجهه هفتن کان مون اوهان کي پڙهڻ ڇڏي ڏنو آهي...مونجهه ٿئي ٿي، ساهه ٻوساٽجي ٿو. ڏاڍو ڊيڄاريو ٿا...ڳالهه ڳالهه ۾ موت جي ڳالهه ٿا ڪيو، هِن دنيا کان وڌيڪ هُن دنيا جي ڳالهه ٿا ڪيو. هاڻي ڏسو نه، اسين رهون ته هن دنيا ۾ ئي ٿا نه...رڳو ٻئي جهان جي ايتري ڳالهه ڪا ٺهي ٿي؟ ۽ اهم ترين ڳالهه اها آهي جو اوهان پنهنجن ڪالمن ۾ مايوسين جو پرچار ڪيو ٿا. ڏاڍا پيسيمسٽ (Passimist) آهيو، ٿورا آپٽيمسٽ (Optimist) ٿيو نه...ايتري نااميدي ٺهي ته ڪا نه ٿي نه....اهڙو سودو وڪڻبو آهي ڇا؟...“

    مان، هڪڙو مجهول ماڻهو آهيان...علم جي اڪابرن آڏو منهنجو ساهه منجهڻ لڳندو آهي، نڙي خشڪ ٿي ويندي آهي. محفلن ۾ گهڻي ڳالهائڻ وارن مان، مان قطعي ناهيان ۽ شايد اهو ئي سبب آهي جو مان، بحث ڪري نه سگهندو آهيان. سامهون وارو، الاءِ ڪهڙا دليل، ڪهڙا به منطقي انداز ۾ کڻي اچي، منهنجي وجود جو منطق گم ٿي ويندو آهي. پنهنجو وجود مون کي ڪاغذي شينهن لڳندو آهي، جيڪا گجگوڙ منهنجو قلم، ڪاغذ جي سيني تي ڪري سگهي ٿو، اهڙي شايد، منهنجي زبان ڪنهن جي مُکَ آڏو نه ٿي ڪري سگهي. هن مهل به اهڙو ڪو منظر سامهون هيو.

    ترڪش ۾ اڃان به ڪجهه تير باقي هيا. هنن وڏو ساهه کنيو هيو ۽ چيائون، ”توهان اشفاق احمد صاحب وانگر لکو ٿا...ويري گڊ...هنن کان متاثر آهيو...ڀلي هجو...هر ڪو ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن کان ته متاثر هوندو ئي آهي، پر بهرحال...هنن وانگر هر ڳالهه ۾ ساهه ته نه ڪڍو نه...“

    خاموشيءَ جو دائرو طويل هيو، جنهن کي شايد منهنجي انداز اڃان وڌيڪ وسيع ڪري ڇڏيو هيو. پنهنجي ڪالم پڙهڻ تي مون سندن ٿورا مڃيا، سندن پُٽ جو شڪر گذار ٿيس، منهنجي اندر جو ڊڄڻو محمود، اڃان به ڪجهه گهڻو چوڻ چاهي پيو، پر مروت جي هام منجهائي وڌو هو. هڪڙو وڏو ڀاڪر پائي، مهربان رخصت ٿيڻ لڳو ته الاءِ ڪيئن منهنجي اندر مان ڪو ٻيو وجود، سٽ ڏئي ٻاهر نڪتو. اهو وجود جيڪو ناراض هيو، ڏکارو هيو، شدت سان تڪليف ۾ هئو. تهذيب ۽ ترتيب جا ٻنڌڻ منهنجي اندر به نه ٽوڙيا، پر بس جملو نڪري ئي ويو. سڀ ٿي سگهي ٿو سائين...توهان جي راءِ اکين تي...سڀ ٺيڪ، سڀ درست، پر اها مايوسين جي الزام جي مُهرَ ڊاهي وڃو...زندگيءَ ۾الاءِ ڇا ڇا حاصل ڪيو آهي ۽ الاءِ ڇا ڇا وڃايو آهي. پر اها هن رب ذوالجلال ولاڪرام جي مهرباني آهي ته ڪڏهن به مايوسي، ذهن تي سوار نه ٿي آهي. منهنجي کاري ۾ جيڪو وکر، وڪري لاءِ موجود آهي. انهن ۾ اهو ٽول ناهي سائين...۽ جيڪي ڪجهه مان وڪڻان نه ٿو، انهن جي ادائگيءَ حاصل ڪرڻ جو به مون کي ڪو شوق ناهي. جنهن ڏينهن نااميدي ۽ مايوسي محسوس ڪيم نه قبلا...ان ڏينهن خواب نگر اُجڙي ويندو...خوابن جا قصا ختم ڪنداسين، اکيون کولي ڇڏينداسين...“

    پنهنجو آواز پاڻ کي اجنبي لڳو هئم، هي ڪير هئو جيڪو منهنجي اندر مان ڳالهائي رهيو هيو. تنقيد ۽ تعريف ته ٿيندي رهندي آهي، جيڪو پڙهي ٿو، سو پنهنجو قيمتي وقت هنن سٽن جي حوالي ڪري ٿو ۽ يقينن سندس وقت جو ڪو نه ڪو ملهه ته آهي ئي آهي. هاڻي جي قيمتي وقت خرچ ڪندو ته سندس ڪا نه ڪا راءِ ته ضرور ٺهندي، ان ۾ ايترو پريشان ٿيڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ مان پريشان ٿي ويو هئس، تڏهن ته اهو سڀ ڀڙڪو کائي هڪدم ٻاهر نڪتو هيو. سامهون واري صاحب کي به شايد اهو اندازو نه هيو ته مان ڪو ائين جواب ڏئي سگهان ٿو. هن ويندي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته هر ماڻهو پنهنجي راءِ جو مالڪ آهي، ضروري ناهي ته اها بدلائي وڃي ۽ اهو به ضروري ناهي ته اها ساڳي ئي رهي. مون به سندس ان نڪتي تي هائوڪار ڪئي هئي ۽ اسين الڳ الڳ راهن ڏانهن مڙي ويا هئاسين.

    ماڻهو ته ماڻهو آهي، صاحبان عقل و حرفت...ٺهي ٿو، ڀُري ٿو. مجهنس ڏار پون ٿا، وري مڙي وڃي ٿو...ساهن جي آمد و رفت جاري رهي ته دنيا سان تعلق ته برقرار رهي ٿو. جتي خوشي روح ۾ راحت پيد ا ڪري ٿي، اتي چوٽ به گهڻو ڪجهه سوچڻ تي مجبور ڪري ٿي. گهر اچڻ ساڻ، سڀ کان پهريون ڪم جيڪي مون ڪيو سو، پنهنجن سڀني ڪالمن تي تڪڙي نگاهه وجهڻ هيو. هيلتائين چوهتر ڀيرا پاڻ ملاقات ڪري چڪا آهيون، انهن سڀني جو نقاد جي نگاهه سان جائزو وٺڻ ساڻ، اها دعوا ڪري سگهجي ٿي ته ڪٿي به، ڪنهن به لحاظ کان نااميديءَ جي هڪ جهلڪ به ”خواب نگر“ ۾ نظر نه ٿي اچي. پوءِ هڪ لائق، عالم، فاضل جي ذهن ۾ اهو خيال ڪيئن آيو؟...اتي هڪ سوچ اها به آئي ته جي هڪڙي پڙهيل ڳڙهيل وجود ۾ اها سوچ اُڀري سگهي ٿي ته هڪ عام پڙهندڙ مهربان جو رايو به ور وڪڙ کائي سگهي ٿو. هو به انهن لڪيرن تي سوچي سگهي ٿو. جي هي سڀ ڪو دهمان نه لڳي، جي هي سڀ ڪنهن وضاحت جي دائري ۾ نه اچي ۽ جي ”وٽامن آءِ“ جو ڊوز محسوس نه ٿئي ته مان، نهايت نياز مندين سان، اوهان آڏو ڪجهه عرض ڪرڻ گهران ٿو.



    زمانو عجيب شئي آهي صاحبانِ مهر و عنايت...جيترو جلدي اوهان کي ياد رکي ٿو، اوترو ئي جلدي اوهان ڦرهيءَ تان ميسارجي به ٿا وڃو...ستر جي ڏهاڪي جي پڇاڙيءَ ۾ ۽ اسيءَ جي ڏهاڪي ۾ شدت سان ۽ نوي جي ڏهاڪي ۾ ڪجهه سُستيءَ سان، مون قلم ڪاريءَ ۾ ڪجهه محنت ڪئي هئي. هڪ نوجوان ۽ پوءِ هڪ مناسب ڪهاڻيڪار جي حيثيت سان، مون تقريبن نوي کان مٿي ڪهاڻيون لکيون، جيڪي محترم امر جليل صاحب کان پوءِ، تعداد ۾ شمار ٿين ٿيون. فڪر معاش ٽيليويزن جي ڊرامي ڏانهن آندو. ناوليٽ ۽ ڪهاڻيون ڪجهه جهيڻا ٿيا ۽ پوءِ ماڳهين ختم ٿي ويا. ان وچ ۾ نئون نسل تيزيءَ سان اڀري آيو. گذريل سال کان ڪالمن جو سلسلو شروع ٿيو ته گهڻو تڻو سوال، نوجوانن ۽ ڪجهه بزرگن جي پاران اهو پڇيو ويو ته، ”توهان لکندا به آهيو ڇا؟...اسان ته سمجهيو ته توهان ٽي وي ڪمپيئر آهيو، يا ڊرامه لکندا آهيو..“ وقت جي ڦرهيءَ تان ميسارجيل ماڻهو ڪهڙو جواب ڏئي سگهي ٿو؟ هر ڪنهن کي ڇا اهو وڃي عرض ڪجي ته سائين، منهنجا ست عدد ڪتاب مارڪيٽ ۾ آيل آهن...هي ڪم ٿيل آهي... هو ڪم ٿيل آهي....هِن هِن ميدان ۾ ڪم ڪيو اٿم...چئجي ته ڇا چئجي ۽ ڇو چئجي؟

    ”خواب نگر“ به عجيب آهي. هن رڻ پٽ جي سفر ۾ مون کي هاڻي تقريبن اٺاويهه سال ٿيڻ وارا آهن. وارن جون اڇيون چڳون اعتبار جي ڪجهه زاوين کي سگهارو ڪن ٿيون. ”بوءِ“ جي خبر پوي ٿي. لکڻ ۾ احساس ٿئي ٿو ته ڪم ڪهڙي معيار جو ٿي رهيو آهي. خواب نگر ته هڪ ”تور“ آهي، ساهمي آهي، تارازي آهي، پنهنجي ڪَٿَ ڪري لفظن جو ديدار حاصل ڪجي ٿو. سڄو هفتو هڪ هڪ گهڙي، ايندڙ موضوع جي اميد رهي ٿي ۽ هن واري هر آچر تي، شدتن سان نگاهه ڪاوش جي اندرئين ورق تي سفر ڪري ٿي. رڳو لکي جان نه ٿي ڇڏائي وڃي، پڙهڻ جو سلسلو به ايتري ئي شدت رکي ٿو. هر آرٽيڪل جي فوٽو اسٽيٽ ساڻ رکڻ کان پوءِ به، سڄو آچر، هر هر نگاهه ڊوڙي ٿي. ان کي ”جنون“ سڏيو يا ”ناداني“ اهو ”هلڪڙو پن“ آهي يا ”سطحي سوچ.“ سڀ ڪجهه اهو ئي آهي، هاڻي اتي ڪوڙ ڳالهائي انڪار ڇو ڪجي؟

    هتي ئي ڪٿي لکيو هم ته ماڻهو ته پاڻ ئي آئينو آهي ۽ پاڻ ئي عڪس....پنهنجو پاڻ کي ڏسي مڃي به پاڻ ٿو ۽ پنهنجو ”منڪر“ به پنهنجو پاڻ ئي ٿئي ٿو. هاڻي جي پنهنجي وجود تي نهار ڪجي ته شڪر الحمد الله رب العالمين ته هن چڱو لکڻ جي توفيق ڏني آهي. خواب نگر جي ”گهڻو بهتر“ ڪونهي ته بهرحال ”بهتر“ ضرور آهي. بلڪل نيوٽرل ٿي سوچجي ته ڌڻيءَ جي مهر سان، هر هفتي ”موضوع“ مختلف رهيو آهي. ها، لکت، اڻت جو انداز هاڻي روز روز ته مٽجي نه ٿو سگهي...هڪ اهم ترين ڳالهه اها به آهي ته حياتيءَ جي سبقن ۽ اميد جو دامن ”پڪڙڻ“ اسان جو گول رهيو آهي. خواب نگر ۾ خوابن جي تعبير کان وڌيڪ انهن جي ”اثر“ جو تذڪرو رهيو آهي. تعبيرن جي قوت ڌڻيءَ پاڻ وٽ رکي آهي. انسان ذات ته رڳو ان جو اثر وٺي ٿي. اوهان سان، نياز مندين ۽ محبتن ساڻ اهو ذڪر ڪيو هئم ته اشفاق صاحب جي ڪتاب ”زاويه“ پريشان ڪري ڇڏيو آهي. اها پريشاني ان ڪري هئي جو خيالن جي هڪجهڙائي عجيب هئي. مون خواب نگر ڪافي اڳ ۾ لکڻ شروع ڪيو هو. زاويه ته پوءِ ڇپيو...۽ هونئن به جي مون کي اشفاق صاحب وانگر لکڻو ئي هيو ته پوءِ لکڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي؟ اها ڏاڍي عجب جهڙي ڳالهه لڳي هئي ته جن موضوعن تي دل ڇڪ ڪئي هئي، انهن سان لاڳاپيل ذڪر، اشفاق صاحب به ڪيو هيو. صاحبان ڪرم، هڪڙو ڪرم ڪجو، آئيندي هنن لکڻين کي، اشفاق صاحب جي سوچ جو عڪس يا لکڻ جو طريقو نه سمجهجو....هو ڪيمياگر وجود هو، ايڏي وڏي ماڻهوءَ سان، مون کي يا منهنجي سوچ کي ملائڻ ”هُنَ“ سان زيادتي ٿيندي.

    اڄڪلهه دنيا عجيب مصيبت ۾ ورتل آهي. تحقيق ثابت پئي ٿي ڪري ته هنن سالن ۾ ”خودڪشين ۽ موت“ جو تعداد گذريل سالن کان الاءِ ڪيترا ڀيرا مٿانهون آهي. حياتي نااميديءَ جا پاسا ورائي پئي. هاڻي جتي اميد جي ڪرڻي جي شدت سان ضرورت آهي، اتي خواب نگر ڪيئن نااميدي پکيڙيندو؟ ڇا هي سڀ موضوع واقعي به نااميدي ڪندا رهيا آهن يا اهي سڀ، حياتيءَ جي نئين رخ، نئين مثبت سوچ ۽ نئين انداز ڏانهن پڙهندڙ کي وٺي ٿا هلن؟

    هڪ ڳالهه جو اقرار ازحد ضروري آهي صاحبان فڪر...ته خواب نگر ۾ ٻئي جهان جو ذڪر ڪجهه گهڻو ٿئي ٿو. اهو به ان ڪري جو ان کي ياد ڪرڻ ساڻ ”هي جهان“ سٺو رهي ٿو، عملن جو اسڪيل بهتر ٿئي ٿو، نيڪي وڌي ٿي. جي ماڻهو آخرت کي ياد ڪري ته هن فاني دنيا ۾، چڱائيءَ جي سوچ وڌي وڃي ٿي ۽ هونئن به سڄي دنيا بي فڪريءَ سان حياتي گذاري پئي، جي هڪ هفتي ۾ هڪ ڏينهن تي، ڪجهه لمحن لاءِ ”الوداع“ چوڻ جو خيال ياد ڏيارجي ته ڪهڙي زيادتي آهي؟

    عدل ۽ انصاف جي حوالي سان نوشيروان جي انصاف جي انصاف جي صدين کان هاڪ آهي. چيو وڃي ٿو ته جنهن مهل به نوشيروان عدالت ۾ فيصلي جي مسند تي ويهندو هيو ته هلندڙ ڪارروائيءَ دوران اوچتو هڪ ملازم ڪٿان پرگهٽ ٿيندو هو ۽ نوشيروان کي ڪن ۾ چوندو هيو ”سائين اوهان کي مرڻو آهي“ بس...شهنشاهه اڳيان الاءِ ڪيترا دروازا کلي پوندا هئا، جن مان انصاف جهاتيون پائيندو هو.

    محمد شاهه تغلق جي درٻار ۾، سندس تخت جي بلڪل سامهون اهو شاهي دروازو هيو، جنهن مان سوالي اندر داخل ٿيندو هو. بادشاهه جو رخ درٻار ۾ ويهڻ مهل ان دروازي ڏانهن ئي هوندو هيو. ان شاهي در مٿان قبر جو نقش اڪريل هيو. انصاف ڪندڙ کي سدائين اهو ياد رهندو هيو ته آخري مسڪن بهرحال اهو ئي آهي. خواب نگر، اميدن جي عڪس کي کڻي ٿو اچي، سائين، اها اميد، جيڪا آخرت لاءِ ”زاد راهه“ تيار ڪرڻ ۾ مدد ڏئي ٿي. اهو زاد راهه، جنهن ۾ هن دنيا ۾ چڱائيءَ جو وجود آهي، عام حياتيءَ جي عام وهنوار جو عمل دخل آهي ۽ انهن سڀني قدرن جي ڳالهه آهي جن کي وساريو ويو آهي. پنهنجي دل جي حضور سان، اسين خواب نگر اوهان آڏو آڻيون ٿا. قلم جو نب خيالن جي مس سان، اميدن جي چٽن کي گهرو ڪري ٿو. اسين ”سامهون واري“ ۾ جيئون ٿا. پاڻ ۾ جيئڻ ته اسان ڪڏهوڪو وساري ڇڏيو آهي. هاڻي، سامهون جي اميد پوکي نه ٿا سگهون ته پوءِ هي زاد راهه ڪهڙي ڪم ايندو؟

    هر هفتي اوهان کي هڪڙو نياپو ڏئي، وجود هلڪو ٿي ويندو آهي. جڏهن به پنهنجو پاڻ تي هي سڀ بار لڳو، يقين ڄاڻجو ته موڪلائڻ ۾ هڪ لحضي جي دير نه ٿيندي. اوهان سڀ مولاءِ ڪل جل شانه جي پناهه ۾ آهيو، جنهن کي ئي پناهه ڏيڻ جڳائي ٿي، سفر جي اختتام تي، وٽس ئي اهو زادِ راهه پيش ڪرڻو آهي.

    mehmoodmughal@hotmail.com
     
  3. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم محمود مغل جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    بِل......ڪجهه به نه



    آچر 22 جنوري 2006ع

    اکين ۾ پاڻي هيو، جيڪو بيهڻ کان مستقل انڪاري هيو.

    دل ۾ رکي رکي اهو خيال آيو پئي، ته حاضرين جو تعداد تمام گهڻو آهي، روئڻ ڪو مناسب عمل نه ٿو لڳي. پر ڳالهه هئي ئي اهڙي، جو اکين تي ڪو به اختيار ڪونه هو. جنهن ڳالهه ڪئي هئي، ان جو به جيءُ جهري پيو هو ۽ ڪجهه مون جهڙا هئا جيڪي”پرائي پٿر“ تي پنهنجي درد جو عڪس ڏسي رهيا هئا. ڳالهه ڪا خاص ڪا نه هئي. ڳالهه اها ئي عام هئي، جنهن”عظيم الشان“ اولاد کي هن هڪ”پٽيوالو“ هوندي، رَت سَتُ ولوڙي پڙهايو هو، ان اولاد کيس زماني جي سامهون”پنهنجو“ سمجهڻ جي غلطي نه پئي ڪرڻ گهرجي. هاڻي جڏهن”درجي جي حوالي“ سان، اولاد اهم مَسند والاري ويٺو هيو، ته اهو ساڳيو”پيءُ“ بي مقصد، غير اهم ۽ فضول حيثيت والاري ويو هو. هن هٿ ٺوڪئي سماج جي اهم”ڪارندن“ سان ملاقات ۾، اولاد محترم کي شرم ۽ حياءُ محسوس پئي ٿيو. ڪوشش اها ئي جاري هئي ته ڪا به ميل ملاقات، دعوت دڙي گهر تي نه ٿئي...سڀ ڪجهه هوٽل يا ڪنهن”بيروني مقام“ تي ٿئي. پر قضا سان، جي گهر ڪنهن”صاحب لوڪ“ جي اوچتي آمد ٿي پئي وڃي، ته مائٽ کي اهڙي نموني پري رکيو ٿي ويو، جو ان صاحب محترم کي سندس”پاڇو“ به نظر نه ايندو هيو.”قضاءِ الاهيءَ“ سان جي ڪڏهن سامهون اچي به ويندو هيو، ته نگاهون چورايون وينديون هيون، اجنبين ۽ اوپرن جيان سڀئي هڪ ٻئي وٽان لنگهي ويندا هئا.

    اهو ستم، زندگيءَ جو معمول بڻيل هيو. صاحبان زمانه جو هي تازو”تازيانو“ لڳو هيو. اتفاق سان، فرزند ارجمند جي هڪ هم منصب سان والد جي اوچتي ملاقات ٿي وئي ۽ اُتي پٽ پنهنجي پيءُ جو تعارف تعليم کاتي جي هڪ رٽائرڊ عملدار جي حيثيت سان ڪرايو. پيءُ کي اهو سڀ ناگوار لڳو، پر اولاد جي”سامهين عزت“ جي پاس خاطريءَ ڪارڻ هن آيل مهمان آڏو زبان کولڻ مناسب نه سمجهي. جڏهن مهمان رخصت ٿيو، ته والد بزرگوار پنهنجي هٿن ۾ وڏي ٿيل”صاحب“ کان، ان مهربانيءَ جو سبب پڇيو. سڀ پردا هٽي ويا ۽ اهو سچ نروار ٿي بيٺو، ته هاڻي ميل ملاقات جي جهان ۾، ڪراڙي پٽيوالي پيءُ جو ملڻ”باعثِ شرمندگي“ بڻجي ٿو. مهربان اولاد اتي اهو به چئي ڏنو، ته هي مقام، محنتن ۽ ڏکيائين سان حاصل ٿيو آهي. ان ۾ ذاتي ڪوششن جو تمام گهڻو ۽ وڏو حصو شامل آهي. پيءُ جي پڙهايو ته ڪا وڏي ڳالهه ڪا نه ٿي وئي هئي. سندس فرض هئو، جيڪو هن پورو ڪيو هو. اها ڪا نئين ڳالهه به ڪا نه هئي. ڇاڪاڻ ته هر والد يا ماءُ، پنهنجي اولاد کي پڙهائيندا ئي آهن. ها...هن نموني سان سماجي اسٽيٽس ۾ سامهون اچڻ، هڪ خطرناڪ عمل آهي، يا ته والد صاحب کي تعليم کاتي ۾ رٽائرڊ بالا عملدار سڏائڻو ئي پوندو. جي نه...ته پوءِ بهتر آهي ته آئندي سامهون ملاقات کان پاسو ڪري.

    اها سڄي ڪٿا ٻڌائيندي، مون سامهون، محبتن جو ماريل پيءُ، ڪُنڊيءَ ۾ ڦاٿل مڇيءَ جيان تڙپي رهيو هو. سندس نڙيءَ ۾ اولاد سان عشق جي ڪنڊي ڦاٿل هئي، جنهن کيس زماني جي درياهه مان ڇڪي ڪڍيو هو. وقت جي وهڪري مان نڪرندي به هن پينشن ۽ ٻين فائدن جو سامان به آندو هو، جيڪو ان عظيم فرزند کي ئي ڪم آيو هو. ٽيليويزن تي هندي فلم”باغبان“ ڏسي روئندڙ پٽ کان پنهنجي پيءُ جو درد وسري ويو هو. فلم ته ختم ٿي وڃڻ لاءِ ئي ٺهي هئي ۽ ساڳئي نموني پيءُ جو به خاتمو ئي ٿيڻو آهي، پر جڏهن ٿئي.

    سچي ڳالهه ٻڌائڻ کان پوءِ، نه هن وٽ چوڻ لاءِ ڪجهه وڌيڪ بچيو هو ۽ نه مون وٽ پڇڻ لاءِ ڪو خيال هيو. زندگيءَ جي عام ڪار وهنوار ۾ اهي واقعا ٿيندا ئي رهن ٿا. هتي خواب نگر ۾ مون اوهان کي عرض ڪيو هيو، ته اولاد جو تمام گهڻو سيڪڙو حيثيت آهر سڀ ڪجهه ملڻ کان پوءِ به اها شڪايت ڪندو رهندو آهي، ته منهنجي پيءُ منهنجي لاءِ ڇا ڪيو؟...سڄي عمر ان ”پِٽِڪي“ ۾ گذري ويندي آهي. سامهون بيٺل حقيقتن تي ڪنهن جي به اک نه ٻڏندي آهي. هر ڪنهن کي بس ٻين جي سرهائي، بلند مرتبي ۽ مٿانهين حيثيت جو احساس هوندو آهي. اهو ڀاڪر، اهو سينو، اها ٻاجهه، شفقت ۽ محبت جيڪا سالن کان ساڻ هوندي آهي، هڪ لحظي ۾ گم ٿي ويندي آهي ۽ بس...هڪڙو خيال رڙيون ڪندو رهندو آهي، ته”هاءِ ڙي هاءِ...اسان کي ڇا مليو يا ڇا وٺي ڏنائين؟“

    معزز خواتين و حضرات، اسين سڀ عالم ۽ اڪابر آهيون. زندگيءَ جي شاهراهه تي تجربن جي وڇايل ڏامَر تي اسين سڀ سفر ڪيون ٿا. سڀني کي هر شئي جي ڀليءَ ڀت پروڙ هوندي آهي، پوءِ اهو سڀ رَڙ واڪو ڇا تي آهي؟. شرمندگيءَ جو اهو نقاب اسين ڇو ٿا ويڙهي گهمون؟ ننڍڙي نوڪريءَ، ٿوري مالي حيثيت ۽ بااصول حياتي گذاريندڙ شخص ۾، پنهنجي پيءُ يا والده ۽ اسان کي وڏو ماڻهو ڇو ڪو نه ڏسڻ ۾ ايندو آهي؟ اسين ڪٿَ ڪندي، ماپ تور ۾ ڏنڊي ڇو هڻندا آهيون؟...اسين، هنن کي هنن جي وجود جو ذاتي مقام ڇو ڪو نه ڏيندا آهيون؟

    هوٽل ۾ ٻارڙو پهريون ڀيرو ويو هو. ماءُ پيءُ کيس آداب سيکاري رهيا هئا. ماني کائڻ کان پوءِ، جڏهن بِلُ آيو ته ٻارڙي حسبِ عادت پڇا ڪئي، ته اهو ڇاهي؟ سندس والده کيس ٻڌايو ته جڏهن ڪا شئي وٺبي آهي، ڪجهه واپرائبو آهي ته ان جي آخر ۾ بل ايندو آهي، جنهن جي ادائگي ڪبي آهي. ٻارڙي، ٻين سبقن جيان، تجربي جي ان سبق کي به هنئين سان هنڊايو. هاڻي اتفاق سان ٻيو سڀ ته کانئس وسري ويو، اها بِل واري حڪايت ياد رهيس. ڇاڪاڻ ته اوچتو خيال آيو هئس، ته ٻه ٽي ڏينهن پهرين هن اسڪول مان واپسيءَ مهل ڪجهه سامان ورتو هيو. ان سامان ۾، پيار وچان، ماءُ پيءُ لاءِ به ڪجهه ورتل هو. ادائگي ته ڪيل هئي، پر ڇو نه اهي پئسا، مائٽن کان بل ذريعي وصول ڪيا وڃن. سو هن هڪڙو بل هٿن سان ٺاهيو.

    ڪاپيون...ٻه عدد...سٺ رپيا

    سانچو هڪ عدد ڏهه رپيا

    بال پينون ٽي عدد پندرهن رپيا

    ڪتاب انگريزيءَ جو هڪ سئو ويهه رپيا

    بابا لاءِ مَس ڪُپڙي....پنج رپيا

    امان لاءِ کٽمٺڙا....ٽي رپيا

    اکرين....ٻه سئو اَٺَ رپيا

    هيٺان اهو به لکيو ويو ته ادائگي ٿي چڪي آهي، مهرباني ڪري رقم مهيا ڪئي وڃي. هاڻي پنهنجي لاءِ خرچيل ٻه سئو روپين ۾، والد ۽ والده لاءِ خرچ ڪيل اٺَ رپيا به کيس”ڪُکي“ رهيا هئا. همٿ نه پئي ٿيس، ته اهو بل مائٽن کي ڪيئن ڏئي. سو، سوچي سمجهي، اهو بل مائٽن جي بيڊ جي پاسي کان رکي آيو. والدين تي اهو سڀ عجيب گذريو. پنهنجو سامان ته هن ضرورت مطابق ورتو هو. مائٽن لاءِ جيڪي ڪجهه وٺي آيو هو، سو ته هنن پنهنجي محبت وچان”خريديل“ سمجهيو هيو. ڏکن جي لهر مائٽن تي ڇانئجي وئي. والده ته جذباتي ٿي روئڻ لڳي. والد محترم بِل، پڙهڻ کان پوءِ ڪاغذ قلم هٿ ۾ کنيو ۽ هڪ ٻيو بِل لکڻ ويهي رهيو. توکي ڄڻيو...تخمينو: ڪجهه به نه.....

    توتي خوبصورت نالو رکيو...خرچ ڪجهه به نه...

    تنهنجي پرورش ڪئي... خرچ ڪجهه به نه

    تنهنجا لاڏ، انگل ۽ آرا کنيا...خرچ ڪجهه به نه

    تنهنجي آڱر وٺي توکي پهرين وک کڻائي...خرچ ڪجهه به نه

    تو سان عشق، محبت ۽ جان فدا ڪرڻ جو عمل جاري آهي....خرچ ڪجهه به نه

    اکرين بِل....ڪجهه به نه

    اضافي اهو لکيائين ته ادائگي ٿيندي رهي ٿي، ٿيندي رهندي، جنهن جي لاءِ عشق جو سِڪو، محبت جي مايا پاڻهي فراهم ڪئي ويندي، ڪنهن به شئي جي طلب نه ٿيندي.

    اولاد لاءِ اهو سڀ ڇا ٿي سگهي ٿو؟. واءَ اچي ورايس. روئي ڀڳو...معافي وٺي دم ورتائين. اها ته خالي هڪڙي حڪايت آهي صاحبانِ عقل....مگر اهي سڀ جيڪي پنهنجي غريب مائٽ جي پيشي تي شرمسار ٿين ٿا ۽ جن لاءِ هاڻي هن حيثيت ۾، پنهنجي والدين جو ڪيل پورهيو ”ڌوڙ“ محسوس ٿئي ٿو، پنهنجو پاڻ کي ڪهڙي خاني ۾ فٽ ڪندا؟

    عمرِ عزيز گواهه آهي ته منهنجي ڄمار جا ڪجهه نوجوان، منهنجا دوست، هڪ وڏي سيليبرٽيءَ جا فرزند هئا. هاڻي ان سيليبرٽيءَ لاءِ اهو سچ عذاب بڻجي ويو، ته هو پنهنجي ملندڙن سان هنن هيڏن وڏن پٽن جو تعارف ڪيئن ڪرائي؟ نتيجو اهو نڪتو جو هو، پنهنجن پٽن کي سدائين پنهنجي ننڍڙي ڀاءُ جي حيثيت سان ملائيندو هو. اهي نوجوان، پنهنجي پيءُ کي سڄي عمر ”ادا“ ئي سڏيندا رهيا. کين سختيءَ سان چيو ويو هيو، ته ڪڏهن به، ڪنهن جي به سامهون بابا يا ڊيڊي چئي مخاطب ناهي ٿيڻو. هاڻي سڄي عمر ائين ئي گذري وئي. پيءُ هوندي به پيءُ ڪو نه هو.

    اهو الميو، فنونِ لطيفه ۾ شوبز جو آهي. عزيزانِ من....جتي عمر لڪائڻ لاءِ سئو جتن ڪيا وڃن ٿا. چيو وڃي ٿو ته اهو فنڪارن جو هنر آهي، پر اتي هٿ ٻڌي هڪڙو عرض ڪجي ٿو ته فنڪار ته هوندو ئي باهُنر آهي. هي عام ماڻهو ڪڏهن کان مصنوعي دنيا جو رهواسي ٿيو آهي ۽ اهو هنر سکيو آهي ته پنهنجو پاڻ کي لڪائڻ لاءِ، ٻين جي مٿان به ڪپڙو ڍڪيو وڃي. منهنجي شاگردن کي خبر آهي ته مان هڪ پٽيوالي جو پٽ آهيان. هڪ ڪورٽ بيلف جو اولاد...جنهن پنهنجي ذهني رسا اسان سڀني ڀائرن جي تربيت ڪئي. اها به عجيب ڳالهه ئي ٿي، جو ان بيلف جا چارئي پٽ، اهم ترين مسندن تي ويٺا، پر اهو به رب جو ڪرم ئي رهيو، ته هو ڪڏهن به ويهين گريڊ جي ڪرسيءَ تي ويٺي به ان سچائيءَ کان منڪر نه ٿيا، ته سندن والد محترم جي مالي حيثيت ڇا هئي. دنيا ته، اهي عهدا ننڍا سهي، پر انهن پٽيوالن، چوڪيدارن، مالهين، نائب قاصدن ۽ اسٽوڊيو ڪمشنرن ۾ الاءِ ڇو، گهڻو تعداد وڏن ماڻهن جو ڀرتي ٿيل هوندو آهي. اهڙا ماڻهو، جن لاءِ سدائين اسان پنهنجي محرومين وارن احساسن جي ڪري ڪونه ڪو بل ڪڍندا رهندا آهيون ۽ جن ڪڏهن به اسان لاءِ ڪو به بل نه ڪڍيو آهي.

    هنن وٽ اسان جي لاءِ محبتن جي اندراج کان سواءِ ٻيو ڪو به کاتو ڪونهي...اهڙو کاتو جيڪو اسان سڀني کي يقينن آپريٽ ڪرڻ نه ٿو اچي. اسان کي ته بس بل ڪڍڻ ئي اچي ٿو.

    mehmoodmughal@hotmail.com
     
  4. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم محمود مغل جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    ٻَو پئسي جو فائدو



    آچر 29 جنوري 2006ع

    سيني تي عجيب بار، سوار ٿي ويو آهي. اڻ ڄاتل لمحن جو خوف، ذهن تي ڄڻ هٿوڙا ٿو هڻي. ڪهڙي پاسي وڃڻ گهرجي ۽ ڪهڙي طرف وڃي رهيا آهيون؟ ڪهڙي اونهي کڏ آهي، جنهن ۾ غرخابي اسان جي منتظر آهي. انسانيت جي ڪهڙي درجي تي بيٺل آهيون ۽ هٿن ۾ مٿي چڙهڻ جو ”سَتُ“ باقي بچيو به آهي يا بس...هيٺانهين ڏانهن ڪرڻ ئي اسان جو مقدر وڃي رهيو آهي.

    هر هفتي هي فقير، خواب نگر ۾ اسان وٽ حاضر ٿيندو آهي. حڪايت دل جو ڪو ورق ورندو آهي، هن براڊ ڪاسٽر ۽ ٽيلي ڪاسٽر جو ڪنهن کي آواز وڻندو آهي، ڪنهن کي انداز...ڪنهن کي وري ڪجهه به پسند نه ايندو آهي. پر بهرحال اها ئي زندگي آهي... ”خبر“ ضروري هوندي آهي، انداز ۽ آواز ته بدلجندا ئي رهندا آهن. اسين سڀ انهن تبديلين کي ”ڀلي ڀت“ پروڙي وٺندا آهيون، عزيزان من...نه پروڙي سگهندا آهيون ته وقت جي آواز جي تبديليءَ کي.... ”وقت جي خبر“ مستقل بدلجندي رهي ٿي. اها ئي اهم ترين خبر هوندي آهي ۽ بدقسمتيءَ سان، اها ئي اسان کان سلپ ٿيندي رهندي آهي.

    زندگي، سوداگري بڻجندي ٿي وڃي...هرڪو ”ٻو پئسي جو فائدو“ ڳولي ٿو. ڪٿان اچي، ڪيئن به اچي، بس رڳو فائدو ملي...نقصان کان ڌڻي بچائي...اها ئي وقت جي سوچ بڻجي وئي آهي. فائدي جي چڪر ۾، مليل نقصان جي خبر ئي ڪا نه ٿي پوي...۽ جيئن پهرين عرض ڪري آيس...خبر پئي به ٿي ته الاهي دير ٿي وڃي ٿي...

    ڊاڪٽرن جي بازار ۾، هٿن ۾ ”عظيم الشان ٿيلها“ کنيو، نوجوان ڪچهريءَ ۾ مشغول هئا. جنهن مهل ان ”گرين لائٽ ايريا“ جون روشنيون اڌ سفر ختم ڪرڻ تي هونديون آهن ته پکين جي ولرن جيا اهي ”سوٽيڊ بوٽيڊ“ نوجوان نازل ٿيندا آهن، جن کي ”ميڊيڪل ريپ“ چيو ويندو آهي. فضيلت واري زبان ۾ اهي ميڊيڪل ريپريزنٽيٽوز (Medical Representatives) هوندا آهن، جيڪي دوائن جي مارڪيٽنگ ڪندا آهن. مختلف ڏيهي پرڏيهي ڪمپنين جا اهي نمائندا، هٿن ۾ کنيل ڪارڊ، ڊاڪٽر صاحب جي ”جهٽ پٽ نائب“ وٽ پهچائيندا آهن. اهو نائب جيڪو سدائين تڪڙ ۾ هوندو آهي ۽ دراصل ڊاڪٽر صاحب جو ”ساڄو هٿ“ هوندو آهي. ان جي مدد سان ئي ملاقات جو ”موقعو“ نصيب ٿيندو آهي. اهو صاحب ئي دراصل مريض جي نمبر کي اڳتي پوئتي ڪرڻ جو ”مجاز“ هوندو آهي. وڏن ڊاڪٽرن جا جهٽ پٽ نائب، هنن کان وڌيڪ ”اثر رسوخ“ وارا صاحب هوندا آهن. هنن سان ٺهي هلجي ته مريض کي وڌيڪ ”فائدا“ ملي سگهن ٿا.

    قضا سان مان به اتي موجود هئس، هڪ پيٿالاجي ليبارٽريءُ ۾، ڪنهن مريض جي هڪ ڊگهي ٽيسٽ ٿي رهي هئي. عزازت جي حوالي سان منهنجو ساٿ ضروري هو. ڪجهه لمحا گذري ويا هئا ۽ ڪجهه گذرڻا هئا. اتي ئي هنن نوجوانن جو هجوم به موجود هئو، جيڪو پنهنجي ملاقات جو منتظر هو. ڊاڪٽرن وٽ رش هئي، ڪارڊ، ٽيبلن تائين پهچي چڪا هئا، بس اجازت جي دير هئي. وقت ڪاٽڻ لاءِ سندن ”گپ شپ“ جاري هئي، جنهن مان، مان به ”مستفيض“ ٿي رهيو هئس.

    هر اک جو ”قد بت“ ننڍڙو هئو ۽ منجهنس وسيل خوابن جي سائيز تمام وڏي هئي. انهن خوابن کي طئي ڪرڻ لاءِ ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ جو ذڪر ٿي رهيو هيو. انسينٽوز (Incentives) ۽ بونس (Bonus) جو رڙ واڪو متل هئو. ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ جي جائز ناجائز سلسلن جو ذڪر هلي رهيو هيو. مون جهڙي بيوقوف جي اتي ڪا به حيثيت محسوس نه ٿي رهي هئي، ان ڪري هر نوجوان ”کلي...کيڏي“ رهيو هو. لفظ هئا، جيڪي ڪنن ۾ شيهو اوتي رهيا هئا. پيشي جو تقدس هيو، جيڪو ڌوڙ ٿي رهيو هو.

    الاءِ ڪيترن جا ته ڊاڪٽر صاحبان ”ٿيت“ تي ٻڌل هئا. هنن جي پهچايل ”پروڊڪٽ“ کي سيل ڪرڻ لاءِ شرطن جو هڪڙو هجوم، هٿ ٻڌيو منتظر هيو. ”هيءُ کپي، هو گهرجي...موبائل فون جو نئون ماڊل ڪهڙو آهي...عيد اچي پئي ٻارن جا ڪپڙا اڃا ڪو نه ورتا آهن...تنهنجي اسٽيشنري مزي جي ناهي...رائيٽنگ پيڊس ۽ نالي جو فونٽ سٺو ناهي. اهو مٽرائي ڏيو...“ اهي ۽ اهڙيون ٻيون انيڪ ننڍيون ننڍيون خواهشون ڪر کنيل هيون، انهن حڪمن جي پوئواري لازم هئي. نه ته پراڊ ڪٽ ڪٿان هلندي ۽ ٽارگيٽ ڪيئن پورو ٿيندو. حاضر اسٽاڪ مان ”سئمپلز“ جو هڪ خاص مقدار گهربل هيو ۽ ڪمپني پاران موڪليل ڪئلينڊر، واچون، گهڙيال، ٽشوز جا دٻا ۽ ٻيا تحفا الڳ الڳ انداز ۾ ملاقات جا مستحق هئا.

    اهو سڄو هنر هر ڪنهن کي معلوم آهي. ازل ابد کان اهو سلسلو جاري آهي، محترم ڊاڪٽر جيترو وڌيڪ مصروف هوندو ۽ مقبول هوندو، اوترو ئي وٽس ”آفرز“ وڌيڪ اينديون. ياد آيا پنهنجا استاد محترم...جيڪي صرف ۽ صرف رائيٽنگ پيڊس يا ڪا هلڪي اسٽيشنري وٺندا هئا. جي ڪا ڪمپني ڪا آفر ڪندي به هئي ته وارڊ ۾ گهڻو ڪري سرڪاري اسپتال لاءِ، ڪنهن مدد جي خواهش ڪئي ويندي هئي. وارڊ لاءِ ڪا سهوليت، ڪو واٽر ڪولر، ڪا رنگين ٽي وي، وارڊ جي مسجد لاءِ ڪارپيٽ ۽ اهڙيون ٻيون فرمائشون ڪيون وينديون هيون. ”سيمپلز“ صرف مريضن لاءِ ڪٺا ڪيا ويندا هئا ۽ اهي غريب غربي لاءِ ئي هوندا هئا، مٽن مائٽن لاءِ گنجائش گهٽ نڪرندي هئي. ”آهه غريبان...قهر خدائي“ جو ڊپ رهندو هو. هاڻي تابوت ۾ آخري ڪلي اها ٺوڪيل محسوس ٿي، جڏهن انهن مان هڪ نوجوان، وڏي اطمينان سان، سگريٽ جو ٽوٽو اڇلائيندي اهو انڪشاف ڪيو ته الاءِ ڪيترا ڊاڪٽر هاڻي ڪيش وٺن ٿا. تحفن جو زمانو ويو، مرضيون مٽجي ويون آهن. الاءِ ڇا وڻي وڃي، سو ڪيش جو هڪ مخصوص مقدار مقرر ٿيل آهي. جيڪو مقرر وقت تي ڪلينڪ پهچندو آهي. ٽارگيٽ خوب کان خوب تر حاصل ٿيندو آهي. پنج ئي گيهه ۾ آهن ۽ مٿو ڪڙاهيءَ ۾ آهي.

    زهر جي اوڳاڇڻ دوران، هڪڙي عام رواجي نوجوان آڏو، هڪ تجربيڪار، ماهر ۽ شعبي جي ڄاڻوءَ جو قد بت وائکو ٿي رهيو هو. ڪنهن جي ڪيتري ڊمانڊ آهي، ڪير ڪيتري تي راضي ٿي وڃي ٿو...ڪنهن لاءِ ڪٿان جو ”ٽوئر“ مناسب آهي؟ ڪنهن کي ملائيشيا موڪلجي ته ڪم ٿي ويندو ۽ ڪير بئنڪاڪ وڃي خوش ٿيندو آهي؟ اهو سڀ کين ازبر ياد هو.

    ڪجهه به سمجهه ۾ نه پئي آيو، صاحبان زمانه....دنيا جا سڀ هنر...ڌنڌا...پيشا...پنهنجيءَ جاءِ تي...ڪنهن به زندگيءَ ۽ موت جي ”ايمرجنسي“ نه هوندي آهي...هي اڪيلو پيشو آهي، جنهن ۾ اجل جو شڪار ٿيندڙ وجود، حياتيءَ جي طلب لاءِ اچي ٿو. اتي، اها سوداگري ڪيئن سونهين ٿي...ان جو ڪو اندازو ئي نه ٿو ٿئي.

    وڏو ڪرم آهي، پشاور، ڪوئيٽا، لاهور ۽ ڪراچيءَ ۾ ٺاهيل لوڪل فيڪٽرين جو...جيڪي سستيون دوائون مارڪيٽ ڪن ٿيون. غريبن سان ”محبت“ جي ڪري مهانگي دوا جو ”غريباڻو ڇاپو...“ ڪڍيو وڃي ٿو. قيمت گهٽ هجي ٿي. پر اتي سوال اهو به پيدا ٿئي ٿو ته اها دوا ڇا مرض کي ختم ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي يا ماڻهو خالي پائوڊر ڦڪي ٿو؟

    اڃا به هڪڙي عجيب ڪٿا آهي، عزيزان علم و هنر...هڪڙو ننڍڙو مثال ٻيو مليو آهي...اها دوا...جنهن جي وڪري جي قيمت 4 8 2 رپيا آهي، يعني ويهه ڪئپسولن جي پٽي، ايتري رقم به ملي ٿي... دراصل سٺ، ستر رپين جي لاڳت ۾ انهن فيڪٽرين مان نڪري ٿي...هلو ان کي وڌ ۾ وڌ سئو روپيو ٿا ڪيون...هاڻي...هولسيل تي اها دوا هٿن ۾ 184 رپين جي فائدي سان اچي ٿي، جنهن جا ٽي حصا ڪيا وڃن ٿا. تقريبن في پيڪٽ سئو روپيه ڊاڪٽر ڊاڪٽر صاحب کي آڇيو وڃي ٿو. باقي بچيا چوراسي رپيا، انهن جو اڌ يعني ٻائيتاليهه رپيا ويجهي ميڊيڪل اسٽور تي طئي ڪيا وڃن ٿا ۽ باقي ٻائيتاليهه رپيا، پنهنجي پيٽ جي باهه اجهائڻ لاءِ مخصوص هجن ٿا. هاڻي هڪڙي چين شروع ٿئي ٿي. مريض لاءِ اها دوا لکي وڃي ٿي ۽ کيس ٻڌايو وڃي ٿو ته فلاڻي اسٽور تان وٺجانءِ. فلاڻو اسٽور، اڳ ۾ ئي تيار هوندو آهي. هاڻي جي ڏينهن ۾، پنج پاڪيٽ به ويا ته خير سان ڊاڪٽر صاحب جا پنج سئو رپيا، اسٽور واري جا ٻه سئو ڏهه رپيا ۽ ٻه سئو ڏهه رپيا ئي سپلائير جا به نڪري اچن ٿا. هيڊ مکڻ کان سواءِ ئي جي پيلو رنگ ملي پوي ته ٻيو ڇا ٿو گهرجي؟....اسين به خوش ته توهين به خوش.

    هاڻي اهو سڀ هر هنڌ ناهي....سڀ ڊاڪٽر اهڙا ناهن. خدا ترسي، رحم ۽ ٻاجهه به موجود آهي، پر زماني جي انڌ، اسان جون اکيون پوري ڇڏيون آهن. اتي اهو سوال به پيدا ٿئي ٿو ته جي اهو سڀ ائين ئي آهي ته پوءِ ماڻهو بچي ڪيئن ٿو؟ ان جو جواب صرف ۽ صرف هڪڙو آهي ته شڪر آهي ته شفا، علاج، زندگي ۽ موت ڌڻي مٺي پنهنجي هٿ ۾ رکيو آهي، جنهن لاءِ ڪنهن به ”ڪميشن“ جي ضرورت ناهي.

    ان سڄي عمل ۾ اهم ترين ڳالهه اها آهي ته ”نمبر ٻه“ وٺڻ جي ڪا به ضرورت ناهي. ڀلي پئسا خرچ ٿين، پر دوا مهانگي وٺجي ۽ ڪٿان به وٺجي...انهن فلاڻن فلاڻن اسٽورن مان جان ڇڏائجي...مخصوص ٿاڪ مڪان کان هتي هُتي رلڻ بهتر آهي ۽ هونئن به جڏهن هن پيشي ۾ ڪپڙو وڪڻڻ واري صورتحال اچي وئي آهي ته پوءِ ضروري آهي ڇا ته ماڻهو ”الف“ تان ئي وٺي...اها ”ب“ وٽان به وٺي سگهجي ٿي.

    پي ٽي ويءَ جو هڪڙو ڊرامو ياد اچي ٿو...ڪنهن شهر ۾ طاعون پکڙبو آهي...سڀ کان وڌيڪ گورڪن خوش ٿيندو آهي، ڇاڪاڻ ته ڌڙا ڌڙ قبرون کوٽڻ لاءِ ملنديون آهن...خبر ان ڏينهن پوندي اٿس....جنهن ڏينهن سندس ”پُٽ“ جو موت ٿي ويندو آهي ۽ کيس ان جي قبر کوٽڻ لاءِ چيو ويندو آهي.

    ازل ابد جي راهه تي هلندي، اسين اجل جي انتهائي قريب ٿيندا ٿا وڃون. ڪتاب زندگي جا ورق تيزي سان کٽندا ٿا وڃن. ان ”ٻو پيسي جي فائدي“ لاءِ اسين وقت کوٽو ڪيون ٿا...باهه جو عذاب ڪلهن تي کڻون ٿا. جنهن شاهراهه جو انت، هڪ بند ديوار تي آهي، ان تي سفر ڪيون ٿا. اهو سڀ اسان کي الاءِ ڇو سمجهه ۾ نه ٿو اچي...ٻن اکين کي، ٻن پئسن جو اهو فائدو چڪا چوند ٿو ڪري...اهي پئسا، جيڪي بهرحال به کيسن ۾ رهڻا ئي آهن ۽ جن کي وفات کان پوءِ ڪنهن ٻئي جو هٿ ٻاهر ڪڍندو.

    سيني تي بار، سوار آهي...حڪايتِ دل زخمن سان چور چور آهي. لڳي ٿو ان جو علاج به ڪو ”ٻو پئسي جو فائدو“ حاصل ڪندڙ ڪنهن وجود ڪيو آهي، تڏهن ته شفا نه ٿي ملي...مالڪ مٺو جل شانه ڪرم ڪري...من شفا ملي وڃي.
    mehmoodmughal@hotmail.com
     
  5. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم محمود مغل جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    خواب، اکين جي آکيري جا ڪَک آهن!



    اڱارو 14 فيبروري 2006ع

    سٽون الاءِ ڪيئن اظهار جو جامو اوڙهي رهيون هيون. لفظن جي ردا عجيب هئي. جيڪي ڳالهائڻ چاهيم پئي، سو شايد زبان مان نڪتو نه پئي. جيڪي نڪتو پئي، تنهن تي اعتبار نه پئي آيو. هنن نگاهه يڪ ٽڪ رکي هئي. سڄو ڌيان مون ڏي هئن ۽ اهو ڌيان ئي هو، جنهن پگهرائي ڇڏيو هو. همٿ ميڙيل هئي، الاءِ نه. بهرحال مون سٽ چئي ئي ڇڏي هئي:”رات مون خواب ڏٺو، توکي لڌو...“

    صاحبِ محبت، مرڪڻ لڳو. سندن چهري تي آسودگي هئي. مٿي تي هٿ ڦيرائيندي چيائون:”مطلب...اڃا تائين خواب ڏسين ٿو، عڪس لهين ٿو.“ منهنجو ڪنڌ جهڪيل ئي رهيو. ائين ئي عرض ڪيم”قبلا...اکين تي ڪو به اختيار ناهي. منظر ته بس سامهون اچي ئي وڃن ٿا مرشد...“

    ”ڪنڌ ورائڻ نه ٿو اچئي ڇا؟. اڃا سکيو ناهين يا ڪنڌ ۾ ڪِلي اٿئي؟...“سندن لهجو عجيب هو. ائين ڪڏهن مخاطب نه ٿيا هئا. مان حيرتن جي حوالي هئس. ڪنڌ خودبخود مٿي کڄي ويو. هنن جي چهري تان مرڪ غائب ٿي چڪي هئي...”سامهون ايندڙن کان ڪنڌ ورائڻ ۾ ئي نجات هوندي آهي نادان. ڏهه ڀيرا توکي سمجهايو هوندم، مڻڪو ڀڃي هل. تنهنجيون نادانيون ته کٽن ئي ڪو نه ٿيون....۽ انهن جو اضافو، تنهنجي انا جي ڪليءَ جي ڪري آهي، جيڪا تنهنجي سوچ جي ڪنڌ ۾ کپيل آهي. هڪڙو ته نگاهه ڦيرائڻ نه ٿي اچئي....هل ڀلا جي اک نه ٿي هٽي، ته ڪنڌ ته ڦيرِ نه مجهول...“

    ”ڦيريان ٿو سائين...پر دير ٿي ٿي وڃي، عڪس جاءِ ٺاهي ٿو وٺي..“ اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيم. سچ بهرحال سچ هوندو آهي. ”گودام ۾ جاءِ گهڻي ٿئي ڇا؟...پراڻو ڪاٺ ڪٻاڙ، هر واري نيلام ڪندو آهين ڇا؟..“ مون کي سمجهه ۾ نه آيو. ماٺ، ناسمجهيءَ جي نشاني هئي، جيڪا هنن پروڙي ورتي. منهنجو هٿ پنهنجن هٿن ۾ جهلي ورتائون. ”جيڪي ڇڏي ويندا آهن، انهن جو بچيل ساز سامان اسان جي لاءِ گهڻو ڪجهه هوندو آهي. اسان مان الاءِ ڪيترا وجود، ان ساز سامان کي ڏسي ڏسي پيا جيئندا آهن. حياتيءَ جون بقايا گهڙيون، بچيل يادن جي لمس ۾ گذارڻ پسند ڪندا آهن. ساڳئي حوالي سان وري هڪڙو ٻيو ڪلاس به هوندو ٿئي. هر واري چوٽ کائڻ کان پوءِ، ان ڪلاس جا شاگرد، مليل ڪاٺ ڪٻاڙ کي حقيقتن جي ٽانڊن جي حوالي ڪندا آهن. جدائين جي سچائين کي مڃيندا آهن ۽ پوءِ وري هڪ ٻي چوٽ کائڻ لاءِ سرگردان هوندا آهن. اهي ئي عاشقِ ناشاد دلمراد....عشق جي ميدان ۾، زخمن سان ڀرپور زندگي گذارڻ کي ترجيح ڏيندا آهن. جتي پهريان هڪڙي چوٽ کائي، هڪڙي محبوب جو سوڳ سڄي عمر ملهائيندا آهن، اتي ٻيا، هر نئين سوڳ لاءِ من جو گودام خالي رکندا آهن. تو به ٻيو گروپ جوائن ڪيو آهي ڇا؟...“

    ڳالهه ۾ الاءِ ڇا هيو، نيڻ ڇلڪڻ شروع ٿي ويا. سدائين روئڻ ڌوئڻ ئي چالو ٿي ويندو آهي. ڪن ڪن جاين تي بي وسي، ظاهر ٿيڻ جا سڀ حيلا وسيلا ڪتب آڻيندي آهي. ڀلا اتي به جي نه روئجي، ته ڪٿي روئجي؟الاءِ ڪيتري دير اهو منظر ائين ئي رهيو. هنن هلڪي جهونگار ڪئي..”خواب اکين جي آکيري جا ڪک آهن. ڪنهن ويندڙ جي پيرن جي ڪا رَک آهن...خواب اکين جي آکيري جا ڪَک آهن...“ آواز سدائين جيان خوبصورت هئو. دل جي ڀَير اداسين جي ڏونڪن جي حوالي هئي. لڳو پئي، هر سُر”ڀيم“جيان هو. خوشين جي محفلن ۾، اکين کي آب وند ڪندڙ....مان ائين ئي روئيندو رهيس، پرچايو هنن به ڪو نه...”جن سان اسين محبت ڪندا آهيون نه....اهي دراصل محبتن جي فن کان ناواقف هوندا آهن. کين باهه ته نظر ايندي آهي، تپش جي خبر نه پوندي آهي...“

    الاءِ ڪيئن ڀڻڪيم: ”اهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو ته باهه به نظر اچي ۽ تپش جي خبر به نه پوي.“

    ”هٿ ناهن وجهندا نه....ڄَرَ جو احساس پيو ٿئي. ان ۾ سڙڻ ٻي ڳالهه هوندي آهي نادان....باهه کي ڏسڻ ساڻ گرميءَ جو احساس ته ٿي سگهي ٿو، سڙڻ جو نه. ان ۾ سڙجي ته خبر پوي نه...عشق جي باهه ۾ سڙڻ جو حوصلو هنن ۾ هوندو ئي ڪونهي“.

    ”معنيٰ اسان غلط ماڻهن جي چونڊ ڪندا آهيون؟..“

    ”محبت چونڊي ڪبي آهي ڇا ڀُوڪَ؟....بصر پٽاٽا وٺڻ ٿو وڃين ڇا محبوب؟ ۽ اهو به تون وٺڻ ڪڏهن ويندو آهين....اهو ته پاڻهي اچي ويندو آهي. محبوبن جي ڳولا انهن جي وڇڙڻ کان پوءِ شروع ٿيندي آهي، عقلمند...“ اکين ۾ پاڻياٺ ڪجهه جهڪي ٿي هئي. هاڻي سندن شبيهه صاف ٿيڻ لڳي هئي. ڳالهه ڪندي هنن پنهنجي ريش جي ڊگهن وارن ۾ آڱريون پئي ڦيريون. سالن کان حاضري ڀريندڙ آهيان، ڄاتم پئي ته هاڻي گهري سوچ ۾ ٻڏل هئا.

    ”جن کي خبر نه ٿي پوي...تن سان محبت ڇو ٿي ٿئي سائين...“ حجت ٿي وئي، سوال نڪري ئي ويو. ”جيڪو ڪري ٿو...ان کي خبر پئي ٿي؟ محبوب ته هوندو ئي پيڪرِ ناز و ادا آهي...جيڪو ان مام ۾ اٽڪي ٿو، ان جو حال ڇا آهي؟...کيس ڪهڙو ڦاهو کڻي ٿو، جو اچي ڪوڙڪيءَ۾ ڦاسي ٿو؟....هيءَ راند ته نانگڻ جوڳڻ آهي...ڪنهن نه ڪنهن ڍاري ۾ ته ڪکجڻ ئي لکيل هوندو آهي...جيڪي کيڏن ٿا، تن کي سڀ خبر هوندي آهي“.

    ”معنيٰ هر واري، هر ڀيري، مان ڄاڻي واڻي محبت ڪري ٿو وجهان؟“

    ”ائين ئي اٿئي....پاڻ کي ڪيترو به کڻي بيقصور ثابت ڪر، سچ اهو ئي ٿئي. هڪ دفعي جو ڏنگيل، بار بار ڏنگجي، ته ائين ئي چوڻو پوندو آهي ٻچا..“

    ”ائين ڇو ٿو ٿئي سائين؟...“

    ”کوٽ آ نه. موٽ جي کوٽ؟ جي هڪ واري ڀرپور محبت ملي، ته پوءِ ايڏي خواري ٿورئي ماڻهو کڻندو وتي؟.“

    جملو اتي ئي ڇڏي، هنن ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو. مون وٽ به ماٺ جي جهان کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه هو. دل جي دنيا ۾ وري ڪجهه تيزي مندي ٿي هئي. وري اکين ۾ ڪجهه خواب وسيرو ڪرڻ لڳا هئا. هوءَ جيڪا به هئي، ڪمال هئي...لفظن ۽ سوچن جي هنر ۾ سندس ڪاريگري بيمثال هئي. الاءِ ڪيئن، ڪجهه ئي ڏينهن ۾ اسين هڪ ٻئي جي تمام ويجهو اچي ويا هئاسين. قرار جو ڪو به گوشو نروار نه هو. هن واري به الاءِ ڇا ٿيڻو هو...ڪجهه سمجهه ۾ نه پئي آيو. اڳ کاڌل زخمن جيان، هن واري به ابتدا ڏاڍي سندر هئي. انتها اڃا سامهون نه آئي هئي، پر اهو ئي کٽڪو هيو ته نيٺ تاريخ کي پاڻ ورجائڻو ئي آهي. بدنصيبن کي نصيبن جي شڪايت سدائين هوندي آهي. سڀ ڪجهه ڄاڻندي به، هي الاءِ ڇا ٿي رهيو هو. محبتن ۾ اهو سڀ”الاءِ ڇا“ ٿيندو ئي رهندو آهي ۽ الاءِ ڇو ٿيندو رهندو آهي.

    ”زمانو ڏاڍي تيزيءَ سان بدلجي ويو آهي نادان...“ هنن هاڻي ٽيڪ ڏئي پاڻ کي ڍلو ڇڏي ڏنو. ”اڳئين زماني جي عاشقي ۽ هاڻي جي محبت ۾ ڏينهن رات جو فرق ٿئي. اڳي ديدار، ديدار هوندو هو...مهانگو هوندو هو، الاءِ ڪيڏي وقت کان پوءِ نصيب ٿيندو هو. اهي گهڙيون اينديون هيون به ته قيامت جيان....نظر اڃا پوندي ئي مس هئي، ته صاحب لوڪ...رخصت ٿي ويندو هو. پرينءَ جو هٿ جهلڻ وڏي ڳالهه هوندي هئي. ڏيڻ وٺڻ ته نصيبن وارن جو کيل هو...الاءِ ڪيترن کي ته محبوبن جو آواز ٻڌڻ به نصيب نه ٿيو هو. ائين ئي فنا ٿي ويا. هيپي ويلنٽائن جي موسم ئي ڪو نه ايندي هئي“.

    روح ۾ ڄڻ ڇرڪ ڀرجي ويا...محبتن جو عالمي ڏينهن ڪنڌيءَ تي هو. سائينءَ کي به سڀ ڪجهه ازبر هو. ”گل ڪنهن کي ٿا ڏجن؟ جيڪو پاڻ گل هوندو آهي. جنهن جي ساءَ سان حياتي ساهه کڻندي آهي؟ قدر ڪنهن جو ٿو گهٽ ڪجي، گلن جو...يا محبوب جو؟“.

    ”پرينءَ کي....ان هڪ ڏينهن تي به ياد نه ڪجي سائين؟“ الاءِ ڇا پئي چوڻ گهريم، الاءِ ڇا چئي ويو هوس. هنن مرڪي ڏنو. ”پرين ته وسرڻ لاءِ هوندو ئي ناهي...پوءِ ان کي ياد جا چوويهه ڪلاڪ ڇو ٿو ارپڻ گهرين؟ محبت ڄمارون گهرندي آهي. چوويهن ڪلاڪن ۾ ته ان جو ميم به لکجي نه ٿو سگهي...“

    ”ته پوءِ هي؟... هي سڀ جيڪي ان ڏينهن جو شدتن سان ذڪر ڪن ٿا، اهي سڀ بيوقوف آهن ڇا قبلا...؟“

    ”محبت عقلمندن کان ٿيندي؟ عشق جو معاملو، ڪو ڏاهو پنهنجن هٿن ۾ کڻندو؟ جي ائين هجي ها ته ڪا به محبوبه مڌو بالا کان گهٽ حسين ۽ ريکا کان گهٽ آواز ۾ سهڻي نه هجي ها. پوءِ ائين تو مون جهڙا سانورا، سادا سودا وجود، ڪنهن جي اک کي ڀانءِ نه پون ها. هي راند ئي عقل کان ماورا آهي. هاڻي ان ۾ جي ويلنٽائن ملهايو ٿو وڃي، ته ڀلي ملهائين. خبر ته هنن کي به نه ٿي پوي. بس ٻُڌيءَ تي سڄو سلسلو هلي ٿو. ڏٺي تي دنيا هرکجي ٿي.“

    ٻاهر، ڪنهن گاڏيءَ ۾ شمن جو آواز هوائن ۾ سفر ڪري رهيو هو:”گل کپاءِ نه مالهي، مون کي هار گهرجن....مون کي هار گهرجن، منهنجا پرين ٿا اچن..“ گاڏيءَ جيتري دير ۾ قربت کان دوريءَ جو سفر طئي ڪيو هو، اوتريءَ دير ۾ اهي سٽون مڪمل ٿيون هيون. سائينءَ کي به گيتن جي لهرن عجيب رنگ ۾ رنڱي ڇڏيو. سندن به ڪنڌ جهڪي ويو. وڏو ساهه ڀريائون، ته نيڻن مان پنهنجي به قطرا ڪري پين.

    ”پرينءَ جي اچڻ جو خيال، ڪيڏو نه ڪمال هوندو آهي، محمود. پيرين ڌريان پنبڻيون، هنڌ وڇايان وار...سڄي عمر گولي ٿي گذارڻ جو ڪمال اچي ويندو آهي هر عاشق کي. مالڪي ته ڪڏهوڪو ختم ٿي ابا....بس، غلامي شروع. محبت ته نسورو ظلم هوندي آهي، انڌ هوندي آهي. سڀ ڪجهه پيش منظر هوندو آهي، پس منظر جا هڙئي منظر گم ٿي ويندا آهن. تڏهن ته محبوب جي ڪا شڪل شبيهه نه هوندي آهي. وري چوانءِ ٿو...جي محبت پس منظر تي نگاهه ڪري، ته ڪو به ڪوجهو، ڪارو وجود ڪڏهن به محبت نه ڪرائي سگهي. اهو عشق جيڪو محبتي ميڙي ٿو، انڌو، ٻوڙو هوندو آهي....ها، گونگو بنهه ناهي هوندو. دنيا جا سڀ گونگا اصل ۾ ٻوڙا هوندا آهن، ٻڌي نه سگهندا آهن. ان ڪري اُچاري نه سگهندا آهن. عشق ٻڌڻ نه چاهيندو آهي. کيس رڙ واڪي سان دلچسپي هوندي آهي. اهو ئي سبب آهي جو اسان جو محبوب ٻين کي عجيب ڏسڻ ۾ ايندو آهي. اسان جي جوڙي ٻين کي نه ٺهڪندڙ لڳندي آهي. اسان لاءِ ته بس اهو ئي سچ هوندو آهي، ته سڄي ڪائنات ”هن“ تي اچي بيٺي آهي.

    ۽ ”هو“ ڪير آهي؟ هو اهو ڪمال آهي، جنهن جو زوال جو اسان کي کٽڪو ئي نه هوندو آهي. سڀ اوڻايون پاڻ ڏانهن ڪندي، سڀ مدايون پنهنجي کاتي ۾ وجهندي، اسين سدائين هن جي ڀلاين جو ذڪر ڪندا آهيون. جنهن جي ناراضگي به هڪ ادا لڳندي آهي ۽ جنهن جو راضپو، مڙني موسمن کي بهار ۾ تبديل ڪري ڇڏيندو آهي. هو ساڻ هجي، ته انسان ڪائنات جو امير ترين وجود بڻجي ويندو آهي ۽ جي خدانخواسته هو وڇڙي وڃي، ته زندگي هڪدم ڪنگال ۽ ڇسي ٿي ويندي آهي. هر ”هو“ اسانجي اندر ۾ نين موسمن جي جنم جو ذميوار هوندو آهي. سڄيءَ حياتيءَ ۾ ٽارين تي ايترا گونچ ڪو نه ڦٽندا آهن، جيترا پيار جي موسمن ۾ اسان جي وڻن تي ڦٽي پوندا آهن. اسان جي سونهن، سينگار، ناز نخري کان وٺي اسان جي اجڙڻ تائين جو ذميوار هو ئي ته آهي. سندس محبت اسان کي ڪٿان کان ڪٿي پهچائي ڇڏيندي آهي ۽ غفلت اسان مڙني کي ڪمانگر بڻائي ڇڏيندي آهي. اسين ڪمانون ٺاهيندا آهيون، ته جيئن تير اُڇلي سگهون....۽ تير اندازي ڪڏهن به محبت ۾ ممڪن ناهي. عشق ۾ حدف ناهي هوندو، جنهن جي دل ۾ محبت جو سودو نه هوندو، سو ئي هٿيار استعمال ڪندو“.

    الاهي ڳالهائڻ جي ڪري ساهه ڀرجي آيُن. اندر جي ڄَر مون کي به محسوس ٿي رهي هئي. همٿون ميڙيندي، عرض ڪيم:”جيڪو هينئن ۾ هُري ٿو، تنهن لاءِ گلن جو بندوبست ڪيان نه؟...“ سختيءَ سان چيائون،”جي ساڳيو آهي ته ڀلي ڪر...جي محب مٽايو اٿئي ۽ هر سال ڪنهن ٻئي کي تازا گل پيش ٿو ڪرين، ته اهو عشق ناهي، خالي ويلنٽائن آهي. عيد جو ڏينهن به ته بنان خوشيءَ جي گذري ويندو آهي نه....جي پرين هڪڙو ئي آهي، ته ويلنٽائن لهڻين ٿو، ڀلي تجديد ڪر....پر جي مهانڊو مٽيل آهي ته پوءِ تون به ڪمانگر ئي آهين... کيس گل نه ٿو آڇين، تير اندازي ٿو ڪرين...پوءِ پنهنجي سٽ تبديل ڪر....رات مون خواب ڏٺو توکي لڌو، جي جاءِ تي لک....رات مون خواب لڌو، توکي ڏٺو“.

    mehmoodmughal@hotmail.com
     
  6. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم محمود مغل جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    دل ڪر درخت جي دستور



    آچر 19 فيبروري 2006ع

    سيني تي اوڌر جو ٻوجهه کنيو حاضري ڀري رهيو آهيان.

    دنيا ۾ سڀ کان وزندار شئي هجي ٿي محبت... گمان جي جهان ۾... عشق جو ڪاٿو ناممڪن آهي. ڪير، ڪنهن سان ڪيتري محبت ڪري ٿو، اها سوچ ڪري ئي نه ٿي سگهجي. اها محبت، جيڪا محبوب جي نگاهه جي تِرورن کي محسوس ڪري ٿي، جيڪا لمس، لڇ پڇ، قرار بيقراري، ساڃاهه ۽ بي ساختگيءَ جو مجموعو هوندي آهي. حدفِ نگاهه مٽجندو رهندو آهي، محبت جو ”مامرو“ ساڳيو ئي هوندو آهي. عشق ته مجسم عشق هوندو آهي. ڪنهن ”چون چران“ جي ڪا به گنجائش منجهس نه ٿي نڪري. ڪنهن به فارميٽ ۾، محبت پاڻ پسائي ته ماڻهو عجيب رنگ ۾ رڱجي وڃي ٿو. بي جان وجود، جاندار بڻجن ٿا، عڪس پاسا ورائيندا محسوس ٿيندا آهن. بتن ۾ جان پئجي ويندي آهي. پاڇي سان دوستي ٿي ويندي آهي. منظر، پس منظر ۾ هليا ويندا آهن ۽ پيش منظر وري وڌيڪ چٽو ٿي ويندو آهي.

    شبانه، خط لکندي رهندي آهي. سنڌي ادب ۾، جيڪي نوجوان ذهن، پنهنجي محنت سان اڳيان وڌيا آهن، انهن مان شبانه سنڌي به هڪ آهي. قلم سان تعلق جي ڏور نڀائيندي، هن نوجوان ليکڪه پنهنجي پاران ٺيڪ ٺاڪ ڪوشش ڪئي آهي. سندس هڪ خط جو اقتباس اوهان جي نذر ڪرڻ گهران ٿو...

    ”هر شخص ڪهاڻي آ...

    اڄ ڏينهن تائين ڪنهن اهو ٻڌو آهي ته هر شخص نه ته، ڪو هڪڙو شخص ئي غزل آهي يا وائي آهي... ها! اهو چئي سگهجي ٿو ته ان ڪهاڻيءَ ۾ غزل يا وائيءَ جا رنگ/عڪس ضرور پسي سگهجن ٿا. انساني زندگيءَ ۾ محبت ڀريا لمحا، خوبصورت خيال، سندر سپنا ۽ املهه آدرش ڪويتائن مثل آهن، ڏک، درد، پيڙائون ۽ ڀوڳنائون به ڪهاڻين مثل. هر ماڻهوءَ جي ئي نه بلڪه هر ڪنهن جي ڪهاڻي هجي ٿي. صرف هر شخص نه بلڪه هر شئي پنهنجي اندر ۾ هڪڙي ڪهاڻي سانڍيو ٿي وتي. هي اسڪول ۾ ٻير جو وڻ آهي، ان جي به ڪهاڻي آهي... دردڪهاڻي... هي وڻ اسان کي اُس کان بچائيندو آيو آهي. ٻير کارائيندو رهيو آهي. ٻار هن جي هيٺان ويهي راند ڪن ٿا. ايترا سارا فائدا آهن. پر خبر ناهي ڇا ٿيو... ڪهڙو نقصان ڏنو هن... جو اسان جي هيڊ، ان وڻ کي سزا ٻڌائي... خبر ناهي ڪهڙي گناهه جي... حالانڪه ان وڻ ته سدائين ساٿ پئي نڀايو. ان وڻ کي ڪپايو ويو. فقط ٿُڙ رهايو ويو. ٽاريون سڀ ڪپي اڇلايون ويون يا الاءِ ته وڪرو ٿي ويون ڪاٺ طور... اسان احتجاج ڪيو... ”آپا! وڻ ڇو ڪپرايو؟... سونهن هئو اسان جي اسڪول جي آڳر جي... ڪلاسن ۾ ان وڻ جي ڪري ڇانو لڳي پئي هوندي هئي جو اس جو تاءُ ئي نه ايندو هئو.“ منهنجي ڪلاس روم جي در جي سامهون هوندو هئو ۽ هر وقت منهنجين نظرن آڏو هوندو هئو. خالي ٿڙ ڏسي هانءُ ٿي ڦاٽو، اکين مان زوريءَ لڙڪ وهي آيا هئا. مان ئي نه، منهنجا گهر وارا به افسرده هئا ته ٻير ڪيڏا نه مٺا هوندا هئا، ان ٻير جا... چئن پيسن جي لالچ ۾ اهو وڻ، اها سونهن، اها رونق، اها سهولت ۽ اهو سهارو کسيو ويو. انسان ڪيڏو نه لالچي آهي ۽ وڻ... وڻ جي عظمت ڏسو... اڄ وري اهو ٿڙ سائو لڳو پيو آهي. ڇهن مهينن ۾ ان ٿڙ مان کوڙ ساريون ٽاريون ٻاهر نڪري آيون آهن. ٿڙ سڄو انهن سان ڍڪجي سائو ٿي ويو آهي. ائين ٿو لڳي... ڄڻ ان وڻ نئون جنم ورتو هجي. اسان کي اهو ڊپ هئو ته هاڻ وڻ ڪپجي ويو، سو وري ٿورئي ٿيندو... پر وڻ انسان ناهي. هو وري اسان موٽ موجود آهي. اسان کي ميوو ٻير کارائڻ جي لاءِ... ٻارن کي ڇانو فراهم ڪرڻ جي لاءِ... ۽ شايد بي رونق ٿي ويل گرائونڊ کي سونهن بخشڻ جي لاءِ... اسان ڇا ٿا ڏيون وڻ کي ڀلا... ڪجهه به ته نه... ها! اچڻ مهل اسڪول جي گيٽ کان اندر گهڙڻ وقت مان وڻ سان مخاطب ٿيندي آهيان ”اسلام عليڪم“ چئي ۽ واپس ويندي مهل کيس ”خدا حافظ“ چوندي آهيان. ڪڏهن ڪڏهن، جي مون کي موقعو ملندو آهي ته ان جي ڀرسان وڃي ڪپيل ٿڙ کي هٿ لائيندي آهيان. ان مان ڦٽل ننڍڙين ننڍڙين ٽارين کي پيار ڪندي آهيان ۽ هاڻي جي، اهو وڻ ٻير جهليندو ته ڇا ان وڻ کي ڪٽرائڻ وارو اهي ٻير نه کائيندو؟ ضرور کائيندو، پر ڇا کائڻ مهل اها سوچ ايندس ته هن وڻ کي مون ئي ڪپرائي ڇڏيو هو؟! انسان ڪيڏو نه بيدرد، لالچي ۽ خود غرض آهي؟“

    لفظ ته ڪمال هوندا آهن، صاحبان عقل و هنر... ساهر هوندا آهن... ماڻهن کي وقت جي راڳ جيان، پاڻ ۾ جڪڙڻ جو هنر بخوبي ڄاڻندا آهن. الاءِ ڇو هن سادي سودي خط ڄڻ پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀري ورتو. سڏڪا رڪجن نه پيا، حالانڪه اهڙو ڪجهه ان خط ۾ ڇا آهي. بس... دنيا جي بي مهري، بي ثباتي ۽ بي وفائي هينئن تي تري آئي. اتي اهو خيال به آيو ته دنيا ته ازل ابد کان اهڙي آهي، اسين ڇو ٿا اهڙا ٿيندا وڃون؟ هي ڇا ٿي ويو آهي اسان کي خواتين و حضرات جو اسان رڳو پاڻ ۾ جيئڻ شروع ڪيو آهي. ٻين لاءِ لاڀ ۽ فائدي جي سوچ اسان وٽان ڇو پئي گم ٿيندي وڃي؟ اهي وڻ، اهي سبيلون، اهي انتظار گاهون، اهي خدا جه ڪارڻ مددون... اسان کان ڇو موڪلائي ويون آهن؟ ڇا ٿيو آهي اهڙو جو آئينن ۾ صرف اسان کي پنهنجو عڪس نظر اچي ٿو ۽ ٻيا سڀ منظر ڌنڌلا پئجي وڃن ٿا؟ اهڙا آئينا ڪنهن ٺاهيا آهن، جو اسين پنهنجي پسند جا منظر انهن ۾ ڳولي وٺون ٿا؟ شيشه گرن هنر ۾ اهڙو ڪمال حاصل ڪري ورتو آهي ڇا؟ ياد اچي ٿو، پراڻن زمانن ۾ درسي ڪتابن جو هڪ سبق... هي اهو زمانو هوندو هو، جڏنهن ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي جدت نواز ”مهرباني“ اڃا گهڻو نازل ڪو نه ٿي هئي، ”الف“ انب هوندو هو ۽ ”ب“ بلا... اک اڃان منظرن ڏسڻ لاءِ آتي نه هئي ۽ نه وري بدڪ ڪا بَڙ بَڙ ڪئي هئي... انهن زمانن ۾ ٻارن جي اخلاقيات تي گهڻو زور ڏنو ويندو هو. جديد معلومات فراهم ڪرڻ جي آڙ ۾، پنهنجي چڱن ۽ ڀلارن جا قصا اڃان غائب ڪو نه ٿيا هئا. انهن ۾ هڪ قصو هڪ ڪراڙي جو به هو، جيڪو ڪنهن ميوي جو نئون ٻوٽو لڳائي رهيو هو. ڪنهن اچي پڇيس ته ”ڏاڏا... ٻوٽو لڳائين تون پيو... هن عمر ۾... اهو جڏهن وڌي وڻ ٿيندو ته تون ته هوندين ئي ڪو نه... پوءِ ميوو ته سڄو ٻيا پيا کائيندا... تنهنجي ته محنت ئي اجائي... تنهن تي ڪراڙي مرڪندي چيو هو ”اهو ئي زندگيءَ جو ثمر آهي، پوکيندا هڪڙا آهن، نصيب ٻين کي ٿيندو آهي. اسين به ته ڪنهن ٻئي جي لڳايل ٻوٽي مان ميوو ٿا کائون... ڳالهه سمجهه ۾ اچيو ٿي نه... هاڻي حياتي ائين ئي آهي... جان عزيز...“

    اهو نياپو، هينئين سان هنڊايو ويندو هو، پر شبانه جي خط پڙهڻ کان پوءِ ۽ اوسي پاسي حالتن تي نگاهه وجهڻ کان پوءِ الاءِ ڇو اهو شدت سان احساس ٿي ويو ته ٻين لاءِ سهولتن جي سوچ هاڻي اسان وٽ اچي ئي ڪو نه ٿي... هڪ هڪ پل جي آسودگي ڏيڻ لاءِ به ڪو تيار ناهي. بس... اهو ئي خيال حاوي رهي ٿو ته مون کي ڇا ملندو يا ڇا ملندو رهيو آهي؟ ڪن ڪن سوالن جا ڪي به جواب نه هوندا آهن، صاحبان فضل و عنايت... اهي سڄي عمر سوال ئي رهجي ويندا آهن... انهن مان هڪڙو سوال حاصلات جو به آهي. اندر سدائين غير مطمئن حالتن جو شڪار رهي ٿو. پيٽ آهي جيڪو ڀرجي ئي نه ٿو. پنهنجي لاءِ ئي پوري نه ٿي پوي ته ٻين لاءِ ڌوڙ سوچجي... اکيون ٻوٽي اسان پنهنجي جيوت تباهه ڪئي آهي. ٻيلا اسان وٽ آهن ڪو نه... وڻن جي پوکيءَ ۾ اسان کي اعتبار ناهي... ۽ جي پوکڻ چاهيون ٿا ته به اهڙو، جهڙو اسان لاءِ هجي ۽ اسان کي فائدو ڏئي... پاڻيءَ جي نه هجڻ جي گلا اسان وٽ آهي ۽ ائين ئي اتي ئي بنگلن ۾ بيٺل وڏين گاڏين کي ڌوئيندڙ، واشنگ پائوڊر سان مليل پاڻي، ٻاهر نيٺ به نڪري، رستن کي آلو ڪندو رهي ٿو. اسين الاءِ ڇا ٿي ويا آهيون سائين... بي يقيني ۽ يقين جي وچ ۾ سفر ڪيون ٿا... بي يقيني اها ته الاءِ ملندو الاءِ نه... ۽ يقين اهو ته مون وٽ ته آهي نه... ٻيا ويا کڏ ۾... بس پوءِ اهو سڀ ائين ته ٿيڻو آهي... هاڻي ڀلا جي اهو ائين ٿيڻو ئي آهي ته بهرحال... ڪنهن جي اک جو لڙڪ ته ڏسڻ ۾ اچي... هلو ڀلا... ان جو درد محسوس نه ٿا ڪيون، پر ان جي اکين جو پاڻي ته ڏسي وٺون... ڪنهن کي ڏيون نه ٿا ته ڏکويون ته نه... هاڻي ته الاءِ ڇو اسين ان جاءِ تي اچي بيٺا آهيون جو ”ڏکوئڻ“ مزو ڏيڻ لڳو آهي. دل، درد وندي ٿي وئي آهي... سيني تي بي راهه روين جي اوڌر جو بار چڙهندو ٿو وڃي. اسين هاڻي درخت نه ٿا بڻجي سگهون. جو اُس به جهليون، ڇاڙٻ به سهون... ڇانو به ڏيون ۽ ميوي سان خدمت به ڪيون... زماني جي هوا اسان کي انسان بنائي ڇڏيو آهي... وقت جي وهڪري ۾ وهندي، اسين اس بخشيون ٿا، ڇاڙٻ هڻون ٿا، ڇانو کسيون ٿا ۽ بي فيض ٿيندي خوشي محسوس ڪيون ٿا. اسين وڻ ناهيون شبانه... اسين انسان ٿي ويا آهيون. اسان کان هاڻ ڇانو ڏيڻ جو فن وسري ويو آهي، اسان کي اس جي عنايت سٺي لڳڻ لڳي آهي.

    mehmoodmughal@hotmail.com
     
  7. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم محمود مغل جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    شهزادي ۽ ڪئنچي



    آچر 26 فيبروري 2006ع

    سڄيءَ دنيا ۾ سال کن ته سلائي ڪڙهائي نه پئي ٿي. ڪپڙو ڪٽڻ عذاب ٿي ويو هو، ڪُنڊون صحيح ورن نه پيون. ڪاريگر منجهي پيا هئا. هر ڪنهن وٽ منٿ ميڙ ڪري، سندن ٻيڙو ئي ٻڏي ويو هئو. ”ڊزائينرز ڪلاٿ“ ٺاهيندڙ ماهرن کان وٺي هڪ عام درزيءَ تائين، سڀ پريشان هئا. هڪ ٻئي کان پڇي ٿڪا هئا، پر ڪنهن به عقل جي سڄي کي اهو خيال نه پئي آيو، ته ڪو ڊاڪٽرن کان به ته پڇا کڻي ڪجي، متان ڪنهن ڀل سان هيڏي هوڏي نه ڪا شئي ڪري ڇڏي هجي. هفتو اڳ ايڪسري ڏسي، هر ڪنهن کي ساهه ۾ ساهه پيو ته گم ٿيل ڪئنچي ته خيرن سان شهزاديءَ جي پيٽ ۾ رهجي وئي هئي. پيٽ جي جراحيءَ کانپوءِ جڏهن اها ڪئنچي صحيح سلامت مالڪن تائين واپس موٽي آهي ته سڄو سال پنهنجي هينئين سان لائيندڙ ۽ سيني سان سانڍيندڙ شهزاديءَ جا پساهه ”کوٽي“ ٿي رهيا آهن. سرد شِيهو هن جي اندر ۾ سڄو سال سرديءَ جون لهرون موڪليندو رهيو. اها سردي، جيڪا مهربان ڊاڪٽرن جي سرد مُهريءَ جو هڪ ادنيٰ مثال آهي.

    ڪئنچي ڇا ملي آهي، ڪٽڻ جو ڪم هڪدم تيز ٿي ويو آهي. سڀ کان پهرين ته ان جي تيز ڌارن، ان هيڊ نرس جي نڙي ڪٽڻ گهري آهي، جنهن جو ڪم سرجريءَ کان پوءِ اوزارن کي ڳڻي، صحيح سلامت تعداد ۾ رکڻو آهي. هن غلطي ڪئي، اوزار نه ڳڻيا....اهي کٽل هئا، کيس واقعي”مثالي“ سزا ملڻ گهرجي. اهو رڳو منهنجو خيال نه آهي بلڪه اسپتال جا بالاعملدار به اهڙي ئي ڪنهن مطالبي ۾”مگن“ آهن. جنهن سرجري ڪئي، اهو وجود معصوم هيو، سادڙو هيو. هن کي ڪهڙي خبر هئي ته پيٽ کي”پاڻ“ بند ڪبو آهي. اهو ڪم ننڍن ڊاڪٽرن يا پيرا ميڊڪس کان نه ڪرائبو آهي. مصروفيت ڀلا جي گهڻي هئي ته اهڙيون ننڍڙيون ننڍڙيون غلطيون ته ٿي سگهن ٿيون، نرسن کي ٻيو ڪهڙو ڪم هو؟ هن کان اوزار به صحيح ڳڻيا نه ٿيا؟ اهڙي نااهل ماڻهوءَ جو هن مقدس پيشي ۾ ڪهڙو ڪم آهي...ڪڍي ٻاهر ڪيوس.

    اڄ لهجو مٽيل آهي نه صاحبانِ زمانه...جيڪي خواب نگر جا مستقل پڙهندڙ آهن، انهن لاءِ اهو سڀ حيرتن جو سبب بڻجي سگهي ٿو، ته اڄ هن فقير کي ڇا ٿيو آهي، جيڪو محبتن جو درس ڏيندي ڪو نه ٿڪبو آهي، اڄ جهڻڪين تي لهي آيو آهي. اڄ، من مَلول آهي قبله.....خاڪ خاڪ دامن، هٿ ۾ جهلي ڪيڏانهن وڃجي؟ ڪنهن جي ڪلهي تي مٿو رکي روئجي ۽ ڪنهن وٽ آهي اهڙو خلوص جو رومال، جنهن ۾ اکين جو پاڻي جذب ڪجي؟. دنيا مال متاع جي حوَس ۾ ٻڏل آهي. زر جي انڌ ۽ وڌ کان وڌ ڪمائڻ جي سوچ، اسان جي اندر ۾ ڪارنهن جا ڪلور ڪيا آهن. اسان کي، ڪنهن جي ڪا هستي نظر ئي ڪٿي اچي ٿي؟ دنيا ڇا آهي عزيزانِ من....انڌير نگري...خواب نگر...اهڙي جاءِ، جيڪا آهي ئي ڪا نه. توهان هزار ڀيرا ان کي پنهنجو سمجهو، پر اها ته اڄ تائين نه توهان کان اڳ وارن جي ٿي سگهي آهي، نه توهان جي ٿئي پئي ۽ نه ئي اوهان کان پوءِ وارن جي ٿيندي. هاڻي ان خاڪ نگر ۾، هن ڪجهه ڏينهن جي کيل ۾ ڪهڙيون قيامتون آهن، جيڪي اسين نازل نه ٿا ڪيون؟ اسان کي ڪجهه نظر اچي ته سوچيون نه....

    احساس هوندو ئي محسوس ڪرڻ سان آهي، خواتين و حضرات....جي محسوس ڪجي، ته ذميواري به هوندي آهي، خيال به رکيو ويندو آهي، سوچ به ايندي آهي ۽ ڌيان به لڙندو آهي...جي محسوس نه ڪجي، ته ڪنهن جو ڪنهن سان ڇا؟...ڪنهن تي سج اڀريو ۽ ڪنهن تي لٿو، ان سان اسان جو ڪهڙو تعلق؟ محبتن جي موسمن جا دعويدار ۽ گلوبل وليج ۾ وڏن وڏن دهمانن سان رهندڙن جا پنهنجا کاتا کٽل آهن، پنهنجي ئي پوري نه ٿي ٿئينِ، ته ٻين لاءِ ڇا ٿا ڪري سگهن؟

    ۽ اهو معاملو خالي اتي ئي پهتل ناهي. جن سان پڄي ناهن سگهندا، انهن جي جند آجي ڪرائڻ لاءِ”خالي ڳچين“ جي ڳولا به سندن ئي عقل و حرفت جو ڪرشمو هوندي آهي. ڪنهن کي، ڪنهن جي جاءِ تي ڦاهو”فٽ“ ڪرڻو آهي، اها ڄاڻ هنن کي ڪمال مهارت سان حاصل هوندي آهي، جنهن جو هڪ ننڍڙو مثال شهزاديءَ جي پيٽ ۾ رهجي ويل ڪئنچيءَ جي ذميواري آهي. شعبي جا ماهر ان ذميواريءَ کان آجا ٿي ويا آهن ۽ هيڊ نرس جي ڳچيءَ ۾ اهو طوق پئجي ويو آهي.

    اسين پنهنجي موت کان ايترو غافل ڇو آهيون؟ ڇو نه ٿا ڄاڻون ته پنهنجي اثر رسوخ، مانَ مرتبي ۽ حيثيت جي ڪري اسين سڀني جي اکين ۾ ڌوڙ ته پائي ٿا سگهون، پر نيٺ ان رب پاڪ وٽ ڪهڙو جواب اسان جي چپن تي ايندو؟ اتي ڪير اسان کان مرعوب ٿيندو؟ بندن جي حقن کي پائمال ڪري، اسين ان رب پاڪ آڏو پنهنجو ڪهڙو حق طلبينداسين؟. هتي ته بالا عملدارن جي جاءِ بخشي ٿئي ٿي، اتي ته بالا عملدار ۽ انهن جي لاءِ لوپ هولز (Loops Holes) ٺاهيندڙ وجود گِهلبا ۽ ٺيڪ ٺاڪ گِهلبا.

    دنيا ته ستم ظريفي آهي. هڪ اعليٰ تعليمي اداري ۾ هڪ واري هڪ ڪوڙي ڊگريءَ جو ڪيس انڪوائري لاءِ آيو هو. صاحبانِ ثروت و جاهه، سڀ ڪٺي هئا، حالات ۽ واقعات سنئون سڌو ٻڌائين پيا ته ٽي لک رپيا کن وٺي، اهو ڪم ڪنهن ڪيو آهي. هاڻي جنهن ڪيو هجي، ان جو ذڪر نه پيو هلي. طوق ڦاٿو ان جي ڳچيءَ ۾، جنهن اها ڊگري لکي هئي. تنهن زماني ۾ محترم ڪمپيوٽر اڃا ايترو اثر رسوخ ماڻي نه سگهيو هو، ڊگريون هٿن سان لکبيون هيون ۽ خوش خط وجودَ، ٿورو گهڻو ڪجهه ڪمائي وٺندا هئا. ان ڊگريءَ ۾ تفصيل لکڻ جي قيمت شايد ٻه رپيا في داڻو هئي. ستم جي حد ڏسو ته سڀ پڙهيل ڳڙهيل، انڪوائري ڪميٽيءَ جا ميمبر، اهو سڀ سمجهندي ته اها مهر و عنايت ڪنهن جي آهي، ان ٻن رپين ڪمائڻ واري کي ڦاهيءَ چاڙهڻ جو مطالبو ڪيو ويو. هڪ ميمبر صاحب ته اهو به فرمايو ته ان ”مجرماڻه غفلت“ تي پڇيو وڃي، ته هن اها ڊگري ڇو لکي؟ هاڻي لاٽ جي لاٽَ ۾، جي سڀ ڪاغذ پورا هوندا ته هن جو ڪهڙو ڏوهه؟ ۽ اهم ڳالهه ته اصل”صاحب“ جي کنڌي جو ته ڪنهن کي به فڪر ڪو نه هو، لکين رپين جي خرد برد ڪندڙ کي ڇڏي، ٻن روپين جي ڏوهاريءَ جي ڳچي فٽ ٿي وئي هئي.

    هتي ئي، هن ئي خواب نگر ۾، تقريبن سال پهرين مون هڪ قصو اوهان جي خدمت ۾ عرض ڪيو هو. گهر تي ڪم ڪندڙ اوستي، نواب جي گهر واري هلنديءَ بس مان ڪري پئي هئي. سندس پيٽ تي بس جو پويون ٽائر چڙهي ويو هو، تڙ تڪڙ ۾ سڀ اسپتال پهتا هئا. کيس ايمرجنسي ۾ داخل ڪيو ويو هو. سرجري ٿي هئي ۽ ٻئي ڏينهن هوءَ هوش ۾ اچي وئي هئي. سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿيڻ لڳو هو، بس اها شڪايت هئس ته پيٽ ۾ ڪجهه”پَٽَ“ ٿي رهي آهي. هر ڪنهن سوچيو ته ايڏو وڏو حادثو ٿيو آهي، تڪليف ته هوندي. مان انهن ڏينهن ۾ ڪراچيءَ ۾ ڪجهه رڪارڊنگس ۾ ڦاٿل هئس. اوچتو نواب فون ڪئي، ته ڪيئن به ڪري پهچو. اتي پهتو هوس ته آءِ سي يو جي حالت اها هئي، جو مريض خالي ڪري ڀڄي ويا هئا. ڌپ هئي، جيڪا ٻه ٽي سئو والن ۾ پکڙيل هئي. جسم ۾ زهر پکڙجي ويو هو. انچارج اتفاق سان منهنجو ڪلاس فيلو هئو، جنهن ٻڌايو ته رات پيٽ وري کولي ڏٺو هوم، ڇاڪاڻ ته حد کان وڌيڪ ڦوڪجي ويو هو ۽ اندر نظر آيا ڪپهه جا”پوڻا“ جيڪي اسان جي ئي هڪ استاد محترم، تڪڙي سرجريءَ ۾ جان ڇڏائيندي، پيٽ ۾ ڀري ڇڏيا هئا. پهريون ڏينهن مريض ٺيڪ رهي هئي ۽ پوءِ، اهو زهر پکڙيو، ته سڄي ڪائنات لٽجي وئي هئي. تنهن زماني ۾ لاشن کي روڊن تي رکي ڌرڻي هڻڻ جو رواج، اڃا شروع ڪو نه ٿيو هو. نواب ۽ مان، ماٺ ڪري مئل ڀاڄائي کڻي آيا هئاسين. نواب به معاف ته نه ڪيو، پر جي ڪري به ها، ته ڇا ڌڻيءَ کي ان سڄي معاملي جي ڄاڻ نه هوندي. اسين سڀ پنهنجن فرضن کان شدتن سان غافل آهيون، ڪنهن جو ڪهڙو ۽ ڪيترو فرض آهي، اهو هاڻي شايد اسان جي سوچ جي دائري ۾ نه ٿو اچي. طب جي هن ميدان ۾، خاص طور تي جراحيءَ ۾، هڪڙو مڪمل عمل آهي، جنهن جي پوئواري ڪئي ويندي آهي. شروع کان وٺي آخر تائين، هڪ هڪ ماڻهو ان ۾ ملوث هوندو آهي. او ٽي ٽيڪنيشنس کان وٺي سرجن تائين، هر ڪنهن کي سِر سان هوندي آهي ۽ هئڻ به گهرجي. ڇاڪاڻ ته ٽيبل تي ليٽيل وجود جي ساهه جي تند اوهان جي رحم ڪرم جي طالب آهي. حياتي ۽ موت ته رب جي هٿ ۾ آهي، پر بهرحال هن دنيا ۾ حيلا وسيلا به رکيا آهن. هاڻي اتي اها غفلت، ڪنهن پرائيويٽ اداري ۾ نه ٿي ٿئي، ڇو؟ ڇاڪاڻ ته مال سٺو ملي ٿو. سرڪاري کاتي ۾ هٿ به روان ڪرڻو آهي، سکڻو سيکارڻو به آهي. هاڻي ائين نه ٿيندو، ته ڇا ٿيندو؟ وڏا وڏا سرجن، سيکارڻ جي بهاني، هٿ ڪڍي ويندا آهن. سيکڙاٽ پنهنجا ڪم پيا ڪندا آهن. والده محترمه جي اک ۾ موتيو هو، جنهن جو آپريشن ٿيڻو هو. ادا سائين جو دوست، اکين جي اسپتال جو انچارج هو. مان ادا کي منٿون ڪري ٿڪو هوس، ته ادا پرائيويٽ علاج ڪرايو، پر ادا کي دوست تي اعتبار هو. جنهن مهل امان جو آپريشن ٿيو پئي، ان مهل اهو حاضر ڊاڪٽر، پنهنجن شاگردن کي ”روان“ ڪري رهيو هو. امان بيهوش نه هئي، سڀ ٻڌائين پئي. شاگرد کان سندس اک ڀڄي پئي هئي. ادا جي دوست لک بهانا ڪيا هئا. امان جي نور جي نعمت نه موٽي، ڪنهن کي چئجي ها ۽ ڇا چئجي ها.

    منهنجي هڪ ڪلاس فيلو، خنجر هڻندي چيو ”هڪ ڪوچ ناڪام رانديگر هوندو آهي ۽ هڪ موسيقار، بدصورت آواز جو مالڪ.....تون به ڊاڪٽريءَ ۾ ناڪام ٿي وئين، ته کڻي ڪالمن ۾ اڪَ ڪارا ڪيا ٿئي. پنهنجن ڊاڪٽرن لاءِ پاڻ الاءِ ڇا ڇا ٿو لکندو رهين. ميان....ڪجهه خيال ڪر....”پٽي ڀائي“ ٿئي، ڍڪي ڀلي...!“

    مان، هڪ ناڪام ڊاڪٽر آهيان، بلڪل ٺيڪ...مريض جي پريشانين تي پريشان ٿيان ٿو...صحيح...گهوڙو، گاهه سان دوستي ڪري، بک ڪاٽي ٿو...درست...پر هڪڙي ڳالهه ٻي به مڃڻ ضروري آهي. مونکي ذميواريءَ جو بار کڻڻ اچي ٿو، مان ائين پنهنجو ڪنڌ بچائڻ لاءِ ٻين جي ڳچين کي ڦاهن ۾ فِٽ ڪرڻ جو قائل ناهيان. اوهان کي اهو قبول ڪرڻو پوندو، ته اها ڪئنچي اوهان ئي رکي آهي ۽ شهزاديءَ جهڙن الاءِ ڪيترن وجودن جي حياتيءَ جي ڏِيئي ۾ تيل جي کوٽ جا ذميوار اوهان سڀ آهيو.

    حساب ڪتاب جي ڪئنچي تمام جلد اوهان جي عملن جو حساب ڪندي، اوهان اها ڪٿي لڪائيندئو؟ ڪنهن ٻي شهزاديءَ جي پيٽ ۾، يا پنهنجي مرتبي جي آڙ ۾؟ڪجهه به ڪيو...ڪئنچي جي ڪم جي ته اوهان کي خبر آهي. ڪنهن زماني ۾ وڏڙا شهزادين جي ڪهاڻين کي مزي سان ٻڌائيندا هئا. هاڻي اهي وڏڙا ڪونهن...جي هجن، ته ڪجهه هينئن قصو کڻندا:”هڪڙي هئي شهزادي...جنهن جي پيٽ ۾ ڊاڪٽرن محبت سان ڪئنچي رکي هئي...“

    mehmoodmughal@hotmail.com
     
  8. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم محمود مغل جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    هڪ دل جي اڪيلائي



    آچر 5 مارچ 2006ع

    هڪ دل جو سوالآهي.....

    ائين الاءِ ڇو ٿيندو آهي ته اسين رڳو ڳالهين جا”ڳهير“هوندا آهيون. ڪتابي جملا ڳالهائيندي، ڪوڙي سچي محبت جو اظهار ڪندي ۽ بار بار ڪندي، الائي ڇو اسان کي لڄ نه ايندي آهي. پنهنجي اکين ۾ وسيل خوابن جي جوت ۾ ٻين جي اداس مک جي اوندهه اسان کان گم ٿي ويندي آهي. اسين سندن چهرن کي پنهنجي لاڀ جي روشنيءَ ۾ ڏسندا آهيون. ڪاميابي اسان جا قدم چُمي ته ٻين جي مک جي جوت به اسان جي قدمنآڏو ڪجهه نه هوندي آهي.

    زندگي، هن جهان ۾ حاصلات جو ٻيو نالو آهي. ڪنهن ڪيترو ڪمايو آهي، ڪهڙي عهدي تي رسيو آهي، ڪيترن کي داٻي، ذلت ۽ هٿ هيٺ رکڻ جي عمل ۾ سگهارو آهي...سلامي ڪيترا اٿس ۽ فون ڪالن ۾ ڪيترو مضبوط آهي، اهڙا ئي پيمانا آهن جن ۾اسين حاصلات جي ڪَٿ ڪندا آهيون. ماڻهن جي سگهه محبت سان ماپڻ جو دور ويو، هاڻي ناڻو، اقتدار ۽ عهدي ۾ مٿانهون مقام ۽ صاحبِ ثروت ۽ حيثيت هئڻ ئي اصل ماپو آهي. هڪ ڊوڙ آهي، جنهن ۾ هر ڪو شريڪ آهي. پرائي ماڙيءَ کي ڏسي، پنهنجي ڪکائين جهوپڙيءَ کي نذر آتش ڪرڻ جو عمل تيز ٿي ويو آهي. نه هوندي، نه ئي حيثيت جو احساس ٿيندو ۽ هونئن به هر حال ۾اهو مقام ته حاصل ڪرڻو ئي آهي.

    هاڻي ان مقام کي حاصل ڪرڻ لاءِقرباني ته ڏيڻي پوي ٿي. جفاڪشيءَ جي ڪٺن دور مان گذرڻو پوي ٿو. مٽ مائٽ ڇڏڻا پون ٿا...ڏيهه کان پرڏيهه وڃڻو پوي ٿو ۽ بهرحال جي ترقي ڪرڻي آهي، ته اها ڪا وڏي ڳالهه ته ڪانهي. وقت ويندو گذري. سال منٽ ٿي وڃن ٿا، گهڙيون کن ۾ مٽجن ٿيون. مال ملڪيت ٺهي وڃي، ته سڄا سُور لهي وڃن ٿا. سئو سلامي ٿين، ته پوءِ ڪهڙا ”ٿَڪَ“ ۽ ڪٿان جا ٿڪ؟....جي ڪجهه ان عرصي ۾ ٿي به ويو آهي، ته بهرحال اها به ته عملي سوچ ئي آهي، نه ته ڪجهه حاصل ڪرڻ لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ته وڃائڻو ئي پوي ٿو. منهنجي سامهون ويٺل”مهربان“ جي حالت عجيب هئي. سالن کان پوءِ مليا هئاسين. ڳراٽڙيون هيون، جيڪي ختم ئي نه پئي ٿيون. عمر ِعزيز جو هڪ وڏو عرصو اسان گڏ گذاريو هو. فڪرِ معاش جي حوالي سان هن تمام تيزيءَ سان سفر طئي ڪيو هو. منهنجو هم عمر هوندي به، هو”ويهين گريڊ“ تائين پهچي چڪو هو ۽ مان ازل ابد جو اهو”نڪمو“ ۽”دنيا ناشناس“....اڃا ارڙهين ۾ ئي آهيان.

    ”آهين اڃا تائين اهو ساڳيو...“ هن مرڪڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. مرڪ جيڪا سندس مک تي الائي ڇو ناآسودي هئي.” هاٺي ڪاٺي به ساڳي، ساڳيو قد بت....رڳو ٿورو گنجو ٿي ويو آهين ۽ چمڙي به لڙڪي پئي ٿئي.”ڊبل چن“ ٿي وئي ٿئي“.

    حجائتو دوست هو، ڳالهيون ته ان کان به وڌيڪ ٿيون هيون. ڪهڙا جملا لکي، ڪهڙا لکان. ها....ڪو زمانو هو، جڏهن اسان هڪ ئي ڪمري ۾ رهندا هئاسين. نوجوانيءَ ۾ هاسٽل ۾ رهڻ به هڪ ڪمال تجربو آهي ۽ اهي ساٿي جيڪي گڏ رهن، سڄي عمر لاءِ ”گڏ“ رهجي ئي ويندا آهن. هن ملاقات ۾ هڪ شئي ڏاڍي عجيب هئي. هڪ شاندار گاڏيءَ مان لٿل، هڪ سوٽيڊ بوٽيڊ آفيسر دوست جي چهري تان هڪ مرڪ کسجي وئي هئي، جيڪا ڪنهن زماني ۾ سندس”خاصو“ هوندي هئي. اسين سڀ کيس موناليزا سڏيندا هئاسين. معصوميت ۽ سادگيءَ جو اهو”جڙاءُ“ هاڻي هن چهري تان گم هيو. ان جو وڏو سبب وقت جي ويرَ به ٿي سگهي ٿي، پر الاءِ ڇو ڪي ڪي مرڪون ڪڏهين به کسجي نه سگهنديون آهن. حجت پنهنجي جاءِ تي قائم هئي، پر الاءِ ڇو حوصلو نه هئو، ته اهو پڇجي ته اهو سڀ ڪيڏانهن غائب ٿي ويو.

    ماڻهو ته ڦاٽڻ گهرندو آهي. ڪلهو ملي پوي ته سڏڪڻ چاهيندو آهي. جيڪي علاج ڪندا آهن، انهن کي به ته مسيحا جي طلب هوندي آهي. منهنجي بنا ڪجهه پڇڻ جي، هن پاڻ ئي اوڳر شروع ڪئي.

    ”اٺ سال ٻاهر رهيس مان...پهرين پوسٽ ڊاڪ ڪئي، پوءِ اتي هڪ ڪنسلٽيشن ملي وئي. وري ٻه سال کن اها ڇڪي. مٿان وري هي نوڪري ملي وئي...الحمدالله، ٺيڪ ٺاڪ حيثيت حاصل ڪئي. هاڻي جڏهن سڀ ڪجهه هٿ آيو آهي، ته موٽي آيو آهيان...وقت سو لڳو آهي، پر بهرحال....سڀ ڪجهه پنهنجو آهي...توکي ياد آهي، پاڻ جيڪو ڪجهه سوچيندا هئاسين، ان کان بهرحال گهڻو آهي...“

    هن ڳالهايو پئي ۽ مون کي ڪو به ڇيڙو هٿ نه پئي آيو. سندس حيثيت منهنجي سامهون هئي. ٿائيلينڊ جو سبيل سوٽ پائي، هو ڪاريڊور کي مهڪائيندو آيو هو. هاڻ به ان سڄي ڪٿا جي کيس الاءِ ڪهڙي ضرورت هئي.

    ”هتي آيو آهيان نه محمود.....ته الاءِ ڇو، گهڻو ڪجهه وڃائڻ جو احساس ورائي ويو اٿم...ڌيءُ پٽ جوان ٿي ويا آهن. پٽ اٺن سالن جو هو، جو مان ويو هوس ۽ ڌيءُ ڇهن جي... هاڻي ٻئي ماشاءَالله مون کان به قد ۾ اڳڀرا آهن...پٽ انٽر ڏني آهي، ڌيءُ ميٽرڪ ۾ آهي. سالن جا سال فونن تي ڳالهائيندا رهياسين، چيٽنگ ڪئيسين، هاڻي سامهون مليا آهيون ته الاءِ ڪهڙو احساس ورائي ويو آهي. ڌيءُ، پٽ... جهڙا ڀاڪر ۾ ئي نه ٿا اچن...جي پائين ٿا ته به اها گرمي ناهي، جيڪا ملڻ گهرجي. مون کي لڳي ٿو ته مون ته ڪجهه حاصل ئي ناهي ڪيو. بلڪه سڀ ڪجهه جهڙو وڃائي آيو آهيان..“.

    لفظ عجيب هئا، عزيزانِ من...مون وٽ به چوڻ لاءِ ڪجهه به نه هو. ماٺ هئي، جيڪا سندس آواز جي منتظر هئي.

    ”امان به گذاري وئي هئي پويان، ادا....کيس به ڪلهو ڏئي نه سگهيو هوس. فلائٽ نه ملي...جڏهن دير سان ملي، ته گهر وارن ئي چيو ته هاڻي اچي ڇا ڪندين...اجايو اهو به خرچ ٿيندئي...لوڙهه ته لٽي آياسين. مٿان وري انهن ڏينهن ۾ امتحان به ويجهو هئو. مان پاڻ نڪرڻ جهڙو ڪو نه هئس...ماٺڙي ڪري ويهي رهيس، اهو ڪم به ائين ئي ٿي ويو. هاڻي آيو آهيان ته يار امان جي قبر ۽ ٻارن جي سلوڪ ڇرڪائي وڌو آهي. مون کي ته ٻئي هڪجهڙا لڳا آهن“.

    جنهن زماني ۾ اسين جواني سان سرشار هوندا هئاسين ته علم و ادب سان هن جو به تعلق هوندو هو. پهرين ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون هئائين، پر پوءِ اهو سڄو ڪم کيس وائڙو ۽ اجايو لڳو هو. دنيا جا حدف وڌيڪ مضبوط هئا. هن علم و ادب جي پچر ڇڏي هئي، پر اڄ ڄڻ هن جي اندر جو ڪو اديب ٻولي رهيو هو. ”هتان ويندي مون اهو سڀ ائين نه سوچيو هو. پنهنجي اولاد جي اجنبيت واري سلوڪ جي به مون کي ڪا سوچ ڪو نه هئي. ڪنهن جي لڏڻ جو، جهان ڇڏڻ جو خيال به مون کي نه هو...۽ جي ڪنهن کن پل لاءِ اها سوچ آئي به هئي، ته سوچيو هئم، چار سال آهن، الله مڙئي پيو خير ڪندو. بهرحال پاڻ کي وڌائڻ لاءِ اهڙا ڪڙا فيصلا ته ڪرڻا ئي ٿا پون نه يار....“

    پاڻ کي سنڀاليندي هن بوتل مان ڍڪ ڀريو ۽ اسٽرا کي چٻاڙڻ لڳو ۽ مون کي لڳو ته ڪجهه لمحن لاءِ مان اهو اسٽرا بڻجي ويو هئس.

    ورهيه اڳ، جڏهن مون کيس رفاقتن جي ثمر جي باري ۾ ٻڌايو هو ته ان مهل شايد کيس اها ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي هئي. زماني جي لشڪارن کيس مبحوت ڪري ڇڏيو هو. مون سمجهايو هئومانس ته ايترو پري وڃجانءِ، جتي توکي سڏ ٻڌڻ ۾ اچي، جتي تو وٽ هوا اها نمي کڻي اچي ته ڪنهن توکي ياد ڪري ڪجهه ڳوڙها ڳاڙيا آهن. سال ۾ هڪ اڌ ڀيرو، پنهنجي پيٽ کي”تسيو“ ڏئي، ڀاڙو ڪڍي پنهنجي گهر جو چڪر ضرور هڻجان. ٻار وڏا ٿين ته پيءُ ماءُ جي کوٽ شدت سان محسوس ڪندا آهن. تنهنجا موڪليل قيمتي تحفا پنهنجيءَ جاءِ تي، پر تون هنن لاءِ اهم ترين تحفو آهين. مئل ۽ وڃايل ۾ اهو ئي اهم فرق هوندو آهي، جو مُئي جو ڪو به انتظار ناهي هوندو ۽ وڃايل لاءِ سدائين اک پاڻيءَ سان گڏ انتظار ساڻ رکندي آهي. پوءِ اهو حادثاتي وڃائجي ويو هجي يا وقت جي دز ۾ مانَ مرتبي جي چوٽ سهڻ لاءِ هن پاڻ ئي پاڻ کي گم ڪيو هجي. مون کيس عرض ڪيو هو ته هڪ لمحي جو ساٿ سڄي عمر جي جدائيءَ تي حاوي هوندو آهي. ساٿ محسوس نه ٿيندو آهي، جدائي هانءُ ڪڍندي آهي. ماڻهوءَ جو ساٿ به هڪ عادت جيان هوندو آهي. اوهان گڏ هوندا آهيو ته جهڙي عادت هوندي آهي. زماني جي ڀيڙ ۾ ڪٿي گم ٿي وڃو، ته ڪير ڪنهن جو ناهي. هڪ ڀيرو وڇڙڻ جي عمل مان گذرڻ کان پوءِ توهان جي کوٽ ته محسوس ٿي سگهي ٿي، پر توهان جي عادت ختم ٿي ويندي ۽ جي اوهان عرصه دراز کان پوءِ موٽيا ته ماڳهين ڪٿي به جٽاءُ ڪونه ڪري سگهندئو.

    اهو سڀ ورجائڻ جي هن مهل ڪا به ضرورت ڪا نه هئي. سندس والده جي رخصت ٿيڻ مهل به مان اتي موجود هئس. وڏن ڀائرن مان هڪڙي ٻڌايو ته امان کيس ڏاڍو ساري پئي، پر هاڻي اسين، کيس نه ٿا ٻڌائي سگهون. ڇاڪاڻ ته امتحان مٿان اٿس... ڊسٽرب ٿي ويندو. امڙ جهان ڇڏي وئي هئي ۽ اها ڄاڻ به دير سان ئي”ڄاڻي واڻي“ ڏني وئي هئي، ته حاصلات جو هي سفر ڪٿي ڊسٽرب نه ٿئي.

    مان اهو سڀ هن سان ڊسڪس نه پئي ڪري سگهيس. ماٺ ميٺ ۾، مون به سُرڪون ڀرڻ شروع ڪيون. هن پاڻ ئي ڳالهايو...”ڇا ڪجي يار....ان جو مطلب ڇا اهو آهي ته ماڻهو هڪ هنڌ ئي ويٺو هجي؟ ڪا به ترقي نه ڪري؟ اڳيان ڪا وک نه وڌائي؟“

    اتي الاءِ ڇو، منهنجو هانءُ به ڦاٽي پيو. الاءِ ڪنهن جو لهجو منهنجي نڙيءَ ۾ لهي آيو هو. ”حاصلات جي هن جهان ۾ دوست، وڌ ۾ وڌ اسين ڇا ٿيون ٿا؟ پروفيسر .....ڊائريڪٽر....وائيس چانسلر...منسٽر...وزير اعليٰ... يا وڌ ۾ وڌ واڳ ڌڻي ۽ بس نه...؟ انت ڇا هي؟ انت اهو ئي اوندهه ۽ زمين جو تهه؟ هي ڊاڪس۽ پوسٽ ڊاڪس سڀ تيل پاڻي...ٻين جي جذبن جي قيمت تي، اسين جيڪو ڪئريئر ٺاهيون ٿا، اهو ڪهڙي ڪم جو آهي؟ امان جي وسامندڙ اک توکي ڏسڻ لاءِ سڪندي رهي...ٻارن پنهنجي اسڪول ۾ ٻين جي پيئرن کي پنهنجي اولاد کي چمي ڏيندي، موڪلائيندي ڏٺو...جنهن مهل هو جوانيءَ جي سرحدن ۾ داخل ٿي رهيا هئا، ته تنهنجي ڀاڪر جي گرميءَ جي جاءِ تي ڪمپيوٽر جي اسڪرين تي تنهنجي لفظن جي گرمي هئي. هاڻي اهو سڀ ڄاڻين ٿو ته پوءِ پريشان ڇو ٿو ٿين؟ ڪجهه حاصل ڪرڻ لاءِ....ڪجهه نه ڪجهه ته بقول تنهنجي، وڃائبو ئي آهي. پوءِ اهو سڀ جيڪو تو وٽ هاڻي آهي، ڪٿان اچي ها؟“

    ”نه، پر لڳيم ٿو ته هاڻي به ڌوڙ ڪجهه اٿم؟....نه هتان جو رهيو آهيان، نه هتان جو....“ اتي مون سندس هٿ جهلي ورتو. نماڻائيءَ سان عرض ڪيم...”ڪجهه وڃائڻ جو احساس ته اٿئي نه، اها ئي خوش نصيبي ٿئي...اسان مان ته الاءِ ڪيترا سڀ ڪجهه وڃائي ويهندا آهن ۽ کين ڪو به احساس نه ٿيندو آهي. کين پنهنجي دل جي ئي خبر ناهي پوندي. جيڪي لاڳاپيل هجن، انهن جي دل جي اڪيلائيءَ جي سوچ جو ته هنن جي آڏو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي“.
    mehmoodmughal@hotmail.com
     
  9. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم محمود مغل جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    اداسين جو عَلَم



    آچر 12 مارچ 2006ع

    داسين جو عَلَمُ وري ڪجهه بلند ٿي ويو آهي.

    حياتي ڏاڍي تيز ٿي وئيآهي. ڏينهن لمحن ۾ مَٽجي ويا آهن ۽ لمحا ته جهڙا آهن ئي ڪو نه...اڳي وقت جي خبر پوندي هئي، هاڻي ته وقت ڪٿي به ڪونهي. لمحن کان فريز (Freeze) ٿيڻ جو هنر کسجي ويو آهي. هاڻي ته ياد به گهڻي دير قائم نه ٿي رهي. الاءِ اهو وقت جو ڏوهه آهي يا اسان جو....جو اسين ڪجهه ياد ئي نه ٿا ڪرڻ چاهيون.

    ٽيليويزن جي اسڪرين تي ڪردار ڦري رهيا هئا. مڇن جي ساوڪ واري نوجوان جو بيان جاري هو. ”مون کي ڏاڍو قياس پئي آيو. گهُٽو ڏنائونس پئي...منهنجا به ڀائر آهن. ڏاڍو قياس پئي آيم....پر مان ڀي مجبور هئم“. ان ”مجبور وحشيءَ“ جي واتان ”قياس“ لفظ عجيب پئي لڳو...ائين پيو محسوس ٿئي ته لفظن تي ڄڻ وئنشنگ ڪريم لڳل هئي. ڌڙا ڌڙ گم پيا ٿيندا وڃن.

    ساڍن ٽن سالن جي عبدالقادر جا اهي ٽئي قاتل، هڪ قطار ۾ بيٺا هئا. هڪڙي جي قميص لٿل هئي، ٻه پورن وڳن ۾ هئا. جنهن جي قميص لٿل هئي، اهو گهڻو نه پيو ڳالهائي. ٻين ٻنهين همراهن، هن کي اصلي قاتل سڏيو پئي...جنهن جيڪب آباد جي هن وحشي ناٽڪ ۾، ٻار سان زيادتي ڪري، کيس گهُٽو ڏئي ماريو هو. قميص هُنَ جي بُتَ تان لٿل نه هئي. اسان جي انسانيت جو چولو لهي ويو آهي ۽ ڪنو، بدبودار ڍانچو، پنهنجي مڪمل بي حسيءَ سوڌو اسان سڀني جي سامهون آهن.

    هنن پندرنهن ڏينهن ۾، ڪاوش ۾ عجيب و غريب خبرون ڇپيون هيون. حيدرآباد ۾ گند جي ڍير تي، ڪنهن نئين ڄاول ٻار کي ماري ڪير اڇلائي ويو هو. اڃا اها خبر ٻن ڏينهن جي مس ٿي هئي ته وري هڪ ٻيو ٻار مليو هو، جنهن جو سر، ڌڙ کان ڌار ٿيل هو. اڃا انهن”نو زائيده“ ٻارن جي ڳالهه جي”باز گشت“ جاري ئي آهي، جو هي واقعو مٿان اچي ڪڙڪيو آهي. قبله سائين...انسانيت مستقل ترقيءَ ۾ آهي.

    ڇا ڪيون سائين؟...ڪيڏانهن وڃون؟ ڪنهن کي چئون؟ اسين پاڻ اهڙا ٿيا آهيون يا اسان اڳ ۾ اهڙا هئاسين ۽ هاڻي ظاهر ٿيا آهيون...جنون، ڇت ڪُتائي ۽ وحشت جي هن سفر ۾ اسان کي اڃا ڪيترا ليڪا لتاڙڻا آهن..؟ حيا، شرم، پاڙي واري جي لڄ، ٻين جو خيال، اهو سڀ اسان کان کسجندو پيو وڃي يا اسين پاڻ ڏيندا پيا وڃون؟

    حضرت ابو هريره رضي الله تعاليٰ عنه کان روايت آهي ته فرمايو الله جل شانه جي پاڪ پيغمبر صلي الله عليه و آله وسلم ته”قيامت قائم نه ٿيندي، جيستائين فتنا ظاهر نه ٿين. ڪوڙ جي ڪثرت ٿي ويندي، تجارتي مرڪز عام ٿي ويندا، وقت گهٽجي ويندو(يعني وقت مان برڪت ختم ٿي ويندي) ۽ ”هرج“ تمام گهڻو وڌي ويندو. عرض ڪيو ويو”هرج“ ڇا آهي؟... پاڻ صلي الله عليه وسلم جن فرمايو،”قتل ڪرڻ..“ ساڳئي اصحابي سڳوري کان هڪ ٻي روايت آهي ته پاڻ ڪريم صلي الله عليه وسلم جن فرمايو،”ان ذات جو قسم، جنهن جي هٿ ۾ منهنجي جان آهي...دنيا ختم نه ٿيندي، جيستائين هڪڙو ڏينهن ايندو جو قاتل کي خبر نه هوندي ته هن ڇو قتل ڪيو ۽ مقتول کي علم نه هوندو، ته ان کي ڇو قتل ڪيو ويو“. صحابه ڪرام عرض ڪيو،”اهو ڪيئن ٿيندو؟“ پاڻ صلي الله عليه وسلم فرمايو”خونريزيءَ جي ڪثرت جي ڪري...“

    هاڻي ڇا ڪيون ۽ ڪنهن سان ڪڇون؟ جيڪي ڪجهه ٿئي پيو، اهو سڀ اسان مڙني کي نظر اچي رهيو آهي. صرف سوال اسان وٽ هٿيڪا ٿي رهيا آهن...جواب ته پري پري تائين ڏسڻ ۾ ڪو نه ٿا اچن. جي سوال ڪر قاتل کان...ته اهو لاعلم آهي...جي پُڇُ مقتول کان، ته ان وٽ وري ڪهڙو علم هوندو....؟ مطلب قيامتن جي ويجهو اچي ويا آهيون سائين.

    هاڻي رڳو اهو قتل ئي هجي، ته به کڻي ماڻهو ان هڪ عمل تي نگاهه ڄمائي ۽ کيس ٿيڻ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪري. هتي ته الاءِ ڇا ڇا پيو ٿئي....ننڍڙي ڳالهه قيامت بڻجي ٿي. اٻهرائپ ، بي صبرائي ۽ برداشت جي کوٽ، اسان جي تابوت ۾ آخري ڪِلين جيان ٺوڪجي ويون آهن. جسماني موت کان هزار ڀيرا وڌيڪ، اسين ذهني موتن جي عنايت ڪيون ٿا، اعتبار جي تارن کي ٽانڊا ڏيون ٿا. صرف جسم جو ڳلونه ٿا ڪپيون، حقن جي جسمن کي ڇيهه ڇيهه ڪرڻ ۽ ڀور ڀور ڪرڻ به هاڻي اسان جو ئي ”مرڪ“ وڃي بچيو آهي. نااعتباريءَ جي موسم وڌندي ٿي وڃي. ڌيان جو دائرو، مختصر ترين ٿيندو ٿو رهي، جيڪو گهڻو ڪري هاڻي رڳو پاڻ تي وڃي بيٺو آهي. خوف و حراس جي هن موسم ۾ اسان مڙئي قتل پنهنجيءَ ذات تي کڻڻ جو ذمو کنيو آهي ۽ مٿان وري پاڻ کي ”آجي“ ڪرڻ جا، انيڪ حيلا به ساڻ رکون ٿا.

    صبح جو پهر هو. ننڍڙي کي اسڪول ڇڏي، مان ۽ فاطمه واپس موٽي رهيا هئاسين. ان ڏينهن اندر جي موسم ڪجهه عجيب هئي. عام طور تي استعمال ٿيندڙ رستو الاءِ ڇو مٽجي ويو۽ گاڏي ٻئي رستي تي ڊوڙڻ شروع ڪيو هو. مون هڪ گهٽيءَ مان ڪَٽ ڪيو ۽ سنهي گهٽيءَ مان لنگهندي، رفتار ڍري ٿي ته نگاهه اهو سفر طئي ڪيو.. هڪ گهر آڏو ڪار بيٺل هئي، جنهن جي مسافر واري پاسي جي دَر ۾ چاٻي لڳل هئي. اهو به فاطمه ڏسي ورتو هو، جنهن منهنجو ڌيان ڇڪايو. هاڻي صبح مردان جو وقت، سنسان گهٽي ۽ ان ۾ نئين ماڊل جي هڪ ڪار بيٺل، جنهن ۾ خيرن سان چاٻي لڳل هئي. نه ڏسان ها ته شايد خير هو، پر جي نظر پئجي وئي ته ڄڻ ڪلها بار سان سٿجي ويا. گاڏي بيهاري، هڪدم لٿس ته ان مهل ئي کير وارو به اچي ويو. جنهن هارن وڄايو پئي گهٽيءَ ۾، ٻنهين طرفين گهر هئا. اسان جو رخ جنهن طرف هيو، ان جي ساڄي هٿ وارن گهرن مان هڪ گهر جي سامهون اها گاڏي بيٺل هئي. ٻه ٽي در گڏ هئا ۽ هڪ نيم پليٽ به لڳل هئي. کير واري کان پڇيم...بابا...هتي ڪير رهي ٿو...؟ اڃا ڪجهه چوي چوي، ته سامهون وارن يعني کاٻي پاسي جي گهرن مان ٻن جا گيٽ هڪدم کلي ويا. ٻنهين مان اسڪول يونيفارم ۾ موجود ٻه ڇوڪرا، کيرَ جا ٿانو کڻي ٻاهر آيا. مون هڪدم هنن کان پڇيو ته هي گاڏي ڪنهن جي آهي؟ نوجوان چوڏهن پندرهن سالن جي وچ ۾ هئا. جيڪو وڏو هو، تنهن ڪجهه چوڻ چاهيو ته ان کان ننڍڙي هڪدم جهڻڪندي چيو ”ڇو...؟ڪهڙو ڪم آهي...“ٻڌايم ته ڇا صورتحال آهي، ته هو ٻئي ڇرڪجي ويا. ننڍڙي وڏي کي انگريزيءَ ۾ چيو،”پنهنجو ڪجهه نه ٿو وڃي...وڃي ڌوڙ پائينِ..چاٻي نه لڳل هجيس....کڻي گاڏي ٽُڪَرَ ٽُڪَرَ هجيس، اسان کي ناهي ٻڌائڻو...“ ٻنهين ڊز سان در بند ڪيو ۽ اندر هليا ويا. مون نيم پليٽ واري گهر تي بيل ڏني ۽ مستقل ڏيندو رهيس، پر ڪو به نه نڪتو. صاحبِ ڪار شايد آرامي هو. کير واري مرڪندي چاٻي ڪڍي ۽ چيائين”مان پڄائيندوماِن...هي...ائين ئي ڪندا آهن..“ احساس هڪدم اهو ئي ٿيو هو ته اهو سڀ پرورش جو ڪمال آهي. دورِ جديد ۾ اولاد کي اها تربيت ڏيڻ لازمي ٿي پئي آهي ته پنهنجي ڪم سان ڪم رکجي. ڪنهن جي به مسئلي ۾ ٽنگ نه اڙائجي....پر اتي ڇا اهو به هاڻي سکيا ۾ شامل آهي ته ڪنهن جو سر کڻجي... پنهنجي وجود جي حوس، انڌ ۽ غرض کي پوري ڪرڻ لاءِ سڀ ليڪا لتاڙجن.

    ٻار کي قتل ڪرڻ جو ته منطق سمجهه ۾ اچي ٿو، پر سندس سر...ڌڙ کان ڌار ڪرڻ پٺيان ڪهڙو جنون آهي؟ دنيا ۾ ڪو به وجود”ناجائز“ نه هوندو آهي. حياتيءَ ۾ خون جي گردش جي توفيق ڌڻي مٺو عنايت ڪري ٿو ۽ ڪنهن کي به اها کسڻ جي ڪا به حيثيت حاصل ناهي. ٻين کي ناجائز سمجهڻ وارا....پاڻ اها ڪهڙي جائز حرڪت ڪري رهيا آهن؟ڇا اهو معصوم مک لڪائڻ سان، هنن جي روح ۾ شامل ڪروڌ جو مڪروهه منهن به لڪي ويندو؟ گلاب جي گل کي ٽار کان ڇني ازل ابد جي ننڊ جي حوالي ڪندڙن کي پاڻ کي ننڊ ايندي هوندي؟ اڄ...عجيب اڱر آهن، جن سان سينو دُکيل آهي. ڪو ربط ناهي ۽ هونئن به ربط جي ضرورت ئي ڪهڙي آهي...هر دفعي ڀلا لفظن جو ڪمال حاصل ڪرڻ ايترو ئي ضروري آهي ڇا؟ ڀلا جي خوشبودار، ڀڀڪيدار لفظ نه لکجي سگهيا ته ڇا ٿي پيو...جنهن موڙ تي انسانيت جو ڪنڌ جهڪيل آهي، اتي لفظن ۾ خوشبوءِ کان وڌيڪ اُگري، بدبودار لهر ئي سمائي سگهي ٿي. معصومن جي قبرن لاءِ گلاب کٽن پيا، لفظن ۾ ڪٿان ايندا؟ اسين، معاشي برباديءَ جي رستي تي ڏاڍو تيزيءَ سان گامزن آهيون قبله....ڪجهه مهينا پهرين، ڪي ٽي اين تي هڪ جرڳي جي فيصلي جي رپورٽ هلي رهي هئي، جنهن ۾ خونن جا فيصلا ٿيا. هانءُ مٺ ۾ تڏهن آيو هو، جو هڪ همراهه سگريٽ جو ڪش هڻندي چيو ته”ٽي سر کنيا هئم بابل...بس وارو آيو...ڌڪ نه چُڪايم“...معزز خواتين و حضرات...ٽن قتلن جي ڳالهه هن ايڏي اطمينان سان ٿي ڪئي، ڄڻ ٽي سوٽا هڻي، سگريٽ جو ٽوٽو، دريءَ کان ٻاهر اڇلائيندو هجي. ڇا چئجي؟ انسانيت ته لڳي ٿو ته چوڏهن سئو سالن جي عرصي کان به پوئتي موٽي رهي آهي. اڳي اهو حياءُ ته هوندو هو ته انسانن کي ماري، لاش لڪايا ويندا هئا. هاڻي ته لاشن جي نمائش تي به شرم نه ٿو اچي.

    هن گهر تي اها بجلي ناهي ڪِري....نفرتن ۽ حرص و حوس جي وڄ جي ان ڪڙڪي رڳو عبدالقادر جي حياتيءَ جو ڏيئو ناهي وسايو، هن ته اسان جي سوچ جي جوت به جهيڻي ڪري ڇڏي آهي....ڪو رنگ، ڪو رخ، ڪو ترورو ڄڻ نظر ئي نه ايندو هجي.

    ٽيليويزن جي ان رپورٽ ۾، ان اڌ کليل ڪَليءَ جهڙي خوبصورت مک کي، اسپتال جي هڪ صليب تي ليٽيل ڏيکاريو ويو هو ۽ ان مُک تي مکين لامارا پئي ڏنا...اهو منظر الاءِ ڪيترا ڀيرا ورجايو ويو...۽ الاءِ ڇو دل چئي ٿي ته هتي اهو لکجي ته اهو دراصل اسان جو ڪومايل مُک آهي. انسان ذات جو مرجهايل چهرو آهي، جنهن تي نفرتن ۽ ڪروڌ جون مَکيون لامارا ڏئي، سڀ ڪجهه اڻ سونهون بڻائي رهيون آهن.

    اخبارن جي رنگين صفحن ۾، تصويرن جي سٽاءَ ۾، اچو ته ڪي سٺيون خبرون ڳوليون ٿا....ڪٿي ڪنهن مک جي مرڪ جو ذڪر ٿا آڻيون، ڪٿي ڪنهن جي جيئدان جي ڪا ڳالهه ٿا ڪيون، ڪٿي ڪنهن چوريءَ کي واپس ورايون ٿا ۽ ڪٿي ڪنهن کي، ڪنهن جي قصور معاف ڪرڻ جي همٿ جو داد ڏيون ٿا...منهنجي هن عرض تي اوهان سڀني جا مک مرڪن سان واسجي ويا آهن. ڇاڪاڻ ته هاڻي اهي سڀ ڳالهيون”لطيفن“ جيان ئي لڳن ٿيون. اداسين جو عَلَم ڪجهه وڌيڪ بلند ٿي ويو آهي. وحشتن جي هن هجوم ۾، جنون جي هن زرخيزيءَ ۾، ڪروڌ جي هن ڍير ۾، ڇا سڀ غرق ٿي ويندو؟ حياتي موٽندي يا هاڻي اهو عَلَم بس اڳتي ئي وڌندو ويندو ۽ درد جي قافلي جي سرواڻي ڪندو رهندو...
    mehmoodmughal@hotmail.com
     
  10. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم محمود مغل جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    ماءُ، امڙ، آئي...



    آچر 26 مارچ 2006ع

    دنيا جي غلط ڪارين ۾، مان، اڪيلو، موڳو ۽ جاهل توکان سواءِ الاءِ ڇا ٿي ويو آهيان آئي...

    ائين الاءِ ڇو ٿيندو آهي امان ته والد حياتيءَ ۾ نه هجي ته ماڻهو اڌ يتيم هوندو آهي، پر جي والده رخصت ٿيل هجي ته يتيمي پنهنجي پوري”ڪَروفر“ سان مٿان نازل ٿيندي آهي. ڪلهن تي بار وڌيل محسوس ٿيندو آهي. هڪڙو اهم سبب شايد اهو به ٿي سگهي ٿو ته حياتيءَ جي”هڻ هڻان“ ۾ جڏهن ٿڪجي ٽٽجي انسان، گهر جي چار ديواريءَ ۾ گهڙي ٿو ته گهر اندر”گهر“ جو احساس جهيڻو محسوس ٿئي ٿو. دعا جو اهو در نظر نه ٿو اچي، جيڪو پنهنجي ڪمزور ڪرايُن ۾”دنيا جو داٻ“ جهلي وٺندو آهي. جنهن جو ڀاڪر، ڪائنات جي محفوظ ترين حصارن مان هڪ هوندو آهي، جيڪا هوندي ته ڪمزور ترين هستي آهي، پر جنهن جي موجودگيءَ ۾ چڱي ڀلي جي ”فَلَڪ“ نه هوندي آهي.

    ڪهڙي نه عجيب تخليق آهي ماءُ به....دنيا ۾ هر تخليقڪار، جيڪو لفظ کيڙي ٿو، هنر پوکي ٿو، ماءُ جي هر زاويي کان قلم تراشي ڪري چڪو آهي، پر ته به، لفظ آهن، جيڪي ڍاپجن ئي نه ٿا. هر واري”تشنگي“ رهجي ئي وڃي ٿي. ڪا کوٽ، ڪا ڪمي، ڪٿي نه ڪٿي دامن جهلي ئي ٿي وٺي. ماءُ تي مڪمل طرح سان ڪير لکي ٿو سگهي. ماءُ جو مجسم وجود ئي مڪمل سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته لکڻ جو ڪمال ڪٿان حاصل ٿي سگهي ٿو؟

    عمر جي آخري سرحدن ۾، هوءَ بيحد ڪمزور ٿي وئي هئي. جگر جي ڏرجڻ واري عمل مان لنگهندي سندس جسم نستو ٿي ويو هو. ڳالهائڻ جهيڻو، نظر ڪمزور، جسم ۽ سَتُ بلڪل به نه. پر ته به پنهنجي هن ”کوٻلي“ سان ڳالهائڻ لاءِ هوءَ رٺل آواز کي پرچائي وٺندي هئي. جي آواز نه پرچندو هو ته نٻل جسم کي حرڪت ڏيڻ جي ڪوشش ڪندي هئي ته جيئن مان مطلب سمجهي وٺان. اها ٻي ڳالهه هوندي هئي معزز خواتين و حضرات....ته سندس جسم به هن جي حڪمن مڃڻ ۾ ڪو گهڻو راضي ڪو نه هو. حرڪت ٿيندي هئي ته اڌوراڻي...ڪجهه به هاڻي مڪمل نه پئي ٿيو. اولاد به ازل ابد جي جنگ ۾ ڪمال حيثيت رکي ٿو. ڌڻيءَ مٺي جل شانه، اولاد کي”امتحان“ جو نالو ڏنو آهي. حياتيءَ جي هجوم ۾ ماڻهو مال و زر ۽ اولاد سان عشق جي آويءَ ۾ ئي پچندو رهي ٿو. مال جي ”کوُري“ ۾ گهٽ وجود پڄرن ٿا. ڇاڪاڻ ته اهو گهٽ ئي حاصل ٿئي ٿو، پر اولاد ته رب مٺو جل شانه، امير، غريب....سڀني کي عطا ڪري ٿو. اهو ئي انداز آهي جو اولاد جو امتحان، معاشي حوالي سان هر طبقي جي ساهه کڻندڙ تي نازل ٿئي ٿو.

    اولاد لاءِ وري خدمت جو رنگ عجيب آهي. فرض جي مڪمل ادائگي ته ناممڪن آهي. قسطون لاهڻيون هونديون آهن، جيڪي ڪڏهن به پوريون ٿي نه سگهنديون آهن. مائٽن جي محبت جو وياج ته مُور کان پهرين شروع ٿيندو آهي. اتي اولاد ڪهڙي ادائگي ڪري سگهي ٿو، پر ته به اسان مان اڃا ڪيترا اهڙا”خوش بخت“ به آهن، جيڪي جيئري ئي جنتن جي دروازن جو ديدار ڪري وٺن ٿا...کٽيو ته اهڙن ماڻهن آهي قبلا.... باقي سڀ ته رڳو ”اِنڊن“ ۾ رنگ ڀرڻ ۾ پورا آهيون.

    بهرحال، ڪڏهن ڪڏهن مڙئي حاضري لڳي ئي ويندي هئي. خدمت ۾ حاضر هوندو هئس ته جيڪا”سيوا“ٿي سگهندي هئي، سا ڪري وٺبي هئي. ڪڏهن ڪڏهن پلنگ مٽائڻ ۾، يا هڪ جاءِ تان ٻي جاءِ تي منتقل ڪرائڻ ۾ مان مدد ڪندو هئس. امان هئي به ڇا؟”هڏڙيُن مُٺ“ وڃي بچي هئي. ڀاڪر ۾ کڻي، کن پلڪ ۾ ٻي جاءِ تي منتقل ڪري ايندو هئم ۽ هونئن به جي ڪجهه دير ٻانهن ۾ رهندي به هئي ته ڪا تڪليف ڪو نه ٿيندي هئي. ڇاڪاڻ ته عرض ڪيم نه ته سندس جسم ۾ وزن باقي بچيو ئي نه هو. ان کي فالج نه پيو چئي سگهجي. بس جگر ۾ خرابيءَ هئڻ ڪري سندس جسم طاقت ڇڏي چڪو هو. ڪنهن ڪنهن مهل بهرحال اڻ لکي نموني حرڪت ڪري وٺندي هئي، پر بهرحال اها وزنائتي يا تيز حرڪت نه هوندي هئي. ان ڏينهن ڪو عجيب سمئو هو. والده محترمه کي، هڪ ڪمري مان ٻئي ۾ منتقل ڪرڻو هو، هنج ۾ کنيم ته جهڙو ٻانهن تي آهلجي پئي. در جا تاڪ ڪجهه مختصر هئا ۽ باقائدي ور کائي ٻاهر نڪرڻو ٿي پيو ته جيئن کين ڪو ڌڪ نه لڳي. پهرين پيرن واري طرف کان ٻاهر ڪڍي، پوءِ ڪنڌ ۽ منهن جو وارو اچڻو هو. ائين، ان سوڙهي در مان کين ٻاهر ڪڍندي، الاءِ ڪيئن منهنجي ساڄي ٺونٺ، لوهي چانئٺ سان لڳي وئي. ڌڪ ڪو گهڻو نه هو، بلڪه منهنجي جوانيءَ کي ڏسندي ته اهو ڪجهه به ڪو نه هو. پر ائين ضرور ٿيو، جو هنن جو جسم لڏي ويو. ٻئي ڪمري ۾ پلنگ تي ليٽائيندي مون محسوس ڪيو ته ان کاٻي ڪمزور ٻانهن ۾ الاءِ ڪٿان ڪا طاقت اچي وئي. هن اها ٻانهن باقائدي حرڪت ۾ آندي ۽ منهنجي ساڄي ٺونٺ کي مهٽڻ شروع ڪيائين. هن جو مهٽڻ ايتري قوت جو هو، جو ڄڻ ڪير ٺونٺ تي ٿڌڙا ڪڍندو هجي. پنهنجي ڪوشش ۾ کيس اڀ ساهي ٿي وئي هئي ۽ ان ئي حالت ۾ هن چچريل لهجي ۾ مون کي چيو،”توکي منهنجي ڪري ڌڪ لڳو نه...سُور ٿيئي نه...منهنجي ڪري...“

    نيڻ ڇلڪي پيا هئا. عزيزانِ من....جيڪا پاڻ سَنڌ سنڌ ۾ سور سمايو ويٺي هئي، تنهن کي منهنجي تڪليف لڇائي وڌو هو، جيڪا دراصل تڪليف هئي به ڪا نه....مون کي جائي پائي به ڌڪ ڪو نه لڳو هو، پر هوءَ ماءُ هئي. سڄي عمر منهنجا انگل آرا کنيا هئائين. هن کان برداشت نه پئي ٿيو. سڀ همٿون ميڙي، مٿي ڇت ڏانهن اشارو ڪندي چيائين،”الله...پُٽ...الله!“ جنهن جو مطلب مون اهو ڄاتو ته تو جيڪا چڱائي مون سان ڪئيآهي، ان جو اجر توکي رب پاڪ ڏيندو. مون ڪجهه به ڪو نه ڪيو هو، قبلا....هاڻي اهو به ڪو ڪم هو، جيڪو مون ڪيو هو؟پر بهرحال ڌڻي هنن وجودن ۾ ٻاجهه ڀري ٿو. رحم، شفقت، محبت ۽ سلوڪ ته ڪير انهن کان سکي.

    اهو، ان طرح جو ڪو هڪڙو واقعو ناهي. اوهان سڀ پنهنجي”ڪتابِ هستي“ جي ورقن کي جڏهن ورائيندئو ته اهڙا انيڪ واقعا اوهان جي گمان تي به غالب ٿيندا. هنن سماعتن ۾ هٿ ٻڌي هڪ عرض ڪرڻ ٿو گهران...جي سچ مڃو ۽ غور ڪيو ته اسين سڀ آهيون ئي انهن واقعن جي ڪري...عزت، شهرت دولت، مان،مرتبو....پاڻ تي ٿيل ڪُل مهربانيون....اهي سڀ رکي جي آئيني ۾ رکي پاڻ کي بيهارجي ٿو، ته شدت سان اهو سوال اُٿي ٿو ته ڇا اسين اهو سڀ لهڻون ٿا؟اُتي جن جي نگاهه ڪم ڪري ٿي، انهن کي، پنهنجي پٺيان آئينن ۾ به عڪس ضرور ڏسڻ ۾ ايندا آهن. اهي ٻئي يعني والد بزرگوار ۽ والده محترمه....۽ پوءِ اهو معاملو واضح ٿيندو آهي ته اهي مهربانيون، ڪنهن جي معرفت اسان تائين پهچن ٿيون. محبتن ۾ والد به گهٽ نه هوندا آهن، پر قدرت منجهن هڪ عجيب”ڏيا“ ڀري ٿي. رعب ۽ وقار جي ڪري ۽ سماجي ۽ معاشي فڪرن جي ڪري، هو اولاد کي ذاتي نسبت سان گهڻو وقت نه ٿا ڏين. هڪ اڻ ڏٺل دوري حائل رهندي آهي. ان جي بنسبت، والده هجي ئي گهڻو گڏ ٿي ۽ ٻيو وري فطرتن نرم طبع جي به هجي ٿي. هاڻي اهڙو خاص مقام ته کيس ملڻو ئي آهي نه.

    ۽ الاءِ ڇو صاحبانِ علم و هنر....ماءُ جهڙو وري ڪو دوست نه ٿو ملي...عشق جي پهرئين نگاهه کان وٺي، محبوب جي وڇوڙي يا ميلاپ جي هر رمز، ماءُ جي نگاهه هڪ ڌڪ ۾ پروڙي وٺي ٿي. اولاد جي پير جي”ڦيري“ جي، جيڪا سمجهه ماءُ کي اچي ٿي، اهڙي شايد پيءُ کي نه ٿي اچي ۽ اهو ئي سبب آهي جو ماءُ سان ئي”حاجتون“ بيان ٿين ٿيون. خرچيون کاٻارايون، اجايون چٽيون، يارن دوستن جون گهوٻيون، گهرن ۾ دير سان گهڙڻ ۽ ”ٺڪاءَ“ جي عذاب کان نجات جي ڪوشش....جيئن ٻئي ڪنهن گهر واري کي خبر نه پئي ته ”صاحب لوڪ“ ڪيڏي مهل موٽيو هو. اهي سڀ والده جي ذمي هوندا آهن. الائي ڪيترن گهرن ۾ اڃا تائين مائرون پرهه ڦٽيءَ تائين جاڳنديون ئي رهنديون آهن...صرف ان ”کڙڪي“ کان بچاءَ لاءِ، جيڪو سندن پٽ کي سندن وَر آڏو يا اولاد جي پيءُ آڏو خوار ڪرائي سگهي ٿو. اتي ٿورو سوچيون ٿا: سنگت سان رولاڪيون ڪيون اسين، ڪچهريون ڪڙيون اسان جون، ياري باشي ذاتي....ان ۾ هن جو ڪهڙو ڏوهه؟ پر صاحبانِ من...ماءُ ته الاءِ ڪيترا ڏوهه نه ڪندي به”باسي“ وٺندي آهي.

    توهان سچي به نعمت وارا آهيو، جي هوءَ اوهان وٽ موجود آهي. ڀلي اها”هاءِ لائف“ گذاريندڙ ڪا جديد”مام“ آهي يا وري ڪنهن ڪکائين گهر ٻاهر ڀت تي ڇيڻا هڻندڙ ڪا ڪراڙي ”امڙ“....ٻنهين جي هٿ ريکائن ۾ فرق ضرور آهي، پر ٻنهي جي وجود جي خوشبو ساڳي اٿَوَ. مڃجي ٿو ته جدت پسند ماءُ پينسل هِيل جي ٺڙڪي تي، تيز تر سفر ڪندي، محبت جي سڳنڌ کي ڪجهه جهيڻو رکي ٿي، پر يقين مڃو، جنهن مهل به هن هٿ کنيا، ته مالڪ مٺو انهن هٿن جي ”دعوا“ کي سڃاڻي ٿو. دعا جا در جدت يا قدامت تي منحصر نه هوندا آهن. دعا، سا به ماءُ جي...ڪمال جو درجو رکي ٿي. هوءَ جي اوهان وٽ موجود آهي ۽ اوهان لاءِ، رب پاڪ جي حضور ۾ ڪو عرض ڪري ٿي ته يقين ڄاڻو، اهو عرض، ڪمال حاصل ڪندو.

    اتي ڪجهه عرض ڪرڻا آهن. خواب نگر جي اڄوڪي ملاقات ۾ ڄڻ دل هٿن ۾ آهي.”ماءُ“ جي حوالي سان ڪجهه لکندي، شيخ صاحب مسلسل ياد رهيو آهي ته:

    پنهنجي ٻوليءَ ۾ ميان، جڏهين چوندين ماءُ،

    توکي اهڙو ساءُ، ڏيندي ٻي ٻولي ڪٿي...

    هاڻي امڙ...آئيءَ جي نسبت ۾ ٻه عرض ڪرڻ مقصود آهن: هڪڙو ته جي اهي ڪراڙيون آهن، ته انهن کي جهِڻڪيو نه...الاءِ ڇو اولاد ناراض رهي ٿو...ڪراڙي وجود کي ڳالهه دير سان سمجهه ۾ اچي ٿي. هاڻي جي ورجائڻو پئي ته موڊ خراب ٿئي ٿو. ڇڙٻ وارو انداز ٿي ئي وڃي ٿو. هٿ ٻڌي عرض ٿو ڪجي، مهرباني ڪري انهن کي جهڻڪيندا نه ڪريو. ان سڄي برداشت جي هڪڙي”پتي“ ئي پاڻ وٽ رکو، جيڪا برداشت هنن سڄي عمر اوهان سان ڪئي آهي.. ۽ ٻيو عرض ته هنن جي حال کي ڏسي کين ڊس اون(Disown)نه ڪيو. مڃجي ٿو ته رشتو شهر ۾ ٿيو آهي، گهر واري شهري آهي ۽ محترمه سَس صاحبه به شهري ئي لڳي ٿي ۽ اهو به تسليم ته والده جي ته ڄمار ئي ڳوٺ ۾ خدمتون ڪندي گذريآهي. پيرن ۾ ٻه پٽي چپل، رنگا رنگ جوڙو، اڇي چُنريءَ واري پنهنجي ماءُ ...گهر واريءَ جي ماءُ سان ڀلي مقابلو نه ڪندي هجي، پر اتي اهو ضرور سمجهڻ گهرجي ته ان ڳوٺاڻي ماءُ ئي ان وجود کي جنم ڏئي پرورش ڪري ان قابل بڻايو آهي، جو اڄ ان کي اهو رشتو مليو آهي. توهان جي ڪري هنن جو مان آهي ۽ توهان جي ماءُ جي ڪري توهان کي اهو مان مليو آهي.

    عمرِ عزيز جي پنجيتاليهين سال ۾ امان....توکان وڇڙڻ کان تقريبن سوا يارنهن سال پوءِ، مان هڪ مقام تي پهتل آهيان. دنيا جي سختي گرميءَ ۾ الاءِ ڪٿان ڪٿان جو سفر پلئه پيو آهي، پر يقين ڄاڻ ته اهو سڀ تنهنجي دعائن جي طفيل الاءِ ڪيئن ڪٽجي ويو آهي. اڄ...جڏهن به ڪٿي ڪي مداح محبت سان ڪٺا ٿيندا آهن، جڏهن به ڪو هٿ محبت ۽ عقيدت سان ملندو آهي ۽ جڏهن به ڪنهن آٽو گراف بڪ تي مهربانن جي هجوم ۾ دستخط ڪندو آهيان، ته مون کي لڳندو آهي...ساڄي هٿ جي ٺونٺ تي، تنهنجي نرم هٿ جي سرگوشي جاڳي آهي. هڪ نالائق ماڻهوءَ تي، تنهنجي دعا اهڙو وڙ ڪيو، ايڏي مهرباني ڪئي، جو اڄ اهو هٿ آٽو گرافس ٿو سائن ڪري....دروازي جي پڙڇ کي لڳڻ مون لاءِ ته الاءِ ڇا بڻجي ويو امڙ....تنهنجي دعا ته رنگَ لائي ڇڏيا آهن. حالانڪه مان ڄاڻان ٿو ته مان ته ازل ابد کان بليڪ اينڊ وائيٽ ٿيڻ جي به لائق ناهيان. خدا تعاليٰ، توهان تي رحمتون نازل ڪندو رهي ۽ اسين سڀ اوهان جي دعائن مان فيضياب ٿيندا رهون.

    مائرن جي عالمي ڏينهن تي، اوهان جي خوش بخت وجود آهيو ۽ هنن جي موجودگي اوهان جي”اميريءَ“ جو سبب آهي، ته انهن جا پير ضرور ڇهجو ۽ جي هو رخصت ٿيل آهن ته مٽيءَ جي ڍير تي به محبت جا گل ته رکي ئي سگهجن ٿا. هوءَ سامهون آهي ته به، ۽ جي رخصت ٿيل آهي ته به...ماءُ آهي..مٽيءَ جي دڙي کي هٿ لايو يا پينسل هِيل کي، يا وري ٻه پٽي چپل ۾ سمويل اهي سانورا پير هجن، آزمائي ڏسو، انهن جي خوشبو هر هنڌ هڪ جهڙي ئي ملندي. اها خوشبو، جيڪا جنتن جو”ڏس پتو“ ڏيندي آهي.

    mehmoodmughal@hotmail.com
     
  11. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم محمود مغل جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    بينا...نابينا



    آچر 02 اپريل 2006ع

    بال ۾”جهنجهڻ“ هيو. زمين تي ترڪڻ ساڻ هن آواز پئي ڪڍيا ۽ جنهن تائين پهچڻو هيو، ان کي آواز مان اندازو ٿي پئي ويو ته بال ڪٿي آهي. هن بيٽ زمين تي پهرين ئي ليٽائي رکي هئي. آواز سان مفاصلي جو تعين ڪري، بال جي ويجهي اچڻ ساڻ، بئٽسمين بيٽ ڦيرائي پئي. ڪنهن مهل”شاٽ“ لڳي پيو وڃي ۽ ڪنهن ڪنهن مهل بال مِس به ٿي پئي ويو. جنهن مهل به شاٽ لڳي پيو ته بال”جُهڻ جُهڻ“ ڪندو، زمين تي گيلاٽيون کائيندو، روان دوان ٿيو پئي. فيلڊر به بال جي آواز تي ڪنائي، آواز جي سمت ڊوڙي پيو. ائين تمام گهٽ ٿئي پيو، جو کيس بال جي آواز جو اندازو ”نه“ ٿيندو هجي. هنن جا اندازا ڪمال جا هئا. بال بهتر انداز سان فيلڊ ٿئي پيو ۽ واپس اچي پيو. ان وچ ۾ بئٽسمين رنز به ٺاهي وٺن پيا، پر سماعتن جي ڪنارن تي ميڙيل ذهانت جو درياهه، پنهنجيءَ پوري”دهشت“ سان وهي رهيو هو. اهو هڪ خاص موقعو هو، صاحبانِ زمانه...وطنِ عزيز جي خاص ڏينهن 3 2 هين مارچ کي ملهائڻ لاءِ هنن خاص دوستن 2 2 هين مارچ تي نياز اسٽيڊيم حيدرآباد ۾ اهو ”خاص“ اهتمام ڪيو هو. ”خاص“ جو لفظ ان ڪري بار بار استعمال ٿو ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته هي سڀ دوست، ڏسڻ جي قوت کان محروم هئا. دنيا جي حوالي سان”نابينا“ هئا. ڪن جي زباني ”انڌا“ ۽ ڪن جي حوالي سان وري”حافظ“ هئا. اکر، جنهن کان به، جنهن”وڙ“ مطابق اچارجي پيو، سچائي اها ئي هئي ته وٽن بصارت جي طاقت نه هئي. خوبصورت اکيون، نظر جي ڌوڪي کان اڻواقف هيون.

    ڪمال هئا، هو سڀ....جوش، امنگ ۽ يقين سان ڀرپور...اهوبه ٺيڪ آهي ته پِچ تي پهچائڻ لاءِ اکين وارو هڪ ”بينا“ وجود ضروري هو. اتان واپسيءَ مهل به اهڙي ئي ڪنهن مهربان جي ضرورت پوي پئي. ايمپائر حضرات به اکين ۾ نُور جي طاقت سان”سرفراز“ هئا. ڇاڪاڻ ته هنن کي ئي منصفي ڪرڻي هئي، پر ته به، انهن ٻن عملن کان سواءِ سڄو کيل، نظر جي”امداد“ کان سواءِ جاري هو ۽ زبردست جاري هو. هنن ڇا نه پئي ڪيو...ڊوڙَ...ڊائيون...روڪڻ جي هر ممڪن ڪوشش...نعرا...هُوڪرا...تاڙيون... چاراگريءَ جا سڀ حيلا وسيلا وٽن موجود هئا ۽ اهو منظر به حسين ترين ئي هو.

    جيڪو منهنجي سامهون موجود هو، تنهن کي ڌڻي”با نُور“ بڻايو هو. روشن اکيون، خوبصورت چهرو، عبادتن جون ڀرپور علامتون....چهري تي سرخوشي، پنهنجي پٽاڙ ۾ پورو هو ۽ مان ٻڌڻ ۾ گم هئس.

    ”ڳالهه ڪا وڏي ناهي سائين مغل صاحب...ائين ٿي ويندو آهي. ڏوهه ڪو گهڻو هجي ته کڻي چئجي، ننڍڙي هڪڙي خطا ٿي آهي...اوهان جو بخت بلند هجي، ڊگهين ٻانهن وارا آهيو، اشارو ڪندئو ته سڀ ڪجهه”لئي مٽي“ ٿي ويندو...“ هن چانهن سان بسڪوٽ نڙيءَ ۾ اوتيندي ڳالهايو هو. منهنجيءَ آفيس ۾ آيل اهو مهربان، ڪنهن ٻئي ”ڪرم فرما“ جي ٽيليفون ڪال معرفت مون تائين پهتو هو. جنهن سندس لاءِ فون ڪئي هئي، تنهن چيو هو ته مسئلو”اهم“ آهي، ”جائز “ آهي. هر ممڪن مدد جي پاس خاطري ڪرائي وڃي. مون به هاڪار ڪئي هئي، ته جي جائز ڪم آهي ته ڇو ڪو نه ٿيندو؟...هاڻي ان سڄي تمهيد کان پوءِ صاحبِ عرض...سامهون ويٺل هيو ۽ قصو بيان ڪري رهيو هو.

    ”سائين، ڳالهه ننڍڙي آهي...۽ دراصل اها آهي ته ڳوٺ ۾، منهنجي نياڻيءَ بي اي جو امتحان ڏيڻ لاءِ فارم ڀرايو آهي. اهو امتحان پرائيويٽ...اسين نياڻين کي ٻاهر نڪرڻ ڏيون ڪو نه...پر بهرحال...اهو زهر جو ڍڪ به پيتوسين، فارم ڀرايوسين. هاڻي يونيورسٽيءَ وارن جو الله ڀلو ڪري...اوچتو امتحان جي ڊيٽ ڏئي ڇڏيائون. هاڻي ننڍڙي خير سان شادي شدهه آهي، سو هئي پيٽ سان....هلڻ چلڻ کان ويٺل....مٿان امتحان اچي ڪڙڪيو. سال وڃائڻ جو اچي ڊپ ٿيو، سو ڪيوسين هينئن، جو سندس ننڍڙي ڀيڻ وڃي امتحان ۾ ويٺي. ايڏي ننڍڙي ڪانهي سائين. مڙئي ٻن ٽن سالن جو فرق آهي. سو بهرحال هن ٻه کن پيپر ڏيئي به ڇڏيا...ٽئين پيپر ۾ اچي هن کي جهليو اٿن....سو ايگزامنر نه ڪئي هَم نه تَم، هڪدم ٺوڪي”ڪيس“ ڪري ڇڏيو اٿائين. هاڻي ٻار آهن، غلطي ٿي ويندي آهي. مٿان وري آهن به هڪجهڙيون....جي اها مجبوري نه هجي ها ته اهو زهر جو ڍڪ پيئون ها ڇا؟... سائين جن جي خدمت ۾ حاضر ٿيو آهيان...امپرسونيشن (Impersonation) جو ڪيس ٺهيو آهي. ڪنٽرولر صاحب اوهان جا ذاتي دوست آهن، اها مهرباني ڪرايو ته ننڍڙيءَ جو سال بچي پوندو“.

    اهڙن موقعن تي ئي معزز خواتين و حضرات، الاءِ ڇو دل چوندي آهي ته زمين ”يڪ لخت“ ٿئي، ڦاٽي، ڏري...۽ ماڻهو ان جي اندر داخل ٿي وڃي. هي مهانڊو ڏيکاري ڇا ڪرڻو آهي؟ اسان جهڙا ”بي نور“ چهرا ته وڃي پيا کڏ ۾. هي نيڪ نمازي وجود، مون سان اهڙي ڳالهه ڪري، ته مان ڪاڏي وڃان! جواب ڪو به نه سجهيو هئم. کيس ٽارڻ به نه پئي چاهيم. بس ماٺ ميٺ ۾ وقت گذري ويو هو. اهو ئي عرض ڪيو هئم ته”مان ڏسان“، مان ڇا ٿو ڪري سگهان؟ حالانڪه اندر ۾ ڪير هيو، جيڪو رڙيون ڪري رهيو هو، ته ”ڪهڙي ڌوڙ پائيندين...جانِ عزيز؟“. اهو ڏينهن ئي عجيب هو. اڃا اهو تازيانو، زخم گهرو ڪري ويو هو ته مٿان وري هڪ ٻئي صاحبِ علم، آواز جي”زيارت“ ڪرائي.

    ”سائين...ڌيءُ جي ڪئريئر جو سوال آهي. ٽي وي يا ريڊيو تي پراڊڪشن چاهيون ٿا. امتحان الحمدالله زبرست ٿيا اٿس. سٺ پنجهٺ سيڪڙو ته اچي ئي ويندس. توهان رڳو سيڪريٽ ۾ اهو فون ڪري پنهنجي فلاڻي مائٽ کي چئو، ته گهٽ ۾ گهٽ ”اسي“ مارڪون ڏياريس...نياڻي آهي، ڪيريئر ٺهي پوندس. اوهان جو ڇا خرچ ٿيندو؟ يقين ڄاڻو...سٺ ستر ته پاڻ کڻي ٿي...اوهان مهرباني ڪندئو ته اهي اسي کن ٿي وينديون.“

    هاڻي ڪهڙو يقين ڄاڻون عزيزانِ من، ۽ ڪهڙو نه ڄاڻون؟ ننڍپڻ جي هڪ دوست بي انتها حجت سان چيو، ”اسان ڳالهائي ٻولهائي ڇڏيو آهي. اسي مارڪن کان مٿي جي پڪ آهي. ٽيچرز چيو آهي ته رڳو سامهون اچي ۽ اچي شيٽ تي صحيح ڪري. هاڻي همراهه جو الاءِ ڇو پيو ٿو دم نڪري. تون رڳو گڏجي هل...هن سان گڏ اندر وڃ...ماشاءَ الله”نون فگر“(Known Figure)آهين. رڳو مليو هلندين ته هن جو حوصلو وڌي ويندو. ڪم اونهئين ٺهيو پيو آهي، رڳو مٿان مُهر لڳي ويندي“.

    حيرتن ۾ ٻڏندي، مون کيس پنهنجي صورتحال کان آگاهه ڪندي جڏهن انڪار ڪيو هو، ته لفظن جا گلاب هڪدم ڪنڊا کڻي آيا هئا:”تون اهو ناهين رهيو، وڏو ماڻهو ٿي ويو آهين. اکين تي کپ چڙهي ويا ٿئي...يار دوست جي شناس تو مان نڪري وئي آهي. عهدي ۽ شهرت ملڻ جي ڪري تون انڌو ٿي ويو آهين محمود...صفا نابين...توکي ته ڪجهه ڏسڻ ۾ ئي نه ٿو اچي. ايڏو پري کان هلي آيو آهيان، پر توکي ڏسڻ ۾ اچان نه....“

    اسي مارڪن جي پڪ واري ان مهربان کي، پنهنجي”بينا“ وجود سان، جنهن ۾ کيس زماني جو سڄو جلوو نظر اچي رهيو هو، منهنجي نابينيءَ جو ڏک ٿي رهيو هو ۽ مان الاءِ ڇو ان نور وڃائڻ ۾ ئي خوش هئس.

    ڇا ٿيو آهي صاحبانِ عقل و حرفت...ٿيو ڇاهي؟اسان نُور ۽ بي نُور ڇا کي چئون ٿا؟ ڇا ڪتابن جون ڀريون جانورن تي رکيون ويون آهن؟ ڇا علم و حرفت، عقل و دانائي موڪلائي وئي آهي؟. ڇا اسين انهن خاص ماڻهن وانگر، نظر جي نعمت کان ٺپ محروم ٿي ويا آهيون؟

    اسين، انهن خاص دوستن کي”انڌو، ٻوڙو، گونگو“ سڏيندا آهيون. سندن جسماني عيبن ڏي نهاريندي ۽ پنهنجي مڪمل وجود تي”فخر مند“ ٿيندي، اهي ٽئي لفظ ۽ الاءِ ٻيا ڪيترائي جسماني نقصن کي ظاهر ڪندڙ ”استعارا“ اسين اچاريندا رهندا آهيون، پر جي غور ڪجي ته اسان ڇاهيون؟ انصاف نظر ايندي به، اسان کان نه ٿو ٿئي...معنيٰ ”انڌا“ به آهيون...ڪو به، ڪنهن به ڪمزور حالت ۾ مدد جي طلب ڪري ٿو، ته اسان کي ٻڌڻ ۾ نه ٿو اچي يعني اسان ٻوڙا به ٿي ويا آهيون....۽ جي وري پنهنجي ظلم و ستم تي ڪنهن جي مدد ڪرڻي آهي، پنهنجي غلطيءَ کي تسليم ڪرڻو آهي ته اتي وري اسان جي زبان جهلجي ٿي وڃي...مطلب گونگا به آهيون. اسين مڪمل جسم ۽ حواسن ساڻ، انڌا، ٻوڙا ۽ گونگا....هڪ ئي وقت آهيون عزيزانِ من.

    گروءَ، چيلن کان سوال پڇيو ته”انسان ۽ جانور ۾ ڪهڙو فرق آهي؟“ هر ڪنهن پنهنجيءَ وت آهر فرق ٻڌايا. اتي سندس خاص”ٻالڪي“ پنهنجي واري اچڻ تي چيو ته،”سائين...انسان ۽ جانور ۾ڪو به فرق ڪونهي.“ گروءَ پاٻوهه سان هن ڏي نهاريو ۽ وضاحت لاءِ چيائين، ته نوجوان چيو:”انسان جڏهن ڪجهه حاصل ڪندو آهي نه قبلا...ته بود وچان اڏامڻ لڳندو آهي. مطلب کيس پَر به آهن، تڏهن ته اڏامي ٿو. جڏهن پنهنجي مطلب لاءِ پنهنجي دنيا واري آقا جي خوشامند ڪندو آهي ته ايڏو ته شدت سان پڇ لوڏيندو آهي، جو آس پاس ۾ سڄو علائقو صاف ٿي ويندو آهي ۽ جڏهن ڪروڌ ۽ حسد ۾ نابود ٿيندو آهي ته سامهون واري کي چيري ڦاڙي ڇڏيندو آهي، مطلب”چنبا“ به اٿس. هاڻي پَر آهن، پڇ آهي، چنبا به آهن، ته جانور ته ٿيو نه...انسان ۽ جانور ۾ ڪو به فرق ناهي، قبلا سائين“...

    خواب نگر جي هن موڙ تي، اوهان کي هٿ ٻڌي عرض ڪجي ٿو، جسماني نقص جي حامل انهن دوستن کي مهرباني ڪري ”خاص“ سڏيندا ڪريو ۽ پنهنجو پاڻ تي نظر رکڻ جو عمل به جاري هئڻ گهرجي.

    بال ۾ جهنجهڻي جو آواز ڪنائي، اهي”نابينا“ دوست صحيح رخ ۽ سمت ۾ ڊوڙن ته ٿا...پنهنجي اندر جي ايمان جي سهاري، صحيح فيلڊنگ ڪرڻ جي ڪوشش ته ڪن ٿا. اسين، ته انهن کان به ويا آهيون...جو اسان کي پنهنجي اندر جي ”جهنجهڻ“ جو اهو آواز ئي ٻڌڻ ۾ نه ٿو اچي. هاڻي جي آواز ئي نه ٿا ٻڌي سگهون، ته فيلڊنگ ڪٿان ڪيون؟

    زماني جي آسمان تي، عمل جي ستارن ڏانهن نهاريو، جي اهي جرڪندي نظر اچن ته معنيٰ اڃا بينائي سلامت آهي ۽ خدانخواسته جي ڪا به”جوت“ ناهي، ته”بينا-نابينا“ ۾ سائين هاڻي ڪو به فرق ڪونهي!

    mehmoodmughal@hotmail.com
     
  12. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم محمود مغل جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    الف اک.....ب بدڪ



    آچر 9 اپريل 2006ع

    منهنجا مٺا اڳوڻا، هاڻوڪا ۽ مستقبل ۾ ٿيندڙ سيڪريٽري صاحب...سنڌي ادبي سنگت...مڙني نياز مندين سان مان توهان آڏو حاضر آهيان...منهنجو نالو محمود مغل آهي...الاءِ توهان مون کي سڃاڻو ٿا الاءِ نه...شايد اڳ ۾ ڪٿي پنهنجي ڪا ملاقات ٿيل به آهي الاءِ نه...مان وڏن ماڻهن کان لهرائيندو آهيان...ان ڪري توهان جي ”حضور“ ۾ حاضريءَ جو شرف يقينن مون نه ماڻيو هوندو....ها...ائين متان ڪٿي راهه ويندي...رستو مٽيندي پاڻ ٿي سگهي ٿو ته آمهان سامهان ٿيا هجون. قسمتيءَ سان منهنجو به ان پيشي سان ئي تعلق آهي، جنهن ۾ لفظ بازيگري ڪندا آهن...مون ڄاڻي واڻي ”قسمتي“ لکيو آهي، ڇاڪاڻ ته ساندهه اٺاويهه سال هن ميدان ۾ گذارڻ کان پوءِ به مان اهو فيصلو نه ڪري سگهيو آهيان ته اها ”خوش“ آهي يا ”بد“ بهرحال اهو سڀ ائين ئي آهي. جتي لفظ رانديون رهندا آهن، ان پڙ ۾، پاڻ ٻئي ڪٿي نه ڪٿي ته ضرور مليا ئي هونداسين. ”اهل مسند“ سان ڪٿي ڪٿي ڪڏهن ڪڏهن ڪو غريب غربو اتفاقن ٽڪرائجي به سگهي ٿو. ادبي سنگت جي ”مهان“ سيڪريٽري صاحب سان، ڪو غريب قلم ڪار ملڻ جو شرف ته وٺي سگهي ٿو....

    توهان صاحبِ حيثيت آهيو، ان ڪري ”مهان“ آهيو ۽ هونئن به مولاءِ ڪل جل شانه جي هن جهان ۾، هي اهو اڪيلو ميدان آهي، جنهن ۾ هر ڪو ”مهان“ ئي ”مهان“ آهي. جنهن کي الف اک ۽ ب بدڪ لکڻ اچي ٿي، سو ڏاهو، دانشور، تجزيه نگار ۽ پنهنجيءَ ذات ۾ هڪ انجمن کان گهٽ ڪونهي. هر سال جڏهن هيءُ ميڙو مچندو آهي ۽ هڪ ٻن ووٽن تان ”سرسيءَ“ جو راڳ هڪ دفعو وري PLAY ٿيندو آهي ته احساس ٿيندو آهي ته هن معاشري جي اهم ترين فردن ۾ ڪيڏي نه ”اهم“ وٺ پڪڙ جاري آهي. ميلي ٺيلي جا شوقين مزو وٺندا آهن، بهتانن ۽ الزامن جي جهانن کي آباد ڪيو ويندو آهي ۽ بس...هر ڪنهن لاءِ مذاق مشڪري هٿ اچي ويندي آهي.

    قبله سائين...اوهان جي هن عظيم الشان سنگت ۾ ڪل ڪيترا اصل اديب شامل آهن؟ قلم جي مس ڪنهن جي تکي وهي ٿي؟...گهڻا آهن جيڪي ڪنڀر آهن، ۽ ڪيترا آهن جن کي وٽي تي نالو لکائڻ جو فن اچي ٿو، ڇاڪاڻ ته هو وٽو خريد ڪرڻ افورڊ (Afford) ڪندا آهن؟ اهي سڀ، جيڪي پنهنجا ووٽ ڪاسٽ ڪري اوهان جي حيثيت جي وقار جو تعين ڪندا آهن، قلم جي پورهئي ۾، پاڻ ڪيترا پخته ڪار هوندا آهن؟ سندن پنهنجي ڇا حيثيت هوندي آهي؟ سنڌي ادب کي هنن، ڪهڙا معرڪته الارا مسودا ارپيا آهن. نثر، نظم ۾ ڪهڙا واهڙ وهايا اٿن؟ ڪهڙا اڪ ڪارا ڪيا اٿن ۽ ڪهڙيون لامون ڇانوَ جهليو بيٺيون آهن؟

    ورهين کان هڪ جمود طاري آهي...توهان نوي جي ڏهاڪي ۽ هاڻي هن صديءَ جي هن پهرئين ڏهاڪي جي ڪنهن نئين وڏي شاعر يا وڏي نثر نگار جو ڪو نالو ته کڻو...هڪڙو ئي کڻي کڻو...پر کڻڻ کان پهرين اهو ضرور ياد رکو ته هنن سڀني جهانن جو هڪ مالڪ آهي، جيڪو ڪوڙ کي سڀني کان وڌيڪ ناپسند ڪري ٿو. نالا کڻڻ لاءِ ته اوهان وٽ جام هوندا، پر انصاف سان چئو...اوهان پنهنجي ايمان جي سچائيءَ سان ڪو هڪڙو نالو کڻي سگهو ٿا؟ جتي دوستيون...ياريون معيار هجن، جتي ماڻهوءَ جي حيثيت سندس علم جي تعين ۾ مددگار هجي، اتي اوهان ڪهڙو ”نج“ قلم ڪار ظاهر ڪري سگهو ٿا...؟

    اوهان جي هن سنگت، اليڪشن، چونڊن ۽ چونڊ مهمن جي حوالي سان بيان بازين جي ڪري خوب شهرت ڪمائي آهي. پنهنجي عملي ماٺ جي ڪري، سڄا ٻه سال خاموش گذارڻ کان پوءِ جڏهن چونڊن جي ويلنٽائن ڪر کڻندي آهي ته ڪجهه ادل، اياز، مختيار، تاج ۽ ذولفقار هٿن ۾ پنهنجي پنهنجي ڪارڪردگين جي ”ڪَلين“ کي کڻي، هر ووٽر جي در در سوالي ٿيندا آهن. اهي ووٽر، جيڪي ڪنهن دور ۾ ماستر هوندا آهن ته ڪٿي وري پوليس وارا...انهن جي موجودگي ۽ شموليت کٽيل سيڪريٽري صاحب جي ”ادراڪ“ تي منحصر هوندي آهي. هونئن ماسترن ۽ پوليس وارن جي ادبي سنگت ۾ ڪائونسلر جي ”حيثيت“ تي ڪنهن کي به ڪو به اعتراض نه ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته ٻنهي کي الف اک ۽ ب بدڪ لکڻ اچي ٿو. ٻئي پڙهيل ڳڙهيل آهن ۽ علم ادب جي هن ايشيا جي سڀ کان وڏي تنظيم جي ڀرپور ۽ مڪمل نمائندگي ڪري سگهن ٿا.

    هاڻي هن سنگت جو ”عملي ڪارج“ جي ڪري نالو به ٿي ويو آهي. هر سال هڪ نئون سيڪريٽري بلند بانگ دعويٰ ساڻ ميدان ۾ لهي ٿو ۽ سال کن ۾ اڳين جهڙو ٿي وڃي ٿو. اتي سوال اهو به پيدا ٿئي ٿو ته ان عظيم سنگت، ٻين سڀني ميدانن ۾ شهرتن ڪمائڻ کان پوءِ، ادب جي ميدان ۾ ڪهڙا واهڙ وهايا آهن؟ ٻيا ميدان سمجهو پيا نه؟ مطلب...دوستيون...ياريون....ذاتي ڪچهريون...جونءَ مان زعفران بڻائڻ واريون مهربانيون ۽ ٻين کي عقل جو اڪابر تسليم ڪرڻ جي ڪوشش...پوءِ ڀلي اتي ڪو مهربان ”ڀُوڪ بصر“ ڇو نه هجي...هاڻي اهي سڀ عظيم ڪارناما ڪرائڻ کان پوءِ، ٿورو مهر ڪري اهو ته عنايت ڪيو ته اهان علم و ادب جي ”نج ميدان“ ۾ ڪهڙي خدمت سر انجام ڏني آهي...؟

    ڪجهه عرصو پوئتي موٽون ٿا...ستر جي ڏهاڪي تائين...هيءَ اها ئي تنظيم هئي، جنهن جون دستوري گڏجاڻيون باقائدي هفتيوار ٿينديون هيون. صاحبان علم و فضل وقت ڪڍندا هئا. هڪ مڪمل نشست ۽ نثر و نظم جي حوالن سان وقت مخصوص ڪيو ويندو هو. نوجوان، سيکڙاٽ ذهن پنهنجن وڏن کان اهو سڀ سکندا هئا، جيڪو خالص ”سينه به سينه“ منتقل ٿيندو آهي. پڙهڻ محنت آهي ته لکڻ هنر...لکڻ جي زرخيزيءَ ۾ ڪٿي ڪٿي ٽيڪنيڪ به استعمال ڪرڻي پوندي آهي. پڙهڻ لاءِ ڪنهن گهاڙيٽي جي ضرورت ناهي پوندي، پر لکڻ لاءِ هر پابنديءَ جو خيال رکڻو پوندو آهي. نثر کي نظم ۽ نظم کي نثر نه ٿو چئي سگهجي. هاڻي جڏهن لکڻ ۾، گهاڙيٽا ضروري آهن ته پوءِ نئين ليکڪ لاءِ اهي ايندا ڪٿان؟ ڪهڙو زرخيز ذهن ڪٿان آبياري حاصل ڪري سگهي ٿو، ان جو ڏس پتو ڪٿان ملي سگهي ٿو؟ اڳي اسان جا سينئرز اوهان جي ئي پليٽ فارم تان اسان جهڙن جي تربيت جو بندوبست ڪندا هئا. هاڻي اهي سڀ ڪٿي آهن؟ ڇا هنن کي به سياست جو ”چسڪو“ لڳو آهي يا هو به اوهان وانگر ”ڪارِ جهان“ جي ڪڍ پئجي ويا آهن.

    هاڻي جي سياست جي ڳالهه ڪيون ته ڪٿي ڪٿي ته اڄ جو سياستدان به اوهان کان شرمائي ٿو. ڇاڪاڻ ته جوڙ توڙ جي جن معاملن ۾ هو ”آڙيڪاپ“ هوندا آهن. اوهان انهن ميدانن ۾، هنن جا ترا ئي ڪڍي ڇڏيا آهن. سياستدان لفظن جي حرمت جو دعويدار ناهي هوندو، پر هڪ اديب هميشه لفظن جي تقدس جو ذڪر سينو ٺوڪي ڪندو آهي. هاڻي ان عظيم الشان پيروڪار جو اهو دعوو ڪيڏانهن ٿو وڃي، جڏهن هو به هڪڙي ننڍڙي اليڪشن کٽڻ لاءِ ”جوڙ توڙ“ کان ڪم وٺي ٿو. ڇا سيڪريٽري صاحب، خالصتن نج ”ميرٽ“ تي نه ٿو اچي سگهي؟

    پنهنجي ئي سوال جو مون وٽ پاڻ ئي جواب آهي. چيو ويندو آهي ته ليکڪن کي پڙهجي ضرور...پر هنن سان ملاقات نه ڪجي. آس جا اهي سمورا ڏيئا، جيڪي تجسس ۽ محبت کي ساڻ رکن ٿا، سي ملاقات جي هڪ ڦوڪ ۾ اڏامي وڃن ٿا، جڏهن صاحب تحرير، پنهنجي تحريرن جي بلڪل ابتڙ نڪري ٿو....ملي الائي ڇو گهڻي مايوسي ئي ٿيندي آهي... هاڻي اهڙي شخصيت مان ”جوڙ توڙ“ جي شڪايت جو انگ نه ٿو نڪري سگهي ته ان ۾ سوالن پڇڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي. اهو سڀ اوهين به ڄاڻو ٿا ۽ مان به....لفظن جي هن رڻ ۾، شهرتن جي سراب پٺيان ڊوڙندي، ڇا اسان پنهنجي ٽئلينٽ جي زرخيزيءَ جي سوچ ساڻ رکي آهي! ڇا، ڪنهن لائق فائق اهل علم، اهل دانش نوجوان کي اڳتي آندو آهي؟...ڇا ليکڪن کي هنن جي جائز مقام هيٺ، جائز مانُ مرتبو ڏنو آهي؟...اسان جي عملي ڪارڪردگي ڪنهن کي اڳيان آڻڻ ۾ ڪيترو ڪامياب رهي آهي؟

    اسين عظيم الشان ”رنگين“ المين جو شڪار رهيا آهيون، منهنجا محترم سيڪريٽري جنرل صاحب... جن کي لکڻ اچي پيو، انهن لفظن وڪڻڻ شروع ڪيا آهن. جن کي نه ٿو لکڻ اچي، انهن عهدن جي جاکوڙ ۾ گوڏا گسائڻ ۾ ڪا به ڪسر ناهي ڇڏي. انهن ٻن ڪلاسن جي وچ ۾ اڃان به هڪ ٽيون ڪلاس آهي، جنهن کي لکڻ به اچي ٿو ۽ اهو لکڻ به نه ٿو چاهي، ڇاڪاڻ ته کين ”سراب جي سونهن“ کان واقفيت ٿي وئي آهي. هو سنڌي ادب جي ان ماتم کان واقف ٿي ويا آهن، جنهن ۾ ڪڏهن ڪهاڻيءَ کي گولي ٿي لڳي ته ڪڏهن وري ان ڳالهه تي نرڙ پٽجي ٿو ته سچل سرمست کي ستن زبانن ۽ شاعري ڪرڻ جو شوق هيو، يا کيس اٺ زبانون اينديون هيون؟ هتي ئي...علم و ادب جي هن گلِ گلزار ۾ ئي انگريزيءَ ۾ سوچڻ ڪنهن کي به نه ٿو اچي ۽ ذڪر هر هر اهو ٿئي ٿو ته شيخ اياز کي نوبل انعام ڇو نه مليو آهي؟....منهنجي سرڪار....اسين هڪ سڪي جا ٻئي رخ هڪ ئي وقت کيس اڀو جهلي ڏسڻ ٿا گهرون... هاڻي ناڪامياب نه ٿينداسين ته ٻيو ڇا ٿيندو؟

    منهنجي ڳالهه اوهان کي قطعي پسند نه آئي هوندي ۽ اچي به ڇو...ايڏو بدتميز لهجو ڪنهن کي وڻندو؟ اتي هڪ مهر اها به ٿي سگهي ٿي ته ڇاڪاڻ ته ادبي سنگت پاران...محمود مغل چوٽ کاڌل آهي، ان ڪري ائين ٿو ڳالهائي ته هڪ سچائي ته اها به ٿي سگهي ٿي. اهو زخم اڃان تائين ناهي ڀريو جڏهن اوهان جي هڪ هم منصب، منهنجي ترجمي کي ”غير تخليقي“ تسليم ڪندي مقابلي مان خارج ڪيو هو ۽ ان سال صحت، ٻارن جي پالنا ۽ ٻين ”عجيب و غريب“ موضوعن تي ادبي سنگت انعامن جي ورکا ڪئي هئي. هڪ تخليقڪار لاءِ اها چماٽ ۽ اهو درد نه وسرندڙ آهي ۽ جيڪڏهن مان هتي هي سٽون ان باهه ۾ لکان ٿو ته به اهو منهنجو حق آهي، ڇاڪاڻ ته لڳيم ٿو ته مان ته ڳالهائڻ جي پوزيشن ۾ آهيان. پوءِ ڇو نه انهن سڀني جي طرفان اها ڳالهه ڪيان، جيڪي اوهان آڏو اکر به اُڪلي نه ٿا سگهن. ڪنهن نجي محفل ۾ ان زماني جي سيڪريٽري صاحب اهو فرمايو هو ته، ”هڪڙو ڪتاب آيو هو، سائين....ٻيا هئا ڪو نه ايوارڊ اهو ئي کڻي ها...“ هلو ڀلا جي ائين کڻي مڃجي به سهي ته هيل تائين ٻيو ڇا ٿيندو رهيو آهي؟ اوهان جي مقابلن ۾ گهڻا ڪتاب ايندا آهن؟ ججن جي لاءِ ڪنهن جو فون ڪيترو بار آور هوندو آهي؟ اهو سڀ ڇا توهان نه ٿا ڄاڻو يا اسين بي خبر آهيون؟

    مٺا سيڪريٽري صاحب....ڌڻي مٺي جو آواز اڄ تائين گهڻن ناهي ڪنايو، اهي لفظ ئي آهن، جيڪي دلين تي لهن ٿا...اهي ئي حڪم منتقل ڪن ٿا. انهن جي ئي سچائي ازل کان ابد تائين جيئري رهي ٿي. انهن جي حرمت جو بار اوهان جي ڪلهن تي آهي. پنهنجي”قسمتيءَ“ جي صيغي کي آزمايو. جيڪڏهن علم و ادب لاءِ ڪجهه ڪري ويئو ته اها خوش قسمتي هوندي ۽ جيڪڏهن اوهان به پنهنجو وارو اجايو وڃايو ته بدقسمتيءَ جي فهرست ۾ اوهان به اچي ويندئو.

    ٻين ٻولين جي باري ۾ مان گهڻو ڪو نه ٿو ڄاڻان. انگريزيءَ ۽ عربيءَ جي جيڪا ٿوري گهڻي خبر آهي انهن ۾، سڀني ملڪن ۾، اکرن جا اچار صدين کان ساڳيا ئي رهيا آهن. اها مهرباني به اسان تي ئي ٿي آهي جو الف انب، الف اک ۽ ب بلا، ب بدڪ ۾ مٽجي ويا آهن. جن کي دورِ جديد جي ضرورت سمجهيو وڃي ٿو. اڃان خبر ناهي ته جدت اسان جي علم و فڪر ۾ الاءِ ڪهڙيون تبديليون لائيندي، پر مٺا ۽ محترم سيڪريٽري صاحب...هڪڙي ڳالهه سدائين ياد رکڻ جي آهي ته الف سان اچارجي کڻي ڪجهه به، پر ان اچار جي سونهن اوهان جي سنگت کي سلامت رکڻي آهي. پنهنجي ماضيءَ، حال ۽ مستقبل ڏانهن نهاريو، اوهان جي ذميواري تڏهن ئي پوري ٿي سگهي ٿي جڏهن اوهان علم و ادب ۾ ته گهٽ ۾ گهٽ جانبدار نه هجو، ماڻهن کي نج غذا نه ٿي ملي سگهي ته گهٽ ۾ گهٽ اوهان نج علم و ادب جي آڇ ته ڪري سگهو ٿا.

    mehmoodmughal@hotmail.com
     
  13. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم محمود مغل جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    مُلهه اسان دا...



    آچر 16 اپريل 2006ع

    جدائيءَ جي موسم کي ڄڻ ڊيگهه اچي ورايو هو. ايڏو طويل هجر، پهرين ڪونه ٿيو هو، هن واري اها شرمندگي ڪجهه وڌيڪ هم رڪاب هئي. پر بهرحال، وصل جي لمحن ۾، خيالن جي طوفان تي ڪير روڪ وجهي سگهي ٿو. اسين سڀ اتاولا هئاسين، سوالن جي ٻيڙي تي سوار ٿي، عقل جي پاڻيءَ کي ڇا ڇوليو پئي ويو.

    سائينءَ حسب دستور، ڪو به شڪوو، شڪايت ڪا نه ڪئي هئي. اها ٻاجهه، اها مَهرَ، جيڪا اهڙن وجودن وٽ اسان جهڙن مجهولن لاءِ هوندي آهي، هن ڀيري به ائين ئي وافر مقدار ۾ موجود هئي. جيڪي سِبي ڄاڻن، تن کي ئي سُئي ڌاڳو هٿ ۾ سونهي ٿو، ٻين وٽ ته بس ڄڻ اجائي ”پٽاڙ“ هوندي آهي. ڳالهه الاءِ ڪيئن شروع ٿي هئي. ڪنهن بس ائين ئي ڳالهين هلندي پڇي ورتو هو ته، ”مرشد ... ماڻهوءَ جو مُلهه ڇاهي؟ هن جي ڪَٿَ ڪيتري آهي؟“ سوال ڄڻ ته ڪو نشتر هو. سائينءَ سوال ڪندڙ ڏانهن نهاريندي ورندي ڏني هئي، ”جي تو وڪيو ته ڏاڍو سستو وڪيئي پرين.... ۽ جي هن خريد ڪيو ته ڏاڍو مهانگو خريد ڪيائين.“ جملو اچاري، هنن بوڇڻ جي پلاند سان، اکين جي ڪنڊن کي اگهندي پنهنجي ڳالهه ۾ اضافو ڪيو، ”اها ئي ڪَٿَ اَٿَوَ .... اها ئي ماڻهوءَ جي قيمت آهي پاڳل ... سندس مول آهي..“ انسان ذات جي منڌل ”سُٽ“ جي ڪنهن نه ڪنهن ڇيڙي کي هٿ ڪرڻ لاءِ، ديدار جي دولت جي طلب رهندي آهي. زندگي جڏهن گهڻ رخي ٿي، مختلف پيچرن جا سفر طئي ڪندي آهي ته من ملول ٿي ويندو آهي. جي سائينءَ جون سمجهاڻيون نه هجن ته موڳائپ الائي ڪهڙي درجي تائين وڃي پهچائي.

    ”ماڻهو اڻ وڪائُو ٿي وڪامبو آهي شهزادا...“ مرشد هاڻي سڀني ڏانهن واري واري سان نهاريو هو... ”مالڪ الملڪ ذوالجلال والاڪرام، کيس اڻ وڪائو حيثيت ۾ هن جهان ۾ موڪلي ٿو. صرف رب پاڪ جي ذات سان محبت جو سِڪو ئي کيس خريد ڪري سگهي ٿو. باقي ٻيو سڀ، هن جي ذات کان هيچ هوندو آهي. اهي سندس افعال، سندس اندر جي صورت ۽ هيئت هوندي آهي، جو هو وڪامجي ويندو آهي.

    ”مطلب.... اسين قيمت انسان جي اندر جي لڳائيندا آهيون قبلا...!“ حيرتن جا درياءَ پلٽي رهيا هئا. سوچن جي تاڪين کي سمجهاڻيءَ جو سيلزمين، هر ڪنهن آڏو کولي رهيو هو.

    ”ٻيو نه ته وري..... انسان جي اندر کي ئي ته خريد ڪبو آهي، جسم جي وڪري جي ڪهڙي حيثيت آهي؟“ هنن ريش ۾ آڱريون ڦيريون. اسان جهڙن لاءِ اها نشاني آهي ته موضوع گنجلڪ آهي، مُنڌل آهي، ڳالهه ڊگهي ٿي سگهي ٿي.

    ”نه پر مرشد .... دنيا جي بازار ۾ ته جسم ئي وڪبا آهن ... قيمت ته انهن جي لڳندي آهي...“ مون همٿ ڪئي... ڳالهه ڪري ئي ڇڏيم. هنن مرڪي ڏنو.

    ”انساني جسم ته ٽڪي جا ٽيهه منهنجا مٺا ... انهن جي ڪهڙي قيمت. زر بخت، اهي ڪيم خواب.... اهي ڊگهيون گاڏيون ۽ شاندار گهر... جي رائج سڪي جي انتها کي ڇهندي ڪو جسم خريد ڪن ٿا ته به ان جسم جي سونهن جي سلامتيءَ جي گارنٽي ڪيتري آهي؟ لکن ۾ وڪامجندڙ عارضي سوڀيا ڪيتري جٽادار آهي؟ اها قيمت، جيڪا هڪ تندرست، نوجوان ۽ شباب سان ڀريل جسم جي لڳائي ٿي وڃي... سا ساڳئي قيمت، ڪنهن ڪراڙي، گهنجيل ۽ بيمار جسم جي لڳائي ويندي؟ نه لڳائي ويندي نه... مطلب... جسم جو ريٽ، عمر وڌڻ ساڻ گهٽجي ٿو. ائين نه... ائين ئي ضمير جي قيمت، سندس عمر جي حساب سان وري چڙهندي آهي. اهو وڪائو ناهي هوندو. ظلم ته اهو هوندو آهي ته اسين ان کي به وڪڻي ڇڏيندا آهيون....“

    ”مطلب.... ان جي به ڪا ته مارڪيٽ ويليو هوندي آهي نه سائين... ڪا قيمت... ڪو اندازو؟“ ڪنهن جملو اڇلايو... حيرت شايد ضبط نه ڪري سگهندي آهي.

    ”ٻڌايم نه... ضمير جي ڪا به قيمت نه هوندي آهي. ان تي دنيا جو سڪو، رائج نه ٿيندو آهي. قيمت ته ڏسي لڳائبي آهي، تڏهن ته جسم خريد ٿئي ٿو.... ضمير کي ڪير ٿو ڏسي سگهي، جو ان جي قيمت جو تعين ٿي سگهي؟“

    ”جي سائين تعين نه ٿو ٿئي ته پوءِ خبر ڪيئن ٿي پئي ته ضمير وڪامجي ويو آهي؟“ سوالن جي بوڇاڙ هئي .... سڀ آتا هئا.

    ”جڏهن ماڻهو، پنهنجي جيت ۾ به هار محسوس ڪري نه.... ان مهل سمجهجي ته ضمير وڪامجي ويو، ڪنهن جي خوشيءَ جي سودي تي، ملهه طئي ٿي ويو آهي. هڪ ٽڪي کان وٺي لامحدود رقم تائين... ڪو به انگ... ڪٿي به فٽ ٿي سگهي ٿو. اهو صاحب ضمير تي منحصر آهي.“

    ڳالهه ڪجهه سمجهه ۾ نه آئي هئي... هر ڪنهن جي اک ۾ عجيب تاثر هو، جيڪو کين ڏاڍي سولائيءَ سان سمجهه ۾ اچي ويو هو. ”ڏسو... هڪڙي ڳالهه غور سان ڪنايو. ضمير کي محبت خريد ڪندي آهي... يا وري غرض.... جنهن مهل محبت خريد ڪندي آهي ته ملهه ٽڪن ۾ هوندو آهي... جنهن مهل غرض تي سودو طئي ٿئي ٿو ته پوءِ ان جي قيمت رپين، ڊالرن ۽ پائونڊن ۾ طئي ٿيندي آهي. سودا ٻئي ٿيندا آهن، بس فرق رڳو اهو هوندو آهي ته محبت جي ميدان ۾ وڪري کان پوءِ روح هلڪو ٿي پوندو آهي ۽ غرض کان پوءِ بارگير... پنهنجي اندر کي، وڪڻڻ سان بار ته نيٺ وڌڻو ئي آهي ٻچا...“



    ”ڪهڙي قسم جي غرض... روح کي ڳرو ٿي ڪري سائين...؟“ ڪنهن ڪنڊ مان ڪو ٽٽل ڦٽل آواز آيو... سائينءَ هڪ لمحي ۾ بنان وقفي جي يڪدم وراڻيو، ”غلط ڪم جي غرض.... ڪو به غلط ڪم ڪري اچ ۽ ڪنهن معاوضي تي ڪر... ته ڪندو ته جسم آهي.... پر لوڙيندو روح آهي... هڪڙو مثال سمجهه. رشوت وٺڻ... ڪنهن جو ڪو به ناجائز ڪم.... ڪنهن به معاوضي تي ڪرڻ... خالي جسم کي جهنجهوڙي ٿو ڇا؟ ان سان گڏ سڄو روح به لرزجي ٿو وڃي....“

    ”۽ ضمير سائين... ان جو ڇا هي....؟“

    ”ضمير، مئل هوندو آهي، تڏهن غلط ڪم ٿيندا آهن راڻا.... جيئري ضمير وارو ته غلط ڪم ڪندو ئي ڪو نه... هاڻي جنهن جو ضمير ئي مئل آهي، ان جي باري ۾ ڪهڙو سوال ڪري سگهجي ٿو؟“

    ”ضمير ۽ روح ۾ ڪهڙو فرق آهي قبلا...؟“

    ”اسين ضمير کي ماري سگهندا آهيون، .... اسان کان روح مري نه سگهندو آهي... اندر ۾ جيڪڏهن ڪو چڀڪو سلامت هجي ته سمجهجانءِ... ضمير اڃان حيات آهي... پر جي اهو چُڀڪو، سوڙهه ۾ مٽجي وڃي ته پڪ ڄاڻجانءِ... روح بوجهه هيٺ اچي ويو آهي. غلط ڪم ڪرڻ کان پوءِ، روح جي دري بند ٿيڻ شروع ٿيندي آهي.“

    ”پر سائين... انسان ته خطا جو گهر آهي... غلطي هن کان نه ٿيندي ته ٻيو ڪير ڪندو؟ هاڻي ان جي ايڏي وڏي سزا ڇو آهي؟“ سوال جنهن به ڪيو هو، جواب مهل سائينءَ جي ڪنن جون پاپڙيون ڳاڙهيون ٿيڻ شروع ٿيون هيون.

    ”جي ڪا غلطي اڻڄاڻائيءَ ۾ ٿي وڃي... ان جي سزا، ۽ جيڪا غلطي ڄاڻي واڻي ڪئي وڃي... ان جي سزا ۾ فرق آهي ڀُوڪَ... شڪ جو فائدو سدائين اڻڄاڻائي حاصل ڪندي آهي... غلط ڪم جي خبر پهرين پوندي آهي، ڪم پوءِ ٿيندو آهي، جي خبر نه پئجي سگهي ته اهو ساڳيو ڪم صرف غلطي هوندو آهي ۽ جي خبر سان ٿيو ته اهو گناهه جي ذمري ۾ اچي ٿو... اهو سڀ ڇا تون نه ٿو ڄاڻين؟ .... غلط ڪم جي ٿيڻ جو ۽ ڄاڻ سان ٿيڻ جو صرف هڪڙو ڪارج هوندو آهي. جڏهن ان کان پنهنجي روح جو سودو طئي ڪري... تڏهن ئي اهو سڀ ممڪن آهي. پنهنجي ضمير کي ماري، روح کي سوڳواريءَ جي حوالي ڪري ئي اسين غلط ڪاريون ڪندا آهيون.“

    ”پر مرشد... جيڪي اهڙا ڪم ڪن ٿا... انهن جي حالت ته اهڙي نه ٿي لڳي..! کلندا ڪڏندا وتندا آهن... روح، جي سوڳوار هجي ته ائين ڪن...“ .... اڄ الاءِ ڇا ٿيو هو... حجت جا دروازا اڳ ۾ ايترا کليل نه هوندا هئا... مزاج سائينءَ جو به اهڙو نه لڳندو هو.

    ”وري ڦري گهري اتي ئي اچي بيٺاسين نه ٻچا... ظاهر ظهور جي طاقت کي تسليم ڪندي، اسان اندر جي سوڳ کي سمجهي نه سگهندا آهيون. پنهنجي جسم جي طاقت ۽ انگ اکر وڪڻي اسين جيڪو ڪجهه هٿ ڪندا آهيون، اهو اسان کي هٿ ٿيندو ئي ڪٿان آهي ۽ لالچ جي سمنڊ ۾ وهندي، غرض جي ناوَ کي اجايا سجايا سهارا ڏيندي، اسان جي سوچ ئي اها هوندي آهي ته بس ڪجهه ملي پوي... جو ڪجهه ملي نه ٿو ته ملڻ جو گهٽ ۾ گهٽ آسرو ته ملي... ۽ پوءِ اهو سڀ ڪجهه ٿي ويندو آهي ۽ آخر ۾ وري به وقت جڏهن آئيني جي سامهون آڻي بيهاريندو آهي ته پاڇي ڪجهه به نه هوندي آهي... خالي کيسا ”ويچارا“ ڪڍندا رهندا آهن. ماڻهو ڪارٽون بڻجي ويندو آهي.“

    ”پر قبلا... جي دل ۾ نه ڪريو ته عرض ڪريان...“، سائينءَ جي سڀ کان لاڏلي مريد، چپ چوريا.... ”ڪارٽون ته ماڻهو محبت ۾ به ٿي ويندو آهي، سڄو ملڪ ئي مٽجي ويندو اٿس... بقول اوهان جي، ٽڪي ۾ وڪبو آهي ۽ ٽڪي جهڙو ٿي ويندو آهي.“ .... ڳالهه ۾ الاءِ ڇا هو... سائينءَ الاءِ ڪيترا لمحا ڪنڌ هيٺ ڪري گذاري ڇڏيا ... نيٺ اسان سڀني ڏانهن نهاري ڀريل آواز سان چيائون، ”دنيا جي محبت ۾، ماڻهو ٽڪي جهڙو ٿي ويندو آهي نادانو.... صرف دنيا جي محبت ۾... دنيا ٺاهڻ واري جي عشق ۾، مول ته انمول ٿي ويندو آهي. ان بازار ۾ ته ڪو سِڪو آهي ئي ڪو نه، چيم نه... بس محبت هلي ٿي. هاڻي اها محبت، جي انسان کي انسان سان ٿئي ٿي ته ان جو به هڪڙو پنهنجو رنگ آهي. ماڻهو پرين جي پاڇي ۾ پرين ڳولي لهي ٿو. مسي مساڳ، سندس ديدار بڻجي پون ٿا. جتان لنگهي وڃي اهو دڳ گلرنگ ۽ سدا بهار بڻجي ويندو آهي. جيڪو ناز ڪري سو ازبر ۽ جيڪا فرمائش ڪري، حڪم بڻجي ويندو آهي. هن جو چيو حرف آخر هوندو آهي. ماڻهو پاڻ کي هن ۾ گم ڪري يا هن کي پاڻ ۾ ضم.... وڃائبي سدائين پنهنجي هستي آهي... هاڻي جي پنهنجي هستيءَ جي سڌ ٻڌ ئي نه هجي ته ماڻهو ڪارٽون نه لڳندو ته ٻيو ڇا لڳندو؟ ۽ هونئن به هن دنيا ۾ هنن ساعتن ۾ سچي محبت ڪٿي گم ٿيندي ٿي وڃي.... هاڻي جي ڪنهن وٽ سلامت آهي ته اهو ٻئي جهان جي مخلوق نه لڳندو ته ٻيو ڇا لڳندو؟ جتي ٻه جسم محبت ڪن ٿا، جتي ”هوءَ“ ۽ ”هُو“ جو Concept جنم وٺي ويو آهي، يعني جسمن جي جاگرافيءَ جي خبر آهي، اتي ڪو به ڪارٽون ناهي. سڀ ڏسي وائسي ياريون ڪن ٿا. عشق جو معاملو پري آهي پاڳلو... عشق ان سودي جو پهريون ڏاڪو آهي، جيڪو وڏي درٻار تائين رسائي ٿو.“

    هنن وڏو ساهه کنيو، هڪ ڳيت ۾ پاڻيءَ جو ڪٽورو خالي ڪري ڇڏيائون... اسين سڀ مبهوت هئاسين، لفظ، ميڻ جيان وگهرندا محسوس ٿي رهيا هئا. آواز هاڻي پنهنجي پوري گونج سان حاوي ٿي رهيو هو.

    ”بندي کي رب پاڪ سٺي وڪري لاءِ ناهي خلقيو، اهو اوهين سڀ ڄاڻي وٺو.... جي وڪري جي ڪا صورت هجي ها ته دنيا ۾ هر ڪنهن جي نرڙ تي قيمت جي پٽي لڳل هجي ها... ماڻهو ته بي بها آهي... انمول آهي. بس هن کان الاءِ ڇو اهو وسري وڃي ٿو ته دنيا جا هي ڪوڙا سڪا نه کيس خريد ڪري سگهن ٿا... ۽ نه هو وڪامجي ئي سگهي ٿو. هي سڀ دوکو آهي، نظر جو فريب.... جيڪي ان فريب مان نڪري سگهن ٿا، اهي ئي ڄاڻن ٿا ته سندن ملهه صرف ڌڻيءَ وٽ ئي آهي. ڌڻيءَ سان محبت ۽ سندس حڪمن جي پيروي ئي آهي... بي بها مال کي، صرف ان آڏو وڪري لاءِ حاضر ٿيڻ گهرجي، جيڪو پاڻ سڀني خزانن جو مالڪ آهي. اهو ڪڏهن به نه وسارجو ته ماڻهو، ماڻهوءَ جو ملهه ڪڏهن به ادا نه ٿو ڪري سگهي. جي محبوب وڪڻي ته ڏاڍو سستو وڪڻندو آهي ۽ جي محبت نه ڪندڙ خريد ڪري ته ڏاڍو مهانگو محسوس ٿيندو اٿس. رب پاڪ ته محبت ئي محبت آهي نادانو... پنهنجيءَ موڙيءَ کي ان آڏو رکو... جنهن کي محبت سدائين حوالي ڪرڻ ئي ايندي آهي ۽ جيڪو سستي...مهانگي جي سوچ کان ماورا آهي.

    mehmoodmughal@hotmail.com
     
  14. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم محمود مغل جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    چار سوال



    آچر 23 اپريل 2006ع

    پاڙي ۾ شادي هئي ۽ قاصد درن تي ”سوالي“ بيٺل هئا.

    ائين ٿئي ٿو عزيزان من... دنيا جي هن خطي ۾... اڃا حياتيءَ جو اهو ”سواد“ باقي بچيو آهي، جنهن ۾ ضرورتن جي گهڙين ۾ هڪ ٻئي جي مدد لاءِ واجهائبو آهي. خوشي ۽ غميءَ جي ڪيترين ئي تقريبن ۾، ماڻهو کي جتي ماڻهوءَ جي ضرورت پوي ٿي، اتي شڪل شبيهه سان گڏ سامان به گهرجي ٿو. اداسين جي موسمن ۾، ان جي ضرورت گهٽ ۽ مرڪن جي ميدان ۾ وڌيڪ پوندي آهي. ڌڻي مٺو هر ڪنهن کي معاف ڪري، پنهنجي پناهه ۾ رکي... باقي اهي ڏينهن به هر گهر ۾ اچن ٿا، جڏهن ڪو نه ڪو موڪلائيندو آهي، ڌڻيءَ در رخصت ٿيندو آهي، انهن سماعتن ۾ رنج والم جي هئيت ۾. شايد اهو احساس گهٽ هوندو آهي ته ڇا آهي... ڇا ناهي؟ وڇوڙي جو عذاب، مڙني شين تي حاوي هوندو آهي. هنڌ بسترو، اوڇڻ، کاڌو... سڀني جي ضرورت ته پوندي آهي پر بهرحال درد جي ان ڪيفيت ۾ سڀ ڪجهه هليو ويندو آهي. خوشين جي موسمن ۾ وري اهو سڄو رنگ مٽجي ويندو آهي. مٽن مائٽن، دوستن يارن ۽ خير خواهن جي هجوم ۾ ضروريات زندگي پنهنجي نرڙ کي اوچو ڪنديون آهن. پلنگ، هنڌ بسترو، رهڻ جي جاءِ... هر شئي جو خيال رکڻو پوندو آهي. مهمان اچن، ٽڪن... شاديءَ ۾ کين ڪا به تڪليف نه ٿئي... ان لاءِ جوڳو بندوبست ڪيو ويندو آهي... اهي ئي ڏينهن هوندا آهن، جڏهن ڀاءُ...ڀاءُ کي ڪم ايندو آهي، درن جا دروازا کڙڪندا آهن.

    ان پڪَ اَپ جي حالت به عجيب هئي، جنهن کي ڪاڄ وارن موڪليو هو، سڄا بخيا اڊڙيل هئس. پويان ڍڪ ڪو نه هئس. پاسي واريون ڀتيون پريشان هيون. ڊرائيور پاڻ مون وانگر ڪو ”اجڙيل“ وجود هو. گهرن تي ڪال بيلز وڄائي ٿڪو هو، سو چهرو بگڙيل هئس. جنهن مهل اسان جي ”دوبدو“ ملاقات ٿي هئي، ان مهل ان پڪ اپ تي چار کن کٽون ۽ ڪافي سارا هنڌ رکيل هئا. جنهن صاحب هنر سان مان ملاقات لاءِ حاضر ٿيو هئس، اهو گهر اندر ويل هيو ۽ ٻاهر ڊرائيور جي تقرير جاري هئي: ”ڪمال ٿا ڪن سائين... هڪڙو ته هنڌن تي نالا به لکن ٿا هاڻي... اڳ ۾ ڪو نه ٿا لکي رکن... ڪلاڪ لڳي ٿو وڃي... هڪ هڪ گهر تي... هلو ڀلا اهو به کڻي ٺيڪ آهي... مٿان وري سامان ڏسوٿا... توبهن زاري... هنڌن مان ڌپ پئي اچي... پلنگ جي حالت اوهان سامهون؟ ...بس سائين...سنگت صاحب جي... چيائين سڀني کي چيل آهي... تون خالي وڃي وٺي اچ...“

    وقت جي ڪاتر ڪرڻ لاءِ مون به کڻي پڪ اپ ۾ نهاريو، هنڌن بسترن مان ڌپ ته ڪو نه آيم پر بهرحال انهن مان ڪجهه مون کي ميرا ضرور لڳا. پلنگن جي حالت بهرحال ڪجهه چڱي نه هئي... بس هڪڙو هيو، جيڪو بهتر هو. جنوريءَ جا پارا سهڻي واڻيل کٽ... باقي ٻيو سڀ ته ”حالو چالو“ هو.

    ”ڏسو ٿا نه....هاڻي اهو حال ٿَوَ پاڙي جو... اهي جيڪي وڏا وڏا امير ماڻهو ٿَوَ نه... انهن اهي ڪڍي ڏنا آهن. اهو چڱو پلنگ... پٽيوالي جي گهران مليو ٿَوَ... بس سائين... ملڪ مڙئي اتي اچي بيٺو ٿَوَ. پاڙي ۾ ضرورت آهي... شئي ڪَسي ڪڍڻي آهي...“ ان کان وڌيڪ هن اڪابر الاءِ ڇا پئي ڳالهايو معزز خواتين و حضرات... پر منهنجي ذات جي سئي الاءِ ڇو ان هڪڙي جملي تي ئي اٽڪي پئي... لڳم، ڄڻ واقعي اسين ڏيڻ جي فن کان ناواقف ٿيندا ٿا وڃون....

    ائين ٿئي پيو ٿو... هڪ اڻڄاتل خوف اسان کي پنهنجي گهيري ۾ وٺي ڇڏي ٿو. شين کان وڇوڙو، اسان کان برداست نه ٿو ٿئي. ويهه دفعا ته سوچڻو ٿو پوي ته الاءِ اها شئي واپس ملندي الاءِ نه... جي ملندي ته الاءِ ڪهڙي حال ۾ هوندي؟ استعمال ڪرڻ وارن ۾ اهو سليقو هوندو الاءِ نه. ۽ جي ڀلا گم ٿي وئي ته ڇا ڪري سگهنداسين؟ واپس گهري ٿورئي سگهبو... ڪٿي ڪٿي اهو خوف پنهنجيءَ جاءِ تي جائز آهي. حق حلال جي ڪمائي مان ورتل سامان ضايع ٿيڻ جو خوف بلڪل رهي ٿو ۽ اها به پڪ هجي ٿي ته اهو ئي مشڪل ٺهيو آهي، جي گم ٿي ويو ته ٻيو ڪٿان ٺهي سگهندو... يا وٺي سگهبو؟ اتي هڪڙي اهم ڳالهه اها به آهي ته ڪڏهن ڪڏهن جڏهن ڪا شئي ڏئي به ڇڏجي ٿي ته ان جي واپسيءَ مهل ”صورت“ ناقابل شناخت هوندي آهي. تمام گهٽ ائين ٿيندو آهي ته استعمال ٿيل سامان، بهتر حالت ۾ صاف سٿرو واپس ملي... هاڻي جڏهن اهي سڀ شيون پنهنجي جاءِ تي ”ٺيڪ“ آهن ته پوءِ ڇا اهو بهتر ناهي ته ماڻهو شروع ۾ ئي انڪار ڪري ڇڏي. نه سامان موڪلبو ۽ نه ئي اهو خوف پالبو. پر ڀلا جي ڏيڻ جو موڊ آهي ته پوءِ سوچ ڪهڙي؟ مدد ته ڀلي کان ڀلي ڪبي آهي. هاڻي ان جو مطلب اهو هرگز نه ٿو نڪري ته ماڻهو گهر جا سڀ ٽين ٽپڙ ڪڍي آيل جي حوالي ڪري ڇڏي ۽ پاڻ بي اونو ٿي چين جي بانسري ويهي وڄائي. پنهنجي مال متاع جي ڳڻتي لازمن ٿئي ٿي، پر جنهن شدت سان اها ٿئي ٿي، ڇا اها شدت اسان کي سونهين ٿي؟

    توهان ڪڏهن ان ڳالهه تي غور ڪيو آهي معزز اهل علم و دانش ته عام حياتيءَ ۾ اسان جي گهرن ۾ الاءِ ڪيترو سامان اهڙو هوندو آهي، جيڪو شو ڪيسن ۾ رکي رکي ڌپ ڪري ويندو آهي. نسل در نسل اسين انهن جو ديدار ڪندا رهندا آهيون ۽ اهو استعمال ۾ ڪڏهن به نه ايندو آهي... خوبصورت ڪراڪري... سهڻا من موهڻا رانديڪا... عام استعمال جون شيون... اتي رکئي رکئي رنج و الم جو شڪار ٿينديون رهنديون آهن. انهن جو ”رڙ واڪو“ اسان کي ٻڌڻ ۾ ڪو نه ايندو آهي... ۽ باءِ چانس، ڪڏهن ڪڏهن خانن جي صفائي ڪندي، ٺڪ سان اهو سامان، هٿن مان ڪري ڀور ڀور ٿي ويندو آهي. مطلب... سڄي حياتي اجائي گذاري، اجل جي راهه وٺندو آهي. اهو سڀ تقريبن هر گهر ۾ ٿئي ٿو. ٻارن کان ته هلو کڻي قيمتي يا سهڻي سامان کي بچائجي ته متان کڻي ڀڃي نه وجهن... پر اسان وڏن کان به اهو سامان لڪائيندا آهيون... جي اهو سڀ ائين ئي آهي ته پوءِ اهو سامان اسين وٺندا ئي ڇو آهيون؟ جو نگاهه وجهجي گهر ۾ عام واهپي جي سامان تي... ته خبر پوندي ته سادن سودن ٿانون ۾... واهپو ٿئي ٿو... ڪوپ جو ڪَنون ڀڳل آهي، پر چانهن ان ۾ ئي پيئجي ٿي. پليٽون پراڻيون ٿي ويون آهن، گلاسن مان مزو نڪري ويو آهي... هاڻي جي اهو عمل محسوس به ٿئي ٿو ته هڪدم وري ٻيو سامان آڻجي ٿو... جيڪو به تقريبن ساڳئي انداز جو ئي هوندو آهي. هٿ ٻڌي عرض ڪجي ٿو ته سٺو سامان وري به مهمانن لاءِ هوندو آهي، جي آيا ته ڪڏهن نڪرندو آهي ۽ ڪڏهن نه به نڪرندو آهي. ”حجتي“ سمجهي، گهر جي ٿانون ۾ ئي کارايو ويندو آهي. ڪڏهن به گهر ڀاتي اهو واپرائي نه سگهندو آهي.

    ڪڏهن اسان ان سڄي عمل تي غور ڪيو آهي؟ خواب نگر جي اڄوڪي موضوع تي يقينن ڪيترائي مهربان اعتراض ڪري سگهن ٿا، اهو ”رد“ ڪري سگهن ٿا پر توهان ٿورو سوچ جي ان دائري تي نگاهه رکي به ڏسو ته اهو سڀ ائين ڇو آهي. ”منهنجو ۽ اسانجو“ جي ٽيگ ۾ چنبڙيل اها سوچ، ڇا ٿي ظاهر ڪري؟ ٻين لاءِ ڪَسو مٽيريل ڇو ٿو چونڊيو وڃي؟ ڇا اندر ۾ ڏيڻ جي بهادري ختم ٿي وئي آهي ۽ ”منهنجو پنهنجو“ جو ناتو وڌيڪ مضبوط ٿي ويو آهي؟

    هن جهان ۾، معزز خواتين و حضرات... پنهنجو ڇا آهي؟ ڪهڙي شئي آهي، جيڪا ”نجي ذاتي“ هجي؟ هلو ڀلا جي نجي ۽ ذاتي آهي ته پوءِ دنيا مان رخصت ٿيڻ کان پوءِ اها گڏ ڇونه ٿي موڪلي وڃي؟ ماڻهو رستي ويندي جي وفات ٿو ڪري ته سڀ کان پهرين ته ٻٽون ڪڍن ٿا، واچ لاهين ٿا، گهٽ ۾ گهٽ اهي ٻئي شيون ته ”ذاتي ملڪيت“ هونديون آهن... پوءِ ائين ڇو ٿو ٿئي؟ جي ڪو ٻيو قيمتي سامان، فوتيءَ جي ”لباسي وجود“ ۾ شامل آهي ته اهو هٿيڪو ڪيو ٿو وڃي. هاڻي اهو سڄو عمل ائين ڇو آهي؟ عزيزان من... جيڪو ويو هليو، اهو ڇا قيمتي نه هيو جو کيس هٿيڪو ڪري رکجي؟ هٿ وري به سامان ئي ڪجي ٿو... اهو سامان... جيڪو ڪڏهن به، ڪنهن جو به نه ٿو ٿئي. ڪنهن هڪ وٽ ٽڪڻ ته کيس ڪڏهن به ناهي آيو. اتي اختلافي طور تي هڪڙو مثال، زندگيءَ جي ضروريات جو به ٿي سگهي ٿو سائين... ”ويهه سال ٿيا هن فرج کي... ارڙنهن ٽي وي سيٽ کي... اهي ته هڪ جاءِ تي آهن... ٽڪيل ناهن ته ٻيو ڇاهن؟“ ته جواب به تمام سولو آهي، جي اهي فرج، ٽي وي، آڊيو وڊيو ڳالهائي سگهن ته پڇو... ڪيترا هٿ هنن کي استعمال ڪندا رهيا آهن؟ انهن مان گهڻا گذاري ويا ۽ گهڻا سلامت آهن؟! ٽڪي جي ريموٽ ڪنٽرول کان ئي کڻي احوال وٺو. گهڻن هٿن جي گرمي، هن وٽ منتقل ٿيندي رهي آهي... ڪيڏانهن ويا اهي آڱرين جا پور، جيڪي سندس مختلف بٽڻن کي دٻائيندا رهندا هئا؟! ۽ اهم ترين ڳالهه اها به ته جيڪي آڱريون هاڻي اهي بٽڻ دٻائي چينلز جي ”مٽا سٽا“ ڪن ٿيون، انهن ۾ سلامتي جو ڪيترو سيڪڙو ”يقين“ سمايل آهي؟

    ڳوٺ جي مسجد ۾ مغرب مهل هڪڙو بزرگ، سامان جي ”بُجڪي“ سان حاضر ٿيو هو، پٺيءَ تي هڙ کنيو، سلام واري هن پڇا ڪئي هئي ته ”ڪو ماني کارائيندو؟“ ويٺلن عرض ڪيو ته ”ماني کوڙ...“ ان ڳالهه ورجائي ته ”ماني کائبي فرمائشي... هڪڙو ڪڪڙ پڪل بنان شوروي جي... ٻه گرهه نان ۽ ٿڌو جڳ پاڻيءَ جو... جي ڪو فرمائش پوري ڪري ته فقير ويهي نه ته دڳ وٺي...“ سڀ حيران ٿي ويا هئا. سوالي ائين ئي بيٺل هيو، ڪنهن چيو ”توهان سامان ته لاهيو، مانيءَ جو بندوبست ڪريون ٿا..“ بزرگ اهوئي بضد ته ”نه... ماني فرمائشي کائبي ۽ ان جي بندوبست جو اقرار ڪيو وڃي.“ نيٺ مولوي صاحب پاڻ ”ها“ ڪئي ته ”فرمائش پوري ڪيون ٿا، اوهان سامان لاهي هيٺ رکو.“ هن سامان لاٿو ۽ وضو ڪرڻ هليو ويو. سومهڻيءَ جي نماز کان پوءِ... ماني پيش ڪئي وئي... پڪل ڪڪڙ بنان رَسُ جي... بنا شوروي جي، گرم ماني ۽ ٿڌو جڳ پاڻيءَ جو... بزرگ ماني کاڌي ۽ دعا گهري. اتي مولوي صاحب عرض ڪيو ته ”بزرگ سائين... پير مڙس آهيو... رات جو وڳڙو آهي... ڪيڏانهن ويندو؟ بسترو مون لڳائي ڇڏيو آهي... توهان آرام ڪيو ۽ صبح جو رخصت ٿجو...“ مهمان محترم ڪجهه به نه ڪڇيو، دعا لاءِ هٿ بلند ڪيائين ۽ مولوي صاحب گهر روانو ٿيو.

    گهر ۾ بيگم صاحبه جو مزاج برهم هو... اچڻ سان ئي سوال پڇيائين ته ”جنهن کي اهو سڄو سامان پهچائي آيا آهيو، ان کي سڃاڻو ٿا؟“ مولوي صاحب حيران ٿي ويو. چيائين ”نه“ گهر واريءَ چيو ”چار پنج سئو جي ماني ٺهرائي اٿو... ستن اٺن سون جو هنڌ ڏئي آيا آهيوس... ماني ته ڇٽي... جي هنڌ کڻي روانو ٿي ويو ته به خسارو ئي خسارو آهي... توهان ڪندا ڇا ٿا وتو؟“ من ۾ شڪ جي جڙ مضبوط ٿي ته صاحب علم به تڪڙو مسجد ڏانهن روانو ٿيو ته جيئن اهو ته ڏسجي ته هنڌ بسترو سلامت آهي يا ”بُجڪي“ ۾ ٻڌجي گم ٿي ويو. اتي پهچي ته هڪڙو حيران ڪن منظر هو. ڏيئي جي وٽ مسلسل استعمال جي ڪري جهيڻي ٿي وئي هئي... اندر محراب ۾ پنهنجي بوڇڻ کي ڳچيءَ ۾ ڳارو ٺاهي... بزرگ ڪنڌ هيٺ ڪيو بيٺو هو... الائي ڪيتري دير مولوي صاحب کيس ڏسندو رهيو... قلب کي عجيب بي قراري وراڻي وئي... گهر موٽيو ته مزو نه آيس... ننڊ نه پئي اچيس سو ڪلاڪ ٻه رکي وري مسجد پهتو... گهري رات ۾، مهمان بزرگ ائين ئي ڳچيءَ ۾ ڳارو وجهي، ڪنڌ هيٺ ڪيو، محراب ۾ بيٺل هو. ان ئي حالت ۾ صبح ٿي ويو. مسجد شريف کلي ته هو ٻاهر نڪتو... وضو ڪيائين... فجر ادا ٿي... ۽ هن پنهنجي ڳنڍ کنئين... اتي مولوي صاحب عرض ڪيس ته ”سائين... ترسو نيرن ڪيو“ هاڻي لهجو مٽجي ويو هو. بزرگ انڪار ڪندي چيو ”بابا... هڪ وقت لاءِ عرض ڪيو هو... سو ڌڻيءَ توکي طاقت ڏني ۽ تو پورو ڪيو... هاڻي الهه واهي..“ ائين چئي هو تڪڙو روانو ٿيو. هاڻي عجيب منظر هيو. اڳيان اڳيان مهمان... پويان مولوي صاحب روڪڻ جي جستجو ۾... تان جو ڳوٺ جي ”ڪڙ“ اچي وئي... خاتمي جي سرحد تي سائينءَ، مهمان جا پير ڇهي عرض ڪيو ”قبلا... ڪجهه ڏئي وڃو!“ بزرگ حيران ٿي ويو... چيائين... ”حال منهنجا تو آڏو آهن... مون وٽ ڇا آهي جو توکي ڏيان...؟“ اتي مولوي صاحب چيو ”اوهان وٽ گهڻو ڪجهه آهي... مون سڄي رات اهو ديدار ڪيو آهي..“ بزرگ چيو اهو ڪجهه به ڪونهي ٻچا... صرف شڪر گذاري آهي. تو الاءِ ڇا سمجهيو آهي؟! مولوي صاحب جو زور وڌندو ويو... نيٺ مهمان چيس ته ”چئن سوالن جا جواب ڏي... ته توکي ڪجهه ڏئي وڃان..

    سوال پهريون ته ”تو وٽ گهر آهي؟“ مولوي صاحب اقرار ۾ ڪنڌ لوڏيو. ”شڪر آهي...گهر بلڪل آهي“ بزرگ مرڪندي چيو ”مون وٽ ناهي.“

    سوال ٻيو...”گهر ۾ رڌڻو آهي؟ سائين حيران ٿيو چيائين ”گهر آهي ته بزرگ رڌڻو ڪيئن نه هوندو؟“ بزرگ جي مرڪ گهري ٿي... اشاري سان چيائين ”مون وٽ ناهي.“

    سوال ٽيون...”کاڌي تيار ڪرڻ لاءِ گهر واري آهي؟“ جواب مليو ”الحمد الله... ان جي هٿن جو کاڌو ئي پيش ڪيو هئم..“ بزرگ چيو ”مون شادي ئي ناهي ڪئي..“

    سوال چوٿون... ”پئسا ڏوڪڙ اٿئي؟“ سائين جواب ڏنو ”بلڪل... گنج آهي، گذر سفر بهتر آهي...“ بزرگ پنهنجي لباس ڏانهن اشارو ڪيو... ”مون وٽ کيسا ئي ڪونهن ته پئسا ڪٿان آيا... هاڻي اهو ٻڌاءِ ته تون روز پڪل ڪڪڙ، گرم ماني ۽ ٿڌو پاڻي... سڀ حيلا وسيلا هوندي به استعمال ڪرين ٿو؟ هن کان پنهنجي لاءِ گهرين ٿو؟ نه ٿو ڪرين نه... مان روز ڪيان ٿو. هاڻي سڄي رات شڪر نه ڪيانس ته ٻيو ڇا ڪيان؟“

    سڄو مسئلو اهو ٿَوَ صاحبان عقل و حرفت... واپرائڻ لاءِ ئي نه ٿا گهرون ته ٻين کي ڏيڻ لاءِ سٺي شئي ڪٿان گهرنداسين. سڀ ڪجهه هوندي به ڪجهه نه ٿو هجي... سڄي زندگي ائين ئي ”ڪسو“ ڏيڻ وٺڻ ۾ گذري ٿي، جي اعتبار نه ٿو اچي ته پنهنجو پاڻ کان اهي چار سوال ضرور پڇڻ گهرجن.

    mehmoodmughal@hotmail.com
     
  15. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم محمود مغل جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    بَو ڪاٽا...



    آچر 30 اپريل 2006ع

    اندر جي ايوانن ۾ اداسي گهڙي آئي آهي.

    اسين الاءِ ڇا آهيون صاحبانِ حرفت ۽ ڦنڌ ڦير...عقل اسان وٽ محدود هوندي به لامحدود هجي ٿو. نظر ويجهو کان ڌنڌلي هوندي به، پري پري جا منظر ڏسي وٺندي آهي. ڪنن ۾ سرد مهريءَ جي ميڻ ۽ لاتعلقيءَ جو گند ڀري به، اسين”من چاهيندڙ ٻول“ ٻڌي ئي وٺندا آهيون. بيوسيءَ جو مڪمل شاهڪار هوندي به، اسين وس کان ڪين گهٽائيندا آهيون.

    گهڻي هوندي آهي اسان جي حياتي عزيزانِ من؟ سٺ سال، ستر سال، اسي، نوي يا وڌ ۾ وڌ ڀلا هڪ صدي...۽ ان هڪ صديءَ ۾ هوش و خرد ۽ جولان جا ڪيترا سال هوندا آهن، جن ۾ اسين پنهنجو”پاڻ“ سان هوندا آهيون؟ جنهن ۾ طاقت جو نشو اسان جي ذهن کي بلند کان بلند تر ڪندو آهي؟ جنهن ۾پنهنجي ذات، ذاتي حيثيت، اثر رسوخ، داٻو ۽ ”چئه چوان“ اسان جي ٿيلهين ۾ بند هوندي آهي، ڇا اسان ڪڏهن ان جو ڪاٿو لڳايو آهي؟. جي غور جو زعم، عام رواجي ڪردارن جي حيثيت ۾ وڌ ۾ وڌ ايترو ئي جٽاءُ ڪري ٿو، جي ڳالهه سوچ ۾ نه ٿي اچي، ته اچو حساب ڪتاب اتي ئي ٿا ڪري وٺون.

    ننڍپڻ انهن عذابن کان خالي هوندو آهي، جن کي”رِيس، حرص ۽ حوَس“ چئبو آهي. ٻارڙا فطرتن جي حسد ڪندا به آهن، ته اهو ڪنهن ٻئي کي نقصان ڏيڻ جي ذمري ۾ ناهي ايندو. ٻارن جو جسم رانديڪن، رشتن جي اهميت ۽ پنهنجي وجود کي عطا ٿيل قرب ۽ پيار تي انحصار رکندو آهي. هاڻي اها عمر تقريبن پندرهن ورهين تائين پهچي ٿي. ان کان پوءِ وڏا تعليمي ادارا اسان جي حاصلات جو مرڪز هوندا آهن. عام رواجي تعليم مڪمل ڪرڻ ۾ عمر جا پنجويهه سال ته ٿي ئي وڃن ٿا...هلو ڀلا، جي اڃا به اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻي آهي ته پوءِ به ڪهاڻي اڃا وڌيڪ سولي ٿي وڃي ٿي...عمرِ عزيز جا تقريبن ٽيهه سال ته ڪجهه”چڱو...چوکو“ پڙهڻ ۾ ئي ختم ٿا ٿي وڃن ۽ ان کان پوءِ ئي نوڪريءَ جو جهان ٺهي ٿو. عملي زندگي شروع ٿئي ٿي. هاڻي جي عام رواجي حياتيءَ پٽاندڙ پنجويهن سالن ۾ نوڪري ڪجي، ته به ۽ جي ٽيهن سالن ۾ نوڪري ڪجي، ته به، گهٽ ۾ گهٽ ڏهه سال ته پاڻ کي”اسٽيبلش“ ڪرڻ ۾ لڳي ئي ٿا وڃن. معنيٰ عمر ٿئي ٿي گهٽ ۾ گهٽ 5 3 سال يا چاليهه سال ۽ صاحبانِ عقل....نوڪري ڪجي ٿي سٺ سالن تائين. معنيٰ اهو سڄو داٻو، رعب...حياتيءَ سان جنگ ۾ ٻين کي ڪيڙن ماڪوڙن وانگر چيڀاٽڻ، ٻئي جي علم ۽ ذهانت کي”ڏاڪو“ ٺاهي، پنهنجو قد بلند ڪرڻ، صرف ۽ صرف ويهه سال هلي ٿو. انت اها ئي اوندهه آهي، ڪارنهن آهي، جيڪا زمين جي آغوش ۾انتظار ڪري رهي آهي. سئو سال مليل زندگيءَ ۾، ”انسان ڪيڙو ماڪوڙو“ ويهه سال زعم جا مس گذاري ٿو. باقي سڀ ته يادگيريون وڃائڻ...اولاد ۽ عزيزن وٽ خوار خراب ٿيڻ ۽ پيريءَ جي زحمتن کي منهن ڏيڻ ۾ ئي گذري ٿو.

    هاڻي، انهن ويهن کان ٽيهن سالن ۾، اسان جو سندرو سدائين ٻڌل هوندو آهي”هي مون کي ملي، هو مون کي ملي...مان ئي”نِجو پجو“ ان جو حقدار آهيان....ٻئي جي ڪهڙي هستي آهي، جو ان ”ٽارگيٽ“ ڏانهن اک کڻي به ڏسي. مان هڪڙو تارو ڇا، ٻئي نه ڪڍي ڇڏيانس...رڳو هڪڙي فون جو خرچ آهي، ٻيو ڇا لهڻي؟“

    هاڻي هن”فون جي خرچ“ وري زندگي عذاب ڪري ڇڏي آهي. ٽيليفون کاتي وارا وڃن ٿا قيمتون ڪيرائيندا. خرچ گهٽ آهي ۽ مال جام. پوءِ هڻ هڻان آهي...منٽ منٽ ۾ پڪ ٿئي ٿي، ڪال ڪئي به وڃي ٿي ۽ ڪرائي به وڃي ٿي. جيئن پهرين عرض ڪيم ته، اثر رسوخ جي ڪنهن به ذريعي کي واندو نه ٿو ڇڏيو وڃي. جتي محسوس ٿئي ٿو ته ذات جي ڏور ۾ سهپ ناهي، اتي وري ٻيو ڪو”ڪاپاري مانجهو“ استعمال ڪيو ٿو وڃي. مقصد سامهون واري کي”ڪاٽا“ ڪرڻ آهي.”بو ڪاٽا“جي صدا بلند ڪرڻي آهي. سڄو آسمان صاف هجي، صرف اسان جو”لغڙ“ هر ڪنهن کي جهومندو نظر اچڻ گهرجي. جي ائين نه ٿيو ته باقي ڇا حاصل ڪيوسين؟ حاصلات ته سڄي ڌوڙ پائي وئي.

    جنهن ڪرم فرما فون ڪئي هئي، ان کي پورو يقين هئو ته ججز جي پينل ۾ مان به شامل آهيان. جيتوڻيڪ جيوري ٺهڻ مهل، ان عظيم الشان اداري جي سربراهه کان مون واضح پڇيو هو ته ان جيوريءَ جي جوڙجڪ، مقابلي ۾ شرڪت ڪندڙن تي واضح ته ناهي؟ ۽ هن جي سدا بهار انڪار تي، اعتبار جو ڀرم رکندي، مون مقابلي ۾ منصف جا فرض قبوليا هئا. مقابلي ۾ جيترا به اهلِ علم شريڪ هئا، انهن جا مسودا مون تائين پهتا هئا. هاڻي اها علمي ادبي جاکوڙ، مان ۽ منهنجو رب جل شانه، ان انصاف جي جدوجهد ۾”ڄاڻو“ هئا. مليل ڪتابن ۾ سڀئي عام رواجي هئا. هڪڙو هيو جيڪو پنهنجو قد”اوچو“ ڪيو بيٺو هو. هاڻي عجيب ڳالهه اها هئي ته محترم ليکڪن جا نالا ان”بهترين مسودي“ جي ليکڪ کان”اونچا“ هئا. نالي وارن جو ڪم رواجي ٿيل هيو ۽ ”مناسب نامور“ بهترين ڪم جي ڪري مٿانهين جاءِ والاري پيو. حق سچ جو نتيجو اها ئي ”طلب“ ڪري پيو. دل ۾ دهمانن کي جاءِ ڏيندي، مون الاءِ ڪيترا ڀيرا انهن ڪاغذن کي ورايو هو. بار بار پڙهيو هيو، پر دل هڪ جاءِ تي ئي اچي بيٺي هئي، جو مٿان مهربانن جي فونن جو”ٽڙڪاٽ“ ٿي ويو...خوش خير عافيت، صحت، گهر وارن جي صحت، ملاقات جا بهانا....ڳالهه سمجهه کان مٿي ٿي وئي. اهي سڀ جيڪي”سڌو منهن“ ڏئي ڳالهائڻ پسند نه ڪن، هاڻي، هر ٻئي ٽئين ڏينهن ڪال ڪرڻ لڳا...پهريون هفتو ڳالهه”ڍڪي ڇپي“ رهي ۽ نيٺ هڪ ڏينهن زبان تي دل جي ڳالهه اچي ئي وئي، ته ڪنهن جي ڪهڙي فيور(favour)ڪرڻي آهي. پهريون ڌڪ ته اهو لڳي ويو هيو ته هتي به اهو ئي ڪجهه ٿيو هو، جيڪو هر هنڌ ٿئي ٿو. مقابلي ۾ شرڪت ڪندڙن کي خبر پئجي وئي هئي ته کٽڻ لاءِ حيلا وسيلا ڪنهن جي مٿان استعمال ڪري سگهجن ٿا. فونن جو دائرو وڌيو ته وري”سربستي“ ملاقات به ٿي وئي، جنهن ۾ کل کل ۾ اهو به فرمايو ويو ته”تون مُلو ٿي ويو آهين، صوفي ٿي ويو آهين، نه ته بامبي بيڪريءَ جو ڪيڪ يا شڪارپور جي اعجاز آچار جي سوکڙي ضرور آڻجي ها..“ منهن تي هڪ ڦڪي مرڪ آڻيندي، مون ٿورا مڃيا هئا ۽ اندر جي آئيني ۾ ڏار وڌندا ويا هئا. اهو به ٻڌايو ويو هو ته ٻين مهربانن کي به”منصفيءَ“۾ مدد لاءِ عرض ڪيو ويو آهي، توهان رڳو پنهنجي”خاطر“ جو يقين ڏياريو... اتي منهنجي وات مان اهو جملو نڪتو هو ته”ڌڻي ڀلو ڪندو..“ ته زهريلي انداز ۾ چيو ويو هو،”يار منافق به ٿي ويو آهين!“ حجت ڪندڙ، دوکي جي دنيا جو رهواسي هو ۽ وري به لت رکي منافق سڏي ويو هو. ايترين مهربانين جي هوندي به جڏهن هڪ عام مقابلي ۾ اهل ماڻهوءَ جي نامزدگي موڪليم، ته نتيجي جي اعلان ۾ خبر پئي ته ”بامبي بيڪريءَ جو ڪيڪ ۽ شڪارپور جو آچار“ کٽي ويا هئا. امينن جي راءِ متفق نه هئي، پر گهڻائي بهرحال کٽي وئي هئي. هڪ امين هوندي، مون کي بهرحال اها خبر نه هئي ته ٻيا منصف ڪهڙا هئا. مون کان وڌيڪ ته مقابلي ۾ شرڪت ڪندڙ اميدوار باخبر هئا ۽ خيرن سان حاصل ٿيندڙ نتيجي جي”لائق“ هئا. اسان جهڙي اوندهه ۾ رهندڙ وجود جو منهن ڀت سان لڳل ئي هئڻ گهرجي.

    ڇا ٿو ملي ان سڄي ڌنڌي ۾، مانائتا مهربانو...دنيا جو بنهه هڪ اجايو، فضول، ڇسو انعام، جنهن لاءِ آخرت ۾ ڪڏهن به ڪونه پڇيو ويندو ته تو فلاڻو ايوارڊ کٽيوَ يا نه؟ بلڪه ان ڏاڪڻ کي به سامهون آڻي پڇاڻو ڪبو، جنهن اهو”بندوبست“ ڪيو هو. جيڪي”نااهل“ کي اهل ٺاهڻ ۾ ڪردار ادا ڪن ٿا. جيڪي بظاهر“ميرٽ“ جو راڳ ڳائيندي، دنيا جي ڌنڌي خاطر، ڪنهن کان حق ڦري ڪنهن ٻئي کي عطا ڪن ٿا، انهن لاءِ ڇا سوال جواب جو”دفتر“ ڪونه کلندو؟ ڪنهن جي به حق مارڻ يا مارائڻ کان پوءِ اندر جو اطمينان ان ايوارڊ ڏانهن محبت سان ڏسي سگهي ٿو؟ هر دفعي ڇا اها دري نه ٿي کلي ته اهو حق ڪنهن ٻئي جو هو، کسيو”مون“ آهي؟ نه...اها دري نه ٿي کلي. اها ته ازل ابد کان بند آهي. جي کليل هجي ته ائين ٿئي!

    هڪ مختصر ترين حياتيءَ ۾ سائين، اسين سدائين ڪامپليڪسز جو شڪار رهون ٿا. اها برتري هجي يا ڪمتري، اسان جو دامن ورلي خالي رهي ٿو. سدائين ڪو نه ڪو راڳ هلندو ئي رهي ٿو، جنهن ۾ سندو آواز بلند تر هجي، اها ئي حياتيءَ جي قيمت لڳي ٿي. جي برتري حاصل آهي ته اها حق سمجهي وڃي ٿي ۽ جي ڪمتريءَ ۾ آهيون، ته ناراضگي، دل جي ايوانن ۾ وار ڇوڙي گهمندي نظر ٿي اچي. ڳالهه گهمي ڦري، وري به”مان ۽ منهنجي دنيا“ تي اچي بيهي ٿي. منهنجي دنيا...جنهن ۾ سڀ ڪجهه”سرسبز ۽ شاداب“ هئڻ گهرجي. دل الاءِ ڇو، اهو وساري ٿي ويهي ته جيڪو سامهون ڏسڻ ۾ هوندو آهي، اهو ضروري ناهي ته ائين ئي هجي. عجيب و غريب”موبائيل سيٽ“ هيو، جيڪو منهنجي هڪ عزيز مون کي ڏيکاريو هو.”هن تي فريڪئنسي ملي وڃي نه، ته ٻين جون ڳالهيون ٻڌي سگهجن ٿيون. مزيدار...دنيا سڄيءَ جو رومانس اچي ڪٺو ٿيندو آهي. وڏو مزو آهي محمود...روز شام جو ٻڌڻ شروع ڪندا آهيون، ڪلاڪن جا ڪلاڪ پيو شغل هلندو آهي...“

    ”شام جو ڇو؟“

    ”ڇاڪاڻ ته گهڻو ڪري سڀ پرگرام شام جو طئي ٿيندا آهن نه بيوقوف...“ هن اک دٻائي هئي. اسان جهڙن کي ته ڄڻ اهڙي اکيون نصيب ئي ڪو نه ٿيون هيون. اهو موبائل جو اوائلي زمانو هو. اسٽيٽَس سمبل سمجهي، هر ڪو وڏائيءَ سان هٿ ۾ کڻي گهمندو هو. مون کي ڏيکاريائين ته ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي. ”ائين ڪيئن ٿيندو.“ اهو اڃا سوچيم ئي پئي ته هن فون آن ڪري، منهنجي ڪن سان لڳائي ڇڏيو. گناهه شروع ٿي چڪو هو. ٻين جي ڳالهين ٻڌڻ ۾ وڏو لطف پئي آيو. يادگيرين کي جي وڌيڪ واضح ڪجي، ته اهو سمئو شام جو هو، رات گهري ٿي رهي هئي ۽ دل ٻڙدڪ ۾ هئي ته ڄاڻ ڪي”رومانوي...لڪل، ڍڪيل“ ڳالهيون ٻڌبيون، ڪي گوشا نروار ٿيندا.

    لائينن ۾ عجيب سرڙاٽ هيو. جيڪا لائن ملي پئي، صرف ان جي ئي گفتگو ٻڌي سگهجي پئي. وري جڏهن ڳالهائڻ وارا گفتگو بند ڪن پيا ته وري ٻي لائين ملي پئي وڃي. جيتوڻيڪ رات ٿي چڪي هئي، پر اڃا تائين ڪا”مزيدار“ ڳالهه ٻولهه ملي ئي نه هئي. عجيب حالت هئي، جو اوچتو اهو سڀ ٿي ويو هو. مولاءِ ڪل جل شانه شاهد آهي، ته جيڪي ڪجهه هنن سٽن ۾ هتي لکبو، ان ۾ ڪو به ڪوڙ ناهي. اوچتو لائن ملي وئي هئي ۽ ٻه مردانه آواز محوِ گفتگو هئا.

    1 .سر، مان ڏاڍو پريشانآهيان...ڇا ڪيان، ڪجهه سمجهه ۾ نه ٿو اچي.

    2 .پريشان ڇو ٿو ٿئين، مڙس ماڻهو ٿي منهن ڏي.

    1 .نه سر...مان اصل ۾، اڄ اڪيلو آهيان. سمجهه ۾ نه پئي آيو ته ڇا ڪجي.

    2 . تون ڳالهه ڪر، ٿيو ڇا هي؟

    1 . سر، ننڍو آهي، ڏاڍو ننڍڙو آهي سر....سورنهن سترنهن سالن جو.(هاڻي سڏڪا شروع ٿي ويا..)

    2 . تون پوليس وارو آهين، همٿ ڪر...ائين اسٽيشن تي روئبو آهي چريا؟

    1 . نه سر...پر مان ڇا ڪيان؟ نالو...اٿس، سر...مزدور آهي. مزدوريءَ تان موٽيو پئي سائيڪل تي...گوڏ گنجي پاتل اٿس. سائيڪل جي چين ۾ سندس گوڏ وارو پوتڙو ڦاسي پيو هو. سڄي جسم ۾ وري ويس. اتي ئي دم به گهٽجي ويس. رستي تي گذاري ويو. لاش ۽ سائيڪل...منهنجي قبضي ۾ آهي، سر...ڏاڍو...نوجوان آهي سر...ننڍو نيٽو...سوچيم ايس ايڇ او صاحب سان ڳالهايان. پوءِ سائين جن جيڪو حڪم ڪن، تنهن مطابق هن لاش جو ڪجهه ڪيان. اٿس هڪڙو پراڻو ڪارڊ...سو به ڦاٽل...رڳو نالو لکيل اٿس..

    2 . تون پاڻ وٽ سڀ ڪجهه رک، مان پوءِ اچان ٿو.

    1 . ۽ لاش؟

    2 . اهو لاوارثن ۾ رکراءِ في الحال...پوءِ ڏسون ٿا.

    بس صاحبانِ زمانا...ڇا ڏسڻو هوندو ۽ ڇا هنن ڏٺو هوندو...سڄيءَ دنيا ۽ وارثيءَ جو شوقين انسان، مئي کان پوءِ ڪيئن لاوارث بڻجي وڃي ٿو. جڏهن پنهنجي هستي ئي پنهنجي نه ٿي رهي، ته اهي زوريءَ هٿ ڪيل، ڦريل، چيڀاٽيل ۽ چٻاڙيل اعزاز ۽ اڪرام ڪهڙي وراثت ڪندا؟. اندر جي ايوانن ۾ اداسي گهڙي آئي آهي. جڏهن ٻين جا سڀ لغڙ ڪاٽا ٿي وڃن ۽ اسان جو لغڙ اڪيلو”جهومندو...جهولندو...“ نظر اچي، ته اکين کي چُنجهو ڪري ڏسڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته خوش ته اهو به ناهي هوندو. ٻين کي ڪاٽا ڪري، هو خوش ڪيئن رهي سگهي ٿو. اهي ڪم ته صرف انسان ئي ڪري سگهن ٿا.

    mehmoodmughal@hotmail.com
     
  16. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم محمود مغل جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    بَرڊ فِلو



    آچر 07 مئي 2006ع

    دنيا ”بَرڊ فِلو“ ۾ وٺجي وئي آهي.

    ڪڪڙين جي زڪام ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي. موت جي خوف اکين مان ننڊ غائب ڪري ڇڏي آهي. دعوتن ۾، مرڻي پرڻي... هر ڪو مانيءَ ۾ غور سان ڏسي ٿو ته ٻوڙ جي ڪنهن جزيري ۾ ۽ پلاءُ .... بريانيءَ جي ڪنهن صحرا ۾، ڪٿي ڪو گوشت، ڪڪڙ جو ته ناهي. جي ڪٿي ڪڪڙ نظر اچي به ٿو وڃي ته منهن پڪو ڪري ”الله توهار...“ جو نعرو بلند ڪيو ٿو وڃي. .... پيٽ کي هونئن به ٻنجو نه ٿو اچي. کائڻو ته آهي ئي آهي. ڀلا جي سامهون اچي ويو ته ان ۾ اسان جو ڪهڙو ڏوهه....؟ روزيءَ کان منهن موڙڻ ڪو چڱو ڪم آهي ڇا؟

    هاڻي اهو کاڌو، جنهن لاءِ ايڏا هٿ پير هنيا وڃن ٿا، دراصل زندگيءَ ۾ بنيادي حيثيت رکي ٿو. وڏي هڻ هڻان ۽ جفا ڪشيءَ کان پوءِ ٽي ويلا ماني هٿ ڪئي ٿي وڃي. اتي اهو به خاص نُڪتو آهي ته اها ”سوکڙي“ پنهنجي لاءِ بهتر هئڻ گهرجي... ٻئي کي جيڪي ڪجهه ملي ٿو، سو ان جو نصيب آهي.

    ”قيدين کي به جيڪي ڪجهه ملندو هوندو نه صاحب .... اهو به هتان کان چڱو ئي هوندو... هتي جيڪا ”قيام“ آهي نه ... اها ته رب سائين ئي ڄاڻي ٿو ... هنن جا ”ڀڀ“ ڀرجن ئي نه ٿا ... مريضن جو ٻيڙو ٻڏندو ٿو وڃي.... اصل مينهُن کي ڪُتر وانگر کارائجي نه .... ته به شايد مُنهن کڻي ٻئي پاسي ڪن...“ انگوڇي جو پٽڪو ٻڌل ڪراڙي، ٻِيڙيءَ جو سوٽو هڻي... اندر جي درد کي سُوٽي جي دونهين ۾ زائل ڪرڻ گهريو هو. هن شايد ان ۾ ڪاميابي به ماڻي هوندي پر مون کي لڳي ٿو ته اهو دونهون منهنجي سڄي وجود ۾ ڀرجي ويو آهي.

    الاءِ ڪيترا ورهيه اڳ... حياتيءَ جي هڪ موڙ تي، مان به ان گناهه ۾ شريڪ ٿيو هئس. کڻي چيچَ ئي ٻڏل هجي... پر بهرحال غلط ڪم ته غلط ڪم آهي. غلط کي صحيح ته ڪنهن به صورت ۾ نه ٿو چئي سگهجي.

    وارڊ ۾ اسين ڪي اَٺَ ڊاڪٽر هئاسين، انهن مان پنج ڄڻا مون وانگر سيکڙاٽ هئا ... هائوس جاب تي هئا ۽ ٻه ڄڻا سينئر رجسٽرار هئا. ٻن پهرن جي گرم جهولي ۾، جڏهن بالٽيون کڙڪڻ شروع ٿيون هيون، تڏهن خبر پيئي هئي ته مانيءَ جو ”ريڙهو“ يا گاڏو خير سان وارڊ ۾ ”نمودار“ ٿي چڪو آهي. هر ڪنهن پنهنجو ”برتن“ اڳيان پئي ڪيو، جنهن ۾ ”لنگر“ تقسيم ٿي رهيو هو. حافظو گهڻو چڱو ناهي... پَرَ ايترو سو ضرور ياد آهي ته ڪنهن مريض جي ڪنهن اٽينڊنٽ سان، ماني ورهائيندڙ وارڊ بواءِ يا باورچي صاحب جي تلخ ڪلامي ٿي هئي... هن گوشت جي ڪنهن ٽڪر جي، يا عرف عام ۾، ٻوٽيءَ جي فرمائش ڪئي هئي ۽ سرڪاري ملازم، پنهنجي عهدي جي بروقت استعمال جو اظهار ڪندي کيس خوب ٻڌايو هو. نوجوان به ڪو مون وانگر هو.... ٻه ٽي ڳالهَوَ ٻڌي، ماٺڙي ڪري ڪٽورو واپس کڻي ويو هو. نگاهه حافظي جو ڪم ڏئي ته هڪ تصوير محفوظ ٿي وئي هئي. هو موٽي ويو هو ۽ منهنجي اندر ۾ پنهنجو ”بزدل ڊاڪٽر“ رهجي ويو هو. وارڊ ۾ هائوس جاب تي هئس... مريضن جي خدمت ۽ مدد جو قسم کڻي آيو هوس ۽ هتي ٽڪي جي هڪ ٻوٽي به پنهنجي بزدليءَ جي ڪري نه پيو ڏياري سگهان. اندر ان ئي ٻڏتر جو شڪار هو، جو اسانجي هڪ ساٿيءَ به اسان کي مانيءَ لاءِ سڏيو. اندر وارڊ جي هڪ سائيڊ روم کي ”آن ڊيوٽي“ ڊاڪٽرن جي آرام لاءِ مخصوص رکبو آهي. اتي ئي گهڻو ڪري فرج به رکيل هوندو آهي ۽ ٻه لوهي پلنگ ۽ ٽيبل به موجود هوندي آهي. اهڙي ئي ڪنهن ڪمري ۾ ماني لڳي چڪي هئي. اَٺَ ڄڻا هئاسين، جن لاءِ ڪئنٽين تان گهٽ ۽ باورچي خاني مان وڌيڪ ”مال“ آيل هو. ڪي يارنهن ٻارنهن ”پيس“ گوشت جا ڏونگهي ۾ تري رهيا هئا. پاڻي ڪجهه گهٽ هو، پر ذائقو ۽ ديدار ٻڌائي رهيا هئا ته اهو ”ڪِچن“ مان آيل آهي. پنهنجي هڪ هم منصب کان پڇا ڪئي هئم، ته هن کلي چيو هو، ”انب کاءُ ... ککڙين ۾ تنهنجو ڪهڙو ڪم آهي.“

    حياتيءَ ۾ حد کان وڌيڪ ايمانداريءَ جو زڪام مون کي به ڪونهي، صاحبان علم و هنر... پر الاءِ ڇو.... منهنجو هٿ ڇڪجي ويو هو. شايد ذائقو سٺو نه هو، ان ڪري مون گهڻو نه کاڌو هجي. هونئن جي مڪمل ايماندار هجان ها ته ان عمل جي نندا کُلي نه ڪريان ها. ان سڄي قصي کي خيرن سان سترنهن سال گذري چڪا آهن... جو هن هفتي، هڪ عزيز جي طبيعت پڇڻ ويس ته عوامي وارڊ جي مريضن ۽ خود رڌڻي سان لاڳاپيل هڪ مددگار ورڪر اهي قصا ڪهاڻيون بيان ڪيون، جو روح جي هجي... ته بس رڳو ”ڦرڪڻي“ ئي هجي.

    اسپتال جي قانون موجب.... هر مريض کي نيرن ۾ هڪ بيدو، ٻه سلائس ۽ چانهن جو ڪوپ مهيا ڪرڻو آهي، ٻن پهرن جي مانيءَ ۾ گهٽ ۾ گهٽ 0 6 گرام ٻوٽي/گوشت... يا ڀاڄي ۽ ٽي چپاتيون/مانيون ۽ فروٽ ڏيڻو آهي. رات جي مانيءَ ۾.... ماني/سبزي يا دال چانور مهيا ڪرڻا آهن. اهو ياد رکڻ بنهه ضروري آهي ته مريض هڪڙو هجي يا هڪ هزار هجن، مانيءَ جي معيار تي ڪو به سمجهوتو ناهي ڪرڻو.

    هاڻي صورتحال ڇا آهي؟ برڊ فلو جي ڪري ... ناشتي ۾ بيدو بند ڪيو ويو آهي. سبحان الله.... کائڻ لاءِ ڪڪڙ جو ٻوڙ ڏنو ٿو وڃي، ڇاڪاڻ ته ڪڪڙيون بيحد سستيون ٿي ويون آهن.... پر انهن جا بيدا ممنوع آهن. اهو وائرس يقينن بيدن ۾ ٿيندو هوندو. عالمي صحت جي اداري کي ٻڌائڻ گهرجي ته هو ”ناحق“ ڪڪڙين کي ڪهي پاپ ڪمائين ٿا... هنن کي ته بس بيدا ڀڃي ڇڏڻ گهرجن... ايڏي وڏي اسپتال ۾ اهو سڀ ٿئي پيو ٿو ته ڪا مذاق ٿورئي آهي. هي به آخر ”صحت جو خيال“ رکڻ وارو ادارو ئي ته آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته سٺ گرام واري ٻوٽي، مريض جي هٿن تائين پهچندي پهچندي ”ويهن گرامن“ جي مس وڃي رهندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن ملڪ ۾ ڊبل روٽين جو به ”ڪالُ“ اچي ويندو آهي ۽ ان موسم ۾ وري ناشتي ۾، مزيدار، ڪڙڪ..... رنگا رنگ چانهن جو هڪ عدد ڪوپ ئي غنيمت سمجهيو وڃي... اها به هنن جي مهرباني آهي... جي نه ڏين ته اسين ۽ اوهين هنن جو ڇا ٿا ڪري سگهون؟

    اربع ۽ آچر تي رات جو دال چانور تقسيم ٿيندو آهي، جنهن ۾ دال خيرن سان ”ڪاڪ ٽيل“ هوندي آهي. کائيندڙ مهربان کي مڱن ۽ چڻن جو فرق معلوم نه ٿي سگهندو آهي. جيڪي ڀاڄي آڻيندا آهن، انهن کي بخوبي اهو علم هوندو آهي ته ٺيڪيدار صاحب... اهو مال... سبزي منڊيءَ مان ڪهڙي ريٽ تي کڻي ٿو ۽ مال جي ڪوالٽي ڇا هوندي آهي. جي پنهنجي رب پاڪ کي حاضر ناظر ڄاتو وڃي ته اها .... صاحبان زمانه ... ”اڇلايل“ ڀاڄي هوندي آهي. تقريبن رد ٿيل... جي ها... اسپتال ۾ ايندڙ خوراڪ لاءِ سامان جي ڪوالٽيءَ جو اهو عالم آهي... اها خبر سڀني کي هوندي آهي پر سڀ هڪ ئي وقت ”بيخبر“ به هوندا آهن... رڌڻ کان پوءِ ۽ خاص طور تي ”ڳڙڪڻ“ کان پوءِ پيٽ کي ڪهڙي خبر ته مال تازو هو يا پراڻو... غربت جي جهان ۾ سڀ هلي ٿو.

    اتي هڪڙي اهڙي ڳالهه به ٿي، جنهن واڄٽ وڄائي ڇڏيا... رازداريءَ جي واعدي تي اها به خبر پئي ته ماني تيار ٿيندي آهي، ساڍا چار سئو، پنج سئو ماڻهن جي... هر ويلي تي.... هاڻي رات جو چانور چڙهن ته هڪ سئو مريض لاءِ تقريبن چار ليٽر آئل کپندو آهي... هاڻي خيرن سان تيل مهانگو آهي ۽ بچت به ڪرڻي آهي. پوءِ ترڪيب اها وڙهائڻي آهي ته تيل ”لٽر...سوا“ وجهبو.... اڍائي پوڻن ٽن لٽرن جي في ويلو بچت ڪجي... ۽ جنهن مهل ”ڪثير پاڻيءَ ۽ گهٽ تيل“ سان تيار ٿيل چانور سَروِ ٿيڻ وارا هوندا ته ان کان پهرين ڪچي اٽي کي انهن چانورن تي ٻرڪي، انهن کي اٿلايو پٿلايو ويندو. هاڻي کائڻ مهل... اٽي جي ڪري چانور هٿن ۾ ترڪندا...۽ خيرن سان کائيندڙ کي اهو محسوس ٿيندو ته هو تيل يا گيهه ۾ ”تَر“ ٿيل سوادي چانور کائي رهيو آهي. مهيني کن ۾ خيرن سان ٺيڪيدار صاحب جو ٻه... سوا ٻه لک روپين جو بل تيار ٿئي ئي ٿو. ايڏي محنت ٿو ڪري... پوءِ ڇا ...”ٿورڙي“ بچت به نه ٿو لهڻي؟ جي بچت نه ڪري ته نرسن، ڊاڪٽرن ۽ ٻئي عملي جي دعوتن ۾، سامان ڪٿان پهچائيندو؟ رڳو گذريل ڀيري تي ملهايل ”دعوت“ ۾ سورنهن سورنهن ڪلو جي ٻن ديڳين لاءِ 6 ڪلو گوشت ۽ ٻيو مال ڪٿان آيو هو؟... جي بچت نه ڪجي ته ائين دعوتون ٿينديون ڇا! هاڻي هڪڙي دعوت، عزيزان من... ٻي به ٿيڻ واري آهي، جنهن جي دعوت نامي کي هوش و خرد جي عطا ٿيڻ سان ئي هر ذي شعور تائين پهچايو وڃي ٿو. حشر جي ميدان جو وينيو (Venue) آهي. دعوت خاص و عام آهي ۽ جي اوهان اٽينڊ ڪرڻ نه به چاهيو، ته به ائين ممڪن ڪونهي، ڇاڪاڻ ته ان صورت ۾ وري اوهان کي ”کنڀي“ کڻي ويندا... هتي ته ڪو ڏي وٺ جو معاملو هلي به پوي... اتي ته وٺڻ وارا ئي ڪونهن...۽ مزي جي ڳالهه ته اها آهي ته پنهنجي وجود جا سڀ حصا الڳ الڳ زبان جا مالڪ بڻجن ٿا. ماڻهو لک انڪار ڪري... مُڪري... رڙيون ڪري... پنهنجي لاعلمي ظاهر ڪري.... پر جڏهن اُهي ئي شاهد ٿي بيهندا ته پوءِ ڇا ڪبو؟

    انسان جو پيٽ ته ”اجگر“ آهي... اهو ڪڏهن ڀرڻو ئي ناهي، پر صاحبان عقل... هتي ته معاملو لاچار... بيوس ۽ مجبور مريضن جو آهي... اهو مريض... جنهن لاءِ علاج سان گڏ غذا اهم ترين حيثيت رکي ٿي... توهان هن کي لکين روپين جون دوائون کارايو... پر جي هن جي غذا ئي ”ناقص ۽ ملاوٽ سان ڀرپور“ آهي ته انهيءَ دوا کي ته اندر وڃي سندس ٻيڙو ئي ٻوڙڻو آهي.

    الاءِ ڇو معزز خواتين و حضرات.... اسان کي جيترو ملي ٿو، اهو گهٽ ٿو لڳي... خيرن سان اسپتالن ۾ ڪم ڪندڙ... اهم منصبن تي ويٺل ”صاحبان“ ”ٽيڪيل“ هوندا آهن... مٿان وري کائڻ لاءِ ٻيو جهان به کوڙ آهي... پوءِ به... ان هڪ جاءِ جي جان خلاصي نه ٿي ٿئي. حصي پتي جي شڪل ۾ اتي به اهو سڀ ٿيندو ئي رهي ٿو... جي ڪو صاحب علم ان سچائيءَ کان انڪاري آهي ته پوءِ اهو ڇو نه ٿو ثابت ڪري ته اهو سڀ ائين ڪونهي.

    ڪجهه عرصو پهرين، ڪي ٽي اين تي، هڪ سرڪاري اسپتال جي بالا عملدار اها دعويٰ ڪئي هئي ته اسان جو کاڌو ”پنج ستارن وارين هوٽلن“ جي معيار جو آهي... ۽ مٿان وري ”شرارتي ڪيمرا مين“ ڪِچن ۾ اٽي ۽ چانورن جي ٿالهن ۽ کليل سامان مٿان گهمندڙ ۽ ناچ ڪندڙ ڪوئن جو شاٽ ڏيکاري ڇڏيو هو. اهي ڪوئا به پنج ستارن واري ذائقي جو مزو وٺي رهيا هئا، پر اهو مزو انهن کي ئي ملڻ گهرجي. جي اتان ڦري مريضن تائين پهچي ٿو ته سندن حياتيءَ جي ستارن جي جهومر مدهم ٿيڻ جو خدشو وڌي وڃي ٿو.

    هر ماڻهوءَ جي موت ۽ حيات ۾، اجل جي گهڙي، ڌڻيءَ مِٺي مقرر ڪري ڇڏي آهي. جنهن جو ٽارڻ ناممڪنات ۾ اچي ٿو. ان گهڙيءَ تائين حياتيءَ جي معيار کي بهتر رکڻ مسيحائن جو ڪم آهي. جي هنن کي ئي اهو هنر نه آيو ته ٻين تي ڪهڙي معيار آهي.

    مون کي پنهنجو پاڻ بزدل لڳندو آهي، مان انهن معاملن تي ڪُڇي نه سگهندو آهيان... پر سترنهن سال ٿي چڪا آهن... ميڊيا ايڏي ترقي ڪئي آهي، دنيا، ڳوٺ بڻجي وئي آهي... ڇا اڄ جا ڊاڪٽر به مون وانگر بزدل آهن ۽ ائين ڦٻايل... هڙپ ٿيل مريضن جي کاڌي کي ائين ئي خالي ڏسندي گذاري ڇڏيندا يا انهن تائين صحيح حالت ۾ پهچائڻ جو بندوبست به ڪندا.

    سڄي دنيا وانگر اسپتالن جا رڌڻا به ڪرپشن جي برڊ فِلو ۾ ورتل آهن، ڇا ڊاڪٽر انهن لاءِ ڪجهه نه ٿا ڪري سگهن.

    mehmoodmughal@hotmail.com
     
  17. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم محمود مغل جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    صاحب بهادر



    سومر 15 مئي 2006ع

    خوف جي کڙڪي کليل هئي ۽ منظر هميشه جيان غير واضح هئا.

    پنهنجي دوست کان ڏنگجي، هو مون وٽ آيو هو. اکين ۾ آب جي رواني هئس. دل دوکي جي ور چڙهي وئي هئس. زندگي ڪڏهن ڪڏهن بي انتها ڇسي، بي مايا ۽ اجائي لڳندي آهي ۽ هنن ئي گهڙين ۾ شايد هن سان به اها ئي ڪار هئي. رفاقتن جي جنهن سفر ۾، هو سنگت جي آسرن تي هلندو رهيو هو، اهي آسرا خسيس ثابت ٿيا هئا. جن کي گڏ هلڻو هو، سي اڳتي نڪري ويا هئا. هنن کي ته گڏ هلڻو ئي نه هو، اها ته سوچ ئي هن جي ذاتي هئي.

    ”ڏاڍا ويجها هئاسين سائين...قريب...جهڙو اسان جي سنگت جو جهڳٽو هيو. اهڙا ڪي ورلي دوست هوندا. اسين چار پنج ساٿي...هڪٻئي جو ڍڪ هئاسين. الاءِ ڇا ٿي ويو، جو سڀ ڪڻو ڪڻو ٿي وياسين. ائين ڇو ٿيندو آهي سائين؟“

    · الائي ڪيترا سوال اهڙا هوندا آهن، معزز خواتين و حضرات، جن جو ڪو به جواب نه هوندو آهي. هن حياتيءَ ۾ اهي سوال، سوال ئي رهجي ويندا آهن. دل صدائن جي ور چڙهي ويندي آهي ۽ اهي آواز وري اوپرائپ جو ويس اوڙهيندا آهن. جن کي سڃاڻي نه سگهجي، انهن لاءِ ڪهڙي اڳ ڪٿي ڪري سگهجي ٿي؟ هتي ته ”ڄاتل سڃاتل وجودن“ جي ئي صحيح سڃاڻپ نه ٿي ٿئي. سڄي حياتي الائي ڇو، اسين سهارن جي”ڪڍ“ هوندا آهيون. ڪنهن اهڙي”ڪلهي“ لاءِ بي تاب هوندا آهيون، جنهن تي ڪنڌ لاڙي اسين روئي سگهون. ڪو ڀاڪر اهڙو هجي، جيڪو ڇانورو بڻجي اچي ۽ ذات جي نٽهڻ اس کي ٿڌڪار ۾ تبديل ڪري. ڪو ٻڌڻ وارو ڪَن هجي، ڪا سانوري سوچ هم رڪاب هجي. انهن سڀني مسئلن جو حل اسان جنهن ۾ ڳولي لهندا آهيون، اهو اسان جو دوست هوندو آهي. جنهن تي دل اکيون پوري اعتبار لاءِ مجبور ڪنديآهي، جيڪو همراز هوندو آهي، هم نفس هوندو آهي... وفا جو سڪو رائج الوقت هوندو آهي ۽ دراصل اسانجي وجود لاءِ دنيا جي خطرناڪ ترين هستي هوندو آهي. دوست جي ذات، دراصل اسان جي اندر جي خود مطلبيءَ جو آئينو هوندي آهي. اندر جي ورانڊن، لابين ۽ ڪمرن ۾ خيالن جا اهي مهمان سدائين ٽڪيل هوندا آهن، جيڪي بار بار احساس ڏياريندا آهن ته ڏک درد جي ڪنهن موسم ۾ اسان جو دوست اسان لاءِ اشڪبار هوندو. تڪليف جي ڪنهن سمئي ۾، مدد ۾ اڳ اڳرو هوندو. ٻئي ڪنهن کي به هن سڄي جهان ۾ اسان جو اهڙو احساس نه هوندو، جيڪو اسان جي دوست کي ٿي سگهي ٿو. اسين پنهنجي مطلب جي”مدار“ تي پنهنجي دوست مان غرض رکندا آهيون. اتي ڪو مهربان اها شڪايت به ڪري سگهي ٿو، ته ڪير ٿو دوست مان غرض رکي؟ اهو ته مطلب ٿيو، دوستي نه ٿي. دوستي ته مطلبن کان هٽيل هوندي آهي... ته سندن اهو فرمان به اکين تي. پر اتي ئي هڪڙو سوال اهو به پڇي سگهجي ٿو ته جي”غرض“ نه هئي، ته پريشانيءَ جي پل ۾ دوست جي ”غير موجودگي“ محسوس ڇو ٿي؟ جتي ٻيا هيترا سارا ماڻهو اوهان سان گڏ نه هئا، اتي دوست به موجود نه هو. پوءِ سڄي جهان کان شڪايت ڪونهي، باقي دوست جي ڳچيءَ ۾ ڦاهو فٽ بيهي ٿو؟ مطلب...اهو غرض جو رشتو ناهي، ته ٻيو ڇاهي؟جتي ٻين سان شڪايت ناهي، اتي دوستن سان”ناراضگيءَ“ کي ڪهڙي خاني ۾ فٽ ڪبو؟دنيا جي هن ڪاروبار ۾ عزيزانِ من، اسين دشمنن تي نگاهه رکندا آهيون، سندن چرپر ۽ چالن کان باخبر رهڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون. خبرداريءَ جو عنصر اسان جي رت ۾ گردش ڪندو آهي ۽ لڳ ڀڳ ساڳئي ئي وقت اسين انهن سڀني خطرن کان بي خبر ٿي، اطمينان جون سيٽيون وڄائيندا رهندا آهيون، جيڪي خطرا اسان جا دوست آڇيندا آهن. مولاءِ ڪل جل شانه جي هن جهان ۾ ”ويساهه گهاتيءَ“ جو هنر صرف ۽ صرف دوست کي ئي ايندو آهي. دشمن کي ته ڌڻيءَ ان رنگ کان به خالي رکيو آهي. جنهن مهل هن ويساهه گهاتي سکي ۽ اسان کي دوکي ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، ته بظاهر ته اسان جي خير خواهن جي فهرست ۾ اچي ويندو. مطلب دوست بڻجي وار ڪندو. ڳالهه گهمي ڦري وري به اتي ئي اچي بيهي ٿي. هاڻي هڪ اهم ڳالهه اها به آهي ته ڇا دوست دنيا ۾ باقي ناهن بچيا؟ ڇا سچائيءَ جو ”ڪال“ ٿي ويو آهي؟ ڇا وفا”اڻلڀ“ آهي؟ ته انهن جا جواب به الاهي سولا آهن. سڀ ڪجهه آهي، پر هاڻي معاملو اٽي ۾ لوڻ جي برابر وڃي بچيو آهي...ڳوهيل يا پڪل ڇاڻيءَ ۾ اسين اٽي ۽ لوڻ جو تناسب بهتر نموني ڄاڻون ٿا. اهي زمانا عجيب هوندا هيا سائين...جڏهن دوستي سچائيءَ ۽ بي غرضيءَ جي وڻ جو ثمر هوندي هئي ۽ پاڻ سان وفا جو ميوو به آڻيندي هئي. دلين کي دلين جو چاهه هوندو هو. اکيون گڏ مرڪنديون هيون، چپ گڏ روئيندا هئا. ٻئي جو تڏو پنهنجي اڱڻ ۾ وڇايو ويندو هو.

    قبله حاجي پير محمد ابڙو صاحب جن....دادو شهر جي علمي ادبي قدآور شخصيت هوندا هئا. سندن هڪ ٻه ساٿي، قريبي يار...هنن سان گهري تعلق ۾ هيا. ڪنهن به مهل جيءُ سٽ کائي ته هڪ ٻئي جي ديدار کان سواءِ نه سرندي هئي. انهن ساٿين ۽ قبله والد صاحب گراميءِ مرتبت به هڪ هئا. پنجاهه ۽ سٺ جي ابتدائي ڏهاڪن ۾ حاجي پير محمد مرحوم ۽ فقير ميان نور محمد مرحوم جو ساٿ سڀني آڏو عالم آشڪار هئو. قضيئه الاهي سان، حاجي پير محمد صاحب جن، اول وفات ڪئي. سندن دوست نور محمد به تدفين جي مڙني مرحلن ۾ شريڪ ٿيو. جڏهن حاجي صاحب جن زمين جي حوالي ٿي ويا ته مڙني دعائن کان فارغ ٿي، نور محمد اشڪبار اکين سان دادو شهر ڏانهن نهاريندي چيو ته ”بابا....هاڻي هي شهر به اسان لاءِ ڇٽو. جڏهن حاجي صاحب ئي نه رهيا ته اسان لاءِ دادو ڪهڙي ڪم جو؟“ جن پنهنجي ڄمار نور محمد صاحب سان گذاري، اهي ڄاڻن ٿا ته وري ڪڏهن انهن گهٽين ۾ سندن جُتيءَ جو آواز نه ٻڌو ويو...دوست ڇا ويو، سڄو شهر اجنبي بڻجي ويو. پنهنجائپ ته پنهنجي يار جي دم قدم سان تعلق رکي ٿي.

    دنيا جي هن هڻ وٺ ۾ قبلا، اچو ته سوچيون ٿا ته کربن اربن ماڻهن جي هن دنيا ۾ ڪهڙو اسان جو دوست آهي؟ ڪير اسان لاءِ آهي؟ موبائيل ٽيليفون جا ”ميموري اسٽيٽس“ مڪمل ڀريل هوندا آهن، پر انهن ۾ ڪير ڏک درد جو شريڪ آهي. ٽيليفون انڊيڪس ۾ سوين نالا آهن، انهن سوَن مان ڪير آهي، جيڪو دل جي قريب هجي...ڪاروباري تعلق ته سڀني سان رهن ٿا. دوست جي لاءِ سڀ کان اهم ڳالهه آهي، پنهنجي اوقات وسارڻ. پنهنجي عهدي، مانَ مرتبي ۽ ٺٺ ٺانگر کي پري رکڻ...هجي کڻي ڪجهه به، پر هجي پنهنجي يار جو يار...ڪٿي ملي ڪڏهن به ملي، قرب جي ڏور، ڍري نه ملي. سچو دوست ملاقاتن جو محتاج ناهي هوندو. الاءِ ڪيترو وقت وچ ۾ گذري ويندو آهي. وري جڏهن به آمهان سامهان ٿيڻ جو موقعو ملي ته اها ئي”هُجَ“ هجي، جيڪا پهرين هئي.”تون“ ”توهان“ ۾ مٽيل نه هجي ۽ ملاقات جي آخر ۾، ڪنهن ڪم جي”پَخ“ ٻڌل نه هجي. اهو وجود، جيڪو اوهان جي دوستيءَ جو دعويدار آهي ۽ ڪلاڪ کن سيڙائي، ڪچهري ڪري...مانيءَ جا ٻه گرهه کائي، ويندي ويندي، پنهنجو ڪم چوي ٿو يا ياد ڏياري ٿو، ان دشمن کان بدتر آهي، جيڪو اوهان جو ايترو وقت ته نه ٿو سيڙائي...جي ان ڪم لاءِ ئي آيو هو، ته اهو ڪم ته فون تي به چئي سگهجي پيو. ان لاءِ ايتري پٽاڙ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟

    وقت جي هن تيز ڌارا ۾ مانائتا مهربانو، اڄ اچو ته پنهنجو پاڻ کان هڪ سوال ٿا پڇون: ڪيترو عرصو ٿيو آهي، ڪو اهڙو دوست مليو هجي، جنهن اڪير مان سيني سان لائي، حال احوال ورتا هجن؟. ڪٿي گڏجي ڪو سمئو گذاريو هجي....ٻه گرهه ماني کائي، ڪجهه ڪلاڪ گڏ گذاري، بغير مطلب جي، بغير ڪنهن ڪم جي چوڻ جي. وري ملڻ جو واعدو ڪري، رخصت ٿيا هجون؟ جنهن کي اسان جي اولاد جو فڪر هجي، جيڪو صرف ۽ صرف اسان جون ڳالهيون ڪندو هجي، زماني جو ڪو فڪر...مانَ مرتبي جي ڪا زنجير سندس وجود جي وڻ کي ويڙهيل نه هجي، هن پنهنجي ۽ اسان جي تعلق کي وساريو نه هجي.

    قدرت الله شهاب صاحب”شهاب نامه“ ۾ لکن ٿا:”ننڍڙي هوندي مان ۽ منهنجو هڪ دوست، هر جاءِ تي گڏوگڏ هوندا هئاسين. ٻين مختلف مشغلن کان سواءِ اسان جو هڪ شوق شمشان گهاٽ تي، چتائن جي ساڙڻ واري منظر کي ڏسڻ جو به هوندو هو. هڪ ڏينهن اسين ٻئي ان شغل ۾ هئاسين، جو الائي ڇا ٿيو ۽ اوچتو ڀاڄ پئي. سڀ وٺي ڊوڙيا ۽ ان ڊوڙ ۾ منهنجي دوست جي نئين چمپل جو هڪ پادر ڪٿي رهجي ويو. هاڻي هڪ پير ۾ جتي هجي، ٻئي ۾ نه. اچي سنگت جي حالت خراب ٿي. ڇاڪاڻ ته سندس والد هڪڙو سخت ماڻهو هوندو هو. جي جتي نه ملي ها ته هو کلَ لاهي ڇڏي ها. اسان روئڻ شروع ٿي وياسين. اتي اسان کي تڪليف ۾ ڏسي، ڪنهن صلاح ڏني ته”پنج پيرَ“ تي وڃو، وڃي دعا گهرو، پنج پير مرادون پوريون ڪندو آهي. اوهان جي گم ٿيل جُتي ڳولائي ڏيندو. هڻي ڌُڻي پڇائون ڪندا پنج پير پهتاسين، جتي پنج ته نه، ٽي قبرون هيون. روئي دعائون گهريون ۽ دعا جي خاتمي تي نگاهه وئي، ته انهن قبرن جي وچ ۾ ڪجهه پئسا رکيل نظر آيا. هاڻي اسان کي لڳو ته اهو اشارو مليو آهي ته اهي پئسا کڻو ۽ نئين جُتي وٺي جان ڇڏيو. اسان اهي پئسا کنيا، ڳڻي ٽي حصا ڪياسين. ٻه اسان جا، هڪڙو پير صاحب جو. ٻاهر اچي جتي وٺي، مار کان بچياسين. پر هاڻي اهو روز جو معمول ٿي ويو. هر روز يا ٻن ٽن ڏينهن کان پوءِ، درگاهه وڃبو هو. رقم جا ٽي حصا ڪبا هئا، ٻه کڻبا هئا ۽ هڪ ڇڏبو هو. کنيل پئسن مان اونهاري ۾ قلفي ۽ آئسڪريم ۽ سياري ۾ کاڄا ۽ پستا بادام هٿ ڪبا هئا. اهو شغل ڪيترائي سال، مسلسل هلندو رهيو. مان، ان زماني ۾ پهريون مسلمان هئس، جنهن اعليٰ مقابلي جو امتحان پاس ڪيو ۽ اتفاق سان ڊپٽي ڪمشنر جي حيثيت سان منهنجي پوسٽنگ به ساڳئي علائقي ۾ ٿي. صاحب بهادر جي حيثيت ۾، مون اهو اعلان ڪيو ته سرڪاري ذميوارين جي ابتدا پنج پير تي چادر چاڙهڻ سان ڪئي ويندي. دهلن دمامن سان درگاهه تي پهتس. اندر وڃي هٿ مٿي ڪيم. دعا مان فارغ ٿي، کيسي مان ڏهين روپئين جو نوٽ چندي جي جاءِ تي رکي، صاحب بهادر جي حيثيت سان واپس موٽيم. درگاهه جي اڱڻ مان لنگهڻ منهنجي لاءِ عذاب بڻجي ويو. ٻاهر جُتين واري جاءِ تي پهتس ته ڄڻ ڪنهن چيو:”قدرت الله هيترن سالن جي رفاقتن ۽ دوستيءَ جي قيمت تو ڏهن روپين ۾ ادا ڪئي؟ توکي ساٿ جي بها آڇيندي لڄ نه آئي؟ تو رفاقتن کي به قيمتن ۾ توريو؟ بس...پوءِ ته الاءِ ڇا ٿي ويو، کنيم اتان ئي پنهنجي جُتي ۽ پنهنجو پاڻ کي ڪٽڻ شروع ڪيم. روئيندو به وڃان ۽ ماريندو به وڃان. سڀ پريشان ٿي ويا هيا ته صاحب کي ٿيو ڇاهي. پر مون ڪنهنکي به ويجهو اچڻ ڪو نه ڏنو. دل کولي اندر جي باهه ڪڍي، درگاهه ۾ موٽي ويس. پهرين ته معافي وٺي، پنهنجا ڏهه رپيا کنيم. پوءِ بقايا پئسا کڻي ڳڻيم، انهن جا ٽي حصا ڪري، پنهنجو ۽ دوست جو حصو کنيم ۽ پير صاحب لاءِ سندس حصو رکي چيم،”دوست...وري ايندس...منهنجو حصو ڪڍي رکجان.“ ته بس صاحبانِ مهر و عنايت...سڄي ڪٿا اتي ئي اچي ختم ٿئي ٿي. دوست، اندر جي درد جو حصيدار هوندو آهي. اڻ لڀ، وفادار ۽ لکن ۾ هڪڙو هوندو آهي. هاڻي اسان الائي ڇو گهٽي گهٽيءَ ۾ دوست ڳولي لڌو آهي، پوءِ پريشان نه ٿيون يا خوف جي چادر ۾ نه ويڙهجون ته ٻيوڇا ٿئي.

    حضرت علي ڪرم الله وجهه فرمائين ٿا،”جي توهان وٽ هڪڙو دوست آهي ته توهان دنيا جا امير ترين ماڻهو آهيو، جي ٻه دوست آهن ته پنهنجي حڪايت تي ٿورو غور ڪيو ۽ جي انهن کان گهڻا آهن ته اوهان پڪ ڄاڻو ته اوهان سچ نه پيا ڳالهايو. دل جي ”روٽَ“ ۾ دوستيءَ جو ذائقو ڳوليون ٿا. ڇاڪاڻ ته لوڻ گهٽ ئي سهي، مانيءَ ۾ ذائقو اهو ئي پيدا ڪندو آهي. ٿي سگهي ٿو، ڪو بي غرض دوست اڃا به دنيا ۾ موجود هجي ۽ اسين به ”امير ترين“ چورائي سگهون.

    دوست...صاحب بهادر بڻجي، پنهنجي مال ملڪيت، حيثيت ۽ غرض کي وچ ۾ آڻي ته پڪ ڄاڻبو...ان کان بهتر اوهان لاءِ اوهان جو دشمن آهي. هاڻي پنهنجي دشمن کان بي فڪرا ٿي، پنهنجي صاحب بهادر دوست جو فڪر ڪرڻ شروع ڪيو.
    mehmoodmughal@hotmail.com
     
  18. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم محمود مغل جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    لکَ لکَ مبارڪون


    آچر 7 جنوري 2007ع

    انهن سڀني کي لک لک مبارڪون هجن، جن نئين سال ۾ اسان جي”سرخوشيءَ“ جو هي بندوبست ڪيو. وڏي مهرباني، وڏو ڪرم جو اوهان اهي”وَڙَ“ ڪيا.

    اخبارون خيرن سان اوهان جي ”ڪارنامن“ سان ڀريل آهن. اڃا ڪي ٽي چار ڏينهن ئي ته ٿيا آهن. جيڪي مهربان، اهڙي”مَهرَ“ ڪري سگهن ٿا، پَڪَ سان انهن جو حافظو به تيز هوندو، پر جي خدانخواسته ان ۾ ڪٿي ڪا ”گڙٻڙ“ آهي ته رڪارڊ ۾ شامل ڪرڻ لاءِ خميس 4 جنوري 2007ع جي ڪاوش ۾ ڇپيل احوال ڪجهه هن ريت آهي:

    ”موهن جي دڙي جي هيل به ڀيل، سوين موٽر سائيڪل سوارن قديم آثارن کي ڀوري ڇڏيو. آرڪيالاجي کاتي جي نااهليءَ ۽ بدانتظاميءَ سبب لاڙڪاڻي سميت مختلف شهرن مان پهتل هزارين ماڻهن ٽن ڏينهن تائين قديم آثارن کي لتاڙيو. ڊوڙ جي شوقين موٽر سائيڪل سوارن، بنا روڪ ٽوڪ جي گاڏيون ڊوڙايون ۽ هوائي فائرنگ ڪري هراس پکيڙيو. منع ڪرڻ تي سائيٽ سپروائيزر کي مارڪٽ....موٽر سائيڪل سوارن، ايس ڊي ايريا، ايل ۽ ڊي ڪي ايريا سميت”گريٽ باٿ“ توڙي اسٽوپا تي پهچي ڀتين کي ڀوري ڇڏيو. دڙي تي موجود پوليس اهلڪار، آثارن جي بچاءَ بجاءِ مين گيٽ تي بيهي ٺيڪيدار کي ٽڪيٽون چيڪ ڪرائڻ ۾ مدد ڪندا رهيا...“ ساڳيءَ خبر جي هيٺان ميوزيم جي ڪسٽوڊين ظهير الدين شر جو بيان به آهي ته”ڊي پي او لاڙڪاڻو کي ليٽر لکي، اسپيشل فورس ڏيڻ جو چيو، پر پوليس ساڻن تعاون نه ڪيو.“ خير جي هن خبر واڄٽ وڄائي ڇڏيا آهن. خير ان ڪري لکجي پيو معزز خواتين و حضرات، جو ايتري ڪرم نوازي ٿيڻ کان پوءِ به بچت ٿي وئي ۽ هرڪو پنهنجي گهر خير سان روانو ٿيو. قديم آثارن جو ڇا هي، اهي اڄ نه ڀُريا ته سڀاڻي ڀُرندا، نيٺ ته ختم ٿيڻا آهن. اسان جي بدتهذيبي ۽ انا ڇو ڀُري؟ ان کي ته آخري ساهه تائين سلامت رهڻو آهي.

    نومبر 2006ع جي ٽيهين تاريخ رني ڪوٽ تي عظيم الشان قومي سيمينار هيو، جنهن ۾ اهلِ علم ۽ اهل دانش ڀريون ٻڌي شريڪ ٿيا هئا. قديم آثارن جي حوالي سان اُپٽار ڪئي وئي ۽ ان عظيم ورثي تي ڌڻيءَ جا شڪر ادا ڪيا ويا هئا. ساڳئي ڏينهن تي اتفاق سان ڪراچيءَ جي هڪ پنجن ستارن واريءَ هوٽل ۾ سياحت ۽ ثقافت جي وفاقي وزير نيلوفر بختيار به هڪ گڏجاڻي ڪوٺائي هئي. پاڪستان ٽيليويزن، سياحت کاتو، مختلف پرائيويٽ چئنلز ۽ نشرياتي ادارن جي ان”هاءِ فاءِ“ گڏجاڻيءَ ۾، پي ٽي ويءَ جي معرفت هڪ ڪرسيءَ تي مان به ويٺل هئس. مهربان وزير صاحبه خير و عافيت کان پوءِ اصل مقصد بيان ڪيو، جنهن موجب سال 2007ع کي ”سياحت جو سال“ قرار ڏنو ويو هو ۽ ان حوالي سان ميڊيا کي تعاون لاءِ درخواست ڪئي پئي وئي. هن سال کي يادگار قرار ڏيڻ لاءِ مختلف پروگرامن جو شيڊول به پڌرو ڪيو ويو ۽ هر سرگرميءَ بابت مختصر جائزو پڻ پيش ڪيو ويو.

    وطنِ عزيز جي هر گوشي، هر ڪُنڊ جي اهم سياحتي مرڪز لاءِ ڏينهن مخصوص ڪيا ويا هئا. پنهنجي عظيم الشان ورثي جي نسبت سان، موهن جي دڙي کي”ٻه ڏينهن“ ڏنا ويا هئا ۽ سنڌ ۾ خالي موهن جي دڙي کان پوءِ سيوهڻ شريف کي”ٽن ڏينهن“ لاءِ چونڊيو ويو هو. تنهن کان سواءِ ٻي ڪا به جاءِ سياحت جي حوالي سان”سگهاري“ نه هئي. ان ڪري انهيءَ جو هن سڄي سال ۾ ڪو به ذڪر نه هو.

    ڪنهن ڏاهي جو قول آهي ته”بيوقوف جنهن گهڙيءَ تائين عقلمنديءَ جي محفل ۾ خاموش رهي ته عقلمند شمار ٿيندو آهي.“ معنيٰ جنهن مهل به هن ڳالهائڻ شروع ڪيو ته خبر پئجي ويندي ته سندس”پَتِ“ ڪيتري آهي. عقلمندن جي انهيءَ محفل ۾ مان به موجود هئس ۽ ماٺ هئس. ڇاڪاڻ ته مون کي پنهنجي بيوقوفيءَ جي خبر آهي، پر اتي بهرحال اهو سڀ عجيب پئي لڳو...قوتِ برداشت جواب ڏنو ته چئي ڏنم: ”قبلا....هتي سڀ پڙهيل ڳڙهيل موجود آهن... ڪجهه هن ڳوٺاڻي جي به ٻڌو، جيڪو”اندرونِ سنڌ“ مان آيل آهي. اسان وٽ ڪوٽ ڏيجي آهي، معصوم شاهه جو منارو آهي، حيدرآباد جو قلعو آهي ۽ وڏي ڳالهه ته جنهن سيوهڻ شريف ۾ اوهان درگاهه قلندر رحمت الله عليه تي ٽي ڏينهن پروگرام رٿيو ويٺا آهيو، ان کان ڏکڻ طرف ڪو ڪلاڪ کن جي ڊرائيوِ تي رني ڪوٽ به آهي، جنهن کي اتفاق سان، دنيا جو وڏي ۾ وڏو قلعو هجڻ جو”اعزاز“ حاصل آهي. پنهنجي پروگرام ۾ اوهان انهن سڀني کي ڇو نه ٿا شامل ڪيو؟ وزير صاحبه فرمايو ته”رني ڪوٽ جي حالت ڏيکارڻ جهڙي ڪانهي. هُتي مرمت جو ڪم، ڪنهن به لحاظ کي سامهون رکي نه ڪيو ويو آهي. پراڻي اڏاوت جي”ليپا پوتي“ سيمينٽ سان ڪئي وئيآهي ۽ ان ڪري ئي اڄ سنڌ جو وزير اعليٰ اتي دوري تي ويل آهي. اسين جائزو وٺون پيا...پراڻيون عمارتون ”خسته حال“ ٿي ويون آهن، گهمڻ لاءِ سوچڻو ٿو پوي“.

    اتي ئي ٽوئرزم ڊپارٽمينٽ جو ايم ڊي به ويٺل هو. مون بيوقوف کي الاءِ ڇا سُجهيو، چئي ڏنم”۽ باقي موهن جو دڙو!...اتي جو عيد تي موٽر سائيڪلون هليون هُيون....اتي جو خسته حال عمارتن کي، محبت جو نشانو بڻايو ويو هو؟...“ وزير صاحبه هڪدم ايم ڊيءَ ڏي نهاريو...جنهن جي نگاهه ۾ ڄڻ عجب شامل هو. ايم ڊي هڪدم جاءِ سنڀالي ۽ انگريزيءَ ۾ فرمايائين:”اسان ان جو نوٽيس ورتو آهي، هاڻي اهڙو ڪجهه ڪو نه ٿيندو.“

    نومبر جي ٽيهين تاريخ کان جنوريءَ جي ٻين تاريخ تائين، ٽيٽيهن ڏينهن ۾ ڪجهه به ڪو نه ٿيو. تان جو عيد جي عظيم الشان موقعي تي اسان هڪ ڀيرو وري پنهنجي عظيم ماضيءَ جي عظيم روايتن کي ورجايو ۽ پنج هزار سال اڳ جي ان حيرت انگيز ورثي کي پنهنجي لاپرواهيءَ ۽ شوق جي”وَرِ“ چاڙهي ڇڏيو.

    خواب نگر ۾، مانائتا مهربانو، هڪڙو سوال بار بار ورجائبو آهي ته ”هي ٿئي ڇا پيو؟“ پر اڄ اهو سوال ورجائڻ تي دل نه ٿي چوي... نابين ته ڪو نه آهيون، نظر ڪم ڪري ٿي، سماعت ڦاٽل سائلنسرن جا اهي سڀ آواز ڪنائي سگهي ٿي، جيڪي گُهوگهٽ ڪري پنهنجي اهميت تسليم ڪرائيندا آهن. عقل انهن سڀني دليلن ۽ منطقن جا جواب ساڻ رکي ٿو، جيڪي ان عمل جي سبب کي واضح ڪن ٿا. اسان جو نوجوان نسل، پنهنجي ورثي جي ڪڍ ڇو پيو آهي، ان جو فڪر البته کائي ٿو... اها ڳالهه بس سمجهه ۾ نٿي اچي.

    پر هاڻي عزيزانِ من، سمجهي ڪرڻو به ڇاهي! نوجوان نسل کي ئي اهو سڀ سنڀالڻو آهي ۽ انهن پنهنجي سنڀالڻ جي انداز جو”ٽريلر“ ٻيو دفعو ڏيکاري ڇڏيو آهي. هڪڙي ڀيري ٿيو ته سڀني سمجهيو ته اهو پهريون ڀيرو هيو، ناداني هئي ۽ آئندي ايئن ڪو نه ٿيندو. پر جڏهن اهو سڀ ورجايو ويو آهي ته يقين جي جهان ۾، اهو قدم پُختو پيو ٿو ٿئي ته اها ناداني ناهي، هر هر ٿيندي ۽ ذوق شوق سان ٿيندي، توهان کي جيڪو ڪرڻو آهي، سو ڪيو. تهذيب جي هن جهان جي هن دور ۾، جتي دنيا هڪ ڳوٺ ٿي وئي آهي، هاڻي اهو دليل ڪو به وزن نٿو رکي ته اسان سڀني کي انهن جاين جي”حفاظت جي اهميت“ جي خبر ناهي. هر ذي هوش اها شعوري ڄاڻ رکي ٿو. جي ڪو بهانو گهڙيو وڃي ٿو ته به اهو ”خالص بهانو“ ئي سمجهيو وڃي، ڪو به عذر، ڪا به تاويل ان نقصان جو پورائو نٿي ڪري سگهي، جيڪو اڳيان نظر اچي پيو ٿو يا في الوقت ٿي ويو آهي. وري انهيءَ قديم تعميرات کي، سيمينٽ هڻي پورائو ڪيو ويندو، وري اتي به ڪو نه ڪو بخمل، ٽاٽ سان ڀربو ۽ چتيون واضح ٿي وينديون.

    اسان الاءِ ڇو ٿا ڪيون اهو سڀ صاحبانِ عقل و خرد... بس ۾ ويهبو ته سامهون واري سيٽ تي لڳل نئين نڪور پلاسٽڪ ضرور ڦاڙبي...جي پلاسٽڪ ڦاٽل آهي ته ريگزين جي ڪَوَرَ تي، پنهنجو نالو ضرور لکبو ۽ مٿان وري دل جي آر پار گذرندڙ تيرَ جو ۽ رت ڦڙن جو”آرٽ“ ضرور ٺاهبو. جي ڪٿي ڪو ڌاڳو نڪتل آهي ته ان کي ڇڪ ضرور ڏبي ۽ بَخيو ضرور اکيڙبو. ماڻهو ڀاڙو ٿو ڏئي سائين، هاڻي ايترو به حق ناهي ڇا؟

    جي فروٽ کائبو ته کل ٻاهر اڇلائبي...ڀلي ڪير تِرڪي مَري، شاپر ۾ ڇو اڇلايون... رستي ويندي ٿُڪَ اڇلائڻ ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته اندر ۾ ڪيتري غلاظت رکبي، ڪجهه ٻاهر به ته نڪري.

    ڊاڪٽر نياز ۽ مان، سندس نڪور ڪار ۾ سفر ڪري رهيا هئاسين. سامهون اسڪوٽر تي هڪ جوڙو وڃي رهيو هو. محترم کي الاءِ ڪهڙو خيال آيو، اسان کان ٿوري اڳتي موٽر سائيڪل تي ويٺي ويٺي هن”زرڙاٽ“ سان پِڪَ اڇلائي، پانَ وارو ڳاڙهو رنگ، نئين گاڏيءَ جي شيشي کي هوا جي آڌار اچي ڀاڪر پائي ويو، سڄو روح مڪروهه ٿي ويو. هاڻي ڇا ٿو ڪري سگهجي.

    اهي سڀ ننڍڙيون ڳالهيون آهن عزيزانِ من...پر انهن جو اثر تمام وڏو آهي، اوهان ۽ اسان سڀ انهن کان چڱيءَ طرح باخبر آهيون، پر الاءِ ڇو اهو سڀ ايئن ئي ڪيون ٿا، جيئن عرض ڪيو ويو آهي.

    ڳالهه بس جي سيٽ جي ڪوَر ڦاڙڻ جي هُجي يا موهن جي دڙي جي گهٽيءَ جي ڪنهن ڀت کي ڪنهن بائيڪ جي هئنڊل يا ٽائر لڳڻ جي، ڳالهه اسان جي اندر جي عڪس کي ظاهر ڪري ٿي، جيڪي ڪجهه اسان جي اندر ۾ پلجي پيو ٿو، تنهن جو اولڙو هُجي ٿي. تقريبن 9 0 9 1 سال اڳ، يوناني شاعر ايڊي پولس”نانگ“ جي نالي سان هڪ نظم لکيو هو، جنهن جو ترجمو ولي رام ولڀ صاحب ڪجهه هينئن ڪيو آهي:

    ”تون تهذيب يافته ته آهين ڪو نه

    شهر ۾ رهڻ جو به توکي موقعو نه مليو

    هڪ ڳالهه پڇانءِ؟

    جواب ڏيندين؟

    ڏنگڻ ڪيئن سکئين

    ۽ زهر ڪٿان مليئي؟...“

    اسان جي عمل جو ترياق الائي ڪٿي وڃي لڪو آهي؟ رڳو بي عمليءَ جا ڏنگ هڻي رهيا آهيون. ڇا ان تي سوچڻ لاءِ اسان وٽ وقت آهي؟ شايد ناهي... جي ناهي ته به خير آهي قبله....

    نئين سال جي پهرئين ملاقات ۾ ئي، اوهان جا ٿورا مڃجن ٿا، جو اوهان ايڏي سرخوشيءَ جو بندوبست ڪيو سائين...ايندڙ عيد ۽ نئين سال تي اميد ته انهن گهٽين ۾ ڪار رَيس به ضرور ڪرائيندئو. اهڙي عظيم موقعي لاءِ سڀني خوبصورت، لاپرواهه ذهنن کي ايڊوانس ۾ مبارڪ هجي.

    mehmoodmughal@hotmail.com
     
  19. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم محمود مغل جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    [​IMG]
     
  20. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم محمود مغل جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    رُخ رانجهن ماهه منير هويا



    آچر 28 جنوري 2007ع

    ”نُور“ به رب پاڪ جي ڪمال نعمت آهي.

    مولاءِ ڪل جل شانهُ ڪائنات کي عجيب رنگن سان سٿيو آهي. جنهن طرف به نگاههَ کڄي ٿي، رنگ و نُور جو هڪ سيلاب ڄڻ اوهان جو منتظر رهي ٿو. خوشيءَ جا عڪس ٽڙن ٿا ته به اکيون ئي پسي سگهن ٿيون. جي ڪنهن اک مان پاڻياٺ وهڪري جي صورت اختيار ڪري ٿي ته ان جو منظر به ٻي اک ئي جهٽي ٿي. مٺڙي رب پاڪ جي هن تخليق کي، بلڪه هر تخليق کي، اکين جي مدد سان ئي بهتر ڏسي سگهجي ٿو. ”نُور“ سان مالا مال نيڻ ئي، ان نعمت کي سمجهي سگهن ٿا. هاڻي اهو سڀ ڪجهه عام ڳالهه آهي عزيزانِ من...الاءِ ڪيترن مهربانن کي ته”ابتدائيو“ پڙهندي، اهو احساس ٿيندو هوندو ته ان ۾ ڪهڙي فارسي آهي؟....لازمن اکين ۾ نور هوندو ته منظر نظر ايندو، منظر نظر ايندو ته ڪائنات سمجهه ۾ ايندي، ٻيو مڙئي وڃي ٿيو خير... پر هٿ ٻڌي عرض ڪرڻ تي دل چوي ٿي ته اهو سڀ ايڏو سولو ناهي. ڏسڻ لاءِ خالي اک هجڻ ضروري ناهي، ان اک ۾ نظر جو هجڻ به بنهه اهم آهي. مٿان وري دماغ ۾”نگاهه جو مرڪز“ هجڻ به ضروري آهي، جنهن جو ڪم، ديد جي سمجهاڻي ڏيڻ هوندو آهي. ڪهڙي شيءِ ڇا آهي، ان جي ڄاڻ جي دماغ کي هوندي ته عڪس وڌيڪ واضح نظر ايندو. هاڻي اهو سڀ معزز خواتين و حضرات هڪ”گورک“ ڌنڌو آهي. اها خالقِ ڪائنات جل شانه جي تخليق آهي، جيڪا اسان سڀني تي ورق در ورق کُلندي رهي ٿي. ان ”پيچيده سرشتي“ ۾ ڪيئن ڪم ٿئي ٿو، ڇا ڇا ٿئي ٿو ۽ ڇو ٿئي ٿو، سچ پچ ته اسان سڀني مان گهڻن جي سوچ کان ٻاهر آهي...۽ شايد اهو به هڪ اهم سبب آهي جو اسان وٽ عام نعمتن مان هڪ نعمت جو ڪو خاص قدر ناهي. اسين ته بس ان کي پنهنجي”ذاتي ملڪيت“ سمجهون ٿا، ۽ شايد ان ڪري ئي ان جي هجڻ يا وڃائجڻ يا”کُٽڻ“ جي اسان کي ڪا به سوچ نٿي اچي. هڪ عام نظر وارو ماڻهو شايد پنهنجي حياتيءَ ۾ڪڏهن اهو سوچي به نه ٿو ته ڪو انهن ڏيئن ۾ تيل جهڪو ٿي سگهي ٿو. نُور جي لاٽ اجهامي به سگهي ٿي، حياتي اوندهه جو شڪار به ٿي سگهي ٿي. اها ته خدانخواسته هڪ وڏي ڳالهه آهي، اسان مان ته ڪيترن کي اهو احساس به ناهي ته ان نعمت جي کوٽ ڪهڙي قيامت آڻي سگهي ٿي.

    سندس نيڻن جا ڪنول جل ٿل هئا، مون سان ڪچهري ڪندي، سندس لهجو ڀرجي رهيو هو. آواز ۾ پاڻياٺ ڀرجيس پئي ته آواز لرزجي پيو وڃيس. هر هر ڳيت ڏئي رهيو هو. اکين جي آلاڻ ته واضح نظر اچي رهي هئي.

    ”اڍائي هزار چشمن جو چيو ويو هو سر....ضلعو وڏو هيو ۽ اسڪول جام... اهو هڪڙو اندازو هو ته گهٽ ۾ گهٽ اڍائي ٽي هزار ٻار ضرور متاثر ٿيل هوندا... لازمن انهن کي عينڪون به لڳنديون. نوي رپيا في چشمو طئي ٿيو هو ۽ وقت ڪُل مليو هو ٽي چار ڏينهن... معنيٰ تقريبن پنج سئو چشما في ڏينهن....تنهن کان سواءِ ٻارن جي نظر جي تپاس به ٿيڻي هئي، جنهن مطابق”چشمو“ ٺاهڻو هو. بس وٺ وٺان هئي سائين.....گلاب جا گل هئا، پر ڄڻ نظر تي هلڪي مٽي چڙهي وئي هئن....پر الله جا شُڪر...ته سڀ خيرن سان چيڪ ٿيا. سڀني لاءِ چشما تيار ٿيا...“

    عينڪن جي دڪان تي، چانهن جي سُرڪين سان هي بينظير احوال، عجيب رنگ نروار ڪري رهيو هو. ٿڪل ٿڪل عينڪ ساز، اندر جي اڌمن کي ڏاڍو تيزيءَ سان ٻاهر ڪڍي رهيو هو.

    ”هاڻي عينڪون ٺهي ويون نه سائين... ته مون ڪوآرڊينيٽر صاحب کي چيو ته ٻار الاءِ ڪٿان ڪٿان جا آهن. بس، هڪ ڀيرو عينڪ ٺهي اٿن، وري الاءِ ٺاهرائين الاءِ نه... ۽ مٿان وري جي هو استعمال ڪندا ته يقينن لاهي به رکندا. هاڻي جي لاهيندا ته جي رٻڙيلو، عام ڪَور ڏينداسين ته عينڪ دٻجي، ٽٽي سگهي ٿي. ٻار ڀلا رکندا به ته ٿيلهن ۾ نه. پوءِ ڪتابن جي دٻ يا ڪنهن جي مٿان زور اچڻ ساڻ عينڪ ٿي ويندي ٻه اڌ...ته پوءِ ڪير پيو چڪر ڪاٽيندو. منظرن کي صاف ڏسندڙ اکيون وري ڌُنڌُ جو شڪار ٿي وينديون. وري جتان سفر شروع ٿيو، ماڳهين ان کان پوئتي ورڻو پوندو. سو ڇا نه چڱو ٿئي ته ڪجهه رپين جي اضافي خرچ سان”هارڊ ڪَور“ ۾ ٻارن کي عينڪ ڏجي. نفعو ويو کڏ ۾. جيتري خرچ ۾ ٺهي اوتري ۾ ئي ڏيو، پر شيءِ جي سلامتيءَ جو فڪر ته ڪيو. بس...هن ڳالهه مڃي ۽ خيرن سان عينڪ، سخت ڪَور ۾ رواني ٿي. ڪجهه عرصو ته گهٽ ۾ گهٽ جٽاءُ ڪندي..“ نيڪيءَ جي ان ذڪر، خيال جي ان سونهن منهنجا به نيڻ”ڊِم“ ڪري ڇڏيا هئا. مفت ۾ ڪنهن لاءِ ايترو ڪجهه ٿئي... ٻيو اڃا ڇا گهرجي؟.

    قصو سڄو اهو آهي عزيزانِ من... ته حڪومت وقت جي تعليم کاتي، ڪنهن رفاحي اداري سان گڏجي اها وک کنئين آهي ته مختلف ضلعن کي چونڊي، اتان جي هر اسڪول مان هڪ استاد صاحب کي هڪ مخصوص معاوضي تي مقرر ڪري ٿي، جيڪو ڪجهه مختصر عرصي جي تربيت حاصل ڪرڻ کان پوءِ اها ڄاڻ سانڍي ٿو ته ٻار جي نظر يا سندس سماعت ۾ ڪو نقص ته ناهي. خدانخواسته نقص هجڻ جي صورت ۾، ٻار جو نالو نوٽ ڪيو وڃي ٿو. هڪ اسڪول جي نالن جي فهرست مڪمل ڪرڻ کان پوءِ ضلعي کي رواني ڪئي وڃي ٿي ۽ سڄي ضلعي جا نالا هٿ ڪرڻ کان پوءِ، عملي طور تي ماهر عينڪ سازن کي گهرايو وڃي ٿو، جيڪي نظر جي تپاس کان وٺي، عينڪ جي جوڙجڪ ۽ ڪنن لاءِ سماعت جي آلي جي”سپلاءِ“ لاءِ ذميوار هوندا آهن. ان سڄي عمل ۾ ٻار جو ڪو به خرچ نٿو اچي، بلڪه اهو سڀ حڪومت ۽ مددگار ادارو ادا ڪن ٿا. اهو سڀ ڄاڻڻ ۾ ڪيڏو نه حسين آهي مانائتا مهربانو...پر ان خوبصورت تصوير جي ”ڪاري ڪاپي“ به ٿوري ڏسي ٿا وٺون.

    ”اهو نه ته... اسان عينڪون ٺاهيون ٿا ان ڪري اهي بهترين آهن، پر اهم ڳالهه اها آهي سائين ته اهي ٺيڪ نموني سان ٺهن ۽ اسان الحمد الله ٺاهيون آهن. نفعي جي نسبت گهٽ رکي، اسان بهترين فريم، صحيح نمبر سان هر شاگرد لاءِ تيار ڪيو آهي. نظر جي چڪاس به مڪمل نموني سان ڪئي وئي آهي. هاڻي جي ٻن اڍائي هزار چشمن تي، اسان کي جي پنجاهه هزار کن بچن ٿا ته اهي هڪ هفتي جي ڪم ۾ ڪهڙا خراب آهن.“ سندس لهجو ڀريل ڀريل هيو، جيڪو ڄڻ هڪدم خالي ٿي ويو. ”پر سائين...ڪجهه ماڻهن کي اهو ٺيڪو ايئن به مليو جو... بس، نمبرن تي عينڪون تيار ٿيون آهن. ڳڻپ تي...ڪاٽو هڪ نمبر جون سئو....ته ڪاٽو ڏهائي پنج جون 2 سئو... ايئن کڻي سمجهو، نفعو وڌيڪ ڪمائڻ لاءِ، چيڪ اپ به اڌو گابرو ڪيو ويو. بس رڳو عينڪن جو انگ پورو ڪرڻو هو...سو ڪيو ويو. نظر سان مشڪري ڪئي وئي سائين...“

    دل چيو، چوانس”نظر سان ئي ته مشڪري ٿئي ٿي سادا ماڻهو...اکين ۾ ڌوڙ وجهي ئي ته ڪائنات جي الاءِ ڪيترن ڪاڄن کي سوريو وڃي ٿو“. پر چيم ڪو نه....ماٺڪو ئي هئس، جو هن جي ڳالهه هانءَ تي ڄڻ مُڪَ وهائي ڪڍي. ”ٻار معصوم هوندا آهن سائين...انهن مان ڪيترن کي ته اها خبر به نه هوندي آهي ته ڪا سندن نظر خراب به آهي. انهن مان ڪيترن کي وري چشمو پائڻ پسند نه هوندو آهي. ڇاڪاڻ ته ڪيترا دوست ۽ ڪلاسي کين چيڙائيندا آهن...هاڻي انهن کي جي غلط نمبر جو چشمو ملي به ٿو ته گهڻو نقصان ڪونهي. ڇاڪاڻ ته يا ته هو پائيندا ڪو نه، يا وري شڪايت ڪندا ته خبر پئجي ويندي، پر سائين اصل عذاب ته اکين ۾ ”ٽيڏَ“ جو آهي...جي تارا”هڪ رُخي“ حرڪت گڏ نه ڪن ته عڪس گڏ ٿي ويندا آهن. ٽيڏي اکين واري مريض کي سامهون وارو عڪس، مختلف پاڇن سان نظر ايندو آهي،”گهڻ رخو“ ٿي ويندو آهي...بلڪل ايئن جيئن اوهان پنهنجي اکين جي تارن کي وچ ڏانهن دٻايو...يا وري ڪنهن اک کي پاسي تي ڇڪيو.“

    ذاتي طور تي، هڪ ڊاڪٽر جي حيثيت ۾، هن جي ڳالهه سمجهه ۾ اچي رهي هئي، عزيزانِ علم و عرفان... ۽ الاءِ ڇو دل چيو پئي ته هو هاڻي ايندڙ ڳالهه شل نه چوي، پر هن پنهنجي روانيءَ ۾ لاڳيتو ڳالهه جاري رکي هئي.

    ”اکين جي ٽيڏَ کي دور ڪرڻ لاءِ، نقص واري اک جو شيشو خاص تيار ڪبو آهي. ان ۾ وچ تي هڪ سوراخ هوندو آهي. نقص واري اک، ڏسڻ مهل ڇڪجي به ان طرف ايندي آهي ۽ نتيجي طور ڪجهه مهينن يا سالن جي مسلسل استعمال کان پوءِ، اکين جو ڦير ٺيڪ ٿيڻ جا چانسز هوندا آهن. پر افسوس اهو آهي سائين ته اهو چشمو مهانگو ٺهي ٿو، واري ۾ نٿو اچي، ان ڪري خبر پئي آهي ته اهڙن ٻارن کي به عام عينڪون ڏنيون ويون آهن... يا جي ٺاهيون به ويون آهن ته بيڪار.. فائدو ته فائدو، ماڳهين نقصان جو انديشو وڌيڪ آهي سائين... ٻن پيسن جي لالچ ۾ ايندڙ نسل لاءِ اهو سڀ اسان کي سونهين ٿو؟ مٿان وري مالَ جي ٺيڪ هجڻ جا قسم کڄن ٿا“.

    ان کان وڌيڪ جملا، خواتين و حضرات مون لاءِ”ميُوٽ“ ٿي ويا هئا. هن جا رڳو چپ لُڏيا پئي ۽ منهنجي دل ۾ اهي سٽون ڌڪ هڻي رهيون هيون ته ڌڻي ڪري اهو ايئن نه هجي...گهڻ رخي تصوير کي هڪ رخو بنائڻ لاءِ ڪوشش ٿي هجي، ان کي وڌيڪ بي اثر ۽ غير واضح ٺاهڻ جي غير ذميواري نه ٿي هُجي، پر ٻڌائڻ وارو وثوق سان ٻڌائي رهيو هو ته اهو سڀ ٿئي پيو... ڪجهه ٿورن پئسن تي نور جي املهه ملڪيت لُٽجي رهي آهي.

    ڌڻي ڪري اهو سڀ ايئن نه هجي صاحبانِ علم و هنر ...اڄوڪي خواب نگر ۾، ڪجهه وڌيڪ لکڻ لاءِ دل نٿي ڪڍي. حڪايتِ نظر اوهان تائين پُهتي آهي، جي ايئن ناهي ته سبحان الله پر جي ڪنهن ايئن ڪيو آهي ۽ پنهنجي فائدي لاءِ ايڏي وڏي ”جُٺ“ ڪئي آهي ته انهن لاءِ حضور اڪرم صلي ا عليه وسلم جو هي فرمان ٻڌائي سگهجي ٿو:

    حضرت ابوذر غفاري رضي الله تعاليٰ عنه کان روايت آهي ته رسول الله صلي الله عليه وسلم جن فرمايو: قيامت جي ڏينهن الله تعاليٰ ٽن ماڻهن سان نه ڳالهائيندو، نه انهن ڏي رحم جي نظر سان ڏسندو، نه ڪو کين گناهن کان پاڪ ڪندو ۽ انهن کي دردناڪ عذاب ٿيندو. حضرت ابوذر رضي الله تعاليٰ عنه عرض ڪيو، اهي ماڻهو ته ناڪام ٿي ويا ۽ گهاٽي ۾ پئجي ويا... اي الله جا رسول،(صلي الله عليه وسلم) اهي ڪير هوندا؟ فرمايائون”پنهنجي سلوار يا گوڏ ٽڻين کان هيٺ ڪندڙ، ٿورو ٿڦيندڙ(احسان جتائيندڙ) ۽ ڪوڙا قسم کائي پنهنجو وکر وڪڻندڙ...“

    ڪنهن جي نظر کي”گهڻ رُخو“ ڪرڻ مهل اسان کي سوچڻ گهرجي صاحبو...ته جنهن جي ذات بالا صفات جل شانه اصل گهڻ رُخي آهي، اها ان اهم ڏينهن تي، اسان تي هڪڙو رخ به وجهڻ پسند نه ڪندي...پوءِ ان مهل پنهنجي اکين لاءِ اسان ڪهڙي عينڪ ٺاهڻ پسند ڪنداسين؟.

    mehmoodmughal@hotmail.com
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو