جواب: امر سنڌو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔
هڪ عورت جي قتل جو الميو ۽ نئين حڪومت
سومر 31 مارچ 2008ع
ڪروڙين ٻين هم وطنن جيان، ان ويل مون به پنهنجي وجود ۾ قيد رقص کي آزاد ڪرڻ ٿي چاهيو، جيڪو خون جي آبياريءَ سان وجود ۾ ايندڙ پارليامينٽ واري فلور تان نئين قائد ايوان پاران پهرين اعتماد جي ووٽ وٺڻ واري تقريب جي پڄاڻيءَ تي ڪيل تقرير کان پوءِ ازخود اندر ۾ اڀري پيو هو. مون قائد ايوان جي تقرير نه ٻڌي هئي، منهنجي دوست گلشن لغاريءَ جي مبارڪ، ميسيج جي صورت ۾ پهتي هئي. هن پنهنجي واڌائين ۾ چيو هو ته ”شاگرد يونين ۽ پورهيت يونين تان پابنديءَ جي خاتمي جو اعلان ٿيو آهي.“
مون کي دادو شگر مل، پاڪستان اسٽيل مل، پي ٽي سي ايل ۽ ڪيترن ئي ادارن جي پورهيتن جي وهايل خون رائيگان مان خوشبو اچڻ لڳي هئي. اها واڌائي مون دل جي گهرائين سان ٻين کي فارورڊ ڪرڻ ٿي گهري. مون کي پنهنجي ڪئمپس ۾ ڪٺل شاگرد نئون وجود وٺندي محسوس پئي ٿيا. ڪرمنلز جي هٿن ۾ يرغمال شاگرد اڪثريت لاءِ بند ٿيل اونداهي گهٽيءَ جي ٻئي ڇيڙي تي مون کي روشني نظر آئي. منهنجي پنهنجي ڪئمپس ۾ منهنجي پنهنجي مادر علميءَ ۾ رينجرس جي بي پناهه گشت ۽ وک وک تي پوليس چوڪين جي باوجود، هاسٽل جي ڪمري ۾ ٽيڪسي ڊرائيور جي پٽ سان ٿيل ”گينگ ريپ“ تي پنهنجي استاد تنظيم جي سبيل چپن، يونيورسٽي انتظاميه جي مجرمانه خاموشي، پنهنجي مصلحت پسندي ۽ شاگرد اڪثريت جي بيوسيءَ جي سدباب جي هڪ هلڪي روشنيءَ جي ڪرڻي جهڙي اميد نظر آئي هئي. ڌڻن جيان هاسٽلن ۾ واڙيل اڪثريت جي دردن جو درمان نه سهي، پر دانهن ڪرڻ جيتري آزادي محسوس ٿيڻ لڳي هئي. پوائنٽ بسن ۾ جانورن جيان سٿيل شاگردن کي مون ساهه کڻڻ جيتري وٿي ملندي پئي محسوس ڪئي. اها اوچتي مليل خوشي هئي، جيڪا وجود ۾ قيد رقص، چپن ۾ دٻايل احساس کي هڪ لحظي ۾ آزاد ڪرڻ جي سگهه رکي پئي.
”ڪنهن کي مبارڪ باد ڏجي؟؟“
”قائد ايوان کي... ملڪ جي وزير اعظم کي...“
”صاحب اقتدار پارٽيءَ جي قيادت کي... جنهن ان خوشخبريءَ تي لحظي ڀر لئه ئي، پر خوش ٿيڻ، رقص ڪرڻ ڏنو...“
يا وري ان مٽيءَ ۾ لٽيل، صدين کان غلام گردشن جي چڪرن ۾ ڦاٿل، جڳن کان ڏکن سان سمجهوتو ڪري ويهندڙ خاموش اڪثريت کي... يا اڃا به... اڃا به ان هٿين خالي، پيرين اگهاڙي، اکيون آليون ڪيل، غصي ۾ ڀريل طاقت جي ايوانن کي پير سان ٿڏي ڇڏڻ واري فيصله ڪن جنگ لاءِ تيار، ان باغي، ان مشتعل، ان باشعور عوام کي اها مبارڪ پهچائجي، جنهن گهڙيءَ کن لاءِ ئي سهي، پر طاقت جي سڀني مرڪزن جي نشانين کي ارڙهين فيبروري تي پيرن هيٺ لتاڙي، هڪ نئين رستي، هڪ نئين عزم جي ابتدا ڪرڻ جي همت ڪئي.
هيءَ مبارڪباد مون عوام سان گڏ 27هين ڊسمبر جي ان شهيد ڌيءُ کي به موڪلڻ ٿي چاهي، جنهن جي خون کان پوءِ اهو نعرو چپن تي نغمه عوام بڻجي گونجيو هو ته:
”بي بي تيري خون سي، انقلاب آئي گا.“
ها، هي بورجوازي سياست آهي... ڪامريڊ دوست ان کي سترهين آڪٽوبر واري انقلاب سان ڀيٽڻ جي ڀل نه ڪن ها. اها وڏيرن، سرمائيدارن جي پارليامينٽ ئي آهي، پر اسان ان کي بوگس پارليامينٽ چئي، انهن جا همنوا نه ٿينداسين. جن بوگس ۽ ڪرپٽ پارليامينٽ جي پروپيگنڊه سان سٺ سالن مان چاليهه سالن کان مٿي اسان تي سڌي حڪمراني ڪئي. هي وڏيرن، سردارن، سرمائيدارن جو ايوان ڀلي ئي هجي، پر اسان پاڻ تي چاليهه سال حڪمراني ڪندڙن جا همنوا ۽ انهن جي همنوائن جا همنوا ٿيڻ بجاءِ هن کي بوگس پارليامينٽ چوڻ بجاءِ هن کي خون مان تشڪيل ڏنل ايوان سمجهندي، ان خون جي وارثي ڪندي، هن ايوان کي عوام جي امانت، عوام جي خواهشن، امنگن جي امين بنائڻ واري جدوجهد کي معتبر ۽ محترم بنائڻ ضرور گهرون ٿا، پر هن ايوان جي توهين اسان کي ائين زيب نٿي ڏئي. اهو اسان جي دانش، اسان جي ڏاهپ ۽ اسان جي سياست کي سونهين نٿو ته هن ايوان کي بوگس ايوان چئي، عوام جي چونڊ جي توهين ڪري.
مون بيشڪ ته اها خوشي، اها مبارڪ ڳڙهي خدا بخش جي تازي قبر کان ويندي، قائد ايوان، قائد پيپلز پارٽي ۽ ان جي حقيقي وارث عوام سان شيئر ڪرڻ ٿي چاهي. پشاور يونيورسٽيءَ جي ڪئمپس ۾ شاگردن جيان مون به جهومڻ چاهيو پئي، پر شهدادڪوٽ ويندي، انڊس هاءِ وي تي ميهڙ باءِ پاس جي وچ سڙڪ تي پيل ”کٽولي“ منهنجو ڄڻ ته رستو روڪي ورتو. ڄڻ ته هن منهنجي اندر جي ان سڄي خوشي، وجود ۾ ڀريل رن رقص کي لحظي ۾ ڪاوڙ، ڏک، بيوسي ۽ ڌڪار ۾ تبديل ڪري ڇڏيو.
وچ سڙڪ تي پيل کٽوليءَ تي هڪ عورت جو لاش پيل هو. عورت، 31 سالن جي... ستن ٻارن ماءُ. هوءَ پنهنجي مڙس هٿان گولين سان گهائي ويئي هئي. وچ انڌاري، رات جي چئين وڳي سندس چهري تي گوليون هلائي سندس چهرو چچري، کيس ماريو ويو هو.
اهو کٽولو، ٽن ڪلاڪن کان ان ٻرندڙ سج هيٺان وچ سڙڪ تي پيل هو. لاش جي سيرانديءَ وٽ شايد سندس ڀاءُ بيٺل ۽ ٻيا سندس مٽ، سندس مائٽ. سندس ڳوٺائي، ساڳي ئي روڊ تي ڌرڻو هڻي بيٺل هئا.
”هيءُ ڌرڻو به دادو جي ايس پي چوڪ تي لڳل واپڊا واري ان ڌرڻي جيان واپڊا خلاف هوندو.“ جڏهن اسان جي گاڏي اتي بيٺي ته مون سوچيو هو. جڏهن پڇا ڪرڻ تي پتو پيو ته اهو مڙس هٿان بيدرديءَ سان قتل ٿيل رخسانه ڀٽيءَ جو لاش آهي ته پوءِ مون لاءِ ۽ منهنجي ساٿي دوست عطيه دائود لاءِ گاڏيءَ ۾ ويهي ڌرڻي ختم ٿيڻ جو انتظار اجايو هو. اسان ان احتجاج، ان ڌرڻي جا شريڪ هئاسين. اهو بيدرديءَ سان قتل ڪيل هڪ مقتول جي لاءِ احتجاج هو، ان ڪري اهو اسان جو به احتجاج هو.
کٽولي هيٺان رت اڃا به ٽمي رهيو هو. جيتوڻيڪ ان وقت ٻن پهرن جو ٽائيم اچي ڀريو هو. صحافين جا ڍڳ به بيٺل هئا، پر نه حد واري ٿاڻي جو ڪو پوليس اهلڪار هو ۽ نه ئي ان احتجاج تي ڪنهن ٿاڻي، ڪنهن اسپتال جي ايم ايس کي ڪو خطرو هو. احتجاج حقيقتاً ته هو ئي ان تعلقي اسپتال ۽ ٿاڻي جي انهن عملدارن خلاف، جيڪي وقت سر ڪا ڪارروائي ڪرڻ کان قاصر رهيا. اهو پوليس ڪيس هو، اهو قتل هو، پر عورت جو لاش ڪي ڪلاڪ ان تعلقي اسپتال ۾ پيل هو، جتي حسب معمول ڪا ليڊي ڊاڪٽر پوسٽ مارٽم لاءِ موجود نه هئي.
”اهي ڊاڪٽرياڻيون پنهنجون ذاتي ڪلينڪون هلائينديون يا غريبن لاءِ سرڪاري اسپتالن ۾ موجود هونديون؟. ڊاڪٽرياڻي اسپتال ۾ موجود نه آهي.“
”ڇا تعلقي اسپتال ميهڙ ۾ فقط هڪ ئي ليڊي ڊاڪٽر آهي، جيڪا ميهڙ ۾ پنهنجي پرائيويٽ ڪلينڪ هلائڻ باوجود تعلقي اسپتال جي ڊيوٽي تي موجود نٿي هجي.“ عطيه دائود کانئن پڇا ڪئي، جنهن تي ڳوٺاڻن جا ڪئين جواب هئا. ليڊي ڊاڪٽرن جي عام ويم ڪيس لاءِ به دستياب نه هجڻ کان وٺي، ”مٿان“ موڪلون وٺي اچڻ وارو قصو به شايد فقط ميهڙ نه پر سنڌ جي ڳوٺاڻن علائقن ۾ موجود سڀني سرڪاري اسپتالن ۾ لڳ ڀڳ ساڳيو آهي. ڳوٺاڻي سنڌ ۾ ڪيتريون ئي عورتون ويم جهڙي عام ڪيس ۾ به بي موت مرن ٿيون. انهن انگن اکرن جا جيڪڏهن حساب ڪتاب ڊاڪٽر شير شاهه کان وٺجن، ته لڱ ڪانڊارجيو وڃن. پوليو قطرا پيئارڻ جا هيترا رائونڊ ٿيڻ باوجود سنڌ ۾ اڃا تائين پوليو ڪيس ڇو ٿا ظاهر ٿين؟. ان جو حساب ڪتاب به جيڪڏهن ”صحت کاتي سنڌ“ کان وٺجي ته شايد فرض جي ڪوتاهيءَ ۾ رڳو سيڪريٽري صحت ئي نه پر گورنر هائوس کان وزير اعليٰ هائوس به شايد تفتيش جي دائري ۾ اچي وڃن. عطيه ليڊي ڊاڪٽر کي فون ملايو. سندس چواڻي ته ”حيدرآباد ۾ آهي.“ ان جي جاءِ تي ڪهڙي ليڊي ڊاڪٽر ڊيوٽي ڪري رهي آهي؟ اهو پڇڻ لاءِ ميهڙ اسپتال جي ايم ايس کي فون گهمايو ٿو وڃي. عطيه کانئس پڇا ڪري ٿي. ”ڄٽن جي پٽن کي پتو ناهي ته پوسٽ مارٽم وچ سڙڪ تي نه، پر اسپتال ۾ ٿيندو.“ هو ايم ايس جي ڪرسيءَ تي ويٺل هو. بظاهر ڏاڍي عزت ڀرئي عهدي تي. پڙهيل، سُڌريل ۽ مهذب انساني سڀاءُ رکندڙ لهجو متوقع هو. پر هيءُ لهجو ته ڪنهن ميڊيڪل آفيسر نه پر ٿاڻي تي ويٺل نان ميٽريڪيوليٽ سپاهيءَ جو ٿي لڳو.
هو مسلسل ڏاڍيان آواز ۾ بدڪلاميءَ واري لهجي ۾ احتجاج ڪندڙن، مقتوله جي وارثن لاءِ ڳالهائي رهيو هو.
ٻئي پاسي ڳوٺاڻا، مقتوله جا وارث ٻڌائيندا رهيا ته هو مقتوله جو لاش اٺين بجي کان يارهين بجي تائين اسپتال جي آڳر ۾ رکيو ويٺا هئا، پر کين نيٺ بنا پوسٽ مارٽم موٽايو ويو ته ”ليڊي ڊاڪٽر موجود ناهي.“
ريپ ڪيس ۾ هر حال ۾ ليڊي ڊاڪٽر کي ئي پوسٽ مارٽم لاءِ معائنو ڪرڻو ٿو پوي، پر هتي ته مقتوله جي جسم جي ظاهري حصي يعني منهن تي فائر ڪري کيس ماريو ويو هو. اتي ڇا ڪو مرد ڊاڪٽر پوسٽ مارٽم ڪرڻ لاءِ زخم جي پيمائش نٿو ڪري سگهي؟ اسان قانوني طور تي اهو ڄاڻڻ کان قاصر هئاسين.
ان وچ ۾ ڌرڻي ختم ڪرائڻ لاءِ ٿاڻي تان ايس ايڇ او آپريشن پهچي چڪو هو. پوليس جي وردي، قانون نافذ ڪندڙن جا هٿ هميشه مجرمن بجاءِ مظلومن جي ڳچيءَ ۾ ڇو نظر ايندا آهن؟. هن مملڪت خداداد ۾ پاڻ اهو سمجهڻ کان يقيناً قاصر آهيون. ايس ايڇ او جو زور هو ته ”ڌرڻو ڪيئن به ڪري ختم ٿئي.“
”پوسٽ مارٽم کان سواءِ ڌرڻو ختم نه ڪنداسين.“
”اسان ايم ايس ميهڙ کي ڪجهه نٿا چئي سگهون.“ اتي شايد عهدي، شايد سماجي رتبي کان پنهنجو قانون جو محافظ ڏاڍو مرعوب هو. هوڏانهن ايم ايس جو لهجو، ايم ايس جو انداز اهو هو ته انهن چند ماڻهن جو... (جن مان گهڻا مون ڏٺو ته اهڙي ڪاڙهي ۾ ڏامر واري سڙڪ تي پيرن اگهاڙا ٿي نظر آيا) ڌرڻو... احتجاج... دانهن ڪوڪ کيس ڇا ڪندو؟
مون کي ياد آيو هو ته اهو ئي ميهڙ آهي. اهو ئي ميهڙ ايم آر ڊي... جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ ويٽنام بڻيل... جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ نه وسارجو، هن شهر جو رت به شامل آهي. ڪيترن ئي سالن کان هڪ ئي خاندان جي اثر هيٺ رهندڙ هن شهر جي سرڪاري عمارتن جي والي وارثن کي شايد اڃا به عوامي احتجاج جي اصل ذائقي جو اندازو نه ٿيو آهي. ڪامورا شاهيءَ جو مزاج شايد اڃا به بدلجڻ لاءِ تيار ناهي.
ٽن ڪلاڪن کان هڪ عورت جي لاش وارو کٽولو هڪ انڊس هاءِ وي بلاڪ ڪيو بيٺو آهي. ٻرندڙ سج جي تپندڙ اُس ۾ لاش de compose ٿي رهيو آهي. مون کي ان وقت دادوءَ جي ڪنهن به نئين چونڊيل نمائندي جو نمبر نٿو هٿ اچي، مون کي دادوءَ جي ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر جو نمبر/ نالو نٿو ملي. منهنجو هن ايس ايڇ او کان مٿي سطح واري پوليس آفيسر سان رابطو نٿو ٿئي. ميهڙ جي ايم ايس جو لهجو/جواب اڳ ئي ملي چڪو هو. انڊس هاءِ وي جي ٻنهي پاسي بيٺل سوين گاڏين ۾ ويٺل ماڻهن کي احتجاج ڪندڙن تي غصو اچڻ شروع ٿئي ٿو. ”اسان ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي...؟؟“
انهن جو ڏوهه ، ننڍو نه وڏو هو... هو ملڪ جي رياستي ادارن کي فرض ۾ ڪوتاهي ڪرڻ تي کين سزا ڏيڻ نه سکيا هئا. هنن جو ڏوهه وڏو هو ته هو نا انصافيءَ خلاف ان احتجاج ۾ شريڪ ٿيڻ بجاءِ محض تماشائي بڻيل هئا. تماش بيني وڏو ڏوهه آهي. نا انصافيءَ خلاف احتجاج ۾ شريڪ نه ٿيڻ وڏو ڏوهه هو.
سج جي گرمي وڌي چڪي هئي، لاش de compose ٿي چڪو هو. ماڻهن جي غصي تي لاش جي وارثن کٽولو ٻيهر ڪلهن تي کنيو هو. هو پڻ غصي ۾ هئا. ”اسان توهان جي احتجاج جا شريڪ آهيون. جيڏانهن به هلو، ٿاڻي تي يا اسپتال ۾.“ ايم ايس آڏو مون ۽ عطيه کين آخر تائين چيو، پر هو de compose ٿيل لاش کڻي، مٽي ماءُ حوالي ڪرڻ لاءِ ڳوٺ جي قبرستان ڏانهن روانا ٿيا هئا. ان لاش منهنجي اندر جي رقص کي بلاڪ ڪري ڇڏيو هو.
پاڪستان جو عوام... قائد ايوان... قائد پيپلز پارٽيءَکي منهنجي مبارڪ شايد ان نئين اعلان جمهوريت، خوشخبريءَ نجات تي سندن ڪنن تائين تيستائين نه پهچي، جيستائين منهنجي وطن جي ڪا سڙڪ، ڪنهن لاش سان بلاڪ ٿيندي نظر ايندي... شايد تيستائين جيستائين رخسانه، ستن ٻارن جي ماءُ جي قاتل تائين قانون جي پهچ نه ٿئي. جيستائين سرڪاري ادارن ۾ ڪرسين تي ويٺل ڪامورن کي عوام جي احتجاج تي وٺ ٿيندي، سندن پڪڙ ٿيندي نه ڏسبو. ٿورو پنهنجي قائد ايوان کي اهو به ٻڌائجي ته شهيدن جي رت جي آبياريءَ سان عوامي ايوان وجود ۾ ته اچي سگهن ٿا، پر ان ايوان جي بقا جو سوال ٻين سمورن مسئلن هوندي، سندن نمائندن جي ان ڪارڪردگيءَ سان ضرور ڳنڍيل آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ميهڙ جي رخسانه ڀٽي جهڙن ڪئين بيگناهن جي موتن جو انصاف نٿو ٿئي... عوامي ايوان جي نمائندن توڙي قائد ايوان کي وري به... وري ياد ڏيارجي ته وزير اعظم لاءِ اعتماد جي ووٽ جي ضرورت فقط عوامي ايوان جي صاحب اقتدار توڙي حزب اختلاف جي عوامي نمائندن کان ئي نه ملڪ جي هڪ مصروف سڙڪ تي کٽولي تي لاش کڻي بيٺل ان ننڍڙي هجوم کان به آهي، جنهن جو احتجاج هن وقت ته ڀلي حد جي ٿاڻي ۽ تعلقي اسپتال جي ديوارن ۽ ان جي پر آسائش آفيسن تي پهچڻ کان اڳ ئي دم ٽوڙي ٿو ويهي، پر وقت جي ڪک ۾ پلجي اهو احتجاج ڪنهن ڏينهن به اقتدار جي سمورن پيل پاون کي لوڙهي سگهي ٿو.
amarsindhu@yahoo.com