جواب: امر سنڌو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔
اچو ته هڪ آدرشي سنڌ جو رستو کوٽو ٿيڻ کان بچايون!
ڇنڇر 4 جولاءِ 2009ع
”جيئن ڪڪڙ سير وجهي ڦٿڪڻ لاءِ ڇڏبو آهي، تيئن انهن ظالمن منهنجي شازيه کي قسطن ۾ ماريو. پهرين گولي هنن شازيه کي ڪک ۾ هنئي، هوءَ ڦٿڪندي رهي ته ٻين عورتن کي ڪمري کان ٻاهر ڪڍيو ويو...پاڻ بچائڻ لاءِ هُن پنهنجو هٿ آڏو ڏنو ته ٻي گولي هن جون ٽي آڱريون چيري ڇڏيون هيون...هوءَ اڃا ڦٿڪي پئي ته اوڙي پاڙي مان ڪنهن گولين جو آواز ٻڌي رڙ ڪئي ته ڪنهن کي ٿا بيگناهه ماريو...جوابدار وري ڪمري کان ٻاهر نڪري شازيه کي ڦٿڪندو، لڇندو ڇڏي پاڙي واري کي ڇڙٻ ڏيندي چيو ته، ڀڄ هتان نه ته توکي نه اُن سان ڪارو ڪريان ۽ هو واپس آيو، شازيه کي اڃا ساهه هو...هن ٽئين گولي سندس اک ۾ هنئي، جيڪا اک جو تارو ڇليندي ٻئي پاسي کان نڪري ويئي....“ هوءَ شازيه جي بدنصيب ماءُ هئي، سندس اکين جا ڳوڙها خشڪ هئا، سندس ٻوليءَ ۾ باهه ۽ سندس اندر ۾ ٽانڊن تي لمحو لمحو پچندڙ وجود هو. هن جو سڄو وجود ڦٿڪي ۽ لڇي رهيو هو، جڏهن هوءَ سوشل سائنس جي فائنل ايئر جي پنهنجي خوبصورت ڌيءَ شازيه ابڙو جي قتل جي واردات بيان ڪري رهي هئي. ”توهان جوان آهيو، توهان کي خبر آهي ته جواني جو نور ڇا هوندو آهي، جواني جي روشني ۾ ڪيڏي نه چٽائي هوندي آهي، قاتل قهاري، ان نور جو نشانو وٺي گولي چٽي.“ هن ماءُ جي دانهن عرش هلايو ٿي يا نه، پر اسان جا روح ڏڪيا ٿي ته جن عورتن جا معصوم ٻار ائين ڪٺا وڃن، سي ڪيئن نه ٻه اڌ ٿي زندگي گهارينديون آهن. هن دانهن ڪندي، پيٽ تان ڪپڙو مٿي ڪندي چيو، ”هن پيٽ ۾ مون کيس ڏهه مهينا پنهنجي رت سان جوڙيو هو، مون اوجاڳن سان، پيٽ بکيئي سان، ڏک سور سان کيس پاليو هو. منهنجي مالڪي، هڪ ڏينهن ۾ بندوق جي فائرن سان ختم. هنن منهنجو آنڊو وڍي، منهنجو پيٽ چيري ڇڏيو آهي، هنن منهنجي ارمانن جو خون ڪيو آهي، هنن ”ڪارنهن“ جي ٽڪي سان منهنجي کير جهڙي اجري ڌيءَ ڪٺي آهي.“ هن وڌيڪ دانهيون ته، ”هنن رات جي ماني لاءِ کين سڏايو هو، سئو رپين جو ڪڪڙ ڪهي هنن منهنجي ٻارن جي دعوت ڪئي هئي ۽ پوءِ هنن بندوق جي فائرن سان منهنجي ڌيءَ ڪهي حرام ڪئي ۽ پنهنجو سئو رپئي جو ڪڪڙ حلال ڪيو. منهنجي چوويهه سالن جي ڌيءَ جي ڄمار، منهنجي رت خون جا اوجاڳا انهن هڪ رات ۾ لاهي پورا ڪيا.“
هن هڪ ماءُ جو آنڊو ئي نه وڍيو ويو هو، پر هن جو روح به سير هڻي ڦٿڪڻ لاءِ ڇڏيو ويو هو. هن جي سموري ڄمار جا سور، ٿڪ، اوجاڳا، ذلتون ۽ زماني جا ڏنل زخم ٻيهر ساوا ٿي پيا هئا. ماضي ۾ هن بدقسمت ماءُ لاءِ نه ڪي وڏا سک هئا ۽ نه ڪي گهڻيون خوشيون هيون، شازيه هن جي سموري درد جي دوا بنجڻي هئي. ڪي اٺٽيهه سال اڳ هن ڳوٺ ملان ابڙو ڇڏيو هو، باقراڻي ٿاڻي جي حد ۾ ايندڙ لاڙڪاڻي جي ان ئي ڳوٺ ملان ابڙو ۾ اهو قهر جو پهريون واقعو هو، جنهن ۾ ”ڪارنهن“ جي الزام هيٺ هن ماءُ جي معصوم ڌيءَ کي خون ۾ وهنجاريو ويو. ”شازيه ڦٿڪي ڦٿڪي دم ڏنو هو، رت جو تلاءُ هو، جنهن کي ”ڍاڪون“ ۾ ڀري چانڊڪا اسپتال کڻي ويا...ڍاڪون ۾ ڀريل اهو خون، جيڪو شازيه جي بت مان نڪتو، سو منهنجو خون هو، منهنجي ٻچي جو خون...چانڊڪا وارن پوسٽ مارٽم نه ڪيو....منهنجو خون انهن به حرام ڪيو.“ هن ڳوٺ ملان ابڙو ڇڏيو، ان ئي نسوري ناحق کان، جتي ٻارن تي ماءُ کان وڌيڪ مالڪي ٻئي راڄ جي هئي. سليمان ابڙي (نامزد جوابدار) جي ڀيڻ جڏهن شازيه جي چاچي سان لائنون ٿي لڌيون، تڏهن وڏن پاڻ ۾ ويهي اها ڏي وٺ ڪئي ته ان سڱ بدلي شازيه جيڪا اُن وقت اڃا ٻن چئن سالن جي ٻار ئي هئي، تنهن جو سڱ سليمان جي ڀاءُ قمبر کي ڏنو ويندو. ”منهنجي شازيه، تنهن وقت راند پئي کيڏي ته ڇوڪري جي ماءُ اچي شازيه مٿان لٽو وڌو. مون ان وقت ڇرڪ کاڌو، اٿيس ۽ لٽو مٿانئس لاهي پٽ تي اڇليو ته ائين ڪيئن منهنجي ڌيءَ جو سڱ/مڱڻو ٿيندو، منهنجي شازيه عيبيل ۽ کريل ته نه هئي جو ساهيڙين، ماساتين جي وچ ۾ ويهي مڱڻو نه ڪري ها...مون اهو لٽو وجهڻ نه ڏنو، مون اهو سڱ نه قبوليو، مون سندن اها مالڪي نه قبولي. شازيه ننڌڻڪي نه هئي، ماءُ پيءَ واري هئي.“
ائين به نه هو ته ڪو باقراڻي ٿاڻي تي درج ٿيل ايف آءِ آر ۾ شازيه جي والد، جيڪو پاڻ آمريڪا، انگلينڊ جو پي ايڇ ڊي هولڊر، ٽنڊي ڄام جو پروفيسر، اعليٰ تعليم يافته هو، تنهن شازيه جي خوني جو نالو وٺڻ کان لنوايو هجي ۽ ائين به ڪو نه هو ته هن شازيه جي خون کي راڄوڻي دٻاءَ ۾ لکئي جو ليک سمجهي نظرانداز ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. هيءُ قتل جنهن جو فريادي سندس والد هو ۽ اکين ڏٺي شاهدن ۾ سندس ڀيڻ ۽ ڀاءُ عظمت ابڙي جو نالو آهي.
سنڌ ڪارين جو ديس آهي. قومپرستن لاءِ ڪارين ڪهڻ جو ڪاروبار غلامي جي نشاني ڀل هجي، پر ان غلامي ۾ جيڪڏهن ڪهاڙي عورتن تي ڳاڙهي ٿئي ته سوال ضرور اٿندو. هيءُ ته عجب ڪاروبار هو، جنهن ۾ ”ڪاري“ جو ٽڪو لڳائيندڙ نه ماءُ، نه ڀيڻ، نه پيءُ، نه ڀاءُ....ڪو پري جو مائٽ مالڪي ڪندي اچي ڪنهن ماءُ پيءُ جي ٻچي کي بنا ڏوهه، بنا ڪنهن حد حساب جي ”ڪارنهن“ جو نانءُ ڏيئي ائين خون ڪري وڃي. هيءُ ڀڳل ٽٽل سنڌ جو آئينو آهي، جنهن ۾ ماءُ پيءُ پنهنجي جگر گوشن جا لاش ائين کڻن ٿا، ڄڻ ننڌڻڪا هجن...سنڌ جي هن آئيني ۾ رڳو رياست جي قانون ۽ اختيار جو مهانڊو بگڙيل ناهي پر سماج جي هر فرد ۽ رشتي جو روح کريو پيو آهي. سنڌ هاڻ فقط سياسي تبديلي لاءِ نه، پر هڪ اهڙي همه گير سماجي انقلاب لاءِ پڻ واجهائي رهي آهي، جنهن ۾ رياست ۽ سماج جي هر خانه خرابي جو علاج ممڪن ٿي سگهي.
لاڙڪاڻي ساهه سيباڻي جو ڪچو چٺو کولجي ته معلوم ٿيندو ته اسپيڪر سنڌ اسيمبلي ۽ ٻه صوبائي وزارتون رکندڙ هن ضلعي ۾ هن قهر کي ڪيترائي مهينا گذريا آهن، پر ڪارروائي واري پاڇي ۾ اڄ به ٻڙي لڳل آهي. هيءُ توقير فاطمه جو ضلعو آهي، جيڪا عورتن جي ڀلائي واري وزارت جون واڳون سنڀاليندڙ آهي. پتو ناهي ته اها ذاتي طور تي ڪيتري بااختيار آهي، جو هن ڪيس جي پوئواري ڪري، هڪ ماءُ جي اڌ سڙيل جگر تي ڪو ڇنڊو وجهي سگهي. ها، هيءُ قانون جي وزير جو ضلعو پڻ آهي. ان ضلعي ۾ قانون لاڳو ڪندڙ اختيارين جو اهو ڪهڙو اختيار آهي، جو هڪ پڙهيل لکيل باشعور نينگري جو قتل ٿي وڃي ۽ مهينا گذرڻ بعد به ٿاڻي جي ڪارروائي ٻڙي نظر اچي. باقراڻي ٿاڻي تي فون ڪري، ان واقعي ۾ گهربل جوابدار جي گرفتاري لاءِ پوليس آفيسرن کان پڇا ته ڪري ڏسو، اتان هڪ ئي جواب هوندو ته ”ڏوهاري طاقتور آهي، مٿس پوليس مقابلن جا ڪيس آهن، توهان دعا ڪريو ته پڪڙجي.“ اها سنڌ پوليس جي ڪارڪردگي آهي، جيڪا دعائن جي آسري ۾ ڏوهارين سان پڄڻ جا پلان رکي ٿي.
سومهڻي جي ٻانگ ويل ڪٺل اها نياڻي شازيه ابڙو ان روايتي سڱ جي انڪار جي نتيجي ۾ موت جو کاڄ بڻي، جنهن ۾ کير پياڪ ٻارڙين کي بدي عيوض ڪنهن جي نانءُ ڪيو وڃي ٿو. اهو بدي جو سڱ هو، جنهن ۾ هڪ پاسي يونيورسٽيءَ جي گريجوئيٽ ڇوڪري هئي ته ٻئي پاسي آڱوٺي ڇاپ اميدوار هو. شازيه جي پروفيسر پيءُ ۽ ماءُ پاران جيتوڻيڪ اهو رشتو منڍ وٺي قبوليل نه هو، ان ڪري ان روايتي ماحول کان ٻاهر انهن ٻارڙين جي تربيت، تعليم ۽ ننڍپڻ ٽنڊي ڄام يونيورسٽي جي ڪيمپس جي آسپاس گذريو. چئن ڌيئرن ۽ هڪ پٽ جي ان ڪٽنب جيترو ممڪن هو، ان روايتي ڪلچر کان پنهنجو پاڻ کي بچايو. ڇوڪرين جي تعليم ان پروفيسر پيءُ نه، پر اڻ پڙهيل پر انتهائي باشعور ۽ سمجهو ماءُ جي ڪري ممڪن ٿي. ان پنهنجي ڌيئرن کي ائين پڙهايو جو کيس پتو هو ته عورت جي خودمختياري سندس معاشي آزادگي ۾ هئي. هن اسان کي گهر ۾ آجيان ڪندي چيو هو، ”توهان ڏسو سڀ پڙهيل ڳڙهيل پنهنجي پيرن تي بيٺل آهيو، پنهنجي مرضيءَ سان زندگي گذارڻ ۽ پئسو ڏوڪڙ خرچ ڪرڻ جهڙيون، نه ابي امڙ جي محتاجي، نه ئي اسان وانگي مڙس سميت سڄي راڄ جي غلامي...ٻه اکر جيڪڏهن پيٽ ۾ هجن ها ته اڄ ائين مون کي دانهون نه ڪرڻيون پون ها.“ عورت جي محتاجي جو احساس ۽ ان جي خودمختياري جي خواهش ئي هئي، جنهن ڪري شازيه جي ماءُ نياڻين جي تعليم ۾ پنهنجي مڙس کان گهڻا دفعا اڳڀري هئي. ”مون هن جا خواب ڏٺا ته پڙهندي، لکندي، نوڪري ڪندي ڪنهن جي محتاجي نه ڪندي...ٻن ٽڪن لاءِ راڄ جي غلامي نه ڪندي.“ هوءَ عورتن جي حقن واري فلسفي کان واقف نه هئي، ڪنهن تنظيم جي عورتن سندس شعور ۾ اهي ڳالهيون نه وڌيون هيون، عورت جي معاشي آزادگي ان عورت جو خواب هئي، جيڪا ڳوٺ ملان ابڙي ۾ ٻه اکر به پڙهي نه سگهي. اهو هڪ عورت جو تجربو هو، اها سندس زندگي جي حاصلات هئي ته هن جي ڌيءَ پڙهي لکي، نوڪري ڪري. ”هي ڏسو، منهنجي ڌيءَ جون مارڪون، منهنجي ڌيءَ پوزيشن کنئي هئي، هينئر ان جي سهيليءَ مارڪن جي لسٽ موڪلي هئي. شازيه ته امتحان ڏيئي ماماڻن جي شادي کائڻ ويئي، ڪنهن کي پتو هو ته کيس اتان دوکي ۽ دولاب سان پنهنجي گهر گهرائي چاچاڻا کيس ائين قسطن ۾ ڦٿڪائي ماريندا.“
شازيه جي رزلٽ اڃا هاڻ آئي هئي، هوءَ پوزيشن هولڊر هئي ۽ يقينن جڏهن هوءَ نوڪري ڪري ها ته سندس ماءُ جون رڳو اکيون ئي ٿڌيون نه ٿين ها، پر هن جي ان سپني جي تڪميل ٿئي ها، جنهن ۾ هن پنهنجي ڌيءَ کي لال ڪنوار ٿيڻ کان اڳ ۾ نوڪري ڪندي ڏسڻ چاهيو هو. هن جي ماءُ وٽ ڌيءَ جي زندگي جي پل پل جو داستان هو. پنهنجي ڀوڳنائن جي طويل سفر جو لمحو لمحو هن ورجايو ٿي...هن پنهنجي ماريل ڌيءَ جي ڄمڻ کان وٺي تڏي وڇائجڻ جو ذڪر ان درد سان ٿي ڪيو، جو اسان ستن ڄڻن لاءِ اهو ممڪن نه هو ته ڪو پنهنجا لڙڪ پنهنجي اکين ۾ قابو رکي سگهون. سڀ سڏڪندا رهيا هئاسين ۽ هوءَ پنهنجي ڪٺل ڌيءَ لاءِ پار ڪڍندي رهي هئي. ”هنن منهنجي ڌيءُ ڪاري ڪئي، اتي هنن ڪو ”ڪارو“ به ڪيو، جنهن کان هنن چار لک ورتا. منهنجي حصي ۾ ته قبر آئي، ڌيءَ جي رت ۾ ڀريل لاش آيو. هنن منهنجي ڌيءَ شهيد ڪري، ان جي رت کي وڪڻي عياشي ڪئي. هاڻ ميڙ منٿ راڄ وٺيو اچن ته نبيرو ڪريون، راڄوڻي ڪريون. هوءَ نياڻيون ٿا وٺي اچن، پاڪ ڪتاب ۽ ميڙ ٿا کڻي اچن، ان مهل اهي نياڻيون ڪٿي هيون، جڏهن منهنجي بيگناهي ڌيءَ تي ٽڪو هڻي شهيد ڪين. مان نبيرو ڪنديس هڪ صورت ۾ ته خون جو بدلو خون ٿيندو، باقي ايف آءِ آر ۾ داخل انهن عورتن جا نالا مان تڏهن ڪڍڻ ڏينديس، جڏهن هوءَ منهنجي شهيد ڌيءَ تي لڳايل الزام جا چار لک ڪاري ڪيل گهر کي واپس ڏيندا. ڪي ٽي اين جي خبرن ۾ ڏيندو ته منهنجي ڌيءَ ڪاري نه هئي، اخبارن ۾ بيان ڏيندا ته منهنجي ڌيءَ تي اها ڪوڙي تهمت هئي.“
کيس ڏک هو، ارمان هو ته سندس ڌيءَ کي ڪاري ڪري ماريو ويو، سندس عزت تي تهمت هڻي ماريو ويو، ان ڪري هن هڪ عام کري انسان جيان رڪارڊ صاف رکڻ ٿي چاهيو ته اخبارن، ٽي وي تي خبر اچي ته سندس ڌيءَ ”شهيد“ ٿي. هي سچ پچ به سنڌ جي اها پير چمڻ جهڙي ماءُ هئي، جنهن پنهنجي ڌيءَ کي ڪاري نه پر ”شهيد“ ٿي ڪوٺيو، ۽ سندس حقيقي لڄ جو ائين پي انصاف جو نبيرو ڪيائين ته مئي پڄاڻان به مٿس تهمت هڻندڙ ڌر کيس اعلانيه ڪارنهن جي تهمت مان آجو ڪري. نه رڳو اها ماءُ، پر شازيه جو اڪيلو ڀاءُ عظمت به حقيقي سنڌ جي جديد معاشري جي آمد جي علامت هو. جنهن ڀيڻ جي قتل کان ڪي ڏينهن پوءِ اچي منهنجي آفيس ۾ چيو هو ته ”ڪاري نه، منهنجي ڀيڻ بيگناهه هئي ۽ مان پنهنجي ڀيڻ جو خون لوڙهڻ نٿو چاهيان، منهنجي ڪيتري مدد ڪندئو.“ عظمت، نئين سنڌ، جديد سنڌ جي علامت آهي. اهڙي سنڌ، جنهن ۾ تهمت جي بازار لڳائي ڀينرن جون ڳچيون لاٿيون وينديون آهن. سنڌ يونيورسٽي جي جيالاجي ڊپارٽمينٽ جي ٻي سال ۾ پڙهندڙ عظمت نئين ۽ آدرشي سماج جي اميد بڻجي مون ڏي آيو هو. هن کي هن جي سموري ڪٽنب کي ”قاتل“ پاران اڄ به مارڻ جون ڌمڪيون آهن. هن جو والد پروفيسر غلام حسين ابڙو، چيف جسٽس افتخار چوڌري، صدر پاڪستان، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو سميت سڀني کي انصاف جي اپيل ڪندي پنهنجي ڪٽنب جي ضمانت جي گهر ڪري چڪو آهي.
جنهن شازيه کي ملان ابڙو ڳوٺ ۾ ڪارنهن جي الزام ۾ ڪارو ڪيو ويو، ان جو سمورو ڪٽنب ان کي شهيد سڏيندي هن رياست جي انصاف واري هر اداري مان انصاف جا گهرجائو آهي. هو ”شهيد“ جو ڪيس عدالت ۾ کڻڻ تي ۽ ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ تي قاتل ٽولي پاران عدم تحفظ جو شڪار آهن. صدر پاڪستان، وزير اعظم پاڪستان، وزير اعليٰ سنڌ، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو لاءِ ممڪن آهي ته هيءُ هڪ عام ڪيس هجي، پر عورت حقن لاءِ جاکوڙيندڙ تنظيمن سميت سنڌ جي هر باشعور فرد ۽ سول سوسائيٽي تي لازم بڻجي ٿو ته اهي ڪاري ڪري ڪٺل شازيه جي ڪيس ۾ کيس شهيد سمجهي فريادي ٿي بيٺل سندس شاگرد ڀاءُ، سندس پروفيسر پيءُ ۽ سندس باشعور ماءُ سان ڌر ٿي ان جو ساٿ ڏي، ڇو ته اپريل ۾ ٿيل هن قتل کانپوءِ هنن جي گهر ۾ رڳو ڏک، رڳو ڳوڙها نه، پر هڪ مسلسل خوف پڻ پلجي رهيو آهي، جنهن ۾ وڌيڪ گهر ڀاتين کي قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون به آهن. سڄي سنڌ کي هن ڪيس ۾ هن ڏکويل ڪٽنب سان حقيقي مدد لاءِ اڳتي اچڻ کپي، ڇو ته شازيه جو حق تي بيٺل ڪٽنب نئين آدرشي سنڌ جي علامت آهي. هن خاندان کي وڌيڪ ڪو به پهتل نقصان دراصل ان نئين سنڌ جي خواب جي تڪميل جو رستو کوٽو ڪندو.
amarsindhu@yahoo.com