امر سنڌو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

'سنڌي ادب' فورم ۾ عبدالوهاب طرفان آندل موضوعَ ‏6 آگسٽ 2010۔

  1. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    سنڌ ۾ پيدا ٿيل نئين سياسي اڀار کي ڪهڙو رخ ڏجي؟



    ڇنڇر 21 جنوري 2006ع

    ”پاڻيءَ جي وسيلن سميت سڀني قدرتي وسيلن جي غلط، غير منصفاڻي ۽ استحصال تي ٻڌل ورهاست، پاڻيءَ کي انساني حق ۾ شمار نه ڪرڻ به دراصل هن دور جي سڀ کان وڏي دهشتگردي آهي. پاڻيءَ جي جهيڙي ۾ دهشتگرد اهي ناهن جيڪي افغانستان جي غارن ۾ لڪل آهن. اهي دهشتگرد جيڪي انساني وسيلن تي قبضا ڪن ٿا، تن کي واپاري معاهدن، عالمي بينڪ توڙي حڪومتن جي پردي ۾ لڪل ڏسي سگهجي ٿو“.

    اهي مٿيان اکر ٽين دنيا جي انهن activist جاکوڙي دانشورن جا آهن، جيڪي هيڻي ۽ ڏاڍي جي جهيڙي ۾ نه رڳو هيڻي اڪثريت جا ڀر جهلو ٿين ٿا، نه رڳو کين لفظن جي آٿٿ آڇين ٿا، پر عوامي ويڙهاند ۾ ساڻن وک سان وک ملائي هلڻ جو هنر ۽ همت به رکن ٿا. اهي اکر دنيا جي ان دانشور قبيلي جا آهن، جيڪي علميت جي عملي پاسن تي نظر رکندي، دنيا جي تاريخ کي مظلومن جي حق ۾ تبديل ڪرڻ ۽ هيڻن جو پاسو بدلائڻ لاءِ پنهنجو پاڻ کي به تاريخ جو کاڄ بنائڻ کان ڪيٻائن نه ٿا.

    ”جمهوريت، فقط چونڊ چهچٽي ۽ ووٽ وجهڻ واري رسم کي نٿو چئي سگهجي، پر جمهوريت به دراصل نانءُ آهي ماڻهن کي پنهنجي تقدير ٺاهڻ ۽ قدرتي وسيلن کي سندن اختيار ۾ ڏيڻ جو. جمهوريت دراصل عوام کي پنهنجيءَ پيداوار جي ورهاست، ورڇ ڪرڻ جا اختيار منتقل ڪري ڇڏڻ جو ٻيو نانءُ آهي“. اهي لفظ به مٿين activist دانشور قبيلي جي عورت وندنا شيووا جا آهن.

    اهي اڄ کان ڪي ست سال اڳ جا انگ اکر آهن، ته سڄيءَ دنيا ۾ ڪي 28 ملڪ شديد پاڻيءَ جي کوٽ جو شڪار آهن. 2025ع تائين انهن جو انگ 56 تائين وڃي پهچندو. پاڻيءَ جي کوٽ جا اهي انگ اگر يقينن گلوب جي نقشي تي موجود رياستن جي سرحدي پٽين کي ذهن ۾ رکي ڏنا ويا هوندا. ڪيتريون قديم تهذيبون، پاڻيءَ جي کوٽ ڪري وقت هٿان تاراج ٿينديون؟ ممڪن آهي ته اها اسٽڊي به ڪٿي هلندڙ هجي. پر سنڌوءَ ڪناري آباد سنڌو تهذيب، وقت هٿان تاراج ٿيڻ بجاءِ ان سان ويڙهه کائي، پنهنجي بقا جي ويڙهه وڙهڻ گهري ٿي. تاريخ جا شاگرد ۽ تاريخ جوڙيندڙ قوتون، فقط اهو ئي ڄاڻائي سگهن ٿيون، ته وقت جي ان ويڙهه ۾ فاتح فقط اهو آهي، جيڪو اڪثريت جي راءِ کي پنهنجي حق ۾ ڪري، ان کي استعمال ڪرڻ جا گُر ۽ هنر تاريخ جي نصاب مان سکي ٿو وٺي.

    ”آخري فتح نيٺ به....نيٺ به عوام جي ٿيڻي آهي..“ پنهنجي حقن جي حفاظت کان، پنهنجي بقا جي آخري مورچي تي ثابت قدم ٿي بيهڻ وارن جو هجوم، هاڻ شايد پنهنجي پهرين تيارين ۾آهي. ”آخري فتح نيٺ به عوام جي ٿيندي!“ سماجي تاريخ جو اهو آخري سچ رڳي انهن چي گويرا جي تصويرن سان پلي ڪارڊ کنيل جي اکين جي ويساهه مان ئي نٿي ڦٽو، پر 18 جنوريءَ تيحيدرآباد ۾ اُٿلي پيل سمنڊ ۾.... سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ ۽ شهر شهر کان سيڙهجي آيل هزارين عورتن جا هجوم، جن مان اڪثريت انهن ڳوٺاڻين عورتن جي هئي، جيڪي پنهنجي ٻَني ٻاري جا ڪم ڪار توڙي گهر جا ڌنڌا ڌاڙي ڇڏي، ان ميڙ جو حصو ٿيڻ آيون هيون، جيڪو پنهنجي دادلي درياهه جي محافظيءَ لاءِ حيدر بخش جتوئيءَ جي نانءَ سان منسوب شهر حيدرآباد جي حيدر چوڪ تي، پنهنجيءَ قديم تهذيب کي تاراج ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ گڏ ٿيو هو. لکين ماڻهن جي ان پرجوش هجوم ۾ شامل هزارين عورتن جي ميڙ ۾ ڪي اهڙيون عورتون به شامل هيون، جن جا پير ان وقت به اگهاڙا هئا، جڏهن هو پنهنجي ڳوٺان حيدرآباد جي ان سفر لاءِ سنبريون هيون، جيڪو هٽڙي ڌرڻي کان شروع ٿي حيدر چوڪ تائين ختم ٿيڻو هو....ها پر ان سڄي هجوم ۾ ڪي اهڙيون پيرين اگهاڙيون نينگريون به شامل هيون، جن پنهنجون جُتيون، ان ئي پنڌ ۾ وڃايون هيون، جيڪو پنڌ سندن خيال ۾ قومي حاصلات جي واٽ جي اڃا ابتدا ئي مَس هو. پنڌ ۾ هزارين ٻارن، ٻڍن جي هجوم ۾ ڪي اهڙيون سنڌياڻيون به شامل هيون، جن مان ڪن کي انگ اگهاڙا ٻار ڪڇن تي روئيندڙ، تنگ ڪندڙ، پر سندن وک ۽ سندن پنڌ جي وٿ ڄڻ ته صاف صاف ٿي ٻڌايو ته،”آجپي جي سفر ۾ اهي پير، ان کان به مشڪل مارچ جي مسافريءَ تي وڃي سگهن ٿا.“ رڳو نعرا هڻندڙ هجوم، رڳو کين خطاب ڪندڙ سياسي رهنمائن جو ئي نه، پر هي سنڌي ماڻهن جي اجتماعي شرڪت سان تاريخ جو اهو عجب پنڌ بڻجي نمودار ٿيو هو، جنهن کي تماشائين جيان رستن ڪناري بيٺل ماڻهن ئي حيرت منجهان نٿي ڏٺو، پر هي پنڌ سنڌ جي ويجهي ماضيءَ جي تاريخ جو اهو انوکو پنڌ هو، جيڪو موت جهڙي ماٺار واري سياسي ماحول ۾ هڪ اڀ ڏاريندڙ نعري جي صورت ۾ ظاهر ٿيو هو. ”ڪالاباغ ڊيم نه کپي....ڊيم سمورا نامنظور..“ جي گونج رکندڙ سياسي جلسو بيشڪ ته سنڌ جي اجتماعي سياسي شعور جو عڪاس ٿي اُڀريو هو. اهو سياسي شعور جيڪو پويان پندرهن ويهه سال ڄڻ ته تاريخ جي ڊگهي موڪل تي ويل هو.

    هٽڙيءَ کان حيدر چوڪ تائين”تاريخ جي ان انتهائي مختصر پنڌ“ ۾، ايترو مختصر جو عام معنائن سان ڏسون، ته پل کن جي چپٽيءَ ۾ قصو پورو ٿيندڙ لڳي، پر هن عجب دور ۾ ان مختصر، هڪ چپٽيءَ ۾، پل کن ۾ ختم ٿيندڙ قصي ۾، ان سڀني ساهن جي خاموش هڪ پڙاڏي جيان ابدي هئي، جيڪو هن ديوار سان لڳايل عوام، زوريءَ اغوا ڪيل گونگي ٻار جيان خاموش ۽ برداشت ڪرڻ واري جبر هيٺ ٿي گذاريا.....سو ان هٽڙيءَ کان حيدر چوڪ واري پنڌ کي، ڪيئي معنائون، ڪيئي عنوان .....۽ اُن مشاهداتي اک سان ماپڻ جا پڻ سوين پئمانا....

    اُهي جيڪي هن سڄي پنڌ جي رهبري ڪندڙ رهنما هئا، اُهي، پنهنجي سياسي اڳواڻن جا اسٽيڪر سينن تي چنبڙائي، عام لوڪ سان گڏجي، ڳنڍجي حيدرآباد جون گهٽيون سوڙهيون ڪري رهيا هئا. اهي سياسي ڪارڪن ۽ لاطيني آمريڪا جي ويڙهاڪ هيروز جي پلي ڪارڊن سان هن ميڙاڪي کي عالمي پس منظر سان ڳنڍڻ واري اُتساهه ۾ ورتل نوجوانن جي گروهن، هن سڄي سياسي قصي کي مانيٽر ڪندڙ جوانن کان وٺي ميڊيا تي مشاهداتي اک سان پيش ڪندڙن سميت، هر ڪنهن مختلف نظرئي ۽ مختلف طريقه ڪار رکندڙ وٽ هن ”سياسي ميڙ“ جي بنهه مختلف معنيٰ ڀل ته هجي، پر هڪ بنيادي نُڪتو جنهن کي اهي سڀئي ڌريون تسليم ڪن، سو يقينن.....يقينن اهو هو، ته سنڌي عوام پنهنجي سياسي راءِ جي اظهار توڙي احتجاج ۾ اڄ به اها ئي جداگانه، انوکي ۽ قابل تحسين سرگرمي ڏيکارڻ جو، نه رڳو اهل آهي، پر اڃا به هڪ قدم اڳتي هلي مسلسل تحريڪ جي شڪل ڏيڻ لاءِ تيار آهي.

    پاڻ اهڙي ڪنهن به قسم جي تبصري کان پاسو ڪريون ٿا، جنهن ۾ ڪالاباغ ڊيم جي ملتوي ٿيڻ کي ڪنهن پارلياماني گروهه جي سياسي حڪمت عمليءَ جو نتيجو سمجهيو پيو وڃي... پاڻ قومي ميڊيا جي ان تبصري تي به ڪنهن تبصري بازيءَ کان پاسو ڪريون ٿا، جيڪا ڪالاباغ ڊيم کي سياسي ايشو کان جداگانه حيثيت ڏئي رهي آهي. کن پل لاءِ اسان حڪومتي سياست جي ان رمز جا پير لهڻ به وساريون ٿا، ته اوچتو ئي اوچتو ڊيم سياست ملڪي سياست جي سڀ کان اولين ايجنڊا جي جاءِ ڇو والاري...؟ هن وقت ته اهو سوال به شايد فضول ئي لڳي، ته”ڪالاباغ ڊيم واقعي اسٽيبلشمينٽ لاءِ هڪ مسئلو آهي يا مقامي سياسي پارٽين کي ان معاملي تي متحرڪ ڪري، ڪن اندروني بحرانن کي منهن ڏيڻ لاءِ وقت وٺڻ جو هڪ بهانو آهي...“ بيشڪ ته پاڻي سياست جي مشاهدي لاءِ اهي سڀ سوال پنهنجيءَ جاءِ تي ڏاڍا اهم آهن، پر هن وقت شايد غير ضروري هجن. ڪالاباغ ڊيم ور ور ڏيئي، هر نئين حڪومت ۾ نئين انداز سان سنڌ لاءِ تازو ۽ سائو ٿي پوندڙ اهڙو زخم آهي، جيڪو سنڌ جي سياست توڙي قيادت لاءِ ڄڻ هڪ مستقل مسئلي جي صورت اختيار ڪري ويو آهي، جنهن کي جڏهن به، جيئن به چاهي ته ڪا حڪومت، ايشو بنائي، سنڌ جي سموري سياسي سگهه کي هڪ نُڪتي تي بيهاري ڇڏي ۽ وري جڏهن به جيئن به چاهي، هڪ اعلان سان سڄو معاملو ملتوي ڪري، سياسي جوش ٺاريو ڇڏي. جيتوڻيڪ هي سنڌ جي زندگيءَ ۽ موت جو مسئلو بڻيل آهي، پر”ڪالاباغ ڊيم“ اشو هر حڪومت لاءِ اندروني/بيروني بحراني دور مان گذرڻ جو”حيات بخش“ ٽانڪ ٿيو پوي.

    هن ڀيري ڪجهه عجيب ٿيو آهي. مطلوبه نتيجه، طئي ٿيل نتيجن سان ميچ ائين نه ٿيڻ کپن، جو سنڌي ماڻهن ۽ سنڌي عوام جي جدوجهد جو آغاز ڀل ته سندن مرضيءَ سان نه ٿيو آهي، پر سنڌ ۾ نئين سنڌ جي جدوجهد جو هڪ باب کلي پيو آهي. اها سياست جيڪا گذريل ڪجهه سالن ۾ ”ووٽ ڏيڻ ۽ وٺڻ“ واري چونڊ مهم کان ٿيندي پارليامينٽ جا در ٽپندي ئي پنهنجون وابستگيون مٽائي، وڏيرن، سردارن ۽ ڌونس داٻي واري سياست جي رکوالن ۽ ”ميوزيڪل چيئر“ جي ڊوڙ ۾ شريڪ ميمبرن تائين محدود ٿي وئي هئي يا وري مخالف ڌر پاران وڌ ۾ وڌ اها احتجاج جي شڪل ۾ اسيمبليءَ جي ئي ڏاڪڻين تي دم ٽوڙيندي نظر ٿي آئي...اها ماڻهن تائين لهي آئي. مخالف ڌر جي احتجاج وارا گهڻا تڻا فوٽو سيشن به انهن اسيمبلين جي ڏاڪڻين تي ئي جنم وٺندي ۽ پنهنجو موت مرندي نظر آيا. سياست، ان اسيمبلي فلور تي هل هنگامي جي صورت ۾ پڻ نظر آئي، جنهن جي آخري صورت اسيمبليءَ جو اجلاس ملتوي ٿيڻ ئي نظر ايندي هئي.

    ”سياست“ پارلياماني پارٽين جي وڏيرن، پيرن، ميرن وٽ يرغمال ڏسي، اهو سياسي ڪارڪن به وڃي اين جي او جي پناهه وٺي ويٺو. عوام جا مسئلا، هارين جا مسئلا، جمهوريت کي درپيش مسئلا به فنڊيڊ سيمينارن تائين وڃي محدود ٿيا. شاگرد يونينون جيڪي قومي تحريڪن جي سرواڻيءَ جون داعي هيون، سي اخباري بيانن جي گشت کان به آزاد ٿي، تعليمي ادارن جي ڪاريڊورس ۾ نعري بازيءَ تائين محدود ٿيون. سياسي تحريڪن جي زوال کي به ڏٺي، ڪي ٻه ڏهاڪا گذري ئي ويا...اُهو شاگرد نسل ختم ٿئي به ڪي سال گذريا، جن جي هاسٽلن جي ڪمرن تي سڄيءَ دنيا جي انقلابي هيرن ۽ قومي آزادين جي ويڙهُو جوانن جا پوسٽر لڳل هوندا هئا. چي گويرا جي تصوير جي جاءِ تي سلمان خان جا پوسٽر چڙهئي به ڪي ڏينهن ٿيا.

    سنڌ ۾ هيڏي ماٺ....هيڏي چپ چُپات، جو پوين ڏينهن ۾ ته بلوچ رهنمائن به سياسي طعنا ٿي اماڻيا. نه ته ڀٽي دور ۾ بلوچستان آپريشن دوران بلوچ، سنڌين پاران هيئن اڪيلا نه ڇڏيا ويا هئا، سنڌ جي رڳي ٽالپر برادران جا ئي ڇوڪرا نه، پر ڪيترائي قوم پرست ويڙهاڪ به بلوچن جي ويڙهه ۾ ساڻن گڏ جبلن تي گڏ هئا.

    ”هر آواز کي پڙاڏو آهي ۽ ائين سانت کي ....“ ڪميونسٽ تحريڪ سان واڳيل فرانس جي جڳ مشهور فلسفي جين پال سارتر چيو هو- ۽ ائين سنڌ ۾ ٻن ڏهاڪن ۾ پلجندڙ سانت به نيٺ ان پڙاڏي جي صورت ۾ ڦاٽي پئي، جو ڳالهه اسيمبليءَ ۾ ڳري ٿي بيٺي. هر ڪنهن ٿي ڄاتو ته سنڌي ماڻهو هن وقت ”هڪ هڪاڻي“ ڪرڻ جي موڊ ۾ آهي ۽ واپسيءَ تي هو پنهنجي غدارن سان ڪا گهڻي چڱائي نه ڪندا....۽ شايد اها به سنڌي ماڻهوءَ جي احتجاج جي سوڀ هئي، ته سنڌ جي وڏي وزير سميت ڪو اهڙو سياستدان نه هيو، جنهن جي تڪ ۾ احتجاج نه ٿيو هجي، پر هاڻي جڏهن ڪراچيءَ کان ڪشمور ۽ ڪيٽي بندر کان ڪنڌڪوٽ تائين ڪالاباغ ڊيم لاءِ شروع عوامي سياسي مهم جو آغاز ٿي چڪو آهي، تڏهن ان عوامي سياسي مهم کي بي سبب ختم ڪرڻ جو ڪو جواز ناهي رهيو. هن دفعي سياست جي حوالي سان جيڪا ماس موبلائيزيشن(عوامي مهم) شروع ٿي، تنهن ڄڻ ته حيدر چوڪ تي جلسي تائين واري سموري پنڌ کي تحريڪ جي انتها يا خاتمو يا سوڀ سمجهڻ جي غلطي يقينن نه ڪندي.

    سنڌ جو نئون سياسي اُڀار، جيڪو حيدر چوڪ تي ڌرڻي جي انت پڄاڻيءَ کان پوءِ شروع ٿيڻ کپي، ان سياسي اُڀار لاءِ سنڌ جي سياسي قيادت کي پاڻيءَ جي سياست کان هڪ وک اڃا به اڳتي وڌي، سموري تحريڪ کي جيڪا پنهنجي وارثيءَ واري سوال تي سنڌ جي سياسي منظر تي اڀرندي نظر اچي ٿي، ان کي اها سڄي جنگ سنڌ جي انهن سمورن قدرتي وسيلن جي وارثي تائين جاري رکڻ کپي، جيڪا بدين جي تيل جي کوهن کان، ٿر ۽ لاکڙا جي ڪوئلي جي ذخيرن کان ٿيندي، گهوٽڪي ۽ دادو جي گئس جي ذخيرن تي گهڻ قومي ڪمپنين جي قبضه گيريءَ سان صوبي ۽ وفاق جي مالڪيءَ واري سوال تي اڃا تائين اڻ نبريل آهي. پاڻيءَ جي سياست تي جڙيل اهو سياسي ٽيمپو، اهو احتجاجي اظهار ۽ عوامي مزاحمت واري اها سياست سنڌ جي سمورن قدرتي وسيلن جي ورهاست سان ائين به ڳنڍي سگهجي ٿي، جيئن اسان وندنا شيووا جا چيل اکر مٿي ڏيئي آيا آهيون.

    پنهنجي ناڻي، پنهنجي قدرتي وسيلن ۽ پنهنجي پيداوار کي خرچ ڪرڻ جو اختيار ئي عوام حوالي ڪرڻ جيڪڏهن جمهوريت هجي، ته ان ويڙهه کي رڳو جمهوريت جي تحريڪ سان نٿو ڳنڍي سگهجي، پر ان کي اسان پنهنجي پاڻيءَ واري تحريڪ کان هڪ وک اڳيان ڪندي، قدرتي وسيلن تي مقامي ماڻهن جي حق واري سوال سان ڳنڍي، عالمي حوالي سان لاطيني آمريڪا جي عوامي فتحيابيءَ جي انهن شاندار ڪاميابين جي تجربي جا شريڪ به بڻجي سگهون ٿا، جيڪي انهن قدرتي وسيلن تي مقامي ماڻهن جي حق جي سوال تي منظم ڪيل عوامي سياست وسيلي حاصل ڪيون آهن. يقينن، هٽڙيءَ جي ڌرڻي کان حيدر چوڪ تائين جي سفر جي شروعات کي جيڪڏهن لاطيني آمريڪا جي بوليويا جي عوام جي ڪوچوڪمبا واري پاڻيءَ جي نجڪاريءَ واري مامري تي شروع ٿيندڙ تحريڪ جهڙي هڪجهڙائي نصيب ٿئي، ته پوءِ آجپي جو پنڌ گهڻو پري نه هوندو.

    amarsindhu@yahoo.com
     
  2. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: امر سنڌو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    هڪ نئون خواب ڦُٽي ٿو!



    خميس 26 جنوري 2006ع

    ”مان عورت هئس، طلاقيل هئس، سوشلسٽ هئس ۽ ناستڪ هئس....منهنجي مخالفت لاءِ اهي سڀ گناهه ڄڻ ته گڏجي هڪ ٿي پيا هئا.“ پابلو نيرودا ۽ آلنديءَ جي ديس چليءَ ۾ صدارتي چونڊن لاءِ بيهندڙ 4 5 ساله بيڪليٽ جي نظر ۾، چليءَ جي رجعت پرست فوجي اسٽيبلشمينٽ پاران سندس مخالفت محض ان ڪري نه هئي، ته سندس پيءُ، سلواڊار آلنديءَ جو وفادار ساٿي ۽ ايئر فورس جو بهادر جرنيل هو، جنهن لاطيني آمريڪا جي ماڊل ڊڪٽيٽر پنوشيءَ پاران آلنديءَ جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ وقت فوج جو ساٿاري ٿيڻ کان انڪار ڪيو هو ۽ فوجي راڄ جي مخالفت ڪئي هئي.

    چليءَ جي روايتي معاشري جي جوڙجڪ کي ذهن ۾ رکندي، بيڪليٽ موجب ته سندس رجعت پرست اقتداري ڌرين پاران مخالفت محض سندس فيملي بيڪ گرائونڊ جي ڪري ناهي، جيئن عام طور ٻاهرين دنيا سمجهي ٿي، پر سندس مخالفت جو سبب سندس عورت هئڻ، طلاق يافته هئڻ، سوشلسٽ ۽ ناستڪ هئڻ به آهي. ياد رهي ته چلي، لاطيني آمريڪا جو اهو ملڪ آهي، جيڪو مذهبي توڙي سماجي حوالي سان ڪيٿولڪ چرچ جي شديد اثر هيٺ انتها درجي جو رجعت پسندانه سماج آهي. ڪيٿولڪ اثرن هيٺ چليءَ جي روايتي معاشري ۾ جتي عورتن جو انتهائي گهٽ حصو چليءَ جي ورڪ فورس جو حصو هجي، جتي 2004ع تائين طلاق جو ڪو قانون موجود نه هجي ۽ جتي اڄوڪي دور ۾ به سڀ کان وڌيڪ ڏسجندڙ ٽي وي نيٽ ورڪ ڪيٿولڪ چرچ يونيورسٽيءَ پاران هلايو ويندو هجي، اتي واقعي به هڪ طلاقيل، سوشلسٽ ۽ ناستڪ هئڻ ڪنهن عورت لاءِ گناهه کان گهٽ ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟ پر ان جي باوجود جيڪڏهن اها عورت پوءِ به قومي سياست جو حصو بڻجندي، صدارتي چونڊن ۾ اميدوار طور بيهڻ جو سَت به ساري، ته يقينن سندس همت کي داد ڏيڻ گهرجي. يقينن چليءَ جي سياست ۾ سندس ائين اڀري اچڻ فوجي، رجعت پرست، اسٽيبلشمينٽ کي بنهه منظور نه هو. پر ان اسٽيبلشمينٽ کي اها ڪوڙي گوري ڳِهڻي پئجي ويئي، جڏهن نئين سال جي پهرئين ئي مهيني جي 15 هين تاريخ تي کيس چليءَ جي عوام 53.5 سيڪڙو ووٽ ڏيئي، صدارتي اميدوار طور سوڀارو ڪري ڇڏيو. ياد رهي ته چليءَ جو روايتي معاشرو جنس جي آڌار تي ورهايل هئڻ ڪري، وٽن به اسان جيان عورتن ۽ مردن جون عليحده عليحده پولنگ اسٽيشنون هيون، پر سڄي لاطيني آمريڪا ۾ سڀ کان رجعت پرست معاشري جو ڏيک ڏيندڙ چلي 2006ع جي نئين سال جي موقعي تي هڪ سوشلسٽ عورت کي پنهنجو صدر چونڊي چڪو هو.

    ”لاطيني آمريڪا، هن وقت، محرومين، زيادتين خلاف بغاوتي اُڀار واري تجربي مان گذري رهيو آهي.“ لاطيني آمريڪا، جتي کاٻيءَ ڌر جو اُڀار، پاپولر موومينٽ جيان اُڀري رهيو آهي. لاطيني آمريڪا، سامراج جي سياسي تجربيگاهه رهندڙ، ماڊل ڊڪٽيٽرن کان ويندي لبرل پاليسين جي اجراءَ تائين سدائين سامراجيت لاءِ ٽيسٽ گاهه رهندڙ ملڪ، ايڪيهين صديءَ ۾ وري عوامي تحريڪن جي ڏس ۾ پاسو بدلائڻ شروع ڪيو آهي. برازيل ۾ لولاڊي سلوا، وينزويلا ۾ هيوگا شاويز ۽ بوليويا ۾ گذريل ڊسمبر ۾ پاپولر ووٽ سان چونڊيل کاٻيءَ ڌر جو ايوا موراليس جي موجودگي، سچ پچ ته لاطيني آمريڪا جي ان باغيانه سياست جو ڏيک ڏيندڙ آهي، جنهن جون پاڙون عوام جي محرومين ۾ کتل آهن.

    ”جيئن اوڻويهين صدي بيٺڪيتي راڄ جي هئي ۽ ويهين صدي يورپ جي صدي هئي، تيئن ايڪيهين صدي فقط لاطيني آمريڪا جي هوندي.“ اهو جملو سوشلسٽ سماج جي قيام جي واعدي ۾ چونڊجي آيل بوليويا جي نئين صدر ايوا موراليس جو آهي، جيڪو هن پنهنجي چونڊ کٽڻ وقت چيو هو. پر، چليءَ جي بيڪليٽ جي سياسي سفر جي ڪهاڻي، وينزويلا جي هيوگو شاويز توڙي بوليويا جي ٽريڊ يونينسٽ صدر کان گهڻي مختلف آهي.

    صيغيل بيڪليٽ جو جرنيل پيءُ، آلنديءَ جي ڏهاڙن ۾ کاڌ خوراڪ جي ورهاست واري آفيس جو انچارج هو. آلنديءَ جي چونڊيل حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ وقت پنوشي، آلنديءَ جي جن ويجهن ساٿين کي گرفتار ڪري فوجي تشدد جو نشانو بڻايو، بيڪليٽ جو پيءُ، انهن منجهان هڪ هو. البرتو بيڪليٽ کي پنوشي 1973ع جي فوجي بغاوت دوران ئي نظربند ڪري سينتياگو ۾ آندو، جتي عام پبلڪ جيل ۾ کيس سخت تشدد جو نشانو بڻايو ويو. ڪي 6 مهينا يڪا سارا مسلسل ٽارچر ۽ جيل ۾ سختيون سهڻ ڪري، البرتو جو لاش به جيل مان ئي کنيو ويو. پنوشي، چليءَ جو ظالم ترين آمر، جنهن جو اهو جملو مشهور ٿيو ته”چليءَ ۾ ته پَن به منهنجي مرضيءَ کان سواءِ چُري نٿو سگهي“، اهو پنوشي جنهن ٽي هزار ماڻهن کي سياسي مخالفت ڪري موت جي منهن تائين پهچايو، سو سياسي موت مرڻ کان پوءِ انهن عدالتي ڪارروائين کي منهن ڏيئي رهيو آهي، جيڪي کانئس ماضيءَ ۾ ڪيل ڪرتوتن جو حساب ڪتاب ٺاهي رهيون آهن. نوي سالن جو اهو ڊڪٽيٽر عدالتي فيصلي تائين جيئرو رهندو به...يا ... نه، پر انهن ڏهاڙن ۾ جڏهن چليءَ ۾ پَن به سندس مرضيءَ سان ٿي چُريا، ان خوني فوجي انقلاب ۾ پيءُ جي پرتشدد موت کان ڪي ڏهه مهينا پوءِ بيڪليٽ کي به سندس انٿروپالاجسٽ ماءُ سميت ان بدنام زمانه ٽارچر سيل ۾ آندو ويو، جتي عورتن کي جسماني تشدد جو نشانو بڻائڻ سان گڏو گڏ کين جنسي تشدد جو به نشانو بڻايو ٿي ويو. پنوشيءَ جي فوجي بغاوت ۽ پنهنجي نظربنديءَ واري دور ۾ بيڪليٽ ميڊيڪل جي شاگردياڻي هئي. اهي سندس والد وارا فوجي لڳ لاڳاپا ئي هئا، جيڪي بيڪليٽ لاءِ ان وقت مددگار بڻيا، جڏهن هوءَ پنهنجيءَ ماءُ سميت ٻين عورتن سان گڏ ان بدنامِ زمانه ٽارچر سيل جي قيدياڻي هئي. هن ٽارچر سيل ۾ فقط قيد ئي نه ڀوڳيو، پر جسماني تشدد به برداشت ڪيو. هوءَ پنهنجي جرنيل پيءُجي فوجي واسطن جي ڪري جلد ئي بنديخاني مان ڪڍي، آسٽريليا جلاوطن ڪئي ويئي. اسپيني، انگريزي، پورچوگيزي، فرينچ ۽ جرمن ٻولين ۾ لکڻ پڙهڻ ۽ ڳالهائڻ جي مهارت رکندڙ بيڪليٽ کي روسي زبان جي پڻ ٿوري گهڻي ڄاڻ آهي.

    آسٽريليا ۾ جلاوطنيءَ جا ڪي مهينا گذاري، بيڪليٽ اوڀر جرمني(سوشلسٽ جرمني) منتقل ٿي ويئي، جتي هن ميڊيڪل جي تعليم مڪمل ڪئي. چلي يونيورسٽيءَ ۾ سوشلسٽ يوٿ جي ميمبر هئڻ ڪري، هوءَ شاگرد سياست ۾ تن ڏهاڙن ۾ ئي گهڻي سرگرم هئي، پر ايسٽ جرمنيءَ ۾ چليءَ جي جلاوطن سياسي رهنمائن ۽ شاگردن سان ڏيٺ ويٺ جي ڪري، هوءَ چليءَ جي سياست کان ڪنهن به لمحي تي غافل نه رهي. 1979ع ۾ چليءَ ۾ سندس واپسيءَ کان پوءِ به هن جو سياسي ڪيريئر يڪدم شروع ڪو نه ٿيو. پر اسيءَ جي ڏهاڪي جي آخري اڌ ۾، جڏهن سهائتا لاءِ ڪم ڪرڻ شروع ڪيائين، ته کيس محسوس ٿيو ته کيس اهو ئي رستو وٺڻ کپي.

    اهو 85ع کان 87ع جو دور هو، جڏهن سندس واسطا پنوشي مخالف هڪ ويڙهاڪ گروپ جي سرگرم ميمبر سان وڌيا. اهو ويڙهاڪ چليءَ جي هزارين ماڻهن جي قاتل پنوشيءَ کي قتل ڪرڻ لاءِ سرگرم هو. جيتوڻيڪ صدارتي چونڊن دوران جڏهن سندس ان واسطي کي افيئر جي صورت ۾ مشهور ڪيو ويو، ته بيڪليٽ کي انڪار ڪرڻو پيو ته هن پنهنجي واسطيدار واري تعلق ۾ ڪڏهن به اهڙين سرگرمين جي سپورٽ ڪا نه ڪئي هئي.

    ماهر ۽ ڪامياب ڊاڪٽر جي حيثيت ۾ جيتوڻيڪ مختلف ادارن ۾ ڪم ڪرڻ ڪري سندس ڪيريئر شاندار ئي رهيو، پر اسي جي ڏهاڪي ۾ هوءَ چليءَ ۾ جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ هلندڙ تحريڪ ۾ ڀرپور حصو وٺندي رهي. هوءَ دراصل چليءَ جي سوشلسٽ پارٽي جي ئي ميمبر هئي. 1990ع ۾ جڏهن پنوشيءَ جي سترنهن ساله آمريت جو خاتمو آيو ۽ جمهوري دور جي شروعات ٿي، تڏهن چليءَ ۾ کاٻيءَ ڌر جي سياست به ڪنهن حد تائين پاڻ ڀري ٿي چڪي هئي. 1995ع تائين بيڪليٽ سوشلسٽ پارٽي جي سينٽرل ڪاميٽي جي ميمبر به بڻجي چڪي هئي.

    اهو صدر ريڪارڊو لاگوس جو دور هو، جڏهن بيڪليٽ کي پهرين ٻن سالن لاءِ صحت جو وزير ۽ بعد ۾ 2002ع ۾ دفاع جي وزير طور مقرر ڪيو ويو. چلي، لاطيني آمريڪا جو اهو پهريون ملڪ هو، جنهن ۾ پهريون ڀيرو هڪ عورت کي دفاعي وزارت ملي هجي.

    اڪثر فوجي راڄ جي پاڇي ۾ پلجندڙ لاطيني آمريڪا ۾ پڻ فوجي ۽ شهري سياست جي تعلق ۽ هڪٻئي سان سلهاڙيل مفادن جو مطالعو، بيڪليٽ ان ڪري به ضروري ٿي سمجهيو، ڇاڪاڻ ته گهڻي عرصي تائين فوجي حڪومتن جي آمرانه راڄ هيٺ سويلين حڪومتون پڻ ان فوجي اسٽيبلشمينٽ هٿان ڪنٽرول ڪيون ٿيون وڃن. ائين 1996ع ۾ فوجي اسٽريٽجي پڙهڻ لاءِ هن نيشنل اڪيڊمي ۾ باقاعده داخلا ورتي ۽ اُتان صدارتي اسڪالر شپ وسيلي واشنگٽن ڊي سي جي انٽر آمريڪن ڊفينس پڙهائيءَ لاءِ ويئي. اهو سندس اڪيڊمڪ ريڪارڊ هو، جو کيس نه رڳو چليءَ جي فوجي اسٽيبلشمينٽ ۾ بطور ڊفينس منسٽر گهڙڻ جو موقعو مليو، پر ان رستي کيس صدارتي اميدوار طور چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي آڇ به ٿي. 2004ع ۾ جڏهن کيس سوشلسٽ اميدوار طور چونڊن ۾ بيهڻ جي آڇ ٿي، ته پهرين ته هن آڇ کي قبولڻ کان انڪار ڪيو، پر بعد ۾ هن اهو چئي پنهنجو فيصلو واپس ورتو ته هوءَ چليءَ جي عوام جي راءِ پويان ئي هلندي.

    هوءَ سي پي ڊي(Coalition Of Parties For Democracy) جي صدارتي اميدوار طور بيٺي. ياد رهي ته جمهوريت لاءِ پارٽين جو اهو گڏيل اتحاد 1990ع کان يڪو حڪومت ۾ آهي ۽ بيڪليٽ جي سوشلسٽ پارٽي پڻ ان اتحاد جو حصو ئي آهي. ٻئي پاسي سندس مقابلي ۾ ساڄيءَ ڌر جو ڪروڙ پتي بزنس مين پيزا هو.

    ”ڇاڪاڻ ته مان نفرت جو شڪار هئس، تنهنڪري مون پنهنجي لاءِ طئي ڪيو ته ان نفرت کي، فهم ۽ سهپ ۾ تبديل ڪندس- ۽ مون کي ائين ڇو نه چوڻ کپي، ته مان ان کي محبت ۾ بدلائيندس“.

    ۽ جڏهن بيڪليٽ چونڊن کٽڻ تي مٿيان لفظ چيا، تڏهن الائي به ڇو، سڀني ٻڌندڙن جو ڌيان ان ماڊل ڊڪٽيٽر پنوشيءَ جي عدالتن ۾ هلندڙ ڪيسن ڏانهن ٿي ويو. هر ڪنهن وٽ اهو ئي سوال هو ته”ڇا هوءَ انتقامي سياست ڪندي؟“ پر گڏو گڏ اها عوامي راءِ پڻ موجود هئي، ته جيتوڻيڪ جسماني طور تي کڻي پنوشي ان پوزيشن ۾ ناهي ته هو چليءَ جي ان فيصلي تي اثر انداز ٿي سگهي، پر چليءَ جو عوام ان کي ٻيءَ نظر سان به ڏسي ٿو. سندن نظر ۾ جي پنوشي ناهي ته ڇا ٿي پيو، ملڪ ۾ سندس ڇاڙتن جو راڄ اڄ به جيئن جو تيئن قائم آهي. سو ويڙهه هڪ فرد پنوشيءَ سان نه، پر انهن روين ۽ حڪومتي طريقئه ڪار سان آهي، جيڪو پنوشيءَ اختيار ڪيو هو. سندس پاران طاقت جو انڌو استعمال دراصل آلنديءَ جي ان سياست جي راهه روڪڻ لاءِ هو، جيڪا چليءَ کي مارڪسزم ڏانهن وٺي وڃي رهي هئي. جيڪڏهن پنوشي اهو عوامي قتل عام نه ڪرائي ها، ته ان کان وڌيڪ ماڻهو ان سوِل وار جو کاڄ ٿين ها، جيڪا آلنديءَ جي سوشلسٽ نظام جي مخالفت ۾ ٿئي ها.

    جيتوڻيڪ بيڪليٽ پڻ ان ئي پنوشيءَ جو سياسي شڪار رهي چڪي آهي. اليڪٽرڪ شاڪ کان وٺي ٻيو جسماني تشدد سهڻ باوجود به بيڪليٽ پنوشيءَ جي باري ۾ ڪي به ريمارڪ ڏيڻ کان پاسو ڪندي، چوي ٿي ته”اسان جو مقابلو غربت، سماجي ناانصافي ۽ رجعت پرستيءَ سان آهي.“ ياد رهي ته چلي دنيا جي انهن ڏهن ملڪن مان آهي، جتي معاشي اڻ برابري وڌيڪ آهي. چليءَ جي مٿين ويهه سيڪڙو آبادي، چليءَ جي 56 سيڪڙو دولت تي قابض آهي.

    يقينن بيڪليٽ نه وينزويلا جي هوگيو شاويز جهڙو پاپولر بيڪ گرائونڊ رکندڙ آهي ۽ نه ئي بوليويا جي ٽريڊ يونينسٽ ايلوا موراليس جهڙو مزاحمتي ماضي رکندڙ ۽ غربت ۾ گهاريندڙ..... بيڪليٽ خوشحال گهراڻي جو ماضي رکڻ ۽ چليءَ جي خوشحال طبقي سان وابسته هئڻ باوجود، کاٻيءَ ڌر جي نمائندگي ڪري ٿي. جيتوڻيڪ منجهس لاطيني آمريڪا جي باغيانه سياست جي خصوصيت نه آهي، پوءِ به رجعت پرست چليءَ جي سياست ۾ سندس ائين اُڀري اچڻ انهن ثقافتي تبديلين جو اهڃاڻ ضرور آهي، جيڪي اوَس دنيا جو مقدر بڻجڻيون آهن.

    بيڪليٽ جي ڪاميابي، جيتوڻيڪ سندس ان اعلان تي ته هاڻ سندس ڪابينه ۾ پڻ اڌو اڌ عورت وزير کنيون وينديون، کيس عورتن ۾ ته مقبول بڻائي رهي آهي، پر سندس فتح ان حوالي سان کاٻيءَ ڌر جي ان فتحيابيءَ جو حصو نٿي چئي سگهجي، جيڪا وينزويلا، ڪيوبا، بوليويا ۽ برازيل ۾ آئي آهي. ڇو ته چليءَ جي کاٻي ڌر، پنهنجي اڪنامڪ پاليسين ۾ لاطيني آمريڪا جي کاٻيءَ ڌر جي پاليسين بجاءِ يورپ جي سوشل ڊيموڪريٽس سان وڌيڪ ويجهڙائپ رکندڙ آهي.

    اسان جون سياسي تحريڪون، دنيا ۾ ايندڙ انهن تبديلين جو واس ڪڏهن وٺنديون؟ پاڻ نٿا ڄاڻون.....بس دنيا ۾ جتي به جنهن لاءِ به آجپي جو نئون سورج اُڀريو، ڄڻ پنهنجيءَ دل مان به هڪ نئون خواب ڦٽي ٿو.

    amarsindhu@yahoo.com
     
  3. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: امر سنڌو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    فلسطين ۾ ”حماس“ ڇو ڪاميابي حاصل ڪئي؟



    ڇنڇر 28 جنوري 2006ع

    ”اسان اُٿياسين ته آسمان جو رنگ تبديل ٿي چُڪو هو ۽ اسان نئين دور ۾ داخل ٿي چُڪا هئاسين.“ ڪالهه جڏهن آزاد فلسطيني رياست ۾ چونڊن جي نتيجن ۾ حماس جي لينڊ سلائيڊ اڪثريت سان کٽي اچڻ جي خبر عام ٿي ته عام فلسطيني جي چپن تي اها ڳالهه عام هئي. فلسطين جي آسمان جو رنگ سچ پچ انهن لاءِ به تبديل ٿي چُڪو آهي، جيڪي فلسطيني ڌرتي جي نقشي تي رُٺل ٻارن جيان ليڪا پائيندي سرحدون ڪڍندا، سندن ڌرتي ورهائيندا آيا آهن. اُهي، جيڪي فلسطين جي آسمان کي سدائين پنهنجي مرضيءَ جي رنگن سان رڱيندا رهيا آهن، حماس جي فتح سندن منهن جو پنو به مايوسي سان رڱي ڇڏيو آهي.

    مڊل ايسٽ جي عرب دنيا ۾ جمهوريت ڏسڻ جو سڀ کان وڏو خواهشمند، سڄي دنيا لاءِ جرنيل بڻيل بُش ان جمهوريت جي خواهش ۾ لکين عراقين جي قتل کي جائز ۽ آمريڪي حملي کي جمهوريت جي ويڙهه ڪوٺيندڙ بُش ۽ سندس اسٽيٽ سيڪريٽري ڪونڊي جي فتح جي وزير اعظم عباس کي منٿ ميڙ به ڄڻ اجائي ويئي، جنهن ۾ کيس درخواست ڪئي وئي ته چونڊن ۾ الفتح جي شڪست کان پوءِ به هو پنهنجي آفيس نه ڇڏي، پر چونڊن ۾ هارائيندڙ الفتح جي سڄي ڪابينا، وزير اعظم عباس سميت استعيفيٰ ڏيئي فلسطيني عوام جي ووٽن کي مان ڏيندي پنهنجي شڪست قبولي ورتي آهي. ياد رهي ته 40 سالن کان طاقت ۽ اقتدار ۾ رهڻ باوجود فتح گروپ فقط 43 سيٽون ئي کڻي سگهيو آهي. جڏهن ته پارلياماني سياست ۽ اقتدار واري رستي کي ٿڏي بندوق جي گولي ۽ دهشت جي زور تي فلسطيني آزادي لاءِ ويڙهه کائيندڙ حماس، انتها پسند مذهبي گروهه جي سڃاڻپ رکندڙ حماس پهريون ڀيرو پارلياماني چونڊن ۾ حصو ورتو ۽ واضح اڪثريت حاصل ڪندي 76 سيٽون کٽي ورتيون آهن. 77 سيڪڙو ووٽرس جي ٽرن آئوٽ ۾ جيتوڻيڪ اڃا ڳڻپ مڪمل طور تي پوري نه ٿي هئي، ته فتح پنهنجي شڪست قبولي ورتي هئي.

    اسرائيل ئي نه، پر حماس جي اها فتح، آمريڪا لاءِ ناقابل قبول آهي. هاڻ فلسطين کي به دهشتگرد رياست قرار ڏجي، يا ان کي دهشت گردن (حماس) جي هٿن ۾ اچڻ کان بچائجي؟ هڪ پاسي اسرائيل قبضه گيري کي جائز سمجهندڙ عالمي طاقت ان تي ويچاري رهي آهي ته ٻئي پاسي فلسطين ۾ فتح جا حامي، حماس جي ان سڄي ڪاميابي کي فتح جي عباس جي غداري سمجهي رهيا آهن. تڏهن ئي ته هڪ پاسي جڏهن فلسطين جي گهٽين، روڊن، گلين، شهرن، محلن ۾ حماس جي ڪاميابي جو ٻڌي هجوم جا هجوم الله اڪبر جي نعرن، ڪلمي جي ورد ۽ بندوق جي فائرنگ سان جشن ملهائجندي ٿي نظر آيا ته ٻئي پاسي فتح جا حامي وزير اعظم عباس تي ڦٽڪار ڪندي ڏٺا ٿي ويا.

    ”يا ته توهان هٿيار کڻو يا پوءِ قانون ساز اسيمبلي سنڀاليو“ آمريڪين ۽ يورپين جي ان گڏيل مطالبي جو جواب حماس وٽ ته اهو آهي ته، ”اسان جي ويڙهه جو ذريعو اڃان به هٿيار توڙي قانون ساز ڪائونسل ٻئي آهن ۽ اسان وٽ جڏهن مقصد واضح آهي، تڏهن اسان ٻنهي ۾ ڪو به فرق نٿا ڪريون.“

    ”هڪ پير سياست ۾ ٻيو هٿياربند ويڙهه ۾.....توهان هڪ ئي وقت تي اهي ٻئي ڪم نٿا ڪري سگهو...“ جيتوڻيڪ اسٽيٽ آف آمريڪا جي ڪونڊي پاران حماس سان اڃا به اها ڏيٺ ويٺ هلندڙ آهي، پر اهو طئي آهي ته مڊل ايسٽ ته ڇڏيو، پر سڄي دنيا جو ”سياسي نقشو يقينن اهو ساڳيو نه رهندو، جنهن لاءِ دنيا جي ڪُنڊ ڪنڊ جون فوجون ”اتحادي فوجن“ جي نالي ۾ ميڙي، سڄي دنيا جي مال ميڙڻ واري پلاننگ ۽ غير ملڪي قبضه گيري جو خاڪو آمريڪي طاقتن جي ذهن ۾ آهي.

    ”مسلم دنيا ۾ ووٽ جي آزادي بنهه خطرناڪ نتيجا آڻيندي“ مسلمان دانشور طارق علي کان ويندي، سامراج مخالف چومسڪي تائين، اُهي سڀ جيڪي مسلم دنيا ۾ جمهوريتن کي وڌندو ويجهندو ڏسڻ جا خواهان آهن ۽ اُهي سڀ جيڪي جمهوريتن جي کوٽ کي ئي مسلم دنيا ۾ دهشت گردي جي اُڀار جو ڪارڻ سمجهن ٿا، اُهي سڀئي کاڏي کي هٿ ڏيئي، حماس جي فتح جي نتيجي ۾ ٿيندڙ مٿيان تبصرا ٻڌندا هوندا...جمهوريت کان خائف عرب شاهزادن جي بادشاهتن کي ڊيگهه وٺرائڻ لاءِ اڃا کوڙ جواز ڪٺا ڪيا ويندا.

    سامراجي فاشزم ئي دراصل عوامي هٿياربند جدوجهدن جي ماءُ آهي....ان کان اڳ جو تاريخ جو اهو سچ سمجهجي ٿوري نظر ”حماس“ جي سياسي ڪريڪٽر تي به ضرور وجهجهي...

    1967ع ڌاران اسرائيلي قبضه گير رياست جي نتيجي ۾، فلسطيني قوم پرستي جي اُڀار جنهن سياسي تحريڪ جي شڪل ورتي، اهو ڪنهن هڪ پارٽي، هڪ فرد يا هڪ گروهه جو رد عمل نه هو، اهو سياسي اُڀار دراصل فلسطيني قوم پرستي جو اظهار هو. جنهن ڌرتي ڌڻين کان ڌرتي جي مالڪي جا حق کسڻ جي رد عمل طور جنم ورتو هو. اهو اُڀار سياسي طور P.L.O جي سياسي شڪل ۾ ظاهر ٿيو. فلسطيني قوم پرستي جي اثر هيٺ جنم وٺندڙ P.L.O پنهنجي سياسي فطرت ۾ سيڪيولر ۽ ڪنهن حد تائين کاٻي ڌر جي انٽيلڪچوئل گروهه جي راهنمائي، صلاحن ۾ اڳتي وڌندڙ، سامراج مخالف تنظيم جو ڏيک ڏيندڙ هئي. مڪمل طور تي هٿياربند گروهه نه هوندي به P.L.O پاران جهازن جي اغوا کان ويندي ڪجهه اهڙيون سياسي ڪاروايون سندس، ايجنڊا تي ضرور رهيون، جنهن جو مقصد عالمي ضمير جي ڌيان ڇڪائڻ سان گڏو گڏ، پنهنجي حقن جو پرچار به شامل هو. ايڊورڊ سعيد، اقبال احمد، طارق علي ۽ پنهنجي فيض احمد فيض سميت ٽئين دنيا جي ڪيترن ئي کاٻي ڌر جا لاڙا رکندڙ سياسي دانشورن ۽ مفڪرن جون همدرديون ۽ سياسي ساٿ P.L.O ۽ فلسطين جي آزادي واري ويڙهه سان سنئون سڌو به رهيو. فلسطيني عوام جي جدوجهد وٽ تنهن وقت فقط ۽ فقط فلسطيني قوم پرستي ۽ ڌرتي جي آزادي وارو سياسي پروگرام هو، جيڪو نه رڳو عرب دنيا پر سڄي ٽئين دنيا جي سامراج مخالف تحريڪن ۾ مثالي سمجهيو ويندو هو. اهو ايراني اسلامي انقلاب هو، جنهن مسلم دنيا جي سياست کي مذهبي رنگ ۾ رنڱڻ شروع ڪيو.

    ڪالهوڪي چونڊن ۾ واضح اڪثريت سان ”حماس“ جو تعلق به ان حوالي سان مذهبي بنجي ٿو، جو P.L.O جي سياسي ٽوڙ، ان جي لبرل، سڪيولر ۽ قوم پرستانه سياست جي ڀيٽ ۾ نج مذهبي ٽائٽل سان اسلامي ويڙهاڪ گروپ جي طور تي فلسطيني سياست ۾ ظاهر ٿيو. اهو اسلامي جهادي ويڙهاڪ گروهه، ابتدائي طور تي ته غازه ۽ ويسٽ بينڪ تان مقبوضه اسرائيل سيٽلرن جي خلاف قائم ٿيو، جنهن تشدد وسيلي فلسطيني علائقن مان اسرائيلي قبضه گيري ختم ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيو. 1987ع ۾ شيخ احمد ياسين جي سربراهي ۾ رجسٽرڊ ٿيندڙ ”حماس“ بظاهر ته پهرين انتفاده ۽ اوسلو اڪارڊ جي مخالفت ۾ P.L.O جي سخت حريف جماعت طور سامهون آئي ۽ 1948ع واري فلسطين کان سواءِ ڪنهن به فلسطين کان مڪمل انڪار ۽ آزادي جي آخري فتح تائين ويڙهه جاري رکڻ ۽ اسلامي فلسطيني رياست جي قيام تائين جنگ جاري رکڻ واري حماس وٽ ويڙهاڪ گروهه ڪيترا ۽ ڪيئن آهن؟ ان جي مڪمل ڄاڻ کان سواءِ به چئي سگهجي ٿو ته سينن ۽ پٺاڙن تي بم ٻڌي خودڪش حملا ڪندڙن جي حماس وٽ ڪائي کوٽ ناهي. حماس وٽ اسلامي فتويٰ به ورتل آهي ته اها خودڪشي نه، پر شهادت آهي...ان باوجود حماس تي اُهي الزام اڄ به جيئن جو تيئن قائم آهن ته طالبان جيان اهو اسلامي جهادي گروهه به دراصل اسرائيلي فنڊن مان تشڪيل وٺندڙ آهي. اها بنهه ٻي ڳالهه آهي ته عوامي سپورٽ حاصل ڪرڻ کان پوءِ سندس عوامي مقبوليت خود اسرائيل جي ڳچيءَ ۾ پئجي ويئي آهي.

    ”اسرائيل، حماس کي ان ڪري فنڊ ڏيئي سگهارو ڪرڻ ٿي چاهيو ته جيئن P.L.O جي عالمگير شهرت ۽ مقبوليت ۽ سياسي اثر رسوخ کي منهن ڏيئي سگهجي.“ ستر جي ڏهاڪي ۾ جڏهن P.L.O جي جدوجهد ٽئين دنيا جي عوامي جدوجهدن لاءِ هڪ اهڃاڻي علامت ٿي اُڀرڻ لڳي هئي ته اسرائيل ان کي منهن ڏيڻ جي سٽ سٽي.

    حماس کي اسرائيل جي سپورٽ دراصل سڪيولر P.L.O جي ان عوامي مقبوليت کي اثر انگيز ٿيڻ کان بچائڻو آهي، جيڪا خطرو بڻجي رهي آهي.

    اهي به C.I.A جا پيپر آهن، جيڪي لکن ٿا ته، ”حماس، قانوني طور تي 78ع ۾ اسرائيل ۾ ئي، شيخ احمد ياسين پاران رجسٽرڊ ٿي، جنهن مذهبي پرچار ۽ سماجي ڀلائي وارن ڪمن سان هن جي حمايتن ۽ همدردي رکندڙن ۾ اضافو آندو...“

    پي ايل او ۽ حماس جي بنيادي سياسي جوڙجڪ جو فرق اهو ته پي ايل او فلسطيني قوم پرستي تي ٻڌل سيڪيولر ۽ ٻي ڌر جا لاڙا رکندڙ سياسي تنظيم هئي، جڏهن ته حماس، اسلام جي روايتي سوچ مطابق گهڻ قومي مسلم امُه واري رياستي جوڙجڪ جي حق ۾ هئي.

    دنيا ۾ سياسي تحريڪن ۾ لاٿ ۽ P.L.O جي اڪيلائپ کيس اوسلو ٺاهه جي ٽيبل تائين وٺي آئي. فلسطيني رياست جي نالي ماتر آزادي عيوض ”امن ٺاهه“ تي صحيحون ڪري، محض غازا جي پٽي ۽ ويسٽ بينڪ جي خودمختياري تي ٺاهه ڪيو ويو. ايڊورڊ سعيد کان وٺي فلسطيني عوام تائين P.L.O جي ان ٺاهه کي شرمناڪ سمجهوتي سان ڀيٽ ڏني ويئي، پر اها عالمي سياست ۾ تحريڪن جي لاٿ، عوامي جدوجهدن جي ڪمزور ٿيڻ ۽ ٻئي پاسي سرد جنگ جو خاتمو، سوويت بلاڪ جو ٽٽي وڃڻ...ڪيترائي داخلي ۽ خارجي سبب هئا، جنهن P.L.O جي سياسي راهنما ياسر عرفات کي هڪدم پوڙهو ۽ ڪمزور ڪري ڇڏيو، جو هن ”فلسطين اٿارٽي“ جي نالي ۾ اهو ٺاهه قبوليو ۽ اها P.L.O جي ڪمزوري هئي، جنهن ٻئي پاسي انتها پرست ويڙهاڪ گروهن کي طاقت بخشي.

    هوڏانهن P.L.O پاران امن ٺاهه تي صحيحون ٿيون ۽ هيڏانهن خودڪش بمبارن جي تياري شروع ٿي. ٻئي پاسي اسرائيل به انهن انتها پرست ليڊرن مثلن شيرون کي اڳتي آندو. هينئر جڏهن حماس فلسطين جي گهٽين ۾ پنهنجي فتح جي جشن جي شروعات ڪري چُڪي، تڏهن شيرون به موت جي بستري تي پنهنجا آخري ساهه ڳڻي رهيو آهي. شيرون، جيڪو لبنان ۾ فلسطيني ڪيمپن صابره، شتيلا جي قتل عام جو ڏوهاري، ان جو اسرائيلي سربراهه جي حيثيت ۾ اچڻ به حماس جي مقبوليت جو ڪارڻ بڻيو. هڪ پاسي شيرون جي حڪم تي هر دم تيار اسرائيلي فوجون هيون، جن فلسطيني وسندين تي دهشت ويهارڻ شروع ڪئي ۽ ٻئي پاسي حماس جا تيار ڪيل بمبار خودڪش حملا...”عام شهرين جي قتل عام جي رد عمل ۾ پڻ عام شهري ئي قتل ٿيندا.“ جڏهن حماس جي عام شهرين کي نشانو ٺاهڻ واري حڪمت عملي تي تنقيد ٿيڻ لڳي ته حماس جو جواب اهو ئي رهيو.

    حماس جا رڳو جانباز ويڙهاڪ ئي نه پر سندن باني رهنما شيخ ياسين پڻ 22 مارچ 2004ع ۾ اسرائيل ميزائيل جي نشاني تي ماريو ويو. شيخ ياسين کان پوءِ قيادت سنڀاليندڙ کي به مهيني کن ۾ ئي قتل ڪرايو ويو. ائين حماس وٽ شهيدن جي لسٽ ۾ رڳو خودڪش بمبار ئي نه، پر سندن مٿين قيادت سان تعلق رکندڙ ڪيئي راهنما پڻ شامل آهن. حماس دنيا ۾ دهشت پسند اسلامي ويڙهاڪ گروهه جي حيثيت سان سڃاڻپ رکندڙ....هيءُ پهريون د فعو قانون ساز ڪائونسل واري سياسي عمل جو شريڪ بنجي رهيو آهي. سندس فتح تي دنيا جي حيرانگي پنهنجي جاءِ تي، پر حقيقت اها آهي ته چونڊن واري هن جمهوريت جي راند به عجيب آهي.

    چيو وڃي ٿو ته ملين فلسطيني ووٽر هن سڄي چونڊ عمل ۾ ووٽ ڏيڻ کان ائين قاصر هئا، جو فلسطين جي ڌرتي تان تڙجڻ کان پوءِ هو سڄي دنيا ۾ فلسطيني مهاجرين بڻجي پکڙيل آهن. اسرائيلي قبضي هيٺ آيل 1.3ملين فلسطيني ان فيصلي کان ٻاهر هئا. ان باوجود فلسطينين جي ووٽ جي اها سياست يقينن فلسطين لاءِ ان معنيٰ ۾ سٺو سنئوڻ چئي سگهجي ٿي ته هاڻوڪي چونڊن ۾ حماس سميت سڀئي اسلامي ويڙهاڪ گروپ چونڊن لاءِ نه رڳو تيار ٿيا، پر انهن پنهنجا اميدوار به ميدان تي لاٿا.

    حماس جيتوڻيڪ بم، بندوق ۽ اسلامي جهاد جي سڃاڻپ رکندڙ، پر چونڊن ۾ کيس پنهنجي پاڻ کي معتدل ثابت ڪرڻو ئي پيو ۽ ائين حماس پاران هڪ عيسائي فلسطيني اميدوار جي حمايت پڻ ڪئي. جيتوڻيڪ انتها پسندن جي ڀيٽ ۾ فتح جي شڪست کي سيڪيولر قوتن جي شڪست سان ڀيٽجي پيو، پر حقيقت اها آهي ته فتح جي هارجڻ جا ڪارڻ سندن نظرياتي ۽ سياسي موقف بجاءِ سندن ان حڪمت عملي تي ٻڌل آهن، جيڪا ياسر عرفات کان پوءِ واري قيادت جي سياسي بلوغت کي ظاهر ڪري ٿي. فتح تي بدعنوان اميدوارن کي اليڪشن ۾ بيهارڻ جو الزام هڪ پاسي ته ٻئي پاسي اسرائيلي قبضه گيري وارن والاريل علائقن ۾ ڌيان نه ڏيڻ به کين هارائڻ تي مجبور ڪيو. اسلامي دنيا جي سياسي مزاحمت کي کاٻي ڌر ۽ سيڪيولر لاڙن کان بچائڻ لاءِ ان کي مذهبي رنگ ڏيندڙ به اهو ئي ساڳيو آمريڪي اسرائيلي-طاقت وارو مرڪز آهي، پر ٻئي پاسي مذهبي علامتي اظهار سان سياست ڪندڙن جو پڻ پارلياماني سياست ۾ هي پهريون ئي قدم آهي. جيتوڻيڪ اسلامي دنيا جا سربراهه افغانستان جي حامد ڪرزئي کان وٺي پاڪستاني صدر پرويز مشرف تائين آمريڪي اسٽيٽ کي فلسطيني عوام جي ووٽ جي احترام جي پارت ڪري رهيا آهن، پر آمريڪي اسرائيلي حڪومتون زهر جي اها گوري نيٺ به ڪيئن ڳهنديون جڏهن ته ايران سان ويڙهه لاءِ پڻ تياريون وٺجي رهيون آهن. مارچ ۾ ٿيندڙ اسرائيلي چونڊون حماس جي هن فتح کي ڪئين Encounter ڪنديون؟ اهو ڏسجي ۽ گڏو گڏ يورپي يونين جا اهي بيان به ڌيان مان ڪڍجن، جيڪي آمريڪي حڪومت جي حماس سان ڪم نه ڪرڻ جي وارننگ باوجود گڏيل قومن جو ادارو اقوام متحده ۽ يورپي يونين به نئين فلسطيني حڪومت سان ڪم ڪرڻ تي تيار ڏسجن ٿيون ته، ”اسان ڪنهن به فلسطيني حڪومت سان ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، جيڪڏهن حڪومت هن جي خواهان هجي ۽ پُرامن طريقا استعمال ڪري.“

    amarsindhu@yahoo.com
     
  4. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: امر سنڌو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    ڇا پراڻن نظرين جي ٻيهر موٽ ٿي رهي آهي؟



    اڱارو 31 جنوري 2006ع

    ”ڇا مارڪسزم جي ٻيهر موٽ ٿي رهي آهي...“ اهو سوچيندي مارڪس، اينگلز ۽ لينن جا نمايان پوسٽر کنيل سرخ بينرن پويان احتجاج ڪندڙن جي تصوير انٽرنيشنل ميڊيا ته پري، پنهنجي ئي ديس جي اخبارن ۾ ٽائٽل طور شايع ٿي ته گهڻن کان دانهن نڪري ويئي. رڳو اهي ئي نه، جيڪي سوويت يونين جي زوال کي مارڪسي فڪر ۽ فلسفي جي زوال سان ڀيٽي رهيا هئا، پر اهي به جيڪي دنيا ۾ سامراج مخالف تحريڪن ۾ نظرئي جي اڻهوند تي مايوسي ۾ وٺجي ويا هئا. ڪالهوڪي اخبارن ۾ ”ورلڊ ايڪانامڪ فورم“ جي سربراهي اجلاس، جيڪو ڊيوس ۾ ٿي رهيو آهي، ان ۾ مظاهرين جي احتجاجي خبرن ۽ تصويرن مان ورتل اها ان اڻ چٽي تصوير/ حقيقتن جي ضرور نشاندهي ٿي ڪئي، جنهن ۾ ڪجهه سالن جي لاڳيتو عوامي تحريڪ جو اڀرڻ ۽ يورپ جي ڪُک مان ئي جنگ، گلوبلائيزيشن ۽ WTO خلاف ٿيندڙ لکن جي تعداد ۾ احتجاجي مظاهره، هاڻ رڳو سرمايه دارانه سامراجيت کي رد ڪرڻ واري وک کان هڪ وک اڳتي کڻڻ واري عمل جي شروعات ٿي چُڪي آهي.

    سرمائيدارانه نظام ۽ سامراجيت کي نامنظور ڪرڻ ۽ ان جي نامنظوري يا رد ۽ انڪار لاءِ گڏ ٿيڻ به يقينن انساني تاريخ ۾ هڪ قدم اڳتي واري عمل سان ڀيٽي سگهجي ٿو، پر ان سرمايه داري، جنهن جي حمايتي منطق ان کي ”انسانيت“ جو واحد حل قرار ڏي ٿو. اها سرمايه داري، پنهنجي حريف نظرئي سوشلزم جي سياسي رياست طور غير موجودگي ۾ جيڪي ”قهر“ انساني تاريخ جي مقدر ۾ لکيا آهن، تن مان عراق جنگ جهڙي سنئين سڌي بربريت ۽ آفريڪي ملڪن ۾ خوراڪ جي ڪمي ۽ ڏڪارن جا سلسلا اڻ سڌي طرح شامل آهن. سرمائيدارانه سامراجيت جي ان قبضه گيري ۽ دنيا تي اڪيلي راڄ ڪرڻ واري نيت ۽ سڌي دهشت، عوامي سطح تي رد عمل طور هڪ ٻي دهشت کي پئي جنم ڏنو، اها مذهبي انتها پسندي هئي.

    دنيا تبديل ٿي رهي آهي ۽ دنيا جي اڪثريت ان تبديليءَ لاءِ دانهين رهي آهي، جتي انساني مستقبل جي تحفظ جي ضمانت ڏنل هجي...لکن جي تعداد ۾ جنگ مخالف ريلين باوجود به جڏهن عراق جنگ مڙهي ويئي، تڏهن يقينن انساني اڪثريت ان متبادل سياسي/معاشي فلسفي ڏانهن ٻيهر رخ ڪرڻ شروع ڪيو، جيڪو ان سنئين سڌي سامراجيت، بربريت سميت هر ان برائيءَ جو حريف هو، جيڪو سرمايه داري نظام ڄڻي، پالي، تاتي وڏو ٿي ڪيو. هاڻي صرف مارڪسٽ اڪيڊميا ئي نه، پر انساني اڪثريت ٻيهر هن نظرئي ڏانهن رجوع ڪرڻ شروع ڪيو آهي. لاطيني آمريڪا جي تبديل ٿيل آسمان کان ويندي، ٽئين دنيا جي سياست ۾ پڻ ٻيهر مارڪسي فلسفو بحث هيٺ اچڻ لڳو آهي. دنيا جي هٿين خالي ۽ محروم اڪثريت کان اها اقليت ڪيئن ٿي خوف کائي...گهڻو پري نٿا وڃون...رڳو 25 جنوري کان 29 جنوري تائين ڊيوس ۾ هلندڙ هن ورلڊ ايڪنامڪ فورم جي وزارتي اجلاس ۾ شريڪ ٿيندڙ وزيرن، ڪبيرن، رياستن جي سربراهن جي عدم تحفظ وار ي احساس کي ڏسندا هلون...ها، پاڻ مان جن وٽ انٽرنيٽ آهن، سي ته سڄي دنيا جي ان احتجاج کي جيڪو ”ورلڊ ايڪنامڪ فورم“ جي خلاف دنيا جي ڪنڊ ڪنڊ ۾ ٿي رهيو آهي، انٽرنيٽ جي سهوليت رکندڙ ان احتجاج کي نه رڳو هڪ پل ۾ مانيٽر ڪري سگهن ٿا، پر ان جو ڪنهن نه ڪنهن طرح حصو به بڻجي سگهن ٿا.

    ”ورلڊ ايڪنامڪ فورم“ نيٺ به ڀلا آهي ڇا؟ ۽ هن جي هر سالياني اجلاس جي هيڏي مخالفت به آخر ڇو ٿي ٿئي؟ جو سڄي دنيا جا activist، کاٻي ڌر وارا، امن ڪارڪن پوڙهن، عورتن ٻارن، شاگردن، پورهيتن، هارين ۽ مزدورن جون سوين بلڪه هزارين تنظيمون، هزارين رضاڪار، اين جي او ۽ سامراج مخالف انارڪسٽ ان وزارتي ميٽنگ واري جاءِ تي پهچي پنهنجو احتجاج درج ڪرائين ٿا. هن فورم تي سندن چڙ ۽ نفرت کي ڏسندي هر سال، فورم جي ميٽنگ ۾ سيڪيورٽي جي حوالي سان ڪي ملين رپيا خرچ ڪري، قانون لاڳو ڪندڙ هٿياربند ايجنسين جا ڪيئي ويڙهاڪ ميٽنگ واري هنڌ جي حفاظت لاءِ بيهاريا وڃن ٿا.

    هن سال به ڊيوس ۾ ڪي ساڍا پنج هزار سپاهي ۽ هزارين دستا (عام) حفاظت واري ڊيوٽي تي هئا. هر سال جيان WEF جي هن وزارتي اجلاس ۾ رياستن جا سربراهه، وڏين منافع خور گهڻ قومي ڪمپنين جا مالڪ، عالمي واپاري گڏ ٿي ”دنيا جي مستقبل“ جي باري ۾ ويچاريندا آهن ۽ عالمي حوالي سان اهڙيون پاليسيون ترتيب ڏيندا آهن، جيئن دنيا کي اڳي کان وڌيڪ خوشحال بنائي سگهجي. اهو ته ظاهري سرڪاري ڏيک آهي، جنهن ۾ عالمي سربراهه دنيا جي محروم آبادين ۽ محروم اڪثريت جي مستقبل بابت پريشان ٿيندا آهن. حقيقت ۾ عالمي واپاري، گهڻ قومي ڪمپنين ۽ ملڪي سربراهن جي هن اعليٰ سطحي عالمي گڏجاڻي ۾ طئي ڪيو وڃي ٿو ته واپار جي عالمي پاليسين تي ڪيئن عالمي واپارين جي گرفت مضبوط رهي ۽ ڪيئن منافع کي وڌ کان وڌ ڪري سگهجي؟

    ياد رهي ته WSF (ورلڊ سوشل فورم) هن ئي فورم جي متبادل طور وجود ۾ آيو، جتي دنيا جي حڪمرانن بجاءِ دنيا جي محروم طبقن جي گڏجاڻي جو پروگرام رٿجي ٿو. هن سال به جڏهن WEF جي سالياني گڏجاڻي جي تقريب شروع ٿيڻ واري هئي، تنهن وقت وينزويلا ۾ WSF جون گڏجاڻيون به گڏو گڏ هليون ٿي. ”هڪ ٻي دنيا ممڪن آهي“ ورلڊ سوشل فورم جو اهو نعرو به دراصل هن فورم جي رد عمل ۾ پيدا ٿيو، جنهن ۾ سندن خيال هو ته WEF جون پاليسيون دنيا جي غريب ملڪن ۽ غريب طبقن کي اڃا وڌيڪ غريب بنائي رهيون آهن، جڏهن ته امير طبقو ۽ امير ملڪ اڃان وڌيڪ امير ٿي رهيا آهن.

    ”هيءُ فورم واپارين جو اولمپڪ آهي.“ هيءُ گلوبل ڪارپوريٽ ايليٽ elite جي ڪاڪ ٽيل پارٽي ئي ته آهي، اهڙي آرگنائيزيشن جنهن کي بظاهر ڪو به پاور نه هجي، پوءِ به اسان بابت پاليسيون ٺاهڻ جو اختيار کين بخشيل آهي. بظاهر ته هو دنيا جا امير ترين ۽ طاقتور ترين ماڻهو بزنس ٽائيڪون ان ڪري گڏجن ٿا ته هو گلوبل ايجنڊا تي ڳالهائين...جنهن ۾ گلوب ته اسان جو ئي آهي، پر پاليسيون ۽ ايجنڊا سندن جي ئي هجي. اهڙي ئي ايجنڊا جي ڪُک مان ڊبليو ٽي او جو جنم ڪرايو ويو ۽ اها WTO جيڪا اڄ، اسان ۽ توهان جي تقديرن جي اڻ سڌي مالڪيت جا حق رکي ٿي.

    هيءُ فورم جيڪو هر سال سئٽرزلينڊ جي ڊيوس ۾ ٿئي ٿو، اُتي هر ميٽنگ ۾ سڄي دنيا مان ڪارپوريٽ دنيا جا چيف ايگزيڪيوٽوز، وزير اعظم، صدر، مالياتي وزير ۽ اقتصاديات جا عالم ڏاها ۽ ڪي پبلڪ فگر رکندڙ ٻه ٽي شخصيتون شريڪ ٿيڻ لاءِ پهچن ٿيون. هزارين حفاظتي دستن سميت شريڪ ٿيندڙ وفدن تي ايندڙ خرچ جو تخمينو به لڳ ڀڳ ٻارنهن ڊالر ٿئي ٿو ۽ ٻارنهن هزار ڊالر ان فورم جي ميمبرشپ في آهي.

    دنيا جي Warlords جو، ۽ دنيا جي امير ترين ماڻهن جو هيءُ اجلاس گذريل سال واري اجلاس کان ان ڪري به مختلف هو، جو گذريل سال سندن ايجنڊا تي ”آفريڪا ۽ ان جي ڏڪاريل عوام جو مستقبل هو، جنهن تي وڏين تقريرن کان پوءِ به ڪنهن ملڪ به مقروض ٿيل کنڊ جي عوام جي غربت ۽ ڏڪار کي ذهن ۾ رکندي قرضن جي معافي نه ڏني ۽ نه ئي ڪنهن وياج واري قم تان هٿ کنيو. آفريڪا جو ڏڪاريل ڏيهه Make Poverty History (غربت کي ختم ڪري ان کي تاريخ جو حصو بنائڻ) واري بينر هيٺ ان اجلاس ۾ ڪو به جوڳو قدم نه کنيو ويو، هن سال ته نالي ماتر به ”انساني بک“ سندن ايجنڊا جو حصو نه بڻجي سگهي.

    سماجي ۽ خيراتي ڪمن بجاءِ فورم کي پنهنجي اصل اشو يعني اهم بزنس ۽ اقتصادي مامرن ڏانهن واپس اچڻ کپي. هن دفعي واري گڏجاڻي ۾ اهو پئي طئي ٿيو. ڊالر جي لاٿ، يورو جي آمد تي واشگنٽن ۽ سندس اتحادين جي رويو جيتوڻيڪ هڪ ٻئي سان تکو مٺو به ٿيندو رهيو. دنيا جي امير ترين ماڻهن جي هن سالياني گڏجاڻي، جنهن جي ميزباني دنيا جون انتهائي امير ترين ڪارپوريشنون ڪري رهيون هيون. دنيا جي امير ترين ماڻهو بل گيٽس جي مائڪروسافٽ ڪمپني سميت، نيسلي، سيمن ۽ سٽي گروپ هن وڏي ايونٽ جا ميزبان هئا، جنهن ۾ هن سال ڪي 2000 آفيشل شريڪ ٿيا. نيٽ تي ڏسو ته دنيا جي متبادل ميڊيا ۾ هن فورم تي رڳو اڪيڊمڪ تنقيد ئي نه، پر چٿر ۽ ٽوڪ جا سامان پڻ ملن ٿا.

    دنيا جا جرنلسٽ جيڪي ان ميٽنگ کي ڪور ڪرڻ وڃن ٿا، سي پنهنجو پاڻ ۾ ان کي عالمي اقتصاديات کي قانوني شڪل ڏيندڙ سياسي ڪنوينشن بجاءِ مشڪري ۽ ٽوڪ ۾ ان کي ڊيوس پارٽي سڏين ٿا. اهڙي پارٽي، جنهن ۾ مخالف ڌر ۽ اقتداري ڌر ٻئي گڏ هجن، مثلن ڊيوس پارٽي ۾ ڪونڊي به ويٺل نظر ايندي ته البرائٽ ميڊلن به اُتي، بل ڪلنٽن به اُتي، ته رمسفيلڊ ۽ ڊڪ چيني به اُتي ۽ ڪو عجب ناهي، جڏهن بش کان هارائي منهن ڀر ڪرندڙ ڪيري پنهنجو پاڻ کي ”ڊيوس مئن“ چوندي فخر محسوس ڪري.

    جيتوڻيڪ هڪ قطبي دنيا ۾ ورلڊ ايڪنامڪ فورم به هڪ پارٽي جو ڏيک ڏيندڙ...جنهن جو ڪو به مخالف بظاهر نظر نٿو اچي. چين کان آمريڪا تائين ۽ انڊيا کان انڊونيشيا تائين جڏهن سڀئي ان فورم جا عزت ماب ميمبر ٿي ويهن ٿا، تڏهن فورم اندر ته يقينن ڪا مزاحمت، ڪا مخالفت ۽ ڪا مخالف ڌر نظر نٿي اچي. پر هن فورم کان ٻاهر به هڪ تاريخ ٺهي رهي آهي، مزاحمتن، احتجاجن ۽ مظاهرن سان هڪ ٻيو آواز به ٻڌڻ ۾ اچي پيو...جيڪو سڄي دنيا جي غير منظم ۽ محروم اڪثريت جو آهي. ٻارن. ٻڍن، عورتن، مردن، شاگردن، پورهيتن تي ٻڌل اها غير منظم اڪثريت ڪٿي ٽريڊ يونين جي شڪل ۾، ڪٿي شاگرد تنظيمن جي شڪل ۾، ڪٿي سامراج مخالف فورم ۾، ته ڪٿي وري امن ورڪر جي حيثيت ۾ اهڙي غير جمهوري، غير منصفاڻي فورم کي سندس پاليسين سميت رد ڪندي پئي اچي.

    اڃان سوويت يونين جي ڊاٿ ۽ لاٿ ڪا پاءُ صدي به ڪا نه گذري آهي ته ٻيهر لينن جا پوسٽر مارڪس ۽ اينگلز سان گڏ کڄڻ لڳا آهن. سوويت يونين ڀل ته ناڪام تجربو ئي سهي، پر مارڪسزم هڪ نئين اميد، هڪ نئين امنگن جو عنوان بڻجي سامهون اچي ئي رهيو آهي. جمهوريت جي دعويدار يورپي يونين سميت سڄي اولهه کي هن فورم جي غير جمهوري هئڻ تي ڪو به اعتراض ناهي. هاڻوڪي ميٽنگ جا ئي احوال پڙهو، جنهن ۾ 735 بزنس ٽائڪون ته پاليسي ميڪر جي حيثيت ۾ شريڪ ٿين ٿا، پر سڄي سائوٿ آفريڪا مان محض چار ميمبر ۽ برازيل مان ٻه، ته ميڪسيڪو مان هڪ ڄڻو شريڪ ٿئي ٿو.

    ”جيئن ته غريب ملڪن ۽ ڏڪاريل ديشن جي هن فورم ۾ نمائندگي ئي ناهي ته هن کي ڪيئن قانوني ۽ اخلاقي حوالي سان عالمي معيشت جون پاليسيون ٺاهڻ جو حق ڏجي.“

    پنهنجي شاگردن کي ٻڌائيندو هلجي ته WEF طئي ڪري چڪي آهي ته اها ڄاڻ جنهن کي سقراط نيڪي چوندو رهيو هو، ان کي هاڻ Commodity يعني وڪري جي مال طور تسليم ڪيو ويو آهي.

    سرمايه داري جي ان ڀيانڪ صورت ۾ مزاحمتي، احتجاجي هجوم اهو چوڻ تي پاڻهي ئي مجبور ٿي پئي ٿو ته ”Lets Capitalism Make History“ مارڪس جي پوسٽر سمت ”سرمايه داري کي تاريخ جو حصو بنايون“ واري پوسٽر کي به انهن احتجاجي مارچن جو حصو بنايو ويو، جيڪي فورم جي ميٽنگ دوران سئٽرزلينڊ ۾ رٿيل هئا. مارڪسزم جي موت جي پروپيگنڊا تي شادمان ٿيندڙن لاءِ عراق جنگ جي war lords لاءِ، دنيا جي خوشحال ترين اقليت کي هڪ ڀيرو ٻيهر هڪ قطبي دنيا ۾ گڏ ٿيندڙ هنن هجومن جي احتجاجن، مزاحمتن پريشان ڪرڻ شروع ڪيو آهي، جن پنهنجي مزاحمتن ۽ احتجاجن ۽ امپريلزم کي انڪار لاءِ ٻيهر ان سياسي فلسفي جي نظريئي ڏانهن موٽ کائڻ شروع ڪئي آهي، جنهن وٽ انساني مستقبل جي بهتر ضمانت ڏنل آهي.

    amarsindhu@yahoo.com
     
  5. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: امر سنڌو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    صدر بُش جو استقبال ڪيئن ٿيڻ گهرجي ها؟



    ڇنڇر 04 مارچ 2006ع



    [​IMG] مغل شهنشاهيت جيآخري بادشاهه بهادر شاهه ظفر جي پيرن هيٺان جڏهن دلي جي سرزمين کسڪائي ڪڍي ويئي، تڏهن نه رڳو خود بادشاهه بهادر شاهه ظفر، پر ننڍي کنڊ جي مسلمان اڪثريت ان نفسياتي ڪيفيت ۾ اچي ويئي، جنهن جو اظهار تن ڏينهن جي شاعر اسد الله غالب مٿين لفظن ۾ ڪيو. اردو جو وڏو شاعر غالب به تن ڏينهن مئه خواريءَ جي شوق جي پورائي لاءِ جڏهن ڍُڪ چُڪي لاءِ دلي جي گهٽين ۾ خاڪ نشين واري دربدريءَ جو شڪار هو، تنهن وقت سندس شاعراڻي انا پنهنجي جاءِ تي، پر سندس مٿيان لفظ عزت واري بي سود ڀرم جو پاڻ ئي پردو چاڪ ڪندي نظر اچن ٿا.

    دلي جي گهٽين ۾ غالب جي خاڪ نشيني واري تاريخ کي جڏهن هڪ صدي کان مٿي جو عرصو گذري به چڪو آهي، تڏهن وري ساڳي ئي دلي، جنهن وقت آمريڪا جي بادشاهه بي تاج کي ريڊ ڪارپٽ استقباليه ڏيئي رهي هئي، تڏهن ڀارت جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ غالب جا مٿيان لفظ، ڀارتي عوام جي قومي انا کي مجروح ڪندي نظر اچن ٿا. ”هيءُ جنگي ڏوهاريءَ جو استقبال آهي، جنهن ۾ اسان شريڪ نٿا ٿيون. اسان وٽ بيشڪ ته ايتري طاقت ناهي ته اسان اهو دورو روڪي سگهون ها، پر اسان احتجاج ڪري سگهون ٿا ۽ پنهنجي احتجاج وسيلي اهو ٻڌايون ٿا ته اسان ساڻس گڏ نه آهيون.“ بيشڪ ته آمريڪي سامراجيت جي مخالف رائٽر طور سڃاڻپ رکندڙ ليکڪه ۽ انساني حقن جي سرگرم ڪارڪن ارون ڌتي راءِ جا مٿيان لفظ سڄي ڀارت جي ماضيءَ واري سامراج مخالف رياست واري سڃاڻپ وڃائي ويهڻ تي عوامي ضمير جو گڏيل آواز بڻجي سامهون اچن، پر اها حقيقت آهي ته سرد جنگ جي خاتمي کانپوءِ ڀارت ئي آمريڪا جي اوليت تي ٽاپ پوزيشن رکي ٿو ۽ ائين به ناهي ته اهو فقط آمريڪي پرڏيهي پاليسيءَ جو نتيجو آهي ته هو ڏکڻ ايشيا۾ ڀارت کي پنهنجو حقيقي اتحادي ڪري سامهون آڻي، پر گڏو گڏ اها پڻ ڀارت جي پرڏيهي پاليسي رهي آهي ته هو پڻ آمريڪا جي ويجهو اچڻ چاهي ٿو، جنهن لاءِ هو پنهنجي ان سموري ماضيءَ تان دستبردار ٿيڻ لاءِ تيار آهي، جنهن ۾ سندس رياستي قومي اميج پرو-امپريلسٽ هئڻ بجاءِ پرو-پيپلز رهيو آهي.

    اڄوڪي دلي، غالب جي ڏينهن واري دلي جي خود طنزيءَ کي ورجائيندي نظر اچي ٿي.

    تامل ناڊو، ڪرناٽڪا، ڪولڪته، ڪيرالا، يوپي کان ويندي چنائي تائين حڪمران ڪميونسٽ پارٽين کان ويندي اسلامي تنظيمن تائين...سياستدانن کان ويندي قلمڪارن تائين....شايد، اهو پهريون ڀيرو آهي جو آمريڪي صدر جي آمد تي احتجاج جا پڙاڏا ڀارت جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ٻڌجي رهيا آهن. جيڪڏهن سيٽ لائيٽ تي هن ويل به ڪو ڀارتي نيوز چينل ڏسبو ته آمريڪي صدر جي ڀارت ۾ موجودگيءَ ۾ مصروفيت سان گڏو گڏ ڀارت جي مختلف شهرن ۾ مختلف گروهن پاران منظم ڪيل احتجاج جون جهلڪيون پڻ ڏسڻ وٽان هونديون.

    آمريڪي مخالف، بُش مخالف، عراق جنگ مخالف، سامراج مخالف، مغرب مخالف چيو وڃي ٿو ته بش جي آمد تي سڀئي احتجاج جا شريڪ بڻجڻ ٿا. ”بش دهشتگرد آهي، جنگي ڏوهاري آهي، پورهيت مخالف آهي، عورتن جي خلاف آهي...“ ۽ ٻيا ڪيترائي نعرا آهن، جيڪي احتجاجي ريلين ۾ پڙاڏو بڻجي گونجن ٿا. جڏهن بُش حيدرآباد دکن پهتو ته باوجود ان جي ته سندس حفاظتي انتظام هر حوالي کان ٽائيٽ هئا، پر عوامي احتجاج جو پڻ اهو عجب رنگ هو ته هو هر رنگ ۾ جنهن سياست کان ويندي ٽريڊ يونين تائين جا سڀ مشهور اڳواڻ اڳيان اڳيان ۽ گڏ هئا. الٽرا ليفٽ ۽ الٽرا رائٽ ونگ وک وک ۾ ملائي آمريڪي صدر خلاف مارچ ڪندي نظر ٿي آيا. بيشڪ ته حيدرآباد آءِ ٽي جي حوالي سان سڄي دنيا لاءِ اک جو تارو بڻيل آهي، حيدرآباد (دکن) کي سافٽ ويئر انجنيئرن جي انڊسٽري سڏيو ٿو وڃي. خود آمريڪا ۾ سافٽ ويئر انڊسٽري ۾ سڀ کان وڏي کپت حيدرآباد جي انجينئرن جي آهي، پر ان ئي آنڌرا پرديش جي باري ۾ اها حقيقت فقط ڪجهه محدود ماڻهو ئي شايد ڄاڻندا هجن ته آنڌرا پرديش ۾ سوين هاري، ڪڙمي خودڪشيون ڪري رهيا آهن ۽ ڪي ٻه مهينا اول جي ئي ڳالهه آهي ته پندرهن سئو هارين، ڀارتي صدر کي هڪ گڏيل خط موڪلي، کانئس اجتماعي خودڪشي جي اجازت گهري هئي. انهن هارين پنهنجي خط ۾ اهو واضح لکيو ته ڪانگريس اتحاد جي حڪومت جي اقتصادي پاليسين ۾ هارين جي ريليف لاءِ ڪجهه به ناهي بچيو، سندن گهر، سندن ٻار ٻچا بُک ۾ سندن اکين آڏو دوا پاڻي لاءِ سڏڪندي سڏڪندي مري رهيا آهن، هو پنهنجن ٻارن، پنهنجي گهر ڀاتين کي مرندو، تڙپندو ڏسي نٿا سگهن، تنهن ڪري جيڪڏهن سرڪار پنهنجون پورهيت ۽ هاري دشمن پاليسيون جاري رکڻ تي مجبور آهي ته کين اجازت ڌني وڃي ته هو اجتماعي خودڪشي ڪن. بيشڪ ته ڀارت جي سڃاڻپ، سندس جمهوريت ئي آهي ۽ وڏا ڊيم، وڏيون انڊسٽريز، وڏا شهر سندس ترقي جون علامتون سمجهيا وڃن ٿا، پر اها پڻ حقيقت آهي ته ايتري ترقيءَ باجود ڀارت جون ٻهراڙيون، شهر جون ڪچيون آباديون انتهائي غربت جو شڪار آهن. بالي ووڊ بيشڪ ته ممبئي جي سڃاڻپ، پر ٻئي پاسي نسل در نسل ممبئي جي فٽ پاٿن ۽ چال جي هڪ ڪمري واري گهر ۾ رهندڙ گهڻ ڪٽنبي خاندان جو به ڪاٿو ڪونهي ۽ جيڪي عورتين، مردين ۽ ٻارين، ٻڍين صبح جي حاجت پوري ڪرڻ لاءِ پڻ ڪلاڪن جا ڪلاڪ هڪ ئي باٿ روم تي لائين لڳايو بيٺا هوندا آهن.

    اهو عوامي هجوم آهي، جنهن جي ڪاوڙ کان خوفزده ٿيندي بنگلور ۾ ريلين تي پابندي وڌي ٿي وئي ۽ ان جو سبب اهو ٻڌايو ويو ته هزارين ماڻهن جي روڊ رستن تي نڪرڻ سان ٽريفڪ ۾ خلل پوندو.

    هڪ پاسي ”بش“ جي آمد تي ڪانگريس تي مڇريل عوام ”جنگي ڏوهاري“ جي آجيان ڪرڻ تي حڪومت جي مذمت ڪري رهيو آهي ته ٻئي پاسي ڪانگريس سان گڏ حڪومتي بينچن تي ويٺل کاٻي ڌر جي ڪميونسٽ پارٽي مارڪسسٽ (M) CPI ۽ ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا تي به ڇتي تنقيد جاري آهي ته هو هڪ اهڙي سامراجي حڪومت سان ويٺل آهن، جيڪا هڪ پاسي ته ايران جي جوهري پروگرام تي مغربي سامراجيت سان گڏ بيٺل آهي ۽ ٻئي پاسي پنهنجي ئي ملڪ ۾ اهڙيون اقتصادي پاليسيون مڙهي رهي آهي، جيڪي سرمائيداراڻه مفادن وٽان آهن. توڙي جو کاٻي ڌر ۽ ڪانگريس حڪومت جو هني مون پيريڊ ڪيتري وقت کان لوڏن ۾ آهي، ان باوجود به کاٻي ڌر جون ڪميونسٽ پارٽيون، بش خلاف احتجاج ۽ مزاحمت ۾ صف اول ۾ بيٺل نظر ٿي آيون. ڇا ويسٽ بنگال ۽ ڇا ڪيرالا ۽ ڇا دلي...هر هنڌ سڀئي مخالفين هڪ ئي صف ۾ هڪ ئي سُر ۽ هڪ ئي آواز سان احتجاج جا شريڪ بڻجن ٿا.

    بُش مخالف ڪيمپين جو اهو پڻ عجب رنگ آهي، جنهن هيل ڀارت ۾ ميلو مچائي ڇڏيو آهي. ارون ڌتي راءِ جيڪڏهن ريلي جي اڳواڻي ڪندي نظر آئي پئي ته اتي ڪيرالا ۾ بش مخالف مظاهرا پڻ شروع ٿيا. انهن سڀني ثقافتي سرگرمين جو موضوع پڻ ”آمريڪي جنگي جنون“ ئي آهي ۽ لازمن ان جو مک ڪردار، ڪالهوڪي ڀارتي دوري تي آيل آمريڪي صدر بش ئي آهي، جنهن جا ”ڪارٽون“ ٺاهي مذمت ڪئي ويئي آهي.

    ساڍي چار ڪلاڪن واري فلم ”آمريڪا-آمريڪا“ پڻ ان فيسٽول جو حصو هوندي. سامراج مخالف جرنلسٽ ۽ The reulers of the world جي مصنف جان پلگر جي ٺاهيل ڊاڪيومينٽري ”Breaking the Silence“ پڻ اتي مفت ڏيکاري ويندي. آچر تائين هلندڙ هن فيسٽول ۾ انهن سڀني تاريخي حوالن جو ورجاءُ ڪيو ويندو، جيڪي سنئون سڌو آمريڪي جارحيت جو نشانو پي بنيا آهن. مثلن چلي جي عوامي سوشلسٽ اڳواڻ آلندي جي قتل ۽ سندس سياسي موقف ۽ آمريڪي جارحيت تي ٺهيل فلم ”The last stand of salvadore Allend“ پڻ پيش ڪئي ويئي. لاطيني آمريڪا ۾ آمريڪي دهشتگردي تي ٺهيل ”ايل-سيلوڊار اين اڌر ويٽنام“ يا خود آمريڪي سپاهين جي مائرن جي دکندڙ ڪٿا کي ريڪارڊ ڪري ٺاهيل دستاويزي فلم ”منهنجي ٻارن کي مارڻ بند ڪر...“

    لاطيني آمريڪا، ويٽنام، چلي، فلسطين، عراق...افغانستان اها ڳالهه ڀل کڻي عام فهم ذهن کي سمجهه ۾ نه ايندي هجي ته آمريڪا مسلمان ملڪن خلاف جنگ نٿو چاهي. پر آمريڪا هر ان قوم کي، هر ان نسل ۽ ملڪ کي سبق سيکارڻ لاءِ مٿن جنگ مڙهي سگهي ٿو، جيڪي پنهنجي قومي وقار ۽ قومي وسيلن جي سوديبازي لاءِ آساني سان تيار نٿا ٿين.

    ”توهان يا ته مون سان آهيو، يا پوءِ دهشتگرد“ نئين صديءَ جي شروعات ۾ آمريڪا جنگ جي شروعات ڪندي ڪئي هئي، اها جنگ جنهن جو هن مهل تائين ڪو به انت ٿيندي نظر نٿو اچي. آمريڪا وٽ عراق کي جمهوري سبق سيکارڻ جو واعدو هو، پر پنهنجي جنگي قبضه گيري دوران هن عراق جي هزارين شهرين جي قتل کان علاوه سواءِ سندن سڄو ادارتي توڙي انتظامي حڪومتي نظام ڊاهي پٽ ڪيو. سامره ۾ امام سڳورن جي مقبرن تي بمباري سان خانه جنگي پيدا ڪرڻ جا امڪان ٺاهي ڏنا.

    اهو ئي سبب آهي ته حيدرآباد جي ريلي دوران فقه جعفريه وارا پهريون دفعو جارحانه انداز ۾ ڪميونسٽن ۽ ٻين اسلامي گروپن سان گڏ سرگرم رهي.

    ائين ناهي ته ڀارت جي جمهوري ڪلچر ۾ اظهار راءِ جي آزادي ۾ اهي رڪاوٽون هجن، جيڪي عام طور پاڻ جهڙن سماجن ۾ موجود رهن ٿيون. اهو ئي سبب آهي ته دهلي جي جواهر لعل نهرو يونيورسٽيءَ ۾ جڏهن شاگرد سون جي تعداد ۾ ”آمريڪي سامراج مرده باد“ جا بينر، پوسٽر ۽ پلي ڪارڊ کڻي نڪتا ته ساڻن گڏ يونيورسٽي جا پروفيسر صاحبان پڻ اڳين صف ۾ حڪومت جي مذمت ڪندي نظر آيا. ياد رهي ته جواهر لعل يونيورسٽي ۾ پڻ مارڪسسٽ، ليننسٽ شاگردن جي ججهائي آهي. ”بش جي پاليسي ٻين قومن کي لتاڙي ڇڏڻ واري آهي.“ يونيورسٽيءَ جو پروفيسر پنهنجي راءِ ۾ چوي ٿو. آمريڪا ۽ سندس ساٿاري سڄي دنيا ۾ دهشتگردي ۾ ملوث آهن ۽ آمريڪا جو ڀارتي دورو پڻ سندن مفادن جي پاس خاطريءَ لاءِ آهي. پروفيسر اگروال سميت يونين جو شاگرد اڳواڻ پڻ پنهنجي ملڪ جي حڪمرانن جي مذمت ڪندي چوي ٿو ته ”اهو هندستان جي جمهوريت کي سونهين نٿو ته اهو هڪ دهشتگرد، جنگي ڏوهاري کي هيڏو وڏو ريڊ ڪارپٽ استقبال ڏي.“

    ڀلا ڀارت نيٺ به آمريڪا سان گڏ ڪهڙي جمهوريت چاهي ٿو...؟ JNU ۾ شاگردن پاران اٿاريل اهي سوال تڏهن به اٿيا هئا، جڏهن2005ع ۾ وزير اعظم من موهن سنگهه، جواهر لعل نهرو جي جنم ڏينهن جي حوالي سان ڪئمپس جو دورو ڪيو هو ۽ کيس شاگردن تقرير ڪرڻ جو موقعو به نه ڏنو هو، ڇو ته شاگرد ڪانگريس حڪومت جي آمريڪا سان ويجهڙائپ، ايران مخالف اسٽينڊ تي آمريڪا جي طرفداري ڪرڻ تي سخت تيش ۾ آيل هئا.

    جيتوڻيڪ ستاويهه فيبروري تي ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا جي جنرل سيڪريٽري اي بي برڌن ميڊيا کي CPI جي ايگزيڪيوٽو ميٽنگ جي بريفنگ ڏيندي اقرار ڪيو هو ته، ”ڪانگريس حڪومت ۽ کاٻي ڌر جي وچ ۾ وڇوٽي وڌي چُڪي آهي.“ سندس اهو به چوڻ هو ته مختلف پاليسين تي هوءَ حڪومت وٽ پنهنجا اعتراض جمع ڪرائي چُڪي آهي، پر سندس پارٽي ڪانگريس پاران موقف نه مڃڻ يا اڳيان پيش رفت نه ٿيڻ جي صورت ۾ ڇا حڪومت سان گڏ ويهندي؟ جو جواب ڏيڻ کان انڪار ڪيو هو. برڌن ۽ سندس پارٽي سڄي ڀارت ۾ احتجاج کي منظم ڪرڻ ۾ مک رول ادا ضرور ڪيو. ائين به ٿيو ته بش جي آمد خلاف لوڪ سڀا ۾ سماج وادي پارٽي ۽ کاٻي ڌر جا ٻيا ميمبر احتجاج ڪندا رهيا. هو ”ڀارت جي آزادانه پرڏيهي پاليسي تي ڪو به سمجهوتو منظور ناهي“ ۽ ”بش واپس وڃي“ جهڙن نعرن سان پارليامينٽ جي بينچن تي توڙي پارليامينٽ جي مک دروازي تي پنهنجو احتجاج درج ڪرائيندا رهيا.

    ڀارت بيشڪ ته بُش جي آمد ته سراپا احتجاج...بيشڪ ته ڀارت جي سڀني رياستن ۾ ڪنهن نه ڪنهن سياسي توڙي غير سياسي، مذهبي توڙي ڪلچرل سطح تي سامراج مخالف جذبات موجود...پر يقينن اها طاقت جيڪا بش کي ڀارت آمد کان روڪي سگهي ها، اها ڪا ٻي آهي...اها نيٺ به ڇا آهي ۽ اها ڪيئن منظم ٿي سگهندي؟ ان سوال کان هٽي ڪري ڏسجي ته ڀارت پنهنجو اهو پراڻو ”سامراج مخالف“ ۽ ”پرو-پيپلز“ اميج وڃائيندي نظر اچي ٿو، جنهن ۾ فلسطيني شاگردن کان وٺي نيپال ۾ هلندڙ مائوئسٽ تحريڪن کي حڪومتي صفن ۾ پنهنجي موقف جا ساٿي آسانيءَ سان ملي سگهندا هئا...ها هيءُ غالب جي مٿئين سٽ جي ورجاءُ وارو وقت آهي ته،



    اسان هتي پنهنجي ان بم ڌماڪي تي ڪنهن به قسم جو تبصرو ڪرڻ کان گريز ڪريون ٿا، جيڪو بُش جي پاڪستان آمد کان ٻه ڏينهن اڳ سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ آمريڪي قونصل خاني جي پسگردائيءَ ۾ ٿيو. ها، جتي اندر جي اُڀار، نفرت، غصي، چڙ، ڪاوڙ جي اظهار جي پُرامن طريقن تي به پابنديون ۽ پهرا هجن، اُتي اهڙي قسم جو رد عمل غير اخلاقي ته ڀل هجي، پر غير فطري نٿو لڳي.

    amarsindhu@yahoo.com
     
  6. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: امر سنڌو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    عورت حقن لاءِ جدوجهد ۽ سنڌي سماج



    اربع 8 مارچ 2006ع

    ”ڇا انسانيت جي ان ۾ به ڪا بهتري آهي، ته عورتون آزاد هجن ۽ جيڪڏهن ائين ناهي ته خوامخواهه کين پريشان ڪرڻ ۽ هڪ نظرياتي حق لاءِ هڪ سماجي انقلاب آڻڻ جي ڪوشش مان ڪهڙو فائدو....؟“

    سنڌي سماج جي رواجي بيهڪ ۽ ثقافتي جوڙجڪ کي سامهون رکندي. جڏهن به، جتي به عورتن جي آزاديءَ جي ڪا ڳالهه نڪتي هوندي ته اُتي ڪنهن نام نهاد پڙهيل لکيل پاران ئي نه، پر هر ذي شعور پاران ڪٿان نه ڪٿان اوڻيهين صديءَ جي پڇاڙڪي اڌ ۾ برطانوي فلسفي جان اسٽيورٽ مِل جو مٿيون جملو/سوال ضرور بحث هيٺ آيو هوندو. انگريز فلسفي جان اسٽيورٽ مِل 1867ع ڌاري جڏهن عورتن جي سماجي ماتحتيءَ واري سوال تي ڪتاب ”Subjugation of women“ لکڻ شروع ڪيو، تڏهن هن پنهنجي بحث جو آغاز مٿئين ئي سوال سان ڪيو هو. دراصل اهو سوال ان بنيادي بحث مان ڦٽي ٿي نڪتو، جيڪو اوڻيهين صديءَ جي اڌ تائين سماج ۾ ڏاڍو گرم هو. يورپي سماج تنهن وقت اسرندڙ صنعتي سماج جي پسمنظر ۾ سماجي رشتن جي نئين سر ترتيب جي ضرورت جي آڌار تي عورتن جي سماجي حيثيت ۽ ان ۾ سندس ماتحتي واري رتبي بابت به ٻرندڙ بحث جي ابتدا ٿي چڪي هئي.

    جيتوڻيڪ عورت جي سماجي ماتحتيءَ وارا اُهي سڀ سوال جيڪي اُسرندڙ صنعتي سماج جي آڌار تي يورپ ۾ حل ڪيا ويا، ڪي تقريبن ٻه صديون گذرڻ بعد به اسان جي رواجي سماج ۾، سماجي ڏاهپ جو موضوع نه بڻيا آهن، پر جيڪڏهن جان اسٽيورٽ مِل جي لفظن ۾ مٿئين اٿاريل سوال جو جواب ڏجي، ته لڳ ڀڳ اهو ئي آهي ته عورتن جي محڪومي ۽ غلاميءَ سبب جيڪي تڪليفون، غير اخلاقي برائيون ۽ بڇڙايون پيدا ٿين ٿيون، اهي ايتريون ته شديد آهن، جو انهن کي نظر انداز ڪرڻ ممڪن ئي ناهي. اهو واضح آهي ته طاقت جو استعمال تيستائين روڪڻ ناممڪن ئي آهي، جيستائين اها طاقت موجود آهي. (عورتن خلاف) اها طاقت اهڙي آهي، جيڪا فقط نيڪ ۽ باعزت فردن کي ئي حاصل ناهي، پر سماج ۾ سڀني مردن کي عورتن تي اها طاقت استعمال ڪرڻ جو حق مليل آهي، پوءِ اهي مرد ڪيترا به ظالم ۽ ڏوهاري ڇو نه هجن. 8 مارچ عورتن جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان هن ڏينهن تي دنيا جي انهن سڌريل سماجن جو ذڪر به ڪرڻ گهرجي، جيڪي فقط سائنسي ترقيءَ جي حوالي سان ئي نه، پر سماجي حوالي سان به اسان کان ڪي ٻه صديون اڳيان آهن. 8 مارچ بلاشڪ ته انهن ئي سماجن جي عورتن جي جدوجهد جي ڪٿا جو ڏينهن آهي. عورت جدوجهد جو اهو ڏينهن، جنهن جي ابتدا هونئن ته کڻي ان ڏينهن کان ئي شروع ٿي هجي، جنهن ڏينهن انساني سماج ۾ سندس رتبو گهٽائي اشرف المخلوقات جي حيثيت جي اڌ جيترو مڃيو ويو يا جڏهن کيس دنيا جي اوسر جي آزادانه ماحول ۾ ممنوعه سمجهي، چلهه جو ٻارڻ بنايو ويو، پر جي جديد انساني سماج ۾ عورت جدوجهد جا پيرا کڻجن ته اهي اوڻيهين صديءَ جي يورپ جي اسرندڙ صنعتي سماج جي ڪُک ۾ پلجندي ئي ملندا.

    دنيا جي تاريخ جنهن تي عورتاڻي شعور جي سدائين اها تنقيد رهندي ته اها لکيل به مردن جي آهي، ته خاص طور لکي به مردن لاءِ ئي ويئي آهي، تنهن ۾ ڄاڻي واڻي عورتن جي بغاوتن، مزاحمتن ۽ جدوجهدن جا داستان رقم ڪرڻ کان لنوايو ويو آهي. دنيا جي تاريخ ۾ عورتن جون گروهن جي شڪل ۾ توڙي انفرادي مزاحمتون، بغاوتون ۽ جدوجهدون محض حاشيي جيتري جاءِ والاريندڙ يا فوٽ نوٽ ۾ اچڻ جيتريون مس آهن...پر فرينچ انقلاب جيڪو نه فقط تاريخ جو اهو انقلاب هو، جيڪو هارين يا سماج جي سڀني ڏتڙيل ڌرين جي حق ۾ پاسو بدلائيندڙ هو، تنهن ۾ به عورتون نه رڳو شريڪ نظر اچن ٿيون، پر هن انقلاب جي تاريخ ۾ عورت مزاحمت ان ڪري به قابل ذڪر آهي، ڇاڪاڻ ته اها جدوجهد سندس گهر، ڪٽنب ۽ ٻين گهر ڀاتين جي سماجي حيثيت بهتر بنائڻ لاءِ نه هئي، بلڪ هن انقلاب جي جدوجهد دوران عورتون پنهنجي حقن لاءِ پڻ آواز اٿارينديون رهيون. عورتن لاءِ ووٽ جي حق جي جدوجهد ڪنهن حد تائين فرينچ انقلاب جو به حصو رهي. جيتوڻيڪ بعد ۾ ان نه رڳو شدت اختيار ڪئي، پر اها اڳتي هلي پُر تشدد مزاحمت ۾ پڻ تبديل ٿي.

    عورت جدوجهد جي حوالي سان جديد تاريخ ۾ وڏا دور رهيا آهن. ووٽ جي حقن واري جدوجهد ۽ سٺ جي ڏهاڪي ۾ شروع ٿيل نسائي تحريڪ اها Sufferegate Movement يا ووٽ جي حقن واري تحريڪ ئي هئي، جنهن سماج ۾ پهريون ڀيرو اهو محسوس ڪرايو ته سماج ۾ انساني برابريءَ واري تصور لاءِمحض نظرياتي ئي نه پر شعوري ڪوشش به گهربل هجي ٿي. اسان جهڙن ٻه صديون پوئتي پيل سماجن ۾ اهو تصور يقينن هن وقت به بنهه مشڪل ٿيندو، ته عورتن جي جدوجهد ۽ سندن سماجي حيثيت جي مٿڀرائپ دراصل سماجي ترقيءَ جي انهن بنيادي نُڪتن منجهان آهي، جيڪي انساني تخليق ۾ سڀني سماجي گروهن جي شراڪت داريءَ کي سماجي اوسر جو بنياد مڃين ٿا.

    ”عورت هئڻ، هن جي لاءِ بنيادي قدر آهي. زال يا ماءُ ٿيڻ، هن جا ارادي رشتا آهن. قانون، فردن لاءِ تشڪيل ۾ ايندو آهي....مڙسن، پيئرن يا ڪنوارن لاءِ نه....ان لاءِ عورت جا پڻ سماجي حق به رشتن يا تهذيبن جي چڪر ۾ الجهائي نه ڇڏڻ کپن...“

    اها سوسن بي انٿوني هئي، جيڪا اوڻيهين صديءَ جي پڇاڙڪي حصي ۾ سماج ۾ عورتاڻن قدرن لاءِ انساني تاريخ جي هڪ نئين ۽ انوکي جنگ وڙهي رهي هئي. اهو به ساڳيو ئي يورپي سماج هو، جيڪو سندس عورتن جي سماجي حيثيت واري ان نئين ۽ انوکيءَ جنگ خلاف اٿي کڙو ٿيو هو. سوسن بي انٿوني جي هم نسل عورت....سندس شروع ڪيل ۽ سندس وڙهيل جنگ ۾ ڪاميابيءَ جا نتيجا انجواءِ ڪندڙ...ها، پر ٻه صديون پوئتي واري اڄوڪي ايڪيهين صديءَ جي سنڌ ۾ نه سوسن بي انٿوني ۽ نه ئي اها اٺين مارچ....جڏهن دنيا جون سڀئي عورتون پنهنجي ماضيءَ جي گمنام پر عظيم عورتن جي جدوجهد تي رقصان ٿين ٿيون. اهو ڦل جيڪو اٺين مارچ جي جدوجهد جي نتيجي ۾ سڌريل سماجن جي عورت کي حاصل ٿيو، سو اسان وٽ ايڪيهين صديءَ ۾ به تصور ۾ نٿو اچي سگهي. اهو رڳي سنڌ جي پڙهيل لکيل طبقي پاران ئي سوال نٿو اٿاريو وڃي ته عورت کي نيٺ به ڪهڙي آزادي کپي؟ بلڪ هر پوئتي پيل معاشري جو الميو آهي اهو ئي آهي ته عورت حقن جي جدوجهد جي مخالفت ۾ سڀ کان وڌيڪ مخالفت اهو پڙهيل لکيل طبقو ئي ڪري ٿو، جيڪو عورت جي حقن لاءِ فوٽ اسڪيل کڻي، ماپ تور ۽ حساب ڪتاب ڪرڻ ويهي رهي ٿو. دراصل پوئتي پيل سماجن ۽ غلام سماجن جي نفسيات ئي اها جڙي وڃي ٿي ته اُهي سماجي تبديليءَ واري فطري عمل جي به ڀرپور مخالفت ڪن ٿا. ٻئي طرف غلام سماجن جي وڌيڪ پيڙهجندڙ گروهن جي به اها نفسيات جڙي ٿي، ته هو هڪ ئي وقت پنهنجو پاڻ کي ٻيڻي ٽيڻي جنگ ۾ هر وقت رُڌل ڏسن ٿا. مون کي هن وقت گني بسائو جي غلاماڻي سماج جي آفريڪي عورت جا اهي لفظ ياد پون ٿا ته”اسان هڪ ئي وقت ٻن سامراجين سان وڙهي رهيا هئاسين، هڪ اهي جيڪي ڌاريا سامراجي هئا، ٻيا اهي جيڪي مڙسن، پيئرن ۽ ڀائرن جي شڪل ۾ اسان کي سدائين موچڙي ۽ ڏنڊي هيٺ رکيو ويٺا هوندا هئا. ٻاهرئين سامراج سان ويڙهه به فقط تڏهن ممڪن هئي، جڏهن اسان جا مرد اسان کي غلام سمجهڻ بجاءِ ساٿي سمجهن ۽ اسان کي پاڻ جهڙو سمجهي، پنهنجي جنگ ۾ شريڪ ڪن....ها، پر اهو تيستائين يقينن ناممڪن هوندو، جيستائين هو اسان کي گوڏي جو گاهه ۽ چُلهه جا مارنگ سمجهڻ بجاءِ هڪ”آزاد انسان“ سمجهن.......“

    عورت کي هڪ آزاد انسان سمجهڻ واري وٿ ۾ اسان جو سماج ذهني طور ايترو پوئتي بيٺل آهي، جو جڏهن به عورت حقن ۽ آزاديءَ جو سوال اٿي ٿو ته ان کي هرو ڀرو به ڌارين جي ايجنڊا سمجهي، مخالفت شروع ڪئي ٿي وڃي. حقيقت اها آهي ته سماج جي جوڙجڪ جو حقيقي ادراڪ ڪندڙن تي جيستائين ان قسم جي ٽوڪبازي سماجي اخلاقيات ۾ ڌڪاري نه ويندي، تيستائين عورت حقن جو سوال سڄي سماج جو نه، پر فقط ڪجهه”سماجي تنظيمن“ جو ئي مٿي جو سور بڻيل رهندو ۽ اهي سماجي تنظيمون به عورتن جي حقن واري”حقيقي سوال“ کي ڇُهڻ بجاءِ محض Issue base تحريڪون هلائينديون رهنديون. سماجي حوالي سان جيڪڏهن عورتن جي مسئلن تي تڪڙي اُٿل پٿل ڏسڻ ۾ اچي ٿي، ته اها ڪا غير فطري ناهي. حقيقت ته اها آهي ته جڏهن ڪنهن هڪ طبقي يا گروهه کي اهو شعوري طور محسوس ٿيڻ لڳي، ته سماج کيس پنهنجو جائز مقام ۽ حيثيت نٿو ڏئي ته اهو عليل سماجي قدرن خلاف اڻ رٿيل بغاوت ڪرڻ شروع ڪري ٿو ڏئي. پسند جا پرڻا،ڪاروڪاري، شادي شده مردن سان ٻي شادي ڪرڻ، اغوائن، زنائن جي واقعن ۾ اوچتي شدت به دراصل هڪ قسم جو انفرادي احتجاج ۽ مزاحمت جي صورت آهي، جيڪا سماج ۾ پنهنجي جائز مقام، جائز خواهشن جي رستا روڪ تي هڪ انتهائي مشڪل جي صورت ۾ ظاهر ٿي رهي آهي. اها بنهه ٻي ڳالهه آهي ته سماج ۾ ڪاوڙيل، ناراض ۽ سماج کان بددل ان سڄي اڪثريت جي سوال کي ڪنهن نظرياتي ۽ سياسي پروگرام ۾ شامل ڪرڻ جو خيال نه، اسان جي رائج سياست ۾ ڪنهن سنجيدگيءَ سان سوچيو آهي ۽ نه ئي سماجي ڏاها سماج جي اها ذهني تربيت ڪري سگهيا آهن، جيڪا عورت جي سوال کي مرداڻي تعصب بجاءِ انساني عقليت جي حوالي سان حل ڪرڻ بابت سوچي. سماج جي ذهني تربيت ته پري، پر خود سياسي ڪارڪنن جي عورت جي حوالي سان ذهني سطح اها آهي جو سنڌ جي قوم پرست توڙي جمهوريت پسند سياسي ڪارڪنن جي اڪثريت”ڪاروڪاري“ واري عورتن جي قتل کي اخلاقي طور تي بهتر سمجهن ٿا. ٻيو ته ٺهيو، پر ان گريجوئيٽ اسيمبليءَ جي ئي سنڌي سياستدان جي ڪردار کي پرکجي، جيڪو ڪاروڪاري بل تي ”اَڙِي“ ڪري بيهي رهي ٿو، ته اهو سنڌي سماج جي روايتن جي خلاف آهي!

    اسيمبلين ۾ ان ٽيٽيهه سيڪڙو عورتن جي موجودگي به ان وقت يقينن بي معنيٰ ئي لڳي ٿي، جڏهن اهي محض ”بل“ پاس ڪرائڻ جي لاءِ به ڪا گڏيل حڪمت عملي ٺاهڻ لاءِ پنهنجي سياسي پارٽين ۽ سياسي قائدين جون ماتحت نظر اچن ٿيون.

    جيتوڻيڪ اڄ سڄيءَ دنيا جي عورتن سان عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان مارچ ۾ سنڌي عورتون به ڪنڌڪوٽ کان ڪراچيءَ تائين ساڻن گڏ هونديون، پر اهو مارچ جيڪو کين واقعي به آزاديءَ جي راهه ڏانهن وٺي وڃي، تيستائين شايد هڪ اڻ پورو خواب ئي ڀاسي، جيستائين سنڌ جون عورتون، پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ هڪ نئون پليٽ فارم جوڙي سامهون نٿيون اچن.

    هي اخباري مضمون به ايستائين بي معنيٰ ئي آهن، جيستائين اهي شعوري طور سماج ۾ هڪ تحريڪ پيدا ڪرڻ ۾ ڪامياب نٿا ٿين. جيئن عورتن جي حقن لاءِ هڪ رپورٽ ۾ چيو ويو ته، اخبارون عوام جي رهنمائي نٿيون ڪن، پر سندن راءِ جي تقليد ڪن ٿيون. ائين اهو اظهار ٽن سطحن تي ٿئي ٿو: پهرين هو سندن مذاق اڏائن ٿا، پوءِ بنا ڪنهن تبصري جي انهن جون ڳالهيون رپورٽ ڪن ٿا ۽ نيٺ واضح طور تي سندن پٺڀرائي ڪندي چون ٿا، ته اهو سڀ غير ضروري آهي. ڇو ته اڃا اسان عورت حقن واري مسئلي جي پهرين سطح تي آهيون!
    amarsindhu@yahoo.com
     
  7. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: امر سنڌو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    اهو ڪارٽون، جنهن ۾ نسل پرست فاشسٽ هٽلر کي، ٻارڙي ايني فرينڪ سان بستري ۾ گڏ ڏيکاريل آهي، تنهن جي ڪئپشن تي هٽلر کي اهو چوندي ڏيکاريو ويو آهي ته: ”هي به پنهنجي ڊائريءَ ۾ لکي ڇڏجانءِ.“ جڏهن اهو ڪارٽون ڪنهن عرب ويب سائيٽ تي آڻي، مغربي ميڊيا/ دنيا جي جمهوري ۽ سهپ واري مزاج کي ٽيسٽ ڪرڻ لاءِ موڪليو ويو هوندو، ته ان کي مغربي دنيا نيٺ به ڪيئن جسٽيفاءِ ڪيو هوندو، جيڪا هيل تائين ڊينمارڪ ۾ ”جيلنڊ پوسٽين“ ۾ ڇپيل، دل آزاريندڙ توهين آميز خاڪا کي اظهار جي آزاديءَ جي جمهوري حق جي نانءَ هيٺ ڇوٽ ڇڏيندي رهي آهي! ياد رهي ته ايني فرينڪ، جرمنيءَ جي اها يهودي ٻارڙي هئي، جيڪا هٽلر جي نازي ڪئمپ ۾ موت جي منهن مان بچي نڪتي هئي ۽ گئس چئمبر ۽ نازي ڪيمپ واري دهشت جي پاڇي هيٺ گذرندڙ پل پل عذاب وارن لمحن کي هڪ ڊائريءَ جي صورت ۾ لکندي ٿي ويئي. بعد ۾ اها ”ايني فرينڪ جي ڊائري“ جي ٽائيٽل سان ڇپجي پڌري ٿي. ان ڊائريءَ بين الاقوامي شهرت ماڻي ۽ ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجمو پڻ ٿي.

    جڏهن ڪي مهينا اڳ ايراني صدر، هٽلر جي يهودين واري نسل ڪشيءَ کي يهودين جو اصل وڌاءُ چئي، ان نسل ڪشيءَ کي تاريخ جو ڪوڙ سڏيو هو، ته ساڳي ئي لبرل مغربي دنيا ايراني صدر جي ان ريمارڪ تي چڙي پئي هئي. هٽلر پاران يهودين جي ان بدترين نسل ڪشيءَ لاءِ دعوي ٰڪئي وڃي ٿي ته اٽڪل 60 لک يهودين جو عام ڪوس ٿيو هو، جنهن ۾ عورتن، ٻارن، ٻڍن سميت هر عمر جا ماڻهو شامل هئا. ان هولوڪاسٽ جي شڪار خاندانن جا ڪيئي بچيل فرد اڄ به زنده آهن، جيڪي ان نسل ڪشيءَ واري ڏهاڙن کي زندگيءَ جا خوفناڪ ترين ڏينهن قرار ڏين ٿا، جو اهو ڪوس سندن اکين اڳيان ٿي گذريو هو. اسلامي عقيدن موجب مذهبي شخصيتن ۽ عقيدن جو تقدس ايمان جو اڻ ٽٽ حصو آهي. ان ڪري مسلمان معاشرن جي سماجي بيهڪ انهن ئي بنيادن تي بيٺل آهي. کڻي ته مغربي معاشرن ۾ پنهنجي مذهبي اڳواڻن ۽ عقيدن تي اظهار جي آزاديءَ جي نانءَ تي تنقيد برداشت ڪئي وڃي ٿي، پر ساڳيو ئي مغربي سماج پنهنجي جمهوري قدرن سميت پنهنجي سماجي تاريخ بابت به ايڏو ئي Touchy ۽ جذباتي آهي. اهو رڳو مغرب جو رابرٽ فسڪ ئي ناهي، جيڪو مغرب جي ان ٻٽي معيار جو وڏو نقاد بڻجي سامهون آيو هجي، ڪيترائي اهل دانش مسلمان معاشرن ۾ به موجود آهن، جيڪي اسلامي رياستن ۾ خودساخته بادشاهن، فوجي آمريتن ۽ جمهوريت جي اڻ هوند تي تنقيد ڪندا رهيا آهن. سماجي حوالي سان پوئتي پيل اسلامي رياستن توڙي ترقيءَ جي بلندين کي ڇهندڙ مغربي دنيا جي سرحدن ۾ اهڙن دانشمندن جي ڪائي کوٽ ناهي، جيڪي مسلمانن جي دل آزاريندڙ توهين آميز خاڪن مان پيدا ٿيل مامري کي عقلي تجزئي جي آڌار تي پرکي سگهندا هجن.

    هيءَ ويڙهه، جنهن ۾ ڊينمارڪ ۽ ناروي سميت ٻين مغربي ملڪن جي سفارتخانن کي ساڙي رک ڪرڻ، سندن سفيرن کي پنهنجي ملڪ مان تڏا ويڙهه ڪرائي واپس موڪلڻ کان ويندي، پنهنجن ملڪن ۾ پُرتشدد، هنگامي خيز جلسا جلوس، ريليون برپا ڪرڻ شامل آهي، تنهن تي ڳوڙهي ويچار جي ضرورت آهي. ڪٿي اها سموري صورتحال اهڙيءَ رٿ جو نتيجو ته نه آهي، جنهن وسيلي هڪ پاسي ته اسلامي دنيا ۽ ٻئي پاسي سيڪيولر ۽ جمهوريت پرست اظهار راءِ جي آزادي جي علمبردار يورپ جو اهڙو نقشو پيش ڪيو وڃي، جيڪو نيٺ به سموئيل هٽنگٽن واري ”تهذيبن جي ٽڪراءَ“ واري نظريي جو تت آهي.

    هٽنگٽن جو اهو نظريو به دراصل سوويت يونين جي خاتمي کان پوءِ 1993ع ۾ هڪ آرٽيڪل جي صورت ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو هو. 1996ع ۾ ڪتابي شڪل ۾ اچڻ کان پوءِ به ان کي مقبوليت فقط ان وقت ملي، جڏهن يارهين سيپٽمبر، آمريڪا جا ٻه جاڙا ٽاور ڪيرائي وڌا هئا. تڏهن کان آمريڪي صدر صليبي جنگين جو نعرو هڻي، افغانستان ۽ نيٺ پوءِ عراق تي فوج ڪاهي آيو. تڏهن سموئيل هٽنگٽن جو اهو نظريو ٻيهر عام بحث هيٺ آيو. عراق تي چڙهائي وقت ساڳي ئي آمريڪا ۽ يورپ جون گهٽيون انهن امن ڪارڪنن جي ريلين سان اٿلڻ لڳيون هيون. بش جي ان مڙهيل جنگ کي ”آمريڪي قدرن جي جنگ“ يا ان سڄي لقاءَ کي تهذيبن جي ٽڪراءُ يا اسلامي دنيا ۽ مغرب جي ويڙهه مڃڻ بجاءِ، سڄيءَ دنيا جڏهن ان کي آمريڪي مفادن جي ويڙهه سان ڀيٽ ڏني ته اها تهذيبن جي ٽڪراءَ واري ٿيوري به پنهنجو موت پاڻ مري ويئي.

    جيتوڻيڪ جاڙن ٽاورن تي حملي کي آمريڪي قدرن سان ڀيٽيندي، آمريڪا سرد جنگ کان پوءِ پهريون دفعو پاڻ ئي جنگ ڏانهن باقاعدي پيش قدمي ڪئي هئي، پر عراق تي حملي وقت هو ”مغرب بمقابله اسلام“ وارو نعرو گهڻي ڪاميابيءَ سان نه هڻي سگهيو. ايذائيندڙ توهين آميز خاڪن خلاف اسلامي دنيا ۾ احتجاجي لهر اٿي پوڻ واري وقت کي ڏسجي ته ڪنهن حد تائين اها ٿيوري سمجهه ۾ اچي ٿي ته انهن توهين آميز خاڪن ۾ آمريڪي دلچسپي ڪهڙي آهي. دراصل آمريڪا ان سڄي عمل ۾ يورپ جي حمايت ان ڪري به پيو ڪري ته جيڪڏهن سڀاڻي آمريڪا کي ايران تي حملي ڪرڻ لاءِ مغرب مان پنهنجا اتحادي چونڊڻا پون ته يورپ ساڻس گڏ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي، ايران ڏانهن فوجي پيش قدمي ڪندي نظر اچي.

    توهين آميز خاڪا اڄ کان پنج مهينا اڳ 30 سيپٽمبر 2005ع تي اخبار جيلينڊس پوسٽن ۾ ڇپيا. پهريون ڀيرو ڊينش مسلمان ئي هئا، جن بروقت احتجاج وسيلي انهن ڇپيل توهين آميز خاڪن تي پنهنجي سخت ڪاوڙ ۽ چڙ جو اظهار ڪيو. دراصل فليمنگ روز، جيڪو ان اخبار جو ايڊيٽر پڻ هو، تنهن ڪن 40 ڪارٽونسٽن سان رابطو ڪري کين اهڙا توهين آميز خاڪا ٺاهڻ لاءِ چيو هو، پر کيس فقط 12 اهڙا خاڪا مليا، جيڪي اخبار ۾ ڇاپيا ويا. پر حيرت جي ڳالهه اها آهي ته انهن پنجن مهينن ۾ توڙي جو مقامي سطح تي نوٽيس نه ورتو ويو، پر سڄي اسلامي دنيا ۾ ڪو خاص ردعمل ظاهر نه ٿيو. ائين اهي ڪارٽون، شايد جنهن باهه کي مچائڻ لاءِ ڇاپيا ويا هئا، اها مچي نه سگهي ۽ انهن جو مقصد فوت ٿيندي ڏسي، ناروي جي اخبار /مئگزين انهن کي ٻيهر پنهنجي اخبارن ۾ ڇاپيو. جيتوڻيڪ ڊينمارڪ ۾ ڇپيل توهين آميز خاڪن تي مسلمان ملڪن جا ڊينمارڪ ۾ موجود سفير ان تي پنهنجو احتجاج درج ڪرائي چڪا هئا، پر پوءِ به حاصل ٿيل نتيجا، ان نسل پرست يورپي لابيءَ جي منشا مطابق نه هئا. ناروي ۾ انهن خاڪن جي ٻيهر اشاعت مسلمانن کي ان حد تائين ضرور چيڙائي وڌو، جو سعودي عرب، لبيا ۽ شام پنهنجا سفارت خانا بند ڪري سفير واپس گهرائي ورتا. ان ٻيهر اشاعت جي دکندڙ ٽانڊي کي هوا ڏيڻ وارو ڪم وري مغربي يورپ ۾ وڏي پئماني تي ان جي وري اشاعت سان ٿيو ۽ ان لاءِ وري ”اظهار راءِ جي آزاديءَ کي هٿي وٺائڻ“ جو ڊرامو رچايو ويو. حقيقت ته اها آهي ته توهين آميز خاڪن جي اشاعت اظهار راءِ جي آزاديءَ بجاءِ هڪ نسل پرستانه، نفرت آميز تاثر رکندڙ هئي.

    حقيقت اها هئي ته انهن توهين آميز خاڪن جي اشاعت مغرب جي نام نهاد جمهوري قدرن کي پڌرو ڪيو. ڊينمارڪ جي اها اخبار خود به ساڄيءَ ڌر جي اخبار طور سڃاتي وڃي ٿي. اسلام کان اڳ سوشلزم سندس نشاني تي هو. اهو ئي سبب آهي ته 1959ع ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري فقط ان ڪري ڊينمارڪ جو آفيشل دورو ڪينسل ڪيو هو، جو سرڪاري طور سندس دوري ۾ مذڪوره اخبار جي دفتر جو دورو ڄاڻي واڻي شامل ڪيو ويو هو. اها ساڳي ئي اخبار اٽليءَ جي فاشسٽ ڊڪٽيٽر مسوليني کي ماڊل حڪمران چئي، ان کي اٽليءَ جي بگڙيل ۽ گمراهه عوام کي سڌاريندڙ ”مردِ آهن“ سڏي، کيس واکاڻيندي به رهي آهي. ماضيءَ ۾ سدائين کاٻيءَ ڌر سان جهيڙا جوٽيندڙ، مغرب جي ماڊل فاشسٽن کي آئيڊيل رکندڙ هن اخبار جا هاڻوڪا ٽرسٽي پڻ ساڄيءَ ڌر جا نامور دانشور سمجهيا وڃن ٿا، تنهن ڪري ان سڄي مامري کي ”مغربي جمهوري حق بمقابله اسلام“ جي فريم ۾ ڏسڻ هڪ غلطي هوندي. اسلامي معاشرن ۾ ان توهين آميز خاڪن خلاف رد عمل، احتجاجن جي صورت ۾ هلندڙ آهي، جيڪو اسان وٽ به ڏسڻ ۾ اچي ٿو، حقيقت ۾ ته ڊينمارڪ جي پراڊڪٽس جي بائيڪاٽ کان بهتر احتجاج شايد ئي ممڪن هجي. سعودي عرب، ڪويت ۽ ٻين اسلامي ملڪن ۾ ڊينمارڪ جي مصنوعات جي بائيڪاٽ هيل تائين ڊينمارڪ جي ڪمپنين کي ڪروڙين ڊالرز جو خسارو ڏيئي ڇڏيو آهي. رڳو اسلامي ملڪ ئي نه، پر مغرب ۾ پڻ ڊينمارڪ جون مصنوعات خريدڻ کان مڪمل انڪار ڪيو ويو. ٻيو ته ٺهيو، پر مسلم ملڪن ۾ يورپي ملڪن جي وڏن اسٽورن جي چَين پڻ ان بائيڪاٽ ۾ ائين شريڪ آهي، ته کين مسلمانن جي جذبات سان يڪجهتيءَ جي اظهار جي ضرورت آهي. انڊونيشيا ۾ انهن مصنوعات جي بائيڪاٽ سان 74 ملين آمريڪي ڊالرن جو نقصان، ڊينمارڪ جي ڪمپنين کي ٿيندو، ڇو ته اهي ملڪي برآمدات ۾ هڪ سيڪڙو آهن.

    ”ماڻهو مستقبل ۾ شايد اهو ته وساري ڇڏيندا، ته اهو بائيڪاٽ ڇو شروع ٿيو هو، پر هو ان بنياد تي ڊينمارڪ سان پنهنجي لاڳاپن جي ضرور تشريح ڪندا. اسان جي اسلامي دنيا سان واپاري لاڳاپن کي بيشڪ ته ڌڪ رسيو آهي، پر اسان اڳڪٿي نٿا ڪري سگهون ته اهو ڪيستائين هلندو“. اهي ڊينش، جيڪي توهين آميز خاڪن کي پهرين ايتري اهميت نه ڏيئي رهيا هئا، سي پڻ ان قسم جي بائيڪاٽ تي ڇرڪي ويا آهن، پر اهي پنهنجو اظهار مٿين لفظن ۾ ڪن ٿا. ٻئي پاسي يورپي يونين به ان قسم جي بائيڪاٽ سان ايترو ته ڇرڪيل ڏسجي ٿي، جو ان باقاعده ڌمڪي ڏني آهي ته جيڪڏهن حڪومتون رياستي سطح تي ان قسم جي بائيڪاٽ ۾ ملوث ٿينديون ته يورپي يونين اهو مامرو WTO تائين کڻي ويندي ۽ حڪومتن کي نيٺ سز ا به ملندي. پنهنجي ملڪي اثاثن ۽ مال ملڪيتن کي تيلي ڏيڻ لاڳاپيل ملڪن جي مصنوعات جي بائيڪاٽ سان انهن کي وڏو لوڏو ايندو. يورپ ۾ ارلافوڊس، جيڪا ڊينمارڪ جي سڀ کان وڏي ڊيري مصنوعات ٺاهيندڙ ڪمپني آهي، اها انهن خريدارن واري بائيڪاٽ سان 1.6 ملين هر ڏينهن تي خسارو کڻي پئي.

    نئين صورتحال ۾ جتي عالمي طور جنگ پرست قوتن کي پنهنجي اڳرائيءَ جو جواز ملي رهيو آهي، اتي گڏو گڏ اسلامي دنيا جا اهي ڪيترائي ملڪ، جتي جمهوريتن جي اڻهوند، انساني حقن جي پائمالي ۽ حڪمران طبقي جي ٺٺ ٺانگر جو ڪو ڪاٿو ۽ حد حساب ناهي، سي حڪومتون پڻ انهن مظاهرن/احتجاجن ۽ ان ۾ ٿيندڙ بدنظمين جي آڌار تي پنهنجي اقتدار جا ڏينهن ڊگها ڪرڻ ۽ پنهنجي مفادن جي سياست جي گرميءَ جو سامان پيدا ڪرڻ چاهين ٿيون. غير ملڪي ميڊيا جتي اهي مظاهرا ۽ احتجاج مانيٽر ڪري رهي آهي، اتي بار بار اها نشاندهي به ٿي رهي آهي ته دراصل اسلامي رياستن جي مقامي سياست، انهن احتجاجي مظاهرن تي وڌيڪ حاوي آهي. اهڙين رياستن ۾ رڳو پاڪستان ئي نه، پر اهي ڪيتريون ئي رياستون به شامل آهن، جيڪي پنهنجي مقامي سياسي بحران سان سياسي طريقي سان منهن ڏيڻ جي پوزيشن ۾ ناهن. عالمي ميڊيا تي سرخين جي صورت ۾ ايندڙ اها ويڙهه، جيڪا جذباتي قسم جي نوجوان اڪثريت تي ٻڌل آهي، تن جي محرومي، ڪاوڙ، چڙ وارن احساسن جي کپت دراصل آمريڪا کي ان ويڙهه لاءِ اتحادي (يورپي اتحادي) گڏ ڪرڻ ۾ آساني پيدا ڪري رهي آهي، جيڪا کيس ايران خلاف وڙهڻي آهي. ٿيڻ ته اهو کپي ها ته اسلامي رياستن ۾ اها ڪاوڙ، چڙ ۽ غصي واري انتها جو نشانو به اهي جنگي پاليسيون ۽ اهي وار لارڊ (جنگي سردار) هئڻ کپن ها، جن افغانستان واري جنگ کان ويندي عراق جنگ تائين شهرين کي پنهنجو نشانو بنايو آهي. تڏهن، جڏهن اتحادي فوجي آمريڪي اڳرائيءَ ۾ فلوجه جي عام شهرين کي ڪيميائي گئسن جو کاڄ بنائي رهيا هئا.

    ڪو ڀل ان ڳالهه کان انڪار ڪندو رهي، پر حقيقت آهي ته سوشلسٽ بلاڪ جي خاتمي کان پوءِ آمريڪي عالمي سرداريت لاءِ بنهه ضروري آهي ته هو قدرتي وسيلن خاص طور آئل ۽ گئس جي عالمي هڪ هٽي خاطر، آئل ۽ گئس جي قدرتي ذخيرن ۾ شاهوڪار رياستن تي جنگيون مڙهيندو، پنهنجون بيٺڪيتون ٺاهيندو رهي. ايران، آمريڪا جو نئون ٽارگيٽ آهي. ائٽمي پروگرام جي بهاني ايران تي پابنديون مڙهڻ جي شروعات ٿي چڪي آهي. وينزويلا، ڪيوبا ۽ شام، سڄيءَ دنيا جا فقط ٽي ملڪ....انهن مان به فقط هڪ شام ملڪ مسلمان، باقي ٻئي سوشلسٽ ملڪ، جيڪي هن جنگ ۾ آمريڪا جا ساٿاري ٿيڻ کان انڪاري آهن، ان ڪري اهو تاثر به مٽجڻ کپي، ته سڄي غير اسلامي دنيا مسلمانن جي مخالف آهي يا وري اهو ته اهي جنگيون ڪي اسلام خلاف آهن. عراق ۾ جنگ جو جواز ڪوڙو ثابت ٿيڻ کان پوءِ اتحادي فوجون آمريڪا کي يقينن ايران جنگ لاءِ ائين آسانيءَ سان نه ملن ها، پر ايذائيندڙ خاڪن سندس ڪم گهڻي قدر آسان ڪري ڇڏيو. يورپ ۽ اسلام جي مخالفت کي هوا ڏيڻ سان يقينن آمريڪا نئين جنگ لاءِ پنهنجا ساٿاري گڏ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو، ڇو ته مسلمان دنيا جي ان رد عمل جهيڙي جي انهن سڀني سببن تي پردو وجهي ڇڏيو آهي، جيڪي ايران جنگ لاءِ تيار ڪيا ويا هئا. جيتوڻيڪ مغرب جو عقل پرست حصو بار بار خبردار ڪري رهيو آهي ته اسلامي دنيا جي ان غم ۽ غصي جو رخ ڄاڻي واڻي ڦيرائي تبديل ڪيو ويو آهي. اهو سڀ نيٺ ائين ختم ٿيندو ته سڀئي يورپي ملڪ آمريڪا جا شڪر گذار ٿيندي، کيس جنگ لاءِ ناڻو به ڏيندا ته پنهنجا ڀاڙي جا سپاهي به گڏ موڪليندا، جيئن ايران کي منهن ڏيئي سگهي.

    ڪي ڌريون ته ان جنگ جي اڳڪٿي به ڪندي 28 مارچ کي جنگ جو ڏينهن قرار ڏين ٿيون، ڇو ته ان ئي ڏينهن تي اسرائيل ۾ چونڊون ٿينديون. مسلمان رياستون ڇا ان وقت به ائين ئي پنهنجو ردعمل ڏيکاري سگهنديون، جڏهن اتحادين جا جٿا ساڻ کڻي، ڪروز ميزائيلن سان آمريڪي فوجي ايراني ڌرتيءَ تي لهندا؟

    amarsindhu@yahoo.com
     
  8. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: امر سنڌو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    هڪ ”نئين دنيا“ جي تعمير جي اصل حقيقت!



    ڇنڇر 8 اپريل 2006ع

    ”هڪ نئين دنيا ممڪن آهي“ ان نعري هيٺ ٿيندڙ سوشل فورم ۾ رڳو پرڏيهي ڊونرس جي پئسن تي سرگرمي ڪندڙ اين جي اوز جا مخصوص ڪارڪن ئي نه، انهن ئي تنظيمن جي نالي ۾ سنڌ جي ٻهراڙين جا ماڻهو ئي نه، پر هن ڀيري ته ڪراچيءَ ۾ ان نعري هيٺ ٿيندڙ ”ورلڊ سوشل فورم“ ۾ ڏسڻي وائسڻي سياسي قيادت به ائين شامل ۽ شريڪ ٿي ماڻهو متحرڪ ڪندي نظر آئي جو گهڻن کي گمان ٿي پيو ته پرڏيهي ڊونرس کان مليل ڪروڙين رپين جي فنڊنگ جي ڪا پتي سندن حصي ۾ به ضرور آئي هوندي. سندن جذبو ۽ جوش ڏسندي ڪيترائي نظرياتي سياسي ڪارڪن به شڪ ۾ پيا ته شايد واقعي ”ورلڊ سوشل فورم“ ڪا نئين دنيا تخليق ڪري به وٺي. جيتوڻيڪ 9 2 مارچ تي پڄاڻيءَ تي پهتل هن ميگا ايونٽ جو نشو لهي به چڪو. ڇهن ڏينهن تائين لاڳيتو سرگرمي ڪندڙن ۽ ڏينهن رات رقص ۽ ريليون منعقد ڪندڙن جا ٿڪ لهي وڃڻ کي به ڪي ڏينهن ٿيا هوندا. ڪراچيءَ جي چوواٽن تي ”ورلڊ سوشل فورم“ ۾ شريڪ ٿيندڙن جي آجيان جي بينرن ۽ پوسٽرن جا رنگ به هن ڇتي اُس ساڙي خاڪ ڪيا هوندا، پر پوءِ به اڃان تائين پرنٽ ميڊيا توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ ”ورلڊ سوشل فورم“ جو شور جهڪو ٿيڻ جو نانءُ ئي نٿو وٺي.

    رڳو اسان پارا سياسي ”متعصب“ تنقيد نگار ئي نه، پر اها اڪثريت به اڃان تائين ورلڊ سوشل فورم جي حوالي سان ٿيندڙ بحث جو ليڪو ڪُٽيندي نظر اچي رهي آهي، جن لاءِ نه رڳو اهو نعرو ته ”هڪ ٻي دنيا ممڪن آهي“ ڏاڍو ڀلو هو، پر سندن ان ۾ به پختو ويساهه آهي ته ان نعري هيٺ ٿيندڙ مسلسل ڇهن ڏينهن واري سرگرمي يقينن سندن زندگي بدلائي نئين ڪري ڇڏيندي. ”ورلڊ سوشل فورم“ مان ڇا هڙ حاصل ٿيو، ان لاءِ ٻي ڪٿ ڪجي نه ڪجي، پر اهو ضرور مڃجي ته ڪروڙين روپين سان ترتيب ڏنل ان سرگرميءَ توڙي ڪراچيءَ ۾ سنڌ جي ٻهراڙين مان ڪرائي تي گهرايل هجوم واري ڇهن ڏينهن جي گرانڊ شو، عام ماڻهن ۾ ان بحث جي ابتدا ضرور ڪرائي ڇڏي ته، ”ورلڊ سوشل فورم“ تان هڪ نئين دنيا جي خواب جي تعبير ڪيتري قدر ممڪن آهي. اها بنهه ٻي ڳالهه آهي ته ان بحث ۾ جيڪڏهن ورلڊ سوشل فورم جي حوالي سان اين جي اوز تي تنقيد ٿيڻ لڳي ٿي ته اها سچ پچ صاحب فورم جماعتن کي نه رڳو ناگوار لڳي رهي آهي، پر ڪٿي ڪٿي ته جواب ۾ هو سهپ جون اهي حدون به لتاڙيندي نظر اچن ٿا، جيڪا سهپ سماج ۾ عام ڪرڻ لاءِ کين پرڏيهي فنڊنگ ايجنسيون بي حساب فنڊ مهيا ڪن ٿيون.

    جڏهن 2004ع ۾ اها ساڳي ئي ”ورلڊ سوشل فورم“ جي نئين جهان جي جوڙجڪ واري سرگرمي ممبئي ۾ رٿي پئي وئي، تڏهن به پاڻ وٽان اين جي اوز جي روايتي ڪارڪنن سميت سياسي ڪارڪنن جا جٿا به ممبئي پنڌ پيا هئا. تڏهن به پاڻ ان الڳ موقف کي هنن صفحن تي بحث آندو هو، جيڪو دنيا جي متحرڪ سياسي تحريڪن ٿي ورجايو. هڪ ڀيرو وري ”ورلڊ سوشل فورم“ جي حوالي سان هڪ نئين دنيا جي ممڪن ٿيڻ واري بحث جو حصو بڻجندي، ڪجهه انهن حقيقتن جو ورجاءُ به ڪندا هلون، جيڪي ڪراچي ميلي جي حوالي سان عام مشاهدي جو حصو بڻيون.

    2002ع ۾ سڀ کان پهرين برازيل ۾ عالمگيريت خلاف عالمگير ميڙ ڪٺو ڪندڙ WSF ڪنهن حد تائين سڄي دنيا جي سامراج مخالف (جنهن کي کاٻي ڌر چوڻ زيادتي ٿيندي) شخصيتن، گروهن ۽ متحرڪ ڪارڪنن کي هڪ پليٽ فارم تي آڻڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي هئي. نوم چوسڪي، ارونڌتي راءِ، وندنا شيووا، برنارڊ ڪيسين، ڊيوڊ ڪارٽن، مارٽن ڪوهر ۽ ٻين ڪيترن ئي عالمگير شهرت رکندڙ سامراج مخالف شخصيتن جي شرڪت يقينن سڄي دنيا جي سامراج مخالف، عالمگيريت مخالف ڪارڪنن ۽ قوتن جي اتساهه جو ڪارڻ بڻي. WSF کي جتي سامراج مخالف نڪتن شعوري طور تي سوشلسٽ تحريڪ جي متبادل طور سڃاڻپ ڏياري سڄي دنيا ۾ سياسي طور ڪنڊائتي، غير متحرڪ ۽ غير سياسي ٿي ويندڙ کاٻي ڌر کي ٻيهر غير سياسي انداز ۾ متحرڪ ڪرڻ شروع ڪيو، اُتي دنيا ۾ متحرڪ ۽ سياسي طور تي باقائده سرگرم کاٻي ڌر ۾ پڻ اهو بحث کڙو ٿيو ته منصفاڻي واپار ۽ ”عالمگيريت مخالف“ ايجنڊا تي WSF جي نظرياتي ۽ سياسي ڪٿ ڪئي وڃي ۽ ان جي آڌار تي ان کي محض نعري جي آڌار تي نه، پر سندس ”ادارتي جوڙجڪ“ جي پويان ڪم ڪندڙ ايجنڊا جي پيش نظر ان جي ڪردار جي پرک ڪئي وڃي.

    هتي ٿوري روشني WSF جي قيام تي به وجهجي. اهو نئين صديءَ جو ابتدايه سال ئي هو، جڏهن WSF هڪ ادارتي شڪل ۾ عملي صورت ورتي. دراصل سوشل فورم جو نعرو هڻندڙ ۽ ان کي هڪ ادارتي شڪل ۾ متعارف ڪرائڻ وارا ٻيا ڪير نه، پر خود ورلڊ اڪنامڪ فورم جا ئي اعليٰ عملدار هئا، جن اتي محسوس ڪيو ته عالمي معيشت کي نئين شڪل ڏيڻ جي نالي ۾ گڏ ٿيندڙ ڪارپوريٽ دنيا جي چوٽيءَ جي واپارين توڙي اقتصادي طور مضبوط ملڪن جي نمائندن کي گلوبلائيزيشن جي نانءَ ۾ پنهنجي منافعي واري هٻڇ جو پورائو ڪرڻو آهي. ان کي آزاد واپار، آزاد مارڪيٽ جي نالي ۾ سڄي دنيا جي مارڪيٽ کي پنهنجي گوڏي هيٺ آڻڻ جي لالچ آهي ۽ منافعي جي هٻڇ ۽ مارڪيٽ جي لالچ ۾ اهو عالمي واپاري طبقو ايڏو ته انڌو ٿي چڪو آهي، جو کيس دنيا ۾ وڌندڙ بک ته پري، پر بکايل اڪثريت جي ڪاوڙ ۽ غصي جي اها انتها به ڏسڻ ۾ نٿي اچي، جنهن سان هو سڄي دنيا کي تهس نهس ڪرڻ جي سگهه رکي ٿي. ان سرمائيدار دنيا جي لالچ، هٻڇ ۽ انڌ کي نيٺ به ڪيئن انساني لباس پارائجي، جو اها وري دنيا لاءِ قابل قبول به رهي ۽ سندس انسان دوستي وارو ڍونگ به برقرار رهي. ياد رهي ته WSF جي تشڪيل ڪندڙ اهي ئي ڌريون هيون، جن WSF ۾ دنيا جي سرمائيدار هٻڇ ۽ مفادن کي سدائين پاڻي پئي ڏنو.

    دراصل نوي جي ڏهاڪي ۾ ئي دنيا جي سرمائيدار سامراج جو اهو ڀيانڪ، انسان دشمن روپ تڏهن ئي سامهون اچي ويو هو، جڏهن دنيا ۾ سوشلزم جي ڦهلاءَ جو خطرو بڻيل رياست سوويت يونين ڌڙام ڪري اچي پٽ پئي هئي. دنيا ۾ مارڪيٽ تي قبضي جي نيت سان ملڪن کي معاشي، سياسي ڪلچرل توڙي فوجي لحاظ کان پنهنجي هٿ هيٺ رکڻ جي صورت ۾ ”عالمگيريت“ جي نعري عملي طور تي سندن مفادن جي پورائي ۾ مددگار جو ڪم ڏنو. ”عالمگيريت“ جي نعري هيٺ سڄي دنيا جي منڊيءَ تي قبضو ڪرڻ جي خواهشمند طبقي کي پهريون دفعو 1999ع ۾ سياٽل ۾ WTO جي اعليٰ وزارتي اجلاس دوران ئي ان حقيقت جو اندازو ٿيو ته دنيا جي واپار تي اها حڪمراني کين ڏکي پوندي. جيڪڏهن انهن دنيا جي ان ڪاوڙيل، مڇريل ۽ پُرتشدد عوامي احتجاج کي قابو نه ڪيو ته...اهو ڊبليو ٽي او جي اعليٰ وزارتي اجلاس جو ئي ردعمل هو جو آمريڪا جي ڀرپاسي وارن ملڪن مان دنيا جي ڪاوڙيل اڪثريت، جنهن ۾ اين جي اوز کان ويندي سياسي ڪارڪن ۽ انارڪسٽن تائين جا هجوم شامل هئا، تن سياٽل کي پنهنجي عوامي احتجاج سان ميدان جنگ بڻائي ڇڏيو هو. ان پُرهجوم عوامي مظاهرن ۾ شريڪ مظاهرين، جنهن کي گهٽ ۾ گهٽ 40،000 ۽ وڌ ۾ وڌ ڪي ٻه لک لکيو ويو. اجلاس واري ڏينهن سياٽل جا رستا مظاهرين جي مارچن ۽ پوليس جي رڪاوٽي فائرنگ، ڳوڙها گئس جي شيلن، رٻڙ جي گولين ۽ مرچن جي اسپري سان دوهانٽيل رهيا.

    وزارتي اجلاس ۾ شريڪ ٿيندڙن جي رستا روڪ ٿي چڪي هئي، هوٽل گهيري ۾ وٺي بلاڪ ڪيو ويو. صبح کان هلندڙ مظاهرن ڪچڙي منجهند تائين بنهه پُرتشدد صورت اختيار ڪري ورتي هئي. رڳو هوٽلن ۽ سپر اسٽورن جون دريون ئي ڪو نه ٽُٽيون، پر مظاهرين جون پٺيون به ڇلبيون رهيون. پوليس رواجي تشدد باوجود ان هزارن جي تعداد ۾ آيل مظاهرين کي روڪڻ ۾ ناڪام رهي. سڄو شهر جنگ جو ڏيک ڏيندڙ رهيو، جهڙپون ۽ ڏندچڪ جو سلسلو تيستائين هلندو ئي رهيو، جيستائين ان ميٽنگ کي ملتوي نه ڪيو ويو. منجهند تائين ڪرفيو به لاڳو ڪيو ويو ۽ مظاهرين تي پاڻ جيان قلم 144لڳايو ويو. يعني No Protest Zone قرار ڏيئي ڪي پنجاهه بلاڪ مڪمل طور تي پوليس نفري حوالي ڪيا ويا. 6 سئو ماڻهن جي گرفتاري، 18 ملين جي خريداري جي نقصان ۽ 3 ملين ڊالرن جي ملڪيتي نقصان جي ڪٿ سان سياٽل جو معرڪو ائين درج ٿيو، جو ان کي عالمي مئگزين ”Good drama can make bad history“ (ڀلو ڊرامو به هڪ گندي تاريخ ٺاهي سگهي ٿو) جيتوڻيڪ سياٽل جي مظاهرين وٽ ”آزاد نه پر منصفاڻو وارپار کپي“ (Not free, but fair trade) ۽ ”سامراجيت ۽ عالمگيريت نامنظور“ جا نعرا هئا. پر انهن نعرن ۽ اهڙي پُرتشدد احتجاج ڪنهن حد تائين WTO جي ا عليٰ ادارتي ۽ فيصلا ساز قوتن/ ڌرين کي خوفزده ضرور ڪري ڇڏيو هو ۽ اهو ئي پسمنظر هو، جنهن ۾ WSF (ورلڊ سوشل فورم) کي جنم ڏنو ويو.

    ATTAC برازيل جي پورهيت تحريڪ سان گڏ دنيا جون ٻه مشهور اين جي اوز Oxfam ۽ فورڊ فائونڊيشن ئي هيون، جيڪي WSF جي قيام ۾ پيش پيش رهيون. فورڊ فائونڊيشن جي ماضي کي ڏسجي (جيڪا WSF جي قيام کان وٺي ”ٻي دنيا ممڪن آهي“ جي نعري جي جنم ۽ برازيل ۾ ورلڊ سوشل فورم جي پهرين اجتماع ۾ سڀ کان وڌيڪ سرگرم رهي آهي.)

    دنيا جي ڏهن امير ترين سماجي ڀلائي وارين تنظيمن مان هڪ ”فورڊ فائونڊيشن“ دراصل نيويارڪ جي هينري فورڊ، جيڪو فورڊ موٽر ڪمپني جو مالڪ آهي، تنهن پاران قائم ڪيل هڪ چيئرٽي اداري طور مشهور آهي، جيڪا ”جمهوريت جي واڌاري“ ۽ ”غربت جي خاتمي“ سان گڏو گڏ عالمي يڪجهتيءَ کي پڻ هٿي ڏيندڙ اداري طور ڪم ڪري ٿي. ”فورڊ فائونڊيشن“ جو سياسي حوالي سان ريڪارڊ ائين به خراب آهي، جو اها ماضيءَ ۾ سرد جنگ دوران چيئرٽي فنڊنگ جي ليبل ۾ دراصل C.I.A جي آلهءِ ڪار ۽ ساٿاري جماعت طور سوشلسٽ مخالف تحريڪن ۽ ثقافتي سرگرمين کي باقائده فنڊنگ ڪندي رهي آهي، جيئن سوشلسٽ بلاڪ کي سندس ئي گروهه هٿان ڪمزور ڪري سگهجي. C.I.A پاران وڏي پئماني تي سرد جنگ دوران شاگردن ۽ نوجوانن جي گروهن، ليبر يونين، يونيورسٽين، پريس پبلشنگ ادارن ۽ اهڙن سڀني ڪلچرل گروهن جي مالي معاونت ڪندي رهي آهي، جيڪي ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ سوشلسٽ بلاڪ کي اندران ئي اندران ڪمزور ڪري سگهيا ٿي. انساني حقن جي جماعتن کي به فورڊ فائونڊيشن 1950ع ۾ ان ڪري فنڊنگ ڪرڻ شروع ڪئي، جيئن اهي سوشلسٽ رياستن جي تنقيدي دانشورن ۽ قلمڪارن کي اظهار راءِ جي آزادي ۽ ”مخالف آواز“ طور مشهوري ڏيئي اينٽي سوشل ڪيمپ ۾ بيهاري سگهن. حقيقت ته اها هئي ته فورڊ فائونڊيشن وسيلي C.I.A سرد جنگ دوران هر پروفيسر، ليبر يونين جي ليڊرن، شاگرد آواز، اديبن، قلمڪارن، فنڪارن، اخباري صحافين توڙي دانشورن جي ايمان جي قيمت مقرر ڪري ڇڏي هئي. پئرس جي آرٽ ۽ ادب جون نمائشون ۽ فورم سجائڻ جي قيمت پڻ فورڊ فائونڊيشن پئي ادا ڪئي. لنڊن مان شايع ٿيندڙ مشهور ادبي رسالو Encounter توڙي ”ڪانگريس فار ڪلچرل فريڊم“ پڻ انهن ادارن ۾ شامل هئا، جن سنئين سڌي C.I.A کان ٿي امداد ورتي. ياد رهي ته ”ڪانگريس فار ڪلچرل فريڊم“ ۾ پنهنجو اي ڪي بروهي پڻ سرگرم ڪارڪن رهيو آهي.

    اسٽيفن اسپينڊر، آرٿر ڪوئسلر، جارج آرويل ڇهڙن پروليفٽ قلمڪارن کي پروموٽ ڪرڻ سميت سڄي يورپ جي اينٽي ڪميونسٽ رسالن کي C.I.A پاران فورڊ فائونڊيشن وسيلي فنڊنگ ٿيندي رهي. اينٽي اسٽالنسٽ گروهن کي ساڄي ڌر ۽ کاٻي ڌر جي قريب آڻڻ سميت انڊونيشيا ۾ 60ع ڌ اري ڪميونسٽن خلاف فوجي جرنيلن ۽ ٻين گروهن کي ويڙهه لاءِ تيار ڪرڻ ۾ پڻ فورڊ فائونڊيشن کي ڏسي سگهجي ٿو. ياد رهي ته 60ع ڌاري انڊونيشيا ۾ ڪميونسٽن خلاف هلندڙ ويڙهه ۾ 50 هزار ڪميونسٽن جو قتل عام ڪرايو ويو هو. ماضيءَ ۾ C.I.A سان ٻانهن ٻيلي ٿي ڪم ڪندڙ ان ئي تنظيم جي فنڊنگ سان سڄي يورپ جي سياسي دانشورن ۽ پروفيسرن جو ملهه ڪٿيندي کين عوامي سياسي مزاحمتي تحريڪن کان پاسيرو ڪندي ”انفراديت جي آرٽ“ ڏانهن گهلي ويندڙ فورڊ فائونڊيشن جي ڪردار کي ”ورلڊ سوشل فورم“ جي قيام ۾ ڪنهن به صورت ۾ نظرانداز نٿو ڪري سگهجي.

    ساڳيءَ طرح سان ورلڊ سوشل فورم جي قيام ۾ سڀ کان وڌيڪ سرگرم ATTAC پڻ تنقيد هيٺ ايندڙ آهي. ATTAC دراصل هڪ فرينج آرگنائيزيشن آهي. بظاهر ڊبليو ٽي او، عالمگيريت، آءِ ايم ايف، ورلڊ بينڪ سميت 8 G جي انهن سڀني فيصلا ساز ادارن تي تنقيدي اک رکندڙ آهي، جيڪي سڄي دنيا جي معيشت کي ڪنٽرول ڪن ٿا.

    ”دنيا وڪري لاءِ نه آهي“ جيتوڻيڪ ATTAC وٽ اهو پُرفريب نعرو به آهي، پر پوءِ به مٿس عام سياسي تنقيد اها آهي ته وٽن دنيا جي غريب طبقي جي ڪا ذڪر جوڳي نمائندگي آهي. ائين چئي سگهجي ٿو ته ATTAC رياستي سرمائيداري نظام تي تنقيد ڪرڻ بجاءِ اها فلاحي رياست جي گهر ڪندڙ آهي، جڏهن ته ATTAC جي ”ورلڊ سوشل فورم“ جي جوڙجڪ ۽ گلوبلائيزيشن خلاف عوامي دٻاءَ واري تحريڪ پويان به ڪي ٻيا محرڪ نه، پر دراصل اهي اڪنامڪ فورم کان ويندي عالمي معيشت کي ڪنٽرول ڪندڙ عالمي ادارن جي فيصلا ساز ادارن ۾ آمريڪا جي اجاري داري کي منهن ڏيڻ لاءِ چئلينج ڏيڻ چاهين ٿا ۽ اهو ئي بنيادي جهيڙو آهي، جيڪو يورپي يونين ۽ آمريڪا جي وچ ۾ اندر ئي سرد جنگ جيان نبيرجي رهيو آهي. اهو سمجهڻ ۽ اندازو لڳائڻ به ڪو گهڻو مشڪل نه آهي ته آمريڪا ۽ يورپ جو بنيادي مسئلو به ”عالمي منڊي“ تي قبضو ڪرڻ آهي، جنهن ۾ يقينن موجوده صورتحال ۾ في الحال عالمي مارڪيٽ تي آمريڪا جي اجاراداري ئي آهي، جيڪا يورپي يونين لاءِ مسلسل چئلينج بڻيل آهي. ياد رهي ته ATTAC يعني Assosciation for the taxation of financial transection for aid of citizenes جي شروعات به فرانس ۾ هڪ نڪتي واري ايجنڊا يعني ملڪي سرحدن کان ٻاهر ٿيندڙ ڪرنسي واري واپار تي ٽيڪس لڳائڻ جي مطالبي سان ٿي. سياٽل جي معرڪي ۾ پڻ ATTAC گلوبلائيزيشن خلاف عوامي مزاحمت کي آرگنائيز ڪرڻ ۾ سڀ کان اڳيان اڳيان هئي. يورپي يونين جي آئيني جوڙجڪ ۾ آمريڪي اثر کان آزاد جمهوري ۽ سماجي انصاف جي حاصل يورپ واري تصور کي هٿي ڏيڻ ۽ ان تعليم کي عام ڪرڻ ۾ به ATTAC جو وڏو هٿ رهيو. ATTAC هن وقت تقريبن يورپ جي سڀني ملڪن ۾ پنهنجو تنظيمي وجود رکي ٿي.

    WSF جي بانيڪارن مان، جن سياٽل جهڙن معرڪن سان منهن ڏيڻ لاءِ حڪمت عملي ٺاهڻ شروع ڪئي، تن مان ATTAC به هڪ هئي. سندن چواڻي ته ورلڊ سوشل فورم جو مقصد سياٽل، واشنگٽن يا پرگ جيان مزاحمت ڪرڻ نه هو، پر تعميري جذبي سان جدوجهد لاءِ هڪ نظرياتي فريم ورڪ جي تشڪيل هئي، جيڪا گلوبلائيزيشن جي نئين صورت ۽ هڪ نئين دنيا ممڪن بنائي، جيڪا برابري ۽ يڪجهتي تي ٻڌل هجي. حقيقت ته اها هئي ته عالمي مالياتي ادارن خلاف عوامي مزاحمت ورلڊ بينڪ، آءِ ايم ايف، ايشين ڊولپمينٽ بينڪ ۽ ٻين ادارن کي واقعي سوچڻ ۽ بحث ڪرڻ تي مجبور ڪري وڌو ته ان عوامي احتجاج کي ڪيئن منهن ڏجي ۽ ان لاءِ عالمي بينڪ جي مصالحاتي پاليسي موجب ان سماجي ڌارا کي روڪڻ لاءِ ۽ ان جو منهن موڙڻ لاءِ حفاظتي اپاءَ وٺڻ ته ويچاريو ويو، جنهن ۾ متفقه طور تي اهو حفاظتي بند ٻڌڻ جو بار اين جي اوز ۽ فنڊيڊ نام نهاد سول سوسائٽيءَ جي ڪلهن تي وڌو ويو. اها عالمي بينڪ ئي هئي، جنهن جي فنڊنگ سان هڪ نئين اين جي او وجود ۾ آندي وئي، جنهن کي ”ايشيا پيسفڪ ڪميونٽي“ جو نانءُ ڏنو ويو. ان وقت جڏهن عالمي بينڪ سوشل سيفٽي نيٽ ورڪنگ گروپ ٺاهڻ لاءِ اوڀر ايشيا ۽ ڏکڻ ايشيا جي وڏين اين جي اوز ۽ وزيرن جي سطح تي نوان ٽرسٽ ٺاهڻ شروع ڪيا، ان وقت فرانس ۾ ATTAC جو بنياد پئجي رهيو هو. جيڪا فرانس کان پوءِ سڄي يورپ توڙي لاطيني آمريڪا تائين پکڙجي ويئي.

    سياٽل معرڪي کان ڪو هڪ سال اندر ئي ڊسمبر 2002 ۾ گڏيل قومن پاران جنيوا ۾ گلوبلائيزيشن ۽ سماجي مسئلن تي هڪ سماجي ڪانفرنس ڪوٺائي ويئي. ان ئي ڪانفرنس ۾ عالمي مالياتي ادارن پاران پيش ڪيل رپورٽ ۾ ”غربت کي گهٽائڻ“ لاءِ سول سوسائٽي (فنڊيڊ اين جي اوز) کي پائيدار ترقيءَ جي راهه ۾ آيل دشوارين کي دور ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويو. ڪانفرنس جي پڄاڻيءَ تي سوين اين جي اوز جي موجودگي ۾ ئي پهرين دفعو WSF جو باقائده اعلان ٿيو ۽ کين ان ۾ شموليت جي دعوت ڏني ويئي ۽ اهو ”سوشل“ لفظ ئي آهي، جنهن تي ڀُلجي پراڻا مدي خارج سوشلسٽ ان فورم کي سياسي تبديليءَ جو فورم سمجهڻ جي غلطي ڪري رهيا آهن. اهي جماعتون جيڪي پنهنجي پنهنجي ريجن ۾ حڪومتن ۽ حڪمران طبقي جون سهڪاري رهيون آهن، ”ورلڊ سوشل فورم“ جون واڳون به تن اين جي اوز کي ئي ڏ نيون ٿي ويون.

    amarsindhu@yahoo.com
     
  9. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: امر سنڌو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    دنيا کي ”غير سياسي“ بنائڻ جون سرگرميون!



    سومر 10 اپريل 2006ع

    جيئن ته ورلڊ سوشل فورم جي قيام کان وٺي ان مٿان دنيا کي غير سياسي بنائڻ واري ايجنڊا تي ڪم ڪرڻ جو الزام اڳ ئي لڳي رهيو هو، پر 2003ع ۾ جڏهن برازيل ۾ ٿيندڙ ورلڊ سوشل فورم گالا ۾ شرڪت جا شرط رکيا ويا ته ان ۾ خاص طور لکيل هو ته، ”ڪو به گروهه پنهنجي سياسي پارٽي طور شريڪ نٿو ٿي سگهي.“ يا اهو ته، ”ورلڊ سوشل فورم سڀني لاءِ کُليل آهي، سواءِ انهن جي جيڪي ويڙهه ۾ دشمن کي ختم ڪرڻ ۽ ان جي جان وٺڻ کي سياسي عمل سان ڀيٽين ٿا.“ اهي شرط اهڙا شرط هئا، جن تي ٻيو ته ٺهيو پر خود برازيلي ورڪرس پارٽي ۾ پڻ ڏڦيڙ پيدا ٿي ويو ۽ ورلڊ سوشل فورم ۾ پهريون ڀيرو پارٽيءَ کي ظاهر ظهور ٻن حصن ۾ ورهائجندي ڏٺو ويو. ڪيترائي ويڙهاڪ نه رڳو پارٽيءَ کان عليحده ٿيا، پر انهن ٻي پارٽي جو پڻ اعلان ڪري ڇڏيو. پارٽي جي صدر لولاجي، جيڪو برازيل جو هاڻوڪو صدر پڻ آهي، ان تي پارٽي کي انقلابي پارٽي مان اصلاحي پارٽي بنائي ڇڏڻ جا الزام پڻ آيا. لولاجي ورلڊ سوشل فورم جوائن ڪرڻ ۽ بعد ۾ صدر چونڊجڻ کان پوءِ وري ان ساڳئي ئي ورلڊ ايڪنامڪ فورم جي سالياني ڪانفرنس اٽينڊ ڪرڻ لاءِ پڻ ويو. رڳو ايترو ئي نه پر WEF جنهن کي ورلڊ سوشل فورم ۾ گلوبلائيزيشن جي حوالي سان سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ويو هو. ورلڊ سوشل فورم جي ڪانفرنس کان پوءِ نه رڳو WEF ۾ لولاجي شرڪت ڪئي، پر حڪومت ۾ اچڻ کان پوءِ جيئن جو تيئن IMF جي پاليسين سان ترتيب ڏنل نيو لبرل پاليسين کي پڻ جاري ۽ ساري رکيو.

    حقيقت اها آهي ته ورلڊ سوشل فورم جيڪو بظاهر گلوبلائيزيشن جي مخالفت ۾ ٺهندڙ فورم جو ڏيک ڏيندڙ هو، تنهن دراصل دنيا ۾ آزادين، انقلابن، خودمختيارين لاءِ جهيڙيندڙ قومن ۽ گروهن کي هڪ ٻئي سان ڳنڍڻ بجاءِ انهن کي غير سياسي بنائڻ ۾ ورلڊ اڪانامڪ فورم ۽ ٻين استعماري قوتن جو ساٿاري فورم نظر آيو. رڳو آڪسفيم، فورڊ فائونڊيشن ئي نه، پر برازيل واري ڪانفرنس ۾ گلوبلائيزيشن جي چئمپين ملڪن مثلن فرانس، بيلجئم، پورچوگال جا ناڻي وارا وزير ته شامل ڪيا ويا، پر ان ساڳي فورم جا دروازا لاطيني آمريڪا جي ويڙهاڪ کاٻي ڌر توڙي سياسي پارٽين لاءِ بند رهيا. ڪميونسٽ تحريڪ ۽ لاطيني آمريڪا جي سياسي پارٽين لاءِ فورم جا دروازا بند رکي سڄي دنيا جهان مان هارايل، ٿڪل ۽ مايوس ويٺل کاٻي ڌر ۽ ٻين عوامي مقبوليت رکندڙ شخصيتن کي گهرائي اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي ته هن فورم تي کاٻي ڌر ٻيهر گڏ ٿي سامراج مخالف تحريڪ سان هڪ ”نئين دنيا“ ممڪن بنائيندي.

    برازيل کان پوءِ ورلڊ سوشل فورم جو ٻيو پڙاءُ پنهنجي پاڙي واري ملڪ هندستان جو حيدرآباد دکن ئي هو، جتي اهو فورم ”ايشيا سوشل فورم“ ۽ ”هڪ نئون ايشيا ممڪن آهي“ جي نعري هيٺ منعقد ٿيو. لاطيني آمريڪا جيان حيدرآباد دکن جي چونڊ به ان ڪري ٿي جو ڏکڻ ايشيا ۾ نيپال جي مائو نواز ڪميونسٽ هٿياربند جدوجهد ۽ خود هندستان ۾ نيڪسلائيٽ تحريڪ پاران هٿياربند جدوجهد عوامي مقبوليت ماڻي رهي هئي. ڏکڻ ايشيا جي ڪک به انقلابن/عوامي تحريڪن، سياسي جدوجهدن لاءِ نه رڳو سدا زرخيز رهي آهي، پر اها پنهنجي عوامي جوهر ۾ پڻ سدائين سامراج مخالف رهي آهي. سامراج مخالف سياسي تحريڪن جي اثر زائل ڪرڻ لاءِ ورلڊ سوشل فورم هڪ انتهائي ڪارآمد مورچو ثابت پي ٿيو. حيدرآباد دکن واري ورلڊ سوشل فورم ۾ عوامي شرڪت ايتري پيماني تي جيتوڻيڪ نه رهي، جيڪا ممبئي ۾ ڏسڻ ۾ آئي، پر اهو ضرور هو ته حيدرآباد دکن وارو ميڙاڪو، جيڪو ”ايشيا سوشل فورم“ جي نانءَ ۾ ترتيب ڏنو ويو، تنهن ۾ اها شعوري ڪوشش شامل هئي ته آنڌرا پرديش جي هن ريجن ۾ انتهائي مضبوط ۽ انتهائي منظم مائوسٽ هٿياربند جدوجهد جي اثر کي زائل ڪجي. ياد رهي ته اها مائوسٽ هٿياربند تحريڪ جيڪا نيڪسلائيٽ جي نالي سان مشهور آهي، تن ڏينهن ۾ سندن نيپال جي عوامي جدوجهد سان نظرياتي ۽ سياسي مزاحمت جي حوالي سان ڏکڻ ايشيا جي سطح تي گڏيل/سهڪاري سياسي پليٽ فارم جون ڳالهيون هلندڙ هيون. حيدرآباد دکن ۾ ورلڊ سوشل فورم کي ”ايشيا سوشل فورم“ جي نالي ۾ کڻي اچڻ تي به ڀارت جي سوشلسٽ/ ڪميونسٽ جماعتن نه رڳو تنقيد ڪئي، پر جڏهن هڪ نئين ايشيا جي ممڪنات تي اهو ميلو هلندڙ هيو، تڏهن حيدرآباد جي پريس ۾ توڙي ڳلين گهٽين ۾ عوامي احتجاج، مارڪسسٽ ليننسٽ پارٽين جي روزاني ريلين سان ان غير سياسي نعري ۽ غير سياسي پليٽ فارم جي مذمت ٿي ڪئي ويئي. ويسٽ بنگال جي اها مارڪسسٽ پارٽي، جيڪا پنهنجي حڪمراني واري رياست ۾ پرائيويٽائيزيشن جي وزارت به رکي ٿي ۽ جيڪا هاڻ ڪانگريسي حڪومت ۾ پڻ نيولبرل اقتصادي پاليسين کان وٺي پرو-آمريڪي پرڏيهي پاليسين ۾ ساڻن گوڏو گوڏي ۾ ملائي بيٺل آهي، سا پڻ ان فورم جي آجيان ڪندڙ پارٽين مان هئي. فورم اگينسٽ امپيريل گلوبلائيزيشن (Forum against imperial globalization) اهو متبادل فورم هو، جيڪو 4 جنوري 3 0 0 2 ع ۾ ٺيڪ ان ئي هنڌ ريليون منعقد ڪرايون، جتي ASF جون تقريبون هلندڙ هيون.

    ”ورلڊ بينڪ، آءِ ايم ايف ۽ ڊبليو ٽي او پاليسيون نامنظور“ جي نعرن جي گونج سان ڪي لڳ ڀڳ ٻارنهن کان پندرنهن هزارن تائين جي ماڻهن جا هجوم ساڳي ئي حيدرآباد دکن جي گهٽين ۾ ريلين جي صورت ۾ گشت ڪندا نظر آيا. دراصل سندن اها تنقيد به جائز هئي ته ورلڊ سوشل فورم پاران گلوبلائيزيشن جو نعرو به دراصل ”سامراجيت“ جي نعري جي متبادل طور اڳيان آڻڻ جي ڪوشش آهي، پر اهو هڪ حقيقي سامراج مخالف سياسي پارٽي/نظرئي جو فرض آهي ته اها ان ڪوشش کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏي، ڇو ته گلوبلائيزيشن پڻ سامراج جي ڪک مان نڪتل مسئلو آهي ۽ ان جي تيستائين منهن مقابل نٿو ٿي سگهجي، جيستائين سامراجيت جي پوري نظام کي سمجهي ان کي رد نٿو ڪيو وڃي. هتي پڙهندڙن کي اهو ٻڌائيندو هلجي ته2003ع ۾ حيدرآباد واري ان سرگرميءَ جي فنڊنگ ڪندڙ مک آرگنائيزيشن فورڊ فائونڊيشن ئي هئي، جنهن جا آمريڪي سي آءِ اي سان تعلقاتن جي تاريخ جو ذڪر پاڻ اڳ ئي ڪري چڪا آهيون. هن ميڙ لاءِ به ڪي اڍائي ڪروڙ رپيا ته رڳو آمريڪا جي فورڊ فائونڊيشن ئي فنڊ طور ڏنا. نه رڳو ايترو، پر هن پروگرام جي پڄاڻي واري فنڪشن ۾ آر ڪي نارائڻ به مک مهمان طور شريڪ ٿيو، جيڪو انڊيا ۾ علي الاعلان ورلڊ بينڪ پاليسين جو وڏو حامي ليکيو ويندو آهي. ياد رهي ته هو ”ڪانگريس فار ڪلچرل فريڊم“ ۾ پڻ پنهنجي اي ڪي بروهي سان گڏ هڪ سرگرم ڪارڪن طور شامل رهيو آهي. حيدرآباد جي پروگرام ۽ تقريبن جي ميزباني به ٻئي ڪنهن نه، پر آنڌرا جي ئي وڏي وزير پاران ڪئي ويئي. آنڌرا پرديش ۾ ايشيا سوشل فورم جي مخالفت ۾ ريليون ڪڍندڙ کاٻي ڌر جي هجومن تي نه رڳو حملا ڪرايا ويا، پر انهن ڪٿي ڪٿي ته باقائده فساد جي شڪل به ورتي.

    2003ع ۾ آنڌرا پرديش کان پوءِ 2004ع ۾ پڻ ورلڊ سوشل فورم جي سالياني ميڙ سان شامل ۽ شريڪ کاٻي ڌر کي ڇڏي، باقي گروپن پاران مخالفت ۽ بائيڪاٽ سان گڏ هن ميگا ايونٽ کي ڪائونٽر ڪرڻ لاءِ ساڳي ئي ممبئي ۾ MR يعني Mumbai Resistance (ممبئي مزاحمت) جي نالي سان هڪ متبادل پليٽ فارم/فورم پڻ منعقد ڪرايو ويو، جنهن ۾ ورلڊ سوشل فورم کان اختلاف راءِ رکندڙ سياسي پارٽين توڙي غير سياسي جماعتن کي پنهنجو پاڻ اظهارڻ جي جاءِ ڏني ويئي. حقيقت اها آهي ته وري به هندستان جي چونڊ ان ڪري ڪئي وئي، جو لاطيني آمريڪا جيان انڊيا ۾ سامراج مخالف جذبا هڪ سياسي تحريڪ/پارٽي جي صورت ۾ نه رڳو پنهنجو پاڻ کي اظهارين ٿا، پر گڏوگڏ اهي ڪنهن وقت به رياست لاءِ اهڙو خطرو بڻجي سگهن ٿا. اها ڳالهه به نوٽ ڪرڻ جهڙي آهي ته نيپال جي مائو نواز تحريڪ ۽ ڀارت جي نيڪسلائيٽ تحريڪن جي هڪ ٻئي سان ويجهڙائپ ۽ ڳانڍاپو به ممڪنه طور تي ڪنهن نئين ريڊيڪل سياست جي ابتدا، ڏکڻ ايشيا جي پس منظر ۾ برپا ڪري سگهڻ جا امڪان رکي پئي. انهن امڪانن جي خطري کي رد ڪرڻ لاءِ ورلڊ سوشل فورم جي سوشل (سوشلسٽ هرگز نه) گيڌرنگ کي ڀارت آڻڻ شايد ان ڪري به ضروري هو، جو کاٻي ڌر جي پارٽين جي حڪمران جماعتن ۽ عالمي سامراجي ادارن سان گڏ ويهڻ جي صورت ۾ اهو تاثر ختم ٿي وڃي ها ته انهن خلاف ويڙهه کائيندڙ جماعتن جو چونڊيل رستو ئي انقلاب جي واحد علامت آهي، يا وري اهو ته ورلڊ سوشل فورم جي سياسي ۽ نظرياتي جوڙجڪ جي حوالي سان مٿس ڪنهن شڪ جي گنجائش باقي رهي ٿي. ورلڊ سوشل فورم ۾ حڪمران جماعت، سوشل ڊيموڪريٽس ۽ سامراجي فنڊنگ ايجنسين جو ميلاپ آخر ڪهڙي نئين دنيا جي تشڪيل ڪري سگهي ٿو؟

    اهو سوال بار بار تيستائين پڇيو ئي ويندو، جيستائين سامراج وٽ ”انقلابي قوتن کي پنهنجو پاڻ ۾ ضم ڪرڻ جي اها شعوري ڪوشش هلندي رهندي. اچو، ممبئي ميلي جي فنڊنگ ايجنسين جو ٿلهي ليکي جائزو وٺون. ”ورلڊ سوشل پراجيڪٽ 2004ع“ جا ڪل خرچ هڪ تخميني مطابق 29.7 ملين ڊالر (لڳ ڀڳ 135 ڪروڙ) ڪٿيا ويا، جنهن ۾ پڻ ان جو ڪو نوي سيڪڙو خرچ يعني 26.2 ملين ڊالر ته رڳي وفدن جي اچ وڃ ۽ شرڪت تي رکيل هئا. (اڃان به جيڪڏهن چئجي ته وفد ڪرائي تي آيل هئا ته پنهنجن دوستن کي مائينڊ نه ڪرڻ کپي) ياد رهي ته ان ۾ فنڊ ڏيندڙ سڀئي پرڏيهي فنڊنگ ايجنسيون شامل آهن، جيڪي مک اين جي اوز جي ذريعي اهي فنڊ ورهائينديون آهن. اهو به ذهن ۾ رکجي ته هي ته انهن فنڊن جو ذڪر آهي، جيڪي سنئون سڌو ورلڊ سوشل فورم جي سيڪريٽريٽ ۾ جمع ٿيا، باقي جيڪي هيٺ مٿي ۽ هيڏانهن هوڏانهن ٿيا هوندا، پاڻ وٽ تن جو ڪو ڪاٿو آهي ۽ نه ڪو حد حساب.

    واقعي هيءَ ڪهڙي نه رنگين دنيا هئي، عجيب ميلو هو، جنهن ۾ حڪمران سوشل ڊيموڪريٽ، ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا به گڏ آيل آهي ته ورلڊ بينڪ جو چيف وولفن به پنهنجو پيغام موڪلي ٿو. آئرلينڊ جو اڳوڻو صدر به اُتي، ته گڏيل قومن جو انساني حقن وارو ڪمشنر به اُتي شامل. نه رڳو ايترو، پر ممبئي واري پروگرام ۾ ته اهي اعلان به ٿيا ته ورلڊ سوشل فورم جو گڏيل پيغام ورلڊ اڪانامڪ فورم (WEF) جي وس ڌڻين تائين پهچائبو. ٻئي پاسي فنڊنگ ايجنسين جا تفصيل به ڏسندا هلو. آڪسفيم 8.5 يعني ساڍا اٺ ڪروڙ ڊالر (ياد رهي ته آڪسفيم جو تعلق برطانوي حڪومت سان آهي) نيدرلينڊ جي فنڊنگ ايجنسي جا به ان ۾ وڏا شيئر ڏسي سگهجن ٿا. ورلڊ سوشل فورم جا آرگنائيزر پوءِ اهي برازيلي هجن، ڀارتي هجن يا پنهنجا پاڪستاني، اهي ڪڏهن به ملندڙ فنڊنگ جا انگ اکر ۽ ڊونر ايجنسين جا مڪمل تفصيل خرچ سميت ڏيڻ کان لنوائين ٿا. پر ان باوجود جيڪي علي الاعلان فنڊنگ ڪن ٿا، رڳو تن جا ئي پار پتا هٿ ڪجن ته اهو ڳجهه ڳولهڻ ڪو ڏکيو نه ٿيندو ته ان هيڏي ساري فنڊنگ جي اصل ايجنڊا ڇا آهي؟

    ”نئين دنيا ممڪن آهي“ ڀارت وٽان ٿيندو اهو نعرو جيستائين پاڻ تائين ڪراچي ۾ پڳو تيستائين ته ”ورلڊ سوشل فورم ۽ اين جي اوز ميلاپ“ ايترو ته وائکو ٿي چڪو هو، جو ٻيو ته ٺهيو پر اها ساڳي ارونڌتي راءِ، جنهن برازيل ۾ ماڻهن جا هجوم ڏسي چيو هو ته، ”ٻي دنيا رڳو ممڪن ئي ناهي، پر اها ساهه کڻندي نظر به اچي رهي آهي“ تنهن پنهنجي ڪراچي واري فيسٽيول ۾ اهو چئي اچڻ کان انڪار ڪيو ته، ”هيءُ هاڻ اين جي او جو ميلو وڃي بچيو آهي. ماڻهن جا ميڙ گڏ ڪرڻ ڪافي ناهي، اڳتي ڇا هئڻ کپي، هاڻ ان جي وضاحت انتهائي ضروري آهي.“ ياد رهي ته ارونڌتي راءِ به ڪا کاٻي ڌر سان واڳيل ناهي، سندس سڃاڻپ سامراج مخالف دانشور طور سامهون آئي آهي، پر پوءِ به کيس WSF جي غير اثرائتي هئڻ جو احساس ضرور جاڳيو آهي.

    حقيقت ته اها آهي ته هيل تائين ڪراچي ايونٽ جي حوالي سان جيڪا به ٽيڪا ٽپڻي ٿي آهي، سا ان جي انتظامن صحيح يا خراب هئڻ جي ڪري ٿي آهي. جيتوڻيڪ عالمي ميڊيا هن ميلي کي ڪا خاص لفٽ ڪو نه ڪرائي، پر پوءِ به جيڪا راءِ عالمي مبصرن وٽان آئي، سا به اها هئي ته هن سڄي ميلي ۾ اين جي اوز وٽ گلوبلائيزيشن ۽ سياسي گروهن وٽ مقامي مسئلا هئا. عالمي سامراجيت خلاف، عراق ويڙهه خلاف ڪو جوڳو قابل ذڪر ايونٽ شامل نه هو. انڊيا جي رسالي آئوٽ لڪ کي ته ڪشمير مسئلو ئي هن جي پرڏيهي مسئلن جي حوالي سان ڇانيل نظر آيو ته مقامي مسئلن ۾ سنڌ ۾ پاڻيءَ جو مسئلو ۽ بلوچستان جو فوجي آپريشن به هن ميڙ ۾ سياسي ايجنڊا طور نظر آيا.

    ڪراچي جي ميڙ، ماڻهن کي هڪ تفريح مهيا ڪئي، اهڙي تفريح جنهن ۾ سياست جو فليور به هو ته ٿيٽر به هو، ڊانسون به هيون ته تقريرون به هيون، جيتوڻيڪ ورلڊ سوشل فورم جي ان جهان ۾ هڪ جهان سمايل هو، پر اهو ڪنهن تبديلي ڏانهن وٺي ويندڙ مڃجي اهو غلط ٿيندو. اهي سياسي ڌريون، جيڪي ان فنڊيڊ 6 روزه تقريب ۾ مهمان طور شريڪ ٿيون، سي بيشڪ ته پنهنجو موقف پيش ڪرڻ لاءِ ان فورم جو استعمال ڪن ها، پر گڏو گڏ کين اهو به واضح ڪرڻ لازمي هو ته سياسي نظرئي جي حوالي کان ورلڊ سوشل فورم جي وٽن ڪهڙي ڪٿ آهي؟ سياسي حوالي سان سندن سي آءِ اي فنڊيڊ، ورلڊ بينڪ فنڊيڊ، آءِ ايم ايف فنڊيڊ فورم بابت ڪهڙو موقف آهي؟ ۽ ٻيو ته ٺهيو، پر اهي سياسي جماعتون جيڪي ڪيڊر جي سطح تي ئي نه، پر عوامي سطح تي به پنهنجون پاڙون عوام ۾ رکندڙ آهن، تن کي ان فنڊيڊ سرگرميءَ مان آخر ڪهڙي اميد هئي؟ جيڪا سرگرمي 6 ڏينهن جي ميلي ۾ ڪي 6 ڪروڙ خرچ ڪري به مجموعي طور تي عالمي ميڊيا ۾ ڪو جوڳو تاثر ڇڏڻ ۾ ناڪام رهي. ان سرگرميءَ ۾ پنهنجي ان چٽي سياسي موقف سان سامهون اچجي ها، جنهن ۾ ورلڊ سوشل فورم جي عالمي سياسي ايجنڊا کي به سمجهجي ها ته گڏو گڏ انهن فنڊنگ ايجنسين -حڪومت سان شامل ۽ سهڪاري اين جي اوز جي ڪردار کي به سمجهجي ها ته وڌيڪ بهتر هو. 6 ڏينهن ۾ ورلڊ سوشل فورم ۾ جدا جدا سرگرمي ڪرڻ بدران هڪ ڏينهن ئي ورلڊ سوشل فورم ۾ شامل سڀني سامراج مخالف سياسي جماعتن کي ساڻ ڪري ڪراچي پريس ڪلب آڏو پنهنجو خالص نظرياتي سياسي موقف ڏجي ها ته شايد سندن اها سرگرمي فنڊيڊ ايجنسين جي کاتي ۾ نه وڃي ها. بيشڪ ته هتي نظرياتي سياست جي جاءِ مصلحت پرست سياست وٺي چُڪي آهي، اُتي اهي فورم به غنيمت....پر سوال وري به ساڳيو ئي آهي ته ڇا G-8، ورلڊ بينڪ ، ورلڊ اڪانامڪ فورم جهڙن استحصالي ادارن جي سڌي/اڻ سڌي طرح فنڊنگ سان ترتيب ڏنل فورم ورلڊ سوشل فورم مان ڪنهن نئين ۽ بهتر دنيا جي اميد ڪري سگهجي ٿي؟
    amarsindhu@yahoo.com
     
  10. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: امر سنڌو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    نجڪاريءَ جي نالي ۾ وڪرو ٿيندڙ روزگار جا ذريعا!



    خميس 27 اپريل 2006ع

    ”پورهيت! تون ته کڻي پنجويهه سالن جو آهين، پر تنهنجي يونين گذريل صدي کان آهي.“

    ”حقيقت پسند ٿي ۽ ناممڪن لاءِ پاڻ پتوڙ...“

    ”ڪامريڊ! هاڻ تکو ڊوڙ...پراڻي دنيا ته هن جي پٺيان آهي.“

    ”اٿو...يونيورسٽين جي ڏڪاريل خلق (شاگرد) هاڻ اٿي پئو....“

    مئي 1968ع واري شاگردن جي يادگار مزاحمتي تحريڪ جا مٿيان سدا حيات نعرا پنهنجي چپن ۽ سرخ بينرن تي سجائي جڏهن فرانس ۾ شاگرد هن سال جي مارچ ۾ ٻيهر مارچ لاءِ اٿيا، تڏهن به فرانس جا شهر ۽ روڊ 1963ع جي يادگيريءَ جي ورجاءَ جو ڏيک ڏيڻ لڳا...رڳو ايفل ٽاور وارو پئرس ئي نه، ڄڻ ته فرانس جو هر شهر ۽ يونيورسٽين جو هڪ هڪ ڪئمپس شاگردن ۽ مزاحمتي پورهيتن لاءِ جنگ جو ميدان ٿي پيا. ”هاڻ وري وقت آيو آهي ته فرانس ٻيهر پنهنجو آواز بلند ڪري...“ اخبارون پنهنجون شه سرخيون اهڙن جملن سان ترتيب ڏينديون رهيون. جيتوڻيڪ دنيا جي تاريخ ۾ پنهنجا اڻ مٽ حوالا ڇڏيندڙ فرانس ۾ 1968ع واري شاگردن جي تحريڪ پنهنجي پُرتشدد مزاحمت باوجود هڪ آمر ڊيگال کان شڪست خورده ٿي هئي، پر هاڻوڪي مارچ جي مارچ ائين هڪ هڪاڻي ڪئي، جو فرانس جي وزير اعظم پاران اعلانيل اهو ڪانٽريڪٽي ملازمتن وارو بل نيٺ واپس وٺڻو ئي پئجي ويو. ياد رهي ته هيءُ اهو ملازم دشمن قانون هو، جنهن ۾ ڪو به سبب ڄاڻائڻ کان سواءِ ڪانٽريڪٽي ملازم کي ٻن سالن اندر گهر ڀيڙو ڪري پيو سگهجي ۽ يقين انهن پورهيتن سان گڏ جيڪي اڳ ئي نوڪرين ۾ هئا. اهي شاگرد به هن ڪاري قانون جي لپيٽ ۾ ٿي آيا، جن کي تعليم پوري ڪري ڪنهن نه ڪنهن ڌنڌي ۾ لڳڻو هو. ڇو ته قانون ۾ واضح هو ته اهو هر نئين گريجوئيٽ لاءِ آهي، جن کي نوڪريءَ جي پهرين ئي ٻن سالن ۾ ڪنهن به وقت نوڪريءَ تان برطرف ڪري پيو سگهجي.

    28 مارچ شاگردن پاران اعلانيل ”ايڪشن ڊي“ هو ۽ فرانس جي حڪومت، جيڪا هيل تائين ٿيندڙ هڙتالن کان نه پئي ڊني ۽ ان کي جيئن تيئن ڪري منهن ڏيندي ٿي آئي، سا پڻ ”ايڪشن ڊي“ جي هڙتال کان ان ڪري به خوفزده ٿيندي نظر پئي آئي، جو ايڪشن ڊي لاءِ شاگردن جي ڪاوڙ ۽ مزاحمتي رويي مان بنهه صاف ظاهر هو ته شاگرد پاڻ ”هڪ هڪاڻي“ ڪرڻ لاءِ نه رڳو تيار آهن، پر ان لاءِ ڪا به قيمت ڏيڻ لاءِ به تيار آهن. جڏهن ايڪشن ڊي جو ڏينهن آيو ته فرانس جي حڪومت به ائين حيران ٿي، جو ان ڏينهن نه گهرن تائين ڪي اخبارون پڳيون، نه ريڊيو جي نشريات سماعتن تائين پهتي. اخبارن ۽ ميڊيا ٻئي ڏينهن رپورٽ ڪيو ته ڪي لڳ ڀڳ ٽيهه لک جوان شاگردن پورهيتن جي ٽريڊ يونين سان گڏجي ان هڙتال ۾ حصو ورتو ۽ رڳو فرانس جي يونيورسٽين جي ڪئمپسز جا دروزا ئي بند نه هئا، پر 8 2 مارچ تي ايئرپورٽ تي ڪم ڪندڙ اسٽاف کان ويندي ريلوي يونين، ٽيليڪام، بسن، ميٽرو بس سميت تقريبن وڏن نجي ادارن جا ملازم پڻ هن هڙتال ۾ شاگردن سان گڏو گڏ رهيا.

    ملڪ جي 84 يونيورسٽين مان 67 يونيورسٽيون مڪمل طور تي بند رهيون. جڳ مشهور ليکڪ سارتر جي ناولن جي ڪردارن جي ذهني ارتقا جي مرڪز ۽ حوالن ۾ جا بجاءِ موجود توڙي 1968ع جي شاگرد تحريڪ ۾ ڪليدي ڪردار ادا ڪندڙ سوبون يونيورسٽيءَ سميت پئرس جي سڀني يونيورسٽين ۾ ڳوڙها گئس جو دونهون هو، رٻڙ جون گوليون هيون، خالي شيلنگ هئي، پر شاگردن جي احتجاج جي رستا روڪ حڪومتي حربن جي وس وٽان نه هئي. اها شاگردن جي ثابت قدمي هئي، جو کين پوئتي روڪڻ، ٽوڙڻ ۽ ڪيرائي وجهڻ جا سڀئي حربا ائين ناڪام ٿيندا رهيا، جو نيٺ وڃي حڪومت کي گوڏا کوڙڻا ئي پيا...شاگرد مزاحمت ۽ عوامي احتجاج کي قابو ڪرڻ جي هر ڪوشش ۾ ناڪامي کان پوءِ نيٺ وڃي ان تڪراري قانون وارو بل واپس وٺڻو ئي پيو ۽ ائين شاگردن مان ملازمت ۾ عدم تحفظ واري احساس کي ختم ڪيو ويو.

    جڏهن فرانس جا شاگرد....فرانس جي قانون لاڳوڪندڙ ادارن سان منهن مقابل ٿيندي رت کي پاڻي سمجهي وهائڻ لاءِ تيار پئي ٿيا، جڏهن مزاحمتي شاگردن تي اوچتو قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار ڪڙڪندا پنهنجون گاڏيون شاگردن سان سٿيندا، کين بندي خانن جو سير ڪرائيندا رهيا. تن ڏينهن ۾ اسان جو قومي ادارو ڀڳڙن مُٺ تي نجڪاريءَ جو کاڄ ٿيو. ها، اها پاڪستان جي اسٽيل مل هئي. ملڪ جي ڳري صنعتن مان مک صنعت پاڪستان اسٽيل مل ائين نجڪاري جو شڪار ٿي، جو اسان جو غير منظم پورهيت ۽ غير فعال پورهيت يونينون ڏسنديون ئي رهجي ويون. شاگرد ته پري جي ڳالهه اسان جي انهن سياسي پارٽين، جيڪي عوام ۾ پاڙون هئڻ باوجود ڊيل جهڙي گورک ڌنڌي ۾ مصروف آهن، تن کان پڻ ايترو به نه پڳو ته ان نجڪاريءَ کي روڪرائڻ لاءِ انهن ويهه هزار پورهيتن سان يڪجهتيءَ طور هڪ ڏينهن جي ئي احتجاج تي سندن قيادت ڪن ها.

    اهو ستر جو ئي ڏهاڪو هو، جڏهن ملڪ ۾ ادارن جي تشڪيل، نئين سر تشڪيل جو دور شروع ٿيو هو. رڳو ڳري صنعت ئي نه، پر هر ادارتي ادارو عوام جي نالي تي قومي تحويل ۾ ورتو ويو هو. شايد قومي تاريخ ۽ پيپلز پارٽيءَ جي تاريخ ۾ ڀُٽي جو وڏي کان وڏو ڪارنامو فرانس کان ائٽمي پلانٽ جي حاصلات هجي، پر اهو عوام، جنهن جي نالي تي ملڪ جو ڪاروبار هلندڙ آهي، تنهن هٿين خالي، پيرين اگهاڙي عوام وٽ سندس ڪارنامن جي ڊگهي لسٽ ۾ ملڪي صنعتن، تعليمي ادارن ۽ صحت سان لاڳاپيل ادارن کي قومي تحويل ۾ وٺڻ واروڪارنامو يقينن سرفهرست آهي. اڳوڻي سابقه سوشلست رياست کان ورتل ڳري صنعتن ۾ شامل اسٽيل مل به ان چونڊيل وزير اعظم جي ڪرشماتي معرڪن ۾ شمار ڪئي وڃي ٿي. اها ٽيهه نومبر 1973ع جي تاريخ هئي، جڏهن پاڪستان جو سابقه سوويت يونين سان اسٽيل مل جو معاهدو صحيح هيٺ آيو. هن ڳري صعنتي يونٽ جي قيام لاءِ ڪٿ ڪيل 10 بلين جي رٿيل رقم 30 بلين تائين وڃي پهتي، ڇو ته ان جي قيام ۾ ڪو لڳ ڀڳ ڏهه سال کن لڳا هئا. اسٽيل مل ويهه هزار پورهيتن جي نوڪرين جي ضمانت ڏيندڙ ادارو دراصل اها واحد ڳري صنعت هئي، جنهن ۾ وڌ کان وڌ پورهيت ڪم ڪندڙ هئا ۽ ان مل لاءِ جيڪا سڀ کان لاڀائتي ۽ قابل فخر ڳالهه اها هئي، سا اها ته پبلڪ سيڪٽر ۾ هلندڙ واحد صنعت هئي، جيڪا هڪ ته عوامي هئي، ٻيو ته جڏهن اها وڪري لاءِ رکي پئي ويئي، تنهن وقت به اها ڪنهن بيمار صنعتي يونٽ جو ڏيک ڏيڻ بجاءِ ريڪارڊ نفعو ڪمائيندڙ صنعت هئي. ايڪٽيهه مارچ جو ئي ڏينهن هو، جڏهن ٻاهرين توڙي پاڪستاني نجي ڪمپنين 21 ارب 66 ڪروڙ جي ٻولي لڳائي. جن مل جي 5 7 سيڪڙو شيئرز جي مالڪي جا حق وٺي ڇڏيا. پوءِ رڳو اسٽيل مل جي ئي پورهيت يونين نه، پر ملڪي معاشيات جي ماهرن ۽ نجي ادارن جي مالڪن به ان قيمت کي ”ڀڳڙن مٺ“ تي وڪري سان ڀيٽ ڏني. يونين جا پورهيت راهنما ته ائين به چوندا رهيا ۽ دعويٰ ڪندا رهيا ته اسٽيل مل جي رڳي سالياني سيل ئي ٽيهه ارب رپيا آهي، جنهن ۾ ست ارب رپيا ته خالص منافعو آهي. انهن پورهيت اڳواڻن ته حڪومت کي اها به پيشڪش ٿي ڪئي ته سندن فنڊز ۽ گريجوئٽيءَ جا ڪل ملائي 24 ارب کن ٿيندا، جن سان کين مالڪاڻا حق ڏنا وڃن. پر سموري تنقيد باوجود نجڪاري تي بضد حڪومت ان کي ائين وڪڻيو، جو اڃان تائين ان 19000 ايڪڙ زمين بابت به ڪو حتمي فيصلو نه آيو آهي ته اها به ان ساڳي ئي قيمت ۾ وڪرو ڪئي ويئي، جيڪا مل جي ڪل قيمت 21ارب 66 ڪروڙ رپين ۾ طئي ٿي. دراصل اها بي يقيني ان ڪري به پيدا ٿيڻ لازمي هئي ته اسٽيل مل جي وڪري واري اشو کي ڪنهن سياسي جماعت ته own نٿي ڪيو ۽ نه ئي ڪا پارٽي پورهيتن جي مفادن لاءِ اڳيان اچي سينو ساهڻ لاءِ تيار ٿي، پر جيئن ئي ان ملهه تي مل جو وڪرو ٿيو ته پورهيت اڳواڻن سميت ملڪي معيشت دانن ۽ اخبارن به ان خساري واري سودي تي ائين ٽيڪا ٽپڻي شروع ڪئي ته مارچ جي مهيني ۾ ئي اسٽيل مل جي صنعتي يونٽ واري زمين جي قيمت جي ڪٿ ڪئي ويئي، جيڪا به لڳ ڀڳ 7 2 ملين جي هئي. ياد رهي ته اسٽيل مل جي ڪل ايراضي 19000 ايڪڙ 1973ع ۾ سنڌ حڪومت کان 74 پئسا في اسڪوائر يارڊ جي حساب سان ورتي ويئي هئي. اها ايراضي، جنهن تي هاڻ 110 ڪلوميٽر روڊ، 70 ڪلوميٽر ريلوي لائين ۽ 165 ميگا واٽ جي پاور اسٽيشن به موجود آهي.

    اهو به تاريخ جو عجب اتفاق آهي ته ملڪ جي پورهيتن کي اسٽيل مل جهڙي سوکڙي ڏيندڙ وزير اعظم جي قريبي ساٿي فاروق لغاري جي پٽ اويس لغاري جي ئي هٿان پورهيتن جي وات جو گرهه کسي سندن رت پگهر سان هلندڙ مل جو سودو ڪيو وڃي ٿو. اهو به ياد رهي ته ڪي ٽي سال اڳ ئي ملڪ جي صدر پاران اسٽيل مل جي پورهيتن کي بهترين ڪارڪردگيءَ جا سرٽيفڪيٽ ۽ بونس ڏيڻ جا اعلان ٿيا هئا.

    23 اپريل 2006ع تي واڪ ڏيندڙ ڪمپنيءَ سان معاهدي تي ٿيندڙ صحيحن واري تقريب سان اسٽيل مل پنهنجي قيام کان ڪي ٽيويهه ئي سال پوءِ اها مڌر انڊسٽري پورهيتن جي هٿن، قومي تحويل مان نڪري نجي شعبي حوالي ٿي ويئي.

    ٻڌايو ته اهو به وڃي ٿو ته سال 2003ع کان 2004ع ۾ اسٽيل مل جو ريڪارڊ بزنس ۽ ريڪارڊ اُپت ٿي آهي ۽ مل پنهنجي 93 سيڪڙو اپت واري گنجائش جي اپت پڻ ڏني آهي. 2005ع ۾ پڻ ان ۾ واڌارو آيو. نجڪاري، جنهن کي قومي ترقيءَ جي علامت طور پيش ڪجي ٿو، تنهن پهرين قومي بينڪون، قومي ڪارپوريشنون، پي ٽي سي ايل ۽ ملڪ جي مڌر انڊسٽري اسٽيل مل کي ڳڙڪائي ڏڪار به نه ڏنو، تنهن جي نظر هاڻي حيسڪو، ريلوي ۽ ٻين انهن مک ادارن ڏانهن آهي، جنهن جو سنئون سڌو تعلق عوامي ڀلائي/خدمت سان جڙي ٿو. ان صورت ۾ سياسي پارٽيون به اهڙن مامرن ۾ صرف ائين بيان بازي تائين محدود ٿين ٿيون جو اها پارٽي جنهن جي باني اسٽيل مل جو بنياد وڌو، اها به ان جي نجڪاري واري سودي تي ڪنهن عوامي مهم جي آغاز بجاءِ انهن انگن اکرن جو ورجاءُ ڪري ٿي ته، ”يارنهن رپيا في ايڪڙ جي حساب سان فروخت ڪيل اسٽيل مل جي زمين جو اگهه مارڪيٽ ويليو مطابق 2 بلين ايڪڙ ٺهي ٿو“ يا وري مل ۾ موجود ڪچي مال ۽ ٻين شين جو اگهه ڪٿيندي چوي ٿي ته، ”انهن جي ڪل قيمت ڪي 19بلين ٺهي ٿي، جيڪي مل سان گڏ وڪيا ويا، جڏهن ته وڪري وقت مل جي اڪائونٽ ۾ چار ملين پنهنجا ۽ 24 ملين پورهيتن جي گريجوئيٽي جا پيل هئا، جيڪي پڻ مل جي مالڪي ۾ ڏنا ويا.“

    پيپلز پارٽي جي رضا رباني جي ان پريس بيان کان وڌ ڇا مٿس اها ذميواري به عائد نٿي ٿئي ته اهي ان نجڪاريءَ کي نامنظور ڪندي، ان کي پورهيت دشمن قرار ڏيندي پورهيتن جي صف ۾ احتجاج لاءِ کڙا ٿين ها. رڳو ايترو ئي، ڇو 2007ع جي اليڪشن لاءِ وٽن نجڪاريءَ جي حوالي سان ڪهڙو پروگرام آهي؟ ڇا اقتدار جي صورت نجڪاري جي ڏس ۾ هاڻوڪي حڪومت جي اسٽيل مل سميت انهن غلطين کي سڌارڻ جي ڪوشش ڪندا، جيڪي هن وقت پنهنجي سگهه آهر، پنهنجي احتجاج وسيلي روڪرائي نه سگهيا آهن؟ ڇا عوام جي مفادن جي سياست ڪندڙ ڪنهن به پارٽيءَ وٽ اها اخلاقي ۽ سياسي سگهه آهي، جو اها ٻيهر اهڙين مڌر انڊسٽريز کي قومي تحويل ۾ وٺڻ جي ڳالهه ڪري؟ پنهنجو سياسي ڪلچر پاڻ کي ڪٿيو پيو آهي، ان ڪري ئي شايد دنيا جي همعصر تاريخ ۾ ايندڙ تبديلين ۽ مزاحمتن جي اثر کان آجا ٿيا پيا آهيون، نه ته فرانس جي شاگردن جي تحريڪ 1968ع ۾ پاڪستان سميت سڄي ٽئين دنيا جي شاگردن جي ڪئمپس لائيف هڪ انقلابي تبديليءَ سان ٿي روشناس ڪرايو. ويٽنام جي ويڙهه، سڄي دنيا جي سامراج مخالف تحريڪن کي تيز ٿي ڪيو ته اُتي فلسطين جي آزادي پسند مجاهدن پڻ قومي آزادين لاءِ راهه هموار ٿي ڪئي. گلوبلائيزيشن سياست کي پري ڌڪي فقط انفارميشن شيئر ڪئي آهي، نه ته نيپال جي عوام جي جدوجهد جو سيڪ سندس پاڙي ۾ به نه پهچي ها.

    ائين به هرگز ناهي ته غريب جي پيرن هيٺان ڌرتي کسڪائڻ ۽ مٿي تان آسمان جو آسرولاهي ڇڏڻ وارا مامرا پاڻ وٽ ناهن. اسٽيل مل ته محض هڪ مثال ٿيو. اهو ضرور آهي ته پيرن هيٺان ڌرتي کسڪايل ۽ مٿي تان آسمان جو آسرو وڃائي ويهندڙن جي سورن واري سياست ۽ سندن دردن جي درمان ٿيڻ واري راهبري جا سڀئي وسيلا پاڻ وٽان خير آباد ٿئي ڪي ڏينهن ٿيا.

    amarsindhu@yahoo.com
     
  11. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: امر سنڌو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    بخت بيبي جو پرڻو ۽ اجتماعي لڄالٽ واري ”بخت“ جو ورجاءُ!



    ڇنڇر 29 اپريل 2006ع

    ٺيڪ انهن ڏينهن ۾، جن ڏينهن ۾ اسان جي سيٽ لائيٽ ميڊيا جا لڳ ڀڳ سڀئي چينلز عدالتي مداخلت باعث اوڪاڙه مان واپس ڪرايل ارونا جي حيدرآباد واپسي کي ميڊيا جي سوڀ قرار ڏيندي، هڪ ٻئي کان پروفيشنلي گوءِ کٽڻ واري انداز ۾ مسلسل پنهنجي ناظرين کي ارونا معظم ڪيس بابت اپ ڊيٽ ڪري رهيا هئا...ٺيڪ انهن ئي ڏينهن ۾ ڏهرڪي ۾ شر برادري جو خان شر ڳوٺ هٿياربند افغانين جي گهيري ۾ هو. شرن جي ڳوٺ تي هٿياربندن جي گهيري جو سبب اهو پيار وارو پرڻو هو، جنهن جي قيمت چار لک رپين جي ادائيگي جي صورت ۾ اڳ ئي چُڪائي ويئي هئي. پر نوجوان کي اهو پيار وارو پرڻو ان جي طئي ڪيل قيمت (چئن لکن) کان وڌيڪ ان صورت ۾ مهانگو پيو، جو اها شادي ان بخت بيبي جي والدين سان طئي ٿيل سودي مطابق نه ٿي هئي. اها بخت بيبي، جنهن سان هو ڪوئيٽا ۾ پيار واري رشتي ۾ اڙيو. ڪوئيٽا ته جيتوڻيڪ هو پنهنجي روزگار سانگي ئي ويل هو، پر ٻه ڏوڪڙ ڪمائي گهر اچڻ بدران پيار جي اهڙي سوداگريءَ ۾ وڃي ڦاٿو، جتي ڇوڪري بخت بيبي جي مائٽن ان ڇوڪريءَ جو مُلهه ست لک رپيا ڪٿيو. پئسن تي پنهنجون اهي ڇوڪريون کپائڻ، جن جا نڪاح ڪرائڻ مٿن مذهبي فرض آهن....پر جيڪڏهن اهي شادي کان اڳ ڪنهن سان دل جو رشتو ڳنڍين ته به سندن عزت کي يڪدم ڪو وڏو ٽڪو لڳي وڃي ٿو ۽ سندن غيرت کي لوڏو اچيو وڃي...ها پر پنهنجي مرضيءَ سان سندن نڪاح جي لاءِ پئسن جو سودو ٿئي ته اهو سماجي اخلاقيات ۾ قبوليت جو درجو رڳو سرحد ۽ بلوچستان جي قبائلين ۾ ئي نه، پر پاڻ وٽ اتر سنڌ کان وٺي هيٺين ٿر تائين قبوليت جي دائري ۾ اچي ٿو. خان اٽلاڻي شر جي زندگيءَ سان لاڳاپيل ۽ دل جو اهو رشتو سڄي سماج کي حيرت ۾ وجهندو، اهو ڪڏهن انهن سوچيو به نه هو. سندس گهر ڀاتين لاءِ اهڙي ڪاري قيام جي ابتدا تڏهن ئي ٿي، جڏهن بخت بي بي جي نڪاح عيوض سندس مائٽن خان شر کان ست لک رپيا گهريا. پورا ست لک ته نه، پر هن پوءِ به پنهنجي ڪٽنب جي رت پگهر جي ڪاروبار موڙي مان ميڙيل چار لک رپيا بخت بيبي جي مائٽن جي هٿ تري تي رکيا....سودو ڦٽايو ته ڪو نه ويو، پر البته طئي ائين ٿيو ته ڇوڪري خان شر جي نڪاح ۾ تڏهن ئي ڏني ويندي، جڏهن کين باقي بچيل ڏوڪڙ به روڪ هٿن تي ملندا. خان شر وٽ ايڏا ڏوڪڙ هڪ ئي وقت ڏيئي ڇڏڻ جي سگهه يقينن نه هئي، ان ڪري اهو به طئي ٿيو ته نڪاح کان اڳ اهي پئسا طئي ٿيل سودي مطابق ڏنا ويندا. اهو قصو ٻن سالن کان هلندڙ هو....پر ان وچ ۾ بخت بيبي وارا ڪوئيٽا ڇڏي، صادق آباد جي ڪوٽ بهادر واري علائقي ۾ لڏي وڃي ويٺا....پيٽ ڄڻيل ٻار کي وڪري جو وکر بڻائي، وڪجي، سماج جيڪڏهن اخلاقي طور تي قبول ڪري ته پوءِ بخت بيبي جي سودي لاءِ خان شر کان وڌيڪ موٽي آسامي ڦاسائڻ به سندس پيءُ کي واجب هو. ها پر اها سندس ماءُ هئي، جنهن کي ڌيءُ جي جسم واري سودي کان وڌيڪ سندس دل واري سودي جو سوداءُ هو. ان ڏينهن تي، جنهن ڏينهن تي بخت بيبي جي پيءُ اُتان به لڏي ڪنهن نئين هنڌ وڃي ڌيءُ جي نڪاح لاءِ ڪو نئون ماڻهو جانچڻو هو، تنهن ڏينهن بخت بيبي جي ماءُ بخت بيبي کي ”بخت“ جون دعائون ڏيندي ان ئي نوجوان ڏانهن وري وڃڻ جو چيو، جنهن ساڻس شاديءَ واري سودي جي چار لک رپيا ادائيگي به ڪري ڇڏي هئي. بخت بيبي جا بخت جو کيس ماءُ پنهنجي دل جي رشتي جي پارت ڪئي، نه ته پاڻ وٽ ته اهڙا به ڪيس ٿيا آهن ته ڪاري ڪري مارڻ وقت مائرون پنهنجي پٽن جون ٻيلي/ساٿي ٿي بيهنديون آهن ته جيئن سندس ڪُک ڄڻيل ڌيءَ جي ڪاري موت سان خاندان جي عزت وارو تصور اڃان وڌيڪ اوچو ٿئي.

    بخت بيبي جڏهن گهر ڇڏي خان شر جي در تي پهتي ته هن پنهنجي پويان ڀائرن کي صرف اها پارت ڪئي ته، ”مان پنهنجي ڪنوار وٺي وڃان ٿو، پويان خيال رکجو.“

    ڇوڪري کڄي وڃڻ ۽ ڇوڪريءَ جو گهران نڪري وڃڻ هن سماج ۾ اڃان تائين اهڙن اهڙن داستانن کي جنم ڏيندو اچي، جو يوناني ڏندڪٿائن واري هيلن آف ٽراءِ تي لڳل ”ٽروجن وارس“ واري تاريخ به ڄڻ انهن داستانن آڏو شرمسار ٿي پئي. سنڌ ۾ قبيلائي جهيڙن جي تاريخ اُٿلائي ڏسو پاءُ صدي تائين هلندڙ جهيڙن جي بنياد ۾ پڻ توهان کي اهو ڇوڪري ڀڄائي وڃڻ وارو محرڪ ئي گهڻي ڀاڱي متحرڪ نظر ايندو.

    ان ”ڇوڪري ڀڄائي وڃڻ“ واري لقاءَ ڪيئن جرڳائي سردارن جا گهر ۽ ڀڀ ڀريا آهن؟ ڪيئن اُتر سنڌ بار بار خوني جهيڙن سان رت ۾ آلي ٿيندي رهي.....اهي داستان ته وري ڪنهن ٻئي ڀيري پيا روئبا. خان اٽلاڻي جي ڪنوار وٺي وڃڻ واري عمل پويان جيڪا شرمناڪ تاريخ دهرائي ويئي، سا وقوع پذير ته ڀلي پنجاب جي سرزمين تي ٿي هجي، پر ان ۾ پنهنجي تر جي پوليس به جيڪا بيحسي ڏيکاري، سا به ائين پڪڙ ۾ ايندڙ آهي ته اها ڪا اچانڪ ٿيندڙ واردات نه هئي. خانپور شر تي سوين هٿياربندن جو گهيراءُ به پوليس جي موجودگيءَ ۾ ٿيو، بدلي ۾ رڳو محمدي ماڇي جا چار گهر ۽ خانپور شر جا ٽي گهر ئي ساڙي خاڪ نه ڪيا ويا، پر شر برادريءَ جي عورتن مردن تي هٿياربند ائين ڪڙڪيا، جو عورتون، مرد ئي نه، پر يارنهن ٻارن کي به پاڻ سان وٺي ويا. بهادر آباد چڪ ۾ انهن عورتن سان اهو ئي ڪجهه ورجايو ويو، جيڪو ضياءُالحق دور ۾ ڳوٺ نواب پور جي عورتن سان ٿي گذريو. مختاران مائي واري ڪيس جو ورجاءُ به ائين ٿيو، جو باضابطه طور تي خان شر جي خوني رشتي ۾ ايندڙ عورتن جي اجتماعي لڄالٽ ٿيندي رهي. جيتوڻيڪ پوليس ۽ جوابدار پارٽي لڄالٽ واري الزام کان مسلسل انڪاري آهي، پر پنهنجي سموري رياستي اختيار باوجود پنجاب-سنڌ پوليس انهن چئن عورتن، جن ساڻ 10 ٻار به گڏ آهن، کين بازياب ڪرائي نه سگهي آهي.

    ”ٻار ۽ عورتون ڪوٽ سبزل جي ٿاڻي تي آهن. حڪومت (ڪورٽ) جي وائرليس باوجود اسان جون عورتون ۽ ٻار نه ڇڏيا اٿن ۽ نه ئي اسان کي انهن سان ملڻ ڏين ٿا.“ ڌمڻ شر مون کي تفصيل ٻڌائيندي سرائيڪي گاڏڙ سنڌي ۾ چوي ٿو. ”ادي، اهو عزيز الله پٺاڻ آهي، جيڪو ٿاڻي جو انچارج آهي، ان کي فون ڪريو ته اسان جون زائفائون ته ڇڏي.“ شايد کيس ناهي پتو ته هن ملڪ ۾ ٿاڻن جو ڪاروبار ڪيئن هلندڙ آهي. ڪيئن نه کين وٽ عدالتي آرڊر بي اثر ڪرڻ جا بهانا موجود آهن. هن ڪالم جي لکجڻ تائين سبزل ڪوٽ جي ٿاڻي جي ڪنهن به اعليٰ انتظامي عهديدار سان منهنجو ڪو رابطو ممڪن ٿي سگهيو، ۽ نه ئي وري عورتن جي آزاديءَ جي ڪا خوشخبري ملي سگهي. ڌمڻ شر مطابق ”پوليس وارا بس پئسا ٿا گهرن ۽ اسان وٽ ايترا پئسا ناهن.“ معظم ۽ ارونا واري مامري کي ميڊيا جي فتح قرار ڏيندڙن لاءِ هن واقعي کي رپورٽ ڪرڻ لاءِ شايد ان ڪري به وقت ناهي ته اتر سنڌ، جتي سرداري راڄ جو بخت بالا هجي، جتي جرڳا سدا آباد هجن، اتي شايد هن واقعي کي کڻڻ اجايو ٿيندو. ڌمڻ شر سموري اخباري بيانن کان بي خبر فقط ايترو ٿو چئي ته، ”نڪي سردار، نڪي ڪي ٻيا، اسان وٽ بس اهي اخبار وارا آيا هئا.“ کيس اهو ٻڌائڻ به ڏکيو ته، ”انهن عورتن جو ميڊيڪل معائنوڪرائجو....۽ بعد ۾ ڪا قانوني ڪاررائي ڪجو...“ ان تر ۾، جتي ڏينهن ڏٺي جو هٿياربندن جو گهيراءُ، گهرن کي باهيون، عورتن ۽ ٻارن ٻچن سميت پورو اٽالي جو اٽالو اغوا ٿي وڃي ۽ مقامي پوليس جي ڪنن تي جونءِ به نه سُري، اُتي پتو ناهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ان حڪم تحت عورتون بازياب ڪرائي، سندن ميڊيڪل ڪرائي پاڻمرادو ڪو ايڪشن کڻڻ جا اختيار به هوندا، يا اهو به سکر هاءِ ڪورٽ جي جج جي جرڳن تي پابندي واري حڪمنامي جيان وڃي ڪاغذن حوالي ٿيندو؟

    خان شر ۽ بختو جي طئي ٿيل سودي جي نتيجي ۾ نڪاح نه ٿي سگهڻ ۽ بعد ۾ بخت بيبي جي مرضي واري فيصلي جو يقينن هي انجام ناهي. هيءُ ته آغاز آهي، ان سور ڪهاڻيءَ جو، جنهن جي ڪُک ۾ قومي غيرت، طبقاتي ويڇن سميت ڪيترائي تضاد ٻارڻ جو سامان رکن ٿا.

    ڪالهوڪي اخبارن ۾ هن واقعي کي ”قومي غيرت“ کي للڪار سان ڀيٽيندڙ قومي اڳواڻن جا بيان به توهان اسان پڙهيا. ڪنهن به اهڙي ناانصافي تي، ڪنهن به اهڙي ظلم ۽ ڪاري ڪيس تي انساني دل جو متاثر ٿيڻ لازمي امر آهي ۽ بيشڪ ته واقعي تي ترت رد عمل سان ڪنهن حد تائين مستقبل جي خطري ۽ امڪانن کان بچي سگهجي ٿو. ها، پر اُتي ضرور حيرت ٿئي ته عورتن سان زنائن جا، پيار جي شادين جا مامرا قوم پرستيءَ جي معنيٰ ۾ ائين ورتا وڃن ٿا، جيئن ته افغانين پاران اها زيادتي ٿي آهي، تنهن ڪري اها اسان جي قومي غيرت کي گوارا ناهي. پر اهو وڌيڪ مناسب نه لڳي ها، جيڪڏهن عورتن سان ٿيندڙ ڏاڍاين کي ائين قومي غيرت تي آڌاريو وڃي ته، ”ڪاروڪاري“، ”عورتن سان زنا“ يا پيار جي پرڻي عيوض قتل ٿيندڙ سنڌي عورتن سميت سنڌي عورت سان ٿيندڙ هر ڏاڍائيءَ کي پڻ قوم پرستيءَ جي عنصر طور ائين قومي غيرت جو حصو ٺاهيو وڃي، جيئن مراڪش ۾ فرينچ قبضي دوران اُڀريل قومپرست تحريڪ ۾ قوم پرست نوجوانن عورتن جي تعليم، قوم پرست مردن جي ٻي شادي جي مخالفت سميت عورت جي مرضيءَ واري شادي واري حق کي مڃڻ کي مراڪشي قوم پرست تحريڪ جو حصو بنائي ڇڏيو هو.

    سنڌ جي قوم پرست اڳواڻن جي ان بيان جي آجيان ڪندي کانئس اهو پڇڻ جي جسارت ته ضرور ڪجي ته ان وقت جڏهن شرجيلا ۽ برسات خاصخيلي واري پيار ڪهاڻي جي سزا ۾ خاصخيلي عورتون ميرن جي ڪوٽ تي ائين ڪُٽبيون رهيون، جو سندن رت ريلا ڪري وهندو رهيو، برسات خاصخيلي جو خاندان سندس ان ساڳي ڏوهه هيٺ عتاب ۾ آيل هو، جيڪو هن وقت خان شر جي مٿان افغان برداري پاران آيل آهي ته ان وقت ڇا سنڌ جي قوم پرستيءَ جي اها تقاضا نه هئي ته عتاب هيٺ آيل ڌُر سان سندس ٻيلي ۽ ساٿي ٿي بيهجي ها. ڇا برسات خاصخيلي جو اهو ڏوهه فقط ان ڪري ناقابل معافي بڻيو، جو هو هڪ پورهيت سنڌي هو ۽ سندس چونڊيل ڪنوار ميرن جي صاحبيءَ سان تعلق رکندڙ هئي. ها، تڏهن به جڏهن ڊاڪٽر شازيه خالد جي ڪيس ۾ بلوچستان جا بلوچ سردار هڪ ويڙهه جي شروعات ڪري چڪا هئا ۽ سنڌين کي ان ۾ شريڪ نه ٿيڻ جا مهڻا موڪلي رهيا هئا، تڏهن سنڌي قومي غيرت ان تي ڀرپور احتجاج ڇو نه ريڪارڊ ڪرايو؟

    پيار جي پرڻي، غيرت واري قتل ۽ عورتن جي نڪاح عيوض وڪري واري سوال جنهن کي گهڻي وقت تائين سنڌي قوم جو حصو چئي جسٽيفاءِ ڪبو رهيو آهي، وقت آهي ته قوم پرست سياست هاڻوڪي واقعي جيان عورتن سان ٿيندڙ هر ڏاڍائي جو ان ئي جذبي سان نوٽيس وٺي ته ڪو سبب ناهي ته سنڌ جي آبادي جو اڌ حصو عورتون سندن حصو ٿي پون.

    هوڏانهن انساني حقن جي تنظيمن سميت خود ارادي ايڪشن کڻندڙ اعليٰ عدالتن آڏو به هڪ عرض رکندو هلجي ته، انصاف جي فراهميءَ لاءِ لازم آهي ته عورت جي بيان کي مان ڏجي. رڳو ايترو ئي نه ته ڏاڍائي جي نشاندهي ڪجي، پر ڏاڍائي ڪندڙ جي گردن سوگهي ڪرڻ به عدالتن جو ئي ڪم آهي. خان شر ۽ بخت بيبي جي بخت ۾ شڪار ٿيل عورتن کي انصاف سندن ٺلهي بازيابي سان نه، پر ٽن ڏينهن تائين ٿاڻي ۾ رکندڙ عملي ۽ بهادر آباد چڪ ۾ سندن تذليل ڪندڙن تائين پهچ ڪري کين سزا ڏيارڻ کي به عدالت پنهنجو اولين فرض سمجهي. شايد ائين ڪرڻ سان ئي ڪنهن ٻئي خان شر ۽ بخت بيبي عيوض ٻيا ڪي خاندان هيڏيون سزائون لوڙڻ کان بچي پون. هن سموري واقعي ۾ انهن سرداري فيصلن ۽ راڄوڻي فيصلن کي ڪٿي بيهارجي، جن متاثر ڌر سان ڳالهائڻ کان سواءِ هن سڄي قصي ۾ پنهنجي ”سرداري فگر“ ٺاهڻ لاءِ افغانين سان اهو طئي ڪيو ته، اسان توهان جي ڇوڪري واپس ڪرائي ڏينداسين، تيستائين توهان خان شر جي گهر جون به عورتون پاڻ سان وٺي کڻي وڃو. سنڌ سماجي طور ڪهڙي صديءَ جو سماج آهي؟ فيصلو پاڻ ئي ڪري وٺو!

    amarsindhu@yahoo.com
     
  12. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: امر سنڌو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    ڄڻ منهنجي گردن هلڪي ٿي!



    خميس 04 مئي 2006

    1886ع جي اها پهرين مئي، جڏهن شڪاگو ۾ پٿر، ڏامر ۽ پورهيت جي پگهر سان ٺهيل روڊن کي پورهيتن جي رت سان وهنجاريو ويو. اها پهرين مئي پورهيت تاريخ جي فتحيابيءَ جو بيشڪ ته هڪ سرخ باب آهي، پر ان سُرخ باب جي تاريخ ۾ شموليت فقط تڏهن ئي ممڪن ٿي، جڏهن اُها دنيا جي مزدور ۽ پورهيت جي هم آواز ٿي اُڀري.

    اٺ ڪلاڪ پورهئي واري مطالبي کي ورجائيندي پهرين مئي 1886ع تي جڏهن شڪاگو جا مزدور، شڪاگو جي گهٽين ۾ نڪتا، تڏهن سندن آجيان پوليس جي گولين سان ٿي، جن گولين چار پورهيت موقعي تي ئي ڊاهي وڌا ۽ ڪي 200 پورهيت رت ۾ ڳاڙها ڪيا ويا. ڪي ٻه ڏينهن رکي ان ساڳي تحريڪ جي اٺ ڪلاڪ پورهئي واري مطالبي کي ورجائيندي ساڳي ئي راهه تي پورهيتن جا هجوم ٻاهر نڪتا ته رستا روڪ ڪندڙ پوليس تي ڪنهن نامعلوم پاران دستي بم اڇلڻ جي نتيجي ۾ ست ڄڻا مارجي ويا ۽ لڳ ڀڳ 60 کن ماڻهو زخمي ٿيا. جيتوڻيڪ بم اڇليندڙ جو ته پتو ڪو نه پيو، پر ان وقت جي 8 پورهيت اڳواڻن، جيڪي سوشلسٽ هئا، تن کي پريس ۽ پوليس پاران پُرتشدد انارڪسٽ چئي جهليو ويو. اهي انارڪسٽ/سوشلسٽ، جن مان چئن کي انهن ئي ڪال ڪوٺڙين ۾ موت جي سزا ڏني وئي، هڪ ڄڻي ان انڌاري ڪوٺيءَ ۾ آپگهات ڪيو ۽ باقي رهيل ٽي معاف ڪيا ويا. ائين اهو پهرين مئي وارو ڏهاڙو ان واقعي جي ٻن سالن بعد ئي سيڪنڊ انٽرنيشنل جي پهرين ڪانگريس ۾ ئي پورهيتن جو ڏينهن قرار ڏنو ويو. عوامي هجوم جي اکين آڏو سرعام ڦاسي جي ڦندي تائين اهي پورهيت اڳواڻ انقلابي جدوجهد جو عالمي ترانو ڳائيندي وڌيا هئا.

    ”اهو وقت ايندو، جڏهن اسان جي خاموشي، توهان جي ان اڄوڪي ڦندي کان وڌيڪ ڏاڍيان ۽ طاقت سان ڳالهائيندي.“ هو تختي ڇڪي ڏيڻ سان نه يڪدم مئا هئا، سندن آهستي آهستي مرندڙ وجودن، ان آيل هجوم ۾ رڦڻي وجهي ڇڏي هئي، جيڪو هجوم سندن ڦاهي واري منظر جو گواهه هو. ياد رهي ته ان هجوم ۾ جيڪو سندن آخري ساهه ڳڻڻ لاءِ ڪٺو ٿيو هو، تنهن ۾ سندن گهر ڀاتي به هئا. پر ڦاهي چڙهندڙ پورهيت اڳواڻ پُرسڪون هئا. نومبر 1887ع تي هو چارئي گڏ سرعام، سرمنظر ڦاهي چڙهيا ۽ ڇهن سالن بعد ان ئي جاءِ تي انهن شهيدن جو هڪ يادگار ٺهي کڙو ٿيو. اها به عالمي پورهيت جي ٻڌي چئجي، جو سرعام ڦاهي کائيندڙن مان ٽي جرمن هئا.

    8 ڪلاڪ پورهئي جي مطالبي وارو پورهيت، جنهن جي نانءَ تي پهرين مئي ملهائجي، سو جيتوڻيڪ اڄ به هڏن مان مک ڪڍندڙ ڌنڌي ۾ پنهنجا ڏينهن رات کپائي ٿو، پر سندس پيٽ تي آيل لت کي عالمي قانون به منع نامي جي ڪنهن پڪڙ ۾ جهلي نٿو. هر سال ملهائجندڙ پورهيتن جي ان ئي عالمي ڏينهن تي اڄوڪي منافعي خور سرمائيدار دنيا وٽ مزدور کي ڏيڻ لاءِ جيتوڻيڪ ڪا به نئين خوشخبري ناهي، پر خبرن ۾ اڄ به پورهيت جا نه رڳو حال هيڻا ٿا ڏسجن، پر گڏو گڏ مزدور ريلين تي لٺبازي ۽ پابندي جون خبرون ڪالهه پاڻ به ٻڌيوسين. اها ساڳي ئي پورهيت ۽ مزدور واري پهرين مئي آهي، جڏهن پاڻ دنيا جي ترقي يافته ملڪن مان مزدور ريلين تي لٺ بازي، گئس شيلنگ جون خبرون ٻڌي رهيا هئاسين، ٺيڪ ان ئي پهرين مئي تي لاطيني آمريڪا جي نقشي تي بوليويا جي نالي سان وجود رکندڙ هڪ ملڪ جي سربراهه پاران پنهنجي ديس جي عوام لاءِ هڪ خوشخبري اچي ٿي. اها خوشخبري دراصل ان عوام سان ٿيل واعدي کي حقيقت ۾ آڻڻ جي پهرين ڪڙي آهي، جيڪا چونڊن جي ڏينهن ۾ ساڻن ڪيو ويو هو.

    ”اسان پيٽروليم کي، قدرتي گئس ۽ بوليويا جي جهنگلن کي نيشنلائيز ڪنداسين. ملڪ کي ترقي وٺرائڻ لازم آهي بيٺڪيتي ۽ نيولبرل ماڊل کي رد ڪيو وڃي.“ اهو چونڊ مهم ۾ ڪيل واعدو هو، جيڪو صدارتي اميدوار ايوومارلس پاران پنهنجي ديس جي عوام سان ڪيو ويو ۽ اهو هن پهرين مئي تي ساڳي ئي چونڊجي آيل صدر ايوومارلس جي واعدي وفائي هئي، جو هن ملڪ جي گئس کي غير ملڪي پرڏيهي سرمائيڪار کان واپس وٺي قومي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو.

    مارلس، آمريڪا جي کاٻي ڌر جو هڪ ٻيو مقبول عوامي ليڊر آهي. ”اسان فقط واعدن تي حڪومت نه ٺاهي، اسان اهو سڀ يقينن ڪنداسين، جنهن جا اسان واعدا ڪيا هئا ۽ جيڪي عوام جا مطالبا هئا.“ هن اهو چوندي پهرين مئي تي پرڏيهي ڪمپنين کي آرڊر جاري ڪندي چيو ته، هاڻ هو حڪومت سان نوان معاهدا ڪن، جنهن تحت گئس جي مالڪي حڪومت جي هوندي. انهن نون معاهدن کي طئي نه ڪري سگهڻ جي صورت ۾ هو 180 ڏينهن يعني ڇهين مهينن اندر بوليويا مان پنهنجا ٽپڙ ٽاڙي ٻڌي کڻي وڃن. ياد رهي ته ڏکڻ آمريڪا جو سڀ کان غريب ملڪ بوليويا وٽ 48.7 ٽرلين ڪيوسڪ فوٽ گئس جا ذخيرا موجود آهن. نه رڳو ايترو، پر بوليويا ارجنيٽا ۽ برازيل کي گئس وڪرو ڪندڙ بهآهي، پر اهو سڄو معاشي ڪاروهنوار ملڪ بجاءِ پرڏيهي سيڙپڪارن جي هٿن ۾ آهي.

    ”جيڪڏهن 19 هين صدي يورپ ۽ ويهين صدي آمريڪا جي هئي ته ايڪيهين صدي يقينن لاطيني آمريڪا جي آهي.“ ايڪيهين صدي ۾ نئين لاطيني آمريڪا جي خواب جي شروعات ته کڻي ڪٿان به ٿي هجي، پر بوليويا جي سوشلسٽ صدر ايوومارلس جا مٿيان اکر يقينن لاطيني آمريڪا جي تاريخ کي هڪ نئين انداز ۾ ڏسڻ جي خواهش جو اظهار آهن. يقينن اهي فقط ايوومارلس ئي نه، پر ان سڄي لاطيني آمريڪا جي ان چيٿڙيل ۽ چيڀاٽيل عوام جي دلي جذبن جو اظهار هئا، جيڪي ڄڻ ته هڪ صديءَ کان سامراج وٽ گروي پيل آهن. عجب ڳالهه آهي ته تيل ۽ گئس سان مالا مال هن خطي جي قدرتي وسيلن تي ڌرتي ڌڻين جو نڪو اختيار آهي، ۽ نه ئي ڪا مالڪي.

    ”اسان غير آباد ٿيل زمينون بي زمين هارين ۾ ورهائينداسين. اسان پنهنجي ڌرتي تي ڌارين جا هاري ٿي نه جيئنداسين. هاڻ اسان پنهنجي گهر جي مالڪي پاڻ ڪنداسين.“ اهي به ان ئي ايوومارلس جا جملا آهن، جيڪي هن چونڊ مهم دوران وينزويلا جي شاويز ۽ ڪيوبا جي ڪاسترو جي راهه تي هلڻ واري وچن سان گڏ چيا هئا. ياد رهي ته بوليويا پڻ لاطيني آمريڪا جو اهو ملڪ آهي، جيڪو گهڻي ڀاڱي ڌارئي آبادڪار ۽ پرڏيهي سرمايه دار جي حوالي آهي. اُهي پنجويهه سيڪڙو ڌاريا ئي سڄي ملڪي وهنوار ۽ ملڪ جي سياسي ۽ اقتصادي نظام کي ڪنٽرول ڪندڙ آهن. ملڪ جي عوام کي معاشي سڌارن جا ڪوڙا خواب ڏيکاري ملڪ جي قومي ادارن کي ڌارئي سرمائيڪار جي هٿن ۾ ڏيئي، ملڪي معاشي ڪنٽرول جون واڳون سندن هٿن ۾ ڏيڻ واري عمل ۾ به بوليويا ٻين لاطيني آمريڪي ملڪن جيان ائين اڳڀرو رهيو، جو ملڪ جي قدرتي وسيلن مثلن گئس فيلڊ ۽ چاندي جي کاڻين کان ويندي ملڪ جي مک قومي ادارن مثلن ريلوي، سُڌ سماءُ جا ذريعا توڙي بجليءَ کي پرڏيهي سرمائيڪارن حوالي ڪري ڇڏيو، جن نه رڳو ملڪي معيشت جا ترا ڪڍيا، پر گڏو گڏ مهانگي ۽ پرڏيهي قرضن ۾ ملڪ کي ائين ڦاسيو جو قوم جي، عوام جي چيلهه سڌي ڪري سک سان سمهڻ جو ڪو به جواز نه ڇڏيو ويو. هڪ پاسي غربت جي انتها ته ٻئي پاسي غير ملڪي پرڏيهي سرمائيڪار جو ٻيڻو ٿيندڙ منافعو، دراصل اهو تيل به ته ترن مان ئي نڪرڻو هو. رت پگهر جي پورهئي عوام جي هڏن جي مِک به سُڪائي ٿي ڇڏي، پر پوءِ به سندن پيٽ اڌ بک تي هريل....۽ نيٺ بکن ۽ ذلتن جي ماريل عوام جي انتها ٿي، جڏهن سندن پيئڻ وارو پاڻي به پرائيويٽائيز ٿي آمريڪي ڪمپنيءَ جي مالڪيءَ ۾ هليو ويو. ڪوچو ڪمبا جي هڪ ننڍڙي علائقي مان شروع ٿيل جدوجهد جي رستا روڪ لاءِ جڏهن رياستي تشدد جو استعمال ٿيو، تڏهن به اها جدوجهد ان پرڏيهي سرمائيڪار ڪمپنيءَ کي ٻاهر ڪڍڻ ۾ ڪامياب ويئي، جنهن سندس جيئڻ جي ان قدرتي وسيلي پاڻيءَ جي آخري بوند به پنهنجي مالڪيءَ ۾ آندي هئي.

    هوڏانهن لاطيني آمريڪا جي ٻي عوامي مقبوليت رکندڙ سربراهه هوگوشاويز جيان مورالس جي سياسي مقبوليت جو راز به بنهه اهو هيو ته وٽس بي زمين هارين، کاڻين ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن سميت قومي قدرتي وسيلن کي ٻيهر قومي تحويل ۾ وٺڻ جو پروگرام هو. اهي پيٽ خالي مزدور ۽ پيرين اگهاڙا هاري ئي هئا، جن هڪ معمولي ٽريڊ يونين ليڊر کي پنهنجي ملڪ جو سربراهه چونڊي ورتو. ان ڪري جو وٽس ڪنهن به پرڏيهي سرمائيڪار جي ايجنڊا نه، پر ملڪ جي اڪثريتي آباديءَ جي مسئلن جو عوامي پروگرام هو.

    گئس جي ذخيرن کي قومي ملڪيت ۾ وٺڻ جو ڪم بوليويا جي فوج پاران ان ڏينهن ئي شروع ڪيو ويو، جڏهن بوليويا جي صدر پاران اهو اعلان ڪيو ويو. ياد رهي ته ان کان اڳ جي حڪومتي معاهدن ۾ بوليويا جي انهن سمورن قدرتي وسيلن تي ڪو اختيار نه هو، جن جا مالڪاڻه حق پرڏيهي سيڙپڪارن کي ڏنل هئا، پر هاڻوڪي اعلان کان پوءِ پرڏيهي ڪمپنين کي فقط سروس چارجز ڏنا ويندا ۽ ان مان ملندڙ اپت مان پنجاهه سيڪڙو به کين ڏنو ويندو.

    جيتوڻيڪ ايوومارلس جي صدارتي چونڊ ۾ اهي خدشا ڏيکاريا پئي ويا ته ملڪ جي معاشي وسيلن مان جيڪڏهن 0 5 سيڪڙو معاشي وسيلا ڌارئي سرمائيڪار ڪمپنين حوالي هجن ته اُتي سوشلزم يا اڃان به کڻي ائين چئجي ته ملڪي اثاثا قومي ملڪيت ۾ وٺڻ وارو پروگرام ڪيئن ٿو ڪامياب ٿي سگهي. ائين ڪرڻ سان ته غير ملڪي سرمائيڪار پنهنجي موڙي ڪڍي ويندو، پر ان باوجود مارلس وٽ واعدي وفائي واري اوليت رهي.

    ”بوليويا ۾ هينئر جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، سو دراصل بوليويا جي پنج سئو سالن تائين پيڙهجندڙ ماڻهن جي بغاوت آهي. عوام سامراجي توبن جي مخالفت ڪندي، پنهنجي مرضيءَ کي مڙهڻ سکي ورتو آهي. ڪيترن ئي سالن تائين اسان ٻن ثقافتن جي ٽڪراءَ اندر زندگي گذاري رهياسين. هڪ طرف زندگيءَ جي ثقافت آهي، جنهن جي ترجماني بوليويا جا اصلوڪا رهاڪو ڪري رهيا آهن،جڏهن ته ٻئي طرف موت جي ثقافت آهي، جنهن جي ترجماني اولهه ڪري رهيو آهي. 29 اپريل تي لاطيني آمريڪا جي بوليويا، ٻين سوشلسٽ رياستن مثلن وينزويلا ۽ ڪيوبا سان ڪي تجارتي معاهدا پڻ صحيح ڪيا آهن. ”ڪيوبا ۽ وينزويلا سان، اسان جي غير مشروط يڪجهتي آهي ۽ اهي اسان جا بهترين اتحادي آهن، جيڪي بوليويا جي تبديليءَ ۾ گڏو گڏ آهن.“ ان معاهدي تحت جنهن کي عام اخبارون کاٻي ڌر جو اصلاحي دستاويز لکي رهيون آهن، ان معاهدي تحت ڪيوبا، بوليويا ڏانهن پنهنجي بهترين ڊاڪٽرن کي اتان جي غريب عوام جي صحت ۽ علاج خاطر ۽ بهترين استادن کي بوليويا جي اڻ پڙهيل آبادي کي تعليم ڏيڻ واسطي موڪليندو. ساڳيءَ طرح وينزويلا پڻ ترقياتي ڏس ۾ بوليويا کي ڪي فنڊ ڏيڻا ڪيا آهن. ياد رهي ته اهو ئي ڪاسترو جو ڪيوبا هو، جنهن جي ڊاڪٽرن، پاڪستان ۾ آيل زلزلي دوران امدادي مهم ۾ خدمت واري جذبي ۾ تقريبن سڀني کان گوءِ کڻندي پنهنجي پاڪستاني ڊاڪٽرن کي ته صفا شرمائي وجهڻ جهڙو جذبو ٿي ڏيکاريو، جيڪي هتي ڪنهن غريب جي ٻار جي آپريشن دوران ڪينچيون/ٽوال ۽ ٻيو غير ضروري سامان وساري ويهڻ کي روز جو معمول ته ٺاهي ئي ويٺا آهن، پر مزي جي ڳالهه اها ته هو ان معمولي ڀل چڪ تي نالي ماتر به شرمندگي ڏيکارڻ بجاءِ نڪ جي پڪائي ڏيکارين ٿا.

    ”اهو معاهدو دراصل معاشي ۽ سياسي مامرن جو چالاڪيءَ سان ٺاهيل مڪسچر آهي.“ واشنگٽن جي ٿنڪ ٽنڪ جا معاشي ماهر چون ٿا. ٻئي پاسي ڏٺو وڃي ته 1990ع ۾لاطيني آمريڪا ۾ نارٿ آمريڪا فري ٽريڊ ايگريمنٽ ذريعي مقامي اوليتن جا ترا ڪڍندڙ آمريڪا کي اها به تشويش بنا جواز جي ناهي ته NAFTA جو بائيڪاٽ ڪندڙ ڪيوبا ۽ وينزويلا جا تجارتي معاهدا 2005ع جي ڀيٽ ۾ هن سال چاليهه سيڪڙو جي گنجائش رکن ٿا. ڪيوبا ۽ وينزويلا جي صف ۾ بيهندڙ بوليويا هاڻ اهو ٽيون ملڪ آهي، جيڪو عملي طور تي لبرل اقتصادي پاليسين جو انڪار ڪري ٿو. ”يورپي يونين جيان لاطيني آمريڪا کي به هڪ قوم جي لڙهي ۾ گڏ پروئجڻ وارو خواب تعبير جي رستي جي منڍ ۾ ڀاسجي ٿو.“

    ڪيوبا، وينزويلا، بوليويا سان گڏ برازيل به هاڻ هڪ مارڪيٽ، هڪ ئي ڪرنسي ۽ هڪ ئي لاطيني آمريڪي قوم....

    پهرين مئي...پاڻ وٽ جيتوڻيڪ نه ڪو نئون خواب نه ڪو نئون سورج ۽ نه ئي ڪنهن خواب جي خوشخبري کڻي آيو. ها، پر دنيا ۾ جتي به پورهيت لاءِ ڪو نئون سورج اڀريو، ڪنهن خواب جي تعبير ٿي ته ڄڻ پاڻ به سرها ٿياسين. هتان جون موسمون ته الائي ڪڏهن مهربان ٿين، تيستائين پاڻ اياز جي هن شعر تي ئي گذارو ڪريون ٿا.

    جنهن وقت به ڪنهن جو طوق ٽُٽو،

    مون ائين سمجهيو ڄڻ منهنجي گردن هلڪي ٿي!

    ڪنهن هنڌ به منهنجي قاتل جا جي هٿ لُڏيا،

    ڀل مون کي ڏي ڪيڏو به ڀونڊو،

    مون ائين سمجهيو،

    ڄڻ منهنجي گردن هلڪي ٿي!
    amarsindhu@yahoo.com
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: امر سنڌو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    محروم ۽ محڪوم طبقن جي عظمتن جو فلسفي



    جمع 05 مئي 2006ع

    ”دنيا جي فلسفين اڄ تائين فقط دنيا جي تشريح ڪئي آهي، جڏهن ته انهن جو ڪم دنيا کي بدلائڻ آهي.“دنيا کي بدلائڻ جا خواب کڻي، فلسفي جي روايتي وصف تبديل ڪندڙ ان عجيب فلسفيءَ جي آخري آرامگاهه تي اڄ به مٿيان اکر سندس ان سياسي فلسفي جي تشريح ڪندڙ سندس ئي قول سان اُڪريل آهن ته”دنيا جا پورهيتو، هڪ ٿي وڃو.“

    هيءُ ڪارل مارڪس جو قول، سندس ئي آخري آرامگاهه تي سداحيات سچ جيان نمايان آهي. فلسفي جي وصف جي نئين سر تشريح ڪندڙ ڪارل مارڪس کي سندس پيءُ جڏهن کيس وڏو ماڻهو بنجڻ لاءِ يونيورسٽي پڙهڻ موڪليو ته کيس تاڪيد ڪئي هئائين ته مارڪس پنهنجي خواهش ۽ دلچسپيءَ جي ابتڙ فلسفي بجاءِ قانون جي شعبي ۾ داخلا وٺي. ڇاڪاڻ ته تڏهن لاڪون ئي فلسفي جي دنيا ۽ فلسفي جي علم ۾ زر جي مفلسي عيان هئي.

    انساني نجات، انساني آزادگيءَ جي فلسفي جي بانيڪار ڪارل مارڪس جي اڄوڪي جنم ڏينهن جا ڏيئا ٻاري، سندس يادگيري دهرائڻ، سندس سياسي فلسفي سان وفاداريءَ جا وچن ورجائڻ جا سلسلا اڄوڪي 5 مئي تي لاطيني آمريڪا جي سوشلسٽ رياستن کان ويندي نيپال، هندستان جي باغين ۽ نظرياتي سياست جي شاگردن پاران ضرور هلندڙ هوندا. سندس سياسي جدوجهد ۽ فلسفي تي، سندس زندگيءَ جي مختلف پهلوئن تي تبصرا، وڏن سياسي جلسن کان ويندي عام ڪچهرين ۾ به دهرائجڻ جا سوين امڪان آهن...۽ اهو به تاريخ جو کيس خراج ئي چئجي، جو دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ طبقاتي نظام خلاف ويڙهه کائيندڙ گروهن، طبقن ۽ قومن جي آزادگيءَ واري سياست جي سڪي ۾ سندس ئي نانءُ ڳنهجي ٿو. اها ٻي ڳالهه آهي، ته مارڪسزم جي مرده ٿي وڃڻ ۽ مارڪس کي الوداع جهڙي پروپيگنڊه ڪندڙ عالمي ميڊيا کي نيٺ ٻئين ٽئين سال ان عوامي مزاحمت کي به جاءِ ڏيڻي ئي پوي ٿي، جيڪا ان نظرياتي فڪر جي آڌار تي اڄ به طبقاتي ويڙهه ۽ محڪوميءَ خلاف محاذ کي جيئرو رکندي پئي اچي. رڳو چين، رڳو ڪاسترو جي ڪيوبا ۽ لاطيني آمريڪا ئي نه، پر پنهنجي ايشيا ۾ به ڪٿي ڪٿي اها چڻنگ دکندي ضرور نظر اچي ٿي. سو، پنجين مئي، سندس اڄوڪي جنم ڏينهن جي حوالي سان پاڻ هنن صفحن تي سندس زندگيءَ جا نقش ڳوليندا، سندس پير نشانن پويان هلندا، فقط اُهي عام ۽ رواجي پيٽرن ڏسندا هلنداسين، جن هن هيڏي وڏي فلسفيءَ جي جنم کي ممڪن بڻايو.

    9 ڀينرن ڀائرن واري گهڻ ڀاتي ڪٽنب ۾ مارڪس جي پيدائش، جنهن هنڌ ٿي، سو مغربي جرمنيءَ جو شهر ٽرائير هو. اهي ڏهاڙا نيپولين جي شڪست کان پوءِ جا اُهي سال هئا، جڏهن يورپ جي اهڙي نئين تشڪيل ٿي رهي هئي، جتي انقلاب جي ممڪنه خطري کان بچڻ ممڪن هجي- ۽ ائين جرمنيءَ جو اهو بادشاهه جيڪو نيپولين خلاف ويڙهه ۾ عوامي همدرديءَ خاطر نئين آئين/ جمهوري آئين جو واعدو ڪندڙ هو، تنهن نيپولين جي شڪست جرمنيءَ تي پنهنجي گرفت ائين مضبوط ڪئي جو سڄي جرمنيءَ جي روشن خيال استادن، شاگردن، رائيٽرن ۽ دانشورن خلاف سرڪاري وٺ پڪڙ ۽ چوڪسي عام ٿي. ان وقت اهو فلسفو ئي هو، جنهن ملڪ جي سياسي ۽ سماجي مباحثن کي ترويج ڏني. مارڪس جي ابتدائي تربيت ۽ اسڪولي زماني ۾ ملڪي حالتن جي ان عجب دور ۾ ٿي، هڪ پاسي اها وٺ پڪڙ عام هئي ته ٻئي پاسي عوامي جمهوري شعور جي تربيت سازيءَ جا سامان به گهڻا ئي هئا.

    1835ع ۾ جڏهن هو ٽرائير کان بون يونيورسٽيءَ تائين پڳو ته مارڪس جو مضمون اهو ئي هو، جيڪو سندس والدين پاران طئي ڪيل هو، يعني قانون جو مضمون. ڇو ته سندس والدين کي يقين هو ته ان شعبي ۾ تعليم وٺڻ کان پوءِ مارڪس گهٽ ۾ گهٽ بک نه مرندو. هنن کيس يونيورسٽي ۾ ”سرمايو“ ٺاهڻ لاءِ موڪليو۽ کين بنهه پتو نه هو، ته اهو سندن پٽ اڳتي هلي”سرمايي“ ميڙڻ بجاءِ سرمايي جي پاڙ پٽڻ واري فلسفي جو بنياد وجهندو.

    فلسفي کي چريو ۽ نادان چئي، ان کي سماج ۾ مضحڪهخيز هستي بنائڻ واري سماج ۾ اهي خيال عام آهن ته فلسفي جا پڙهندڙ ”رُکا“، ”غير جذباتي“ ۽ عجب پاڳل ٿين ٿا. سماج سندن اهڙو خاڪو ٺاهي، کين ان ڪري عام ماڻهن کان دور ڪندو رهي ٿو، جو دراصل فلسفو ئي سماج جو بهترين نقاد آهي. ان عام فهم روش رکندڙن لاءِ انتهائي ضروري ٿيندو ته اهي فقط مارڪس جي ئي ذاتي زندگيءَ جي حوالن کي نظر هيٺ رکندا اچن.

    بون يونيورسٽي ۾ مارڪس جو مضمون جيتوڻيڪ قانون هو، پر سندس دلچسپي رڳو فلسفي تائين ئي محدود نه هئي. شاعري، ڪلاسيڪي آرٽ، يونان ۽ روم جي تاريخ ۾ پڻ سندس دلچسپي هوندي هئي. انهيءَ ئي يونيورسٽيءَ جي شاعرن جي خاص محفل جو باقائده ميمبر پڻ رهيو. جيني، سندس شريڪ حيات ئي دراصل سندس اوائلي رومانوي شاعريءَ جو مرڪزي ڪردار هئي ۽ بيشڪ ته ان وقت ڇپجڻ جي ڏس ۾ ڏسجي ته اشاعت لاءِ ويندڙ مارڪس جو پهريون مواد اهي عشقيه نظم ئي هئا، جيڪي هن جيني جي نانءُ ڪيا. جيتوڻيڪ اڳتي هلي سندس شاعريءَ ۾ انقلابي رومانويت جو ٽچ به ملي ٿو، پر مارڪس کي اهو اندازو لڳائڻ ۾ دير نه لڳي ته شاعري سندس وس وٽان نه آهي. جيتوڻيڪ مارڪس جي سڀني نظرياتي عقيدتمندن وٽ جيني جي اها ڪٿ ممڪن هجي يا نه هجي، پر اها حقيقت آهي ته ڪارل مارڪس جي مسلسل پٺڀرائي ڪندڙ جيڪڏهن ڪا شخصيت هئي ته اها جيني ئي هئي. جيني جيڪا مارڪس جي بنهه ابتڙ هڪ تمام سکئي ستابي گهراڻي سان تعلق رکندڙ، سندس ماءُ اسڪاٽ لينڊ جي نواب جي ڌيءُ ته سندس پيءُ اعليٰ حڪومتي عهدي تي فائز. اها شادي به ان عام رواجي شرط جي پاسداريءَ کان پوءِ ممڪن ٿي ته پهرين مارڪس پنهنجي تعليم مڪمل ڪندو ۽ هڪ سال تائين جينيءَ سان ڪا به ميل ملاقات نه ڪندو.

    جينيءَ مالي آسودگيءَ جا ڏينهن به فقط اهي ئي ڏٺا، جڏهن هوءَ اڃا پنهنجي ماءُ پيءُ جي گهر هئي. شاديءَ کان پوءِ مفلسي مارڪس سان گڏ توڙ تائين سندس ساٿي رهي. مارڪس تي آيل سڀ مصيبتون ۽ مشڪلاتون جيني به ساڻس گڏو گڏ سر تي سهندي رهي. دوا نه هئڻ ڪري ٻارن جو مري وڃڻ، ڪفن دفن جا پئسا نه هئڻ، جلاوطنيون، مسلسل فاقن ۾ ويلا ويهڻ، گهر جا سمورا ٽپڙ وڪڻي قرض لاهڻ....هوءَ مارڪس جي حقيقي ڪامريڊ جيان سندس جيءَ سان لڳل رهي. نه سندس انقلابي سرگرمين تي جيني جي پيشاني تي ڪو وَر آيو ۽ نه ئي سندس بيروزگاريءَ تي هن کيس ڪو طعنو ڏنو. جرمنيءَ کان جلاوطني تي جڏهن فاقه ڪشيءَ ۾ جيني جي گهر جو سامان به تين وال ٿيو ته سندس ڀاءُ کيس چورائي موڪليو ته جيني جرمني واپس اچ، ته مان تنهنجي خاندان جي مالي معاونت ڪريان. جيني کيس جواب ڏنو ته”مون مارڪس ۽ ان جي انقلابي خيالن سان شادي ڪئي آهي...۽ جرمني ۾ انهن ٻنهي جي ڪا گنجائش ناهي. تنهنڪري مون کي به اهڙو جرمني نه کپي، جتي مارڪس ۽ ان جا انقلابي خيال نه هجن.“

    اها گهٽ ماڻهن کي ڄاڻ هوندي ته مارڪس جو يونيورسٽي کان فارغ ٿيڻ بعد پهريون تجربو صحافت ئي هو. جيتوڻيڪ سندس خواهش اها هئي ته هو بون يونيورسٽيءَ ۾ فلسفي جو ئي استاد ٿئي.

    دراصل برلن يونيورسٽي ۾ سندس ينگ هيگلئين Yong Hegelian وارو سرڪل جيڪو هيگل جي مذهبي فلسفي تي تنقيدي اک رکندڙ هو، تنهن مان برونو بائر فلسفي جو ئي استاد هو، جيڪو فلسفي جي دائري اندر هيگل جي روايتي فلسفي جي تائيد بجاءِ ان کي تنقيدي اک سان ڏسندڙ هو.

    ينگ هيگلئين سوسائٽي جا هيگل جا اهي پيروڪار جيڪي فلسفي جي روايتي تقليد بجاءِ ان کي معاشري ۽ سماج جي سمجهاڻيءَ طور ڏسڻ چاهيندا هئا، سي نوجوان مفڪر برلن يونيورسٽي ۾ ”ڊاڪٽر ڪلب“ جي نالي سان هڪ فورم هلائيندا هئا. ڪارل مارڪس پڻ ان ئي مفڪرن جي محبت ۾ فلسفي ۾ ئي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ورتي.

    فلسفياڻي فڪر جي حوالي سان ڏسجي ته مارڪس تي ايپي ڪوريس جو وڏو اثر هو. هو ايپي ڪوريس کي انساني حقيقي خوشي ۽ آزاديءَ جو فلسفي مڃي ٿو. ٻين جي ماتحتي کان آزادي، انساني ڏک ۽ غم کان آزادي...

    سندس نگاهه ۾ فلسفو فقط ڇا آهي؟ جي تشريح ڪري ته اها اڌوري خدمت آهي، تنهنڪري فلسفي کي”ڇا هئڻ گهرجي؟“ واري سوال سان ڳنڍجي، ته انساني فڪر جي تاريخ، انساني سماج کي هڪ منطقي جواز بخشي سگهي ٿي. اهو برونو بائر ئي هو، جنهن کيس عملي سياست ڏانهن ٿي ڇڪيو. هن جي خواهش هئي ته مارڪس به يونيورسٽي ۾ استاد ٿي اچي وڃي ته جيئن هو ٻئي گڏجي فلسفي جي نئين تشريح ڪندي، فلسفي بابت هڪ رسالو آڻي سگهن، پر برونو جي اها خواهش ڪڏهن به پوري نه ٿي سگهي، جو بائر کي خود جرمن حڪومت گهڻي وقت تائين يونيورسٽي ۾ برداشت نه ڪري سگهي ۽ کيس يونيورسٽيءَ جي نوڪريءَ مان ڪڍيو ويو.

    مارڪس جو پهريون مضمون به”شخصي آزادين“ تي پابنديءَ خلاف هو.

    ”جيڪو تاريخي ڪردار برطانيه ۾ صنعتي انقلاب ۽ فرانس ۾ سياسي انقلاب ادا ڪيو آهي، ساڳيو ئي تاريخي ڪردار اوڻيهين صديءَ ۾ فلسفياڻي انقلاب، جرمنيءَ ۾ ادا ڪيو“.

    سندس ڪامريڊ دوست اينگلس سچ ئي لکيو هو. اڄوڪي ايڪيهين صديءَ جي پهرئين ڏهاڪي ۾ صحافتي دنيا ۾ جيڪا سينسرشپ جي قانونن، رياستي سخت گيرين جي دانهن متل آهي، مارڪس پنهنجي ان پهرئين سياسي مضمون ۾، جيڪو 1842ع ۾ ڇپيو، خوب لکيو ته ”مان سچائيءَ جي ملڪيت آهيان، سچائي منهنجي ملڪيت ناهي. منهنجي ملڪيت ته فقط منهنجي لکڻ ۽ بيان ڪرڻ جو انداز آهي. بيشڪ ته قانون مون کي لکڻ جي اجازت ڏئي ٿو، پر اسٽائل ۾ جيڪو منهنجو ناهي، مان پنهنجو اندريون روحاني چهرو خوشيءَ سان ڏيکاريان، پر پهرين ان کي سرڪاري سانچي ۾ مولڊ ڪري وٺان.“

    ان دور ۾ پريس جي آزاديءَ تي لکيل جيڪڏهن مارڪس جا اهي 6 بنيادي مضمون پڙهجن، ته شايد اڄوڪيءَ تشويش ۾ ورتل پريس کي ان جا ڪارڻ چڱيءَ ريت سمجهه ۾ اچي وڃن. مون کي جيتوڻيڪ اهو پتو ته ناهي ته اهي مضمون اسان جي جرنلزم جي شاگردن کي ڪورس ۾ پڙهايا وڃن ٿا يا نه، پر جيڪڏهن جرنلزم جا شاگرد به مارڪس جي مضمونن جو اهو تت ۽ جواز سمجهي وٺن، ته کين سماج کي اهو سمجهائڻ ڏکيو نه رهي ته ”تحرير جي آزادي انسان جو پيدائشي حق ئي نه، پر ان جي شخصيت جي آزاد اوسر لاءِ بنيادي شرط پڻ آهي“.

    سينسر شپ جي ڪارن قانونن خلاف سندس قلم جي چهنب اهو سچ نه رڳو خلقيندي، پر ان کي عام به ڪندي رهي ته”عوامي تنقيد ئي دراصل سچي سينسرشپ آهي. عوامي تنقيد هڪ اهڙي عدالت آهي، جيڪا آزاد پريس مان ئي جنم وٺي ٿي“.

    جرمني ۾ پريس فقط حڪومت هٿان ئي ڏنگيل نه هئي، پر اها گهڻين ئي معنائن ۾ عجيب عتاب هيٺ آيل هئي، جن صحافت کي سندس مشن بجاءِ ان کي ڌنڌو ۽ واپار بڻائي ڇڏيو هو.

    ”ڇا ڪا پريس جيڪا تجارت جي سطح تائين به ڪري پئي ۽ پوءِ به پنهنجو پاڻ کي آزاد چئي. هر اهلِ قلم کي زندهه رهڻ لاءِ ۽ لکڻ لاءِ پئسو ضرور ڪمائڻ کپي، پر ان کي پئسي ڪمائڻ لاءِ زندهه رهڻ ۽ لکڻ نه کپي.“

    دنيا ۾ ڇانيل اڄوڪي ڪارپوريٽ پريس ۾ مارڪس جا اهي اکر به زهر ۾ ٻڏل سچ لڳن ٿا ۽ شايد ان ڪري ئي اها ڪارپوريٽ ميڊيا ان پروپيگنڊه ۾ دهلاري بڻجي هوڪا ڏئي ٿي، جنهن ۾ مارڪسي فڪر کي خير آباد چوڻ کي ئي اڄوڪي حقيقت جو سچ سمجهڻ تي زور ڏنو وڃي ٿو.

    مارڪس جو اهو مضمون، جيڪو هن جهنگ مان ڪاٺيون ڪندڙ جي بيگناهه وٺ پڪڙ ۽ ڪيسن ۾ وجهڻ تي ”جهنگ جا قانون“ جي عنوان سان لکيو ۽ مسلسل حڪومتي تنبيهه جي لکندو رهيو ته کيس ڇهن مهينن اندر ئي اخبار سان گڏ جرمني ڇڏي وڃڻو پيو.

    ”هاڻ جرمنيءَ ۾ منهنجو ڪو به ڪم نه رهيو آهي. هتي رهي وڌيڪ ذلت سهڻ هاڻ مون کي منظور ناهي.“ اهي مارڪس جي فاقه ڪشيءَ جا ڏينهن هئا، جو سندس پيءُ جيڪو سندس ڪفالت ڪندو هو، سو دنيا ۾ نه رهيو هو ۽ سندس ماءُ، جيڪا کيس ڪمائو پٽ ڏسڻ چاهيندي هئي، تنهن سندس پئسا نه ڪمائي سگهڻ واري نااهليءَ تي کيس خرچ پکو ڏيڻ بند ڪري ڇڏيو هو. انهن ڏينهن ۾ پئرس/فرانس سڄيءَ دنيا جي ستم زده، جلاوطن انقلابين جي سياسي سرگرمين جو مرڪز هو. جرمنيءَ مان اچي مارڪس به اتي ئي پناهه ورتي، جتي سندس قربت ۾ ڪيئي، شاعر اديب به آيا، جن ۾ هائني سندس گهڻو اثر قبول ڪيو. پئرس ۾ به رسالي جي ڪڍڻ ۽ پوءِ جرمن خفيه پوليس هٿان سڀئي ڪاپيون ضبط ٿيڻ بعد مارڪس اقتصاديات، ڪميونزم(يوٽوپيائي سوشلسٽ تي تنقيد)، فرانس جي انقلاب تي مسلسل لکندو رهيو- ۽ اهي ئي ڏينهن هئا، جڏهن سندس ملاقات ان نوجوان سان ٿي، جيڪو بعد ۾ رڳو سندس عقلي ۽ ذهني طرح ئي نه، پر سدائين سندس ساٿ ۾ رهيو. اهو اينگلس هو، جنهن سان سندس ذهني هم آهنگي، نظرياتي هڪجهڙائپ جو سلسلو مارڪس جي موت تائين سدا دم جيئرو رهيو. اينگلس ئي دراصل کيس انگريز معاشيات تائين پهچائيندڙ ماڻهو هو. ۽ اهو ڪميونسٽ ميني فيسٽو”جيڪو دنيا جي محروم ۽ محڪوم طبقي لاءِ راهه نجات جو اهڃاڻ“ ثابت ٿيو، سو پڻ دراصل اينگلس ۽ مارڪس جو اهو گڏيل تاريخي معرڪو هو، جيڪو انساني تاريخ جي سدا چيڀاٽيل طبقي جي تقدير بدلائي ڇڏڻ جي خوشخبري ثابت ٿيو.

    ”دنيا جا پورهيتو، هڪ ٿي وڃو...“ اهو پهريون فطري ڳانڍاپو هو، جيڪو محنت، رت ۽ پگهر جي پورهئي جي استحصال جو شڪار اڪثريت جي وچ ۾ ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي هئي. ”توهان وٽ وڃائڻ لاءِ ڪجهه ناهي، سواءِ زنجيرن جي...“ ۽ جڏهن اينگلس سان گڏجي مارڪس ان فلسفي جي ترويج ڪئي ته اهو فقط ڪتابي جلدن جي سهڻن پنن جي زينت ئي نه بڻيو، پر انگ اگهاڙي اڪثريت جي چپن تي بقا جو نعرو بڻجي اڀريو.

    پئرس مان تڙجي نڪرڻ کان پوءِ بيلجئم....۽ عملي سياست ۾ مزدور تحريڪ سان وابستگي....بيشڪ اخباري پنن تي مارڪس جي زندگي سهيڙجڻ کان گهڻي وڏي آهي. بيشڪ ته اڄوڪي جنم ڏينهن تي هي ٻن اکرن وارو خراج به تمام ننڍڙو آهي، پر دنيا جي ان ڏاهي فلسفي، معيشتدان، سياستدان، مفڪر ، فلسفي کان دنيا جي تشريح جو ئي نه، پر دنيا کي بدلائڻ جو ڪم به وٺندڙ ان جي فلسفي جي گونجار لاطيني آمريڪا کان ڏکڻ ايشيا ۽ ڏکڻ ايشيا کان آفريقا جي ديس ۾ جتي جتي به گونجي ٿي، اُتي اُتي سندس جنم، سندس فلسفي جي سجائي هئڻ جا ئي نه پر هڪ اهڙي انساني مستقبل جي نويد به ڏين ٿا، جتي انساني پگهر انساني عظمتن مان سڀ کان اعليٰ مرتبي جو حامل ٿيندو.
    amarsindhu@yahoo.com
     
  14. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: امر سنڌو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    سنڌ جي پورهيتن جو رت ڇا ٿو طلبي؟



    ڇنڇر 13 مئي 2006ع

    هي سون جي تعداد ۾ شڪاگو جا اُهي پورهيت ته بنهه نه هئا، جن جي رستا روڪ ڪندي شڪاگو جا رستا رت ۾ ڳاڙها ڪيا ويا هئا ۽ اُن ئي رت ۾ ٻڏل ڪپڙا سُرخ پرچم بڻجي سڄي دنيا جي پورهيت جدوجهد ۽ پورهيت جدوجهد جي سوڀ جو اهڃاڻ بڻجي پيا هئا. 1880ع شڪاگو ۾، اڄ کان ڪا سوا صدي اڳ شڪاگو جي گهٽين ۾ گولي کائي سرد ٿي ويل پورهيتن جا جسم....پورهيت جدوجهد جي زندگيءَ جي ائين علامت ٿي اڀريا، جو اڄ سڄي دنيا جي گولي تي اڇن، ڳاڙهن ڪارن توڙي سانورن جي ديس جا پورهيت پهرين مئي تي سندن خون جا سلامي ٿين ٿا ۽ رت ۾ ٻڏل پرچم جي علامتي سرخ پرچم جي سلامتي جا وچن دهرائن ٿا.

    پر هن ديس جي گلين ۾ پورهيتن جي رت کي شايد ريلا ڪري وهڻ جي عادت پيل آهي، اهو رت نه دنيا جي پورهيتن جي جدوجهد جو ڪو اهڃاڻ بڻجي ٿو ۽ نه ئي ان رت ۾ ڪنهن طاقت جي ڪوٽ ۾ ويٺل قوت کي ڇرڪائي ڇڏڻ جي ڪا سگهه آهي. نه مارڪس جي فلسفي جا حامي، ۽ نه ئي دنيا جي مزدورن کي گڏ ڪرڻ جي خواب ۾ سرشار، نه ڪنهن يونيني اڳواڻ جي هُشي ۽ نه ئي ڪا ملڪ ڊاهڻ جي، يا حڪومت ڪيرائڻ جي سازش لاءِ نڪتل....ڪالهه پاڻ جن عورتن، ٻارن، ٻڍن ۽ جوانن کي گورنر هائوس آڏو پوليس جي بيرحم لٺين هٿان ڪٽجندي گهلجندي، تڙپندي ۽ دانهيندي ڏٺو، سا محدود.....۽ شايد غير منظم به...پورهيت گهر ڀاتين تي ٻڌل اها اقليت فقط ۽ فقط پيٽ جي بک وچئون، ان رستي تي هلي پئي هئي، جيڪو رستو شاهراهه عام نه آهي، جيڪو رستو پيرين پنڌ لاءِ ممنوع آهي....ان دروازي تان گذري پار پوڻ ته شايد ”خواب بهشتان“ پر ان دروازي تائين دانهن کڻي پهچندڙ خلق....ها جيڪا شايد انهن جي نظر ۾ ”ڪُت خلق“ ليکبي هجي، سا ائين ڏوهي ٿئي ٿي، جو انهن جا مرد پنهنجي ”پوليسارن“ جي انڌين لٺين جي وسندڙ سٽاسٽ گهيري ۾ هجن...عورتون کليل وارن ۽ اگهاڙن مٿن سان ان در تي وڃڻ جي ڏوهه ۾ ائين گهلجن، جو ڏسندڙن منجهان جنهن جي اک آلي نه ٿئي، سا ڄڻ ته ظالم ۽ وحشي جي اک هجي، ۽ جنهن جي اکين ۾ اهو ڏسي پاڻي سان گڏ رت نه اچي، سو ڄڻ ته مرده بُت هجي.

    اها نٽهڻ اس هئي...اهڙي اس، اهڙي نٽهڻ، جنهن لاءِ پاڻ چئون ته ڪانوَ جي اک پئي نڪري....ان نٽهڻ اس ۾ اسان توهان، جيڪي هن منظر جا فقط تماشبين ئي ٿياسين، تن ڏٺو ته ان نٽهڻ اس ۾ عورتون ڏامر جي تتل روڊن تي گهلبيون رهيون، پاڻ ڏٺو ته سٽاسٽ لٺين جي وسڪاري ۾ پورهيتن جا مٿا رت ۾ ڳاڙها ٿيندا رهيا. ان منظر کان پوءِ هڪ پاسي ته رڳي دانهن هئي، ساهه کي آيل سٽ هئي ۽ ٻئي پاسي رياست جي ڏنل طاقت جي استعمال جو مظاهرو هو. اخبارون لکن ٿيون ته ان منظر جي ڊراپ سين کان پوءِ دفتري ڪارروائيءَ ۾ شايد ائين لکيو وڃي ته، ”چند وڳوڙي مظاهرين کي ڇڙ وڇڙ ڪري، صورتحال کي پُر امن رکيو ويو“ ان منظر جي ڊراپ سين جي زميني حقيقت اها هئي ته پندرنهن منٽن جي هڪ پاسي جي ”مارا ماري“ ۽ ٻئي پاسي جي چيخ و پڪار کان پوءِ صوبي جي اعليٰ انتظامي گهر ڏانهن ويندڙ رستي تي پورهيت عورتن جا ليڙون ليڙون روا، ٻارڙن جون ڦاٽل ٽٽل چپلون پکڙيل رهجي ويون هيون. رت ڳاڙيندڙ پورهيت پوليس موبائلن ۾ کنڀجي ٿاڻن تائين کڄي ويا هئا. جن جي ملم پٽي...شايد ٻئي ڪنهن به سرڪاري اهلڪار بجاءِ سندن ئي اندر جي درد پاران ٿيندي رهي هجي. ٿاڻي تي کنڀي کنيلن ۾ چار عورتون ۽ ٻه ٻار به شامل هئا. اخبارون اهو به لکن ٿيون ته پوليس لٺبازي ۽ تشدد باوجود اُهي مٺ جيترا، آڱرين تي ڳڻڻ جيترا شايد ڪي پنجاهه کن (ڪو وڏو مشتعل هجوم نه....) ئي پورهيت پنهنجي عورتن ۽ ٻارن سميت لٺبازي باوجود به ڇڙ وڇڙ نٿي ٿيا. هو هر صورت ۾ پنهنجي دانهن کڻي ان در وڃڻ چاهين پيا، جتي رڳو سندن ئي نه، پر اسان توهان جي تقديرن جي دستاويز تي صحيحون ڪيون وڃن ٿيون.

    پاڻ تماشبين...اهو سمجهي سگهون ٿا ته هيڏي لٺبازي، هيڏي وحشياڻي ۽ انسانيت سوز تشدد بعد به هو ڪجهه عورتون، جيڪي ٿاڻن تائين کنڀجي وڃڻ کان رهجي ويون، سي وري به واپس اچي ڪراچي پريس ڪلب جي اها ڪنڊ آباد ڪن ٿيون، جيڪا سندن احتجاج جي علامت طور گذريل ٻن هفتن کان اخبارن تي رپورٽ ٿي رهي آهي. اها ڪا سياسي ليڊري...ڪو پورهيتن جي نجات واري فلسفي هيٺ ٿيندڙ ثابت قدمي ناهي...پر اهو سچ پچ حقيقتن به ان ئي ساڳي پيٽ جي بک جو ڪمال آهي، جنهن جو جهنم سندن پيٽ ۾ تڏهن ئي گرم ڪيو ويو هو، جڏهن ٺٽو ۽ دادو شگر ملز جي سرڪار پاران تالابندي ٿي هئي. جڏهن مشين جو ڦيٿو روڪجي ٿو، تڏهن ملڪي معيشت تي ان جا ڪهڙا اثر پون ٿا، سو ته ڀل ملڪ جي، ۽ دنيا جي اعليٰ معيشت دانن کي طئي ڪرڻ ڏيو، پر جڏهن مشين جو ڦيٿو رڪجي ٿو، تڏهن پورهيت جي گهر جي چلهه ٿڌي ٿي وڃي ٿي ۽ سندس پيٽ جو جهنم ٻري پوي ٿو. اهو سادو اصول ته پاڻ سمجهي ئي سگهون ٿا.

    ”پورهيت لاءِ ديس به ساڳيو، پرديس به ساڳيو...“ بيشڪ ته اهو دنيا جي هڪ سچ جو اظهار آهي، پر هو جيڪي مشين جي ڦيٿي رُڪجي وڃڻ....گهر جي چُلهه ٿڌي ٿي وڃڻ ۽ پيٽ جي جهنم ٻري پوڻ تي گهر ڇڏي ٻارين ٻچين ڪراچيءَ ۾ ڪئمپي ٿيا آهن، تن لاءِ سچ پچ ته ڪراچي پرديس به آهي. ”اسان هاڻي ناڪامي کڻي گهر نه وينداسين...“ اڪيڊمڪ ڊگريون رکندڙ عورتن کان وڌيڪ ويجهڙائيءَ سان زندگيءَ کي ڏسندڙ ۽ احتجاج جو شعور رکندڙ اها پورهيت عورت جڏهن ميڊيا سان ڳالهائي ٿي، تڏهن توهان کان يقينن اها Sophiticated سرڪاري ”تت مٿ“ ڪندڙ عورت وسري ويندي، جيڪا ميڊيا تي عورت حقن جي جاکوڙ جي Presentation ڏيندڙ آهي، پر سندس Vision جي فريم ۾ ان عورت لاءِ ڪا جاءِ ڪانهي، جيڪا پنهنجي پورهيت گهر ڀاتين سان سندس جدوجهد ۾ ائين شريڪ سفر آهي، جو وٽس ”ڪاميابي“ کان سواءِ واپسيءَ جي ڪا راهه ناهي.

    ڇا هيءُ عجب جهڙي ڳالهه نه آهي ته سرڪار پاران انهن شگر ملن جي مشين جو ڦيٿو ئي بند نه ڪيو ويو، پر اهي مشينون، جن سان پورهيت جي گهر جي دانگي چڙهندي هئي سي ڪٻاڙين وٽ وڪڻيون ويون ۽ ڇا اها به عجب جهڙي ڳالهه نه چئجي ته هن وقت هن ملڪ ۾ ته ٺهيو، پر سنڌ ۾ ئي ڪي 30 ملون آهن، جن مان هڪ به خساري ۾ نٿي چئي سگهجي، پر دادو ۽ ٺٽو شگر ملز جيڪي سرڪار جي ملڪيت هيون، سي خساري ۾ ڄاڻائي بند ڪيون ويون. اها بيوروڪريسي، جيڪا اعليٰ انتظامي عهدن تي هئي سا ته بيروزگار ڪري گهر نه موڪلي ويئي، پر اهي اڍائي هزار پورهيت پنهنجي گذر سفر جو واحد وسيلو وڃائي ويٺا.

    سرڪاري اهلڪارن هٿان مٿا ڦاڙائيندڙ ۽ رستن تي گهلجندڙ عورتن جي اڪثريت وٽ يقينن ان ڳالهه جي ڪائي معنيٰ نه آهي ته معاشي حوالي سان ملڪ ترقيءَ جي ڪهڙي منزل تي پهتل آهي، يا وري ان جي به وٽن شايد ڪا اهميت ناهي ته ملڪي خزاني جو Volume اڳي کان ڪيترا ڀيرا وڌي چڪو آهي، ڇاڪاڻ جو سندن چلهه ٿڌي ۽ ٻار بک تي آهن. ڪالهوڪي منظر ۾ ڇا اهو به عجيب تضاد نه هو ته روڊ تي گهلجندڙن جا پيٽ پٺي سان لڳل هئا ۽ وار ڇڪيندڙ اهلڪارن جا ڀريل بت ڪپڙن مان ٻاهر ٿي آيا. پاڻ سان ٿيندڙ اهڙي جُٺ جي باوجود به هو اڃا تائين احتجاج تي اڙيل آهن. نه رڳو ايترو، پر پريس ڪلب تي پڻ هو پوليس جي گهيري ۾ آيل آهن.

    جنهن ڏينهن تي انصاف لاءِ دانهيندڙ مٺ جيترن احتجاجي پورهيتن تي پوليس ڪڙڪي هئي، ٺيڪ ان ئي ڏينهن تي نيوز چينلز شگر ڪرائيسز جي اصلي ڏوهارين جي چهرن جي بي نقابي ڪندي حڪومتي ۽ مخالف ڌر سميت ٻين سياسي مبصرن جي تبصرن جا پروگرام ڏيکاري رهيا هئا. هڪ پاسي هي هٿين خالي پورهيت، پورهئي جي حق ڇنڻ تي پيٽ جي بک وچان پنهنجو احتجاج کڻي شهر جي انهن رستن تي پهتا هئا، جتي سندن اچڻ ممنوع ۽ سندن احتجاج ڏوهه هو. سندس چپن تي نعرا هيا...دانهون هيون، پر هو ڏوهاري مجرمن جيان ڪٽبا رهيا. ٻئي پاسي رپورٽن ٿي ٻڌايو ته ان بحران جا ذميوار اهي ئي اسان جا توهان جا سياسي اڳواڻ آهن، جن جي هٿن ۾ اڄڪلهه ملڪ جي مالڪي ڏني ويئي آهي. توهان اهي نالا پڙهو، ايوان اقتدار ۾ سندن طاقت جو سڪو ڪيئن ٿو هلي. توهان فقط انهن جي اعلانيل ملڪيتن جا گوشوارا پڙهو ته توهان کي ڏندين آڱريون اچي وڃن، ۽ هو صنعتڪار، ملڪ جا ٽاپ ترين سرمائيدار آهن. اها اتفاق فائونڊري به انهن سياستدان ڀائرن جي ضبط ڪيل ملڪيتن مان آهي، جن پڻ ٻه ڀيرا ملڪي اقتدار جي اعليٰ سنگهاسن جو ذائقو چڱي ڏٺو آهي. اتفاق گروپ جنهن وٽ ضيا دور ۾ فقط پنج ڪمپنيون هيون، ۽ هن وقت اتفاق گروپ وٽ 5 2 ڪمپنيون آهن ۽ جيڪي حڪومت وٽ ٽيڪس ڏيندڙ ادارن طور به رجسٽرڊ ٿيل آهن.

    قومي اسيمبليءَ ۾ ويٺل اهي سياسي دردمند اڳواڻن جي نالن کي وري ڇا ورجائڻو، بس ڏسو ته سندن هاڻوڪي ملڪيتن جي ڪٿ ڇا آهي ۽ سندن والدين جي ملڪيتن جي ڪٿ ڇا هئي، جڏهن هو سائيڪلن تي چڙهي اسڪول ويندا هئا. انهن سڀني گڏجي 10 ارب رپيا کنڊ جي قيمت وڌائي، تنهنجي منهنجي جيب ڦري، هي ڪي بس ۾ چڙهندڙ ڳنڍي ڇوڙن جو داستان به ناهي، هيءُ ڏينهن ڏٺي جو تنهنجي منهنجي پيٽ تي لت هڻي واتئون گرهه کسڻو ٿيو. پر بس جا ڳنڍي ڇوڙ ته پڪڙجي پوڻ تي ڏينهن رات ٿاڻن تي ڪٽجي پنهنجا عضوا کاري واپس ورن ٿا، پر اسيمبلين ۾ ويٺل اسان جا اڳواڻ چوري جهلجي پوڻ تي به ٻيهر اسان تي حڪمراني ڪرڻ جا پروانا کڻي اعليٰ مسندي هنڌن تي ويهاريا وڃن ٿا. ڏهه ارب جي چٽي کيسن تي سهڻ باوجود به فقط ان ڪري توهان ڪنهن به روڊ رستي تي ائين ڪٽجي سگهو ٿا، ڄڻ اسان جي دانهن به ڪا گناهه ڪبيره جي ذمري ۾ اچي، پر ذاتي منافعي جي لالچ ۾ ورتل سرمائيڪار ۽ سياستدان وري به ان سرڪاري پروٽوڪول سان سامهون اچي، جو پاڻ پري، پر لکين رپين جي سيڙپ سان قائم ٿيل اداري نيب کي به جرئت نه ٿئي ته کانئن ان ڏوهه جو پڇاڻو ڪري سگهي. امير ۽ غريب جي ان طبقي واري تضاد کي سمجهڻ لاءِ هروڀرو به مارڪس جي ضخيم ڪتابن جي پنن اٿلائڻ جي ضرورت ناهي.

    هوءَ جيڪا پريس ڪلب تي ڪن هفتن کان مسلسل سراپا احتجاج بڻيل پورهيت عورت آهي، تنهن يقينن ڪنهن اهڙي سياسي فلسفي جي سکيا نه ورتي آهي، جيڪو کيس ان جا سبب ٻڌائي ته نيٺ به هو ان ڏينهن احتجاج ڪرڻ جي ڏوهه ۾ ڇو ڪٽي ويئي ۽ نيٺ به اهي ڇو معتبر شهري سڏجن ٿا، جيڪي معمولي احتجاج کي رت ۾ وهنجارڻ جهڙا حڪمناما جاري ٿا ڪن. بيشڪ ته هو ان ڏينهن جون اهي اخبارون به پڙهي نه سگهي هوندي، جنهن ۾ هڪ پاسي ته رنگين فوٽن ۾ کيس وارن کان جهلي گهلندي ڏيکاريو ويو آهي ۽ ٻئي پاسي ٺيڪ ان ئي پني جي هيٺين حصي تي پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جي اها خبر ڇپيل آهي، جنهن ۾ آءِ ڊي بي پي پاران 68 ڪروڙ رپين جي قرض جي ادائيگي جون رهتون رهيل آهن. نيشنل بينڪ پاران جيڪي 18 ارب جا قرض معاف ڪيل ڏيکاريل آهن، سي 18 ارب يقينن توهان اسان نه کنيا آهن، جيڪڏهن اسان وٽ هڪ مهينو به بجلي جو بل رهي ٿو ته بجلي ڪاٽا ٿيڻ جو نوٽس بل کان اڳ گهر اچي ٺڪاءُ ڪندو آهي، پر اهي 18 ارب رپين جا قرض، جن ۾ پنهنجو رت پگهر ۽ ٽيڪس شامل آهي، سي يقينن پهچ وارن سرمائي ڪارن، صنعتڪارن، سياستدانن کي ۽ نجي ڪمپنين کي ئي معاف ڪيا ويا هوندا. ان ريفرنس ۾ پڙهو اهو بيان، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته پورهيتن جي مسئلي جي حل لاءِ 50 ڪروڙ رپين جي رقم گهربل آهي. ڪو به قومي اداري جو مقروض قومي اسيمبليءَ جو ميمبر نٿو ٿي سگهي، پر ڪاميٽي انهن مقروض سياستدانن جا نالا به پريس آڏو پيش ڪري ٿي، پر اهي پوءِ به نه ته ڏوهاري ليکجن ٿا ۽ نه ئي سندن سماجي رعايتن ۾ ڪو فرق پوي ٿو.

    سماج ۾ اهو تضاد ڏسڻ لاءِ، ان جا سبب سمجهڻ لاءِ هاڻ سچ به ڪو وڏو معاشي فلسفو ۽ سياسي اقتصاديات جو عالم نه، پر فقط هڪ دردمند دل گهرجي، جيڪا ناانصافيءَ جي هن عجب لقاءَ تي حيرت زده ٿيڻ واري فطري روايت نه ڇڏي چڪي هجي...هيءُ قانون، انصاف جي تقاضائن ۽ انسانيت جي اصولن جو عجب جهان آهي. بي پهچ اڪثريت...جي اها ڪٿ شايد ملڪي ترقيءَ جي ڪنهن به پيماني جي ماپ کان ٻاهر هجي. جڏهن هوءَ غريب عورت منهنجي ڊاڪٽر دوست کي اهو چئي لاجواب ڪري ڇڏي ته، ”امان تون چئين ٿي ته ٽي گوريون صبح منجهند شام ماني کان اڳ ۽ ٽي گوريون صبح منجهند شام مانيءَ کان پوءِ کاوان...امان...اهو ڪيئن ڪريان اسان ته ٽن ڏينهن ۾ هڪ ويلو به مس کائيندا آهيون...“

    هن عجب جهان جو ڪاروهنوار هلندڙ آهي. مشين جو ڦيٿو ته يقينن رڪڻو ناهي، جو اهو ئي صنعتڪار جي اڪائونٽ کي محدود به ڪري ٿو...پر ان ڦيٿي کي چوريندڙ پورهيت جي رت پگهر جي قيمت ان کان اڳ ايتري ڪيرائي ڇڏجي، جو اهو احتجاج جي اڪيلائپ ۾ رت ڳاڙيندو وتي....۽ جڏهن سندس قيمت، سندس احتجاجي سگهه جيان دز مٽي ٿي ويهي وڃي، تڏهن...وري دنيا کي وڏي واڪ ٻڌائجي ته وڳوڙي دهشت جي جهان ڏانهن واريا ويا.

    ”پورهيتن وٽ وڃائڻ لاءِ ڪجهه ڪونهي، سواءِ زنجيرن جي...“ شايد ٿوري ڦير گهير سان اهو نعرو نيٺ ائين ٿي بيهي ته ”پورهيتن وٽ وڃائڻ لاءِ ڪجهه ڪونهي سواءِ سندن زندگين جي“ ۽ جيستائين سندن اهو احتجاج گلوبل ٿئي، تيستائين گلوبلائيزيشن ۽ پرائيويٽائيزيشن جي جهان ۾ منهنجي ديس جو پورهيت رڙهجي ويندو.

    پتو ناهي ته پورهيت لاءِ نئين ديس، نئين جهان جون ڳالهيون ڪندڙ سياسي ڌريون، سياسي راهبريون ۽ مخصوص نعرن پويان ماڻهن جا ٻئي جهان رلائيندڙ ڌريون 15 مئي واري اعلانيل پورهيتن جي ان احتجاج ۾ سندن هم قدم بڻجي، کين پنهنجي سياسي سگهه جو ڪلهو ٽيڪ لاءِ آڇين ٿيون، يا 11 مئي واري منظرنامي جي دهرائجڻ جي امڪانن تي پريس ريليزن جو ٽيڪسٽ ٺاهڻ تي وڌيڪ توجهه ڏين ٿيون؟

    amarsindhu@yahoo.com
     
  15. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: امر سنڌو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    لُٽيل صُبح جا اداس پاڇا!



    آچر 4 فيبروري 2007ع

    ”عورتن جي حقن وارو بل هڪ تاريخي عمل آهي...عورتن جي تحفظ جو عمل جاري رهندو.“ هن ملڪ جي تاريخ جي سڀ کان وڌيڪ طاقتور سربراهه کي پاڻ عورتن واري بل کي قرآن ۽ سنت جي عين مطابق قرار ڏيندڙ تقرير، تاڙين جي گونج ۾ ٻُڌي...ان ئي عورتن جي تحفظ واري بل کي پاڻ ٻاهرين دنيا ۾ پاڪستان جي بگڙجندڙ اميج جي پلاسٽڪ سرجري ڪندي ڏٺو. پاڻ ڏٺو ته پنهنجو سربراهه لبرل ۽ ماڊريٽ رياست جو خواب اکين ۾ کڻي ان جي تعبير جون ڳالهيون ڪري ٿو. پاڻ، پنهنجي گناهگار ڪنن سان اهو به ٻڌو ته، ”هاڻ ان بل سان اسان انتها پسندن جو زور ٽوڙي ڇڏيو آهي.“ پاڻ پنهنجي رياست جو خاڪو ايئن به تبديل ٿيندي ڏٺو ته پاڻ وٽ ميڊيا ۾ ”مٿي ڍڪيل نياڻي“ وارو شرط به هاڻ لازم نه رهيو هو. پاڻ ملڪي تاريخ ۾ ويڙهاڪ فوجن جي صفن ۾ عورتن جي شموليت تي به آجيان جون تاڙيون وڄائي Women Friendly ماحول ڏانهن پهرين وک سمجهندا رهياسين. اسان ملڪ جي وڏن شهرن ۾ مغربي لباس پهريندڙ عورتن جي موجودگي کي به حڪمرانن جي لبرل ازم جي رعايت سمجهي اندر ئي اندر ۾ خوش ٿيندا رهياسين. اسان ڏٺو ته هاڻ ”پردو“ چونڊ (Choice) آهي، ضروري شرط ناهي رهيو. اسيمبلين ۾ وجودِ زن جي موجودگيءَ سان به پاڻ پنهنجون اکيون ٺاريون.

    ”Women Protection Bill“ وقت ته پاڻ پنهنجي حڪمرانن کي ان حد تائين به دعوائون ڪندي ڏٺو ته اعليٰ ملازمتن ۾ پنجاهه سيڪڙو نوڪريون عورتن کي ملنديون. وٽا سٽا ۽ بدي واري شادي ۽ طلاق جي مامرن تي قانوني اصلاحات جا اعلان به ٿيا. شهري زندگي ۾ عورت جو وجود ظاهر ٿيو. دُڪان جي ڪائونٽر کان بس ڪنڊيڪٽري تائين ۽ بس ڪنڊيڪٽري کان پيٽرول پمپ تي گاڏين ۾ پيٽرول وجهڻ واري ڌنڌي تائين پاڻ عورتن جي شرڪت پنهنجي اکين سان ڏٺي. جيتوڻيڪ ”مخصوص نظرئي حيات“ رکندڙن کي ان سموري ڪاروهنوار ۾ فقط ۽ فقط فحاشي ٿي نظر آئي. پاڻ کين پروپيگنڊا ڪندي ڏٺو ته، ”فحاشي وڌي ويندي“ ملڪ جي شهري گهٽين ۾ ته ٻائيتال ٻاريو ئي ويو، پر پاڻ ته ميڊيا تي کين ان بل جون ڪاپيون ڦاڙيندي، پيرن هيٺان لتاڙيندي به ڏٺيون، جن ۾ پاڪ نالا تحرير ٿيل هئا. کين نظر اچڻ لڳو هو ته هاڻ اهو بل هن ملڪ ۾ Free Sex کي هٿي ڏيندو. رڳو پريس ڪانفرنسون، رڳو هڙتالون ئي ڪرائي گوڙ شور نه ڪيو ويو، پر شهرن جي ديوارن کي به ان چاڪنگ سان سينگاريو ويو ته، ”Women Protection Bill فحاشي جو لائسنس آهي، ناموسِ زن جي رسوائي آهي.“ ۽ ايئن اهي چهرا، جيڪي ماڻهو ميڊيا تي ٻه منٽ به ڏسڻ پسند نه ڪن، روز روز مذاڪرن ۾ ”عورت جي عزت خطري ۾“ ۽ ”فحاشي فحاشي فحاشي“ چئي ڪن پچائيندي ڏٺاسين. ”حڪومت ڪيرائڻ....“ ۽ ”حڪومت بچائڻ“ جون ايجنڊائون ”عورت جي تحفظ“ واري بل جي آڙ ۾ سرگرم ٿيندي پاڻ ڏسندا رهياسين.

    پاڻ ان سڄي ڊرامي جا تماشبين ٿياسين، جيڪو عورت جي وجود سان لاڳو ڪري هتي کيڏبو رهيو. پر ان جي اُبتڙ اهي سڀئي بي معنيٰ دعوائون هيون، جو اُهي جيڪي ”عورت جي تحفظ جا دعويدار حڪمران هئا، تن جي تقريرن ۽ دعوائن جا سڀ لفظ اُن پل ئي اکين جي آلاڻ ۾ ڌوپجي پاڻي ٿيندي محسوس ٿيا هوندا، جڏهن ڪنهن ڪکائين جهوپڙي ۾ ڇڳل کٽولي تي پيل اوٻاوڙي جي اُن معصوم ڌيءُ نسيمه جي اڌ مئل جسم مان سڏڪن جي ساهه سان نڪتل جُملا ڪنهن به ٻُڌا هوندا ته، ”مان ته زندهه ئي مري ويس...“ اُها بدنصيب نسيمه، جنهن کي تشدد جو نشان بنائي، سندس جسم ۾ قيامت لاهي، کيس ڳوٺ جي گهٽين ۾ ننگي پريڊ تي مجبور ڪيو ٿي ويو، اُها ستين محرم جي رات هئي.

    ڳوٺ جي عورتن جون پوتيون، اُن معصوم جي ننگي بدن کي ته ڍڪي وڃڻ لاءِ ڪافي هيون، پر ان واقعي، ان جي شرمناڪي توهان جي ۽ منهنجي سنڌ جي عصمت کي ايئن اگهاڙو ڪري بيهاريو جو فخر سان هن سنڌ کي صوفين جي ڌرتي، اهنسا جي ڌرتي...امن جي ڌرتي چوڻ واريون اسان جون دعوائون سندن عصمت دريده اميج کي ڍڪڻ لاءِ بنهه ناڪافي ٿي پيون هيون. ستين محرم کان ڪالهوڪي چوڏهين محرم تائين هوءَ بدنصيب نسيمه سکر جي اسپتال کان ٻيهر ساڳي ڀڳل کٽولي تائين ٻڏندڙ دل سان پهچائي ويئي. سکر جي اسپتال ڀلا سندس ڪهڙن زخمن ۽ ڪهڙي درد جو دارون ڪيو هوندو...جنهن ننڌڻڪائپ کيس اسپتال جي بستري تي پهچايو، اُن ئي ننڌڻڪائپ سان اکيون پوري هوءَ پنهنجي سموري درد کي جسماني ۽ نفسياتي طرح سان ڀوڳڻ لاءِ اڪيلي ڪيل...اختيارين پاران کيس انصاف جي فراهمي لاءِ نه ڪا آٿت...نڪو آسرو...هن ننڌڻڪي سنڌ ۾، اُهي جنهن جي گُندين ۾ داڻا پورا ۽ نه ئي سندن انگ تي ڪپڙا پورا...اُهي جن جي ڪکائن جهوپن ۾ حفاظت لاءِ ڪا مضبوط ديوار نه، پر لوڙها آيل هجن. آڻيون ۽ چاڙهيون وارن انهن گهرن ۾ جڏهن اهي ڪاريون قيامتون برپا ٿين تڏهن ڪير ڌڻي سائين ٿين....ڪير اوهي واهي ٿين ته پري جي ڳالهه، پر زمين ۽ آسمان جون شاهديون به اُنهن ملزمن جي بچاءَ ۾ اچن ٿيون، جيڪي پئسي جي هٺ ۽ ڪلاشنڪوف جي زور تي لوڙهو ٽپي ڪنهن جي نياڻي ئي نٿا کڻن، پر ان ئي طاقت جي زور تي تر جو ٿاڻو به سندن پير ترين هيٺان هوندو آهي، پر آڙي پاڙي جو چڱو مڙس، سردار به سندن ڀرجهلائپ ڪندي نظر پيوايندو. تر جي گادي نشين ڏانهن ”تحفن تحائفن“ جا سلسلا به هلندڙ هجن ته توهان ڏسي سگهو ٿا ته قانون بيوس بڻيو، اهڙي انڌير تي مظلوم ۽ ماريل ڌُر سان روئندي ته نظر ايندو، پر انصاف جي فراهمي ۽ ڏوهاري کي سزائن جي سلسلي ۾ سوگهي ڪرڻ جا اختيار ان اُتر سنڌ جي تر ۾ اُنهن چند سردارن، گادي نشينن، خانقاهن جي بي تاج بادشاهن کي دان ڪيل آهن.

    اهي جرڳائي سردار، جن جي هر حڪومت ۾ پنهنجون پتيون هُجن ٿيون، اهي گادي نشين ۽ خانقاهن جا بي تاج بادشاهه، جن جي درٻارن جو لنگر ته ڀلي عام و خواص لاءِ ساڳيو هُجي، پر سندن سياسي وابستگين جي جهان جا قصا ئي اور آهن...هن اجتماعي زيادتي واري قصي ۾ شڪار ٿيل نياڻي، جنهن کي ڏوهارين جو تعداد به ٺيڪ ياد نه هجي، اُن جي ڏوهارين جا پير جن وڏن گهرن ڏانهن وڃن ٿا، سي قانون کي کيسي ۾ رکڻ جي دعويٰ به ڪري سگهن ٿا، جو سندن نالي جو ئي ڏهڪاءُ آهي جو تر جو ٿاڻو اڃان انصاف واري دڳ تي وڃڻ ته پري، پر ڏوهاري جي گرفتارين کي به يقيني بڻائي نه سگهيو آهي.

    جيتوڻيڪ ”اک جي بدلي اک...ڪن جي بدلي ڪن ۽ جان جي بدلي جان“ واري اصول تي ٻڌل انصاف وارو نظريو اڄ کان ڪي چار هزار سال پهرين جو رائج قانون آهي، جڏهن اڃان معاشري جي تڪميل ۾ انصاف جو فرض ادارن بجاءِ فردن تي آڌاريل هو. حمورابي بادشاهه واري ان چار هزار سال پراڻي قانون جي اڄوڪي سنڌي سماج جي سرشٽ ۾ موجودگي يقينن حيرت جوڳي ڳالهه آهي، پر ايڪهين صدي جي سنڌي سماج ۾ ان غير انساني ۽ جهنگل واري قانون جي قبوليت واري نفسيات تي يقينن شرمندگي محسوس ٿئي ٿي ته جڏهن اوٻاوڙي جي هڪ ڌيءُ سان اها واردات ورجائي پئي ويئي ته ان وقت ڳوٺ جي ڪنهن به مرد مداخلت ڪو نه ڪئي، ڇاڪاڻ ته سندن خيال ۾ اها انتقامي ڪارروائي جائز هئي. هيڻي جي ماٺ جو ٻيو سبب ان طاقت جو رُعب به ضرور ٿي سگهي ٿو، جنهن جي لهجي ۾ اڄ به متاثر خاندان لاءِ ڌمڪيون آهن.

    راتوڪي ڪي ٽي اين جي رپورٽ جڏهن ان معصوم جي دانهن ۽ درد سان ڀريل دکدائڪ ڪٿا عوام آڏو کولي پئي ٻڌائي، تڏهن رڳو دل ئي ڀڄي پاڻي نه پئي ٿي، پر سنڌ جي هر ان ماءُ جي اکين ۾ موجود عدم تحفظ جي خوف کي ڏڪڻي بنائي ٿي ڇڏيو، جيڪا پنهنجي ڪُک مان نياڻي ٻار کي جنم ته ڏيئي چُڪي آهي، پر ان نياڻي ٻار کي تحفظ بخشڻ وارا اختيار سندس هٿن ۾ ناهن.

    سنڌ جي نه حڪمرانن وٽ ۽ نه ئي ٻين ترقي پسند، قوم پرستن وٽ جنهن وٽ سنڌ جي تشريح رڳو سياسي استحصال جي استعاري ۾ ٿئي ٿي، شايد سنڌ ۾ ”عورت جي تحفظ“ واري سوال تي ڪنهن وٽ به سنجيدگي نظر نٿي اچي. اُهو ئي سبب آهي جو ڪيتري وقت کان وٺي سنڌ ۾ نه رڳو اجتماعي لڄالٽ جا واقعا روزاني جي معمول جيان ٿين ٿا، پر ان سنڌ ۾ جتي نياڻي ست قرآن جهڙن اصطلاحن سان عورت جي سماجي رتبي جي ماپ ٿيندي هئي، اُتي ڪنوارين ڇوڪرين جي ننگين پريڊن تي پڻ ڪا اک رت نٿي ڳاڙي.

    هيءَ سنڌ، جيڪا اڄوڪي سياست ۾ وکر جو سودو بڻيل...اُن جي نئين سڃاڻپ ڪا هن ريت جڙي رهي آهي ته رهزن سردارن، آڙيڪاپ سياستدانن، ويڪائو مال جنس سان ڀريل سنڌ عورتن لاءِ يڪو جهنم جيان گرم ٿيل ۽ ساڙيندڙ بڻجي ويئي آهي. سنڌ ۾ عورت خلاف تشدد اُن لبرل حڪمرانن جي پت ته وائکي ڪري ئي ٿو، پر سماج ۾ قانون جي بالادستي ۽ سُٺي حڪمراني جي دعويدار پنهنجي اُها مقامي حڪومت، جنهن جي حڪمراني فقط مخالف پارٽي خلاف بيان بازي ۾ ظاهر ٿئي، ان لاءِ هي عورتن خلاف ڏوهن جو گراف، سندس اميج لاءِ پڻ اوترو ئي نقصان ڪار آهي، جيترو سندس سُٺي حڪمراني واري دعويٰ لاءِ خراب ثابت ٿي رهيو آهي، ڇو ته اڄوڪي سنڌ ۾ لاقانونيت جو عذاب سنڌي عورتون پنهنجي جسم ۽ جان سان ايئن چڪائي رهيون آهن، جو بدلي جي باهه ٿڌي ڪرڻي هُجي، وياج جي وصولي ڪرڻي هُجي، خون چٽي معاف ڪرائڻي هجي، قبيلائي جهيڙن ۾ وقتي پرچاءُ ڪرائڻو هُجي، ڍور ڍڳي جي چوري جا حساب ڪتاب هُجن يا جوا ۽ شرابن جي کنڌن جا حساب چُڪائڻا هُجن...اهي سڀ نبيرا، ٿاڻن، انصاف جي ادارن کان مٿاهان ٿيندا، جرڳائي سردارن جي وسيلي، ذاتي ڏي وٺ وسيلي، توڙي ڳوٺ جي ٻن بزرگن جي موجودگي ۾ سنڌي عورت جي جسم وسيلي نبيريا وڃن ٿا.

    سنڌ جي سياسي حقن جو راڳ الاپيندڙ سنڌ پرست سياست، سنڌ جي حقِ حڪمراني لاءِ لانگ مارچن تي سدائين سنبريل قيادت ۽ عوام عوام ڪري اقتدار جي ڪرسيءَ تائين پُهچڻ واريون سڀ سياسي ڌريون عورتن تي سوڙهي ٿيل هن سماج تي ۽ ان جي غيرتي عنصر تي ڳالهائڻ کان ڇرڪي پوندڙ آهن. نوشهرو فيروز ۾ شڪار ٿيل عورت کان اُتر سنڌ جي هر ان ننڌڻڪي عورت تائين، جنهن جي ڳچيءَ تي ڪنهن ”غيرت“ جي نشاني پڪي ڪرڻ جي گنجائش سدا موجود آهي، سا ڪڏهن به سندن سياسي ايجنڊا تي ان ڪري اولين مسئلي طور ايندڙ ناهي، جو کين ڇرڪ ٿا پون ته عورت جي سجاڳيءَ جي سوال تي ڪٿي سندن ئي ذهنيت سوال هيٺ نه اچي وڃي، جيڪا اڄ تائين عورت کي انسان نه، پر هڪ جسم طور ورتائڻ جي عادي آهي. ڪن کي ته ڇرڪ پون ٿا ته عورت جي ان سوال اُٿارڻ سان سنڌ جي بدناموسي ٿيندڙ آهي ۽ اها به ”ڌارين“ جي سازش آهي ته سنڌ کي اهڙن مونجهارن جو شڪار ڪيو وڃي. اهو جواز رڳو پاڻ وٽ نه، پر هر ان ڌر وٽ هجي ٿو، جيڪا عورت کي انساني درجي ڏيڻ جي عادي ناهي. اها مختياران مائي هئي، جنهن کي فقط ان ڪري غير ملڪي ويزا ڏيڻ جي اجازت نه ڏني ويئي ته ان سان ملڪي سالميت ۽ اميج لاءِ خطرو پيدا ٿئي ها.

    ڪالهوڪي جلوسن ۾ عورتن لاءِ نعري باز اڄوڪي حڪومت جي هڪ خاتون وزير ته ايترو به چيو ته، ”اسان کي پنهنجا ميرا ڪپڙا چوراهي تي نه ڌوئڻ کپن.“ ڪالهه اين جي او جي اڳواڻي ڪندڙ ان وزير جي هڪ ساٿي ته اهو به چيو ته، ”اين جي اوز وارا ته ڳجهن ۽ ڪانون وانگي مظلوميت جو لاش ڳولهين ٿا ۽ پوءِ اُن کي کائين ٿا.“ ميڊيا ۾ پنهنجي شڪل ڏيکارڻ جي شوقين، پنهنجي ڊرائنگ رومي سنڌي سول سوسائٽي کان ته ايترو به نٿو پُڄي جو ٻه لفظ ئي کڻي سکڻا ڳالهائي. حيدرآباد جي پوش ايريا تائين محدود پنهنجي سنڌي سول سوسائٽيءَ کان اهو سوال، اها اميد ان ڪري به اجائي آهي، جو ”اوٻاوڙي جي ان ڌيءُ، جيڪا شرمناڪ حد تائين ڪيل ظلم جو شڪار ٿي آهي، ان وٽ سندس نمبر ٺهندا ۽ نه ئي اُهو في الحال ڪو هاءِ فائيل ڪيس آهي، جو مٿين ٺهندڙ فائيلن ۾ سندن نالو درج ٿئي.

    اُهي جيڪي هن مُلڪ کي لبرل اميج ڏيڻ جا خواهشمند آهن، ٻڌائي ڇڏيون ٿا تن کي ته لبرل اميج رڳو قانونن جي دستاويزن جي ڦير ڦار سان نه، پر قانون جي حڪمرانيءَ سان ممڪن آهي ۽ جتي عورتن سان اهو سلوڪ روا رکندڙ وڏيرا، سردار، طاقتور ڌُريون توهان جي ٻانهن ٻيلين ۾ شمار ٿين ٿيون، اُتي حڪمراني جو تصور به گينگ ريپ جهڙو ئي قبيهه سمجهيو ويندو.

    amarsindhu@yahoo.com
     
  16. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: امر سنڌو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    سياسي ميدان ۾ جنسي تعصب جو شڪار ٿيندڙ بينظير ڀٽو!



    خميس 15 فيبروري 2007ع

    جڏهن شمله جي پهاڙين تي پاڪستان ۽ هندستان جي سربراهي ملاقات ۾ پاڪستان جي 93000 جنگي فوجي جوانن، 5000 چورس ميل پاڪستاني سرزمين جي واپسي جي سلسلي پاڪ و هند جي جمهوري حڪومتن جي سربراهن پاران ڪنهن حتمي نتيجي تي پهچڻ لاءِ ڳالهين جو دور هلي رهيو هو ۽ مامرو ڄڻ ته پاڪستان جي سربراهه ذوالفقار علي ڀٽي جي هٿن مان نڪرندو ٿي ويو. ڏينهن ٻن جي ڳالهين ۾ پاڪستاني سربراهه کي لڳو ٿي ته شايد کيس هٿين خالي ئي ملڪ موٽڻو پوي. ان صورتحال ۾ جڏهن ڳالهيون اڃا ڪنهن حتمي نتيجي تي نه پهتيون هيون، تڏهن ڳالهين کان ٻاهر ويٺل پاڪستان جي سفارتي عملي کي ڪنهن نتيجي تي پهچڻ وارو اطلاع پهچائڻ لاءِ جيڪو سيڪريٽ ڪوڊ ٺاهيو ويو هو، تنهن ۾ چيو ويو هو ته جيڪڏهن معاهدو طئي ٿي ويو ته چيو ويندو ته، ”پُٽ ڄائو آهي“ ۽ جيڪڏهن معاملو طئي نه ٿي سگهيو ۽ بنا نتيجي ڳالهين جو دور ختم ٿي ويو ته سفارتي عملي جي باضابطه اعلان کان اڳ ڪن کڙا ڪرڻ لاءِ چيو ويندو ته، ”ڇوڪري ڄائي آهي.“ اهو ٻڌندي ئي پاڪستاني سربراهه جي اها پنڪي، جيڪا اڃا ٽين ايج جي آخري ڏاڪي يعني 19 سالن جي هئي، تنهن ان مهل ئي رڙ ڪندي چيو هو ته، ”هيءُ ڪهڙو مرداڻو شائونزم آهي؟“

    ڀٽي کيس اُن وقت هارورڊ مان فقط ان ڪري شمله رائونڊ ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ گهرايو هو ته سندس خيال ۾ سڄي ننڍي کنڊ جو مستقبل انهن ئي ڳالهين جي نتيجن تي آڌاريو ويندو. شمله ڳالهين جي ان ڪوڊ ورڊ کي مرداڻي شائونزم جي پس منظر ۾ ڏسندڙ اها ٽين ايج پنڪي هارورڊ جي شاگردياڻي هئي. هارورڊ، جنهن جي ڪئمپس جي درو و ديوارن ۾ تن ڏهاڙن ۾ عورتن جي تحريڪ جي ان شروعاتي نظرياتي مباحثن جو پڙلاءُ رچيل هو. ڪيٽ مليٽ جو ڪتاب Sexual Politics ان دور ۾ هارورڊ جي ڪئمپس جو اهم ڪتاب سمجهيو ٿي ويو. ياد رهي ته اهو ڪتاب ڪيٽ مليٽ جي ڊاڪٽريٽ لاءِ لکيل ان ٿيسز تي ٻڌل آهي، جيڪو هن ڪولمبيا يونيورسٽي ۾ پي ايڇ ڊي ڊگري لاءِ جمع ڪرايو هو. 1970ع ۾ اهو ڪتاب عورتن ۾ ڏاڍو مقبول ويو هو، ان ڪري جو شايد اهو پهريون ڀيرو هو ته “پدرشاهي“ سماج جي چيرڦاڙ ڪندي ٻڌايو ويو ته ڪيئن اُهو سماج پنهنجي ٻوليءَ، فن، فلسفي ۽ فڪر ۾ عورت خلاف تعصباڻو رويو رکندڙ هجي ٿو. ان ڪتاب ۾ ڪيٽ مليٽ پاران مرد رائٽرس جهڙوڪ ڊي ايڇ لارنس ۽ هينري ملر جي پيش ڪيل عورت ڪردارن جو تجزياتي تت به پيش ڪيو ويو ته ڪيئن پدر شاهي سماج اُن جي تشڪيل ۾ حصو وٺي ٿو.

    جيتوڻيڪ پنڪي جي هارورڊ وارن ڏهاڙن ۾ اهي موضوع نظرياتي طرح ته شاگردياڻين جي هڪ ٻئي سان بحث وارين ڳالهين جو حصو بڻيا ئي بڻيا، پر عملي طرح سماج ۾ موجود ”مرداڻي شائونزم“ کان براهه راست آگاهي جو ڇرڪ پهريون ڀيرو کيس شمله جي ان سفارتي سيڪريٽ ڪوڊ وارو شائونسٽ اصطلاح ٻڌندي محسوس ٿيو هو. 19 هين سالن جي ڪچي وهيءَ ۾ يقينن وزير اعظم جي ڌيءُ پنڪي کي اهو پتو بنهه نه هو ته اهو ”مرداڻو شائونزم“ ان معاشري جي رڳ رڳ ۾ سمايل شعور جو ئي حصو آهي، جنهن سان سندس زندگي وابسته آهي، ۽ ان معاشري جي حصي هئڻ جي حيثيت ۾ ۽ عورت هئڻ جي حيثيت ۾ کيس عمر جي آخري حصي تائين ان شائونزم کي ڀوڳڻو ئي پوندو. اوڻويهه سالن جي ۽ اعليٰ طبقي سان تعلق رکندڙ ڇوڪري پنڪيءَ کي ممڪن آهي ته ان وقت ان ڳالهه کان به بنهه آشنائي نه هجي ته جنهن سماج ۽ معاشرتي نظام ۾ کيس زندگي گهارڻي آهي، اُن معاشرتي نظام ۾ سندس سماجي رُتبو، سياسي خاندان، شخصي شهرت، تعليمي قابليت ۽ اهڙيون ٻيون سموريون خاصيتون سندس ”عورت“ هئڻ جي ڀيٽ ۾ ثانوي حيثيت رکندڙ آهن. اُها دنيا رعايتن ڏيڻ جي مامري ۾ ممڪن آهي ته سندس عورت هئڻ واري حيثيت کي بلڪل فراموش ڪري ڇڏي، پر آڱر کڻڻ وقت يقينن اُن دنيا جو پهريون حملو سندس ”عورتپڻي“ کي ئي ڀوڳڻو پوندو. کيس جڏهن پهريون ڀيرو اها رڙ نڪتي هوندي ته، ”ڇو به نيٺ ڀلا ڪاميابيءَ کي ”پٽ ڏيڻ“ ۽ ناڪامي کي ”ڌيءُ ڄمڻ“ سان تشبيهه ڏني پئي وڃي ۽ سندس نڙي مان جيڪڏهن هي اکر اُچاريا ويا هوندا ته، ”هي ڪهڙو مرداڻو شائونزم آهي؟“ ان وقت به کيس ان ڳالهه جو شعور نه هو ته جڏهن هوءَ اڃا ڪچي وهيءَ ۾ شاگردياڻي ۽ وزير اعظم جي لاڏلي ۽ وڏ ور ڌيءُ جي حيثيت ۾ ته اهو ڪوڏ ڪري پُڇي سگهي ٿي ته، ”ائين ڇو آهي؟“ پر جڏهن سندس پَير عملي زندگي ۾ سياسي جدوجهد جي پُر پيچ، اڙانگين راهن توڙي حاصلات جي عالي مقام مرتبي تي پهچندا، تڏهن ذاتي حوالي سان اهو سوال به سندس لاءِ ممنوع بڻجي ويندو.

    شمله کان سندس واپسي کان پوءِ تعليمي قابليت ۽ شعور جي حاصلات ۾ آڪسفورڊ جي ڪاريڊورس به ممڪن آهي ته سندس ان عورتاڻي شعور جي ايئن آبياري ڪئي هجي، جو اُتي به يونين جي سرگرمين ۾ هن ٻين ڪيترين ئي مشهور عورت اسڪالرن جا ليڪچر سڌا سنوان ٻڌا...کيس اُتي به ان ڳالهه جي پروڙ نه هئي ته سندس واپسيءَ تي جيڪو سماج سندس آجيان لاءِ بيٺو آهي، اُتي به شخصي قدر و قيمت ۽ سماج جي آڏو جوابداري وقت کيس آزاد فرد جي حيثيت ۾ سندس شخصي صلاحيتن جي آڌار تي نه ورتايو ويندو، پر اُتي کيس پنهنجي ”عورت“ هئڻ وارو حساب ڪتاب به ان سماج کي ڏيڻو ئي پوندو. سياسي زندگين جي لاهين چاڙهين ۽ تقدير جي عجيب ڀول ڀُلين ۾ کيس سياسي ريگذارن کان وٺي، ازدواجي حوالن تائين بار بار پنهنجي ”عورت“ هئڻ واري قيمت چڪائڻي ئي پوندي. وزير اعظم جي حيثيت ۾ به کيس عام کان عام عورت جيان مرداڻي تعصب واري ساهه ساڙيندڙ باهه جو منهن ڏسڻو ئي پوندو. بيشڪ ته اهو کيس ان وقت پتو نه هو، جڏهن هن پنهنجي شاگرديءَ جا ڏينهن ٿي گهاريا.

    پنهنجي قيدي پيءُ جي ڦاسي جي تختي کان ڳڙهي ”خدابخش“ واري سفر تائين جي ڀوڳنائن ۾ هوءُ ”اڪيلي“ سهاله جي ٽريننگ ڪيمپ ۾ پنهنجي ماءُ جي ساٿڻ هئي. ”ڦاهي“ جي خبر سان سندس جسم ۾ ڏڪڻي ۽ ساهه ڳلي ۾ ڦاسندڙ آهن، ۽ هوءَ مقتول پيءُ جي قيد خاني ۾ ڇڏيل سامان ۾ شلوار قميص، پاجامي، ٽفن باڪس ۽ بستري جي چند چادرن ۽ هڪ پاڻي پيئڻ وارو پيالو پيءُ جي وارث جي حيثيت ۾ جيلر کان وصول ڪري ٿي. گڏو گڏ هن پنهنجي پيءُ جو سياسي بار به کنيو...۽ اهو فقط سندس ئي دل ڄاڻيندي هوندي ته موت جي ڪوٺڙي ۾ ڇڏيل پيءُ جي سامان جي وارثي، ۽ سندس سياسي بار جي وارثي مان ڪهڙو بار وڌيڪ ڳرو هو. ان سياسي ورثي جي بار کڻڻ جي نتيجي ۾ ضياءَ شاهي جو تاريڪ دور مٿس جنهن عذاب جيان ٿيو، ان ۾ قيد و بند جا عذاب خانا ئي نه، اڪيلائپ جون هزار راتيون ئي نه هيون، پر ان دور جي نفسياتي ۽ جسماني عقوبتن سندس مٿي ۾ چاندي جا وار به ڏيئي ڇڏيا. اُها سياسي وارثي ان ڦاهين ۽ ڦٽڪن واري اونداهي دور ۾ ته ڪڏهن به ايئن سوال هيٺ نه آئي، جڏهن عقوبت خانن جا درو و ديوار به سندس عادي بڻجي ويا هئا. اها سياسي وارثي جڏهن ضيا شاهي جي عذاب خانن وارين راهگذارن کان گذرندي نيٺ ان جاءِ تي، ان وزير اعظم واري منصب تائين پُهتي، جتي سندس پيءُ جي پيرن هيٺان وزير اعظم وارو تخت کسڪائي موت جي ڪال ڪوٺڙي ڏانهن موڪليو ويو هو. جڏهن ان سياسي وارثي جا سُکيا ڏينهن آيا، تڏهن سماج ۾ موجود مرداڻي تعصب کيس ان سياسي وارثي جو صحيح حقدار ”پُٽ يا ڌيءُ“ واري سوال آڏو بيهاري ڇڏيو.

    ”مير سان، پنهنجي ڀاءُ سان ڀلا سندس ڪهڙو جڳهڙو هو؟“ پر جيئن مير جي وطن واسي ٿي ”وارث ڪير؟ ڌيءُ يا پُٽ“...مرداڻي سماج جا اهي سوال نيٺ ان حد تي پهچايا ويا...جو اهو ”ستر ڪلفٽن“ سندس لاءِ علائقه غير بڻيو. اهو ستر ڪلفٽن، جيڪو سندس سياسي جدوجهد جو ئي مرڪز نه هو، پر جتي هن ٻار پڻي جا ڏينهن به گذاريا هئا، جنهن جي سر سر سان سندس اُنسيت ايئن هئي، جو سکر جيل تان واپسيءَ کان پوءِ جڏهن صنم سندن ننڍي ڀيڻ جي شادي لاءِ کيس جيل جي ڪوٺڙي مان آزادي ملي ٿي ته هوءَ پنهنجي ڪمري جي ديوارن کي محض ان ڪري رڳڙي رڳڙي صاف ڪرڻ گهري ٿي ته حڪومتي اهلڪارن جي طرفان ان ڪمري جي بار بار تلاشي دوران ان ڪمري جي تقدس جي خلاف ورزي ٿي ڪئي ويئي. پنهنجي ڪمري جي ديوارن کي رڳڙي اُنهن آڱرين جا نشان به مٽائڻ ٿي چاهيا، جن ان جي تقدس جي خلاف ورزي ڪئي هئي.

    ڀٽي جي ڦاسي کان...محترمه جي خود وزير اعظم ٿيڻ تائين ستر ڪلفٽن کي جنهن مزاحمتي سياسي مرڪز واري بين الاقوامي توڙي ملڪي شهرت حاصل هئي، يقينن ان ۾ محترمه جي رت جا ڳوڙها به شامل رهيا. عورتاڻي نفسيات ۽ عورتاڻي ڪلچر ۾ ”بابل جي گهر“ وارو محاوراتي اصطلاح جن ڏُک جي ڳوڙهن سان ڳوهيل آهي، اُهي رڳي هڪ عورت کي ميڻ نٿا ڪن، پر اباڻي گهر کان دوري ۽ مائٽاڻي وڇوڙي ۾ ماريل سڀني اکين کي روئاري ٿو ڇڏي. دنيا جي هيڏي ساري ترقي باوجود شادي ۾ اباڻو گهر ڇڏڻ، ۽ جي اُتي ٻيهر ساڳي چانئٺ چمي نه سگهجي ته اهڙي محرومي کي عورت جي دل تي جبر مڙهڻ سان تشبيهه ڏني ٿي وڃي.

    ستر ڪلفٽن سان محترمه جا پير سندس شادي نه اُکيڙيا هئا، پر اهو ان ليجنڊ سياسي فيملي ساگا ۾ ”ڌيءُ ۽ پُٽ“ واري وارثي وارو سوال هو، جنهن مير جي واپسي کان پوءِ رڳو اُهو ستر ڪلفٽن ئي نه، جتي هوءَ پنڪي هئي، پر شايد ان المرتضيٰ جا در و ديوار سندس لاءِ اجنبي بڻيا، جتي هن پنهنجي نظر بندي دوران گلاب جا گل پوکيندي ۽ بنگلي جي لان ۾ ٻوٽن (رات کي راني ۽ دن ڪا راجا) کي پاڻي ڏيندي گذاريا هئا. ”المرتضيٰ“ ممڪن آهي ته ٻين سڀن جيان سندن ڀاءُ ۽ مڙس توڙي عوام لاءِ ملڪيت جي مالڪيءَ جو سوال هُجي...پر عورت جي دل ”اباڻي گهر“ کي ٻي معنيٰ سان به ڏسي سگهي پئي. تڏهن اخبارن ۾ عوامي راءِ جي تشهير ايئن به ڪئي ويئي ته کيس مغل بادشاهن سان ڀيٽ ڏني ويئي، (جن جي تخت جا پيل پاوا پنهنجي پيئرن، ڀائرن جي رت ۾ ڳاڙها هجن ٿا.) جڏهن سندس موڀي ڀاءُ مير کي سندس ئي دورِ حڪومت ۾ پنهنجي گهر ڏانهن ويندڙ گهٽي ۾ ئي ماريو ويو. ان وقت مير جي غير سياسي غمزده بيواهه کان جڏهن پڇيو ويو ته، سندس عورتاڻي دل گواهي ڏيندي چيو ته، (جيڪو پوءِ ڊان اخبار ۾ انجم نياز پنهنجي آرٽيڪل ۾ حوالي طور ڏنو) ”هن وقت بينظير کان وڌيڪ ڏکويل ڪير ٿو ٿي سگهي ته سندس ڀاءُ کي اُن وقت ماريو ويو، جڏهن هوءَ پاڻ وزير اعظم هئي.“ بعد ۾ عورتاڻي دل واري ان بيان تي به ممڪن آهي ته سياست جي ڪٽ چڙهي ويئي هجي، جو آڱريون ڏانهس سڌيون ته نه، پر سندس مڙس ڏانهن کنيون ٿي ويون. هوءَ روايتي عورتن جيان ان جو دفاع به ڪندي رهي...سياست به ٻين شعبن وانگي عورت لاءِ وڌيڪ بي رحم ثابت ٿئي ٿي ۽ خاص طور تي مرداڻي معاشرن ۾ جتي ڪٽنبي عزت ته عام ڳالهه، پر سياست جا داءَ پيچ ۽ نظرياتي انداز فڪر جي پرک جو پئمانو عورت لاءِ ان مرداڻي سماج جي پدر شاهي قدرن جي پاسداري سان لازمن ڳنڍيو وڃي.

    دراصل هيءَ مضمون جيڪو پڙهندڙن کي ڪٿي ڪٿي جذباتي ڀلي محسوس ٿئي، اهو بينظير ڀٽو جي سياسي جدوجهد، نظرئي توڙي سياسي حڪمت عملي جو دفاع ناهي، جنهن ۾ کوڙ هنڌن تي تنقيد ٿي به سگهي ٿي، پر هيءُ مضمون دراصل ڪنهن سياسي اڳواڻ، رهنما جي ان نازڪ پوزيشن جو آهي، جيڪا محض ۽ محض عورت هئڻ جي حيثيت ۾ کيس سهڻ لاءِ هن مرداڻي سماج پاران آڇي وڃي ٿي. مٿس سياسي تنقيد جي آجيان ته ڪري سگهجي ٿي، پر هاڻوڪي سياست جا ڏاها ۽ زيرڪ کلاڙي جڏهن سياسي فهم بجاءِ مٿس تنقيد ڪندي غير اخلاقي زبان جي استعمال تي لهي اچن ٿا، تڏهن عورتاڻو شعور رکندڙ مرداڻي تعصب کان آجي مرد توڙي عورت انٽليڪچوئل لاءِ لازمي بڻجي ٿو ته، ”ڪردار ڪشي، گهٽيا فقري بازي ۽ ڪريل ريمارڪس“ ڏيندڙ مرد سياستدانن، توڙي تجزئي نگار دانشورن جي لاڦ زني جي خلاف هڪ اهڙي سياسي تنقيد جي ماحول جي آبياري ڪري، جيڪو جنسي تعصب کان آجو ٿي حڪمت عملين جي ڏس ۾ تنقيد ۽ سهپ جي همت ڌاري.

    جيتوڻيڪ سياست جي ميدان ۾ مرداڻي جنسي تعصب جي شڪار عورت ڪارڪنن جي فهرست گهڻي طويل آهي، پر هتي ان عورت کي موضوع ٺاهڻ، جيڪا پنهنجي سياسي جدوجهد توڙي حڪمت عملي جي آڌار تي ٻه ڀيرا وزيراعظم جي منصب تي پهچائي هن ملڪ جي سربراهه بڻائي ويئي، پر هاڻ به سياسي فهم سان سندس ”عورت پڻي“ جي پرک ۽ پئمائش شروع ڪري پروپيگنڊا سيل جي پيٽ ڀرڻ جا سامان پيدا ڪيا پيا وڃن. جيتوڻيڪ تڏهن به، جڏهن هوءَ چويهه سالن جي عمر ۾ پنهنجي پيءُ جي بچاءَ لاءِ عوامي جلسي کي خطاب ڪري ٿي، ۽ تڏهن به جڏهن هوءَ پنهنجي والد جي وفات کان پوءِ پهرين جلاوطني ۾ ملڪ کان ٻاهر پارٽي جي وفادار ۽ پنهنجي پيءُ جي ساٿين، جن کي هوءَ اڃان انڪل سڏي ٿي، تڏهن سندس پراڻا زيرڪ انڪل کيس ”ننڍڙي“ ”ناسمجهه“ ۽ ”عورت“ سمجهي سندس سياسي قيادت ۾ ”آنا ڪاني“ جي شروعات ڪن ٿا. هوءَ چون ٿا ته پارٽي هن عورت کان سنڀالي ڪا نه ٿيندي. ايئن پارٽي مان پراڻن ”انڪلن“ جو خروج شروع ٿئي ٿو. شاگردي جي دور ۾ سندس اسڪرٽ ۾ تصويرون، يا ٻيو اهڙو ئي سامان، جنهن مان سندس ڪردار ڪشي ممڪن ٿئي، ميڊيا ۾ تشهير لاءِ آندو ويو.

    اهو به مرداڻي سماج جو سماجي پريشر هو ته هوءَ اڪيلي زندگي نه گذاري ۽ کيس شادي ڪرڻ گهرجي. هن جا ڏينهن جهڙي طرح مسلسل جدوجهد ۾ گذريا ته کائنس شادي ڄڻڪه وسري ويئي. جڏهن کيس ماءُ مجبور ٿي ڪيو ته هن شادي کان صاف انڪار ڪيو. ”تو شادي ڇو نه ڪئي آهي؟“ پريس وارا کانئس هر بار اهو ساڳيو سوال ورجائيندا رهيا. هن ڪيترائي دفعا چڙي کين چوڻ چاهيو ته اهو ساڳيو سوال انهن غير شادي شدهه مردن کان ڇو نٿو ڪيو وڃي، جيڪي ”ڇڙا“ رهن ٿا. کيس پتو هو ته سندس سماج ۾ ان جوابيه سوال جي ڪا به گنجائش ناهي. هن تڏهن به واضح طور تي سمجهيو ۽ ان جو ا ظهار به ڪيو ته ”دراصل ان سوال ۾ مرداڻي سماج ۾ اهو تعصب لڪل آهي، جنهن مطابق اڪيلي عورت جي ڪردار ۾ ڪا نه ڪا ڪوتاهي، خامي يا خرابي سمجهي ويندي.“ عام روايتي عورتن جيان آڪسفورڊ ۽ هارورڊ جي تعليم يافته بينظير به انهن سوالن کان گهٻرائجي ويئي. شادي نه ڪرڻ جي صورت ۾ سندس ڪردار جي خرابي سمجهي وڃي ها، هن اهڙن الزامن جي تپش کان بچڻ لاءِ اُها ئي شادي قبولي، جيڪا سندس فيملي طئي ڪئي هئي. هن حيلن بهانن سان شادي کان ”ٽال مٽول“ وارا سڀ اوزار آزمايا ۽ نيٺ هٿيار ڦٽا ڪيا.

    سندس شادي ٻيهر سندس ڪردار کي اخبارن جو موضوع بڻائي ڇڏيو هو. جيئن ته هوءَ عوامي اڳواڻ هئي، سندس شادي ۽ سندس مڙس بابت ٻه متضاد رايا رهيا. جڏهن زرداري کي پ پ جي پارٽي اسٽرڪچر کان ٻاهر رکڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي، تڏهن انهن افواهن کي هوا ڏني ويئي ته بينظير وٽ زرداري جي ڪا اهميت ناهي ۽ جڏهن زرداري پارٽي مامرن ۾ حاوي ٿيڻ لڳو ته ٻئي قسم جا الزام هنيا ويا. وزير اعظم جي دور ۾ سندس مڙس جي ذاتي افيئرس جا چرچا هئا، تڏهن به آڱر ان عورت ڏانهن ٿي کنئي وئي ۽ هاڻ جڏهن سندس نيويارڪ جي فليٽ ۾ اڪيلي رهڻ واري خبر اخبارن ۾ گردش ڪرڻ لڳي آهي، تڏهن به ان عورت جو ڪردار ۽ رويو بحث هيٺ آڻي، ان جي سياسي مورال کي ڇيهو رسائڻ جي سامان طور ورتايو پيو وڃي. اها پ پ جي ميڊيا سيل جي ناڪامي يا ڪاميابي، پر سوال اهو آهي ته هڪ سياسي ڪردار رکندڙ عورت راهنما جي زندگيءَ جي سياسي مامرن ۾ سندس ذاتي زندگيءَ جي حوالن سان پرک ڪرڻ ڪيتري قدر مناسب آهي؟ ۽ جيڪڏهن هڪ اعليٰ رتبي تي پهتل سياسي عورت اڳواڻ جي سياسي زندگيءَ کي سندس ذاتي/شخصي حوالن سان ايئن زهر ڪيو ويندو هجي، اُتي عام عورت ڪيتري تعصب کي منهن ڏيندي هوندي؟

    جيڪڏهن شادي جي ڪاميابي ۽ ناڪامي ئي سياست جي ميرٽ هجي ته چار شاديون ڪندڙ سوشلسٽ، پيري ۾ ڏڪندڙ جسم سان نئين شادي جو جشن ملهائيندڙ، عمر جي اڌ حصي ۾ ڊزن کن افيئر پاليندڙ کي جڏهن ايئن ميڊيا وٺ نه ڪري ته پوءِ سچ پچ به ذهن ۾ ان مرداڻي شائونزم جو خاڪو اُڀري ئي پوي ٿو، جنهن جو ذڪر ڪيٽ مليٽ پنهنجي ڪتاب ۾ ٿي ڪيو. بيشڪ ته هيءُ زباني لبرل ازم جو دور آهي، پر پاڻ وٽ نه اهڙي مائنڊ سيٽ جي کوٽ آهي ۽ نه سياست جي ميدان ۾ زبان جي گٿل اهڙن ليڊرن جي ڪا کوٽ آهي، جيڪي سياسي حوالن سان به تنقيد اهڙي ٻوليءَ ۾ ڪن ٿا، جيڪا ڪن مخصوص ڳاڙهن محلن ۾ ته ڳالهائي سگهجي ٿي، پر سياست ۾ ان جو استعمال سياسي ذهن جي تنزليءَ کان سواءِ ڪجهه به ناهي.

    ها، پر اُها محترمه، جيڪا سياست جي انهن سمورن رمزن جي آگاهي رکي ٿي ۽ جيڪا ان راهن تي پنهنجي شروعاتي قدم کان وٺي اڄ پنهنجي ازدواجي حوالي سان ان ئي جنسي تعصاب تي ٻڌل سماج جي انتهائي تلخ تجربي مان گذري رهي آهي، تنهن کي پاڻ به پنهنجي پارٽيءَ جي سياسي ڪلچر ۾ اهڙن ئي اصولن، ضابطن ۽ اخلاقي معيارن جي آبياري ڪرڻ کپي، جيڪي جنسي تعصب تي ٻڌل هن پدر شاهي سماج ۾ عورت کي سندس عمل سان پرکڻ جي ضمانت ڏين.

    amarsindhu@yahoo.com
     
  17. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: امر سنڌو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    ڪئمپس ۾ ٻاريل باهه جي پويان ڪهڙو منصوبو هو؟


    خميس پهرين مارچ 2007ع

    هيءُ فقط اُنهن سربراهن لاءِ نه جيڪي ڪئمپس جي در و ديوار کي پنهنجي مملڪت جو حصو سمجهي سدائين راڄ ڪرڻ جا خواهشمند رهن ٿا، ۽ نه ئي انهن لاءِ جيڪي يونيورسٽين جي ناموس ۽ نانءَ کي پنهنجي اعليٰ اختيارن جي پيرن هيٺ لتاڙڻ جي طاقت رکندي به مطلق العناني کان پاسو ڪري هيٺاهين راهه هلي تعليمي ادارن کي بلند مُرتبه قيادت جو فيض بخشڻ جو حوصلو ۽ جرئت رکن ٿا. ساڳين ئي يونيورسٽين ۾ اُستادن جي اها اڪثريت جيڪا پي اسڪيلن ۽ انڪريمينٽس جي ڳڻپ ۾ ماهر هجي ٿي، فقط اُهي به نه جيڪي انتهائي محدود ۽ ڪنٽرولڊ ڪلاس رومن ۾ نئين سج اڀارڻ جا تمنائي آهن. هنن يونيورسٽين سان وابسته اها خلق به نه جيڪا هيٺين ملازمن جي درجي ۾ شمار ٿي، ان ڪئمپس جو ڪاروهنوار هلائي ٿي ۽ نه ئي رڳو اُهي جيڪي ڪئمپس جي ڪارنر ۽ چوراهن تي چانهن جا کوکا هلائي، پنهنجي گهر جي دال روٽي جو بندوبست ڪن ٿا ۽ اها عام اڪثريت به نه جيڪا ڪاغذ جي هڪ ٽڪري واري سرٽيفڪيٽ عيوض جواني جا چار پنج سال انهن خاڪ رستن تي رُلندي، لفظن ڪتابن جي ور وڪڙن ۾ ڦاسندي، ٻڏندي، ترندي...جوتا گسائيندي انهن ڪئمپسن ۾ گذاري ٿي. ٻه ڏينهن اڳ جيڪو ٽنڊو ڄام يونيورسٽي ۾ دکايو ويو، ان ٻارڻ جي سيڪ سچ پڇو ته مٿي ذڪر ڪيل فقط اُنهن ماڻهن جا ئي جگر نه ساڙيا، جيڪي يونيورسٽين جي عزت، ناموس، تقدس ۽ نانءَ جي ڇانوَ هيٺ آيل آهن. ٽنڊي ڄام ڪئمپس ۾ جلايل آڳ جي دونهين سچ ته روح جو ذائقو کارو ڪري ڇڏيو، ان ڪري جو هِتان ئي سماج ڏانهن روشني، علم جي فراهمي جا واعدا ٿيل آهن، اهي ئي ڪمئپس جا در و ديوار آهن، اهو ئي اعليٰ تعليمي ادارن جو ڪلچر هُجي ٿو جيڪو سماج کي علم جا نوان در آڇڻ سان گڏو گڏ مستقبل جي قيادت آڇي ٿو.

    جنهن به ان جلندڙ ڪئمپس جو منظر ڏٺو هوندو، ان جو روح جلڻ کان سواءِ سچ به ڪين رهيو هوندو. اخبارن ان سچ جا لڪل پاسا به کولي پڌرا ڪيا. يونيورسٽيءَ جا ڪئمپس ۽ در و ديوار 24 فيبروريءَ تي دهشتگرديءَ جي محاصري هيٺ هئا، ۽ ڪئمپس جي ملڪيتن کي ئي تيلي آيل نه هئي، پر مخصوص تنظيمي گروهه جي سئو ڄڻن وارو دستو، ان ڏينهن تي سڄي ٽنڊو ڄام کي يرغمال بنائي بيٺو هو. ”قانون“ ۽ ان جا محافظ ان ڏينهن به چُپ هئا، جيئن ننڍي چونڊ واري ڏينهن تي سرڪاري ڌُر جي کليل ڌانڌليءَ تي ماٺ ۽ سڪتي ۾ ورتل هئا. جن کي اٺاسي، نوي وارا لساني فساد ياد هوندا...تن لاءِ هيءُ انهن ڏينهن جو ورجاءُ هو. ويساري جي ور چڙهي ويل انهن سمورن ڏکوئيندڙ واقعن جو ورجاءُ، جن حيدرآباد کي جاگرافيائي طور لساني پاڙن ۾ ورهائڻ تي مجبور ڪيو هو.

    هيءُ واقعو اُنهن ڏهه ڪروڙن جو نقصان نه هو، جيڪي ان تيليءَ جو کاڄ بڻيا، جيڪا تيلي ڪڏهن به ڪٿي به شهري زندگيءَ کي مڪمل طور تي خاڪ ڪرڻ جي سگهه رکي پئي، پر هيءُ واقعو اُن اعتماد جي بحاليءَ کي به وڏو ڌڪ هو، جيڪو سنڌ حڪومت جي يرغمالي عيوض اسان جي حصي ۾ آيو هو ته مالڪي جي حق عيوض ”جان ڪي امان پائي تو لاکون پائي.“

    سڄي سنڌ جي وارثيءَ جون دعوائون هاڻ ان ئي ڌر وٽ آهن، اها ڌر جيڪا شائسته عالماڻي جي قصي کان نسيمه لٻاڻو تائين واري واقعي تائين ته گوءِ کٽڻ واري ريس ۾ اڳيان اچڻ ۾ ٻه وکون به نه گسائيندي آهي، پر شهر جلڻ، ڪئمپس جي تقدس کي تار تار ڪري تيلي ڏيندڙ نامعلوم سازشي عناصرن تائين سندس پهچ ممڪن نه ٿي. ان ڪئمپس ۾ هاڻ بڪتر بند گاڏيون بيٺل آهن. اُهي ڳالهيون جيڪي اخبارون ڇاپڻ کان به گهٻرائين ٿيون ته متان ڪٿي وري ٻيهر سنڌ ۾ ان رت جي هولي ۽ باهه جي اُلن جي راند نه رچائي وڃي، اهو خوف جيڪو بدن ۾ رڦڻي وجهندڙ آهي، ۽ اهو ئي خوف آهي، جنهن قانون جا به هٿ ايئن ٻڌي ڇڏيا آهن جو مير ڪالوني کان انهن سڀني سنڌي پاڙن ۾ 24 فيبروري واري دهشت انگيز ڪارروائيءَ جو پرچو ٽنڊو ڄام جي ڪنهن به ٿاڻي تي ڪٽجي نٿو سگهي. اها ماچيس جي تيلي جنهن سان ڪئمپس ۾ بيٺل گاڏين کان ٽنڊي ڄام تائين جي سنڌي آبادين جي خاڪ ٿيڻ جو سلسلو شروع ٿيو، اها نيٺ به جنهن کيسي ۾ جاءِ پناهه ڳولهي ٿي، اُنهن وٽ حڪمراني جي اصل طاقت جون چاٻيون پيل آهن.

    هيءُ ڪنهن شاگرد سياست جو حتمي نتيجو ناهي، هيءُ آپيشاهي رياست جي ڪُک مان پيدا ٿيل طاقت جي نظرئي جي اڻٽر صورت آهي. معامله فهم ڌرين وٽ ان آرگنائيزڊ دهشتگرديءَ کي ڏسڻ، سمجهڻ، پرکڻ ۽ نتيجا ڪڍڻ جا ڪيترائي رخ ٿي سگهن ٿا، پر انهن مان جيڪو ڀيانڪ رخ سڀ کان اڳ نگاهن ۾ ايندڙ آهي، سو اهو آهي ته تعليمي ادارن جي تقدس ۽ شهرين جي جان مال ۽ ملڪيت کي نشانو ٺاهڻ ۽ پوءِ ڪاميابيءَ جو جشن ملهائڻ ڇا ايڏو ئي آسان آهي. ادارن جي يرغمالي ۽ ان کان به بارود ۽ گاسليٽ جي بوءِ ۾ دونهين سان غسل ڏيارڻ ڇا ايڏو ئي آسان آهي؟

    سنڌ جي تعليم ته يقينن اڳ ئي نشانو بڻيل هئي، پر ڇا ادارا به ايئن ئي آرگنائيزڊ دهشتگرديءَ جي هٿن ۾ ڏنا ويندا، جو اڻ ڏٺي خوف کان پيلو ٿيندڙ چهرو (جيڪو يونيورسٽيءَ جي سربراهه جو به ٿي سگهي ٿو) بعد ۾ پنجاهه ڪروڙن جي نقصان جي ڪٿ لڳائي ته وڃي ڏهه ڪروڙ جا اکر مس لکجي سگهن.

    ڪراچي يونيورسٽي جي استادن جيان ٽنڊي ڄام يونيورسٽيءَ جا استاد به اها اخلاقي جرئت ساري سگهندا يا نه ته اهي به ڏوهارين ۽ واقعي جي اصل جوابدارن جي پڪڙجڻ، گرفتارين ۽ سزا ملڻ تائين احتجاج ڪن، ڇو ته قانون جي يرغماليءَ کان پوءِ ادارن ۾ جيڪا شيءِ پهرين داءَ تي لڳي ٿي، اها مجموعي طور تي استاد جو عزت نفس ئي آهي ۽ ان کان پوءِ ”تعليم“ ئي نشانو بڻجي ٿي.

    هيءُخوف، ۽ هيءَ دهشت، جنهن لاقانونيت جي ڪلهن تي چڙهي سڄي سماج جي ذهن کي سڪتي ۾ آڻي ڇڏيو آهي، حيرت آهي ته اُن جي خالقن جا پيرا به جنهن رستي ڏانهن وڃن ٿا، اختيارن جي ونڊ ورڇ جا، حڪمراني جا رستا به انهن ئي ايوانن مان ڦٽي ٻاهر نڪرن ٿا ۽ حقيقت ۾ خوف، دهشت ۽ لاقانونيت جي راڄ جي جيئڻ تي مجبور ڪيل خلق جي آواز ۽ دانهن جي ڪوڪ جڏهن ٻڌي، سڻي ۽ ورنائي نه وڃي ته ”جهنگ جي راڄ“ ۾ ۽ ”شهري آئيني راڄ“ ۾ ڪو گهڻو فرق نٿو محسوس ٿئي.

    ”جيڪڏهن اهو يونيورسٽي ۾ ٿيندڙ قتل جو ردعمل هو ته پوءِ انهن اسان کي نشانو ڇو بڻايو، جنهن جو ڪو ٻار يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندڙ آهي ۽ نه ئي انتظاميه ۾ آهي؟“ مير ڪالونيءَ جي سماجي ڪارڪن ذري گهٽ دانهيندي ٿي چيو. اهو سماجي ڪارڪن الياس کوکر، جنهن جو ڪنهن سياسي پارٽيءَ سان تعلق ۽ نه ئي ڪنهن لساني تنظيم سان جهيڙو جهٽو، پر جڏهن ”لاقانونيت“ سان باهه سندس گهر جي در تائين پهچي ٿي، سندس آفيس جا بورڊ پٽي ڀڃ ڊاهه ڪئي وڃي ٿي، گارگند، ٺيلهي، ڌڪي ڏيڻ سان ڳالهه اڳتي ته وڌي، پر ”داد فرياد“ جي واهه وٽس ڪا نه ڇڏي ويئي. ”لڳاتار پنج ڪلاڪن تائين دهشت جو اهو راڄ رقص ڪندو رهيو...۽ اسان مسلسل پوليس کي فونون گهمائيندا رهياسين، ڪير به مدد لاءِ نه آيو ۽ هاڻ اسان جڏهن جوابدارن کي سڃاڻيندي سندن نالو کڻندي ايف آءِ آر ڪٽائڻ ٿا چاهيون ته ٽنڊو ڄام جو ڪو به پوليس ٿاڻو اسان جي رپورٽ درج ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.“ الياس کوکر ٽي دفعا پريس ڪانفرنس ۾ پنهنجا سور روئي ٿو. ڪمپيوٽر جي سڙيل ڪيبن، غريب واڍن جي ساڙيل کٽن، صندلين جو تعداد ٻڌائيندي هو بار بار جوابدارن جانالا کڻي چوي ته، ”جيڪي گهرن تائين ٽپي آيا آهن، تن جا نالا نيٺ به ڇو نه کڻجن...“ جيتوڻيڪ هو پاڻ به هڪ خوف ۾ ورتل وجود جو ڏيک ڏي ٿو جو بار بار چوي ٿو ته، ”ڀيڻ منهنجي هيءَ ڳالهه ريڪارڊ ڪري ڇڏيو، متان مان ماريو وڃان ته ڪيس ۾ ڪير نالا ته کڻي سگهي...“

    جهيڙو ٺرڻ کان پوءِ، ۽ پنجاهه ڪروڙن جي نقصان کان پوءِ به بارود جي بوءِ اڃان هوائن ۾ رچيل ئي هئي، اڃا ڪئمپس ۾ جلندڙ گاڏين مان اٿندڙ دونهين جي لاٽ جهڪي ئي نه ٿي هئي ته ٻيهر وائيس چانسلر کي ئي مک جوابدار سڏيو ويو، اهو وائيس چانسلر جيڪو خود به ان ڏينهن تي ايئن ئي محصور هو، جيئن ڪاهه کان پوءِ بادشاهه پنهنجي محلن ۾ محصور ٿي وڃن ٿا. اهي محصور عملدار بعد ۾ بڪتر بند گاڏين ۾ محفوظ جڳهين تائين ڪيئن پڳا، اها اسٽوري مملڪتي وزير کان وٺجي ها ته وڌيڪ چڱو ٿئي ها. بهتر ٿيو ته معاملو ٺاريو ويو، بهتر ٿيو ته ان باهه جي پکيڙ يونيورسٽي ڪئمپس کان ٽنڊي ڄام جي پسگردائيءَ کان اڳتي نه وڌي. جيڪڏهن اها باهه نيرون ڪوٽ، حيدرآباد تائين پُڄائي وڃي ها ته اليڪشن نه ڪرائڻ جا جواز ڏيئي پير پاڳاري جي لفظن ۾ ”مارچ ۾ مارچ“ ڪرائي وڃي ها. بهتر ٿيو ته باهه کي پکڙجڻ کان اڳ وسايو ويو، پر ٿيڻ ته ايئن کپي ته مامري کي ڪئمپس جي سياست يا شاگرد سياست بجاءِ وسيع پسمنظر ۾ ڏسي ان جو اعليٰ سطح تي سخت انتظامي نوٽيس ورتو وڃي. جيڪڏهن ان لاءِ خود يونيورسٽيءَ جي ملازمين پاران رکيل ان مطالبي کي مان ڏجي ته ان واقعي جي عدالتي ڪارروائي غير جانبدارانه طور تي ٿيڻ کپي، ڇاڪاڻ ته اهو نه پاڻمرادو پيدا ٿيل احتجاج هو ۽ نه ئي ان ۾ شاگرد سياست متحرڪ هئي. اهو دراصل ڪنهن ”منصوبي“ جو نتيجو هو، جنهن جو سدِباب انتهائي لازم آهي. ٻي صورت ۾ ڪنهن به اڻ وڻندڙ واقعي جي سلسلي جا امڪان بنهه واضح نظر اچن ٿا ۽ جيڪڏهن ذري جي به غير سنجيدگيءَ جو مظاهرو ڪيو ويو ته ان باهه جي پکيڙ کي روڪڻ ايئن ناممڪن ٿي پوندو، جيئن اڳ ئي ملڪ جا ڪافي حصا ٻرندڙ مسئلن جو شڪار آهن.

    رڳو حڪومت ئي نه، پر هن واقعي جنهن ۾ 50ڪروڙن جو نقصان ڪيو وڃي، ان تي سنڌ جي سڀني استاد تنظيمن، باشعور ۽ باعمل سول سوسائٽي سميت سڀني ساڃاهه وند ڌرين کي پنهنجي ڳڻتيءَ جو بامعنيٰ اظهار ۽ احتجاج ضرور ڪرڻ گهرجي، جنهن ۾ ادارن جي عزت، ناموس ۽ ان جي ملڪيت ۽ پروٽوڪول جي مڪمل ضمانت جو مطالبو شامل هُجي ۽ گڏو گڏ ان واقعي جي اصل جوابدارن تي عدالتي ڪارروائي جو مطالبو به ٿي سگهي ٿو، جيئن آئنده حڪومت کي ڪئمپس ۾ تحفظ جي ذميواري کان غفلت ڦٻي نه سگهي.

    amarsindhu@yahoo.com
     
  18. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: امر سنڌو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    عورت جي آزاديءَ وارو سوال ۽ سنڌي سماج!



    خميس 8 مارچ 2007ع

    مان، هيءَ نظم تنهنجي لاءِ لکي رهي آهيان،

    مون پنهنجي زندگيءَ جي پڪار بڻجڻ چاهيو

    پر افسوس ته مان عورت هئس....

    هتي هر رستي تي،

    ڪوڙ، بدنامي ۽ رياڪاري جو ديو ويٺل آهي.

    هتي سفيد گل...

    صحرا جي ڪنڊن کان وڌيڪ بي قدرا آهن.

    ڄاڻان ٿي ته ظاهر پرست زاهدن جي هن گروهه سان

    وڙهڻ آسان نه آهي.

    منهنجا پيارا پُٽ،

    اسان جو شهر زمانن کان شيطان جو آکاڙو بڻيل آهي...پر

    هڪ ڏينهن ضرور ايندو جو تنهنجون اکيون حسرت سان،

    هيءُ دردناڪ گيت پڙهنديون.

    تون مون کي شاعري ۾ ڳولهيندين ۽

    نيٺ پنهنجي پاڻ کي چوندين ته،

    ”هوءُ منهنجي ماءُ هئي....“

    عورتن جو عالمي ڏينهن...عورتن جي جدوجهد کي سلام پيش ڪرڻ جو عورتن لاءِ مقرر ڪيل ڏينهن. بيشڪ ته 365 ڏينهن به سندس عظمت جا، پر اڄوڪو ڏينهن انساني تاريخ ۾ عورت جي اُن جدوجهد کي خراج پيش ڪرڻ جو ڏينهن، جڏهن هوءَ سماج ۾ پنهنجي وجود کي ”انساني وجود“ مڃرائڻ لاءِ روڊ کان تحرير ۽ تقرير تائين مسلسل جاکوڙيندي رهي. هُن جي اڻ ٿڪ جدوجهد جو ئي نتيجو آهي جو اڄ انهن سماجن جي عورت پنهنجي ان ڏهاڙي جي جشن تي رقص هجوم جو حصو ٿئي ٿي، جنهن ڏينهن کي سندس جدوجهد جي حوالي سان خراج ۽ ڀيٽا ڏيڻ جو عالمي ڏينهن مقرر ڪيو ويو. عورت جي ان تاريخ جا پيرا کڻي سنڌي سماج ۾ ان جا پوندڙ اثر پنهنجي مشاهدي هيٺ آڻي، ان عورت جي جشن ۽ رقص هجوم جو حصو ٿيڻ بجاءِ مون اڄ پنهنجي لفظن جي پورهئي جي ابتدا ايران جي اُن جوان مرگ شاعره فروغ فرخ زاد جي ان نظم سان ڪئي آهي، جيڪا هن پنهنجي ڪاهيار لاءِ لکي هئي. فروغ فرخ زاد، جنهن سماج جي شاعره هئي، اُن سماج ۾ پڻ بدناميءَ جو داغ عورت جي جسم سان ڪوڙهه جيان چنبڙائي زماني کي ان جو تماشو ڏسڻ جي عادت هئي. فروغ فرخ زاد اُن ڪوڙهيل سماج ۾ خودمختيار عورت جي آزاد نغمي جيان سماعتن تائين پُهتي...هن ڪوڙهه جي مريضن تي هڪ فلم به ٺاهي ۽ ڪوڙهين جي بستي ۾ سندس قيام ۽ اچ وڃ تي حيرانگيءَ سان اُٿيل سوالن جي جواب ۾ وٽس هڪ جملو هو، جيڪو سندس چپن تي آيو هو ته، ”روح جي ڪوڙهيل انسان“ سماج سان گڏ رهڻ کان بهتر آهي ته جسم جي ڪوڙهيل شفاف روحن سان زندگي گهارجي.“ ٻٽيهه سالن جي عمر ۾ ئي فروغ فرخ زاد ڪار حادثي جو شڪار ٿي پاڻ سان وابسته سمورين نيڪ نامين، بدنامين ۽ شهرتن سان گڏ جنهن قبر ۾ دفن ٿي، سا اڄ برفباري ۾ به سفيد برف سان ڍڪيل رهي. اڄ الائي به ڇو منهنجي قلم جو مخاطب عورت نه، پر شاعره فروغ فرخ زاد جو اُهو پُٽ آهي، جنهن لاءِ کيس يقين آهي ته هو پنهنجي ماءُ لاءِ نيٺ ڪڏهن ته اهو اعتراف ڪرڻ جوڳو ٿيندو ته سماج ۾ ڌڪاريل، پيڙهيل، بدناموسين جي شڪار عورت سندس ماءُ آهي...مون کي اڄوڪي ڏينهن تي پروين شاڪر به ياد اچي ٿي پئي، جنهن لاءِ لکندي اسان جي مرد اديبن کي اها روحاني تسڪين ۽ لذت پئي ملندي آهي ته ”پروين شاڪر پنهنجو پاڻ کي عورت تحريڪ سان ڪڏهن به نه ڳنڍيو.“

    پروين شاڪر عورت جي وجود جي سڀني حساس ۽ لطيف جذبن جي نمائندگي ڪندي به نيٺ جنهن سچ جي انت تائين پُڳي هئي، تنهن کيس اهو سمجهايو هو ته ”دنيا کي عورت لاءِ“ قابل تعظيم جاءِ بنائڻ لاءِ کيس پنهنجي پٽ جي تربيت ٻيهر ڪرڻي ئي پوندي، کيس پنهنجو تجربو تلخ ئي سهي، پر پنهنجي پٽ سان اورڻو ئي پوندو. هن پنهنجو تجربو، جيڪو عورت جي حيثيت ۾ ٿي ڀوڳيو، پنهنجي ڪُک جنميل پُٽ کي ان جو راز دان ٺاهي کيس شريڪ حال بنايو. پروين شاڪر پڻ جوان مرگيءَ جو شڪار ٿي ڪارحادثي ۾ ئي مري ويئي. سندس به ڪيترائي نظم، سندس پُٽ مراد جي نانءُ ڪيل آهن.

    جگر مين مان هون

    اور اک مان مايوس هو جائي تو

    دنيا ختم هو جائي.....

    ڪالهوڪي اخبار...سنڌي سماج جي جنهن ڪهاڻيءَ کي پنهنجي موضوع طور پيش ڪيو، ان ڪهاڻيءَ ۾ عورت جو عڪس ٽٽل ڀڳل ڀور ڀور نظر آيم...ان ڪري منهنجو مخاطب شايد سنڌي سماج جو اهو اڄوڪو مرد ناهي، جيڪي سماج جي ان صورت کي تسلي بخش سمجهي ٿو. سنڌي سماج جو اهو اڄوڪو مرد به پنهنجي هن مڪالمي جو مخاطب ناهي، جيڪو سماج جي عورت ڏانهن ان پُرتشدد رويي جا ڪارڻ خارجي امڪانن ۾ ڳولهڻ جو عادي ٿي چُڪو آهي. سنڌي سماج جو اهو تعصب پرست مرد به پنهنجي گفتگو جو حصو ناهي بڻجڻو، جيڪو عورت کي ”انسان“ ۽ ”فرد“ جو درجو ڏيڻ کان ڊنل ۽ گهٻرايل آهي. اڄ جي سنڌي عورت جي نئين مڪالمي جو دور شايد شروع ٿي چُڪو آهي، اُهو مڪالمو جيڪو فروغ فرخ زاد پنهنجي پُٽ ڪاهيار سان ڪرڻ ٿي چاهيو، يا اُهو مڪالمو، جيڪو پروين شاڪر پنهنجي پُٽ مُراد لاءِ موت جي ڪري اڌورو ڇڏي ويئي.

    جيڪڏهن ماءُ مايوس ٿئي ته زندگي ختم ٿي وڃي ٿي ۽ جيڪڏهن عورت مايوس ٿئي ته جڳ جي چرخي جو ڦيٿو رُڪجي سگهي ٿو. شايد مون کي ان سان ڪنهن ڊگهي مڪالمي جي ضرورت به نه پوي. سندس آڏو اخبارون آهن، ميڊيا تي دانهيندڙ عورتون آهن، سندن ڪوڪون آهن، بيوسي آهي، ٻيرا ٻيرا ٿيل جسم آهن. زهر ٿيل ازدواجي زندگيون آهن. در در تي نيلام ٿيندڙ عورت جي بيوس جسم جون تصويرون آهن. عورت سان لاڳيل تصوير جو هر عڪس ٽٽل آهي. هن سماج جي عورت...هيڻائپ جي اها تصوير آهي، جيڪا قومي سڃاڻپ کان ويندي سماجي شعور جي سطح تائين سندس رڳ رڳ ۾ ڀريل آهي. اهڙو سماج جيڪو ڦرلٽ جي حوالي سان، سياسي استحصال جي حوالي سان هڪ اهڙو ابتڙ منظر نامو پيش ڪندڙ آهي، جنهن ۾ ”تشدد“ جو اظهار، ڪٽنبي زندگيءَ کان وٺي سماج جي هر حصي تائين عورت خلاف ئي ظاهر ٿيندو رهيو آهي. بيشڪ ته سماجي ابتري جي شڪار توڙي سياسي استحصال ٿيندڙ سماجن ۾ تشدد جو عنصر فطري نتيجي طور ظاهر ٿئي ٿو، پر جڏهن اُهو تشدد هيڻي جنس ۽ هيڻن طبقن کي پنهنجو نشانو ٺاهڻ شروع ڪري ڇڏي ته اهڙي صورت ۾ سماج جي باشعور فردن جي مجموعي کي محض تماشبين جي حيثيت کان گهڻو مٿڀرو ٿي اچڻو ئي پوندو. عورتن تي تشدد جي لهر کي فقط ميڊيا جو وڌاءُ چئي ڪن لاٽار ڪرڻ جو سلسلو هاڻي گهڻي دير تائين افورڊ نٿو ڪري سگهجي.

    اجتماعي لڄالت جي شڪار نسيما لٻاڻو، جيڪا راڄ ماڻهن جي موجودگي ۾ کنڀجي وڃي ٿي، انتقام جي باهه ۾ لڄالٽ جو شڪار ٿئي ٿي. جوابدار آزاد هجن ۽ مظلوم جي گهر جو کٽولو اونڌو هُجي، مٿان وزير اعليٰ جا اهي روح ساڙيندڙ بيان به ايندڙ هُجن ته اهي ته ايس ايڇ او جي سطح جا ڪيس آهن، ان وقت ادارا ڄڻ ته عادي مجرمن جي پناهه گاهه معلوم ٿين ٿا. روايتي سماجن ۾ ڪٽنب يا گهر عورت لاءِ وڏي پناهه گاهه سمجهيو وڃي ٿو، پر پنهنجي سماج ڏانهن اچون ته ”صنم جي لوندڙي ۾ لڳل گولي...۽ پستول ۾ هٿ، پنهنجي ئي گهر ڀاتين جو نظر اچي ٿو. صنم جو قتل ڪيس به ان محافظ گهر واري تصور جي نفي ڪندڙ آهي، جنهن ۾ گهر کي عورت لاءِ محفوظ پناهگاهه تصور ڪيو وڃي ٿو. صنم جون ڇليل آڱريون، رهڙي ڪڍيل ننهن ۽ تشدد سان نيري ٿيل جسم تي ڪفن جي اُجري چادر ڇا، ڪٽنبي زندگي جي ان ”سڪون“ واري تصور جو ڪفن نٿي لڳي، جنهن سڪون جا ”پيل پاوا“ عورت جي برداشت واري حد تي آڌاريل آهن. ساهراڻي گهرن ۾ تشدد جي شڪار اهڙين عورتن جو حساب ته سندن پيءُ ماءُ کان به ضرور وٺڻ گهرجي، جيڪي روايتي فرسوده اخلاقيات تحت برداشت جي سُتي پياري پنهنجي جگر گوشن کي پنهنجي باشعور نياڻين کي شادي نڀائڻ لاءِ ايلاز ڪندي نظر اچن ٿا. اهي مائرون جيڪي ڌيءُ ٻار کي پيٽ ۾ 9 مهينن تائين پنهنجي خون جي آبياري سان جيئرو رکي دنيا ۾ آڻين ٿيون، پالي نپائي وڏو ڪن ٿيون. پر جڏهن پرڻائي رخصت ڪن ٿيون، تڏهن مون الائي ڇو ڪنهن ماءُ کي به اهڙو وڏو دل ڌاريندي اهو چوندي نه ڏٺو آهي ته، ”ڳالهه جڏهن برداشت ۽ نڀاءَ کان مٿي چڙهي وڃي، تڏهن واپس اچجانءِ...هن گهر جا دروازا پنهنجي ڌيءُ جي واپسي لاءِ ڪڏهن به بند نه ٿيندا. هن ماءُ جي هنج ڪڏهن به ڌيءُ جي واپسي تي سوڙهي نه ٿيندي.“

    ڪٽنبي زندگي ۽ گهر ڀل ته دوزخ بڻجندا هجن، پر سماجي قدرن جو بار جڏهن فقط ۽ ۽ فقط عورت مٿان وڌو وڃي، تڏهن نئين سماج جي فرد جي حيثيت ۾ اهو اڄوڪي نئين نسل جي مرد جو فرض به ٺهي ٿو ته هوءَ عورت مخالف ٿيڻ بجاءِ سندس ٻيلي ۽ ساٿي بڻجي بيهي ته شايد تڏهن ئي ڪٽنبي زندگي اُهو حقيقي سڪون به ماڻي سگهي. نه ته تشدد سان نيرا ٿيل جسم ڪنهن به سڪون جي ضمانت نٿا ٿي سگهن. اهو به رياست جو سياسي حربو ئي هو، جنهن عورت جي تحفظ کي فقط ڪاغذ جي ٽُڪري جي صورت ۾ قانون جو حصو ته بڻائي ڇڏيو، پر ان قانون تي عمل سازيءَ لاءِ نه ته هن پنهنجي حڪومتي صفن ۾ ويٺل بدترين تعصباڻو ذهن رکندڙ ماڻهن جي ڪا تربيت ڪئي ۽ نه ئي اهڙي ڪا عملي صورت مثال طور پيش ڪئي، جنهن ۾ عورت خلاف تشدد يا ڏاڍائي کي زيرو Tolerence تي ورتايو ويو هُجي. ٿيندو ته ايئن رهيو ته هڪ پاسي عورتون جسماني تشدد جو شڪار ٿينديون رهيون، ٻئي پاسي اسيمبلين ۾ پڻ عورت مخالف رمارڪس، جن ۾ سندن ڪپڙن، لٽن، ميڪ اپ، فيشن کي نشانو بنائي سياسي بيان بازي سان ميڊيا ۾ پنهنجو پاڻ کي هاٽ طريقي سان ان رکڻ جو بهانو پڻ هلندو رهيو.

    سنڌي سماج پنهنجي ڏيک ۽ رد عمل ۾ ايترو ته عورت مخالف ٿي بيٺو جو جيڪڏهن گذريل سال جا ئي واقعا کڻي ڏسجن ته اُن ۾ صنم جي پُرتشدد قتل کان ويندي شهدادڪوٽ ۾ رخصتي کان اڳ ڪنوار کي ڪارنهن جي الزام ۾ مارڻ، دوستي نه رکڻ تي تيزاب هاري چهرا ساڙي، وجود کاري ڇڏڻ، اجتماعي لڄالٽ جي واقعن ۾ بي حساب اضافي سميت لڄالٽ جي شڪار عورت جي ننگي پريڊ سميت ننڍڙين ٻارڙين جي ريپ جا سلسلا به عام جام رهيا. سنڌ جي سڃاڻپ عورتون ڪهندڙ سماج واري وڃي بيٺي.

    دراصل هيءُ اڄوڪو ڪالم، اڄوڪو پورهيو سنڌي سماج جي اُن مرد ڏانهن به آهي، جنهن جي اکين ۾ سماج جي تبديليءَ جو خواب آهي، پر کيس ٻڌائجي ته سماج جي تبديلي، عورت جي سماجي تبديلي واري ويڙهه کان سواءِ ناممڪن آهي. عورت جي آزادي کان سواءِ سماج ۾ ڪنهن به آزادي، ڪنهن به نجات واري سوال جو حل ٿيڻ ممڪن ئي ناهي ۽ جنهن پل سنڌي سماج جي مرد، ان مڪالمي واري ٻولي ۽ مفهوم سمجهي ورتو، يقين ڪريو ته سماج جي آجپي واري جنگ ۽ سماج جي تبديليءَ واري ويڙهه پنهنجي فيصلا ڪُن مرحلي ۾ داخل ٿي ويندي.
    amarsindhu@yahoo.com
     
  19. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: امر سنڌو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    موجوده بحران جو پسمنظر ۽ پيش منظر!



    جمع 30 مارچ 2007ع

    مارچ جي مهيني کي پاڪستان جي تاريخ ۾ احتجاجي مارچ بنائڻ واري پهرين وک ته يقينن اُن غير فعال چيف جسٽس جي اُها ئي وک هئي، جيڪا پنج ڪلاڪن جي لاڳيتي اوسيئڙي ۽ ملاقات جي نتيجي ۾ استعيفيٰ کان انڪار کان پوءِ پنڊي پريزيڊنسي کان سندس رهائشگاهه ڏانهن وڌي هئي. اُها وک، ڪنهن اهڙي احتجاجي مارچ کي جنم ڏيندي، جيڪو ويجهي ماضي جي تاريخ جو پنهنجو مثال پاڻ هوندو؟ اها خبر تنهن وقت نه پنڊي پريزيڊنسي وارن کي هئي ۽ نه ئي ان غير فعال چيف جسٽس کي هئي، جنهن جو انڪار اڳتي هلي هڪ نئين تاريخ کي جنم ڏيندڙ هو. ان رهائشگاهه ۾ غير فعال چيف جسٽس ڪيترا ڪلاڪ ويٺل رهيو، سا ته کيس ئي خبر هوندي، پر سندس انڪار واري جرئت بهرحال پاڪستاني سياست جي اٺ ساله جمود واري پاڻيءَ ۾ پهريون پٿر ضرور ڦٽو ڪيو. عدالتي نظام جي ذري گهٽ معطلي ۽ بار ڪائونسلن جي يونين سياست جي احتجاج کان وٺي مخالف پارٽين جي سياسي احتجاج ۽ پوءِ صدر جي پنڊي جلسي جي لاسٽ ٽچ تائين ڪيترائي اهڙا واقعا به ظهور پذير ٿيا، جيڪي ملڪي تاريخ ۾ اچرج ۽ حيرانيءَ جو سبب به بڻيا.

    غير فعال چيف جسٽس جي نظربندي کان گهيراءَ بندي تائين ۽ گهراءَ بندي کان ڪاري ڪوٽ جي ڦاٽجڻ ۽ نيٺ پوليس اهلڪارن جا هٿ چيف جسٽس جي وارن ۾ هجڻ تائين، شايد هن ملڪ لاءِ ايترا غير متوقع منظر نه هئا، ڇاڪاڻ جو جنهن ملڪ ۾ چونڊيل وزير اعظم کي شب خوابي ۾ آڌي رات جو کنڀي کڻڻ کان پوءِ کيس ڦاهي جي تختي تي چاڙهي سندس لاش هيلي ڪاپٽر ۾ سندس اباڻي قبرستان موڪليو وڃي، ۽ بلوچستان جي بگٽي سردار جو لاش به اهڙي لوهي پيٽيءَ ۾ موڪليو وڃي، جو اُن تي چڙهيل ڪلف کولي ميت جو منهن به نه ڏيکاريو وڃي، اُتي هڪ غير فعال جسٽس جي وارن ۾ معمولي سپاهي جي هٿ کي هروڀرو ايتري غير معمولي معنيٰ ۾ ڏسڻ ۽ سنسني ڦهلائڻ کي به غير معمولي منظر نٿو چئي سگهجي. سنڌين جي محبوب وزير اعظم جي لاش جي صورت ۾ واپسي توڙي بگٽي سردار جي پُراسرار مقابلي ۾ مارجڻ سان جڏهن مُلڪي سياست ۾ ڪو وڏو ممڻ نه مچي سگهيو ته هن مارچ واري سرگرمي (activity) کي فقط داخلي سياسي/عدالتي بحران جي حوالي سان ڪنهن معنيٰ خيز نتيجي تي پهچندي ڏسي، اُن جا به ڪي خوش آئند امڪان بهرحال نظر نٿا اچن، پر هڪ حقيقت جو انڪار شايد هن وقت ممڪن نه ٿئي ته هڪ ”جرئتِ انڪار“ پهريون ڀيرو پنهنجي سربلندي ايئن ڏٺي جو کيس پنهنجي هم طبقي وٽان ڀرپور موٽ ته ملي ئي ملي، پر هن ”جرئتِ انڪار“ ان هيسيل عوام جي خوف جا سڀ سنڌا ٽوڙي ڇڏيا، جو هن سرعام اهڙن حساس مامرن تي به پنهنجي سياسي اظهار کان ڪو نه ڪيٻايو، جيڪي هونئن عام حالتن ۾ شايد وڌيڪ پڪڙ ۾ اچڻ جوڳا سمجهيا وڃن ٿا.

    چيف جسٽس جي ”جرئتِ انڪار“ جي عوامي سطح تي اهڙي پذيرائي ممڪن آهي ته خود سياسي پارٽين جي وهم و گمان ۾ به نه هجي ۽ اها سياسي قيادت، جنهن گذريل اٺن سالن ۾ ڪنهن به تحريڪ هلائڻ کان ڪيٻايو ٿي، سا نيٺ به عوامي پريشر ۾ سندرو ٻڌي ان ميدان ۾ ضرور لٿي، جتي هڪ پاسي مولوي صاحبان هئا ته ٻئي پاسي پنهنجو پاڻ کي سياسي ڌارا کان جُدا ڪري بيٺل ڪارن ڪوٽن واري اڪثريت هئي. سياسي/ عدالتي اهڙي بحران جي صورت ۾ جيتوڻيڪ مذهبي جماعتن جي موجوگي ڪنهن حد تائين مامري کي سياسي ته بڻايو پئي، پر حقيقت ۾ مذهبي جماعتن جو وڌيڪ سرگرم ٿيڻ موجوده سيٽ اپ کي ايئن دوام بخشڻ لاءِ استعمال ۾ اچي پئي سگهيو جو ٻاهرين اقتدار نواز قوتن کي انهن مذهبي جماعتن جي موجودگي جي آڌار تي اهو باور ڪرائجي ها ته ملڪ ۾ بظاهر سياسي بحران نظر ايندڙ صورتحال دراصل ملڪ ۾ موجود اعتدال پسند ۽ مذهبي انتها پسند ٽڪراءَ جو نتيجوآهي. تنهنڪري مذهبي انتها پسنديءَ جي خاتمي لاءِ موجوده نان سويلين عنصرن جي موجودگي انتهائي ضروري آهي. ان صورت ۾ پيپلز پارٽيءَ جي ان حڪمت عمليءَ کي سياسي طور ضرور ساراهي سگهجي ٿو ته نواز ليگ جي آل پارٽيز ڪانفرنس کان ويندي، هاڻوڪي احتجاج تائين پنهنجو پاڻ کي مذهبي جماعتن کان بنهه پاسيرو رکندي پئي آئي آهي، ڇاڪاڻ ته پيپلز پارٽي اقتدار نواز ٻاهرين قوت کي بهرحال اهو تاثر ڏيڻ گهري ٿي ته ملڪ ۾ بنيادي تضاد ملٽري ۽ مُلا نه آهي، پر بنيادي مسئلو عوامي ۽ جمهوري سياست قوتن کي ملڪي سياست جي فريم کان ٻاهر ڪڍڻ جي صورت ۾ اُڀري آيل تضاد آهي. پيپلز پارٽي پنهنجي موقف ۾ مذهبي جماعتن سان ڪنهن به صورت ۾ پوءِ اهو احتجاج هُجي يا سياسي اتحاد پنهنجو رستو جُدا رکڻ چاهي ٿي. مذهبي جماعتن تي سندس اهي الزام ڪي غلط به ناهن ته ضياءَ جي آمريت کان وٺي صدر مشرف جي وردي تائين نان سويلين حڪومتن کي آئيني ۽ اخلاقي دوام بخشڻ جو ڪم سدائين مذهبي جماعتن پئي ڪيو آهي. مذهبي جماعتون تڏهن به ضياءَ جون ساٿاري بڻيون هيون، جڏهن ضيا فوجي راڄ وسيلي جمهوريت جي بحالي واري تحريڪ ايم آر ڊي کي ڪُچلڻ لاءِ سوين ڳوٺ ٽينڪن سان لتاڙيا ٿي ۽ هاڻ به اهي جماعتون مڪمل طور تي حزب اختلاف وارو ڪردار ادا نه پيون ڪن. سرحد توڙي بلوچستان ۾ اهي مذهبي جماعتون ئي آهن، جن جي ٽيڪ تي نان سويلين حڪمرانن جو راڄ هلي ٿو. نان سويلين حڪمرانن سان پسِ پرده ٺاهه جون جيڪي به صورتون بحث هيٺ آيون، تنهن ۾ وڏو مسئلو باوردي صدر، فري ۽ فيئر چونڊون ۽ مذهبي جماعتن کي هٿي ڏيڻ وارا مامرا زير بحث ٿي آيا. عدليه جي خودمختياري وارو سوال پيپلز پارٽي توڙي ٻين سياسي پارٽين لاءِ ان ڪري به بي معنيٰ هو، جو عدليه پاڪستان ۾ هميشه ماتحتي هيٺ ئي ڪم ڪيو آهي. پاڪستان جي تاريخ ۾ بيشڪ ته ڪن ججن جي ذاتي همت ۽ جرئت سان ڪم ڪيو آهي، پر مجموعي طور تي عدليه جي آزاد اداري واري حيثيت تي سياسي مامرو گهٽ ئي مچي گرم ٿيو آهي. خاص طور تي اهي عدالتون، جن جا جج نان سويلين سيٽ اپ تي ڪو سوال نه اُٿارين ۽ جن ۾ فائل ڪيسن مان ڪنهن به مخالف سياسي پارٽي قيادت کي انصاف جي توقع نه هجي ۽ ان ئي خوف کان اعليٰ قيادت ملڪ اچڻ کان ڪيٻائيندي هُجي، اُهي ”عدالتون“ ملڪ جي سياسي منظرنامي ۾ ايتري اهميت حاصل ڪري وينديون جو انصاف جي توقع نه رکڻ باوجود مخالف ڌر هڪ جج جي ”جرئتِ انڪار“ ۾ ساڻس گڏ احتجاجي ٿي بيهي رهي، اهو يقينن جسٽس چوڌريءَ کي غير فعال ڪندڙن جي ڪٿ ۾ بنهه ڪو نه هو. نه ئي پيپلز پارٽي جي ”ٽين ڌُر“ ٿي بيهڻ، جيڪا نان سويلين حڪومت توڙي مذهبي جماعتن کان بنهه الڳ ٿي بيهي، اهو به توقع جي برخلاف هو، ڇاڪاڻ ته لڳو ايئن پئي ته هن ڀيري به مذهبي جماعتن جو ٽريلر ڏيکاري نان سويلين حڪومت پنهنجا پير ٻيهر ڄمائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندي. عملي سياست هونئن به ڪو سائنس جو فارمولو ناهي، جنهن مطابق اڳواٽ طئي ڪيل نتيجا ئي حاصل ڪجن.

    توڙي جو هاڻوڪي حڪومت جي دعوائن موجب اُها عوامي سطح تي واحد مقبول سياسي قوت آهي، تنهن هوندي به ملڪ جي باوردي صدر لاءِ چونڊن جو مرحلو هڪ اهڙي پلصراط جيان آهي، جتان باسلامت واپسيءَ جا امڪان بظاهر نظر نه پئي آيا، اهو ئي سوچي ٻن آپشن تي سياسي گيم کي اڳتي هلائڻ جي حڪمت عملي تشڪيل ڏني ويئي. هڪ ٻئي پٺيان انهن ٻنهي ڪارڊن کي بحث لاءِ لاٿو ويو. تنهن مان پهريون آپشن ته اهو هيو ته موجوده اسيمبلين مان باوردي صدر جي چونڊ ڪرائي چار سال ٻيا وٺي ڏجن. پر جيڪڏهن سرحد ۾ مولوي صاحبان جي ڪري ايئن ممڪن نه هجي ته ٻيو ايمرجنسي وارو آپشن به استعمال ۾ آڻجي. ايمرجنسي واري آپشن کي في الحال ايران-آمريڪا تڪرار سبب پاسيرو رکيو ويو ته وقت سر اهو آپشن به آزمائبو، پر في الحال موجوده اسيمبلين کي صدر جي ٻيهر چونڊ لاءِ راضي ڪجي. شريف الدين پيرزاده جي موجودگي ۾ آئين ڪنهن به باوردي حڪمران لاءِ ڪو وڏو مسئلو ته يقينن نه هو. اسيمبلين کان ووٽ وٺڻ لاءِ پنهنجي وزير اعليٰ ته باقاعده مهم به هلائي پئي ۽ آئيني رمزون به پئي سمجهايون ۽ گڏو گڏ تبري بازي جي لازم عنصر طور ”محترمه“ تي نشانو به پڪو ڪندو پئي آيو. ٻئي آپشن جي استعمال کان اڳ ذهني مزاج جانچڻ لاءِ ايم ڪيو ايم جي بابر غوريءَ کان به ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جو مطالبو ڪرايو ويو.

    اڃا اهي شيون هلن ئي پيون ته ڪٿان اها خبر وڃي نڪتي ته چيف جسٽس شايد هاڻ نئين اننگ کيڏڻ لاءِ اُها رعايت نه ڏئي جو صدر موجوده اسيمبلين مان پاڻ کي ٻيهر چونڊرائي سگهي. نعيم بخاريءَ جي خط کان صدارتي ريفرنس تائين جيڪو ڪجهه ٿيو، ان جا نتيجا يقينن ايئن نه سوچيا ويا هئا، جو صدر بي اختيار اهو چوڻ تي مجبور ٿئي ته ”اها منهنجي خلاف سازش آهي.“ ميڊيا تي خود صدر توڙي حڪومتي حلقن جي سمورين وضاحتن، دعوائن باوجود اهو صاف نظر اچي ٿو ته حڪومت کي مارچ ۾ پلئه پيل هي ”مارچي تحريڪ“ جو لوڏو، ڪشميري زلزلي کان به ڀاري پيو آهي. عين ممڪن آهي ته اهو به ڌڪ پچائي حڪومت ٻيهر پنهنجا پير کوڙڻ ۾ ڪامياب ٿي به وڃي، پر اهو صاف نظر ايندڙ آهي ته ايندڙ حالتون يا نتيجا بهرحال ايئن هرگز نه هوندا، جيئن پنهنجي حڪمرانن سوچيو هو، جو في الحال ته حڪومتي هائوس آف ڪارڊس (پتن جي گهر)جا سڀئي پتا هوائن جا آڌار تي آهن. اهي هوائون کين ڪٿي کڻي وينديون، ان بابت يقين سان ان ڪري به چئي نٿو سگهجي، جو ان ڪهاڻي ۽ ان گيم جي شروعات جا پيرا ڪٿان به کڻجن، ان جي پڄاڻي جو دارمدار مخالف ڌر جي سياسي حڪمتِ عمليءَ تي ٻڌل هوندو. مخالف ڌر لاءِ ميڊيا ۾ جيتوڻيڪ ڇڙ وڇڙ، غير منظم، غير نظرياتي ۽ غير متحد هئڻ جو شعوري تاثر ڏيڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي پئي وڃي، پر ڏٺو وڃي ته مخالف ڌر، جنهن ۾ پيپلز پارٽي جهڙي اعتدال پسند پارٽيءَ سان گڏ طالبان جي حمايت ۾ بيٺل مذهبي جماعتون به شامل آهن، تنهن ڪري اصولي طور تي ته گڏيل مخالف ڌر جي گڏيل احتجاج جو ته سوال ئي پيدا نه ٿيڻ گهرجي. هن وقت ته سياسي موقف جي وڌيڪ واضح ۽ چٽي طرح سامهون اچڻ جي ضرورت آهي، جيئن عوام کي اهو فيصلو ڪرڻ ۾ ڏکيائي نه ٿئي ته سڀاڻي پيپلز پارٽي يا مذهبي جماعتن مان کيس ڪهڙي اميد رکڻ کپي. جيڪڏهن هن وقت سياسي جماعتن پنهنجي سياسي موقف ۽ سياسي لائين کي حقيقي اعتدال پسندي ۽ مذهبي رجحان واري خاني ۾ نه ورهايو ته شايد اڳتي ايندڙ تبديلي ان حوالي سان وڌيڪ خطرناڪ ثابت ٿئي ته سڀاڻي مذهبي جماعتون سرحد صوبي ۾ ڪنهن اهڙي سخت گير طالبانائيزيشن نه شروع ڪن، جتي سياسي آزاديون ته پري پر شخصي آزادي به ڀئو ۾ وڪوڙجي وڃي. جيتوڻيڪ ملڪ جي داخلي بحران جا بيشڪ ته اهي ننڍا مثال آهن، اعليٰ سطح جي اختيارن جي ورڇ ۾ پڻ اهو تاثر واضح ٿي ويو آهي ته پاڪستان ۾ ڪي ادارا ايترا ته خودمختيار ۽ بااختيار ٿي ويا آهن، جو خود وردي واري صدر جو به مٿن ڪنٽرول نه رهيو آهي. انهن ئي ادارن جي ڪارڪردگي ۽ دهشتگرديءَ جي روڪڻ ۾ گهربل ڪردار پوري طرح ادا نه ڪرڻ يا وري ڊبل گيم جهڙي صورت پيدا ڪرڻ جا الزام هڻي آمريڪا موجوده حڪومت سان پنهنجي”خوش نه هئڻ“ واري تاثر کي ايئن چٽو ڪيو آهي جو هڪ پاسي آمريڪي امداد کي دهشتگرديءَ جي روڪٿام سان مشروط ڪيو پيو وڃي ته ٻئي پاسي صدر ۽ چيف آف آرمي اسٽاف مان ڪنهن به هڪ عهدي جي چونڊ، شفاف چونڊن وسيلي حقيقي جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ به سنئون سڌو پريشر وجهڻ شروع ڪيو. مُلا-ملٽري الائينس جون رڙيون جيڪي پهرين فقط پاڪستان جي اندرين حلقن ۾ ٻڌڻ ۾ ٿي آيون، سي هاڻ آمريڪي ٿنڪ ٽينڪ به ايئن ويچارڻ شروع ڪيون آهن، جو هنن کي نه ته هاڻوڪي حڪومت جو وانا وارو ٺاهه قبول آهي ۽ نه ئي وري سرحد صوبي ۾ وڌندڙ طالبانائيزيشن کي ختم ڪرڻ ۾ حڪومت جي ڪا سنجيدگي نظر اچي ٿي. طالبان ڏانهن حڪومت جي نرمي کي آمريڪا پنهنجي لاءِ ايئن به سٺو سنئوڻ نٿي سمجهي جو ايران واري مامري جي شروع ٿيڻ کان اڳ کيس پاڪستان ۾ مڪمل طور تي ٺاپر کپي ٿي. مڊل ايسٽ جي نئين نقشي جي ڪنهن به ممڪنه تبديليءَ ۾ پاڪستان جي اسٽريٽجڪ پوزيشن کان انڪار ته ممڪن ئي ناهي، ان ڪري عدالتي بحران واري جهٽڪي ۾ عين ممڪن آهي ته ڇوٽ ڇڏيل بااختيار ادارن تي هٿ گرم ڪرڻ جو بهانو تلاشيو ويو هُجي.

    باوردي صدر پاران بي اختيار چئي ويٺل جملو ته ”منهنجي خلاف سازش ٿي آهي“ کي نان سويلين ۽ سويلين ادارن جي ٽڪراءَ بجاءِ خود نان سويلين ادارن اندر مختلف مڪتبهءِ فڪر رکندڙ ڌرين جو هڪ ٻئي سان ٽڪراءُ به سمجهي سگهجي ٿو ۽ شايد اهو ئي سبب آهي جو ادارن جي نبض تي هٿ رکندڙ سياسي ڌُريون توڙي آمريڪي مزاج سان ٺهندڙ سياسي رُخ اختيار ڪندڙ ڌرين جو سياسي مزاج، گرمي کائڻ بجاءِ ٿڌيرو رهيو آهي ته امڪاني ٽڪراءَ ۾ پوءِ کڻي اهو نان سويلين ادارن جي اندر جو ٽڪراءُ هُجي يا ايران حملي جي صورت ۾ پاڪستان جي اسٽريٽجڪ پوزيشن کي استعمال ڪرڻ جو هُجي، ٻنهي صورتن ۾ سياسي ڌريون في الحال هن حڪومت کي وقت ڏيڻ چاهينديون هُجن ته ڀلي ان انتهائي فيصلا ڪُن بحراني دور ۾ ڪنهن به مڙهيل سنگين فيصلي جو بار اهو باوردي صدر پاڻ ئي کڻي ته بهتر آهي. خود وڪيلن جي تحريڪ به اڳتي هلي اُن ئي ٿڌائپ جو شڪار ٿيڻي آهي، ڇاڪاڻ ته بظاهر عدليه ۽ آرمي چيف جو نظر ايندڙ بحران، جوڊيشل ڪائونسل جي ان فيصلي کان پوءِ ماٺو ٿي ويندو، جنهن ۾ عين ممڪن آهي ته چيف جسٽس جي بحاليءَ جو فيصلو ڪيو وڃي. رُڳي ڪاري ڪوٽ جي نه، پر هر ”يونين“ جي سياست جون پنهنجون حدون ۽ پنهنجو طريقهءِ ڪار هُجي ٿو. يونين جي سياست جيستائين پنهنجي پاڻ کي مين اسٽريم جو حصو نه بنائيندي، تيستائين ان جي حقيقي ڪاميابي جا امڪان بنهه نٿا هُجن ۽ يونين جي سياست جيترو وڌيڪ وقت وٺندي، اوترو ئي سست ٿي، ڍري ٿيندي ۽ نيٺ اثر وڃائي ويهندي. اُن جي بنهه اُبتڙ سياسي تحريڪ جيترو وقت کائيندي، اوترو ماٺي ٿيڻ بجاءِ عوام کي متحرڪ ڪندي ۽ ان کي تحريڪ جو حصو بنائيندي. سياسي تحريڪون، عوامي تحريڪن ۾ تبديل ٿيڻ ۾ يقينن وقت کائينديون آهن. جڏهن ته يونين جي سياست گهڻي وقت تائين هڙتالي مزاحمت کي هلائي نٿي سگهي، ان سياست ۾ ”جوڙ توڙ“، ”ڏيتي ليتي“ جا گهڻا امڪان موجود هجن ٿا. حقيقي طور تي عدليه جي انتظاميه کان عليحدگي ڪيئن ممڪن ٿيندي، اُن کان شايد هيءَ تحريڪ مڪمل طور تي ڪاميابي ماڻي نه سگهي.

    بهرحال هن سڄي صورتحال جو تت فقط اهو ٿو نڪري ته آزاديءَ کان وٺي هيل تائين ايڊهاڪ ازم جي بنياد تي ادارن جي تخليق ۽ نظريهءِ ضرورت تحت اختيارن جي بيجا استعمال هن وقت پاڪستان کي اُن ڏکئي مرحلي تي پهچائي ڇڏيو آهي، جتي ڪي سگهارا ۽ طاقتور ادارا ته حڪومت جي ڪنٽرول کان به تجاوز ڪري ويا آهن، جڏهن ته سدائين لت هيٺ پيل ادارن تي لٺ موچڙي جو استعمال به حد کان ٽپي ويل نظر اچي ٿو. اُهو ئي سبب آهي جو ٻاهرين دنيا ۾ پاڪستان جي سڃاڻپ وارو اميج ڏينهون ڏينهن بدتر ٿيندو پيو وڃي ۽ ٻئي پاسي حڪومت ٻاهر ويٺل سياسي قيادت جي وطن واپسي، فري ۽ فيئر اليڪشن جهڙي ننڍي سطح جي مطالبن تي به راضي ٿيڻ بجاءِ ملڪ کي انارڪي جي ان غار ڏانهن ڌڪيندي پئي وڃي، جتي پوءِ ڪنهن باضابطه رياست ۽ ڪنٽرولڊ حڪمرانيءَ جو خواب ڏسڻ ۾ ممڪن نه رهندو، ڇو ته ايران کان پوءِ پاڪستان خلاف ڪارروائي جو خيال/ مشورو هاڻي به هوائن جي گردش ۾ موجود آهي.
    amarsindhu@yahoo.com
     
  20. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: امر سنڌو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    حڪومتي بحران ۽ آمريڪا جي بدلجندڙ پاليسي



    خميس 5 اپريل 2007ع

    اها تصوير، جنهن ۾ هن ٻه ڪتڙا پنهنجي ڪڇ ۾ کڻي پنهنجو پهريون لبرل پوز ڏنو هو، ۽ ڪمال اتاترڪ کي پنهنجو آئيڊيل چئي لبرل سياست جي دعويٰ ڪئي هئي، ان تصوير کي شايد ڏنڊا بردار برقعه پوش خواتين واري مارچ ڌنڌلو ڪري ڇڏيو آهي. مسجد حفصه واري مدرسي جون چند لٺ بردار عورتون لٺيون بانٺا کڻي ٻن ٽن عورتن کي فحاشي جي الزام ۾ پنهنجي قبضي ۾ رکي جنرل مشرف جي ”رٽ آف گورنمينٽ“ جي اسلام آباد ۾ ايسي ڪي تيسي ڪنديون رهيون. تاحال، انهن اغوا ڪندڙن خلاف ڪا به حڪومتي ڪارروائي ٻڌجڻ ۾ نه آهي. ٻئي پاسي ميڊيا تي ڌمڪي آميز لهجي ۾ لال مسجد جي عالمن کي بار بار ڏيکاريو پيو وڃي ته ”مدرسي جي طالبات کي معمولي نه سمجهيو وڃي، کين مخصوص ڪمانڊو تربيت حاصل آهي.“ ان مدرسي، مدرسي فريديه سان گڏجي ”اسلام آباد“ جي احاطي ۾ جهاد وسيلي اسلامي شريعت جي نفاذ جو اعلان ته ان ڏينهن ئي ڪري ڇڏيو، جنهن جي ٻئي ڏينهن تي حڪومت کي سياسي احتجاج کي مُنهن ڏيڻو هو. جهاد ڪندڙن جو اهو به چوڻ هو ته مدرسي جا ڪي ڏهه هزار طالب ان مقصد لاءِ پنهنجون جانيون قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهن. ان جهاد کان اڳ سرحد ۾ شريعت جي نفاذ لاءِ ڪي پمفليٽ بيڪن هائوس ۽ سٽي اسڪولن جي گرلس برانچن کي بند ڪرڻ لاءِ به موڪليا ويا هئا ۽ کين بند نه ڪرڻ جي صورت ۾ خودڪش بمباري جي ڌمڪي پڻ ڏني ويئي هئي.

    فحاشي جي اڏي هلائيندڙ خاتون خلاف ڪارروائي ڪندڙ مدرسي جي شهرت به ڪا اڄوڪي تاريخ ناهي. اربن رپين جي زمينن تي پکڙيل ان مدرسي جي فنڊنگ ڪٿان ٿيندي آهي؟ مدرسي وارن کان جڏهن اهو پڇيو ويو ته سندس جواب اهو هيو ته، ”اسان کي جن به شين جي ضرورت پوي ٿي، ان لاءِ اسان رڳي اکيون بند ڪري دعا گهرندا آهيون، ڪُجهه منٽن اندر اسان کي گهربل شيون رڌڻي ۾ ئي ملي وڃن ٿيون.“

    اسلام آباد ۾ قائم انهن مدرسن پاران بدڪاري خلاف ماڻهن جي پڪڙ ڌڪڙ ۽ گڏو گڏ دُڪانن تي چڙهائين جي ان سلسلي جي شروعات به عين انهن ڏينهن ۾ ٿي، جڏهن حڪومت جا ٻيا سڀئي ادارا ۽ ڪابينا جون صلاحون به موجوده سياسي بحران کي گهٽ ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿيون. عين ان مهل جڏهن ميڊيا تي عدالتي بحران ۽ سياسي احتجاج هڪ هاٽ اشو جيان ورتايو پئي ويو، اهڙو بحران جنهن مان نڪرڻ لاءِ حڪومت جون سڀ ڪوششون رائيگان نظر ٿي آيون، تڏهن انهن مدرسن جو تحرڪ ۾ اچڻ بنهه سمجهه ۾ اچڻ جوڳو آهي. پرڏيهه ۾ پنهنجي خراب ٿيندڙ ساک کي بچائڻ ۽ پنهنجي اقتدار جا ڏينهن طويل ڪرڻ ۾ جيتوڻيڪ خوف ۽ دهشت جي ان جن کي بوتل مان ٻاهر ڪڍڻ ۾ گهڻي تڪڙ کان ڪم ورتو ويو، جو سياسي تجزئي نگارن ان کي هاڻوڪي احتجاجي تحريڪ کي defuse (ڌنڌلو) ڪرڻ واري ڊرامي کان وڌيڪ اهميت نٿي ڏني. پر سندن اهو خيال به ڪو گهڻو غلط نه آهي ته اڳي جيان پرڏيهي طاقتن سان ”ڏي وٺ“ وارا مامرا طئي ڪرڻ جي خواهشمند ڌرين کي اها ڳالهه هاڻي گهڻي دير تائين ڦٻڻ بجاءِ سندن ڳچيءَ ۾ پئجندي نظر اچي رهي آهي، جو آمريڪي ڪانگريس جي موجوده حڪومت تي عدم اعتماد جا واضح اشارا به ملي رهيا آهن. آمريڪي ڪانگريس جي تحقيقي اداري ”ڪانگريس ريسرچ سروس“ پنهنجي تازي ظاهر ڪيل رپورٽ ۾ واضح ڪيو آهي ته ”آمريڪا کي پاڪستان سان پنهنجي تعلقات جو ٻيهر جائزو وٺڻ کپي.“ آمريڪا جي ڪنهن به ملڪ سان تعلقات جو تعين ڪندڙ اهو ئي ريسرچ ادارو هُجي ٿو، جيڪو پرڏيهي مامرن واري وزارت طرفان پنهنجون تحقيقاتي رپورٽون پيش ڪري، اُن کي تجويز ڪري ٿو ته ڪنهن به مُلڪ سان تعلقات جي نوعيت ان تحقيق جي آڌار تي هُجي.

    آمريڪا جي ”ڪانگريس ريسرچ سروس“ جي رپورٽ جي پڌرائي موجب هاڻ آمريڪا کي صدر مشرف بجاءِ ٻين سياسي قوتن تي ڀاڙڻ کپي ۽ خاص طور تي ملڪ جي ٻين جمهوري قوتن کي ملڪي مامرن ۾ اڳتي آندو وڃي. حقيقت ته اها آهي ته ڪانگريس ۾ ڊيموڪريٽس جي اڪثريت پاڪستان جي موجوده سيٽ اپ کي جيئن جو تيئن جاري ڪرڻ جي حق ۾ بنهه ناهي. ڊيموڪريٽس سختيءَ سان پاڪستاني امداد کي دهشتگردي خلاف مڪمل تعاون ۽ ملڪ ۾ جمهوريت سان مشروط ڪرڻ چاهين ٿا. آمريڪي ڪانگريس پاران آمريڪي امداد کي طالبان جي خاتمي سان مشروط ڪرڻ وارو بل به سينيٽ ۾ بحث لاءِ پيش ٿي چُڪو آهي. ان بل ۾ آمريڪي صدر کان پڻ ان ڳالهه جي خاطري ورتي ويئي آهي ته اهو آمريڪي ڪانگريس لاءِ باقائده هڪ تصديق نامو پيش ڪري ته پاڪستان پنهنجي سر زمين کي طالبان جي چُرپر ۽ سرگرمين کي روڪڻ لاءِ ڪتب آڻي رهيو آهي ۽ جيڪڏهن آمريڪي صدر اهڙو ڪو به تصديق نامو پيش ڪرڻ کان قاصر رهي ٿو ته آمريڪا ۽ پاڪستان جو دفاعي ۽ فوجي مامرن ۾ تعاون وارو تعلق ختم ڪيو ويندو. ”اعتدال پسندي“ ۽ ”جمهوريت پسندي“ کي به فقط تقرير ۽ نعري جي حد تائين نه، پر حقيقي معنيٰ ۾ ملڪ ۾ لاڳو ڪرڻ جي شرط به آمريڪي ڪانگريس جي بل ۾ ايئن شامل آهي ته پاڪستان ٻه هزار ست واري چونڊن ۾ آزاد ۽ منصفاڻين چونڊن جي خاطري ڪرائي. جيتوڻيڪ عدالتي بحران تي به آمريڪا ڪرڙي اک رکندڙ آهي، ان سلسلي ۾ آمريڪا جي نائب پرڏيهي وزير بائوچر جو اهو بيان به معنيٰ کان خالي نٿو سمجهي سگهجي، جنهن ۾ هن علي الاعلان چيو ته ”هڪ اهم عدالتي شخصيت مٿان الزامن جي حساسيت تي سندن ڪڙي نظر آهي.“

    اڃان عدالتي بحران جو مامرو شروع ئي نه ٿيو هو ته ڊڪ چيني جي دوري به انهن دڙڪن کي واضح ڪيو ته هاڻ آمريڪا مامرو صاف ڪرڻ چاهي ٿو. ڇو ته سندن چواڻي ته يارهين سيپٽمبر کان پوءِ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ساٿاري طور آمريڪا، پاڪستان کي ڏيڍ ارب آمريڪي ڊالر جي امداد ڏيڻ سميت ٻين دفاعي ۽ فوجي سودن کان سواءِ دهشتگردن خلاف ڪارروائي جي مد ۾ آمريڪا اسي ملين ڊالر ماهوار جي حساب سان مشرف حڪومت کي هيل تائين پوڻا پنج ارب ڊالر ڏيئي چُڪي آهي. جنرل مشرف تي ڀاڙڻ سبب هيل تائين آمريڪا پاڪستان ۾ جمهوريت کي ان جو اندروني مامرو قرار ڏيندو پئي آيو، پر هاڻ جڏهن هن حڪومت کي گهران ئي سيڪ اچڻ شروع ٿيو آهي ته عالمي ترجيحات جي تبديلين جا امڪان به ڪنهن قدر واضح نظر اچڻ لڳا آهن. حقيقت اها آهي ته عدالتي بحران جهڙي ريت وڪيلن جي تحريڪ سميت مخالف سياسي پارٽين کي روڊن تي آندو آهي، اتي تبديليءَ کان سواءِ رستن تي آيل هجومن جي واپسي ڪنهن به صورت ۾ ممڪن نٿي لڳي. ان سان گڏ اسلام آباد ۾ ان نئين جهاد واري ريهرسل به شايد حڪومت کي ايئن ڏکي پئجي وڃي، جيئن وڪيلن جي احتجاج ۾ ”غير وڪيلن“ جي ڀرتي وسيلي پنهنجي حق ۾ نعرا هڻائڻ واري ايڪٽوٽي کين ڳچيءَ ۾ پئجي ويئي. جيتوڻيڪ ان واقعي کان اڳ ڪارن ڪوٽن ۽ ڪارين ٽائين جي خريد و فروخت جو پهريون دفعو ذڪر ته حڪومتي حلقن ئي ڪيو، پر کين وڪيل برادري جي اتحاد جي سگهه ۽ عدالتي اعليٰ شخصيت خلاف ريفرنس واري چڙ جو شايد صحيح اندازو نه هيو. اڱاري ڏينهن وارو احتجاج رڳو ان ڪري به انوکو نه هو ته سڄي مخالف ڌُر پنهنجي اعليٰ قيادت سميت سپريم ڪورٽ ٻاهران سياسي مارچ ڪندي نظر ٿي آئي، پر اهو احتجاج ان ڪري به منفرد هو جو هاڻ اهو احتجاج گهڻو وقت هلڻ ڪري سگهه وڃائڻ بجاءِ سياسي تحريڪ جي شڪل اختيار ڪندو پيو وڃي. سياست جي پراڻن رانديگرن کي ته بيشڪ ضياءَ دور جا اُهي ڏينهن پيا اکين آڏو ڦرندا هوندا، جڏهن سپريم ڪورٽ ٻاهران وڪيلن ۽ سياسي ڪارڪنن جا هجوم اڄ کان ويهه پنجويهه سال نعري بازي ڪري رهيا هئا ته، ”پاڪستان کان مطلب کيا، لاڻهي گولي مارشل لا“.

    سپريم ڪورٽ جي عمارت اندر جڏهن لاهور هاءِ ڪورٽ جي وڪيل ۽ ريٽائرڊ ڪرنل انور آفريدي احجاج طور پنهنجا سمورا فوجي تمغا هوا ۾ اڏائيندي ماڻهن جي پيرن ۾ ڦٽا ڪيا ۽ پاڪستان ۾ جمهوريت جي بحالي ۽ عدليه جي آزاديءَ جي خواهش ڏيکاري ته علامتي طور تي ماڻهن ان کي سياسي احتجاج آڏو غير سياسي اداري جي شڪست سان ڀيٽيو. لاهور جي مال روڊ تي پنجاب جي وزير اعليٰ جي تصويرن ۽ بينرن کي ڏنل باهين سان گڏ اعليٰ حڪومتي ادارن جي سربراهن جي پتلن کي باهيون ان ڳالهه جي يادگيري ڏيارينديون رهيون ته هيءُ هاڻ ايم آر ڊي جيان هڪ مخصوص صوبي جو احتجاج ناهي، جنهن کي ڇيڀاٽڻ حڪومت لاءِ ايترو آسان ٿئي. سياسي جماعتون ان ڏس ۾اڳتي هلي ڪهڙي حڪمت عملي اختيار ڪن جو کين هاڻوڪي سيٽ اپ مان مڪمل طور تي نجات ملي، اهو ته في الحال ڪجهه چئي نٿو سگهجي، پر هاڻوڪي تحريڪ کي فقط موجوده سيٽ اپ جي ظاهري تبديلي تائين محدود ڪرڻ وڏي ڀل هوندي. هن تحريڪ کي ان معنيٰ ۾ ته پاڪستاني تاريخ ۾ منفرد حيثيت حاصل آهي جو اهو پهريون دفعو آهي، جو عدليه هڪ اداري طور اقتدار تي ويٺل هڪ ٻي غير سياسي اداري جي آئيني ۽ قانوني حيثيت کي چئلينج ڪيو آهي. ان کان اڳ هميشه ايئن ٿيندو آيو آهي ته هڪ پاسي ملڪ جي نان سويلين قوت ۽ ٻئي پاسي سياسي قوت اقتدار جي حقيقي منتقليءَ لاءِ هڪ ٻئي سان تڪرار ۾ ايندا رهيا آيا آهن. هن دفعي جيئن ته عدليه هڪ اداري طور ان سموري تڪرار جي قانوني ۽ آئيني نڪتن تي پنهنجي موقف سان سامهون آئي آهي، تنهن ڪري اهو معاملو جيڪڏهن مناسب حڪمت عملي سان هلايو ويو ته سياسي قوتون پنهنجي تحريڪ کي ڪنهن نتيجه خيز مرحلي تائين پهچائي سگهن ٿيون.

    جيستائين اخلاقي فتح جي ڳالهه آهي ته ماڻهن جا هجوم جهڙي طرح سان غير فعال چيف جسٽس کي موٽ ڏيئي رهيا آهن، ان مان ثابت ٿيو آهي ته نتيجي تي پهچڻ کان اڳ ئي چيف جسٽس ان ڪيس ۾ عوام جي همدردين سان اخلاقي فتح حاصل ڪري چُڪو آهي.

    سپريم ڪورٽ آڏو ڳاڙهن ۽ ساون جهنڊن جي هجوم ۾ عوامي تحريڪ جا جهوليندڙ جهنڊا بيشڪ ان ڳالهه کي تقويت بخشيندا رهيا ته سنڌ جي قومي جدوجهد کي ملڪ جي جمهوري جدوجهد ۾ شموليت کان سواءِ ڏسڻ وڏي ڀُل ٿيندي.
    amarsindhu@yahoo.com
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو